شاعري

پير نہ ھٽن پوئتي

ھي ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامياري ڏات ڌڻي استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جي خوبصورت رنگارنگ گلڙن جو سھڻو گلدستو آھي. استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز ۽ سچ جو ڀُڻڪو ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وسندڙ ھرھڪ سنڌيءَ جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو . ھو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آھي. ھو سنڌ ۽ سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپي پوي ٿو.  ھو ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آھي.

Title Cover of book پير نہ ھٽن پوئتي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جو مجموعو ”پير نہ ھٽن پوئتي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب علي دوست عاجز آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامياري ڏات ڌڻي استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جي خوبصورت رنگارنگ گلڙن جو سھڻو گلدستو آھي. استاد بخاريءَ جي اندر جو آواز ۽ سچ جو ڀُڻڪو ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وسندڙ ھرھڪ سنڌيءَ جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو . ھو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آھي. ھو سنڌ ۽ سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپي پوي ٿو.  ھو ڳائڻ ۽ جاڳائڻ وارو شاعر آھي.
 ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2002ع ۾ ۽  ٻيو ڇاپو 2004ع ۾  روشني پبليڪيشن ، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي