مشھور جرمن ليکڪ ’هرمن هيس‘ (Herman Hesse) جي بيحد مقبول نوبيل انعام يافتہ ناول ”سڌارٿ“ Sidhartha جو سنڌي ترجمو پيش آهي، جنھن جو فضل احمد بچاڻي وڻندڙ ۽ محاوريدار ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ناول جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اُن تي ڪيئي فلمون ٺھي چڪيون آهن ۽ ليکڪ کي نوبل انعام بہ ملي چڪو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن روحاني قسم جي ناول کي وڏي مقبوليت حاصل رهي. هن ڪتاب جو سورمو ’سڌارٿ‘، هڪ فقير صفت صوفي طبيعت برهمڻ زادو آهي، جنهن جو اندر ڪائنات ۽ تخليق جي اسرارن تان پردو کڻڻ لاءِ سدائين کان سِڪندڙ آهي، سو پنھنجي ’سچ‘ پسڻ لاءِ اُڃايل دل کڻي، حيات ۽ سنسار جي مختلف دورن مان گذري، مختلف واٽون وٺي، مختلف آزمودا پرائي، نيٺ هڪ نتيجي تي پھچي ٿو، جيڪو ئي هن ناول جو بنياد ۽ موضوع آهي.
ناول
سڌارٿ
- 0/5.0
- 4
- 1
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور جرمن ليکڪ ’هرمن هيس‘ (Herman Hesse) جي بيحد مقبول نوبيل انعام يافتہ ناول ”سڌارٿ“ Sidhartha جو سنڌي ترجمو پيش آهي، جنھن جو فضل احمد بچاڻي وڻندڙ ۽ محاوريدار ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
هن ناول جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اُن تي ڪيئي فلمون ٺھي چڪيون آهن ۽ ليکڪ کي نوبل انعام بہ ملي چڪو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن روحاني قسم جي ناول کي وڏي مقبوليت حاصل رهي. هن ڪتاب جو سورمو ’سڌارٿ‘، هڪ فقير صفت صوفي طبيعت برهمڻ زادو آهي، جنهن جو اندر ڪائنات ۽ تخليق جي اسرارن تان پردو کڻڻ لاءِ سدائين کان سِڪندڙ آهي، سو پنھنجي ’سچ‘ پسڻ لاءِ اُڃايل دل کڻي، حيات ۽ سنسار جي مختلف دورن مان گذري، مختلف واٽون وٺي، مختلف آزمودا پرائي، نيٺ هڪ نتيجي تي پھچي ٿو، جيڪو ئي هن ناول جو بنياد ۽ موضوع آهي. زندگي ڇا آهي، سنسار ڇا آهي، ٻنهي جي لاڳاپي جي نوعيت ڇا آهي، سچي روحاني خوشيءَ جو راز ڇا آهي؟ اها شانتي مذهب ۾ آهي يا مذهب کان ٻاهر؟ انھن سوالن جا جواب ھن ناول ۾ ملن ٿا.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ھرمن ھيس
- سنڌيڪار فضل احمد بچاڻي
- ڇپيو ويو 1982
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 11/May/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا