مٿيان شعر هن ڪتاب جا اُهي اسم آهن، جن کي سائين آثم ناٿن شاهي هن ڪتاب جي پيشِ لفظ لاءِ چونڊي ته ڇڏيو هو، پر سائين اُنهن تي پنهنجو رايو ڏئي، اُنهن ۾ ڪُجهه لکي، وقت کيس اها مهلت ڪانه ڏني ۽ هُو، هِن ڪتاب جو پيشِ لفظ اڌورو ڇڏي ويو. هي سائين جي آخري لکڻي آهي.
پريم پتافي
دنيا جو عرفان هُجي ته
شاعريءَ جنم وٺندي آهي
عاشقيءَ جي واٽ ڪنهن ڪُنواريءَ ڪنيا وانگي سُندر هوندي آهي. شاعري به عاشقيءَ جي واٽ آهي ۽ سونهن جي چاهت پڻ عاشقيءَ جي واٽ آهي، ‘پريم پتافي’ جي عاشقيءَ جي هِن سُندر واٽ تي بيهي ڏسان ٿو ته سندس غزل ڪنهن ڇوڪريءَ جي الهڙ وهي محسوس ٿين ٿا، جيڪا وهي پيار جي ڪٿا آهي ۽ انهي ڪٿا ۾ وڇوڙي، دُوري ۽ دڳن جي رولاڪي جو درد جهلڪي ٿو. سندس وايون ڪنهن حسينا جي چنچل شوخ ۽ مُرڪندڙ اکڙين وانگي خوبصورت آهن. جن ۾ ڪنهن حسينا جي لوڏ جهڙي رواني آهي، جن ۾ محبوبا جي ڏنل ٽهڪن جهڙي سلاست ۽ بلاغت آهي. واين ۾ سندس اندازِ بيان بُلڪل فطرتي آهي، جيڪي ڪنهن آبشار جي پاڻيءَ وانگي صاف، شفاف ۽ چانديءَ جي رنگ جهڙيون محسوس ٿين ٿيون. جن ۾ سمنڊ جهڙي اونهائي آهي. مجموعي طرح ‘پريم’ جي شاعري ڪوري بدن جهڙي ڪوري آهي. جيڪا چوڏهين جي چنڊ جي چاندنيءَ جهڙي اُجري آهي. جنهن ۾ سندس فڪري اُڏام بُلندين تائين پهچڻ جي آرزومند آهي.
‘پريم پتافيءَ’ جي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي محرومين جو درد جهلڪي ٿو، اُهي محروميون هُن جون ڪي ذاتي ناهن، اقتصادي، سماجياتي، نفسياتي، شخصي ۽ جبلي تجزيو ڪنداسين ته خبر پوندي ته اُهي محروميون سموري سنڌي قوم جون محروميون آهن.
هي دور ڀڃ ڊاھ ۽ اڳتي وڌڻ جو دور آهي، ۽ ‘پريم پتافيءَ’ جي شاعري انهي ڀڃ ڊاھ جي شاهد ۽ اڳتي وڌڻ جي عاشقيءَ جي پهرين وِک آهي.
مشتاق گبول
03013829447
گليان پريم نگر ديان
اهو پريم ئي آهي، جنهن جي ڪري سُقراط کي وهه جو وٽو پيئڻو پيو. شاهه عنايت کي شهادت ملي، هيموءَ کي ڦاهيءَ جو ڦنڌو چُمڻو پيو، سسئي سُڃَ جي سفر ۾ نڪتي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي انسانن کي ان پريم لاءِ ڇا ڇا نه ڪرڻو پيو!؟ پريم نه هُجي ها ته دُنيا جا رنگ ئي ڦِڪا لڳن ها، ساز جا سُر مزو ئي نه ڏين ها ۽ ڪنهن گيت تي ڪو ڪنڌ ئي نه لُڏي ها!. ڪنهن جو ڪنهن سان، ڪنهن جو ڪنهن سان پريم ۽ پيار ئي آهي جو ڪائنات وڻي ٿي، سُرن مان سرور ملي ٿو، گيت گونجن ٿا ۽ ڪتاب ڇپجن ٿا. اهو به پريم ئي آهي جو ‘پريم پتافي’ جو ڪتاب “روشنيءَ جون اکيون” پڌرو ٿيو آهي. ‘پريم’ سان پراڻو پريم اٿم. آءٌ ‘پريم’ جي شروعاتي ادبي وکن کان هن وقت تائين جي سفر جو شاهد آهيان. ‘پريم’ ۽ اُن جي شاعري وڻندڙ آهي، ‘پريم’ جو اکرن سان پُختو پريم رهيو آهي، هو وقفي وقفي سان لُڇندو ۽ لکندو رهيو آهي، جيئن سانوڻ جي برسات وسندي ۽ بيهندي آهي، هر شاعر جي اِها ئي ڪيفيت هوندي آهي. ‘پريم پتافيءَ’ سان هزارين لمحا پني عاقل توڙي جروار ۾ گڏ گُذريا. سندس سِٽون سامهون اينديون رهيون ۽ مون اندازو لڳايو هو ته ‘پريم’ اندران ئي شاعر آهي. هڪڙا ٻاهران شاعر هوندا آهن، پئسي تي پبلسٽي خريد ڪرڻ وارا. اِهو ‘پريم’ جو اکرن سان چاهه ئي آهي جو هن خوبصورت گيت ۽ غزل سرجيا آهن، وايُن ۾ واڪا وِڌا آهن. ‘پريم’ جي شاعريءَ ۾ هر پيار ڪندڙ انسان جي ترجماني آهي. ‘ورڊ سورٿ’ جو خيال آهي ته “جيڪڏهن ڪو به شاعر انساني جذبن جي ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو رهي ته ان کي شاعر سڏائڻ جو ڪو به حق ناهي.” شاعري جذبن جي ٻولي آهي، ‘پريم پتافي’ جا جذبا هن شعري مجموعي ۾ ڳالهائن ٿا، جيڪي جذبا پريم- نگر جي هر واسيءَ جا به آهن ۽ اِهي پريم- نگر جون ڳليون ئي آهن جن ۾ هر ڪو پنهنجي جذبي جو اظهار وتي ٿو ڪندو. ڪو مصّوري سان، ڪو راڳڻي سان ته ڪو شاعريءَ سان.
بقول غمدل فقير جي:
گليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گُهمايم
جوڳي رمز رلايم
‘پريم’ جي هن پريم ڀريي پورهئي تي ناصحانه راءِ ڏيڻ بدران، ‘پريم’ کي جس ڏيندي هي چوان ٿو ته شاعر جي شاعري ۽ ليکڪ جي لکڻي جو اصل نقاد پڙهندڙ آهي، سرجڻهار جو اصل ايوارڊ به پڙهندڙن جي محبت آهي.
بيخود بلوچ
پنهنجو پريم
پريم پتافي جو نانءُ ٻُڌڻ سان ائين لڳو ته ٻروچ ۽ پريم جو پاڻ ۾ ڪهڙو سُٻنڌ؟ مگر ڏسڻ ۽ ويجهڙائپ کانپوءِ منهنجا اندازا بلڪل ابتڙ نڪتا.
هِن دور ۾ انا جي قرباني ڏاڍي ڏکي آهي ۽ رس لاءِ ڪس کائڻ ته ان کان به ڏکيو ڪم آهي. مگر اِهي ٻيئي خوبيون پريم پتافي ۾ ڏسي، اچرج سان گڏ فخر محسوس ٿئي ٿو.
ڪاش! منهنجي ڌرتيءَ جا سڀ تخليقڪار ائين ٿي پون ته جيڪر لال لطيف جو خواب سچو ٿي پئي ته (محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو)،
ننڍڙي وزن ۾ خوبصورت خيال ‘پريم’ الائي ڪٿان سکيو آهي. جيڪا ڏات ڌڻين کي وڏي مشق ۽ رياضت کانپوءِ به مشڪل سان نصيب ٿيندي آهي. هي سڀ ڪجهه هن کي شايد سهپ ۽ سڄڻپي جي عيوض مليو هُجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. دعا آهي ته پريم پنهنجي تخليقي سفر ۾ سڀ سڦلتائون ماڻي جيڪي ڪنهن سُٺي ڪوي لاءِ تمام ضروري آهن.
مفتون ڪورائي
مگسي ڳوٺ ميرپورماٿيلو
چنڊ پٺيان ڊُڪندي
پريم شاعريءَ ۾ عام رواجي موضوع ڇڏي غير معمولي موضوع کنيا آهن. ۽ انهن سان خوب نڀايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا سڀ روپ ۽ انهن جون ڪيفيتون تمام سهڻي نموني نڀايل آهن. هن گهڻو تڻو شعر جذباتي (Emotive) انداز سان لکيو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ کي (Abstract) يعني رکائپ کان به بچايو آهي. سندس شاعري رنگين ۽ رسيلي آهي، جا فني مونجهارن کان به گهڻي حد تائين آزاد آهي. سندس موسيقيءَ سان آشنائي ڪري هن جي شاعريءَ ۾ رواني ۽ ردم ڀرپور آهي. سندس شاعراڻو فارم ايترو ته سهنجو آهي، جو جڏهن ڪو ڪلاڪار هن جا لکيل غزل گيت، وائي يا نظم جهونگاري ٿو ته راڳيءَ پٺيان لي ائين ڊوڙون پائي ٿي جيئن ڪا ڪنواري ناري ندي ڪناري، پيرن ۾ جهانجهر پائي چانڊوڪيءَ جي سوجهري تي چنڊ پٺيان ڊُڪندي هجي.
پريم چاهتن جا نفيس جذبا کڻي شاعريءَ جي سفر تي نڪتو آهي. ڏسجي ته لفظن جي هن سندر چترڪار کي سنڌي ادبي کيتر جا ساٿي ڪهڙي موٽ ٿا ڏين!.
جميل سومرو
مُرڪندڙ ماڻهو ۽ ڀلوڙ شاعر
جيڪي به خوبيون سُٺي شاعريءَ لاءِ هئڻ گهرجن. اهي سڀئي خوبيون پريم پتافي جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. منهنجي ساڻس پهرين مُلاقات گهوٽڪيءَ ۾ هڪ فنڪشن ۾ ٿي، سندس ڌيمي لهجي ۾ شائسته شاعراڻي گفتگو مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
پريم پتافي جي شاعريءَ جي هر صنف وزنائتي ۽ مقصد واري آهي. جيڪا پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دل کي متاثر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، منهنجو جڏهن به اُتر سنڌ ۾ وڃڻ ٿيو ته کيس مهمان نوازيءَ سان سرشار هُجڻ سان گڏ خوش اخلاق ۽ خوش پوشاڪ ڏٺم مون کي هِن شخص وٽان ٽي شيون مليون، هڪ مُک تي مُرڪ، ٻي خوبصورت شاعري۽ ٽين مهمانوازي.
پريم جي شاعري ۾ رومانس جا انڊلٺي رنگ نمايان ۽ دلڪش آهن.
غضب آ تنهنجي نهار جانان!
لُٽي وئي آ قرار جانان!
*
اوهان جي مُرڪو ته گل ٽڙن ٿا،
کِلو ته کنوڻين ـ خمار جانان!
*
اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين،
پرين ڄڻ ته خوشبو ـ نگر ۾ رهياسين،
*
رهياسين ڀٽائيءَ جي ڀر ئي رهياسين،
سدا سونهن سان همسفر ئي رهياسين،
تنهنجي خوشبو هوا کڻي آئي.
هاڻ ڪيڏي قرار ۾ آهيون،
*
سندس رشتا نڀائڻ، هر ننڍي وڏي جي عزت ڪرڻ ۽ هر ماڻهو کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. فطرت جي دلڪشي ۽ منظرن جو حسن ۽ پيار محبت جا عنصر وٽس موجود آهن.
سندس گهڻي شاعري ته اهڙي آهي جنهن کي ڪوبه راڳي آساني سان ڪنهن سٺي ڪمپوزيشن جو روپ ڏئي سگهي ٿو، مون پاڻ جڏهن سندس ڪجهه گيت پڙهيا ته فوراً هڪ بهتر ڌُن منهنجي ذهن ۾ اچي وئي جيڪا اچڻ واري البم لاءِ ريڪارڊ ڪرايم، سندس لاءِ آئون ايترو ضرور چونديس ته پاڻ هڪ سُٺو انسان آ. اِن دعا سان ته پاڻ سنڌي ادب ۾ جوڳي جاءِ ماڻي. آمين.
شهنيلا علي
ڪراچي
منهنجو ادبي سفر
سنڌي شاعريءَ جي پنڌ تي هلندي مون کي سترهن سال ٿيا آهن. ماضيءَ تي جڏهن هڪ پل لاءِ نظر ٿو وجهان ته 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جروار جي اُها پهرين گڏجاڻي آئيني جيان منهنجي سامهون آهي. منهنجي پهرئين تخليق تي عاجز گبول، سرور گبول، نازڪ شيدائي، درگاهي گبول ۽ مشتاق گبول جا رايا اڃا تائين چٽا پٽا ياد اَٿم. سنگت جروار جي دوستن ايتري حد تائين پيار ۽ مان ڏنو جو مون کي سُتت ئي ٿيندڙ اليڪشن ۾ سنگت جروار جو سيڪريٽري چونڊي ڇڏيائون. پوءَ اهي سنگت جون گڏجاڻيون، سنگت جا پروگرام ۽ ائين ئي سڄي سنڌ جي اديبن، شاعرن، رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن سان هڪ رابطو جڙي پيو. هونئن ته منهنجو خاندان گهوٽڪي ضلعي ۾ ادبي خاندان طور سڃاتو ويندو آهي، منهنجا وڏا فارسيءَ جي اثر هيٺ شاعري ڪندا رهيا آهن. جن مان ڪي پنهنجي دور جا وڏا نالا به ٿي گذريا آهن. جن ۾ مولوي بهاؤالدين بهائي ۽ مولوي عبدالرحمان ضيائي، جن جا ڪيترا شاعري توڙي نثر جا ڪتاب نواب آف بهاولپور جي پريس مان ڇپيل آهن. پر مون شروع کان ئي پنهنجي جُدا سڃاڻپ جوڙڻ لاءِ پنهنجي خاندان جي آڱر وٺڻ بدران پنهنجو رستو جوڙڻ شروع ڪيو. شايد ان جو هڪ سبب پنهنجي دوستن جو حلقو ۽ سنگت جروار جي دوستن جو ساٿ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، شمشير ۽ تنوير جي شاعريءَ جو اثر به آهي، جن مونکي عبدالرزاق پتافي مان پريم پتافي بڻائي ڇڏيو. شاعريءَ ۾ منهنجا استاد ادبي سنگت جا دوست ۽ سنگت جون گڏجاڻيون رهيون آهن، جن وٽان مون تمام گهڻو سکيو آهي، تن ۾ عطا قاضي، مفتون ڪورائي، مشتاق گبول نمايان آهن، جن منهنجي وِک وِک تي رهنمائي ڪئي. شاعريءَ ڇا آهي؟ ڇا هجڻ گهرجي؟ انهي بحث کان هٽي ڪري، مون جيڪو سوچيو، ڀوڳيو، ٻُڌو ۽ ڏٺو آهي سو لکيو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته شاعري منهنجو آئينو آهي، جنهن ۾ اوهان مون کي پنهنجين عاشقين کان ويندي پنهنجي دوستن جي محبتن، نفرتن، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏکن، سکن، ظالم جي ظلم ۽ مظلوم جي مظلوميت تائين ڏسي سگهندوءَ. مون تمام ٿورو ۽ مختصر لکيو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿم سڄي جو سڄو منهنجي هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جنهن ڪري اوهان کي کوڙ ڪچايون ۽ ڦڪايون به نظر اينديون، خاص ڪري غزلن واري ڀاڱي ۾ کوڙ شروعاتي دور جا غزل آهن، ۽ واين واري حصي ۾ به کوڙ اهڙيون وايون آهن جيڪي منهنجي شروعاتي دور جون آهن.
شاعري اندر جو آواز آهي ۽ منهنجي هن اندر جي آواز کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جا سڀ مرحلا منهنجا دوست مشتاق گبول، ذوالفقار گاڏهي، گلزار، ساٿي محبوب، ضمير لاڙ ۽ امر کهاوڙ پنهنجي ذمي نه کڻن ها ته هي ڪتاب ڪڏهن به ڇپجي نه سگهي ها. شاعري فيئر ڪرڻ ويندي ڪمپوزنگ ۽ پريس جي سڀ مرحلن تائين سڄو ڪريڊٽ انهن دوستن ڏانهن وڃي ٿو. مان سندن بيحد ٿورائتو آهيان. سنڌي شاعريءَ جي هڪ منفرد ۽ انوکي نالي سائين آثم ناٿن شاهيءَ کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ بيماريءَ ۽ موت سان جهيڙيندي منهنجي ڪتاب جو پيش لفظ لکيو. مان سندس لاءِ ڌڻيءَ دَر دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏي. (آمين).
ٿورا محترم سائين اياز گل جا جنهن منهنجي ڪتاب جو بئڪ پيج لکيو ۽ ٿورا سنڌ جي خوبصورت گلوڪاره شهنيلا عليءَ (جيڪا منهنجي فيوريٽ آرٽسٽ آهي)، منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جميل سومري، مفتون ڪورائي، بيخود بلوچ جا جن پنهنجا تاثرات لکيا ۽ ٿورا ديس جي هن پار انڊيا رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر، نقاد سائين واسديو موهيءَ جا جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو.
پريم پتافي
31117092-0300
تنهنجي در کي جو به نهاري آيو آ،
تنهنجي در کي جو به نهاري آيو آ،
پنهنجي پويان درد قطاري آيو آ.