سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”لھر لھر دريا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامياري ڏات ڌڻي استاد بخاريءَ جي چئوسٽن ۽ رباعين جي خوبصورت رنگارنگ گلڙن جو سھڻو گلدستو آھي. استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز ۽ سچ جو ڀُڻڪو ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وسندڙ ھرھڪ سنڌيءَ جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو . ھو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آھي. ھو سنڌ ۽ سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپي پوي ٿو.
ھي ڪتاب 1990ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلو، رتوديرو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي