شاعري

آسڻ جن اريج

عوامي ۽ جمھوري رنگ ۾ رچيل ھيءُ ڊگهو نظم بنيادي طور 14 آگسٽ 1983ع کان شروع ٿيل ايم آر ڊي تحريڪ جي واقعن جي تفصيل جي دستاويزي شاھدي آھي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جي نوجوانن تي سڄي سنڌ جي واھڻن، وستين، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ تشدد ڪيو ويو ۽ جيلن ۾ وڌا ويا، انھن کي ڦٽڪا ھنيا ويا. 

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خاڪي جويو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آسڻ جن اريج

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثرنگار ۽ قومپرست سياستدان خاڪي جويي جو  350 بندن تي مشتمل ڊگهو نظم ”آسڻ جن اريج“  اوھان اڳيان پيش آھي.
عوامي ۽ جمھوري رنگ ۾ رچيل ھيءُ ڊگهو نظم بنيادي طور 14 آگسٽ 1983ع کان شروع ٿيل ايم آر ڊي تحريڪ جي واقعن جي تفصيل جي دستاويزي شاھدي آھي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جي نوجوانن تي سڄي سنڌ جي واھڻن، وستين، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ تشدد ڪيو ويو ۽ جيلن ۾ وڌا ويا، انھن کي ڦٽڪا ھنيا ويا. 
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو  1985ع  ۾ سرس سنگت، لاڙڪاڻو  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي