ڪھاڻيون

پنجين موسم کان پوءِ

ھن ڪتاب ۾ طارق جون لکيل 10 ڪھاڻيون ۽ مھاڳ جي صورت ۾ طارق جي پنھنجي ڪھاڻي پڻ شامل آھي. طارق قريشي جي اھا خوبي آھي جو ھو لکڻ مھل خود بہ ڪھاڻيءَ جو ڪردار بڻجي ٿو وڃي. طارق جي ڪھاڻين جا ڪردار پڙھندي پڙھندڙ کي ايئن لڳندو آھي ڄڻ اھا سندس ڪھاڻي ھجي. طارق جي ڪھاڻين جي خوبي اھا بہ آھي تہ اڪثر ڪھاڻين ۾ نوان موضوع ۽ نوان پلاٽ پڙھڻ لاءِ ملن ٿا.

Title Cover of book پنجين موسم کان پوءِ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار طارق قريشيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”پنجين موسم کان پوءِ“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
ھن ڪتاب ۾ طارق جون لکيل 10 ڪھاڻيون ۽ مھاڳ جي صورت ۾ طارق جي پنھنجي ڪھاڻي پڻ شامل آھي. طارق قريشي جي اھا خوبي آھي جو ھو لکڻ مھل خود بہ ڪھاڻيءَ جو ڪردار بڻجي ٿو وڃي. طارق جي ڪھاڻين جا ڪردار پڙھندي پڙھندڙ کي ايئن لڳندو آھي ڄڻ اھا سندس ڪھاڻي ھجي. طارق جي ڪھاڻين جي خوبي اھا بہ آھي تہ اڪثر ڪھاڻين ۾ نوان موضوع ۽ نوان پلاٽ پڙھڻ لاءِ ملن ٿا.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان  اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي