سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامياري ڏات ڌڻي استاد بخاريءَ جي 1961ع کان 1971ع جي ڏھاڪي جي شاعريءَ تي مشتمل آھي، جنھن ۾ گيت، غزل، دوھا، بيت، وايون، ڪافيون، رباعيون ۽ قطعا شامل آھن. استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز ۽ سچ جو ڀُڻڪو ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وسندڙ ھرھڪ سنڌيءَ جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو . ھو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آھي. ھو سنڌ ۽ سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپي پوي ٿو. ھو مجاز جو شاعر آھي ۽ سندس لنئون لنئون ۾ محبت وسي ٿي.
ھي ڪتاب 1971ع ۾ کيرٿر پبليڪيشن، دادو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي