سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”لھري لھري ۾ لالاڻ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامياري ڏات ڌڻي استاد بخاريءَ جي گيتن، غزلن ۽ نظمن جي خوبصورت رنگارنگ گلڙن جو سھڻو گلدستو آھي. استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز ۽ سچ جو ڀُڻڪو ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وسندڙ ھرھڪ سنڌيءَ جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو . ھو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آھي. ھو سنڌ ۽ سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپي پوي ٿو. ھو مجاز جو شاعر آھي ۽ سندس لنئون لنئون ۾ محبت وسي ٿي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1995ع ۾، ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي