ٻاراڻو ادب

ٽي تحفا

دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪھاڻيون، نھايت سبق آموز پڻ آهن. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل ٻارنھن ئي ڪھاڻيون دلچسپ تہ آهن ئي آهن پر انھن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجھد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪھاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانھن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٽي تحفا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

POPAT BOOK NO. 179
ٽي تحفا
(ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)
ليکڪا : ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ڇاپو پھريون : 2021
تعداد : هڪ هزار
ٽائيٽل ڊزائن : سعيد منگي
ڪمپوزنگ : علي رضا سھتو (03331382339).
ڇپائيندڙ : پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور
ڇپيندڙ : پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور،
فون : 552913-0243

ڇاپو ٻيون : سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر، 2023ع


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

پنھنجي پٽن،
ڊاڪٽر ياسر رضا
انجنيئر محمد مجتبيٰ
پنھنجي پوٽن
محمد عارض ياسر
محمد عفان يـاسر
پنھنجي ڏوهٽن
محمد مير رفيق الرحمٰن
محمد ولي رفيق الرحمٰن
جي نالي.
شال رب پاڪ کين سٺيءَ صحت، علم، ادب ۽ ايمان جي
ســلامـتـيءَ ســان شــاد ۽ آبــاد رکــي. (آمـيـن)


چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان تانِ نه پرين سين،
تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻ نِتِ سوجهرو.
(سر کنڀات، 14-1)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”ٽي تحفا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪھاڻيون، نھايت سبق آموز پڻ آهن. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل ٻارنھن ئي ڪھاڻيون دلچسپ تہ آهن ئي آهن پر انھن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجھد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪھاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانھن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.
ھي ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن، خيرپور پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سبق آموز ڪھاڻيون

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا آهي، جنهن جي ادبي حيثيت ۽ قلمي پورهيي کان سمورو جڳ واقف آهي، سموري عمر تدريس جي شعبي ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيندي هُن تحقيق، ادبي تاريخ، لطيف شناسي ۽ ٻين موضوعن تي ڪيئي اهم ڪتاب ڏنا آهن، خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته وڏن لاءِ لکندي، هن سنڌ جي ٻارن کي ڪڏهن به ناهي وساريو ۽ انهن جي لاءِ به لکيو آهي، اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب ”ٽي تحفا“ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪهاڻيون، نهايت سبق آموز پڻ آهن، يقين سان ٿا چئون ته هي ڪتاب سنڌ جي ٻارن کي ضرور پسند ايندو، ادارو ”پوپٽ“ ٻالڪ ادب جي حوالي سان پنهنجي جاکوڙ جاري رکندي هي ڪتاب پيش ڪري رهيو آهي.

قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور-سنڌ

پوپٽن جھڙيون ڪھاڻيون

ٻارن جي لاءِ لکڻ ايئن آهي جيئن باغيچي ۾ پوپٽن جي پويان ڊوڙڻ، مون کي اهي ليکڪ تمام گهڻو وڻندا آهن، جيڪي ”وڏن جا“ يا ”وڏا“ ليکڪ بڻجي وڃڻ کانپوءِ ٻارن کي ناهن وساريندا ۽ انهن لاءِ لکندا رهندا آهن، هي دور، جنهن دور ۾ اسان جي گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ ڪا ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ناهي بچي، ڪو ”گل ڦل“ نٿو ٽڙي، اهڙي دور ۾ موبائل فونن ۽ ليپٽاپن جي اسڪرينن ۾ ٻڏل ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪو ڪتاب ڏيڻ سچ ته برڪت ڀريو ڪم آهي ۽ اهڙو برڪت ڀريو ڪم اسان جي مانائتي آپا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ وٽس لکڻ لاءِ ٻيو جام وقت طلب ڪم اڌورو پيو آهي، پر پاڻ جڏهن وقت ڪڍي ٻارن لاءِ لکي ٿي، تڏهن سندس ٻارن لاءِ پيار، سندس لکڻين مان ظاهر ٿي پوي ٿو.
جيون جيون ئي نه هجي ها، جي نه هجن ها، او سائين!
گل، پکيئڙا، پوپٽ ۽ ٻار اسان جي جيون ۾.
آپا پروين موسيٰ ميمڻ تحقيقي ڪم جي حوالي سان ڀلو ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڪم سندس بنيادي سڃاڻپ آهي ۽ انهيءَ شعبي ۾ سندس ڪيل ڪم نوجوان تحقيق ڪندڙن لاءِ به گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي، هن ڪتاب ۾ هوءَ هڪ ٻاجهاري امڙ جي صورت ۾ معصوم پرهندڙ جي آڏو ظاهر ٿي رهي آهي، مون کي هي سڀ ڪهاڻيون هڪ کان وڌيڪ دفعا پڙهيون آهن ۽ هر دفعي پاڻ کي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پاتو اٿم. آپا جون هي ڪهاڻيون پڙهڻ سان ٻالڪ ايئن محسوس ڪندا، ڄڻ سندن امڙ کين ٻانهن تي سمهاري کين ڪهاڻيون ٻڌائي رهي هجي ۽ کين ننڊ جي نيري نديءَ ڏانهن موڪليندي هجي.
مجھ کو یقین ہے، سچ کہتیں تھیں، جو بھی امی کہتیں تھیں
جب میرے بچپن کے دن تھے، چاند میں پریاں رہتیں تھیں
(جاوید اختر)
ٻارن لاءِ لکڻ واقعي به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، انهيءَ ڳالهه جو احساس تڏهن به ٿيو جڏهن ويجهڙائي ۾ دل گهريو ته ٻارن لاءِ شعر لکجن، ڪجهه نظم لکي ته ورتم پر ڄاتم ضرور ته هيءُ ڪم اڪ جي ماکي لاهڻ جهڙو آسان هرگز به ناهي.
آپا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل هي ٻارنهن ئي ڪهاڻيون دلچسپ ته آهن ئي آهن پر انهن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجهد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪهاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو تعلق ڏيپلي شهر سان آهي، جيڪو سندس چواڻي ان وقت هڪ ڳوٺڙو هيو، جڏهن پاڻ تعليم جي ابتدائي سفر ۾ هئي، هن شهر سنڌ ادب کي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جهڙو ٽرينڊ ميڪر ليکڪ ڏنو آهي ۽ اڄ هن شهر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه ادب جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو اهم ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي ٻارڙن لاءِ مسلسل لکي رهي آهي، جيڪا ڳالهه آٿت جهڙي ئي آهي.
پاڻ وٽ ٻالڪ ادب جي تحقيق ۽ اشاعت جي لاءِ ڪوئي به مخصوص ادارو ڪونه آهي، جنهن جو ڪم صرف ۽ صرف ٻالڪ ادب جي لاءِ رٿائون جوڙڻ هجي نه ئي اسان وٽ ٻارن لاءِ لکندڙ ڪُل وقتي ليکڪ موجود آهن، جيڪي ٻارن جي عمر جي مختلف حصن جي ورڇ ڪندي، انهيءَ مطابق ڪتاب لکن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي ليکڪ انفرادي سطح تي ٻارن لاءِ لکي رهيا آهن ۽ جيڪي پبلشر ٻارن جا ڪتاب ڇاپي رهيا آهن، اُهي يقينن کيرون لهڻن... ۽ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جو نالو به اهڙن ئي مانائتن ليکڪن ۾ شامل آهي.
منهنجي خواهش رهندي ته ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي سهڻو ڪتاب، سهڻي سنڌ جي سهڻن ٻارن تائين پهچي ۽ هو ان مان سهڻا سبق حاصل ڪن.

امر اقبال
25 مئي 2021ع
چنا هائوس گلشن نذير
خيرپور ميرس-سنڌ
3067097-0331

پنهنجي پاران

ادب ۾ جڏهن لکڻ جي شروعات ڪيم تڏهن منهنجي ذهن ۾ ٻاراڻي ادب تي لکڻ لاءِ ڪو به خيال ڪڏهن ڪين آيو. حالانڪہپنهنجي ڀائرن ڀينرن، ساهيڙين ۽ ڪلاس فيلوز ۾ آئون واحد هيس جا سڀ کان گھڻا ٻاراڻي ادب جا سنڌي توڻي اردوءَ ۾ ڪتاب پڙهندي هيس، اهي مون کي ڏاڍا وڻندا هئا. انهيءَ مطالعي ۾ ايتري ته مَحو هوندي هيس جو نه ماني ٽڪي ياد هوندي هئي ۽ نه ئي هوم ورڪ ڪرڻ جو خيال ايندو هو، جسيتائين اهو ڪتاب مڪمل نه ڪري وٺندي هيس، ننڍي لاڪون، ”چار درويش“، ”ممتاز دمساز“، ”حاتم طائي“، ”ڪليلہ ودمنہ“، ”لوڪ ڪهاڻين جا ست جلد“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ مختلف رسالا هئا جن کي پڙهندي هيس، ٻالڪ رسالن ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون، مضمون، ٽوٽڪا ۽ معلوماتي ليک ايندا هئا. ٻه ٽي دفعا مضمون لکي انهن رسالن ۾ موڪليم پر خبر نه پئي ته ڇپيا يا نه؟ انهيءَ جو سبب اهو هو جو اسان ڏيپلي جهڙي پري جي ڳوٺ (هاڻي شهر) ۾ رهندا هئاسين جتي هڪ ڏينهن جي اخبار به ٻئي ڏينهن پهچندي هئي، رسالا ۽ ڪتاب اچڻ ته گھڻا مشڪل هئا. جيڪو ادب پڙهيوسين سو پنهنجي ۽ مٽن مائٽن جي لائيبريرين مان ۽ هڪٻئي کان ڪتاب کڻي پڙهيوسين. شهر ۾ اچڻ کان پوءِ پاڙي ۾ لائبريرين تي مسواڙ تي روزاني هڪ آني ۾ ڪتاب ملندو هو جو ٻئي ڏينهن واپس ڪرڻو هوندو هو. ڪتابن جي ٻاڙ اهڙي ٿي جو سڄي خرچي کائڻ پيئڻ جي بدران ڪتاب جي ڪرايي تي يا روڪ ڪتاب وٺي پوري ڪندا هئاسين. انهيءَ جو اهو فائدو ٿيو جو مطالعي جو ذوق ۽ شوق وڌي ويو. انهيءَ ڪري پوءِ لکڻ ڏي پڻ لاڙو ٿيو.
ٻاراڻي ادب ۾ پهريون ڪتاب ”اخلاقي قدر“ گھڻو ڪامياب ٿيڻ (ٽي ڇاپا ڇپجڻ) تي مون ٻارن لاءِ لکڻ جو خيال وڌيڪ مظبوط ڪيو ۽ ڏٺم ته اسان جا ٻار هن انٽرنيٽ جي دور ۾ به ادب پڙهن ٿا ته ڏاڍي خوشي ٿيم ۽ سندن لاءِ مستقل لکڻ جو پروگرام رٿيم. وچ ۾ ايترا ٻيا ڪم اچي ويا جو اهو پورائو ٿي نه سگهيو ته به ڪي ڪهاڻيون لکيم جي هاڻي مڪمل ڪتابي صورت ۾ ”ارباب جي هوشياري“ عنوان سان ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن.
هيءُ منهنجو ٻارن لاءِ ٽيون ڪتاب آهي اهو وندر ۽ سکيا جي سبق آموز ڪهاڻين تي مشتمل آهي جي آئون سمجهان ٿي ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي هر طبقي جي ٻارن لاءِ ڪارائتيون ٿينديون. هن ڪتاب ۾ آيل ڪُل ٻارنهن ڪهاڻيون ننڍن ننڍن واقعن، وڻندڙ وارداتن، مثالن، چوڻين ۽ قولن سان گڏ حقيقي زندگيءَ ۾ رهبر ۽ رهنما ثابت ٿينديون.
اهڙيءَ ريت هنن دلچسپ ڪهاڻين تي توهان جيڪڏهن غور ڪندا ۽ هينئين سان هنڊائيندا ته انهن ۾ وڏا سبق ۽ نصيحتون رکيل آهن. جن جو حاصل مطلب نيڪ نيتي، محنت، خوشدلي، ٻين جي ڪم اچڻ، والدين، استادن ۽ پاڙيسرين جي عزت، چڱاين جو واڌارو ۽ براين کان بچاءُ آهي.
ٻارو! اميد ته هيءُ ڪتاب توهان پڙهندڙن کي پسند ايندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
25-02-2021
Mob: 03332766564.

پشيماني

سيٺ رمضان شهر جو هڪ وڏو واپاري ۽ بزنس فورم جو صدر هو. سندس گھر شهر جي هڪ سهڻي علائقي ۾ هو. جنهن ۾ زندگيءَ جي سهوليت جا سڀ سامان موجود هئا. کيس گھر ۾ هڪ پسنديده بااخلاق ۽ قربائتي زال سان گڏ هڪ پٽ رياض هو سندس ماءُ پيءُ پڻ حيات هئا جي پنهنجي پٽ ۽ پوٽي تي ساھ ڇڏيندا هئا. هِن گھر ۾ ڄڻ ڌڻيءَ سڳوري انعام طور خوشيون ئي خوشيون پکيڙي ڇڏيون هيون. هُن جو ننڍپڻ کان ايمان هو ته دنيا ۾ عزت ٺاهڻي آهي ته هڪ وار شاهوڪار ضرور ٿيڻو آهي. جڏهن هو غريب هو تڏهن چڱا چوکا دوست کانئس پري ٿي ويا هئا. پر اڄ جڏهن هو آسودو ٿيو آهي ته الائي ڪٿان اچي هرڪو دوستيون پيو ياد ڏياري ۽ مِٽي عزيزي پيو ڳنڍي جيئن چون ته ادا، ”سُکئي جا سالا لک، بُکئي جو ڪو ڀيڻويو ئي ڪونهي“. سو سيٺ رمضان جي اڳيان پويان ماڻهن جون قطارون لڳل هيون. هُن خوشامدڙين ۽ وقتي دوستي ڪندڙن مان هٿ ڪڍيو جو کيس خبر هئي ته اهي ڪڏهن به سچا نه ٿيندا آهن. چند هوشيار ۽ سمجھدار ماڻهن کي پاڻ سان رکندو هو. اهڙيءَ ريت سندس عقلمنديءَ سان واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ويو ۽ هُو هاڻي پنهنجي شهر ۾ بزنس فورم جو صدر هو. منجھس گھڻيون خوبيون هيون. سمجھ، پئسي جي بچت، غريبن جي مدد، والدين جو احترام، فيصلي ڪرڻ جي قوت، سڀ منجھس سٺيون خاصيتون هيون پر وڏي خامي هئي سا هئي عُجلت/تڪڙ، پر انهيءَ تي به کيس فخر هو ته هُو تڙ تڪڙ ۾ به سوچي فيصلا ڪري ٿو. ان ڪري ئي ڪامياب آهي.
اهڙيءَ ريت هُو اڳتي وڌندو رهيو. انسان ۾ جڏهن خودغرضي هجي ٿي تڏهن کيس نقصان ضرور ٿيئي ٿو. سو سيٺ ۾ پڻ اها ڳالھ اچي رهي هئي. سيٺ رمضان جي اڄ هڪ ڪاروباري ميٽنگ هئي جا ڪنهن وڏي رَش واري هنڌ جي وڏيءَ هوٽل جي هال ۾ ٿيڻي هئي. کيس آفيس مان نڪرندي اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي هئي آفيس جي ڊرائيور، جان محمد کي چيائين، ”اڄ گاڏي آئون هلائيندس ڇو جو تون آهستي هلندين، آئون اڳ ۾ ئي ليٽ ٿي چڪو آهيان“. ڊرائيور کيس چاٻي ڏني هُو پاڻ گاڏيءَ کي هلائڻ لڳو. رَش ايتري هئي جو کيس ڪافي مشڪل پيش اچي رهي هئي شام جو وقت آفيسن مان ماڻهن جي واپسيءَ جو ٿو هجي. گاڏيون هڪٻئي سان لڳو لڳ هلي رهيون هيون. اوچتو هڪ ايمبولينس سندس اڇيءَ ڪار جي پٺيان هارن پويان هارن ڏيڻ لڳي پر جيئن ته هُن تي جلد پهچڻ جي ڌُن سوار هئي ان ڪري ايمبولينس کي رستو نه ڏنائين سندس ميٽنگ کي دير ٿي رهي هئي. ڪجھ اڳيان هلي سندس ڪار جڏهن ٻئي رستي تي مُڙي تڏهن ايمبولينس به چوواٽي تي پهچياسپتال جي رستي ڏي رواني ٿي ۽ رمضو سيٺ ان کي ٻئي رستي تي مڙندي به ڏٺو هاڻي ايمبولينس جي هارن جو تيز آواز بند ٿي ويو هو، هُن سڪون جو ڊگهو ساھ کنيو ۽ ان هوٽل جي ويجھو پهتو جتي ميٽنگ ٿيڻي هئي، سندس اها ميٽنگس گھڻي ڪامياب ٿي ۽ کيس وڏي نفعي جي خوشخبري ملي. هو اطمينان سان هاڻي پنهنجي گھر جي رستي ڏي روانو ٿيو. جيئن ئي گھر ۾ خوش خوش داخل ٿيو، هڪ بڇڙي خبر کيس ٻڌڻ لاءِ ملي ته سندس پيارو پٽ رياض سيڙهين تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو ۽ لاڳيتو سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو جنهن کي اسپتال وٺي ويا آهن. سيٺ جا ماءُ پيءُ پوٽي لاءِ سخت پريشان مصلي تي ويٺا الله جي در ٻاڏائي رهيا هئا. رياض تمام پيارو، خوش مزاج ۽ سڀني جي اکين جو تارو ٻار، هر هڪ سندس لاءِ دعائون گھرڻ ۾ مشغول هو. سيٺ رمضان جي گھرواري رياض سان گڏ اسپتال ۾ هئي هُو پاڻ پڻ هڪدم ٻڌايل اسپتال ۾ پهچي ويو رت گھڻو ضايع ٿيڻ سبب رياض جي حالت خراب هئي. جڏهن ته کيس ڌَڪ به ايترو اونهو نه هو. پر ڊاڪٽر موجب ته مريض کي اچڻ ۾ دير ٿي آهي. سيٺ رمضان ڊرائيور کان پڇيو ته، ”اسپتال اچڻ ۾ دير ڇو ٿي“؟ هن وراڻيو ته،”سيٺ صاحب جيئن مون کي اطلاع ٿي آئون ويجھي اسپتال پهتس هنن ايمبولينس ڏئي وڏيءَ اسپتال موڪليو پر رستي ۾ تمام گھڻي رش هئي هڪ ڪار ڳچ وقت ايمبولينس کي رستو نه ڏنو ڪافي وقت ضايع ٿي ويو ان ڪري ڊاڪٽر تائين پهچڻ ۾ دير ٿي پر فڪر نه ڪريو هاڻي وڏي سول سرجن مٿي ۾ ٽانڪا لڳائي بينڊيج ڪري ڇڏي آهي ۽ رت بند ٿي ويو آهي“.
سيٺ رمضان انهيءَ تي گھڻو حيران ۽ پريشان ٿيو ته رت جي گھڻي ضايع ٿي وڃڻ سبب سندس پٽ جي حالت خراب کان خراب ٿي ويئي ۽ سمجھي ويو ته اها غلطي کانئس ئي ٿي آهي ۽ پنهنجي اڪيلي ۽ پياري پٽ جي هن حالت جو ذمه دار هو پاڻ آهي؟ اهو سوچي کيس وڌيڪ پشيماني ٿي. پنهنجي خودغرضي ۽ غلط عمل تي وڃي روئي مصلو وڇايائين ڌڻيءَ در سجدي ۾ وڃي معافيون گھري ٻچڙي جي حياتيءَ جون دعائون گھرڻ لڳو ۽ توبه ڪرڻ لڳو. سوچيائين هيءُ ته منهنجو پنهنجو پٽ آهي جنهن جي ڏک جو احساس منهنجو اندر چيري رهيو آهي صحيح چوندا آهن، ”جتي باھِ ٻري اُتي جاءِ جلي“، اڄ جڏهن پاڻ تي پئي اٿم تڏهن خبر پئي آهي ته تڪليف ڇا آهي انهيءَ ايمبولينس ۾ جي ٻئي ڪنهن جي جگر جو ٽڪر هجي ها ته مون کي ته ڪا ڪَلَ ئي نه پوي ها. پنهنجي خودغرضيءَ تي هن جي پريشاني جائز هئي. رياض جي ماءُ جا پاڻ به هڪ ڪرسيءَ تي تسبيح پڙهي روئي رهي هئي کيس دِلاسو ڏيڻ لڳي ته، ”الله وڏو آهي فڪر نه ڪريو انشاءالله رياض بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو“. کيس اصل صورتحال جي ته خبر ئي نه هئي ته سيٺ رمضان کان ڪهڙي خطا ٿي آهي ۽ هُو ڇو ايترو دل سان روئي الله تعالیٰکان معافيون گھري رهيو آهي هن اهو سڀ اولاد جي محبت سمجھيو ۽ کيس تسليون ڏيڻ لڳي سيٺ رمضان اڄ دل ئي دل ۾ عهد ڪري ڇڏيو ته هُو ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن به ڪم ۾ تڪڙ نه ڪندو جو، ”تڪڙ ڪم شيطان جو آهي“ ۽ نه ئي ڪنهن ايمبولينس جي رستي جي رڪاوٽ بڻبو پر ٻين کي پڻ اها ئي هدايت ڪندو. ٿوري وقت کان پوءِ نرس اچي اطلاع ڏني ته،
رت جو بندوبست ٿي ويو ۽ رياض کي هڪ بوتل لڳي آهي هاڻي هو ٺيڪ ٿي رهيو آهي ۽ خطري کان ٻاهر آهي. سيٺ رمضان خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ سندس منهن تي سک ۽ سڪون اچي ويو کيس يقين ٿي ويو ته ڌڻيءَ سڳوري سندس سچي توبه قبول ڪئي آهي.

روشني

سخت سياري جي هڪ ٿڌيءَ رات ۾ لاڳيتي برسات پئي رهي هئي ۽ تيز ٿڌيون هوائون چوطرف سوساٽ ڪري هر هڪ کي ڄاڻ ڏيئي رهيون هيون ته سيارو پنهنجي زور ۽ شور سان اچي چڪو آهي پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ بسترن ۽ سوڙن ۾ محفوظ ٿي ويهي رهو. جيستائين هيءَ تيز برسات بيهي. سڄي ڳوٺ جا روڊ ۽ رستا پاڻيءَ سان ڀرجي چڪا هئا. رات جو هڪ ننڍي گھر جي دروازي وٽ علي ڪرسي وجھي ويٺو هو ۽ هُو ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ ٻڏل هو. ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ علي تعليم تي توجھ ڏيندڙ ۽ ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندڙ هو جنهن تي ڪلاس ٽيچر کيس مانيٽر به مقرر ڪيو هو. سڄي اسڪول ۾ سندس وڏي ناماچاري هئي اخلاق، ادب، نئڙت ۽ نياز ۾ سندس مٽ ڪير نه هو ته پڙهائيءَ ۾ پڻ هوشيار ۽ ماءُ جو فرمانبردار پٽ هو. ماڻس هر وقت کيس دُعائون پيئي ڏيندي هئي ”شال ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيس“ اهائي ماءُ جي دل جي صدا هئي. عليءَ جو والد ان وقت فوت ٿي ويو هو جڏهن هو ستن سالن جو هو ڪوبه ڀاءُ ڀيڻ نه هئس. سندس ماءُ پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي بيوه ٿيڻ تي حياتي پٽ جي لاءِ قربان ڪئي ۽ ٻي شادي نه ڪئي هر وقت سندس بهتريءَ لاءِ رب پاڪ وٽ پيئي دُعائون گھرندي هئي. هن جي کاڌي پيتي ۽ آرام جو هر ممڪن خيال ڪندي هئي. سلائي ڪري ڀرت ڀري کيس اعلیٰ تعليم ڏيارڻ جي خواب جو پورائو ڪرڻ ئي عليءَ جي ماءُ جو مشن هو.
رات جا نوَ ٿي ويا هئا عليءَ جي ماءُ عام طور ڏهين بجي سمهندي هئي پر ان ڏينهن سندس طبيعت خراب هئي هوءَ اٺين بجي رات جو ئي سمهي رهي. جيڪڏهن گھر ۾ لائيٽ هجي ها ته علي پنهنجي عادت مطابق ڪونه ڪو ڪتاب پيو پڙهي ها پر بجلي ويئي ته سخت سرد ۽ برسات واريءَ رات ۾ گھڙيون گھارڻ سندس لاءِ ڏکيو ٿي پيو ڪمري ۾ ڀت تي هڪ ڪِليءَ ۾ بتي ٽنگيل هئي جنهن جي روشني ڪمري جي ٿوري حصي ۾ اچي رهي هئي پر اهڙي به ڪانه هئي جو علي مطالعو ڪري سگهي جو کيس پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي وڃي. انهيءَ ڪري هُو ڪرسيءَ تي ئي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڪتابن، سنگتين، ساٿين ۽ استادن ۽ اسڪول جي باري ۾ سوچڻ لڳو، سوچيندي سوچيندي کيس هڪ پراڻو واقعو ياد آيو. جو ڪيترائي سال اڳ ۾ سندس والده کيس ٻڌايو هو. ماڻس ٻڌايس ته، ”هڪ رات سخت سرديءَ ۾ طوفاني برسات سبب بجلي هلي ويئي ۽ وٽس ڪا بتي به ڪانه هئي جو ان کي ٻاري ماني ٽڪي ٺاهي وٺي. ايتري اونداهي هئي جو پنهنجي هٿ به ڏسڻ ۾ نٿي آيو ۽ مون کي سخت بک لڳي هئي ۽ اهو به فڪر هئم ته علي پنهنجي ماسيءَ جي گھر ويو آهي خبر ناهي هن ڀيانڪ برسات ۾ هُو ماسيءَ گھران ڪيئن ايندو ۽ جي واپس گھر آيو ته ڇا کائيندو؟ ۽ انهن جي گھر منهنجي لاءِ روئيندو ته نه هوندو؟ اهو سڀ سوچي چادر پائي ٻاهرين دروازي تائين آيس ته جيئن ماسيءَ جي گھران عليءَ کي وٺي اچان. پر پير ٻاهر رکيم ته اهو گوڏي تائين پاڻيءَ ۾ هليو ويو، ظاهر آهي انهيءَ حالت ۾ مون کي گھر اندر واپس ورڻو پيو هاڻي ته پريشاني وڌيڪ وڌي ويئي. تيستائين دروازي تي ٺڪاءُ ٿيو. هڪدم ٻاهر تائين آيس متان علي پهچي ويو هجي پر ايندڙ آواز ڪنهن مرد جو هو جنهن چيو ته ”ادي ڪابه تڪليف ۽ مشڪل هجي ته ٻڌايو ته آئون توهان جي مدد ڪريان!“ هڪ پل لاءِ مون کي خيال آيو ته خبر ناهي ڪير آهي؟ پر مشڪل ايتري هئي جو اعتبار ڪري پنهنجي تڪليف ٻڌايم ۽ ڀيڻ جو گھر به ڄاڻايم. هو ٿوريءَ دير ۾ واپس آيو ۽ اچي خبر ڏنائين ته علي بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ماني کائي سمهي رهيو آهي. هن شخص مون کي هڪ ٻرندڙ بتي ڏني ۽ هڪ رومال ۾ ويڙهيل ڪا کائڻ جي شيءِ ”مون کيس سڏ ڪيو ته“ ادا! اهو ٻڌايو هيءَ بتي توهان کي ڪٿي واپس ڪريان ۽ توهان جي وڏي مهرباني؟ اونداهيءَ ۾ آئون سندس شڪل به ڏسي ڪونه سگهيس ڄڻ الله تعالیٰ آسمان مان ڪو فرشتو منهنجي مدد لاءِ موڪليو هو“. علي اها ڳالھ ياد ڪري ٻيهر بتيءَ ڏي نهارڻ لڳو جا ڀت ۾ ٽنگيل هئي کيس خيال آيو ته يقيناً هيءَ اها ساڳي بتي آهي جا هن نيڪ انسان منهنجي اميءَ کي اونداهيءَ ۽ طوفاني رات ۾ ڏني هئي ۽ بيشڪ اها اهڙي ئي رات هوندي جهڙي اڄ آهي پر فرق ايترو آهي اُن رات امي جاڳي رهي هئي ۽ اڄ آئون پيو جاڳان ڇا اڄ به دروازي تي آواز ٿيندو؟ وري سوچيائين پر اڄ ڇو ٿيندو اڄ ته اسان ٻنهي پيٽ ڀري کاڌو آهي ان ڪري ڪو به آواز ڪونه ٿيندو. اهو سوچيندي هُو ڪمري ۾ هلڻ لڳو سندس ماءُ جي اک کلي ويئي چوڻ لڳي، ”علي! ڇو اڃان جاڳين پيو؟عليءَ جواب ڏنس امان بجلي ڪونه آهي هِن بتيءَ تي پڙهي نٿو سگهان پر ڪنهن جي مدد ضرور ڪري سگهان ٿو“.
ماڻس حيران ٿي ڏانهس نهاريو، عليءَ وري سندس هٿن کي جھلي چيو امان! اڄ رات جو مون کي توهان جو ٻڌايل بتيءَ وارو واقعو ياد اچي رهيو آهي آئون سوچيان پيو ته ايئن ته ڪونهي پاڻ جي آسي پاسي ڪو اهڙو گھر آهي جتي هن سيءَ ۽ برسات ۾ مدد جي ضرورت هجي. عليءَ جي ماءُ سندس ارادو سمجهي سوچ ۾ پئجي ويئي، عليءَ وري کيس ڀاڪر پائيندي اجازت گُهري ۽ چيو ته، ”امان توهان ئي ته چيو آهي ته نيڪ ماڻهو الله جو پيارو آهي ڇا توهين نٿا چاهيو ته منهنجو شمار به نيڪي ڪندڙن ۾ ٿئي. ماءُ پٽ جي مٿي تي پيار سان هٿ ڦيريندي چيو ته، ”پٽڙا بيشڪ وڃ خدا جي امان ۾ آهين بتي کڻي وڃج“.
علي بتي کڻي گهر مان ٻاهر نڪتو هُو آهستي آهستي هلندو مختلف گھرن وٽان گذرندو رهيو کيس ڪيترن ئي گھرن مان ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز اچي رهيا هئا ته انهن گھرن ۾ روشني به هئي ۽ کاڌو به پچي رهيو هو. هو اڳتي هلندو ويو. هڪ ٻئي پاڙي تائين پهتو. رستي ۾ گھڻي گَپَ ۽ چِڪَ هئي هو تمام سنڀالي هلي رهيو هو ته متان سندس پير نڪري نه وڃي. هڪ هنڌ اهڙو گھر ڏٺائين جنهن ۾ نه روشني هئي ۽ نه ئي ڪو آواز هڪ پوڙهي جي کنگهڻ جو آواز ٻڌي انهيءَ دروازي تي ٺڪاءُ ڪيائين بزرگ شخص ڪجھ دير کان پوءِ در تي آيو عليءَ کي ڏسي چيائين ”بابا! ڪير آهين هِن بيگاھ وقت ۾ ڇاجي لاءِ آيو آهين“؟ عليءَ وراڻيو ته، ”سائين اونداهي آهي، سردي ۽ سخت برسات ۾ گھران نڪرڻ توهان لاءِ مشڪل آهي. توهان کي جيڪڏهن ڪنهن به مدد جي ضرورت هجي ته آئون حاضر آهيان“. پوڙهي بزرگ ماڻهوءَ عليءَ کي غور سان ڏٺو ۽ چيائين، ”ڪجھ نه مون کي بک لڳي آهي ڪجھ کائڻ لاءِ ڪونهي مون لاءِ ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽڪر ئي ڪافي ٿيندا اها آڻي ڏيئيم ته وڏي مهرباني ٿيندي کيسي ۾ هٿ وجھي ڏهن روپين جو نوٽ ڪڍي عليءَ کي ڏنائين جو علي کانئس نه ورتو ۽ چيائين ”مون کي خبر آهي اڳيان هڪ دوڪان آهي آئون توهان لاءِ بن يا ڊبل روٽي وٺي ٿو اچان“.
علي آهستي آهستي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو هڪ هٿ ۾ بتي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڇٽي کڻي هو گپ چڪ کان بچندو هلندو رهيو، هڪ هنڌ سندس پير ڦاسي پيو ۽ ڪري پيو پر همٿ نه هاريائين، هلندو رهيو آخرڪار کيس هڪ اسپتال وٽ هڪ ننڍو دوڪان کليل مليو. جتان ڪجھ بسڪيٽ ۽ ڊبل روٽي وٺي واپسيءَ جي رستي ڏي مڙيو ۽ ايئن مُني ڪلاڪ ۾ ساڳئي هنڌ تي پهچي پوڙهي کي اهو سامان ڏنائين. جنهن کيس دُعائون ڏنيون ۽ پنهنجي گھر ۾ اندر ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ کائڻ شروع ڪيائين بتيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ علي ڏي نهاري چوڻ لڳو، پٽ مون لاءِ تون هڪ فرشتو ٿي آيو آهين. ننڍو معصوم فرشتو. پر عجب جهڙي ڳالھ آهي ته اهڙي ئي هڪ سخت ٿڌيءَ ۽ اونداهيءَ واريءَ رات ۾ مون هڪ عورت جي کاڌي جو بندوبست ڪيو هو“. عليءَ کي تمام گھڻي حيرت ٿي کيس پنهنجي سوال ۽ ڪيل نيڪيءَ جو جواب ملي ويو بزرگ کان موڪلائي دروازي ڏي ويندي کيس سڄي حقيقت ٻڌايائين ۽ بتي ڏيندي چيائين. بابا سائين! هيءَ بتي توهان جي آهي اها توهين رکو، پوڙهي چيس ته، ”پٽ آئون هاڻي ڪراڙو ٿي ويو آهيان مون کي روشنيءَ جي ضرورت ڪونهي. اها بتي توهان نوجوانن جي لاءِ آهي هن روشنيءَ کي هڪ هٿ مان ٻئي هٿ تائين وڃڻ گھرجي ۽ ان ريت هيءُ روشني ۽ نيڪيءَ جو سفر هلندو رهي.

ٽي تحفا

هندوستان جي هڪ وارياسي علائقي ۾ هڪ سهڻو اڏيل ننڍن ننڍن گھرن وارو صاف سٿرو ڳوٺ هو. جنهن جا رهاڪو تمام مهربان نيڪ ۽ دين جي رستي تي هلندڙ هئا. هن ڳوٺ جي ماڻهن ڳچ عرصي کان اسلام قبول ڪيو هو. پنهنجي گھرن ۾ پڻ دين جي پرچار ڪندا هئا سندن اولاد پڻ صالح سپوٽ هو ته هر گھر ڄڻ محبت، پيار ۽ نيڪيءَ جي درسگاھ هو. اهي مسافرن ۽ مهمانن کي عزت ۽ محبت ڏيندڙ ۽ کين خدا جي طرفان نعمت سمجھندڙ هئا. سندن موجب ته، ”رازق رزق سڀ ڪنهن کي رسائي ٿو ۽ هُو ”ڪِول کي ڪڻ هاٿيءَ کي مڻ ڏيڻ وارو آهي“. ڪنهن کي به بکيو نٿو سمهاري، ”ڪَکَ پن ۾ پاڻ وسندڙ آهي“، ”دنيا فاني آهي“، ”ڪنهن سان چڱو هلبو ته داتا درجو ڏيندو“. سڀني جو هڪ ئي طريقو هو اهي سڀ هر آئي وئي کي ماني ۽ مانِ ڏيندا هئا.
هڪ دفعي وٽن هڪ درويش بزرگ اچي لانگهائو ٿيو. ڳوٺ ۾ پهريون گھر قاسم بابا جو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس نالو نيڪ ناميءَ ۾ مشهور هو. قاسم بابا انهيءَ بزرگ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ بنا ڪنهن اجوري جي ۽ بنا ڪنهن لالچ جي. هُو کيس پنهنجي پيءُ جيئن سمجهندو رهيو ۽ بزرگ احمد کي به نه فقط قاسم بابا پر سندس پٽ حامد مان پڻ راحت ايندي هئي. هُو انهن جي گھرجي ڀاتيءَ جيان وٽن اوطاق ۾ رهندو هو سڀ گڏجي ماني ٽڪي کائيندا ۽ مسجد ۾ ويندا هئا. ڳوٺ جا ماڻهو پڻ درويش احمد جي سٺي عزت ڪندا هئا. جڏهن چئن سالن کان پوءِ احمد درويش موڪلايو تڏهن قاسم بابا کي ٽي تحفا ڏنائين جي هُن سنڀالي رکيا.
قاسم بابا هڪ ڏينهن اوچتو بيمار ٿيو ۽ سندس بيماري وڌي ويئي سمجهيائين ته هاڻي آخري وقت آهي پنهنجي پياري، سٻاجھي، سمجهدار ۽ فرمانبردار پُٽ کي پاسي ۾ ويهاري چيائين ته،
”پٽ حامد توکي هدايت ٿو ڪريان ته، دين جي رستي تي هلجانءِ، خلق جي خدمت ڪجانءِ، وڏي ننڍي جي عزت ڪجانءِ، اڄ جو ڪم سڀان تي نه رکجانءِ، پاڙو نبين کي پيارو آهي، پاڙي جو خيال رکجانءِ، ”ڪڙم قبيلي کان شل ڪتو به ڌار نه ٿيئي“ سو پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي کي اکين تي رکجانءِ، ”پنهنجا وري به پنهنجا آهن ماري به ڇانوَ ۾ وجهندا“ پر جي ساڻن هٿ سڃبو ته ڪڏهن به ڪونه گُسندا ڇو ته، ”رت دانگيءَ تي ورندو آهي“. نيڪي پڌري پٽ موجود آهي ان کي هٿ ڪرڻ جا سانباها ڪج اڄ توکي ٽي تحفا ڏيان پيو جي بزرگ احمد مون کي ڏنا هئا. پيتي کولي هڪ ٽوپي، تسبيح ۽ منڊي کڻي حامد جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ چيائين ته ٽوپيءَ جي خاصيت اها آهي ته ٽوپي پائي جڏهن به ڪنهن جي ڳالھ ٻڌندا ته سچ ۽ ڪوڙ جي خبر پئجي ويندي. تسبيح پڙهي ڪنهن بيمار کي ڪابه دوا ڏبي ته اهو ٺيڪ ٿي ويندو ۽ منڊي پائي جي جنگ تي وڃبو ته دشمنن تي فتح حاصل ٿيندي.
بابا قاسم انهن شين بابت پنهنجي پٽ حامد کي هدايتون ڏنيون ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سندس وفات ٿي ويئي. حامد پنهنجي پيءُ جي تدفين ۽ پوءِ چاليهي تائين ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي نصيحت مطابق خلق جي خدمت واسطي دنيا جي سير تي روانو ٿي ويو ڪيترن ئي ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ هڪ شهر ۾ پهتو جتي گھڻي رونق ۽ هلچل هئي، کيس ڏاڍو مزو آيو سوچيائين هن ئي شهر ۾ رهي علم حاصل ڪري پوءِ وطن واپس ويندس ۽ ڪيترائي ڏينهن هِن شهر خداآباد ۾ رهي پيو. هڪ ڏينهن انهيءَ شهر ۾ اعلان ٿيو ته سڄو عوام اڄ بادشاھ جي درٻار ۾ اچي، جو غداريءَ جي هڪ مقدمي جو فيصلو آهي. سو حامد پڻ انهيءَ مقدمي جي فيصلي کي ڏسڻ لاءِ درٻار ۾ پهتو. بادشاھ جي وڏي وزير تي اهو الزام هو ته هُن بادشاھ خلاف سازش ڪئي آهي ته جيئن کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشآھ ٿئي. جنهن جي لاءِ گواھ پڻ موجود هئا جيڪي قسم کائي قاضيءَ کي چئي رهيا هئا ته وڏو وزير مجرم آهي جڏهن ته وزير سليمان پنهنجي ڏوھ مڃڻ کان بلڪل انڪاري هو. قاضيءَ کيس آخري دفعو چيو ته، ”ڏوھ قبول ڪري ۽ بادشاھ چيو آهي ته، سندس جي سچ ڳالهائڻ تي معافيءَ جي لاءِ غور ڪيو ويندو“ پر سليمان وزير جو هڪ ئي جواب هو ته، ”هن ڪابه سازش ڪونه ڪئي آهي ۽ هو بادشاھ جو خيرخواھ آهي، کيس بي گناھ ڦاسايو پيو وڃي“.
بادشاھ ڪاوڙ ۾ اچي فيصلو ٻڌائڻ وارو ئي هو جو حامد اچي بيٺو ۽ شاهي انداز سان بادشاھ کي جھڪي سلام ڪري اجازت وٺي تجويز ڏنائين ته بادشاھ فيصلي ڪرڻ کان اڳ سندس هٿ ۾ موجود ٽوپيءَ کي پائي ڏسي، بادشاھ حامد کي پرديسي ۽ مسافر سمجهي سندس چوڻ ڪيو ۽ ٽوپي پاتي، جيئن ئي هُن ٽوپي پاتي سندس ڪنن ۾ غيبي آواز آيو ته، ”اي بادشاھ گواھ ڪوڙا آهن ۽ سڀ ڪجھ سپھ سالار جي چوڻ ۾ پيا ڪن وڏو وزير بي ڏوهي آهي. بادشاھ کي وڏي وزير تي اڳ ۾ ئي يقين هو سو کيس غيبي آواز بلڪل سچ لڳو سپھ سالار کي قيد ڪري سندس گواهن تي جڏهن سختي ڪئي ويئي تڏهن انهن ڏوھ قبوليو ۽ وڏو وزير هڪدم آزاد ٿيو ۽ شان سان بادشاھ جي ڀر ۾ ويٺو. بادشاھ حامد کي پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ طلب ڪيو ۽ کانئس ٽوپيءَ جي حيرت انگيزيءَ بابت معلوم ڪيو، جنهن سڄي ڳالھ پيرائتي ڪري ٻڌائي بادشاھ کيس انعام ۽ اڪرام ڏنا جي کڻڻ کان حامد انڪار ڪيو ۽ چيائين ته، ”مون کي خوشي آهي ته مون هڪ صحيح شخص جي حوالي هيءَ جادوئي ٽوپي ڪئي آهي“.ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ويجھي واري ملڪ، خداآباد ملڪ تي حملو ڪيو جيئن ته سپھ سالار قيد هو ۽ ٻيو ڪوبه فوج جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪارگر سپھ سالار نه هو ان ڪري بادشاھ فيصلو ڪيو ته هُو پاڻ فوج جي سربراھي ڪندو حامد کيس منڊي ڏني ۽ چيائين ته،”هن جي پائڻ سان انهيءَ مان اهڙيون روشنيءَ جون لهرون نڪرنديون جن سان وقتي دشمنن جا سپاهي انڌا ٿي ويندا“. بادشاھ اهو ٻڌي خوش ٿيو هن هڪدم منڊي پاتي ۽ بي جگريءَ سان دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوج جي اڳواڻي ڪيائين ۽ کيس ڪاميابي حاصل ٿي ۽ دشمن فوج نامراد ٿي واپس ويئي.
بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو، هُن هڪدم جنگ تان واپس اچي حامد جي پُڇا ڪئي کيس خبر پئي ته حامد ٻئي ملڪ هليو ويو آهي. درحقيقت حامد اهو سوچيو ته هتي وڌيڪ رهندس ته بادشاھ مون تي مهربانيون ۽ عنايتون ڪندو جي مون کي قبول نه ڪرڻ گھرجن، آئون ته هي سڀ خلق جي خدمت لاءِ پنهنجي پيءُ قاسم بابا ۽ بزرگ احمد جي خواهش مطابق ڪري رهيو آهيان مون کي ڪنهن به واپسيءَ جي تحفي ۽ انعام ۽ اڪرام جي لالچ ڪانهي.
اهڙيءَ ريت حامد هلندو هڪ ٻئي وڏي ملڪ ۾ پهتو جتي جو بادشاھ دشمن ملڪ سان جنگ ڪندي زخمي ٿيو هو، جنهن کي حڪيمن لاعلاج قرار ڏنو. حامد وڃي وڏي حڪيم سان مليو ۽ کيس تسبيح ڏنائين ته انهيءَ تي الله جو نالو پڙهي علاج شروع ڪري، حڪيم ان ريت ڪيو ۽ بادشاھ ٺيڪ ٿيڻ شروع ٿيو. حڪيم نيڪ فطرت انسان هو هُن بادشاھ جي چڱي ڀلي ٿيڻ تي کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، بادشاھ حامد گھرائي کي چيو ته، ”هو جيڪي طلب ڪري جيڪي گھري بادشاھ کيس ضرور ڏيندو“. حامد ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، ”بادشاھ سلامت! توهان جنهن ملڪ سان جنگ وڙهي رهيا آهيو، منهنجو واسطو انهيءَ ملڪ سان آهي، منهنجي همدردي انهن سڀني فوجين سان، سندن گھروارن ۽ اولاد سان آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي جنگين ۾ مارجي رهيا آهن. منهنجي خواهش آهي ته توهان جنگ نه ڪريو بلڪ دوستيءَ جي ذريعي جائز مقصدن جو پورائو ڪريو“. بادشاھ جي سمجھ ۾ حامد جي ڳالھ اچي ويئي ۽ هن ٻئي ملڪ ڏانهن صلح ۽ دوستيءَ جو خط موڪليو ۽ پنهنجي پٽ لاءِ سندن شهزاديءَ جو سڱ گھريو. اهڙيءَ طرح حامد پنهنجي ملڪ جي بادشاھ کي به وڃي راضي ڪيو ۽ ان طرح جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ مائيٽيءَ جو رشتو قائم ٿيو. بادشاھ حامد مان گھڻو خوش ٿيو پنهنجي ملڪ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ انهن جي آس پاس جون زمينون حامد جي نالي ڪيائين ۽ هو پنهنجي پيءُ قاسم بابا جي چوڻ تي عمل ڪندي پنهنجي قوم جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لڳو.

آسيه ۽ ارسلان

ڊاڪٽر ارسلان کي اسپتال ۾ پهچي آپريشن ڪرڻو هو کيس دير به ٿي رهي هئي پر اوچتو چوواٽي جي سگنل وٽ هڪ اڇيءَ چادر ۾ ويڙهيل عورت سندس گاڏيءَ جي اڳيان اچي بيهي رهي ۽ ارسلان موقعي جي نزاڪت سان کيس پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهڻ جو چيو ته جيئن هن پريشان حال پر هڪ سڌريل گهر جي عورت کي پنهنجي هنڌ تي پڄائي سگهي هوءَ فقيرياڻي ڪونه هئي پر سندس منهن مان هڪ لفظ به نه پئي نڪتو ۽ ڊاڪٽر ارسلان سمجھيو ته هوءَ شايد رستو ڀلجي ويئي آهي. ان ڪري سندس مدد ڪرڻ ضروري سمجهيائين، پنهنجي اسسٽنٽ ڊاڪٽر کي فون ڪري ڇڏيائين ته توهان ٿيٽر ۾ آپريشن جي تياري ڪيو آئون اڌ ڪلاڪ ۾ پهچان ٿو. هُو اڃان پنهنجي گھر جي ئي ويجھو هو ته کيس اها عورت رستي ۾ ملي. حقيقت ۾ سندس والده تازو وفات ڪئي هئي جا ٻه مهينا اڳ ڪينسر جي بيماريءَ ۾ فوت ٿي ويئي هئي ڊاڪٽر ارسلان کيس گھڻو ڀائيندو هو ماءُ جي علاج ۽ خدمت ۾ ڏينهن رات هڪيو تڪيو بيٺو هوندو هو، پر امرالله جو، جو سندس والده بچي نه سگهي. انهيءَ ڏک صدمي جي ڪري ڪيترا ڏينهن پريشان رهيو هو. هُو ۽ والده گڏ رهندا هئا. سندس شادي ڪرائڻ جي مهلت به ماڻس کي نه ملي اهو ارمان کڻي هوءَ ته الله پاڪ وٽ هلي ويئي ڊاڪٽر ارسلان کي گھر ويندي ئي ماءُ ياد ايندي هئي. اسپتال ۾ ته گھڻن مريضن وچان هُو وقتي طور پنهنجو ڏک وساري ويهندو هو. هن عورت کي ڏسي کيس پنهنجي والده ياد اچڻ لڳي. اها عورت جنهن جو نالو آسيه هو سا سندس گاڏيءَ ۾ ويهي رهي ڊاڪٽر ارسلان گاڏي هلائيندي پڇيس ته، ”امان! توهان کي ڪٿي هلڻو آهي؟ آئون توهان کي پهچايان، بزرگ عورت آسيه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، چيائين، ”پٽ جتي بهتر سمجهين آئون ته پنهنجو گھر ڇڏي آئي آهيان“. ارسلان حيران ٿي پڇس ته، امان هِنَ عمر ۾ گھر ڇڏي ڪٿي پئي هلندينءِ جيڪڏهن مون کي پنهنجو پٽ سمجھين ته آئون توکي پنهنجي گھر وٺي هلان“، آسيه هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ڊاڪٽر ارسلان پنهنجي گاڏي گھر جي طرف موڙي ۽ کيس گھر پهچائي پنهنجي والده واري ڪمري ۾ رهڻ جو چيو ۽ ٻڌايائين ته،”آئون ڪلاڪ/ڏيڍ ڪلاڪ ۾ اچي ويندس، توهان آرام ڪريو. ڪجھ کپي ته بورچيخاني ۽ فرج ۾ هر شيءِ موجود آهي بس آئون جلدي اچان ٿو. نوڪر ڳوٺ ويل آهي، توهين اندران در بند ڪري ويهي رهو“. آسيه کيس شڪر گذاريءَ سان ڏسندي ها ڪئي. ڊاڪٽر ارسلان هڪدم پورچ ڏي وڃي گاڏي اسٽارٽ ڪئي کيس جلدي پهچڻو هو جو مريض آپريشن ٿيٽر ۾ پهچي چڪو هو، سڀ سندس انتظار ڪري رهيا هئا.
آپريشن کان فارغ ٿي سڀني ڊاڪٽرن سان گڏ چانهن پيئڻ کان سواءِ هُن کانئن موڪلايو ته مونکي ضروري ڪم آهي. هُو اسپتال جو نگران پڻ هو. هميشه شام جو سڄي اسپتال جي نهار ڪرڻ کان پوءِ ويندو هو پر اڄ کيس خبر هئي ته گھر ۾ سندس جي ڪير واٽ نهاري رهيو آهي. هيءَ هڪ پرائيويٽ اسپتال هئي جنهن جو مالڪ وحيد هڪ بزنس مين هو سندس ٻه اسپتالون شهر ۾ هيون جن مان کيس سٺي آمدني به ٿيندي هئي. ڊاڪٽر ارسلان جي سهڻي طبيعت سبب هو مٿس گھڻو اعتماد ڪندو هو. جنهن تي ٻيا ساڙ به کائيندا هئا. ڊاڪٽر شفقت جي وڏي مرضي هئي ته ارسلان جي جڳھ تي هُو پاڻ اسپتال جو نگران ٿيئي ته سندس پگهار به وڌيڪ وڌي ۽ وحيد صاحب سان تعلقات پڻ مظبوط ٿين، سو واٽ پيو نهاريندو هو ته جيئن ارسلان کي ڪنهن نموني وحيد صاحب جي نظر ۾ ڪيرايان.
ارسلان گھر پهچي ڏاڍو خوش ٿيو امڙ آسيه سندس لاءِ ماني ٺاهي رکي هئي هو ساڻس ماني کائڻ سان گڏ ڳالهيون ڪندو رهيو کيس اندازو ٿيو ته هِنَ جو دماغ ڪنهن صدمي کان متاثر آهي سندس ياداشت گھٽجي ويئي آهي. ٻئي ڏينهن کان هُن امڙ آسيه جي لاءِ دوائن ۽ڪپڙن جو بندوبست ڪيو ۽ هُوءَ پڻ بلڪل کيس پنهنجي پٽ وانگر ڄاڻندي گھر به سنڀالڻ لڳي ۽ سندس لاءِ دعائون به گهرڻ لڳي.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر علي، ارسلان کان پڇيو ته اڄڪلھ توهين جلدي گھر ويندا آهيو ۽ ڪجھ سوچن ۾ به آهيو، ڇا ڳالھ آهي؟ ارسلان کيس ٻڌايو ته،”سندس والده گھر ۾ آهي ان ڪري جلدي ويندو آهيان ۽ هوءَ بيمار پڻ آهي سندس صحت جو فڪر ڪندو آهيان“. ڊاڪٽر شفقت ان مهل اُتان گذري رهيو هو. کيس خبر هئي ته ڊاڪٽر علي ته هن اسپتال ۾ گذريل مهيني آيو آهي ۽ ان کي اها ڄاڻ ئي ڪانهي ته ارسلان جي والده ته ڪينسر ۾ وفات ڪري ويئي آهي پر اصل ڳالھ ته ارسلان اهو ڪوڙ ڇو ڳالهائي رهيو آهي ۽ ٻي ماءُ ڪٿان آئي آهي؟ هُن وڃي وحيد صاحب جا ڪَنَ ڀريا ۽ کيس چيائين ته، ”ڊاڪٽر ارسلان جي والده زنده آهي سر هن اسپتال مان 20 لک ماءُ جي علاج لاءِ پڻ کنيا آهن ۽ ڪافي موڪلون ڪيون جنهن سان اسپتال کي وڏو نقصان پڻ ٿيو آهي، توهين سندس گھر مون سان گڏ هلو ته اصل حقيقت جي خبر پوي“.
سر وحيد پريشان ٿي ويو پر ظاهر آهي هُو هڪ بزنس مين هو فقط هر ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ سان ته سندس ڪم نٿي هلي سگهيو سو ڊاڪٽر شفقت سان وڃڻ جي ها ڪيائين سندس دل ۾ ته هاڻي ڊاڪٽر ارسلان لاءِ شڪ جو ٻج پوکجي ويو هو.
جيئن ئي ٻئي ڄڻا گڏجي ارسلان جي گھر پهتا هُو کين دروازي تي ڏسي حيران ٿي ويو. ڊاڪٽر شفقت دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو ته هاڻي ٿو ڊاڪٽر ارسلان جو ڪوڙ پڪڙجي ۽ بي عزتو ٿيئي. ڊاڪٽر ارسلان دروازي تان هٽي کين اندر اچڻ جو چيو وحيد صاحب ارسلان کي چيو ته، ”آئون توهان جي والده جي وفات تي اچي ڪونه سگهيو هئس هاڻي فاتحه خواني لاءِ آيو آهيان“. سڀني ٻُڪ کنيا ۽ فاتحه پڙهي. ڊاڪٽر کين ٿوري دير ۾ چانهن بسڪيٽ پيش ڪيا. ڊاڪٽر شفقت دِل ۾ خوش پئي ٿيو ته هاڻي ٿي ارسلان جي اصليت ئي کُلي، سو ڏانهس منهن ڪري چيائين ته،”ڊاڪٽر ارسلان توهان جڏهن اسان جي دعوت ڪئي هئي تڏهن توهان جي والده حيات هئي“. ارسلان سمجھي ويو چيائين، ”ها ڊاڪٽر شفقت، مون کان الله پاڪ هڪ ماءُ کسي پنهنجي قدرت سان هڪ ٻي ماءُ ڏني آهي جنهن جو ڪير به ڪونهي کيس پٽ جي ضرورت آهي ۽ مون کي ماءُ جي“. ايئن چئي آسيه کي سڏ ڪائين ته، ”امي اچي منهنجي اسپتال جي مالڪ سان ملو“. آسيه چادر پائي جيئن ئي اچي ڊرائينگ روم ۾ پهتي وحيد صاحب کيس عجب سان ڏٺو، منهن مان ڪو لفظ ڪونه ڳالهايائين. ڊاڪٽر شفقت امان آسيه کي ڏسي پڇيو ته امان جي! ڇا ڊاڪٽر ارسلان توهان جو پٽ آهي؟ ”ها پٽ! ارسلان ته منهنجو پيارو پٽ آهي“، ڊاڪٽر شفقت خوش ٿي وحيد صاحب ڏي نهاريو ۽ ارسلان خلاف ڳالهائيندي کيس چوڻ لڳو، ”سر! مون ڪونه چيو هو ته ڊاڪٽر ارسلان جي والده حيات آهي“. وحيد صاحب جو منهن لهي رهيو هو، هُو صوفه تي پاسا مٽائڻ لڳو جڏهن سڀ دروازي تي موڪلائي رهيا هئا ۽ سڀ درمان نڪري چڪا تڏهن پوڙهي آسيه وحيد صاحب کي آهستي سان چيو، ”پٽ! مون تنهنجي بي عزتي ڪرڻ نٿي چاهي ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايم ته تون منهنجو سڳو پٽ آهين ۽ ايترو آسودو هوندي به منهنجي ننهن مون کي گھر ۾ نٿي برداشت ڪري، نوڪرن جهڙي حياتي ۽ ڏکن منهنجو دماغي توازن ئي وڃائي ڇڏيو هو. قدرت مون کي ارسلان جي روپ ۾ هڪ بلڪل سڳي پٽ جهڙو سٺو پٽ ڏيئي ڇڏيو آهي، کيس ماءُ جي ضرورت به آهي ۽ ماءُ جو قدر پڻ. اميد تون هاڻ پنهنجي زال سان خوش هوندين هاڻي آئون انهيءَ گھر ۾ ڪڏهن به واپس ڪونه اينديس“. وحيد صاحب جو اکيون آليون ٿي ويون اڄ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي هميشه لاءِ خوشيءَ سان ڇڏي ڏنو.
واپسيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ ڊاڪٽر شفقت، وحيد صاحب کي چوڻ لڳو، ”سر! مون توهان کي اڳيئي چيو هو ته ڊاڪٽر ارسلان ڪوڙو ۽ فراڊيو آهي هن ڪمپنيءَ کان پئسا به ماءُ جي علاج لاءِ کنيا ۽ چيو ته والده وفات ڪري ويئي آهي، جڏهن ته سندس ماءُ زنده آهي، هو صاف ڪوڙ پيو ڳالهائي“، سر وحيد جي اکين ۾ آيل لڙڪن جي برسات ڊاڪٽر شفقت اونداهيءَ ۾ ڏسي نه سگهيو ۽ کيس اها خبر ئي نه هئي ته اها ته وحيد صاحب جي والده آهي جا سندس گھرواريءَ جي ظلمن کان تنگ ٿي روڊن تي رُلي رهي هئي ۽ ڊاڪٽر ارسلان ان کي نئين حياتي ڏني آهي، وحيد صاحب ته انهيءَ احسان کي ڪڏهن به لاهي نٿو سگهي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر ارسلان کي هڪ خط اسپتال طرفان مليو جنهن ۾ سندس کنيل 20 لک قرض معاف ڪيو ويو هو ۽ هن جي پگهار ٻيڻي ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر شفقت اڄ تائين ارسلان تي ڪيل انهيءَ مهربانيءَ جو سبب سمجھي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي ڊاڪٽر ارسلان هن راز کي ڄاڻي سگهيو آهي. ڇو ته وحيد صاحب اصل حقيقت ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي ۽ ارسلان کي سندس نيڪين ۽ ماءُ جي ڪيل خدمتن ۽ دعائن جي نتيجي ۾ چڱايون پلئه پيون.

صوفن جو باغ

رابعه هر آچر جي ڏينهن پنهنجي والدين جي گھر ٻارن کي وٺي ملڻ ويندي هئي ۽ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ يا سندس ڀائر کين ڇڏي ويندا هئا يا فاروق سندس گھروارو به اچي ويندو هو. ٻار ناناڻن ۾ اچي گھڻو خوش ٿيندا هئا. رابعه جا مالي طور ڪمزور هئي، درحقيقت ڪمزور به ڪونه هئي وٽن ننڍو زمين جو ٽڪرو هو جنهن ۾ سندس سهري جا پوکيل صوفن جا وڻ هئا، جن مان کين سٺي آمدني ٿيڻ لڳندي هئي پر جيئن ته فاروق ڪجھ سست ۽ لاپرواھ قسم جو ماڻهو هو. هُو خوش فهم هو ته بنا محنت جي به سڀ ڪجھ حاصل ٿي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري پنهنجي باغ طرف توجھ ڪونه ڏيندو هو. جنهن جي ڪري هر سال ٿورو ميوو ٿيندو هو. جنهن مان ڪو گهڻو پئسو نه پئي مليو.
هڪ ڏينهن رابعه پنهنجي پيءُ جي گھر والد کي اڪيلو ڏسي پنهنجو اندر اوريو، چيائين، بابا توهين چوندا آهيو ته، ”اُتم کيتي وڌنڌڙ واپار، نيچ نوڪري پنڻ بيڪار“ ۽ ”کيتي سرسيتي آهي“، پر پنهنجي داماد کي سمجهايو هُو سست ٿي هر وقت گھر ۾ ويٺو آهي باغ مان اُپت صفا گھٽ آهي ۽ ٻارن جو خرچ به پورو نه پيو پوي، زمين کري رهي آهي آخر ڪلر ٿي ويندي پوءِ ڪجھ به نه ورندو. فاروق ٻين تي اعتبار ڪري ٿو پاڻ محنت نٿو ڪري نه ئي وڃي اُتي رهي ٿو، ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي سو” وڪڻي به ڇڏيون پر پوءِ فاروق ته ڪجھ به ڪونه ڪندو ۽ پئسا به کپي ويندا. آئون سخت پريشان آهيان“.
ابراهيم صاحب سڄي ڳالھ سربستي ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ ڏيئي کيس آٿٿ ڏني ۽ چيائين، ”منهنجي لڇمي ڌيءَ ذرو به اُلڪو نه ڪر آئون اڃان حيات آهيان توکي ڏکيو ڏينهن ڪونه ايندو، هُو داماد آهي، پٽ وانگر آهستي آهستي طريقي سان چوندومانس“.
ٻئي ڏينهن ابراهيم پنهنجي ناٺيءَ فاروق کي چيو ته، ”رات جي ماني اچي اسان جي گھر کائو“، هن اها دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. بهترين ماني تيار ڪئي ويئي، دعوت کان پوءَ فاروق کي وٺي ابراهيم صاحب ڊرائينگ روم ۾ الڳ ويهاري ڪچهري ڪرڻ لڳو. ڪوئٽيا ۾ سردي هئڻ جي ڪري هُو ٻيئي هيٽر جي ويجھو ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. رابعه ۽ ٻار اندر گھر جي ٻين ڀاتين سان وندري رهيا هئا.
ابراهيم صاحب رازداريءَ جي نموني سان فاروق کي چيو ته، ”فاروق مون کي خبر آهي ته توکي سون گھڻو پسند آهي، مون وٽ سون ٺاهڻ جو هڪ ڪارگر نسخو آهي ۽ ان جي لاءِ سڀ شيون هٿ ڪيون اٿم پر هڪ شيءِ جي ڪمي آهي ۽ اها آهي تازن صوفن جي وڻن جي ٽارين جو پائوڊر. جي وڻن جو ميوو مڪمل لاهڻ کان پوءِ ان ۾ رهيل تازين ٽارين جو پنج ڪلو ڪٽيل پائوڊر ملي ۽ اهي وڻ صحتمند ۽ جاندار هجن ۽ اها شيءِ جيڪڏهن تون حاصل ڪري سگهين ته پاڻ سون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين“. فاروق پنهنجي سهري جي اها ڳالھ ٻڌي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. چوندا آهن، ”انڌو گھري هڪڙي اک هتي ته ٻه اکيون پئي مليون“ سو فاروق، ”نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم“، سهري جي هٿ مٿي هٿ رکي چوڻ لڳو ته، ”آئون واعدو ٿو ڪريان ته هن ڀيري باغ ۾ محنت ڪندس ۽ ايترا ته بهترين صوف ٿيندا جو انهن جي بچيل لامن ۾ پڻ وڏي جان هوندي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري توهان کي اهو پائوڊر هٿ ڪري ڏيندس. سهرو خوش ٿيو.
ٻئي ڏينهن کان ئي فاروق صبح جو سوير اُٿي باغ تي وڃڻ لڳو کيس تمام گھڻو افسوس ٿيو ته سندس لاپرواهيءَ جي ڪري صوفن جا وڻ ته سُڪي ويا هئا ۽ انهن ۾ جان به گھٽجي ويئي هئي. پر هن کي به سون ٺاهڻ جو شوق هو سو سڀني وڻن کي اعلیٰ قسم جو ڀاڻ ڏيارائي مهانگا اسپري ڪرايائين ته ڪي وڏا ولايتي وڻ پڻ پوکيائين ۽ باغ جي پاڻيءَ تي ۽ باغ جي وڻن پنن تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لڳو. هو پنهنجي والد سان به ڪم ڪندو هو کيس ٻنيءَ ٻاري ۽ باغ جي سار سنڀال جي خبر به هئي پر فقط پنهنجي شيءِ جي مالڪي نه ڪرڻ تي اهو وڏو نقصان ٿيو هو. هاڻي سندس اک کُلي ويئي، اوڙي پاڙي جا ڪُڙمي ۽ زميندار حيران ٿي ويا ته ”اڄ هيءُ سج ڪٿان اڀريو آهي؟ فاروق ۽ هيتري محنت؟ ڪهڙو سج اڀريو آهي؟ پر چوندا آهن جڏهن خدا مَتِ ڏئي سو سون جي لالچ سان کيس مَتِ اچي ويئي هئي. سندس محنت صاب پئي، وڻن ۾ صوف لڳڻ ۽ پچڻ شروع ٿي ويا هئا. آخر اهو وقت به اچي ويو جو فاروق صوفن جي ڪٽائي ڪرڻ شروع ڪئي پر کيس صوفن کان به وڌيڪ دلچسپي انهن سنهين ٽارين سان هئي جن کي سُڪائي سون ٺاهڻ لاءِ پائوڊر ٺاهڻو هو. کيس اهو ڌيان ئي نه رهيو ته سندس زال ۽ پٽ مالهيءَ سان گڏجي صوفن جو ڪيتريون پيتيون ڀري بازار ۾ موڪلين پيا.
ڪيترن ئي ڏينهن جي محنت کان پوءِ فاروق اهي ٽاريون سُڪائي پائوڊر ٺاهي سهري وٽ کڻي ويو ۽ پڇڻ لڳو ته، ”هاڻي سون ٺاهڻ جو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا“؟ سهري مرڪي جواب ڏنس ته،”سون ته تنهنجي گھر ۾ تيار پيو آهي. وڃي گھر ڏس ته تون ڪيتري ڍڳ سون جو مالڪ ٿي ويو آهين، سون جا سڪا تنهنجي محنت جو ڦل آهن جي گھر ۾ موجود آهن. هو تڪڙو تڪڙو گھر پهتو جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيو ته سندس گھرواري ۽ ٻار وڏي ڪمري ۾ سندس انتظار ڪري رهيا هئا ۽ ميز سون جي سِڪن سان ڀري پئي هئي. فاروق حيران، پريشان ۽ خوش ٿي چوطرف نهارڻ لڳو. کانئن پڇيائين ته، ”هيترا سارا سون جا سِڪا توهان وٽ ڪٿان آيا“؟ هن جي زال مُرڪندي چيو، ”اُهي اسان وٽ تنهنجي گھڻي محنت سان آيا آهن. اهي سون جا سِڪا صوفن کي وڪڻي اسان سوناري کان ورتا آهن خدا ڪندو ته ايندڙ سالن ۾ به پاڻ کي ايترو سون ملندو رهندو“. هاڻي فاروق کي احساس ٿيو ته سندس سهري کيس ڪيئن نه ”حرڪت ۾ برڪت“ جو سبق سيکاريو آهي، هن پنهنجي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته آئينده ڪڏهن به پنهنجي زال، ٻارن ۽ گھر جي مسئلن طرف بي توجھي ڪونه ڪندو ۽ نه ئي محنت کان گھٻرائيندس.
پيارا ٻارو! محنت ۾ عظمت آهي، پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ ۾ اسان لاءِ سون لڪيل آهي جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ۽ وقت جي قدر ڪريون ته گھڻو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا.

سچي خوشي

عامر کي ڏاڍي بک لڳي رهي هئي مٿان وري ڪبابن جي خوشبو ۽ گرم نان ۽ چٽڻيون ڏسي، سخت سيءَ ۾ سندس جسم سردي ۽ بک ڪري ڏڪي رهيو هو. پر کيس بيرو هئڻ جي حيثيت ۾ آرڊر هر گاڏيءَ تي پهچائڻو هو. هُو مئٽرڪ پاس هو. اڳيان پڙهڻ ٿي چاهيائين پر حالتن سبب پڙهي نه سگهيو، مٿس گھر جون جوابداريون اچي ويون هيون. سندس پيءُ ڀاڄيون وڪڻندو هو هُن جي گاڏي تي طرحين طرحين جون ڀاڄيون هيون پر مهانگائيءَ هڻي سڀني جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي هئي.
چاچو حيدر صبح جو سوير گھران سبزي منڊيءَ لاءِ نڪرندو هو، تازيون ڀاڄيون وٺي رڪشا ۾ گھر آڻي، پوءِ گاڏو سينگاري گھر گهر، گهٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڀاڄيون وڪڻي ٻه بجي تائين گھر اچي ويندو هو. اڌ ڏينهن ڪم ڪندو هو ته به چڱا خاصا پئسا گڏ ٿي ويندا هئا ۽ عامر بي فڪريءَ سان پڙهندو به هو ته اسڪول ۾ پڻ سٺي خرچي کڻي ويندو هو پر جيئن مهانگائي وڌندي ويئي سندس پيءُ جي ڌندي ۽ ڪمائيءَ ۾ فرق اچڻ لڳو هاڻي چڱا آسودا ماڻهو پڻ شهر ۾ ڀاڄي منڊيءَ مان ڀاڄيون وٺڻ لڳا هئا ڇو ته، ٿوڪ جي حساب سان اُتان سستيون ٿيون ملن. چاچي حيدر جا گراهڪ گھٽجڻ لڳا. منڊيءَ مان به ڀاڄي مهانگي ملڻ لڳي ته رڪشا جو ڀاڙو به وڌيڪ ٿيڻ لڳو ۽ ڀاڄين جي کپت به گھٽ ٿيڻ لڳي هاڻي هو صبح کان شام تائين پيو هلندو هو ته به تمام ٿورا پئسا گھر آڻي سگهندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن عامر کي ويهاري چيائين ته، ”پٽ! آئون تنهنجي تعليم جو خرچ وڌيڪ نٿو کڻي سگهان ۽ آئون هاڻي ٻڍو ٿيندو پيو وڃان چاهيان ته آرام ڪريان پر گھر جي مجبوري مون کي آرام کان روڪي پيئي. جيڪڏهن تون به ڪٿي ڪم تي لڳي وڃين ته پاڻ پيءُ پٽ گڏجي گھر جو گاڏو هلايون“.
عامر کي ڳالھ دل سان لڳي پر وري به چوڻ لڳو، ”بابا منهنجي دل آهي ته اڳيان ڪاليج ۾ پڙهان جيڪڏهن ڪٿي ڪم ۾ لڳس ته پڙهي ڪونه سگهندس“. چاچو حيدر هڪ هوشيار ماڻهو هو هُو دردر رُلي چُڪو هو سو کيس تسلي ڏيندي چيائين، ”آئون جنهن پاڙي ۾ اڳ ۾ ڀاڄيون ڏيندو هئس اُتي وڏا بنگلا آهن آئون ڪنهن صاحب سان ڳالهايان ٿو ۽ کيس تنهنجي خواهش به ٻڌايان ٿو مَنَ ڪا سڻائي ٿي وڃي“.
ان ريت حيدر ٻئي ڏينهن ڊفينس جي علائقي ۾ جتي هو اڳ ۾ ايندڙ ويندڙ هو ويو ۽ اُتي کانئس ڀاڄيون نوڪر، نوڪرياڻيون يا ڪڏهن گهر جي مالڪياڻيون وٺندا هئا. ڪنهن صاحب جي هن ڪڏهن شڪل ڪونه ڏٺي هئي ۽ صبح جي وقت ظاهر آهي مرد ماڻهو ته پنهنجي ڪمن تي ويل هجن ٿا. هن هڪ نوڪر معرفت مالڪياڻيءَ تائين پنهنجو مسئلو ٻڌايو جا رحم دل هئي ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته سندن هڪ ننڍو هوٽل آهي جتي ڇوڪر شام جو بيرو ٿي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ صبح جو بلڪل پڙهائي ڪري، حيدر گهڻو خوش ٿيو ۽ کين دعائون ڏيندو اچي گھر پهتو. ٻئي ڏينهن اُن ڏس پتي تي عامر کي موڪليائين، مالڪياڻيءَ اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ۽ ان ريت عامر کي اُن هوٽل تي نوڪري ملي ويئي پر خدا جي قدرت مهيني ۾ سندس والد فوت ٿي ويو. انهيءَ ۾ به ڪا رب جي رضا هئي جو هو پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي نوڪريءَ سان لڳي چڪو هو.
اهو هوٽل صاف سٿرو ۽ ماڊرن نموني جو هو. جنهن تي وڏيون وڏيون گاڏيون اچي بيهنديون هيون. سڄو ڪاروبار رات جو هلندو هو. شام جو پنجين بجي کان باربي ڪيو جو ڪم شروع ٿي ويندو هو، عامر به چار بجي گهر کان نڪرندو هو ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ هوٽل تي پهچي ويندو هو ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪم ڪندو هو. جيئن ته هن هوٽل جي اعلیٰ معيار جي ڪري هتي جي ماني مهانگي هئي ۽ ان جي بورچين ۽ کاڌي ٺاهڻ ۽ هوٽل جي ٺاھ ٺوھ تي گھڻو خرچ ايندو هو انڪري اسٽاف کي ماني کائڻ لاءِ ڪونه ملندي هئي. پگهار باقي سٺو ملندو هو. ڪڏهن ڪنهن موقعي مهل تي يا اتفاق سان وڌيڪ بچي پوڻ تي بيرن يا ٻئي اسٽاف کي کاڌو ڏنو ويندو هو نه ته هر ڪو منجھد جو گھران کائي ايندو هو ۽ رات جو ڪم بعد پنهنجي گھر وڃي کائيندو هو.
هتي اڪثر سيٺ حماد ماني کائڻ ايندو هو، اڄ به هو سيخ ڪباب، نان ۽ چٽڻين سان کاڌو کائي بوتل پي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ سندس پويان سندس پٽ شهريار ويٺل هو جيڪو پڻ ملائي ٻوٽيءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، عامر هڪ پل لاءِ ڏِک سان سوچيو، ”هي ڪيڏا نه خوش قسمت آهن، کين ڪيتريون نه نعمتون مليل آهن، وڏين وڏين گاڏين ۾ ويهي بي فڪريءَ سان کاڌي جي لذتن سان ايئرڪنڊيشن ۾ خوشي پيا حاصل ڪن ۽ اسان جي قسمت اهڙي آهي جو اهڙيءَ سچي خوشيءَ کان محروم آهيون“.
سندس دل ۾ شدت سان اها خواهش پيدا ٿي ته هُو امير ٿئي ۽ سندس اڳيان به بيرو کاڌو رکي ۽ سندس چيو مڃي پر کيس خبر هئي ته اها خواهش پوري ٿيڻ ناممڪن آهي ۽ اهو سوچي هُو اداس ٿي ويو ۽ پنهنجي بدقسمتيءَ جو ڏک ڪرڻ لڳو، اهڙيءَ ريت هو جڏهن به سيٺ حماد کي پنهنجي پٽ سان گڏ هوٽل تي ايندو ڏسندو هو ۽ پاڻ جڏهن کين آرڊر پهچائيندو هو تڏهن هڪ لحظي لاءِ (شهريار جيڪو سندس عمر جو هو) کي ڏسي سوچيندو ضرور هو ته سندس قسمت ايتري خراب ڇو آهي؟ ۽ اهي ڳالهيون گھر اچي پنهنجي ماءُ سان ڪندو هو جا کيس اهو سبق ڏيندي هئي ته هر حال ۾ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي رب خبر ناهي ڇا ۾ راضي آهي ناشڪري ڪفر آهي.
سندس ماءُ کيس اهو به چوندي هئي ته، ”پٽ! دنيا ۾ فقط اسين نه پر لکين ماڻهو غريب آهن ۽ ڪيترائي امير آهن. هر ڪنهن جا الڳ الڳ مسئلا آهن، اميرن جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ غريبن جا پنهنجا مسئلا آهن. ”مٺ مٺ سورن جي هر ڪنهن وٽ آهي“، الله هر ڪنهن کي آزمائيندو آهي ڏيئي به ۽ نه ڏيئي به، دنيا ۾ هميشه ڪنهن کي به ڪونهي رهڻو. ڪامياب اهو آهي جو الله جي رضا ۾ راضي آهي“. عامر اڪثر پنهنجي ماءُ سان بحث ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن کيس ماءُ جي ڳالهين مان سڪون به ملندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن هو سڀ ڳالهيون وساري ڇڏيندو هو وري جڏهن شام جو هوٽل تي ويندو هو اميرن جا نمونا ڏسندو هو تڏهن سندس دل اداس ٿي ويندي هئي. کيس لڳندو هو ته غريب جو ڪير ڪونهي غريب جو ته واءُ به ويري آهي ۽ غريبي هڪ اهڙي مصيبت آهي جنهن مان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي.
اڄ به سيٺ حماد جي گاڏي جيئن ئي هوٽل جي پارڪنگ ۾ اچي بيٺي ته دل ئي دل ۾ هن سندس قسمت تي هڪ ٿڌي آھ ڀري ۽ گاڏيءَ جي ويجھو آرڊر کڻڻ لاءِ ويو. عامر جو هن هوٽل تي ڪم ٻاهر پارڪنگ ۾ آيل گاڏين جا آرڊر اُتي پهچائڻ هو. سو جڏهن سيٺ جي ڪاري ڪرولا وٽ پهتو ته کيس سيٺ اداس ڏسڻ ۾ آيو ۽ شهريار به ويٺل ڪونه هو، عامر هڪدم پنو پين کڻي، آرڊر پڇيو، سيٺ صاحب ٿڌي نموني کيس چيو، ”پٽ! فقط آئيس ڪريم کڻي اچ“، عامر حيران ٿي ويو کيس خبر هئي ته سيٺ حماد جڏهن به ايندو آهي سٺو آرڊر ڏيندو آهي ۽ کيس به خرچي ڏيندو آهي، اڄ ڇا ٿي ويو جو خالي آئس ڪريم! ايتري ۾ هوٽل جو مالڪ سيٺ حماد کي ڏسي اچي ڪار وٽ بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ڇو سيٺ صاحب اڄ صرف آئس ڪريم سان پيٽ ڀريندا ڇا؟ جيڪي چئو حاضر ڪريون“. مالڪ جي سيٺ سان دوستي به هئي.
سيٺ حماد جي منهن تي اُداسي وڌيڪ وڌي ويئي، ايترو چئي سگهيو ته، بس هاڻي گھڻو کاڌم پيتم هاڻي ته فقط آئس ڪريم ئي کائي سگهان ٿو، مالڪ عجب سان سيٺ کي ڏٺو تيستائين سيٺ پاڻ چيو، ”ڇا ٻڌايان گلي جو ڪينسر ٿي پيو آهي هاڻي ڊاڪٽرن ٻين سڀني شين کان جھليو آهي فقط آئس ڪريم جي اجازت ڏني آهي“. ايئن هو آهستي آهستي ڳالهائڻ لڳو سندس گلي ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. عامر جون اکيون کليون ئي رهجي ويون. سيٺ حماد جي ڳالھ ٻڌي حيران، پريشان ٿي ويو کيس سندس ماءُ جا جملا ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته، ”پٽ! تقدير اڳيان تدبير نٿي هلي خدا پاڪ سڀني کي آزمائي ٿو. عامر سوچيو وٽس دنيا جي وڏي دولت، صحت، سچي خوشيءَ جي صورت ۾ موجود آهي. اوچتو کيس لڳو هُو دنيا جو امير ترين شخص آهي سيٺ حماد کان به وڌيڪ آسودو.
واقعي سياڻن صحيح چيو آهي ته، ”تندرستي هزار نعمت آهي“.

ڏھ روپيا

محمد خان هڪ سلڇڻو سپوٽ نينگر هو. سندس والدين، مٽ، عزيز ۽ اسڪول وارا کيس گھڻو پيار ڪندا هئا. مائيٽن هُن جي تربيت اهڙي ڪئي هئي جو سندس لڇڻ وڻندڙ هئا. هو پنجين درجي ۾ پڙهندڙ هو. پاڙي جي دوست رفيق سان گڏجي صبح جو اسڪول ويندو هو. پهرين ته پنڌ ويندو هو پر پوءِ سندس والد هُن جي لاءِ گاڏي ۽ ڊرائيور جو پڻ بندوبست ڪيو جنهن ۾ پڻ پنهنجي گھٽيءَ جي دوست رفيق کي وٺي ويندو هو. رفيق هڪ ايماندار ۽ سچو ڇوڪرو هو سندس سنگت تي محمد خان جا مائيٽ خوش ٿيندا هئا. رفيق سندن گھر به ايندو ويندو هو ٻيئي گڏ پڙهندا به هئا ۽ رفيق جي والده سان پڻ محمد خان جي ماءُ جو اٿڻ ويهڻ هو اهڙيءَ طرح ٻنهي گھرن جا لاڳاپا ٻارن پويان ويجھا ٿي ويا. جڏهن محمد خان ڇهين درجي ۾ آيو تڏهن سندس ڪلاس ۾ ٻه سيڪشن ٿي ويا کيس اي (A) سيڪشن مليو ته رفيق کي بي (B) سيڪشن، انهيءَ ڪري سندن گڏ اٿڻ ويهڻ ۾ فرق اچڻ لڳو ۽ هوم ورڪ پڻ الڳ الڳ نموني جو ٿي ويو جو هر سيڪشن جو ٽائيم ٽيبل الڳ هو. رفيق ۽ محمد خان ته به اسڪول گڏجي ايندا ويندا هئا، باقي شام جو هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھر ۾ هوم ورڪ ڪندو هو.
اهڙيءَ ريت نئين سيڪشن ۾ محمد خان کي هڪ نئون دوست قاسم مليو جو سندس سيٽ جي ڀر ۾ ويهندو هو. قاسم پڙهائيءَ ۾ ته چڱو هو پر منجھس هڪ وڏي خامي هئي، اها هئي بي سبب مذاق مشڪريءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي. جنهن جي ڪري هُو زوريءَ ٻين کي کلائيندو هو. ٽوٽڪا ٻڌائيندو هو ۽ قسمين قسمين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندو هو. پنهنجي انهن ڳالهين جي ڪري سمجھ دار ۽ هوشيار ڇوڪرا کانئس پاسو ڪندا هئا پر محمد خان جو سندس ڀر ۾ ويهندو هو سو آهستي آهستي ان جو عادي ٿيندو ويو ۽ کيس قاسم جي ڪوڙين ڳالهين ۾ ڪو نقص ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو، دل ۾ سوچيندو هو ته، ويچارو جيڪڏهن ڪنهن کي کلائي دل خوش ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ اهوته هڪ بي ضرر ڪوڙ آهي ڪنهن جو نقصان نٿو ڪري، ڪنهن کي خوش ڪرڻ ته هڪ طرح سان نيڪي آهي. سندس ماءُ کيس سچ ڳالهائڻ جي عادت وڌي هئي، هوءَ کيس ڪوڙ کان هميشه روڪيندي هئي. ”ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ سچ ته بيٺو نچ“، جهڙيون چوڻيون ۽ مثال ڏيئي سندس تربيت ڪيائين پر حقيقت آهي ته سنگت سان ئي ماڻهو سڃاتو وڃي ٿو، سنگت سٺي آهي ته ماڻهو مانائتو آهي ۽ جي سنگت خراب آهي ته هرڪو ماڻهو ان کان پاسي ٿي ويندو آهي. محمد خان کان پڻ قاسم جي دوستيءَ جي ڪري سٺا دوست پاسو ڪرڻ لڳا ۽ هُو قاسم کي ويو پئي ويجهو ٿيندو، ”گدرو گدري کي ڏسي رنگ پڪڙيندو آهي“ سو قاسم جي صحبت ٿوري وقت ۾ محمد خان تي پڻ اثر ڪرڻ لڳي هو به ننڍي ننڍي ڳالھ ۾ بي سبب ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو ۽ ڪجھ وقت ۾ ته ايتري مهارت سان ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو جو مٿس گمان ئي نه ٿئي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.
هڪ ڏينهن قاسم کيس چيو ته ”تنهنجي پيءُ جي سڄي دولت آهي ته تنهنجي لاءِ، ٻيو ته ڪو اولاد آهي ڪونه پوءِ هو توکي ايترا گھٽ پئسا ڇو ٿو ڏئي“؟ تون وڌيڪ جي گھر ڇو نٿو ڪرين هو سوچڻ لڳو ته،”بابو ته وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو ڪو بهانو ڪريان جو کيس خبر نه پوي“ سو پيءُ کي چيائين ته، ”اسڪول ۾ غريبن جي مدد لاءِ فنڊ جمع ڪريون ٿا مون کي به پئسا ڏيو ته آئون هڪ جيڏن سان گڏ غريب فنڊ ۾ پئسا ڏيئي مانائتو ٿيان“ پڻس بلڪل خوشيءَ سان ڪافي پئسا ڏنس هُن کي محمد خان تي اعتبار هو. اهڙيءَ ريت ٻه ٽي دفعا ڪوڙا بهانا ڪري هن پنهنجي پيءُ کان پئسا کنيا ۽ اهي قاسم سان گڏجي خوب خرچ ڪري ختم ڪيا. چوندا آهن ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن سو اهو راز ظاهر ٿي ويوي ته محمد خان ڪوڙ ڳالهائڻ سکيو آهي سندس والده کي خبر پئجي ويئي ته هن جي سنگت صحيح ڪانهي کيس گھڻو صدمو ٿيو هوءَ تمام سمجھ دار، ايماندار ۽ سلجھيل عورت هئي. هن محمد خان کي ته ڪجھ ڪونه چيو پر پنهنجي مڙس کي ڀروسي ۾ ورتائين ۽ ٻيئي سوچ ۾ پئجي ويا ته هن مشڪل مان ڪيئن نڪرون ۽ حل ڳولهڻ لڳا. محمد خان جي پيءُ جو ڪپڙي جو واپار هو ۽ هن جو هڪ گدام پڻ هو، جتي هو ڪپڙو سستي اگھ تي نفعي سان وڪڻندو هو وٽس جيڪي به ڪم ڪندڙ ۽ مئنيجر هئا سي سڀ نيڪ ۽ کيس فائدو ڏيندڙ هئا ۽ مٿن هن جو اعتبار هو.
هڪ ڏينهن هُو ماني کائي رهيو هو کيس مئنيجر جو فون آيو ته لاهور مان لاٽ ڪپڙن جو آيو آهي ڪيتري ۾ سودو فائينل ڪريون ان ڏينهن محمد خان جي والد جي طبيعت ٺيڪ نه هئي هُن پٽ کي چيو ته،”آئون آرام ڪرڻ چاهيان ٿو تون گدام تي وڃ ۽ مئنيجر کي چئج ته چاليھ روپين ۾ وال تي لاٽ جو فيصلو ٿيئي ته سودو ڪري ڇڏ“. ايئن چئي سيٺ صاحب سمهي رهيو، محمد خان وڃڻ بدران فون تي مئنيجر کي هدايتون ڏنيون پر پنهنجي مشڪريءَ واريءَ ڪوڙ جي عادت مطابق مذاق ۾ ڏھ رپيا وڌيڪ يعني پنجاھ روپيا وال چئي ڇڏيائين. مئنيجر ها ڪري ڇڏي پنهنجي مذاق تي دل ئي دل ۾ کلڻ لڳو. ان ئي رات هو پنهنجي والد جي ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هو ته کيس آواز آيو سندس پيءُ هن جي والده کي چئي رهيو هو ته محمد خان مون کي ڪٿي جو نه ڇڏيو، سندس انهيءَ ننڍي ڪوڙ يا لاپرواهيءَ جي ڪري ڏهن روپين وڌيڪ چوڻ سان مون کي لکن جو نقصان ٿيو آهي، سڄو لاٽ پوري ٽرڪ جو هو هزارين وال ڪپڙي تي ڏھ روپيا وڌيڪ مهانگي وٺڻ سان آئون ڪمائيندس ته ٽڪو به ڪونه پر مرڳو مون تي قرض چڙهي ويندو ۽ گاڏي به وڪڻڻي پوندي.
محمد خان جڏهن ٻڌو ته هُو هڪدم غريب ٿي ويا آهن، سندن گاڏي پڻ نقصان جي ڪري وڪامي رهي آهي کيس وڏو ڇرڪ پيو ته پنهنجي هڪ ننڍي غلط جملي ڳالهائڻ سان سندس پيءُ لاءِ جام مصيبت پيدا ٿي آهي هُو شرم ۾ ئي ٻڏي ويو. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جون پريشانيءَ جون ڳالهيون ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا، ”ٻه به ويس ته ڇھ به ويس“، ان ڏينهن کي بددعا ڏيڻ لڳو جنهن ڏينهن قاسم سان دوستي ٿي هيس جنهن اهڙا غلط مذاق ۽ مشڪريون کيس سيکاريا، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون ته فقط انهيءَ لاءِ ٿي ڪيو ته، بابا مئنيجر کي دٻون پٽي ڪاوڙ ڪري ۽ هُو معافيون گهري پر هيءُ ته سڄو قصو ئي ابتو ٿي ويو آهي. مائيٽن جي ڪمري جي ٻاهران سندس دل ٻڏڻ لڳي ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، هو روئڻ لڳو ۽ زمين تي ويهي رهيو. سندس ماءُ آواز ٻڌي ٻاهر آئي کيس ڀاڪر ۾ ڀريائين. محمد خان روئيندي پنهنجي ڪوڙ جو اعتراف ڪيو ته،”فقط ڏھ روپين وڌيڪ ٻڌائڻ سان اسان کي ايترو نقصان ٿيندو مون ته سوچيو ئي ڪونه هو هاڻي آئون ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندس ڀلي ڇا به ٿي وڃي. مون کي خدا پاڪ ئي معاف ڪونه ڪندو جي ڪوڙ ڳالهايان“. ماءُ هڪدم سندس منهن تي هٿ رکيو ۽ چيائين، ”نه پٽ ايئن نه چئو“، پر کيس روئڻ ڏنائين ماءُ سمجھيو ته هيءُ پشيمانيءَ جا لڙڪ آهن جن جو ڪرڻ ضروري آهي، اها سچي توبه آهي هاڻي سندس پٽ صحيح رستي تي اچي رهيو آهي. محمد خان جي پيءُ کيس اٿاري ڇاتيءَ سان لاتو ۽ پنهنجي گھرواريءَ کي آڳوٺي سان فتح جي نشان جو اشارو ڪيائين ۽ هوءَ به مرڪي پيئي جيڪڏهن مئنيجر کين فون ڪري سڄي صورتحال نه ٻڌائي ها ته کين اهو ڊرامو ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها پر محمد خان کي سڌي رستي تي آڻڻ جو اهوئي طريقو بهتر هو. انهيءَ سان وڏو فائدو اهو ٿيو ته سندن پٽ مان هميشه لاءِ ڪوڙ جي عادت ختم ٿي ويئي ۽ غلط بياني ڪندڙ، چوري ڪندڙ، هڪ نقصانڪار دوست قاسم جي سنگت مان پڻ پنهنجي پٽ کي بچائي ورتائون.

خود غرضي

ايمان پنهنجي والد کي زور ڀرڻ لڳي ته سندس ساهيڙيءَ جي سالگره آهي کيس گاڏيءَ ۾ وٺي شهر هلي ۽ سائره کي ڏيڻ لاءِ ڪو تحفو وٺي ڏي. اظهر دير سان آفيس مان اچڻ کان پوءِ ڏاڍو ٿڪل هو، پر ايمان تي دل گھڻي هيس ان جي ڪابه فرمائش رد ڪري ڪونه سگهندو هو. سو کيس خوش مزاجيءَ سان چيائين ته، ”ٻه شرط آهن اهي پورا ڪر ته هلندس“. ايمان ته بلڪل راضي هئي بنا پڇڻ جي چيائين ”شرط پورا ڪنديس توهان وٺي ته هلو“. اظهر کلي چوڻ لڳو، ”پهرين سٺي چانهن پيار“ ۽ ٻيو ته هڪ ئي دفعي تيار ٿي هل تحفو وٺي توکي ساهيڙيءَ جي گهر ڇڏي آئون پوءِ گھر اچي ويندس ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ماني کائي وٺڻ ايندس“ ايمان ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻي سڌي بورچيخاني ڏي ويئي ۽ چانهن جو پاڻي گئس تي رکي خود تيار ٿيڻ لڳي هوءَ هئي ته ڇهين درجي ۾، پر ماڻس منجھس ايترو ته سليقي منديءَ جو شعور وڌو هو جو ننڍيءَ عمر ۾ ڪيترا ڪم خود ڪندي هئي. ايمان جي ماءُ موجب ته، اولاد ۾ جيڪي عادتون ننڍيءَ عمر ۾ پونديون اهي ئي اڳيان هلي پختيون ٿينديون سندس چوڻ موجب پنهنجي اولاد جا اهي مائيٽ سڄڻ آهن جي کين تعليم سان گڏ تربيت ۾ پڻ هر وقت ڌيان ڏين ٿا.
ايمان جلدي جلدي تيار ٿي چانهن کڻي پيءُ جي ڪمري ۾ آئي هو به کيس خوش ڏسي سرهو ٿيڻ لڳو ۽ چانهن پي هلڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. گھران نڪري هڪ وڏي دوڪان ۾ داخل ٿيا جتي ايمان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءِ هڪ سٺي پرس ورتي ۽ پيڪ ڪرائي جلدي گاڏيءَ ۾ اچي پڻس کي چيائين ته، ”جلدي هلو،متان سائره جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽجي نه وڃي“ ۽ ائڊريس ٻڌائڻ لڳي پر اظهر کي ائڊريس ياد هئي جو اڳ ۾ به هڪ دفعو ايمان کي سندس ساهيڙيءَ سائره جي گهر ڇڏڻ آيو هو. دروازي تي پهتي مَسَ ته ايمان کي آواز اچڻ لڳو Happy Birthday To you هن اظهر صاحب کي چيو،”بابا! ڪيڪ ڪٽجي رهيو آهي آئون به صحيح پهچي وئي آهيان توهين ڪلاڪ ڏيڍ ۾ اچي وڃجو. پڻس مشڪي کيس مذاق ۾ چيو ”اوڪي مئڊم“ ۽ ايئن ايمان گھر ۾ داخل ٿي سالگره ۾ شامل ٿي ويئي.
اظهر جيئن ئي گھر واپس پهتو هن وهنجي ڪپڙا بدلائي ٽي.وي ڏسڻ شروع ڪئي ۽ ٽاڪ شو ۾ سندس ايترو ڌيان لڳو ويو جو ماني به ڪمري ۾ گھرائي کاڌائين اوچتو وقفي ۾ کيس اندازو ٿيو ته ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن. ايمان انتظار ڪندي هوندي گھروارن کي ٻڌائي چاٻي کڻي ٻيهر پنهنجي پياري ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ ويو جا سندس انتظار ۾ ويٺي هئي، مهمان سڀ هليا ويا هئا. سائره کيس در تي ڇڏڻ آئي ۽ اظهر صاحب کي به اچڻ جي صلاح ڪيائين. ٻنهي پيءُ ڌيءَ کانئس موڪلايو.
واپسيءَ ۾ رستي ۾ اظهر صاحب ڏٺو ته هڪ ماڻهو روڊ تي ايڪسيڊنٽ جي ڪري پٽ تي پيو آهي ۽ رت ۾ ڀريل آهي کيس گھڻا ڌڪ لڳا آهن. ايمان رڙ ڪري چيس ته،”بابا! گاڏي روڪيو، هن ماڻهوءَ کي اسپتال پهچايون“، پر هن ڌيءَ کي چيو ته،”تون چري ته ڪونه ٿي آهين! رات جو ڏهين بجي هن شخص کي کڻي اسپتالن ۾ ويندس سڀ پڇا ڪندا ۽ پوليس کي الڳ منهن ڏيڻو پوندو“.
ايمان چيو ته، ”بابا! پر اهو هڪ انساني زندگيءَ جو سوال آهي“، اظهر صاحب کي ڪاوڙ اچي ويئي کيس دڙڪو ڏيندي چيائين، ”بابا! تون اڃان ننڍي آهين پوليس ۽ اسپتالن جا معاملا نٿي سمجھين ان ڪري چپ ڪري ويھ انهن معاملن ۾ وڏن جي وچ ۾ دخل ڪونه ڏبو آهي“.
ايمان پنهنجي پيءُ جي انهيءَ رويي تي حيران ٿي ويئي ۽ سندن گاڏي اڳيان نڪري ويئي. گھر پهچي ايمان کي سالگره جي فنڪشن جي خوشي ئي وسري ويئي اهو پوڙهو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳو رات جو کيس ننڊ به صحيح نه آئي.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن اظهر صاحب پنهنجي لان ۾ چانهن پي رهيو هو جو سندس گھرواريءَ کيس چيو ته گئس نه پيو اچي ناشتو ٻاهران وٺي اچو. سڀني کي بک لڳي هئي. هن موٽرسائيڪل ڪڍي ته ويجهي دوڪان تان حلوو پوريون وٺي اچان ۽ دوڪان جي سامهون روڊ تي موٽرسائيڪل بيهاري جيئن ئي روڊ پار ڪيائين هڪ تيز رفتار گاڏي کيس ٽڪر هڻي ويئي، هُو فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي هيٺ ڪري پيو سندس مٿي ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو ۽ خون وهڻ لڳو ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا هرڪو گاڏيءَ واري کي گھٽ وڌ چوڻ لڳو پر ڪير به کيس کڻي اسپتال پهچائڻ لاءِ ويجهو نه آيو. اظهر جو مٿو سور سان ڦاٽي رهيو هو سندس مٿي مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو پر ڪوبه ويجھو اچڻ لاءِ تيار نه هو هن خود کي تمام بي وسيءَ ۾ محسوس ڪيو ايستائين هڪ ماڻهو سڀني کي هٽائي اڳيان وڌيو ۽ اچي اظهر کي کنيائين ۽ کيس اسپتال ۾ پهچائي ۽ گھر ۾ اطلاع ڪرايائين. اظهر کي گھڻي ڪمزوري ٿي رهي هئي کيس پنهنجي محسن جي نالي جي ڪابه خبر نه هئي پر دل ئي دل ۾ هو ان کي دعائون ڏيئي رهيو هو. هن کي اهو ضرور محسوس پئي ٿيو ته جنهن شخص کيس کنيو ۽ کڻي اسپتال پهچايو اهو سندس ڏٺل واٺل پئي لڳو پر جيئن ته هو پوءِ بي هوش ٿي ويو ۽ کيس هوش اسپتال ۾ ئي آيو. جتي سڀني رشتي دارن ۽ گھرڀاتين کي ڏسي هن جھيڻي آواز ۾ پڇيو ته، ”مون کي هتي ڪنهن پهچايو آهي“؟ سندس والده امير بيگم چوڻ لڳي، ”پٽ! اهو ته ڪو فرشتو هو جو تنهنجي مدد لاءِ ڌڻيءَ سڳوري موڪليو هو نه ته ڪير به هتي وٺي اچڻ وارو ڪونه هو“.
اظهر پنهنجي ماءُ کي چيو ته، ”امان توهين سندس نالو ته معلوم ڪرايو ها“، امير بيگم وراڻيو، ”پٽ! هن پنهنجي نالي ٻڌائڻ کان جواب ڏنو ۽ چيائين ته آئون پنهنجي نيڪي ضايع نٿو ڪرڻ چاهيان“، جڏهن سڀ اسپتال مان هليا ويا تڏهن اظهر جي نياڻي ايمان سندس ويجھي آئي ۽ چيائين، ؟بابا! توهان کي خبر آهي ته توهان کي هتي ڪنهن پهچايو“؟، ”نه پٽ!“ اظهر صاحب جواب ڏنو پاڻ کانئس سوال ڪيائين ته، ”ڇا توڱي خبر آهي ته اهو ڪير آهي“؟ جلدي ٻڌائي ته آئون سندس مهرباني مڃيان جنهن مون تي هيڏو وڏو ٿورو ڪيو آهي؟ نه ته هيءَ دنيا ته سڄي خود غرض آهي“. ايمان آهستي سان کيس چيو ته، ”بابا! هي اهو ماڻهو هو جيڪو ان ڏينهن روڊ تي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ رت ۾ ٻڏل پيو هو ۽ ڪير به هن کي اسپتال پهچائي نه رهيو هو ۽ جنهن لاءِ مون پڻ توهان کي منٿ ڪئي هئي پر پاڻ پڻ ٻين جيان اڳيان نڪري وياسين سندس مدد ڪونه ڪئي سين“. اظهر صاحب جون اکيون آليون ٿي ويون هو شرمندگيءَ جي ڪري پنهنجي نياڻيءَ سان اکيون ملائي ڳالهائڻ جي جرات ئي نه پئي ساري سگهيو کيس احساس ٿيو ته دنيا ۾ موجود ٻين خودغرضن وانگر هن پڻ انهيءَ ڏينهن ڪيڏي نه وڏي خودغرضيءَ جو مظاهرو ڪيو هو.

ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلائي

الله بخش جو دوڪان اناج مارڪيٽ ۾ هڪ اهم جڳھ تي هو. هيءُ دوڪان سندس پيءُ جي هٿن سان شروع ٿيل هو ۽ اڄ پوري بازار ۾ اناج جي جنسن ۽ سيڌي جو وڏو دوڪان هو. الله بخش تمام محنتي ۽ بچت وارو هو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ حدتائين ڪنجوس پڻ هو. ڇو جو سندس نظر ۾ ته هن سڀ ڪجھ پنهنجي محنت، عقل ۽ بچت سان ٺاهيو آهي ان ڪري ئي هُو باحيثيت آهي سندس پٽ عمران يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ڪرڻ ٿي گھري، پر الله بخش کيس چيو ته هو في الوقت دوڪان سنڀالي جيڪڏهن سندس دل نه لڳي ته پوءِ نوڪريءَ لاءِ سوچبو. عمران به سمجھيو ته هو فارغ آهي واندڪائي کان ڪا ڪرت بهتر آهي ان ڪري پنهنجي والد سان دوڪان تي ويهڻ جي ها ڪيائين دوڪان جو مئنيجر ۽ ٻيا ٻه ڪم ڪندڙ محنتي ۽ هڏڏوکي هئا ۽ مالڪ الله بخش جا وفادار پڻ هئا. پنهنجي نئين مالڪ جي دوڪان تي اچڻ ۾ خوش ٿيا ۽ دوڪان جي ۽ بازار جي هر خبر کيس ٻڌائڻ لڳا ۽ عمران پڻ هن ڏس ۾ تجربو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهيو اڄ کيس هفتو ٿي ويو هو. خميس جو ڏينهن هو، ڪم مان واندو ٿي هُو اخبار پڙهي رهيو هو ته سامهون دوڪان جي ٿلهي جي ڀر ۾ هڪ عورت کي پريشان حال ڏٺائين جا گھڻي بي چين لڳي رهي هئي عمران، ڪم واري ارشد کي سڏ ڪري چيو ته،”ڏس! هيءَ مائي ڪير آهي؟ پينو فقير آهي يا ٻي ڪا ڳالھ آهي“. ارشد ٻڌايس ته، ”عمران صاحب هيءَ عورت فقيرياڻي ڪانهي بلڪہ هڪ غريب عورت آهي جا ڪنهن کان ڪجھ گھرندي ڪانهي پر بازار ۾ ڪي دوڪاندار کيس هفتي جو سيڌو دوڪان تان ڏيندا آهن، اهو کڻڻ آئي آهي“.
پر ”لڳي ته گھڻي پريشان ٿي“ عمران چيو، ارشد ساڳي ڳالھ ڪئي ته،”سائين بک به ته پريشاني آهي هي غيرت مند ماڻهو مجبوريءَ ۾ هٿ ته ٽنگين ٿا پر دِلي طور شرمسار هجن ٿا ان ڪري فڪر ۽ پريشاني سندن منهن مان ظاهر پئي ٿيئي“. عمران سوچ ۾ پئجي ويو کيس احساس ٿيو ته دنيا ۾ وڏو ڏک غربت ۽ بي وسي آهي هڪ بيواه عورت جي مدد ڪرڻ ثواب آهي يقيناً هن جا ٻار به هوندا جن جي لاءِ هيءَ صبح کان هتي راشن لاءِ پئي واجھائي اهو سوچي هن هڪ پنو کنيو ۽ پين کڻي هن عورت جي لاءِ ڏهن ڏينهن جو سيڌو لکي پرچي ارشد کي ڏنائين، ارشد حيران ٿي ويو، چيائين، ”صاحب هي ته ڪافي ڏينهن جو سودو آهي وڏي صاحب۽ منشيءَ کي خبر پئي ته ناراض ٿيندا“!، عمران چيس ته، فاالحال هن کي سامان ڏئي ۽ ڪنهن سان ڳالھ نه ڪج“ راشد خوش ٿيو ۽ سندس سيٺ جو پٽ سخي ۽ مهربان آهي. هن ٻن وڏن ٿيلهن ۾ سودو وجھي انهيءَ عورت کي ڏنو جا شڪراني جي نظر سان عمران ڏي نهاريندي ٿيلها کڻي اڳيان رواني ٿي سندس اکين ۾ آيل پاڻي عمران کان ڳجھو نه رهيو. عمران کي خوشي ٿي ته اڄ جي ڏينهن هُو ڪنهن جي ڪم آيو. اهو ڪم ڪري کيس دلي سڪون مليو. هن حساب لڳايو ته سندن دوڪان جي ڪمائيءَ مان والد ڪيترائي گھر وٺي ڇڏيا آهن جن جي هر مهيني ڪافي مسواڙ اچي رهي آهي ۽ ان کان سواءِ هو پاڻ پڻ ٻين اڄڪلھ جي نوجوان ڇوڪرن وانگر ڪو غلط شوق نٿو رکي وٽس پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پڻ ڪافي پئسا پيا آهن جن مان هو غريبن جي مدد ڪري سگهي ٿو.
اهڙيءَ ريت پنهنجي نوڪرن جي مدد سان هن غريبن کي سامان ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ ڪنهن هڪ ڪٽنب کي مهيني ۾ هڪ دفعو پرچيءَ تي سودو لکي ڏيندو هو ۽ اها پرچي کڻي جڏهن اهو شخص سندس دوڪان تي ويندو هو تڏهن مفت ۾ اهو سودو ملندو هو ان ريت عمران لک روپين جو سودو ٻن مهينن ۾ ورهائي چڪو هو. هاڻي سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ ويھ هزار بچيا هئا اڃان هن ٻئي پئسي جي بندوبست جو سوچيو پي تيستائين سندس پيءُ کي هن سلسلي جي خبر پئجي ويئي هن عمران کي گھرائي دڙڪا ڏنا ۽ چيائين ته، ”ابا! هيءُ پرچيءَ وارو ڪهڙو سلسلو آهي“؟ عمران طريقي سان مڪمل ڳالھ والد کي ٻڌائي پڻس تي ته ڄڻ ڪا ڇپ ڪري هُو هڪو ٻڪو ٿي ويو پڇيائين، ”پئسا ڪٿان ٿو خرچ ڪرين“، عمران وراڻيو ته، ”پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ مان“، الله بخش کي ڪاوڙ اچي ويئي پر پاڻ تي ضبط ڪندي ٻيهر چيائين، ”ڪيترا پئسا آهن تو وٽ؟ ۽ ڪيترا خرچ ڪيا اٿئي انهيءَ خيرات ۾“؟ عمران جواب ڏنو، ”هڪ لک خرچ ڪيو آهي باقي ويھ هزار ڪندس“، الله بخش ٽوڪ مان چيو، ”پوءِ ڇا ڪندين“؟ عمران اکيون هيٺ ڪري چوڻ لڳو، ”بابا! ان کان پوءِ دوڪان تي ويهڻ جو توهان جيڪو پگهار ڏيندا اهو خرچ ڪندس پر توهان جي مرضيءَ جي بغير توهان جي پئسن مان هڪ روپيو به الله جي راھ ۾ ڪونه ڏيندس، پئسا نه هوندا ته خاموش ٿي ويهي رهندس“.
الله بخش چيو ته،”تون هاڻي وڃي سگهين ٿو، مئنيجر کي موڪل“. مئنيجر جيئن ئي سيٺ الله بخش وٽ پهتو هن کيس سختيءَ سان چيو ته، هن معاملي تي ڌيان ڏئي ۽ عمران کان اهي پئسا وصول ڪري جيڪي هو سودي جي صورت ۾ دوڪان مان ورهائي چڪو آهي. عمران سڄي ڳالھ ٻڌي ورتي هُو ته ذهني طور تيار هو ۽ هڪ رجسٽر به راشد جي مدد سان اڳ ۾ ٺاهيو هئائين جنهن ۾ انهن غريب ماڻهن جي فهرست ۽ ڏنل سامان جو حساب ڪتاب هو. هن مئنيجر کي نه فقط هڪ لک روپين جو چيڪ ڏنو جيڪو خرچ ٿي چڪو هو پر ويهن هزارن جون ٻيون به پرچيون ۽ چيڪ لکي ڏنا ته جيئن هن مهيني جي رهيل خيرات مڪمل ٿي وڃي اهڙيءَ ريت سندس بئنڪ اڪائونٽ ته ختم ٿي ويو پر هن ڏک ته ڪونه ڪيو پاڻ اطمينان محسوس ڪيائين ته هڪ نيڪيءَ جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو هئائين پر اهو به سوچڻ لڳو ته، ”ڇا اهو چڱائيءَ جو سفر ختم ٿي ويو؟ هاڻي ڇا ٿيندو؟ ”اڃان انهن سوچن ۾ هو ته راشد اچي کيس اطلاع ڏني ته ڪير توهان سان ملڻ آيو آهي؟ هُو اٿي بيٺو ته هڪ شخص اچي ساڻس هٿ ملايو ۽ چيو ته،”هتي ويجھو هڪ هوٽل آهي هلي اتي ويهون ٿا آئون توهان جي واکاڻ ٻڌي آيو آهيان منهنجو نالو غوث بخش آهي آئون توهان جي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ ٿو چاهيان؟، پر اهو ٻڌايو توهان جي فنڊنگ ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪم خيرات جو ڪهڙي مقصد هيٺ ڪري رهيا آهيو“. عمران کي کل اچي ويئي هن کيس ٻڌايو ته، ڪابه فنڊنگ ڪٿان به ڪونهي هُو پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پيل پئسي مان خيرات ڪندو هو هاڻي اهي ختم ٿي ويا آهن. غوث بخش هڪدم چيڪ بڪ ڪڍي کيس هڪ لک جو چيڪ لکي ڏنو ۽ چيو ته،”آئون هر ڇهن مهينن کان پوءِ توهان کي لک روپيا ڏيندو رهندس پر نيڪيءَ جو هيءُ سفر جاري رهڻ کپي“. عمران پڇيو ته،”سر! توهين ڪير آهيو ۽ مون تي ايترو اعتبار ڪيئن پيا ڪريو“؟ غوث بخش مُرڪي وراڻيو ته، ”آئون هڪ واپاري آهيان منهنجون ڪيتريون ايجنسيون آهن ۽ ڀلي آمدني آهي پر آئون گھڻو مشغول رهندو آهيان مستحق ماڻهن کي ڳولهڻ ۽ انهن جي لاءِ سودو وٺي کين پهچائڻ منهنجي لاءِ ڪجھ مشڪل آهي مون توهان جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي آهي ۽ توهان جو ڪم تمام صحيح معلوم ٿيو آهي ان ڪري هيءُ چيڪ قبول ڪريو ۽ هڪ رجسٽر تيانهيءَ جو حساب بيشڪ لکو“ ۽ پنهنجو ڪارڊ ڏيئي کيس چيائين ته، ”آئون چاهيان ٿو هيءُ ڪم هڪ مظبوط ۽ منظم طريقي سان ٿيئي، آئون توهان کي ٻيا پئسا به جلد ڏيندس“. غوث بخش هليو ويو ۽ عمران ڪافي وقت سندس ڏنل چيڪ کي ڏسندو رهيو ٻئي ڏينهن اهو چيڪ ڪيش ٿيو ته سندس دل باغ ۽ بهار ٿي ويئي. هُن هڪدم نئون رجسٽر کڻي امداد لاءِ غريبن جي لسٽ ٺاهڻ شروع ڪئي اهڙيءَ ريت چند مهينن کان پوءِ غوث بخش ٻيهر وٽس آيو هن دفعي هُن سان گڏ وڪيل به هو جنهن سڄو کاتو ڏٺو ۽ غوث بخش خوش ٿي کيس ٻيو چيڪ ڏنو گڏ صلاح ڏني ته هو هن کي وڏي پئماني تي ڪري ڪنهن تنظيم يا ٽرسٽ جي صورت ۾ ۽ ٻين خيرات ڏيندڙ باحيثيت شخصن کي به شامل ڪري.
عمران ان ريت ئي ڪيو سڀ کان پهرين ”بسم الله ٽرسٽ“ جي نالي سان جماعت کي رجسٽر ڪرايائين ۽ ٻين ڪيترن خير ڪڍندڙن کي پاڻ سان ملائي ڇڏيائين سندس اهو ڪم وڏي پئماني تي ٿيڻ شروع ٿي ويو هاڻي ڪيترن هنڌان چيڪ ملڻ لڳا. بازار ۾ يونين وارن پنڻ وارن تي پابندي لڳائي ڇڏي هر ضرورت مند کي عمران جي دوڪان تي موڪلڻ لڳا.
عمران جي پيءُ جي گھڻي ناماچاري ٿيڻ لڳي بازار جي يونين وارن کيس نائب صدر ڪري چونڊيو ۽ سندس دوڪان تا سودي جو کپ گھڻو ٿيڻ جي ڪري دوڪان ترقي ڪرڻ لڳو. اڳ ۾ فقط ٻه نوڪر هئا ۽ هاڻي ته ڇھ نوڪر ٿي ويا ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ اناج هول سيل ۾ موڪلڻ شروع ڪيائون ايتري ته برڪت پئي جو خيرات سبب دوڪان جي ترقي چوڻي ٿي ويئي جيئن رب پاڪ قرآن پاڪ ۾ خيرات جي وڌائڻ جو يقين ڏنو آهي اهو عمران جي هن عمل سان ثابت ٿي ويو.

وڻ پوکيو ثواب ڪمايو

عمير هڪ محنتي، ذهين ۽ دل جو نرم ڇوڪرو هو ڪنهن کي به مصيبت ۾ ڏسندو هو ته سندس دل ۾ انهيءَ لاءِ درد جاڳندو هو ۽ هُو دل ۾ سوچيندو هو ته، ”ڪاش! آئون وڏو هجان ۽ دولت مند هجان ته سڀني جي مدد ڪري سگهان“. انهيءَ هوندي به جيرو کانئس پڄي سگهندو هو. هُو اڪثر ڪلاس جي ڇوڪرن، پاڙي وارن ۽ گھروارن جي مدد ڪندو رهندو هو. پر سندس مَنَ ۾ هميشه اها ڳالھ واسو ڪندي هئي ته ڪنهن کي به ڏکايل ڏسجي ان سان همدردي ته ضرور ڪجي ڇو جو ڏکايل سان ٻه ٻول مٺا ۽ همدرديءَ جا ڳالهائڻ سان به ان جو ڏک سور ڪجھ ته گھٽجي ويندو. مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ هن شاگرد کي مطالعي جو به گھڻو شوق هو. هُو اڪثر اهڙيون ڪهاڻيون، ناول ۽ ٻيا ڪتاب پسند ڪندو هو جنهن ۾ انسان جي انسانيت لاءِ ڀلائي ڄاڻايل هجي.
هڪ ڏينهن عمير اسڪول مان وپس وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ آواز آيو هن، مڙي آسي پاسي ڏٺو روڊ تي کيس ڪير نظر نه آيو، وري اڳيان وڌيو ته ساڳيو آواز آيو. ٻيهر ڏٺائين ته نِمَ جي هڪ گھاٽي وڻ هيٺ هڪ بزرگ شخص ويٺل نظر آيو جو ٻاهرين ڏيک ۾ فقير ته نٿي لڳو، پر پريشان ٿي ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ وجھي صدا لڳائي رهيو هو ته، ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“، هيءُ عجيب قسم جي صدا ۽ غريب قسم جو پيرمرد ڏسي عمير کي خيال آيو ته ڇو نه ساڻس ٻه ٻول ڳالهايان ۽ اهو سوچي روڊ جي پاسي وڻ وٽ پنهنجي سائيڪل کي بيهاري سندس ڀر ۾ زمين تي ويهي رهيو. کانئس پڇيائين ته، ”بابا! اهو ورجائي ورجائي چئي رهيا آهيو ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“ ڇا مسئلو آهي توهان جون اکيون به آليون آهن، ڪهڙي داستان آهي جنهن توهان کي هن گرميءَ ۾ مٽيءَ تي وڻ هيٺ ويهاريو آهي؟ پيرمرد ڏانهس ڏسي چيو ”پٽ! تون هڪ سلڇڻو جوان پيو لڳين پر منهنجي دکدائڪ داستان ٻڌي ڇا ڪندين“؟ عمير جي توجھ وڌيڪ وڌي وئي چوڻ لڳو ته، ”بزرگ سائين توهين ٻڌايو آئون وڏن جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو آهيان مون کي انهن ۾ وڏو سبق ڏسڻ ۾ ايندو آهي“. پوڙهو چوڻ لڳو، پٽ! جڏهن مون انٽرميڊئيٽ پاس ڪيو آئون هڪ ڪاٺ جي ڪارخاني ۾ مزوري ڪرڻ لڳس پڙهيل هئڻ ڪري ماپ ۽ ڪٽنگ وغيره جو ڪم جلدي سمجھي ويس ۽ ڪم ۾ تمام جلدي هوشيار ٿي ويس، ايتريقدر مهارت حاصل ڪري ڇڏيم جو سڀ مون کان سڙڻ لڳا ۽ مون ۾ پڻ فخر ۽ غرور اچي ويو پر پنهنجي ان تبديليءَ کي نظرانداز ڪندي آئون اڳتي وڌندو رهيس ۽ خوش گذاريندو هئس.
هڪ ڏينهن ڪارخاني جي مالڪ کي ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙ اچي ويئي هن مون کي پڻ ٻين ڪم ڪندڙن سان گڏ دڙڪا ڏنا ۽ مون پنهنجي پاڻ کي مٿي ٿي سمجهيو ته، آئون هوشيار آهيان، قابل آهيان مون کي ڇو ٿو دڙي، سو بحث ڪيم ۽ وڌيڪ سندس ناراض ٿيڻ تي ڪاوڙ ۾ نوڪري ڇڏي آيس، گھر اچي اهو سڀ ڪجھ جيڪو وهيو واپريو هو سو پنهنجي ماءُ کي ٻڌايم پر منهنجي ماءُ کي منهنجي ڳالھ پسند ڪونه آئي هن مونکي سمجھايو ته، ”پٽ مالڪ، مالڪ هوندو آهي ۽ هُو چار ڏينهن توکان وڏو آهي تون نه بحث ڪرين ها نه نوڪري ڇڏين هان. هڪ ڏينهن کان پوءِ جڏهن سندس ڪاوڙ ٿڌي ٿيئي ها هُو خود احساس ڪري ها. وڏا جيڪي چوندا آهن انهيءَ ۾ ڪا ڀلائي هوندي آهي. اڄ ڪلھ جي نوجوانن وانگر تون برداشت جو مادو نه وڃائين ها“. پر مون کي امان جي ڳالھ ايتري پسند ڪونه آئي ۽ هڪ ڪَنَ مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيم ۽ ضد ۾ اچي فيصلو ڪيم ته هاڻي سيٺ وٽ وري وڃڻ بي عزتي آهي مون کي ته سڄو ڪم اچي ٿو آئون پاڻيهي سيٺ ٿي ڏيکاريندس. آخر مالڪ خود کي سمجھي ڇا ٿو؟ ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ مون پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، ڪجھ قرض کنيم ته ڪجھ پئسا هٿ ۾ هئا ڪاٺ جي ڪم جون چند مشينون وٺي هڪ ننڍي دوڪان کان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪيم. اهڙيءَ ريت منهنجو ڪم شروع ٿي ويو.
منهنجي ماءُ مون کي هميشه وڻن جا فائدا ٻڌائيندي هئي ۽ اڪثر چوندي هئي ته وڻ بيشڪ اسان جي ضرورت آهن پر ميويدار وڻ ۽ جتي پکين جا آکيرا هجن يا جتي انسانن ۽ پکين کي آرام ملي انهن کي ڪٽڻ کان پاسو ڪيو. اهڙيءَ ريت امان وڻن کي ڪٽڻ جي سخت خلاف هئي. هڪ ڏينهن آئون هڪ وڻ ڪٽڻ ۾ مشغول هئس ته انهيءَ وڻ مان روئڻ جو آواز اچي رهيو هو، اڳيان پويان نهاريم پر ڪير ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. آئون وري وڻ ڪٽڻ ۾ مصروف ٿي ويس ٿوريءَ دير ۾ هڪ جھرڪي وڻ مٿي اُڏامندي گوڙ ڪرڻ لڳي پر تيستائين وڻ ڪٽجي ويو هو. گھر اچي امان سان ڳالھ ڪيم ته هوءَ چوڻ لڳي اهو روئڻ جو آواز انهيءَ وڻ جو آهي جنهن کي تون ڪٽي رهيو هئين. وڻ جاندار آهي ۽ هُو فرياد ٿا ڪن ته اسان کي نه ڪٽيو اهي ساھ کڻن ٿا، محسوس ڪن ٿا ۽ ان ننڍي جھرڪيءَ جو به اُتي بلڪل آکيرو هوندو“. پر مون پنهنجي ماءُ جي ڳالھ کِلَ ۾ ٽاري ڇڏي. چيو مانس ته، ”امان ڀلا وڻ به ڪڏهن روئندا آهن اهي ته ڳالهائي به نٿا سگهن“. بهرحال امان کي منهنجي ڳالھ ڪونه وڻي ۽ آئون پنهنجيڌَن ۾ اڳيان کان اڳيان وڌندو رهيس وڌيڪ ڪاٺ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کان وڌيڪ وڻ ڪٽي گڏ ڪندو رهيس. اهڙيءَ ريت منهنجو ڪم تمام گھڻو مقبول ٿي ويو.
ٿوري وقت ۾ منهنهجي ماءُ وفات ڪري ويئي، آئون گھر ۾ اڪيلو رهجي ويس منهنجي اڃان شادي به نه ٿي هئي،گھڻو وقت پنهنجي ڪاٺ جي ڪارخاني ۾ گذاريندو هئس. هڪ ڏينهن مون کي اُتي ننڊ اچي ويئي، اک کليم ته سڄي ڪمري ۾ دونهن پکڙيل هو پاڻ کي بچائي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم سمجھي ويس ته ڪارخاني اندر ڪاباھ لڳي رهي آهي پر منهنجي وَسَ ۾ ڪجھ ڪونه هو جو آئون بي هوش ٿي ويو هئس اک کليم ته اسپتال ۾ هئس. جتي مون کي شديد ساھ جي تڪليف ٿي پئي هئي ۽ ننڍو ڪارخانو سڄو سڙي رک ٿي ويو. ان وقت مون کي پنهنجي ماءُ ياد آئي. جنهن چيو هو ته، ”پٽ! پکي، جانور، وڻ سڀ جاندار آهن ۽ محسوس به ڪن ٿا ۽ انهن جي اندر زندگي آهي. هن مشڪل وقت ۾ منهنجي دُعا ڏيندڙ ماءُ مون سان گڏ نه هئي، گھڻي تڪليف ڏسڻ کان پوءِ ئي مون کي عقل آيو هاڻي ته صبح جو سوير روزانو اٿي فجر پڙهي الله پاڪ کان معافي گھرندو آهيان ۽ فيصلو ڪيو اٿم ته ڪڏهن وڻ ڪونه ڪٽيندس ۽ وڌيڪ ٻوٽا ۽ وڻ لڳائيندس.
پيرمرد مون کي پنهنجي حياتيءَ جو سبق آموز واقعو ٻڌائيندي روئي پيو ۽ چوڻ لڳو، ”پٽ عمير! اڄ کان تون به هڪ ٻوٽو ضرور لڳائي ۽ هميشه انهيءَ جو خيال رکجانءِ ته جيئن توکي دُعائون ملن“. عمير ساڻس واعدو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن ننڍو ٻوٽو لڳايو جنهن تي هڪ ننڍو بورڊ به هنيائين ته، ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“.

شهزادو راهب

آڳاٽي وقت جي ڳالھ ڪندا آهن ته هڪ ملڪ جو بادشاھ عادل نالي سان هو جنهن کي اولاد نه هو ۽ هو ڪيترن نجومين ۽ طبيبن سان واسطي ۾ آيو ۽ ڪيترا پير فقير پڇايائين، درگاهون ڀيٽيائين پر سندس مَنَ جي مراد پوري ٿيڻ ۾ نه آئي هڪ ڏينهن اوچتو باغ ۾ پسار ڪندي کيس خيال آيو ته متان کيس ڪنهن جي بددعا ته نه آهي؟ اهو سوچي هو وڌيڪ پريشان ٿي ويو، کيس سمجھ ۾ نه پئي آيو ته جيڪڏهن بددعا آهي ته ڪنهن جي آهي؟ ۽ هن هيڏي وڏي بادشاهت هلائڻ ۾ ڪهڙي غلطي ڪئي آهي جو کيس رب پاڪ وٽان ايڏي وڏي آزمائش پلئه پئي آهي. محلات ۾ اندر اچي راڻيءَ سان حال اوريائين جا سندس تمام پياري راڻي هئي ۽ هو کيس گھڻو ڀائيندو هو ۽ انهيءَ ڪري اولاد ڪاڻ ٻي شادي به نٿي ڪرڻ چاهيائين.راڻي سلطانه سندس ڳالھ هينئين سان هنڊائي ۽ چيائين ته، ”بادشاھ سلامت! جيڪڏهن توهان جي دل ۾ اهڙو خيال آيو به آهي ته انهيءَ جو هڪڙو ئي حل آهي. اسان ملڪ ۾ اعلان ڪري ڇڏيون ٿا ته جنهن کي به ڪو مالي، جسماني يا ٻيو ڪو به مسئلو هجي ۽ مدد گھرجي ته ان کي شاهي خزاني مان مدد ڪئي ويندي. انهيءَ سان ڪيترن جو ڀلو ڪرڻ سان توهان جي دل کي خوشي پڻ حاصل ٿيندي ۽ ڪيترن ئي دل ڏکويلن جي دعا به لڳندي ۽ جيتريون دُعائون وڌيڪ ملنديون ته پوءِ بلڪل جي ڪا بددُعا آهي ته اها اثر وڃائي ويهندي، پاڻ کي الله تعالیٰ خوشيون ڏيندو“.
بادشاھ راڻي سلطانه جي ڳالھ سان متفق ٿي ٻئي ڏينهن اهو پڙهو گھمايو ۽ پنهنجي ٻن وزيرن ۽ قاضيءَ کي انهيءَ ڪم تي لڳايو ته ماڻهن کي خيرات ڏين ۽ بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪن ۽ خزاني جا دَرَ کولي ڇڏين. هفتي کان پوءِ هڪ ٻئي ملڪ جو مسافر هن ملڪ ۾ داخل ٿيو جو هڪ پهتل شخص هو. جڏهن کيس حقيقت جي خبر پيئي تڏهن بادشاھ عادل سان ملاقات جو خيال ڪيائين ۽ وزيرن کي جيڪي سڀني جي مدد تي مقرر هئا. عرض ڪيائين ته، ”آئون توهان جي خيرات پوءِ کڻندس پهرين بادشاھ سلامت سان ملاقات ڪندس“. اهڙيءَ ريت اهو مسافر بادشاھ عادل سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن درٻار ۾ سڀ موجود هئا تڏهن هُن عرض ڪيو ته آئون بادشاھ سان اڪيلي ۾ ملڻ چاهيان ٿو ۽ سندس مسئلي ۾ مدد ڪندس. بادشاھ سلامت حڪم ڪيو ته، سڀ درٻار خالي ڪري وڃن اهڙيءَ ريت هُو بادشاھ جي تخت جي ويجھو اچي زمين تي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”بادشاھ سلامت! مون کي خبر آهي ته توهين اولاد لاءِ پريشان آهيو، پر آئون توهان کي هڪ حَل ٻڌايان ٿو. اميد ته الله پاڪ ڪاميابي ڏيندو. بادشاھ سندس ڳالھ توجھ سان ٻڌي رهيو هو. چيائين، ”توکي موڪل آهي تون بيان ڪر!“ فقير چوڻ لڳو ته، ”بادشاھ سلامت! دنيا جي وڏن وڏن ولين ۽ نبين اولاد ڪاڻ ڌڻيءَ کان دُعائون گھريون آهن. آئون توهان کي هِڪ تسبيح ڏيان ٿو ۽ هڪ ورد انهيءَ تي پڙهڻ لاءِ پر شرط آهي ته توهان چاليھ ڏينهن پڙهو ۽ وچ ۾ ناغو نه ڪريو. ٻي ڳالھ شڪراني جا ٽي روزا مڃيو جيڪي پهرين رکڻا آهن، انهيءَ دوران توهان ورد ڪندا رهو . خير خيرات ڪندا رهو، ڌڻي سڳورو ضرور مهربان ٿيندو“. بادشاھ جون اکيون ڀرجي آيون تخت تان لهي هيٺ اچي ويٺو. فقير کيس چيو ته، ”بادشاھ سلامت! توهان کي انشاءالله هڪ نه پر ٽي پٽ ملندا ۽ جيڪي توهان جو نالو روشن ڪندا. عادل بادشاھ ڏک ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳو“. تحقيق ايئن ئي ٿيو اهو فقير ٿورن ڏينهن ۾ موڪلائي ويو پر بادشاھ عادل کي الله پاڪ عبادت، خيرات ۽ غريبن جي دُعائن جي صدقي شهزادي گل منير سان نوازيو، چند سالن ۾ سندس ٻيا ڀائر شهزادو سمير ۽ شهزادو راهب پڻ پيدا ٿيا، بادشاھ پنهنجي ٽنهي شهزادن کي ڏسي خوشيءَ ۾ بار بار رب جا شڪر ادا ڪندو هو.
سندس وڏو وزير بدنيت ۽ شيطان گير هو، ننڍي پٽ شهزادي راهب جي پيدا ٿيڻ جي ستن سالن کان پوءِ بادشاھ عادل جو انتقال ٿي ويو. وڏي وزير جي نيت ڦري ويئي هن راڻيءَ سلطانه کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ شهزادن کي مارڻ جو منصوبو سٽيو پر چوندا آهن ته، ”هڪڙي بندي جي مَنَ ۾ ته ٻي ڪري الله“، سو وڏي وزير جي سازش ناڪام ٿي وئي، ڪي اڃان به رحم دل ماڻهو عادل بادشاھ جا وفادار موجود هئا جن کي سڄي ڳالھ جي جيئن ئي خبر پئي، هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري شهزادن کي ملڪ مان روانو ڪري ڇڏيو ۽ وڏي شهزادي کي ڳالھ سمجھائي کين پري موڪلي ڇڏيو. هاڻي شهزادن پنهنجا قيمتي ڪپڙا ۽ هيرا جواهر ته گڏ ڪونه آندا ته متان ڪي ڦورو کين ڦرڻ لاءِ ماري وڃن سو تمام سادن ڪپڙن ۽ ٿوري پئسي ۽ کاڌي سان سفر ڪرڻ لڳا. رستي ۾ ٿڪجي هڪ هنڌ وڻ هيٺ ويٺا کين ننڊ اچي ويئي، جيئن ئي سجاڳ ٿيا ته شهزادي گل منير چيو ته، ”مون هڪ خواب ڏٺو آهي“، ٻئي شهزادي سمير چيو ته، ”مون به خواب ڏٺو آهي“. شهزادي گل منير کانئس پڇيو ته، ”ڪهڙو خواب ڏٺو آهي“؟ شهزادي سمير وراڻيو ته، ”مون خواب ڏٺو آهي ته، مون کي مڇي ۽ ماني ملي ٿي جا کائي آئون پورو ڍؤ ٿو ڪريان“، شهزادي گل منير چيو ته، ”مون به خواب ڏٺو آهي ته مون کي ڪير کير جو پيالو ۽ اڦراٽو پيو ڏي جو کائي آئون خوش ٿيان ٿو“. ٻنهي شهزادن، شهزادي راهب ڏي نهاريو، ته توهان ڪو خواب ڏٺو آهي؟ راهب چيو ته، ”آئون ٻڌائيندس ته توهين يقين ڪونه ڪندا، ان ڪري ڇڏي ڏيو“، پر انهن جي اصرار کان پوءِ چيائين ته، ”مون خواب ڏٺو آهي ته، آئون شهزادو ٿيو آهيان ۽ صبا نالي سان منهنجي هڪ راڻي آهي“، انهيءَ تي سندس ٻيئي ڀائر واقعي مٿانس چٿرون ڪرڻ لڳا، وڏي شهزادي چيس، ”جيڪڏهن تون ايترو خوش نصيب هجين ها ته اسين پنهنجي پيءُ جي بادشاهت کان محروم ڪيئن ٿيون ها“، راهب شهزادو سندن ڳالهين جي ڪري ڏک وچان روئڻ لڳو ۽ اتي وڻ هيٺ ئي ويهي رهيو. ڀائرن چيس ته، ”هاڻي چپ ڪر اڳيان هلون“، پر هن جواب ڏنو، چيائين، ”آئون توهان سان گڏ ڪونه هلندس مونکي ڇڏي ڏيو آئون هتي ئي رهندس، سندس ڀائر چئي چئي جڏهن ٿڪا تڏهن اڳيان وڌڻ جو فيصلو ڪيائون. اهڙيءَ ريت راهب اُتي ئي ويٺو رهيو جيڪا ماني ٿوري بچيل هئي کائي ڇڏيائين کيس ٿوري دير ۾ ننڊ اچي ويئي. اتفاق سان انهيءَ وڻ مٿي هڪ ديو اچي ويٺو، انسان جي ٻچي کي هيٺ ننڊ ۾ سُتل ڏسي سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته اڄ شڪار سٺو آهي ڇو نه هن ٻار کي آئون کائي ڇڏيان، اهو ديو آدم خور هو. پر خدا جي قدرت جيئن ئي هو شهزادي کي کائڻ لاءِ ويجھو ٿيو سندس پياري شڪل ڏسي کيس دل ۾ رحم اچي ويو ۽ شهزادي راهب کي کائڻ جو ارادو ترڪ ڪري واپس مٿي وڻ تي چڙهي ويٺو. ڪافي دير کان پوءِ اُتان وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته کيس شهزادي جو فڪر ٿيو ۽ سمجهيائين ته هن ٻار کي جيڪڏهن هتي وڻ هيٺ ڇڏي آئون اڳيان وڌندس ته هِن کي جانور ته کائي ويندا ان کان بهتر آهي کيس ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچايان اهو سوچي ننڍڙي راهب کي هٿ ۾ کڻي بلڪل هڪ شهر جي ويجهو وڏي رستي تي وڻ جي هيٺ رکي ڇڏيائين ۽ احتياط ڪيائين ته سندس ننڊ خراب نه ٿيئي. شهزادي راهب جي جيئن ئي اک کلي هو حيران ٿي ويو، سوچڻ لڳو ته آئون ته ويران جهنگ ۾ هئس هي ڪٿي پهچي ويو آهيان. اٿي سنئون ٿيو ڪلمو پڙهي خدا جو شڪر ادا ڪيائين ۽ اڳيان شهر ڏي وڌڻ لڳو. دل ۾ سَوين پور پچائيندي هڪ فيصلو ڪيائين ته هن شهر ۾ ته منهنجو ڪير به ڪونهي. ڪير به مون ڏي هٿ سَڃَ ڪو نه ڪندو. ماني ٽڪي ڪٿان کائيندس؟ بهتر آهي مسجد ۾ وڃي ويهان. ايئن سوچي هڪ مسجد ۾ داخل ٿيو جتي کيس مسافر سمجهي نمازين ماني کارائي جڏهن سڀ هليا ويا تڏهن مولوي صاحب حال احوال ورتس ۽ کيس اهو ڄاڻي حيرت ٿي ته هُو شهزادو آهي. راهب شهزادي کي چيائين، ”پٽ! مون کي اولاد ڪونهي هلي مون وٽ رھ آئون توکي تعليم پڻ ڏيندس مون وٽ ٻيا ٻار به پڙهڻ اچن ٿا. توکي سک ٿي پوندو“ شهزادي راهب هائوڪار ڪئي ۽ مولوي صاحب جي گهر ۾ جيڪو مسجد سان گڏ ئي هو هُو رهڻ لڳو. شام جو مسجد ۾ ٻيا ٻار پڙهڻ آيا ته راهب پڻ ساڻن قرآن پاڪ ۽ ٻيا ديني ڪتاب پڙهڻ لڳو مولوي امام دين وٽ وڏن معزز گهراڻن جا ٻار ۽ ملڪ جي بادشاھ جي نياڻي شهزادي صبا ۽ وزيرزادي بانو پڻ پڙهڻ اينديون هيون. ايئن شهزادي صبا آهستي آهستي راهب جي طور طريقي ۽ علم ۾ هوشياريءَ کان متاثر ٿي ۽ کيس هو گهڻو پسند آيو. ڪجھ وقت کانپوءِ اها به خبر پيس ته هي ڇوڪرو شهزادو آهي ۽ سندس ڀائر ۽ پاڻ جان بچائي پنهنجي ملڪ مان نڪتا آهن. وقت گذرندو رهيو. شهزادو راهب مولوي صاحب وٽ رهي سڀ علم سکي ويو. شهزادي صبا به اچي جوان ٿي هُن پنهنجي والد بادشاھ نوشيروان کي پنهنجي خواهش والده معرفت پهچائي. بادشاھ نوشيروان هڪ سلجهيل ذهن جو مالڪ شخص هو کيس ڪو به پٽ جو اولاد ڪو نه هو فقط هڪڙي ئي ڌيءَ شهزادي صبا هئس جنهن کي گهڻو پيار ڪندو هو. سندس خواهش کي ٽاري نه سگهيو ۽ شهزادي راهب کي دعوت ڏيئي گهرايائين ۽ شهزادي هئڻ جي پَڪَ به ڪيائين آخر شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪري شهزادي راهب کي پنهنجي محلات ۾ پاڻ سان گڏ رهايائين نوشيروان بادشاھ ڪجھ سالن کان پوءِ فوت ٿي ويو ۽ شهزادو راهب تخت تي ويٺو ۽ سندس ننڍپڻ جو خواب اڄ سچو ثابت ٿيو بادشاهي ملڻ کان پوءِ کيس پنهنجي وطن، ڀائرن ۽ والده جي خبر گيري ڪرڻ جو خيال دل ۾ آيو ۽ پنهنجي ملڪ جي سڄي پڇا ڳاڇا کان پوءِ ان تي حملو ڪري پنهنجي وطن کي ظالم وزير کان آجو ڪرايائين ۽ والده راڻي سلطانه جا وزير جي قيد ۾ هئي تنهن کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن جي ڳولها شروع ڪيائين ترت ئي انهن جو پتو به پئجي ويو کين پنهنجي ماءُ سان ملائي وڏي شهزادي گل منير کي تخت ڌڻي ڪيائين. اهڙيءَ ريت راڻي سلطانه پنهنجي ٽنهي شهزادن کي ڏسي خوش ٿيندي هئي ۽ راهب شهزادي جي شڪر گذاريءَ جي ڪري کيس الله پاڪ راڻي صبا عطا ڪئي ته بادشاھ پڻ بنايو.

بوٽ پالش

مدثر جڏهن ڏهن سالن جو هو تڏهن سندس امڙ وفات ڪري ويئي. هن جي پيءُ کيس ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو پيار ڏيئي وڏو ڪيو پر ڪجھ سالن کان پوءِ سندس والد پڻ بيمار رهڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو سڄي گهر جو بوجھ اڪيلي مدثر تي اچي پيو. سندن پاڙي ۾ هڪ ننڍو موچيءَ جو دڪان هو هن سوچيو ڇو نه شام جو انهيءَ دوڪان تي ڪم ڪريان جيڪي پئسا ملن انهن مان گهر جي دال روٽي پيئي هلندي. هن کي ٻه ننڍيون ڀيڻون ۽ هڪ ڀاءُ هو. گهر ته سندن پنهنجو هو پر گهر هلائڻ لاءِ ته وڏن جي ضرورت پوندي آهي ۽ مدثر ننڍو هوندي ئي سڀ ذمه داريون کنيون ان ڪري مئٽرڪ ۾ پڙهندي به اسڪول کي ڇڏي ڏنائين اڳيان هلي پوءِ تعليم مڪمل ڪيائين پر فاالوقت سندس جي لاءِ جيڪو وڏو مسئلو هو سو گهر جي خرچ جو هو. موچي هڪ نمازي شخص هو. هن کيس ڪم دل سان سيکاريو گڏ پئسا پڻ صحيح ڏيندو هئس جو کيس سندس گهر جي حالتن جي خبر هئي. اهڙيءَ ريت مدثر جي محنت سبب موچيءَ جي دڪان جي به ترقي ٿيڻ لڳي. مدثر بوٽ پالش ۾ گهڻو هوشيار هو. سندس چمڪايل بوٽ پري کان چم چم ڪندا هئا. چند سالن ۾ موچيءَ جي وفات ٿي ويئي ان کان اڳ هُن پنهنجي دوڪان جون واڳون مدثر جي حوالي ڪيون جو هن جو هتي ڪير به ڪونه هو ۽ مدثر کيس پنهنجي گڏ ٿيل پئسن مان ڪجھه ڏنا اهڙيءَ ريت مدثر دوڪان جو مالڪ ٿي ويو هڪ ڏينهن وٽس هڪ آفيسر آيو جو پرڏيھه وڃي رهيو هو. سندس بوٽ هن سهڻا پالش ڪري ڏنا انهيءَ صاحب وٽ کليا پئسا نه هئا، مدثر کي چيائين مون وٽ کليا پئسا ڪونهي ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ آهن هڪ ڏهن روپين جو پراڻو بانڊ سندس بريف ڪيس ۾ پيو هو اُهو ڪڍي مدثر کي ڏنائين مدثر کلي وراڻيو ته، صاحب آئون ڪٿي پيو بانڊ جو نمبر ڳولهيندس، خير آهي توهان ٻئي دفعي پئسا ڏجو“. انهيءَ آفيسر کيس چيو ته، ”آئون ٽن سالن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان مون کي ٻاهر وڏو ڪم مليو آهي تنهنجو اجورو رکڻ نٿو چاهيان اتفاق سان پئسا کليا ڪونهي تون هيءُ بانڊ ضرور رک“ بهرحال مدثر اهو بانڊ وٽانس کڻي رکيو ٻن مهينن کان پوءِ هڪ اخبار وارو جو سندس ڀر ۾ دوڪانن تي اخبار ڏيندو هو اهو هن جي دوڪان تي اچي ويٺو مدثر ان سان سڄي ڳالھ ڪئي اخبار واري چيس، ”بانڊ جو نمبر مون کي لکي ڏئي مون وٽ قرعہ اندازي جا پنا ايندا آهن آئون توکي ٻڌائيندس“. شام جو ئي اخبار واري کيس خوشخبري ڏني ته سندس پنجن لکن جو بانڊ کليو آهي. مدثر حيران ٿي ويو پوءِ انهي نيڪ صفت اخبار واري معرفت اهي پئسا نيشنل بئنڪ مان وڃي حاصل ڪري ٻيءَ بئنڪ ۾ رکيائين. انهيءَ کانپوءِ ته سندس قسمت ۾ وڏو ڦيرو آيو. ٻيو دوڪان به ورتائين هُو خوشحال ٿي ويو وڌيڪ ترقي ڪندي ڀائرن کي به پنهنجي ڌنڌي ۾ لڳائي اڳيان تعليم پڻ حاصل ڪيائين. مدثر جو نالو شهر ۾ باحيثيت ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳو. اڄ به جڏهن کيس پراڻي وقت جي يادگيري ايندي آهي تڏهن پنهنجي ڪمري ۾ پيل بوٽ پالش جو ننڍو باڪسو کولي پنهنجيءَ ماضيءَ جي حالتن کي ياد ڪندي خدا پاڪ جا شڪرانا ادا ڪندو آهي جنهن سڄي حياتي نيڪ صفت ماڻهن جي معرفت سندس مدد ڪئي جو هُو پاڻ نيڪ نيت ۽ دل جو صاف ۽ محنتي هو. چوندا آهن ”جهِڙي نيت تهڙي مراد“ سو مدثر جي منزل آسان ٿي سندس لاءِ هرپاسي سڻايون ٿي ويون.

ليکڪا جو تعارف

نالو؛ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڄم: 20-11-1958ع

تعليم: ايم، اي(انگريزي ادب)، ايم، اي (سنڌي ادب)، پي، ايڇ ڊي (سنڌي).

ڪرت: ايسوسيئيٽ پروفيسر (ريٽائرڊ)، تعليم کاتو، سنڌ حڪومت.

ادبي سڃاڻپ: نثر نويس.

لکڻ جي شروعات: 1980ع کان.

لکڻ جا شعبا/موضوع: ادبي تاريخ، ڪالم، تحقيق، تنقيد، لطيف شناسي، ٻاراڻو ادب، افسانا

ڇپيل ڪتاب: 1. سنڌي ادب جو جائزو. 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، 3. وکر سو وهاءِ، 4. اخلاقي قدر، 5. اٿي رائو ريل، 6. آديسين ادب آهي اکڙين ۾، 7. سون ورنيون سوڍيون، 8. عالم سڀ آباد ڪرين، 9. پلئه پايو سچ، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، 11. گلدستو، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز)، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو، 14. ٽي تحفا(ٻالڪ ڪهاڻيون)،15 شرارتي جن، 16، ”سونيون اشرفيون“ (ڪهاڻيون)، 17. ماڻڪ موتي لالَ(ڊجيٽل ايڊيشن)

اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. سنڌي نثر جديد مطالعو (آخوند عزيز الله کان عثمان علي انصاريءَ تائين)، 2. سدا وسين تون (تقريرون ۽ تحريرون)، 3.پوپٽ ۽ گلاب، 4. شهزادي ماهه نور، 5. سهڻا سخن،6. محبت پائي مَنَ ۾ (مهاڳ ۽ مقدما)، 7. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا(مضمون ۽ تبصرا)، 8. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، 09. مري ٿين نه مات(ٻالڪ ادب)، 10. ارباب جي هوشياري(ٻالڪ ادب)، 11. سماج سڌارڪ اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ،12. معلومات جو خزانو، 13. ”مقالا“ (هيڪ جي جرنلز ڇپيل چوڏهن تحقيقي مقالا)، 14. پاڪستاني ادب ڪي معمار، ڊاڪٽر فهميده حسين شخصيت اور فن، 15. سکن جو سنسار (ڪهاڻيون/افسانا)، 16. صحت ۽ زندگي، 17. شهر بانو (ترجمو ڪيل افسانا)، 18. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)، 19. هلڻ منهنجو هوت ڏي(سفر نامو)، 20. سنڌي نثر جي تاريخ، 21. تو ۾ ديرو دوست جو(لطيف شناسي)، 22. مفتي منجهه ويهار(آتم ڪهاڻي)، 23. جنرل هسٽري (پي سي ايس جي سنڌيءَ جي مطابق)، 24. جديد سنڌي ڪهاڻي (تحقيقي اڀياس)،

سڄي ٿر ۽ خاص طور تي ڏيپلي جي ڌرتي، علم ۽ ادب جي حوالي سان بي حد زرخيز رهي آهي. جنهن محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان وٺي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ تائين ڪيترائي اهم ادبي نالا پيدا ڪيا. جيڪي سوڪهڙي ۾ به، سنڌي ادب کي سدا سائو رکندا آيا آهن.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ادب ۾ بنيادي طور تي تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل رهي آهي. پر گڏوگڏ هن ادب جي ٻين شعبن سان به لکڻ جو ناتو ڳنڍيل رکيو آهي. هيل تائين سندس سورهن ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چُڪا آهن، ٻارن لاءِ سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب، ادب ۾ هڪ وِکَ اڳتي ليکبي.
سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ ادب جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ليکڪ/شاعرُ پنهنجي ذميواري قبولي، ڪنهن ڪتاب لکڻَ ۽ ڇپائڻَ جو ساهسُ ڌاري ٿو، ته اسان سڀني کي کيس ضرور ساراهڻ گهرجي، معيار ۽ مقدار جو ڪاٿو هونئن به هُوندَ ۾ ڪري سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتابُ لکي ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي. جنهن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو.

اياز گُل
29 مئي 2021ع