ٻہ سئو ٽيٽيھ
لياقت رضوي جون ڪھاڻيون منفرد مقام رکن ٿيون. سندس ڪھاڻيون اڪيلائيءَ جي مختصر ڪٿا ٻڌائين ٿيون. ھن وٽ زندگيءَ جو فلسفو بہ موجود آھي تہ ھو خواب بہ ڏسي ٿو. سندس ڪھاڻين ۾ درد بہ آھي تہ وجوديت جو فلسفو پڻ موجود آھي. سندس ڪھاڻين ۾ وڇوڙي جو ورلاپ بہ آھي تہ وڃايل محبت جي درد جو احساس بہ.