هن ناول جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اُن تي ڪيئي فلمون ٺھي چڪيون آهن ۽ ليکڪ کي نوبل انعام بہ ملي چڪو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن روحاني قسم جي ناول کي وڏي مقبوليت حاصل رهي. هن ڪتاب جو سورمو ’سڌارٿ‘، هڪ فقير صفت صوفي طبيعت برهمڻ زادو آهي، جنهن جو اندر ڪائنات ۽ تخليق جي اسرارن تان پردو کڻڻ لاءِ سدائين کان سِڪندڙ آهي، سو پنھنجي ’سچ‘ پسڻ لاءِ اُڃايل دل کڻي، حيات ۽ سنسار جي مختلف دورن مان گذري، مختلف واٽون وٺي، مختلف آزمودا پرائي، نيٺ هڪ نتيجي تي پھچي ٿو، جيڪو ئي هن ناول جو بنياد ۽ موضوع آهي. زندگي ڇا آهي، سنسار ڇا آهي، ٻنهي جي لاڳاپي جي نوعيت ڇا آهي، سچي روحاني خوشيءَ جو راز ڇا آهي؟ اها شانتي مذهب ۾ آهي يا مذهب کان ٻاهر؟ انھن سوالن جا جواب ھن ناول ۾ ملن ٿا.
ناول
سڌارٿ
- 0/5.0
- 4
- 1
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور جرمن ليکڪ ’هرمن هيس‘ (Herman Hesse) جي بيحد مقبول نوبيل انعام يافتہ ناول ”سڌارٿ“ Sidhartha جو سنڌي ترجمو پيش آهي، جنھن جو سنڌيڪار پروفيسر ايسرداس واڌومل رائسنگهاڻي آھي.
هن ناول جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اُن تي ڪيئي فلمون ٺھي چڪيون آهن ۽ ليکڪ کي نوبل انعام بہ ملي چڪو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن روحاني قسم جي ناول کي وڏي مقبوليت حاصل رهي. هن ڪتاب جو سورمو ’سڌارٿ‘، هڪ فقير صفت صوفي طبيعت برهمڻ زادو آهي، جنهن جو اندر ڪائنات ۽ تخليق جي اسرارن تان پردو کڻڻ لاءِ سدائين کان سِڪندڙ آهي، سو پنھنجي ’سچ‘ پسڻ لاءِ اُڃايل دل کڻي، حيات ۽ سنسار جي مختلف دورن مان گذري، مختلف واٽون وٺي، مختلف آزمودا پرائي، نيٺ هڪ نتيجي تي پھچي ٿو، جيڪو ئي هن ناول جو بنياد ۽ موضوع آهي. زندگي ڇا آهي، سنسار ڇا آهي، ٻنهي جي لاڳاپي جي نوعيت ڇا آهي، سچي روحاني خوشيءَ جو راز ڇا آهي؟ اها شانتي مذهب ۾ آهي يا مذهب کان ٻاهر؟ انھن سوالن جا جواب ھن ناول ۾ ملن ٿا.
ھي ڪتاب 1955ع ۾ ھندستان ساھتيہ مالا بمبئي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ھرمن ھيس
- سنڌيڪار پروفيسر ايسرداس واڌومل رائسنگهاڻي
- ڇپيو ويو 1955
- ڇپائيندڙ ساھتيہ مالا، بمبئي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 11/May/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا