احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن. جيئن ته هيءُ احسان دانش جو پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، ان ڪري ان ۾ سندس شاعريءَ جي به چونڊ آهي، خاص طور هن ۾ ست رنگي نئين شعري صنف آهي جيڪا احسان دانش جي انڊلٺي سوچن جي سهڻائپ مان اُڀري، شاعريءَ جي اُفق تي ست رنگ پکيڙي بيٺي آهي
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (170) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ احسان دانش جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا پياري احسان دانش جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
وِکون اڃا اڳتي
سنڌي ٻوليءَ ۾سرجندڙ شعري ادب جنهن خوبصورتيءَ سان وڻندڙ راهن تي پنهنجي فڪري ۽ فني سگهه سان، انسانذات جي اجتماعي ڏاهپ کي بنياد بڻائي، ڏکن ۽ سکن جي احساسن کي پاڻ منجهه سمائي، جنهن ماڻهپي جي منزل ڏانهن مسلسل وڌي رهيو آهي سا ڳالھ تحسين ۽ آفرين لائق آهي. يقيناً ان سفر ۾ انيڪ دلربا نانءَ آهن جيڪي هر ان هنڌان نروار ٿيا آهن جتي سنڌي ماڻهو موجود آهن، تنهن هوندي به ان جي پکيڙ اُپکنڊُ تائين وڌيڪ ۽ مرڪزُ سنڌ ديس ئي آهي. ان سهڻيءَ سنڌ جي تاريخي ماڳ موهين-دڙي جي ضلعي ۽ شهر لاڙڪاڻي جو نالي وارو شاعر احسان دانش انهن اهم شاعرن ۾ شامل آهي، جيڪي نئين ٽهيءَ کان اڳتي وڌي، نمايان شاعرن ۾ پنهنجي سڃاڻپ سنڌي ادبي دنيا ۾ ٺاهي چُڪا آهن.
مون ”سنڌي ادبي دنيا“ جا لفظ ان ڪري ڪتب آندا آهن جو احسان دانش جي سڃاڻپ فقط شاعري ناهي. هُو شاعر هجڻ سميت سٺو ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، محقق ۽ ڪالمڪار به آهي. هن جي سرجيل نثر ۽ نظم جو اظهار سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”بي سُڪون خواب جو سچ“، تاريخي مقالن جي سهيڙ ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“، لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مرتب ڪيل ڪتاب ”ويل نه وسريام“ ۽ موجوده شعري مجموعي ”لفظن جي خوشبو“ مان بخوبي ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هُو موهين-دڙي بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ پڻ مرتب ۽ ايڊٽ ڪري چڪو آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.
احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن. جيئن ته هيءُ احسان دانش جو پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، ان ڪري ان ۾ سندس شاعريءَ جي به چونڊ آهي، خاص طور هن ۾ ست رنگي نئين شعري صنف آهي جيڪا احسان دانش جي انڊلٺي سوچن جي سهڻائپ مان اُڀري، شاعريءَ جي اُفق تي ست رنگ پکيڙي بيٺي آهي. مون کي اميد آهي ته شاعريءَ جا تنقيدنگار ۽ خود شاعر پڻ ان صنف تي ڌيان مرڪوز ڪندا ۽ ان جي ادبي حيثيت کي قبوليت جو شرف ڏيندا.
’ڏاهپ پبليڪشن قنبر‘ توڙي ’ڏاهپ اڪيڊمي قنبر‘ جي پلئٽفارم تان، مان اڳ ۾ ڪجھ ڪتاب ڇپي پڌرا ڪيا آهن. ان سلسلي کي نئين سِر، هاڻي لاڙڪاڻي مان، پنهنجي بهترين ۽ دل گھريي ادبي دوست احسان دانش جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ سان اڳتي وڌائي رهيو آهيان. اميد اٿم ته اوهان طرفان سڳنڌ ڀريو ساٿ نصيب ٿيندم.
اوهان جي تعميري راين جو اوسيئڙو رهندو.
رياضت ٻرڙو
پياسي من جي صدا
شاعري منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي مک تي مرڪ جي لڪير وانگر به آهي ته روح جي پاتال مان ٻُرندڙ سُڏڪي وانگر به، جنهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ انوکي بصارت ۽ بصيرت جي ضرورت هوندي آهي. ادب ۾ پوسٽ ماڊرن ازم وارو لاڙو ان لحاظ کان اهم آهي ته ان ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ تخليقي سگھ جي پرک کي اهميت ڏيندي قاري کي ان تخليق جي گھڻ رخي تشريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. تخليقڪار جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ڇو ته اهو احساسن جي هڪ اڻ ڏٺي دنيا کي جنمي ٿو، پر حقيقت ۾ هڪ بهترين تخليق ان هيري وانگر آهي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجي جوت ۽ جلوو آهي، پر ان جي اهميت کان ڪو اهڙو جوهري ئي آشنا ٿي سگھي ٿو جنهن کي ان جي قدر ۽ قيمت جو اندازو هوندو... هڪ شاعر جيڪا احساس جي دنيا تخليق ڪري ٿو ان کان ڪوئي تيسيتائين لطف اندوز ٿي ئي نه ٿو سگھي جيسيتائين اهو ان تخليقي لطافت کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ هڪ تحرڪ وانگر محسوس نه ڪري. هونءَ به هڪ بهترين شعر دل جي دنيا کي ڌوڏي، سوچ ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو آهي.
آءٌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪا به دعوى نه ٿو ڪريان. مان پنهنجي تخليقي سگھ جي حوالي سان به ڪنهن خوشفهميءَ جو شڪار نه آهيان، البته اهو ڄاڻان ٿو ته مون جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو روح جي پاتال ۾ پيهي لکيو آهي. ها! منهنجي شاعري منهنجي احساس جي پوترتا جي گواھ آهي. مان پنهنجي هيءَ سموري شاعري اوهان جي مهربان هٿن ۾ رکي آهي. اوهان ئي ان کي انيڪ معنائون ڏئي سگھو ٿا ۽ اوهان ئي منهنجي اندر جي دنيا کي دريافت ڪري سگھو ٿا.
منهنجي اندر جي دنيا هڪ انوکي پياس سان تاسيل به آهي. منهنجو من ان پياسي سپيءَ وانگر آهي، جيڪا سدا مينهن ڦڙي جي متلاشي هوندي آهي. منهنجو من محبت جي مينهن ڦڙيءَ کي موتي بڻائڻ جي سگھ رکي ٿو. مون کي لڳندو آهي ته ڪبير جو هي دوهو منهنجي پياسي من جي صدا آهي:
ڪبيرا سيپ سمندر ڪي رٽي پياس پياس،
اور بوند ڪو ناگهي، سواتي بوند ڪي آس.
(اي ڪبير! سمنڊ جي سپي اڃ اڃ پڪاريندي رهي ٿي، کيس ٻي ڪا بوند نه کپي، هن کي رڳو مينهن ڦڙيءَ جي آس آهي.)
آءٌ سوچيان ٿو منهنجي تخليقي عمر جا 21 سال ڪيڏي نه تيزيءَ سان گذري ويا آهن! ياد جي وير ماضيءَ جي انيڪ پلن جا ڪوڏ هٿن ۾ ڏئي وئي آهي. لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن جي موسم، وزن بحر جي ڀير تي ڏونڪو، طرحي ترڪتالين جي تال تي نچڻ، ترقي پسنديءَ ۽ رجعت پسنديءَ جا رينگٽ، ادبي اختلاف، ڏي جواب وٺ جواب، نئين شاعريءَ کان نهڪر ۽ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون مون کي لاڙڪاڻي جي ادبي ماضيءَ جا اڻ مٽ نشان محسوس ٿينديون آهن. لاڙڪاڻو جنهن جي ڪلهن تي قدامت پسنديءَ جا ڪوٽ اڏيل آهن، ان ئي لاڙڪاڻي ادب ۾ جديديت کي به جنم ڏنو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، اياز قادريءَ، جمال ابڙي ۽ لعل پشپ کان وٺي ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ ۽ سعيد ميمڻ تائين، لاڙڪاڻي سنڌي ادب ۾ جدت جو هڪ الڳ جهان جوڙيو آهي، جنهن کان ادب جو شاگرد ڪڏهن به ڪن لاٽار نه ٿو ڪري سگھي.
منهنجو هڪ ادبي گھر ۾ جنم مون لاءِ خوشقسمتي آهي. دوستن جهڙي والد جي رهبريءَ ۾ مون ادب جا الاهي سبق سکيا آهن ۽ پنهنجي بابا جي رهنمائيءَ کانسواءِ شايد مان ڪنهن ڀٽڪيل ۽ بي سمت بادل وانگر هجان ها.... مان مڃان ٿو ته لاڙڪاڻي جي جنهن ادبي ماضيءَ جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ابتدا ۾ ان جو سِڌي يا اڻ سڌي طرح مون به اثر قبول ڪيو پر ستت ئي پنهنجو گس گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته ادبي پوليوشن (گدلاڻ) منهنجو ساھ گھٽيندي آهي... مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن، لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن. مون مسلسل لکيو آهي ۽ لکندو رهان ٿو. مون ڪنڊائتو ويهي خاموشيءَ سان ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪڏهن به پنهنجي تخليقي اهميت جو هوڪو نه ڏنو آهي، ڇو ته مون کي وقت تي ويساھ آهي. مان جيون جي هڪ هڪ پل کي قيمتي سمجھان ٿو، تنهنڪري منهنجي زندگي سدا تحرڪ ۾ رهي آهي.
رفتارِ زندگي مين سڪون آئي ڪيا مجال،
طــوفــان ٺَــهر ڀِـي جـائي تو دريا بَـها ڪري. (ياس)
مان پنهنجي سموري ادبي سفر ۾ جيتوڻيڪ نثر ۾ ڪهاڻي، مضمون، مقالا ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهيان، پر منهنجي پهرين سڃاڻپ نظم (شاعري) آهي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي آغاز ۾ سڀ کان پهريان شعر لکيو، ان ڪري پاڻ کي اول ۽ آخر شاعر سمجھان ٿو. اها سڃاڻپ مون کي عزيز آهي. ايليٽ چيو هو ته ”نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو.“ ائين ئي مون جڏهن به شاعري ڪئي آهي ته پنهنجي اندر ۾ احساس جي تند کي ڇڙندي محسوس ڪيو آهي. اهو هڪ اتفاق چئجي ته منهنجا پهريان ٽي ڪتاب نثر ۾ آهن جنهنڪري منهنجي شاعر واري بنيادي سڃاڻپ تي ڪجھ ڪوهيڙو اچي ويو آهي سو هي ڪتاب انهيءَ ڪوهيڙي کي هٽائڻ جي ئي هڪ ڪوشش آهي.
هن ڪتاب ۾ منهنجي گذريل ٻن ڏهاڪن جي شاعري آهي، جنهن ۾ ان دوران ٿيل سماجي اٿل پٿل جا عڪس ۽ اولڙا اوهان کي ضرور نظر ايندا. مان ادب ۾ ان لڏي سان تعلق جوڙڻ پسند ڪندو آهيان جيڪي معيار کي مقدار تي ترجيح ڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي شاعريءَ جي ڊائرين مان اهي ئي اسم هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن جن کي وڌيڪ اهم سمجھان ٿو. اهو ضروري ناهي ته اهي اوهان لاءِ به اوترا ئي اهم هجن. شايد اوهان انهن شعرن کي اهميت جي نگاھ سان ڏسو جن کي آءٌ هن ڪتاب کان ٻاهر رکيو آهي... مان سمجھان ٿو اهو وقت سِر ڪتاب نه ڇپائڻ جو نقصان آهي.
منهنجا اهي دوست جيڪي مون کي نئين دَور جي چڱن شاعرن جي قطار ۾ بيهاريندا آهن، انهن جو عرصي کان اهو اسرار رهيو آهي ته جتي ڇهنِ مهينن جي ادبي عمر رکندڙ شاعرن جا شعري مجموعا شايع ٿي رهيا آهن، اتي تنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب نه اچڻ زيادتي آهي. مان کين سدائين چوندو رهيو آهيان ”ادب ۾ عمر نه پر تخليقي قوت کي ڏسڻ کپي...“ هو مون سان محبت ڪن ٿا تڏهن کين منهنجون خاميون نظر نه ٿيون اچن. ”مون ڏي مديون ٿئين، سڄڻ ساڄاهين ۾. (شاھ)“ پر مان اڄ پنهنجين سمورين خامين سميت اوهان جي سامهون آهيان.
شاعريءَ جو هي مجموعو محبت جي انهن متوالن لاءِ آهي جيڪي چاھ جي چنڊ کي تڪيندي راتيون گذارين ٿا. هي شعر انهن مستانن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ٿيندا جيڪي پنهنجي سرمستيءَ ۾ صليبن کي به سيني لائڻ کان نه گھٻرائيندا آهن. هنن شعرن مان درد جي اها لذت به ماڻي سگھجي ٿي، جيڪا اندر کي ڪمزور ڪرڻ بدران ويتر سگھ ڏيندي آهي. هي شعر رڳو شعر نه آهن پر هڪ وجود ۽ هڪ دَور جي صدا آهن جنهن کي دل جي ڪنن سان ڪنائي سگھجي ٿو. هن شاعريءَ ۾ اوهان کي حسن ۽ جمال جا جلوى به پسڻ لاءِ ملندا ته عشق جا پتنگ به تڙپندي نظر ايندا. هن مجموعي ۾ اوهان سماجي سور ۽ ناسور به ڏسندؤ ته فطرت جو موھ ۽ منظر به. هن ۾ معصوم خواهشون به آهن ته حسرتون ۽ خواب به. انهن سڀني شين سان گڏوگڏ هن شعري مجموعي ۾ اوهان کي مايوسيءَ جي ڀيٽ ۾ اميد وڌيڪ نظر ايندي.
اداسين جا پلئه ڇڏ تون مسڪراءِ کڻي،
جئين اميد جا جگنو به جرڪندا ئي رهن.
نهار وقت جي نيڻن ۾، لڙڪ روڪ پرين،
ته جـيئـن درد بـيـابـان ۾ ڀـٽڪندا ئي رهن.
ٽِي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”شاعريءَ ۾ هميشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئين ادراڪ ۽ ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو.“ سنڌي شاعريءَ ۾ هيئت ۽ اسلوب جا انيڪ تجربا نظر اچن ٿا، جن مان ڪن صنفي تجربن کي نه رڳو قبوليت جو شرف مليو آهي پر انهن کي اهميت جي نگاھ سان پڻ ڏٺو وڃي ٿو. مون پڻ سنڌيءَ ۾ هڪ وڌيڪ نئين صنفي تجربي کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن کي ’ست رنگي‘ جو نالو ڏنو آهي. سنڌي شاعر ان تجربي کي ڪيتري قدر پنهنجو ڪن ٿا، اهو وقت ٻڌائيندو.
مون هن شعري مجموعي جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ ان ڪري رکيو آهي جو مان سمجھان ٿو ته هر لفظ ۾ پنهنجي خوشبو هوندي آهي، تنهنڪري هي ڪتاب، جنهن ۾ احساسن سان ٽمٽار انيڪ لفظ آهن، ان جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي ئي نه پيو سگھي.
هن ڪتاب جي سونهن ۽ خوشبو ۾ اضافو ڪيو آهي اياز گل، تاج جويي، مقصود گل، عادل عباسي، سعيد ميمڻ، حبيب ساجد ۽ ياسر قاضي جي خوبصورت راين. اهي رايا مختصر هوندي به مون لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. مان انهن سڀني مهربانن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان. مان ٿورائتو پنهنجن محبوب دوستن رياضت ٻرڙي، روشن گھانگھري، رضوان گل ۽ فياض لطيف جو به آهيان، جن هن ڪتاب جي حوالي سان مفيد مشورا ڏنا. لفظن جي خوشبو اوهان جي ڪومل هٿن ۾ آهي، آس اٿم ته اها خوشبو هٿون هٿ پکڙبي ويندي.
- احسان دانش
03003431374
ahsandanish@yahoo.com
غزل
---
غزل تي راءِ
سـنـڌي غـزل جو لهجو بدلجي چڪو آهي، فقط گھاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌي غزل جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن.... سنڌ پنهنجي شاھراھ ڳولي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪي ئي راهون ملي وينديون.
(شـيـخ ايـاز)
احسان دانش جي رسالن ۾ ڇپجندڙ شاعري، مان گھڻي وقت کان ڌيان ڏئي پڙهندو رهيو آهيان ۽ سدائين محسوس ڪيو اٿم، ته هن پنهنجي آس پاس جي ماحول کان سدائين هڪ وک اڳتي ئي وڌائي آهي.
تازو سندس موڪيل غزلَ پڙهي به مون اها ئي خوشي محسوس ڪئي آهي، جيڪا موجوده دور جي سٺن نوجوان شاعرن جي شاعري پڙهي محسوس ڪندو رهيو آهيان. احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو.
منهنجي ذاتي راءِ ۾ هي دور، غزل جي شاعريءَ جو دور آهي. نوجوان شاعرن جو وڏو انگ، غزل جي شاعري ڪري ٿو ۽ خوب ڪري ٿو، تنهن ڪري موجوده دور جي نوجوان غزل گو شاعرن لاءِ اهو پڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي ته، هو پنهنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪري سگھن. لازمي آهي ته، ان لاءِ آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻنهي تي دسترس حاصل ڪرڻي پوندي. احسان دانش يقينا ان محنت ۽ وقت طلب مرحلي مان گذري رهيو آهي. ان سفر ۾ سندس وڌايل وکون ستت سڦلتا جي ماڳ تي پهچڻ جو ڏسُ ڏين ٿيون.
تنهنجي هر گام آ لهر وانگر
تون بيابان ۾ سنڌوءَ جي اٿل
تون اچين ٿي ته ٿي سڳنڌ اچي
تو بنان آ ٻسي ٻسي محفل
تنهنجي زلفن جو ڇانورو ۽ مان
گل جي هنج ۾ آ ڀونر سُتل
قرب تنهنجي سان ڪائنات حَسين
تنهنجي ناراضگي آ موت مثل
گل ناهن چمن ۾ شعلا هن
گل ناهن چمن ۾ شعلا هن
حالتن جي هٿن ۾ شعلا هن
رک ڪري ٿي ڇڏي وجود سڄو
ڄڻ سکيءَ جي لبن ۾ شعلا هن
بارشن ۾ بدن هي ڀڙڪي ٿو
ڪڪر ناهن گگن ۾ شعلا هن
ميڻ بتيءَ جيان ڳري نه وڃان
هن جي سڀني خطن ۾ شعلا هن
شعر سمجھن ٿا، پر نه ٿا سمجھن
شاعريءَ جي پنن ۾ شعلا هن
بيحسيءَ کي به نيٺ تئه ايندو
چوطرف هن وطن ۾ شعلا هن
پنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار نه هو
ڏس ته هن جي ڪفن ۾ شعلا هن
ڪو پتنگو هجي ڪڏي پئي جو
ديپ جي تن بدن ۾ شعلا هن
ڄاڻ دک جو دونهون اٿيو دانش
دل جي هيٺان ڪکن ۾ شعلا هن
نظم
---
نظم تي راءِ
آزاد نظمفرانسيسي ادب جي علامت نگاري واري دور جي پيدائش آهي..... فني لحاظ کان آزاد نظم ڪا شاعري جي اهڙي الڳ صنف ڪانه آهي جئين غزل، گيت، ڪافي وغيره الڳ الڳ صنفون آهن، بلڪه اهو جديد نظم جي ئي صنف جو هڪڙو نمونو آهي. جئين سانيٽ، مختصر نظم، طويل نظم وغيره ان جا نمونا آهن..... آزاد نظم جي سلسلي ۾ اها غلط فهمي دور ٿيڻ کپي ته اها صنف ڪا اوچتو هوا مان اڏامي اچي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي آهي، بلڪه اها به سنڌي شاعريءَ جي جديد نظم مان ڦٽي، تجربن مان گذرندي رهي آهي.
- شمشيرالحيدري
احسان دانش جا هي نظم سچ ته احسان لکيا نه آهن پر دريافت ڪيا آهن. ڇو ته آڪسيجن جيان هڪ نظم به دريافت ٿيندو آهي. ڀت ۾ لڪل ڪو خيال اوچتو آڏو اچي ويندو آهي ۽ ”ها“ ڪري ڇرڪ ڪڍي دريافت ٿي پوندو آهي. ائين ئي احسان دانش جي نظم جي هي بهار ڪوتا ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي پوري جوڀن سان پڙهڻ ۽ دريافت ٿيڻ لاءِ موجود آهي. منهنجي راءِ وارو پنو Avoid ڪري اڳتي هلو ۽ هڪ نئين ۽ اڻ ڇهيل دنيا جي سونهن جو شڪار ٿيندي بي وسيءَ وچان پاڻ کي، پاڻ ئي ڏسو ۽ حيران ٿيو.
هڪ پرخلوص شاعر جا پُرخلوص نظم منهنجي ڪنهن به Interpretation جا محتاج نه آهن، هنن نظمن جو حسن ۽ جواني انهن جي سادگي ۽ بيساختگي آهي. احسان جا هي نظم نه رڳو ڪنهن ساڃاهوند پر اسٽوپا جي پاڙ ۾ ٻڪريون چاريندڙ ٻڪرار کي به اگر ٻڌائيندوء ته پنهنجي انداز سان اهو به Response ڏيندو. منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر کي ٻيو ڪجھ به نه کپي. احسان دانش جن لاءِ لکي ٿو اهي هن جي ڳالھ سمجھن ٿا، سنڌي ادب ۾ اها سهولت سڀن کي حاصل نه آهي.
- حبيب ساجد
اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن
اسان جا خواب اڃا ساڀيان رَسيا ناهن
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن
اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
اڃا بهار جي هوندي به گلَ ٽِڙيا ناهن
اڃا اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ
اڃابه من جي سِپي پيار جي پياسي آ
اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل
اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل
اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي
اڃا به نارِ جي نڪَ ۾ وڌل آ ناڪيلي
اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سُڪل آهن
اڃا هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن
اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
اڃا امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
ايئن آ ضم ٿي ويو جيئن ريت ۾
مينهن جا قطرا وڃائن ٿا وجود.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
جيئن اٺي کان پوءِ جي پياري سڳنـڌ
ها وڃي ٻکجي هوائن سان پئي.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
سانوڻيءَ جي پهرين بارش وانگيان
جنهن سان دل جو ٿر وڃي ٿو واسجي
جنهن سان خوشبو جو سفر ٿئي ٿو شروع
جنهن سان ٿي هر سو وڃي جل ٿل پيو
جنهن جي لئه پٿرائجي اکڙيون وڃن.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
جيئن سِپيءَ جي من ۾ ڪا بوندڙي.
توکي سانڍيان ۽ لڪايان لوڪ کان
توکي دل جي درسني ۾ پيو ڏسان
پنهنجي نيڻن کي جڏهن مان ٻوٽيان
تنهنجي ئي تصوير کي سامهون پَسان
پنهنجي بس تقدير کي سامهون پَسان
اها رات
لبن تي مرڪ وڇوڙي جي ويل
لڙڪ اکين منجھ لڪائي جاني
ڏني هيم جا ڳلن تي مِٺي نه ٿي وسري
اداس رات جي تارن جي روشني جھيڻي
غضب جي رات، تڙپ دل جي ۽ سا بيچيني
اندر جي ڪائنات جنهن ۾ ٽهڪ ۽ مرڪون
بهار رُتِ جا ڪي جھونڪا قرار جا نغما
الاجي ڪيڏيون اتي روشنيون ۽ رنگ مهه وِ رقص هئا
ڪيئن پل ۾ وکري ويا.
اڪير، پيار، جنون، بحر ِ بيڪران دل جو
الاجي ڪيئن سهيڙيو هيو مون ٻانهن ۾
سڪون ڪيترو مونکي مليو هيو جاني
نه ڄاڻ ڪيڏا پل پهر تنهنجي سوچن ۾
گذاريا مون هيا تڙپي وداع ڪري توکي.
اکين ۾ تو ته سوين حسرتون ۽ خواب رکيا
هزار منزلن جو موھ تو رکيو دل ۾
مگر مون پنهنجي محبّت جا سلاسل جاني
وجود تنهنجي سان ويڙهي ڇڏيا هئا تنهن پل
مگر تون روشني جي راھ جو مسافر هئين
زنجير پيار جا ٽوڙي به توکي وڃڻو هو
جو خوشبوئن جي سفر تنهنجي آجيان ٿي ڪئي
عجيب رات هئي
رات جيڪا نيڻن ۾
مون تنهنجي ياد جا جگنو سجائي ڪاٽي هئي.
پـيـار جـو پـنـڇـي
دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي
سونهن جي هر سراب جي پويان
ساڀيائن کان رٺل، ڪنهن ته خواب جي پويان
مرگھ وانگر رڳو پيو ڀٽڪي.
دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي....
چين بيچينين جي ڀاڪر ۾
۽ اکيون آرزو جي آڳر ۾
ها صدين کان پرين کتل آهن.
پر نه ڄاڻان ته هي مسافت ڇو
پنهنجي تڪميل کي رَسي ناهي
منزلن جي شفاف نيڻن ۾
ڇو ڏٺي ڪائي آرسي ناهي.
روح جي ريت جا تتل آهي
تنهن مٿان خواهشن جا ماڪ ڦڙا
ڄڻ ته آتش تي آب جا ڇنڊا.
مان نه ڄاڻان ته موھ آَهي ڇا
مان نه ڄاڻان ته ڏوھ آهي ڇا
دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي،
جنهن جا پرڙا ويا ڪٿي ڪٽجي
مان ٿو چاهيان رڳو ته هو جيڪر
ڪرب جي ڪَرٽَ کان بچي هيڪر
چاھ جي چودڳي تي پيو چهڪي
سونهن جي گلستان ۾ پيو اڏري
هـڪ دَور جـي تـاريـخ
رهزنن جي جُوءِ ۾
عجز انڪساريءَ سان
ڪنڌ نوائي پنهنجو
جھيڻي جھيڻي لهجي ۾
سچ جي تسبيح سوري
چُپِ چَپَن کي چوري
يا وري وڏي واڪي
زندگيءَ جي ڀيڪ گھرڻ
بس رڳو جھڪڻ ۽ گھرڻ
هي وڏي حماقت آ.
رهزنن جون تلوارون
خون جون پياسيون هن
هي تڏهن اداسيون هن.
چوڏسا هي ماٺ ڏسي
دل جي ڌرتي لرزي ٿي
زندگي جي مانگ بجاءِ
جان جي امانَ سوا
بي ڊپو بهادر ٿي
فخر سان سينو تاڻي
رهزنن جي راهن تي
پُر عظم ٿي بيهي رهو.
زندگي ڪا ڀيڪ نه آ
ساھ ڪو سڳو ناهي
جنهن جو جڏهن چاهي
ڏند ڏئي ڇني به ڇڏي.
تشنگي به تيسين آ
جيستائين جيئڻ جو
ولولونه ٿي پورو.
اڃ جا ڪنڊا سارا
پياس جي پريشاني
ڀونءِ جا سُڪل آهي
تنهن جي ٺوٺ چپڙن تي
مرڪ هلڪڙي آهي.
هوءَ اڃا اداس نه آ
هوءَ اڃا نراس نه آ
هن جي اکين جو پاڻي
ها اڃا سُڪو ناهي.
رهزنن جي راهن ۾
ڪير ٿو گلاب رکي
ڪير ٿو ڪنڊا پوکي
ها اسانکي ڏسڻو آ
۽ نئين مورخ کي
پنهنجي دور جي هڪ هڪ
بي ڊپي ۽ گيديءَ جو
نانءُ چٽو لکڻو آ...... نانءُ چٽو لکڻو آ.
ڪـا اک نه آلـي آءٌڏسـان
( گذريل سالن جو نوحو ۽ ايندڙ سالن لاءِ دعا)
هن سال ته گذريل سالن جيان
ڪو خون نه ٿي
ڌاڙو نه لڳي ۽ ڦر نه ٿئي
ها لڄ نه نياڻين جي لٽجي
۽ گوليءَ جي ٻولي نه هلي
بس ڪو نه مري مظلوم هتي.
ڪا آھ نه عرشن تي پهچي
ڪا دانهن نه دلين کي ڏاري
ڪا ڪوڪ نه سينن کي چيري.
ڪنهن ماءُ جي پياري پٽڙي کي
گولي نه لڳي
۽ خون سان ڪو هولي نه ڪري
ڪنهن ڀيڻ کان پنهنجو ڀاءُ هتي
ڪو ڪين ڇني
هر وني سهاڳڻ شال هجي
ڪو لڙڪ نه اکڙين ۾ ڏسجي
ڪو گھاءُ نه سينن منجھ پئي
مان سڏڪو ڪونه ٻڌان ڪوئي
۽ مظلومن جي جسمن تي
مان ڦٽڪو ڪونه پسان ڪوئي.
هي دهشتگرديءَ جون دانهون
ماڻهن جون ڪپيل ڄنگھون ٻانهون
گھرڙن کي چوڌاري باهيون
هي روئندڙ ٻار، ٻڍا، مايون
ڪنهن ڪنهن کي ويٺا پرچايون!
انسان رهيو انسان نه آ
حيوان ٿيو انسان مٺا
هي ڪهڙي افراتفري آ!
هي ڇا جو هُل هنگامو آ!؟
هي چهرا پيلا پيلا ڇو؟
هي ماڻهو نانگن وانگر اڄ
ٿي ويا آهن زهريلا ڇو؟!
ٿو جذبن جو قتلام ٿئي
هي ظلم پيو هر گام ٿئي
ها! نيٺ ته ڪو سورھ ايندو
ها! نيٺ ته ڪو جوڌو ايندو
جو درد نگر جي واسين جي
تقديرن کي بدلائيندو
هن ڌرتيءَ تي مالڪ سائين
شل پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري.
ڪا اک نه آلي آءٌ ڏسان
ڪو جھول نه خالي آءٌ ڏسان
ها ٽهڪن جا ٽانگر جھومن
۽ لڙڪن جا ٿوهر نه هجن
هر پاسي انڊلٺ رنگ هجن
شل اهڙو سال اچي هيڪر
جو زخم صدين جا سُڪڙائي
۽ امن جي خوشبو ڦهلائي.
مـحــبـّـت *
زندگي ڇاهي؟
روشنيءَ جو سفر.
موت ڇا آهي؟
درد جي چادر.
۽ محبّت
ها محبت ڇاهي؟
ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مونکي.
ڇا بهارن ۾ گلستان جو ڪو حسين گل آ
يا خزائن ۾ شجر جو ڪوئي ڇڻيل پتو
ڇا اها آهي ڪوئي چنڊ جو حسين ڪرڻو
يا اماوس ۾ ڪنهن تاريڪ گھر جي چانئٺ تي
جيڪو ٽمڪي رهيو آديپ
سو محبت آ.
ها محبّت ڇاهي؟
ڪو ٻڌائي ڪو، ڪو سڻائي مونکي.
دل جي صحرا ۾ هي مهڪار ڪٿان آئي آ !
هر طرف، هر ڏسا ڏسو ته سهي
ٿي وئي ڪيڏي روشنائي آ.
چئن حرفن مان جڙيل لفظ زبان تي آيو
چاھ جو چنگ چريو، ساز ڇڙيو اندر ۾.
چهري چهري ۾ چمڪ ڪاٿان اچي وئي ايڏي!
لمحي لمحي ۾ مهڪ ڪاڏانهن اچي وئي ايڏي!
ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مونکيته محبت ڇاهي؟
ڪوئي سمجھي نه سگھيو
ڪوئي ڀي پُرجھي نه سگھيو
هي ڳجھارت ئي رهي
واءُ ۾ اڏري ويئي
موت جي ڳجھ ڳهي وئي آخر
سڀئي احساس لفظ معنائون
ها هوائن ۾ ٿي تحليل ويون
پو به هڪ لفظ...... ها اهو ئي لفظ!
جنهن جي مفهوم جي وسعت جي نه سرحد ڪائي
جنهن جي گھرائي سمندر کان گھڻي ڄاڻان ٿو
سڀ چپن تي رهيو سدا زنده
زندگيءَ جي سفر جو انت ٿيو
موت ڀي درد جي چادر آڇي
۽ ’محبّت‘ !
ها محبت جي هٿان
موت کي به مات ملي.
____________________
* محبّت، هڪ احساس ۽ هڪ ماڻهوءَ جي نالي جي معنى ۾. احساس، جيڪو من جي پاتال مان اڀري ٿو ۽ ماڻهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.
حسن جا اولڙا، جيڪي دل تي پيا
ڏور ڪاڏي الائي ويا !اوسکي ......
زندگي!
وقت جي گل مٿان ماڪ لمحن سندي
هورڙيان هورڙيان ڪيئن ٿي گم ٿئي
مان ڏسان ٿو پيو
ها ڳڻيان ٿو پيو
ڪيتريون خوبصورت بهارونخزائن ۾ مَٽجي ويون.
پيار وکري ويو، روح لرزي ويو
ڇا مان ڇا ٿي ويو تو پڄاڻان پرين،
چين جي بانسري ، بي سُري ٿي پئي.
ڪاڏي اڏري وئي
مرڪ رنگين تتلي
جا سجائي ڇڏي مون چپن تي هئي.
تو بنان او پرين!ڪيڏي آهي ٻُسي
جھاتڙي پائي ڏس ڀي کڻي
زندگي.........!
او ڌرتــي
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
تنهنجي مٽيءَ جي ذرن ۾
جيڪا جوتي
ڄڻ ڪي موتي.
اوچا ارڏا ڏونگر
صحرا، جهنگل
تنهنجي سيني تي جي ساحل
دريا، ريت، سمندر آهن
ڄڻ سڀ منهنجي اندر آهن.
تنهنجي نالي ۽ حوالي
منهنجي اندر جي دنيا ۾
هڪڙي نئين ڪائنات بڻائي آهي
منهنجي وجود جي ساري خوشبو
تنهنجي ئي نالي سان آهي
اوڌرتي
او منهنجي سرتي
منهنجي دل ۾ تو لئه کوڙ محبت آهي
عزت آهي
منهنجي دل ۾ ڪالھ جيان اڄ تائين سانئڻ
توتان گھور ٿيڻ جو جذبو زنده آهي
زنده رهندو ساڳيو جذبو
جيسيتائين منهنجو ساھ سلامت هوندو
ها ويساھ سلامت رهندو
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
ديس ڌڻين جا تنهنجي مٽيءَ مان ورتي آ مورت
ها ساڳي ئي صورت
ڪوئي ڌاري ڪونه سگھي ٿو
ڪوبه وساري ڪونه سگھي ٿو
سوين سرن جي سا قرباني
جيڪا تنهنجا جوڌا مرڪي ڏيندا ويا
سِر گھورڻ جي اها روايت
صدين جي تاريخ رکي ٿي.
حق جو ڳاٽ هميشه اوچو
۽ باطل جي ڀتِ ڪري ٿي
ڪانئرتا جي سا ديوار ته اڄ به ڀري ٿي
۽ تون اڄ تائين او ڌرتي
پئي ڄڻين ٿي
جوڌا، جُنگ، جوان، جيالا
جن جي هٿن ۾ امرت پيالا
سچائيءَ جي مڌ پيئن ٿا
خوب جيئن ٿا
ڪوڙ ڪپت جو ڪنڌ ڪپن ٿا
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
تنهنجو نعرو ديس ڌڻين جي چپڙن تي
اڄ جيئن زنده آهي
زنده رهندو.
هو ڏس هاڻي
دشمن جيڪو ڄار وڇايو
ڪيئن ڇڄي ٿو
ڏس نفرت جو لاش کڄي ٿو
۽ الفت جو جانجھ وڄي ٿو
او ڌرتي
تنهنجو ذرو ذرو شال
سورج وانگر چمڪي
پيار جي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪي
هر مک ٻهڪي
مکڙي مکڙي گل ٿي مهڪي
ڳوٺ، شهر شاداب هجن
هر ماڻهو مرڪي
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
او ڌرتي
خــوشــبــو
گل جي پتين کي مروٽي نه اڇل
ڇو ته پوءِ به
او قاتل!
تنهنجي هٿن ۾
انهن جي خوشبو رهجي ويندي
دعــا
تنهنجي ٽهڪن سان
هوا ۾ گل ٿا ٽڙن
شال تنهنجا اهي ٽهڪ
ڪڏهن به ائين اڏامي نه وڃن
جئين پوپٽ کي پڪڙڻ کانپوءِ
هن جي پرن تان
رنگ اڏامي ويندا آهن.
بـي حـسـيءَ جـي بـازار*
اي ڪربلا جا واسيو!
اوهانجون آهون ۽ دانهون
هڪ ڏينهن امن جي ويريءَ کي
ضرور ڌوڏي وجھنديون
اي ام قصر جا ماڻهئو!
اوهانجو زخمي بدن۽ بي ڪفن لاش
هڪ ڏينهن انسانيت جي ضمير کي
ضرور جھنجھوڙيندا.
اي بصرى جا باشندوء!
اهو ڏينهن قريب آهي
جنهن ڏينهن اوهانجو خون رنگ لائيندو.
اي بغداد جا بي وس انسانو!
اوهان پَڪ ڄاڻو
بمن ۽ ميزائيلن جي ڀيانڪ آوازن ۾ دٻجي ويل
اوهانجي معصوم ٻچڙن جون
آهون ۽ ڪيهونعرش ڏاري وجھنديون
۽ سندن لڙڪبارود جا گولا بڻجي
بي حسيءَ جي بازارن تي
ضرور وسندا.
________
* هي نظم 2003 ۾ آمريڪا طرفان عراق تي ڪيل حملي کانپوءِ لکيل آهي.
پـاڻ سـڃـاڻ
مان ته پاڻيءَ جو قطرو آهيان
سمنڊ کان جدا ٿي
صحرا ۾ گم ٿي ويو آهيان
صحرا جي خشڪي
مونکي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو آهي
پر منهنجي اندر ۾
اڄ به هڪ سمنڊ لڇي رهيو آهي.
بـکـيــا
خوابن جي سِڪن سان
منهنجي نيڻن جو ڪشڪول ڀريل آ
مان پنهنجي عمر ڀر جي بِکيا
توکي ارپڻ لئه تيار آهيان.
تـبـســم
تنهنجو تبسم
منهنجي دل جي خاموش نديءَ ۾
اڇلايل پٿر وانگر آهي
جنهن جون لهرون
مونکي زنده هجڻ جو احساس ڏيارين ٿيون.
دل جـي درسـنــي
نيڻن جي نيري نديءَ ۾
جڏهن خوابن جا سونهري پکي
تڙڳڻ لڳندا آهن
۽ آشائن جي آکيري ۾
جڏهن حاصلاتن جا هنج نظر ايندا آهن
ته دل جي درسني ۾
هر منظر مرڪندي محسوس ٿيندو آهي.
بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفـّى شعر ۾، هم قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي.
- شيخ اياز
بيت جي صنف کي شاھ لطيف ڪمال جي بلندين تائين پهچايو. سندس هم عصرن مان توڙي ان کان پوءِ ڪوبه شاعر لطيف جهڙا بيت نه لکي سگھيو. صدين جي سانت کان پوءِ سنڌ ۾ اياز جو آفاقي آواز بلند ٿيو جيڪو هڪ جينيس شاعر هو ۽ هن سنڌي شاعريءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي. اياز بيت جو گھاڙيٽو لطيف وارو ئي رکيو پر ان کي نون خيالن ۽ نون موضوعن سان روشناس ڪرايو. پوءِ ته ٻيا شاعر به بيت لکڻ لڳا. اياز کان علاوه ڪهڙن شاعرن جا بيت سگھارا آهن، اهو فيصلو نقادن حوالي ڪندي پاڻ ذڪر ڪريون ٿا احسان دانش جو، جنهن جي ”جديد بيت“ ۾ انوکا رنگ، نوان عڪس ۽ نفيس شاعراڻو ادراڪ ملي ٿو، جيڪو سليس ٻولي ۽ نرم لهجي ۾ بيان ٿيل هڪ اهڙو دلڪش اظهار آهي جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو پنهنجو پنهنجو ۽ سندر لڳي ٿو.
احسان جي بيتن ۾ جتي دلڪش رومانوي عڪس پسجن ٿا اتي موجوده دور جو ڪرب به ڪروٽون کائيندو محسوس ٿئي ٿو. ان ڳالھ جي شاهدي 2005 ۾ بالا ڪوٽ ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۽ مئي 99ع ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل سامونڊي طوفان جي پس منظر ۾ لکيل سندس بيت ڏين ٿا. جن ۾ انساني الميي جو ڏاڍو دل جھوريندڙ اظهار آهي جن مٿان هي قدرتي آفت ڪڙڪي. ٻي پاسي احسان پنهنجي بيتن ۾ سـچـل وارو سـچ چئـي تصوف جي منصوري رايتن کي به زنده ڪيو آهي.
احسان دانش سڀني صنفن سان فني تقاضائن جو پورائو ڪندي، زيبائتو نڀاءُ ڪندڙ شاعر آهي. سندس شاعري ڄڻ ”رستو سونهن نگر جو“ آهي. جنهن سان ويندي اکيون هر پاسي ڏاڍا سهڻا نظارا ڏسن ٿيون. مونکي اميد آهي ته هو ڏات جي ”سونهن نگر“ ۾ اهڙو سندر ”وکر وهائي“ ويندو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو.
- سعيد ميمڻ
تـنـهـنـجـي ڪـارڻ او پـريـن
ڪالھ جيان او ڪامڻي، توسان ساڳيو نينهن
رات به مون لئه ڏينهن، اوجـــاڳا اکين ۾
اڄ بــه تـنـهـنـجـــي يـــاد، اک ڪـــئــي آلــي
مڱــتـو تـنـهـنـجــي مــوھ جـــو، آهيــان ســوالي
جھــولي هــي خـالي، اڃــــــا آهي او پـــرين
اڄ بــه تـنـهـنـجــي ڪــاڻ، نـيـڻ جـھــڙالا هــن
لڙڪ حوالا هن، تنهنجي يــادن جا پــرين
ســاجــن تـنـهـنـجــو سـور، سـيـنـي ۾ نسـريـــو
ڄاڻ پکي اڏريـــو، منهنجي هــن وجود جو
آهي تنهنجي آرزو، سرتي صدين کان
هيڪل وياڪل من کي، تنهنجي تانگھ اڃان
تنهنجي تصور سان رڳو، ڪيئن ڀلا ڍاپان
گـــــڏ هجون تـــون مــان، وسڪاري جي مند ۾
سرتي تنهنجي سونهن جي، ڪانهي ڪائي ڪَٿ
چمي تنهنجا هـٿ، ٻيئـي اکين تي رکـــان
*
تنهنجي مرڪڻ سان پرين، ٽڙي پيا هن گل
خوشبو خوشبو هر ڳلي، شهر سڄي ۾ هُلَ
او منهنجي مومــل، سڀ ڪجھ مُنڊي تـو ڇڏيو
آءٌ نه ڪنهن سان ڀيٽيان، سانئڻ تنهنجي سونهن
ملي مــن ورونـهن،تنهنجي ڳــالهين مان مٺي
ڪالھ جيان او ڪامڻي، توسان ساڳيو چاھ
تنهنجو چهرو جو ڏٺو، وسريو چوڏهينءَ ماھ
توتي ئـي ويســاھ، جـــڳ سمورو جھوٽ آ
تنهنجي ڪارڻ او پرين، هئين ۾ هلچل
ڏوريان توکي ڏيھ ۾، اڃان پنڌ ڳپل
اوسيئڙي ۾ هن ڀريا، نيڻن جا بادل
مدت کان آهي مٺي، پياسو هي سائل
هڪڙو پل ئي مل، لهندا ٿڪَ صدين جا
سڏڪـا سڏڪـا سـاھ ۾، ڪونهي ڪو پنهنجو
ڀينر، ڀــائر، مـــاءُ، پـــيءُ، سڀ ڌرتيءَ ڳڙڪيو
قيامت جو ڌڏڪــــو، پرزا پرزا ويو ڪري
ڪــيــڏي بـــالاڪـــوٽ تــي، اچـــي وئـــي آفـــت
گـھر گــھر ۾ ميت، دفن ٿي ويــو اوچتو
ٻـــن پــهــاڙن وچ ۾، هـــــوءَ ســهــڻـــي وادي
جتي هئي ڪالھ رات جو، ڄڃ ، ٻڪي، شادي
هيءَ ڪـهڙي تعـــدي، صبح سويري ٿي ويـن
ســادا ســودا ئي هـيــا ، ڪــشـمـيـريــن جــا گــھر
ڌڏڪــــي ويــــا، جـيـئــن ئـــي،ڇُـلي پـــيــا ڇپر
سـاڳــيا گـھـــر قبــر،بڻــجــي ويــن اوچتـــو
زخـمــي زخـمــي روح آ، نــاهـــي غـــم ڪـــاٿو
هاڻي ڪــو ڳــوڙهــو، نيڻــن ۾ نـــاهـي رهـيـو
___________
مٿيان بيت 8 سيپٽمبر 2005 تي ڪشمير ۽ بالا ڪوٽ ۾ آيل قيامت خيز زلزلي جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ان زلزلي هزارين معصوم ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو.
سـچــوءَ وارو ســچ
آهي ڪوئي راز الستي، سچوءَ وارو سچ
ساڙي دوئي دل جي اندر، ٻار عشق جو مچ
منصوريءَ جي موج ۾، ڪنڌ ڪپائڻ اچ
ڳـڀا ٿـيـنـدئـي ڳـــــچ، آکيئي ”اناالحق“ جـي
ڪيني ۽ ڪروڌ جي، ڪيرايو ديوار
دل جي ڌرتيءَ تي رڳو، ڪري حڪومت پيار
چــــاھ بنان بيڪـــار، جـڳ سمورو ڀانئيان
اندر تون اجار، ڪوري ڪَٽُ قلوب جي
لاھ لبادو لوڀ جو، ڪلفت ڀڃ ڪپار
الفي پائج عشق جي، ”اناالحق“ اُچار
دوئيءَ کي ڌڪار، وٺ سچوءَ جي واٽ تون
وٺ سچوءَ جي واٽ تون، ڪستا سڀئي ڀڃ
روشن راهون روح جون، سڌيون ورتيون وڃ
ڳالھ سچـــل جي مڃ، ڳولي لهندين پاڻ کي
مستيءَ ۾ سر مست ٿي، ٻوليو تو جو ٻول
سچل تنهنجي شاعري، اکر اکر انمول
ڪوڙ، ڪُپت، ڪيني کي، هنيئي هٿ ڪڙول
ڀـــري ڏنئي جھــول، عــالم کي الفت جــا
وائيون
---
وائيءَ تي راءِ
وائيڏکڻ سنڌ يعني ’لاڙ‘ جو هڪ مقامي ۽ نج سنڌي لفظ آهي ۽ لغت جي اعتبار سان معنى اٿس: آواز ۽ سر، ڀڻڪو، بيان، گفتو، زبان ۽ ڳالھ ٻولھ وغيره. ليڪن سنڌي شعر جي هيءَ قديم سريلي صنف جئين ته ڳائڻ مان ئي سرجي آهي، تنهن ڪري مولانا گرامي صاحب جو خيال آهي ته: ”وائيءَ جو تعلق ’واءِ واءِ‘ يعني آه و پڪار سان آهي.“ سنڌ جي هيءَ قديم صنف اسانجي مقامي ڳائڻ جي ئي فطري ارتقا جو ثمر آهي ۽ ڪنهن ٻاهرين دنيا مان اسان تي مڙهيل نه آهي.... سنڌ ۾ وائي جو وجود اڄ کان ٻه صديون اڳ شمار ٿئي ٿو.
- پروفيسر محرم خان
احسان دانش جون وائيون ان گھاٽي ڪڪر جيان آهن، جيڪو اونهاري جي جھولن دوران گرميءَ جي حدت ۾ ڪي پل آسيس ڏي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته وائين جي ڪن رس دوران اندر جي تاس گھٽجڻ بدران ويتر وڌي ٿي ۽ اسان اڃا به گھڻو ڪجھ پيئڻ جي آس رکون ٿا. ها ايترو به ضرور آهي ته سندس وائيون احساسن کي Rehydrate ڪن ٿيون.
جيڪڏهن شاعر جي ذهن ۾ آس ۽ اميد جي ڪا هلڪي چڻنگ به دکي رهي آهي ته پوءِ اها ڪنهن وقت به دونهاٽجي ويل ساڀيائن کي ڀڙڪائي سگھي ٿي. احسان دانش جي وائين ۾ به اهڙيون انيڪ چڻنگون ڀڙڪي باھ ٿيڻ لاءِ آتيون آهن.
سچ جي واٽ تي
ٿي وڃان مان امر
راھ آهي ڏکي
جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪنن مان ڪپھ ڪڍي، احسان جي وائين کي ٿورڙي به ٻڌڻ جي زحمت ڪندا سين ته سندس وائيون ڪلهن تي ٻنهي ٻانهن سان لٺ پڪڙي هلندڙ ڌنار جي سينڍ سمان لڳنديون، جن مان احساس جا ڪيترا ئي سُر فضا ۾ اڏامندا، اسان جي ڪنن ۾ نچڻ لڳندا :
اجرا موتي موھ جا
جلدي جھوليون ڀر
او مٽيءَ جا آدمي.
کلندي کلندي اوچتو
اکڙيون ٿيندئي تر
او مٽيءَ جا آدمي.
____
- عادل عباسي
او مٽيءَ جا آدمي
آڪــڙ ائـين نه ڪــر
او مٽيءَ جا آدمي
ڪوھ اڏامين ٿو پيو
ڌرتــــيءَ پـير ته ڌر
او مٽيءَ جا آدمي
اجرا موتي موھ جا
جلدي جھوليون ڀر
او مٽيءَ جا آدمي
کلندي کلندي اوچتو
اکڙيون ٿيــنـدئي تر
او مٽيءَ جا آدمي
هائيڪـومتعلقسندس خالقن منجھان هڪ جاپاني شاعر باشو لکيو آهي ته ”جنهن هائيڪو مان موضوع جو ستر کان اسي سيڪڙو اظهار ٿئي، اهو سٺو آهي ۽ جيڪو هائيڪو پنجاھ کان سٺ سيڪڙو موضوع جو اظهار ڪري اهو چڱو آهي... ڪوبه موضوع اهڙو ناهي جيڪو هائيڪو لاءِ ٺهڪندڙ ناهي.... اهو جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو سو هائيڪو جو شاعر آهي ۽ اهو جيڪو ڏهن تائين پهچي ٿو، سو هائيڪو جو استاد آهي.
هائيڪو جاپاني صنف آهي پر اها سنڌي ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو، اڄ ڪلھ ڌاري ئي نه ٿي لڳي.
- ڊاڪٽر تنوير عباسي
احسان دانش نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جو سفر سندس ئي ٽهيءَ جي ٻن خوبصورت شاعرن سعيد ميمڻ ۽ جواد جعفريءَ سان گڏ شروع ڪيو. ٽنهي جو پنهنجو پنهنجو رنگ آهي، هڪ ٻي کان مختلف ۽ ساڳي وقت منفرد. احسان دانش هر صنف تي قابليت ۽ پختگيءَ سان لکي پنهنجي هم عصرن ۾ پنهنجي جاءَ جوڙي ورتي آهي. هن ٻين صنفن سان گڏ هائيڪو ۽ ٽيڙو جي صنف تي به لکيو آهي.
عام طور هائيڪي ۽ ٽيڙو کي لکڻ آسان سمجھيو ويندو آهي ۽ هر نئون شاعر ان تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هائيڪو ۽ ٽيڙو لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هائيڪو اصل ۾ جاپاني شاعريءَ جي هڪ خوبصورت صنف آهي، جيڪا ظاهري طرح ته ٽن سٽن تي مشتمل ۽ لکڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر منهنجي نظر ۾ جنهن شاعر کي هن صنف جو اصل پس منظر معلوم آهي ان لاءِ لکڻ ايترو آسان نه آهي، ڇو ته هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. هائيڪي / ٽيڙو جي ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ معولي ڳالھ ڪونهي. سادا احساس، سادن لفظن ۾ سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي ـــ ٽيڙو جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پس منظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. هن وٽ فطرت نگاري، حقيقت نگاري، منظر نگاري ، عڪس نگاري ۽ جذبات نگاري هڪ ئي وقت نظر اچي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن نه رڳو جاپاني هائيڪي جو حسن پسيو آهي پر کيس سنڌي ٽيڙوءَ جي اصل روح جي شناسائي پڻ آهي. هن جا هائيڪو ــ ٽيڙو سنڌي ادب جا حسين هائيڪو ۽ ٽيڙو آهن. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيءِ ۾ منظرن کي سمائي ٿو ۽ منظرن کي ڪهاڻي بڻائي ٿو.
احسان دانش جا هائيڪو زمان استمراري جي تاڃي پيٽي ۾ جڙيل آهن ۽ وٽس موسمن جو حسن پڻ موجود آهي، ۽ اهو سڄو پس منظر سندس هائيڪن ۽ ٽيڙن ۾ تخليقي سونهن کي ظاهر ڪري ٿو.
- تاج جويو
چوسٽوچئن سٽن تي مشتمل هڪ اهڙو مختصر نظم آهي، جيڪو پنهنجي ننڍڙي وجود ۾ وسيع معنى سمائي ڪنهن مسئلي يا موضوع جي مڪمل ترجماني ڪري ٿو. چوسٽي يا چار سٽي جو پراڻو نالو ’قطعو‘ آهي ۽ ڪنهن به غزل يا نظم جي ٽڪري کي قطعو چيو ويندو هو، پر هاڻي جديد دور جي تقاضائن موجب چوسٽو پنهنجي جدا حيثيت مڃائي هڪ علحده صنف جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻولي ۾ بهترين چوسٽا لکيا ويا آهن.
-مقصود گل
نوجوان شاعر احسان دانش چوسٽي تي ڀرپور نموني قلم آزمائي ڪئي آهي، ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي اوهان کي سندس خوبصورت چَوسٽا پڙهڻ لاءِ ملندا.
چئن سٽن جو ننڍڙو عشقيه ۽ رنگ برنگي نظم لکڻ ته سولو ڪم آهي پر چئن سٽن ۾ وڏو مقصد سمائي ڪو قومي مسئلو بيان ڪري واقعاتي ۽ انقلابي نظم لکي چوسٽو ٺاهڻ ڏکيو نه سهي پر محنت طلب ڪم ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي چوسٽي لکڻ ۾ قومي درد سان گڏ گھري سوچ ۽ دانشمنديءَ جو وڏو عمل دخل آهي. احسان دانش جي چوسٽن ۾ اها دانشمني ۽ مقصديت نظر اچي ٿي. احسان هي جيڪي چئن سٽن وارا ننڍڙا نظم لکيا آهن سي خوب آهن. مونکي اميد آهي ته اسان جو هي سدا بهار مرڪڻو، ملڻو کلڻو ۽ من ڇهڻو شاعر پنهنجي فني، فڪري ۽ شعري سفر کي جاري رکي سنڌ جيجان جي ادبي سونهن ۽ سڀيتا کي ائين ئي سدائين سندرتائون ۽ واسنائون ارپيندو رهندو.
- مقصود گل
چوسٽا
هڪڙي معنى ۾ هزارين نظرون
هڪ نظر جون هزار معنائون
پيار اک ۾ هجي يا اکرن ۾
ڪيئن سمجھون ۽ ڪيئن سمجھايون
===
پيار جو ڪو سوال اوکو ڏي
جان جو ئي کڻي تون جوکو ڏي
مان ته مدت کان منتظر آهيان
دل نه ٿي ڏئين ته ڪوئي دوکو ڏي
===
ڏيھ کي ڏکَ جي اڏوهي ٿي چٽي
جو اندر کولي ڏسو پورو آ
درد نگري جي دکي ماڻهن کي
پيار جيڏو به ڏجي ٿورو آ
===
مان ته موهن شهر جو راڳي هان
تون ڪٿي آهين منهنجي سمبارا!
منهنجا سُر تال اڌورا تو بن
تنهنجي ڇيرن تي ٿا جھومن تارا
===
تير نظرن جا هڻي ويو ڪوئي
منهنجي دل پل ۾ کڻي ويو ڪوئي
مون ته سوچيو هو محبّت نه ڪبي
نيٺ مونکي به وڻي ويــو ڪوئي
===
رڻ ۾ جھنگل لڳنــدو آهي
دانـــش پاڳــل لڳنــدو آهي
جڏهن به دل خوش هوندي آهي
خـــار به ڄــڻ گل لڳنــدو آهــي
===
درد جا ساز ڪيئن ڇيڙي ويو
دل جا ٽاڪــا وري اڊيــڙي ويو
ڪوئي مئه نوش هيو هو شايد
لــڙڪ اکڙين جـا سڀئي ميـڙي ويو
===
هـــڪ آس نــراس نه ٿـــئي هــا
جـي پيــار جي آس نه ٿــئــــي هــا
ڀــل رنـگ هــجــي هــا دانـش
پــر گــل ۾ واس نه ٿـئـي هــا
===
سوچڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن
لوچڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن
جذبا اڻ جھل آهن پوءِ به ڇو پيارا
روڪڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن
===
کوڙجي حق سچ جو جھنڊو کوڙجي
چورجي چپڙن کي هاڻي چورجي
پيار ۽ پاٻوھ واري ڀونءِ تي
گھورجي جـنــد جــان پنهنجي گھورجي
ظلم سان ڏار ڏار ٿي ڌرتي
سِنـــڌُ جو سَنـــڌُ سَنـــڌُ چُڻڪي ٿو
زخم گھرا اڃا ڀريا ناهن
پـو به ويري ڏسو ته ڀڻڪي ٿو
===
رتُ جو ريج نه ڏي ڌرتيءَ کي
قربَ جي ٻج جي ضرورت آ
ظلم جي رات انڌياري نه کپي
امن جي سج جي ضرورت
ست رنگيون
---
ست رنگين تي راءِ
ست رنگي هڪ نئين شعري صنف آهي. جنهن کي منهنجي ناقص ذهن جنميو آهي. هي صنف پنهنجي نالي وانگر انڊلٺ جهڙن ستن رنگن تي مشتمل آهي. هن جي ستن رنگن مان مراد ست موضوع آهن. يعني هر سٽ ۾ الڳ موضوع ، احساس يا منظر پنهنجي مڪمل معنى ۽ مفهوم سان شامل آهي. ۽ ڪنهن به سٽ جو ٻي سٽ سان موضوعي لحاظ کان براه راست ڪو تعلق نه آهي، البته سموريون سٽون هم قافيه ۽ هم وزن آهن..هيءَ نئين صنف مجموعي طور هر شاعر ۽ خاص طور غزل لکندڙ شاعرن کي ضرور قبول پوندي. هن صنف کي هٿي وٺائبي ته سنڌيءَ ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ٿيندو.
- احسان دانش
احسان دانش جو شمار سندس ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن نه فقط جديد ۽ روايتي صنفن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي سهائيءَ سان، ادب جي افق تي رنگ برنگي تارن جهڙا ٻول وکيري، پنهنجو ڌار مقام جوڙيو آهي، بلڪه ”ست رنگي“ نالي نئين صنف سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي هڪ ”نواڻ پيدا ڪندڙ شاعر“ هجڻ جو اعزاز به ماڻيو آهي. مونکي اها پڪ آهي ته هن اها صنف اهو اعزاز ماڻڻ جي شوق ۾ هرگز ڪانهي متعارف ڪرائي، پر جيئن هر شاعر تي هر هڪ سٽَ پنهنجي اظهار جو ٺهيل ٺڪيل ويس اوڍي لهندي آهي، تئين ئي دانش جي فڪر جي اڱڻ تي هيءَ صنف پنهنجي جداگانه انداز سان ڪنهن سرمئي شام ۾ چوري چوري دٻيل قدمن سان پنهنجا پر پکيڙي اچي لٿي هوندي، جنهن جو ادراڪ خود شاعر کي به پني جي سيني تي ستن ئي سٽن جي مڪمل طور درج ٿي وڃڻ کان پوءِ ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته احسان دانش جون ست رنگيون پڙهندي، ڪٿي به شعوري ڪوشش جو رنگ ۽ انگ نظر نه ٿو اچي ۽ هن صنف جي بيساختگي، ان جو پاڻ مرادو ارتقا جو بيان ڏئي ٿي.
احسان دانش جي تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ۾ ستن سٽن ۾ ساڳي قافيي جي پابندي هوندي، هر سٽ ۾ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ اظهار فقط ڏکيو ئي نه بلڪه شاعريءَ جي ”مڪتبه عشق“ (جنهن کي ٻين لفظن ۾ ’مڪتبه سخن‘ چئجي) جي گوسڙو شاگردن لاءِ هڪ سخت سزا وانگر به آهي، جنهن کان يقينا کوڙ سارا شاگرد لنوائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪندا ۽ کوڙ شاگرد شايد احسان جي آندل نواڻ کي قبول به نه ڪن. پر احسان دانش کي آءٌ مبارڪون ڏيندي اهو واضح طور چوڻ چاهيندس ته کيس يا سندس تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ”ست رنگي“ کي ڪنهن به روايتي نقاد پاران قبوليت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ”ست رنگي“ جي انفراديت ۽ اسلوب جو حسن خود سندس سرٽيفڪيٽ آهي.مونکي پڪ آهي ته سنڌي ادب جو هر غير جانبدار نقاد هن صنف جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو.
- ياسر قاضي