گلن جي بغاوت
ھن ڪتاب ۾ سعادت حسن منٽو جي اٺن ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو شامل آھي. منٽو زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي نھايت بي خوفيءَ سان لکيو. سندس قلم جي تلخيءَ سبب هن تي فحش نگاريءَ جا الزام بہ لڳا. سندس ڪجهه ڪھاڻين سبب مٿس عدالت ۾ ڪيس پڻ هلايا ويا. هن هڪ هنڌ لکيو ”مان ڪھاڻي ناهيان لکندو پر حقيقت اها آهي تہ ڪھاڻي مون کي لکندي آهي. مان تمام گهٽ پڙهيل لکيل ماڻھو آهيان. هونءَ تہ مون ويھن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي حيرت ٿيندي آهي تہ اهو ڪير آهي، جنھن اهڙيون سٺيون ڪھاڻيون لکيون آهن ، جن تي عدالت ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا.“