شاعري

سنڌ منهنجي امان

تاجل بيوس سنڌ جو عاشق شاعر آھي. تاجل سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل، وايون، ڪافيون، نثري نظم، چئو سٽا، ٽہ سٽا ۽ طويل نظم لکيا آهن.  ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر شيخ اياز لکيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 41
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ منهنجي امان

تاجل بيوس اڪيڊمي جو پهريون ڪتاب

ڪتاب: سنڌ منهنجي امان
شاعري: تاجل بيوس
ترتيب: ڪرم الاهي چنا
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ:
ڪرم الاهي چنا
ڪور ڊزائين: فتاح هاليپوٽو
پبلشر: تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچي
ڇاپو پهريون: پاران سنگم پبليڪيشنس اپريل 1989ع
ڇاپو ٻيون: پاران تاجل بيوس اڪيڊمي اپريل 2023ع
پرنٽر: واحد آرٽ پريس
قيمت: 400 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

SINDH MUNHINJI AMAN
(Collection of Peoms)
Poet: TAJAL BEWAS
Compiled by: Karam Ellahi Channa
Composing & Page Making: Sangam Publication, Sachal Goth, Karachi
Phone: 0345-2225458
Printer: Wahid Art Press
First Edition by: Sangam Publication: April 1989
Second Edition by: Tajal Bewas Academy: April 2023
Price: 500/-

ارپنا

چئن ٻچڙن:
بينظير، ذوالفقار، صنم ۽ بيبي نصرت جي نالي.
جيڪي ماءُ جي جهوليءَ ۾ بم گولن
۽ گئس جي دونهاٽيل ماحول ۾
پلجندا رهيا آهن.

تاجل بيوس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو مجموعو ”سنڌ منھنجي امان“ اوهان اڳيان پيش آهي.
تاجل بيوس سنڌ جو عاشق شاعر آھي. تاجل سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل، وايون، ڪافيون، نثري نظم، چئو سٽا، ٽہ سٽا ۽ طويل نظم لکيا آهن. ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر شيخ اياز لکيو آھي.
ھي ڪتاب 1989ع ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊمي جي سرواڻ سليم تاج جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تاجل بيوس اڪيڊمي پاران

سنڌ جي مهان عاشق تاجل بيوس جي شاعريءَ جي مجموعي ”سنڌ منهنجي امان“ جو ٻيون ڇاپو ”تاجل بيوس اڪيڊمي“ جي ڪاوشن جو ثمر پڙهندڙن اڳيان حاضر آهي.
هن شاهڪار ڪتاب جو پهريون ڇاپو جناب ڪرم الاهي چنا جي اداري سنگم پبليڪيشنس پاران اپريل 1989ع ۾ شايع ٿيو هيو.
هن مجموعي ۾ شامل تاجل بيوس صاحب جي امر تخليق ”سنڌ منهنجي امان“ سميت ٻي بيحد پراثر شاعري کي ڏسندي اسان اهو مناسب سمجهيو ته هن ڪتاب جو نئون ڇاپو سنڌ واسين جي خدمت ۾ وري پيش ڪريون. اهو انڪري به ضروري محسوس ٿيو ته پهريون ڇاپو 1989 ۾ پڌرو ٿيو هيو، جيڪو هاڻ نئين نسل لاءِ شايد اڻ لڀ هجي.
هن سلسلي ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سرواڻ محترم محمد سليمان وساڻ جي اتساهه جو به وڏو عمل دخل آهي جن جي صلاح سان تاجل بيوس صاحب جي شاعريءَ کي جديد ڇاپن جي صورت ۾ ٻيهر پيش ڪرڻ جو سلسو شروع ڪيو آهي. اميد ته هي ڪتاب جلد ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت تي پڌرو ڪيو ويندو.
تاجل بيوس اڪيڊمي سنڌ جي هن مهان شاعر جي ادبي ڪاوشن کي ٻيهر پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪرڻ جو سلسو شروع ڪيو ويو آهي، اميد ته تاجل بيوس جا ٻيا شاهڪار ڪتاب به جلد پڙهندڙن لاءِ شايع ڪري پڌرا ڪياويندا. هي ڪتاب ان سسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اميد ته پڙهندڙن کي ھيءَ ڪاوش پسند ايندي.

سليم تاج
چيئرمين تاجل بيوس اڪيڊمي
20 مارچ 2023ع

مهاڳ: شيخ اياز

مئي 1988ع ۾ مون پنهنجو شعر جو نئون ڪتاب “اَڪن نيرا ڦُليا” لکي پورو ڪيو. ان ۾ پنج ڇهه سؤ بيت آهن جن کي ٿر جو محاڪاتي پس منظر ته آهي، پر جنهن ۾ به روايتي بيت جيئن، نه ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو آهي ۽ نه وري شاهه وارا لفظ استعارا يا حوالا ڪم آندا ويا آهن ۽ جنهن ۾ منهنجا گونا گون مشاهدا ۽ خيال سمايل آهن. مون ان وقت ارادو ڪيو هو ته لاڙ، وچولي ۽ اتر جي پس منظر سان ساڳي طرح بيت لکندس ته جيئن سنڌ جي ڌرتي منهنجي شاعري لاءِ ماءُ جي آغوش وانگر لڳي. 25 جون تي مان ڪراچيءَ آيس جو ان تاريخ تي منهنجو پٽ ويانا مان تعليم پوري ڪري موٽي رهيو هو ۽ معمول وانگر جولاءِ جو سارو مهينو مون کي هن وٽ ڪراچيءَ ۾ گذارڻو هو. هتي وائسز گروپ (Voices Group) منهنجن نظمن ۽ گيتن ۽ ان سان گڏ فيض احمد فيض جي ٻن ڳاتل نظمن جي مهورت لاءِ مون کي پهرين جولاءِ تي دعوت ڏني هئي. تقريب کان پوءِ مون کي تاجل بيوس پنهنجي تازي ڪلام جي ڇپيل مجموعي تي مهاڳ لکڻ لاءِ اسرار ڪيو جو مان تاجل سان دوستي ۽ محبت سبب ٽاري نه سگهيس. (هن کان اڳ مون ادل سومري ۽ اياز گل سان هنن جي شاعريءَ جي ڪتابن) تي مهاڳ لکڻ جو واعدو ڪيو هو جو سکر ۾ بي انتها مصروفيتن سبب اڃا پاڙي نه سگهيو آهيان ۽ هنن بيحد صبر ڏيکاري ان جو انتظار ڪيو آهي ته مان اهو مهاڳ ڪڏهن ٿو لکان. مشتاق باگاڻيءَ به ساڳيءَ طرح مهاڳ لاءِ چيو هو ۽ ڏيڍ سال اڳ مون وٽ پنهنجو مسودو ڇڏي ويو هو پر ڪافي وقت کان مون سان نه مليو آهي ۽ شايد منهنجي مهاڳ جو آسرو پلي ڇڏيو اٿائين. مان ٽنهيءَ کان ايتري دير لاءِ معذرت خواهه آهيان ۽ ارادو آهي ته سکر موٽي اهي مهاڳ لکندس.)
تاجل بيوس جو هي چوٿون ڪتاب آهي. هن جا ٽي ڪتاب “جڏهن ڀونءِ بڻي”، “انبن جهليو ٻور” ۽ “سرجيندڙ ساڻيهه جا” اڳ ئي ڇپجي چڪا آهن. مون کي تاجل جو مسودو پڙهي، اهو ڏسي حيرت آئي ته هن اُتر ۾ خاص ڪري ڪجهه بيتن، واين ۽ ٽه سٽن ۾ ڪچي جي حصي جو محاڪاتي پس منظر (Scenic background) ائين ڏنو آهي جيئن مون مٿي ذڪر آيل اڻ ڇپيل بيتن ۾ ٿر جو پس منظر ڏنو آهي. هو صوڀيديري جو آهي ۽ ننڍي هوندي کان وٺي هن جو ڪچي جي زندگيءَ سان واسطو رهيو آهي ۽ نه رڳو هن ان جو گهرو مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي پر ان خطي جي ٻوليءَ تي به هن کي ڪافي عبور آهي. فرانس جي مشهور شاعر وئلريءَ (Vallery) چيو هو: “I write half The poem. The Reader Writes the Other half” انهيءَ معيار تي ڏسجي ته تاجل جا هيٺيان شعر پڙهي صبح جو منظر اکين اڳيان ڦري ويندو:
سج ڪئي تخليق،
سرنهن جي ڦولار ۾
روشنين جي ليڪ.
ان ٽه - سٽي جو پس منظر تصورائبو ته ائين لڳندو ته ڪچي ۾ سرنهن جا کيت ڦلاريا آهن، حد نظر تائين کيت ئي کيت آهن، ساوا سرنهن جا کيت، جن جي ڦولار تي صبح جا پهريان ڪرڻا پون ٿا ۽ فطرت جي حسن جو تخليقي عمل شروع ٿئي ٿو.
صبح جو هي منظر به ڏسو. سڄو ڏينهن لاباري کان ٿڪجي ستل لاهيارڻ( فصل جي ڪٽائي ڪندڙ زائفان) ننڊ مان اُٿي، ڍنڍ جي ڀَرتي، هٿن جي اڱرين سان وار سنواري رهي آهي:
نور پيو نسري،
ٻن چڳن جي وچ مان
سج پيو اُڀري.
سوڍي ٿي سنبري،
ڪڪر جي ڪاراڻ مان
سج پيو نڪري.
----
صبح ويلي ننڍيون وڏيون ڳوٺاڻيون مٿي ۽ چيلهه تي ٻيلهڙا کڻي نار تان پاڻي ڀرڻ آيون آهن. نار ۾ ڏاند وهي رهيو آهي. پاڻي پڙڇ کان نيسر مان ٿيندو اچي آ هڏ ۾ ڪريو آهي جتان واهيءَ مان وهي پوک ۾ پهچي ٿو. تاجل هڪ مصور وانگر اهو منظر هيئن پيش ڪري ٿو:
پرهه، پاڻياري،
آئي منهنجي ائٽ تي
ڏينبوڙيءَ واري.
---
چُني اوٽ ڪري،
نينگر منهنجي نار تان
پاڻي پئي ڀري.
ڪچي ۾ ڪَرس ٻيڙيءَ جي رسن کي سڏبو آهي ۽ ڪَٺار ڪناري کي. درياءَ جو پاڻي لٿل آهي؛ تڙ تانگها ٿي ويا آهن؛ ملاحن جا مڏ سڃا لڳا پيا آهن. روزگار جا وسيلا تنگ ٿي چڪا آهن. شاعر آئيندي تي اُميد رکي، سانوڻ آئي درياءَ وارن کي آٿت ڏئي ٿو:
ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا،
اجهو ڪو آيو، کڻي ڪرَس ڪَٺار تي.

يا سانوڻيءَ ۾ درياهه ۾ چاڙهه آيو آهي، جيڪو ڀريون پيو پائي.
وڏن وڏن وڻن جي ڪرڻ جو ڀيانڪ منظر ڏسو:
ڪَڙ تان ڪِري جيئن سٽجي وڻ سرنهن جو،
مون پڻ “مرڻ” تيئن ڪُنن ۾ ڪيري ڇڏيو.

ديهات ۾ گاج ڪڻڪ جا آڀو سوکڙيءَ طور موڪليا ويندا آهن، جنهن لاءِ شاعر چوي ٿو:
باهه وسائل ڦوڪ ڙي!
آڀو ڪڻڪ گاج جا،
سيڻن مُڪا سوکڙي.
درياءُ ڦٽي ويو آهي ته چوي ٿو:
نه دنگيون نه درياءَ نه سي ماڻهو ماڳ جا،
ويو لٽي واءُ، پيرا پاڻيارين جا.

---
نيٺ ته ڇر جو پاڻي ڇڄندو،
ڪلُ ۾ ترندا ڪُم ۽ ڪوڻيون.

---
سُڪو پيٽ سنڌوءَ جو،
ٻرن ٿا ٻيلا،
رات گهمي راڪاس ويو.

ڪٿي ڪٿي هن جي شاعريءَ ۾ جپاني هائڪوءَ وارو رنگ آهي.
پن ڇڻ واري شام،
پڇاڙيءَ جا ڏينهڙا
ڀڳل ٽٽل جام.
ٽه- سٽو آهي يا ساڪت زندگيءَ (Still Life) جان ڪائي سوريئلي (Surrealist) تصوير آهي!
مان انهن شعرن ۾ ڪوئي علامتي رنگ ڳولڻ نه ٿو چاهيان. لفظن ۾ مصوريءَ کي پنهنجي جاءِ آهي ۽ ان ۾ ڪنهن سياسي علامت جي تلاش عبث آهي. پر ائين نه آهي ته تاجل جي من ۾ پنهنجي دؤر جي چورا کورا نه آهي. چوي ٿو:
پوپٽ جا ڪو پرَ مروڙي،
قيد ڪري ٿو گُل- سرهاڻ.

يا
هر ماڻهوءَ جي ڄڀ وڍيل،
اناالحق الائي ڪير؟

۽ پوءِ سياسي جبر جي خلاف جو رد عمل ٿئي ٿو، ان جي باري ۾ چئي ٿو:
جيترو ٿر تي وسي سانوڻ ويو،
اوترا پئي پيچرا تپندا ويا.

۽ ان رد عمل مان جا جدوجهد اُڀري ٿي. اُها مد نظر رکي چئي ٿو:
سا ڪين اسان سان پير کڻي،
جنهن اک جو تُنرو آلو آ.

يا
پرهه جا سڏڙا ڪلالن جا ٻُڌي،
رند زنجيرون ڇني ڀڄندا ويا.

تاجل دراصل هڪ مصور شاعر آهي ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ رهندي هن جي سياست سان گهڻي وابستگي ممڪن به نه آهي. پوءِ به هن پنهنجي دور جا ترقي پسند قدر اپنايا آهن. اڃا هن کي پنهنجو طرف طي ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي گهڻ- روپي ڪلام (Multi- dimensional poetry) ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪرڻي آهي. هن جي شاعري سنڌ سان جذباتي وابستگي ڏيکاري ٿي، جيئن ڪتاب جي نالي “سنڌ منهجي امان” مان ظاهر آهي. امڪان آهي ته اها شاعري تيزيءَ سان قدم وڌائي، ڪنهن طوفان وانگر اُڀري اچي.
مون هن جو آزاد نظم “جلا وطن” پڙهي هن کان پڇيو ته ڇا هن اهو محمود درويش کان متاثر ٿي لکيو آهي. محمود دوريش عرب شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ باهه ٻاري ڏني آهي. مون وٽ عرب شاعر محمود درويش جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو Sand and Other Poems پيو هو، جو حال ۾ ئي ڇپيو آهي ۽ اهو هن کي ڏيکاريم پر هن انڪار ڪري چيو ته هن اهو ڪتاب ڏٺو به نه آهي ۽ چيائين ته هن رڳو “هلال مئگزين” ۾ فلسطيني شاعريءَ تي هڪ مضمون پڙهيو هو.
اهو نظم “جلال وطن” تاجل بيوس جي شاعرانه صلاحيت جي غمازي ڪري ٿو ۽ اُميد پيدا ڪري ٿو ته تاجل، جو، خاص ڪري فطرت جو شاعر آهي، اڳتي هلي ديس پرديس جا مسئلا هيئين سان هنڊائي، انساني آزاديءَ لاءِ به ائين ئي ڀرپور شاعري ڪندو جيئن هن فطرت جي باري ۾ ڪئي آهي. هن ۾ پنهنجي آدرش ۽ ان سان وابستگي ۽ زياده وسعت ۽ پختگي ايندي ۽ هو سنڌي ادب ۾ پنهنجي منفرد جاءِ والاريندو.

شيخ اياز
10 جولاءِ 1988ع
ڪراچي.

ست- ڌئيتو پيءُ : تاجل بيوس

وڏڙين جي واتان هن وقت تائين اجهو اها ئي دعا ٻڌندا پيا اچون ته پٽڙا تون ست- پُٽيتو ٿيندين. اها دعا پوءِ ڀلي خانداني منصوبابنديءَ جي کاتي وارن کي بري لڳي يا کڻي کين ڀلي به لڳي ڇو ته آخرڪار کين به ته کيسو گرم رکڻو آهي نه.ڪم نه هوندو يا سالياني رپورٽن ۾ ڪم نه ڏيکاريو ويندو ته پوءِ هن صديءَ ۾ اهڙا کوليل کاتا ته بند ٿي ويندا. اهڙا کاتا مائرن جي دعائن تي هلن يا سالياني رپورٽن تي. مسئلو هيءَ نبيرڻو آهي ته اسان جون وڏڙيون ڌيئرون پيدا ڪرڻ جي دعا ڇو نه ٿيون ڏين. ڌيئرون جيڪي وڏيون ٿي ڪڻي مان ڪيچ ٿيون ڪن. انساني نسل کي برقرار ٿيون رکن ۽ تخليقار بڻجي، تخليق جي ڪم کي جاري ٿيون رکن. پٽ ڄمن-پنج ڄمن- ست ڄمن پر ڏيئر نه. مان سمجهان ٿو ته اسان جي ڏاڏين، نانين ۽ امڙين جي دل ۾ ڪونه ڪو راز ضرور لڪل آهي. يا ته اسانجون وڏڙيون ساڙوليون آهن جي پاڻ جهڙيءَ جنس کان نفرت ڪري، ان جنس کي پاڻ تائين محدود رکڻ ٿيون گهُرن يا وري ساڙولين جي جاءِ تي هو ديا ۽ مامتا جون جيريون جاڳنديون تصويرون آهن جو هو سمجهن ٿيون ته هڪ نه هڪ ڏينهن سندين ڌيئرن کي وڻ جي لام وانگر وڍجي ڌار ٿيڻو آهي ۽ وڃي ٻين جا گهر آباد ڪرڻا آهن. ان وقت سندن مامتا ڪنول گل جيان ٽڙي پوندي آهي يا وري ڌيئن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کان واديون ۽ ورلاپ ڪندي رهندي آهي. ماجرا ڪهڙي به هجي، مان سمجهان ٿو ته حقيقت ڪجهه هيئن آهي ته اسان جي وڏڙين جي دنيا ۾ “اهنسا” هر دؤر ۾ جواڻ جماڻ ئي رهي آهي. هو رت جي ريلن ڏسڻ بدران ڪنهن ٻار کي ماءُ جي ڇاتين مان کير پيئندو ڏسڻ ٿيون چاهين. مطلب ته اسان جي وڏڙين جي دلين ۾ “ڪارو ۽ ڪاريءَ” جي ڊپ هئڻ وارو ئي راز سمايل آهي، ڌيئرون قتل ٿينديون، ڌيئرن جي ڪوڻين ۽ رابيل جي پنکڙين کان ڪنئرن جسمن تي ڪهاڙيون رقص ڪنديون. مان سمجهان ٿو ته بس اهوئي خوف جو راڪاس آهي جو کين منع ٿو ڪري ته هو ڌيئرن پيدا ڪرڻ جي دعا بدران پٽن پيدا ڪرڻ واري دعا ڏين.
اچو ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته مون واريءَ قديم سنڌ جي اترئين حصي ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪلهي تي آباد ڪيل شهر اسلام آباد ۾ فقيراڻيءَ- زيب النساءَ (مٺڻ خاتون) ستين ڌيءُ کي تازو انگريزي مهيني جنوريءَ ۾ جنم ڏنو آهي. الائي ته ڪهڙيءَ وڏڙيءَ جي کيس دعا لڳي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ خانداني منصوبابنديءَ وارن سان لهه، وڃڙ ۾ نه رهڻ جو سڌو سنئون نتيجو يا ڪرشمو هجي جو هن وقت مون واريءَ فقيرياڻيءَ سان گڏ مان به ست- پٽيتو نه پر ست- ڌيئيتو مرد ملنگ پيءَ آهيان. شڪر آهي جو ڌيئرن جي نالن واري پٽي به ياد ٿي وئي اٿم. سورٺ (نانين ۽ ماسين جو نالو نورجهان)، سهڻي (نانين ۽ ماسين جو نالو نورالنساءِ) سنڌو (نانين ۽ ماسين جو نالومهرالنساءِ)، ڪنول، بي نظير، موکي (نانين ۽ ماسين جو نالو صنم) ۽ خوشبوءِ. پٽن جو ٽارگيٽ ۽ انگ اکر ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ڇپائڻ وقت پڌرا ڪبا. هن وقت اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڇهن ڌيئن کي تلخيق ڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي فقيرياڻيءَ کي وارننگ واري انداز ۾ ڪراچيءَ کان فون ته چيو ته کيس ستين ڌيءَ هر حالت ۾ ڄڻڻي آهي. جيئن هن پنهنجي هڪڙي پٽ ذوالفقار جي غيرفطري لاڏاڻي کان پوءِ هڪ ٻئي ذوالفقار کي جنم ڏئي مون تي، منهنجي ماءُ- پناهه خاتونءَ، جهڙو ئي احسان ڪيو آهي. منهنجي ساٿياڻي (مٺڻ) ستين ڌيءُ کان پوءِ ڏاڍي خوش آهي. شايد ٻچڙن جي هر ڪا ماءُ Mother Goddess ئي هوندي آهي نه Father Angel
ڪوبه تخليق ڪار هڪ، پُٽيتو پيءُ هجي يا چار، ڏيئتيو، ڏٺو ويو آهي ته گهڻن ٻارن کي تخليق ڪار ٿيڻ کان پوءِ “ڊيڄڙي” جي بيماري ٿيو پوي.
ڌرتيءَ جي گولي تي ليڪن، لڪيرن، دائرن، حدن، حد- بندين پوڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اُهي اديب ۽ شاعر جيڪي سڌيءَ توڙي غير سڌيءَ طرح پگهار دار آهن، تن کي ڊيڄڙي جي بيماري ٿيڻ هڪ لازمي امر آهي. پيٽ – پوجا جي وسيلن تي ڪنهن ٻيءَ طاقت جي قبضي هئڻ ڪري، هو ايترو ته مجبور ۽ بيوس ڏسڻ ۾ ايندا آهن جو ننڊ ۾ دبرڻ ۽ جابلڻ لڳندا آهن. جنهن ڪري سئين سڌي واٽ وڃائي، حق سچ کان منهن موڙي يا ته ڪوڙ ڪمائڻ لڳندا آهن يا وري اهڙي چوواٽي تي اچي بيهندا آهن جو سندن پير جنهن به ڌرتيءَ کي ڇهندا آهن، هو ان ڌرتيءَ جي رستن تي ئي هلڻ ۾ عاقبت سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نه اهو رستو کين کڏ يا اوندهه انڌوڪار ڏي وٺي وڃي، مزي جي ڳالهه هيءَ آهي جو هو سمجهندا به آهن، ته هو جو ڪجهه تخليق ڪري رهيا آهن سو ان جي ابتڙ ئي آهي جو هو محسوس ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به هو ان ٻه - مهين بلا کي پنهنجي آئندي جو ڇوٽڪارو ۽ اوتار سمجهندا آهن. آءٌ اهڙيءَ ٻه- مُنهين بلا کان سان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ادب، ادب هوندو آهي. شاعري، شاعري. مصلحت پسندي، مصلحت پسندي هوندي آهي، جنهن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ کانپوءِ تخليق ڪار جون تخليقون انسان ذات جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ وارو ڪم ڪنديون آهن ۽ نه ملم- پٽيءَ جو. مون ڏٺو آهي ته ان قسم جا اديب ۽ شاعر ايڏو ته بي وس ۽ مجبور هوندا آهن جو ستت ئي يا ته مور واري چال کي ڪانءَ واريءَ چال به بدلائي ڇڏيندا آهن يا وري چاليهارو سال جيئري رهڻ کان پوءِ ملان مٺي وانگر ٻانگن ۽ صلاتن تي زور ڀريندا آهن.
شاعر۽ اديب سماج يا قوم سان ڳنڍير جي ڳنڍين جيان ڳنڍيل ٿو ٿئي، کيس ڪنهن به طرح سماج کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. هو جيڪو سوچي ٿو ۽ لکي ٿو، اُهو ان ئي سماج لاءِ آهي، جنهن سماج ۾ هن جنم ورتو آهي. هو ڪنهن ٻيءَ آسماني مخلوق يا ديون ۽ پَرين لاءِ نٿو لکي. هو ان لاءِ نٿو لکي ته انساني بستين کي ڇڏي، ڪنهن رڻ پٽ يا صحرا ۾ پاڳل يا چرين ماڻهن وانگر وڃي پنهنجا گيت آلاپي.
گذريل ٽن- چئن ڏهاڪن جي تجربي کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پنهنجي مَنهن ۽ ماڳن ۾ سچ- حق تي لکڻ واري تخليقڪار، جي اها ئي حيثيت ڪَٿي وئي آهي جا آءٌ مٿي بيان ڪري آيو آهيان. کيس اهڙو ڪوبه حق ناهي ته هو پنهنجين تخليقن کي انساني بستين سان جوڙي ڇڏي. ان جي اُبتڙ ڪنهن پاڳل انسان وانگر هو وڃي ويران وستين، يا ڀٽن جي وچ ۾ بيهي پنهنجا راڳ آلاپي، پکين ۽ جانورن کي خوش رکي. اهڙن غاصبن ۽ غير انساني قوتن کي ڪير سمجهائي ته تخليق ڪار جو واسطو جياپي ۽ پيدائش جي وسيلن سان ئي هوندو آهي. ماڳن، واهڻن ۽ وسندين کي پاڻي نه ملندو ته مان پاڻيءَ جي وهڪري ۽ سنڌوءَ جي سڪل پيٽ تي لکندس. منهنجي پنهنجي پاڻيءَ کي جڏهن بندن، دٻهڙن، ڪوڙڪين ۽ پڃرن ۾ ڦاسايو ويندو ته پوءِ مان- ماڻهو، ماڻهوءَ جو پٽ، اُنهن پڃرن ۽ بندن کي ٽوڙڻ لاءِ ئي لکندس. اهو حق مون کان ڪير به نٿو کسي سگهي. اها ڪا هٺ- ڌرمي ناهي، پر اُجري کير جهڙي هڪ اُجري حقيقت آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ته پوءِ مون ۾ ۽ هڪ گونگي ۽ پنجن ٽڪن تي وڪاڻل تخليق ڪار ۾ ڪهڙو فرق وڃي بيهندو!
جڏهن ارغوني ٽولا منهنجي ماڳن تي اتر کان يلغار ڪندا آهن، اُن وقت مون کي شاعر ٿيڻ سان گڏ ڄام نظام به ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن ننگر ٺٽي تي چڙهائي ٿيندي آهي ته ان وقت مون کي ڄام بابينو به ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن سنڌ جي کيتن کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ويندو آهي، جڏهن سنڌ جي زمين ۾ ڪئا ۽ ڪُيون بورنگ ڪري، ڪئاڪر ڪڍي، ٻرڙ ۽ سرنگهون جوڙيندا آهن، اُن وقت مان ته ڇا، پر هن ڌرتيءَ جي جهونڙن ۽ وقت کان اڳ جهري پوندڙ تخليق ڪارن- جمال ابڙي، ابراهيم جويي، گرداس واڌواڻي ۽ اياز جي ڏڪندڙ هٿن مان ڪريل قلم به لکڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ به مون کي چيو ٿو وڃي ته مان “ماءُ جي هنج” تي نه لکان پنهنجي ئي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن لاهياريءَ جي چڱي چٽ ۽ سندس ڪانبي ۾ ڪڻڪ جي لٿل کُنڀ مٿان رکيل ڏاٽي تي نه لکان. سنڌوءَ جي تاساري پٽ، ساڙيل ٻيلن، واري اڏائيندڙ ٻيلاٽين، ڦٽل گهاٽن ۽ واهڙن تي نه لکان. جيڪي ڪانوَ چاڏين تان منرا ۽ ڍڪڻ ڪيري، مهي ۽ مکڻ ٻيا چورائين، انهن ڪانون تي گليليون ۽ سينـڱون تاڻڻ ڇڏي ڏيان. مان ڪو دُٻي جو ڪڇون ناهيان جو مُنڍيءَ کي هڏائين ٽوڪري ۾ لڪائي، هڪ هنڌ بيهي رهان، مان به سنڌ جي مِٽيءَ مان جڙيل هڪ اُهو ماڻهو آهيان، جيڪو خطري جي گهڙيال وڄڻ وقت لکندو به رهندو آهي ۽ دريا خان واري بندوق به هلائيندو رهندو آهي.

تاجل بيوس
10 مئي 1988ع

تاجل “بيوس”
پايونيئر هومز، فيز 1، بنگلو نمبر 3- اي
اسڪيم نمبر 33 سپر هاءِ وي، ڪراچي.

سُر سرجڻهار

سنڌوءَ سامائي- اسان چرخا چوريا،
اڳي “ڪُن فيڪون” کان، آتڻ اڏائي،
چارڻ چواڻي- سڳر وتوسين سنڌ جو.

*
سنڌوءَ ساڳاهيو(1)- ڏيو واڌايون ڏيهه کي
واهڙ ۾ وراڻ ٿي، ڪَپَر ڪنايو،
کُوها کڻايو- آيو دؤر درياهه جو.

(1) ساڳاهڻ- صحت مند ٿيڻ، ڪمزوريءَ مان چاڪ چوبند ٿيڻ.

*
سنڌوءَ ساڳاهي- اسان ائٽ اُجاريا،
آياسين اوڌر جا ليکا سڀ لاهي،
ماڻهوءَ ۾ آهي- جيڪو دم درياهه ۾.

*
سنڌوءَ سامائي- سرجيو بوتو سنڌ مان،
ڀڳي ڪايا “ڪين” جي، آدم جي آئي،
مارڳ موکائي- سڳر وتوسين سنڌ جو.

*

ٻيڙا ڌِڪايو-ويا ڏينهن ڏڪار جا،
آهن ڪڙڪا ڪُن جا، ڪَپَر ڪنايو،
وکا وڻجاريون! وچ درياءَ پايو،
آڏون آڏايو- آيو دؤر درياهه جو.

*
ڪنڌئين ڪنايو- آيا سانوڻ ڏينهڙا،
اِجهو ڪو آيو- کڻي ڪرسَ(1) ڪٺار تي.

(1) ٻيڙيءَ جا رسا

*
فيڪوني ڦَيرُ- آيو جيئن امڪان ۾،
سَرجي پيئي سنڌڙي، ڀونءِ مٽايو ڀير،
مون ماڻهوءَ جو پير- ماءُ ! ڏٺو ماٺار ۾.

*
ڦيرو فيڪوني- آيو جيئن امڪان ۾،
سرجي نڪتي سنڌڙي، گفا مان گُوني،
جنهن ڏٺي جهوني- تنهن مٽايو تڪيو.

*
فجر “فيڪون”- شام ڪشالا “ڪنُ” جا،
سر جي ڪايا سنڌ جي بي مثل بي چُونِ،
جي “هئڻ” پاسي هُونِ- ڪر تني وٽ تڪيو.

*

“ڪُنَ” مان ٿيو ڪونه- جو حاصل ٿيو هٿن مان،
جيڪو چڙهيو چَڪ تي، اڃ اُجهائي ڇو نه،
سڦرو چئبو سو نه- جو آويءَ کان اوري ٿيو.

*
“ڪُنَ” مان ٿئي ڪيئن! جو حاصل ٿئي هٿن مان،
رکي چاڻو چَڪ تي، هٿن ڪيو هيئن،
هيءُ اَونگ ائين- املهه ٿيو اڳ ۾.

*
اندر کي اُجار- پاڻي ڏيئي پوک کي،
ان- داتا ارواح ۾، واندو ڪين وهار،
ته ٻيڻو تنهنجي ٻار- ڪري کَوڙُ خريف ۾.

*
اسان ان- داتا- ڏٺا پنهنجي ڏيهه ۾،
ڪورا پائي ڪپڙا، کوليائون کاتا،
سڀن سڃاتا- ماڻهو هئا ماڳ جا.

*
آءٌ ڪيئن تنهنجو نانءُ- وساري ويهي رهان،
توريءَ منهنجو جندڙو، ٺلهو جيئن ڪو ٿانءُ،
امڙ! تنهنجا آنءُ- لکين لائق ڀانئيان.

*
جيجل! تنهنجو ناءُ- جيئن وٺان تيئن ويجهو ٿيان،
آهي تنهنجو اولڙو، آهيان جو به آنءُ،
هيءُ ٿڌيرو ٿانءُ - پيارڻ سان پائي گهڻو.

*
لوهَر ڳاري لوههُ- جيئن ٺپي ٺاهوڪو ڪيو،
مون پِريان جو موههُ- تيئن صحبتان سونو ڪري.

*
صاف ڪري سونار- جيئن مڙِهي ٽڪِ منڊيءَ ۾،
مون کي تيئن ميهار- صحبتان سوگهو ڪيو.

*
هُو واهڙ، هُو وڻجار- هُو ڏِس دوڳ ديال جا،
ڪاهل! ٻُڌ ڪنن سين، واڍن جا وسڪار،
سنڌوءَ جا سينگار- آهي سونهن سرير جي.

*
هڪ کي ڪام ڪلهي تي، ٻئي هٿ ۾ ٻاڻ،
ڏوٿين سندي ڏيهه جو، ادا! هي اهڃاڻ،
جنهن پاڻان اُڇليو پاڻ- تنهن ڀڳي ڪايا ڪوڙ جي.
*
ٻَنِ وجهي ٻيا دَرَ- سيوا ڪر ساڻيهه جي،
جهنهن جي آب اٿاهه تي، گندرن جوڙيا گهر،
پسي ساوا سر- پڙهيم ڪلمو پيٽ تي.

*

مون هڪ ماڇاڻي- ڏٺي پنهنجي ڏيهه ۾،
جرڪيو پئي جنهن جي، نڙيءَ مان پاڻي(1)،
هُت کُتا هاڻي- تنبو تماچيءَ ڄام جا.

(1) نڙيءَ مان پاڻيءَ جو ڏسجڻ يا جرڪڻ هڪ اصطلاع آهي جيڪو عورت جي سونهن ۽ نسوانيت جو سندر اُهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي.

*
گهر، گهر ۾ گهوڙو- گهمائي ٿو گهورڙيو،
ساڃهه اٿس ساهه جي، پيٽ ڪيو پوڙهو،
کاهوڙي کوڙو- پڙهي ويٺو پيٽ جو.

*
ڦولارن ۾ ڦُٽ- راهڪ! هڪڙيءَ رات ۾،
کيڙي وٺندو کيت کي، پويان تنهنجو پٽ،
جي سڦلو ڪرين سٽ- ته ويهه نه آتڻ آسري.

*
هاري! تنهنجي هٿ ۾ اڃان ڇو ڏاٽو؟
آءُ وڌائي وک کي، وٺي ٻه - واٽو،
ميان! ڪنهن مِل ۾ کول وڃي کاتو،
ماٺ ڪري ماتو: ويهه نه هڪڙيءَ واٽ تي.

*

ڪَل چُري ڪڙڪو ٿيو، مِل(1) ڪيو مانڌاڻ،
ڪَلُنِ واري ڪينري، ڇيڙيو شُڌُ ڪلياڻ،
پاڻيءَ ڪلر پوک ۾، وٽ نه ميان! واڻ،
سوچَ وهاري ساڻ- آءُ ته لوچون لوهه ۾،

(1) هيءُ بيت کيتيءَ جو پراڻي طريقي کي مڪينڪي طريقي بدلائڻ ڏانهن اشارو ۽ سوچ آهي.

*
کٽي پڻ خراب- کوٽو ڪُن کٽي جو،
ولائتي وکر کان، اڳ اوتيائين آب،
ڪيائين ڪباب- ڪايا ساري ڪُن جي.

*
خرابي کٽي-ڪري ويٺو ڪُن ۾،
لالچ جي لا لانگهري، چؤڻي پيس چٽي،
ولائتي وکر جي ڪا وڌئن ڪانه وٽي،
هيس هڪ- هٽي- ڪپت ڪاڻيارو ڪيو.

*
اسان اونڌي ڪنڌ- اوٺين اٺ اٿاريا،
ناڪيليون نيون ڪري، پيا آڌيءَ پنڌ،
هاڪ هئي هر هنڌ- ته لاٿئون بار ڀنڀور ۾.

*
لنگهيون لاهياريون- تماچيءَ جي تڙ تان،
وڏي مُنهن واريون، آهن مرڪ ملير جو.

*

وڃ نه واٽهڙو!- رهه اسان وٽ راتڙي،
آڻي ٻڌ اوطاق ۾ بُتَ ۾ جن بُو،
آهين هوبهو- جهڙا ڏوٿي ڏيهه جا.

*
ڪنڀر! هيءَ ڪٿان- آندءِ ڀَنجُهو اوپرو!
ميان! ان مٽيءَ ۾، پڪا ٿو پسان،
الا، ڪيئن اسان! پڪن کي پرزا ڪيون.

*
آندو اٿئي ايءُ- ڀنجهو ڪهڙيءَ ڀونءِ جو؟
جنهن جي واس، اماس ۾، جرڪايو آ جيءُ،
ٿورو پاسي ٿيءُ- ته چمان ڀتر ڀونءِ جا.

*
کَٽين خرابي- ڪري وڌي ڪُنَ ۾،
پاڻيءَ کان پري ٿيا، اصل جي آبي،
کِليا کُتابي- اڄوڪي استاد تي.

*
پڪي پهِر ول- پڪا ڏار پڪن جا،
وهين جي وڳر جا، جُهولا پس جبل،
ڪيا گل ڪانول- گنجي ڏونگر گاج ۾.

*

پِهَرَ ول پڪي- پڪا ڏار پڪن جا،
سونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي، هتان بيهه اچي،
پيا هَن پچي- سڀئي وڻ ساڻيهه جا.

*
ڊوڙ ڀري دايا! ڍوئي ڏج ڍڪيءَ جو،
پَون جيئن نه پير جا، سِرن تي سايا،
ڪوڙي جا ڪايا- ڀوريندي بڻياد کي

*
دايا! ڊوڙ ڀري- ڍوئي ڏج ڍڪيءَ جو،
اچي ڪر اڱڻ تي سندا سِرن کوڙ،
مکي ڏيانءِ مانڙي، ٻيڻا ڏيانءِ ٻوڙ،
اڏجي پئي اروڙ- توکي ڪاڻ نه “ڪُن” جي.

*
ڪُنڍا ڇڄ ڪڇن ۾، اجهو ڪي آيون،
جُتي ڳاڙهي گل تي، پيرن ۾ پايون،
ڀوريون، مڪاريون ڀيلڙيون(1)، ماڙيچيون(2) مايون،
ڌرتيءَ جون ڄايون- ڏينديون واس وجود کي.

(1-2) هن ڌرتيءَ جون اصل دراوڙي نسل جون وارثاڻيون جيڪي اڃان تائين ٿر جي ڏهرن ۾ مينهن جي بوندن ڏانهن واجهائيندي بک مري رهيون آهن.

*

ڏوٿي چونڊڻ ڏٿ- هُن ٿر ويا اُڪري،
آرسُ ڇڏي اٿ- تون پڻ پويان تن جي.

*

اکيون پٽيم جيئن- ڏهر ڏونگر وچ ۾،
ڦُٽنِ چونڊڻ واريون، اچي بيٺيون هيئن،
ڪنڌ ڦيرايان ڪيئن! پسي ڏنئرا ڏيهه جا.

*
سنڌي ٻوليءَ سنڌ جي، سنڌيءَ ۾ ڳالهاءِ
کنڊ، ڦوٽا کير ۾، پتاشا ملاءِ،
راڳي! راڻو ڳاءِ- ته مهِريءَ چڙهي مينڌرو.

*

سُر ڏهر

سنڌوءَ سڏ ٿيا، سانجهيءَ ويلي سنڌ جا،
آيا اِن عميق جي، ٻيلي ڪير ٻيا؟
اچي پور پيا، کيڙائن جي کَير جا.

*
ان- داتا اروڙ! سونهن منهنجيءَ سنڌ جي،
تون ئي سانگ سرير جو، مٿي ڀونءِ ڀلوڙ،
جيجان! تنهنجي جوڙ، ڪارڻ منهنجي قوت جو.

*
هِي ڀٽون، هُو ڀاڻ، هڪ نه پسان هاڪڙو(1)،
ڏٺم ڪنهن نه ڏهر ۾، اُٺي جا اهڃاڻ،
ميهوگيءَ جا ماڻ، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(1) سنڌ جو ڦٽل درياءَ

*
ويا ويراڳي، وجهي تَن تَنور ۾،
تڏهن تياڳي، اوري گڏيا عشق کي.

*
جيسين اکين جاڳ، تيسين تن تنور ۾،
اسان ڏيندي آڳ، ڪيو سجدو سچ کي.

*
اکين اوجاڳا، پسڻان ئي پرائيا،
ساڙي گڏيون سچ، کي دُئي جا ڌاڳا،
ساز هئا ساڳا، پر هٿن حيراني ڪيو.

*
اروڙان اڳي، هئي ڪايا “ڪين” جي،
ڪنڀر چاڙهيو ڪين ۾، چاڻو چڪ مٿي،
هٿن تي هلندي، جڙي ڪايا ڪين ۾.

*
اڳي اروڙان، هئي سڌ نه سور جي،
مٽي توڙي مان، نسري پياسين نانهن ۾.

*
منهنجو هي مارڳ، منهنجي ان ۾ مامتا،
آهي سو امڪان ۾، جو ڏسي پسي جڳ،
اسان اچي اڳ، پاڻ گڏيوسين “پوءِ” ۾.

*
مون کي ڏَس ته ڏي، ڪارا پاڻي! ڪُنَ جا،
ڪالهه ڏٺاسون ڪيترا، جهونا جَرَ مٿي،
سنڌو! ڪهڙي سي، کاري سڙهه کڻي ويا.

*
دولهه درياهِي! وَهه وڻن جي وچ مان،
واهڙڪو واهي، اوتي ڇڏ اروڙ ۾.

*

سُر گهاتو

جوڀن ٿيو جهور، هوڏ نه ڇڏِي هينئڙي،
اٺئي پهر اُتامرو، ماٺ نه ڪري مور،
وهاڻيءَ وچور، آڻي ڏئي عام کي.

*
گهڙندا گهاتوئڙا، تنبا لاهي تار ۾،
مٿي ڪُنَ ڪڙا، هڻندا ڪري هُوڪرا.

*
ڪاڏي ويا ڪالهه! سونهان جي سمونڊ جا،
اهڙا هِن اٿاهه تي، ڪنهن نه ڏٺا ڪال،
انهن جا احوال، لهرين لڪائي ڇڏيا.

*
مانگر ٿا مِڙن، ڪلاچيءَ جي ڪُنَ تي،
سون – مياڻيءَ سڏ ٿيو، مِڙني ملاحن،
اُهي پڻ اچن، جيڪي جَرَ جڏا ڪيا.

*
ڏيئي ساندارو، لنگهيا سير سمونڊ جي،
هر ڪنهن وائي هيڪڙي، “وارو ڙي، وارو”،
مانگر ويچارو، ڪاتر ٿيندو ڪُنَ تي.

*
ٿيا سڏ ساڻيهه جا ڇَرَ تي ڇڳيرن،
ڪاهي هلو ڪن تي، ماريو مانگرن،
منهنجو من منجهائيو، نينڍوء تي نرن،
وِيرون ٿيون ورن، آن ناکا! آهيو ننڊ ۾!

*
وانجهي ٿا ورن، پيا ڪُنَ ڪراڙ ۾،
لطيفاڻيءَ لوءِ ڏي، ڌوڪيو ڌنارن،
هاڻي هونگارن، ڀڳي ماٺ ميهار جي.

*
اوريندي اسان، ڏٺا ڪُنَ ڪراڙِ جا،
گهاتُن جون غوراب تان، بري تي بَڇان،
وانجهين ڪين وَسان، گهٽايو گرداب ۾.

*
کيڙيندي کارو، حجت هٿ ڇڏي ويا،
جُسو جهرين ڳاريو، ساهه منهنجو سارو،
هِنيون ويچارو، پوءِ به طالب تار جو.

*
وتن ويڳاڻيون، سڀن بار بخار جو،
ڇاڻي ڌوڙ ڇڄي پيون، مُٺيون مهاڻيون،
ڪنڌيءَ وجهن ڪيتريون اَکَن کي آڻيون،
وَهون وساڻيون، ڪندي ياد ڪلاچ کي.

*

سُر مارئي

مارُون ۽ ملير، سرجي نڪتا سنڌ مان،
سيئي منهنجا سيڻ ٿيا، پيتو جن پنير،
عُمَرُ ٿيو اسير، پيس سُڌِ ساڻيهه جي.

*
اِهي ئي آهين، ماروئڙا ملير جا،
ڪلهن ڦاٽا چولڙا، پرهه سان پائين،
لڏون ٿا لاهين، ڏٺن آگم اُڀ ۾.

*
آهن اِهيئي، مارون ملڪ ملير جا،
وڌم رلي کٽ تي پڪ جڏهن پيئي،
اسان اڳيئي، مڃيو ماروءَ ڄام کي.

*
سنجڻ(1) ڪارڻ سرتيون! آڌي ڏئي اٿياس،
ڀيلا پڻ ڀرياس، اوڏا جي نه آب کي.

(1) ٿر ۾ کهيءَ مان پاڻي ڀرڻ

*
سنجڻ جي سرتيون! مون کان ويل وئي،
تيلان آءُ پئي، پُکي پاڻيارن جي.

*
سنجڻ جي سرتيون! مون کان وئي ويل،
ٻيون کڻن ٻيلهڙا، ٻانهه ورائي ٻيلهه،
هڪڙي آئون هيل، ٿيس ڪاڻياري ڪاڄ ۾.

*
سنجڻ ڪارڻ سرتيون! وڏيءَ ويل وئي،
وريتيءَ وَرَ سين، ڪچي ڪا نه ڪئي،
تيلان آئون نه پئي، پلئه پاڻيارين جي.

*
ٻيون کڻي ٻيلهڙا، آڌيءَ کي اُٿيون،
آئون سِڪان آب کي، دلو ڪڇ ڪيون،
ائين اڻ – چيون، ٿيون ڪاڻياريون ڪاڄ ۾.

*
ٻيون کڻي ٻيلهڙا، اُٿيون آڌيءَ کي،
سنجڻ مون نه سکيو، هيڏي ٿر مئي،
تيلاهون مون کي، سرتين نه گڏيو.

*
ٿوهر، ٿر ڄايون، ٻيئي مرڪ ملير جو،
ننڍيون، وڏيون، نينگريون، ماڏوهيون،(1) مايون،
کاڻونبا کايون، اچي ويٺيون ائٽ تي.

(1) مارئي جي ماءُ ماڏوهيءَ ڏانهن اشارو

*

هوءَ جا هارياڻي، جوٽي ويٺي جنڊ کي،
آهي مرڪ ملير جو، پورهيت پٽ – راڻي،
ڌَڻ ۽ ڌياڻي، ٻيئي سُونهنِ سنڌ کي.

*
متان ماڏوئي! ڏئين ويڻ وياءَ کي،
نڪي چڙهي سيج تي، نه لاٿائين لوئي،
سِيل اٿس سوئي، جيڪو مرڪ ملير جو.

*
نه آمر، نه آمري، نڪي عمر ڪوٽ،
ويو وچان نڪري کَپُرَ وارو کوٽ،
مينهن وٺا هن موٽ، مليراڻي مارئي!

*
ڊٻن تي ڊاٻو، منهنجن ماروئڙن جو،
پَلَر، پاسو پٽ جو، کٿوريون کاٻو،
اورانگهي اَڳو، وسي پيو ولهار تي.

*
جيئن ڪو وڍي ٻُوهه، اڇلي ڇڏي آڳ ۾،
تيئن هي منهنجو روح، ڌنارن کان ڌار ٿيو.

*

جيئن ڪو ڳاهي ڳاههُ، ڪري ڌار ڪڻن کي،
تيئن هي منهنجو ماهه، ڌنارن کان ڌار ٿيو.

*
ٿرين وڍيا ٿَٻَ، اڃيا ابر آسري،
نڪي اولڙ آهرين، نڪي سَرن – سُٻ،
ڀريا ڪين ڀٽن تي، سندا کُرن کُٻَ(1)،
اِجهو منجهان اُٻَ، وسندي بوءِ بهار جي.

(1) پوسل يا واريءَ تي ڍڳيءَ يا مينهن جي پيرن جا نشان.

*
اِجهو وريو واءُ، اِجهو وٺا مينهڙا،
اوس ويندو وسري، آجڙين انياءُ،
اچي هير – هڳاءُ اوتيندي ارواح تي.

*

سُر يمن ڪلياڻ

ڌوڌا! ڏمڻ ڇوڙ – اڱر پاءِ مَ آڳ ۾،
ڳهلا! انهيءَ ڳن جا، ٽوڙها مڙئي ٽوڙ،
لوچڻ ڌارن لوهه ۾، پاڻي ڪين ولوڙ،
جوڙَ اُها ئي جوڙ، جيئن لهس نه اچي لوهه کي.

*
ڌوڌا! ڌمڻ کولِ – اوتي آڱر آڳ ۾،
لوچڻ ڌاران لوهه ۾، نه ٻي وَٿُ وڙول،
ٻَولُ اُهو ئي ٻول – لَکا جنهن ۾ لوهه جي.

*
ڌوڌا! ڪر ڌيان – لوچ نه لاوَن آسري،
آڻي اڱر ڪانڊئان، دلبر! ڀر دڪان،
ته ان ۾ ٿئي آسان – لوچڻ تنهنجو لوهه ۾.

*
ڌوڌا، دُکائي! لوچ مَ لاون(1) آسري،
وجهه ڪي اڱر آڳ ۾، سچا سڃاڻي،
ڪنن ڪَرَ ڪونار ۾، پرٽي وجهه پاڻي،
هٿوڙو هاڻي – ڪَڍُ وهائي ڪِيرَ تي.

(1) لئي جا ٽانڊا جيڪي ڪانڊن ڏانڊن جي ڀيٽ ۾ جلدي وسامي ويندا آهن.

*
ڌوڌا دُکائي، آڱر پائن اُجرا،
تني سندي تڪئي، آڳ نه اجهاڻي،
ٺپن ڏاٽا ڏيهه جا، پڪو ڏئي پاڻي،
ويٺا وهِاڻي، سبق سور جا.

*
ڌوڌا! ڌمڻ رَوڪ، پاءِ نه اڱر آڳ ۾،
آيو جيءُ جَهروڪِ، پسندي رتيون رڪ جون.

*
ڌوڌا! ڪين دُکاءِ، پاءِ نه اڱر آڳ ۾،
اوتي ڪَر ڪونار(1) جي، پاڻان آڳ اُجهاءِ،
نڪي ڌنءُ ڌمڻ کي، نڪي رُڪ رجاءِ،
هي سڀ تنهن سيباءِ، جنهن ساڙڻ کي ساڙي ڇڏيو.

(1) ڪوناري، مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ مٽيءَ مان ٺهيل ويڪري منهن وارو ٿانءُ.

*
ڌوڌا! ڌمڻ ڪاهه، اڱر پائي آڳ ۾،
رانگو ڇڏ ربيع جو، “پهريون”(2) ليکو لاهه،
جي آيا ٻارهين ماهه، تکو ٿيءُ نه تن سين.

(2) گذريل خريف جي فصل جي اوڌر چُڪنو ڪرڻ – هلندڙ ربيع جي کيت جي پئسن وٺڻ جو رانگو ڇڏي ڏيڻ.

*
ڌوڌا! کول دڪان، ڏي ٺَپي هِي ڏاٽڙا،
ذرو ڪر نه زيان، منهنجو کيت خريف جو،
ڌوڌو، ڌمڻ ڌوڙ، ٻَنِ آسڻ، کُههِ آڳڙيو،
پورهيو سو پروڙ، جو لوچڻ کي لوهو ڪري.

*

کُههِ ڌوڌو، ٻَنِ دود، ٻن آسڻ، کهه آڳڙيو،
اَنا جي اظهار جو سڦرو چؤ مَ سُود،
وکر ڪر وجود، لوچڻ ڌاران لوهه ۾.

*
اِجهو سج لٿو، مڙني وائي مڌ جي،
ڌمڻ ڌنوڻ ڇڏيو، اوڏو ائٽِ نه ڪو،
ويٺا رکي وچ تي، هونديءَ(1) مان حصو،
سرو صبح جو، تازو ملندو تن کي.

(1) ڏينهن جي ڪمائيءَ مان ڪلال وٽان مڌ خريد ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن پنهنجي حصي جا پئسا ملايا.

*
اِجهو سج لٿو، ڇڏ ڌوڌا! ڪار ڌمڻ جي،
متارن جي موٽ جو پيو ڪڍ پتو،
وجهي کٽ کڙهه تي سَرو آڇ سچو،
هونديءَ مان حصو، ڏيڻ ڪم ڏاتار جو.

*
موکيءَ جي مجاز جا، هنڌين ماڳين هُلَ،
جوت ڀريائين جوهيري، اکين ۾ املهه،
ڪري جي ڪهل، ته پرڀاتي پُر ڪري.

*

سُر آديسي

ڪانئر ٿا ڪَوڙا، هڻن هن چؤسول تي،
ڪلها قابو ڪاٺ ۾، ٽنگن ۾ ٽوڙها،
گهوڙا، ڙي گهوڙا! ماتم آ مخلوق ۾.

*

ڳؤرا ڳاٽ نه ڀڃ، ڀانءِ نه سوڀ سنگين جي،
ويري! هِن وجود ۾، ٿر جي آهي ٿڃ،
وَڄِرَ! ڀڄي وڃ، نه ته لڳندءِ لٺ نراڙ ۾.

*

مٿا سي مروڙ، جي مانگر! موٽائي سگهين،
موڳا! هِن مخلوق جا، ڪنئرا ڪنڌ نه ٽوڙ،
پاڻي اَتِ ولوڙ، جي کاري ويٺا کير کي.

*

ڪَوڙن تي ڪوڙا، وٺا بازر وچ ۾،
اَڊيڙيا انسان جا، شڪارين ڇؤڙا،
ڳچين تي ڳوڙها، برسيا آهن بم جا.

*

موڳا! هڏو ماهه، سستو ڀانءِ نه سنڌ جو،
ناهي مَن ماڻهوءَ جو، گڏهه وارو گاهه،
ٽِٽِرَ! کائي ٽاهه، پاسو ڪري هِن پار کان.

*

اٿئي ڪا الله! جهوري هِن جهان جي،
ڪُوڙن ڪئي ڪاهه، سوڀاري ساڻيهه تي.

*

ڦٽڪي تي ڦٽڪو، لڳو لاهيارن کي،
الا! هِن انسان جو آهي ڏوهه ڪهو!
وانگي ڪين وهو، ٿيا سڏ ساڻيهه جا.

*

دادوءَ ۾ دودا، دادو دودن وچ ۾،
نڪتا سنڌوءَ پيٽ مان، جاڙا ۽ جوڌا،
سڃاڻي سؤدا، سليا جن ساڻيهه ۾.

*

کَپُرَ ٻيا کَرَ، آيا اُتر پار کان،
اڃان مس انبن ۾ ويٺا ها وڳر،
اسان سي اجگر، هٿن ۾ هيڻا ڪيا.

*

تو ۾ ناهي سَگَهه، تون! نه اسان جيءَ اَڍِ مان،
اصل ۽ نسل جا ويٺو پڇين اگهه،
چريا، کريا، چگهه، ڀَڄُ، اسان جيءَ ڀونءِ تان.

*

ويريءَ پاتو وَيرُ، سرويچن ۽ سچ سان،
پڪ وڍائي پير، لُوريو هلندو لٺ تي.

*

ڀُڃين ٿو بيروت، توکي سُڌِ نه سچ جي،
ڪانئر! هِن ڪپر تي آهي ڪو نه اڇوت،
بَڇِ تني تي ڀوت، جن کي ڪَلَ نه ڪالهه جي.

*

سُر آسا

جهڙي روءِ رابيل جي، تهڙو ماڻهوءَ من،
آهي ڪين اسان ۾ دوئيءَ وارو ڌن،
ڪانو توڙي پن، ٻئي سونهن سرير جي.

*
هي ماڻهوءَ جو ماهه، چؤ کنڀو چؤسول تي،
اِن ۾ وٿ انسان جي، انِ ۾ پاڻ الله،
ڪرين ڪيئن تباهه، اوڳا! آد- جڳاد کي.

*

هي ماڻهوءَ جو من، ڪَر نه جنهن جي ڪُن کي،
اک پٽيندي ان تي، ٿيو هو “شاهه” ڇڪن،
تڪيو جن جو تن، ڪاڻ نه تن کي ڪيچ جي.

*

هي ماڻهوءَ جو ماهه، جنهن ۾ بُوءِ بهار جي
اک وجهندي اِن تي، ڇڪن ٿيو هو “شاهه”،
ڳهان ڀانيو ڳاهه، جو اصل گهر ارواح جو.

*

ميان! مٽيءَ کان، مَڱ ته موچارو ٿئين،
ڪلهي پاڻي ڪينرو، مڱڻو ٿئين متان،
اچي اسان سان، ڪاهه ته ڪاڻيارو نه ٿئين.

*
مَڱ نه ڪنهن کان مُور، ڪاهه ته ڪاڻيارو نه ٿئين،
ويسرا! وچُور، پڇندءِ پاڇاٽن(1) ۾.

(1) جڏهن ربيع جي فصل وارو اَن ختم ٿيڻ تي هوندو آهي ۽ خريف جو فصل لهڻ وارو هوندو آهي تڏهن ماڻهن جون گنديون ۽ پاراخالي ٿي ويندا آهن، جي پٽڙي ڀت ۽ اوڌر تي گذارو ڪندا آهن.

*

ڀلي کان ڀلو، آڌيءَ جو اُڀري پوي،
سچو سو سلو، جو پاهڻ تي پڌرو ٿيو.

*

آهيان سو امام، جنهن جو منهن ملير ڏي،
ڪيم سجدو سونهن کي، اُٿندي وهندي عام،
سجدو ۽ سلام، تون پڻ ڪر ڪلاچ کي.

*

آهيان آدم سو، جنهن ڪيو سجدو سونهن کي،
آءٌ نه واقف اُن جو، جڳ کان پاسي جو،
مون کي مَتِ، نه ڏيو، ڪالهه واريءَ “ڪين” جي.

*

طلب نه رکين تون، منهنجي هن مجاز جي،
تو ۾ ڪيم تڪيو، بڻي جڏهن ڀون،
مون تڏهاڪون، ٻول وساريو ٻن جو.

*
جو ڏِٺُئي سو ڏِس، لاهي عينڪ اک تان،
هيرِ نه پنهنجو حُس، اڻ- ڏٺي جي آسري.

*
ڏٺو اڻ- ڏٺو، ڪر نه ڪارايل(1) کي،
اصل سچ سرير جو، اٿيئي اهو،
آٽڻ (2) اڄ سندو- ڪيئن گڏائين ڪالهه ۾!


(1) هنج پکي
(2) آٽڻ =سڪل اٽو، جيڪو ڪڻڪ جي ڳوٿل اٽي ۾ ملائي اٽي کي ماني پچائڻ لائق ڪيو ويندو آهي.

*
تني ڪر تنوار، جن حاصل ڪيو هڪ کي،
وڄي تن وجود ۾، تنبوري جي تار،
مڱڻي ۽ ڏاتار، ٻول وساريو ٻن جو،

*
ڪَڙَ تان ڪري جيئن، سٽجي وڻ سرنهن جو،
مون پڻ مرڻ تيئن، ڪُنَن ۾ ڪيري ڇڏيو.

*
پَٽي پير جيئن، سائر لوڙهي سير ۾،
اسان “اَنا” ايئن، لهرين ۾ لوڙهي ڇڏي.

*

سُر پورب

جيئن ڪو ٻٻر- ٻج، ڦُٽي ڦاڪون ٿي پوي،
تيئن ٿيو آهي تَن، ۾، نيهن اسان جو نج،
تون پڻ ائين ٿج، ته اصل کي اوڏو ٿئين.

*
جيئن ڪو ڪورو ٿانءُ، ڇَنين لڳي ڇانوَ ۾،
تيئن پڻ ڪو ڪو هانءُ، لڳو پارس لوڪ ۾،

*

جيئن ڪو نيل- ڪنول، مٿي سَرَ سجدا ڪري،
آءٌ پڻ ائين اُڪنڊڙي، آريءَ ڏانهن اٽل،
پنهنجو ڪوئي، پل، ڌار نه آهي دوست کان.

*

واهڙ جيئن وَهي، ڪري سائو سَرَ کي،
سڄڻ تيئن سرهي، ڪيو سگهارو ساهه،

*

سُر کاهوڙي

کڻي ۾ کاهوڙ، جهانگين اڏيا جهوپڙا،
پير وڌائون پنڌ ۾، تيلان پُڳا توڙ،
ڪايا منجهه ڪروڙ، ڏوٿي ڏهوڻا ٿيا.

*
جاڳيا ڍور- ڌڻي، پين ڏسَ ڏڦير جو،
ڄنگهون، پير هڻي، وَڳُ ورائي آئيا.

*
وڃ نه، اچي ويهه، اسان جي ارواح ۾،
مون کي سڀ معلوم آ، جو ڏوري آئين ڏيهه،
سڄو آ ساڻيهه، ميان ! تنهنجيءَ “ماٺ” ۾.

*
وري اُتي وڃ، جِت اسان جا جهوپڙا،
کاري ويهه نه کٽ تي، ٿرياڻيءَ جي ٿڃ،
مارون سي ئي مڃ، جن مَڻ مٺاڻ جا.

*

نڪي جوٽيُئون جنڊَ، نڪي سونهن سُکاڻ جي،
جن مادر! هنيان منڊ، سي ويون اکوڙي ائٽ کي.

*

کيٽ نٿو کيڙي، ڏٺئن ماري ڏيهه ۾،
ڪهاڙيءَ ۽ ڪات کي، ٿو ساجهر سهيڙي،
اُڀ نه اُڊيڙي، هلائي هٿيار کي.

*

ڳريون سندن ڳالهڙيون، ڳرا سندن پير،
ڪاهيندي ڪوهيڙ ۾، پرهه لڳن پير،
واهري جيءَ وير، مرون ماري آئيا.

*

آڏو گدڙ- گپ، پويان ڇڇڪو ڇَرَ جو،
آهيڙي اُٿي ويا، کائي ڀڳڙن لپ،
پسي مرون ڦَير(1) ۾، سُرن وانگي سپ،
ٿوري ڪري جهپ، پورينداپرڏيهه کي.

(1) ڪچي ۾ رکيل وڻن جي گهاٽي جهنگ کي ڦير چئبو آهي جيڪا گهڻو ڪري سرڪاري ملڪيت جي هوندي آهي.

*

دُڦن ۽ ڏانگهن، ماريو ڪين مرونءَ کي،
ايءُ ڪم آهيڙين جو، جي هٿن ساڻ هڻن،
تنهان پوءِ ملن، سوڀون سوڀارن کي.

*

ڪتا ٿا ڪُوڪن، جاڏي تاڏي جهنگ ۾،
لڳي ٿو هُن لِڪ ۾ مرون ڏٺا ٿن،
واڪا ٿا وتن، تڏهن بُٺَ تي بانوريا.

*

تيتر توبچي، مڙئي رهندا ماٺ ۾،
جيتر مرون ماٺ کي، اورانگهن اچي،
اها سَٿَ سڄي، ڀُڄڻي آ هِن ڀونءِ تي.

*

اُٿ ته ٿئين آڳڙيو، وَڌ ته ٿئي وار،
ڏوٿي! تنهنجي ڏيهه تي، بُرو آهي بار،
اُٿي مرون مار، جي تو سانگو سوڀ جو.

*

ڏڦا توڙي ڏانگهه، ڪر ڦٽا هن ڦير ۾،
جيڏي اڃ ازل جي، تيڏي رکج تانگهه،
ڪري سجدو “سنڌ” کي، ڪر سوريءَ جا سانگ،
مٿن جي مهانگ، ڌڙ لٽايا ڌوڙ ۾.

*

ڏڦن ڏانگهن سان، ماريو ڪين مرونءَ کي،
ها هيارو هن جوءِ ۾، لڪ آ لوڪان،
وينڊي(1) کي وانگار تي، مارايو متان،
آهِڙي! اوهان، ڪڙي ۾ قابو ڪيو.

(1) وڄن وريل مرون يا سوئر- وڏي عمر وارو سوئر جنهن کي شڪاري “وينڊو” چوندا آهن.

*

سُر سهڻي

هي دنگيون، هي درياءَ، هي نه پنهنجا حجرا،
ناتاريون ۽ نجهرا، ويو لٽي واءُ،
مون کان نٿو ماءُ وڻجارو ڪو وسري.

*

اڳ نه مون اهڙا، ڏٺا پارَ درياهه جا،
ڀڳا وڃي ڀَرِ تي، گگيرين(1) گهڙا،
مينهين ۾ ميهار جي، چُرن ڪين چڙا،
ناتاريون، نڙا، ويٺا واءُ لَٽي ويو.

(1) گگ ڳاڙيندڙ- ائٿريون ڪوجهيون.

*

اڳ نه اهڙا پار، مون ڏٺا مهراڻ جا،
سڪو پاڻي سَر جو، ٻانڌا وجهن ٻار(2)،
متان! ڪي ميهار، ونگي واهڙ کي ويا.

(2) واهڙ يا وهندڙ ننڍي پاڻيءَ تي ڄارن سان بند ڪري مڇي مارڻ.

*
ڀريون جي پاڻي، ٿئي لهوارو لاڙ ڏي،
اوتيان مٽ مٺاڻ جا، ڳُڻَ نوان ڳائي،
دريا ڌم لائي، ته جَر تي اڏجن جهوپڙا.

*

پاڻي جي پاسا، بيلون(1) آڻي بياچا،
جَر تي اڏين جهوپڙا، ننڊ نه ڪن ناکا،
ڪانڌ نه پنهنجو ڪا، آتڻ پَسي اڀرو.

(1) بيل- کوهه کوٽڻ لاءِ وڏي ڪوڏر، جنهن سان ٿوٻا کوهن مان مٽي ڪڍندا آهن.

*

ڀَري بيلچا، اچي پاءِ اروڙ کي،
اڃا ڦرن آب ري، آتڻ اچي نه ڪا،
جر۾ سپجي جا، سا ئي جوت جهان جي.

*

عاشقاڻو آر، مون ڏٺو مهراڻ جو،
جتي ڏمر ڏَم جو، سو ئي پڇي پار،
تڏهن ٿو ميهار، ڪري منٿ ملاح کي.

*

سنڌو! آ سانوڻ، پوءِ به تون پاتار ۾!
ڪٿان سکين ڪاهلي! واٽن تي وهڻ،
ڀرجي وَهُه بکر کان، منهنجو وٺ چوڻ،
وک اُهائي کڻ، جا لائق ڪري لاڙ تي.

*

ڌوڪيندو درياهه، سڌو وهندو سنڌ ڏي،
سڪن پوندو ساهه، سکر ٿيندي سنڌڙي.

*

مهاڻا! متان، سنجهي ئي سمهين پوين،
سهڻي لنگهي سير مان، اجهو ٿي اتان،
مئي جي ميان! ماريندي مهراڻ کي.

*

ويڻا واريءَ لٽيا، اڀوڳا اهڃاڻ،
منهنجو من منجهائيو، ماٺاري مهراڻ،
پٽيو ميهر پاڻ! يا هنر آ ڪنهن هٿ جو؟

*
دانهن نه دريا شاهه! ساڙ نه ماڻهو سنڌ جا،
آهن ماڻهو اوپرا، جن ڪئي توتي ڪاهه،
سڀان ٿيندين سنرو، دادلا درياهه!
ميان! ٻارهين ماهه، پوندءِ ڪن ڪپار ۾.

*
دانهن ڪري درياهه، ويو گذاري راتڙي،
سڪو پاڻي سَر جو، گذر جت گناهه،
ميهر پنهنجو ماهه، آڇي آسارن کي.

*

درياءِ ڪئي دانهن، پَسي وَڍ وڻن ۾،
“ڪپَر منهنجو ڪنڌ آ، ٻيلو منهنجي ٻانهن”.
ڪلها جنهن جا ڪانهن، آسڻ پنهنجا اُن تي.

*

نه دنگيون، نه درياءُ، نه سي ماڻهو ماڳ جا،
ناهي ڪنهن نگر ۾، جوڀن کي جٽاءُ،
ويو لٽي واءُ پيرا پاڻيارين جا.

*

سُر ڪيڏارو

جُوءِ نه مٽي جن، تن ۾ منهنجو تڪيو،
وانگِي سنڌ ولات جا، جوڌا شال! جين،
پيا مَرُ مُرڪن، جن سڳر ورتو سنڌ جو.

*
جن سڃاتو پاڻ، سي اَوَس هئا اڳرا،
بلالاڻيءَ ڀونءِ تي سچ کنيائون ساڻ،
ڄام آيا ڄاڻ، شَهَه ڏيئي شهه بيگ کي.

*
جَسُ – هجئي جيڏا! مَٽُ نه تنهنجو مينڌرا!
تو هي ڪنگرا ڪوڙ جا ڪيرايا ڪيڏا،
اسان سڀ ايڏا، “هئڻ” تو هالار جو.

*
هل ته جيڏا! هاڻ، ڀڃون ڪايا ڪوڙ جي،
ڇيڻيون توڙي ڇاپڙون اسان وٽ نه آڻ،
هَڻُ هٿن ساڻ، ته مارڳ موچارا ٿيون.

*

جيڏا! هجئي جَسُ، تو نه کاريو کير کي،
پيو هاڻي پس، سکاڻي سمونڊ جا.

*
گُهري ٿو گهاڻو، راوُ رُ رتوڇاڻ جو،
ڪري بيک بلال جو، مُرڪيو آ ماڻهو،
دکي ناهي داسڙو، دکي آ داڻو،
وقت نه وهاڻو، وئي وهامي راتڙي.

*
لٿا لبناني، لوچيندي هُن لَڪَ تان،
جُتي پاءِ جاني، ته ڏيون واڌايون ڏيهه کي.

*
رات وڃي رڻمل، اڳ ڪڍيو ارغون جو،
مٺڻ ۽ محمود ها، آرڻ ڏانهن اٿل،
بانڪو بلاول، ساموئي سوڀو ڪيو.

*
ڏِس هو گوڙ گهٽيءَ ۾، آهي ئي آهي،
ڀون ٿيون پرڀات جو قطارون ڪاهي،
لٿي سج لاهي، اچن سِرَ انياءَ جا.

*
پڙهيا، پُرجهيا پاڻ، سارا سبق سور جا،
سڀئي ٿيا سڄاڻ، کَيُنِ بار بلاول جو.

*

وايون

---

مــٺـــــــڙو ڳـالهـائـــــــــي،

مــٺـــــــڙو ڳـالهـائـــــــــي،
ويــــــو ڪـــــو چورائـــي،

سنـدا جوڀــن ڏينهــڙا.
پڇــاڙيءَ جــي پُــور تـــي،
انب جــي ڇڻيـل ٻُور تي،
ويــٺــــــس مــٽـــــائــــــي،

سنـدا جوڀــن ڏينهــڙا.
مـومــل واريءَ ڪــاڪ ۾
ڇيڻـن سنـديءَ خاڪ ۾،
ڏس تــــــون چــتـــــــائي،

سنـدا جوڀــن ڏينهــڙا.
ڀـڃــي پــوري ڪَتَ کـي،
ڦـوڪون ڏيئــي رت کـي،
پــيــــو ڪـــو جــلائــــي،

سنـدا جوڀــن ڏينهــڙا.
اچــــي اڇـــــڙا وار ٿـيــــا،
اَسهــڻ جــا آثـــار ٿـيــــا،
ڇــڏيــــــــم ڀـــلائـــــــــي،

سنـدا جوڀــن ڏينهــڙا.

مون ڀانئي بندوق،

مون ڀانئي بندوق،
ڪويل واري ڪوڪ،

ٿر جي ڀنجهر ڀونءِ تي.

اڌ- مُئي انسان کي،
اٿاريو اشوڪ،

ٿر جي ڀنجهر ڀونءِ تي.

ڳائين ويٺيون ڳيرڙيون،
ساميءَ جا سلوڪ،

ٿر جي ڀنجهر ڀونءِ تي.

آزاديءَ جي آسري،
مرن ٿا ملوڪ،

ٿر جي ڀنجهر ڀونءِ تي.

نيرا نيرڳ آئيا،

نيرا نيرڳ آئيا،
نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

اسان اگر ٻاريا،
چندن پوکي چنڊ تي،

نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

ڪنبڻ لڳو ڪيترو،
جوڳڻ واري منڊ تي،

نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

گوري! ڀري گاگڙو،(1)
آءُ اسان جي جنڊ تي،

نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

ڏمريو ڪيئن ڏياچ هو!
“بيوس” جهڙي ڀنڊ تي،

نيريءَ نيريءَ ڍنڍ تي.

(1) وڏو يا ڪنڍو ڇڄ.

سنڌوءَ جو پاڻي،

سنڌوءَ جو پاڻي،
ڄاڻي سڃاڻي،

ڪير وجهي ٿو قيد ۾؟

اَن – داتا ارواح جي،
راڄن جي راڻي،

ڪير وجهي ٿو قيد ۾؟

پاڻيءَ ۾ پرزا ڪري،
نُوري مهاڻي،

ڪير وجهي ٿو قيد ۾؟

وائي شاهه لطيف جي،
نانڪ جي ٻاڻي،

ڪير وجهي ٿو قيد ۾؟

اسان چرخا چوريا،

اسان چرخا چوريا،

پَسي اوت اروڙ تي.

هارين هن مهاڳ تي،
ويٺي ڀَتر ڀوريا،

پَسي اوت اروڙ تي.

ورندا وهيا، ڀوريون،
اِجهو ڪرڙ ڪڪوريا،

پَسي اوت اروڙ تي.

ڏوٿي چڀڙ، ڏيلهڙا،
آڻيندا ان توريا،

پَسي اوت اروڙ تي.

گلن جي سرهاڻ،

گلن جي سرهاڻ،
سنڌو جواڻ جماڻ،

ڪيئن وجهين ٿو قيد ۾!

اتان ڪرڙ ڪڪوريا،
لَهُوءَ جي لالاڻ،

ڪيئن وجهين ٿو قيد ۾!

اِجهو سورج اُڀريو،
سرنهن جي پيلاڻ،

ڪيئن وجهين ٿو قيد ۾!

ونين وَر نه ماڻيا،
اکين جي آلاڻ،

ڪيئن وجهين ٿو قيد ۾!

وڻ جي ٽڙيل لام تي،

وڻ جي ٽڙيل لام تي،
ڄڻ ڪنهن ڀريل جام تي،

پکي ٿو ٻولي.

آزاديءَ جي آسري،
داڻي مٿان دام تي،

پکي ٿو ٻولي.

ڪَنايو ٿم، ڪاڪيون!
اُتر کان آسام تي،

پکي ٿو ٻولي.

وچينءَ جو وڻڪار ۾،
گاروڙيءَ جي گام تي،

پکي ٿو ٻولي.

گوليون، گليلا،

گوليون، گليلا،
ووءِ، ووءِ واويلا،

رات گهمي راڪاس ويو.

سُڪو پيٽ سنڌوءَ جو،
ٻَرن ٿا ٻيلا،

رات گهمي راڪاس ويو.

بيوسيءَ ۽ بُک جو،
ٿر ۾ ٿاريلا!

رات گهمي راڪاس ويو.

لُڙهن لهرن وچ ۾،
ٻيڙيون، بتيلا،

رات گهمي راڪاس ويو.

لڳو پيرو پٻ ۾،
ڇوڙ ڀلي ڇيلا،

رات گهمي راڪاس ويو.

اسان مان ناهي،

اسان مان ناهي،
اوهان جو آهي،

آمر اُپر – پار جو.

ڪتي وانگي ڪُنڊ ۾،
بيٺو ٿو باهي،

آمر اُپر – پار جو.

چڱو ٿيو چڙهي ويو،
فجر سان ڦاهي،

آمر اُپر – پار جو.

مون کان پڇ نه مينڌرا،
ڇو آهي، ڇاهي،

آمر اُپر – پار جو.

ڄاڻ ٿيو باکاٽڙو،

ڄاڻ ٿيو باکاٽڙو،

ڦٽندي ڌارا کير جي.

آءُ وجهندس اُٺ تي پرهه ڦٽيءَ پاکڙو،
لڻي مڃر لام کي ڏوٿي چمندو ڏاتڙو
منهنجي جيون جي ڪٿا مهي ڀريل ماٽڙو
نيٺ ته انهي ڀٽ کان هاڪ وهندو هاڪڙو
ڄاڻ ٿيو باکاٽڙو

ڦٽندي ڌارا کير جي.

ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڪيڏا ٻيڙا ڪن ٿو!

چڪڻ جي چؤٻول ۾
پير نه ڪو پائي
ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڪيڏا ٻيڙا ڪن ٿو!

سهڻيون ٻوڙي سير ۾
ماهر منجهائي
ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڪيڏا ٻيڙا ڪن ٿو!

وڏا ٻيڙا ٻار ۾
ٿو اجگر اڇلائي
ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڪيڏا ٻيڙا ڪن ٿو!

ڀڪون جي ڀنوائتيون
کاٽر ٿو کارائي
ڳؤرا ڳڙڪائي،

ڪيڏا ٻيڙا ڪن ٿو!

آڏو جر اَٿاهه

آڏو جر اَٿاهه

پويان ڀڪ ڀنوائتي

جيون هيڏي جھاڳ تي
پويون ڄڻ پساهه
آڏو جر اَٿاهه

پويان ڀڪ ڀنوائتي

ويندا اڏري اڇ تان
تتر کائي ٽاهه
آڏو جر اٿاهه

پويان ڀڪ ڀنوائتي

آسروندا اُڃ تي
اوتيندا اوڙاهه
آڏو جر اَٿاهه

پويان ڀڪ ڀنوائتي

گيت

---

ايندو آهيان، ويندو آهيان،

ايندو آهيان، ويندو آهيان،
لوليون، مورا ڏيندو آهيان،
اوجاڳا آڇيندو آهيان،


غازي ناهيان، غوري ناهيان،
ذات جو مان ڪو ڪوري ناهيان،
پوءِ به ويٺو ٽُٽل ڌاڳا
ڳنڍيون ڏيئي ڳنڍيندو آهيان.

هي وڻ ڪنهن جي ڪم ۾ ايندا،
واڍا ملاحن لاءِ وڍيندا،
آءٌ تڏهن ڪنهن وڻ جي ٽاري،
ڀلجي ڀي نه پٽيندو آهيان،

مون کان منهنجو ديس نه پڇ تون،
وڻجارن جو ويس نه پڇ تون،
آءُ چريو چرخيءَ تي ويٺو،
واڍيون پکيڙ وٽيندو آهيان.

جنهن جي دل آ پيار کان خالي،
ٻئي هٿڙا ڪم ڪار کان خالي،
تنهن سرڪش جو سر ڳچيءَ کان،
ڪاتيءَ ساڻ ڪپيندو آهيان.

ڪنهن کان جڏهن ڪو گرهه کسي ٿو،
“بيوس” ڪنهن کي بک بڇي ٿو،
آءٌ تڏهن پيو پيٽ بکين لئه،
سنڱُر ٻُور سٽيندو آهيان.

پياسا پنڇي اڏري ويندا، تاڙي ڪين وڄاءِ،

پياسا پنڇي اڏري ويندا، تاڙي ڪين وڄاءِ،
ڪهڙا ويٺو تيل چڪائين دکندڙ ڌرتيءَ لاءِ،

ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.


ماڻهو ڪوبه نه ڀيلو آهي، ماڻهوءَ کي نه پچاءِ،
جنهن سان بڻجي رت ڦڙو ڪو اهڙو ساز وڄاءِ،


ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.

منهنجو سيس مهانگو آ، تون پنهنجو سيس نواءِ،
مان ڇو ڪَچڙو ڪنڌ ڏيان، تون پنهنجو ڪنڌ ڪپاءِ،

ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.

وقت جا ڪانٽا ڪڏهن نه رڪبا، مون سان شرط لڳاءِ،
جي آ توکي جيون پيارو، ٿر تي مينهن وساءِ،

ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.

مون سان، گهوڙيسوار! ڀلي تون هاڻي وک وڌاءِ،
جن جا ڳورا ڳاٽ، انهن سان ڳورو ڪين ڳالهاءِ،

ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.

ڌرتيءَ جي گولي کي گِدرو سمجهي ڪين وڍاءِ،
وِت کان ٻيڻو وس ۾ آهين، “بيوس” ڪين سڏاءِ،

ميان! تون سمجهي پير وڌاءِ.

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،

صبح ٿئي ٿو.

موتين وارو مينهن وسي ٿو،

صبح ٿئي ٿو.

ڄاڻ بتيون ۽ بلب اُجهاڻا،
آکيرن مان ڪانگ اُڏاڻا،
ماري وڻ تي دام وجهي ٿو-

صبح ٿئي ٿو.

سِڪا آڇي ڪو وڻجارو،
هر ماڻهوءَ کان نيارو نيارو،
مون کان منهنجا گيت کسي ٿو-

صبح ٿئي ٿو.

ڪنهن وٽ داڻو پاڻي ناهي،
بُک جي آڳ اُجهاڻي ناهي،
تڏهن ته ماڻهو ماس چَڪي ٿو-

صبح ٿئي ٿو.

هو ڏس، ڪيڏو پيارو آهي،
ڄڻ ته صبح جو تارو آهي،
سَرَ تي جيڪو هنج لهي ٿو-


صبح ٿئي ٿو.

ڪنهن چهري مان چنڊ کڙي ٿو،
ڪو ڪو سڏڪو سڏ لڳي ٿو،
اک مان جيڪو لڙڪ وهي ٿو-


صبح ٿئي ٿو.

آءٌ مسافر مرڻو ناهيان،
ٿر تي ٻيهر ٻرڻو آهيان،
ويندي ويندي چنڊ چوي ٿو-


صبح ٿئي ٿو.

گلن ڀريل جهولي،

گلن ڀريل جهولي،
سنڌي منهنجي ٻولي.

آئي منهنجي ائٽ تي،
ڇوري بڻجي ڇولي.

گوري لام گلاب جي،
چڪڻ ڀري چولي.

ڇوڙي اٿم شام جو،
گيتن واري گولي.

لڇي ڪڻڇيءَ لات ۾،
لاهيارن جي لولي.

هڪ هڪ منهنجو ٻولڙو،

هڪ هڪ منهنجو ٻولڙو،
آهي تنهنجو اولڙو.

ڏسي تو کي ڏور کان،
وڌو اٿم لولڙو.

ٻهڳڻ گجرا ٻانهن ۾،
خالي منهنجو جهولڙو.

گجر! ڪهڙي گهاٽ تان،
چٽايو ٿئي چولڙو؟

ايندا انهيءَ واٽ تان،
کڻان ڪيئن کٽولڙو!

گوليون پچندا گولڙا،

گوليون پچندا گولڙا،
جڏهن وسندا مينهڙا.

تڏهن ورنديون ڪونجهڙيون،
جڏهن ڀربا جهولڙا.

اوجر رات اماس ۾،
اوڏڻ! تنهنجا اولڙا.

گم ٿيا منهنجي گيت ۾،
ٻهڳڻ تنهنجا ٻولڙا.

ڪالهوڪي بهاريءَ کان،

ڪالهوڪي بهاريءَ کان،
هِن اڄ جي بهاريءَ ۾،
ڪا تؤنس ڀريل آهي،
هر ٽاريءَ ٽاريءَ ۾.

اِهي سَر جا پکي آهن،
اهي آءٌ سڃاڻان ٿو،
ويٺا ها واهيرن ۾،
هڪ هڪ کي ڄاڻان ٿو:
اِهي شال وڃن اُڏري،
جي ڦاٿا ڄاريءَ ۾.

ڪو پيلو گل آهي،
ڪو نيل- ڪنول آهي،
جو پاڻ ٽڙي پيو آ،
ڪيڏهن نه امل آهي:
هن بيٺل پاڻيءَ ۾،
هن منهنجيءَ ٻاريءَ ۾.

ڪلهه راڄ خزان جو هو،
اڄ گل ٽڙيل آهن،
هُت چڀڙ پڪل ڏونئرا،
هِت ٻير پڪل آهن:
ڇا ڇا نه پيلُ آهي،
هن ڀونءِ ڀلاريءَ ۾!

هن ڏينهن جي ڏهرن ۾،
رت- پاڻي رَلايون ٿا،
جو ڪجهه به آ ڪانبي ۾،
اسان پاڻ اُپايون ٿا:
اسان اک نه وجهي ڄاڻون،
ڪنهن دولت ڌاريءَ ۾،

اِهو آهي ڏٺل اڳ جو،
جنهن پهّرُ پاتو آ.
هن تَر جو آ هاهيارو،
مون پير سڃاتو آ:
جنهن باهه لڳائي آ،
هر ڏارِيءَ ڏارِيءَ ۾.

هن ٻاريءَ مان ٻيهر،
پَٽِ گل اڃا، گورِي!
هُن مينديءَ کي موڙي،
ڏي ڇال ته ڪو ڇورِي!
نوان گيت پيا نسرن،
وجهه گل نه کاريءَ ۾.

جن جاڳي روز ڪئي،
اوڌين(1) جي آبياري،
اڻموٽ اجهل ارڏا،
هن ديس جا هالاري:
منهنجو روح رليل آهي،
اُن سنگت ساريءَ ۾.

ڪنهن گُجر هٿِ گجرا،
ڪنهن وار ڇڏيا واسي،
ڪنهن روح اچي رڃ ۾،
پريان رڙ ڪئي پياسي،
ڇڙيو گيت جڏهن “بيوس”،
هِن پرهه پياريءَ ۾.

(1) اوڌ= ٻيجارو. جوار جا سلا پٽي پاڻيءَ ڏنل ٻارن ۾ روت هئڻ.

موٽي ملنداسين،

موٽي ملنداسين،
تڏهن کلنداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون......

ايندي مند گلاب جي،
گڏجي ٽڙنداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون.......

ميان! پنهنجيءَ مند تي،
پرچي پونداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون......

پلؤ تنهنجو، پاتڻي!(1)
اسان وٺنداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون......

کارا ٿيندا کوهه جي،
پلر پيئنداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون......

“بيوس” ساريءَ ڀونءِ تي،
نيٺ ته وسنداسين،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون......

(1) جمهور جي ٻيڙيءَ جو ناکو.

موٽي ملنداسين،

موٽي ملنداسين،

جڏهن پچنديون ٻيريون......

ڪوڇن(1) مٿان ڪونجڙيون،
اڏندي ڏسنداسين،

جڏهن پچنديون ٻيريون......

ٻڌي پينگهون ٻير ۾،
ڏاڍو لڏنداسين،

جڏهن پچنديون ٻيريون......

ٻيرن واريءَ جهول تي،
پرچي پونداسين،

جڏهن پچنديون ٻيريون......

پيرن سنديءَ لام تي،
پڇي پونداسين،

جڏهن پچنديون ٻيريون......



(1) ٻيرن جي رکيل وڻن جو گهاٽو جهنگ يا گودر جنهن ڪوڇو چئبو آهي.

هيئن نه ڳوڙها هار، او جاني!

هيئن نه ڳوڙها هار، او جاني!
هيئن نه ڳوڙها هار.

جوڀن مڌ جو پيالو آهي،
پيءُ، اسان کي پيار، او جاني!

ٿوهر ميڙي ٿڪجي پيو هان،
وارن هيٺ وهار، او جاني!

هرڪو پل جو پنڇي آهي،
ڪنهن کي ڪين آڏار، او جاني!

ڪجهه گذري، ڪجهه گذري ويندي،
باقي ڏينهن ٻه- چار او جاني!

وڙهندا وڌندا ويندا،

وڙهندا وڌندا ويندا،

ساٿيئڙا ساڻيهه جا.

هڻندا نعرا نينهن جا،
توڙي ڪاتر ٿيندا،

ساٿيئڙا ساڻيهه جا.

ماڻهو ڇاتيءَ موڪرا،
رڪن کي روڪيندا،

ساٿيئڙا ساڻيهه جا.

ڪونڌر تير ڪمان جا،
ٻانهن تي جهليندا،

ساٿيئڙا ساڻيهه جا.

ڊاهي ڪنگرا ڪوڙ جا،
اچي گڏ اڏيندا،

ساٿيئڙا ساڻيهه جا.

آءُ ته چمن جي سونهن وڌايون،

آءُ ته چمن جي سونهن وڌايون،
گل سان پنهنجو پاڻ پڄايون.

ٻوڪيل انب جي لامن هيٺان،
شهتوتن جي ڇانئن هيٺان،
جيون جو ڪو نغمو ڳايون.

چيلهه ڪلهن تي وار وڇائي،
مينديءَ سان هٿ پير رچائي،
ڄاڻ دڪان تي آيون مايون.

واس ولين جو، مهڪ گلن جي،
هير ۾ هاريل بوءِ بدن جي،
خوشبو ايڏي ڪيئن کٽايون.

پوپٽ، ڀنورا، ٻٻر، ٻٽيرا،
ڪانگ، ڪبوتر، ڪونجون، ڳيرا،
وڳر ويا ڏيندا واڌايون.


انبڙن جون ڏس ٻوڪيون ٽاريون،
ڏاڙهن، ڏنئرن، توتن واريون،
ڳاڙهيون، ڳاڙهيون، سايون، سايون.

مشڪ، عطر ڇڻڪايو موتئي،
هير ڏکڻ جي مڌ وئي اوتي،
هاڻي ڪهڙو پاڻ بچايون.

موٽي آيون مست گهٽائون،
هير گلن سان لڌيون لائون،
آءُ ته پاڻ به مند ملهايون.

گَجري جا گل پيارا پيارا،

گَجري جا گل پيارا پيارا،
سينڌ لڳي ٿي سنڌوءَ ڌارا.

نسبين توڙي نٿ جي گل تي،
چوڙن ٻيڙن چوٽيءَ ڦل تي،
چٽِ چٽيا ٿئي واه، سونارا!

سنهڙو چولو ڦاڙي وجهندا،
سچ چوان ٿو، ساڙي وجهندا،
نرم جسم کي گرم شوڪارا.

سانجهيءَ ٽاڻي مڌ جا هوڪا،
موکي! ساري مَٽ پروڪا،
موٽي آيا نيٺ متارا.

پير کڄڻ تي، ڇير وڄڻ تي،
گوري! تنهنجي اچڻ وڃڻ تي،
ٻهڪيون آهن ٻنيون ٻارا.

ڌرتي، تنهنجي سينڌ سجائي،
پاڻ ۽ پنهنجي سونهن وڃائي،
وس کان نڪتا “بيوس” پارا.

ڦولارن ۾ هير ڏکڻ جي بڻجي مون وٽ آءُ،

ڦولارن ۾ هير ڏکڻ جي بڻجي مون وٽ آءُ،
ڌرتيءَ واري گولي جيڏو تنهنجو آ ڦهلاءُ،

ٻولي، منهنجي ماءُ!

ٻاڳهيءَ وارن ٻولن ۾ آڪونجن جو ڪرلاءُ،
ڪنهن ته سرءُ يا سياري کان پوءِ ورڻو آهي واءُ،

ٻولي، منهنجي ماءُ!

ڪارو تنهنجي ڪُک مان نڪتو، ڀورو تنهنجو ڀاءُ،
وينگس! تنهنجو ويڻ ائين، ڄڻ گوليءَ وارو گهاءُ،

ٻولي، منهنجي ماءُ!

مون کي تنهنجو، ماءُ! خلا مان پهتو آ پڙلاءُ،
جهڪندي توکي جيءُ چوان ۽ اٿندي آڌرڀاءُ،

ٻولي، منهنجي ماءُ!

ٻاجهر جو پاروٿو ڍوڍو گڏجي مون سان کاءُ،
“بيوس” هن ڀنڀور سڄي ۾ ٿيندو هُل هڳاءُ

ٻولي، منهنجي ماءُ!

ڌرتي زنده باد،

ڌرتي زنده باد،
ڌرتي زنده باد،
هن ڌرتيءَ تي رهڻو آهي
ماڻهو ئي آزاد!

صورت جنهن جي سج جو جرڪو، اکڙيون مينگهه ملهار،
ڪڻي منجهاران ڪيچ اُپائي، بخشي باغ بهار،
آدم جو اولاد........

پنهنجي ڏيتي – ليتي، پنهنجو موج ڀريو مهراڻ،
صدين کان هن سنڌ – ساگر جي ٻنهي ڪنارن ساڻ،
آهيون سڀ آباد.........

جنهن جيءَ مُٺ ۾ بند رهي ٿو “بيوس” آدجڳاد،
امن امان ۾ ميڻ کان ڪُئنرو، جنگ ۾ جو فولاد،
آهي آدمزاد.........
ڌرتي زنده باد!

سنڌوءَ واري ٿڃ پيڻ، هر هاري ناري آيو آ،

سنڌوءَ واري ٿڃ پيڻ، هر هاري ناري آيو آ،
روز مرڻ ۽ روز ڄمڻ، هر هاري ناري آيو آ،

ڪنهن کي بڙڇي، ڪنهن کي ڀالو، ڪنهن جي هٿ ڪٽارو،
ميدانن ۾ آيا متارا، مڌ پي موکيءَ وارو،
مياڻيءَ جو ميدان کٽڻ، هر هاري ناري آيو آ،

ڪينجهر ۽ ڪارونجهر وارا، مياڻيءَ مڪليءَ وارا،
دولهه دريا خان جا ساٿي، هو ڏس! هيموءَ پارا،
هوشوءَ وارو پَلئُه وٺڻ، هر هاري ناري آيو آ،

ٽيڙو

---

ٽيڙو

اچي ٿو الله،
سائو ڪندو سنڌ کي
دادلو درياهه.
*
اسان ۽ خدا،
ماڻهپي جي ملڪ ۾
هڪ ٻئي کان جدا.
*
آءُ ڪريون تخليق،
آزاديءَ جي قلم سان
ڳاڙهي پائي ليڪ.
*
سج ڪئي تخليق،
سرنهن جي ڦولار ۾
روشنيءَ جي ليڪ.
*
تاڙي وڄائي،
ڳيرا منهنجي ڳوٺ جا
ڇڏ نه اڏائي.
*
آيو آ ارغون، (1)
ماڻهو ٺٽي نگر جا
کر کي ڪندا خون.

(1) شهبيگ ارغون، جنهن نو سؤ ستاويهه هجريءَ ۾ ٺٽي جي ماڻهن جو ڪوس ڪرايو هو.


دودي جو پهراڻ،
کڻي آيس کرڙيءَ (2)مان
ڦاٽل ڪلهن ساڻ.

(2) دودو سومرو کرڙي واريءَ جنگ ۾ شهيد ڪو نه ٿيو هو. هتي رڳو دودي کي علامتي طور کرڙي سان ملايو ويو آهي.

*
کانڀاڻي نه ڦير،
ماري! ڪنهن جي من جا
ڪبوتر نه ڪير.
*
اِهو ڪارو ڪانءُ
کَسي ڳڀا ٻارن کان،
ڄڻ ته آهيان آنءُ.
*
اهو ڪارو نانگ،
ونيءَ چيو وَر کي،
سڀاڻي جو سانگ.
*

ڪونجون ٿيون ڪَرڪن،
ٻه درياهيءَ وچ ۾
چُوڻو ٿيون چُڳن.
*
وسري ئي نه ٿو،
مانيءَ ڳڀو من مان
نڪري ئي نٿو.
*
چِڪ لڳل چولي،
ريٽي رتوڇاڻ ۾
ٻاگهيءَ جي ٻولي.
*
رت لڳل چولو،
ٺٽي جي بازار ۾
ارغوني ٽولو.
*
پاڻيءَ جو تولو،
واريءَ تي وسڪار ۾
چُني ۽ چولو.
*

ٻاجهر جو لولو،
ماڻهوءَ کان وڌ مُرڪڻو
ڌرتيءَ جو گولو.
*
دودي ڪيو وار،
ڪيڏو اڄ ڪلهن تان
لهي پيو بار!
*
ڪتو ٿو باهي،
سندرتا جي شهر ۾
آمر ڪو آهي.
*
روشني ورندي،
جڏهن ڦاسيءَ گهاٽ ۾
ڄاٽي ڪا ٻرندي.
*
دودي جو پهراڻ،
ڌوءِ نه ڌوٻيءَ گهاٽ تي
ڦاٽل ڪلهن ساڻ.
*

پن – ڇڻ واري شام،
پڇاڙيءَ جا ڏينهڙا،
ڀڳل ٽٽل جام.
*
پڇاڙيءَ جو پنڌ،
موٽي ويو مڱڻو،
ڪهن نه آڇيو ڪنڌ.
*
سرگم تي سنگيت،
ڳائن ويٺيون ڳيرڙيون
آزاديءَ جو گيت.
*
اَن ڏنو ايمان،
لکجي ويو نراڙ تي،
سڀوئي سبحان.
*
مکڻ ۽ مهي،
پاڻيءَ وانگي ٻُڪ مان
وَهي وئي وهي.
*

جيڏيون! جهنگ سيال،
ڪير ڄائو، ڪير مئو،
اوريو ڪو احوال.
*
پرهه پاڻياري،
آئي منهنجي ائٽ تي
ڏينڀوڙيءَ واري.
*
نُور پيو نسري،
ٻن چڳن جي وچ مان
سج پيو اُڀري.
*
جهوليءَ رتا گل،
مکڙيون ناهن مرڪيون،
مرڪي آ مومل.
*
سوڍي ٿي سنبري،
ڪاري ڄڻ ڪڪر مان
سج پيو نڪري.
*

جوانيءَ جو جرڪو،
هاڻي ٿيندو هلڪڙو
چوڙين جو کڙڪو.
*
چُني، گج، چُڙيون،
نار هڻايون نرڙ تي
ڏهه ڏهه ڏينڀوڙيون.
*
چُني اوٽ ڪري،
نينگر منهنجي نار تان
پاڻي ٿي ڀري.
*
پچايم ماني،
جيڏل! اِن جهاز مان
لهندا لبناني.(1)

(1) لبنان ۽ فلسطين جا بي گهر ٿيل رهواسي جي ابن ڏاڏن کان اُن ئي ڌرتيءَ جا وارث رهيا آهن.

*
اسان جو اعلان،
پالهو جيڪو پيار کان،
اڌورو انسان.
*

ماريءَ هٿ گليل،
وجهي ٿو وڻڪار ۾
ڀنڀراڪي جو ڀيل.
*
آيو ڀٽ – ڌڻي،
ڪارايل، ڪاموڌ جا،
خزانا کڻي.
*
ٿر ۾ ٿوهر جيئن،
جبل مٿي ڏينهڙا
اسان گهايا ايئن.
*
هيءَ حياتي ڄڻ
ٻن ڀٽن جي وچ ۾
ٿوهر وارو وڻ.
*
لاش پيو لڙڪي،
ٽيپهريءَ جو ٽياس تي
جيون ٿو جرڪي.
*

اڱڻ آيا مون،
گڏي ويا گلاس ۾
ڦوٽا، نباتون.
*
چپڙا چوريائون،
مُٺيون ڀري کنڊ جون،
آيل! آڇيائون.
*
مون سان ڳالهائي،
کنڊ، ڦوٽا کير ۾
ويا ملائي.
*
مون ۾ آهين تون،
عقل ۽ عرفان سان
ڀرجي ويئي ڀون.
*
وڻ، وليون ويران،
ڪانگن ڪانگيرو ڪيو،
پوپٽ(1) پريشان.

(1) نئين ٽهيءَ جي پياري شاعر ادل سومري جي هڪ ٽيڙوءَ کان متاثر ٿي لکيل.

*

دوزخي آهي،
سوداگر آ سنڌ جو،
اسان مان ناهي.
*
پڪي آهي پوک،
نگن سوڌا ڪانڙا،
مارُن مُڪي موک.
*
باهه اُجهاڻل ڦوڪ ڙِي،
آڀُو ڪڻڪ گاج جا،
سيڻن مُڪا سوکڙي.
*
ٿڪو هان ٺاهي،
ايڏو نقشو سنڌ جو!
ڪير پيو ڊاهي.
*
وڻجارن جي واٽ،
ريتيءَ تتي ڏينهن ۾،
ڇپر نڪو ڇاٽ.

(1) سنڌ – ڌرتيءَ سان ڳنڍير جي ڳنڍين جيان ڳنڍيل رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيل.

*

ادا ڙي، اوٺار!
ڏٺئي ڪنهن ڏهر ۾،
وڇڙي ويا جي يار؟
*
صليبي سينگار،
ماڻهو هن صديءَ جو
تاريخي ڪردار.
*
صليبن جي ساک،
رات به رت- ڦڙن مان
ڦٽي پيئي باک.
*
آيو آ انسان،
داڻو کڻي ڪڻڪ جو،
اسان جو ايمان.
*
آيو آ آدم،
سڀ ساراهيو، سرتيون!
ڌرتيءَ جو جنم.


*
سجُ نيزي پاند،
مادر! لاٿو مُنهن تان
پاڻياريءَ پلاند.
*
ڪُنگوءَ رتا گل،
ڪاڇي جيءَ ڪنوار جا
چمڪن چوٽيءَ ڦل.
*
مون کي ڪهڙي ڪَل،
ڇاتيءَ جي ڇُهاءَ تي
ايندي آ اٿَل.
*
ڪچي جي سرهاڻ،
موکيءَ گڏي مڌ ۾
سَرنهن جي پيلاڻ.
*
مُوج ڀريو مهراڻ،
موکي! واري مڌ ۾
چنڊ ستارن ساڻ.
*
ٽوپلن سان چار،
ڏٺم ڏهرڪيءَ کان
ڀڳا اُتر- پار.
*
فوجي! رکڻ ڦريو،
لڳندءِ لٺ نراڙ ۾
وڳڌ ڄاڻ وريو.
*
فوجيءَ جو فرمان،
ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾
آڌورو انسان.
*
سنڌ، سندرتا ساڻ،
کوليم دري بهشت جي
پرينءَ پسايو پاڻ.
*
ڪونجون ٿيون ڪرڪن،
ڪومل ڳل ڪچي جا
جاني! ٿا جرڪن.

*
چڻا، ٻاجهر، جوار،
هت چٽائي چيٽ جي
اڳتي انڌوڪار.
*
مُنهن تي پاتل ميٽ،
ڦُٽي ڦاڪون ٿي پيو
چڳن هيٺان چيٽ
*
ڦليليءَ جو واهه،
ڪلا ۽ پرڪاش جو
رت، هڏو ۽ ماهه.
*
گهرڙا اڏيندا،
ڪلا ۽ پرڪاش ٻئي
اسان وٽ ايندا.
*
ڪوي ڪاليدس،
رام ۽ رحمان جو
چم، هڏو ۽ ماس.
*
پرين پڄاڻا،
آيو جهوٽو موت جو
ڏيا اُجهاڻا.
*
وڄون ڪڙڪنديون،
فجر ڦاسيءَ گهاٽ تي
سسيون لڙڪنديون.
*
پيرن ۾ ڪڙيون،
سانجهيءَ ٽاڻي سرتيون
کوهن تي کڙيون.
*
وريا واهوندا،
ترندا گهرڙا گَج جا
هن ڀيري هوندا.
*
کَرن خبر پئي،
وڍيو سِر ڏياچ جو
سورٺ مري وئي.
*

ڇيلن کي ڇوڙي،
آنگوڙيءَ سان ائٽ تي
مڃر ٿي موڙي.
*
پوتي ۽ پهرياڻُ،
آيو آڌيءَ رات جو
سانوڻ کڻي ساڻ.
*
جي تو وڍيا وَڻ،
مري ويندي مامتا
ٿَڃ نه ڏيندا ٿڻ
*
واهوندا ورندا،
جڏهن گل ڪنول جا
تانگهي تي ترندا.
*
ڀُري پيو ڀيلو،
لڳو شاهه درياهه تي
ماڻهن جو ميلو.
*

وريو جڏهن واءُ،
اُڪاريو اٿاهه کي
وڻجاري جيءَ ماءُ
*
جوئر جا آنڀون،
اڳ به ها امڪان ۾
مادر! ڏٺا مون.
*
فاضل سِر ڏنو،
“بيوس” تنهنجي باغ جو
ڪنهن هي گل ڇنو.
*
فجر سان فاضل،
آٽل آ اٿاهه تي
گُهل ڏکڻ! گُهلَ.
*
راهو رت ڏيندو،
آيل! آزاديءَ جي
مومل ماڻيندو.
*

ٻاجهريءَ جو کيٽ،
هُن مسڻ کان اڳتي
ٻهڪي پيو ٻيٽ.
*
گيدوڙيءَ جا گل،
پاڻياريءَ جا پينگهه تي
چمن چوٽيءَ ڦل.
*
سَرَ جو سورج گُل،
يا هُو نيرنڳ نير جو
منهنجو ڪوتا ڪُل.
*
ڪاڇي جو ماڻهو،
ڏاتارن جي ڏيهه ۾
رڻمل يا راڻو.
*
مکڻ ۽ ماني،
جاڙو نانءُ جيئڻ جو
باقي سڀ فاني.
*

وڻ، وڻ تي وسندو،
سانوڻ سڄيءَ سنڌ جي
ڌرتيءَ کي ڌئندو.
*
ڄامشوري جا ڄامَ،
آزاديءَ جي آسري
ٽوڙين ويٺا دام.
*
ڄام شوري جو ڄامَ،
اٽل ها ارغون تي
شاهه، سچل ۽ شيام.
*
ٽوڙهيءَ ٿا وڃون،
ٻُوٽيل در ڦاٽڪ جو
اجهو ٿا ڀڃون.
*
هٿين هٿ- ڪڙيون،
قابو آهن ڪوٽ ۾
سورن جون سڙيون.
*

سانئڻ! تنهنجي سارَ،
منڇر مٿان مانگهه ۾
ڪونجن جي قطار.
*
اسان وٽ آيَل!
سنڌ تني جي سامري!
جيڪي سنڌ- ڄايل.
*
مرون اڄ مرندا،
تاڙي بيٺا تو ٻچي
واپس نه ورندا.
*
ٽپَڻ جي ٽپيو،
ترائيءَ جي تو ٻچيءَ
اجهو جُهورُ جهپيو.
*
ٽوپلن سان ٽي،
ڀڄايا هن ڀونءِ تان
سنڌوءَ ڄائي سي.
*

مهي، مکڻ ۽ مانڙي،
جيڪي نانو جيئڻ جا
آءٌ تني جي ٻانهڙي.
*
راهوءَ رت ڏنو،
گوري! گل گرنار جو
شايد ڪنهن ڇنو.
*
فاضل جا فرمان،
لکيا نوح قلم ۾
دولهه دريا خان.
*
فجر سان فاضلَ،
آيل! مون کي آڇيا
آزاديءَ جا گل.
*
فاضل فجر ساڻ،
هاري وير هنگلاج تي
شفق جي ڳاڙهاڻ.
*

وَت نه ڪندي ووءِ !
دودي واريءَ رت مان
گل ڦٽندا جَوءِ!
*
پيرون، ڏنئر، پسُيون،
باقي ڇاهي بهشت ۾ !
ناهن جي نمِون.
*
هتي جوئر- ڳڀو،
باقي هوندو بهشت ۾
تنهن کي ڇا ڪبو.
*
سنگ، ڪانُو ۽ پَن،
سندرتا سنسار جي
اُس، مٽي ۽ ان.
*
ڪهڙو ڏوهه وڻن!
ڪنڌيءَ آيا ڪيترا
سانوڻ ۾ سڙن.
*

سکاڻي ورندا،
جڏهن ڏيا عيد جا
ٻانڌن تي ٻرندا.
*
ڳجهارت کي ڳول،
سندرتا ۽ سچ جي
خزانن کي کول.
*
سنڌوءَ جو عوام،
اُڀا ڏاٽا هٿ ۾
اڳيان ڄام نظام.
*
ٽوڙهيءَ جو ڦاٽڪ،
ڀڳا در زندان جا،
کليو آ لاشڪ.
*
ٽنگن ۾ ٽوڙهو،
قابو قبرستان ۾
پن- ڇڻ ۾ پوڙهو.
*

اسان ۾ الله،
ماڻهپي جي ملڪ ۾
غفلت ۽ گناهه.
*
وسڪاري جيءَ ويل،
آءُ اسان جي ائٽ تي
ڪري تيل ڦليل.
*
بلاول جو ڀاءُ،
رڪ- وهنديءَ راند ۾
ڄڻيو ڌرتيءَ ماءُ.
*
چنيسر چاري،
آندا الادين جا
ڀون مٿان ڀاري.
*
ڌرتيءَ جو گولو،
جوئر ڪڻا جهول ۾،
دانگيءَ تي لولو.
*

رڻ ٽپيو راهي،
لَونَ هيٺان لٽڪي پئي
اوندهه جي ڦاهي.
*
ڏلها ٿا کڻن،
اڱر سان نراڙ تان
پگهر ٿا اُگهن.
*
“ڪلا” جو ڪچڪول،
“موتي” سڀ مهراڻ جا
جن سان ڀريم جهول.
*
ڪلا! تنهنجي ڪاڻ،
سمايو آ سنڌڙيءَ
موتيءَ ۾ مهراڻ.
*
مندر جو گهڙيال،
ڀڳل ٽڪرا ڀِت جا
هن صديءَ جو حال
*

مندر جو گهڙيال،
اُڪريل آسمان ۾
هن صديءَ جو سوال.
*
سَرَ تي ساري رات،
ناکا! تنهنجو ناوَ تي
ڏُسِڪي منهنجي ڏات.
*
رڻ تي رات اَماس،
سانجهيءَ ٽاڻي سج ڳهي ويو
اوندهه جو راڪاس.
*
هيمون ڪلاڻي،
مٽيءَ جي پيالي ۾
سنڌوءَ جو پاڻي.
*
هيمون ڪلاڻي،
لکيل لوح قلم ۾
نانڪ جي ٻاڻي.
*

غزل

---

ماڻهو، ماڻهو گهايل آهي

ماڻهو، ماڻهو گهايل آهي،
سارو ڏيهه ڏکايل آهي.

اوندهه جو احساس ٿئي ٿو،
ڪنهن جو ديپ وسائل آهي؟

منهنجو هڪڙو لفظ به ناهي،
تنهنجي ڳالهه ٻڌايل آهي.

آڱر جا نيشان ڏَسن ٿا،
تنهنجو روٽ بچايل آهي.

ميڻ بتيءَ جي لاٽ نچي ٿي،
ڪو ته اڱڻ تي آيل آهي.

تنهنجو ڪهڙو پيٽ ڀريندو،
“بيوس” پاڻ بکايل آهي.

ماڻهو، ڄڻ ڪي بوتا آهن،

ماڻهو، ڄڻ ڪي بوتا آهن،
پڃري ۾ بند طوطا آهن.

گجرا تنهنجا ٻانهن وارا،
پاڻياري! مون پوتا آهن.

لهر لهر ۾ غوطا کائي،
گيت وڃي مون ڌوتا آهن.

اصلي ڳالهه ته ابتڙ آهي،
اهي اجايا اوٽا آهن.

کاريءَ مان ڪو گل نه کڻجان،
تنهنجا سڪا کوٽا آهن.

ههڙيءَ رت ۾ تنهنجا هر هر،
ڪهڙا ٻانهن- مروٽا آهن.

چيڙن تي ٿا بُولا جرڪن،
چندن واسيل چوٽا آهن.

اُبتي پيئي مالهه ڦري ٿي،
تڏهن ته کالي لوٽا آهن.

محبت مرڻي ناهي، پيارا!
ماڻهو پاڻيءَ ڦوٽا آهن.

تنهنجو ڦرندو چَڪ ڏسي مون،
مٽيءَ چاڻا ڳوٿا آهن.

هن ديس جي ماڻهوءَ ماڻهوءَ مان،

هن ديس جي ماڻهوءَ ماڻهوءَ مان،
گل گل جي خوشبو آئي آ،
يا ٻاگهيءَ آ ڪو ٻار ڄڻيو،
يا دودي ٻانهن وڍائي آ.

اهو سنڌ امڙ جو هاري آ،
جنهن باهه وسائل ٻاري آ،
جنگ کرڙيءَ واري جاري آ،
اسا تڏهن ته سينڍ وڄائي آ.

جنهن ڪُن وڌا هَن ڪينجهر ۾،
جنهن موج ڀري آ منڇر ۾،
جنهن ڏار وڌا هن ڏونگر ۾،
سا شاهه لطيف جي وائي آ.

اومڪلي! تنهنجي مُرڪڻ تي،
هن سچ جي سورج اُڀرڻ تي،
ڏس ڪيئن نه ڪراڙ جي اٿاڻ تي،
پيو جاڳي شاهه ڀٽائي آ.

هُو جابر آ، هي جوڌو آ،
هو ڌاريو آ، هي دودو آ،
اوهان “بيوس” جنهن کي سمجهيو آ،
سو سنڌڙيءَ جو شيدائي آ.

سَر تي سهڻو هنج لڳي ٿو،

سَر تي سهڻو هنج لڳي ٿو،
ماڻهو، ماڻهوءَ سان ٺهي ٿو.

ڪنهن سپني ۾ مون به ڏٺو هو،
مصور جيڪو نقش چٽي ٿو.

سهڻي سهڻي سٽ جُڙي آ،
محفل ۾ ڪو مور اچي ٿو.

اندر ڪيڏو اوٻر آهي،
ٻاهر توڙي مينهن وسي ٿو.

ٻهڳڻ! مينهون ٻيلي واريون،
تنهنجون ڪوئي چور تڪي ٿو.

هن کان پوءِ به تنهنجو آهي،
دانگيءَ تي جو روٽ پچي ٿو.

عزت، ذلت بخشڻ وارا!
پنهنجي هر ڪو پتَ رکي ٿو.

ڌرتيءَ جي گولي کي ڪوڪو،
ماڻهو نوڙيءَ ساڻ ڪڇي ٿو.

قسمت واري ڦرهي، “بيوس”،
هر ڪو پنهنجي پاڻ لکي ٿو.

پاڻ پنهنجا لڙڪ ٿا اگهڻا پون،

پاڻ پنهنجا لڙڪ ٿا اگهڻا پون،
ڏينهن اهڙا کوڙ ٿا ڏسڻا پون.

آئيني کي ڪيئن ٿو ڏوهي چوين،
زندگيءَ کي روپ ٿا مٽڻا پون.

هُو نه آيا ۽ نڪي ايندا وري،
ذهن تي ٿا اولڙا سکڻا پون.

بند پڃرن کي ڏسي، گل چيٽ جا،
ڪنهن کان کسڻان ، ڪنهن کي ٿا ڏيڻا پون.

سڀ ٺپي مون کي وري سڏڙو ڪجان،
هي گهڙا توکي جڏهن چٽڻا پون.

اڄ به “بيوس” کي گلن جي آس ۾،
رت- ڦڙا ٿا باهه تي ڇٽڻا پون.

هر ڪنهن جو روپ نرالو آ،

هر ڪنهن جو روپ نرالو آ،
پر هڪڙو سڀ جو نالو آ،

سا ڪين اسان سان پير کڻي،
جنهن اک جو تُنرو آلو آ.

لکِ نالا ڌرتيءَ ڄاين ۾،
هيءَ ٻالي ٿَئي، هُو ٻالو آ.

ڪٿ ڏينهن به پيو ٿو رات لڳي،
ڪٿ رات به ڄڻ ته اُجالو آ.

هيءَ ڪاتر ناهي ڪتن جي،
هي ماڻهوءَ جو ميچالو آ.

ٻئي آيا آهن ٻُچڪر تي،
هڪ ڌاريل آ، ٻيو ڌالو آ.

ماڻهوءَ جو رت ماڻهو ئي پيا کڻي گهمن ٿا کارن ۾،

ماڻهوءَ جو رت ماڻهو ئي پيا کڻي گهمن ٿا کارن ۾،
گرميءَ ۾ ٿو برف ٿئي جو پوي پگهرجي پارن ۾.

مٽي آ جا رت چُوهي نيشان ڇڏي ٿي گم ڪري،
ساڳيو ئي رت وهي هلي ٿو سنڌ ساگر جي ڌارن ۾.

شور نه ڪر، چپ چاپ هتان، خاموش ادب سان گذري وڃ،
رت ٿيو آرامي آ مس شاعر جي شهڪارن ۾.

اڄ جو ماڻهو پيٽ جي خاطر پنهنجي هٿن کي زخمي ڪري،
رت- ڦڙا ٿو پوئي ويٺو گڏ گلن سان هارن ۾.

ٿر تي مينهن وسائي ڪير،

ٿر تي مينهن وسائي ڪير،
اهڙو سارنگ ڳائي ڪير!

توسان گڏجي ٽيبل تي،
رت سان ماني کائي ڪير!

هر ماڻهوءَ جي ڄڀ وڍيل،
اناالحق الائي ڪير!

جنهن ۾ ٻرڻو آهي رت،
اهڙو ديپ جلائي ڪير!

بمگولي کان گوءِ کٽي،
ايڏي وک وڌائي ڪير!

ڪوسو رت ته ڏوڪي (1) ويا،
گوشت، هڏا، ڳڙڪائي ڪير!

ڪاراين کان هٿ وڍيا،
هاڻي روٽ پچائي ڪير!

جيري تائين پهچي وئي،
اهڙي باهه وسائي ڪير !

“بيوس” جهڙي رسڻي کي،
پيار ڏئي پرچائي ڪير!

(1) ڏوڪڻ: هڪ ساهيءَ بي وڃڻ

تنهنجي رخ مان ڦٽندي اُجالو ڏٺم،

تنهنجي رخ مان ڦٽندي اُجالو ڏٺم،
ڀريل کير جو ڄڻ پيالو ڏٺم.

تڏهن مون به ڌرتيءَ کي سجدو ڪيو،
جڏهن سنڌ جو ٻالي- ٻالو ڏٺم.

منهنجي هٿ ۾ مٽيءَ جو ٻاريل ڏيو،
تنهنجي هٿ ۾ ڀڙڇي ۽ ڀالو ڏٺم.

مون پنهنجا سڀئي در کولي ڇڏيا،
جڏهن کان تنهنجي در تي تالو ڏٺم.

جهڳا ڍنڍ ڀر تي اڏيل ياد پيا،
جڏهن ڀرجي وهندڙ ڪو نالو ڏٺم.

ائين حق ڪنهن جا ها پامال ٿيا،
ٽئو ڄڻ ته سڙندو ڪو آلو ڏٺم.

پرهه جهڙو اوندهه ۾ پنهنجو غزل،
خلا ۾ لکيل ڄڻ حوالو ڏٺم.

صبح شام سعديءَ ۽ روميءَ کي،
ڀٽائيءَ جو پڙهندي رسالو ڏٺم.

سڀ پکي هڪ ٻئي پٺيان اڏندا ويا،

سڀ پکي هڪ ٻئي پٺيان اڏندا ويا،
ڪن ڪٽايا پَر، ته ڪي ڪسندا ويا.

جن ڏين ۾ ڏات ڪنهن ٻاري نه هئي،
واءُ جو جهوٽو لڳو، وسندا ويا.

جيترو ٿر تي وسي سانوڻ ويو،
اوترا پئي پيچرا تپندا ويا.

زندگيءَ جي ساز تي ڇيڙي غزل،
واٽ سڀ هڪڙي پئي پڇندا ويا.

جت به ڪنهن جي خون جو قطرو ڪريو،
ڪيترا ئي گل اتان ڦٽندا ويا.

هر دفعي جيون جا، هر طرفان ۾،
نقش جي ڊهڻا هئا، ٺهندا ويا.

ڪنهن ڏنو ٿي پيار، ڪنهن پيڙا ڏني،
گيت “بيوس” جا ائين ٺهندا ويا.

هر گل تي بهار آهي،

هر گل تي بهار آهي،
ڇو تنهنجي مُکڙي تي،
لڙڪن جي قطار آهي!

ڇو ايڏي اداسي آ
ڪينجهر جي ڪنارن ۾،
ڪا نوري نٿي ڏسجي،
ڪونجن جي قطارن ۾،
پر پوءِ به اک اک ۾،
ڪهڙو هي خمار آهي!

هر ٽاري ٽهڪي ٿي،
باغن تي پيون بونديون،
هن ڀيري ٻيلن تي،
ڪرلائن ٿيون ڪونجون،
ڪنهن ڳل تي نڙي پئي
سَرنهن جي ڦولار آهي.

ورهين کان رٺل ماڻهو،
کن پل ۾ پرچن ٿا،

ٻيرين ۾ ٻڌي پينگهون،
طوطن جيئن لٽڪن ٿا،
هڪ تنهنجيءَ محفل ۾،
پورن جي پچار آهي.

هر گل مان، غنچي مان،
ٿي باهه پئي ڀڙڪي.
آکيرو ٺهيو ناهي،
بجلي ٿي پئي ڪڙڪي.
ڇو قيد فضائن ۾
ڪويل جي ڪوڪار آهي!

موتئي جي مکڙي تي،
سَو چنڊ کڙيل آهن،
ڀورين ۽ ڀنورن جا،
سنگيت ڇڙيل آهن:
ڇو پوءِ به گلشن ۾،
خوشبوءَ جو ڏڪار آهي!

سڀ پکي هڪ ٻئي پٺيان اَڏندا ويا،

سڀ پکي هڪ ٻئي پٺيان اَڏندا ويا،
زندگيءَ جا گل ٽڙيل ڇڻندا ويا.

همتون ۽ حوصلو پنهنجو ڏسي،
پيچرا صحرا جا پئي تپندا ويا.

جيترو ٿيندا ويا آهيون قريب،
اوترا ئي فاصلا وڌندا ويا.

شام اهڙيءَ جو ذڪر مون سان نه ڪر،
جنهن ۾ ٻاريل سڀ ڏيا وسندا ويا.

شاعرن جا، حسن جي بازار ۾،
گيت هڪڙي جام تي کپندا ويا.

پرهه جو سڏڙا ڪلالن جا سڻي،
رند زنجيرون ڇني ڀڄندا ويا.

صبح لڙڪن مان ڦٽي نروار ٿيو،
نيڻ “بيوس” جا جڏهن ٽمندا ويا.

جنهن جي لب لالي آهي،

جنهن جي لب لالي آهي،
سو ئي روپ مثالي آهي.

من ۾ خاڪا منهوڙي (1) جا،
نيڻن ۾ نيوچالي آهي.

بُک مران ٿو، کير پياريو،
ڇا ٿي پيو جي ٻالي آهي.

تو وٽ آهي ڇير ۽ طبلو،
ٿر ۾ وڄندي ٿالهي آهي.

لانڍي هوندءِ لوڙهي واري،
در تي پوکيل ٽالهي آهي.

سِڪا آڇي پيار ڦري ٿو،
رياست جو ڪو والي آهي.

مون وٽ آهي بيت ۽ وائي،
تنهنجو راڳ قوالي آهي.

ڪا هڪ اهڙي دل ٻڌايو،
پورن کان جا پالهي آهي.

گوشت، لهو، ٻئي ساڳا آهن،
ٿوري چال نرالي آهي.

ڀُلي پيو اَن، “بيوس” ناهي،
سنڌ سڄيءَ جو مالهي آهي.


(1) منهوڙو ۽ نيوچالي- ڪراچيءَ جون وسنديون.

اک اک ۾ آهي آلاڻ،

اک اک ۾ آهي آلاڻ،
موکي! ڪو ته پروڪو آڻ.

پوپٽ جا ڪو پَر مروڙي،
قيد ڪري ٿو گل- سرهاڻ

ماڻهن جي لاشن تان گذري،
کوٽي ويٺو هيرن- کاڻ.

موٽي آيا ڄاڻ متارا،
سَپن وارو مَٽ نه ڇاڻ.

جيتر سَر تي آهن هنج،
تيتر پنهنجا تير نه تاڻ.

ليک لکي ٿو ڊاهيان، ٺاهيان،

ليک لکي ٿو ڊاهيان، ٺاهيان،
سوچيان ويٺو آهيان، ناهيان.

صورت کي مان سجدو ڪري ٿو،
مورت جو پيو مانُ وڌايان.

خالق ۽ مخلوق به ماڻهو،
ماڻهوءَ کي ٿو مالڪ ڀانيان.

ڪعبو، قبلو مون نه ڏٺو آ،
ڪڻڪ ڏسي ٿو ڪنڌ جهڪايان.

دنيا دائم قائم رهندي،
تڏهن ٿو ويٺو باغ بڻايان.

ارواحن جي عالم ۾ آءٌ،
جسم بنا ڪيئن روح رهايان!

جنهن جي هٿن تي ميندي ڦٽي آ،
تنهن کي ويٺو ميندي لايان.

اَن- پاڻيءَ جي هيڏي دولت،
ڪٿي رکايان، ڪيئن کٽايان!

جڳ جا ماڻهو وس ۾ آهن،
آءُ الائي ڇو “بيوس” آهيان.

تنهنجو کوٽو تَورو آهي،

تنهنجو کوٽو تَورو آهي،
گند ڪچري جو ٻورو آهي.

روز قلم ۾ رنگ ڀري ٿو،
مون تي ٿر جو ٿورو آهي.

ساڄي منهنجي سنڌو ساگر،
کاٻي پاسي مورو آهي.

تو وٽ آهن ٽويا، پائيون،
منهنجو ان اڻ- تورو آهي.

منهنجي دنيا، منهنجي عقبا،
جو به پنڊيءَ تي ڀورو آهي.

منهنجي توبهه ! تو ئي چيو هو:
ماڻهو ڇٺيءَ جو ڇورو آهي.

منهنجي چَڪ جو، سهڻي مائي!
هرڪو دلو ڪورو آهي.

ڏار موڙي پئي،

ڏار موڙي پئي،
گل روڙي پئي،

جل- پري جام ۾،
پاڻ ٻوڙي پئي.

رَسُ انگور جو،
ڄڻ نپوڙي پئي.

نينگري نار تي،
وار ڇوڙي پئي.

ڇير جي شور تي،
ماٺ ٽوڙي پئي.

چڳڙ ڏئي ٻار کي،
ڏڌ ولهوڙي پئي.

مُرڪ مياڻي! ڀلي،
لانگ گهوڙي پئي.

جڏهن ڏيهه ۾ ڪو ڏيکايل ڏسان ٿو،

جڏهن ڏيهه ۾ ڪو ڏيکايل ڏسان ٿو،
آهيان “ڪين” پُوءِ ڀي مان ڪجهه ٿي پوان ٿو.

اُها جاءِ مون لاءِ مسجود آهي،
مان جنهن جاءِ تي ڪڻڪ- داڻو ڏسان ٿو.

ڀلا ڇو نه ٿو ڦوڪ ڏئي باهه ٻارين؟
ڏسين ڪين ٿو برف ۾ پيو بکان ٿو!

جڏهن ڪوبه مون تي ٿو بندوق تاڻي،
ته ان جي ئي اکين ۾ گم ٿي وڃان ٿو.

مان مٽيءَ جو ماڻهو، تو مٽي نه ماڻهو،
تون مون کي مڃين ٿو، مان تو کي مڃان ٿو.

ڪڏهن ڏس ته “بيوس” ۽ ڀنجهر مان آهيان،
ڪڏهن ڏس ته گملن ۾ گل ٿي ٽڙان ٿو.

گنگنا ئي هلو،

گنگنا ئي هلو،
سُر ملائي هلو.

برف جي شهر ۾،
دل جلائي هلو.

پرهه ناهي پري،
وک وڌائي هلو.

من اچي ڪو پٺيان:
دزَ اڏائي هلو.

ڪڻڪ جو کيت آ،
ڪنڌ جهڪائي هلو.

حسينن کان سهڻو هئڻ دل گهري ٿي

حسينن کان سهڻو هئڻ دل گهري ٿي
انگورن جي ول ۾ ڦٽڻ دل گهري ٿي

قبر ۾ به ٿي جا پئي کير پياري
اها گول ڌرتي چمڻ دل گهري ٿي

سنڌوءَ کي ڪنن- ڪَر وَهائڻ جي خاطر
سڄو خون اوتي، سُسڻَ دل گهري ٿي

جي ڪونجن جا ٽولا، ٽڪر تان ٽپن ٿا،
انهن کي اتي ئي پڄڻ دل گهري ٿي

ڪڏهن ڏاند، چاڪيءَ جو گهاڻي مان ڇٽندو؟
اهو سوال هر، هر پڇڻ دل گهري ٿي.

جي کرڙيءَ جو قصو نٿا ڪو ٻڌايو،
ته “بيوس” جو نغمو ٻڌڻ دل گهري ٿي.

جڏهن ڌرتي- ماتا کي ويجهو ٿيان ٿو،

جڏهن ڌرتي- ماتا کي ويجهو ٿيان ٿو،
ڪارونجهر جي وڪڙن ۾ گم ٿي وڃان ٿو،

دنيا ۾ وٺي روپ مان نئون اچان ٿو،
ڪنڀر جي ڪنهن چَڪ تي جڏهن ڀي چڙهان ٿو.

او ڌرتي! نه گونگو نه ٻوڙو مان آهيان،
تنهنجا سڏ پڙاڏا سڀئي پيو ٻڌان ٿو.

هي جمهور جو سمنڊ اُٿلي به پوندو،
تڏهن ئي ته چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي پوان ٿو.

مون کي منهنجو مسجود وسري وڃي ٿو،
جڏهن کير- ٿر جي ڪا چوٽي ڏسان ٿو.

مٽيءَ تي وڇاڻو آ معراج منهنجو،
هي پهريون دفعو آ جو سچ مان چوان ٿو.

جڏهن منهنجي هستي مٽيءَ ۾ ملي ٿي،
تڏهن ئي ته داڻي مان دلبر ٿيان ٿو.

جتي ڪوبه “بيوس” نه مجبور آهي،
اتان ئي ٿو اڀران، اُتي ئي لهان ٿو.

مِرون، مرگهه، مانگر، مڇر ٿا ڳالهائن،

مِرون، مرگهه، مانگر، مڇر ٿا ڳالهائن،
ماڻهو گونگا، ٻوڙا، پٿر ٿا ڳالهائن.

نه بلوو، بغاوت، نه ڀونچال آيو،
اسان جا اڃا پيا اکر ٿا ڳالهائن.

ٻُنڊا، بند، پُليون، ڏسي دام ڳاريون،
سنڌو پئي سمهي آ، ڪپر ٿا ڳالهائن.

جڏهن بُک ماڻهوءَ کي بي وس ڪري ٿي،
ته ماکيءَ کان مٺڙو بصر ٿا ڳالهائن.

عجب ارتقا جو هي آهي نمونو!
جو گهوڙا، گڏهه ۽ خچر ٿا ڳالهائن.

“عقل-زور” واري “لڙائي”،
“خبر” تي پيا بي خبر ٿا ڳالهائن.

هن ڀيري ڪجهه ڪرڻو آهي،

هن ڀيري ڪجهه ڪرڻو آهي،
رنگ بهار ۾ ڀرڻو آهي.

جن سان هئاسين، تن سان هجبو،
پنهنجن کان هي پاڻ نه پلبو،
وچن ويڙهيچن جو ورجائي،
دلبر پنهنجي ديس ۾ رهبو،
جيئڻو توڙي مرڻو آهي.

هٿ ۾ هٿ ڏئي، هلبو، هلبو،
لهرن وانگي، لهبو، چڙهيو،
راهه ۾ جيڪي پٿر آيا،
مُٺ ۾ تن کي ڀوري ڇڏبو،
هيئن به ڏونگر ڏرڻو آهي.

جنهن ڌرتيءَ جا ڄايا آهيون،
اُن ڌرتيءَ کان ڪيئن لنوايون،
جن سان پنهنجون پيڙهيون گذريون،
تن کي “بيوس” ڪيئن ڀلايون،
جن سان مرڻو پرڻو آهي.

اسان عشق وارن کي ڇو ٿا ستايو؟

اسان عشق وارن کي ڇو ٿا ستايو؟
اچو نيهن وارن ۾ نالو لکايو.

اوهان هن صديءَ ۾ به پيا ڏياج ڳولهيو،
اوهان چور آهيو، نه چارڻ چوايو.

وساري ڇڏيو وهشتن جا زمانا،
اچو ڪو جشن آدميت جو ملهايو،

هي ماڻهن ۽ مورن جي بستي ته آهي،
اسان وٽ نه ايڏيون صِليبون اڏايو.

آيو رات اياز، “بيوس” به آيو،
ڀٽائي اچي ها، ڀٽائي نه آيو.


شيخ اياز، جيڪو جڏهن ڳالهائيندو آهي ته مون کي سانوڻيءَ جون اوڙڪون ۽ سنڌوءَ جي اٿل ياد پوندي آهي ۽ جڏهن خاموش ويٺل هوندو آهي مون کي پوءِ ڳالهائيندو محسوس ٿيندو آهي.

پاڻ ڪنگن کان پاڻي وٺندا،

پاڻ ڪنگن کان پاڻي وٺندا،
هيڻائي کان هنج نه رسندا.

ڀونءَ سڄيءَ تي بادل وسندا،
پينگهن تي لاهيارا لڏندا.

اجهو وڻن مان سورج نڪتو،
ڌرتيءَ جا ڳل ڪرڻا چمندا.

جڏهن قبن تي اوندهه ڪرندي،
تڏهن چِٻون ۽ چمڙا اُڏندا.

جن جو پاڻي بند ٿيو آ،
ڏيل تني جا ڪيئن نه ڏکندا.

ڀلا، گندڻ، ڏهيرا ڏنڀرا،
مياڻين ۾ اَڻ – تورا تُرندا.

مڪليءَ کان ماٿيلي تائين،
نظر کُٽي، پر کيت نه کٽندا.

جيئن ڪو سَر تي هنج لهي ٿو،

جيئن ڪو سَر تي هنج لهي ٿو،
تيئن ڪو ماڻهو ياد پوي ٿو.

تنهنجون يادون منهنجي من ۾،
ڳيري کي ڄڻ باز جهٽي ٿو.

اونداهن ٻن دائرن وچ ۾،
ٽانڊاڻي جيئن ذهن بکي ٿو.

آيو آهين سپنن ۾، يا،
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو!

ماڪ پوڻ سان باک ڦٽي آ،
ڪانڊيرن تي ڪو ته نچي ٿو.

تنهنجين ديوارين جي هيٺان،
وڪجي پيو انسان ٽڪي ٿو.

منهنجن گيتن ۽ غزلن ۾،
مشعل ٿي انسان اچي ٿو.

پنهنجي مُنهن پني تو ته چيو هيو:
“بيوس” هاڻي سچ لکي ٿو.

ڳالهيون پونديون ياد اڳوڻيون،

ڳالهيون پونديون ياد اڳوڻيون،
آءُ ته پڪّل(1) ٻيريون ڌوڻيون.

ٻوڏون ٿينديون ٻيڻيون، ٽيڻيون،
روز سنڌوءَ ۾ پونديون رُوڻيون.

ڪڏهن نه رَسنديون ڪيچ وڻن کي،
آريءَ ريءَ اَڌوريون، اوڻيون.

وهون نه پنهنجو وَرَنُ مٽينديون،
لالڻ آهن جيڪي لوڻيون.

نيٺ ته ڇر جو پاڻي ڇڄندو،
ڪَلُ ۾ تَرندا ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون.



(1) پڪل ٻير ڌوڻڻ = (اصطلاح) ڦوهه جوانيءَ ڏانهن اشارو.

اڃان ڪنهنجو به مان ڏٺل ناهيان،

اڃان ڪنهنجو به مان ڏٺل ناهيان،
ساز آهيان، مگر وڳل ناهيان.

ڪتبو ڪنهن قبر جو ڊٺل ناهيان،
چنڊ، گرهڻ ۾ مان وتل ناهيان.

“آهيان ناهيان مان” پرجي آهيان مان،
سج اڀريل آهيان، لٿل ناهيان،

جيڪي سنڌوءَ کي سنڌ ڪوٺين ٿا،
مان انهيءَ قوم کان ڪٽيل ناهيان.

منهنجي ڪثرت سڄي آ “بيوس” مان،
ڀٽائي، اياز ۽ سچل ناهيان.

وار خوشبوءَ ۾ جِهٻيل آهن،

وار خوشبوءَ ۾ جِهٻيل آهن،
پير مينديءَ ۾ رتل آهن.

ناهي الماس ڪو به اکڙين ۾،
هيرا شوڪيس ۾ سجيل آهن.

ڀرون، ڳل، نيڻ، بند زلفن جا،
گيت منهنجا ئي ڄڻ لکيل آهن.

هڪ ته مومل، ٻيو منهنجيءَ مومل کي،
گجرا رابيل جا پيل آهن.

اُتي ڀنئرن جا ڪيڏو ڳاهٽ آ!
وکون جنهن جاءِ تان کڄيل آهن.

اڄ ته “بيوس” جي آستاني ۾،
لوهه، پارس ٻئي گڏيل آهن.

اُڻٽيهين، اونداهيون راهون،

اُڻٽيهين، اونداهيون راهون،
مَئلن ۾ ماڻهن جون داهون.

سسي ڏيو ته سڃاڻي ماتا،
ڪنهنجون آهن ڪٽيل ٻانهون.

ڀينگ بزاريون، بستيون، بندر،
ويرانا واهيرا واهون.

ڌڙ، سسين سان جوڙي ڇڏجن،
آءُ ته گڏجي ڪيون صلاحون.

پڃرا، بند، دٻهڙا ٽوڙي،
سنڌو– ماتا! آءُ اُتاهون.

جڏهن مِرُن کي ماري ورندا،
بند ڪُتن جون ٿينديون باهون.

ماڻهوءَ جي دنيا ۾ ناهي،
ماڻهوءَ کان وڌ ڪو به مٿانهون.

ويڙهه ڪبي ڪا وڏڙن واري،
ڪاري باغ تي ڪهڙيون ڪاهون.

سچَ، سرهاڻ جو بدل آهيان،

سچَ، سرهاڻ جو بدل آهيان،
سڄو خوشبوءَ ۾ ٻڏل آهيان.

وتان واهڙ، ٻنيون ڀريندو ٿو،
چئبو سنڌوءَ جو، مان جل آهيان.

سڏيان پيو ماءُ سنڌ – ڌرتيءَ کي،
چوين ڪيئن ٿو ته مان ڀلل آهيان!

نڪي پارسَ، نه سونَ، چانديءَ مان،
سنڌ جي مٽيءَ منجهان جُڙيل آهيان.

لٿو سورج آ ڄڻ ته نيزيءَ تي،
اهڙو هن وقت مان تتل آهيان.

آهيان مومل جي ماڳ جو ماڻهو،
يا ته “بيوس” جو ڪو غزل آهيان.

ٽڙي پئي آ، ٽاري، ٽاري،

ٽڙي پئي آ، ٽاري، ٽاري،
ڦوڳن ۾ ڪيئن سرنهن ڦلاري.

مس اروڙ کان ڊئم ٺهيو آ،
ٿر ٿيو آ گل گلزاري.

مون سان گڏجي کيڏ بلا شاهه،
بازي جيتڻ، هارڻ واري.

جيسين بکئي جو پيٽ نه ڀربو،
جنگ اسان جي رهندي جاري.

ڪعبو قبلو ويٺو وساري،
گهاري ۾ جنهن رات گذاري.

منهنجي مالها، منهنجا مڻڪا،
سنڌي، سنڌيت، سنڌ سونهاري.

لاش به مائرن کي نه ملن ٿا،
ڪنهن نه اڳي هيئن سنڌ ٻُهاري.

ها، پر تن کي کولي ٻڌايو،
ويڙهه آ لڳڻي وڏڙن واري.

سنڌ جو شان سلامت رهندو،
چار ڏهاڙا آهن چاري.

کولي ڪن ٻڌي ڇڏ آيل!

کولي ڪن ٻڌي ڇڏ آيل!
سنڌ ۾ رهندا، سنڌ جا ڄايل.

خاڪ مٽيءَ مان پاڳل شاعر،
ڳولهي آيو نيڻ اُجهاڻل.

سسيُ ڌاران ڪير سُڃاڻي!
ڪنهنجي آهي ٻانهن ڪٽايل.

کڻ سوٽو، ڀڃ مانڊا! مرليون،
نڪتا آهن نانگ بڇايل.

گئسن ۽ بم گولن سان ڇو؟
مرندا آهن ٻار بکايل.

منگهوپير جي ٽڪرين پويان،
ڪنهنجا آهن ڪوٽ اڏايل؟

موتيءَ گل تي ماڪ پئي يا،
آهن ڪنهنجا نيڻ وڇايل.

کِپري کان کنهواريءَ تائين،
“بيوس” آهن ڇايا بادل.

قطعا

---

قطعا

(1)
انسان جي تاريخ نئين سِر پيا لکون ٿا،
بلال جي گهاڻي ۾ ٻئي پير وجهون ٿا،
هي ڪلڪ جڏهن سچ جي مسيحا تي لکي ٿي،
هر لفظ ۾ انسان جي تصوير ڏسون ٿا.

(2)
انسان جو تازو ڪو ڪٿي پير نه آهي،
ڪو ڪڻڪ جي ٻاري ۾ ڇڻيو ٻير نه آهي،
اي دوست! جدا سڀ جي لکڻ جو آ نمونو،
تاريخ جي بابن ۾ ڪوئي ڦير نه آهي.

(3)
آئيني ۾ ماضيءَ جا چٽا عڪس ڏسي وٺ،
هِن دؤر جي ماڻهوءَ تي جو لکڻو ٿي لکي وٺ،
“مجبور” جي عنوان تي ڪجهه لکڻ کان اڳ ۾،
هِن مَس جي ڪُپيءَ ۾ ڪي ٻٽي لڙڪ وجهي وٺ.

(4)
هڪ پاسي کان چهرن تي هيو چيٽ ڦلاريو،
ٻئي پاسي سلاخن مان پئي قوم نهاري،
ٿيندي رهي اک– ذهن جي خاموش لڙائي،
منزل تي اسان سرخ ڦريرن کي اُڏاريون.

(5)
هڪ پاسي کان گردن ۾ ٿو زنجير پيو لڙڪي،
ٻئي پاسي کان انسان ٿو انسان کي رڙڪي،
اي پيارا وطن! واهه تنهنجا عجب نظارا!!
هِت کيت جلن ٿا، ته هُتي لاش ٿو لڙڪي.

(6)
چڱو ٿئي اڄ ئي ڦاڙي ڇڏ دوا درمان جو نسخو،
اڄوڪي دؤر ۾ تون ڇا ڪندين لقمان جو نسخو،
ڦٻائي هٿ ڳٿڙ ۾، ڪر مٿان ڪو وارو داسي جو،
اِهو ئي ٿئي فقط ڪامياب دريا خان جو نسخو.

(7)
دريا خان، هوشوءَ جي حملي ۾ ڳولهيو،
يا هيمو ڪلاڻيءَ جي جهنگلي ۾ ڳولهيو،
مان تخليق جي ڌنَ ۾ مصروف آهيان،
مون کي گهر جي آڏو ڪنهن گملي ۾ ڳولهيو.

(1) آلو ڏنڊو = داسو
(8)
نه آمر جي ٻوليءَ ۾ گوليءَ ۾ ڳولهيو،
اسان کي سنڌڻ ماءُ جي لوليءَ ۾ ڳولهيو،
قبن ۾، نڪي قبرستانن ۾ آهيون،
اسان کي ڪنهن سنڌوءَ جي ڇوليءَ ۾ ڳولهيو.

(9)
جتي دل جي بستي، جتي ڍول ماڻهو،
جهلين ڪين ڪنهنجي اڳيان جهول ماڻهو،
اسان اُن وطن جا قصا ٿي سڻايا،
هڪالي ڇڏياسين جتان رول ماڻهو.

(10)
تاريخ جي هر لفظ کي صابڻ سان ڌوئن ٿا،
مطلب ته نوان باب نئين سر پيا لکن ٿا،
ڌرتيءَ جي وسيلن جي عمر وقت جا شاعر،
ماڻهوءَ کي چئي ماڻهو، قلم ساڻ ڪٿن ٿا.

(11)
آويءَ ۾ پچايو، ڀلي آڙاهه ۾ اڇليو،
هن دؤر جي شاعر کي درياهه شاهه ۾ اڇليو،
تخليق جي وهنوار ۾ مصروف ئي رهيو،
ڳالهين ۾ رڌايو يا کڻي ڳاهه ۾ اڇليو.

(12)
اسان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي وڻن وانگي کتل آهيون،
نشانبر آهيون نُڪتن سان، اوهان ليکي لڪل آهيون،
فرق هي صاف ظاهر آ، اجهو ڌرتيءَ جي رشتن جو،
اوهان کارا، کٽا، اُگرا، اسان ٽپڪا پڪل آهيون.

(13)
بقا ڌرتيءَ ۽ ماڻهوءَ جي هٿن جي هاج ۾ ڳولهيو،
جيئڻ وارن وسيلن ۾، نه ڪنهن جي تاج ۾ ڳولهيو،
تفاوت ڪنهن طريقي سان “چوڻ ۽ ڪرڻ” ۾ “بيوس”،
سنڌو، ميسيسپي، ڪانگو، گنگا ۽ گاج ۾ ڳولهيو.

(14)
زهر جي زنگ لڳل شيشن کي ساڙي ٽُوئن آلن ۾،
جيئڻ جي رس پيون ٿا پيا اڇن اُجرن پيالن ۾،
نه ڪوئي زهر پي مرندو نه اهڙا حادثا ٿيندا،
اُٿو، اُٿلو، مچو، مچلو، هلو، هڪليو همالن ۾،

(15)
جڏهن اڄ جو شاعر ڪو ڦاسيءَ چڙهي ٿو،
انگورن جي ول ۾ ڦٽي سو پوي ٿو،
جنهن مٽيءَ پنوڙي جي هيٺان اچي ٿو،
تنهن مٽيءَ کي ماڻهوءَ جي صورت ڏئي ٿو.

(16)
سنڌڻ ماءُ، سنڌي پيءُ جو اولاد آهيون،
سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد آهيون،
امن، عاقبت ۾ آهيون ميڻ جهڙا،
جي پڙ ۾ ٽپون ٿا ته فولاد آهيون.

(17)
اچو زندگي ان جي داڻي ۾ ڳولهيو،
نه ڀَيلن گهڙن ۾ نه گهاڻي ۾ ڳولهيو،
سڀاڻي جا ڪوڙا دلاسا وساري،
هلي چو اسان ساڻ “هاڻي” ۾ ڳولهيو.

(18)
ڪنارن، ڪپن تي ڀنڀا وار ڇوڙي،
مَهي کير، ڌونئرو، مکڻ کي ولوڙي،
سڃاتم اهو ڇوهه سنڌوءَ جو آهي،
جا اُڏريو اچي پئي ٻُنڊا بند ٽوڙي.

(19)
اهرام جي تابوت نه ڪنهن کاڻ ۾ ڳولهيو،
مهراڻ جا موتي وڃي مهراڻ ۾ ڳولهيو،
ڦيٿي ۾ ڀريل فڪر ۽ فولاد جي طاقت،
لوهر جي هٿوڙي ۾ ۽ سانداڻ ۾ ڳولهيو.

(20)
زندگي ثبات آ،
موت کان بجات آ،
حسن، رنگ، روپ جي،
پوري ڪائنات آ.

(21)
زندگي هڪ واردات،
موت واري چپ چپات،
زندگي منهنجيءَ دنيا ۾،
ڏينهن جهڙي هرڪا رات.

(22)
زندگي سنڌوءَ جي ڌارا،
زندگي ڪڻڪن جا کارا،
زندگي صحراتي بارش،
زندگي گورا ۽ ڪارا.


(23)
دوست ڪو وڇڙي وڃي ٿو،
بخت ڄڻ بگڙي وڃي ٿو،
درد کان بيمار دل جو،
هر بکيو اُڊڙي وڃي ٿو.

(24)
تنهائي ۾ هڪ، هڪ ڇڏيندو وڃي ٿو،
پنهنجي راهه هر ڪو مٽيندو وڃي ٿو،
هزارن ۾ اهڙو به ڪو دوست آهي،
اکيون بند، پوءِ به سڏيندو وڃي ٿو.

نظم

---

هي دنيا

مائيڪل(1) جو شهڪار
هي دنيا.

مائيڪل جو شهڪار!
ماڻهو ڪو به نه فاني آهي،
جسمن جي قرباني آهي،
روح اصل سيلاني آهي،
ڪلجڳ جو ڪلتار،
هي دنيا.

ساهه وجهي ۽ ساهه کڻائي،
مٽيءَ جو ٿي مان وڌائي،
ماڻهوءَ جهڙا بُت بڻائي،
ڪنڀر واري ڪار،
هي دنيا.

گانڌي، گوتم گياني آيو،
رام، رسول رباني آيو،
موسا، لينن، ماني آيو،
راڻو، راءِ کنگهار،
هي دنيا.

منهنجي نرتا، منهنجو ناڻو،
اَن- داتا ۽ اَن جو داڻو،
منهنجي مومل، منهنجو ماڻو،
ٻاجهر، ڪڻڪ، جوار،
هي دنيا.

بيگاني بينور نه آهي،
ٻيڙيءَ وارو پور نه آهي،
منهنجي دنيا مور نه آهي،
ڪوريئڙي جو ڄار،
هي دنيا.

دنيا ڀانڍو ڀيلو ناهي،
ٻن ڏينهن جو ميلو ناهي،
دمڙي ۽ آڌيلو ناهي،
آهي پدمان پار
هي دنيا.


اعلا، اُولا، افضل ماڻهو،
اعظم، معظم، اجمل ماڻهو،
دائم، قائم، اڪمل ماڻهو،
خالق، خلقڻهار،
هي دنيا.

ٽالسٽاءِ، ٽئگور جي دنيا،
ڪارونجهر جي مور جي دنيا،
“بيوس” ۽ ڀنڀور جي دنيا،
شاعر وارو پيار،
هي دنيا،
مائيڪل جو شهڪار!


____
(1) مائيڪل ائنجلو = اطالوي مصور ۽ سنگتراش، جنهن پنج سال وقفن سان محنت ڪري حضرت موسيٰ جو بُت جوڙيو هو جنهن ۾ ڳئون جي وري پوڄا تي کيس غصي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. (سنڌ جي شاعر ۽ دانشور تنويز عباسيءَ جي سفرنامي “ڏوري، ڏوري ڏيهه” تان ورتل).

سنڌ منهنجي امان

سونهن تنهنجيءَ مٿان، سنڌ منهنجي امان!
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين – ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان.

تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چندن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪک مان پيو هر هر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وير تنهنجو وٺان.

هوءَ منڇر کٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
هوءَ ڪينجهر رسي ڪيئن جا رسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سڪي ڪيئن جا سڪڻي نه آ،
ڪر کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.

ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سر تي لکان،
ڏاٽي، ڪوڏر، کرئي، گهوٻي هر تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان.

هوءِ جا “بيوس” بکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
ان سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.

سچ لڳي ٿو

سوريءَ سان سرچاءُ ڪري ٿو،
پنهنجي واري ساڻ چڙهي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

مٽيءَ چاڻو ساڳو آهي،
سارو ڪم هٿن جو آهي:
چڪ تان جيڪو ٿانءُ لهي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

برش، قلم آڱر جو جوڙي،
رنگ جي بدران رت مان ٻوڙي،
مصور جيڪو نقش چٽي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

اُن جي سرسي، اُن جي ساري،
ماڻهو، ڦرهي قسمت واري،
جيڪو پنهنجي پاڻي لکي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

ڪاٺيون ناهن رت ٻريو آ،
خاڪ هٽائي مون به ڏٺو آ،
آويءَ ۾ انسان پچي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

گهر ۾ ويهي گرهه کسي ٿو،
ڪوئي آ جو بک بڇي ٿو،
تڏهن ته ماڻهو ماس چڪي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

سج لهي ويو، چنڊ کِڙيو آ،
گرهڻ ۾ انسان وَتو آ،
تڏهن ته پيو گهڙيال وڄي ٿو،
سچ لڳي ٿو.

پاران ڪنهن ته پڪاريو آهي

جام ڀري مون هاريو آهي،
پاران ڪنهن ته پڪاريو آهي.

هوءَ لهر جا گم ٿي ناهي،
هُن ڀر کان ٿي آئي آهي،
ساحل سان ٿي سينو ساهي،
بيٺي آهي لاهي پاهي،
اِن لهر للڪاريو آهي......

ڪانيرا، ڪوڙال اچن ٿا،
هو ڏس، ڪهڙا هنج اُڏن ٿا،
سَر تي جي سرخاب لهن ٿا،
انڊلٺ وارا رنگ لڳن ٿا،
يا ڪنهن رت کي هاريو آهي.....

تنهنجو خالي پيٽ ڏسي مون،
گلن بنا هي چيٽ ڏسي مون،
کُورن– هاڻو کيٽ ڏسي مون،
پيٽ مٿان اُپيٽ ڏسي مون،
ٻج ٻنيءَ ۾ هاريو آهي......

گهُليون ڏکڻ جون هيرون آهن،
سمنڊ کي آيل سيرون آهن،
واهڙ آهن، ويرون آهن،
لڙهندڙ ڄڻ ته لڪيرون آهن،
جن مان ڪنهن نه نهاريو آهي.....

وقت کان وارو وٺڻو آهي،
مچ وري ڪو مچڻو آهي،
نينهن اسان جو نچڻو آهي،
واچوڙو ڪو اچڻو آهي،
تڏهن ڏيو مون ٻاريو آهي.....

رات به ٺهندي رڇ ڏٺا ٿم،
“بيوس”، ڇارون ڇڇ ڏٺا ٿم،
اهڙا جهڙا وڇ ڏٺا ٿم،
جڏهن به مانگر مڇ ڏٺا ٿم،
گهاتو ٿي مون گهاريو آهي......

واٽ ٺهندي رهي

پير کپندا وڃن، واٽ ٺهندي رهي
هر نئين موڙ تان ڌوڙ اُڏندي رهي

واٽ ٺهندي رهي.

فاصلا ٿا وڌن، قافلا روڪيو،
گھاٽي وڻ جو ڏندڻ ڪو هِت ته پوکيو،
هر مسافر کي جئن ڇانوَ ملندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

ڪانهن جي ڪِلڪ جو قلم ٿڪبو ڪٿي!
ويِر بيهي رهي، وقت رڪبو ڪٿي!
هر ظلم جي ڀلي رات وڌندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

ذهن روشن رهي، هٿ تيشا ڪريو،
خون ٻارڻ سهي، پير ڦيٿا ڪريو،
وک طوفان جيان تيز کڄندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

حوصلو هر گھڙيءَ پيو اجالا ڪڍي،
آس اوندهه ۾ پئي تيز شعلا ڪڍي،
سرخ چهرن منجھان باک ڦٽندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

رات جي سينڌ ۾ چنڊ چمڪيو ته ڇا،
ڪو ڏيو ٻاٽ اوندهه ۾ ٽمڪيو ته ڇا،
سچ ۽ سونهن جي جوت جلندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

خون ٽچڪي پيو، پير ڦٽجي پون،
گرم واريءَ ڀل لڱ لٽجي وڃن،
رت صحرا جي آويءَ پچندي رهي-

واٽ ٺهندي رهي.

پاڻي تي پيا هنج لهن ٿا

اک جو بند ٿيو ڦرڪو آهي،
ٻاهر در تي کڙڪو آهي.

قلم، پنا، ڪپڙن جو جوڙو،
لوئي، اجرڪ، هَر، هٿوڙو،
پنهنجو ارڪو ترڪو آهي .....

وائين مان ٿي وڻ پون ٿا،
پاڻيءَ تي پيا هنج لهن ٿا،
ذهن به پنهنجو “سَر” ڪو آهي.....

مانگر کي ٿو ونجهه اولاري،
جيون جو ٿو گيت جھونگاري،
وڻجاريءَ جو وَر ڪو آهي ....

ماڻو پنهنجو ماس چَڪي ٿو،
من جي اوٻر منجهه پچي ٿو،
حيرانيءَ ۾ هرڪو آهي ......

ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙن ٿا،
ڀَنورا، پوپٽ واس وٺن ٿا،
جيون کي ڀي “جھَرُ” ڪو آهي .....

ڇلنديون ٿر جون ڇوريون اينديون،
ڏونئرا کائڻ ڀوريون اينديون،
ٿر تي وڄ جو ڪڙڪو آهي .....

نٿ ۾ موتي پوتل ناهي،
کير وٽن ۾ اوتيل ناهي،
جوانيءَ جو ڪو جرڪو آهي ....

نيل – ڪنول تي ماڪ پوي ٿي،
پاڻياريءَ مان باک ڦُٽي ٿي،
شايد تانگھو تَڙڪو آهي .....

اُڏريو ڪو به عقاب نه آهي،
ڪنهن ڀڪشوءَ جو خواب نه آهي،
“بيوس” کاڌو ڀڙڪو آهي ......

گرهڻ ۾ انسان وتو آ

مايا تي پئي ماس کَتو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

جيون ڪوئي ليڪو ناهي،
جنهن کي ڪوئي ٺاهي، ڊاهي،
ڌنڌلي هڪ تصوير ته آهي،
ڪٿان، ڪٿان ڪو نقش ڊٺو آ-
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

لامن تي پيو لڏندو لمندو،
ٽپڪو بڻجي آخر ڇڻندو،
ڪنهن سانوڻ ۾ نيٺ ته پچندو،
جيڪو ميوو اڄ ڪَچو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

هڪڙا مرندا ٻيا پيا ڄمندا،
واچوڙن جيان ويندا وڌندا،
اوندهه ۾ ٽانداڻا ٽپندا،
منهنجو هي اعلان سچو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

ڪيئن پڇين ٿو ڇو آ، ڇاهي!
تنهنجي اک آفاقي ناهي،
مصور جو ڪو ڏوهه نه آهي،
مصور جو هر نقش چٽو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

ڍير مٽيءَ ۾ ٿانءَ لڪائي،
ويٺو ڪوئي باهه لڳائي،
ڀلي ڏسي ڪو خاڪ هٽائي،
گرهڻ ۾ انسان وتو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

جيون جا هي جهاڪا آهن،
نگريءَ نگريءَ ناڪا آهن،
واهيرن ۾ واڪا آهن،
ٻاهر شايد سج لٿو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

ڪالهه به ڪنهن جو رت ٽميو هو،
واريءَ تي نشان ٺهيو هو،
سِڪا آڇي، تو ته چيو هو:
انسانن جو رت مٺو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.

هر ڪو پنهنجو جام کڻي چي،
“شاهه” کڻي چي، “شيام” کڻي چي،
بيشڪ ڪو بينام کڻي چي،
مڌ ماٽيءَ جو ڍَڪ لٿو آ،
آويءَ ۾ انسان پڪو آ.


(1) نارائڻ شيام = ننڍي کنڊ جو برک شاعر.

ٿورو انتظار ڪر

ٿورو خاموش ٿي، ٿورو انتظار ڪر،
سج اُڀري پيو، مون تي اعتبار ڪر،

ٿورو انتظار ڪر.

چنڊ اُلهي وڃي، پوءِ به ٻرڻو اٿئي،
خالي هر ٿانءُ رت ساڻ ڀرڻو اٿئي،
پنڌ پوئين پهر جو به ڪرڻو اٿئي،
هِن فصل کي کڻي، ٻي ٻني تيار ڪر.

ٿورو انتظار ڪر.

سرخ چهرن تي آلاڻ ڏسندو رهين،
روز مٽيءَ تي ڳاڙهاڻ ڏسندو رهين،
ڪالهه تائين تون ڪاراڻ ڏسندو رهين،
اڄ هتان کان صبح جو به ديدار ڪر.

ٿورو انتظار ڪر.

ڪن ڏنا جوان ۽ ڪن ڏنيون جانيون،
گوشت ۽ خون جون گرم مهمانيون،
ويا ڇڏي جيڪي پنڊين مٿان مانيون،
تن وريامن تي ويچار هر يار ڪر،

ٿورو انتظار ڪر.

زندگي جي سفيرن ۾ گونگو نه ٿي،
سونهن سچ جي اسيرن ۾ گونگو نه ٿي،
حيف ٿئي! هِت هميرن ۾ گونگو نه ٿي،
ڪا ته نئين ڳالهه ڪر، ڪو ته اظهار ڪر،

ٿورو انتظار ڪر.

قلم کسجي وڃي، شعر لکندين پيو،
پير ڪٽجي وڃن، پنڌ پڇندين پيو،
زندگيءَ جو زهر روز پيئندين پيو،
اڄ ته محفل ۾ “بيوس” هي اقرار ڪر.

ٿورو انتظار ڪر.

آزاد نظم

---

عوام جو گيت (Song of Masses)

اسان اتي پهتا آهيون،
جتي توپ جي نالين ۾
جهرڪين آکيرا ٺاهيا آهن
جتي بندوق جي ڪنداق تي
پٽ – ڳيري
صبح جو سرگم ٿي ڇيڙي
جتي ٽارچر – ڪئمپن ۾
ڪڻڪ ڦٽي آهي.
اسان اُتي پهتا آهيون
جتي ٻارڙا خالي ڪارتوس
بمن ۽ ڳوڙها – گئس جا گولا ڍوئي
کڏون ۽ خندقون ٿا ڀرين
جتي ڦاسي – گهاٽ ڏانهن ويندڙ رستن تي
رابيل ۽ مينديءَ جا ٻوٽا پوکيا ويا آهن
جتي زندان بنا تالن جي آهن
جتي ڪانگو جي حريت پسند جوڌن وانگر
اسان جي چپن ۾
نڪي ٽنگ ٿا ڪڍيا وڃن
۽ نڪي اسان جا چپ
تالن سان بند ٿا ڪيا وڃن
اسان اتي پهتا آهيون
جتي سنگينن ۽ زنجيرن کي پگهرائي
منجهائن سنداڻيون ۽ ڏاٺا ٺاهيا ٿا وڃن
ياد آ
اُها ڏانئڻ جهڙي رات
جڏهن معصوم ٻارڙن جون دليون
سنگينن سان ڦيٿيون ويون هيون
آ مر جي ٽولن تي ڪتا ڀؤنڪيا هئا
رکوال جاڳيا ها
جن تي گولين جي بوڇاڙ ٿي هئي
ياد آ
اُها مسند
جيڪا بندوق جي ٿوڻين ۽ ٿنڀن تي بيٺل هئي
جنهن کي هاڻي هاڻي هڪ ئي ٺوڪر سان ڪيرايون پيا اچون
اڳتي جمهور جي مسند تي ڪو به بندوق نه رکندو
ڪو به بندوق نه رکندو
ڪو به بندوق نه رکندو:

او ساٿي!

*
او ساٿي !
شام ٿي آ،
پکين جا وڳر
پنهنجن واهيرن ڏانهن وڃي رهيا آهن.
سندن ٻولين ۾
تنهنجا سڏ، تنهنجا پڙاڏا پيا گونجن.
گھنڊن ۽ ٽلين جا آواز –
جيون مان هڪ ڏينهن جي کوٽ جو اعلان پيا ڪن.
ڌنارن جا ڌڻ
وٿاڻن ڏي واپس پيا ورن.
اڄ به ڌرتيءَ ڄايون،
پنهنجين مر چڙهيل ڪاراين ۾،
رابيل ۽ گلاب جا هار لٽڪائي،
ڳوٺ جي وڏي دروازي تي انتظار ڪري،
واپس موٽي آيون آهن.
مان ڏسان پيو:
مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ هن ٻالڪ،
بغليون هڻي،
مرجھايل گلن جي هار کي،
پٽي، کوهي،
گل، گل کان.
پنکڙي پنکڙيءَ ،
جدا ڪري ڇڏي آهي.
ائين پيو لڳي،
ڄڻ،
ڪو زخمي، هاڻي هاڻي،
رت هاري ويو آهي.
*
ڪا به وريتي بتيءَ جي وٽ نٿي سوري،
جوت نٿي جلائي.
او ساٿي!
وقت جي تيز وهڪرن،
توکي لوڙهي،
هڪ اهڙي موڙ تي پهچايو آهي،
جت نه مان،
نڪي منهنجا هٿ توکي ڇهي سگھن ٿا.
ڪالهه جڏهن پٻن تي بيهي،
نَرو کڻي،
ڌرتيءَ جي گولي تي نگاهون اُڇليون هيم.
تڏهن تنهنجي چوڌاري
لوهه جي ديوار
۽ ٿورو پرڀرو
باهه جو لوڙهو ڏٺو هئم.
*
او ساٿي!
تون ائين نه سمجهه ته مان توکان ڪو بيخبر آهيان.
ائين نه سمجهه ته مان اڃا ذات جي خول ۾ بند آهيان.
مون کي سڀ خبر آ.
تنهنجن جذبن، احساسن،
اولڙن،
۽ آدرشي عڪسن جي.
*
جڏهن اُماڙيون تنهجين پنبڻين ۽ اکين جي ڇپرن جون چوٽيون ساڙينديون آهن،
تڏهن پڇڙ تارا،
اشارن اشارن ۾،
تنهنجيون ڳالهيون ڪندا،
گم ٿي ويندا آهن.
جڏهن رات جو
توکي ڌڪو ڏئي،
اوندهه ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي،
تڏهن ستارا،
پنهنجيءَ جوت کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيندا آهن.
*
اجھو ڪونڊين مٿان رقص ڪندڙ گلن جون قطارون ڪومائجن پيون.
پڪ نراسائي جي ڏانئڻ
آرس ڀڄي،
ڏند ڏيکاري، توکي ڊيڄاري پئي –
۽ تون کلين پيو.
بيل گاڏين ۾ جوٽيل ڏاند،
ڇرڪ ڀري
بيهي رهيا آهن.
پڪ ڪو وحشي هٿ، تنهنجي نڙگھٽ کي زخمائي پيو.
*
او ساٿي!
تو پاڻ ته چيو هو:
“ڪنهن ڪنهن رت مان ڳاڙها گل ٽڙندا آهن،
ڪي رت ڦڙا
تاريخ جا عنوان بڻبا آهن.”
جڏهن پاڻي تيل جيان ٻرندو آهي،
جڏهن منرن ۽ مانڌاڻين کي باهه لڳندي آهي،
تڏهن تون تياس کي ڀاڪر پائيندو آهين.
جڏهن زبان هڪ ڀيرو وري سچ کي ورجائيندي آهي،
۽ ٽياس، تنهنجي جسم تي
ڪي نشان،
ڪي نقش
ٺاهيندو آهي،
تڏهن مايوس ٿي، واپس آڻي
تو کي وري اوندهه ڏي ڌڪي ڇڏيندا آهن.
۽ پوءِ تون ٻاٽ اوندهه ۾ ويهي سوچيندو آهين،
اڳڙين سان تازن زخمن کي اُگهي،
پراڻن ڦٽن تان کرنڊ لاهيندو آهين.
۽ ائين،
ماڻهوءَ جي جيون کي حسين بنائڻ لاءِ ويٺو لکندو آهين
هائو،
تون اونداهين ۾ لکندو آهين،
ڇاڪاڻ ته تنهنجي اکين ۾ نئين نسل جي جوت جليل آهي.
تنهنجي قلم مان،
روشنيءَ جا ڪرڻا نڪري، ڪاغذ تي ڦهلجي ويندا آهن. تو تڏهن ته ههڙيون سون سريکيون سٽون لکيون آهن!
پرين!
تون دوريءَ هوندي به مون سان گڏ آهين.
مان توکي ڏسان ٿو،
ڇُهان ٿو.
تنهنجي زخمن جي روشنيءَ
منهنجي ذهن جي اُفق تي
ڏات جا ڏيا ٻاريا آهن.
مسافرن کي منزل جو نشان مليو آهي.
اوڪارونجهر! او هالار ! او کير ٿر!
او سنڌوءَ جا سينا !
او جکر! !
او جس کرا!
تنهجين سوچين جو “اوٻر”
فضا ۾ پکڙجي چڪو آهي.
ڄاڻ پياسي ڌرتيءَ تي پلر جي پالوٽ ٿي.
ساٿي!
تو اُهو ڪرنڦل آهين،
جيڪو آڙاهه تي چڪي چڪي
جيون رس پيو تيار ڪري
جيڪا سڀاڻي
سماج جي ڪوڙهه کي
صابڻ جي گجيءَ جيان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيندي!

ڌرتي ماتا

ڌرتي ماتا
منهنجي ڌرتي!
ڪنهن جي سانئڻ،
ڪنهن جي سرتي :
منهنجي دنيا،
منهنجي عقبا،
منهنجي هستي،
موج ۽ مستي،
منهنجي ماتا!
او ان – داتا!
تنهنجيءَ ڪک مان ڄائو آهيان،
تنهنجو آهيان،
ڪانڊو توڙي لائو آهيان.

وهندڙ واهن،
برساتن ۾،
پير پسائي،
سانوڻ رُت ۾،
ٻيرين هيٺان ڦولارن ۾،
ڪلهه جا ٻالڪ،
راند رچائي، راند ڦٽائي،
هڪڙيءَ ئي منزل جا راهي، هِتي پڳا هُون.

تنهنجي مٽيءَ ۾ ليٽي پيٽي،
ڪونجن جيئن قطارون جوڙي،
سجدا ڏيئي،
اسان سڀيئي،
تنهنجا ويٺا ٿورا ڳايون،
اَن پاڻيءَ جي هيڏي دولت،
ڪٿي رکايون،
ڪيئن کٽايون،
ڪيئن کٽايون!

(زندگي- 1)

هڪ نويلي نار،
جنهن جو مُک،
دنيا جو آدرش.
ڪاڪ جي مومل،
حسن ۽ عشق جو مسجود،
حق موجود،
رحمت جو نزول.

(زندگي – 2)

زندگي ،
انسانيت جي ابتدا –
ابتدا، جنهن موت جو انعام آندو، انتها –
انتها، جنهن انتها مان زندگيءَ ڳولي لڌي هڪ ابتدا:
مُرڪ ۽ مانيءَ کڀي جي آرزو.
جنهن جو امڪاني ازل،
پر نه اُن جو ڪو ابد،
هڪ ڊگھو اٿاهه ساگر.

زندگي،
صحرا جي ڪنهن خاموش ۽ ويران ڪاريءَ رات جو نالو نه آ،
پن – ڇڻ
يا ڪنهن بيٺل دُبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي نه آ.
زندگي، کرڙيءَ، مياڻي جي چمڪندڙ ڦوهه جوانيءَ جو مڪمل باب آ،

زندگي،
ڪوڏر، کرئي، گھوٻي ۽ هَر جو داستان،
۽ خلائن جو سفر،
واهه جي ڪپ تي پپر جي ڇانوَ آ،
صبح جو ٿڌڙيءَ هوا تي ٻاجھريءَ ۽ جوئر جي لڏندڙ سنگن جو رقص آ،

زندگي،
صحرا ۾ تيِلو ڪڻڪ جو،
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مان جنم،
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تي ختم،
اڄ جو انعام،
ڪلهه جو فسانو،
۽ سڀان جي نئين دنيا جي نئين ڀٽائيءَ جو جنم.

زندگي،
بس، سنڌ کي ارغونن جهڙي اجنبي، جابر اديسيءَ جي چنبن مان،
ڌڪ هڻي،
آزاد ۽ آجو ڪرائڻ لئه ڳڙي ۽ مينهن جو طوفان آ:
اروڙ جو ماضي،
اڄوڪي نسل جي ڇڪتاڻ وارو حال آ:
هو بهو ڪاهوءَ دڙي،
“موهين” جو مستقبل آ پنهنجي زندگي،
جِت دڙن، کنڊرن مٿان ماڻهو اڏيندا گھر نوان،
ويران رستن تي وري رقصان ٿيندي زندگي!

زندگي،
سنڌوءَ جي ڌارا،
ڪونج جو ڪُرالاءُ،
اکين جو کُاڻ،
لبنان جي لوساٽيل ڌرتيءَ مٿي زيتون جي وڻ جو ڦُٽڻ!

زندگي،
تاريخ دهرائي پئي،
تاريخ لکرائي پئي،
هر اونداهيءَ رات کان پوءِ –
هو ته ڏس!
هُن ڏهر پويان،
وڏيءَ ڀٽ کي اورانگھي، جھوپڙين ۾،

پرهه پنهنجا ديپ ٿي ٻاري پئي
صبح پنهنجو پاڻ ڏيکاري پيو!

آزادي

هيءَ دنيا ،
هڪ سامراجيءَ جي نظر ۾،
ڪولوزم (1) جو ڪوٽ آ،
جِت بکايل شينهن ماڻهن سان پيا ويڙهائجن،
نرم جسمن کي ڪپهه وانگي پيو پڃرائجي.

هيءَ دنيا،
هڪ وڏي جاگير آ،
جت سونهن ماڻهوءَ جي سِڪن تي روز پئي نيلام ٿئي،
ڏاندگاڏيءَ ۾ پيو انسان کي جوٽائجي،
ڌرتتيءَ جو،
ڳاهه ٽانڊن جو پيو ڳهرائجي.

هيءَ دنيا ،
يا ته بس ابليس (2) جي ميراث آ،
سچ سونهن جو آهي نگر،
هر فرد ڄڻ ابليس آ:
هرڪو پنهنجيءَ ريت تي آهي اٽل،
انڪار ئي انڪار آ-
جت ضميرن تي لڳل تالو نه ڪو زنجير آ،
بس، اصلون جو اصولن مان جنم:
اَن – پاڻيءَ جي دنيا ۾،
زندگي آزاد آ،
هر جيوُ جِت آباد آ.

_________
(1) ڪولوزم= پراڻي يونان ۾ مذهبي ڏوهارين تي ڪولوزم جي ڪوٽ ۾ بکيا شينهن ڇڏيا ويندا هئا.
(2) مذهبي عقيدي موجب ابليس – جنهن پنهنجي ذات ۾ شخصيت جي وڻ مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي ڏندڻ جيڏي ڪاٺي ڀڄڻ جي اجازت نه ڏني آهي

جلا وطن

ياد آ،
زيتون جو وڻ،
پنهنجي هٿڙن سان لڳايل،
ياد آ،
انجير جي ٽاريءَ مٿان ٻن ڳيرڙن جون چنهنبون
چنهنبن سان ملائي زندگيءَ
۾ موج ۽ مستي ڀرڻ.

آءٌ سرحد پار پرڏيهي، پهاڙن جي مٿان،
پنهنجي هن بندوق سان گڏ:
هيءَ به گھايل،
مان به گھايل؛
هُن پهاڙن کان پريان بس چند قدمن تي ته منهنجو ماڳ آ،
هُو، ڏسو!
او هن ٽڪر هيٺان ته منهنجو گھر هئو،
۽ هُن وڻن جي ڇانوَ ۾ ڌرتيءَ جو هڪڙو،
گيت مون جوڙيو هئو،
ڳاتو هئو.

ياد آ،
هڪ سرڻ جو پن – ڇڻ ۾ آکيرو وجھڻ،
هڪ ڏينهن منهنجي جھول ۾ انگور جي ول،
مان ٻٽن پِيلن انگورن جو ڪرڻ.

ها، يا آ،
سڀ ياد آ:
آءٌ سرحد پار پرڏيهي پهاڙن جي مٿان گهاٽن وڻن جي اوٽ ۾ پنهنجي هن بندوق سان گڏ:
مون کي ڪنهن هڪ ٻارڙي جو غم نه آ،
مون کي ڪنهن ڀاتيءَ جو تر جيترو اُلڪو نه آ،
زندگيءَ ۾ خواب اهڙا کوڙ ڏسڻا ٿا پون.
ڪير ٿو چئي ذهن منهنجو ٿي ويو مفلوج آ؟
ڪير ٿو چئي مان ڪو پاڳل آهيان.
منهنجا جذبا جوان آهن.
منهنجو مايوسين سان ڪو رشتو نه آ.
مون ته مايوسين کي هن بندوق جي گولي
هڻي، زخمي ڪري، هن تيز

وحشي ڏندن سان چيري چڪي،
اُن ڏينهن
هڪڙي وڻ تي لٽڪايو هئو،
جنهن ڏينهن
پنهنجي وطن جي مون سرخ ڌرتيءَ کي
هنن زخمي چپن سان هو چميو.

مون کي سنگينن جي نوڪن ساڻ سرحد پار هو اڇليو ويو،
آءٌ سرحد پار پرڏيهي پهاڙن جي مٿان،
پنهنجي هن بندوق سان گڏ
سرخ ۽ دونهاٽيل “بيروت” جي مٽي چمڻ ٿو چاهيان.
پنهنجي ڦاٽل جهول ۾ پيلن انگورن جو ڪرڻ،
سرڻ جو ٽڪريءَ تي آکيرو اڏڻ،
پنهنجو لوساٽيل زيتون،
اُجڙيل گهر ڏسڻ ٿو چاهيان.
ها،
مان ڌرتيءَ جي ڌٻڻ کان اڳ ۾
پنهنجي ديس واسين ساڻ گڏجي،
دشمنن کي ابن ڏاڏن جي وطن
تان وڻ جي پاڙن جيان اکيڙي،
سرحدن کان دور اڇلڻ ٿو گهران.

دشمنن کي ابن ڏاڏن جي وطن تان وڻ جي
پاڙن جيان اکيڙي،
سرحدن کان دور اڇلڻ ٿو گهران.
مان دور اڇلڻ ٿو گهران!

”ساري ڌرتي ديس اسان جو“

ساري ڌرتي ديس اسان جو
جڏهن ڪو مانيءَ ويلو کائي
مل جو لوهو گيٽ ٿو کولي
۽ ڪو هاري
ٻنيون ريجي
ٻيجو پوکي
ڳوٺ وري ٿو
ڀيٽ ڀري ٿو
منهنجو ساٿي!
هانءُ ٺري ٿو
ايٿوپيا جا پيٽ- بکايل
۽ ايراني گلف جا ناکا
لوساٽيل بيروت جا ماڻهو
منهنجا ڀائر
منهنجون ڀينر
منهنجو مائرون
آءٌ تني جا سڏ ٻڌان ٿو
آءٌ تني سان گڏ رهان ٿو
آءٌ تني سان گڏ رهان ٿو.

ڪافيون

---

جيئي شال سانگين سنگهارن جي ٻولي

جيئي شال سانگين سنگهارن جي ٻولي،
وڇارن، ولهارن، ڳوارن جي ٻولي،

ڀلي کنڊ مصريون مکڻ ۾ ملايو،
توڙي کير ماکيءَ جا هوڪا هلايو،
مٺي پوءَ به رهندي ميهارن جي ٻولي.

چتون، مور، چيها، اڏاڻا هليا ويا،
چڳي چار داڻا نماڻا هليا ويا،
مگر ڪنهن نه سمجهي ويچارن جي ٻولي،

ڪپر، ڪُن، جهرڻا ۽ جهنگ جهر به ڪن ٿا،
ڪونجون، هنج، ڳيرا، ڪبوتر به ڪن ٿا،
ڌنارن، پنوهارن، اوٺارن جي ٻولي،

نه هيلوڪي مَڌ جو ڪو هوڪو ڏئي ها،
پڳن کي سڃاڻي پروڪو ڏئي ها،
جي سمجهي ها موکي متارن جي ٻولي.

جڏهن ملڪ“بيوس” هي پنهنجو ٺهيو هو،
وڏن کان وڏن کي هي تحفو مليو هو،
وچولي، سري، لاڙ وارن جي ٻولي.

ڪاپا ڪين ڪيتو،

ڪاپا ڪين ڪيتو،

وارو ڙي! منهنجو ور وٺي ويا.

هلو هوت پنهونءَ ڏي،
پٽيو منهن نه مٿو-

وارو ڙي! منهنجو ور وٺي ويا.

ڌاران ڪيچ- ڌڻيءَ جي،
نبري نينهن نٿو-

وارو ڙي! منهنجو ور وٺي ويا.

هيڏيءَ هندوڪار ۾،
پوندو نيٺ پتو-

وارو ڙي! منهنجو ور وٺي ويا.

“بيوس” شهر ڀنڀور ۾،
منهنجو مٽ نه ڪو-

وارو ڙي! منهنجو ور وٺي ويا.

آهيون، آهيون، آهيون، آهيون،

آهيون، آهيون، آهيون، آهيون،
سندرا بيٺا ساهيون، ساهيون.

ڇاتيءَ، ڪلهن کان ڇڄڻا ماڻهو،
ڊوها، ڊاڙي، ڊڄڻا ماڻهو،
ناهيون، ناهيون، ناهيون، ناهيون.

رت جو رشتو ڪيئن روڪينديون،
مٽيءَ جو ناتو ڪيئن مرکينديون،
ڦاهيون، ڦاهيون، ڦاهيون، ڦاهيون.

هوندو هرڪو هنڌ اسان جو،
پانڌي سارو پنڌ اسان جو،
کڏون، کوٻا، کاهيون، کاهيون.

سج آزاديءَ جو اُڀريو آ،

سج آزاديءَ جو اُڀريو آ،

واڌايون هجن هر ماڻهوءَ کي

انسان غمن مان اُڪريو آ،

واڌيون هجن هر ماڻهوءَ کي !

جنهن دام ڳچيءَ ۾ پاتا ها،
جنهن گيت قفس ۾ ڳاتا ها،
سو مور ٽلي گڏ مورن سان،
آزاد فضا ۾ اڏريو آ....

جو ٽياسن تي پيو ٽمندو هو،
جو ناچو بڻجي نچندو هو،
هر واٽ مٿان پيو وهندو هو،
سو پاڪ لهو اڄ اُٻريو آ....

هيءَ سنڌ وسي، خوش شاد هجي،
سڄو عالم پڻ آباد هجي،
سو سنگ ڪڻن مان ڪيچ ڪري،
جو ڪاني- پن مان نسريو آ...

هن “بيوس” واريءَ ڌرتيءَ تي،
هن مصر(1)، عراق جي سرتيءَ تي،
سڀ ڌرم دنيا جا وسري ويا،
هڪ ماڻهو نه مون کان وسريو آ...

(1) سنڌ، مصر ۽ عراق: دنيا جون سڀ کان پراڻيون مڃيل تهذيبون.

هن قوم جي سلجهيل ساٿيءَ جو،

هن قوم جي سلجهيل ساٿيءَ جو،
استاد* به آ، مشتاق به آ،
هر عاشق جو، اوشاڪيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ،

مون خالي هٿن ۾ ٿانءُ کنيو،
هُن سنڌ جو مٺڙو نانءُ کنيو،
سو عشق، عقل، استاديءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ.

هر پاٽيءَ، ٽويي، ڪاسي ۾،
دادوءَ جي اوسي پاسي ۾،
سو کيٽ پڪل سڳداسيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ.

جو جام الستي پياري ويو،
“استاد” ادب سيکاري ويو،
سو سونهن وارن جي ساقيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ،

جو پيار ڪرڻ تي کاري ويو،
جو ڄاٽيون، ڏيئا ٻاري ويو،
سو شاعر شيشو ماکيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ.

جو هر مومل جو ماڻو آ،
۽ هن ته صديءَ جو راڻو آ،
سو پٽڙو مائي ٻاگهيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ.

مو ڳاٽ ڏٺو آ ڳوڌي جو،
مون دوست ڏٺو آ دودي جو،
سو “بيوس” جو، هر ڀاتيءَ جو،
استاد به آ، مشتاق به آ.


* استاد بخاري

عشق اسان وٽ ڀلي ڪري آيو،

عشق اسان وٽ ڀلي ڪري آيو،
برهه اسان وٽ جي ڪري آيو،
روز کڻي فرمان،
ڪري احسان- اسان وٽ. . .

آيو حسن جو ملڪ پڇائي،
اناالحق جي راند رچائي.
ڪَٿ ڪيائين ڪانه
ڪندي اعلان- اسان وٽ. . . . .

اڄ ۾ گم ٿي اڄ ڳوليائين،
سانگ سڀان جا سڀ سٽيائين،
حاذق ٿيا حيران،
عجب امڪان- اسان وٽ.....

شاهه بلال ۽ بيڪس پارا،
بيدل، باهو، “بيوس” پارا،
عشق ڪيا انسان،
موهي مستان- اسان وٽ. . . . .

جڏهن ملڪ اباڻي اک ڪا ڦري،

جڏهن ملڪ اباڻي اک ڪا ڦري،
تڏهن ڪيئن نه هٿن مان گرهه ڪري.

جي مائرون باهه نه ٻارين ٿيون،
ٿڌا ساهه ڀري مون کي سارين ٿيون،
ويٺيون ڪانگ وڻن تان اڏارين ٿيون،
رئان ڪيئن نه تنين کي ياد ڪري......

مارون حيلا هنر هلائن ٿا،
تنهنجا پيرا عمر پيا پڇائن ٿا،
جتي پيرن ۾ جي نه پائن ٿا،
تن سانگين ريءَ منهنجي ڪيئن سري.....

وٺا مارن تي شل مينهن هجن،
سڄي ٿر ۾ “بيوس” گاهه ڦٽن،
اها آس اٿم، اکيون شال ڏسن،
ڪنهن ڏهر ۾ پئي ڪا ڪرنگهه ڏري......

جوڳي جادوگر، دادا واسواڻي،

جوڳي جادوگر، دادا واسواڻي،
جمنا جي ڌارا، سنڌوءَ جو پاڻي.

جاني، جوڳيسر، دَيا دان وارا،
گرمک گينشڻ، گُرو گيان وارا،
سوکڙي اباڻي، جُڳن جي ڪهاڻي.

تنهنجو نانءُ مٺڙو، سڳند ۾ سوايو،
داسين کي سائين ڪو درشن ڪرايو،
توکي روز ساري پئي سون- مياڻي.

ڪيون ياد توکي، ڳائي ڳيچ لولي،
ڪبيرڻ جي ڪوتا، سچل جي گهڙولي،
ڀٽائيءَ جي وائي، نانڪ جي ٻاڻي.

پرهه جو پرين ڏي، پکي ٿي اڏاريان،
آهيان آسوند جو آسا ٿي ڳايان،
سنڌ جي سهاڳڻ، جيجل جوڳياڻي.

اسان عشق وارن جي “بيوس” اوتاري،
وئين آڳ جيڪا، تون گهر گهر ۾ ٻاري،
اُها آڳ اڄ ڀي ناهي اجهاڻي.

(2) (راڳ جي راڻي عابده پروين ۽ شيخ غلام حسين جي حڪم تي ٺهيل ڪافي)

ڪهڙو يار پڇو ٿا حسب نسب،

ڪهڙو يار پڇو ٿا حسب نسب،
آهيون مسافر لا مذهب

ڏيهه پڇو ٿا ڏات پڇو ٿا،
ڪهڙي تنجي ذات پڇو ٿا!
جن سان گذاريو ويٺا جنب

منزل ساڳي ماڳ به ساڳو
رمز به ساڳي راڳ به ساڳو
اسم جسم جو ڪهڙو لقب؟

ساجد ۽ مسجود به آهيون
عابد ۽ معبود به آهيون
پاڻ ئي آهيون پنهنجو سبب

گوشت هڏي جو رشتو آهي،
ڪيڏو “بيوس” پختو آهي!
پوءِ دئي جو ڇا مطلب؟

سوڍو مونکان سنڱ ڇني ويو،

سوڍو مونکان سنڱ ڇني ويو،
ڪاڪ ڪري ڪهرام، ميان!

آيل! مون کان عشق جو،
نٿو وسري نام، ميان!

مون کان کسي ويو مينڌرو،
جيئڻ وارو جام ميان!

راڻو اسان جي راڄ ۾،
عشق ڪري ويو عام، ميان!

ڪيئن گذاري ڪاڪ ۾،
“بيوس” ڪو بي نام، ميان!

ايندو، ايندو ور ڙي ولهيءَ جو،

ايندو، ايندو ور ڙي ولهيءَ جو،
ڪري ڪهل ڪوهيار.

اسان ڏيهه– ڏهاڳڻيون،
آريءَ جي اختيار.

ڄائي ڄام، پنهونءَ جي،
واسيو هو وڻڪار.

اڳيان آريءَ ڄام جي،
“بيوس” بي اختيار.