الطاف شيخ ڪارنر

جپان جن جي جيءَ سان

الطاف شيخ جپان ۾ ھڪ وڏو عرصو گذاريو آھي. الطاف شيخ جپان جي ادب، ٻولي، جاگرافي ۽ تاريخ سان گڏ ترقيءَ جي رازن تي پڻ لکيو آھي. ھن ڪتاب ۾ جپان بابت معلومات سان گڏ اتان جي رھڻي ڪھڻي، ثقافت ۽ جھاز راني بابت مفيد مضمون شامل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جپان جن جي جيءَ سان

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جپان جن جي جيءَ سان
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو ٻيو: روشني 1988ع
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي
روشني ڪمپوزرس، حيدرآباد
ڇپيندڙ : فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

JAPAN JIN JAY JEEA SAN
(A Travelogue of Japan)
By: Altaf Shaikh
Composed by: Habib Qadir Qureshi.
Roshni Composer, Hyderabad.
Printed by: Fine Communication Hyderabad.
Published by: Roshni Publication Kandiaro
2nd Edition @ Roshni 1998.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ جپان ۾ ھڪ وڏو عرصو گذاريو آھي. الطاف شيخ جپان جي ادب، ٻولي، جاگرافي ۽ تاريخ سان گڏ ترقيءَ جي رازن تي پڻ لکيو آھي. ھن ڪتاب ۾ جپان بابت معلومات سان گڏ اتان جي رھڻي ڪھڻي، ثقافت ۽ جھاز راني بابت مفيد مضمون شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1982ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

پنھنجي پياري دوست ظفر شيخ جي نالي

جپان جا شھر ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما ائين ويجها آهن، جيئن حيدرآباد ڪراچي. ۽ اسان جي ڳوٺاڻي اشفاق ميمڻ جو گهر ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما جي وچ ۾ ڪنھن نوري آباد، ڪاٺوڙ، ٻولاري يا ٿاڻو بولا خان جھڙي هنڌ تي لڳو ٿي، جو منھنجو جھاز ٽوڪيو ۾ بيٺل هوندو هو يا يوڪوهاما ۾ ته هي جوان ساڳيءَ سولائيءَ سان ٻنهي هنڌن تي پھچي ويندو هو.
اشفاق ميمڻ مون کان چار پنج سال ننڍو آهي. سندس وڏو ڀاءُ عبدالرزاق ميمڻ (اڄڪلهه دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال)، هالا جي اسڪول ۾ منھنجو ستين ڪلاس تائين ڪلاس ميٽ هو. هن مئٽرڪ ۽ ايگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ اهڙي ته نمايان پوزيشن حاصل ڪئي جو جپان گورنمينٽ هن کي اليڪٽرانڪس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ تي جپان گهرايو. جپان ۾ تعليم ۽ نوڪريءَ دوران هن پنھنجن ڀائرن آفتاب، نظام ۽ اشفاق وغيره کي پڻ گهرايو. ٻيا ته تعليم حاصل ڪري واپس هليا ويا، پر اشفاق هڪ جپاني ڪرنل صاحب جي ڌيءَ سان شادي ڪري اتي ئي ٽڪي پيو (۽ اڃا تائين اتي ئي آهي). اسان جي جپان پھچڻ تي هو هر دفعي ملندو رهيو ٿي.
منھنجي خيال ۾ 1973ع جو سال هو. اسان جو جھاز يوڪوهاما بندرگاهه ۾ بيٺو هو. اشفاق ان دفعي جھاز تي پھچڻ تي ٻڌايو ته ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبيسيءَ ۾ خيرپور جو هڪ ظفر شيخ نالي همراهه ٿرڊ سيڪريٽري ٿي آيو آهي ۽ هو مون کي به سڃاڻي ٿو.
”پوءِ ته هن سان ڪنھن ڏينھن ضرور ملڻ کپي.“ مون يڪدم وراڻيومانس. ”خيرپور سکر پاسي جا منھنجا ڪيترائي دوست آهن: شوڪت جماڻي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نجم قاضي، عاشق حسين شاهه وغيره، جن کي هو پڪ سڃاڻندو هوندو.“
ٻئي ڏينھن انجڻ روم جي ڊيوٽي پوري ڪري مٿي آيس ته گئنگ وي (جھاز جي ڏاڪڻ) وٽ ئي اشفاق سان گڏ ظفر کي ڏٺم. سنهڙي ۽ هلڪڙي جسم جو، عمر ۾ مون کان ٽي چار سال ننڍو، (هو ستاويهه اٺاويھه سالن جو لڳو ٿي). ٻنهي کي پنھنجي ڪمري ۾ ئي وٺي آيس. خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ظفر ٻڌايو ته هو مون مان Impress آهي ۽ منھنجا سفرناما پڙهي، هن کي فارين سروس ۾ اچڻ جو شوق ٿيو.
آئون ان وقت هو ٻڌي وڏي ٽانءِ ۾ اچي ويو هوس ته آئون به ڪا اهڙي ڳالهه آهيان جو ماڻهو مون مان Impress آهن. پر پوءِ اهو ٽانءُ فقط هڪ ڏينھن لاءِ رهي_ يا شايد اها ٽرِپ رهيو. ان بعد هر دفعي جپان ۾ اچڻ ۽ ظفر سان ملڻ تي آئون هن مان امپريس ٿيڻ لڳس. ڪجهه ڳالهيون جيڪي جپان ۾ رهي مون ظفر ۾ محسوس ڪيون، اهي هي هيون: ظفر کي ڪڏهن به وقت ضايع ڪندي نه ڏٺم. جهڙ هجي، مينھن هجي، سيءُ هجي، طوفان هجي، ٻيو ڪو آفيس پھچي يا نه پر هي وقت تي پھچي ويندو هو. محنت ۽ لڳاءُ سان فيس جو ڪم ڪندو هو ۽ کيس بھتر کان بھتر ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جي جستجو لڳي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هو نه رڳو ٿوري ئي عرصي ۾ جپاني زبان سکي ويو پر تمام سٺي ڳالهائڻ لڳو. ظفر جي جپاني زبان مان اهل زبان (جپاني) به حيرت کائيندا هئا. جپاني زبان هڪ ته اها آهي جيڪا عام ماڻهو ڳالهائي ٿو. ان کان علاوه صحيح معنيٰ واري جپاني چڱي پيچيده آهي، جنھن ۾ ننڍي وڏي سان ڳالهائي، مرد عورت سان ڳالهائي، آفيسر پنھنجي باس سان ڳالهائي ته ان ۾ مختلف لفظ ۽ حِجي جو وڏو خيال رکڻو پوي ٿو. اهو کڻي چئجي ته جپاني زبان جي لکنوي آداب تي ظفر کي چڱي طرح عبور حاصل هو ۽ اهو سڀ ڪجهه سندس محنت جو نتيجو هو. جو آفيس ۾ زيردست ۽ صاحب منجهائنس خوش هئا ته ٻاهر عام جپاني ماڻهو به.
ظفر ڪنھن مليٽري اداري مان تربيت نه ورتي هئي، پر فوجين وانگر سخت جان هو ۽ اڄ تائين هن عمر ۾ به آهي. سڄو ڏينھن آفيس ۾ ويھي ڪم ڪرايوس. پنڌ ڪرايوس، اوجاڳي ۾ رکوس بک ۾ رکوس _ هر حال ۾ هو اهو ئي چست ۽ نوبنو نظر ايندو. رات جا ڪڏهن ڪڏهن جاڳندي ٽي چار ٿي ويندا هئا ته به صبح ساڻ هو سڀ کان اڳ اٿي آفيس پھچي ويندو هو. صبح جو اٿڻ ۽ وقت تي آفيس پَھچڻ سان هن ڪڏهن به ”رات جو دير تائين جاڳڻ“ کي بھانو نه بڻايو. هن کي مون جيڪڏهن سست ڏٺو ته اهو فقط خط لکڻ ۾، جيڪا سستي اڃا تائين اٿس. باقي ڪچھريءَ جو ڪوڏيو آهي. سڄي ڏينھن جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ به کيس ڪچھري کپي، بيمار ٿي پوي ته ٻي ڪنھن دوا کان اڳ ڪچھري کپيس، چاق چڱو ڀلو ۽ موڪل تي هجي ته به ڪچھري کپيس. ان ڪري ٽوڪيو ۾ سندس غريباڻو گهر هميشھ اوطاق هوندي هئي، جتي ڪيترن ئي نون پراڻن دوستن سان ملاقاتون ٿيون. اقبال ترڪ، آفتاب ميمڻ، غلام علي الانا، اقبال سولنگي، جان محمد ڪيريو، رسول بخش راهو، ڪھڙا نالا کڻي ڪھڙا کڻجن. ڪي گهمڻ لاءِ جپان ايندا هئا ته ڪي مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ڪورس ۽ ٽوئر ڪرڻ ايندا هئا. هر وقت ٽوڪيو ۾ ٽھڪ ۽ خوشيون هونديون هيون. جپان جھڙي مھانگي ملڪ ۾ جتي جھڙن تھڙن جون به وايون بتال ٿيو وڃن، اتي اسان جي ظفر جي وڏي دل ۽ ننڍو گهر اسان لاءِ خوشين جي کاڻ هئا_ جن خوشين ۽ رونقن کي اڄ تائين نه وساري سگهيا آهيون. سڀ ننڍا آفيسر هئاسين، مھانگائي گهڻي هئي، پگهار ٿورو هو، سخت غربت جو عالم هو پر يقين ڪريو جنھن وقت جان محمد ڪيريو ڊبل روٽي وٺي گهڙندو هو ۽ ظفر رڌڻي مان پٽاٽن جي رڌل اڌ ڪچي اڌ پڪي ڀاڄيءَ جو ديڳڙو اچي وچ تي رکندو هو ته سڀ کائڻ ۾ جنبي ويندا هئاسين. ڪو به گهٽ لوڻ يا وڌ مرچ جي دانھن نه ڪندو هو.
ظفر خبر ناهي پھرين کان سٺو ڪُڪُ هو يا جپان ۾ اچي بورچيءَ جا ڪم سکيو. هڪ دفعي منھنجي ۽ منھنجي فئمليءَ جي ماني جي دعوت ڪيائين، جنھن ۾ پاڻ سوجيءَ جو حلوو پڻ ٺاهيائين. خبر ناهي ته اها سُوجي هئي يا ڪڻڪ جو ڏريو. بھرحال ان اٽي جي پاڪيٽ ٻاهران Cream of Wheat لکيل هو ۽ نبيسڪو آمريڪن ڪمپنيءَ جو ٺھيل هو. ٿي سگهي ٿو سخت بک هئي يا گهڻي وقت کان ملڪ کان پري رهڻ ڪري مٺائي نه چکي هئيسين، اسان کي ڏاڍو وڻيو ۽ آخري ڏينھن تائين کانئس اهو ٺاهڻ پڻ سکيس. ان ڳالهه کي اڄ ويھه سال کن اچي ٿيا آهن. جھاز تي هئاسين، توڙي ملائيشيا ۽ سئيڊن ۾ _ پھريون ڪم اتي جي دڪانن تان ”ڪِريم آف ويٽ“ پڇائڻ جو ڪندا آهيون ۽ هونءَ ظفر کي ياد ڪريون يا نه پر اهو حلوو هن جي ياد ڏياريندو آهي. ٻه سال اڳ ظفر جي ڌيءُ فوزيا جي شادي هئي. چيومانس مِٺي ۾ Cream of Wheat جو حلوو کڻي تون ٺاهه.
ظفر پاڻ کان وڏن جي ڏاڍي عزت ڪري ٿو _ پوءِ اهو کڻي سندس مٽ مائٽ هجي يا استاد آفيسر. دوست يار هجي يا زيردست، نوڪر پٽيوالو. پنھنجن استادن کان وٺي جسٽس غوث علي شاهه تائين جو _ جنھن وٽ وڪالت سکيو، جڏهن به ذڪر ڪندو هو ته عزت سان نالو کڻندو هو. ظفر اڄ سفير ٿي چڪو آهي سو به ڪويت ۽ جرمنيءَ جھڙن اهم ملڪن جو، پر هينئر به مون کي اهو ئي ڌيرج ۽ نھٺائي سان ڳالهائڻ وارو ظفر لڳندو آهي، جنھن سان منھنجي پھرين ملاقات پاءُ صدي (پنجويھه سال کن) اڳ 1973 ڌاري ٿي.
ظفر جا مٽ مائٽ، دوست يار ننڍي هوندي نوڪرين ۾ رهي به پئسي وارا ٿي ويا، پر هن همراهه کي مون سدائين سڪي پگهار تي ئي گذر ڪندي ڏٺو. اها سٺي ڳالهه آهي جو کيس اڄ تائين ان جو نه ملال آهي نه افسوس. نه وري ٻئي جا محل ماڙيون ڏسي ڪڏهن ڪو هو Complex ۾ آيو آهي. غلط طريقي جي پئسي لاءِ شروع کان چوندو هو ته ”باهه ڏجي اهڙي پئسي کي.“ هو چاهي ها ته الائي ڇا ڪمائي سگهيو ٿي پر هن هميشھ سادگيءَ جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني ۽ سندس زندگيءَ جي اها جمع پونجي آهي. جپان جي آخري Trips ۾ (يعني منھنجي سامونڊي سفرن ۾) هو فرسٽ سيڪريٽري به ٿي ويو هو پر ته به هو سَوڙ آهر پير ڊيگهاريندو رهيو. جتي اڄڪلهه ننڍن عملدارن وٽ ئي خبر ناهي بورچين هٿان ڇا نه طعام ٺھن ٿا، اتي هو پاڻ ئي ڀاڄي ڀتي رڌي گذارو ڪندو رهيو. ڳوٺان ٿي ايندو هو يا ڪراچيءَ کان ڪو ايندو هو ته مختلف ٻوڙن جا پئڪ دٻا گهرائيندو هو جن مان پوءِ هفتي ۾ هڪ ڪڍي کائيندا هئاسين _ اها اسان جي ٽاپ جي عياشي هوندي هئي. ظفر جي گهر واري ڀيڻ رضيھ ٻارن جي اسڪول مان موڪلون ٿيڻ تي جڏهن ٽوڪيو ايندي هئي ته ويندي وقت ڪجهه ٻوڙ اها به رڌي فريزر ۾ رکي ويندي هئي، جيڪي پوءِ اهم ڏينھن تي ڪڍي کائبا هئا. اهم ڏينھن تڏهن ٿيندو هو جڏهن جان محمد ڪيريو، اقبال سولنگي ۽ هڪ ٻه ٻيا پاڪستاني اچي گڏ ٿيندا هئا.
ظفر وڏو ماڻهو ته اڳھين هو پر کيس ويتر وڏو ماڻهو بنائڻ ۾ سندس زال جو هٿ آهي. جيڪر ادي رضيھ نه چاهي ها ته ظفر چاهيندي به خيرپور کان نه نڪري ها ۽ اتي ئي ماستري يا وڪالت ڪندو رهي ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن اڄ هو هڪ اعليٰ قسم جو ڊپلوميٽ مڃيو وڃي ٿو، تيئن هو ٽيچر يا وڪيل به اعليٰ قسم جو ئي ٿئي ها. ڇو جو هو هڪ محنتي ۽ ذهين ماڻهو آهي. هن نه فقط مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ۾ سٺي پوزيشن کنئي پر وڪالت جي امتحان ايل. ايل بي ۾ سڀ کان مٿاهين پوزيشن (فرسٽ ڪلاس_گولڊ ميڊل) حاصل ڪيائين. قانون جي ڊگري ڪرڻ بعد ظفر پنھنجي ڳوٺ خيرپور جي ”لا_ ڪاليج“ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ ساڳئي وقت سائين غوث علي شاهه صاحب جن سان گڏ وڪالت به ڪندو رهيو. انھيءَ دوران سندس زال کيس CSS جي امتحانن جي تياريءَ لاءِ همٿايو.
”مون نٿي چاهيو ته هاڻ آئون وڌيڪ پڙهان پر رضيھ کي شوق هو ته آئون ملڪ جا اعليٰ امتحان ڏيان.“ ظفر ٻڌايو. هو CSS جي امتحان ۾ لڳي ويو. کيس پھرين دفعي ۾ ئي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ هو فارين سورسز لاءِ چونڊيو ويو. ظفر تعليم دوران ئي شادي ڪري ورتي هئي، سو سندس وڏا ٻار (جاويد ۽ فرحانا) اسڪول وڃڻ جيڏا ٿي ويا هئا. سندس پھرين پوسٽنگ ٽوڪيو ۾ ٿي، جتي انگلينڊ، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن وانگر پاڪستاني ٻارن لاءِ الڳ اسڪول يا انگريزي اسڪول نه هئا.
”هاڻ ڇا ڪجي؟“ ظفر سوچيو. ”ٻارن کي ڏاڏي وٽ ڇڏي زال سان جپان ۾ رهجي يا هيءَ نوڪري ڇڏجي.“
پر اهو مسئلو به ڀيڻ رضيھ حل ڪيو ۽ کيس نوڪريءَ تي وڃڻ لاءِ همٿايو ۽ پاڻ پاڪستان ۾ رهي، ٻارن جي سار سنڀال جو ذمو کنيو. هوءَ اونهاري جي ٻن ٽن مھينن ۽ سياري جي مھيني کن جي موڪل ۾ ٻارن سميت ٽوڪيو ايندي هئي. مون کي ياد آهي ته ظفر کي پنھنجن ٻارن جي تعليم جو ڏاڍو اونو رهندو هو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي هو پريشان ٿي ويندو هو. ”جاويد ڏاڍو ڏنگو ٿي پيو آهي، خبر ناهي پڙهي به ٿو يا نه. کيس پبلڪ اسڪول يا ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪريان ته ڪيئن رهندو؟“ هو مون سان صلاح ڪندو هو، پر منھنجي مشوري کان اڳ ادي رضيھ جو خط اچي ويندو هوس: ”... تون ٻارن جي معاملي کان بلڪل بي فڪر ٿي پوري ڌيان سان نوڪري ڪندو رهه. ٻارن جي مسئلي کي آئون منھن ڏئي رهي آهيان.“
ظفر جپان ۾ ڇھه سال رهيو، ان بعد ڪجهه سال بنگلاديش ۾ رهيو. تنھن بعد سندس پوسٽنگ ڪويت ۾ ٿي. ظفر جي نه فقط ٻن وڏن ٻارن فرحانا ۽ جاويد اسڪولن مان پڙهي ڪاليجن ۾ داخلا ورتي پر ٻن ننڍن فريد ۽ فوزيا پڻ اڳتي هلي گريجوئيشن ڪئي. جاويد ۽ فوزيا ڊاڪٽري پڙهيا. فريد ”الحبيب بئنڪ“ ۾ آفيسر آهي. فوزيا جي ٻه سال اڳ آفتاب شاهه سان شادي ٿي. ظفر اڄڪلهه جرمنيءَ ۾ پاڪستان جو سفير (ائمبسڊر) آهي. گذريل هفتي ڪلفٽن جي گلف شاپنگ سينٽر ۾ اوچتو ادي رضيھ نظر اچي وئي.
”ادي ڪريو خبر _ توهان ته جرمني ۾ هئائو؟“ اسان پڇيس.
”ڪالهه اتان آئي آهيان،“ هن ٻڌايو ”ظفر به ٻئي هفتي اچي رهيو آهي. ٻي ڪاڪيءَ جي شادي آهي، ان جي بندوبست لاءِ آئون اڳواٽ اچي وئي آهيان.“
اسان جو دوست خوشنصيب آهي جو هُن زندگيءَ ۾ فقط نوڪريءَ جو بار کنيو آهي. باقي مسئلن لاءِ ادي رضيھ کي شاباس هجي، جيڪا منھن ڏيو ويٺي آهي_ جنھن جي بردباري، همت ۽ خوش اخلاقي مان اسان جي وطن جون ٻيون عورتون Inspiration وٺي سگهن ٿيون. رضيھ نه فقط ظفر جي زال آهي، پر هن جي سٺي دوست ۽ صلاحڪار پڻ آهي.
ظفر جو والد رسول بخش شيخ صاحب خيرپور جو اهم وڪيل ٿي گذريو آهي. پاڻ پنجھتر ورهين جي ڄمار ۾ 1985ع ۾ وفات ڪئي. ظفر شيخ سندن وڏو پٽ آهي. ان بعد ڀيڻ ثريا آهي، جيڪا نثار شيخ جي گهر واري آهي. ان بعد اسد شيخ آهي، جيڪو هوم سيڪريٽري ۽ NIT جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪو آهي. ظفر جي ڀيڻ ڪوثر ۽ سندس گهر وارو حسن گذريل پنڌرهن سالن کان سعودي عرب ۾ نوڪري ۽ بزنيس ڪن ٿا. ان بعد ڊاڪٽر فضل جي زال افروز ۽ ڊاڪٽر امداد جي زال شھناز آهي. ڊاڪٽر فضل پوليس هاسپيٽل ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر امداد گورنر هائوس ۾ نوڪري ڪري ٿو. ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو اسسٽنٽ رجسٽرار حفيظ شيخ ظفر جو ننڍو ڀاءُ آهي.
ظفر 29 جنوري 1948ع تي ڄائو. ان حساب سان ايندڙ هفتي هن جو پنجاهون برٿ ڊي آهي. ظفر کي جنم ڏينھن جي ۽ اڌ سينچري مڪمل ڪرڻ جي مبارڪ هجي.

الطاف شيخ
22 جنوري 1998ع

ڪجهه سٽون منھنجي طرفان به: ادل سومرو

۽ اها خبر الطاف شيخ کي به نه هئي ته ڪو پرڏيھه مان پنھنجي يار سليمان شيخ کي دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريا خط لکندي، اڳتي هلي هو سنڌي ادب ۾ ايترو نالو پيدا ڪندو ۽ سندس ڪتابن جي قطار تيزيءَ سان ڊگهي ٿيندي ويندي. اهي ماڻهو جن ڪڏهن به ڪنھن سنڌي ادبي ڪتاب کي خريد ڪرڻ ته ڇا، پر مفت ۾ پڙهڻ ڪونه چاهيو هوندو. اهي الطاف شيخ جي ڪتابن لاءِ بوڪ اسٽالن جا چڪر پيا هڻندا آهن. اسان جو هڪڙو دوست، شاديءَ جي پھرين رات گذاري ٻئي ڏينھن نيراني ڀڄندو آيو، چيائين: ”يار پھرين رات ئي زال فرمائش ڪئي آهي، هل ته شھر هلون، سندس فرمائش پوري ڪرڻي آهي.“ مون سوچيو ته هوندي ڪنھن عام قسم جي شيءِ جي گهُر _ پر سندس ٻڌائڻ تي خبر پئي ته ڀاڄائيءَ الطاف شيخ جي ڪتاب ”منھنجو ساگر، منھنجو ساحل“ جي فرمائش ڪئي هئي.
اڄ انھيءَ الطاف شيخ جو هي جپاني سفرنامو، اوهان کي پيش ڪندي اسين خوشي ٿا محسوس ڪريون. سفرنامو پڙهو ۽ پڙهندي پڙهندي (سپنن ۾) جپان جي گِنزا جي گوڙ ۾ گم ٿي وڃو.

ادل سومرو

مھاڳ: علي نواز وفائي

دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪار ۽ ڪاروبار، وڻج ۽ واپار ٿيندا رهن ٿا، يا ٿيندا رهندا، انهن سمورن ڪاروبارن مان جيڪو ڪٺن ۽ ڪشالي وارو ڪم آهي، سو آهي قلم جي ڪرت. شل نه ڪنھن انسان جو قلم سان لڳ لاڳاپو وجهه واسطو ۽ پلئه ۽ پاند پئجي وڃي. پوءِ سڄي زندگي قلم جي قرب ۽ ڪشش ۾ قابو هوندو.
هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب (ل) سان لاڳاپو ۽ (م) سان محبت ۽ مروت. اهي مٿيون خاص خوبيون، جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪھڙي ادا سان ادا ڪجي.
ان کان سواءِ سڀ ڪنھن اديب جي اندر وارو انسان لفظن جو لباس پائي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ٿيندو رهندو آهي ۽ سندس لکڻ تي پسند يا ناپسند جي فتويٰ جو فيصلو پڙهندڙ ئي ڏيندا آهن.
ڪيترا اديب پنھنجي سمجهه ۽ سوچ، فھم ۽ فراست، عقل ۽ ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ معلومات، تجربي ۽ آزمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن، مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو ٿيندو آهي، جو هو هميشھ ئي انهن جي مضمونن ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پڙهندا رهندا آهن.
ٿوري عرصي ۾ اسان جي سنڌ جي اديبن جيڪا پنھنجي مادر مھربان جي ٻاجهاري ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهن ٿا، ان کان هر هڪ عام نواز ۽ ادب پرور بخوبي با خبر آهي.
ڪي تاريخ جا طالب، ڪي تخليق جا تاجدار، ڪي تحقيق ۾ تيز، ڪي تنقيد ۾ تڪڙا. ڪي افسانن ۽ آکاڻين جا استاد، ڪي ڪھاڻين ۽ قصن جا ڪاريگر، ڪي ناٽڪ ۽ ناول جا ناميارا، ڪي واقعي نگاري کان واقف. ڪي سوانحعمري جا سينگاريندڙ، ڪي صحافت ۾ سرس، ڪي مزاج جا مالڪ، ڪي مضمونن جا معمار، ڪي اکرن جي جوڙجڪ ۾ جان وجهندڙ جانباز، ڪي ٻوليءَ کي ٻھڪائيندڙ، ڪي عام فھمي ۾ اوچا ۽ اعليٰ، ڪي روانيءَ جا رهبر ۽ رهنما، ڪي سير سياحت ۽ سفرن جا سھيڙندڙ، ڪي هر صنف تي سوار.
اسان جي سنڌي ادب جو دامن گهڻو ڪري سھڻن سفرنامن کان خالي رهندو آيو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوان اديب الطاف شيخ پنھنجي ادب ۾ اها ڪمي محسوس ڪندي، سفر سياحت جي صنف ڏانھن ايڏو ۽ ايترو توجهه ڏنو جو ٿوري ئي وقت ۾ 16 ڪتاب لکي پنھنجي ادب جي دامن کي سفرنامن جي صنف سان مالامال ڪري ڇڏيو.
سفرنامو لکڻ پنھنجي مٿي هڪ وڏو فن هوندو آهي، مگر هڪ حساس دل رکندڙ مسافر جنھن جو قلم سان قرب هجي، اهو ضرور سفر جي دوران ذاتي ۽ شخصي مشاهدن ۽ منظرن، واقعن ۽ وارداتن کان متاثر ٿي پنھنجي ذهن تي چٽا نقش قائم ڪري وٺندو آهي. ۽ پوءِ جڏهن انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لکڻ ويھندو آهي ته يقيناً اها سندس لاجواب ادبي تخليق بڻجي پوندي آهي. هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌي سفرنامن جو سمورو سھرو الطاف جي سِر تي سونھين ٿو.
جيڪي به سفرناما آهن، انهن سمورن سفرنامن جو سرتاج سامونڊي سفر نامن کي چيو ويندو آهي _ سمنڊ جي سيني کي چيرڻ، ان جي لھرن ۽ لوڏن، بيقرار ڇوهن ۽ ڇولين، موجن جي اؤج ۽ عروج، تيز طوفانن جي تکائين ۽ تازگين، جهڙ ڦڙ ۽ وڏ ڦڙي جي وسڪارن، سورن ۽ سختين سان مقابلي ڪرڻ جي باوجود به منزل تي پھچائڻ، اها جھازرانيءَ جي جوابداري سموري عملي جي همٿ ۽ حوصلي تي هوندي آهي. پر انھيءَ عملي مان ٻه عملدار ۽ عھديدار اهڙا به هوندا آهن، جن تي جھاز جي ڪک پن جيتري ڪمزوري ۽ ڪوتاهي جو سمورو دارومدار هوندو آهي. هڪ ڪپتان ٻِيو چيف انجنيئر. ڪپتان جي مٿان جھاز جي انتظام جو بار هوندو آهي ۽ چيف انجنيئر جو سمورو ڌيان صرف جھاز جي مشينري جي ننڍن ۽ وڏن، نازڪ ۽ نفيس پرزن جي نظرداري، نگھباني، سڌارڻ ۽ سنوارن ۾ سوگهو هوندو آهي.
عجب اتفاق آهي ته الطاف جھاز جي پرزن کان سواءِ پنھنجي ٻوليءَ جي پرزن ۾ به اهڙي جيئري جاڳندي جان وجهندو رهي ٿو، جنھن جو اندازو صرف پڙهڻ وارا ئي پرکي ۽ پروڙي سگهندا.
ادب جي لڳ لاڳاپن کان سواءِ الطاف سان منھنجا ڪيترائي ويجها واسطا قائم ٿيل آهن، هڪ ته منھنجي دوست گل محمد شيخ جو فرزند آهي، ٻيو منھنجي بزرگ دوست مظھر حسين گهلو جو نياڻو، ٽيون منھنجي جهوني ساٿي ڊاڪٽر عابد جو سالو، چوٿون منھنجي سالي ڪئپٽن ايس. ايم. عالم جو هم ڪلاس ۽ هم پيشو.
ايترن ۽ ايڏن ويجهن تعلقات هوندي مان هن اديب لاءِ ڇا لکي لکان. هونئن به فنڪار کي ڪڏهن به پنھنجي فن تي فخر نه ڪرڻ گهرجي پر فنڪار پنھنجي فن سان اهڙو سھڻو سلوڪ ڪري جو فن خود فنڪار ٿي فخر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. جيئن سفرنامن جو فن پاڻ الطاف شيخ تي فخر ڪندو رهي ٿو.
الطاف شيخ جي سورهن ڪتابن مان سندس (ٽي) سفرناما ايم. اي فائينل تي رکيل آهن، هڪ ڪارائتو ڪتاب نالي ”ڪويت ڪنارا“ ڪراچي يونيورسٽي وارن شايع ڪرايو آهي. هي سترهون ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، هاڻ توهان پڙهي پاڻ فيصلو ڪندا ته آيا سندس سفر سھڻو، سولو، سھنجو ۽ سڻائو ٿو رهي يا نه.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي مطالعي مان پڙهندڙن جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهي ٿو. هن پنھنجي سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ۽ جدا جدا ملڪن ۽ شھرن جي صحيح تاريخ، تھذيب، تمدن، رسم رواج، ثقافت ۽ ٻولي، اٿڻي ويھڻي کي اهڙي ته سھڻي، سھنجي ۽ سولي سليقي سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي، جو پڙهندڙ ايئن محسوس ڪندا ڄڻ سمورا واقعا ۽ وارداتون سندن اکين آڏو ٿينديون رهن ٿيون.
الطاف جو سنڌ جي جنھن تاريخي شھر هالن سان تعلق آهي، انھيءَ شھر ۽ انھيءَ پَٽ مان اهي اهي عظيم انسان پيدا ٿيا آهن، جن تي سڄي سنڌ فخر ڪندي رهندي آهي. هالن جي مردم خيز شھر جي بزرگن، ڀلارن، سخن گو، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي شھرت کان ڪير واقف نه آهي. الطاف پڻ ان اڻ کٽندڙ زنجيري جي هڪ ڪڙي آهي. سندس بنيادي پيشو جيتوڻيڪ انجڻين سان واسطو آهي، پر ادب سان نينھن پڻ ايترو ئي پڪو ۽ پختو اٿس.
آخر ۾ آئون پنھنجي الطاف لاءِ دعا گهرندس ته 16 ڪتابن مان الله تعاليٰ کيس سؤ ڪتابن لکڻ جي توفيق عطا فرمائي. جيئن سنڌ جي مطالعي جا مشتاق ۽ متوالا الطاف کي سنڌ جو ابن بطوطھ سڏڻ ۽ چوڻ ۾ فخر محسوس ڪن ۽ بس.


علي نواز وفائي
ايڊيٽر ”آزاد“
وفائي پريس، ڪراچي.
28 مارچ 1982ع

ليکڪ جا لفظ

جپان ۾ مون کي چڱو وقت رهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ جپان انهن چند ملڪن مان آهي، جنھن جي ماڻهن، رهڻي ڪھڻي، تاريخ جاگرافي، ادب ٻولي وغيره جو مون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشاهدو ۽ اڀياس ڪيو آهي.
جپان بابت هن کان اڳ ”بندر ديسان ديس“ ۽ ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“ ڪتابن ۾ چڱو خاصو احوال اچي چڪو آهي، پر هي سڄو ڪتاب جپان بابت آهي. ان هوندي به جپان جون ڪيتريون ئي ڳالهيون رهجي ويون آهن، جيڪي ٻئي ڪتاب ۾ نئين نالي هيٺ ڏيڻ جي تمنا رکان ٿو.
پڙهندڙن جي راءِ، تنقيد ۽ رهنمائيءَ جو قدر ڪريان ٿو ۽ اوسيئڙو رهندو.

الطاف شيخ
31 مارچ 1982ع

جھاز ۽ جھازين بابت ڪجهه معلومات

منھنجي هن ڪتاب ۽ ٻين سفرنامن ۾ ڪجهه اهڙا نالا ۽ Terms استعمال ٿيا آهن، جن جو واسطو سامونڊي/ جھازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجهاڻي ڏيڻ هتي ضروري سمجهان ٿو.

ڊيڪ (Deck)
جھاز جو مٿيون حصو. جھاز جي ڏاڪڻ چڙهي هن حصي تي پُھچجي ٿو. هي جھاز جي اڳئين ڪنڊ کان آخري ڪنڊ تائين هڪڙو ئي حصو (پَٽُ) آهي. جھاز کي واٽر ٽائيٽ رکڻ لاءِ لوهي پليٽن جي هيٺين حصي کي باٽم، ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي پليٽن کي Shell پليٽنگ ۽ مٿين هن حصي کي ڊيڪ سڏجي ٿو. ڊيڪ جي مٿان ٻه چار ماڙ جون ڇتيون ٿين، جن تي آفيسرن جا ڪمرا ۽ بِرج (جھاز جو ڪنٽرول روم) ٿئي. ڊيڪ جي مٿان وارا ڪمرا وڌيڪ هوادار ۽ سھڻا ٿين، جن جون دريون کولي ٻاهر جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو. مسافرن جا فرسٽ ڪلاس ۽ ڊيلڪس ڪلاس ڪمرا (Cabins) به مٿي ٿين. ڪجهه ملڪن جي ’مسافر جھازن‘ تي گهٽ ڀاڙي وارا مسافر کڻڻ لاءِ ڊيڪ جي هيٺ سامان جي گدام ۾ هنڌ بسترا لڳايا ويندا آهن. ان ۾ رهندڙ مسافرن کي ڊيڪ ڪلاس پئسينجر سڏجي ٿو. اسان جي حاجين جي پراڻن جھازن: سفينھ حجاج، سفينھ عرب، شمس وغيره تي پڻ ڊيڪ ڪلاس هو. جنھن کي اسان جي سنڌ جا حاجي سڳورا ’ديڳ‘ سڏيندا هئا. اونهاري جي باهه جھڙن ڏينھن ۾، کوري جھڙي بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) مان لنگهڻ وقت ڊيڪ ڪلاس جا مسافر پاڻ کي واقعي ديڳ ۾ ئي محسوس ڪندا هئا.

وائيج (Voyage)
عام طرح سامونڊي سفر کي وائيج چئجي ٿو. جھازي دنيا ۾ ملڪي بندرگاهه کان نڪري جھاز مختلف ملڪن مان ٿي واپس پنھنجي ملڪ ۾ پھچڻ سان هن جو هڪ سفر يعني Voyage ٿئي ٿو. مثال طور: ڪراچيءَ کان نيويارڪ تائين جھاز کي وڃڻو ۽ موٽڻو آهي. ويندي ۽ ايندي ٿي سگهي ٿو ساڳين بندرگاهن ۾ وڃڻو پوي يا مختلف بندرگاهن ۾. ويندڙ سفر کي Outward جرني سڏجي ٿو ۽ ملڪي بندرگاهه ڏي موٽڻ واري سفر کي Homeward جرني سڏجي ٿو. جھاز جي سفر شروع ٿيڻ تي سڀني آفيسرن ۽ خلاصين کي سفر جي معاهدي Contract تي صحيح ڪرڻي پوندي آهي، جنھن کي ‘Sign on’ ڪرڻ سڏجي ٿو. ان معاهدي ۾ پگهار، ڊيوٽين ۽ سھوليتن جو تفصيل هوندو آهي، جنھن موجب جھازيءَ کي سڄو سفر پورو ڪرڻو آهي ۽ سفر پوري ڪرڻ تي وري ان رجسٽر تي صحيح ڪرڻي پوندي آهي، جنھن کي ‘Sign Off’ سڏجي ٿو. ان بعد ساڳيو آفيسر يا خلاصي ٻيو سفر ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي اُن وقت Sign Off ڪري وري Sign On ڪرڻو پوندو آهي.

ڪئبن بواءِ
ڪمرو صاف رکڻ وارو ڇوڪرو. هن جو ڪم ڪئبن (ڪمرو) صاف ڪرڻ، هنڌ جون چادرون بدلائڻ ۽ ماني وغيره کارائڻ آهي.

ڊيڪ ڪسب
جھاز جي اسٽور ڪيپر کي ڊيڪ ڪسب سڏجي ٿو. جھاز جون لوهي پليٽون صاف ڪرڻ لاءِ کرپيون ۽ اسڪريپر، رنگ، روغن، گريز، رسيون وغيره هن جي حوالي هونديون آهن، جيڪي هو جھاز جي منھن وٽ ٺھيل اسٽور ۾ رکندو آهي.


پئنٽري
چانھه، ڪافي ۽ سئنڊوچ ٺاهڻ لاءِ ننڍڙو رڌڻو.

ٽوپس
جھاز جا ٽوائليٽ صاف ڪندڙ ڀنگيءَ کي ٽوپس سڏجي ٿو.

چِپي
جھاز تي هڪ عدد واڍو به ٿئي ٿو. جنھن کي جھازي زبان ۾ چپي سڏجي ٿو. هو ڪاٺ جي ڪمن کان علاوه جھاز جي پاڻيءَ وارين نادين Fresh Water Tanks جي روزانو Sounding (ماپ) وٺي ٿو.

سَرنگ
جھاز جي ڊيڪ يا انجن روم ۾ ڪم ڪندڙ خلاصين جي انچارج (ڪمدار) کي ’سرنگ‘ چئجي ٿو. ڪن جھازن تي ’ڊيڪ سرنگ’ الڳ ٿئي ته ’انجن سرنگ‘ الڳ.

شپ چانڊلر
جھازن تي سيڌو سامان، انجڻ جا پارٽ ۽ ٻيو سامان آڻي ڏيڻ واري کي شپ چانڊلر سڏجي ٿو. هر بندرگاهه ۾ جھازران ڪمپنيءَ طرفان گهٽ ۾ گهٽ ٽي شپ چانڊلر مقرر ڪيل هوندا آهن. بندرگاهه ۾ جھاز جي پَھچڻ سان هو جھاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر وٽ هنن جي ضرورت مطابق سامان آڻڻ جو پڇندا آهن. هنن وٽ اهو سامان گهرائڻ جو ڪمپنيءَ طرفان اجازت نامو پڻ ضروري آهي. جنھن جي آڌار تي شپ چانڊلر جھاز جي ڪمپنيءَ کان سامان جي قيمت وصول ڪندو آهي.

رَڊر (Rudder)
جھاز جي پويان لڳل سُکان کي رَڊر سڏجي ٿو. جھاز کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ لاءِ سکان کي موڙڻو پوندو آهي. ننڍين ٻيڙين جو سکان اسٽيرنگ ويل سان رسين ذريعي ٻڌل هوندو آهي. وڏن جھازن جو سکان (رڊر) تمام Complicated ٿئي ۽ هئڊرالڪ، اليڪٽرڪ يا نيوميٽڪ ذريعي Steering Wheel سان لاڳو ٿئي. ڪن جھازن تي اهي سڀ سسٽم گڏ ٿين ۽ اليڪٽرانڪ ۽ ڪميپوٽر سسٽم به ٿئي، جنھن ذريعي جھاز کي Auto تي رکي سگهجي ٿو. يعني بندرگاهه کان نڪرڻ بعد جيڏانھن جھاز کي وٺي هلڻو آهي، Data ان ۾ وجهي ڇڏجي ۽ ماڻهوءَ جي مدد بنا اسٽيرنگ ويل سکان کي ڪنٽرول ۾ ڪري ٿو. جيئن هوائي جھاز جو پائليٽ جھاز کي Auto تي رکي پوءِ جهاز جو چڪر هڻندو آهي.

رَڊار (Radar)
ٽي وي نما گول اسڪرين وارو اوزار ٿئي، جنھن تي لِيڪن ۽ دُٻن جي صورت ۾ سامهون ايندڙ جھاز، ٻيٽ، زمين ۽ سمنڊ هيٺ ٽڪريون ۽ تباهه ٿيل جھاز، نظر اچن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ هر وقت مينھن، برفباري ۽ اونداهه ڪري سامهون فرلانگ تائين به نظر نه پوندي آهي. پر رڊار جي شيشي تي چاليھه ميل تائين بيٺل ۽ چرندڙ شيون ڏسي سگهجن ٿيون. سامهون ايندڙ جھازن جي رفتار ۽ رُخ جي به خبر پئجي سگهي ٿي. جنھن مان حساب ڪري اهو معلوم ڪري وٺبو آهي ته آيا سامهون ايندڙ جھازَ پاسي کان لنگهي ويندا يا اسان کي پاسو ڪرڻو پوندو ۽ اگر پاسو ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ۽ ڪھڙي هنڌ تي ، جيئن حادثو نه ٿئي.

پورٽ هول
جھاز جي ڪمري (ڪئبن) جي گول دريءَ کي Port Hole سڏجي ٿو. هي دريون هميشھ واٽر ٽائيٽ ۽ ايئر ٽائيٽ هئڻ کپن، جيئن خراب موسم ۾ يا اتر قطب جي ويجهو وارن ملڪن ۾ سمنڊ جو پاڻي يا ٿڌي هوا اندر نه اچي.

گئنگ وي
جھاز جي اها ڏاڪڻ جنھن ذريعي ڪناري تان چڙهي جھاز تي پھچجي ٿو، تنھن کي Gang- Way سڏجي ٿو. لنگر کڻڻ مھل هيءَ ڏاڪڻ ڪرين ذريعي مٿي جھاز تي کنئي ويندي آهي ۽ پاسيري ڪري رکبي آهي. هن ڏاڪڻ جي هيٺان ڦيٿا ٿين، جنھن ذريعي سمنڊ جي چاڙهه ۽ لاٿ وقت اها پاڻهي صحيح ٿي بيھي.

ائلي وي
جھاز جي گهٽين کي ائلي وي سڏجي ٿو.

بٽلر
بورچين مٿان وڏي بورچي کي بٽلر سڏجي ٿو. روز جو کاڌو تيار ڪرائڻ ۽ ڊائننگ ٽيبل تائين پھچائڻ بٽلر جو ڪم آهي.

پَرسَر
سئلون ڊپارٽمينٽ جي انچارج کي پرسر سڏجي ٿو. جھاز جا بورچي، بئرا، صفائي وارا Purser جي هٿ هيٺ ڪم ڪن. ڪجهه جھازن جا پرسر ريڊيو آفيسر کي پگهارون ڏيڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتي جي ڪمن ۾ پڻ مدد ڪن، جن هن لاءِ هنن کي جھازن جي مالڪن طرفان ڪجهه وڌيڪ پگهار ملي.

سُکاني
انگريزيءَ ۾ Quarter_ Master سڏجي ٿو. سُکاني اهو خلاصي آهي، جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽي تي موجود نيويگيٽر سان گڏ چار ڪلاڪ ڏينھن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جھازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻ آهي. جيئن هو اڳ واٽ پنھنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگهي. بندرگاهه ۾ گهڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering- Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائليٽ جي حڪم موجب جھاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي.

پائليٽ
هوائي جھاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائليٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جھاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به چئبو آهي، جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونھون) هجي. ڪنھن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ جھاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پنڌرهن ميل ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ بيھاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جھاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائليٽ ٿو سڏجي. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائليٽ آهن، جيڪي پنھنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جھازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جھاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائليٽ سرانجام ڏين. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جھازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنھن کي Pilotage- Fee سڏجي ٿو.
ڪي ڪي بندرگاهه _ خاص ڪري يورپ جا ۽ جپان ۽ ڪوريا جا به ايترو ويجهو ويجهو ٿين، جو اهو ئي هڪڙو پائليٽ هڪ بندرگاهه مان جھاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پھچائي ويندو آهي. جيئن ٽوڪيو بندرگاهه مان ٻاهر ڪڍڻ وارو پائليٽ اڳيان هلي، يوڪوهاما بندرگاهه ۾ به پاڻ اندر بيهاري ويندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ North- Sea، خاص ڪري سياري ۾، اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جھازران ڪمپنين جا مالڪ جيترا ڏينھن جھاز اتر انگلينڊ، پولينڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جھڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائليٽ رکندا آهن، جيڪو ”نارٿ_ سي“ پائليٽ سڏجي ٿو. جھازن جي ڪئپٽنن کي جھازن جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ_ سي سمنڊ ۾ جيڪڏهن جھاز هلائي سگهو ته توهان جي مرضي، پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مھرباني ڪري ”نارٿ سي پائليٽ“ Hire ڪريو. نارٿ سي پائليٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جھاز جي سلامتيءَ ڪارڻ مالڪ اهو ڦاهو ڦڪيندا آهن. يورپ ڏي هلندڙ جھازن ۾ ان قسم جي پائليٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي، جنھن کي ’پائليٽ_ ڪئبن‘ سڏجي ٿو.

خلاصي
جھاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجن روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جھاز جي لوهي پليٽن کي سمنڊ جي پاڻيءَ ڪري زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ آهي. ٻيا ڪم رنگ لڳائڻ، رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجن روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيوورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.

ٿرڊ انجنيئر فورٿ انجنيئر،
سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر، وغيره وغيره
جھاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر . ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ جھاز کي ان رُخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن موسمن، سمنڊ ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصانن کان جھاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) رکڻ ۽ لاهڻ آهي. انجنيرن جو ڪم جھاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگھباني ڪرڻ آهي. جھاز هڪ شھر مثل آهي، جنھن ۾ نه فقط جھاز هلائڻ جي انجڻ آهي پر اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترائي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس جھاز جو ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونيئر ڊيڪ آفيسر آهي، ان بعد فورٿ آفيسر، ٿرڊ آفيسر، سيڪنڊ آفيسر ۽ پوءِ چيف آفيسر آهي. اهڙي طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو انجنيئر _ ڪئڊٽ يا جونيئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿاهون چيف انجنيئر آهي. دنيا جي هر ملڪ جي هر جھاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر ٿيل آهن. مثال طور: ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينھن جو ٻارهين کان چئين تائين جھاز هلائڻ آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس اهم ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ نيويگيشن واري ڊيُوٽي، ڊيڪ آفيسرن مان سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جھاز تي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سٺي دوستي رهي ٿي. اهڙي طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.

ريڊيو آفيسر
انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جھاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي، جنهن جو ڪم ريڊيو ذريعي ٻين جھازن ۽ بندرگاهن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جھاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگهار جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪارروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.

اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر
مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جھاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئر پڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي هٿ ۾ ڪم ڪن ٿا.

نيويگيشن
سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪي جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لھرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري جھاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جھاز هلائڻ پر ڏينھن ۾ ٽي چار دفعا کين چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جھاز واقعي صحيح رستي ۽ رُخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجهه اهڙا اوزار نڪتا آهن، جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جھاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪھڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Sattelite Navigator سڏجي ٿو.

جھازي
هر اهو ماڻهو جيڪو جھاز تي ڪم ڪري ٿو، ان کي جھازي يعني Sailor سڏجي ٿو. هونءَ Sailor ۽ Seaman نيوي جي جنگي جھازن تي هيٺئين عملي جون Ranks پڻ آهن. هر جهازي Seafarer به سڏجي ٿو.

سڪيورٽي انجنيئر
بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ انجنيئر ضرور جھاز تي ڇڏبو آهي. جيئن هو باهه لڳڻ جھڙي ايمرجنسيءَ کي منھن ڏيئي سگهي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سڪيورٽي انجنيئر يا سڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونيئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر به هوندو آهي. جنھن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.

انجڻ روم
جھاز جي انجڻ روم سمجهو ته پنج ڇھه ماڙ پلازا بلڊنگ آهي. جنھن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن. جھاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي، جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنھن جو هڪ هڪ سلينڊر ايڏو وڏو ٿئي، جنھن ۾ ٻه يا ٽي ماڻهو آرام سان بيھي سگهن ۽ اٺ نَو فوٽ ڊگهو ٿئي. مين انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون آهن: جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئر ڪمپريسر، ايووپريٽر، ڪولر، هيٽر، Sewage پلانٽ، وغيره.

پروپيلر
جھاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جھاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جھاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جھاز جو پنکو هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.

سيلنگ بوٽ
جيڪا ٻيڙي سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد کان اڳ پاڻيءَ جا جھاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Boat سڏبا هئا. جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن (Oars) سان هلن ٿيون، اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.

ڊراءِ ڊاڪنگ
لڳاتار سمنڊ ۾ بيھڻ ڪري جھاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea- Growth) چھٽيو وڃن، جيڪي جھاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجهن ٿيون ۽ جھاز جي رفتار ڏينھون ڏينھن گهٽجڻ لڳي ٿي. جھاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جھاز کي خشڪ گوديءَ ۾ بيھاربو آهي، جنھن کي ڊراءِ ڊاڪ Dry-Dock سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry- Docking سڏجي ٿو. هر ’ڪارگو جھاز‘ لاءِ ضروري آهي ته ان جي ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائجي ۽ مسافر جھاز لاءِ هر سال هڪ دفعو ضروري آهي.

جيٽي
بندرگاهه جو ڌڪو جنھن سان جھاز لڳي بيھي ٿو، جيٽي سڏجي ٿو. ڪن جھازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽي سان لڳل جھازن جي ڀرسان ٿي بيھندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جھاز بندرگاهه جي فلاڻي جيٽي تي بيٺل فلاڻي جھاز جي Along Side آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جھڙن مشغول بندرگاهن ۾ جھازن کي عام طرح ’الانگ سائيڊ‘ به بيھاريو وڃي ٿو. اهڙيءَ صورت ۾ جھاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾ لاهڻو پوندو آهي. بارج (Barge) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي، جنھن کي ’ٽگ بوٽ‘ يا عام لانچ ڇڪي.

ڊيرڪون
جھاز تي سامان چاڙهڻ يا لاهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جھاز تي لڳل ننڍين ڪرينن ذريعي سامان لاٿو ويندو آهي. جھاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.

ڪئبن
جھاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.

ڊيوٽي ميس
جھاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي، جنھن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو ،جنھن ۾ سڀ آفيسر گهڻو ڪري يونيفارم ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي، جنھن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ”ڊيوٽي ميس“ خبرن ۽ ڪچھري (Loose Talk) کان مشھور ٿئي. هرڪو فري اسٽائيل ۾ اتي ٻٽاڪ سٽاڪ پيو هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفا، شعر و شاعري ۽ پنھنجا پراوا Scandal آزادانھ نموني سان بيان ڪيا ويندا آهن.

برج روم
جھاز جي ڪنٽرول روم کي ”برج“ سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو ”چارٽ روم“ هوندو آهي، جنھن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگهجن. باقي برج واري سڄي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي، جيئن رات جو سامهون ايندڙ جھاز ڏسي سگهجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.

بُل ورڪ (Bullwork)
جھاز جي چوڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bull work سڏجي ٿو.

بنڪر
جھاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو، ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينھن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جھاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جوتيل ٽنن جي حساب سان وٺجي ٿو، جنھن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويھه هزار کن ٽن جھاز لاءِ اٽڪل هي تيل ورتا ويندا آهن، جيڪي مھينو کن هلن ٿا:
هيوي فيول آئل H.F.O _ ٻارهن سؤ کن ٽن.
مئرين ڊيزل آئل _ چار سؤ ٽن.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل _ هڪ ٻه ڊرم
ڪرئنڪيس آئل _ چار هزار گئلن.
سلينڊر آئل _ ٻه هزار گئلن.
ٽربائين آئل _ هڪ هزار گئلن، وغيره وغيره.

ائنڪر
جھاز جي اڳئين منھن وٽ لنگر (Anchor) ٿئي ٿو، جيڪو سمنڊ ۾ جھاز کي بيھارڻ مھل هيٺ زمين تي ڪيرايو وڃي ٿو. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جھاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جھاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس (Windlass) مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾، جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جھاز کي جيٽيءَ تي ٻڌل ڪلي سان ٻڌيو ويندو آهي. لنگر (Anchor) لاءِ مشھور ڳجهارت آهي ته اها ڪھڙي شيءِ آهي جنھن جي جڏهن ضرورت پوندي آهي ته اڇلائي ويندي آهي ۽ جڏهن ضرورت نه هوندي آهي ته پٽ تان کڻي رکي ويندي آهي.

ائنڪريج
جھاز سڄو سفر پورو ڪري جڏهن ڪنھن ملڪ ۾ پھچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گهڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ لنگر (Anchor) ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جھاز تي پَھچي، جھاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائليٽ اچي ٿو، جيڪو جھاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي اچيو بيھاري.
هر بندر گاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو جتي جھاز ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ لاءِ انتظار ڪري، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيھڻ وارو وقت جھازين لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جھاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪرڻ. سو مسافري جو ٿَڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر ناهي جھاز کي ڪڏهن اندر گهرائين جيئن ڪناري تي پير رکي سگهجن ۽ گهمي ڦري سگهجي. اڄڪلهه ڪيترائي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينھن اڌ جي انتظار بعد اندر گهرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم، جنھن ۾ ڪراچيءَ کان ڪيوبا سفر ۾ مھينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي انتظار ۾ مھيني کان به مٿي لڳي ويو. ان بعد مھيني کن لاءِ جڏهن جھاز بندرگاهه ۾ گهڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينھن به اجازت نه ڏني.
ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جھاز چار ڏينھن ائنڪر تي بيٺو، ان بعد اندر آيو.

ڊوميسٽڪ فرج
جھاز تي ٻه ٽي ڪمرا گوشت، مڇي ۽ ڀاڄي ميوي لاءِ رکيا ويندا آهن. انهن ڪمرن کي جنھن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي، ان کي ’ڊوميسٽڪ_ فرج‘ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مھينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليھه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجهي وڃي ٿي. جنھن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خراب ٿي سگهي ٿو _ جنھن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو ۽ نئين گوشت لاءِ ويجهي بندرگاهه جو رخ رکڻو پوي ٿو.

جپان بابت ڪجهه ضروري معلومات

جپان به ڪيوبا يا سنگاپور وانگر هڪ ٻيٽ نه پر، ٻيٽن جي جهڳٽي جو نالو آهي، جيئن فلپين، برطانيھ، انڊونيشيا آهي ۽ انهن ملڪن وانگر جپان کي پڻ ٻيٽائي قوم Island Nation سڏجي ٿو. جپان جو ڪو به پاڙيسري ملڪ نه آهي، جيئن پاڪستان جا هندستان، افغانستان ۽ ايران وغيره پاڙيسري ملڪ آهن يا جيئن عراق جا شام، اردن، سعودي عرب ۽ ڪويت پاڙيسري ملڪ آهن. جپان جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي، جيڪو پئسفڪ سمنڊ سڏجي ٿو.
جپان چئن مکيھ ٻيٽن تي پکڙيل آهي_ هوڪئدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو _ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن، جن مان ڪجهه هوڪئدو کان مٿي اتر ۾ آهن ۽ ٻيا بلڪل ڏکڻ ۾ آهن، جيڪي ريوڪو ٻيٽ سڏجن ٿا. هونشو ٻيٽ سڀ ۾ وڏو آهي. جنھن جي جپان جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري آهي. ٽوڪيو، يوڪوهاما، ڪوبي، ڪيوٽو، اوساڪا، نگويا، هيروشيما ۽ وڪاياما جھڙا اهم ۽ تواريخي شھر پڻ هن ٻيٽ (Honshu) تي آهن، ان ڪري هونشو جپان جو سڀ ۾ اهم ٻيٽ سڏجي ٿو. جيئن برطانيھ جو انگلينڊ آهي. جپان جا باقي ٽي ٻيٽ (هوڪئدو ، شڪاڪو ۽ ڪيوشو) ايئن آهن، جيئن آئرلينڊ، اسڪاٽلينڊ وغيره. اهڙي طرح انڊونيشيا جو به اهم ٻيٽ ’سماترا‘ آهي، جتي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا آهي. باقي ٻيا ٻيٽ جاوا، بالي وغيره ٻئي نمبر تي اچن ٿا.
جپان کي ويجهو ۾ ويجهو ملڪ ڪوريا ۽ روس آهي. ڏکڻ ۾ هونشو ٻيٽ جتي ختم ٿئي ٿو ۽ ڪيوشو شروع ٿئي ٿو، اتي شيمونو سيڪي نالي هڪ بندرگاهه آهي، جتان کان اڪثر اسان جھاز وٺي ڏکڻ ڪوريا جي ويجهي بندرگاهه ’پوسان‘ ويندا هئاسين ته ڇھه ڪلاڪ لڳندا هئا_ يعني هڪ سؤ ميل کن پري ٿيندو. اتر ۾ هوڪئدو ٻيٽ کان روس جو ’سخالين‘ ٻيٽ پنجاهه کن ميل ٿيندو. سڄي جپان جي پکيڙ ڏيڍ لک چورس ميل (پوڻا چار لک کن چورس ڪلوميٽر) ٿيندي. 1990ع ۾ جپان جي آدمشماري ساڍا ٻارهن ڪروڙ هئي.
سؤ سوا سؤ سال کن اڳ جپان ۾ جاگيرداري نظام هو. هنن پاڻ کي سڄي دنيا کان الڳ ٿلڳ رکيو. جاگرافيائي نموني سان ته ڌار هئائي، پر ڪنھن ڌارئين کي پنھنجي ٻيٽ تي اچڻ نه ڏيڻ ڪري، هنن جي تھذيب، ثقافت به پنھنجي هئي. بھرحال ويھين صديءَ جي شروع کان هو دنيا جو طاقتور ملڪ ليکجڻ ۾ آيو. اها سندس طاقت ’روس_ جپان‘ جي لڙائي کٽڻ مان پڻ ظاهر ٿي. ٻي وڏي لڙائي جيتوڻيڪ جپان هارائي. پر پوءِ سگهو ئي پيرن تي ٿي بيٺو. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ جپان جو نالو ترقيءَ جي علامت آهي. اڄ جي جپان تي مغرب جو وڏو اثر آهي. اڄ جو جپان ايڪانامي، سائنسي علم، انڊسٽري ۽ ڪارخانن جي لحاظ کان تمام اتاهون ۽ ماڊرن ملڪ آهي. ساڳي وقت جپاني دنيا جي جهوني ۾ جهوني قوم آهي، جتي اڄ به دنيا جو پراڻو ڪلچر، تھذيب ۽ ثقافت قائم دائم آهي، جنھن جا اهڃاڻ جپاني ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ مان نظر اچن ٿا. جپان جي ٻھراڙيءَ جي سونھن دنيا ۾ مشھور ترين آهي. جپان جي گاديءَ جو هنڌ ٽوڪيو آهي، جنھن شھر جي آدمشماري جيتري ٻئي ڪنھن شھر جي ناهي.
جپان جابلو علائقو آهي، جنھن جو مٿيون حصو ڪنھن به پوک جي قابل ناهي. باقي ڪجهه حصي ۾ نالي ماتر ڪجهه پوک ٿئي، جيڪا پڻ جپان جي آدمشماري جي مقابلي ۾ نه برابر آهي. سواءِ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ شيءِ جي هر هڪ ڀاڄي ڀتي، ميوو گوشت ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. باقي اهو آهي ته جپان جي چوڌاري سمنڊ آهي، جنھن جي ورلي ڪا خوشنصيب مڇي هجي، جيڪا پنھنجو طبعي موت مرندي هجي نه ته هر مڇي_ ننڍيءَ توڙي وڏيءَ جو انت جپانيءَ جي پيٽ ۾ ٿئي ٿو. پوءِ ڪنھن جو رڌڻي جي ديڳڙيءَ معرفت، ته ڪنھن جو ڊائريڪٽ ئي ڊائريڪٽ، ڇو جو جپاني ڪيترن ئي مڇين جا قسم ڪچا ئي کائين ٿا، جنھن کي (يعني ڪچي مڇيءَ جي ڊش کي) ساشامي سڏجي ٿو.
جپان زلزلن ۽ ٻرندڙ جبلن (Volcanoes) جو ملڪ آهي. هن ويھين صديءَ ۾ عمارت سازيءَ جا نت نوان طريقا نڪرڻ ڪري جپان ۾ عمارتن جو بچاءُ ٿي ويو آهي نه ته هر وقت ايندڙ زلزلن ۾ جايون جڳھيون اچي ڦھڪو ڪنديون هيون. سڄي جپان ۾ هر سال اٽڪل ڏيڍ هزار زلزلا اچن ٿا. ٻه سؤ کان مٿي آتش فشان جبل آهن، جن مان سٺ کن تمام Active آهن. مون کي ياد آهي ته ڪيوشو ٻيٽ تي ڪاگوشيما نالي بندرگاهه ۾ جڏهن به اسان جو جھاز بيھندو هو ته سامهون ٻرندڙ جبل مان هر وقت وهندڙ لاوا ۽ نڪرندڙ دونھون ايندو رهندو هو. هڪ دفعي ته هفتو کن هئاسين، سڄو هفتو ان جبل جي چوٽيءَ تان دونھون ۽ باهه جا اُلا نڪرندا رهيا. انهن جبلن ۾ سڀ کان وڏو جبل فوجي Fuji آهي، جنھن کي جپانيءَ ۾ ’فوجي ياما‘ سڏجي ٿو. (ياما معنيٰ جبل) پر ڪيترا کيس ’فوجي سان‘ به سڏين. جپاني ۾ ’سان‘ (San) لفظ ايئن آهي، جيئن اسان وٽ ’جناب‘ يا ’شريف‘ يا جيئن انگريزن وٽ ’مسٽر‘ يا ’اسڪائر‘. بھرحال انگريز يا اسين ته اهي لفظ ماڻهوءَ (مرد) سان هڻون ٿا پر جپاني انج اءِ يا شيءِ لاءِ به San جو لفظ استعمال ڪن، جنھن لاءِ عزت يا احترام جو اظھار ڪن. جيئن پاڻ وٽ ’سيوهڻ شريف‘، ’درگاهه شريف‘ وغيره چيو وڃي ٿو. فوجي جبل جي چوٽي 12365 فوٽ آهي. اها اوچائي ياد رکڻ سولي آهي. سال ۾ ٻارهن مھينا جن جا ٿيا 365 ڏينھن.
جپان ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن پر پاڪستان، ڀارت يا مصر جھڙن ملڪن جا رهاڪو جپان جي ندين کي ڪا خاص اهميت نه ڏيندا. ڇو جو سنڌو ندي، گنگا، جمنا ۽ نيل ندين جي مقابلي ۾ هي بنھه ننڍيون آهن. هِتان هُتان جبلن مان نڪريو ڌو وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. انهن ندين جو پاڻي مٽيءَ ۽ لٽ (Silt) هجڻ بدران صاف ۽ شفاف آهي، جو هيٺان ريتي ۽ پٿرائين زمين آهي. ٽي وڏيون ۽ اهم نديون هي آهن: ’شانو‘، جيڪا 230 کن ميل آهي. ’اِشي ڪاري‘، جيڪا پڻ ايتري ئي ڊگهي آهي ۽ ٽين ٻه سؤ کن ميل ڊگهي ’توني‘ ندي آهي.
جپان جي چئن وڏن ٻيٽن جي چوڌاري سامونڊي پٽو (Coast-line) ماپيو وڃي ته پنج هزار ميل_ يعني اٺ هزار کن ڪلوميٽر ٿئي ٿو. جيئن ته جپان ۾ ڪا خاص پوک ۽ ٻني ٻارو ناهي، ان ڪري جپان جو سامونڊي ڪنارو جپانين لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ هر هڪ ماڻهو سامونڊي ڪناري جي ويجهو رهي ٿو. پر جپاني ٻيٽن جو هي ڪنارو ڪيترن هنڌن تي جھازن لاءِ بيحد خطرناڪ آهي. سمنڊ اندر ۽ ٻاهر ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي ٽڪريون (Rocks) آهن، جن سان پاڻيءَ جا وڏا وڏا جھاز ٽڪرائجيو ڇيتيون ڇيتيون ٿيو پون. مٿان وري سخت طوفان لڳن ٿا. ان کان علاوه سمنڊ اندر پھرين جا ٻڏل جھاز پڻ نيويگيشن ۾ مسئلو پيدا ڪن ٿا. جپاني ماڻهو ننڍي هوندي کان انهن لھرن ۽ طوفانن جو مقابلو ڪري ڪري سخت جان ٿي ويا آهن. جپانين وانگر انگريزن جو به وڏو واهپو سمنڊ سان رهيو آهي. پر تيستائين جيستائين ايشيا ۽ آفريڪا ۾ هندستان، نائيجيريا، ڪينيا جھڙن ملڪن تي قبضو نه ڪيو هون. ان بعد رڳو کين جھاز هلائي انهن ڪالونين تائين پھچڻو پيو ٿي، پر جپانين کي کاڌي خوراڪ لاءِ سمنڊ سان ويڙهاند جاري رکڻي پئي ٿي. هاڻ (ٻي جنگ عظيم کان پوءِ) هو ايجاد ڪيل ڪارن، ڪمپيوٽرن، ٽيليويزنن، ڪئميرائن ۽ ڪئلڪيوليٽرن جو کٽيو کائي رهيا آهن.
جپان جي چئن وڏن ٻيٽن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ اچي ٿو، اهو ٻارهوئي ماٺو رهي ٿو. ان کي اندريون سمنڊ Inland Sea سڏجي ٿو. اسان جي_ بلڪ اسان جي ڪمپني جي (يا کڻي چئجي ته جھازن جي مالڪن جي) اها ڪوشش رهندي آهي ته اسان جپان جي هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه تائين وڃڻ لاءِ به ٻاهريون (يعني کليل) سمنڊ وٺي وڃون. ڇو جو اندرين سمنڊ ۾ ننڍن وڏن جھازن، ٻيڙن ۽ بتيلن جي ٽرئفڪ گهڻي رهي ٿي ۽ اندرين سمنڊ ۾ هلڻ لاءِ جپان حڪومت طرفان ضروري ڪيو ويو آهي ته اسان مقامي سونھون Local Pilot کڻون ۽ جيئن ته هنن پائليٽن جي في ڳري ٿئي ٿي، ان کان علاوه اندرين سمنڊ مان هلڻ ڪري حفاظتي بتين Navigational Lights جي مدد وٺڻي پوي ٿي _ جنھن جي پڻ ڳري في آهي ۽ جھاز جا مالڪ ڪيٻائين ٿا. پوءِ جڏهن سخت طوفان هوندو آهي ته پوءِ ڪجهه مرچ مسالا وجهي مالڪن کي وائرليس ذريعي آگاهه ڪبو آهي ته سخت طوفان لڳي رهيو آهي، يا لڳڻ وارو آهي، جھاز طوفان جي اک (Centre) ۾ ڦاسڻ وارو آهي. ڪنارو سخت پٿرائون (Rocky) آهي، ان ڪري ڪنارو ڏئي هلڻ ۾ به سلامتي ناهي، سمنڊ به رف آهي ۽ جھاز جي گهڻي لڏڻ (Rolling) ڪري ڪارگو کلڻ وارو آهي _ پوءِ مالڪ/ ڪمپني اسان کي جپاني پائليٽ وٺي اندرين سمنڊ مان هلڻ لاءِ هائوڪار ڪندي آهي. ڇو جو ٻي صورت ۾ جھاز ٿو ٻڏي _ سامان سميت. ۽ پوءِ گهت هڻي اندرين سمنڊ ۾ گهڙي پوندا آهيون ۽ ڪجهه دير اڳ واري جيڪا قيامت صغرا هوندي آهي، ان کان جان بچي ويندي آهي _ طوفان ۽ رف سمنڊ کان به ته جھاز هلائڻ جي جوابداريءَ کان به. پوءِ پائليٽ ڄاڻي ان جو ڪم ڄاڻي. اوير پھچائي سوير پھچائي. ڪمپنيءَ جي پڇاڻي کان اسان جھازي (خاص ڪري نيويگيشن آفيسر) آجا هوندا آهيون. سو جپان جي جابلو ۽ اڻ سڌي ڪناري جون سڌيون اسان جھڙن جھازين کان به پئجي سگهن ٿيون.
• جپان جي موسم ڪجهه راولپنڊي اسلام آباد جھڙي آهي. خاص ڪري ڏاکڻين حصن جي. اتر واري ٻيٽ هوڪئدو ۾گهڻي ٿڌ آهي. مينھن به ٻارهوئي لڳو رهي ٿو پر ڦڙ ڦڙ وارو وڻندڙ وسي ٿو ۽ نه بنگلاديش ۽ پنجاب وارو _ يعني هڪ ئي وقت وڏ ڦڙو ۽ ٻوڙ ٻوڙان وارو. سياري ۾ برف باري پڻ ٿئي ٿي.
• جپان جا ماڻهو هڪ ٻئي کان کڻي ٿورو گهڻو شڪل شبيھه يا ڳالهائڻ ۾ مختلف هجن، پر عام طرح منجهن ساڳيائپ تمام گهڻي آهي. اتر کان ڏکڻ تائين تھذيب، ثقافت، ڪلچر، زبان ۾ هڪ ئي قوم آهي. ڌارين جو مٿن تمام گهٽ اثر آهي. انسائڪلوپيڊيا مطابق سڄي جپان ۾ ست لک کن ڌاريا ماڻهو آهن. جن مان به نوي سيڪڙو سندن پاڙيسري ملڪ ڪوريا جا آهن. جپانين ۾ ڪي خاص الڳ ٿلڳ قبيلا (Sub Groups) نه آهن _ سواءِ اينو، ايتا ۽ اوڪيناوين جي. اينو Aino جپان جا ايئن آهن جيئن آمريڪا جا ريڊ انڊين يا آسٽريليا جا ابورجنيز(Aborigines) . اهي ٻارهن هزار کن ٿيندا ۽ جپان جي اتراهين ٻيٽ هوڪئدو ۾ رهن ٿا. اڄ جو اينو پنھنجي ڏاڏي پڙ ڏاڏي کان وڌيڪ هڪ عام جپانيءَ سان گهڻي مشابھت رکي ٿو ۽ هو آهستي آهستي پنھنجي اصليتIdentity وڃائي رهيو آهي. ايٽا هڪ هيٺاهون ڪلاس سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو جپانين مان ئي پيدا ٿيو . اٽڪل ٽيھه لک کن جپاني ايٽا ڪلاس سان واسطو رکن ٿا. ريوڪو ٻييٽن تي رهندڙ جپاني اوڪيناوين سڏجن ٿا. هنن جي زبان ٻين جپانين کان ڪجهه مختلف آهي. پر هاڻ اسڪولن ۾ ساڳي پڙهائي ٿيڻ ڪري ڪيترائي اوڪيناون جپاني ڳالهائين ٿا.
ٻي جنگ عظيم تائين جپان ۾ ٻه مذهب عام هئا، ٻڌ ڌرم ۽ شنتو. شنتو ڌرم ۾ پنھنجن وڏن جي عبادت ڪئي وڃي ٿي. ڪيترن ته ٻنهي ڌرمن سان واسطو رکيو ٿي. هاڻ مڙيئي جپان ۾ عيسائيت وڌندي پئي وڃي _ پر فقط ظاهري طرح. رڳو ڪرسمس ۽ ايسٽر جھڙا ڏينھن ملهائڻ تائين. عرب ملڪن ۽ پاڪستان جا عالم جپان ۾ به اسلام جي پرچار ڪري رهيا آهن. ٽوڪيو ڪوبي جھڙن شھرن ۾ مسجدون به آهن. پر يارو! جپاني جن کي شايد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هڪ دفعي Economical Animal چيو هو، ان جو صحيح معنيٰ ۾ دين ڌرم پئسو آهي. پورهيو ۽ ڪمائي آهي. ٽيڪنالاجي ۽ سائنس آهي. پنھنجي مالڪ/ ڪمپني سان وفادار ٿي رهڻ آهي. منھنجو به جپان ۾ ڪيترائي سال واسطو رهيو پر جپانين جو مذهب سان (پوءِ اهو ڀلي ٻڌ ڌرم هجي يا اسلام يا عيسائيت) اهو واسطو ۽ الڳ لاڳاپو ناهي، جيڪو ٻين ايشين، يورپين ، آمريڪن، آفريڪن جو آهي. ان معاملي ۾ به هو دنيا کان نرالا آهن.

نئون جھاز وٺڻ _ عورت ۽ جھاز جي ڊليوري ۾ فرق

اسان جو هي جھاز ”ايم. وي. مالاڪنڊ“ جپان جي هڪ وڏي شپ يارڊ I.H.I (اشيڪاوا جيما_ هريما_ هيوي انڊسٽريز) ۾ ڇھه مھينا کن اڳ ٺھي راس ٿيو ۽ اسان جي حوالي ڪيو ويو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو شھر ۾ آهي. ٽوڪيو جو مشھور علائقو گِنزا، آئي. ايڇ. آئي. شپ يارڊ کان ڏهه پنڌرهن منٽن جي فاصلي تي آهي، جتي اسان جي رهڻ جو به بندوبست هو. هي جھاز سڄو آٽوميٽڪ ۽ يو. ايم. ايس (Un Manned- Ship) ڪلاس جو آهي. سندس انجڻ هن شپ يارڊ جي برانچ ”آيوئي“ ۾ ٺھي، جيڪو شھر هتان کان ڇھه سؤ ميل کن پري اوساڪا ۽ هميجي جي ڀر ۾ آهي.
هونءَ نوان جھاز وٺڻ جا موقعا هن کان اڳ به مليا اٿم، پر هن دفعي ٽريننگ وٺڻ جي ڪري چڱا مھينا جپان ۾ اتي جي ماڻهن سان گڏ رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو ۽ تجربو ٿيو آهي. هتي سڀ کان اڳ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون کي موڪليو ويو. مون سان گڏ هڪ سينئر اليڪٽريڪل انجنيئر اڪبر به هو. ڪجهه ڏينھن بعد چند ٻيا انجنيئر: سيڪنڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر ۽ جونيئر اليڪٽريڪل انجنيئر پڻ ڪراچي آفيس کان ٽوڪيو موڪليا ويا. باقي عملو جھاز ٺھي راس ٿيڻ تي آيو هو. جھاز جي ”ڊليوري“ جي رسم لاءِ ان ڏينھن وزير مواصلات محي الدين بلوچ صاحب پاڪستان کان آيو. سڄو ڏينھن فنڪشن هلندو رهيو. جھاز تان جپاني جهنڊو لٿو ۽ پاڪستاني چڙهيو. ٽوڪيو جي اسلامڪ سينٽر جي ڊائريڪٽر صديقي صاحب ترجمي سان قرآن حڪيم جي آيتن جي تلاوت ڪئي. پاڪستاني سفير قمر اسلام صاحب، ڪائونسلر قاضي صاحب، اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جو چيئرمئن ائڊمرل ڀومڀل صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي پاڪستاني ان موقعي تي موجود هئا. لنچ بعد جھاز جي انجڻ هلائي وئي ۽ جپاني گانن بدران پھريون دفعو پنھنجا گانا وڄائيندي جھاز کي سندس ڄم جي جاءِ _ شپ يارڊ جي ڌڪي کان پري ڪري، ٻاهر ڪڍيو ويو. ڪارخاني جي سوين مزدورن، جن ڏينھن _رات شفٽون ڪري، اَٺ نَو مھينا لڳاتار هن جھاز کي ٺاهڻ ۾ لڳايا هئا، سي سڀ هاڻ ڪارخاني جي دڪي، ڏاڪڻين، پراچن ۽ تختن تي قطارون ٺاهي، هٿ لوڏڻ لڳا. جيئن ئي جھاز پري ٿيڻ لڳو ته انجڻ جو جپاني انچارج ’تڪاهاشي سان‘، اليڪٽرڪ جو ’ڪواموتو سان‘، ڪئالٽي ڪنٽرول جو ’هنادا سان‘ ۽ ’تڪازاوا سان‘ سان گڏ شپ يارڊ جي مختلف ادارن جا انچارج جن هن جھاز تي ڪم ڪيو ۽ ٻيا مزدور جن هينئر هينئر اسان کي الوداع پئي ڪيو سي آهستي آهستي پھرين اڻ چٽا، پوءِ ڌنڌلا ٿي ويا.
ٿلهو تڪاهاشي، جيڪو هر وقت کلندو رهندو هو، آخري ٻه ڏينھن ته هر وقت ڀاڪر پائي چوندو هو: ”چيف سان (صاحب) اوڪي؟ هاڻ ته جھاز ۾ ڪا غلطي نه رهي آهي. هجي ته ٻڌاءِ. هونءَ سال جي گئرنٽي آهي ۽ سڄو سال ٻڌل آهيون_ پھرين ڊرائي ڊاڪنگ تائين.“
ڪيتري به محنت، ڪوشش ۽ اڳ جي تياري هوندي به هڪ گهر ٺھڻ تي به ان ۾ ڪيئي ننڍيون وڏيون خاميون نڪري سگهن ٿيون. ڪا ڪُنڊ ٺيڪ ناهي، ڪو شيشو يا ڪٻٽ صحيح ناهي، ڪنھن بلب جو سئچ هيٺ ڪرڻ سان تار ڳنڍجڻ ڪري، پنکو به هلي رهيو آهي. ڪو نلڪو ڍلو رهجي ويو آهي، ڪٿي رنگ صحيح نه بيٺو آهي، وغيره. اتي هڪ جھاز جنھن ۾ ڪئين ڪمرا ٿين ٿا، ان ۾ ظاهر آهي ته ڪجهه نه ڪجهه غلطيون ضرور رهجيو وڃن. آخري مھينو ته ڊوڙ ڊوڙان جو ٿيندو آهي_ خاص ڪري چيف انجنيئر لاءِ جو جھاز جي ’ڊليوري‘ (شپ يارڊ کان ٻاهر نڪرڻ) بعد سڄي جوابداري چيف انجنيئر جي ٿيندي آهي ۽ مون نٿي چاهيو ته ڪا به اهڙي خامي يا کوٽ جيڪا چيف انجنئير جي حيثيت ۾ منھنجي ڌيان ۾ اچي ان جي درستي ٿيڻ رهجي وڃي. ان سلسلي ۾ منھنجو سڌو واسطو ’تُڪاهاشي سان‘ (تڪا هاشي صاحب) سان هوندو هو. ڏينھن ۾ ڪيترائي دفعا ميٽنگ ٿيندي هئي، ۽ ڪيترائي دفعا بحث هلندو هو: فلاڻي مشين جي Ventilation صحيح طرح ناهي، فلاڻي پائيپ جي Lagging اڃا به بھتر ٿيڻ کپي. انجڻ جي فلاڻي حصي جي بلو ڪاپي کٽل آهي. جھاز لاءِ تيل وٺڻ جي سسٽم ۾ خامي آهي، سئيز ڪئنال مان لنگهڻ لاءِ سئيز لائيٽ جو سئچ ڀڳل آهي، ڪرين جي فلاڻي پريشر سئچ جو ڊايا فرام ڦاٽل آهي ۽ سالونائيڊ والو رنڊجي ٿو. ويلڊنگ لاءِ هڪ خاص آڪسيجن ۽ ائسيٽلين جو سلينڊر وڌيڪ ڏيڻو اٿانوَ _ ۽ ٻيا سوين ڪم ۽ شيون.
پوءِ جپاني انجنيئر تڪا هاشي انهن مان ڪن لاءِ ان ئي وقت هائوڪار ڪندو هو، ته ڪن لاءِ بحث مباحثي بعد مطمئن ٿيڻ کان پوءِ، ۽ ڪن ۾ هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Specification ۾ ناهي ۽ شپ يارڊ انهن شين لاءِ ٻڌل ناهي. ۽ اهو Specification جو ڪتاب _ جنھن ۾ جھاز ٺھڻ جو مڪمل معاهدو، هڪ هڪ ڪوڪي ۽ ڪُنڍي جي ماپ ۽ تور کان ويندي ماڻهن جي رهڻ لاءِ هنڌ بسترن، چادرن، ٽوالن جي ڪوائلٽي ۽ سائيز اڳواٽ طئي ڪيل ۽ لکيل ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ هزار کن صفحن جو ٿئي ٿو. اهو ڪتاب کلندو هو. صفحا اٿلندا پٿلندا هئا، ۽ ان موجب ئي آخري فيصلو ۽ عمل ٿيندو هو.
ٻين جپانين وانگر تڪا هاشي پڻ جتي پنھنجي ڪمپنيءَ کي نقصان کان بچائيندو هو اتي کيس اهو به احساس هو ته ڪا به جھاز ۾ اهڙي ڳالهه نه رهجي وڃي، جنھن ڪري سندس ڪمپني ۽ ملڪ جي گِلا ٿئي. اهو ئي احساس هڪ اهڙو آهي، جنھن جپانين کي ترقي ڏياري آهي. آخري ڏينھن دل جي ڳالهه ڪيائين: ”هي آخري سڄو مھينو هڪ ڏينھن به موڪل نه ڪئي اٿم ۽ نه گهر ويو آهيان ۽ هي آخري هفتو ته پوري طرح ننڊ به نه ڪئي اٿم. هاڻ توهان جھاز کڻي اسھو ته پوءِ سڪون سان ننڊ به ڪيان ته زال ۽ ٻارن سان به وڃي ملان.“ ۽ پوءِ چرچو ڪري چوڻ لڳو: ”اها حالت ٿي ڪري جھاز جي ڊليوري. ڇا ڪريان وڏي دائي جو ٿيس.“
”پر جھاز ۽ ٻار جي ڊليوري ۾ اهو فرق آهي ته،“ مون وراڻيومانس: ”ٻار جي ڊليوري ۾ ماءُ کي سور اڳ ٿا ٿين ۽ جھاز جي ڊليوري ۾ سور ڊليوري کان پوءِ سمنڊ تي چيف انجنيئر کي ٿا ٿين _ جيسين جھاز ڪجهه مھينا هلي وڃي Seasoned ٿئي، تيسين ننڊون حرام.“
”يار، ’چيف_ سان‘ (چيف صاحب) پرواهه نه ڪر. اسان جي تيار ڪيل جھاز جي ڊليوري نارمل رهندي. اڻانگي سيزيرين ٽائيپ نه ٿيندي. جپاني وڏا جھاز ساز آهن.“
ان آخري جملي تي آئون طنزيھ کلي چوندو هومانس: ”تڪاهاشي سان! گستاخي معاف. جپانين جيڪو پھريون جھاز ٺاهيو هو...“
اها ڳالهه کيس نه وڻندي هئي ۽ اڌ ۾ ڪٽي چوندو هو، ”يار اها ڳالهه نه ڪر.“
جپاني حقيقت ۾ اصل کان جھاز ساز نه هئا. جيئن عرب، اسپيني، پورچوگيز وغيره آهن يا جيئن سئٽزرلئنڊ وارا واچون ٺاهڻ ۾ آهن. هالينڊ وارا سمنڊ ڀرڻ ۾ ۽ چيني رانديڪا ٺاهڻ ۾. جپانين ته ڪئميرائن، ڪارين ۽ واچن کان وٺي پليون، ڪئنال ۽ جھاز ٺاهڻ جو ڪم هاڻ شروع ڪيو آهي. ۽ جڏهن سندن پھريون وڏو جھاز ٺھي راس ٿيو ۽ سمنڊ ۾ لاٿو ويو ته سڌو ترڻ بدران، پاسيرو ٿي ٻڏي ويو. اها ڳالهه جپانين لاءِ جيتوڻيڪ افسوس جھڙي هئي، پر هنن آڻ نه مڃي. سخت محنت ۽ اڻورچائيءَ سان لڳا رهيا. اڄ جپان، دنيا جي مقابلي ۾، ذري گهٽ هر شيءِ سٺي، سستي ۽ نئين نموني جي پيش ڪري رهيو آهي. چاهي ٻارن جي پيئڻ جو کير هجي يا کڻي هي پربت جھڙا پاڻيءَ جا جھاز، جنھن ۾ سڀ سامان ڪنڍي ڪڙي، هنڌ بستري کان وٺي اليڪٽرانڪ جو سامان، جپاني آهي. جنھن جي هر شيءِ منيئچرائيزڊ، موٽرائيزڊ، ڪمپيوٽرائيزڊ، مانيٽرائيزڊ ۽ ڊايوڊ ڊرون آهي. هي سڀ جپاني ٽيڪنالاجي جو ڪمال آهي، جيڪو عروج جپان چند سالن ۾ حاصل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي اهڙي غربت واري حالت وڃي ٿي هئي، جھڙي پساهه کڻندڙ مريض جي. جپان اسان جھڙن ٽيڪنيڪلي پٺتي پيل ملڪن لاءِ جيئرو جاڳندو مثال آهي. جپان ۾ قدرتي ڌاتو يا پوک جي لاءِ زمين نه برابر هوندي به، محنت سان ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترو نه اڳتي نڪري ويو آهي!

ٽوڪيو جي هڪ ئي عمارت هوٽل، هاسٽل ۽ گهر.

ڌوٻياڻيءَ تي هئي بھار

ٽوڪيو ۾ رهڻ لاءِ پھرين اسان کي چيو ويو هو ته رهائش جو اسان کي پاڻ بندوبست ڪرڻو پوندو ۽ ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تي لھڻ تائين، هوائي جھاز ۾ به اهو ئي سوچيندا رهياسين ته ٽوڪيو ۾ ٻه مھينا کن ڪھڙي هوٽل ۾ رهجي؟ يا ته ڪنھن هاسٽل يا گهر ۾ پيئنگ گيسٽ ٿي گذارو ڪجي.
شپ يارڊ جنھن ۾ اسان جو نئون جھاز ٺھي رهيو هو، سو شھر ۾ ئي آهي. اڃا به شھر جو وچ کڻي چئجي، جتي ٽوڪيو جو خوبصورت علائقو گنزا آهي. ان جي ڀر واري علائقي هرومي ۾ آهي. شپ يارڊ جي ويجهو رهڻ ۾ اهو فائدو آهي ته صبح جو سوير ڊيوٽي تي پھچي سگهياسين ٿي. پر شپ يارڊ جي ڀر واريون سڀئي هوٽلون: ‘گنزا ڊائي اچي‘، ’گنزا ٽوڪيو‘، ’شمباشي ڊائي اچي‘ هوٽل کان وٺي ’شيبا پارڪ‘، ’پرنس‘ ۽ ’پئلس‘ هوٽلون، شھر ۾ هجڻ ڪري پري جي هوٽلن کان گهڻيون مھانگيون آهن _ رهائش کان به ته ماني ٽڪيءَ جي خيال کان به ۽ جي پيئنگ گيسٽ هائوس ڪو ملي ٿو وڃي ته شھر کان ٿورو پري ئي سھي (جنھن لاءِ صبح جو ٿورو سوير کڻي اٿڻو پوندو ۽ جپان ۾ بس ۽ ريل گاڏيءَ ۾ ڪٿي به پھچي سگهجي ٿو) پر سڀ ۾ بھتر رهندو ۽ اهو فائدو به ٿيندو جو اتي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي مرضيءَ سان پاڪستاني کاڌو رڌي سگهبو _ جنھن لاءِ اسان جو اليڪٽريڪل انجنيئر ڪراچيءَ کان نڪرڻ وقت جيتوڻيڪ پنھنجي يونيفارم جي ٽوپي ۽ ٽٿ برش وساري هليو، پر ڳاڙها مرچ، هئڊ، کٽاڻ لاءِ ڏاڙهونءَ ڪڻ، پلاجيري _ ۽ ٻيو خبر ناهي ڪھڙو ڪھڙو گرم مسالو، سڀ ياد ڪري کڻي نڪتو.
ٽوڪيو پھچي معلوم ٿيو ته شپ يارڊ وارن اسان جي سھوليت لاءِ (جيتوڻيڪ اسان جي خرچ تي) رهائش جو بندوبست، شپ يارڊ جي ڀرسان ئي ”ٽوڪيو_ ريو“ نالي عمارت ۾ ڪيو آهي. اسان کي به ٻيو ڇا ٿي کتو! انڌو گهري هڪ اک هتي ته ٻئي ٿي مليون.
پنج ماڙ ” ٽوڪيو ريو“ بلڊنگ کي هوٽل به چئي سگهجي ٿو ته هاسٽل به. منجهس هوٽل جيان سنگل ۽ ڊبل ڪمرا هئا. هر ماڙ تي ڏهاڪو ڪمرا جپاني اسٽائيل جا هئا ۽ ٻيا ويھه کن مغربي نموني جا. هر ڪمري ۾ ريفريجريٽر، وال ٽُ وال ڪارپيٽ، ڊبل پلنگ، وڏو ڪٻٽ، لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ڪرسي ۽ لئمپ، ايئرڪنڊيشنر، ۽ اسان جي مغربي نموني جي ڪمرن ۾ ٽي وي ۽ باٿ روم به هو. باقي جپاني طرز جي ڪمرن۾ رهندڙن لاءِ (جن ۾ جپاني ئي رهيل هئا)، هر ماڙ تي گڏيل ٽي وي لائونج ۽ هيٺ پبلڪ باٿ هو. هوٽل وانگر روم مئڊ Room Maid ، روز صبح جو ڪمرو ٺاهي، ٽوال چادرون بدلائي ويندي هئي ۽ شام جو گرم پاڻيءَ جو ٿرماس ڀري رکي ويندي هئي.
ساڳي وقت اسان جي هن رهائشگاهه ’ٽوڪيو ريو‘ Tokyo – Ryo جا ڪجهه قاعدا قانون پڻ هئا، جن جي لسٽ هر ڪمري ۾ ڀت تي لڳل هئي، جن ڪري ٽوڪيو ريو هوٽل نه پر هاسٽل لڳي ٿي. قانونن جي ڊگهي لسٽ ۾ اهو به هو ته رات جو ٻارهين کان پھرين واپس پھچڻو آهي نه ته مکيھ دروازو بند ٿي ويندو. (ايمرجنسي يا مجبوريءَ جي حالت ۾ در کولڻ لاءِ شپ يارڊ جي چوڪيدار کي وٺي اچي سگهجي ٿو. جنھن وٽ ٻي چاٻي آهي).
• ماني لاءِ هڪ ڏينھن اڳ ٻڌائڻو پوندو ته فلاڻو يا فلاڻو ويلو سڀاڻ کائيندس يا نه کائيندس . مھمان به ڪو هوندو يا نه.
• ڪنھن به مھمان ڇوڪريءَ کي اندر ڪمري ۾ ڏينھن يا رات جو آڻڻ جي اجازت نه آهي.
• هيٺئين فلور تي باٿ روم ۽ ڊانسنگ ڪلب (جنھن ۾ ڪافي، چانھه، سافٽ ڊرنڪ به ملي ٿي) فقط شام جو چار پنج ڪلاڪ کلندو. باقي ڪنھن به مھل، شيءِ لاءِ رکيل آٽوميٽڪ ڪٻٽن (Vending Machines) ۾ پئسا وجهي ڪوڪا ڪولا، فانٽا کان آئيسڪريم، گرم ڪافي تائين، ۽ پٽاٽو چپس، فرائي پيز کان کاڄا، پستا، چاڪليٽ ٽافيون _ اٽڪل سٺ کن مختلف شيون ڪڍي سگهياسون ٿي. اهي ڪٻٽ جپان ۾ Jidohanbaiki سڏجن ٿا.
ڪن ڪن ڳالهين ۾ ’ٽوڪيو ريو‘ هاسٽل ۽ هوٽل کان علاوه پيئنگ گيسٽ هائوس به لڳو ٿي. اهو ائين جو هر ماڙ تي هڪ وڏو رڌڻو به هو جنھن ۾ ڇھه کن گئس جا چلها لڳل هئا. نه فقط ايترو پر رڌ پچاءَ لاءِ سڀني قسمن جا ديڳڙا، پتيلا، ڪڻڇيون، ٽڦڻيون، ويندي ڪانٽا، ڇريون ۽ ڪِن ڪچري لاءِ دٻو، ٿانون ڌوئڻ لاءِ برش ۽ صابڻ هئا. باقي ٿالهيون پنھنجيون آڻڻيون پونديون هيون. صابڻ به پنھنجو آڻڻو هو پر خبر ناهي ڪو خدا جو بندو، هڪ ختم ٿيڻ تي ٻِي بوتل آڻي رکندو هو. سڀ استعمال ڪندا هئا ته به ٻه هفتا کن هلي ويندو هو.
ان کان علاوه ’ٽوڪيو ريو‘ جي کُڏَ تي ڇھه کن، ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ واشنگ مشينون ۽ سڪائڻ لاءِ ڪيتريون ئي رسيون لڳل هيون، جن تي هر قسم جا ڪپڙا_ بئالر سوٽ ۽ پينٽ بشرٽن کان عورتن جا اسڪرٽ، ڪِمونا ۽ باڊيون ڪڇا سڪندا رهيا ٿي. ڪپڙن کي استري ڪرڻ لاءِ هيٺ بُهري (Basement) ۾ وڏي پريسنگ مشينگ لڳل هئي، جنھن ۾ يڪو ڪپڙو هڪ ئي وقت استري ٿي ٿي ويو. يا ٻي صورت ۾، فرنٽ ڊيسڪ تان رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ کان استري وٺي، ڪمري ۾ ڪري سگهياسين ٿي.
رسيپشن کي جپان جي هر هوٽل ۾ ’فرنٽ ڊيسڪ‘ سڏين. جپان ۾ هر هوٽل، هوسٽل، وڏي اسٽور، آفيس جي در وٽ ’فرنٽ ڊيسڪ‘ ضرور نظر ايندي، جتي رسيپشنسٽ ڇوڪري، آيل مھمانن جي آڌرڀاءُ ۽ رهبري لاءِ وهي ٿي. ’ٽوڪيو ريو‘ جي رسيپشن (فرنٽ ڊيسڪ) تي هر وقت ٻه کن ڇوڪريون يا ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرا هن هاسٽل نما هوٽل ۾ رهندڙن جي مدد لاءِ حاضر هوندا هئا، جي سڀ پارٽ ٽائيم جاب ڪندا هئا. هڪ ٻن کان سواءِ ٻيا سڀ ٽوڪيو جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا. رات جو جڏهن فون ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جَهڪي ٿيندي هئي ته ڪو پوليٽيڪل سائنس جو ڪتاب ته ڪا گائناڪالاجي جا نوٽس ويھي پڙهندي هئي. ڪو پنھنجي ٿيسز ويٺو مڪمل ڪندو هو ته ڪو انجنيئريءَ جو شاگرد مشين ڊرائنگ ويٺو ٺاهيندو هو.
اچڻ ۽ وڃڻ وقت فرنٽ ڊيسڪ تي اسان کي ٻڌائڻو پوندو هو ۽ چاٻي ۽ ڪنھن کان آيل فون يا چٺيءَ بابت پڇڻو پوندو هو. ٽوڪيو ريو ۾ رهندڙن لاءِ ڪپڙا ٻاهران ڌئارڻ جو به بندوبست هو. روز شام جو هڪ ٿلهي صحتمند ڳاڙهن ڳٽن واري ڌوٻياڻي ڪپڙا کڻي ويندي هئي ۽ سستي اگهه تي ڌوئي ٻئي ڏينھن ڏئي ويندي هئي. ڌوٻياڻيءَ جو اگهه يعني ڪپڙا ڌوئڻ جو ايترو ته سستو هو، جو ڪراچيءَ جي ڪيترن ڊرائي ڪلينرس جا ان مقابلي ۾ اگهه وڏا آهن. بارش هوندي هئي ته فرنٽ ڊيسڪ تان ڇٽي به ملندي هئي _ جا بارش بند ٿيڻ تي، اسان گهڻو ڪري شپ يارڊ ۾ يا گنزا جي ڪنھن دڪان تي وساري ايندا هئاسين ۽ هر دفعي نئين ملندي هئي. (پوءِ خبر پئي ته انهن وساريل ڇٽين مان نوي سيڪڙو وري موٽي اچن ٿيون، جو ڇٽين تي اندران ’ٽوڪيو ريو‘ جي ائڊريس هئي ۽ مختلف دڪاندار ۽ آفيسن وارا موڪلي ڏيندا هئا.)
جپان جي ٽي. ويءَ تان ڪيتريون ئي آمريڪي ۽ برٽش فلمون ۽ ٻيا پروگرام به اچن پر انهن انگريزي پروگرامن ۾ جپاني عنوان لکڻ بدران سڄو آواز جپانيءَ ۾ ڊب ٿئي. جپان ۾ ڌارين لاءِ اها سھوليت ڪئي وئي آهي ته انهن پروگرامن جو انگريزي (اصلي) آواز F. M. ريڊيو تان هلايو ويندو آهي، جيئن اسان پاران ٽي. ويءَ جو آواز بند ڪري ريڊيو جو انگريزي آواز ٻڌي سگهون. ان قسم جا ريڊيا، جپان ۾ عام طور ٽرانسليٽر (ترجمو ڪندڙ) سڏجن. جڏهن به ڪو Bilingual پروگرام انگريزيءَ ۾ ٻڌڻو هوندو هئو ته فرنٽ ڊيسڪ تان ٽرانسليٽر وٺي ايندا هئاسين. انهن سھوليتن کان علاوه ڪن ڪن ڪمرن ۾ ٽيليفون پڻ هو. جن ۾ نه هو سي هيٺ فرنٽ ڊيسڪ جي ايڪسچينج تان فون ڪري سگهيا ٿي. ڪنھن جو فون ايندو هو ته فرنٽ ڊيسڪ تان جپاني يا غلط انگريزيءَ ۾ اعلان ڪري ان کي سڏايو ويو ٿي. هر ماڙ جي هر ورانڊي ۾ ننڍڙا لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. هوٽل جي هن ايڪسچينج جي ڀر ۾ ٻه پبلڪ فون به آهن، جن ۾ سڪا وجهي ٽوڪيو ۾ يا جپان جي ڏورانھن شھرن ڏي Long Distance فون ٿي سگهيو ٿي. پاڪستان يا ٻين ملڪن لاءِ فرنٽ ڊيسڪ وارو فون استعمال ڪندا هئاسين ۽ ٻن ٽن منٽن اندر نمبر ملي ويندو هو. آپريٽر جيڪي پئسا فون تي ٻڌائيندي هئي سي به فرنٽ ڊيسڪ تي ويٺل رسيپشنسٽ کي ڏيڻا پوندا هئا. جپان مان پاڪستان فون جا، ٽي منٽن جا اٽڪل اڍائي هزار يين _ يعني سوا سؤ رپيا کن بل ايندو هو. (انهن ڏينهن ۾ اسان جي هڪ روپئي ۾ 20 يين هئا.) هانگ ڪانگ، سنگاپور لاءِ ته ان کان به گهٽ خرچ آيو ٿي.
رات جو ڏهين وڳي، فرنٽ ڊيسڪ تان آخري دفعو، لائوڊ اسپيڪرن ذريعي جپانيءَ ۾ اعلان ڪيو ويندو هو ته ”هاڻ رات جا ڏهه ٿيا آهن، سمهڻ کان اڳ ڪمري جي بتي ۽ سگريٽ وسائي ڇڏيو. صبح تائين خدا حافظ ۽ شب بخير.“ ان جپاني اعلان بعد ان جو فري اسٽائيل انگريزيءَ ۾ ترجمي جو ڪئسٽ، ٽوڪيو ريو ۾ رهندڙ غير جپانين لاءِ وڄندو هو. سگريٽ يا بتين وسائڻ بدران فقط چيو ويندو هو: سمهڻ کان اڳ هرڪو پاڻ کي ۽ پنھنجي باهه کي وسائي ڇڏي.
ان قسم جي غلط انگريزي ترجمن ۽ اسپيلنگ جا نمونا سڄي جپان ۾ جتي ڪٿي ملندا_ ويندي جپان ۾ ٺھندڙ مشينري جي ٽيڪنيڪل ڪتابن ۾ پڻ. ٽوڪيو ريو ۾ مٿي بيان ڪيل نوٽيس ۾ رات جو دير سان ايندڙن لاءِ چتاءُ لاءِ، ٻارهين کان اڳ اچي سمهڻ لاءِ لکيل هو:
All guests are requested to be united in bed before midnight.
هڪ دفعي ته ڪمال ٿي ويو، جڏهن فرنٽ ڊيسڪ تي ڊيوٽي ڪندڙ ڇوڪريءَ اسان کي ڪپڙن ڌئارڻ جي سلسلي ۾ ڌوٻياڻيءَ سان شڪايت هجڻ جي صورت ۾ ساڻس ملڻ لاءِ غلط انگريزيءَ ۾ اعلان ڪيو:
In case of problem with clothes of laundry woman, can see my front at desk.
(ڌوٻياڻيءَ جي ڪپڙن سان جي مسئلو ٿئي ته منھنجو اڳ، ڊيسڪ وٽ اچي ڏسي سگهو ٿا.)
غلط ترجمي ۽ ڌوٻياڻِيءَ جي ذڪر تي ياد ٿو اچي ته ترجمي جي معاملي ۾ اسان جا جھازي به گهٽ نه آهن. آخري ڏينھن ۾ جڏهن سڀ جھازي پھچي ويا ته هڪ ڳائڻ وڄائڻ جي محفل ۾ اسان جي پٺاڻ ٿرڊ آفيسر شڪيل بابر اڙدو گاني: ”راتين ٿي چاندني، جوڀن پي ٿي بھار.“ جو جپانين لاءِ انگريزي ترجمو هن ريت ڪيو ته:
Nights were moony and laundry woman was in full bloom.
اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين. آخرچيوسينس ته ”ميان اهو ڌوبن (ڌوٻياڻي) نه پر جوڀن اٿئي.“
”جوڀن ڇا ٿيندي آهي_؟“ هن ڪاوڙجي چيو.
”توهان کي به ترجمي لاءِ پٺاڻ مليو. ڪو اهل زبان نه مليو.“ جواب بدران وري پٺيان ڪنھن سوال ڪيو. ’ٽوڪيو ريو‘ جي ميس ۾ ماني کائڻ جا وقت ايترا ته سخت ۽ ٿوري وقت لاءِ هئا، جو اسان کان ڪيترا ويلا ڇٽي ويندا هئا يا پھچندي پھچندي ايڏي دير ٿي ويندي هئي جو ميس جا ٿانوَ پيا ڌوپندا هئا يا ته ٻئي ويلي جو وقت ويجهو ٿي ويندو هو. مثال طور: لنچ جو وقت ٻي کان ٽين تائين هو ۽ ڊنر جو پنجين کان ڇھين تائين. ڪڏهن ڪڏهن شپ يارڊ ۾ جھاز جي ڪم ۾ ايترو ته ڦاسي پئبو هو جو لنچ لاءِ ميس ۾ ايندي ايندي ساڍا ٽي يا چار ٿي ويندا هئا. ۽ ميس جي پوڙهي هوسٽس جهڪي جهڪي، ادب سان ’سمي ماسين‘ چئي معافي وٺي، چوندي هئي ته سائين جيڪڏهن دل ۾ نه ڪريو ته منھنجي خيال ۾ توهان ڊنر لاءِ اڄ سوير اچي نڪتا آهيو.
نتيجي ۾ لنچ ته ٽوڪيو رويو جي ميس بدران شپ يارڊ جي ميس ۾ ٻين جپاني مزدورن سان گڏ ڪرڻ لڳاسين، پر ٻنهي هنڌن کاڌو ايترو نج جپاني هو _ ٻين لفظن ۾ روز سڪانا (مڇي) ۽ گوهان (ڀت) ڪري ڪو بنگالي ئي ڄمي سگهيو ٿي_ ۽ اهو مڇي ۽ ڀت به رڳو نالي ماتر هو، باقي زور سڄو سلاد تي هو، جنھن ۾ به رڳو ساوا پن ئي پن هئا ۽ ڪجهه اخروٽ بادام. سو اهڙين ٽائيٽ حالتن ۾ ’ٽوڪيو ريو‘ جي ميس يا شپ يارڊ ۾، کاڌي پيتي جي معاملي ۾ سَھا ۽ نوريئڙا ئي خوش رهي سگهيا ٿي. اسان جيئن ئي پنھنجي رڌ پچاءُ جو بندوبست ڳولي لڌو ته ’ٽوڪيو ريو‘ جي ميس تي ته ٽي قُل پڙهي ڇڏياسين.

گِلا جا ٻه اڏا_ ٽوڪيو ريو جو رڌڻو ۽ کُڏ

رڌ پچاءُ جو بندوبست دراصل اسان ته ڳولي نه لڌو پر شپ يارڊ جي بزنس مئنيجر مسٽر سوزوڪيءَ (سوزوڪي موٽر سائيڪل واري جو مائٽ نه پر ساڳي ذات ’سوزوڪي‘ وارو همراهه) ٻڌايو ته ٿورو گهڻو رڌ پچاءُ جو بندوبست ’ٽوڪيو ريو‘ ۾ اٿانوَ.
ان رات شايد اسان دير سان پھتا هئاسين _ اٽڪل يارهين بجي، ۽ سمهڻ کان اڳ هوٽل جي پنجين ماڙ _ جنھن تي اسان رهندا هئاسين سڄي ڏٺيسين. هيستائين اسان جا ڪمرا لفٽ جي دروازي وٽ هجڻ ڪري لفٽ مان نڪري سڌو ڪمرن ۾ آياسين ٿي ۽ ٻئي جھان جي خبر نه هئي. جتي مغربي نموني جا ڪمرا ختم ٿي ٿيا ۽ پٽ تي وڇايل تڏن وارا جپاني ڪمرا شروع ٿي ٿيا، اتي ٽي وي لائونج جي ڪنڊ ۾ فقط هڪ وڏي مشين نظر آئي، جنھن جي پاسي واري ڪٻٽ ۾ ڪوپ ۽ ساسرون رکيل هئا. مشين تي لکيل اڌ گابري انگريزي ۽ جپانيءَ مان ۽ ڪجهه سئچن ۽ بٽڻن کي هيٺ مٿي ڪري خوشي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ چانھن جو ته چوويھه ئي ڪلاڪ مفت بندوبست آهي. نه ته صبح جو سوير ۽ رات جو چانھن جي ٻاڙ تنگ ٿي ڪيو ته هيڏانھن هوڏانھن واجهايوسين ٿي. ان مشين ۾ دٻائڻ جا چار بٽڻ هئا. هڪ کي دٻائڻ سان ٿڌو پاڻي آيو ٿي. ٻي مان تازو پاڻي ڪوپ ڌوئڻ لاءِ. ٽئين مان گرم ٽھڪندڙ پاڻي ۽ چوٿين مان سائي چانھه (Green Tea) نڪتي ٿي _ جا پوءِ ڏٺوسين ته هوٽل ۾ رهندڙ جپاني سڄو ڏينھن ڏوڪيندا هئا. اسان به هڪ ٻه دفعو آزمائي، ان بعد لپٽن چانھه جي لفافن جو دٻو ۽ کنڊ کير وٺي اچي ڪمري ۾ رکيوسين. پوءِ ضرورت وقت مشين مان گرم ٽھڪندڙ پاڻي ڪڍي پنھنجي چانھه ٺاهي پيئڻ لڳاسين.
اڪبر اليڪٽريڪل انجنيئر سان گڏ مون به شڪر ڪيو ته اها هڪ عياشي ته ٿي باقي لاءِ به مولا مالڪ آهي. ڇھين يا ستين ڏينھن ڪنھن ڪم سان اڪبر پنھنجي هوٽل ۾ منجهند مھل ويو. واپسيءَ تي مون کي اچي ٻڌايائين ته کيس لڳي ٿو ته پنھنجي گهر _ يعني ان ’ٽوڪيو ريو‘ ۾ رڌ پچاءُ جو به ڪو بندوبست آهي ضرور، جو پاڙي ۾ رهندڙ جپاني مايون گرم گرم بيضا ۽ پٽاٽا ڪڻڇيءَ ۾ تري کڻي پئي آيون. مون کيس چيو ته ان تي فرصت ۾ ريسرچ ڪجانءِ . پر اڪبر کي اهڙي آنڌ مانڌ هئي جو هن جلد از جلد پاڪستاني رس وارو کاڌو _ يعني ’ٻوڙ‘ کائڻ ٿي چاهيو. سو ان ئي ڏينھن سوير ئي شام جو موڪل ڪري گهر ڏي يعني ’ٽوڪيو ريو‘ روانو ٿيو. مون کي چيائين ته ڪجهه ٿي سگهيو ته رڌ پچاءُ ڪندس.
ان ڏينھن هڪ ايراني جھاز ٽوڪيو آيو هو. ان جو پاڪستاني چيف انجنيئر (اسان جو اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ) مون وٽ شپ يارڊ ۾ ملڻ آيو، جنھن چيو ته ٽوڪيو ۾ انڊين هوٽلون: اجنتا، گي لارڊ، مھاراجا وغيره آهن_ اتي هل ته اڄ ماني کائون جو سندن جھاز ايراني هجڻ ڪري هن کي به ڪيترائي ڏينھن ٿي ويا هئا جو پنھنجي سواد ۽ نموني جي ماني نه کاڌي اٿس. کيس پنھنجي به سڄي ڳالهه ٻڌايم ۽ پوءِ اڪبر کي به ساڻ وٺي هلڻ لاءِ اسين ٽوڪيو ريو ۾ آياسين. گيٽ مان اندر قدم رکڻ مھل ئي ان ڏينھن تبديلي محسوس ڪيم ۽ ايراني جھاز جي چيف انجنيئر کي کلي چيم: ”يار اڪبر رڌڻو ڳولي لڌو اٿئي ۽ مانيءَ جو به اڄ هتي ئي بندوبست سمجهه.“
”اها توکي ڪيئن خبر پيئي_؟“ هن وائڙو ٿي پڇيو.
”بس ادا، ڪالهه تائين هن ’ٽوڪيو ريو‘ ۾ هيءَ ٻوڙ جي داڳ، بصر سڙڻ، مسالي پچڻ جي تکي خوشبوءِ _ يا بدبوءِ _ جيڪا سمجهين، نه هئي.“
”واقعي حق تي انگريز پاڻ کي ان رڌ پچاءَ تان گاريون ٿا ڏين. انگلنڊ ۾ جنھن به پاڙي ۾ پاڪستاني يا هندستاني رهن ٿا، ان پاڙي مان هو، مسالي سڙڻ جي ڌپ کان ڀڄيو ٿا وڃن.“
ڪمري ۾ پھچي ڪتاب ۽ بريف ڪيس رکي، بصر سڙڻ جي ڌپ کي فالو ڪندي رڌڻي ۾ پھتاسين جو اسان جي ماڙ تي ئي وڏو شاهي ٺھيل هو. پر پھرين رات دروازو بند هجڻ ڪري اسان کي خبر نه پئي هئي. پوءِ ته اها به خبر پئجي وئي ته ڪپڙن ڌوئڻ وارو کڏ ۽ هي رڌڻو ڪچھري ۽ گلا جا وڏا اڏا آهن، جتي هن سڄي ’ٽوڪيو ريو‘ جا مرد ۽ عورتون واندڪائيءَ ۾ اچيو ٿا گڏ ٿين.
پھرين ڏينھن ئي بورچيخاني جي سامهون واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ ٿلهي جپانڻ _ جنھن جو مڙس شپ يارڊ ۾ هڪ مرمت هيٺ جھاز جو ڪئپٽن هو، ۽ جپان جي ڏورانھين شھر ناگاساڪيءَ جا رهاڪو هئا، تنھن ڀت تي لڳل جپانيءَ ۾ لکيل نوٽيس ترجمو ڪري ٻڌايو ته مسالي جھڙي شيءِ سڙڻ وقت رڌڻي جا بلوئر (پنکا) هلائي ڇڏيو، جيئن سڀ ڌپ هيڏانھن هوڏانھن پکڙڻ بدران، ٻاهر مٿي آسمان ڏي نيڪال ٿي وڃي. ان کان علاوه ٻيون ڳالهيون جيڪي هن اسان کي وقت بوقت_ ذري گهٽ ڏهاڙي ٻڌايون، سي هيون:
1. رڌ پچاءُ کان پوءِ ديڳڙا ۽ ٻيا ٿانوَ ٿپا ڌوئي رکجو.
2. ڪِن ڪچرو اڇلڻ کان پوءِ دٻي جو ڍڪ ياد ڪري بند ڪري ڇڏيندا ڪريو.
3. رات جو ڏهين بجي کان پوءِ رڌ پچاءُ ڪريو ته در بند رکجو، جيئن چمچن ۽ ٿانون جي ٺڙڪن تي سندس ننڊ نه ڦٽي.
4. ٿانون ڌوئڻ وقت، ديڳڙن تي پھرين اسپنچ جو کھرو پاسو صابڻ سان هڻو، پوءِ ٻيو پاسو (جيڪو نرم آهي)، پاڻيءَ سان ڌوئڻ وقت هڻو.
5. چانھه جي پتي يا ٻيو اهڙو سامان ڪونڊيءَ جي سوراخ ۾ سڌو نه هاريو پر پلاسٽڪ جي ٽُونگن واري پتيلي جي معرفت هاريو، جيئن پاڻي ڇڻي وهي وڃي. باقي چانھه جي پتي يا کاڌن جا ذرا ان ۾ رهجي وڃن ۽ اهي ٻُھر جي دٻي ۾ اڇلجن. ائين ڪرڻ سان ڪونڊيءَ جي موري چوڪ (بند) نه ٿيندي.
6. ديڳڙا ڌوئڻ کان پوءِ ڪٻٽ ۾ سڌا رکڻ بدران اونڌا ڪري رکجن، جيئن انهن ۾ رهيل پاڻي نچوئجي وڃي. (خير، اسان هن جھڙي ته صفائي ڪري نه سگهندا هئاسين، جيڪا بيضو ترڻ بعد به ڪڻڇي ٽي دفعا ڌوئي، ڪپڙي سان اگهي، سڪائي رکندي هئي) _ جيتوڻيڪ اسان جو يار اڪبر ان هوندي به ان ڪڻڇيءَ کي پليت سڏيندو هو جو هوءَ صبح جو ان ۾ بئڪن (سوئر جو گوشت) تريندي هئي ۽ اسان پنھنجي اڌ گابري ڌوتل ڪڻڇي کي پاڪ سمجهندا هئاسين.
7. رڌ پچاءُ جو ڪم لاهڻ کان پوءِ باهه وسائي ويندا ڪريو.
آخري ڏينھن، جڏهن سندس مڙس جو جھاز ٺھي ويو ۽ هوءَ اسان واري هوٽل ’ٽوڪيو ريو‘ ڇڏي رهي هئي ته آخري انسٽرڪشن ڏئي وئي ته هي سڀ ديڳڙا، ٿانوَ، ڇريون هن هوٽل جون آهن پر ٻه ٿالهيون، پيالو (جنھن ۾ اڪبر منجهند جو سوپ ۽ رات جو کير پيئندو هو) ۽ ساسرون _ جيڪي ٿانو اسان پنھنجا يعني ’ٽوڪيو ريو‘ جا سمجهي استعمال ڪري رهيا هئاسين، سي سندس ذاتي آهن ۽ اڄ جيئن ته هوءَ وڃي پئي سو هوءَ پنھنجا ٿانوَ کنيو پئي وڃي. سڀان لاءِ اسان پنھنجو بندوبست پاڻ ڪريون. (تازو قلم: سُوپ ۽ کير کان علاوه اڪبر صبح جو چانھه به ان پياليءَ ۾ پيئندو هو.)
اڪبر سندس اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي دل ۾ ڪئي ۽ کيس وڏي آواز ۾ دومو اريگاتو (مھرباني) چوڻ بدران، آهستي مون کي چيو:
”ٻيڙو غرق ٿئيس! رن پھرين ٻڌائي ها ته پاڻ سندس پليت ٿانون ۾ ته نه کائون ها.“
’ٽوڪيو ريو‘ جيڪا هوٽل، هاسٽل ۽ پيئنگ گيسٽ هائوس _ سڀ ڪجهه آهي، اسان جي جھاز ٺاهيندڙ شپ يارڊ جي ئي ملڪيت آهي ۽ ان ۾ فقط اهي ماڻهو رهي سگهن ٿا_ جپان جا يا ڌاريان، جن جو واسطو ان شپ يارڊ سان آهي. جيئن اسان نئون جھاز وٺڻ لاءِ آيا هئاسين ته ٻيا به چار کن جھاز: هندستان، سنگاپور ۽ ملايا وارن جا ٺھيا پئي ۽ ان جو عملو: هندستاني، چيني ۽ ملئي ماڻهو: آرڪيٽڪٽ انجنيئر، ڪنسلٽنٽ انجنيئر، انشورنس ڪمپنين جا ماڻهو رهيل هئا، يا اهي ماڻهو ۽ انهن جون فئمليون هيون جن جا جھاز ان شپ يارڊ ۾ مرمت ٿي رهيا هئا ۽ جھاز تي گوڙ هجڻ ڪري ٻارن کي ان هوٽل ۾ رکيو ويو هو. ڪجهه يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون، جن جو سبجيڪٽ نيول آرڪيٽيڪچر يا شپ ڪنسٽرڪشن هو ۽ مھيني کن جي پريڪٽيڪل لاءِ آيل هئا.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترن ملڪن جا ماڻهو، مختلف ڪمن لاءِ رهيل هئا، جن جي آخري ڏينھن تائين خبر پئجي نه سگهي ۽ ان ريت ٽوڪيو جي اوطاق_’ٽوڪيو ريو‘ سڄو سال رنگين ماڻهن سان ڀريل رهيو ٿي.

هِڪاري _ معنيٰ کنوڻ

فُوجي ياما جو دريءَ مان ديدار

آچر ڏينھن، پوري ڏهين وڳي اسان جو ٽوڪيو آفيس جو جپاني ڪلارڪ ’ياما موتو _سان‘ (مسٽر ياما موتو) فرنٽ ڊيسڪ تي پھتو ۽ اسان هفتي جي سفر جو سامان پاڻ سان کڻي هيٺ لٿاسين. هن پاڻ سان وئن آندي هئي، جنھن ۾ چڙهي، ٽوڪيو جي سينٽرل اسٽيشن تي پھتاسين. آچر جو ڏينھن هو، صبح جو پھر، سو ٽوڪيو جي رستن تي ٽرئفڪ تمام گهٽ هئي ۽ اسٽيشن پھچڻ ۾ دير نه لڳي. ڪيترن ڏينھن بعد هي پھريون آچر هو، جيڪو سڄو ڏينھن موڪل هئي ۽ اسان ان جو ڪيترن ڏينھن کان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته سڄو ڏينھن ٿڪ ڀڃنداسين. جھاز جي ڊوڙ ڊڪ کان فرحت ملندي ۽ صبح جو دير سان اٿي ڳرو ناشتو ڪري ويھي ٽي وي ڏسنداسين. ان بعد شيو ڪري ڪافي دير گرم پاڻيءَ جي ٽب ۾ وهنجي پوءِ شام جو گنزا ۾ فلم به ڏسنداسين ته ماني به کائينداسين. پر جمع ڏينھن صبح جو اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس جي لوڪل مئنيجر فون ڪري ٻڌايو ته اسان جي پھرين ٽريننگ_ آٽوميشن سبجيڪٽ ۾، هن هفتي اوساڪا ۾ آهي ۽ يارهين بجي واري ’هِڪاري‘ ٽرين رستي اسان کي ٽوڪيو کان اوساڪا وڃڻو پوندو. ”چئو ته پئسا توهان کي موڪلي ڏيون، ٽڪيٽون پاڻهي وٺجو يا ماڻهو به موڪليان.“
منھنجي چوڻ تي هن هڪ ڪلارڪ موڪلي ڏنو، جيئن اسان جي رهنمائي ڪري سگهي، جنھن ٽوڪيو اسٽيشن جا ڪيترائي پليٽ فارم لتاڙائي اچي جپان جي تيز رفتار، تير جھڙي ڊگهي ۽ آسماني ۽ عاج جھڙي رنگ جي ’هڪاري‘ گاڏيءَ اڳيان بيھاريو. ان وقت ئي گاڏي آئي هئي ۽ ٽوڪيو سندس آخري اسٽيشن هجڻ ڪري سڀ ماڻهو لھي رهيا هئا. چڙهڻ ۾ اڃا پنڌرهن منٽ هئا. ماڻهو سڪون سان پليٽ فارم تي هلي رهيا هئا يا پنھنجي پنھنجي دٻي اڳيان قطار ۾ بيٺا هئا. هر هڪ جو نمبر ۽ جڳھه مقرر هئي، سو سيٽ ملڻ يا نه ملڻ جو ڪنھن کي به فڪر نه هو. گاڏيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون، هِڪاريءَ (Hikari) جي پيلي رنگ جي ڪوچن تي چڙهيل اڇي رنگ جا رومال، لاهي نوان ڌوتل چاڙهڻ لڳيون. ڪي دٻن جي صفائي ءَ ۾ لڳي ويون. ان بعد اعلان ٿيڻ تي دروازا کليا ۽ پنھنجين پنھنجين نمبر وارين جاين تي اچي ويٺاسين. پوري مقرر وقت تي گاڏي هلڻ لڳي. ان کان ٻه منٽ اڳ، هلڻ جي اعلان تي گاڏيءَ ۾ ويٺل جپانين، کين ڇڏڻ لاءِ آيل مائٽن ۽ دوستن کي هٿ لوڏي ”سايونارا“ چيو. جنھن جي ورنديءَ ۾ هنن به جهڪي جهڪي ”سايونارا“ ۽ ”هاءِ دومو _ اريگاتو“ چيو. اسان ”ياما موتو _ سان“ کي انگريزيءَ ۾ گڊ باءِ ڪئي، جنھن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هو هينئر ئي اوساڪا ٽيليڪس ڪندو، جتي مسٽر تاڪيشيتا اسان کي وٺڻ ايندو، پر ان هوندي به هن اسان کي تاڪيد ڪئي ته گاڏيءَ جي اوساڪا پھچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، ياد ڪري اسين به ’تاڪيشيتا _سان‘ کي فون ڪريون.
جپان ۾ ڪجهه سرڪاري گاڏيون آهن، مثال طور: JNR (جپان نيشنل ريلوي) پر گهڻي ڀاڱي پرائيويٽ آهن، جيئن اسان وٽ بسون. پوءِ ڪي مالڪ اهي ريل گاڏيون شھر جو شھر ۾ زمين هيٺ هلائين ٿا ۽ انهن جا مختلف نالا آهن. جيئن ته ٽوڪيو ۾ پيلي رنگ جي گاڏي گنزا لائين آهي. ڳاڙهي جي مارينائوچي، ڪاري رنگ جي هِيبيا لائين. زردي رنگ جي يورڪچو لائين. سائي رنگ جي چيودا لائين ... وغيره وغيره. ڪي وري مٿان مٿان هڪ شھر کان ٻئي شھر تائين هلن، جيئن نيو ٽوڪيدو لائين جي هيءَ ’هِڪاري‘ ريل گاڏي.
نيو ٽوڪيدو لائين جي هيءَ هِڪاري گاڏي اڄ کان پنڌرهن سال اڳ (1966ع) ۾ پھريون دفعو ٽوڪيو اسٽيشن تان هلي هئي. سندس جپاني نالي _’هڪاري‘ جي معني آهي کنوڻ ... يا روشني سمجهڻ کپي. سندس تکي رفتار تان هن تي اهو نالو پيو آهي. هيءَ جپان جي پھرين تکي گاڏي آهي. بليٽ ٽرين هن کان پوءِ ايجاد ٿي آهي. هن وقت آئون، هن گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار ۾ ويھي سندس رفتار جو لڳل اسپيڊوميٽر ڏسي رهيو آهيان. جنھن جو ڪانٽو 140 ميل في ڪلاڪ کان به مٿي پيو ڏيکاري. يعني هڪ منٽ ۾ اڍائي ميل کن جي رفتار سان ڊوڙندي وڃي. پر اليڪٽرڪ ٽرين هئڻ ڪري نه انجڻ جو آواز آهي ۽ نه لوهي ڦيٿن جو، جيڪي ٻن لوهي پٽن (Rails) جي مٿان هلندي ڪندا آهن.
ڪنھن اسٽيشن تي بيھي هِڪاري گاڏيءَ جي پٽن کي ڏسبو ته سندس ٻئي پٽا، جنھن جي مٿان ڦيٿا هلن ٿا، يڪا ڏسڻ ۾ ايندا. هونءَ اصول موجب ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻن پٽڻ جي وچ ۾ وٿي هجڻ ضروري آهي، جيئن گرمي يا سرديءَ ۾ انگهي يا سسي سگهن. پر جپانين هڪ ته پٽا ڊگها رکيا آهن ۽ هنن ڪاٺ جي سليپرن بدران رٻڙ جا سليپر استعمال ڪيا آهن ۽ پٽن کي جهلڻ لاءِ اسپرنگ جا ڪنڍا استعمال ڪيا آهن. نتيجي ۾ گاڏي بيھڻ کان پوءِ چُري ٿي ته خبر نٿي پوي ۽ سائونڊ پروف ايتري آهي جو هن وقت فقط ايئرڪنڊيشن مان نڪرندڙ هوا جو سنهو سيسراٽ پيو ٻڌجي. ايتري رفتار هوندي به، لکڻ وقت ايئن پيو لڳي ڄڻ هوائي جھاز ۾ هججي، جيڪو هو ا ۾ ترندو وڃي. يا ته گهر ۾ ٽيبل ڪرسيءَ تي ويھي لکي رهيو هججي. شيشي جي دريءَ منجهان رکي رکي چانورن جا فصل، جابلو علائقا، گهرن جون قطارون گذري رهيون آهن. ٿوري دير اڳ برف سان ڍڪيل، جپان جو مشھور جبل ”فوجي ياما“ لنگهي چڪو آهي.
هِڪاري گاڏيءَ کان اڳ جپانين لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ وڏو مسئلو هو. ماڻهو گهڻا ۽ گاڏيون نئرو گيج ۽ عام رفتار جون هيون. آخر هتي جي انجنيئرن هيءَ تيز رفتار گاڏي (براڊ گيج تي هلندڙ) ايجاد ڪئي. اڄڪلهه روز چوڏهن کن هِڪاري گاڏيون اٺاويھه هزار مسافر ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ ڍوئين ٿيون.
هڪاري گاڏيءَ کي لوڪو موٽو (ٻاڦ جي انجڻ يا ڊيزل انجڻ) ڇڪڻ بدران، اليڪٽرڪ موٽرون هلائين ٿيون_ جيڪي گهر ۾ هلندڙ پکي، پاڻيءَ جي پمپ يا مسالي پيھڻ جي گرائينڊر ۾ هلائڻ لاءِ لڳل هونديون آهن. وزن ۽ ڇڪڻ جي طاقت برابر رکڻ لاءِ اهي موٽرون هر Axle ۾ لڳايون ويون آهن ۽ انهن کي اسپرنگ جھڙي ڊگهي لڪڻ ذريعي، اليڪٽرڪ جي تارن مان ڪرنٽ ملي ٿو. اهي اليڪٽرڪ جون تارون ريل جي پٽن جي سڌائيءَ ۾ مٿان لنگهن ٿيون.
هلائڻ وارو انجنئير گاڏيءَ جي پھرين گول منھن واري دٻي ۾ وهي ٿو ۽ سامهون ريل گاڏيءَ جا پٽا اڻ ختم ٿيندڙ وارن جي ربنن وانگر اوستائين نظر اچن ٿا، جتي زمين ۽ آسمان وڃيو ملن. تکي هلندڙ گاڏي اهي پٽا ڄڻ ڳڙڪائيندي وڃي. پاسن کان ڳوٺ ڳوٺڙا، فصل، جبل ماٿريون، فارم هائوس ۽ فئڪٽريون ڄڻ ڊوڙنديون وڃن.
ريل گاڏيءَ جا سڀ دٻا هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن. ان ڪري اسين ڪڏهن پنھنجي دٻي ۾ ڪڏهن ڊائننگ ڪار ۾ چڪر هڻون ٿا. ڊائننگ ڪار ۾ کاڌي پيتي جي بندوبست سان گڏ، هر گاڏيءَ ۾، ڪم ڪندڙ ڇوڪريون پيلي رنگ جي يونيفارم ۾، ٽراليءَ تي ڪافي، چانھه، بسڪيٽ، آئيس ڪريم ۽ سئنڊوچ وغيره وڪڻنديون رهن ٿيون. ڪي مسافر پاڻ سان، گنجين جي دٻيءَ جھڙي ويڪري دٻي ۾ بند ٿيل، ڀت ۽ مڇي کڻي آيا، سي کولي ويٺا کائين.
ريل جي هر ڪمپارٽمينٽ جي ڪنڊ تي پاڻيءَ جو ڪولر ۽ هٿ ڌوئڻ لاءِ ڪونڊي آهي. ٽوائليٽ به آهن. هڪ مغربي اسٽائيل جو جنھن ۾ مٿانھون ڪموڊ ۽ يورينر لڳل آهي ۽ هڪ جپاني نموني جو، جنھن ۾ انڊين ڪموڊ جھڙو ڪموڊ آهي، پر ڪموڊ اڳيان ٿوري مٿانھين آڏ ٿئي ۽ هٿ ڌوئڻ بعد پاڻي وهي وڃڻ بدران ننڍڙي ٽانڪيءَ ۾ گڏ ٿئي ۽ زنجير ڇڪڻ سان اهو پاڻي ڪموڊ مان لنگهي ٿو. ان ريت هڪ ئي پاڻي ٻن ڪمن ۾ اچي ٿو ۽ پاڻي جو بچاءُ ڪيو وڃي ٿو.
جپاني ٽوائليٽ اڳيان، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڄڻا انتظار ڪندا رهن ٿا، پر اسان کي ترسڻو ان ڪري نٿو پوي جو سڄي دٻي ۾ اسين ئي ڌاريان (غير جپاني) آهيون ۽ هڪ جرمن اخبار نويس آهي. مغربي ٽوائليٽ جي خالي آهي ته به جپاني ان کي استعمال ڪندي پنھنجي گهٽتائي ٿا سمجهن، شايد! جيتوڻيڪ هڪ ٻه دفعو اسين يا جرمن، سندن خالي ٽوائليٽ ڏسي ان کي به استعمال ڪندا رهياسين. نگويا ۾ ڊنر سيٽن ۽ ٻين ٿانون جي دڪان تي ئي ڪم ڪندڙ هڪ فئمليءَ هڪ دفعي بحث ۾ چيو هو ته هو (جپاني) جيتوڻيڪ مغربي قسم جو ٽوائليٽ پسند ڪن ٿا ۽ ان کي استعمال ڪندي جسماني طرح آرام محسوس ٿئي ٿو پر ذهني طرح سخت مونجهه ٿئي ٿي ته هي ڌارين جو آهي. آمريڪن ناول نويس ۽ شاعره ايرڪا جونگ جو چوڻ آهي ته ملڪ جي حالت جي خبر ان جي ڪاڪوسن مان لڳائي سگهجي ٿي. جي ايئن آهي ته جپان تمام صاف سٿرو ملڪ چئي سگهجي ٿو _ رڳو ڪاڪوس ئي ڏسي.
هِڪاري ٽرين جي ڊرائيور واري دٻي ۾ ويٺل انجنيئر جي سامهون گيجون ۽ لِيور آهن_ اسپيڊ وڌائڻ ۽ گهٽائڻ جا... بريڪ هڻڻ جا، پٺتي ڪرڻ جا، پر هن کي شايد ئي ڪي استعمال ڪرڻا پوندا هجن. هر هڪ ٽرين آٽوميٽڪ آهي. جنھن جو ٽرانسسٽرن ذريعي ”آٽوميٽڪ ٽرين ڪنٽرول“ A.T.C سان ڳانڍاپو آهي ۽ اهو مين ڪنٽرول روم، ٽوڪيو اسٽيشن تي آهي. اهڙيءَ طرح ٽوڪيو کان آخري اسٽيشن تائين هيءَ ٽرين اتان ڪنٽرول ٿيندي رهي ٿي. بقول ٽرين هلائيندڙ انجنيئر جي: ”هڪ دفعو گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ آئون به مسافرن سان شامل ٿي سگهان ٿو ۽ هِڪاري سڄو سفر خيريت سان ڪندي رهندي.“ .A. T. C جي حڪم ۽ رهبري موجب گاڏي هلندي ۽ بيھندي رهي ٿي، جيئن اڄڪلهه پاڻيءَ جو جھاز ۽ هوائي جھاز به Auto Pilot تي هلندا رهن ٿا. پائليٽ ڀلي پيو چڪر هڻي يا مسافرن سان گڏ پٺيان ويھي فلم ڏسي.
هِڪاري ٽرين جپان جي پھرين تيز رفتار گاڏي آهي. (جيتوڻيڪ اڄڪلهه نئين ايجاد بليٽ ٽرين ان کان به تکي هلي ٿي) هِڪاريءَ جي ايجاد ۽ ٺھڻ ۾ ست سال لڳي ويا ۽ هلڻ کان اڳ ڪيترائي مسئلا سامهون هئا ته هڪ گاڏيءَ کان ٻي گاڏي ڪيترو پري کان لنگهي. ڇاڪاڻ جو ڪراسنگ وقت ٻنهي جي گڏيل رفتار ٻه اڍائي سؤ ميلن کان به مٿي ٿي ٿئي ۽ ڪيترائي حسابي جدولون ۽ کوڙا لڳايا ويا. ڪمپيوٽر، ۽ ڪئلڪيوليٽرن ذريعي جواب ڪڍيا ويا ۽ پھرين ننڍي ماپ جون گاڏيون هلايون ويون، جن تي ماپ جا اوزار لڳائي ٽنل مان تکيون ڊوڙايون ويون. ٽوڪيو لئبارٽرين ۾ اسپرنگ ۽ ڦيٿا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ انهن جي 200 ميل في ڪلاڪ جي رفتار هيٺ طاقت ۽ بيھڪ جانچي وئي.
پٽن وڇائڻ خاطر رستو ٺاهڻ لاءِ ٽيھه ملين ڪيوب وال مٽي ريڙهي وئي. چار ملين ڪيوب وال ڪنڪريٽ استعمال ڪيو ويو. جبل ٽُڪي ڇاهٺ ٽنل ٺاهيا ويا. رستي تي جيڪي پليون ٺاهيون ويون آهن، انهن جي ڪل ڊيگهه يارهن ميل ٿئي ٿي. مٿي بيان ڪيل ٽنلن جي ڪل ڊيگهه ٻائيتاليھه ميل ٿئي ٿي_ يعني ڪل فاصلي جو اٺون حصو ٿيو. سڀ مرحلا ۽ مسئلا ڇڏائڻ بعد هڪ آخري مونجهارو: جڏهن گاڏي پنھنجي تکي رفتار سان ٽنل ۾ گهڙي ٿي ته هوا جو دٻاءُ ائين ٿي پيدا ٿيو، جيئن ڪو پسٽن سلينڊر اندر گهڙي. ان معاملي کي هن ريت منھن ڏنو ويو ته ريل گاڏيءَ جا سڀ دٻا ايئر _ ٽائيٽ ٺاهيا ويا. يعني سڄي گاڏيءَ ۾ ڪٿي به ڪا سير يا سوراخ ذرو نظر نه اچي، جنھن مان ٻاهر جي هوا اندر اچي سگهي _ جيئن هوائي جھازن جون دريون Pressurized Air هونديون آهن.
جيئن ته جپان ۾ زلزلا تمام عام آهن، سو هر گاڏيءَ ۾ زلزلن جي اڳواٽ جانچ رکندڙ اوزار Seismometer لڳايا ويا آهن ته جيئن ئي ڪٿي زلزلو اچڻو هجي ته ٽوڪيو ۾ A. T. C ڪنٽرول سسٽم کي اليڪٽرانڪس ذريعي نياپو ڏئي ۽ اهڙي گاڏي زلزلي جي چپيٽ موجب آهستي ڪئي وڃي يا صفا هڪ هنڌ بيھاري وڃي، جيسين زلزلي جو اثر ختم ٿئي.
هن فرحت بخش گاڏي ۽ سندس سفر ۾ اسان جا اڍائي ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا آهن، ان جي خبر به نه پئي: ڪجهه دريءَ مان ڏسندي، ڪجهه چانھه ڪافي پيئندي، ڪجهه مسافرن ۽ ڊرائيور انجنيئر سان ڳالهيون ڪندي، ڪجهه هي مضمون لکندي. آئون هڪ دفعو وري کيسي مان ڊگهي هٿ جيڏي ٽڪيٽ ڪڍي ان تي جپاني زبان (ڪاٽا ڪانا) ۾ لکيل اوساڪا پھچڻ جو ٽائيم پڙهان ٿو. ٽڪيٽ تي منھنجي بوگي نمبر، قطار نمبر، سيٽ نمبر پڻ لکيل آهي. وچ تي ٽوڪيو کان اوساڪا جي ڀاڙي جي قيمت يارهن هزار يين (اٽڪل ساڍا پنج سؤ رپيا) لکيل آهي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٽوڪيو ڇڏڻ جو وقت ۽ ٻي ڪنڊ تي اوساڪا پھچڻ جو آهي. ان حساب سان اسان جي هن هِڪاري گاڏيءَ کي اوساڪا پھچڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته ٽوڪيو ڇڏڻ وقت ’ياما موٽو _ سان‘ چيو هو ته اوساڪا پھچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، اوساڪا ۾ اسان کي وٺڻ واري انچارج مسٽر تاڪيشيتا کي فون ضرور ڪريان. هن گاڏيءَ جون ٻيون خوبيون ٻڌائڻ سان گڏ اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته هتي ٽيليفون پڻ آهي ۽ هلندڙ گاڏيءَ مان ڪري سگهجي ٿو. سو هي ليک هتي بند ڪري ’تاڪيشيتا _ سان‘ کي سندس گهر جي نمبر تي فون ڪرڻ لاءِ اٿان ٿو، جيئن هن کي جي خبر نه هجي ته اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي، اوساڪا جي اسٽيشن تي اسان کي وٺڻ پھچي وڃي _ جو اوساڪا ۾ اسان جي رهائش، تعليم ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست هن جي معرفت ٿيڻو آهي.

تعجب جي ڳالهه اها ته مسلمان اسين پيا سڏايون

جپان ۾ جتي رهيل آهيون، ان جي ڀر ۾ چوڌاري ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون عمارتون آهن. انهن ۾ سوين فليٽ آهن، پر سڀ پُرسڪون ۽ سانت ۾ رهيل آهن. ڪمري ۾ ويھي ايئن لڳندو ڄڻ ماڻهو بيابان ۾ اڪيلو ٽِڪيو پيو آهي. ڀر واري فليٽ مان ڪنھن ٻار جي به هروڀرو دانھن ٻڌڻ ۾ نه ايندي آهي. سڀني جون دريون شيشن جون آهن، پر لڳي ٿو ته جپاني ٻار ٻين راندين ۾ ته هوشيار آهن پر اڇل (Throw) ۾ ڪمزور آهن، جو ڪنھن به دريءَ جو شيشو ڀڳل نظر نٿو اچي.
ساڳي ڳالهه اسان جي هڪ ٻئي انجنيئر به محسوس ڪئي آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾، گلشن اقبال علائقي ۾ رهي ٿو _ جيڪو علائقو ڪراچيءَ جو سڀ کان گهڻو ڳتيل آهي ۽ پکيڙ جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آدمشماري ۽ اڀيون عمارتون اٿس. اسان وارو يار جيڪو ڪراچيءَ ۾ گهڻو ڪري رات جي ڊيوٽي ڪري ٿو سو هتي روز، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهڻ بعد جپانين جي ويھي ساراهه ڪندو آهي. چي: ”هي به ته ماڻهو آهن، جيڪي آرام سان رهيا پيا آهن. هڪ اسين آهيون، ملڪ ۾ فليٽ سسٽم ته اچي ويو آهي پر اسان کي منجهس رهڻ نه آيو آهي. پاڙي وارن جو ته ڪڏهن به ڪو خيال نه ڪندو. صبح ساڻ، ڪنھن جي ڪار اسٽارٽ نه پئي ٿيندي ته ايڪسلريٽر تي زور ڏئي اهڙي وٺي کر کر لائيندو جو سڄو اوڙو پاڙو ڇرڪ ڀري اٿي ويھي. ڪار وارو اهو نه سوچيندو ته ٿي سگهي ٿو پاڙي واري مان ڪو هوائي جھاز يا پاڻيءَ واري جھاز تي هجي، ڪو اسپتال جو سرجن يا نرس هجي، ڪو اهڙو پوليس آفيسر، ريلوي عملدار يا ٽيليفون آپريٽر هجي، جيڪو رات جي ڊيوٽي ڪري هاڻ اچي ستو هجي، ڪو بيمار هجي يا ڪو شاگرد امتحان لاءِ پڙهي رهيو هجي.
يا وري اها ٽرڙپائي ته عمارت ۾ اسي کن فليٽ _ ان مان هڪ فليٽ جي هڪ ماڻهوءَ کي سڏڻو آهي. آيل معزز مھمان کان اهو نه پڄندو ته ڪار مان نڪري ان گهر جو بيل وڄائي، پنھنجي دوست کي گهرائي. پر صاحب بھادر ڪار ۾ ويھي ويٺو هارن مٿان هارن ڏيندو، رانڀاٽ ڪندو ۽ پوءِ ظاهر آهي ته سڄي بلڊنگ جا ماڻهو ڪم ڪاريون ڇڏي درين مان ڳاٽ ڪڍي ڏسڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا ته آيا سندن مھمان ته نه آهي.
اسان وٽ ڪار رکڻ معنيٰ وڏ ماڻهو ٿي وڃڻ جي نشاني _ پوءِ وڏو ماڻهو ڪار مان نڪري، ٻه قدم اڳتي چري گهر جو بيل وڄائڻ جھڙو نيچ ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهي! يا کڻي اها تڪليف وٺي به سگهي پر پوءِ اوڙي پاڙي تي ڪيئن لئه وهي ته هو ڪار ۾ آيو آهي.
سڌريل ملڪن جي رهائشي علائقن ۾ ته ٺھيو پر هوٽل ۾، جتي رهندڙ هڪ هڪ ڏينھن لاءِ ڳري رقم ادا ڪري ٿو، ان لاءِ به سختيءَ سان، فضيلت سان رهڻ جا اصول درج ٿيل هوندا آهن ته ڄٽ جا پٽ شرافت سان رهين ته رهه نه ته ٽپڙ کڻي روانو ٿي وڃ. نموني خاطر هتي جپان جي هڪ وڏي هوٽل Toyo ’ٽويو‘ جا قانون هوبھو ترجمو ڪري رهيو آهيان.
هوٽل کي صاف سٿرو ۽ بھتر رکڻ لاءِ هوٽل ۾ رهندڙ مھمانن لاءِ هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو، ۽ انهن مان ڪنھن به هڪ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي کين هوٽل ۾ وڌيڪ رهڻ نه ڏنو ويندو.
1. ڪمري يا ورانڊي ۾ ڪو به هيٽر يا رڌ پچاءُ لاءِ باهه ٻارڻي نه آهي.
2. هنڌ ۾ سگريٽ پيئڻو ناهي ۽ نه ڪنھن ٻئي اهڙي هنڌ جتي باهه لڳڻ جو خطرو هجي.
3. ايترو زور سان ڳالهائڻ يا دانھون ڪري سڏ ڏيڻ جي اجازت ناهي، جنھن سان ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ جي آرام ۾ خلل پوي.
4. هيٺيون شيون پنھنجي ڪمري يا ملاقاتي هال ۾ کڻي وڃڻيون ناهن:
(الف) جانور، پکي، وغيره.
(ب) خراب ۽ اُگري ڌپ واريون شيون.
(پ) گهڻي مقدار ۾ شيون کڻي لنگهڻو ناهي.
5. جوا کيڏڻ يا اخلاق کان ڪريل حالتن ۾ رهڻو نه آهي.
6. ڪمري ۾ مھمانن کي آڻڻ جي اجازت نه آهي ۽ نه کين بنا سبب جي هوٽل جو فرنيچر ڪتب آڻڻو آهي.
7. ڪمري يا لابيءَ کي پنھنجي آفيس طور استعمال ڪرڻو ناهي.
8. ڪمري يا ورانڊي ۾ رکيل فرنيچر کي مقرر ڪمن کان علاوه ٻي ڪنھن ڪم لاءِ استعمال ڪرڻو ناهي ۽ نه پنھنجي جاءِ تان ريڙهڻو آهي.
9. ڪمري مان ڪنھن به شيءِ کي ڪڍڻو ناهي.
10. ڪمري ۾ ڪا به شيءِ لڳائڻي ناهي ۽ نه فرنيچر ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪلي ڪوڪو ٺوڪڻو آهي.
11. درين ۾ اهڙي شيءِ ٽنگڻي ناهي جنھن ڪري عمارت جو ٻاهريون ڏيک خراب ٿئي.
12. هوٽل ۾ ٻين رهندڙن جي ڪمرن ۾ ڪي به اشتھاري پنا اڇلڻا ناهن.
13. ورانڊي يا لابي وغيره ۾ پنھنجي ڪا به قيمتي شيءِ ڇڏڻي ناهي.
14. هوٽل کان علاوه ٻاهران ٻي ڪنھن هوٽل تان ماني يا ٻي شيءِ ڪمري تي گهرائڻي ناهي.
15. ڌوٻيءَ جا ڪپڙا يا ٻي وساريل سامان کي فقط ڇھن مھينن لاءِ رکيو ويندو.
16. پنھنجا ڳھه ڳٺا يا قيمتي سامان هيٺ ٽجوڙيءَ ۾ رکايو ۽ پنھنجي ڪمري جي در کي ٻٽو ڪلف هڻڻ بعد زنجير پڻ هڻو.
ڀلي ڪري آيا_ مان وارا مھمانو.
هڪ ڏينھن شام جو ڪمري ۾ ويٺا هئاسين ته ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ جپانيءَ اچي اجازت ورتي ته هو شايد رات جو دير سان اچي ۽ باوجود ڪوشش جي جيڪڏهن سندس در جي کلڻ يا بند ٿيڻ جو آواز زور سان ٿئي ته معاف ڪجو.
اسان وائڙا ٿي وياسين ۽ تعجب ۾ ڪجهه ڪڇي به نه سگهياسين. جڏهن هو پاڙي وارو جپاني هليو ويو ته ان کان پوءِ اسان واري گلشن اقبال ۾ رهندڙ انجنيئر ٽھڪ ڏيندي چيو ته هن ويچاري جپانيءَ کي ڪھڙي خبر ته اسان ڪراچيءَ ۾ ڪھڙين حالتن ۾ رهون ٿا.
”هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾ پنھنجي فليٽ ۾ ستو پيو هوس.“ هن ٻڌايو، ”ڀر واري فليٽ ۾ رهندڙ کي آڌيءَ رات جو ڪا ڳالهه ياد آئي، سو مترڪو کڻي تصوير ٽنگڻ لاءِ يعني ڀت ۾ ڪوڪو هڻڻ لڳو _ظاهر آهي ڀت جي ٻئي پاسي اسان جو فليٽ هو. بلڪ منھنجي کٽ ۽ ڪمرو هو. ڪِلي ڄڻ منھنجي ميڄالي ۾ ٿي کُتِي. ٻئي ڏينھن چيومانس: “ادا گستاخي معاف. ايئن ته نه ڪندو ڪر. پاڻ پڙهيل ڳڙهيل آهيون. پاڻ کي هڪ ٻئي جو خيال رکڻ کپي.“ منھنجو اهو چوڻ سان هو همراهه مڇرجي ويو. ڪا دير ڪٿان پئي آيو ڪٿان پئي ويو. بھرحال سندس مطلب اهو ئي ته سندس فليٽ ۾ سندس مرضي جيئن وڻيس تيئن ڪري. هاڻ سائين ڏيو منھن! ڪير کيس وڌيڪ سمجهائي ته پاڙي وارن جو به ڪجهه خيال رکجي. جنھن ڳالهه لاءِ اسان کي اسلام زور ڀريو آهي، ان تي هي ڌاريان پيا عمل ڪن ۽ تعجب جي ڳالهه اها ته مسلمان اسين پيا سڏرايون.“

قومي وقار جو ڀرم رهجي آيو

جپانين کي پنھنجي ملڪ، پنھنجي ماڻهن، پنھنجين شين جو ڏاڍو خيال رهي ٿو. اهو ٻڌي هنن کي خوشي پئي ٿيندي ته جپاني شيون دنيا ۾ سُٺيون آهن. شل نه ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌن، جنھن ۾ سندن ڪنھن ماڻهوءَ جي گلا هجي يا ڪنھن شيءِ جي خرابيءَ جي ڳالهه هجي ... اصل منھن لھي ويندن.
جنھن شپ يارڊ ۾ اسان جو جھاز ٺھي رهيو هو، ڪجهه ڏينھن لاءِ ٻن پھرن جي ماني اتي ئي کائڻي پيئي. اسان فارينرس لاءِ ڌار ٽيبل لڳل هئي، جنھن تي اسان کان علاوه ٻه ناروي جا سَروير، هڪ هندستاني ڪنسلٽنٽ انجنيئر زال سميت، هڪ انگلينڊ جو لائيڊ سروير ٻن ٻارن ۽ زال سان ماني کائيندا هئا. ڪجهه فرينچ هئا ۽ ڪجهه يوناني پڻ.
ماني کارائيندڙ جپانين ڇوڪرين مان هڪ ڏينھن هڪ ڇوڪريءَ پڇيو:
”نھان نو گوهان وا ايڪانگا ديسڪا.“
(جپاني چانور سٺا آهن؟)
”ويري گڊ!“ وراڻيومانس.
جپاني ڇوڪِري خوش. مرڪ سندس چپن تي ۽ نگاهون منھنجي اڌ گابري بچيل ڀت جي پيالي ۾.
ٿورو شايد سوچي ٿي ته جپاني چانور جيڪڏهن ويري گڊ ته پوءِ مون جھڙي ڇھه فوٽي قد ڪاٺ جي ماڻهوءَ چانورن جو ننڍڙو پيالو به ڇو نه کاڌو. اتي ٻي ڇوڪريءَ ڊبل روٽي، مڇي ۽ چڪن سان ڀريل ٿالهي اڳيان اچي رکي. مون ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻي کائڻ شروع ڪيو.
”جپاني چانور سٺا يا پاڪستاني؟“ پھرين ڇوڪريءَ خالي گلاسن ۾ پاڻي وجهندي وري پڇيو.
”پاڪستاني چانورن جو ته ڪو جواب ئي ناهي! اهي سڄي دنيا ۾ سٺا آهن.“ وراڻيومانس. ۽ ان سان گڏ مون ٿوري ٿور ي هوم سڪنيس محسوس ڪئي. سڳداسيءَ کان اِري چانور، انهن جا فصل ۽ کاڌا: خشڪو، قورمھ چاشني، ڦيلي ڀت، پلاءُ، يخنيءَ کان کيرڻيءَ تائين ڌيان ۾ اچڻ لڳا. سامهون بچيل جپاني اوٻاريل چانور ڏسان ٿو، ڀر ۾ بيٺل جپاني ڇوڪريءَ ڏي مڙي ڏسان ٿو، هوءَ پنڊ پھڻ ٿي، ڪجهه سوچي رهي آهي. مرڪ سندس چپن تان اڏامي چڪي آهي. سوڀ ۽ اتاهين پڻي جو جذبو گم ٿي ويو اٿس. مون کي پاڻ ڏي نھاريندو ڏسي وري پڇي ٿي:
”پاڪستاني چانور جپاني چانورن کان واقعي سٺا آهن؟“
”ها. سو ديسڪا . (ايئن ئي آهي.)“ وراڻيومانس.
ڊگهي ماٺ!
هوءَ ٽُٻيءَ ۾ پئجي وڃي ٿي.
منھنجي ڀر ۾ ويٺل نارويجن ويھڻ سان بيئر گهرائي ٿو ۽ هوءَ جپاني بيئر ’اشاهيءَ‘ جو ٿڌو دٻو کولي هن اڳيان رکي ٿي ۽ هن کان جپانيءَ ۾ پڇي ٿي: ”جپاني بيئر سٺو آهي.“
نارويجن جو جواب ترجمو ڪري ٻڌايانس ٿو ته جپاني بيئر سٺو آهي.
جپاني ڇوڪريءَ جي پيلن چپن تي هڪ دفعو مرڪ وري تري اچي ٿي.
”ڀلا جپاني بيئر سٺو يا ناروي جو؟“
”جپاني بيئر ناروي جي بيئر کان سٺو، گهڻو سٺو آهي.“
اڃا وڏي مرڪ سندس هيڊن اَنيمڪ چپن تي تري اچي ٿي، ڄڻ مکڙيءَ مان گل ٿي رهي هجي. پر اهو گل يڪدم ڪومائجي ويو جڏهن نارويجن ٻڌايس ته جرمن بيئر جپاني ۽ ناروي جي بيئر کان به سٺو آهي، بلڪ دنيا ۾ بهترين آهي.“
”پر تو هينئر چيو ته جپاني بيئر ناروي جي بيئر کان به سٺو آهي.“
”ها برابر. پر جرمن بيئر جپاني بيئر کان به سٺو آهي.“
اها هن لاءِ ڳالهه ڳري ٿي پيئي. جپان ۾ ويھِي، جپاني کاڌو کائيندي، جپاني ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ، آهي ته غير اخلاقي ڳالهه، پر حقيقت به ته ڪا شيءِ ٿيندي آهي.
ٿاٻڙيل قدمن سان، هوءَ ڪا دير آيل ماڻهن کي سَرِوِ ڪندي رهي. مون ڊبل روٽي ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ کائي بس ڪيو. هاڻ سوشي (جپاني ڪچي ۽ رکي مڇي) ڪانٽي سان اٿلائي پٿلائي رهيو هوس. ڪافي ماڻهو کائي وڃي چڪا هئا ۽ انهن جون ڪرسيون خالي ٿي ويون هيون. هوءَ جپاني ڇوڪري هڪ ڪرسي ريڙهي منھنجي ڀرسان اچي ويٺي ۽ مون کان سوشي (ڪچي مڇيءَ) بابت پڇڻ لڳي جو هتي جو خاص ڊش آهي.
”پاڪستاني مڇي سٺي يا جپاني؟“
”جپاني“
”ڀلا جپاني مڇي سٺي يا انگلينڊ جي؟“
”جپاني“
۽ هاڻ هوءَ ڊڄي ڊڄي سوال ڪري ان کان اڳ مون چيو مانس ته ”نپان نو سَڪانا اچيبان يوئي.“ جپاني مڇي دنيا ۾ سٺي ۾ سٺي مڇي آهي.
هيستائين جو هوءَ آهستي آهستي ڌيرج سان ڳالهائي رهي هئي ۽ هيسيل هرڻِي لڳي ٿي، اهو منھنجو جملو ’اچيبان يوئي‘ وارو ٻڌي، ڇال هڻي اٿي بيٺي ۽ هڪ هڪ خذمتگار ڇوڪريءَ کي زور زور سان ٻڌائڻ لڳي ته ”ڪوري وا پاڪستان نو فوني نو ڪيڪانچيو ديس“ (هو پاڪستاني جھاز جو چيف انجنيئر آهي) ۽ ڇا ٿو چوي ته جپاني مڇي دنيا ۾ پھريون نمبر آهي. ان بعد ٻارن وانگر ڊوڙي سامهون ڪائونٽر پويان بيٺل بورچين کي ٻڌايائين، جيڪي خوشيءَ مان هيڊا ڏند ڪڍي هڪ ٻئي کي سو ديسڪا، سو ديسڪا چوڻ لڳا.
ڇوڪريءَ جي قومي وقار جو ڀرم رهجي آيو.
ان ڏينھن اٿڻ مھل هوءَ ڪا دير ذري ذري جهڪي زور زور سان مون کي ”سايونارا_ اري گاتو گذائي ماشتا“ چوندي رهي. (باءِ باءِ _ تنھنجي وڏي مھرباني.)

چوري يا تعليم

جپاني سڀ کان گهڻو آمريڪن کان متاثر آهن. انهن جھڙا ڪپڙا پائيندا (جينز ۽ سلئڪس وغيره)، انهن جون رانديون بيس بارو Base Ball کيڏندا، انهن جا گانا (پاپ ۽ ڊسڪو ميوزڪ) ٻڌندا، انهن جا کاڌا، مريڪو شيڪو Milk Shake کان هئمبرگو Hamburger شوق سان کائيندا. هنن ويندي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ آمريڪن جي ڪاپي ڪئي آهي _ اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن پاڻ نقل وڌيڪ عقل سان ڪيو آهي.
نيو يارڪ جي ٽائيمس اسڪائر وارو مِلڪ شيڪ، ٽوڪيو جي گنزا ڊوري واري ملڪ شيڪ سان ڇا مقابلو ڪندو؟ جنھن ڊسيپلين ۽ ايمانداريءَ سان جپاني بيس بال ٿا کيڏن، ان ڳالهه آمريڪن کي به تعجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آمريڪن پھريون ڪئلڪيوليٽر ضرور ٺاهيو، پر جپاني ان کان وڌيڪ بھتر ۽ سستا اڄ ڏينھن تائين ٺاهيندا اچن. جيڪي ماڻهو ڪموڊور پيريءَ جو جنگي جھاز ڏسي وائڙا ٿي ويا هئا، سي اڄ انهن جي مقابلي جا جھاز ٺاهي رهيا آهن.
نه فقط آمريڪا پر هر ملڪ جي سٺي شيءِ، گذريل ويھن پنجويھن سالن کان جپاني ڪاپي ڪري رهيا آهن. سئٽزرلئنڊ جي واچن، جرمني جي ڪئميرائن کان وٺي ڊئنمارڪ جي کير ۽ آسٽريليا جي گوشت سان سندن مقابلو آهي.
”جپان ٽائيمس“ جي اخبار جو سلوگن:
All the News without Fear and Favor.
ان ڏي پنھنجي جپاني دوست جو ڌيان ڇڪايم جيڪو آمريڪا جي اخبار نيويارڪ ٽائيمس جي سلوگن:
All the News that’s Fit to Print.
تان سنئون سڌو ڪاپي ٿيل آهي.
جپاني همراهه مڃي ئي نه، چئي ته اسان ڪاپي ٿوري ٿا ڪريون. اسان ته يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سٺي فئشن کي فالو ٿا ڪريون ... بلڪ ٻين کان سُٺائي سکي ان تي عمل ڪريون ٿا. جيئن اسڪول ۾ ماستر علم سيکاري ٿو ۽ شاگرد ان تي عمل ڪن ٿا. ان ڪاپيءَ کي اسان ’تعليم‘ پرائڻ سڏيون ٿا ۽ ان کي چوري هرگز نٿا چئي سگهون. ان جو مثال ائين به آهي جيئن ٻار گهر ۾ وڏن جي ڪاپي ٿو ڪري. هو وڏن کي ڏسي انهن وانگر هلي ٿو، انهن وانگر ڳالهائي ٿو، وغيره.
ٻئي تان نقل ڪرڻ کي ”چوري“ به سڏي سگهو ٿا ته ”تعليم“ به. بھرحال وقت اچي ويو آهي جو دنيا کي ڪجهه شيون جپانين جون به نقل ڪرڻ کپن. مثال طور: جپانين جي نھٺائي، ٻئي جي اڪيلائيءَ جو خيال رکڻ، پوڙهن جي عزت ڪرڻ ۽ دنيا ۾ مڃيل جپانين جي وفاداري _ پنھنجي گهر ٻار، ڪارخاني، آفيس ۽ ملڪ لاءِ. سندن پورهئي لاءِ فخر ۽ هر شيءِ کي سھڻو رکڻ جو هنر _ پوءِ کڻي گل ٻوٽا هجن يا مٿي جا وار. ڇٻا ۽ ڇڄ هجن يا گهٽيون ۽ گهر.
مٿي بيس بال بدران بيس بارو ۽ ملڪ شيڪ بدران مريڪو شيڪو لکيو اٿم. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ انگريزي جو لفظ Station (اسٽيشن) ٽيشن ٿي ويو آهي، Pull Through ڦلترو ٿي ويو آهي يا Orderly اردلي ٿي ويو آهي _ جپاني زبان ۾ (L) ’لام‘ بدران R استعمال ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته جپانيءَ ۾ ڪو به اکر ساڪن ناهي. هر اکر پويان پيش، زبر، يا زير ضرور آهي ... يعني واول رکيو وڃي ٿو. ٺلهو بال يا بار بدران بارو يا باري يا بارا ئي چئي سگهجي ٿو. سو هتي بارو ويجهو ترين لفظ آهي. جيئن منھنجو نالو جپانيءَ ۾ الطاف بدران ”َاري طافو“ ئي لکي سگهجي ٿو. هاڻ جپاني ۾ لکيل منھنجو نالو ڪو پاڪستاني پڙهندو ته سمهجي ويندو ته اهو ”اَرِيطافُو“ در اصل الطاف آهي. اهو ائين آهي جيئن انگريزيءَ ۾ ط نه هجڻ ڪري منھنجو نالو Altaf الٽاف سڏيو وڃي ٿو، پر هڪ پاڪستاني يا مسلمان انگريزيءَ ۾ لکيل الٽاف کي صحيح نالي الطاف سان پڙهندو. اهڙيءَ طرح جپان ۾ ڪينٽڪي، مئڪڊونالڊ جھڙن آمريڪن دڪانن تي جڏهن جپاني ۾ ملڪ شيڪ لکجي ٿو ته ”مي ري ڪو _ شي ڪو“ لکجي ٿو. هاڻ انگريزيءَ کان اڻ واقف _ خاص ڪري هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ جپاني ڇوڪريون وغيره ان کي لکت موجب مريڪو شيڪو اچارين ٿيون. باقي انگريزيءَ کان واقف جپاني يا اهي جپاني جيڪي آمريڪا ۾ رهي آيا آهن اهي توڙي کڻي مريڪو شيڪو لکيل آهي ته به، صحيح لفظ ملڪ شيڪ پڙهن ٿا ۽ اچارين ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته ڪيترا انگريزيءَ جا لفظ اهڙي طرح جپاني ٻوليءَ ۾ اچي ويا آهن ۽ پوءِ کڻي ڪو جپاني ماڻهو انگريزيءَ کان واقف آهي، ته به هو پنھنجي اسٽائيل وارو لفظ اچاري ٿو ۽ هن کي ملڪ شيڪ بدران ’مريڪو شيڪو‘ چوندي وڌيڪ فرحت اچي ٿي. جيئن اسان کي اسٽيشن بدران ٽيشن ۽ بس اسٽينڊ يا اسٽاپ بدران بس اسٽان چوندي پنھنجائپ محسوس ٿئي ٿي ۽ جپاني ته ان معاملي ۾ اهڙا ڪٽر آهن جو ٽيليويزن (T.V) کي به تيريبي (جپاني) لفظ سان سڏين ٿا.
هونءَ جپاني لفظن ۾ Vowels جو ڌڻ هجڻ ڪري انهن کي اُچارڻ سولو ٿئي ٿو ۽ جپاني ڳالهه ٻولهه (زبان) چينيءَ وانگر ڏکي ناهي. ان جو اندازو روزمره جي جپاني لفظن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. جيئن ته ٽويوٽا (To-Yo-Ta) ياشيڪا (Ya_Shi_Ka) يا سُوزوڪي (Su-Zu-Ki). هڪ لفظ آهي ’متسوبشي‘ جنھن لاءِ ڪو شايد چوي ته ت ۽ ش جي وچ ۾ Vowel ناهي. در اصل جپانيءَ ۾ ’تش‘ هڪ اکر آهي، يعني Mi-Tsu-Bi_Shi. هڪ ٻيو جپاني عام لفظ ’فوجي‘ آهي. فوجي جبل جو نالو آهي. جبل کي جپاني ۾ ياما سڏجي ٿو. يعني فوجي ياما (FUJI-YAMA) . سو اهڙيءَ طرح جپانيءَ جي هر اکر پويان گهڻو ڪري Vowel آهي، ويندي لفظ جي آخري اکر پويان پڻ. ان ڪري انگريزي يا ٻين ٻولين جا اهي لفظ جن جو آخري اکر ساڪن آهي، جپاني ۾ لکڻ سان ان پويان ڪو نه ڪو Vowel هڻڻو پوي ٿو. مثال طور ’رات جي راڻي‘ جپانيءَ ۾ لکڻو هجي ته Ratu-Ji-Rani لکڻو پوندو يا Rati-Ji-Rani لکڻو پوندو. ڇو جو ’ت‘ اکر جيڪو بنا Vowel جي آهي، ان پويان زير، زبر يا پيش ڏيڻو پوندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وارو ’ڪيڪ‘ لفظ جپان ۾ ’ڪيڪي‘ ٿيو وڃي.
هڪ ٻي ڳالهه ته اسان وٽ اڙدو، پارسي يا سنڌيءَ ۾ کڻي ٽيھه چاليھه کن Consonants آهن، جن کي بدلائڻ لاءِ ان اکر مٿان يا هيٺ زبر، پيش يا زير ڏجي ٿي، يعني ت، تَ، تُ ۽ تِ. پر جپانيءَ ۾ اسان وارو پھريون ت ته ساڪن (ت) آهي ڪونه، باقي تَ، تُ ۽ تِ لاءِ ٽي مختلف اکر آهن. اهڙيءَ طرح ڪَ، ڪُ ۽ ڪِ لاءِ وڌيڪ ٽي اکر ، يعني اسان جي هر اکر لاءِ جپانيءَ ۾ ٽي مختلف اکر آهن. اهڙيءَ طرح اها اچارڻ واري جپاني الف بي (ڪاٽا ڪانا ۽ هراگانا) ۾ به ڪافي اکر ٿيو وڃن. باقي تصويرن واري الف ب جنھن کي ’ڪانجي‘ سڏجي ٿو، ان جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. ٻارن کي هزارن جي تعداد ۾ شڪليون ياد ڪرايون وڃن ٿيون.

پرل هاربر جي تباهي

دنيا جي ٻي وڏي لڙائيءَ دوران پرل هاربر وارو حملو آمريڪا هميشھ ياد رکندو.
جپاني هوائي جھازن جو پرل هاربر (بندرگاهه) تي حملو تواريخ جو هڪ حيرت انگيز واقعو چئي سگهجي ٿو. ستين ڊسمبر 1941ع تي باک ڦٽي مھل اهو شروع ٿيو ۽ چند منٽن ۾ پرل هاربر ۽ ان ۾ آمريڪن نيويءَ جا بيٺل طاقتور ۽ قيمتي پاڻيءَ جا جھاز تباهه ٿي ويا. ان حملي جي خبر آمريڪا جي صدر توڙي عوام کي وائڙو ڪري وڌو، جيڪي پنھنجو پاڻ کي جپانين کان گهڻو طاقتور ۽ باحفاظت سمجهي رهيا هئا.
هيستائين آمريڪا، جيڪو سڌيءَ طرح هن جنگ ۾ حصو نه وٺي رهيو هو، اهو هن حملي بعد جنگ ۾ ٽپي پيو ۽ هن جپان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
’پرل هاربر‘ پئسفڪ سمنڊ ۾ هوائي ٻيٽ تي آهي. ”هوائي ٻيٽن“ جو جهڳٽو آمريڪا جي هڪ ڏورانھين رياست سڏجي ٿو. انهن ڏينھن ۾ آمريڪا جو صدر ’روزويلٽ‘ هو، جيڪو ٽيون دفعو صدر چونڊجي آيو هو ۽ جپان جو بادشاهه ’هيرو هٽو‘ هو.
جپانين جي هن اوچتي حملي تي آمريڪن کي ڏندين آڱريون ائين اچي ويون هيون، جيئن ان حملي کان سؤ سال کن اڳ آمريڪن جو ڪَلَ تي هلندڙ جھاز ٽوڪيو ۾ جپاني ڏسي حيران و پريشان ٿي ويا هئا. جپانين کي ان وقت اهڙن لوهي جھازن، انجڻين ۽ ڪل تي هلندڙ پنکي جي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي، جيڪي جھاز ڪموڊور مئٿيو پيري، جپان حڪومت جي موڪل بنا ٽوڪيو ۾ زوريءَ ڌوڪي وٺي آيو هو. ان کان اڳ جپانين ڪنھن به ڌارئين کي پنھنجي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نٿي ڏنو ۽ نه وري پاڻ ئي ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ ويا اٿي. جپانين پنھنجو پاڻ کي ڌارين ملڪن جي تھذيب، تمدن ۽ سوچن خيالن کان پري رهڻ ڪارڻ پنھنجو پاڻ کي پنھنجي ملڪ جي محدود دنيا ۾ قيد ڪري رکيو هو.
جپانين سان لھه وچڙه رکڻ ۽ سندن ملڪ ۾ گهڙڻ لاءِ آمريڪن گهڻيون لِک پڙهيون هلايون، پر جپانين پنھنجو پاڻ کي پاڪ صاف ۽ ڌارين جي گندگيءَ کان بچڻ جو اهو ئي طريقو ڳوليو ته ڪنھن به ڌارئين کي ويجهو اچڻ نه ڏنو وڃي. آمريڪا کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ نيٺ ڏنڊي جي زور تي هو جپان ۾ ڌوڪي پيا.
8 جولاءِ 1853ع ۾ _ يعني 1857ع واري هندستاني بلوي کان چار سال کن اڳ وارن ڏينھن ۾، آمريڪن ڪموڊور پيري (Mathew Perry) انجڻ تي هلندڙ پنھنجي ڪاري رنگ جي جھاز کي زوريءَ ايڊو (Edo) وٺي آيو. انهن ڏينھن ۾ ٽوڪيو جو نالو ”ايڊو“ هو. هن بندوقن ۽ توبن جي زور تي پنھنجن ماڻهن لاءِ جپان ۾ رهڻ، واپار ڪرڻ ۽ تبليغون ڪرڻ جو اجازت نامو جاري ڪرايو. جپان جي ڌرتي، جنھن ۾ ٻن صدين لاءِ جپانين پنھنجو پاڻ کي دنيا کان ڌار ڪري رکيو هو، ان کي هاڻ ٻاهرين ماڻهن لاءِ کوليو ويو.
ڪَلَ تي هلندڙ جھاز ۽ توبن جي ڇانوَ ۾ ڌارئين جي گهر ۾ اچي، پنھنجي مرضي هلائڻ، جپانين لاءِ حيرت، ذلت ۽ اندر ئي اندر پچڻ پڄرڻ هو. ان وقت تائين جپانين جي حالت کوهه جي ڏيڏر واري هئي، جن اهوسوچيو به نه هو ته ٻاهر جي دنيا جا_ آمريڪن يا ٻيا، ايڏو اڳتي وڌي ويا آهن، جو چپوئن ۽ سڙهن تي ٻيڙا هلائڻ بدران، مشينن تي پيا هلائين. تير ڪمانن بدران بندوقن سان پيا مارَ ڪن _ ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو. بيعزتي جيڪا ٿيڻي هئي سان ٿي. پر هنن (جپانين) ان ئي وقت اهو پڪو پھه ڪيو ته شان سان زندهه رهڻ جو اهو ئي علاج آهي ته پاڻ کي به ائين ماڊرن ۽ طاقتور بنائجي. هتي جيڪو ڏاڍو سو ئي گابو آهي ۽ ڏاڍي ٿيڻ جا هنر هيٺاهين وٺي، دشمنن کان به سکڻ گهرجن.
۽ پوءِ جپانين آهستي آهستي پنھنجن سپاهين کي وڌيڪ تربيت ۽ ماڊرن ويڙهه سيکارڻ لاءِ فرينچن کي پگهار تي رکيو. انگريز جھاز ڪمپنين کي پنھنجي نيوي ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪيو. جرمنن کان هنن ماڊرن سائنس جا راز سکيا ته آمريڪن کان ڪامرس ۽ وڻج واپار جون رمزون حاصل ڪيون. هو جپان ڇڏي ڏورانھن ملڪن ڏي نڪري پيا ۽ ويا زمينن ۽ واپار وڙي تي قبضو ڪندا. جپانين جي آمريڪا ڏي ته ايڏي لڏ پلاڻ ٿي جو 1922ع ڌاري جپانين جي وڌندڙ تعداد کي ڏسي، آمريڪا جي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو صادر ڪيو ته هاڻ ڪنھن به جپانيءَ کي آمريڪن شھريت نه ملندي.
پر جپانين سان آمريڪن جي گهڻي کان گهڻي اڻ بڻت چين تان هئي. 1911ع ۾ منچو سلطنت جي پڄاڻِيءَ بعد چين جو مستقبل ڊانوان ڊول ٿي ويو هو ۽ روسين کي پري ڌڪي، جپاني چين تي ڇانئجي رهيا هئا. جپانين جي اک منچوريا علائقي جي ڪوئلي ۽ لوهه ۾ هئي، جيڪو کين پنھنجين فئڪٽرين ۽ جھازن کي هلائڻ لاءِ کتو ٿي. نتيجي ۾ جپان ويو ٿي چين تي پنھنجو قبضو ڄمائيندو. جپان جي هاڻ پھرين واري ڪمزور حالت نه هئي. هن جي فوج، جھاز، بندوقون بارود گهڻن کان بھتر ۽ ماڊرن هئا. دنيا ۾ سخت قسم جو ڏڪار هو ۽ آمريڪا جھڙا ملڪ به ٻئي کي ڪجهه چوڻ ڪرڻ بدران پنھنجي جياپي ۾ ئي پورا هئا.
1937ع ڌاري ڪنھن اهاني بھاني سان جپان چين سان وڏو دنگو فساد شروع ڪيو. هوائي حملن ذريعي شنگهائيءَ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا ۽ مھينو کن نانڪنگ جي خونريزي ڪندو رهيو، جنھن ۾ ٻن لکن کان مٿي چيني ڪسجي ويا. پر آمريڪن ڪجهه ڪڇي نه سگهيا. گهڻو ئي سوچيائون ته جپانين جون واٽون بند ڪجن پر پئسي خاطر آمريڪن جھاز جپانين لاءِ لوهه ۽ تيل ٽوڪيو پھچائيندا رهيا. ڏڪار ڪري سڀني لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن اچي ويا هئا پر واپار واپار هو. جپانين جي همت هٽلر ڪري به وڌي رهي هئي. جنھن 1937ع کان 1940ع تائين يورپ جي ڪافي ملڪن جون چڱيون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. آسٽريا، چيڪو سلاويڪيا، پولينڊ هڪ ٻئي پويان جرمنن اڳيان آڻ مڃيندو ويو. ڊچ آرمي هڪ هفتي ۾ چٿرجي وئي ۽ راڻي ولھيلمينا سر بچائي وڃي لنڊن کان نڪتي. فرانس مھيني اندر گوڏن ڀر اچي ڦھڪو ڪيو ۽ انهن ملڪن کي پنھنجن ئي فڪرن بيحال ڪري وڌو هو. سندن فرينچ _انڊوچيني بيٺڪي راڄن (ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا) وغيره ۾ ڇا ٿي رهيو هو يا ڇا ٿيندو ان جو سوچڻ لاءِ فرانس کي نه موقعو هو ۽ نه مھل. برطانيه، نازي حڪومت جي حملن جي خوف کان، پنھنجو ساهه بچائڻ ۾ پوري هئي. سندن ڏور اوڀر جا راڄ: سنگاپور، ملايا، هانگ ڪانگ ۽ برما جي بچاءُ لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهي. وڌ ۾ وڌ رکي رکي چرچل، انهن ملڪن جي حفاظت لاٰءِ تقريري (زباني) ڀڀڪيون ڏنيون ٿي.
جپان جي ان وقت جي وزيراعظم ڪونويي (Fumimaro- Konoye محسوس ڪيو ته فرينچن، ڊچن، انگريزن ۽ پوچوگالين جي ڏکڻ اوڀر ۽ ڏور اوڀر وارن ٻيٽن کي پنھنجي گهيري ۾ آڻي پنھنجي واپاري سلطنت کي وڌائڻ جو هي صحيح ۽ سٺو موقعو آهي. ڇو ته انهن جا يورپي ڪرتا ڌرتا هزارين ميل ڏُور پنھنجي جان آجي ڪرائڻ ۾ پورا آهن ۽ کين ڪھڙي پئي آهي جو اهڙي موقعي تي ڌارين جي جان بچائڻ جو جوکم کڻن. سيپٽمبر 1940ع ۾ جپان نازي جرمني ۽ فاشسٽ اٽليءَ سان معاهدو ڪري هن سان ٻٽ ٿيو ۽ جپان گهر ڪئي ته انگلينڊ وارا چين جي طرفداري ۽ مال موڪلڻ لاءِ برما وارو رستو بند ڪن ۽ فرانس جپان کي، انڊوچين ۾ هوائي اڏن ٺاهڻ جي جهل پل نه ڪري.
پرل هاربر واري حملي جي سلسلي ۾ هڪ اهم شخصيت جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿيندو ،جنھن جو نالو ٻي وڏي لڙائيءَ جي حوالي سان اڪثر کنيو وڃي ٿو. اهو هو سوا پنج فوٽو بندرو جپاني، جنھن جو ڄمڻ وقت نالو ايسو روڪو تڪانو هو. تڪانو سندس ذات هئي، باقي ايسو روڪو Iso Roku نالي جي معنيٰ ڇاونجاهه (56) انگ آهي. جنھن وقت پاڻ ڄائو هو، ان وقت سندس پيءُ جي عمر ڇاونجاهه سال هئي. پاڻ ڇھون ۽ آخري پٽ هو. سندس پيءُ ڪو نالو ڳولڻ بدران مٿس پنھنجي عمر جو انگ ’ڇاونجاهه‘ نالي طور رکيو. پاڻ غريب جو ٻار هو پر جپانين جي رسم رواج موجب، هڪ امير گهراڻي کيس پنھنجو ڪري نپايو، پڙهايو ۽ وڏو ڪيو ۽ جپان جي رسم موجب کيس نئون نالو ’ياماموتو‘ ڏنو.
ياماموتو جو آمريڪا سان واسطو هڪ شاگرد جي حيثيت سان ٿيو، جڏهن هو گريجوئيشن لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هو. ان بعد واشنگٽن ۾ جپان پاران نيول اٽيچي ٿي رهيو. پاڻ جپان جي نيول فلائيٽ اسڪول جو آفيسر پڻ رهيو، جتي هن مستقبل ۾ هوائي فوج جو اهم ۽ طاقتور ٿيڻ جو اندازو لڳايو.
۽ هاڻ اهو ياماموتو ستونجاهه سالن جو اڇي مٿي وارو ائڊمرل ياماموتو هو، جنھن جپان جي گڏيل ٻيڙي Fleet جي ڪمانڊ ڪئي ٿي. هن کي شھنشاهي نيويءَ جي بچاءُ واري پاليسي پسند نه هئي، جيڪا اها هئي ته آمريڪا جيڪو طاقتور ملڪ آهي، جڏهن حملو ڪري ته ان بعد پٺتي اچي پنھنجي ملڪ ۾ لڪجي ۽ ڪنھن نموني سان آمريڪا جي ڀلي همت وڌي ۽ هو اڃا به اڳتي ڌوڪي اچي. هڪ دفعو جڏهن هو جپان جي اندرئين پاڻيءَ ۾ پھچي ويو ته پوءِ ان تي حملو ڪجي. (جپان چئن اهم ٻيٽن: هونشو، ڪيوشو، شڪاگو ۽ هوڪيدو جو نالو آهي. انهن ٻيٽن جي چوڌراري جيڪو سمنڊ آهي، ان کي جپان جو ’اندريون سمنڊ‘ سڏجي ٿو.) پرل هاربر تي حملو ڊسمبر ۾ ڪيو ويو، پر ان ئي حملي ڪرڻ جو منصوبو سال ڏيڍ اڳ، ياماموتو جي دماغ ۾ آيو هو. ان تي حملي بابت هن گهڻو اڳ، پنھنجي هڪ آفيسر سان خيال آرائي ڪئي هئي ته ڇو نه پرل هاربر ۽ ان ۾ بيٺل آمريڪي جھازن کي هوائي بمن رستي تباهه ڪيو وڃي.
ان کان اڳ ان حملي بابت جنھن به اظھار ڪيو ٿي ته اهو چئي رد ڪيو ويو ته پرل هاربر جپان کان تمام پري آهي. (ظاهر آهي ان وقت ته ڇا هاڻ به ڪي اهڙا هوائي جھاز نه آهن، جيڪي اوستائين وڃي حملو ڪري وري پنھنجي ماڳ تائين موٽي اچن. ڇو جو هوائي جھاز ۾ پيٽرول جي ٽانڪي پوري پني ٿئي ٿي. ٻي صورت ۾ ايئرڪرافٽ ڪئريئر موڪلڻ جي ضرورت هئي. انهن پاڻي وارن جھازن تي، هوائي جھاز، پرل هاربر جي ويجهو تائين ڌوڪي سگهن ٿا ۽ انهن جھازن تان ئي اهي ٽيڪ آف ۽ لئنڊ ڪري سگهيا ٿي. پر اهو به هڪ جوکائتو ۽ گهٽ اميد وارو ڪم هو جو هڪ ته جپان کي ملايا سنگاپور وغيره تي حملا ڪرڻ لاءِ نيوي ۽ ايئرفورس جا گهڻي کان گهڻا جھاز کتا ٿي ۽ ٻيو ته پرل هاربر ۾ اندر گهڙڻ جو رستو بيحد اڻانگو آهي ۽ آمريڪن نيويءَ جا جھاز بيحد وڏي حفاظت ۾ اتي بيٺل هئا.
پر ياماموتو ان حملي بابت سنجيدگيءَ سان سوچي، پنھنجن خاص ماڻهن سان ان بابت صلاح مشورو ڪيو. ان ڪم لاءِ متسو فوچيدا چونڊيو ويو. هو ان وقت چاليھه کن سالن جو هو. هو بيحد دلير ۽ هوشيار پائليٽ هو ۽ جرمني جي ڊڪٽيٽر هٽلر جو ايتري قدر پرستار هو جو هن هٽلر جي شخصيت مان متاثر ٿي پنھنجيون مڇون به ٽٿ برش جھڙيون رکيون هيون. ياماموتو فوچيدا کي پائليٽ تيار ڪرڻ ۽ اڳتي هلي انهن جي اڳواڻي ڪري پرل هاربر تي حملي لاءِ تيار ٿيڻ لاءِ چيو. ياماموتو آمريڪا سان جنگ جوٽڻ نٿي چاهي پر هن اهو ئي سوچيو ته جي جپانين کي اهڙي جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته آمريڪا شروعات ڪري، ان کان اڳ ئي مٿس پھريون ئي وار اهڙو زور سان ڪجي جو آمريڪا دل شڪستو ٿي وڃي ۽ چڱيءَ طرح مقابلو ڪري نه سگهي ۽ پوءِ آمريڪا، سندن طرفان امن لاءِ پيش ڪيل رٿ، قبول ڪري سگهندو.
جپان چين تي قبضو ڪري، پنھنجي من مستي ڪرڻ چاهي ٿي، پر آمريڪا چين حڪومت جي مدد ڪري جپانين جا ڏند کٽا ڪندو رهيو ۽ کين اهو ئي چوندو رهيو ته چين کي ان جي حال تي ڇڏي ڏيو. پر جپان ايشيا جي مڙني ملڪن تي پنھنجو حق ڄمائڻ چاهيو ٿي ۽ هو آمريڪا جي ان قسم جي ڳالهه مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه هو. بھرحال ٻنهي جي وچ ۾ ان بابت واشنگٽن ۾ ڳالهين جي دور بابت تياري ٿي ۽ اڃا اهي شروع ئي مس ٿيون ته جپان چين جي اتراهين حصي سان گڏ، هن جي هيٺين ڏاکڻي حصي تي به قبضو ڪري ورتو. هونءَ جو آمريڪا يا يورپ جي ملڪن جو چين سان، ڏاکڻن بندرگاهن ذريعي واپار پئي هليو، اهو لنگهه ۽ رستو به بند ٿي ويو. نه فقط ايترو پر انگلينڊ جو ملايا ۽ برما تي ڪنٽرول به خطري ۾ پئجي ويو.
آمريڪا جي صدر روزويلٽ جپان جي ان گستاخيءَ تي کيس سزا طور، آمريڪا ۾ موجود مال ملڪيت کي سوگهو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ جپان سان هلندڙ واپار تي بندش وجهي ڇڏي. نتيجي ۾ جپان کي تيل، لوهه، ڪيميڪل ۽ مشينريءَ جو سامان ملڻ بند ٿي ويو. ان ئي وقت ڊچن ۽ انگريزن به جپان سان ساڳي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو. جپانين لاءِ آمريڪا توڙي ڊچن ۽ انگريزن جو اهو قدم، ڪاپاري ڌڪ هو. جپان کي اوڀر جي ملڪن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تيل ۽ لوهه جھڙين شين جي سخت ضرورت هئي، جيئن هو پنھنجا ”جھازن ۽ هٿيارن“ جا ڪارخانا هلائي سگهي، جن ذريعي ئي هو دنيا تي حڪومت ڪرڻ جو خواب پورو ڪري سگهيو ٿي. جپان پاڻ ته اهڙو ملڪ آهي جتي نه لوهه ٽامي جون کاڻيون آهن نه گئس تيل جا کوهه ۽ نه وري اناج ڏيندڙ ڌرتي. اهڙو ملڪ ڪچي مال لاءِ ٻين ملڪن تي ئي ڀاڙي سگهي ٿو.
1940ع جي آخر ڌاري ڪونوي استعيفيٰ ڏني ۽ ’توجو‘ جپان جو نئون وزير اعظم ٿيو. جپان جي مليٽري ليڊرن هاڻ جيتوڻيڪ آمريڪا سان جنگ جوٽڻ جو پڪو پھه ڪيو پر هنن اڃا پرل هاربر تي اوچتو حملو ڪري آمريڪا کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ رضامندي نه پئي ڏيکاري . پر ياماموتو پنھنجي ڳالهه تي قائم رهيو ته، ”جپان اٿندي ئي آمريڪا تي اهڙو وار ڪري جو هنن جي نيوي لولي لنگڙي ٿي پوي ۽ آمريڪا جھڙي طاقتور ملڪ سان مقابلو ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي جنھن طريقي سان سوڀ جي اميد نظر اچي ٿي.“
پر جنگي کيڏن مطابق ان ڳالهه جو ڀؤ پنھنجي جاءِ تي هو ته جپاني ٻيڙو جيڪو سوين بمبار جھاز کڻي پرل هاربر ڏي روانو ٿيندو، ڪٿي رستي تي آمريڪا جي نظر چڙهي ويو ته ڌاڻا ڌاڻا ٿي ويندو ۽ هيڏا هوائي جھاز ۽ پاڻيءَ جا جھاز منٽن ۾ برباد ٿي ويندا. پر ياماموتو پنھنجي راءِ تي اٽل رهيو. ”جيڪڏهن پرل هاربر تي حملي لاءِ رضامندي نه ڏني وئي ته پوءِ آئون پنھنجي سڄي اسٽاف سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.“ هن چيو .
آخرڪار جپان جي شھنشاهه ۽ مليٽري جي ليڊرن ياماموتو جي رٿ کي پسند ڪيو ۽ پرل هاربر تي حملو ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ تاريخ ستين ڊسمبر مقرر ڪئي. 17 نومبر تي ائڊمرل ياماموتو ان مھل ئي روانا ٿيندڙ جھازن ۽ ان جي عملي کي ’خليج سائڪي‘ جي فوجي سکيا واري ارادي ۾ الوداعي دعوت ڏني: ”جپان جي سونھري تواريخ ۾ اهڙا ڪئين مثال ملندا جن ۾ جپان ڪيترن ئي طاقتور دشمنن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا _ منگول، چيني، روسي _ ڪو به اسان اڳيان سينو ساهي نه سگهيو آهي.“ ياماموتو ان رات پنھنجي تقرير ۾ پنھنجن سپاهين کي چيو، ”هن آپريشن ۾ اسان کي وقت جي بيحد طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻو آهي. مون کي اميد آهي ته سوڀ اسان جي ئي ٿيندي.“
پرل هاربر تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندڙ ٻيڙي، جي اڳواڻ فوچيدا (Fuchida) پنھنجن آفيسرن ۽ ياماموتو سان گڏ سُورومي (سڪل ڏنڀرو) ۽ ڪاجي گوري (اخروٽ) کاڌا، جيڪي جپاني عقيدي مطابق خوشي ۽ سوڀ جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. ان بعد فوچيدا پنھنجي ٻيڙي کي پرل هاربر (Hawaii) ڏي هلڻ جو حڪم ڏنو. ان ٻيڙي ۾ ڇھه ته هوائي جھاز ڍوئيندڙ پاڻيءَ جا جھاز (ايئر ڪرافٽ ڪئريئر) هئا جن مٿان چار سؤ بمبار هوائي جھاز هئا _ جن کي پرل هاربر جي ويجهو پھچي هوائي بمباري ڪرڻي هئي. ان کان علاوه پاڻيءَ جا ٻه جنگي جھاز (Battle Ships) ، ٻه ڪروز، نَوَ ڊسٽرائر ۽ ڊزن کن ٻيا جھاز هئا، جن ۾ پائليٽ، عملو، راشن پاڻي، جھازن لاءِ تيل، توبون بارود ٽارپيڊو ۽ ٻيو اسلحو هو. تيرهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ساڍن ٽن هزارن ميلن جو سفر طئي ڪرڻ لاءِ هو روانا ٿيا.
انھيءَ دوران جپان هڪ ٻه دفعا آمريڪا وارن کي پنھنجي فيصلي تي ٻي نظر وجهڻ ۽ جپان سان واپاري تعلقات برقرار رکڻ لاءِ چيو، پر آخر تائين آمريڪا جو جپان لاءِ اهو ئي جواب رهيو: ”چين ۽ انڊوچين (لاؤس ويٽنام، ڪمبوڊيا وغيره) مان پنھنجي فوج کي هٽايو ۽ برطانيھ ۽ يورپ جي بيٺڪي راڄن ۾ پنھنجي داداگيري بند ڪريو.“
جپاني جھازن جو ٻيڙو هوائي ٻيٽ ڏي (جتي پرل هاربر آهي)، وڌندو رهيو پر آمريڪا کي ذرو به شڪ نه ٿيو ته اڳتي هلي کين اوچتو ڪاپاري ڌڪ لڳندو. هنن سمجهيو ته جپانين جو پورو زور اتي ئي اوسي پاسي جي ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي آهي ۽ خبر پوءِ تڏهن پيئي، جڏهن ستين ڊسمبر جو صبح ساجهر جپاني ويڙهاڪ هوائي جھازن جي آمريڪي نيول جھازن مٿان ٺڪا ٺوڪي ٿي ويئي. جپاني ٻيڙي، پرل هاربر کان ٻه سؤ ميل کن پري لنگر ڪيرايو ۽ هڪ ئي وقت ٻن ٻن سؤ هوائي جھازن جي جهڳٽن پرل هاربر ۽ ان ۾ موجود آمريڪن نيول جھازن تي گولا وسائڻ شروع ڪري ڏنا. چند منٽن ۾ پرل هاربر، ٺڪائن، باهه، دونھين ۽ ماڻهن جي رڙين سان ڀرجي ويو.
جپانين سگهوئي پنھنجو ڪم لاهي واپسيءَ جي راهه اختيار ڪئي پر ڪي ڏينھن آمريڪا جي دلين تي خوف طاري هو ته جپاني هتي ئي اوسي پاسي ۾ لٿل آهن ۽ لڪيا ويٺا آهن. اجهو ته بچيل ماڻهن ۽ جھازن تي ٻيو حملو ڪيائون. بھرحال هي دنيا جو مشھور هڪ طرفو حملو هو، جنھن ۾ آمريڪا کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان رسيو. سندس اڍائي هزار کن فوجي ۽ جھازي مارجي ويا. انهن جو اڌ ته فقط هڪ جھاز ”ايرزونا“ تي مري ويو. اهڙو هزار کن ڦٽجي پيو. ان جي مقابلي ۾ جپانين جا سؤ کن خلاصي ۽ ايئرمئن مس مئا. تن مان پنجھٺ جپاني، سب مئرين (آبدوز جھاز) جي ٻڏڻ ڪري مئا. مالي نقصان ۾ آمريڪا جا ارڙهن جنگي جھاز ٻڏي تباهه ٿي ويا. جپانين جو فقط هڪ مٿيون آبدوز جھاز. اهڙيءَ طرح آمريڪي جھازن تي جيڪي هوائي جھاز هئا انهن مان اڍائي سؤ کن بنھه تباهه ٿي ويا يا ناڪارا ٿي ويا ۽ جپانين جي فقط اوڻٽيھه جھازن کي نقصان رسيو.
بھرحال پرل هاربر جي تباهي آڻي، جپان آمريڪا کي پھرين ملهه ضرور ماري، پر پوءِ آمريڪن به بچيل همٿ گڏ ڪري ٻي ملهه جپانين کي دسي. پرل هاربر تي جپاني هٿ چراند نه ڪن ها ته شايد آمريڪا بدلو وٺڻ لاءِ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي طاقتور بم نه ڪيرائي ها ۽ جپاني انگريزن، فرينچن ۽ پورچوگالين جي بيٺڪي راڄن ۽ ٻيٽن تي موجون مزا ڪيو ويٺا هجن ها ۽ هانگ ڪانگ، ملايا، برما، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جھڙا ڪيترائي ملڪ ۽ ٻيٽ جپان جي هٿ ۾ هجن ها ۽ ڪھڙي خبر ته ننڍو کنڊ، سريلنڪا ۽ عرب ملڪ به جپانين جي قبضي ۾ ٿي وڃن ها ۽ اڄ جيڪا انگريزي اسان وٽ هلي ٿي ان جي بدران جپاني هجي ها. پر پرل هاربر جي تباهي فقط آمريڪن لاءِ نه پر خود جپانين لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي. تڏهن ته پرل هاربر تي جپانين جي بمباريءَ جو ٻڌي چرچل افسوس ڪرڻ بدران خوش ٿيو هو : ”هاڻ ڄاڻ ته اسان جي سوڀ ٿي.“ هن يڪدم چيو.
اهو ان ڪري جو هو سمجهي ويو ته انگلينڊ يا فرانس ۾ ته اها همت نه رهي آهي جو جرمني ۽ جپان جو هڪ ئي وقت مقابلو ڪري. هو تڏهن ئي کٽي سگهيو ٿي جڏهن آمريڪا هن جنگ ۾ ٽپي پوي ۽ جپان جھڙن ڏنگن ماڻهن سان منھن ڏئي. پرل هاربر جي تباهيءَ ڪري جپانين ڄڻ ته آمريڪا کي پنھنجي خلاف ان جنگ ۾ گهڙڻ جي دعوت ڏني ۽ پوءِ ٿيو به ائين. آمريڪا وٽ اهي بم هئا جن بابت ان وقت ڪو سوچي به نٿي سگهيو ۽ جپان جي مٿان فقط ٻه بم هڻڻ سان، جپانين کي، ڌارين ۽ ڏورانھن ملڪن ۾ ته ڇا پر پنھنجي وطن ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه ملي.

جپاني گهر يا ڊرامي جي اسٽيج

ڪراچيءَ کان ٽوڪيو پھچڻ

جپان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنھن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا يا ٻيا ڌاريان تمام گهٽ ملندا. پر جيڪي ڪجهه آهن، تن جو گهڻو حصو ٽوڪيو ۾ رهي ٿو جو اتي سفارتخانا آهن، مشھور هوائي ۽ بحري جھازران ڪمپنين جون آفيسون آهن. واپار وڙي ۽ بين الاقوامي بئنڪاريءَ جو گهڻو زور به ٽوڪيو تي آهي ۽ ٻئي نمبر تي اوساڪا ۽ يوڪو هاما تي آهي.
ٽوڪيو هن کان اڳ به ڪيترائي دفعا منھنجو اچڻ ٿيو آهي پر هميشھ پاڻيءَ واري جھاز تي ۽ هتي اچي هر دفعي جتي وڌيڪ نيون گهٽيون نوان رستا معلوم ٿيا آهن، اتي ڪنھن نه ڪنھن واپاري نوجوان هستي اشفاق ميمڻ ۽ مقصود احمد سان، ته ڪڏهن پي. آ. اي جي مئنيجر اقبال منظور ۽ صفدر سان، ته ڪڏهن اسلامي سينٽر جي ڊائريڪٽر اي آر صديقي سان ته ڪڏهن جنگ اخبار جي ڪالم نويس ۽ ٽوڪيو يونيورسٽي جي پروفيسر عمر دراز سان. ان کان علاوه وقت بوقت ٽوئر تي ايندڙ يا پڙهائي جي سلسلي ۾ رهندڙ شاگرد، جن مان ڪن جا نالا ۽ چھرا هن وقت به دماغ ۾ ڦري رهيا آهن: نظير شيخ، جان محمد ڪيريو، سيتا روڊ جو اقبال سولنگي، سومرو، ڪي پي ٽي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر راهو صاحب، اقبال ترڪ (پورٽ قاسم وارو هاڻ ڪورنگي فشريز جو ايم. ڊي)، سنڌالاجيءَ جو الانا صاحب، سول اسپتال جو ڊاڪٽر جمالي ،خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ ڪيئي ٻيا.
انهن سڀني ۾ گهڻي ۽ هر دفعي ملاقات، ٽوڪيو ايمبيسيءَ جي دلچسپ شخصيت ظفر شيخ سان ٿيندي آهي. هر دفعي ملڻ لاءِ ٻئي ڄڻا ڪجهه نه ڪجهه وقت ضرور ڪڍي وٺندا آهيون، پوءِ ڪڏهن هفتي جي شام ڪٿي ماني کائيندي ته ڪڏهن جھاز تي . اسان جي گذريل ملاقات کي اڃا مھينو کن به نه ٿيو هو، آئون هڪ پراڻي جھاز کي جپان وٺي آيو هوس. ان دفعي سامان لاهڻ ۽ مرمت جي سلسلي ۾ جپان جي ڇھن ستن بندرگاهن ۾ مھينو ڏيڍ لڳي ويو هو ۽ ان جھاز جو آخري بندرگاهه ٽوڪيو هو. ظفر نئون گهر مسواڙ تي ورتو هو، جنھن ۾ ڊرائينگ روم به هو ته بيڊ روم به. هڪ عدد ٽوائليٽ الڳ هو ته وهنجڻ جاءِ الڳ. ٽوڪيو جي شھر ۾ ان قسم جو گهر وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي ۽ مون ان ڳالهه جو ٻڌي چيو هئومانس ته تنھنجو گهر ضرور ڏسڻ ايندس. بلڪ ايڏي وڏي گهر ۾ _ جنھن جي بيڊ روم ۾ کٽ به پئجي سگهي ٿي، ضرور رهڻ به ايندس. هن کان اڳ جپان ۾ مون فقط هڪ ننڍڙي ڪمري وارا جپاني نموني جا گهر ڏٺا هئا، جيڪي گهر گهٽ ڪنھن فلم يا ڊرامي جو سيٽ يا اسٽيج وڌيڪ لڳندا آهن.
ڏينھن جي وقت اهو هڪ ڪمري جو ننڍڙو گهر ڊرائننگ روم هوندو آهي. تڏي (تاتامي) مٿان وچ تي ٽيبل رکيل، جنھن جي چوڌاري مھمان پلٿ ماري ويھي ڪچھري ڪندا هئا. سياري ۾ ان ٽيبل مٿان ٿلهي سوڙ وڇائي ويندي آهي، جنھن جا پاسا پلئه، چوڌاري ويٺل مھمان پنھنجي پيرن مٿان ڇڪي وجهندا آهن. مانيءَ جي وقت اهو ٽيبل ريڙهي، دسترخوان وڇائي، ماني کائبي آهي. ٻارن کي پڙهڻو هوندو ته گهر جي ننڍڙي ڪمري جو سيٽ هڪدم خُٿاب ۾ بدلجي ويندو آهي ۽ ٻار ڪڇ ۾ وهاڻا کڻي مٿان ڪاپيون ڪتاب رکي ويھي لکندا پڙهندا آهن. رات جو وري سڀ سيٽ بدلجي ويندا. ٽيبل در ٻاهر يا گهٽيءَ ۾ هليو ويندو. ڀت ۾ لڳل گهرڪندڙ (Sliding) دروازن وارن ڪٻٽن مان سوڙون ۽ بلاڪيٽ ڪڍي پٽ تي وڇايا ويندا . گهر جا ڀاتي ۽ مھمان پٽ تي قطار ۾ ماچيس جي تيلين وانگر مٿا هڪ طرف پير ٻئي طرف ڪري سمهندا ۽ ميزبان ان ڪٻٽ ۾ جنھن مان سوڙيون نڪتيون، ان ۾ سمهي رهندا. هن سسٽم ۾ مھمان لاءِ رڳو اها مصيبت آهي جو صبح جو سوير گهر جي ڀاتين سان گڏ اٿڻو پوي ٿو ۽ ننڊ ۾ به اهي خواب پيا نظر اچن ته صبح ته نه ٿي ويو آهي ۽ جپاني دوست جي ماءُ، يا مسافر خاني جي نوڪرياڻي گهر جي اسٽيج جو سيٽ بدلائڻ لاءِ هنڌ ته نه ويڙهي رهي آهي. جپاني گهرن ۾ ڏينھن جو ڪو چيلهه سڌي ڪري _ ناممڪن ڳالهه آهي.
جپان کان ٻاهر رهي جپاني گهرن ۾ رهڻ جي ته ماڻهو سڌ ڪري سگهي ٿو پر جپان ۾ رهڻ وقت هر ڪو پنھنجو نمونو پسند ڪري ٿو _ رهڻ توڙي کائڻ پيئڻ جو، جيڪو هن کي پنھنجي گهر، ڳوٺ ۽ وطن جي ياد ڏياري.
گذريل دفعي ٽوڪيو ڇڏڻ وقت ظفر کي چيو هوم ته انشاءَ الله ٻئي دفعي آيس تنھنجي نئين گهر کي اچي ڏسندس. جيتوڻيڪ ان وقت وري جپان اچڻ جي اميد نه هئي، جو ڪراچيءَ بعد جھاز کي انگلينڊ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻ لاءِ پروگرام اچي چڪو هو.
ڪراچي پھچڻ تي جھاز جو پروگرام ته ساڳيو قائم رهيو _ يعني انگلينڊ ۽ آمريڪا وڃڻ جو، پر منھنجي جاءِ تي ٻيو چيف انجنيئر رکيو ويو ته اهو ان جهاز کي وٺي وڃي ۽ مون کي جپان ۾ وڌيڪ ٽريننگ وٺڻ ۽ اتان نئين جھاز کي آڻڻ لاءِ چونڊيو ويو.
ٽوڪيو واپس اچڻ لاءِ مون کي پي. آءِ. اي جي ٽڪيٽ ڏني وئي. ملڪي اڏام هجڻ ڪري ٻيا به ڪيترائي مون جھڙا هم شڪل، هم رنگ ۽ هم وطن مسافر ان هوائي جھاز ۾ گڏ هئا. ڪجهه ته رستي تي منيلا ۽ بئنڪاڪ لٿا. ڪجهه ٽوڪيو تائين گڏ هئا. پي. آءِ. اي جي عملي ۾ پائليٽ صالح جي، پر سر لطف الله راشدي، محفوظ خان ۽ آغا آفتاب جھڙا هئا، سو سڄي واٽ سٺو وقت گذري ويو. ان کان علاوه پنھنجي جھازران ڪمپنيءَ جو اليڪٽريڪل انجنيئر اڪبر به گڏ هو، جيڪو رڳو ايئرپورٽن تي جھاز کان ٻاهر نڪري چڪر هڻڻ لاءِ اٿيو ٿي. باقي اڏام مھل جيئن ئي بيلٽ کولڻ لاءِ هدايت ملي ٿي ته وچ وارين چئن خالي سيٽن تي بلاڪيٽ اوڍي ڊگهو ٿي سمهي رهيو ٿي. ڪنھن به هٿ ٿي لاٿس ته ان کي ٻڌايائين ٿي I am Sick. سندس ان ”آءِ ايم سِڪ“ جملي مون کي ٻڏ تر ۾ وجهي ڇڏيو ته جنھن ڪم لاءِ اسين ٽوڪيو وڃي رهيا آهيون، اهو ڪيئن ٿيندو _جي هي واقعي بيمار آهي ته، جيتوڻيڪ بيماريءَ جي حالت ۾ هن جو جپان هلڻ اهڙو ضروري نه هو. ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ئي ترسي پوي ها. آئون اتان ڪو ٻيو اليڪٽريڪل انجنيئر پاڻ سان کڻي نڪران ها.
آخرمنيلا ۾ فلپينو گرائونڊ هوسٽس سان ڪنھن ڳالهه تي جهيڙو ڪرڻ دوران ٿوري دير فرصت مليس ته مون پڇيومانس ته ”سڄي واٽ ننڊون ڪندو هلين، واقعي بيمار آهين ڇا؟ ٽوڪيو ۾ ته پھچڻ سان ڪم جي وڏي منزل رکي آهي.“
”نه سائين“، کلي وراڻيائين. ”ننڊون ته ان ڪري پيو ڪريان جيئن ٽوڪيو ۾ لھڻ تي تازو توانو نوبنو هجان. باقي هوائي جھاز ۾ جاڳي ڇا ڪريان. ’پرزنر آف زينڊا‘ فلم پيا ڏيکارين. اها به ڏٺل آهي. جھاز جي مانيءَ جو اسٽئنڊرڊ به اکين سان ڏسو ويٺا. ڏين چانھه جو ڪوپ به ڪو سٺو نٿا. اجائي موڊ آف ٿي ٿئي ۽ توهان، پنھنجو منھن وٺيو، هوائي جھاز ۾ ويٺا پاڻيءَ جي جھازجون ڊرائينگون ڏسو. سو اڪيلو ويھڻ سان آئون بور ٿو ٿيان.“
ٽوڪيو ايئرپورٽ تي اسان جو هي يار اليڪٽريڪل انجنيئر، الف ليليٰ واري جن جي اسٽائيل ۾ ”آدم بوءِ، آدم بوءِ“ چوڻ بدران ’بک اٿم، بک اٿم‘ جون دانھون ڪندو هوائي جھاز مان ٻاهر نڪتو ۽ لھڻ سان ئي ناريتا ايئرپورٽ جي در وٽ دڪان مان چيزو _هئمبرگو (چيز هئمبرگر) مان ڌڪ ڪڍيائين.
سامان اسان جو آيو ته منھنجي بئگ پھرين ۽ اندر جو سامان ڪجهه پھرين ته ڪجهه پوءِ _ جنھن ۾ هوائي جھاز يا هوائي ڪمپنيءَ جو نه پر منھنجو ڏوهه هو، جو مون واري بئگ جو سندس ڄائي ڄم کان تالو ته خراب هو پر ڪُنڍو پڻ، سو ظاهر آهي ته جلدي ۾، اڳٺ سان ڏيڍ ڳنڍ ڏئي بئگ اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي جمع ڪرائي هيم.
۽ هينئر، ڪراچي ايئرپورٽ تي جمع ڪرايل بئگ جو سامان ٽوڪيو ايئرپورٽ تي بئگ اندر جمع ڪرڻ لڳس. چڱو جو اڳٺ سلامت مليو، جنھن سان وري بئگ کي ٻڌم ۽ سامان سوڌي بئگ کڻي ڪسٽم ڪائونٽر تي پھتس. هڪ وطني همراهه کيڪاريو ۽ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ڪرائيسين. سندس هٿن ۾ چار مٺائيءَ جا دٻا هڪ ٻئي مٿان گهرڪي رهيا هئا. مون اهي جهلي درست ڪيامانس ته يڪدم ٻه منھنجي حوالي ڪري چيائين يار هي ته ٻاهر تائين کڻائي هل.
”لاحول ولله“ مون دل ۾ سوچيو. ”ڪنھن سان کلي ڳالهاءِ ته اتي جو اتي ڪنھن چڪر ۾ وجهڻ لاءِ تيار.“ ايئن ڪنھن جو سامان ٻاهر ڪڍڻ نسورو غلط ڪم آهي جو هن ۾ خبر ناهي اندر ڇا به هجي. اڳلي کي ئي نه ڏيڻ گهرجي جو ظاهر آهي ان لاءِ کڻڻ وارو ئي جوابدار ٿئي ٿو. ڪيترا اهڙا مثال ٿيا آهن جو دٻن مان بم بارود يا نشي جو سامان نڪتو آهي.
مون کيس سمجهايو ته جنھن اداري سان تون تعلق رکين ٿو، ان ۾ جيتوڻيڪ منھنجو دوست ظفر شيخ به آهي پر ان هوندي به مون کي هن ڪم کان معاف ڪر.
ظفر شيخ جو ٻڌي هن کلي چيو: ”يار پوءِ ته توکي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ دٻو ته ڪڍڻو پوندو، جيڪو هن جو ئي آهي.“
مون سندس هجت کي درگذر ڪري سڀ دٻا هٿ ۾ ڏيئي پنھنجي بئگ کي اڳٺ کان ڇڪي، اچي چيڪ پوسٽ وٽ پھتس.
پاڻ منھنجي اڳيان هو. چيڪنگ مھل جپاني ڪسٽم آفيسر دٻا کولي ڏٺس. منجهس مٺائي هئي، جيڪا ڏسي مون کي به شرمندگي ٿي ته ايئن مون کي انڪار ڪرڻ نٿي جڳايو پر پوءِ يڪدم پاڻ مرادو مطمئن ٿي ويس جو اصول مطابق اهو مون صحيح ڪيو هو.
ٻاهر نڪري هن پنھنجو رُخ ڪيو ۽ اسان پنھنجي ٽوڪيو آفيس کان آيل همراهه سان گڏ اچي شپ يارڊ کان نڪتاسين، جتي اسان جو نئون جھاز ٺھي رهيو هو.

ڪھڙو وائڙو واٽھڙو پڙهندو

شپ يارڊ ۾ هفتو کن ته اهڙو مشغول گذريو جو ظفر سان ملڻ ته پري سوچڻ جو به وقت نه مليو. مس مس هڪ ڏينھن فون جي فرصت ملي. مون سمجهيو ته کيس تعجب لڳندو ته آئون جپان ڪيئن ۽ ڪڏهن پھتس جو اڃا هاڻ ته ڪراچي ويو هوس.
”او گينڪي ديسڪا؟“ مون جيتوڻيڪ آواز ڦيرائي کيس جپانيءَ ۾ کيڪاريو پر هن منھنجو آواز سڃاڻي ڏاڍي آرام سان وراڻيو:
”جوبو ديس. اريگاتو. پر شاباس هجئي هيترن ڏينھن بعد اڄ ٿو فون ڪرين. ڊوڪو ني شندي اماساڪا (تون رهيو ڪٿي پيو آهين؟).“
”ادا تنھنجي ئي ٽوڪيو ۾. (ٽوڪيوني) پر منھنجي جپان ۾ هجڻ جي توکي خبر هئي ڇا_؟“ مون پڇيومانس.
”ها ان ڏينھن ئي پئجي وئي، پر يقين نٿي آيو ته باءِ ايئر ڇو آئين. جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ جيڪي به پاڪستاني جھاز بيٺا آهن، سڀني تان پڇا ڪرايم. پر تنھنجو ڪو اتو پتو ئي نه مليو.“
”هاڻ سمجهيم، توکي مٺائي واري همراهه ته نه ٻڌايو؟“
”ها_ بلڪل.“ ظفر شيخ وراڻيو.
”ڀلا دانھن ته ڪانه ڏنائين ته مون سندس مٺائي نه کڻائي.“
ظفر کلي چيو ”ها يار! مزي جي ڳالهه گهرائي به مون هئي. پر تو واري ڳالهه پنھنجي جاءِ تي صحيح آهي.“
کيس مون پنھنجي موٽي اچڻ جو ٻڌايو ۽ هن ملڻ لاءِ پروگرام ٺاهڻ لاءِ چيو.
”جهاز جي ڪمن مان خبر ناهي ته ڪڏهن واندڪائي ملي. جيئن ئي وقت نڪتو ته تو وٽ هليو ايندس.“ مون ٻڌايومانس.
”منھنجي نئين گهر جو رستو تمام سولو آهي. هگاشي گنزا کان زمين دوز گاڏي وٺجانءِ، ۽ ٻن اسٽيشنن بعد ’سينگا ڪوجي‘ اسٽيشن تي لھي پئجانءِ. ٻاهر نڪري ساڄي پاسي ٿورو هلندي ته سينگا ڪوجي درگاهه نظر ايندءِ. پوءِ ان جي کاٻي پاسي لڙندين ته حيدرآباد جي ريشمي گليءَ نموني جي سوڙهي ۽ چڙهائيءَ واري گهٽي نظر ايندئي، جنھن جي پھرين ڇڏي ٻي گهٽيءَ ۾ مُڙي پئجانءِ ته اڳتي هلي وڏن ڳاڙهن اکرن ۾ اسان جي گهر جو نالو مئسندا مئنشن ڏسڻ ۾ ايندئي. اهو فرينچ نالو آهي. پر ڪاٽا ڪانا (جپانيءَ) ۾ لکيل آهي جيڪا تون سولائيءَ سان پڙهي ويندين.“
نيٺ هڪ ڏينھن جڏهن واندڪائي ملي ته تيار ٿي نڪتس. سينگا ڪوجي درگاهه تائين ته پھچي ويس، پر پوءِ ريشمي گليءَ ۾ ’واٽون ويهه ٿيون ڪھه ڄاڻان ڪيھي ويا‘ واو حساب ٿي پيو. هيڏانھن هوڏانھن بورڊ ته گهڻئي جاچيم (ٽوڪيو جو شھر ۽ بورڊ نه هجن)، پر ظفر جي گهر جو نالو جپاني ڪاٽا ڪانا لکڻيءَ ۾ نظر نه آيو. او، ستين ستين ماڙ جي مٿان لڳل بورڊ به آهستي آهستي پڙهي ويس. نيٺ ظفر کي فون ڪيم ته ميل جي گهيري ۾ سڀ گهٽيون گهمي ويو آهيان تنھنجو گهر ۽ سندس نالي جو بورڊ نظر نٿو اچي. فلاڻي هوٽل وٽ بيٺو آهيان اچي وٺي وڃ ۽ هاڻ ته مينھن به وڏڦڙو شروع ٿي ويو آهي.
ٿوري دير بعد ڀرواري گهٽيءَ مان سليٽي سٿڻ قميص ۾ ظفر مينھن ۾ پسندو اچي نڪتو. ٿورو هيڏانھن هوڏانھن ڦيرائي، گهر جي ويجهو پھچي چيائين هي ڏس هي لکيو ته پيو آهي بورڊ تي گهر جو نالو.
”ڪٿي_؟“ مون ڌوپ ڇٽي پاسي ڪري اوچين عمارتن جي کڏ تي لڳل بورڊن ڏي مٿي نھار ڪندي چيو.
”مٿي نه پر اجهو هي_ .“ هن هڪ عمارت اڳيان ننڍڙي ڇٻر جي ٽڪر تي پٽ تي لڳل هڪ ٻارن جي سليٽ جيڏي ڪاري بورڊ ڏي اشارو ڪيو، جنھن تي ماڪوڙين جي فرئڪچرڊ ٽنگن جھڙي جپاني لکڻيءَ ۾ ’مئسنڊا ڊوري‘ لکيو پيو هو. جي ظفر نه ٻڌائي ته آئون ان لکڻيءَ کي ڪاٽا ڪانا بدران ڪانجي سمجهي پڙهڻ جي ڪوشش به نه ڪريان ها. ان کان علاوه ڀر ۾ نه نيان بتي نه بلب لڳل هو، جنھن جي روشني ۾ پڙهڻ جي کڻي ڪوشش ڪجي ها. هاڻ اهڙي اونداهيءَ ۾ اهڙي لکيل جپاني يا طارق اشرف جي ڦڏي سڏي سنڌي هئنڊ رائٽنگ، ڪھڙو وائڙو واٽھڙو پڙهي سگهندو_؟

مڙس ڪيئن اٿئي؟ مار موچڙو ڪري ٿو؟

جپانين سان رهڻ ۽ اٿڻ ويھڻ تي يڪدم معلوم ٿيو وڃي ته جپاني پنھنجو پاڻ تي ٽيڙي ڪندو، پر ڪڏهن به پنھنجي خاندان يا دوست وغيره جي رتبي يا عھدي تي نه _ جيئن اسان وٽ عام آهي ته ٻئي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته فلاڻي جو ماضي تمام تابناڪ آهي، فلاڻي خاندان سان تعلق رکي ٿو يا فلاڻي جا دوست وڏا آفيسر آهن (صوبيدار ڏاڍي ٻڌيس ٿو). ڪو کڻي پاڻ لوفر هجي، پڙهڻ ۾ چٽ، ڪم ڪار ۾ بيڪار، پر هو ڳاٽ مٿي کڻي پيو هلندو جو هن جي وڏي ”قابليت“ اها آهي ته هو ڪنھن پير، وڏيري، چوڌري، ڪارخانيدار يا ڪنھن وڏي آفيسر جو پٽ آهي.
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي:
You should be ashamed that you are proud of your family. You should be proud of yourself.
سو دنيا جي ڪنھن ٻئي باشندي کي شرم اچي يا نه پر جپانين سان اها چوڻي ٺھڪي اچي ٿي. ڪو به جپاني وڏي ذات، وڏي عھدي وارا مائٽ يا اثر رسوخ وارا دوست ٻڌائيندي عار محسوس ڪندو. اهو ئي سبب آهي جو جپانين ۾ ذاتين جو رواج ذري گهٽ ختم ٿيندو پيو وڃي.
ان کان علاوه جپاني دولت جي ڏڍ تي به پاڻ کي وڏو ماڻهو نٿا سڏائين. امير کان امير ترين جو پٽ به اسڪول ويجهو هوندس ته ٻين عام ٻارن وانگر پنڌ ويندو يا پري هوندس ته عام اسڪول بس ۾. پوءِ ڀلي اعليٰ کان اعليٰ ڪارون يا هيلي ڪاپٽر ۽ جھاز پڻس جا ايئن ئي بيٺا هجن. جپاني ٻار کي ننڍي هوندي ئي اهو دماغ ۾ وڌو ٿو وڃي ته تون وڏو ماڻهو دولت، مائٽن جي ذات يا دوستن جي عھدي ڪري نه پر پنھنجي قابليت ۽ ايمانداريءَ جي پورهئي جي آڌار تي ليکيو ويندين. هڪ ڪارخانيدار کان سندس پٽ بابت پڇيم ته روز اسڪول پنڌ ٿو وڃي هھڙي سيءَ ۾ !
سندس جواب: ”آئون پاڻ ئي آفيس پنڌ ٿو وڃان، جيئن آئون سخت جان رهان. ڪھڙي خبر سڀاڻي منھنجي ڪارخاني جي شيئر Share جو اگهه ڪِري پوي ۽ مون وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هجي.“
هڪ ٻيو دلچسپ واقعو جيڪو ڪجهه سال اڳ پيش آيو. هيروشيما شھر جي پيس پارڪ ۾ اسان چند دوست گهمي رهيا هئاسين. جپان ۾ موڪلن جا ڏينھن هئا، سو ڪيترائي ڌارين ملڪن جا ۽ خود جپان جي ڏور شھرن جا جپاني ۽ سندن ڪٽنب آيل هئا ۽ چڱو چھچٽو متل هو. هڪ مجسمي (Statue) اڳيان اسان چند دوستن فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو پر فوٽو ڪير ڪڍي. جيئن اسان سڀ ان تصوير ۾ اچي سگهون. ڪئميرا جهلي هيڏانھن هوڏانھن نھارڻ لڳس ته ڪو اهڙو ماڻهو ملي ته فوٽو ڪڍڻ لاءِ عرض ڪجيس. ايتري ۾ ڀر مان هڪ جپاني فئملي اچي لنگهي. ڪٽنب جو وڏو پيرمرد پاڻ مرادو سمجهي ويو. کيس انگريزي به سٺي ٿي آئي ۽ پاڻ ئي پڇائين:
“Can I help you?”
مون کيس ڪئميرا ڏيندي فوٽو لاءِ سمجهايو، هتان فوڪس ٺاهي ۽ مفاصلو رکي هن بٽڻ کي دٻائجو.
منھنجي سمجهائڻ وقت ڪئميرا کي گهٽ پر اسان کي وڌيڪ ڏسي مرڪندو رهيو. ٻڌايومانس ته جھازي آهيون پاڪستان جا. توهان جي ۽ توهان جي پاڙي واري ملڪ ڪوريا ۾ ايندا رهندا آهيون.
ڪئميرا ٺاهي اک تي رکيائين سندس چانديءَ جھڙا اڇا پنبڻ ۽ ڀرون ڪاري ڪئميرا جي ڪنٽراسٽ ۾ نمايان لڳي رهيا هئا. ستر سالن کان ته بلاشڪ وڏو هوندو. فوٽُو ڪڍي مون کان منھنجي ڪئميرا بابت پڇيائين ته ڪيئن آهي. ڪو پرابلم ته نٿي ڏئي.
”نه مھرباني. توهان جپاني پنھنجي ملڪي شين بابت گهڻو حساس ٿيو ٿا.“ مون چيومانس.
”خبر اٿئي ڇو؟“ پوڙهي جپانيءَ ڏڪندڙ هٿن سان مون کي ڪئميرا ڏيندي چيو. ”هڪ ته مقابلي جو زمانو آهي ۽ ٻيو ته ساک ۽ ڀرم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوي ٿو.دلچسپ ڳالهه اها ته ان ڪئميرا جي ڪمپني جو مالڪ ئي آئون آهيان ته ايجاد ڪندڙ به.“
مون سندس اکين ڏي وري غور سان ڏٺو. اڇا پنبڻ ۽ اڇا ڀرون چانديءَ وانگر چمڪي رهيا هئا. پاڻ هڪ عام ماڻهوءَ وانگر ڳالهائي رهيو هو. پٺيان ڪموني ۾ سندس پوڙهي جهور زال، پٽ، ننھن ۽ ٽي پوٽا مرڪي رهيا هئا.
”سر! توهان جو نالو؟“ هڪ جھازيءَ پڇيس.
هن ڪئميرا جي نالي ياشيڪا تي آڱر رکي مرڪيو: ”مون پنھنجو ڪئريئر گهٽيءَ جي فوٽو گرافر کان شروع ڪيو. اڄ منھنجيون ٺھيل ڪئميرائون دنيا جي چاليھه ملڪن ۾ هلن ٿيون. نئين ماڊل ۾ مون آٽو فِڪسنگ ۽ آٽو فلٽرنگ آندي آهي، جنھن ڪري ڪيترن يورپي ملڪن جي بازارين ۾ به مقابلو ڪري پنھنجو مان ۽ مقام حاصل ڪندي. چڱو دوست سايونارا.“
اسان به جهڪي موڪلايوسين ۽ سندن وڃڻ کان پوءِ ڪا دير ان هستي ۽ سندس نھٺائيءَ واري ڳالهائڻ تي تبصرو ڪندا رهياسين ته سندس ڏنل وزيٽنگ (بزنس) ڪارڊ تي سندس نالو ۽ ائڊريس به پڙهندا رهياسين.
هونءَ ته جپاني به انسان آهن. هو به شوبازي ڪندا آهن، پر هو پنھنجو ڏيک وڏي ڪار، وڏي گهر، اوچن ڪپڙن يا دعوتن مان ظاهر نه ڪندا آهن. جپانين جي وڏ ماڻهپي جو شان (Status Symbol) نه ڪتو پالڻ آهي ۽ نه انبن جو باغ رکڻ. نه وڏي ڪار رکڻ ۽ نه چار چور پاٿاريءَ کي ويھارڻ آهي. جپاني پنھنجي وڏ ماڻهپي، رعب يا لئه ڏيکارڻ لاءِ گهڻو ڪري ’گيشا گرل‘ رکي ٿو. جنھن کي ڪو پوءِ چاهي ’ڪيپ‘ سڏي يا Cocubine ، گرل فرينڊ يا ڪنيز، سريت يا ويھاريل محبوبا، منٺار يا معشوقا سڏي.
گيشا گرل رکڻ هتي جپان ۾ نه فقط ٽيڙي، وڏ ماڻهپي ۽ ڏيکاءُ جي نشاني آهي، پر ڪلچر پڻ. جپاني مرد گيشا گرل ان ڪري نٿو رکي، جو ان کي ضرورت آهي، پر ان ڪري جو هو رکي سگهي ٿو! افورڊ ڪري سگهي ٿو! ان تي خرچ ڪري سگهي ٿو _ جيئن عرب گهوڙا ۽ باز رکن ٿا، سنڌي اوطاقون ۽ باغ رکن ٿا. جيڪڏهن ڪو جپاني فئشن واري گيشا گرل الڳ ٿلڳ گهر ۾ رکي ان تي خرچ پکو ڪري سگهي ٿو ته سمجهو ته هو وڏي ڳالهه آهي ۽ جپان ۾ ذري گهٽ سڀني واپارين، وڏن ماڻهن، ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي مالڪن جون گيشا گرل ٿين، جن وٽ هو گهمڻ ويندا رهن ٿا.
پوءِ ڪيترا جپاني اهڙا پوڙها ۽ واپار وڙن ۾ رڌل هوندا آهن جو کين پنھنجي محبوبا (رکيک) سان ڳالهائڻ جو وقت به نٿو ملي ۽ بقول جارج ميڪش جي انهن ڇوڪرين سان بستر ۾ ليٽڻ مھل هو اهڙا ٿڪل رهن ٿا ۽ هنن جي دماغ ۾ ايترا واپاري مونجهارا آهن، جو هنن کي گيشا گرل کان ٻيو ڪجهه نه گهرجي فقط ماٺ جي! ڇوڪِري ڀلي پاسو ورائي وڃي ننڊ ڪري ۽ هو پرينءَ کي پاسي ۾ محسوس ڪندي سڪون سان ”مائينچي شمبون“ (اخبار) جا تجارتي صفحا چڱي طرح پڙهي وٺي.
ڪيترا ته پنھنجي گهر ئي وڃي سمهڻ چاهين ٿا، پر سندن زالون جيڪي خود اوڙي پاڙي کي ڏيکارڻ چاهين ٿيون ته سندن مڙس وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي، سي مڙس کي دٻ پٽينديون آهن ته ڀلا ٿيو ڇا اٿئي؟ ايڏو خرچ گيشا گرل تي ٿي رهيو آهي، آخر ان جو فائدو به ته وٺ.
خير اهو ته وڌاءُ آهي ته جپاني زال مڙس کي دڙڪو ڏئي چوندي آهي. جپاني گگدام زال جي ڇا مجال جو مڙس سان تکو به ڳالهائي. هو ءَ ته ڌيرج ۽ آرام سان مڙس کي ويھي سمجهائيندي آهي ته سڄو ڏينھن پورهيو ٿو ڪرين، ڪجهه ٻاهر وڃي ڀلي وندر ورونھن ۾ به ته دل خوش ڪر. ڪجهه معاشقي جي مزي ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪنھن تفريح جي اڏي تي شام گذار.
هونءَ سڄي دنيا ۾ اهو ڪمال جپان ۾ آهي جتي جپاني عورتون شام جي وقت پنھنجن مڙسن کي پاڻ تيار ڪري گيشا گرل وٽ يا چڪلي، بار ۽ پب ۾ موڪلين ٿيون ته وڃي دل وندرائي. پاڻ بورچين وارو ڪپڙو (ائپرن) اڳيان ٻڌي يا ويٺيون گهر جا فرش ۽ دڪيون ڌوئنديون آهن يا گهر جو سامان صاف ڪنديون ۽ سجائينديون آهن. هڪ ٻار پيٽ اندر، هڪ ٻار پٺيان ٻڌل ۽ ٽئين ٻار کي آڱر کان وٺي پارڪ گهمائينديون يا ٻئي ڏينھن جي رڌ پچاءُ لاءِ ڀاڄي ڀتي ۽ ڊبل روٽي وغيره جا لفافا ڍوئينديون. ۽ صبح جو سوير اٿي مڙس لاءِ نيرن الڳ ٺاهينديون آهن ته منجهند جي ماني ٻي طرف، جيئن هو ڪارخاني (يا آفيس) ۾ کڻي وڃي.
جپاني مردن جو وڏو حصو روز آفيس يا ڪارخاني مان نڪرڻ بعد سڌو ڪلب، بار يا گيشا هائوس جو رخ رکندو، جتان رات جو دير سان ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ڏي واپس موٽندو آهي. ٻين ملڪن ۾ گاڏين، بسن، ٽئڪسين جي ڏينھن ۾ ٻه دفعا رش ٿئي پر جپان ۾ ٽيون دفعو رات جو ڏهين يارهين ڌاري پڻ Rush- hour ٿئي، جڏهن مرد پنھنجين سريتن وٽان گهر ڏي موٽندا آهن.
جپاني مرد جيترو ڏنگو مڙس آهي، ايترو ئي جپاني زال چئيوان. رات جو جڏهن جپاني مرد موٽندو آهي ته اچڻ سان جوءِ تي موچڙن جو زيپٽ ڪندو آهي يا نشي ۾ جوتن سميت اچي ڊهندو آهي. جوتن جا ڪشا به جوڻس کولي پوءِ سڌو ڪري سمهاريندي اٿس.
اهي ڳالهيون پھرين ٻڌي اعتبار نه ايندو هو، پر پوءِ ڪيترن کان ئي خبر پئي يا آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ جپاني ڪلارڪ ڇوڪرين کان. اسان وارو اڪبر ته سامهون وارن فليٽن ڏي اشارو ڪري ٻڌائيندو هو ته هنن هنن فليٽن ۾ مار موچڙو ٿئي ٿو.
هڪ جپاني ڇوڪريءَ کان پڇيم ته ”عورت جتي سڄي دنيا ۾ برابريءَ جون ڳالهيون پئي ڪري، اتي توهان جپاني عورتن سان هيءَ ويڌن ڇو؟ ڇا توهان کي ان جو احساس ناهي ته توهان سان ظلم آهي؟“
”احساس پھرين ته نه هو،“ هن جپاني ڇوڪريءَ ٻڌايو، ”اسان سمجهيو ته سڄي دنيا جي عورتن سان اها حالت آهي، پر هاڻ اسان ننڍي ٽھيءَ کي انگريزي ناولن، فلمن ۽ رسالن مان ڄاڻ پئجي رهي آهي.“
”پوءِ ته توهان ڇوڪرين کي غير جپاني مرد وڻندا هوندا؟“ مون پڇيومانس.
”بلڪل. ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون جپاني ڇوڪريون ڌارين سان شادي ڪرڻ کي خوش نصيبي سمجهن ٿيون.“ هن جواب ڏنو.
آمريڪا يا ٻين ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪو ڌاريون اتي جي ڪنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ٿو ته کيس ان ملڪ جي قوميت آٽوميٽڪ ملي وڃي ٿي، بلڪ ڪيترن ملڪن ۾ اتي جي Citizenship حاصل ڪرڻ لاءِ همراهه شادي ڪندا آهن. پر ان معاملي ۾ جپاني ايڏو دقيانوسي خيالن جا آهن جو ڪو جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ته به هن کي جپان جي شھريت نٿي ملي سگهي. ماڳھين چوندس ته ڇوڪريءَ کي به پاڻ سان وٺي هتان ٽري وڃ. شاديءَ بعد جپاني ڇوڪريءَ کي جپان ۾ رهڻ يا مڙس سان رسڻ يا طلاق بعد واپس موٽڻ کي به جپان ۾ گهٽ نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
جپاني مرد ورلي پنھنجي زال کي پاڻ سان گڏ ڪنھن دعوت يا فنڪشن ۾ وٺي ايندو. هميشھ اڪيلو ايندو. جي وڏو ڇيھه ته پنھنجي آفيس يا ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ڇوڪرين کي وٺي ايندو. زال سان گڏ ڪنھن مائٽ مٽ جي شاديءَ يا مرڻي پرڻي تي ويندو يا ڪنھن مذهبي رسم ۾. هاڻ مڙئي وڏن شھرن ۾ جپاني ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ نظر اچن ٿا_ سو به شاديءَ کان اڳ، شاديءَ بعد وڌ ۾ وڌ سال ٻه گڏ گهمندي، گڏ گاڏيءَ ۾ ويھندي ۽ هٿ لاهيندي نظر ايندا. ان بعد زال ويٺي گهر ۾ فرش ۽ ٻارن جا ڪپڙا ڌوئي يا ڇتين جا ڄارا لاهي. ڪي ڪي جپاني عورتون ته مڙس جي مار موچڙي کي هڪ Routine job ڪري سمجهن. جيڪو مڙس شام جو ئي اچي گهر ويھي رهي ان کي ٽوٽي ۽ زال جو مڄو سمجهيو وڃي ٿو.
ظفر شيخ چواڻي، جيڪڏهن ڪو جپاني روز شام جو اچي گهران نڪري ته پاڙي واريون ئي ان جي زال کان خيريت پڇنديون: ”آهي ته خير؟ مڙسين سوير ئي اچيو گهر جا تڏا پيو ڇنَئي، ڪو ڌنڌو ڌاڙي يا مڙسي نه رهي اٿس ڇا؟“
يا ڪنھن ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي ته ٻيون ساهيڙيون جيڏيون شاديءَ بعد يڪدم پنھنجي منھن پڇنديس: ”مڙس ڪيئن اٿئي؟ ڪا مڙسي به اٿس ۽ مار موچڙو به ڪرئي ٿو يا صفا ايئن ئي ليلهر آهي!“
هڪ آمريڪن جپانيءَ کان پڇيو: ”اها ڪھڙي فضيلت آهي جو توهان جپاني هڪ کان وڌيڪ عورتون رکو ٿا. يعني زال کان علاوه گيشا گرل (سريت) پڻ.“
جپانيءَ وراڻيس: ”توهان وري ڪھڙا چڱا مڙس آهيو. فرق فقط اهو آهي ته اسان هڪ ئي وقت ٻه رکون ٿا ۽ توهان هڪ ڇڏي ٻي رکو ٿا.“

ملڪن کي سڃاڻڻ لاءِ اسان جا ماپا

مختلف ملڪن کي پرکڻ لاءِ ته آيا اهي ترقي يافتھ آهن يا پٺتي پيل، اسان جھازين وٽ پنھنجي سمجهه آهر پنھنجا ماپا ۽ سانچا آهن.
اسان لاءِ سڀ کان وڏو ماپو ملڪ جو سِڪو آهي. جي ان ملڪ جو سڪو عام طرح مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگهه کان سستو پيو ملي ته معنيٰ ملڪ پٺتي پيل آهي ۽ جي مھانگو ته معنيٰ تمام گهڻو ترقي يافتھ آهي.
مثال طور: ڊالر جي قيمت اسان وٽ (اڄ ڪلهه 1980ع ۾) سرڪاري طرح پوڻا ڏهه رپيا کن آهي، پر ڊالر پاڪستاني مارڪيٽ ۾ بليڪ تي يارهين ٻارهين رپئي پيو وڪامي ته معنيٰ پاڪستان جون حالتون گهڻيون سٺيون نه آهن. اهڙي طرح بنگلاديش جا ٽڪا (روپيا) سرڪاري طرح ڊالر ۾ پنڌرهن کن آهن پر کلي مارڪيٽ ۾ ڊالر ۾ ويھن کان ٻاويھن ٽڪا ملن ٿا. يعني بنگلاديش جون حالتون اڃان به خراب آهن.
اهڙيءَ طرح روس کڻي وڏو ملڪ آهي پر جھازي ان ڪري ان مان ايترو متاثر نٿا ٿين، جو هڪ ته اتي جو سڪو روبل سرڪاري اگهه کان تمام سستو لڪ چوري ملي ٿو ۽ ٻيو ته روبل جي قيمت ٻين ملڪن ۾ بنھه ناهي. ويندي اوسي پاسي جي ملڪن _ بلغاريھ، رومانيا، پولنڊ وغيره ۾، جن تي روس جو سنئون سڌو اثر آهي، اتي به ڪو روبل کي نٿو پڇي. ان ڪري جھازي اهڙن ملڪن جو ناڻو ڊڄي ڊڄي فقط ايترو مَٽائين جيترو اتي خرچ ڪري سگهن، جو ايئن نه ٿئي ته اهو ملڪ ڇڏڻ وقت اتي جا پئسا بچي پون _ جيڪي پوءِ ٻئي ملڪ ۾ بيڪار ثابت ٿين ٿا.
ڪي ڪي ملڪ اهڙا آهن جي پکيڙ، ٽيڪنالاجي يا طاقت ۾ کڻي گهٽ آهن پر سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ ايترو ته طاقتور آهن، جو انهن جو سڪو ٻين ملڪن ۾ به مٽجيو وڃي، جھڙوڪ: سنگاپور، ٿائلينڊ، سعودي عرب، هانگ ڪانگ وغيره. ڪي ملڪ ته اهڙا آهن جن جو سڪو سونَ برابر آهي، جھڙوڪ: آمريڪا جو ڊالر، جرمنيءَ جو مارڪ ۽ جپان جو يين. ٻئي نمبر تي فرانس، انگلينڊ ۽ سئٽزرلئنڊ جو سڪو آهي.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ ڊالر، يين ۽ مارڪ جي ڊوڙ آهي ۽ ان ڊوڙ ۾ وري يين (Yen) ڪافي عرصي کان اڳڀرو ۽ طاقتور هلندو اچي ۽ سڄي دنيا جون وايون بتال ڪري ڇڏيون اٿس. ست اٺ سال اڳ 1973ع ۾ هڪ ڊالر ۾ ٽي سؤ کان به مٿي يين ملندا هئا ۽ هاڻ اوترا ٻن ڊالرن ۾ مس ٿا ملن.
جپانين لاءِ اهي شيون جن جي قيمت جپان ۾ اڄ به اها آهي،جيڪا ست اٺ سال اڳ هئي، سستيون ٿيون، پر اسان لاءِ ته ٻيڻي قيمت جون ٿي ويون، جو ان اگهه لاءِ اسان کي ٻيڻا ڊالر ڏيڻا پون ٿا. مثال طور: هڪ ٽٿ پيسٽ جنھن جي قيمت اڄ کان اٺ سال اڳ ٽي سؤ ويھه يين هئي، يعني هڪ ڊالر (ڏهه رپيا کن) جو انهن ڏينھن ۾ ڊالر ۾ ٽي سؤ ويھه کن يين هئا. اها ساڳي ٽٿ پيسٽ هاڻ به ٽي سؤ ويھه يين ۾ ملي ٿي ۽ ظاهر آهي ته جپان ۾ رهندڙ ۽ ڪمائيندڙن لاءِ ته اها ساڳي قيمت ۾ پئي، پر اسان ٻاهرين لاءِ ٻن ڊالرن (ويھن رپين کن) جي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو يين جي قيمت ۽ ساک بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ايترو ته چڙهي وئي آهي، جو ايترا يين هاڻي ٻن ڊالرن ۾ ملن ٿا. ان حساب سان اسان ڌاريان ته چوندا وتون ته جپان ۾ مھانگائي ٿي وئي آهي، جو اها ٽٿ پيسٽ جيڪا اسان کي اڳ ۾ ڏهين رپئي پئي ٿي سا هاڻ ويھين رپئي ٿي پوي، پر جپانين لاءِ ساڳي ٽي سؤ ويھه يين جي ٿي جو انهن کي پگهار به يينن ۾ ملي ٿو، جيڪو سندن ملڪ جو سڪو آهي ۽ ويتر سندن پگهار گهٽيو ناهي پر وڌيو آهي.
نتيجي طور هاڻ جپاني جڏهن جپان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا ته کين سندن سڪي جا اڳ کان ٻيڻا پئسا ملن ٿا، يعني هر ڪا شيءِ هنن لاءِ اڌ قيمت جي ٿي وئي. ڪنھن ملڪ جي ترقيءَ مان هڪ عام ماڻهوءَ کي اجهو ايئن فائدو رسي ٿو. جپاني آمريڪا گهمي ايندا ته به مھانگائيءَ جي دانھن نه ڪندا پر آمريڪن _ جيڪي ڪنھن زماني ۾ پاڻ کي امير سمجهندا هئا (۽ اڃا به چڱا خاصا آهن) پر جپان ۾ اچي اهي به رڙيون ڪن ٿا ته جپان ۾ هر شيءِ مھانگي ٿي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ کين ٻيڻا پئسا خرچ ڪرڻا پون ٿا.
جپان کي Land of rising sun يعني اُڀرندڙ (چڙهندڙ) سج جي زمين به چون ٿا، جو جپان اوڀر ۾ آهي ۽ سج پھرين جپان کي روشن ڪري پوءِ اڳتي چين، هندوستان، عربستان، يورپ، آمريڪا ڏي وڌي ٿو (سج جو جپان سان ٻيو به لاڳاپو آهي. هنن جي عقيدي موجب جپاني ماڻهو سج ديوتا جو اولاد آهن.)
هڪ انگريز ليکڪ جارج ميڪش جنھن جپان ۾ رهڻ بعد ان تي ڪتاب لکيو آهي ۽ يين جي چڙهندڙ اگهه مان متاثر ٿي ان ڪتاب جو نالو Land of rising sun بدران Land of rising yen رکيو آهي. ڪتاب جي جڳ مشھور پبلشرن Penguin books وارن ٽائٽل ڪور تي به سج بدران ڏيکاريو آهي ته فوجي جبل جي پٺيان سمنڊ مان ڏهين يين جو ٽامي جو گول ڳاڙهو سڪو مٿي اڀري رهيو آهي.
اسان جھازين وٽ ڪنھن ملڪ کي پرکڻ لاءِ سندس سِڪي کان علاوه ٻيا به ڪجهه تورا ۽ وَٽَ آهن. انهن مان هڪ ”ٽپال ۽ ٽپال جو نظام“ آهي.
جھاز جيئن ئي ڪنھن به ملڪ جي بندرگاهه تي لڳندو آهي ته اسان کي اتي جي لوڪل آفيس جي نمائندي (ايجنٽ) جو انتظار هوندو آهي، جيڪو ٽپال کڻي ايندو آهي. جھاز جيئن ڌڪي جي ويجهو ٿيندو ويندو آهي، ڪناري تي بيٺل ڪسٽم جو عملو، اميگريشن، پورٽ هيلٿ آفيس جا ماڻهو، ايجنٽ، شپ چانڊلر وغيره ۽ ٻيا چٽا ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿيندا آهن. اسان مان ڪي بي صبر ۽ خطن لاءِ گهڻو منتظر جھاز تان ئي دانھون ڪري ڪناري تي بيٺل هيٺين کان پڇندا آهن ته آفيس جو ماڻهو ڪير آهي. پوءِ ان کان اهو ئي سوال ڪندا ته Any Mail? ڪو خط پٽ آهي؟ پوءِ جي هو ”ها“ ڪندو ته خوش ٿي وري پڇندس: Plenty? چڱا گڏ ٿيا آهن يا نه. پر جي هن ڇوٽ ۾ ئي چيو ته No Mail ته پوءِ بندرگاهه ۾ پھچڻ جي اڌ خوشي اتي ئي ٻڏي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪي همراهه ته (معذرت سان) ان ملڪ جي شجري جي زناني سڄي شاخ کي گاريون ڏئي ويندا آهن.
وري ڪو پنھنجن مان ڪو جھازي کين سمجهائيندن ”اڙي ڪنھن لکيو نه هوندو تڏهن نه پھتا آهن“، ته اڳلو وراڻيندس: ”يار! ڪمال آهي. هل کڻي مون کي ڪنھن نه لکيو، پر سڄي جھاز جي پنجاهه سٺ همراهن کي ڪنھن مٽ مائٽ، دوست يار هڪ خط به نه لکيو ڇا؟ ايئن به ڪو ٿي سگهي ٿو! ڪراچي ڇڏئي پورا ٻارهن ڏينھن ٿيا آهن. اسان ته سڀني، هن ملڪ جي ائڊريس ڏني هئي، ۽ هتي ئي سڀ خط اچڻ گهربا هئا.“
ٽپال جي خيال کان اهڙن نڪمن ملڪن ۾ ڪي آهن: اتر ڪوريا، ڪيوبا، ڪجهه ڪجهه عرب ملڪ، ڏکڻ آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ ۽ نائجيريا، ڪينيا ۽ سائوٿ آفريڪا کي ڇڏي، آفريڪا جا ٻيا ملڪ _ جتي پوسٽ جو نظام تمام خراب يا نه برابر آهي. يا ڪيترن جو اهو چوڻ آهي ته انهن مان ڪن ملڪن ۾ خطن جي سينسرشپ ڪئي وڃي ٿي _ جو عقل ته نٿو مڃي جو جھازين جي هيترن خطن لاءِ _ جن جي ڪا اهميت ناهي _ حڪومت ويھي سينسرشپ پٺيان وقت ۽ پئسو ضايع ڪندي.
هڪ دفعي پوري مھيني کن جي لڳاتار سفر بعد عربي سمنڊ، هندي سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ، ڀونچ سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئربين سمنڊ لتاڙي جڏهن ڪيوبا پھتاسين ۽ خبر پئي ته ڪنھن جو به خط نه پھتو آهي ته سڀني کي ڏاڍو ڏک ۽ ڪاوڙ ٿي. مٿان وري ڪيوبا جي بندرگاهه وارن اسان کي جھاز تان لھڻ جي موڪل به بند ڪئي هئي. هڪ ففٿ انجنيئر ۽ بٽلر ته روز جھاز جي ڏاڪڻ وٽ بيھي ڪيوبا جي سنترين (فوجي سپاهين) کي اڙدوءَ ۾ ڪورس جي انداز ۾ چوندا هئا: ”ظالمو موڪل نٿا ڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ خط ته ڏيو. روس به هفتي اندر خط ڏئي ڇڏيندو آهي. ايڏو ظلم اسان جھازين تي ته نه ڪريو. اڳھين ڇا گهٽ ڏک اٿئون؟“
ڪنھن چيو ته ڪيوبا وارن آيل خط موڪليا هوندا ماسڪو.
”ماسڪو ڇو؟“ ٻئي پڇيو.
”ان ڪري جو هو پنھنجي عقل کان ڪم وٺڻ بدران هر ڳالهه لاءِ وڏي ڪميونسٽ ڀاءُ کان حڪم ۽ صلاح مشورو وٺن ٿا، جنھن جا پوئلڳ آهن. هو لطيفو نه ٻڌو اٿئي ته ڪنھن آمريڪن کي گرل فرينڊ ملندي ته ڊيٽ وٺندس، انگريز کي ملندي ته هٿ تي چمي ڏيندس. فرينچ کي ملندي ته ڊانس لاءِ چوندس، پر جي ڪنھن ڪيوبن کي ملندي ته يڪدم ماسڪو تار ڪندو Instructions لاءِ ته ڇا ڪريان. سو هنن ڪيوبا وارن خط به ماسڪو موڪليا هوندا ترجمي ۽ سينسر لاءِ.“
مون ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”ادا! توهان جي اڙدو خطن لاءِ ته وري به ڪو مترجم ماسڪو ۾ ملي ويندن ۽ جلدي ڪيوبا ڏياري موڪليندا. مري ته ويس آئون. مون ڏي سنڌيءَ ۾ آيل خطن جو ڇا ٿيندو. پڪ ماسڪو وارا ترجمي لاءِ ٽنڊو قيصر يا ماتلي موڪليندا، جتي جو هڪ نظاماڻي شايد قادر بخش نظاماڻي روسي زبان جو ڄاڻو آهي.“
بھرحال ٽپال ۽ ٽپال کاتي ۾ اسان جو ملڪ ۽ ٻيا اهي ملڪ جتي انگريزن ديرو ڄمايو، اڳڀرو آهن. اسان ڪيتري به پوسٽ کاتي جي گلا ڪريون تڏهن به گهڻن ملڪن کان چڱو آهي ۽ انگلينڊ _ جنھن گهڻن ملڪن ۾ ٽپال کاتو رائج ڪيو اتي جي نظام جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. انگلينڊ جون جھازران ڪمپنيون پنھنجي ملڪ جي جھازين کي ته هيليڪاپٽرن ذريعي وچ سمنڊ تي هلندڙ جھاز تي به روز خط پھچائين.
ان کان علاوه آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ملڪن جي ٽپال کاتي جي ڪارڪردگي پڻ سٺي آهي. مالڪ ڳولي ان تائين خط پھچائين نه ته موڪليندڙ کي موٽائين.
جپان به سڌريل ملڪ آهي. هينئر جو تازو جپان ۾ گهڻو وقت رهڻ ٿيو ته خبر پئي ته ان معاملي ۾ جپان ته مڙني کان ٻه رتيون مٿي آهي. غلط ائڊريس ڪري مالڪ کي ٽپال کاتو جي نه ڳولي سگهندو آهي ته لکندڙ کي واپس ڪرڻ کان اڳ خطن جي مالڪن جو اخبار ۾ نالو ڏيندا ته ابا توهان ڏي آيل خط تي ائڊريس صحيح لکيل ناهي. اچي پنھنجا خط کڻي وڃو يا صحيح ائڊريس موڪليو ته ان تي خط موڪلجن.
۽ سراج ميمڻ جي ’هلال پاڪستان‘ ۽ علينواز وفائي صاحب جي ’آزاد‘ اخبار (جنھن ۾ اڄ ڪلهه منھنجا سفرناما قسطوار اچن پيا) جي پڙهندڙن جا سنڌي ائڊريس ۾ لکيل يا انگريزي اڻ پوري ائڊريس۾ خط هر هفتي ڪجهه نه ڪجهه ته هجن. ٻيو نه ته ٽنڊي سومري کان عبدالشڪور نظاماڻي، ٺارو شاهه کان عبدالڪريم قاضي، مارئي سومرو کان زبيده ميتلو ۽ حيدرآباد کان ڊاڪٽر رشيد جو خط ته هجي ئي هجي_ يعني هر هفتي بنا خرچ جي جپان مان نڪرندڙ اخبارن ۾ اسان جو نالو ڇپجي ئي ڇپجي، ۽ بقول اسان جي هڪ جپاني دوست جي، کيس اسان جي جپان ۾ هجڻ جو اطلاع ٽوڪيو مان نڪرندڙ انگريزي اخبار جي ”اڻ پوري ائڊريس“ واري ڪالم ۾ نالو پڙهي پوندو آهي.

توهان جي تعليم ڇا آهي؟

ڪم جي دوران، شپ يارڊ ۾، هڪ ڏينھن اليڪٽريڪل انجنيئر اڪبر چيو: ”سائين ڪمال آهي. دنيا جي بارونق علائقي گنزا (Ginza) جي منھن وٽ رهندي هيترا ڏينھن ٿي ويا آهن، چڪر تي نه نڪتا آهيون. اڄ ڇا به ٿي پوي ته ڊيوٽي کان پوءِ گنزا گهمڻ هلنداسين _ چاهي ڪيتري به دير سان موڪل ملي ۽ ڪيترو به ٿڪ هجي. گنزا ته اها جاءِ آهي جنھن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو ٽوڪيو اچن ٿا ۽ پاڻ گنزا گهمڻ بنا جي ٽوڪيو ۾ ايئن ئي ڏينھن گذاري ڇڏياسين ته اهو سور دل ۾ سڄي عمر رهندو.“
پنجين بجي شپ يارڊ جي پگهاردار مزدورن جي موڪل ٿي وئي. ان کان پوءِ ڇھين ساڍي ڇھين وڳي تائين ”ڪم جي صورت ۾ لڳاتار ڊيوٽي ڪرڻ وارا“ ڪجهه انجنيئر ۽ جوابدار ماڻهو بچيل ڪم پورو ڪندا رهيا ۽ اسان به اڇت اڇت رهيل ڪم جي پوئواري ڪري، انجڻين جا نقشا، لوهي بچاءَ جا ٽوپلا، بئالر سُوٽَ لاهي آفيس ۾ رکي، پنھنجا ذاتي ڪپڙا پائي شپ يارڊ جي حدن جو اڌ ميل کن لتاڙي مين گيٽ کان ٻاهر اچي نڪتاسين. بک لڳي هئي، پر سامهون ’ٽوڪيو ريو‘ هوٽل ۾ وڃي ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ وهنجڻ بدران اهو ئي سوچيوسين ته وڌيڪ وقت وڃائڻ نه گهرجي. اتان ئي هلڻ کپي. بھرحال ’ٽوڪيو ريو‘ جي رسيپشن تائين پھچي پنھنجا بريف ڪيس ۽ فائيل وغيره اتي ئي هيٺ رکياسين. صبح کان، رکي رکي، سنهي ڦڙ ڦڙ وسي رهي هئي سو پاڻ سان ڇٽيون کڻڻ مناسب سمجهيوسين. اڪبر چيو مٿي پنجين ماڙ تان ڪمري مان وڃي پنھنجي ڇٽي کڻڻ بدران هتان رسيپشنسٽ کان ئي اڌاري وٺون ٿا جو هوٽل طرفان ڇٽين جو هتي ڍير لڳو پيو آهي. صبح جو ڪجهه چيني همراهه هتان ڇٽيون کنيو پئي ويا.
رسيپشنسٽ وئي سا واقعي ڪنڊ ۾ ڍير ڇٽين مان ٻه ڳولي کڻي آئي. ٻئي نيون هيون پر هڪ جي ڪاري ڪپڙي مٿان چوڌاري وڏن اڇن جپاني اکرن ۾ ڪجهه لکيل هو _ جيڪو ڪانجيءَ ۾ هو. ٻيو ته نه پر ’ٽوڪيو ريو‘ جو نالو _ بلڪ مورت نما جپاني زبان جو لفظ پڙهي (بلڪ ڏسي) يڪدم اڪبر کي ان ڏي ڌيان ڇڪائي اڙدوءَ ۾ چيم يار هن تي پڪ ڪجهه ايئن لکيو پيو اٿئي ته ”هيءَ ڇٽي ٽوڪيو ريو جي آهي.“ يا ”ڪٿي وسرڻ جي صورت ۾ اها ڇٽي واپس ٽوڪيو ريو پوسٽ ڪئي وڃي.“ (ٽپال جو خرچ مالڪ ڀريندا) ٻين لفطن ۾ سڄي ٽوڪيو ۾ ڍنڍورو ته هيءُ چريو، ’ٽوڪيو ريو‘ کان رسو ڇنائي پيو هلي _ اشتھار بازيءَ جو سٺو نمونو ٿيو. ماٺ ڪري اها ته موٽاءِ، مينھن پيو ته هيءَ هڪ ئي گهڻي آهي.
رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ اسان جي لھجي ۽ چھري جي تاثرات مان سمجهي وئي ته اسان کي ڪھڙي ڳالهه ڏکي پئي لڳي. سو ڇٽي واپس وٺي پاڻ ئي چيائين: ”ان ئي ڪري ته ڳوليم پئي ته ٻئي بنا نالي واريون لڀي پون ته اهي ڏيان: پر هن وقت بنا نالي واري هڪ ئي بچي آهي. ٻيون سڀ ٻيا کڻي ويا آهن.“
”مڙيئي خير آهي،“ مون ڀڳل سڳل جپاني ۽ انگريزيءَ ۾ چيو، ”صبح جي وقت شپ يارڊ ۾ کڻي وڃڻ ته ٺيڪ آهي، پر ايما گنزا مادي اڪيماشوڪا“ (هينئر گنزا پيا وڃون.)
جلدي جلدي اسان ٻئي، ڇٽيءَ سميت ٻاهر بس اسٽاپ تي اچي پھتاسين. شام جو بس ۾ ڪافي گيپ ٿي ٿئي. ان بس ۾ ته پوءِ به ڪڏهن ويھڻ نصيب نه ٿيو پر ان ڏينھن مڙيئي بيھڻ لاءِ چار اسان جي ٽنگن پنجين ڇٽيءَ جي ٽنگ جيتري جاءِ ملي وئي. ڏهن منٽن اندر هروميءَ جو علائقو ۽ سُميدا ندي ٽپي اچي گنزا ۾ ’ڪبوڪي زا‘ ٿيٽر وٽ لٿاسين. ان وقت ساڍا ست کن ٿيا هئا. دڪان ڪڏهوڪو بند ٿي ويا هئا. واڪو Wako اسٽور جي سامهون ڪنڊ واري مئڪڊونالڊ وارن جي اڃا هڪ دري کلي پئي هئي. يڪدم ست سؤ کن يين جو اسٽرابيري ملڪ شيڪ جو گلاس ۽ بِگ مئڪ هئمبرگر وٺي، متسوڪشي ڊپارٽمينٽل اسٽور جي در وٽ رکيل لوهي شينھن کي ٽيڪ ڏئي کائڻ لڳاسين.
چوڌاري سڀ دڪان بند ٿي ويا هئا. مِڪي موتو پرل، سئن ائي San-Ai ’متسوزاڪايا‘ دڪان جون نيان بتيون ٻري رهيون هيون. رستن تي جتي ڏينھن جو ماڻهن جي پيھه پيھان هوندي آهي، انهن تي هينئر ماڻهو به ڇڊا ڇڊا نظر اچي رهيا هئا. انهن مان ڪيترا گنزا اسٽيسن جي مختلف دروازن کان زمين هيٺ هلندڙ گاڏين ڏي وڃي رهيا هئا. ’مارو نوچي‘ لائين، هيبايا لائين ۽ گنزا لائن سڀ اتان ٿيون وڃن.
اڪبر خبردار ڪيو ته واپسيءَ تائين پنھنجي هوٽل جا ڀر وارا دڪان به بند ٿي ويندا، جتان روز شام جو بصر، ٽماٽا، ساوا مرچ، مکڻ، بيضا، کير ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت يا مڇي وٺي پاڻهي رڌ پچاءُ ڪري کائيندا آهيون، سو هاڻ شرافت ان ۾ آهي ته اڃا به ڪجهه کائڻو هجي ته هتي ئي کائجي يا پريان ’ڪومتسو‘ اسٽور ڀرسان فرينچ ڊبل روٽي واري جي دڪان ڊائونق Donq تان ڪجهه وٺي کائجي.
گنزا جي مين روڊ ۽ پاسن وارن وڏن رستن تي ماٺ ٿيندي وئي پر پريان ساڄي کاٻي مڙندڙ گهٽين ڏي هل چل، روشنيون ۽ زندگي نظر اچي رهي هئي. سڌو سوني Sony بلڊنگ ۽ ’يورڪچو‘ اسٽيشن ڏي وڃي ساڄي پاسي گهٽين ڏي هيڏانھن هوڏانھن ٿيٽر، سئنيما گهر، ڊسڪو ڪلبن ۽ رک رکاءُ سان هلندڙ چڪلن وارين گهٽين ۾ ڦرڻ لڳاسين.
پھرين فرصت ۾ ئي هڪ واندو ڀڙوو اسان جي اڳيان پويان اچ وڃ ڪرڻ لڳو. جپان ايڏي ترقي ڪئي آهي، جپان اڄ به ايڏو مھذب ۽ سٺن لڇڻن وارو ملڪ آهي، جو ان ۾ ڪو اهڙو لچو لفنگو، چور بدمعاش ماڻهو ڏسجي ٿو ته افسوس ٿئي ٿو. اهو سوچي ته ڪو ڀڙوو يا ڪا رنڊي جپاني به ٿي سگهي ٿي، عجب لڳي ٿو. ان ۾ جپان مار کايو وڃي. جيتوڻيڪ هو ان کي پنھنجي نموني Justify ڪن ٿا ته هو اهو ڪو خراب ڪم نٿا ڪن، پنھنجن ۽ ٻاهران آيلن کي وندرائڻ لاءِ، ٻاهرين مان غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ ۽ پنھنجن غريب ماڻهن لاءِ پورهيو مھيا ڪرڻ لاءِ سڄو سانگ سجايو سمجهن ٿا ۽ ان کي Legalize ڪيو ويو آهي.
قدم قدم تي امير جپاني ماڻهو هلڪي بلو تکي بلو يا ڪاري رنگ جي سوٽ ۾، بريف ڪيس هٿ ۾، هڪ يا ٻه همراهه ڌارين ملڪن جا _ واپاري، نمائندا يا آفيسر _ ساڻن نظر اچن ٿا. اهي ڌاريان همراهه جپان ۾ بزنيس لاءِ اچن ٿا ۽ سڄي ڏينھن جي ڳالهين ٻولهين، معاهدن، فيصلن ۽ ڪاروباري ڪم ڪارين پوري ٿيڻ تي رات جو ان جپاني فرم، ڪارخاني، فئڪٽري يا آفيس طرفان ان جا جپاني نمائندا _ کين وندرائڻ لاءِ، حيثيت آهر هتي جي ڪلبن ۾ وٺي اچن ٿا. جن ڪلبن مان ڪيترن ۾ ته ٻيو عام ماڻهو وڃي نٿو سگهي. ڪيترا اهڙا به ڪلب، بار ۽ جپاني نموني جون هوٽلون آهن، جيڪي ٽن ٽن، چئن چئن ڪارخانن جي مالي امداد سان هلن ۽ فقط انهن جي مھمانن جي خدمت سر انجام ڏين.
بھرحال اسان کي هڪ همراهه (غلط فھميءَ جو شڪار ٿي ته شايد اسان ڪي وڏا رئيس يا امير آهيون ۽ ڪنھن امير ملڪ کان اچي نڪتا آهيون)، ڦري آيو ۽ ٻڌائڻ لڳو ته جھڙا موچارا آهيو اهڙي ئي موچاري حيثيت واري هوٽل تي وٺي هلڻ لاءِ هو رهنمائي ڪندو. کيس ڪھڙي خبر ته اسان جي حيثيت ڳوٺ جي اسٽان واري هوٽل ئي مس آهي، جنھن تي اسان لاءِ وڏو عيش رپئي واري ڌوڌ پتي چانھه جو ڪوپ آهي.
آئون ان جپاني همراهه کي ٻڌائڻ وارو هوس ته هو اسان پٺيان اجائي شام نه وڃائي، پر هڪ ته اڪبر به جهليو ته ڀلي ٿورو اڃا هلندو رهي ۽ ٻيو ته جپاني همراهه پاڻ به وٺ نٿي ڏنو. ”مون سان گڏ ان ڪلب تائين هلو ته سھي پوءِ اندر ڀلي نه وڃجو.“ خوشيءِ وچان ڳالهه ڳالهه تي ڪوڙا ٽھڪ ڏئي هيڊن ڏندن جي ٻٽيھي ٻاهرڪڍندو پئي هليو. سوچيم ته هن الائي اسان کي ڇا سمجهيو آهي. ڪاش هوند هوٽل جي نالي واري ڇٽي کڻي اچون ها ته ڏسي سمجهي وڃي ها ته ڪھري غريب خاني سان واسطو اٿئون ۽ پگهاردار مزدور آهيون، پر هن ڪو اسان کي عرب سمجهيو هو جو ماڳھين پڇڻ لڳو ته ڪھڙي عرب ملڪ جا آهيو _ يعني عرب ته پڪ آهيون باقي رڳو ملڪ ٻڌايون. خبرناهي اسان جي ڪھڙن افعالن مان هن اهو اندازو (غلط اندازو) لڳايو ته اسان عرب آهيون.
اڪبر کي اک ڀڃي کيس چيم ته ڪويت کان آيا آهيون. جپاني دلال ٽڙي پيو. هڪ دفعو وري خوش ٿي رستي تي هٿ ملائڻ لڳو. يعني هن سٺا مرغا ڦاسايا آهن. وري پڇڻ لڳو: ”تعليم ڇا اٿانوَ؟“
اڪبر _ ۽ آئون پڻ، جواب لاءِ سوچڻ لڳاسين ته ڇا ٻڌايون. شايد اڪبر به اهو ئي سوچي رهيو هوندو ته ڪھڙي تعليم ٻڌايون. مئرين انجنيئرنگ يا اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ته اهڙي تعليم ناهي جنھن لاءِ اهڙو عرب ماڻهو جاکوڙ ڪري جنھن وٽ پئسو اڻ ميو هجي.
ايتري ۾ هن همراهه پاڻ ئي چيو : ”مڙئي خير آهي. تعليم جو مون ايئن ئي پڇيو.“
هن شايد اهو سمجهيو ته اسان کيس ترت جواب جو نه ڏنو آهي سو اسان ڪجهه به پڙهيل نه آهيون ۽ ويتر ان سوال ڪري اسان ککا وکا ٿي رهيا آهيون ته تعليم جو ڇا ٻڌايون.
”نه نه. اسان آهيون ته تعليم يافتھ.“ اڪبر چيس.
”ڪھڙي تعليم؟“ هن کلي ٽوڪ واري نموني ۾ پڇيو. اسان کي جواب ۾ اڃا دير ڪندو ڏسي پاڻ ئي جواب ڏنائين:
”موويز ... موويز.“ يعني فلمون ڏسڻ ئي اسان لاءِ وڏي تعليم آهي.
اڪبر چيو : ”ڪيڏو لاهه آهي. عربن کي ڪيترو Under estimate ٿو ڪري. کيس ڪھڙي خبر ته اڄڪلهه عرب تعليم پٺيان اهڙو اچي پيا آهن جو جنھن جبي واري تي هٿ رک ته هو آڪسفورڊ، ڪئمبرج يا ڪنھن آمريڪن يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ آهي.“
اسان کي اتي ئي ڦيرائي آخر هڪ ڪلب نما هوٽل جي در وٽ آڻي بيھاريائين، جيڪا واقعي نوابن راجائن جي لائق ٿي لڳي. اڪبر کي چيم ته هاڻ ڏي منھن.
اندر گهڙڻ جي فقط داخلا في ٻه هزار يين هئي. چار پنج پوڙهيون پڪيون گيٽ اندر _ ڊِم روشنيءَ ۾ بيٺيون هيون. ٻيون پري کان ٽيبلن تي ڦاسايل مھمانن سان گڏ پي رهيون هيون. اندر اچڻ جي ٽڪيٽ کان علاوه پنھنجي ۽ ميزبان پوڙهيءَ جي ڊرنڪ جي پھرين گلاس جا پئسا به اڳواٽ ڏيڻا هئا. باقي پئسا وڌيڪ پيئڻ جا ان بعد.
اڪبر کي چيم ته رستي جي هن پاسي، پريان جيڪا دڪي نظر پئي اچي، اتي آئون ٿو وڃي ويھان ۽ تنھنجو انتظار ڪريان. اڪبر چيو ورندو ته ڪجهه به نه پر دل چوي ٿي ته هڪ دفعو جيڪر اندر وڃي ساڻن گڏ ويھي رهاڻ ڪجي، جيئن ماڻهو قسم کڻڻ جھڙو ته ٿئي، پوءِ چاهي ڪيترو به خرچ اچي.
مون کلندي چيومانس: ”واهه واهه، ڳالهه واهه جي ڪئي اٿئي. تنهنجي ان ڊائلاگ تي اڄ دينگاڻي بوزدار جو وڏيرو سائينداد چاچڙ ياد اچي ويو. ڀلا پوءِ هاڻ...؟“
”ٺھيو، في الحال اڄ هڻون ٿا شيطان کي موچڙو.” اڪبر ترت فيصلو ڪيو.
اسان جي رهمنائي ڪري ان ڪلب جي در تائين پھچائڻ واري همراهه، ڪلب جي درٻان کي اسان لاءِ اشارو ڪري هليو ويو _ يعني اهي مرغا مون آندا آهن. انهن جي خرچ جي ڪميشن سندس حساب ۾. هاڻ هو ٻي شڪار جي تاڙ تي هليو ويو. جيئن ئي اهو روانو ٿيو ته پٺيان اڪبر، اندر هوٽل ۾ وڃڻ بدران پاسي کان لنگهي، ساڄي گهٽيءَ مان مڙي اچي مين روڊ تي نڪتو. آئون به ساڻس گڏ. اها گهڙي ڪجهه به نه ڳالهايوسين. ڪا به راءِ، ڪو به ريمارڪ، ڪا به Comment نه ڪئيسين. ٿوري دير به امير عربن جو پارٽ ادا ڪري نه سگهياسين ته يڪدم اصليت جي دنيا ۾ اچي پياسين. ’هئنڪو‘ ڊپارٽمينٽ وٽ، بتين جي روشنيءَ ۾، هيٺ جهڪي بوٽ جي کليل ڪھي ٻڌڻ لڳس. سڄي ڏينھن جي ٿڪ، بيھڪ ۽ هل هل کان پوءِ، ويھڻ ۾ مزو اچي رهيو هو. دل ئي نٿي چيو ته هاڻ اٿي بيھجي. بھرحال اٿي کڙو ٿيس.
اڪبر چيو: ”حالت خراب ٿي وئي آهي. گهر تائين پنڌ ته هلي نه سگهبو. ساڳي وقت ٽيڪسيءَ ۾ به هلي نه سگهبو _ ڀاڙي گهڻي ڪري! پبلڪ بس (Bus) زنده آباد. ٻنهي جي ٽڪيٽ ٻه سؤ ويھه يين _ ٻارهن رپيا_ سو افورڊ ڪري سگهون ٿا.“
”چڱو چڱو، گهڻو ٿيو. هاڻ آهستي ڳالهاءِ ۽ جلدي بس اسٽاپ ڏي هل متان وري اهو ساڳيو ڪمپليٽ سوٽ پھريل جپاني ڀڙوو، علاؤالدين جي جن وانگي سامهون اچي ڪڙڪي ۽ وائڙو ٿي وڃي ته هي ڪھڙا ڪويت جا شاهوڪار عرب آهن جي بس جي ڀاڙي _ يعني سؤ کن يين تي به سوچي رهيا آهن.“

پگهار ڪٽيو وڃي يا وڌيڪ ڊيوٽي ورتي وڃي

جپانين بابت ڪجهه ڳالهيون جي هن وقت ڌيان ۾ اچي رهيون آهن: هڪ ته جپاني جنھن فئڪٽري، آفيس يا دڪان تي ڪم ڪندا ته دل لڳائي، ايمانداريءَ سان لڳا رهندا ۽ وقت جا به اهڙا پابند جو ان جو مثال اسان جھڙن ٻين ايشيائي ملڪن ۾ ورلي ملي.
اهي ڳالهيون هتي جپان ۾ عام نه آهن، جيڪي اسان وٽ آهن. مثال طور: هتي ڪو به جپاني پنھنجي مھمان کي آفيس ۾ گهرائي آفيس جو قيمتي وقت ڪچھريءَ ۾ ضايع نٿو ڪري. ڪو آفيس جي ڪم سان ايندو ته به ڪيترن هنڌ اهو سسٽم آهي ته وڏي آفيس جي در وٽ ننڍي ڪمري ۾ بيٺڪ ٺھيل هوندي، جتي صاحب پاڻ وڃي ان مھمان سان ملندو ۽ ڪاغذ پٽن جو اڪلاءُ ڪندو. ڇو جو مين آفيس ۾ مھمان جي هلي اچڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪري ٻين ڀر وارين ٽيبلن تي ويٺل آفيسرن جي ڪم ۾ رخنو پوي ٿو.
هتي ڪو به پنھنجي آفيس جو فون نمبر دوست يا مٽ مائٽ کي نه ڏيندو. جي اتفاق سان ڪنھن ايمرجنسيءَ ۾ ڪنھن جو پرائيويٽ فون منٽ اڌ لاءِ به اچي ويو ته هو خود به احساس جرم محسوس ڪندو ۽ ساڳي وقت آفيس جا ٻيا ماڻهو به کيس غلط سمجهندا آهن.
هڪ ڏينھن ظفر شيخ جي گهر ڪجهه پاڪستاني ويٺا هئاسين. انهن ۾ هتي جي يونيورسٽيءَ جو اقبال سولنگي، ڪراچيءَ کان ٽوئر لاءِ آيل رسول بخش راهو، گهانگهرو صاحب ۽ ٻيا به ڪيترا هئا ۽ ان عنوان تي جپانين جي ويٺي تعريف ڪئيسين. اسان ۾ ويٺل هڪ پاڪستاني عورت جپانين جو ڏاڍو سٺو مثال ڏنو. هن جو مڙس هتي جپان ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ پاڻ ڪنھن ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪري ٿي.
هن ٻڌايو ته هڪ ڏينھن سندس ننڍو ٻار چاق ڪونه هو سو ان جي طبيعت پڇڻ لاءِ هن گهر فون ڪرڻ ٿي چاهيو. مئنيجر کان فون جي اجازت گهريائين ته هن صاف انڪار ڪيو ۽ ٻڌائينس ته ”پرائيويٽ فون لاءِ اجازت نه ڏيندس.“
”پر آئون پنھنجي ڪم جي فون لاءِ پنھنجا پئسا فون ۾ وجهنديس.“ هن عورت ٻڌايس.
”بلڪل صحيح آهي.“ مئنيجر وراڻيس. ”پئسا ته ظاهر آهي ته پنھنجي فون جا توکي ئي ڏيڻا پوندا، پر آئون نٿو چاهيان ته تون هينئر ڊيوٽي ٽائيم ۾ فون ڪري اهي ٻه منٽ ضايع ڪرين،جنھن لاءِ اسين توکي پگهار ٿا ڏيون.“
ظفر ٻڌايو ته جپاني هر ننڍڙي ڳالهه تي موڪل نه ڪندا. ڪا تمام گهڻي ايمرجنسي ٿيندي ته پوءِ به ڪوشش ڪندا ته ان ڏينھن اچي پوءِ آخري ڪلاڪ ٻه موڪل ڪن، جنھن لاءِ به درخواست ڏيندا ته اسان کي ٻه ڪلاڪ کن موڪل ڏني وڃي، جن ٻن ڪلاڪن جو پگهار ڪٽيو وڃي يا ڪنھن ٻئي ڏينھن اوترو وقت دير تائين ڊيوٽي ورتي وڃي.

ريتون رسمون جن کي Modernization ريٽي نه سگهي

ظفر شيخ ۽ ٻيا ڪيترا جيڪي جپان ۾ گهڻو وقت رهيا آهن، اهي ته جپان جي تعريف ڪندي چوندا آهن ته جپان اهڙو ملڪ آهي، جنھن کان ڪيتريون ئي ڳالهيون سکي سگهجن ٿيون: محنت، ايمانداري، نھٺائي، Courtesy، پيار محبت، حب الوطني، وقت جي پابندي ... وغيره.
جپانين کي پنھنجي ملڪ لاءِ جيترو پيار آهي، اوترو شايد ئي ڪنھن ٻئي کي پنھنجي ملڪ لاءِ هجي. هر وقت چاهيندا ته سندن ملڪ جي تعريف پئي ٿئي ۽ ڪنھن به ڌارئين کي ان سان گِلا نه هجي.
ڌارين آيل مھمانن کان وڃڻ وقت به اهو ئي پڇندا ته توهان کي جپان ڪيئن لڳو. ڪڏهن به ڪو جپاني پنھنجي نالي يا مائٽن نالي نه پڇندو ته توهان کي اسين ڪيئن لڳاسين يا اسان جو فلاڻو مائٽ: شيما واڪي سانُ، يا ڪاوابا باشي سانُ ڪيئن لڳو. پر هو پنھنجي ملڪ جو ئي پڇندا ته: ”اسان جو ملڪ جپان توهان کي ڪيئن لڳو؟“ ۽ پوءِ جي جپان جي تعريف ڪبي ته ڦڪا پيلا ڏند ڪڍي خوش ٿيندا ۽ جي ساڻن جپان جي ڪنھن ڳالهه جي ڪا ڪوڙي به گلا، دانھن يا ڏوراپو ڏبو ته منھن لھي ويندن.
عام زندگيءَ ۾ عام کان عام جپاني به ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪندو، جنھن مان ڌارئين کي اهو احساس ٿئي ته جپاني ماڻهو صحيح نه آهن.
يوڪو هاما (جپان) جي بندرگاهه ۾ هڪ دفعي اسان جي جھاز ڀرسان دنيا جو مشھور پئسينجر جھاز ڪُئين ميري Queen Mary اچي بيٺو هو. ان جي آمد جي ٽي وي ۽ ريڊيو تي به ڪافي اشتھار بازي ڪئي وئي هئي ۽ جھاز ڏسڻ جي شوق ۾ يوڪوهاما جي اوسي پاسي وارن شھرن ۽ ڳوٺن: ٽوڪيو، چيبا، ڪواساڪي کان وٺي ڪبتسو، فونا باشي ۽ ياماتو کان ماڻهو ٻارن ٻچن سوڌا اچي يوڪوهاما کان نڪتا هئا. ڪيترا ماڻهو ته اسان جي جھاز تي به چڙهي پئي گهميا.
هڪ فئملي سان منھنجي به ڏاڪڻ وٽ عليڪ سليڪ ٿي. جھاز ڏسڻ ٿي گهريائون سو کين پنهنجي جهاز جا سڀ ڊيڪ گهمايم. چانھه جو وقت هلي رهيو هو سو آخر ۾ ڪافي پياري سايونارا چيومان. پاڻ چيگا ساڪي ڳوٺ کان آيل هئا.
هفتي کن کان پوءِ جنھن مھل اسان جو جھاز Sail ڪرڻ لاءِ لنگر کڻي رهيو هو ته انجڻ روم ۾ ڪنھن اچي ٻڌايو ته ڪي جپاني ملڻ ٿا چاهين. مٿي اچي ڏٺم ته ڪجهه ڏينھن اڳ آيل ساڳيو پوڙهو جپاني همراهه پنھنجن ٻارن ٻچن سان بيٺو آهي. پاڻ سان حيثيت آهر گلن ۽ ميوي جو تحفو مون لاءِ کڻي آيو هو. ٻڌايائين ته هو روز اسان جي آفيس مان جھاز جو پڇندو رهيو ٿي. اڄ اسان جي وڃڻ جو ٻڌي هو موڪلائڻ لاءِ ڳوٺان هلي آيو آهي.
مون سندس ان تڪليف تي ڪجهه اعتراض ڪيو، پر هن ڏڪندڙ هٿن سان گلن ۽ ميوي جا ٽوڪرا زوريءَ منھنجي حوالي ڪندي چيو : ”هي اسان جو غريباڻو تحفو قبول ڪر. ڪير ڄاڻي وري ڪڏهن ملون به يا نه. تون تحفي کي نه ڏس پر اسان جي خلوص کي ڏس. اسان جي دل کي ڏس _ جيڪا اهو نٿي چاهي ته جپان ڇڏڻ وقت توکي ڪو احساس به ٿئي ته اهي جپاني جن سان تون سٺو هلئين انهن توکي تنھنجي هتي هوندي ئي وساري ڇڏيو.“
جھاز جپاني بندرگاهه کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڙهي رهيو هو. جھاز ۽ ڪناري جي وچ ۾ ڦاٿل ڇوليون جھاز جي لوهي جسم سان ٽڪرائجي ڪناري جي سيمنٽ ٿيل دڪي سان لڳي رهيون هيون. پر آئون اهي مڙئي نظارا ڇڏي اهو سوچي رهيو هوس ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪيترن ماڻهن سان مليو هوندس. ڪير ٿو ڪنھن کي ياد ڪري. پر هي جپان آهي جتي هيڏي ترقي ۽ Modernization به انسان ۽ انسانيت جي قدرن کي اڃا ريٽي نه سگهي آهي.
اهو منھنجو جپان ۾ پھريون دفعو هو. اهو منھنجو جپان بابت پھريون ويٺل Impression هو.

پنھنجي مڙسيءَ کي ڏي تالا چار

اسان جي هڪ ٻن همراهن، ٿڌا شوڪارا ڀري، جپاني ڇوڪرين سان پنھنجن معاشقن جا قصا ٻڌايا ته جپاني ڇوڪرين جي وفاداري، عبادت جي حد تائين پيار، سندن چئيوان هجڻ وغيره جو دنيا ۾ مثال ناهي.
ظفر شيخ ورندي ڏنن ته اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي پر ان دوستيءَ کي دوستيءَ جي حد تائين ئي محدود رکڻ کپي. خاص ڪري شاگردن کي، ان دوستيءَ کي عشق جي خاني تائين آڻڻ نه کپي. ڇو جو پوءِ پڙهائي، جنھن مقصد لاءِ هو جپان ۾ اچن ٿا _ اها اتي ئي رهجيو وڃي. ”در اصل ان کان جپاني ڇوڪريون به گريز ڪن ٿيون ۽ اسان کي غلط سمجهڻ کان جهلين ٿيون.“
هڪ ٻئي وراڻيو. ”آئون جڏهن جپان جي شھر ڪوبي ۾ هوس ته هڪ جپاني ڇوڪِري دوست ٿي وئي. هوءَ شڪاڪو ٻيٽ کان هتي پڙهڻ آئي هئي. تعليم ختم ٿيڻ تي جڏهن هوءَ پنھنجي ڳوٺ وڃي رهي هئي ته آخري دفعو مون سان موڪلائڻ آئي. منھنجي دل ۾ عجيب وسوسا هئا. در اصل مون پنھنجو پاڻ کي ان دوستيءَ ۾ هميشھ لاءِ پابند نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ اها ڳالهه کليءَ طرح هن سان ڪري به نٿي سگهيس. ساڳئي وقت اهو به خوف هوم ته هوءَ الائي ڪھڙين غلط فھمين هيٺ هجي. پر مون کي تعجب ۽ خوشي ٿي، جڏهن هن موڪلائڻ وقت گلن جو تحفو ڏيندي چيو: ”پاڻ مان ڪنھن جي به هڪ ٻئي تي Obligation نه هئڻ کپي. توهان کي پنھنجي زندگي آهي. آئون اڃا ڪنواري آهيان ۽ مون کي پنھنجي اڳيان پنھنجي زندگي آهي. شادي ڪنديس، گهر ٺاهينديس. پر هي چند ڏينھن جيڪي مون توسان گڏ گهاريا آهن انهن جي ياد منھنجي دل ۾ هميشھ تازن گلن وانگر رهندي. هي اهو خزانو آهي جنھن کي ڪو به لٽي نٿو سگهي. سمجهه ته ڪنھن مختصر ڊرامي جا ٻه ڪردار هئاسين. اسٽيج تي چند ڪلاڪ ملياسين ۽ هاڻ وڇڙي رهيا آهيون.“
”ڇا جپاني ڇوڪريون سچيون نه آهن؟“ ڪنھن جواب گهريو.
”تمام گهڻيو سچيون آهن. سڄو جڳ ٿو واکاڻ ڪري.“ ظفر چيو: ”جپاني ڇوڪرين جي ان ڳالهه پٺيان به سماجي ۽ نفسياتي حالتون آهن. هيءَ قوم سڪايل آهي _ پيار ۽ محبت جي _ اهو ڪنھن سوچيو آهي؟ ٻي وڏي جنگ کان پوءِ ته هنن کي پيار ئي نصيب نه ٿيو آهي. جنگ هارائڻ کان پوءِ غيرت کان مرد جيڪو جتي آهي اتي ڪم ۾ لڳو پيو آهي. صبح کان شام تائين_ جسماني طرح. ان کان پوءِ ذهني طرح هن تي رڳو محنت، پورهئي ۽ پئسي ڪمائڻ جو ڀوت سوار آهي ته جيئن هن جو ملڪ ترقي ڪري. هن کي اها ئي تات آهي ته جنھن به هنڌ: فئڪٽري، آفيس يا دڪان ۾ هو آهي ان جي شيءِ اعليٰ کان اعليٰ پيدا ٿئي، جيئن ملڪ جو نالو ٿئي، ناموس ٿئي ۽ جپان طاقتور ٿئي. نتيجي طور هنن جو عورت ذات ڏي ته بلڪل ئي ڌيان ناهي. جپاني عورت سان جپاني مرد جي روش ايڏي رکي ۽ کھري آهي جو دنيا جي شايد ڪنھن ملڪ يا قوم جي عورت سان اها ٽرئجڊي هجي. سو ظاهر آهي جپاني ڇوڪرين سان ڪو به پيار سان ڳالهائي ٿو يا قرب ڏئي ٿو ته هو جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن.“
اقبال سولنگي جيڪو گذريل ٽن سالن کان هتي ٽوڪيو ۾ آهي ۽ پي. ايڇ. ڊي. ڪري رهيو آهي، تنھن چيو : ”ٻي جنگ عظيم ۾ جپان ئي هڪ اهڙو ملڪ هو، جنھن ۾ هر گهر تي مصيبت آئي ۽ ڪو نه ڪو مرد ڀاتي مارجي ويو. فقط ٽوڪيو شھر جا ڇائيتاليھه هزار مرد مارجي ويا هئا ۽ انهن ڏينھن ۾ ٽوڪيو جي آدمشماري ئي ڇا هئي، جن مان ايترا مرد مري ويا ته باقي رهيو ڇا!“
ظفر شيخ ٻڌايو ته هنن جي آفيس ۾ هڪ جپاني ڇوڪري 1952ع کان وٺي نوڪري ڪري ٿي. هڪ ڏينھن ڳالهين ڪندي، هن روئي ٻڌايو ته هوءَ جڏهن نوجوان Teenager هئي ته انهن ڏينھن ۾ ڇوڪرن جي ايتري ته کوٽ هئي جو ڪيترائي سال ڪوشش جي باوجود هن کي ڪو بواءِ فرينڊ نه ملي سگهيو. هاڻ ته اها عمر ئي لتاڙي اچي وڏي عمر جي ٿي آهي.
ان مھل ڪي پي ٽي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر رسول بخش راهو به ويٺو هو. گنڀير ماحول کي وڌيڪ سنجيدو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هن چيو : ”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، جنھن لاءِ منھن مٿو پِٽجي. اسان وٽ ته جنگ نه هئي ۽ نه عورتن ۾ وبا پکڙيل هئي ته به اسان وٽ نوجوانيءَ جي ڏينھن ۾ عشق ڪرڻ لاءِ ڪا ڇوڪري ڪانه هئي. اسان وٽ ته ڇوڪرن جون به شاديون ايئن ٿينديون هيون، جيئن مائٽ اسڪول وٺي هلن _ يعني ڪن کان جهلي. جپاني ته وري به فقط ڪجهه عرصو ان کان وانجهيل رهيا. هينئر ته حال اهو آهي جو آفيس مان موڪل ٿيڻ کان پوءِ ٽوڪيو جي سينٽرل اسٽيشن نه ڏس، گنزا نه ڏس، هيبايا پارڪ ۽ شنجوڪو جون هوٽلون نه ڏس _ جتي ڪٿي ڇوڪرا ڇوڪريون پنھنجي جوڙيوال جو انتظار ڪندي نظر اچن ٿيون.
گهانگهري راهوءَ کي ٽوڪيندي چيو: ”يار لڳي ٿو توکي مڙيئي ٽي ٽڪا ان ڳالهه جو ڏک رهجي ويو آهي.“
”ڪھڙي ڳالهه جو _؟“ راهوءَ گهوريندي پڇيس.
”ته ننڍي هوندي عشق نه ٿيو.“
”نه يار اسان جي ته ننڍي هوندي ئي شادي ٿي وئي ۽ نوڪريءَ ۽ ٻارن جي پڙهائين پٺيان اهڙو سوگهو ٿي وياسين، جو ڪڏهن واندڪائيءَ جو احساس نه ٿيو.“ راهوءَ وراڻيو.
”نه يار اها ڳالهه نه اٿئي،“ چرچا ڪندي چيومانس. ”تنھنجي اسڪولي زندگيءَ جا ڏينھن _ يعني اڄ کان پنجٽيھه سال اڳ 1950ع جو زمانو ئي ڪجهه ٻيو هو. انهن ڏينھن ۾ عشق جا چڪر ايڏا آسان نه هئا، جيترا اڄڪلهه ريڊيو، ٽي وي، ٽيليفونن، اخبارن وغيره آسان ڪيا آهن. مجنون ۽ فرهاد اڄ جي دور ۾ ڄمن ها ته اهي به ايترو خراب ۽ خوار نه ٿين ها. اڄ ڳالهائڻ لاءِ فون آهي، خط ۽ ڇپيل ڪارڊ آهن، جن ۾ دل جون ڳالهيون اشارن ۾ لکيل آهن. هڪ ٻئي کي دل جي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ريڊيو تان گانن جون فرمائشون هلن ٿيون. رسالن ۾ پسنديده شعر ڏئي سگهجن ٿا يا پنھنجا ڪچا ڦڪا شعر ٺاهي شاعرن جي لسٽ ۾ هڪ طرف اچي سگهجي ٿو ته محبوب تائين نياپو الڳ پھچائي سگهجي ٿو. ڇوڪرا ته ٺھيو پر ڇوڪريون به سندرو ٻڌيو بيٺيون آهن. عبدالڪريم سعديءَ ٽيون ڏينھن ڪراچيءَ کان هڪ سنڌي اخبار موڪلي آهي، منجهس ڪنھن ڇوڪريءَ ڏاڍو دلچسپ شعر، عاشق کي اک پٽڻ ۽ همٿ ڏيارڻ لاءِ ڏنو آهي ته ميھار ڪر ڪا مڙسي نه ته تنھنجي سھڻي هٿن مان وڃڻ واري آهي. ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
بناءِ مون کي پنھنجي ڪنوار
سيگهه ڪر منھنجا دلدار
نه ته ڪو مون کي بڻائي ڪنوار
سھڻي نه ڦرئي سڻ اي ميھار
وقت اٿئي همٿ ڪا ڏيکار
نه ته پنھنجي مڙسيءَ کي ڏي تالا چار.

مڙس منھنجو ڀؤنڪندي مئو

آمريڪا يا جپان ۾ مٺي پيشاب (Diabetes) جو مريض کاڌي پيتي جي معاملي ۾ ڪا گهڻي تڪليف يا مونجهارو محسوس نٿو ڪري. اسان جي هڪ ڪلاس ميٽ کي جڏهن خبر پيئي ته هن کي ذيابطيس آهي ۽ هاڻ ڪا به مٺي شيءِ کائڻي ناهي ته هن کي ڄڻ شاڪ لڳي ويو ڇو جو مٺاڻ کائڻ ئي ته سندس پسنديده ڳالهه هئي. کيس صلاح ڏنم ته آمريڪا يا جپان پاسي وارو جھاز کڻ ۽ ڪو به فڪر نه ڪر.
آمريڪا ۾ هر ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ عام ماڻهن لاءِ ڪوڪا ڪولا هوندي ته ڊائيبيٽڪ مريض لاءِ پڻ، جنھن ۾ کنڊ بدران سئڪرين يا ٻي ڪا اهڙي شيءِ پيل هوندي جا مٺاڻ جو ڪم ڏئي ۽ ساڳئي وقت کنڊ جو مرڪب به نه هجي. اهڙي طرح سيون اپ، پيپسي ڪولا کان وٺي بسڪيٽ، ڪيڪ، ٽافيون، چيغم وغيره. بس خريداريءَ وقت رڳو دٻي تي ڏسڻ گهرجي ته Diabetic واري لاءِ ڪھڙي آهي ۽ اها جانچڻ جي تڪليف هت هڪ چاق ماڻهوءَ کي به ڪرڻي پوي ٿي جو متان هو Diabetic واري جي ڪا شيءِ کڻي اچي. اهو ته ٺھيو پر اهي ماڻهو جي اڳھين ٿلها آهن ۽ وڌيڪ ٿولهه نٿا چاهين انهن لاءِ پڻ مختلف شربت، کير، مکڻ ۽ ٽافيون ڪيڪ جتي ڪٿي وڪامندي ملندا جن ۾ چرٻي (Fat) جھڙيون شيون شامل نه ٿين. اهڙين شين مٿان وڏن اکرن ۾ Diet لکيل ٿئي.
هونءَ به هھڙن ملڪن ۾ ڪا به شيءِ اکيون پوري وٺي نٿي سگهجي. جپان ۾ ٽٿ پسٽ به عام ماڻهن لاءِ هڪڙي هوندي ته خراب مھاڙين وارن لاءِ ٻي. سگريٽ پيئندڙ لاءِ الڳ ٽٿ پيسٽ هوندي، جيڪا هن جي ڏندن جا ڪارا ناسي داغ ۽ سندا ڊاهي ته انهن ماڻهن لاءِ ڌار هوندي جن کي جڙتو ڏندن جا جت لڳل هجن. هاڻ جيڪڏهن ڪو انگريزي يا جپاني پڙهيل ناهي ته ان جو مٿو ويو. جيئن اسان جو ٿرڊ انجنيئر هڪ ٽٿ پسٽ وٺي آيو، جنھن تي سڄي آکاڻي جپانيءَ ۾ لکيل هئي، پر اهو به چڱو جو ان ٽٿ پيسٽ جي ٽيوب تي تصوير ٺھي پئي هئي ته هڪ همراهه هٿ منھن ڌوئڻ واري گينڊيءَ اڳيان بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ اهو ساڳيو ٽيوب آهي، جيئن ٻئي درجي جي ڪتاب ۾ خانو ڇوڪرو ڏندڻ بيٺو ڏئي ۽ هيٺان لکيل آهي ته صبح سوير اٿي هٿ منھن ڌوئجي. هونءَ به اسان وٽ اهڙي ٽيوب واري شيءِ ٽٿ پيسٽ ئي سمجهي وڃي ٿي. ٻئي نمبر تي شيونگ ڪريم ٿي سگهي ٿي.
خير سائين اسان جي ٿرڊ انجنيئر صاحب جڏهن صبح سوير اٿي اها ’ٽٿ پيسٽ‘ استعمال ڪئي ته کونئر وانگي ڏندن ۽ برش تي چھٽي وئي. چڱو جو جهٽ پٽ ٽوال سان اگهي چنبڙيل مسالو لاهي ورتائين. پوءِ هڪ جپانيءَ کان پڙهائڻ تي معلوم ٿيو ته اها ٽٿ پيسٽ نه پر ڀڳل ڪونڊيون ۽ ٿانو ڳنڍڻ لاءِ اڇو سيمنٽ آهي. جپانين جي اها ڳالهه اسان ڏاڍي دل ۾ ڪئي.
ٽٿ پيسٽ وانگر اسان وٽ گهڻي عرصي تائين Pressurized Spray ۾ پھرين عطر نڪرڻ ڪري هر Spray کي عطر سمجهڻ لڳا هئاسين. جيتوڻيڪ هنن ملڪن ۾ يڪدم هر ڪا شيءِ کڻي Spray ۾ ڪڍيائون. مڇرن مارڻ جي دوا کان ويندي Air Freshener تائين. ٻوساٽيل نڪ کي کولڻ کان وٺي بوٽ جي پالش تائين. پر اسان ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ئي ته ڦس ڦس (Spray) معنيٰ عطر ۽ عطر معنيٰ ڦِس ڦِس.
انهن ڏينھن ۾ اسان جو جھاز جپان کان جيئن ڪراچيءَ پھتو ته منھنجو پراڻو ڪلاس ميٽ مون وٽ آيو. آئون ان وقت انجڻ روم ۾ هوس. اهو ٻڌي ته هو منھنجي ڪئبن ۾ پھچي ويو آهي تکو تکو انجڻ روم مان نڪتس جو هن جون عادتون سمجهيم پئي ته منھنجي غير موجودگيءَ مان فائدو وٺي هڪ هڪ ڪٻٽ، خانو ۽ ريفريجريٽر کولي پنھنجي پسند جي شيءِ پنھنجي قبضي ۾ ڪندو. ڪمري ۾ گهڙيس ته اڇي قميص ۽ پتلون ۾ هو سمارٽ لڳي رهيو هو. پر ڪجهه ڪاوڙ ۾ هو. کانئس ڪاوڙ جو سبب پڇان ان کان اڳ سندس هڪ ڪڇ ڪاري ۽ ٻئي هٿ ۾ جپان مان ورتل ڪاري پالش جو Spray ڏسي سمجهي ويس ته هن ان کي عطر سمجهي دل کولي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي.
هونءَ سڀ کان وڌيڪ باهه تڏهن وٺي ويندي آهي، جڏهن ڪنھن به ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ماڻهن جي کائڻ جي بسڪٽن کان وڌيڪ ڪتن ٻلن جي کائڻ جا بسڪٽ، سھڻن سھڻن دٻن ۾ رکيل ڏسبا آهن. اسان جھڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن کي ڪھڙي سُڌ ته ڪي ڪي ملڪ ايڏا امير آهن، جتي ڪتا ٻلا به اسان کان وڌيڪ سٺي خوراڪ کائين ٿا. ڪيترا دفعا ايئن به ٿيو هوندو جو هن پاسي نئون آيل ٽوئرسٽ ڀُل مان ڪتن يا ٻلن جا بسڪيٽ، پنھنجي کائڻ جا سمجهي وٺي ويو هوندو. بلڪ هتي جا ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڀل چڪ ڪري ويھندا آهن _ خاص ڪري نشي جي حالت ۾.
لطيفو مشھور آهي ته ڀل ۾ هڪ عورت ڪتي جي کائڻ جا بسڪيٽ گهر وٺي وئي ۽ مڙس کي ’بيڊ ٽي‘ تي کارائي ڇڏيائين. سندس مڙس کي ڏاڍا وڻيا ۽ جوءِ کي روز ساڳيا بسڪيٽ کارائڻ لاءِ چيائين.
هڪ ڏينھن دڪاندار کي زال ٻڌايو: ”منھنجو مڙس مري ويو.“
دڪاندار چيس: ”ڏٺئه! ڪيڏو جهليندو هوسانءِ ته اهي ڪتن وارا بسڪيٽ کيس نه کارائيندي ڪر، متان انهن بسڪيٽن وگهي هو مري نه وڃي.“
”هو بسڪيٽ کائڻ سان نه مئو، پر بسن لارين پٺيان ڀؤنڪندي مئو.“ زال وراڻيو.

ڇا نالي سان بخت بدلجيو وڃي

نالي بدلائڻ جا اسان وٽ اڃا تائين ڪيترائي مثال ملندا. نه فقط ڳوٺن ٻھراڙين ۾ پر شھرن ۾ پڻ.
ڇوڪريءَ جو نالو پروين هوندو پر شاديءَ کان پوءِ ان جو نالو ان ڪري بدلايو ويندو آهي جو سَسُ جو يا ان ئي گهر ۾ گڏ رهندڙ ڏيرياڻي يا پڦيءَ، نڻان جو نالو پڻ پروين آهي.
ڪنھن جو ڳوٺ ۾ پڙهڻ وقت نالو الھڏنو هوندو پر تعليم پوري ڪري ڪا وڏي نوڪري يا شھر ۾ رهڻ تي اهو الھڏني مان دانيال، ارسلان، فريال يا ڪنھن ٻئي فئشني نالي وارو ٿي پوندو آهي. يا ڪيترا ماڻهو ان ڪري به نالو ڦيرائيندا آهن جو ڪا بيماري يا مصيبت هنن جي پٺ نه ڇڏيندي آهي. پوءِ ڪنھن فقير، بزرگ، عالم جي صلاح سان پنھنجو پھريون نالو بدلائي ٻيو رکندا آهن.
اهو سلسلو هتي جپان ۾ اسان کان به گهڻو عام آهي. ڪو زمانو هو جو هتي نالو مٽائڻ هڪ رواج وانگر هو. ڪا به وڏي ڳالهه ٿيڻ تي نالو مٽايو ويندو هو، پر هينئر به ڪيترن موقعن، مھلن تي نالا بدلايا وڃن ٿا_ خاص ڪري گهر کان رسڻ، ٻئي ڪنھن جو پُٽيلو ٿيڻ، موت جھڙي حادثي مان جان ڇٽڻ تي، وغيره وغيره.
ڪو همراهه توهان سان ملڻ لاءِ ڪارڊ موڪلي ٿو، جنھن تي نالو ’مسٽر تڪاشي‘ لکيو پيو آهي، جنھن کي نه توهان سڃاڻو ۽ نه ان جو اوهان نالو ٻڌو آهي، پر ڪمري ۾ اندر گهڙڻ تي خبر پوندي ته هو ته توهان جو گهاٽو يار ’مسٽر هياشي‘ پيو اچي.
جپان ۾ جڏهن به اچڻ ٿيندو آهي ته نين مشينن بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ هڪ پراڻي ٽيچر مسٽر سوزوڪيءَ وٽ ضرور ويندو آهيان. هن دفعي مسٽر سوزوڪيءَ جي آفيس ٻاهران مسٽر مشوهاشيءَ جي نالي جو بورڊ پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو ته مسٽر سوزوڪيءَ جي بدلي ٿي وئي آهي. نئين ائڊريس پڇڻ لاءِ اندر متسوهاشيءَ وٽ لنگهي ويس. جا کڻي ڏسان ته هي ته ساڳيو اسان وارو مسٽر سوزوڪي ويٺو آهي _جيڪو پاڻ ته ڪيڏانھن بدلي ٿي ويو ناهي، البت هن پنھنجي نالي جي بدلي ڪري ڇڏي آهي.
نه فقط ماڻهن جا پر هتي جپان ۾ جاين ۽ شھرن جا نالا پڻ بدلائيندا رهن ٿا. جيئن ٽوڪيو شھر جو پھريون نالو ايڊو Edo هو. جپانين جو اهو خيال آهي ته نالي بدلائڻ سان شھر، جاءِ، جبل، اسڪول وغيره جو بخت بدلجيو وڃي. هونءَ به جپان جھڙي ملڪ ۾ ٻيو ڪو بک مري سگهي ٿو پر ڪو جوڳي، جوتشي، هٿ ڏسڻ وارو هرگز نه. ڳوٺ ته ڳوٺ وڏن شھرن جي بازارين جي چوڪن تي به هٿ ڏسڻ وارا جوتشي ۽ فال ڪڍڻ وارا ويٺل نظر ايندا ۽ سندن نوي سيڪڙو شڪار متين موڙهيل ۽ ڳڻتيون کاڌل نوجوان عورتون ۽ ڪاليجن يونيورسٽين جون ڇوڪريون هونديون آهن.

جپاني ڇوڪريءَ جي ٻين سان ڀيٽ

جپان ۾ ايندڙ هر ڌارئين کي اها ڳالهه هڪدم محسوس ٿيندي هوندي ته هتي جو نوجوان طبقو _ جيڪي گهڻو ڪري سڀ شاگرد آهن، دنيا جي سڀني ملڪن کان نرالا آهن. هنن ۾ اهو گوڙ فساد ناهي، جيڪو دنيا ۾ اڄڪلهه جتي ڪٿي عام ٿيندو وڃي. هتي جي اسڪولن ۾ اڃا تائين اهي پراڻا قدر آهن. استاد جي عزت ۽ ڊپ، ڪلاس ۾ سختي ۽ ڊسيپلين، ان بعد ايترو هوم ورڪ ملين ٿو جو سمهڻ تائين ان مان واندڪائي ئي نٿي ملين. نتيجي ۾ موڪل واري ڏينھن کان علاوه ٻئي ڪنھن ڏينھن تي جپاني شاگرد هيڏانھن هوڏانھن رلندو نظر نه ايندو. ڪتاب، پينسل، پنو وغيره وٺڻ لاءِ به اسڪول کان گهر ويندي وقت واٽ تان وٺندا ويندا پوءِ ڄڻ گهر ۾ دفن ٿي ويا_ ڇا جي ٽي وي ڏسڻ، ڇا جو گهٽين ۾ نڪري ڊوڙڻ ڊڪڻ. ماءُ پيءُ ڀلي گهمڻ وڃن يا ڪنھن مرڻي پرڻي تي پير ڀرڻ وڃن، پر هي تڏي (تاتامي) تي پلٿ ماري هوم ورڪ ويٺا ڪندا. ايئن پڙهندي مون فقط غلام محمد سومري ۽ نول راءِ اوڏ کي ڏٺو جڏهن B.E. ٿي ڪيائون. هڪ ڌارئين چرچي طور چيو ته جپاني شاگردن کي ايڏو هوم ورڪ ٿو ملي جو بيھوش ٿيو وڃن.
هڪ جپاني ’ماءُ پيءُ‘ کان سوال: ”ايترو پڙهڻ ڪري ٻار جي دماغ تي ڇا بار نٿو پوي؟“
جواب: ”هرگز نه. پاڻ اسان جا ٻار وڏا ٿي وڌيڪ ذهين ثابت ٿين ٿا. هنن ۾ پورهئي ۽ محنت ڪرڻ جي عادت پوي ٿي. ڏسو نه هيءَ اها وَهي آهي جنھن ۾ ٻار ماٺ ڪري ويھڻ نٿو چاهي هو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. کيس لکڻ پڙهڻ جھڙي سٺي ڳالهه ۾ رڌل نه رکبو ته پوءِ گهٽين ۾ ٻين سان ملي گارگند ئي سکندو.“
ايئن به هرگز ناهي ته جپاني ٻار کي وندر لاءِ بنھه وقت نٿو ملي. موڪلن کان علاوه روزانو راند روند لاءِ به ڪجهه وقت ملي ٿو. گهر ۾ ويھي ڪجهه وقت ٽي وي ڏسن ٿا _ پر اهي پروگرام جيڪي ٻارن لاءِ اچن ٿا، سي شام جو اٺين کان اڳ اچيو وڃن. ان بعد ڪو به ٻار ٽي ويءَ اڳيان نظر نه ايندو.
سوير سمهڻ جي عادت ته سڄي يورپ، آمريڪا ۽ ٻين سڌريل ملڪن وانگر هنن ۾ به آهي. مائٽ ڀلي آڌيءَ رات تائين پيا جاڳن پر ٻار ساڍي ستين، يا وڏو ڇيھه ته به اٺين تائين هنڌ اندر هوندو، جيئن رات جو وڏو حصو هنن کي چڱيءَ طرح ننڊ ڪرڻ لاءِ ملي وڃي ۽ صبح جو اٿڻ وقت هو پاڻ کي تازو محسوس ڪري.
جپان ۾ جپانين جي هڪ ڳالهه وڻيم ته هو ٻارن کي _ ويندي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي ليول تائين وڏن کي، ڪِنين ڳالهين ۽ فلمن، ڪِنن ڪتابن ۽ ٽي وي پروگرامن کان پاسيرو رکن ٿا. سينسر سڄي ملڪ ۾ سختيءَ سان رائج ٿيل آهي ۽ نه فقط ان تي عمل ٿئي ٿو پر ان کي علت سمجهي، پاسو ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ سگريٽ ٻيڙي پيئڻ خراب عادت ليکي وڃي ٿي. (جيتوڻيڪ هاڻ ڏينھون ڏينھن اسان وٽ اها ڳالهه فئشن جو رنگ اختيار ڪري رهي آهي ۽ هوڏانھن آمريڪا يورپ ڏي ان کي خراب عادت تصور ڪيو پيو وڃي.)
مثال طور: خراب رسالو يا ڪتاب اسان وٽ تجسس مان ورتو ويندو يا پڙهيو ويندو آهي. پر هتي جپان ۾ شاگرد توڙي وڏي کي اهڙي ڪا شيءِ ڏني به وڃي ته به گهڻي ڀاڱي هو وٺڻ کان به ڪيٻائيندو. Play Boy رسالو ڪيترين ٻولين ۾ نڪري ٿو پر فوٽا ساڳيا هوندس. فقط جپاني ايڊيشن هڪ اهڙي آهي جنھن م فوٽا به مختلف هوندا، جن ۾ اوگهڙ نه برابرهوندي. ان هوندي به اهڙي حال ۾ به جپاني پلي بئاءِ جھڙو رسالو به لڪائي وٺندا. ڪا گار يا خراب چرچو ڪندي ته خراب لڳندن پر ٻڌندي به پيا شرمائيندا.
نگويا شھر ۾ هڪ مليل گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترائي جپاني ۽ ڌاريان _ فرينچ، برٽش، آمريڪن، عرب، آفريڪي ننڍا وڏا ويٺا هئاسين. جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي ته ڳالهين ڳالهين ۾ اگهاڙا چرچا ۽ لطيفا شروع ٿي ويندا آهن، تيئن هتي به اهو ڪم شروع ٿي ويو. ڇوڪرا ته ٺھيو پر ڇوڪريون به ان قسم جا چرچا ٻڌائينديون رهيون. ٻڌڻ وارا سڀ پيٽ تي هٿ ڏئي کل ۾ کيرا ٿي ٿي ويا. پر اسان ۾ ويٺل جپانين جو ردِ عمل اسان جھڙو نه هو. انهن مان ڪنھن هڪ به اهڙي ڳالهه، چرچو يا تجربو پاڻ ٻڌايو ته نه پر ٻڌڻ ۾ به دلچسپي نه ورتي. جپاني ڇوڪرن ته وري به رکي رکي ڪنھن ڳالهه تي ٿورو مرڪيو ٿي _ شايد تڪلف خاطر سھي، پر ڇوڪريون ته بنھه ماٺ ۾ هيون. ٿوري دير بعد هڪ فرينچ ڇوڪريءَ ته لاهي پاهي اچي اهڙيون اگهاڙيون ڳالهيون شروع ڪيون جو ڪيترا جپاني، ماٺ ڪري اٿي اچي ٻاهر ڪئنٽين ۾ ويٺا.
ڪئنٽين ۾ چانھه پيئندي اسان جي پاڙيسري جپاني عورت فرينچ ڇوڪريءَ تان تعجب کائيندي چيو:
”ڪمال آهي، هڪ ڇوڪري هن عمر ۾ هي ڳالهيون ٿي ڪري. سمجهه ۾ نٿو اچي ڪٿان ٿيون ٻڌن. لڳي ٿو ته مائٽن طرفان به ڪا جهل پل نه اٿن.“
پوءِ چانھه جو ڍڪ پي اچي کل ۾ پئي.
”ڇو خير؟“ پڇيومانس.
”بس ايئن. پنھنجي ننڍپڻ جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي.“
”ڪھڙي؟“ پڇيومانس.
”خبر اٿئي مون کي ته شاديءَ کان اڳ زال مڙس جي جنسي رشتي جي به خبر نه هئي ۽ نه منھنجي جيڏين کي هئي. هڪ دفعي انگريزي فلم ڏٺم، جنھن ۾ هيرو هيروئن کي چمي ڏئي ٿو ۽ پوءِ ٻي سين ۾ هوءَ پيٽ سان ڏيکارين ٿا. اسڪول جي ڏينھن تائين آئون اهو ئي سمجهندي هيس ته چمي ڏيڻ سان ئي ٻار ٿئي ٿو.
اسڪول جي آخري سال ۾ هڪ دفعي اسين ڪلاس ميٽ پڪنڪ تي وياسين. راند روند ۾ منھنجي دوست _جپاني ڇوڪر، کڻي مون کي چمي ڏني. منھنجو ته ڄڻ ساهه نڪري ويو ته هاڻ ڇا ٿيندو. ڄاڻ ته پٽ سان ٿيس ۽ ٻار ڄميو. ڊپ ۽ فڪر ۾ رات جو دير تائين ننڊ نه ايندي هئي. صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان باٿ روم ۾ ڀڄندي هيس. فراڪ مٿي ڪري، آرسيءَ اڳيان پيٽ کي غور سان ڏسندي هيس ته وڏو ٿئي پيو يا نه.
منھنجي ماءُ ٻئي شھر ۾ هئي. آئون نانيءَ وٽ رهيل هيس. آخر هڪ ڏينھن روئي نانيءَ کي ٻڌايم ته مون کي ٻار ٿي پيو آهي. اهو ٻڌڻ سان منھنجي نانيءَ تي ته ڄڻ وڄ ڪري پيئي. ذري گهٽ بيھوش ٿي ٿي. يڪدم منھنجي ماءُ کي فون ڪري ٽوياٽا (شھر جو نالو) مان گهرائي ڪاوڙ مان چيائين ته امان ڌيڻين الائي ڪٿان ڪارو منھن ڪرائي آئي اٿئي. هاڻ اچي منھن ڏينس.
امان جون به ٻڌڻ سان وايون بتال ٿي ويون. انھيءَ پير گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي نگويا پھتي. ٻئي ڄڻيون مون کان ڪڏهن ڪاوڙ مان ته ڪڏهن ڌتاري پڇڻ لڳيون ته آخر ڪنھن سان وڃي لڳينءَ. آئون ڪجهه ٻڌائڻ بدران رڳو پئي رئان ۽ اوڇنگارن جو ڦھڪو.
نيٺ هنن کي سڄو قصو ٻڌايم ته هينئن هڪ ڪلاس ميٽ ڪاڪو ڪريتا نالي، راند ۾ مون کي کڻي چمي ڏني ۽ آئون پيٽ سان ٿي پئي آهيان.
اهو ٻڌي ٻنهي سک جو ساهه کنيو ۽ ڏندجڻ کان بچي ويون. پر پوءِ وڌيڪ احتياط خاطر مون کي ڪاليج ۾ به ڇوڪرن سان ملڻ تي پابندي وجهي ڇڏيائون.

ڪانجي _ شڪلين واري لکائي

جپاني زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ۾ پنج هزار کن لفظ ڪانجيءَ جا آهن _ يعني شڪلين وارا آهن، جن مان ٻن کان ٽن هزارن تائين لفظ عام استعمال ۾ اچن ٿا. ڪانجيءَ جا ڪيترائي لفظ جنھن شيءِ لاءِ استعمال ٿين ٿا، انهن جي شڪل انهن شين سان گهڻي مشابھت رکي ٿي. هتي نموني خاطر يارهن ڪانجيءَ جا لفظ ڏنا اٿم، جن مان پڙهندڙن کي جپاني لکڻي _ ڪانجيءَ جي آئيڊيا ٿي سگهي ٿي. پھريون ’ماڻهوءَ‘ لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي، جنھن جي شڪل هلندڙ ماڻهوءَ سان ملي ٿي. ٿي سگهي ٿو اڄ کان چار هزار سال اڳ جڏهن ڪانجي لکڻي چين ۾ ٺاهي وئي هئي، ماڻهوءَ جي شڪل کي ڌيان ۾ رکي، اهو ڪانجي لفظ ايجاد ڪيو ويو هجي. اهڙيءَ طرح ٻين شين لاءِ ڪانجيءَ جا لفظ ايجاد ڪيا ويا. جيئن ٻئي نمبر تي ’وڻ‘ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪانجي لفظ آهي. اهڙيءَ طرح ‘ٻيلي‘ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪانجيءَ جي شڪل لاءِ هڪ بدران ٽي وڻ ڏيکاريا ويا آهن. ٻه هيٺ، هڪ ان جي مٿان. اهڙيءَ طرح ٽي نمبر وارو ڪانجي ’سج‘ ۽ ’ڏينھن‘ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چوٿين نمبر وارو ڪانجي ’چنڊ‘ ۽ ’مھيني‘ جو اظھار ڪري ٿو. ان بعد پنجين کان يارهين تائين جيڪي ڪانجي لفظ آهن، اهي هنن شين جي نمائندگي ڪن ٿا.
5. روشن، چمڪندڙ
6. برسات
7. باهه
8.عورت
9. مڇي
10. گاڏي، ڪار
11. زمين
ڪانجيءَ بابت هتي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته ڪانجيءَ جا لفظ جپاني توڙي چينيءَ ۾ ساڳيا استعمال ٿين ٿا. بلڪ جپاني زبان ۾ لکڻ لاءِ ڪاٽا ڪانا ۽ هراگانا _ اچارن وارا اکر به آهن پر چينيءَ جي اخبار کڻ ته سڄي شڪلين وارن لفظن (ڪانجيءَ) سان ڀريل نظر ايندي. چيني زبان ۾ فقط ڪانجيءَ جو ئي استعمال آهي.
اسان جو جھاز جپان کان چين ايندو آهي ته چيني مزدور جهاز تي موجود پراڻا جپاني رسالا ۽ اخبارون کڻي ڏسندا آهن. هڪ جپاني اخبار پڙهندڙ چينيءَ کان پڇيم: ”پڙهي سگهين ٿو؟“
هن هائوڪار ڪري پڙهندڙ خبر جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو.
”ڪمال آهي.“ مون تعجب کاڌو. ”چئبو ته توکي جپاني به اچي ٿي.“
”نه. مون کي جپاني نٿي اچي پر جپاني ۽ چيني زبانن ۾ ڪانجيءَ جا لفظ ساڳيا آهن.“ هن ٻڌايو.
جپاني يا چيني ماڻهو هڪ ٻئي جي اخبارن جا ڪانجي لفظ ڏسي معلوم ڪري سگهن ٿا ته ڇا لکيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان لاءِ جپاني پنھنجو اچار ڪڍي ٿو ته چيني پنھنجو. مثال طور: فوٽي ۾ ڏيکاريل پھرين ڪانجي، جيڪو سنڌيءَ جي انگ اَٺَ (يعني ابتي انگريزي اکر وي (v) جھڙو آهي) ان جو مطلب ’ماڻهو‘ آهي. ان کي جپاني ماڻهو ڏسي پڙهندو ’هِتو‘ يعني ماڻهو لکيل آهي ڇو جو جپانيءَ ۾ ماڻهوءَ کي ’هِتو‘ ٿو چئجي. ساڳي وقت چيني اهو ڪانجي ڏسي چوندو ته ’جِن‘_ يعني ماڻهو لکيل آهي. ڇو جو چيني زبان ۾ ماڻهوءَ کي ’جن‘ ٿو چئجي. يعني اُچار کڻي مختلف هجي پر شڪل ۽ مطلب ساڳيو آهي.
اها ڳالهه به قابلِ غور آهي ته چيني ماڻهو ’جپاني اخبار‘ ڏسي مطلب ڪڍي وٺندا پر اها ساڳي اخبار چيني اکين سان نه ڏسي ۽ ڪو جپاني کيس پڙهي ٻڌائي ته پوءِ چينيءَ کي ٽڪو به سمجهه ۾ نه ايندو. ڇو جو جپاني ڪانجي لفظ ڏسي ان جو مخصوص اچار جپانيءَ ۾ ڪڍندو جنھن کان چيني اڻ واقف آهي.
مزي جي ڳالهه اها ته چين ۾ ڪيتريون ئي چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. چين ملڪ هانگ ڪانگ، ڪوريا کان شروع ٿئي ٿو ته وڃيو اتر پاڪستان سان لڳي ۽ آدمشماريءَ جي به ڇا ڳالهه ڪجي. ماڻهن جي ان سمنڊ چين ۾ هڪ نه پر ڪيئي چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهم چيني زبانون هي آهن: مئنڊارن، ڪئنٽونيز، ٽيوچو، هَڪا ۽ هُوڪئن وغيره. انهن زبانن ۾ مختلف شين جا مختلف نالا آهن ۽ ماڻهوءَ لاءِ ’جن‘ لفظ فقط مئنڊارن ۾ اچاريو وڃي ٿو. باقي ٻين ڊزن کن چيني زبانن لاءِ ڊزن کن مختلف اچار آهن. اهو ئي سبب آهي جو ولايت ۾ يا ويندي سنگاپور، ملائيشيا ۾ چين جي مختلف صوبن جا چيني ڪنھن دعوت ۾ ملندا آهن ته چيني زبان ۾ ڳالهائڻ بدران انگريزيءَ ۾ ڳالهائين. ڇو جو هر هڪ جي چيني زبان مختلف هجڻ ڪري ٻيو چيني نٿو سمجهي، پر ڪانجي (لکڻ جون شڪليون)ساڳيون آهن. ان ڪري چين ۾ هلندڙ چيني فلمن ۾ ڪانجيءَ ۾ Captions لکيل هونديون آهن. پھرين مون سمجهيو ته اهي ٻوڙن ماڻهن لاءِ آهن، جيڪي ٻڌي نٿا سگهن، جيئن پڙهي سگهن. پر پوءِ خبر پئي ته اهي سڀني لاءِ آهن. مثال طور: ڪا فلم ’ٽيوچو چيني زبان‘ ۾ آهي ته ٽيوچو زبان کان اڻ ڄاڻ مئنڊرارن، ڪئنٽونيز، هڪا ۽ ٻيون چيني زبانون ڳالهائيندڙ چيني ڪئپشن ۾ ڏيکاريل ڪانجي ڏسي مطلب سمجهي وڃن.
هڪ دفعي جپان جي شپ يارڊ ۾ هڪ جپاني انجنيئر هنديءَ جو ڪو رسالو کڻي آيو ته ان ۾ جپان بابت لکيل مضمون کيس انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايان. مون ٻڌايومانس ته هنديءَ کان آئون اڻ واقف آهيان.
”ڪمال آهي.“هن وائڙو ٿي چيو، ”لنچ تي تون ۽ هندستاني انجنيئر پرڪاش ڳالهائيندا رهو ٿا، هينئر ٿو چوين ته توکي هن جي زبان نٿي اچي.“
مون کيس سمجهايو ته هن جي هندي ۽ اسان جي اڙدو ڳالهائڻ ۾ ساڳي آهي پر لکڻيءَ ۾ الڳ الڳ، جيئن توهان جي جپاني ۽ چين جي صوبن جون مختلف چيني زبانون وري لکڻ ۾ ساڳيون آهن پر ڳالهائڻ ۾ مختلف.

ڪمپيوٽر ۽ I.C جي ڇانوَ ۾، ڳالهيون ڀاڳن ۽ لکئي جون

جپان هيڏي ترقي ڪئي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ايڏي ماڊرن دور ۾ اچي ويو آهي، جو اسان جھڙا غريب ملڪ ته ٺھيو پر يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو به تعجب کائين ٿا ۽ سَڌون ڪن ٿا. ڇا گاڏيون، بسيون، ڪارون، ڇا نت نوان نمونا ريڊيو، واچن، ٽي. وي، وي سي آرن جا! ڇا پڙهائيءَ جو تعليمي ادارن ۾ اعليٰ درجو، ڇا مشينريءَ جي دنيا ۾ ڪوائلٽي ڪنٽرول (Quality Control) _ قدم قدم تي جپان جي سونھن، ترقي ۽ سائنسي ڪمالات جو قدر ڪرڻو پوي ٿو.
هيڏي ترقي، مشغولي ۽ هڻ هڻان واري زندگي جي باوجود به ڪي ڪي ڳالهيون ۽ نظارا جپانين جا ڏسي تعجب لڳي ٿو. مثال طور: پنھنجن وڏن (پوڙهن) جي عزت ڪرڻ. پورهيو شروع ڪرڻ کان اڳ ملڪ، قوم، ڪارخاني ۽ پاڻ لاءِ دعا گهرڻ. درگاهن ۽ عبادت گهرن ۾ وڏن توڙي ننڍن جي پيھه پيھان. ڪن ڪن درگاهن ۾ اسان وانگر چپل لاهي اگهاڙن پيرن سان هلڻ. نه فقط ايترو پر ڪاٺ جي پيتين ۾ پھچ سارو پئسا ’نذراني‘ طور رکڻ، جنھن لاءِ پيتيءَ جي وچ ۾ سير هوندي _ جيئن اسان وٽ ٿئي. هيڏين بئگن ۽ ٿيلهن هوندي به شادين مرادين تي يا هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين سامان هڙن ۾ ٻڌي کڻڻ. ڳوٺ ته ٺھيو پر ٽوڪيو، اوساڪا، يوڪوهاما، ڪوبي جھڙن وڏن شھرن جي پارڪن جي ڪنڊ ۾ ويٺل جوتشين کي نه فقط گهٽ پڙهيل پر يونيورسٽين جون اهي اهي ڇوڪريون به ويٺيون هٿ ڏيکارينديون _ جن جا ميجر سبجيڪٽ جيتوڻيڪ ماڊرن سائنس، اليڪٽرانڪس، ڪمپيوٽر، جينيٽڪ انجنيئرنگ، مائڪرو بايولاجي جھڙا هوندا. مستقبل کي پنھنجي مرضيءَ مطابق آڻڻ ۽ اڳ ڪٿي ڪيل مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تعويذ لکرائي رکنديون. ٽوڻا ڦيڻا ۽ ڌاڳا وٽرائينديون ڦرنديون. قسمت، ڀاڳ بخت ۽ لکئي جون ڳالهيون ڪنديون. ڇا تعجب جھڙي ڳالهه ناهي؟ ڪا چنبڙ، ڀان، سعيد آباد، ٽنڊي باگي يا سيٺارجا جي اڻ پڙهيل مائي اڄڪلهه جي دور ۾ ڪنھن پير فقير کان تعويذ ٿي وٺي ته اسان ان تان به کِلون ٿا ۽ عبدالڪريم سعدي صاحب سراج ميمن جي هلال پاڪستان ۾ هڪ عدد وڌيڪ مضمون ”ٺڳيءَ جا ٺاهه“ نالي ڏيو ڇڏي _ اتي ٽوڪيو شھر جي ڄايل، نپنيل ۽ ڪوبي يونيورسٽيءَ ۾ بايو ڪيمسٽريءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيل جپاني ڇوڪري مس ڪيڪو شوبيا، شھر جي مشھور موتو ماچي بازار جي وچ ۾ جوتشي کي هٿ ڏيکاري، پنج هزار يين جو تعويذ لکرائي وئي_ عجب جھڙي ڳالهه آهي ۽ اهڙيون عجب جھڙيون ڳالهيون هتي جپان ۾ ٻيون به کوڙ آهن.
هڪ ٻي ڳالهه ياد پئي اچي جا هن وقت ٻڌائڻ بي محل نه ٿيندي. گهڻو گهڻو اڳ ٽوڪيو ۾ پھريون دفعو اچڻ تي هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان هڪ بُڪ اسٽال تي ڏيٺ ويٺ ٿي. تعليم جاري رکڻ سان گڏ، هن شام جي وقت ان ڪتابن جي دڪان ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪيو ٿي. دڪان بندرگاهه جي ڀر ۾ هو ۽ جڏهن به جھاز ٽوڪيو ايندو هو ته هن سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ هوءَ مون لاءِ سيڪنڊ هئنڊ انگريزي ناول گڏ ڪري رکندي هئي.
سندس شادي هڪ يورپين سان ٿي وئي ۽ ان بعد نوڪري ڇڏي ڏنائين ته به گس پنڌ تي ساڻس ۽ سندس مڙس سان سلام دعا پئي ٿي. سندس يورپين مڙس پڻ اسان وانگر جھازي آهي ۽ ان سان ملاقات به شاديءَ کان اڳ ئي ٿي. سندس جھاز ڪڏهن ڪڏهن ساڳئي وقت ٽوڪيو ۾ اسان جي جھاز ڀرسان اچي بيھندو هو ۽ عليڪ سليڪ ٿيندي رهندي هئي _ بلڪ هنن جي شاديءَ جي رضامنديءَ ۾ منھنجو به گهڻو حصو هو جو آئون ٻنهي جو ڪامن دوست هوس ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي دل سان چاهيندا هئا. سو مون کي اهو سوچي خوشي ٿيندي هئي ته ٻنهي جي شادي ٿي وڃي ته سٺو. ڇوڪرو هونءَ هر ڳالهه ۾ سٺو هو، سمجهو ۽ جوابدار هو، پر ٿوري گهڻي پيئڻ جي عادت ضرور هئس _ جا ته يورپين لاءِ ڪا نئين ڳالهه يا عِلت نٿي سمجهي وڃي. جپاني ڇوڪريءَ کي، آخري دفعو مون کان صلاح وٺي فيصلو ڪرڻ وقت، مون کيس هن جي اها ڪمزوري پڻ ٻڌائي هئي، جنھن کي هن ايترو گھرائيءَ سان نه ورتو ۽ هوءَ ان کان پاڻ به واقف هئي.
ڇوڪرو سال اڌ بعد جڏهن وڏي پوسٽ تي پھتو ته يڪدم شادي ڪيائين. شاديءَ وقت اسان جو جھاز ٽوڪيو نه هو سو مون اٽينڊ نه ڪئي پر پوءِ سگهو ئي آيس ته هنن سان ملاقات ٿي هئي. ٻئي خوش هئا. ڪجهه هفتن بعد هو گهوٽ جي يورپي ملڪ ڏي هليا ويا. سال کن کان پوءِ هڪ ٻار به ٿين. ان وچ ۾ هڪ ٻه دفعا ڇوڪري جپان به پنھنجن مائٽن سان ملڻ آئي هئي. پر اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪيائين نه منھن مان لڳو ته هوءِ خوش نه آهي.
حقيقت ۾، اتفاق اهڙو ٿيو جو شاديءَ بعد سگهو ئي ڇوڪرو سامونڊي نوڪري ڇڏي پنھنجي ملڪ ويو ۽ هڪ فرم ۾ وڃي ڪم ڪيو. جتي هن ڪن نامعلوم سببن ۽ سنگت ڪري پيئڻ تي ايڏو ته کڻي زور ڏنو جو هر وقت نشي جي دنيا ۾ رهڻ لڳو _ سندس زال جي چواڻي ڪڏهن هوش ۾ آيو به ٿي ته دوستن نٿي ڇڏيس. نيٺ نوڪري به هلي ويس. وري سمنڊ تي وڃڻ جي سگهه نٿي ساري سگهيو. گهر جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ آخرڪار هوءَ اٿي ۽ ڪڏهن ڪنھن اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي ته ڪڏهن ڪنھن هوٽل ۾. سندس مڙس هر وقت ناڪاريت ۽ فراريت جي دنيا ۾ رهڻ لڳو ۽ زال سان گهڙي گهڙيءَ جي کِٽ ڦِٽ کان وڌي مار موچڙي تي اچي ڪم پھتو ۽ هڪ ڏينھن نيٺ طلاق ڏئي لوڌي ڪڍيائينس ۽ هيءَ ڌيءُ سميت اچي هتان جپان کان نڪتي.
۽ هاڻ منھنجي ساڻس ملاقات، ڪيترن سالن بعد هن ڀيري ٽوڪيو جي روپنگي علائقي ۾ المنڊ هوٽل وٽ ٿي. هوءَ سب وي گاڏيءَ لاءِ هيٺ زمين اندر اسٽيشن ڏي وڃي رهي هئي. سڄو جسم نٻل ۽ نستو پئي لڳس. رنگ صفا ڦڪو زردو انئمڪ مريض جيان هوس. هٿ ۾ هڙ شايد سيڌي جي هيس ۽ ڪڇ تي اڍائي ٽن سالن کن جي ڪمزور ڌيءَ. ڪا گهڙي ته حيرت مان ڏسندو رهيوسانس ته سندس کل ۽ خوشيءَ ۾ ٻھڪندڙ سدا بھار مھانڊي کي ڇا ٿي ويو آهي.
مون کي به گنزا تائين ساڳي گاڏيءَ ۾ وڃڻو هو، جتان هن کي گاڏي بدلائي ’مارو نائوچي لائين‘ اسٽيشن تي وڃڻو هو. سندس مڙس جو پڇيم ته ڪھڙو حال اٿس. ڪي لمحا مون کي غور سان ڏسي، شايد منھنجي منھن مان ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين ۽ پوءِ مختصر جواب ”جوبو ديس“ (ٺيڪ آهي) ڏئي نٽائي وئي. مدد لاءِ هڙ کڻائيمانس جنھن ۾ ٻار جي کير جي بوتل، بلاڪيٽ، رانديڪا وغيره ٿي لڳا. گاڏيءَ ۾ ويھڻ کان پوءِ به ڪا دير ڪمزوريءَ ڪري سھڪندي رهي. گاڏي چُري، ڪمياچو اسٽيشن تائين ماٺ ۾ ئي ويٺا رهياسين. نه هن ڪڇيو نه مون ڳالهائڻ مناسب سمجهيو، جو منھنجي ڇھين حواس ڪجهه سونگهي ورتو ته ڪا گنڀير ڳالهه ضرور ٿي چڪي آهي. آئون سامهون کيس فقط ڏسندو رهيس. مون کي پاڻ ڏي تعجب مان نھاريندو ڏسي، سمجهي وئي ته آئون سندس هن حال تي عجب کائي رهيو آهيان. سو سامهون واري ڪوچ تان اٿي اچي مون واري ڪوچ تي ڀرسان ويٺي. جيئن آئون کيس غور سان ڏسي نه سگهان. اها ڳالهه مون به محسوس ڪئي ان ڪري مڙي کيس وري چتائي ڏسڻ ۽ ڪجهه پڇڻ کان ماٺ ڪري ويٺس. هوءَ به خاموش ويٺي رهي. ڪمياچو اسٽيشن بعد ڪاسومگاسيڪي آئي. اتان پوءِ گاڏي هبيا اسٽيشن ڏي هلڻ لاءِ جڏهن رڙهي ته مون ڏي نھاري پڇيائين:
”تنھنجو ڪھڙو حال آهي؟“
”ٺيڪ آهي_ گذريل سڄو هفتو هتي ٽوڪيو ۾ هوس. سڀاڻي جھاز کي اوساڪا وڃڻو آهي.“
ڪجهه دير ترسي پڇيومانس: ”ڪجهه ڪجهه منجهيل پئي لڳين ۽ هن پاسي ’اوتيمياچي‘ خير ۾ پئي وڃين؟“
”هڪ ڳالهه ٻڌائين. مون سان هڪ ٽريجڊي ٿي گذري آهي. جنھن جي شايد توکي خبر ناهي.“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو.
هبيا اسٽيشن کان پوءِ سگهو ئي ٽن چئن منٽن ۾ گنزا اچي وئي، جتي اسان ٻنهي کي لھڻو هو. هن کي ٽرين بدلائڻ لاءِ ۽ مون کي ٻاهر اچي بس ۾ چڙهي هرومي بندرگاهه پھچڻ لاءِ. هڙ مون کان کڻائيندي پاڻ به مون سان گڏ متسوڪشي ڊپارٽمينٽ اسٽور واري انڊر گرائونڊ در کان ٻاهر آئي. ”آئون اڄڪلهه هڪ دڪان تي نوڪري ڪريان ٿي. رستي تي ٻار ۽ هي سامان هڪ پوڙهي مائٽياڻيءَ وٽ ڇڏيندي آهيان. ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪلاڪ کن آهي. پاڻ ڪٿي ويھي ڪافي پي سگهون ٿا. ’هرومي ڊوري‘ ايونيو جي هڪ هوٽل ۾ اچي ڪافي گهرائيسين ۽ هن پنھنجو مٿيون سڄو احوال ڪري ٻڌايو. هن مڙس سان نباهڻ جي جتن باوجود به گهر ڊهڻ جي سڄي ڪھاڻي ٻڌائي. طلاق بعد جپان موٽي اچي همت سان پنھنجي ۽ ٻار جي پيٽ قوت لاءِ پورهيو ڪرڻ جو قصو ٻڌايو. هوءَ ٻڌائيندي رهي. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ کيس ان ڏک رسڻ ۾ منھنجو به ڏوهه هجي. آئون احساس جرم کان شرمندو ٿيڻ لڳس. جيتوڻيڪ شاديءَ کان اڳ ٻنهي جو پيار هو پر آئون جي ٿورو به ڇوڪري جي فائدي ۾ نه ڳالهايان ها ته هيءَ شادي هرگز نه ٿئي ها ۽ اڄ هوءَ هي ڏينھن نه ڏسي ها. پر منھنجي منع ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان شايد ڪو به فرق نه پوي ها. شاديءَ کان اڳ ان جپاني ڇوڪريءَ هڪ دفعو وري صلاح پڇي هئي ته مون ان ڏس ۾ جوابداري نه کڻڻ ۽ وچ جي واٽ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته ڇاڪريان. سخت منجهيل آهيان ته شادي ڪريان يا نه.“ هن مون کان گهڻو اڳ پڇيو هو. ”پيار به هن سان ڏاڍو اٿم. ساڳئي وقت هڪ غير ملڪي ۽ ڌارئين سان شادي ڪرڻ جو جوکم کڻندي به گهٻرايان ٿي. تنھنجو ڇا خيال آهي. تون ئي فيصلو ڏي.“
”اسان جي ملڪ ۾ چوڻي آهي ته شادين جا فيصلا ستين آسمان تي ٿيندا آهن.” مون ان غير ضروري امتحان مان نٽائڻ خاطر کيس وراڻيو هو.“ هڪ ٻي چوڻي عام آهي ته لکيا پرڻجي وڃن، مڱيا رهجي وڃن. سو تنھنجو به هن سان سڱ لکيل هوندو ته اجهو ڪي آيو. ڄاڻ ته شادي ٿي وئي.“
پر اهڙي جواب ڏيڻ جي باوجود به هن جپاني ڇوڪريءَ جي ڏکن جي جوابداريءَ کان پاڻ کي وانجهو نٿو سمجهان. مون کي واقعي ڏک ٿي رهيو هو. آءٌ ذري ذري سامهون ويٺل هن جپاني ڇوڪري ڏي ڏسان ٿو جنھن جي عمر ئي ڇا گذري آهي ۽ اڃا جبل جيڏي زندگي اڳيان رکي اٿس، جنھن کي اڪيلي سر منھن ڏيڻو اٿس. وري شيشي مان هوٽل جي ٻاهران هلندڙ ڪارون ۽ گنزا جا دڪان ڏسان ٿو. سندس ننڍڙي ٻار کي ڏسان ٿو. اڳ ۾ ته هوءَ اڪيلي هئي، پر هاڻ هن لاءِ ۽ پاڻ لاءِ هن کي پورهيو ڪرڻو پوندو.
بئرو خالي گلاس ۾ پاڻي ڀري وڃي ٿو. سامهون متسوزڪايا مان ماڻهو خريداري ڪري ٻاهر نڪري رهيا آهن. ڪي اندر وڃي رهيا آهن، گهڙيال ۾ وقت ڏسان ٿو. اسان جي پروگرام مطابق هوٽل مان اٿڻ ۽ موڪلائڻ ۾ باقي ڪي منٽ وڃي بچيا هئا. بئرو بل کڻي اچي ٿو. ٻنهي جو بل آئون ڏيڻ چاهيان ٿو. پر هوءَ جهلي ٿي ته دستور موجب هر هڪ کي پنھنجا ڏيڻا آهن. آئون ملڪ شيڪ ۽ ڪيلي جا 840 يين ڪڍان ٿو ۽ هوءَ سندس ڪافي ۽ پيسٽريءَ جا ست سؤ سٺ يين (760 yen) ٽيبل تي رکي ٿي. پرس ڪڇ ۾ جهلي، ٻار کڻي ٻاهر نڪري ٿي. ٿورو عجيب لڳي ٿو پر خاموش آهيان. بل ڏيڻ نه ڏيڻ کان وڌيڪ هن وقت جا ڳالهه اهم سمجهان ٿو ۽ مون کي ڏکوئي رهي آهي، سا هن جي زندگي آهي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪھڙي عجب موڙ تي اچي پھتي آهي.
”توکي دل ۾ نه ڪرڻ کپي، پنھنجو وهنوار ته شروع کان ئي اهو رهيو آهي.“ هوءَ چوي ٿي.
آئون اڃا چپ آهيان. رڳو سوچيان ٿو ته هن جي اڳيان منھن کڻڻ لاءِ ڇا چوان. سندس مڙس کي گهٽ وڌ چوان ته ذليل نڪتو، ايئن نه ڪرڻ کپيس ها. تنھنجو قدر نه ڪيائين. تون سچ چوندي هئينءَ ته يورپ وارا مشرق کي گهٽ سمجهن ٿا. وغيره.
پر ڪڇڻ جي همٿ نٿو ساريان. هن کي ڪھڙي خبر ته آئون ڪھڙي پيڙا ۾ پڄري رهيو آهيان. مون کي ماٺ ۾ ڏسي، ٻانھن لوڏي، کلي چوڻ لڳي:
”توکي ڏک آهي ته توکي سڀ پئسا ڏيڻ نه ڏنم. ڇا هاڻ پگهار وڌيو اٿئي ان جو رعب رکڻ ٿو چاهين يا سمجهين ٿو ته مون کي همدرديءَ جي ضرورت آهي؟“
”نه يار! اها ڳالهه ناهي. آئون اهو نه سوچي رهيو آهيان.“ مون وراڻيو.
”پوءِ ڀلا چپ ڇو آهين؟“ هن وري پڇيو.
هوٽل جي مين گيٽ مان نڪري رستي تي گنزا زمين دوز اسٽيشن جي در وٽ اچي بيٺاسين. هن کي مون کان موڪلائي اندر وڃي، ٻي گاڏي جهلڻي هئي. مٿان ڪنڊ تي سئن اي San- Ai بلڊنگ جي چوٽيءَ تي متسوبشيءَ جو نيان نشان (ٽي چونڪڙيون) ٻري وسامي رهيو هو. رکي رکي بس نمبر ڏهون ۽ چوڏهون هبيا کان اچي رهيون هيون جيڪي اڳيان هروميءَ مان ٿينديون بندرگاهه ڏي وڃن ٿيون. سامهون ايڪسپريس هاءِ وي تان رکي رکي دنيا جون تيز گاڏيون: بليٽ ٽرين، هِڪاري ٽرين، لنگهي رهيون هيون. ٻئي پاسي دنيا جا خوبصورت دڪان، ٿيٽر ۽ ڪلب هئا. گنزا جي گوڙ ۾ منھنجي دل ٻڏي اپڙي رهي هئي. قصوروار نه هوندي به پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هوس.
”نيٺ ڇا پيو سوچين؟!“ گهڻي دير کان مون کي يڪو ماٺ ڏسي، موڪلائڻ مھل مونکان هن وري پڇيو.
”سوچيان پيو ته تون ڇا سوچيندي هوندينءَ ته اسان ڌاريا _ غير جپاني ڪھڙي قسم جا آهيون. تنھنجو مڙس منھنجو به دوست هو سو هاڻ تون مون کي به گهٽ وڌ چئي سگهين ٿي. مان سوچي به نٿي سگهيس ته حالتون اهڙو رُخ اختيار ڪنديون جو توهان جھڙو خوش خوش جوڙو ڌار ٿي ويندو. مون کي جي ٿورو به احساس ٿئي ها ته تنھنجي مڙس جي دل ۾ وفا ناهي، ته آئون توکي ان سان شاديءَ لاءِ هرگز صلاح نه ڏيان ها. توکي جهلي ڇڏيان ها، پر ان وقت توهان جي شاديءَ جي فيصلي ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان آئون هئس. اڄ مون کي ڏوهه جو احساس آهي.“
”ڪمال ٿو ڪرين تون به.“ هيٺ اسٽيشن ڏي ويندي ويندي هوءَ بيھي رهي ۽ هڪ ڏاڪو مٿي موٽي چوڻ لڳي، ”تون اهو ڪيئن ٿو سوچين! اهو ته سوچڻ ئي اجايو آهي. حقيقت ۾ ڏوهه نه تنھنجو آهي ۽ نه منھنجي مڙس جو. در اصل منھنجي قسمت ۾ ايئن لکيل هو سو ٿيو. اڳتي به جيڪي منھنجي ڀاڳ ۾ هوندو سو مون سان ٿي رهندو. ان کي نه تون ڦيري سگهين ٿو نه ڪو ٻيو.“
اهو چئي هوءَ پنھنجي گاڏيءَ ڏي تکو تکو هلي وئي. آئون ڪا دير سوچيندو رهيس. اهي ساڳيا جملا جيڪڏهن اسان جي ملڪ جي ڪا ڳوٺاڻي ڇوڪري چئي ها ته ايڏو اچرج نه لڳي ها، پر ٽوڪيو شھر جي رهاڪو ڇوڪري قسمت، ڀاڳ، رضا تي راضي رهڻ ۽ لکئي جون ڳالهيون دنيا جي وڏي شھر ٽوڪيو جي سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت جاءِ گنزا جي وڏي ۾ وڏي چوواٽي تي بيھي ڪري، عجب جھڙي ڳالهه آهي! پر آئون شروع ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان، ته هيڏي سائنسي ترقي هوندي به هنن جپانين جون ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون عجيب آهن، جھڙيون اسان جي ملڪ جي ڳوٺاڻن جون.

اپوڪئليپسو نائو

اسان جھازين ۾ هڪ ٿرڊ آفيسر شڪيل بابر هو، جيڪو ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻئي جھاز تان انگلينڊ مان بدلي ٿي، هتي جپان اسان جي جھاز تي آيو هو. اتي لنڊن ۾ ڪا مارلين برانڊو جي تازو رليز ٿيل فلم Apocalypse Now (اپو ڪئلپسو نائو) ڏسي آيو هو. هر وقت فلم جي تعريف ڪندي نٿي ٿڪو. واهه واهه! ڇا ته گريٽ مووي آهي! ڇا ته ڪھاڻي آهي، ڇا ته مارلين برانڊو ان ۾ ائڪٽنگ ڪئي آهي_ مطلب ته هر وقت ان فلم جي تعريف. اسان کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ اسان ڪو ٻھراڙيءَ ۾ رهيل هجون ۽ هي همراهه ڪنھن شھر مان ڪا اهڙي شيءِ ڏسي آيو هجي جيڪا يا نصيب، خبر ناهي اسان جي قسمت ۾ ڏسڻ لاءِ هجي به يا نه. جھاز هفتي کن بعد يوڪوهاما کان اوساڪا پھتو. اوساڪا جي نمبا علائقي ۾ هڪ ڏينھن گهمي رهيا هئاسين ته سيڪنڊ انجنيئر اسلم زبيريءَ جي نظرمٿئين فلم جي پوسٽر تي پيئي. هڪ ئي وڏي بلڊنگ ۾ مختلف ماڙين تي ٽي سئنيمائون آهن: ننگائي سئنيما، ننگائي اسڪائزا ۽ ننگائي گيڪائجو. هڪ ۾ ’اپو ڪئليپسو نائو‘ فلم هلي رهي هئي. ڏاڍا خوش ٿياسين. اسان ٻنهي فيصلو ڪيو ته هيءَ فلم ضرور ڏسبي. ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي اچي ٽڪيٽون ورتيونسين. رمضان جو مھينو هو. فلم دوران روزو کولڻ لاءِ جپاني هوٽلن تان ڪجهه کائڻ جون شيون: بسڪيٽ، ڪيڪ، پنين ۾ ويڙهيل ڀت، ڪوڪا ڪولا وٺي آياسين. اسلم چيو: ”اڌ فلم مان اٿڻ ويھڻ مون کي وڻي ڪونه. خاص ڪري هھڙي فلم جو مزو ته يڪ ساهيءَ ويھي ڏسڻ ۾ ٿيندو.“
سئنيما هال ۾ ڪا خاص رش نه هئي. ان ڪري نمبرن جو قيد نه هو. هڪ سيٽ تي اچي ويٺاسين. ٿوري دير بعد خيال آيو ته هي ته پاسي واريون سيٽون آهن، جتان ايترو مزي سان ڏسي نه سگهبو. سو اٿي اچي وچ وارين ڪرسين تي ويٺاسين. پر سگهوئي اسان جي اڳيان وارين سيٽن تي جپاني فئملي ٻارن سان اچي ويٺي ۽ ڳالهائڻ لڳا. اسلم کي چيم ته اٿ ته ٻئي هنڌ ويھون. هي ٻار فلم هلڻ وقت به ڳالهائيندا رهندا ۽ فلم جو مزو نڪري ويندو. وري اتان اٿي ٻي سڻائي سيٽ تي اچي ويٺاسين. ايتري ۾ هال جي هڪ ٻه بتي بند ٿي ۽ پڙدي تي اشتھار هلڻ شروع ٿيا. اسان ٻنهي هڪ دفعو وري عينڪ لاهي چڱيءَ طرح صاف ڪئي، جيئن فلم شروع ٿيڻ کان پوءِ هڪ مَنا ٿي فلم مان ئي لطف وٺندا رهون.
نيٺ فلم شروع ٿي. ڏهه منٽ کن فلم هلي. پوءِ پنڌرهن منٽ گذريا، ويھه منٽ، اڌ ڪلاڪ. ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪھاڻيءَ ۾ ڇا آهي! انگريزي به اهڙي جو سڀ جملا سمجهه ۾ نه پئي آيا. اڌ کن اسڪرين تي جپانيءَ ۾ ترجمو ڇپجي رهيو هو، جنھن ڪري پڙدي جي هيٺين اڌ تي جيڪي وهي واپري رهيو هو سو نظر اچڻ کان زور هو. دل ۾ آيو ته اسلم کان جيڪر کڻي پڇجي ته يار مون کي ته سمجهه ۾ نٿي اچي، ڪجهه تون ئي سمجهاءِ. پر اهو به خراب ٿي لڳو ۽ جنھن وقت پڇڻ جو پڪو اِرادو ڪري هن ڏي نھاريم ته هو يا روزو کولڻ لاءِ ٻاهر ٿي ويو يا سگريٽ پاڪيٽ مان ڪڍي باٿ روم ڏي ٿي ڀڳو. کيس چيم ته يار هتي ئي کڻي سگريٽ پيءُ ٻيا به ته هتي هال ۾ سموڪ پيا ڪن.
پر اسلم جي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ اها ساڳي ئي اٿ اٿ. ڪڏهن پيشاب لاءِ، ڪڏهن گرڙي ٿو ڪريان، ڪڏهن اڃ لڳي اٿم ۽ فلم لاءِ چيائين ته پٺيان بيھي به ڏسان پيو. مون کي سخت بوريت ٿي رهي هئي ته ٻه هزار يين _ نوي کن رپين جي ٽڪيٽ وٺي پئسا الڳ ضايع ڪيم. خريداريءَ جو پروگرام هو اها به ڪانه ٿي ۽ فلم به سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي پر هاڻ پٺاڻ وارا پيسا ٿيا کائڻا.
وقت گذارڻ لاءِ ڪڏهن هيڏانھن ڪڏهن هوڏانھن ٻين ويٺلن ڏي پيو نھاريان. ڪي ماڻهو غور سان ڏسي رهيا هئا، ڪي ڳالهائي رهيا هئا، ڪي پٽاٽو چپس ۽ چونئرا کائي رهيا هئا. ڪي سگريٽ پي رهيا هئا_ پر نگاهون پڙدي ڏي هين. آئون بيزاريءَ جي عالم ۾ وقت پاس ڪري رهيو هوس. ٽنگن تي جھڙيون ماڪوڙيون چڙهي رهيون هيون.
آخر فلم مس مس ختم ٿي. لڳو پئي ته ڪا تمام وڏي فلم هئي، پر وقت ڏٺوسين ته هڪ عام فلم جيترو ٽائيم ورتو هئائين. پر جيئن ته اسان بور ٿي رهيا هئاسين ان ڪري اسان لاءِ وقت اِنگهي پيو هو. اسلم کان فلم جو پڇيم ته ڪيئن لڳي؟
”چيف صاحب! پاڻ کي ته هونءَ ئي انگريزي فلمون ڪونه وڻن، هيءَ ته صفا سمجهه ۾ نه آئي.“
”ته پوءِ ته شروع ۾ هليا هلون ها. مون کي پاڻ نه وڻي.“ مون چيومانس.
”ٺھيو. مون کي وري توهان جو خيال پئي آيو ته شايد توهان ڏسي رهيا آهيو.“ اسلم وراڻيو، جيڪو مون کان هڪ رئنڪ جونيئر آهي.
”يار ڏاڍي ٿي. هاڻ توبھه ڪئيسين _ اهڙيءَ هاڪ واري فلم ڏسڻ کان. اسان الائي ڇا اميد رکي آيا هئاسين ته ”اپو ڪئليپسو نائو“ فلم ڪھڙي هوندي.“
”نه نه!“ اسلم سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي چيو، ”اها وري ٻي غلطي ٿيندي. ٿرڊ آفيسر شڪيل بابر اڳيان ته هلي تعريفون ڪبيون. جي واقعي فلم سٺي آهي ۽ کيس سمجهه ۾ آئي آهي ته هو سمجهي ويندو ته اسان به اها فلم سمجهي ۽ Appreciate ڪئي آهي ۽ جي نه ته به هو خوار ٿيندو ته اسان ته فلم سمجهي ۽ لطف ورتوسين، پر هو نه سمجهي سگهيو هو.“
ٻئي ڏينھن کان جنھن تنھن مھل جھاز جي ڊيوٽي ميس ۾، گئنگ وي وٽ، گهمڻ لاءِ نڪرڻ وقت لانچ ۾، جتي ڪٿي اسان جي زبان تي فلم اپو ڪئليسپو نائو جي تعريف_! هھڙي آهي، هھڙي آهي. اسان به ڀاڳ وارا آهيون جو ڏسي آياسين.
اوساڪا ۾ اسان جو جھاز ٻيا به چار پنج ڏينھن هئو. هر ڪو پنھنجي منھن گهمندو رهيو. هڪ ڏينھن شام جي وقت جھاز آخر ٻئي بندرگاهه ’هاچي نوحي‘ لاءِ لنگر کنيو. جھاز جڏهن ڪافي وقت هليو ۽ مشين جي هر شيءِ آٽوميٽڪ تي اچي وئي ۽ پوءِ واندا ٿي خبرون ڪرڻ لڳاسين ته اوساڪا ۾ ڪنھن ڇا ڪيو.
ڳالهين ڪندي فورٿ انجنيئر جاويد _ جو رئنڪ ۾ کڻي جونئر آهي پر ذري گهٽ همعمر ۽ سٺو دوست هجڻ ڪري ڪافي فري آهي، تنھن پڇيو: ”سر اپو ڪئليسپو نائو جي ڪھاڻي سمجهه ۾ آيانوَ؟“
”ڇو؟ تو به اها فلم ڏٺي ڇا؟“ اسان حيرت مان پڇيو.
”توهان ۽ سيڪنڊ انجنيئر ايڏي تعريف ڪندا رهيا جو هڪ ڏينھن آئون به وڃي ڏسي آيس ۽ ٻيا ففٿ انجنيئر به. پر فلم سمجهه ۾ بلڪل نه آئي.“
”سمجهه ۾ ته اسان کي به نه آئي. اسان ته ٿرڊ آفيسر کي ڇتو ڪرڻ لاءِ تعريف پئي ڪئي. اسان کي ڪھڙي خبر ته توهان به وٺي ڀڄندا.“
پوءِ ته سڀ اچي کلياسين ۽ ان ڏينھن کان پوءِ ان جھاز تي جڏهن به ڪا ڳالهه يا ڪو مشينن جو پرزو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته چوندا هئاسين:
”يار هيءَ شيءِ ته اسان لاءِ ’اپو ڪئليپسو نائو‘ ٿي پئي آهي.“
هڪ دفعي ڊيڪ وارن کي ڪنھن بندرگاهه کي ڳولڻ لاءِ ان جو رستو هٿ نه پئي آيو. ففٿ انجنيئر انجڻ روم ۾ ڊوڙندو آيو ۽ اچي ٻئي ففٿ انجنيئر کي چيائين:
“الله خير ڪري ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ڪري في الحال هن بندرگاهه جو رستو نيويگيٽرن لاءِ ’اپوڪئليسپو نائو‘ ٿي پيو آهي.“

Schedule بنا توهان هلي سگهو ٿا؟

جپانين جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي ته ايندڙ ڏينھن جو پروگرام اڳواٽ ٺاهي رکندا ته هن وقت هي ڪرڻو آهي ۽ هن وقت هي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي هفتي ۽ مھيني مھيني جو پروگرام اڳواٽ ٺھيل ملندو ۽ ان پروگرام ۾ منٽ ٻن جو فرق به نه ايندو _ جيئن سندن گاڏين جي اچڻ ۽ ڇٽڻ جو پروگرام آهي. هر ڳالهه پوري وقت تي ڪندا.
جھاز ٺھڻ دوران ڏهاڙي جيڪو پروگرام ڇپبو هو، ان موجب هر ڳالهه ڪري ڏيکاريندا هئا. جھاز ٺھڻ ۾ اٺ نو مھينا لڳا. ٺھڻ بعد جيڪو Trial ٿيڻو هو، ان جي تاريخ ٽي چار مھينا اڳ ئي مقرر ڪئي وئي هئي ته فلاڻي ڏينھن صبح جو اٺين بجي ناشتو ڪري جھاز جو لنگر کڻي روانو ٿبو ۽ پورا چار ڏينھن جھاز کي سمنڊ تي هلائي، مختلف تجربا ڪبا، پوءِ رهجي ويل ڳالهيون ۽ غلطيون نوٽ ڪري فلاڻي ڏينھن فلاڻي وقت واپس شپ يارڊ وربو.
ماڻهو جاءِ ٿو ٺھرائي يا رڳو ڪوٽ سوٽ ته به رازو يا درزي ڏينھن اڌ جو فرق وجهيو ڇڏي، پر مجال آهي جو جپاني شيڊول کان ڪلاڪ اڌ به هيڏانھن هوڏانھن ٿين. جھاز جو ٽرائل پوري ڏينھن تي شروع ٿيو پر قدرت خدا جي جو ان ڏينھن کان اچي سخت طوفان شروع ٿيو ۽ چارئي ڏينھن لڳاتار سمنڊ به خراب مليو. اسين ته ٿياسين سامونڊي ماڻهو ۽ انهن طوفانن جا عادي پر هي شپ يارڊ (ڪناري) جا جيڪي سؤ کن جپاني انجنيئر، مستري، ويلڊر، سروير، مزدور جھاز تي هليا هئا، تن لاءِ اها ڏکي ڳالهه هئي. اسان ته چيو ته هاڻ سڀ ڪم رهجي ويندن. پر مون ڏٺو ته الٽيون ڪڍندا رهيا، پر ڪنھن هڪ ڪم ۾ به سستي يا ڪوتاهي نه ڪيائون. صبح جو ڇھين بجي کان وٺي رات جي ساڍي ڏهين تائين انجڻ، ڊيڪ مشين ۽ نيويگيشن جا انيڪ ٽيسٽ وٺندا رهيا ۽ سڀ ڪم لاهي پوءِ ڪم کان موڪل ڪندا هئا. پوءِ هلنديون هين ميٽنگون، جنھن ۾ ويھي ٻئي ڏينھن جو پروگرام مرتب ڪندا هئا. مثال طور: ٻئي ڏينھن جو صبح جو ڇھين وڳي تائين لنگر ٽيسٽ ڪرڻو آهي، ساڍي ڇھين وڳي ايئرڪنڊيشنر، ستين بجي نقلي باهه ٻاري جھاز جون مختلف جايون ٽيسٽ ڪرڻيون آهن ته آٽوميٽڪ الارم (گهنڊ) وڄي ٿو يا نه. اٺين بجي نيرن ڪرڻي آهي ۽ ساڍي اٺين بجي جھاز جي رفتار حد کان وڌيڪ تکي ڪري ڏسڻي آهي ته انجڻ ان صورت ۾ پاڻهي Trip (بند) ٿيو وڃي ٿي يا نه. نائين بجي جھاز کي جهٽڪي سان هڪدم 180 ڊگريون پٺيان موڙڻو آهي. پوڻين ڏهين بجي سڀ جنريٽر بند ڪري ڏسڻو آهي ته ايمرجنسي بتيون پاڻهي ٻرن ٿيون يا نه. وغيره وغيره.
پاڻ سان فوٽو اسٽيٽ مشين کڻي آيا هئا، پوءِ اهو پروگرام جپانيءَ ۾ لکيل انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ان جون فوٽو ڪاپيون رات اندر ورهائيندا هئا ۽ سمهڻ کان اڳ سڀني کي ٻئي ڏينھن جو پروگرام پھچي ويندو هو ۽ جي دير تائين جاڳڻ جو موڊ هوندو ته به پروگرام ڏسي سمهبو هو جو جپانين جو ڏينھن فجر کان به اڳ شروع ٿيندو هو ۽ سمهڻ لاءِ فقط رات جا ڪجهه ڪلاڪ هوندا هئا. ڏينھن جو چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ چند منٽن جي به ڪا اميد نه هوندي هئي.
انگريزيءَ ۾ ٺھيل پروگرام اسان کان سواءِ لائيڊ Lloyd ڪمپنيءَ جي انگريز سروير کي به ڏنو ويندو هو. اسان جو جھاز ٺاهيو ته جپانين هو پر انشوئر انگلينڊ جي هڪ مشھور ڪمپني Lloyd وارن کان ڪرايو هئوسين، جنھن ڪمپنيءَ وٽ اسان جا ٻيا جھاز به انشورڊ ٿيل آهن. سو مجبورن جپانين کي هڪ انگريز سروير رکڻو پيو نه ته وس پڄين ها ته اهو به ڪو پنھنجو جپاني رکن ها_ جو جپانين ۾ اها ڳالهه آهي _ جنھن کي ڪو سٺي سمجهي يا خراب، قوم پرستي سمجهي يا استادي _ ته هو ٻين جي ملڪن ۾ نوڪري ۽ واپار لاءِ هر طريقو ڳولي پھچي ويندا _ ويندي ٻين جي سمنڊن مان مڇيون به ماري ايندا. پر ٻئي ڌارئين کي پنھنجي ملڪ ۾ نوڪري يا واپار ڪندي، يا ڇڙو رهندي ڏسي ٽيهڙ تپ چڙهي ويندو اٿن. ساڳي وقت اسان جي هن انگريز سروير کي به ان ڳالهه جو ڀلي ڀت احساس هو ۽ سندس جپانين تي باهيون هيون. انجڻ روم ۾ به ڪيترا دفعا چيو هوندائين ته فلاڻي يا فلاڻي مشينري جيتوڻيڪ انگلينڊ جي سٺي آهي _ يا جرمني، ڊئنمارڪ جي بھتر آهي پر جپاني مري پوندا ٻئي جي مشين نه هڻندا _ پنھنجي ئي ملڪ جي استعمال ڪندا، جيئن سندن ماڻهن جي ڪمائي ٿئي ۽ روزگار ۾ لڳا رهن.
هڪڙي رات انگريز سروير سمهڻ کان اڳ مون وٽ ڪافي پيئڻ آيو. اڃا ويٺو ئي مس ته ايتري ۾ هڪ جپاني، ٻئي ڏينھن جي پروگرام جي شيڊول شيٽ کڻي اچي نازل ٿيو. انگريز سروير _ جنھن کي هڪ ته طوفان ۽ خراب سمنڊ ڪري ’سي سڪنيس‘ تپايو هو، مٿان هي ٻئي ڏينھن جي هل هلان جو شيڊول مليو، تنھن تي موڊ ئي آف ٿي ويس. منھن ٺاهي مون کي چيائين: ”يار الطاف! هنن جپانين به چڱو ڇتو ڪيو آهي. شيڊول کان سواءِ ته اصل هلي نٿا سگهن. شيڊول، شيڊول. آئون چوان ٿو چيف انجنيئر صاحب! اچ ته هڪ رات انهن جي اها فوٽو ڪاپي مشين ۽ شيڊول سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيون. آئون قسم کڻي ٿو چوان جو پوءِ ٻئي ڏينھن هي جپاني شيڊول بنا هڪ قدم به هلي سگهن. اصل چريا ٿي پوندا.“

Breast Feeding is the Best

پھريون سين: جپان جو هڪ ننڍڙو شھر. ان جو هڪ گهر. گهر ۾ هڪ جپاني عورت، پنھنجي ٻار لاءِ دٻي جو کير پئي ٺاهي. عمر ۽ جسم ۾ ڪا وڏي ناهي. ويجهڙائيءَ ۾ شادي ٿي اٿس ۽ هي پھريون ٻار اٿس. ڇھن ستن مھينن جو ٿيندو.
آمريڪا کان جپان تائين هر سڌريل ملڪ ۾ Breast Feeding (ٻارن کي ٿڃ پيارڻ) جو هوڪو آهي ته ٻار لاءِ سڀ کان سٺو کير ماءُ جي ٿڃ آهي. ۽ اها ڳالهه ماءُ لاءِ پڻ صحتمنديءَ جو سبب آهي ته ٻار کي پنھنجو کير پياري، ڇاڪاڻ ته ٿڃ پيارڻ سان ماءُ کي هڪ ته ڇاتين جي ڪئنسر نٿي ٿئي، ٻار لاءِ پيار وڌي ٿو ۽ ٻيا ڪيئي انيڪ فائدا جن جو پڙهو جتي ڪٿي ٻڌبو _ رستن تي، بورڊن ذريعي، دڪانن ۽ اسپتالن ۾ ان جي فائدي جا ڪيترائي ڪتاب _ پئسن سان ۽ مفت ملندا.
آئون جپاني عورت ڏي نھاريان ٿو، هوءَ اڃا کير ٺاهڻ ۾ مشغول آهي. آئون ڪڏهن سامهون کليل دريءَ مان ٻاهر هميجي شھر ڏسان ٿو ته ڪڏهن سندس سنهي ۽ هلڪي ڦلڪي جسم ڏي. سوچيان ٿو ته هيءَ جپاني عورت هيترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي، هھڙي سڌريل ملڪ سان تعلق هوندي، ٻار کي دٻي جو کير پياري رهي آهي. شايد اها ئي ڳالهه هوءِ سوچي شڪي ٿئي ٿي ۽ وضاحت طور مون کي اڌ گابري انگريزيءَ ۾ آهستي آهستي سمجهائي ٿي:
”هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا ڪيئن جهلي سگهبا، تون ئي ٻڌاءِ؟ سڄو ڏينھن آفيس ۾ ڊيوٽي ڪرڻ ڪري وقت ئي ڪٿي ٿو ملي، هڪ ئي ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ منھنجي صحت به ته اهڙي ئي پوري ساري آهي. ٻار کي هڪ وقت لاءِ به منھنجي ٿڃ پوري نٿي پوي. سو مجبورن هي دٻي جو کير پيارڻو پويم ٿو.“
آئون چپ بيٺو ٻڌان. سندن مھمان آهيان. هيءَ آهي سا ويٺي هڪ طرفو ڳالهائي. ڪجهه ته هونءَ به ڳالهائڻ کپي. آئون به ڪڏهن سندس نٻل ۽ ڪمزور جسم ڏي ڏسان ٿو ته ڪڏهن سندس ڳالهه ڏي ڌيان ڏيان ٿو. وري سامهون دريءَ مان ڏسان ٿو. پري پري تائين هميجي شھر جا ڳتيل گهر فئڪٽريون ۽ انهن جون بُخاريون (چمنيون) ڏسان ٿو. ان بعد ميلن ۾ جابلو سلسلا، ساڄي پاسي سمنڊ جو ڪنارو ۽ پري پري تائين ڪيتريون ننڍيون وڏيون ٻيڙيون ۽ جھاز. هوءَ کير ٺاهي ٻار کي ڏئي ٿي. ان بعد پنھنجي مڙس ۽ مون لاءِ سائي چانھه (اوچا) ٺاهڻ لاءِ پاڻي چلهه تي رکي، دريءَ وٽ بيھي پاڻي ٽھڪڻ جو انتظار ڪري ٿي. دريءَ مان ٻاهر پنھنجو جپان ڏسي ٿي. ڪجهه سوچي ٿي وري مون سان مخاطب ٿئي ٿي:
”ڳالهه اها آهي ته اسان جي اها بدبختي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڌاتو تيل ته نه آهي پر ڪا ساوڪ به نه آهي. منھنجو مطلب آهي ته توهان جي ملڪ وانگر زرعي زمين به نه اٿئون. ڪيڏا خوش نصيب آهيو توهان. آئون ته انڊيا، پاڪستان ۽ ملايا جھڙن ملڪن جا رڳو فوٽو ڏسي سوچيندي آهيان ته اسان جو ملڪ به ايئن پکڙيل هجي.چٽو نيرو اڀ، اٿلون کائيندڙ درياهه، سنوان سڌا پٽ ۽ ساوڪ، مينھون، ڍڳيون، ٻڪريون پيون چرن. هتي ته مينھن ڍڳي ته ٺھيو پر ڪڪڙ پالڻ لاءِ به جاءِ ناهي. ڳائي ٻاڪري کير لاءِ به پيا سڪون. اسان جي ٻارن کي به تازو کير نصيب ناهي...“
ٻيو سين: سنڌ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو، ڳوٺڙي جو بس اسٽاپ. واٽر ڪورس جي ڪپ وٽ هڪ ڳوٺاڻو جوان مڙس پٽڪي ۽ اجرڪ ۾ سندس سگهاري زال سان بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو آهي. زال کي ٻار ڪڇ تي. پيرن وٽ سامان جي ڳنڍ.
آئون پِڪ اپ کي بريڪ هڻي، کين پٺيان ويھڻ لاءِ چوان ٿو. هڙ کڻندي کانئن کلي پئي ٿي. منجهس پيل ميئجي کير جا خالي دٻا ٺڙ ٺڙ ڪري _ ڏامر جي رستي تي ڪرن ٿا. سندس زال هڪ هڪ ڪري چونڊي ٿي. جپاني کير جا دٻا ڏسي جپان ياد اچي ٿو جتان آئي مون کي ٽي ڏينھن به مس ٿيا آهن. ٽوڪيو ۽ يوڪو هاما جي مشھور بازارين ۽ چوواٽي تي لڳل ميئجي کير جون ٻرندڙ وسامندڙ رنگين اکرن جون بتيون. ان ميئجي کير جا جپاني رسالن ۽ اخبارن ۾ اشتھار ۽ ميئجي کير کڻي هلندڙ ٽرڪون _ جن پويان جپاني ۽ انگريزيءَ ۾ کير جو لکيل نالو ۽ هيٺان اها عبارت ته ماءُ جو کير نه ملي سگهي ته دٻي جي ٻين کيرن کان ميئجي کير وري به بھتر آهي. ڍڳيون، ٻڪريون ۽ مينھون ته جپان ۾ تصور ئي نٿيون ڪري سگهجن جو انهن لاءِ نه ايڏا ميدان آهن نه چراگاهه.
ميئجي کير جپان جي مھانگن کيرن مان آهي، پر جپاني ماڻهو لاچار دٻي جو کير استعمال ڪن ٿا. ان جا ڪجهه سبب: عورتون سڄو ڏينھن آفيس ۽ دڪان بلي. جسماني طرح بيھڪ هلڪي ڦلڪي ۽ گهڻن جون ڇاتيون سڪل. ٻنيون ٻارا ۽ چراگاهه نه هجڻ ڪري ڪير ۽ ڪٿي ڳئون بيھاري.
آئون وري پنھنجي وطن جي هن جوان ۽ ان جي تندرست زال کي ڏسي تعجب کائي کانئن پڇان ٿو:
”هي کير جا دٻا...؟“
همراهه منھنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻي ٿو:
“منھنجو پٽ هي کير پي بس ڪندو آهي ته خالي دٻا شھر ۾ ٻي ٻي رپئي وڪڻندو آهيان.“ هو معصوميت مان ٻڌائي ٿو.
آئون وري سوچيان ٿو.
”پر بابا هي ته تمام مھانگو کير آهي.“
”سائين اسان ڀانيون ته ٽي وي تي ڏيکاريل ٻار وانگر اسان جو نينگر به هي کير پي ٿلهو ٿي پوي.“
سيٽ تي ويھي گاڏي اسٽارٽ ڪيان ٿو. رستي تان ڪنھن جي مينھن جو ڌڻ لنگهي ٿو. آئون تيسين ڪلچ تي پير رکي انتظار ڪريان ٿو. آرسيءَ مان هڪ دفعو وري هن غريب ڳوٺاڻي ۽ سندس صحتمند زال کي ڏسي وري اڳيان لنگهندڙ ڀلين مينھن ڏي نھاريان ٿو. سوچيان ٿو اسان جي سادي ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي تي ٽي. ويءَ ڪيترو غلط اثر وڌو آهي. ڀلا هھڙي سگهاري ماءُ ۽ متارين مينھن هوندي ميئجي کير کي مانَ ڏيڻ ڇا مورکپڻو نه آهي!

انسان خطا جو گهر آهي

جپان ۾ ڪپڙا توهان کڻي ڪھڙا به پايو _ انگريزي، پاڪستاني يا جپاني _ پر جي توهان بوٽ ڪَھين وارو پاتو ته معنيٰ توهان جو مٿو ئي ويو. ڇو جو جپان ۾ جپاني توڙي ٻين رهندڙن جي گهرن ۾ اهو جپاني رواج عام آهي ته گهر ۾ گهڙڻ وقت بوٽ ٻاهر لاهي اچجن. ان ڪري جپان ۾ مرد سليپر يا سئنڊل پائين ۽ عورتون چمپل جيئن هر هر لاهڻ پائڻ ۾ سهولت ٿئي.
هڪ ڏينھن ظفر شيخ جي گهر ويٺا هئاسين ته سندس هڪ پاڪستاني دوست آيو. بوٽ جا ڪَشا کولي رهيو هو ته ظفر چيس: ”يار ڪمال آهي، چار سال توکي جپان ۾ رهئي ٿيا آهن ان هوندي به تون پاڪستان کان ڪھين وارو بوٽ وٺي آيو آهين.“
”چار سال ته تمام وڏو عرصو آهي.“ هن همراهه وراڻيو. ”جپان ۾ فقط چار ڏينھن بار بار جُهڪي ڪشا ٻڌڻ ۽ کولڻ سان ماڻهو اهڙي بوٽ کان بان ٿو ڪري. پر هي ڦاهو رڳو ان ڪري آئون کايو پيو هلان جو مڱينديءَ ڄمڻ ڏينھن جو تحفو ڪري موڪليو آهي.“ وري کيس ئي ڪا ڳالهه ڌيان ۾ اچي وئي. کِلي چيائين:
”يار منھنجي ٿيڻ واري زال به عقلمند چئبي. هينئر ئي پادر موڪلڻ شروع ڪيا اٿس.“
بھرحال سائين، جپان ۾ پائڻ لاءِ سليپر، گيتلو، سئنڊل، سپاٽو يا چاکڙي وغيره صحِيح شيءِ آهي. جنھن ۾ ڪشا يا ڪھيون نه هجن. نه ته ذري ذري گڪو ٿي ڪھيون کولڻ ۽ ٻڌڻ ۾ چيلهه ئي چٻي ٿيو وڃي.
مٿين ڳالهه ته رڳو جپاني گهر ۾ ٿوري دير لاءِ گهمڻ لاءِ آهي پر جي ڪنهن جپاني گهر ۾ يا جپاني نموني جي مسافر خاني ۾ ماڻهو رات ٽِڪيو ته پوءِ ته ڄڻ پنج رقمي ڇڏائڻي ٿي سا به ٻٽي موُر سان!
جپاني گهرن ۾ ڊرائينگ روم ۾ (گهڻو ڪري سمهڻ وارو ڪمرو به اهو ئي هوندو آهي) تاتامي (تڏو) يا غاليچو وڇايل ٿئي جو هڪ پاڪ پوتر شيءِ سمجهيو وڃي. ان تي بوٽ سان گهڙڻ اوترو ئي گناهه جو ڪم يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، جيتري جوتن سميت ڪو مسجد جي حجري ۾ هليو وڃي. تاتامي (تڏي) تي پيرن اگهاڙو هلجي يا وري ان لاءِ ڪپڙي جا خوبصورت چمپل ٿين، جن ۾ پير جون اڳيون اڌ حصو ڍڪجيو وڃي، ان ۾ هلجي. اهو چمپل گهر جي هر ڀاتيءَ لاءِ ٿئي ۽ ڪجهه وڌيڪ مھمانن لاءِ رکيل ٿين، جيئن آيل مھمان استعمال ڪري سگهن ۽ اهي چمپل پائي گهر ۾ يعني ان مختصر ڪمري جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، يا ڀر ۾ (جي ڌار بيڊروم آهي ته ان ۾) وڃي سگهجي پر ٽوائليٽ ۾ اهي چمپل پائي وڃڻ، مٿي بيان ڪيل گناهه کان به وڏو گناهه آهي. ٽوائليٽ لاءِ وري ڌار چمپل _ چمڙي، پلاسٽڪ يا ريگزين جا ڪجهه ساديڙا ٿين، جن کي پائي ٽوائليٽ ۾ وڃڻ کپي. ڪمري وارا چمپل ٻاهر رکي وڃجن ۽ نڪرڻ وقت ٽوائليٽ وارا چمپل نه فقط ياد ڪري لاهجن پر انهن جو منھن ٽوائليٽ ڏي ڪري رکجي، جيئن ٻيو ڪو وڃي (پوءِ ڀلي اهو ’ٻيو ڪو‘ توهان ئي هجو) ته سڌو پيرن ۾ پائيندو اندر وڃي. وهنجڻ جاءِ ته ٿئي ڪانه، سڀ پاڙي وارا موهن جي دڙي وانگر هڪ ئي پبلڪ باٿ روم ۾ (هڪ سؤ ڏهه يين ڏئي) گڏ وهنجن ۽ گلائون ڪن. ان لاءِ چمپل اهي پبلڪ باٿ وارا ڏين.
بھرحال اهي بنيادي فضيلت جون ڳالهيون آهن ۽ جپان ۾ رهڻ لاءِ انهن جي توهان کي مختصر طور ڄاڻ هجڻ تمام ضروري آهي ته گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ جوتا لاهجن _ چاهي ميزبان ڪيترو به کلي ڳالهائي يا عزت ڏئي تاتاميءَ تي بوٽ سان هلڻ گناهه ڪبيرو آهي. تاتامي وارن چمپلن سا ٽوائليٽ ۾ هرگز نه وڃجي. ٽوائليٽ لاءِ الڳ چمپل استعمال ڪجن جي خاص ٽوائليٽ لاءِ ان جي در وٽ رکيل ٿين ۽ ٽوائليٽ وارا چمپل نڪرڻ وقت ياد ڪري لاهجن جو اهي پائي تاتامي واري ڪمري ۾ گهڙڻ _ توبھه توبھه _ ان گناهه يا ڏوهه جي ته ڳالهه ئي نه پڇو ۽ اهڙي ڀل توهان کي ڪجهه ڪري يا نه پر ميزبان کي بيھوش ڪري سگهي ٿي. پر ”انسان خطا جو گهر آهي“ _ ڪنھن ڏاهي خوب چيو آهي ۽ هن ضرور جپان جي چپلن جي لاهه چاڙهه دوران اهو ڏاهپ جو قول ايجاد ڪيو هوندو. ڪنهن ڏاهي ايجاد ڪيو هجي يا نه پر اسان کي ان مونجهاري دوران ياد ايندو آهي، جنھن مونجهاري ۾ ڄڻ چئمپين آهيون. ڇو جو گهڻو تڻو تڪڙ ۾ تاتامي وارن چمپلن ۾ ئي ٽوائليٽ ۾ هليا ويندا آهيون. پر جي ويندي وقت ياد اچي ويو ۽ اهي ٻاهر لاهي ٽوائليٽ وارا صحيح چمپل پائي وياسين ته پڪ ٻاهر نڪرڻ وقت پنھنجن ئي خيالن ۾ گم ٽوائليٽ وارن چمپلن ۾ اچي تاتاميءَ تي ٺڪاءُ ڪندا آهيون!

علڻ فقير جپان ۾

هڪ دفعي علڻ فقير جو ٻڌم ته ٽوڪيو آيو آهي. مون کي به ظفر شيخ فون ڪري ٻڌايو. آئون وڪاياما (جپان جي هڪ ڏورانھين بندرگاهه) ۾ هوس. يقين ئي نه پئي آيو. مون سمجهيو ته ظفر چرچا پيو ڪري. ڪجهه هفتن بعد يوڪاهاما اچڻ ٿيو. يوڪو هاما جي سي مينس ڪلب (The flying angle mission) ۾ اخبارن جو پراڻو فائيل کڻي ڏسان ته ٽوڪيو مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار جي ايڊيٽوريل واري صفحي تي علڻ فقير جو فوٽو ۽ ٻئي ڪالم ۾ سندس زندگيءَ جو احوال لکيل نظر آيو. اهو ڏسي خوشي ٿي ۽ اهو سوچيم ته پاڪستان ۾ جنھن به دوست کي اها ڪٽنگ موڪليندس ته ان کي به مون وانگر تعجب لڳندو، ته خوشي به ٿيندي. ڪلب جي انچارج کي چؤ چوان ڪرائي اها اخبار فائيل مان ڪڍائي اچي جھاز تي نڪتس. سوچڻ لڳس ته پاڪستان ۾ ڪھڙي دوست کي اها اخبار موڪلجي. قمر شھباز کي سنڌ جا آرٽسٽ وٺي دنيا جي دوري ڪرڻ جو شوق آهي، ان کي موڪلجي. بشير مورياڻي، اشفاق قاضي، يوسف شاهين ۽ ٻين يارن کي به ڏيکاريندو ... يا ريڊيو اسٽيشن تي عنايت بلوچ ڏي موڪلجي. ٽي. وي ۽ ريڊيو وارا همراهه سڀ اتي موجود هوندا آهن. پر اخبار هڪڙي آهي اڃا به ڪو ٻيو همراهه يا جڳھه سوچجي جتي گهڻا قدردان هجن. ان خيال کان ڊاڪٽر سليمان شيخ يا نذر ميمڻ وارن کي سگا ڏي موڪلجي يا الانا صاحب ڏي سنڌ يونيورسٽي موڪلجي. آئون ان اخبار جو قدردان ڳوليندو رهيس پٺيان منھنجي ڪئبن جي نڀاڳي بئري ان کي پراڻي اخبار سمجهي درين جا شيشا اُگهي کڻي سمنڊ ۾ اڇلي.
ڪيترو ته ڏک اٿم، ان ڳالهه جو اڃا تائين!

متسوبشي ۽ ڌائتسو بدران مستوئي ۽ ڌاريجو

جپان نه ته ڪو زرعي ملڪ آهي، جنھن ۾ پوک ٿئي ۽ نه وري ڪا معدني پيدائش اٿس _ تيل کان وٺي لوهه، ٽامو، پتل، چاندي، سون ٻاهران گهرائڻو ٿو پويس. پر پنھنجي محنت، ڏاهپ، شوق ۽ جذبي کي استعمال ڪري هن قوم هر شعبي ۾ ترقي ڪري ورتي آهي. شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنھن ۾ جپان جي ڪا شيءِ استعمال نه ٿيندي هجي _ خاص ڪري ڪارون، ريڊيا، واچون ته جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون. چاهي اتر قطب جا آئيس لئنڊ ۽ ناروي جھڙا برفاني ملڪ هجن، چاهي آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي گهاٽن ٻيلن وارا ملڪ. ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جا ننڍڙا ٻيٽ هجن يا سعودي عرب، موراڪو، لبيا جھڙا تپندڙ ريگستاني ملڪ. ٽويوٽا، سيڪو، هونڊا، توشيبا، ڪومتسو، سوزوڪي، ڪواساڪي، ياماها، سوني، سانيو جھڙن نالن کان دنيا جا ماڻهو واقف آهن _ اهي نالا گهڻو ڪري جپاني لفظ آهن ۽ ايجاد ڪندڙن يا شين جي جپاني مالڪن پنھنجن نالن يا ذاتين پٺيان رکيا آهن.
هڪ ڏينھن ٽوڪيو جي شنجوڪو علائقي ۾ ڳاڙهي سگنل ڪري اسان جي ڪار بيٺي. اڳيان ٻيون به ڪيتريون ئي ڪارون ۽ بسيون سگنل کلڻ جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. اڪبر کي چيم اهي نالا پڙهي پاڻ ته فقط انهن موٽرڪارن جو ٿا سوچيون، پر هتي جا ماڻهو ته انهن ذاتين جو به سوچيندا هوندا ته ڪھڙي ذات وارن ڪھڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪاش جپانين بدران گهٽ ۾ گهٽ ڪارون اسان جا ماڻهو ايجاد ڪن ها ته ڪيڏي خوشي ٿئي ها! دنيا جي رستن تي هلندڙ ڪارن جا نالا هونڊا، ڌائتسو، متسوبشي ۽ سوزڪي بدران هجن ها نظاماڻي، خاصخيلي، مستوئي، ڌاريجو، ابڙو، وقاصي، وغيره وغيره...

Action – Concentrated

جپان جي ٽي ويءَ تي ذري گهٽ هر روز ڪنھن نه ڪنھن چئنل تي ’سومو پھلوان‘ ملهه وڙهندي ضرور نظر ايندا. جيسين ڏسندڙ جو ٽيسٽ ڊيولپ ٿئي، تيسين سنڌي ملهه وانگيان سومو ملهه ڏسڻ ۾ به جلدي مزو نه ايندو. سنڌي ملاکڙي ۾ وري به ڪا لئه ... پھلوان ور ٺاهيندا، ٻک وجهندا، جانٺا هڻندا، ڊاج ڪندا، ڪرندي ڪرندي پاڻ بچائيندا ۽ ٻئي تي جلهه ڪندا. دهل وڄندا، شرنايون وڄنديون، وغيره وغيره. پر هيءَ جپاني ملهه ته بس سيڪنڊن جا فيصلا! ٻه پھلوان هڪ دائري ۾ ايندا _ پھلوانن مان مراد، انوڪي يا مسٽر ايشيا جھڙا ڪسرتي جسم وارا نه پر ڀولو ۽ اڪرم پھلوانن جھڙا ٿلها متارا _ بلڪ انهن کان به ڊبل _ گاڏو چانورن جو کائڻ وارا ٿين. سندن هلڻ سان ڄڻ زمين پئي ڌڏندي.
دائري Ring ۾ اچڻ تي پھرين ته هلندا ساٺ سؤڻ _ بلڪه ان ملهه ۾ سڄو زور ساٺ سوڻن ۽ ٻائي جي دعائن تي هوندو آهي. ملهه ۾ رپئي جا نوي پئسا اهو ڪم هلي باقي ڏهه پئسا مقابلو ٿئي.
هڪ ٻائو آرسي کڻي ڪجهه پڙهندو، پوءِ پھلوان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اوڪڙون ٿي وهندا. ان بعد ٻئي پھلوان پٽ تان ٻڪ لوڻ جو کڻي هٿ ڇنڊيندا ۽ هڪ ٻئي ڏي دائري جي وچ تي ملي هڪ ٻئي کي رنگ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٿيلها ڏيندا_ بلڪه پھرين ئي ڌڪي سان هڪڙو همراهه ان ننڍڙي گول چڪري مان ٻاهر وڃي ڦھڪو ڪندو. تاڙيون وڄنديون. اتي جو اتي انعام ملندو ۽ پھلوانن جي وري ٻيِ جوڙيءَ لاءِ ٻائو دعائن جو ڊگهو راڳ ۽ ساٺ سوڻ شروع ڪندو.
هڪ ٻئي پويان ڪيئي جوڙا ايندا رهندا_ ٿلها متارا، پيٽ نڪتل سنهڙا ڪڇا پيل، پير اگهاڙا، هڪ ٻئي کي ٿيلهو ڏنائون، ڳالهه ختم!
اسان جي جھاز تي رهندڙ جپاني گئرنٽي انجنيئر مسٽر موراياما کي هڪ ڏينھن چيم ته يار توهان جي ان ملهه ۾ ڪي خاص ائڪشن ته آهن ڪونه، بس رڳو سيڪنڊن جا فيصلا آهن.
”اها ملهه کڻي چند سيڪنڊن جي آهي.“ موراياما کلي وراڻيو، ”پر ان جو سڄو ائڪشن Concentrated آهي.“

ڪجهه جپاني پھاڪا

1. بحث کان ثابتي وڌيڪ طاقتور آهي.
2. ڄڻڻ کان وڌيڪ نيپاج تي زور ڏيڻ کپي.
3. ڀڳل ڪونئري ۾ سيراٽيل ڳن وجهڻ. (معني ٻن اڻپورين شين کي ڳنڍڻ)
4. سستي خريداري پئسي جو زيان. (جيئن اسان وٽ چوڻي آهي مھانگو روئي هڪ وار، سستو روئي وار وار.).
5. ڍڳيون ڍڳين جي ڌڻ سان ۽ گهوڙا گهوڙن سان سونھن ٿا.
6. ماڻهوءَ جي دل ۽ سرءُ جو آسمان هڪ ڳالهه. (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته : ”انسان جي دل ۽ درياءَ تي ڪھڙو ڀروسو.“)
7. عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪر، چاهي هوءَ توکي ست پٽ ڄڻي ڏي. (عورت سان مڙئي جپانين جي نٿي پوي. کاڌي پيتي کان وهنجڻ تائين _ مجال آهي جو عورت کي ڪٿي به مانُ ڏنو وڃي.)
8. حد کان وڌيڪ ڪنھن جي خدمت، جهٽ نفرت ۾ بدلجي سگهي ٿي.
9. زالون ۽ تونئرون (تڏا) نوان ئي وڻن ٿا.
10. هر سھڻي چمڙيءَ واري عورت ۾ ست نقص به آهن.
11. اوڌر تي آندل ٻلي ڪھڙو ڪوئو جهلي سگهندي.
12. شاعري ڪرڻ کان بھتر آهي ته چانور پوکجن.
13. کوهه ۾ ڏيڏر جي بڇڙي ٽان ٽان سندس محبوبا لاءِ مٺو راڳ آهي.
14. نو سؤ نوانوي نڪ ڪپيل ڀولڙا نڪ واري ڀولڙي تان کلن ٿا.
15. مئل ڪوئي کي ڪٿي به دفن ڪري سگهجي ٿو.
16. وڃايل زال کي گهر ۾ ئي ڳولڻ کپي.
17. عورت جي پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. اِچي اوشي (پھرين همت)، ني ڪاني (ٻي دولت) ۽ سان اوتوڪو (ٽي شڪل شبيھه)
18. رئندڙ ٻار ۽ مئجسٽريٽ تي ڪنھن جو وس.
19. ٿڌي نھار ۽ ٿڌي کيڪار کان ٿڌو ڀت ۽ ٿڌي چانھن بھتر آهي.
20. ڏهه ماڻهو ڏهه خيال.
21. گهٽ ڄاڻ وارو سرجن وڏا ٽڪا ڏئي. (جيئن پاڻ وٽ آهي: نيم حڪيم خطره جان.)

جپاني_ دنيا جا صاف سٿرا ماڻهو

دنيا ۾ ڪا به اهڙي قوم چئي نٿي سگهجي، جيڪا وهنجڻ ۾ جپانين جو مقابلو ڪري سگهي. جسم جي صفائي _هڪڙو ئي اهڙو اصلي جپاني ائٽم آهي، جيڪو جپاني تھذيب سان تعلق رکي ٿو. باقي ٻيون شيون گهڻو ڪري چيني يا ڪورين تھذيبن سان وابستھ آهن.
جپاني ڏند ڪٿائن ۾ آهي ته هنن جو ديوتا ايزاناگي پنھنجي زال هاديس جي پٿر تان موٽڻ بعد چشمي جي پاڻيءَ ۾ وهنجي، پاڻ کي پاڪ ڪيو هو ۽ اها پاڪ ٿيڻ جي رسم جپانين ۾ تڏهن کان هلندي اچي. پر ڏٺو ويو آهي ته جپاني ان مذهبي رسم کي پورو ڪرڻ لاءِ نٿو وهنجي پر پنھنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جسم کي وهنجڻ سان صاف رکي ٿو.
جيتوڻيڪ جپاني گهر ايترا ننڍا آهن، جو هر گهر ۾ وهنجڻ جاءِ نه آهي. ته به پئسا ڏئي گهٽيءَ يا محلي جي پبلڪ باٿ ۾ جپاني روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو وڃي وهنجندا. هونءَ ته ٽي دفعا وهنجڻ به جپانيءَ لاءِ هڪ عام ڳالهه آهي. ان ۾ هڪ دفعو رات جو _ سمهڻ کان اڳ ته ڄڻ ڪمپلسري اٿن. اهو ئي سبب آهي جو جپاني ميڙ دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ۽ خوشبودار آهي _ پوءِ اهو ميڙ کڻي وڏن ماڻهن جو هوٽلن ۽ ڪانفرنسن تي هجي يا عورتن ۽ ڇوڪرين جو هجي. ٻارن جو اسڪولن، ميلن، نمائشين ۾ هجي يا غريب هارين ۽ مزدورن جو ريل گاڏين ۽ بسن ۾ هجي يا فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ هجي _توهان ڪيترو به هنن جي ويجهو بيٺا هجو توهان کي منجهائن ڌپ نه ايندي.
پاڙي جو تالاب هجي يا گهر ۾ ٽب يا حوض، هر ڪو وهنجڻ وارو پھرين پاڻ کي تالاب جي ٻاهران بيھي صابڻ يا اسپينج هڻي پاڻيءَ سان صاف ڪندو ۽ پوءِ اندر گهڙندو. جي گهر جو حوض ننڍو آهي ته هڪ هڪ ڀاتي ٿي وهنجي. پھرين مرد پوءِ عورتون. پاڻي گهڻو ڪري ڪوسو رکن. 110 کن ڊگريون فارن هائيٽ. گرم پاڻيءَ جا چشما پڻ جپان ۾ ڪيترائي آهن. جن ۾ جپاني هر وقت وهنجندي نظر ايندا.
يوڪوهاما جي متسوبشي شپ يارڊ ۾ هڪ دفعي هڪ انجنيئر ڪم جي گهڻائيءَ جي دانھن ڪندي چيو ته اونهاري ۾ ايترو مشغول ٿيو وڃون جو وهنجڻ لاءِ ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا مس ٿو وقت ملي.
”ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا!“ وائڙو ٿي پڇيومانس، ”ته پوءِ سياري ۾ ڪيترا دفعا ٿو وهنجين؟“
”ڏينھن ۾ مڙئي چار پنج دفعا ۽ ٻار ته سيءَ کان جنھن تنھن وقت گرم پاڻي جي ٽب ۾ پيا هوندا آهن.“

چيري_ جپاني گلاب

جپان مارچ، اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڏاڍو سھڻو ٿو لڳي. چوڌاري ڳاڙها گل ئي گل نظر ايندا. رستن تي، گهرن ۾، باغن پارڪن ۾. چؤ طرف ڳاڙهاڻ ۽ سرهاڻ لڳي پئي هوندي.
جپان ۾ چيريءَ جو وڻ (Prunus – Psedocerasus) ميوي لاءِ نه پر ڳاڙهن گلن لاءِ پوکيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي شاعرن بلبل، گلاب وغيره لاءِ ڏاڍا شعر چيا آهن، تيئن جپاني شاعر هزارين سالن کان چيريءَ جي گلن کي پڏائيندو اچي. جپانين لاءِ چيري ايئن آهي جيئن يورپين، آمريڪن يا اسان لاءِ گلاب جو گل.
جپان ۾ ويندي حب الوطنيءَ کي هن گل سان ڳنڍيو ويو آهي. جيئن هڪ شاعر مورتوريءَ چيو آهي:
شيڪيشمانو _ ياماتو _ گوڪورو وو
هيتو تو وابا_
اسا_ هي ني نيئو
ياما_ زڪورا_ يانا!
(يعني: جيڪڏهن ڪو توهان کان جپانين جي اندر جو حال پڇي ته جواب ۾ هن کي فقط اس _ ۾ _ چمڪندڙ چيري گل ڏيکاريو).
هڪ ٻيو جپاني پھاڪو آهي ته جيئن چيري گلن ۾ مٿاهون آهي، تيئن جنگي جوڌو مردن ۾ اتاهون آهي.
چيري گلن کي ڏسڻ لاءِ ٽوڪيو ۽ اوئينو پارڪ، شبييا پارڪ ۽ موڪو جيما جا ڊگها رستا بھترين هنڌ آهن. ان کان علاوه ڀر پاسي ۾ اسوڪا ياما ۽ ڪوگانائي ۽ سڄي جپان ۾ سڀ کان بھتر هنڌ ياماتو ۽ اراشي ياما جبلن جي وچ ۾ بوشينو ماٿري آهي.

مان وارو فُوجي سائين

جپان ۾ جبل ته گهڻا ئي آهن، پر فوجي Fuji جبل جي مشھوري ايتري آهي جو ٻيو ڪو ڌيان ۾ نٿو اچي.
فوجي جبل کي جپاني پير ڪري پوڄين ۽ کيس ٺلهو فوجي ياما (فوجي جبل) چوڻ بدران گهڻو ڪري فوجي سانُ (فوجي سائين) يا مان وارو، عزت ماب وغيره سڏين. فوجي جبل جون تصويرون رسالن ڪتابن ۾، فوٽو ڪارڊن ۾، اشتھارن ۾، فريمن ۽ ڪئلينڊرن ۾ جتي ڪٿي ملنديون. ريل گاڏيءَ ۾ ٽوڪيو کان اوساڪا ويندي وقت هي جبل ساڄي پاسي نظر ايندو، جنھن جي چوٽي هميشھ برف ۽ ڦلهير سان ڍڪيل ملندي.
تمام گهڻي تعريف ٻڌڻ کان پوءِ هي جبل ڏسڻ سان ڌاريان ڪڏهن ڪڏهن جپانين تان خارون به کائيندا آهن ته دنيا ۾ ڪنچن چنگا، ڪليمنجارو، ائلپس ۽ ٻيا به ته جبل آهن.
بقول هڪ چڙ چڙي ٽُوئرسٽ جي: ”فوجي جبل وري ڇا آهي؟ پٿرن ۽ ڦلهير جو هڪ ڍير آهي.“
پر فوجي جبل بابت جپاني شاعر ڪجهه ڊپلوميسيءَ کان ئي ڪم ورتو آهي. چي:
“ڪيڪشي يوري مو
اوو اِشي يوري مو
سشي بوري مو
نوبورتي تڪا ڪي
ياما وا فوي نوني..
(يعني: هڪ جبل جنھن بابت مون جيترو ٻڌو هو، جيترو سوچيو هو، جيترو ڏٺو _ سو چڙهڻ وقت ان کان به وڏو لڳو. اهو آهي فوجي جبل).
هونءَ فوجي جبل 12365 فوٽ اتاهون آهي. جاگرافيءَ جي شاگرد کي هن چوٽيءَ جي اوچائي ياد ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي هوندي جو سال ۾ ٻارهن مھينا، ۽ سال ۾ ڏينھن 365 يعني 12365 فوٽ.

منھنجي زال کي ڪريڊٽ نه ڏي

هڪ دفعي پاڪستان ايمبسيءَ طرفان ٽوڪيو جي هڪ هوٽل ۾ دعوت ٿي. جپان ۾ بيٺل پاڪستاني جھازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن پڻ گهرايا ويا هئا. اسان جو جھاز يوڪوهاما ۾ بيٺل هو ۽ يوڪوهاما کان ٽوڪيو پھچڻ ڪو خاص مشڪل نه آهي. يوڪوهاما جي ڪنائي اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهياسين، جنھن ويھه پنجويھه منٽن ۾ اچي ٽوڪيو جي اسٽيشن يورڪچو ۾ ڇڏيو. جتان دعوت واري هوٽل تمام ويجهي هئي، پر اسان دعوت کان گهڻو اڳ پھچي ويا هئاسين جو ڪئپٽن کي ريڊيو وٺڻو هو _ جيڪو هن پوءِ ورتو ته ڪونه پر ميلن ۾ پکڙيل دڪانن تي ايترو ته هلايو جو دعوت ختم ٿيڻ وقت ڪئپٽن کي چيم يار ٽنگن ۾ هاڻ هلڻ جي سگهه نه رهي آهي. اسٽيشن تائين ڪو خدا جو بندو جيڪر لفٽ ڏئي ته لئه ٿي وڃي. ٿوري دير بعد ڪئپٽن اچي ٻڌايو ته دعا اگهامي آهي. ٽوڪيو اسٽيشن تائين ته ڇا پر يوڪوهاما جھاز تائين ڪئپٽن متسوئي پاڻ ٿو ڇڏڻ هلي.
ڪئپٽن متسوئي جپان جي هڪ شپنگ ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر آهي. ڪنھن زماني ۾ جھازن جو ڪئپٽن به رهي چڪو آهي. سندس ڊرائيور گاڏي هلائي، پاڻ اسان سان پٺيان ٿي ويٺو. اڳئين باقي هڪ سيٽ تي هڪ ٻيو مھمان جيڪو ڪافي قداور هجڻ ڪري جپاني نه ٿي لڳو، پر جپاني ٻولي تمام سٺي ٿي ڳالهايائين. ڪئپٽن متسوئي ويھڻ سان ان سان جپاني زبان ۾ خبرون ۽ چرچا ڀوڳ ڪندو هليو، جنھن مان لڳو ٿي ته ٻئي پراڻا سڃاڻو آهن. اسان ماٺ ميٺ ۾ ٻڌندا هلياسين ۽ ان ڪوشش ۾ لڳا رهياسين ته ڳالهين مان ئي اندازو لڳائجي ته اڳيان اهو ويٺل همراهه، دلچسپ شخصيت جو مالڪ، ڪير آهي، جنھن جي ڪئپٽن متسوئي اسان سان ڄاڻ سڃاڻ ئي نه ڪرائي. (در اصل پوءِ خبر پيئي ته ڪئپٽن متسوئيءَ سمجهيو ته اسان اڳھين ڪي واقفڪار آهيون.)
ڪجهه وقت کان پوءِ ڪئپٽن متسوئي چيس يار تون ڏاڍي سٺي جپاني ڳالهائين ٿو، شايد تنھنجي زال جپاني آهي، ان ڪري تو سٺي سکي ورتي آهي.
ٿوري دير اڳ جا هن جي کلمک چھري تي خوشي ۽ کِل هئي سا غائب ٿي ويئي. سنجيدو ٿي چيائين:
”ڪئپٽن متسوئي اهو ٻڌي افسوس ٿيو اٿم. مھرباني ڪري پنھنجا لفظ واپس وٺ. توکي منھنجي سٺي جپانيءَ جو ڪريڊٽ منھنجي جپاني زال کي ڏيڻ نه کپي. جپاني ٻولي مون ان ڪري نه سکي آهي جو منھنجي زال جپانڻ آهي، پر ان ڪري جو منھنجي پسنديده زبانن مان هڪ آهي. جپاني ته آئون شاديءَ کان اڳ به ڳالهائيندو هوس.“
سندس سنجيدگي ڏسي ڪئپٽن متسوئي به ٿورو پريشان ٿي ويو، پر کلي ڳالهه کي ٺاهي ويو. اڳيان ويٺل همراهه جيتوڻيڪ عمر ۾ اسان کان کڻي ٻه ٽي سال وڏو هو پر پوڙهي ڪئپٽن متسوئي جي اڳيان ته گهڻو ننڍو ٿي لڳو، پر سندس ضد ۽ سنئين سڌي ڳالهه ڪرڻ جي طريقي مان اندازو لڳايوسين ته هو اصولن جو پڪو آهي ۽ جيڪي اندر ۾ سو ٻاهر سڏائڻ وارن مان آهي. سندس هڪ ٻي ڳالهه مان اهو به اندازو لڳائي ورتوسين ته هن جو ڌنڌو ڌاڙي هتي جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ آهي، جو رستي تي هڪ هنڌ ڪئپٽن متسوئي چيس ته يار توکي انگريزي به سٺي ٿي اچي ته جپاني به. تون جيڪر ڪو بزنس ڪرين يا ڪنھن واپاري فرم ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪرين ته تنھنجي ته پئسي ڏوڪڙ ۾ لئه ٿي وڃي.
ان تي پاڻ ٿورو مرڪي ڏاڍو ڌيرج سان پنھنجي خيالن جي پوئيواري ۾ ٻڌايائين: ”ڏسو نه ڪئپٽن متسوئي! اها ڳالهه نه فقط توهان، پر خبر ناهي ڪيترا ماڻهو مون کي چوندا رهن ٿا. خاص ڪري منھنجا جپاني دوست_ جيڪي هر ڳالهه کي ”وقت“ ۽ ”پئسي ڏوڪڙن“ جي وَٽن ۾ تورين ٿا. پر خبر ناهي ڇو منھنجي دل نٿي مڃي. ڇو جو آخر مون کي وڌيڪ هڻ هڻان جي ڪھڙي ضرورت آهي. صبح جي پھر يونيورسٽي وڃي پڙهائڻ جو معاوضو مون کي ايترو مليو ٿو وڃي جو منھنجي کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪرڻ جو سڄو خرچ آرام سان نڪريو وڃي. منجهند ڌاري گهر ٻارن سان اچيو لنچ ڪريان. شام جو سڪون سان ويھي اخبارن رسالن لاءِ مضمون لکان. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي_ گهٽ ۾ گهٽ آئون ته هن زندگيءَ مان مطمئن آهيان. خوش آهيان ۽ رب جو شڪر ٿو ڪريان.“
سندس ان ڳالهه مان اندازو لڳايم ته هو اديب يا شاعر به آهي ۽ مسلمان پڻ. جيتوڻيڪ سندس ڀريل جسم ۽ گوري رنگ ڪري شڪ هيم ته يورپين يا آمريڪن هوندو . پر هاڻ اهو حساب لڳايم ته ڪو عرب _ شامي، مصري يا فلسطيني هوندو. جيتوڻيڪ اهو ٿورو به شڪ اسان ٻنهي جھازين کي نه هو ته اسان جي ملڪ پاڪستان جو ئي آهي. بھرحال اسان کي هاڻ ته ويتر ڏاڍي آنڌ مانڌ ٿي ته ڪٿي وجهه لڳي ته زوريءَ تعارف ڪرايونس ۽ کانئس سندس بابت پڇون. هڪ هنڌ نيٺ سندس ڳالهين جو سلسلو ٿورو جهڪو ٿيو ته کانئس انگريزيءَ ۾ پڇيم: ”ڇا توهان بابت معلوم ڪري سگهون ٿا؟“
”ها. بلڪل، آئون به توهان وانگر پاڪستاني آهيان.“ هن انگريزيءَ ۾ وراڻيو.
”واهه سائين واهه! توهان جي بھترين جپاني ۽ انگريزي لھجي ڪري اسان کي ٿورو به شڪ نه هو.“ اسان چيس.
”آئون ته عربي به سٺي ڳالهائيندو آهيان، جو سعودي عرب جي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ ٽي سال رهيو آهيان. هونءَ آئون پٺاڻ آهيان، عمر دراز منھنجو نالو آهي. توهان شايد منھنجو نالو ٻڌو هجي.“ هن هاڻ اڙدوءَ ۾ ڳالهايو.
”هن وقت ڌيان ۾ نٿو اچي.“
”آئون پاڪستاني اخبار جنگ ۽ اخبار جھان جو به نمائندو آهيان ۽ انهن لاءِ لکندو آهيان. ان کان علاوه جپانيءَ ۾ پڻ .“
”هتي جپان ۾ ڪڏهن کان رهيل آهيو؟“
”هتي آئون پھرين به هوس ان بعد آمريڪا ۾ ٽي سال رهيس، ان بعد سعودي عرب ۾ هوس ۽ هاڻ وري هتي رهي به ٽي چار سال ٿي ويا اٿم.“
”ڪيئن ٿو لڳي جپان توهان کي _ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾؟“ اسان پڇيس.
”ٺيڪ آهي، ملڪ سڀ مولا جا آهن، جيئن انسان پاڻ چاهي ايئن هو رهي سگهي ٿو. چاهي سعودي عرب هجي، چين هجي يا آمريڪا.“
ٿورو ترسي وري ٻڌائڻ لڳو: ”خبر اٿانوَ! ماڻهو چوندا آهن ته يار تون ته جپان ۾ رهين ٿو اتي وڏا عيش ڪندو هوندين. چوطرف ڇوڪرين ۾ گهيريل رهندو هوندين وغيره وغيره. ڪيڏو عجيب ٿو لڳي اهي ڳالهيون ٻڌي! ٻه چار ڏينھن اڳ هتي هڪ هوٽل ۾ پنھنجي پاسي جي ماڻهن جي گڏجاڻي هئي، شراب عام پئي هليو. هڪ ٿو مون کي چوي، ”يار تون ڇو نٿو پئين؟ جپان ۾ رهي ڪري به تون شراب نٿو پئين! ڪھڙي قسم جو ماڻهو آهين.“
آئون خاموش رهيس، سوچيندو رهيس. اتي وري هڪ ٻيو ٿو چوي، ”هل سائين شراب کڻي نه پيئندو هوندين، پر ڇوڪرين کي ته نه ڇڏيندو هوندين.“ مون کي ڪاوڙ وٺي وئي. چيومانس، ”ڀاءُ مان توکي سڃاڻا به ڪونه ٿو. آئون ته هڪ سڌو سادو مسلمان آهيان. هي پھريون دفعو آهي، آئينده ڪڏهن اهڙي ڳالهه مون سان ڪئي اٿئي ته بھتر نه ٿيندو _ سو اهي اٿئي خبرون.”
اسان اڃا ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما جي وچ ۾ ڪنھن ڳوٺ ۾ پھتا هئاسين جتي عمر دراز کي لھڻو هو. ساڻس اڃا خبرون چارون ڪرڻ جي موڊ ۾ هئاسين، پر سندس منزل اچڻ ڪري موڪلائڻو پيو. ڪار ۾ ويٺلن مان اتفاق سان ڪنھن وٽ به پينسل نه هئي جو کڻي سندس ائڊريس لکائجي. چيومانس ته ٻئي دفعي ٽوڪيو يا يوڪوهاما آيس ته آئون توکي ڳولي لھندس. هينئر ته اسان جو جھاز هتان لنگر کڻي نگويا ٿو وڃي جو هتان چڱو پري شھر آهي.
جھاز تي پھچي ظفر شيخ کي ٽوڪيو فون ڪيم.
”عمر دراز کي سڃاڻين؟“ مون پڇيومانس.
”ها. چڱيءَ طرح، هو ته منھنجو دوست آهي.“ ظفر وراڻيو.
”يار ان سان ڪڏهن تفصيلي خبرون ڪرڻيون آهن. بيحد دلچسپ ماڻهو ٿي لڳو. جڏهن به ٽوڪيو وري آيس ته ملائجانءِ.“ مون ظفر کي تاڪيد ڪئي.
ٽوڪيو ان بعد به ٻه دفعا وڃڻ ٿيو پر جھاز جي ڪمن ڪارين ۾ ايترو ته رڌل رهڻو پيو جو ظفر کي فون ڪرڻ جي به فرصت نه ملي سگهي. ٿي سگهي ٿو وري ڪو جلدي وجهه ملي وڃي. تيسين عمر دراز سان مٿين اڌ گابري ملاقات جو احوال اتي ٿو ڇڏيان.

ارٿميٽڪ ان ليگ

جپاني، چيني ۽ ڪورين زبانون هڪ جھڙيون چيون وڃن ٿيون، پر نئين ماڻهوءَ کي چيني يا ڪورين ٻڌڻ وقت ورلي ڪو لفظ سمجهه ۾ ايندو پر جپانيءَ جا ڪيترائي لفظ پھرين ڏينھن ئي ٻئي جي واتان جهٽي سگهندو.
جپاني زبان جي هڪ خاصيت آهي جو سندس لفظن ۾ هر Consonant پويان Vowel آهي. ان ڪري جپانيءَ جو هر لفظ چڱي طرح اچاريو وڃي ٿو.
ڪيترائي_ بلڪ تمام گهڻا انگريزي يا ٻين ٻولين جا لفظ جيڪي جپانيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن، تن مان جن جي آخر ۾ Vowel ناهي ته انهن ۾ Vowel ڳنڍيو ويو آهي. جيئن پنير Cheese کي جپانيءَ ۾ Cheesu چيزو چون. اهڙيءَ طرح ڊيسڪ کي ڊيسڪو، ڪيڪ کي ڪيڪي، نان سينس کي نانسينسو Nonsensu وغيره.
جپاني لام (ايل) جو اکر اچاري نٿا سگهن، سو ان بدران ري (آر) استعمال ڪن. هوٽل کي جپاني هوتيرو سڏين. انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي وقت به گهڻا ‘L’ کي ‘R’ اچاريو وڃن. جيئن لنڊن کي رنڊن چوندا. فلائيٽ کي فرائيٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انگريزيءَ ۾ جملو لکندي به R ئي لکيو وڃن. ڪاليجي اليڪشن جي ڏينھن ۾ هوم ايڪانامڪس ڪلاس جي ڇوڪرين جي هٿن ۾ کنيل هڪ بئنر تي لکيل سلوگن:
“We are working for eretion of Mr. Misima”.
يا ڪٿي وري اهڙو خبردار رهندا جو لفظ ۾ R اکر هوندو ته به L هڻي ويندا. جيئن هڪ دڪان تي لکيل Kazuki Brothels Ltd جپانين کي انگريزيءَ ۾ بورڊ ۽ بئنر هڻڻ جو ڏاڍو شوق آهي، پوءِ ترجمي ۽ اسپيلنگ جي خيال کان کڻي منجهس ڪيتريون به چڪون هجن، پران جي پرواهه نه ڪندا_ اها ڳالهه اهڙي آهي جا هتي ايندڙ ڪيترائي فارينر نوٽ ڪن ٿا.
جپان جي ڪيترن شھرن ۾ درزين جي دڪان تي هي بورڊ نظر ايندو:
Ladies out fauters.
يا هڪ ٻئي دڪان تي:
Ladies can have upstairs.
يا هڪ حجام جي دڪان ٻاهران لڳل انگريزي بورڊ:
Head Cutter
ڪيترن هنڌن تي ترجمو اڃا به وڌيڪ آزاد نموني سان ٿيل هوندو: هڪ آفيس جي ٻاهران لڳل بورڊ:
Writing for another.
۽ اندر توهان جا فارم يا خط پٽ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري لکڻ لاءِ ڪاٺ جي ڊيسڪن پويان جپاني، جيئن ڪراچيءَ ۾ سٽي ڪورٽ جي ٻاهران ٽائيپسٽ توهان جا خط، ڪورٽ جا ڪاغذ ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ڀڳل ٽائيپ رائيٽر کنيو ويٺا هوندا آهن.
هڪ هنڌ Best Milk بدران لکيل Pest Milk . ڪن ڪن هنڌن تي ايئن ترجمو هوندو، جيئن اسڪولن جي ڏينھن ۾ چرچن ۾ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ لفظ به لفظ ترجمو ڪبو هو، جيئن: ”مون کي ٽنگ ۾ حساب آهي.“
I have an Arithmedic in leg.
يا ”تارتي پکي ويٺا آهن.“
Birds are sitting on telegram وغيره وغيره.

بورچيءَ مون سان چرچو ڪيو

جپان جي ڪيترن ئي وڏن شھرن ۾ هندوستاني هوٽلون آهن. ڪٿي هڪ ٻه پاڪستاني به آهن، پر اهي به سڏجن انڊين. انهن ۾ ديسي کاڌا تيار ٿين ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کان علاوه هتي جا جپاني پڻ ڪڏهن ڪڏهن اچن ۽ ڪَري ائنڊ چپاتي (ٻوڙ ۽ ماني) کائي ان جي تعريف ڪن.
هڪ دفعي وڏي مرمت لاءِ يوڪوهاما جي متسوبشي شپ يارڊ ۾ ڪمپنيءَ جي هڪ پراڻي جھاز کي مرمت لاءِ اچي بيھاريوسين. پھرين ڏينھن ئي اتي جي انچارج جپانيءَ ٻڌايو ته هن کي اسان جي ملڪ جا کاڌا پسند آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انڊين هوٽلن تي وڃي کائيندو آهي.
مون کيس منجهند جي ماني جھاز تي گڏ کائڻ لاءِ چيو، پر هن ٻڌايو ته هو گهر کڻي وڃڻ ٿو چاهي _ شايد زال ۽ ٻارن سان گڏ کائڻ لاءِ. لنچ بعد آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته کيس ٻوڙ ڇا ۾ وجهي ڏجي جو گاڏيءَ يا بس جي لوڏن ۾ هارجي نه. اتي هي همراهه پاڻ سان ميجي کير جو خالي دٻو کڻي آيو. گهڻو ئي سمجهايومانس ته ان کان ته ڪنھن پتيلي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ کڻي وڃ. پر هي جوان دٻي ۾ رس ۽ ٻوٽيون وجهي ڍڪ ڏئي ان مٿان ٽيپ هڻي روانو ٿيو. ٻئي ڏينھن صبح جو خالي دٻي ۽ تعريف سان اچي نڪتو. دٻو گئلي (جھاز جي بورچيخاني) ۾ موڪلي ڏنم. ۽ پوءِ اسان جو پاڪستاني چيف ڪڪ روز ان ۾ ٻوڙ وجهي رکندو هو ۽ موڪل مھل جپاني انچارج کڻي ويندو هو. هڪ ڏينھن جھاز تي پايا ۽ منڍي پڪي. بورچيءَ فون ڪري پڇيو ته ڇا جپانيءَ لاءِ اهو رکان يا نه. مون ها ڪئيمانس ۽ روز مره وانگر جپاني پاين جو ٻوڙ به کڻي ويو. ٻئي ڏينھن صبح جو انجن روم ۾ جپاني همراهه مليو. ٻيا به بيٺا هئا سو ڀر ۾ بيھي آهستي ڪن ۾ چيائين: ”ڪالهه تنھنجي بورچيءَ مون سان چرچو ڪيو هو.“
”ڪھڙو؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
”مون کي ٻوڙ بدران هڏا ۽ ٻڪرين جا ڊرٽي پير وجهي ڏنائين.“
کِل مون کي به آئي. هن ويچاري منڍي ۽ پايا نه کاڌا آهن ۽ نه ٻڌو هوندائين ته اهو اسان جو فيوريٽ ڊش آهي. سو واقعي هن ته ان کي هڏا ۽ کُر ئي سمجهيو هوندو. ساڳئي وقت اهو به شڪر ڪيم ته چڱو جو کيس پايا ئي مليا. وڏو چرچو ته تڏهن ٿئي ها جڏهن اوجهريءَ جو ٻوڙ مليس ها. انگلينڊ، آمريڪا وانگيان هتي جپان ۾ به جيڪي انڊين هوٽلون آهن، تن جا اگهه لوڪل کاڌن جي مقابلي ۾ گهڻا آهن پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته کاڌو سواد ۽ رڌڻ ۾ پنھنجي ملڪ کان وڌيڪ سٺو ٿئي. ان ڪري به جو هتي جپان ۾ سڀ شيون نه فقط مليو وڃن پر سٺي جنس جون ملن ٿيون. مثال طور جپان ۾ رهندڙ انڊين هوٽل جا مالڪ مسالو سري لنڪا مان گهرائين ٿا. چڻا ۽ سڪو ميوو _ڪشمش کان بادامن، پستن، اخروٽن تائين افغانستان، ڪشمير ۽ ايران کان سٺي جنس جو گهرائين، اٽو ۽ چانور پاڪستان کان، بورچي ۽ آچار هندستان کان.
ٽوڪيو جي آسپاس جيڪي انڊين هوٽلون مشھور آهن، سي آهن: شنجوڪو علائقي ۾ ”مھاراجا“ ۽ ”مھاراءِ“ نالي. ”اشوڪا“ نالي هوٽل ٽوڪيو جي گنزا علائقي ۾ به آهي ته روپنگيءَ ۾ به. روپنگيءَ ۾ هڪ ٻي انڊين هوٽل ”تاج“ نالي پڻ آهي. روپنگي علائقي ۾ فارينر گهڻا ٿا رهن. ڪيتريون ئي ايمبسيون پڻ آهن. پاڪستاني ايمبسي پڻ هتي آهي، انهن کان سواءِ ٽوڪيو ۾ ”اجنتا“ ۽ ”نير“ نالي پڻ هوٽلون آهن. نير هوٽل وارا، سندن ٺھيل اندرا ڪَري پائوڊر، نج بناسپتي گيھه ۽ فلمن جا ڪيسٽ پڻ وڪڻن.
تاج هوٽل ڪجهه عرصو اڳ 1975ع ۾ کلي آهي. نموني خاطر سندس مينو مان ڪجهه شين جي قيمت هيٺ ڏيان ٿو. قيمت جپاني سڪي يين ۾ آهي. جپاني هزار يين اڄڪلهه پنجاهه رپين برابر سمجهجن. سؤ يين پنج رپين برابر، جو رپئي ۾ اڄڪلهه ويھه کن يين آهن. ناريل جي کير ۾ رڌل گانگٽن جو ٻوڙ ”پران ملائي ڪَري“ (Curry) هتي جو خاص ڊش آهي ۽ قيمت پنڌرهن سؤ يين (پنجھتر رپيه) في پليٽ آهي. ان کان علاوه: بادشاهي ٿالهي _ چار هزار يين، بيگم ٿالهي _ ساڍا ٽي هزار يين. بادشاهي ٿالهي يا بيگم ٿالهي جي هڪ پليٽ مان ٻه ڄڻا کائي سگهن. بادشاهيءَ ٿالهيءَ ۾ ڏهه مختلف شيون: ٻوڙ، قيمو، سُوپ، پُوري وغيره ٿين. بيگم ٿالهي ويشنو ماڻهن لاءِ ٿئي جنھن ۾ رڳو ڀاڄيون، دال، آچار جھڙيون شيون ٿين.
سڄي ڪڪڙ ڌوري ۾ پسائي، مٽيءَ جي تندور ۾ پڪل جي قيمت اڍائي هزار يين ۽ اڌ ڪڪڙ جا چوڏهه سؤ يين. مڇيءَ جا ڪواب تندور ۾ پڪل پنڌرهن سؤ يين ۽ گانگٽن جا ڪواب سترهن سؤ يين. ڪڪڙ جا ريشمي ڪواب تيرهن سؤ يين. ڪڪڙ هن پاسي هونءَ به سستي آهي. سڀ کان مھانگو ڳائو گوشت آهي. ٻاڪري گوشت جا ٻن قسمن جا ڪواب هر هڪ چوڏهن سؤ يين.
ٻوڙ سان کائڻ لاءِ نان يا پليٽ چانورن جي جا ٽي سؤ يين.

گڏ وچڙ ڳالهيون

• جيئن اسان وٽ ٽن جو انگ خراب سمجهيو وڃي ٿو، ايتري قدر جو چوندا آهن ته ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن، تيئن جپاني چئن (شِي) ۽ نون (ڪُو) جو انگ ندورو سمجهن ۽ هنن وٽ ان جو مطلب ”موت“ ۽ ”تڪليفون“ سمجهيو وڃي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ڏي وري تيرهن جو انگ نڀاڳو ليکيو وڃي ٿو.
• ٻي وڏي جنگ ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪريا ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ جپانين کي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو.
هيروشيما جي پيس پارڪ گهمڻ بعد هڪ جپانيءَ سان همدرديءَ جو اظھار ڪيم ته جپان سان جنگ ڇا نه راڱا ڪيا.
سندس منھن تي ڪو خاص تاثر نه آيو. منھنجي ڳالهه کيس ايتري وڻي ڪانه. چوڻ لڳو:
”منھنجي خيال ۾ اهو امن امان جنھن مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿئي، ان کان ته اها جنگ سٺي ثابت ٿي، هارايل ئي سھي، گهٽ ۾ گهٽ اسان ترقي ته ڪئي. ڪيتريون ئي شيون _ جھازن کان ڪمپيوٽرن تائين جپان ايجاد ڪيون. هوڏانھن سئٽزرلئنڊ ۾ ايئن کڻي امن لڳو پيو آهي، پر ان امن مان ڪھڙو فائدو جو گذريل پنج سؤ سالن ۾ هو ڇڙو ڪوئل وارو گهڙيال Cukkoo Clock ئي ايجاد ڪري سگهيا آهن.
• اسان جي هڪ جپاني دوست کي هڪ ڏينھن ٽوڪيندي چيم ته توهان جپانين کي پئسي ڏوڪڙ جي ڏاڍي لڳي رهي ٿي. هر وقت پئسي ڪمائڻ جي سوچ سوار اٿانوَ. هو ڇا چوندا آهن ته:
Man is a social animal
کلي چيائين: “ خبر اٿم ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، توهان جو اڳيون وزيراعظم ڀٽو اسان لاءِ چوندو هو ته :
Man is a social animal but Japanese are economical animals.
• ڪنھن چيو جپاني ٻه قومون آهن: هڪ عورتن جي قوم ۽ ٻي مردن جي. هنن جا مرد تمام سخت ۽ ظالم ٿين ۽ جنھن ڳالهه پٺيان لڳن، ان کي ڪري پورو ڪن. اندر جا اونها ٿين ۽ ظاهر ڪرڻ بدران اندر ئي اندر پيا وٽ کائيندا _ سمنڊ جي اندر هلندڙ وهڪرن وانگر. مٿان خبر ئي نه ته ڇا پيا سوچين. اندر ئي اندر پيا ڪڙهندا. پيا پچندا، پيا سوچيندا. اهو ئي سبب آهي جو هتي جپان ۾ Brain Haemorrage جا مريض گهڻا آهن. خودڪشيءَ جا مثال گهڻا آهن. باقي عورت جپان جي سٻاجهي، وفادار، نازڪ ۽ مڙس جي خدمتگار آهي. پر جپاني مڙس جو ساڻس ورتاءُ نرالو آهي. هوءَ غريب گهڻو ڪري موچڙن جي منھن ۾ آهي.
هئنڪيو ڊپارٽمينٽ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل جپاني ڇوڪري ڪيڪوءَ ٻڌايو ته اڳ ۾ جپاني ڇوڪريون پنھنجي مڙس جي رويي ۽ پنھنجي ڪريلStatus بابت محسوس نه ڪنديون هيون. هنن سمجهيو ٿي ته اها ڪا نارمل ڳالهه آهي ۽ ايئن سڀ دنيا جون زالون آهن پر هاڻ ڌاريون فلمون ڏسي، ڪتاب ۽ ناول پڙهي، ملڪ گهمي، اڄ جون جپاني ڇوڪريون سوچين ٿيون ته ايئن ڇو آهي، جو زندگيءَ جي لاهين چاڙهين ۾ کين سندن حصيدار ساٿيءَ کان وڌيڪ ئي ڏک سھڻا ٿا پون.
• جپان جي شھر ڪوبي ۾ هڪ وڏي مسجد آهي. جمع نماز تي ڪجهه عرب آيا هئا، ڪجهه پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جا مسلمان ۽ انڊونيشيا، ملايا ۽ مالديپ جي جھازن جا جھازي هئا.
هڪ پاڪستانيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جو هتي جپان ۾ گهڻي عرصي کان رهيل آهي. هن پاڪستان جي اسلامي تبليغي جماعت جي تعريف ڪئي ته ان جا ڪيترا خدا جا بندا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ڌارين کي دين اسلام بابت ٻڌائين ٿا ۽ دعوت ڏين ٿا. هتي جپان ۾ به ڪجهه ڏينھن اڳ آيا هئا ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ جپانين جو چڱو تعداد اچي گڏ ٿيو هو. هڪ مولويءَ تقرير ڪئي پر عنوان هوس ”چوري“ _ ته اسلام چوريءَ جي همٿ افزائي نٿو ڪري. اسلام ۾ چوري خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. سچي مسلمان کي چوري نه ڪرڻ کپي ... وغيره وغيره.
”اهو عنوان“، هن ٻڌايو، ”هن ملڪ ۽ ماڻهن جي لحاظ کان ڪيڏو غلط هو. چوريءَ بدران هتي جي ماڻهن کي ٻڌائڻ کپندو هو ته اسلام هڪ مڪمل نظام حيات آهي. توحيد تي ٻڌائڻ کپندو هو يا ٻيا اهڙا ڪيترا عنوان آهن، جن مان هي پڙهيل ڳڙهيل جپاني ماڻهو متاثر ٿي سگهيا ٿي. باقي چوري _ سا ته هتي ٿئي ئي ڪانه. رستي تي ڪار کليل ڇڏي وڃو ته ڪو اندر جهاتي به نه پائيندو. مٿئين تقرير (واعظ) بعد هڪ جپانيءَ چيو: ”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي، جنھن لاءِ مذهب کي اهميت ڏني وڃي. اسان جي نگاتا ضلعي ۾ جيسين اسان کي ياد آهي فقط هڪ دفعو چوريءَ جو واقعو درپيش آيو آهي ۽ سا به چاليھه سال اڳ جي ڳالهه آهي.“
اها واقعي حقيقت آهي ته جپان ۾ ڏوهن جو انگ تمام گهٽ آهي ۽ چوريءَ جو ته بلڪل نه برابر. ماڻهن جون واشنگ مشينون ۽ ٻيو سامان گهر کان ٻاهر گهٽين ۾ رکيو آهي ته به ڪو هٿ نٿو لائي. گهرن جون ڀتيون اڪثر ڪاغذن جون ته به چوريءَ جو ڊپ نه. واپاري دڪان ئي کليل ڇڏيو ڀر پاسي هليا وڃن ته به ڪو پٺيان دڪان جو الڪو نه _ اهڙيون حالتون ته حضور صلعم جن جي ڏينھن ۾ مسلمانن جون هيون. هونءَ جپاني مذهب جي معاملي ۾ تمام ضدي ۽ بحثي آهن، ڪرسچن پادرين تبليغ ذريعي جتي ڪٿي عيسائيت پکيڙي ڇڏي، پر اهي به جپان ۾ ڪامياب نه رهيا. جيتوڻيڪ ٽيھه ٽيھه سالن تائين انگريز Missionaries هتي ويٺا رهيا، پر صحِيح Convert ڪري نه سگهيا. جيڪي جپاني ڪرسچن ٿيا آهن سي به خاص سچي دل سان نه. اٿندي ئي پڇندا ”مذهب ڇو؟“ اسان وٽ ته ايئن ئي سڪون ۽ امن لڳو پيو آهي. نه ڪوڙ، نه چوري، نه جهڳڙو، نه فساد، نه گلا نه غيبت.
سو جپانين کي دين اسلام جون خاصيتون ۽ ضرورتون ٻڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته سندن پڇيل سوالن جا صحيح ۽ ترت جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي.
مسلمانن جي مختلف فرقن جي جڏهن اچي ڳالهه نڪتي ته پڇيومانس ته تون ڪير آهين؟ شيعو يا سني.
”آئون شيعو به ته سني به.“ هن وراڻيو. ” آئون ڪي ڳالهيون شيعن جون صحيح سمجهان ٿو ته ڪي سنين جون.“
• اها ڳالهه اسان لاءِ _ يا ويندي يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن لاءِ شايد تعجب جوڳي هجي ته رڪشا Rickshaw _جيڪا اڃا تائين ڪيترن ملڪن ۾ هلي ٿي ۽ جنھن جي انجڻ اٽلي جھڙا ڪيترائي مغربي ملڪ پڻ ٺاهين ٿا، اها جپانين جي ايجاد آهي ۽ 1870ع ڌاري ٽوڪيو جي اڪيھا دائيسوڪي نالي هڪ جپانيءَ ايجاد ڪئي. جيتوڻيڪ سرڪاري رڪارڊ موجب رڪشا ٺاهڻ جي پھرين درخواست انھيءَ سال ۾ تڪاياماڪو _ ساڪو جي ٿيل آهي.
بھرحال ايجاد ڪنھن به ڪئي پر رڪشا_ جيڪا شروع ۾ ماڻهو ڇڪيندو هو، ڏکڻ ايشيا، چين، جپان ۽ ننڍي کنڊ ۾ مشھور ٿي وئي ۽ اڃا تائين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: بنگلاديش، چين، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ماڻهو هٿن سان ڇڪين ۽ هاڻ ڪيترن هنڌن تي سائيڪل يا موٽر سائيڪل ذريعي ڇڪجي ٿي.
رڪشا جو اصلي نالو جين _ ري _ ڪشا آهي، جيڪو چيني زبان جو آهي، جنھن جي لفظي معنيٰ ”ماڻهوءَ جي طاقت واري گاڏي“ ٿي، يعني اها گاڏي جيڪا ماڻهو ڇڪي. انگريزي زبان ۾ ”جين ريڪشا“ جو اڳيون ٽڪرو ڪڍي فقط ”رڪشا“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جپاني زبان ۾ پويون ٽڪرو ڪڍي ”جين ريڪي“ سڏجي. هڪ انگريزي ڊڪشنريءَ ته ماڳھين رڪشا بدران ”جيني رڪشا“ Jinny Ricksha ئي لفظ ڏنو آهي، جيڪو چيني لفظ Jin-ri-kisha سان ڪافي ملي ٿو.
• جپاني مسافر خاني ۾ بئري کي جپاني شعر ٻڌايم ته ورنديءَ ۾ هن به ٻه ٽي ٻڌائي ڇڏيا ۽ چوڻ لڳو:
”سر! عجب ٿو لڳيم ته هڪ مسافر شعر ٿو چوي.“
”پر حقيقت ۾ عجب جي ڳالهه اها ناهي ته مسافر شعر ٿو چوي، پر ميزبان ٿو چوي.“ مون وراڻيومانس. انهن شعرن مان ڪي اڃا ياد اٿم:
1. ”ناتي سي او وابا اوساڪا يامانو ساني ڪازورا
هيتو ني شراريدي ڪورو يوشي موگانا.“
”جيڪڏهن توکي خبر پوي ته آئون توکي ڪيترو گهران ٿو ته پوءِ تون ڪڏهن به مون کان جدا رهي نه سگهين. منھنجي هيترين دعائن مان ڪا دعا تنھنجي دل ۾ ڇا ايتري به چاهت نٿي آڻي جو تون کڻي مون وٽ لڪ ڇپ ۾ ئي اچين.“
2. ”ڪي مي گاتامي اوشيڪارا زاري شي اونوچي سائي ناگا ڪو موگانا تو اومو ئي ڪيرو ڪانا.“
”تنھنجو پيار ملڻ کان اڳ منھنجي جان، منھنجي نظرن، ۾ هيءَ حياتي ڪجهه به نه هئي. هاڻ سڀني شين ۾ مون کي اها ئي پياري آهي ۽ اڃا به گهڻو جيئڻ جي سڌ ٿي پيئي اٿم“
3. ”يورا نو توو وو واتارو فونابيتو ڪاجي وو تائي يوڪو ئي مو شيرانو ڪوئي نو ميچي ڪانا.“
”ٻيڙيءَ جي بدنصيب ملاحن کي اها خبر ئي نه آهي ته سندن سکان ته ’پور‘ نار ۾ ئي ڪِري پيو. هاڻ لھرن جي رحم ڪرم تي خبر ناهي، ڪيڏانھن هنن جي ٻيڙي ويندي ۽ ڪيڏانھن منھنجو پيار _ ۽ ڪھڙي ڀاڳ ڏي.“
هوٽل جو بئرو آخري ڏينھن ڪيتري دير جپاني هائڪو (شعر) ٻڌائيندو رهيو. سخت ٿڪل هوس ٻئي ڏينھن اهو شھر ڇڏڻ جي تيارين ۾ رڌل هوس. ان ڪري چڱي طرح ڌيان ڏئي نه سگهيس، جيتوڻيڪ ايترو سمجهيم پئي ته بئرو بيحد دلچسپ شعر ۽ ڳالهيون پيو ٻڌائي. ڪاش اتي مون سان گڏ ڊاڪٽر تنوير عباسي يا تاجل بيوس جهڙا شاعر ۽ شاعريءَ جا شوقين.
• جپان جي روزاني انگريزي اخبار ۾ “Church Guide” نالي هڪ مستقل ڪالم اچي ٿو، جنھن ۾ نه فقط عيسائين جي ڪليسائن جون ائڊريسون ۽ گڏجاڻين جا پروگرام ڏنل ٿين ٿا پر ٻين به مذهبي جڳھين، ڌرمن ۽ فرقن جا به پروگرام هوندا آهن. عيسائين ۾ به ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ، سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ، ميٿاڊسٽ، آرٿوڊڪس _ سڀني جو احوال ڏيندا آهن.
پڙهندڙن جي نموني لاءِ اڄ جي ”چرچ گائيڊ“ مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو:
• ”احمديا موومينٽ اِن اسلام“ _ معلومات جي آفيس جي ائڊريس فون نمبر ۽ ويجهي ريلوي اسٽيشن ڏنل آهي، جتي اسلامي ڪتاب موجود آهن. گهرڻ تي موڪليا ويندا.
• ”بھائي فيٿ“_ ائڊريس ۽ فون نمبر ڏنل آهن.
• ”جرمن پروٽيسٽنٽ چرچ“ _ ائڊريس ۽ فون نمبر ڏنل.
• ”جپان اسلامڪ ڪانگريس مسجد“ روزانو پنج وقت نماز ۽ جماعت سان جمعي نماز جو وقت ساڍا ٻارهن وڳا. ستين ماڙ _ ريو سائيدو بلڊنگ، 16-21-3 شنجوڪو _ شنجوڪو اسٽيشن کان فقط ڪجهه منٽن جي پنڌ تي. فون نمبر 1313-205-3.
• ”جيوئش ڪميونٽي آف جپان“ _ ائڊريس ۽ فون نمبر لکيل.
• ٽوڪيو ماسق (مسجد) _(1938ع کان ٺھيل)، 19_1 اوهياما_ جو، شيويا ڪو. فون نمبر 0284-469. ويجهي اسٽيشن اوهياماچو _ بس نمبر 55_ جمع جي نماز ساڍي ٻارهين وڳي_ واعظ، گڏجاڻين لاءِ اڳواٽ ٻڌائڻ ضروري آهي. (جپاني، انگريزي ۽ عربي زبانن ۾).
• ”جپان اسلام اوساڪا ماسق“ _ جمع نماز ساڍي ٻارهين بجي. نشي تينما ڀرسان اوساڪا ۾، مسجد جو امام الحاج هادي يوتو ساواردو. فون نمبر .3029-363-6.
• ”ڪوبي اسلامڪ مسجد“ _ ائڊريس: ناڪايا ماتي ڊوري 3 جوميني_ اڪوتاڪو _ ڪوبي. فون نمبر:6060-232-78.
• ”راڌا سوامي ستسنگ بياس“ _ سڀني لاءِ کليل ڪوبي شھر ۾، هر آچر ڏينھن ڏهين کان ساڍي ٻارهين تائين. عورتن لاءِ هر خميس منجهند جو ڏيڍ بجي.
• سري ساٿيا سائي سينٽر _ ڪوبي شھر ۾. هر خميس ۽ آچر ڏينھن گڏجاڻيون. معلومات لاءِ خوبچنداڻيءَ کي فون ڪريو _وغيره وغيره. مڙيئي ڪل ستر کن ائڊريسون ۽ فون نمبر جدا جدا عبادت گهرن ۽ گڏجاڻين جا.
• جپاني پھريان آهن جن مينھن ۾ پسيل ڌوپ ڇٽيءَ کي اندر دڪان يا گهر ۾ آڻڻ بدران در وٽ رکڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ هڪ ننڍو چورس يا گول ڪٻٽ مختلف تالن سان ٺاهيو آهي، جنھن ۾ هرڪو پنھنجي ڇٽي لاڪ ڪري چاٻي پاڻ سان کڻي وڃي. واپسيءَ تي ياد نه اچيس ته چاٻيءَ جو نمبر ڏسي پنھنجي ڇٽي ڳولي سگهي ٿو. پر جي اهو به ياد نه اچيس ته هن اچڻ وقت ڇٽي آندي هئي ته پوءِ ظاهر آهي ڌوٻي ئي ياد ڏياريندو آهي، جيڪو ڪپڙا ڌوئي آڻڻ وقت چاٻي ڏيندو آهي ته ڪوٽ يا پتلون جي کيسي مان نڪتي . ڪيترا دفعا ايئن ٿيو هوندو جو جھاز لنگر کڻي چڪو هوندو، پوءِ ڇٽيءَ جي ياد آئي هوندي _چاٻيءَ کي ڏسي! هن وقت مون وٽ به ٽي چاٻيون گڏ ٿي چڪيون آهن. هڪ ڪوبي شھر جي موتو ماچي بازار جي دڪان جي، هڪ يوڪو هاما جي ائسازاڪيچو بازار جي دڪان جي ۽ ٽي شمنوساڪي شھر جي شپ يارڊ جي هيڊ آفيس جي ”امبريلا لاڪو“ جي. افسوس اٿم جو هن وقت بنا ڇٽيءَ جي آهيان. سوچي رهيو آهيان ته وٺان يا نه. پر اها خوشي اٿم ته مٿين شھرن ۾ وري ويس ته ڇٽين کي اتي ئي انتظار ۾ ڏسندس.
• جپان ۽ ڪوريا هڪ ٻئي جي تمام ويجهو آهن. جپان جي شھرن: موجي ۽ شمنوساڪيءَ کان ڪوريا جا شھر ته چند ڪلاڪن جي پنڌ تي آهن_ ڄڻ خيرپور سکر يا دادو سيوهڻ هڪ ٻئي کان. جپانين ۽ ڪورين جون شڪليون به ذري گهٽ هڪ ٻئي سان ملن ٿيون ۽ سڃاڻي نه سگهبو ته ڪھڙو جپاني آهي، ڪھڙو ڪورين. پر ان هوندي به ٻنهي ۾ فرق آهي ۽ انهن ملڪن ۾ گهڻو وقت رهڻ واري لاءِ اهو ڏکيو ڪم ناهي ته سڃاڻي سگهي ته ڪھڙو ڪورين آهي ۽ ڪھڙو جپاني. هڪ جپانيءَ مون کان پڇيو:
”تون ڪورين ۽ اسان جپانين ۾ فرق ڪريو وڃين؟“
”ها.“ مون وراڻيومانس. ”جپاني ڇوڪريون قميص ۾ ٻيڙا استعمال ڪن ٿيون. ڪورين ربينون. ڪورين مردن توڙي عورتن جي منھن جو مٿيون هڏو گهڻو اڀاميل ۽ ڪنڊائتو آهي. جپانين جو ڪجهه گول ۽ لسو _ ۽ ها ڪورين مان ٿوم جي ڌپ ايندي _ چاهي ڪا ڇوڪري ست سينگار ڪري ۽ ڪيترو به ششيدو ۽ مئڪس فئڪٽر جي آڙ ۾ لڪي.“
”ها“ هن وراڻيو. ”۽ هڪ ٻي به ڳالهه. اسين جپاني آرام ۽ تحمل سان ڳالهائينداسين. ڪورين هوڙائيءَ ۽ اڇل منجهان.“
• جپاني ڇوڪريون پنھنجو پاڻ کي ڪافي ٺاهي جوڙي هلن ٿيون. ڪي نازڪ به ايتريون آهن جو بقول هڪ مئرين انجنيئر جي، ”جھڙيون شيشي جي شوڪيس ۾ سجائي رکڻ جون گُڏيون.“ پر ان هوندي به کين سھڻو نٿو چئي سگهجي.سونھن ۾ جپان کي ٻيا ڪيترائي ملڪ ملهه ماري ويندا. جپانين جو چھرو جذبات کان خالي خولي، اکيون چُوچيون، اندر پيٺل، ڪورين جيترو گهڻو نه ته به ٿورو گهڻو منھن جو هڏو نڪتل، نڪ ڪجهه مِنو. ڪيترن جا ڏند پيلا يا چٿر لٿل.
هونءَ کين بدصورت يا صفا گهٽ سونھن وارو به نٿو چئي سگهجي. بقول هڪ ٻئي جھاز جي انجنيئر جي: ”جپاني ڇوڪرين جي پنھنجي نموني جي سونھن آهي.“ يا هڪ ٻيو همراهه جپاني ڇوڪرين لاءِ چوندو آهي ته هو ’ٽوو ڊائمينشل‘Dimensional 2 بيوٽي آهن. يعني جن ۾ فقط ڊيگهه ۽ ويڪر جو عنصر آهي. اونهائي نه برابر.
ڪن ڪن جپانين جون اکيون ته ايتريون چچيون آهن جو ڏسندي ڪتي جا تازا ڄاول پونگڙا ياد ٿا اچن. اسان جو هڪ جھازي جيڪو اڄڪلهه آمريڪا ۾ آهي پر اٺ ڏهه سال کن اڳ هتي جپان ۾ پڻ ڪجهه وقت رهي ويو هو، تنھن سان هڪ ڏينھن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خبرون چارون جڏهن ختم ٿيون ته فون رکڻ کان اڳ جپان جو حال احوال وٺندي پڇڻ لڳو: ”جپاني ڇوڪرين جو ڪھڙو حال آهي؟ اکيون ڪي وڌيڪ کليون اٿن؟“
• بھرحال اڄ ڪلهه جي Balanced کاڌن، ميڪ اپ جي سامان، روز مره جي ورزش ۽ ڪپڙن جي اسٽائل بي ڊولين ۽ ڪوجهين کي به ڪافي سھڻو بڻائي ڇڏيو آهي. هي جپاني ڇوڪريون ته وري به ڪي اهڙو بي ڊوليون نه هيون نه آهن. بس قد ۾ سو ڪي ڊينڊيون آهن يا ڪِن جو هيٺيون ڌڙ موڪرو آهي. ان لاءِ ورزش ڪرڻ، پاڻ کي اڀو رکي هلڻ، کاڌي تي پابندي وجهي سنهو رکڻ ڪري سمارٽ ۽ Slim لڳن ٿيون.
جپاني ڇوڪريون ڏندن کي پنھنجي وت آهر هڪ ته چمڪائين ته گهڻو ئي ٿيون، پر چٻن ڦڏن ۽ ڀڳل ڏندن کي ڇا ڪن. بھرحال ٻئي جي ويجهو بيھي ڳالهائڻ وقت يا خاص ڪري کلڻ وقت هٿ کڻي وات اڳيان رکنديون آهن.
پر اهي سڀ ڳالهيون جپاني ڇوڪرين کي ايترو نٿيون منجهائين ۽ نه هو ڪنھن احساس ڪمتريءَ ۾ آهن. هڪ جھازيءَ چواڻِي جپاني ڇوڪريون، ٻين سڀني اوڻاين تي حاوي ٿي ويون آهن، بس رڳو اکين جي Complex کين ماري وڌو آهي.
• جپاني ٻوڙ يا رس واريون شيون ته ڇا پر هر پاڻيٺ واري شيءِ چشڪا ۽ سرڙاٽ ڏئي کائيندا_ ان ئي ڳالهه تي ته اسان کي ڪاليج ۽ اڪيڊميءَ ۾ دڙڪا ملندا هئا.
• ٽوڪيو جي ’گنزا‘ نيويارڪ (آمريڪا) جو ’ففٿ ايوينيو‘ سمجهڻ کپي، جتي دنيا جا مھانگي ۾ مھانگا ۽ سھڻا دڪان ۽ هوٽلون آهن. جتي ڪافيءَ جي ڪوپ جا به ٻه ڊالر آهن.
• شروع ۾ لکي آيو آهيان ته جپان ۾ هر شيءِ ٽرانسسٽرائيزڊ، موٽرائيزڊ، ڊائيوڊ ڊرون ۽ منيچرائيزڊ ٻڌبي.
يارو سڌ نه اٿم ته مٿئين جملي جي سليس سنڌي ڇا ٿيندي. افسوس جو اهو جملو فقط اين. اي. ڊي، مھراڻ ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن يا اليڪٽرانڪ جي ڄاڻن لاءِ لکجي ويو آهي. ان جملي پڙهڻ سان هو ڳالهه سمجهي ويا هوندا ته جپان ڇا آهي ۽ آئون ڇا ٻڌائڻ چاهيان پيو.
• ”هڪ جھاز ٻڏي ويو. فقط ٻه آفيسر ۽ ٽي خلاصي بچي سگهيا.“ جپان جي هڪ انگريزي اخبار The Japan Times جي هڪ خبر.
اسان جي جھاز جي چيف آفيسر پڙهي چيو: ”هڪ ته ماڻهو پنھنجين ڌيئن جي شادي اسان جھازين سان ڪرائڻ نٿا چاهين. هر هفتي جھاز ايئن ٻڏندا رهيا ته ڪھڙي ڇوڪريءَ جو آئيڊيل مڙس هڪ جھازي رهندو. دنيا گهمڻ جي شوق ۾ ته اڄڪلهه هر ڪا ڇوڪري چاهي ٿي ته ڪنھن مئرين انجنيئر يا نيويگيٽر سان شادي ڪريان، پر جي گهوٽ پاڻ اڇت ئي ٻي دنيا ڏي روانو ٿي ويو ته ڇوڪري پنھنجي گهر کان به وئي ته مڙس جي گهر ۽ دنيا گهمڻ جي شوق کان به وئي.

آئون وري ايندس

ڪيترائي ڏينھن رهڻ بعد اڄ هڪ دفعو وري جپان ڇڏيان ٿو. گهڻو ڪري ڏک نه اٿم جو اها اميد رکان ٿو ته :
We meet to depart and depart to meet.
جپان هڪ ڏينھن وري اچي سگهجي ٿو پوءِ ان کي داڻو پاڻي سڏجي، ڊيوٽيءَ جو چڪر يا گهمڻ جو شوق. بھرحال سوچيان پيو ته في الحال جپان کي سايونارا چوڻ بعد اهو سوچجي ته جپان جون ڪھڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ياد اينديون ....
• جسم کي صحيح رکڻ لاءِ صبح ساجهر Jogging (ڊوڙڻ) مھل جپانين جي پيرن جا آواز ياد ايندا. مختلف وزن جي ماڻهن ۽ بوٽن ڪري اهي آواز به مختلف ايندا آهن _ ڇڪ ڇڪ، ڇڪ ڇڪ، ڪو ڇوڪرو پيو ڊوڙي، ڇڪ چين ڇڪ چين _ ڪو ڳرو مرد پيو ڊوڙي، سندس پٻ رستي تي لڳڻ بعد ٿورو اڳتي ترڪيو وڃي. شپ شپ شپ شپ پڪ رات مينھن وٺو آهي ۽ ٽوڪيو جي رستن تي اڃا پاڻي بيٺل آهي. ڇڇو ڇڇو ڇڇو _ تمام گهڻا ڇوڪرا ڊوڙندا پيا وڃن ۽ نارمل رفتار کان تيز. ڪڏهن ڪڏهن ڊوڙندڙن جي پيرن جي آواز سان گڏ سندن ڳائڻ جو آواز پڻ _ جيڪو راڳ ڪنھن مذهبي ڪورس ۾ چوندا وڃن.
• ڪنھن جلسي فنڪشن يا ميڙ ۾ توهان کي ڏسي جپانين جي پاڻ ۾ سس پس: ”گائيجن، گائيجن“ _ معني ڌاريون آهي، ڌاريون آهي.
• اڄ جپان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ جپان جون Rush hour ۾ هي ماڻهن سان ڳتيل ريل گاڏيون ياد اينديون، جنھن ۾ توهان جو ڪو به سڃاڻو نظر نه ايندو پر ان هوندي به توهان کي خبر آهي ته هر ڪو توهان ڏي ڏسي پيو.
• هر بازار ۾ پچنڪو راند کيڏڻ جا دڪان نما هال، جن ۾ کيڏڻ جي گولين (بلورن) جو آواز. پھرين توهان جي کيڏيل گوليءَ جو آواز، ٽڙڪ ڪڙڪ _ ٽڙڪ ڪڙڪ ۽ پوءِ کٽڻ تي ڍير گولين جي ڪرڻ جو آواز: ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻ.
• دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ مردن ۽ عورتن جي نئڙت ۽ نياز مندي ياد ايندي. دڪانن ۾ گهڙڻ وقت آڌر ڀاءُ ڪرڻ جو آواز ”اراسائي ماسي _ هاءِ ارا سائي ماسي“ (ڀلي ڪري آيا) _ يا نڪرڻ وقت ”هاءِ اريگاتو گوذائي ماشتا.“ (توهان جي وڏي وڏي مھرباني.)
• يا ڪنھن ميڙ ۾ ڪنھن جپانيءَ جو هٿ يا هلڪو ٿيلهو لڳڻ ته هن جو ذري ذري معافي وٺڻ: ”سمي ماسين _ سمي ماسين.“
• يا اسڪولن مان موڪل وقت بس اسٽاپن ۽ ريلوي اسٽيشنن وٽ ڪٽڪ ڇوڪرين جي ڳالهين جي سس پس ۽ کلڪو. رکي رکي کل دوران چٻو هٿ ڪري ڏند لڪائڻ.
• يا اسڪول جا ننڍا ننڍا ٻار ياد ايندا _سڀ هڪ ئي يونيفارم ۾. سندن پٺن تي ڪتابن جا ڳرا ٿيلها.
• جپاني مائرون پنھنجن ننڍن ٻارن کي پٺيءَ تي بئلنس ڪري ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۽ سپر مارڪيٽن مان خريداري ڪندي.
• بواءِ فرينڊ نه اچڻ تي جپاني ڇوڪرين جا لٿل منھن ۽ فون تي ”مشي مشي“ (هيلو هيلو) جا آواز.
• سياري جي خاموش ۽ نويڪلين راتين ۾ ميتا، بئٽنچو، يا اڪيڊا جھڙين ننڍين ريلوي اسٽيشنن تي آخري گاڏيءَ جي انتظار ۾ واڪ دوران پنھنجن وکن جو آواز ۽ پڙاڏو.
• گنزا ۾ ڪبوڪي زا جي سامهون وارو فوٽوگرافر جيڪو فلم رول ڇڏڻ وقت هر دفعي نالو پڇندو آهي ۽ وري لکائيندو به مون کان ئي آهي.
• فوجي جبل وٽان هر دفعي لنگهندي دل ۾ پيدا ٿيندڙ خوف ۽ عزت جو مليل احساس.
• اوساڪا ۾ هنشين ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ مڪئي جي سنگن وڪڻڻ وارو دڪاندار جيڪو مون کي پري کان ئي ڏسي هڪ بدران ٻه سنگ پچڻ لاءِ رکندو آهي. پوءِ لوڻ جو ٻڪ مٿان ٻرڪي ڏيندو آهي.
• شھر گهمي واپسي تي اوساڪا جي آخري ريلوي اسٽيشن ”اوساڪا ڪُو“ کان ٻيڙيءَ جي جيٽي تائين بيزاريءَ وارو پنڌ پڻ ياد ايندو _ ٿڪاوٽ ڪري وک وک ڳري لڳندي هئي.
• يوڪوهاما سي مينس ڪلب جو انچارج جيڪو ڪتاب بدلي ڪتاب ڏيندو آهي _ پوءِ ڀلي کيس آئون انگريزيءَ جو ناول ڏيان يا اڙدوءَ سنڌيءَ جو.
• ۽ آخر ۾ هتي جي ماڻهن جو ذري ذري جهڪڻ ڪڏهن به وساري نه سگهندس _ مائرن جو ننڍن ٻارن جي مٿي کي دٻائي جهڪڻ سيکارڻ. پوڙهن جو پوڙهن کي سايونارا چوڻ وقت چٻو ٿي جهڪڻ. سڄي خاندان جو قطار ۾ ٿي ٻي کان موڪلائڻ وقت جهڪڻ.
• اڄ جپان ڇڏڻ وقت هر انسان وانگر آئون به پنھنجيون يادون پاڻ سان کڻي ويندس. پر موڪلائڻ وقت انگريزيءَ وارو ”گڊ باءِ“ يا جپانيءَ وارو ”سايو نارا“ (وڃان ٿو) نه چوندس، پر اهو چئي موڪلائيندس جيڪو سنڌي دوست هڪ ٻئي کي چئي موڪلائيندا آهن _ يعني ”موڪلاڻي ڪانهي. سدائين گڏ.“ يا بنگالين وارا لفظ چوندس جيڪي هو موڪلائڻ وقت چوندا آهن: ”امي آشي“. (آئون وري ايندس) يا مئڪ آرٿر کي Quote ڪندس:
I shall return.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وسي وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي اڳ ڪٿي
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي...
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهاز
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين
90. جپان جپان آهي
91. زئنزيبار … جهنگٻار
92. زندگيءَ جا ميلا ...
93. نڪري ويا ناکئا
94. آمريڪا ڙي آمريڪا
95. بغداد ۽ بصري جي گهٽين ۾ ...


اردو میں
96. سمندر کے دن
97. ملائیشیا کے دن
98. یورپ کے دن
99. کراچی سے کوپن ہیگن
100. ایران کے دن
101. گيشائون کے ديس مين
102. جہاز چلانے کے دن
103. جپان کے دن
104. کنارے کے دن
105. میں چلا ممباسا
106. چلو چلیں ہندوستان
107. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا
108. الطاف شيخ کے سفرنامے