شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

  • 4.5/5.0
  • 28
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ

Book No :96

ڪتاب: سُڳنڌ
موضوع: مضمون ۽ خاڪا
سهيڙيندڙ: مرتضيٰ لغاري
ٽائيٽل: خالده ابڙو - ڪئناڊا
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ لغاري
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇاپوپهريون: جنوري 2021ع
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
03005182494
مُلهه: -/200
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Office: Room No 305 3rd Floor Sabir manzil 98
Near Gul Plaza M.A Jinnah Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com

03005182494
ISBN-978-969-7958-27-6
ملـڻ جـا هـنـڌ:
ڪاٺياواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ،
ڪنول ڪتاب گهر حيدرآباد، رومي ڪتاب گهر حيدرآباد
دانيال ڪتاب گهر حيدرآباد، عزيز ڪتاب گهر سکر،
رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، پيڪاڪ ڪتاب گھر لاڙڪاڻو
تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، شاعري ۽ لکڻين تي مختلف شخصيتن پاران لکيل مضمونن جو مجموعو ”سڳنڌ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ مرتضيٰ لغاري آھي.
سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سلطانہ وقاصي ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سهيڙيندڙ پاران

محترمه سلطانہ وقاصي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، ڇو ته ادبي، سماجي ۽ عملي خدمتون ئي سندس تعارف آهن، جيڪي هو ننڍپڻ کان سرانجام ڏيندي پئي اچي. هن نه رڳو لکڻين ذريعي پنهنجو پيغام عام آڏو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر عملي طور تي مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ به سرگرم اڳواڻ طور پير پٿون ڪيا اٿس، هوءَ ٽنڊو آدم، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت مختلف شهرن ۾ اجتماعي سوچ رکي مختلف معاملن تي سڄاڻ ڌرين سان گڏجي آواز ۾ آواز ملائي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي رهي آهي.
سلطانہ وقاصيءَ جي سٻاجهڙي، شفيق، جاکوڙي شخصيت ۽ علمي، ادبي توڙي سماجي ڪردار تي سنڌ جي ناميارن اديبن ۽ اسڪالرن مختلف موقعن جي مناسبت سان پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي. اهڙيون قيمتي لکڻيون، جيڪي هڪ پاسي تاريخ آهن ته ٻي پاسي تاريخ جي محافظ کي مڃتا پڻ! مون اُهي لکڻيون مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ته پئي پڙهيون هيون، پر جڏهن اُهي اخباري ڪٽنگ ۽ ڦوٽو اسٽيٽ پيپرن جي صورت ۾ يڪجا اکين آڏو آيون ته رهيو نه ٿيو، ۽ هڪدم سلطانہ وقاصي صاحبه کي چيم: ’هي اوهان لاءِ اظهاريل اديبن جا احساس ڏيو ته ڪتابي صورت ۾محفوظ ڪيون.‘ منهنجي اسرار تي هُن اُهي سڀئي ليک منهنجي حوالي ڪيا. جيڪي سهيڙي ”سڳنڌ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ آندا آهن. جنهن ۾ سلطانہ وقاصيءَ تي لکيل خاڪا ۽ مضمون ته آهن، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک به شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا، چاهيوسين ته اُهي پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪري محفوظ ڪيون.
سلطانہ وقاصي جي شخصيت تي لکيل مضمون سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ ”سُڳنڌ“ جي نالي سان اوهان تائين پهچائيندي سرهائي ٿي رهي آهي، يقينن اهڙن امُلهه ڪردارن کي مڃتا ڏيڻ اسان جو فرض آهي.

مرتضيٰ لغاري

ٿورا مون تي ماروئڙن جا

مان ڇا لکان؟ ڪجهه به ته لکڻ جي ضرورت نه آهي. هي جيڪو ڪجهه مون تي سالن کان وٺي لکيو ويو آهي، ان کي سهيڙي اوهان جي اڳيان آندو اٿم. ”ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا“.
سالن کان وٺي اڄ تائين جا لکيل ليک جيڪي منهنجي شخصيت ۽ لکڻين تي لکيا ويا آهن، اُهي سڀ گهڻو ڪري هن ڪتاب ۾ آهن. منهنجي ننڍڙي ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جڏهن هي شيون ڏٺيون ته ان اهو اظهار ڪيو ته اوهان کي هي شيون ڇپائڻ گهرجن. مان اڄ تائين پنهنجي ستن ڪتاب جي (جيڪي ڇپيل آهن“ جي مهورت به نه ڪئي آهي . بس ڪتاب ڇپرائي ڇڏيم. پوءِ انهن ڪتابن تي تبصرا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. مان هڪ هڪ شئي سنڀالي رکندي آهيان. اخبارن (خاص ڪري عوامي آواز) منهنجي سالگرهه تي الائجي ڪيترا نمبر ڪڍيا آهن. سڀ کان پهرين هدايت منگي جڏهن هلال پاڪستان جي ادبي صفحي جو انچارج هو. اهو وقت 78 جو آهي، مان نئين نئين ڪراچي آئي هئس. انور پيرزادو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هو. هت ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت طرفان منهنجي لاءِ هڪ شاندار پروگرام ڪيو ويو هو ۽ هدايت منگي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي جو سڄو صفحو منهنجي حوالي سان ڇاپيو هو. اهومون وٽ سنڀاليل نه آهي. عوامي آواز ته ٽي چار فل صفحا منهنجي سالگرهه تي ڇپيا آهن. مون کي ڪا به خبر نه هوندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن اڳ زرار پيرزادو فون ڪندو هو ته سڀاڻي اخبار ضرور وٺجو. اُن اخبار جي صفحي ۾ نالي وارن اديبن ڀائرن، ڀينرن جا مضمون ڇپيل هوندا هئا. اُهي ئي سڀ خوشيون هيون منهنجي جيئڻ جو سهارو هونديون هيون. اڄ تائين سنڌ ۾ سڀني وڏين اخبارن ۾ منهنجي لاءِ مضمون ڇپيل آهن. خوشي جي ڳالهه آهي ته مان گهڻو ڪري پنهنجي ڪتابن تي ڪنهن کان به ڪجهه نه لکرائيندي آهيان. پهريان ٻه ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“۽ شاعريءَ جي ڪتاب تي ڪجهه لکرايم. ان کان پوءِ منهنجن ڇپيل ڪتابن تي مون ڪنهن کان به ڪجهه به نه لکرايو آهي. هن مهل لاڪ ڊائون جي دوران ٽي ڪتاب ترتيب ڏنا اٿم ۽ ڇپڻ جي مرحلي ۾ آهن. انهن تي به ڪنهن کان به ڪجهه به نه لکرايو اٿم.
منهنجا ساٿيو! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن توهان منهنجو ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺو ته پهرين ورق کان وٺي آخري سٽ تائين سلطانہ وقاصي جون وکريل لکڻيون هجن. سچ پڇو ته هن سوچ ۽ عمل مون کي وڌيڪ خوشي ڏني آهي. ڪتاب پڙهي پوءِ پڙهندڙ جيڪو تجزيو لکن ٿا. انهن تجزين جو پنهنجو مانُ آهي. هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترا مضمون اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندا.
هي منهنجي زندگيءَ جي هڪ ڏينهن جو پورهيو نه آهي، پر سالن جي تپسيا آهي. جيڪڏهن مان هنن شين کي ڪتابي صورت ۾ نه آڻيندس ته هي شيون ضايع ٿي وينديون، ميسارجي وينديون. بس توهان پيارن پڙهندڙن جا پيار ڀريا خيال آهن. منهنجو خيال به نه هو هنن شين کي ڇپائڻ جو بس ڀاءُ مرتضيٰ لغاري جي همت ڏيارڻ تي مان هي سڀ ڇپايان پئي. توهان پڙهو، وري مون تي لکو ۽ ائين ئي زندگيءَ جو هي وهنوار هلندو رهي. وڌيڪ ڇا لکان بس تنقيد به ڪئي اٿوَ، پيار ۽ عزت به کوڙ آهي، هنن لکڻين ۾ هي محبتون هي ٿورا مان زندگيءَ ۾ ته لاهي نه سگهندس پر لکيل شئي ڪتابي صورت ۾ اچي تاريخ جو حصو بڻجي ويندي آهي. پاڻ تي ڪو فخر نه اٿم، پر ڊڄندي آهيان، ڇو ته اسان جا سنڌي تاريخ کي به وساري ڇڏيندا آهن. چوندا نه آهن ”جيڪي چلهه تي سي دل تي“، ”جيڪي اُسريا سي وسريا“. پر پنهنجي ”اڪرم سلطانہ“ کي نه وسارجو.

سلطانہ وقاصي

هر مصنوعيت کان آجي ليکڪا: سلطانہ وقاصي: رکيل مورائي

سنڌي شاعريءَ تي هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن آزاد نظم کي شاعري سمجهڻ وارن کي ادب کان تهذيب کان ۽ مذهب کان ٻاهر جا الزام به مڙهيا ويا. ڇاڪاڻ ته انهن ڪن مغربي شاعراڻين صنفن تي لکڻ شروع ڪيو هو.
جيتوڻيڪ الزام هڻندڙن کان اهو سڀ وسري ويو هئو ته هو جيڪو ڪجهه پاڻ لکي رهيا آهن، اهو پڻ صنفي طور سنڌ جو ڪو نه هئو پر اڳتي هلي وقت اهو ٻڌايو ته اهو سمورو کٽراڳ ادب کان ٻاهر جو هئو، جنهن جو نه شاعريءَ سان واسطو هئو ۽ نه ئي ادب سان! تهذيب سان ۽ نه مذهب سان، وقت آڏو سچَ، وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ فتح ماڻي، قدامت پرستيءَ ۽ قنوطيت شڪست قبولي ورتي.
ائين ان وقت ۾ جنهن ادب ۽ سنڌي شاعري سميت اَپکنڊ جي شاعريءَ توڻي شاعراڻين صنفن کي ادب جي فورم تي تحفظ ڏنو، اهو ڪتاب سنڌ جي يگاني اديب ۽ عالم مولانا غلام محمد گرامي صاحب جو هئو، جنهن جو نالو آهي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۽ مان ڀايان ٿو ته اسان جي ڏيهي شاعراڻي ادب تي اهڙو اهم ڪتاب اڄ تائين ٻيو ڪو به نه اچي سگهيو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ڀل ٻيو گهڻو ئي ڪجهه آهي.
گرامي صاحب جي ڪتاب جي اهيمت اڄ ان ڪري اڃا به وڌي وڃي ٿي، جڏهن اسان وٽان فارسيءَ جا ڄاڻو گهٽجي رهيا آهن ۽ مٿيون بحث الڳ الڳ نظرين کانسواءِ اهو به هئو ته جن فارسيءَ جي شاعراڻين صنفن تي زور ٿي ڏنو، انهن فارسيءَ کان پوءِ ايندڙ ٻولين جي ڪِنِ صنفن کي شعر قبولڻ کان ئي نابري ٿي واري پر جيئن ته گرامي صاحب پاڻ به فارسيءَ جو دلداده هئو، ان ڪري سندس لکڻ مضبوط هئو ۽ ان پنهنجي لکڻ ۾ جيڪي حوالا آندا، اهي گهڻي ڀاڱي فارسيءَ جا هئا. ڪيئن به هجي اڄ اهو دور گذري چڪو آهي، مغرب جا ادبي (تخليقي توڻي تنقيدي) حوالا اوڀر ۾ پڙهجڻ لڳا ۽ انگريزيءَ جي معرفت اولهه جو جيڪو به ادب دنيا ۾ پهتو، ان دنيا ۾ ساڳي اهميت ماڻي ورتي، جيڪا اهميت ڪنهن وقت فارسي ٻوليءَ جي ادب کي هئي. انگريزي ٻوليءَ معرفت جيڪي نيون صنفون سنڌي شاعراڻي ادب ۾ داخل ٿيون، انهن مان آزاد ”نظم“ به هڪ صنف هئي، جنهن کي غزل لکندڙن شاعري ئي نه ٿي قبوليو. حيرت جي حد اها آهي ته جڏهن آزاد نظم به شاعريءَ طور قبول نه پئي ڪيو ويو، ان وقت ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ نثري نظم لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي سرحد جي هُن پار سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي سنڌي اديبن شاعرن نه فقط قبول ڪري ورتو هئو پر تيزيءَ سان لکڻ به شروع ڪيو هئو، جنهن جو باني هريش واسواڻيءَ کي قبوليو ويو آهي.
جيتوڻيڪ هند جي سنڌي نقادن اها ڳالهه به قبول ڪئي آهي ته هند ۾ پهريون نثري نظم/نئين ڪوتا، سنڌي شاعر گوورڌن ڀارتيءَ جي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سينيٽوريم ۾ هڪ رات“ پوءِ به نئين ڪوتا جو پهريون ڪتاب لڳاتار نئين ڪوتا/نثري نظم لکندڙ هريش واسواڻيءَ صاحب جو ”چاليهه ڇاهتر“ (1976ع) آهي ۽ ان کي ئي ان جو سرجڻهار قبول ڪيو ويو آهي. سنڌ جي عورت ليکڪائن ۾ شايد اهڙي حيثيت محترمه سلطانہ وقاصيءَ جي جڙي پوي.
سنڌ ۾ سلطانہ وقاصي صاحبه جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ (1984ع) نئين ڪوتا/نثري نظم جو هڪ اهم ۽ شايد ڪنهن به عورت ليکڪا جو پهريون ڪتاب آهي ۽ نثري نظم جو هڪ روپ آهي، اهڙو ئي ڪتاب محترمه پشپا ولڀ جو ”دري کان ٻاهر“(1985) به آهي. چڱي عرصي کانپوءِ اهڙو ئي ڪتاب سنڌي ادب کي ارم محبوب صاحبه، ”منهنجي ڌرتي “ (1991ع) ۽ ميڊم نور الهديٰ شاهه”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ (1992ع) ڏنو اڳتي هلي عطيه دائود صاحبه ”شرافت جي پلصراط“ 95-1994 ڏنو، جنهن جو مهاڳ مها ڪوي شيخ اياز لکيو، ڀل ان جي ٽيمپرامينٽ الڳ آهي، جيئن ميڊم نور الهديٰ شاهه جي ڪتاب ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ 1992 ۽ امر سنڌو صاحبه جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا 2014 جي ٽيمپرامنٽ جدا آهي. سنڌي عورت ڪوتا ڪارن ۾ هي ٽئي ڪتاب (سلطانہ وقاصي، پشپا ولڀ ۽ عطيه دائود جو) سنڌي ڪوتا جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهن، جيڪي اڄ به پنهنجي اهميت ۽ سڃاڻپ جو مرتبو برقرار رکي بيٺا آهن، پوءِ ايندڙ خواتين ڪوتاڪار هنن ڪتابن کي ڪراس نه ڪري سگهيون آهن، اهو سنڌي نقاد اڳتي هلي قبوليندا شايد!
سلطانہ وقاصي صاحبه ڪهاڻيون به گڏوگڏ لکڻ لڳي هئي، جن ڪهاڻين جي چونڊ تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”جانور“ نالي سان به تازو ئي شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ سندس ٽيهه مختصر ڪهاڻيون آهن، جن جو تعارف محترمه تنوير جوڻيجو لکيو آهي، هنن ڪهاڻين جا ڪردار ماحول ۽ موضوع پڻ آس پاس جا ۽ مشاهدي هيٺ آيل آهن. ساڳي وقت ڪهاڻين جي ٻولي به سادي سلوڻي ۽ صاف شفاف آهي، ضرور نقادن جي قلم هيٺ ايندي، ڇو ته هي ڪهاڻيون پڻ هڪ اڀياس جون گهرجائو آهن.
وقت بوقت هُن ڪن اديبن تي علمي، ادبي ۽ شخصي/سوانحي خاڪا به لکيا آهن، جن کي سهيڙي هن هڪ ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهي، جنهن جو نالو ”پنهوارن پاٻوهيو“ آهي.
هي لکڻ ان ئي ڪتاب جي حوالي ۾ آهي پر محترمه سلطانہ وقاصيءَ وچ ۾ جيڪو وڌيڪ لکيو آهي، اهي ڪالم آهن، جن کي هُن عنوان ڏنو آهي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، جن ڪالمن کي سهيڙي چونڊي سوڌي سنواري سندس ٻن جلدن ۾ ڪتاب پڻ گذريل سال آيل آهن ۽ اڄ تائين هوءَ مسلسل لکي رهي آهي، جنهن ڪري هوءَ ڪنهن به مهم جوئيءَ يا شارٽ ڪٽ جو حصو نه بڻي آهي، مون کي لکڻ ائين گهرجي ته هن پنهنجي لکڻ ۽ پاڻ بابت جيڪو ادب ۾ شفافيت جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ کيس الڳ مرتبو ڏئي ٿو. هوءَ جيترو پنهنجي ويچارن ۽ ان جي اظهار تي يقين رکندي آهي، اوترو ئي پنهنجي شخصيت تي پڻ، ان ڪري سندس ادب ڪنهن ڪنهن موقعي تي مقدس پڻي جون حدون ڇهندو آهي، ان ۾ نماءَ جو ڪو به حصو نه آهي، خوشامد کيس لکڻ وقت اچي ڪانه، مهذبپڻو سندس آدرش آهي، اجائي رک رکاءَ کان هوءَ پري رهڻ واري آهي، هوءَ جيئن سوچيندي آهي، ائين ئي نهايت معصوميت سان اظهاريندي آهي، ان ۾ ڪيترو سچ آهي، ڪيترو غصو آهي، ڪيترو احترام آهي، ڪيترو پيار آهي، اهو سڀ نجو پجو ۽ ڪنهن به مصنوعيت کان آجو هوندو آهي، اهو سڀ اظهارڻ جو حوصلو اسان جي عورت ليکڪائن ۾ جيترو به آهي، انهن جي پهرين نالن ۾ محترمه سلطانہ وقاصيءَ جو نالو به آهي، اهو منهنجو يقين به آهي ۽ اعتماد به.
سلطانہ وقاصي صاحبه جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڄ تائين جيترو به لکيو آهي، اهو جن صنفن ۾ آهي، ان سڀ تي سندس ئي ڇاپ آهي، اها ڪيتري منفرد آهي، ڪيتري سادي آهي، ڪيتري معصوم آهي پر ان مان چهرو سندس ئي ظاهر ٿي رهيو آهي، اهڙو نج پڻو اڄ جي لکندڙ وٽ ڳوليو نٿو لڀي، ڌنڌلايل آهي، دونهاٽيل آهي ان ڪري اڄ جي غير شفاف ادبي ڪلچر جو حصو نه بڻي آهي، ۽ ان کان هوءَ ڪوهين ڏور رهي آهي.
سندس تازي ڪتاب ” پنهوارن پاٻوهيو“ ۾ آيل خاڪا پڙهي اهڙو اندازو هر پڙهندڙ ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ ۾ ڪي به ٻوليءَ جا ڪرشما ڏيکاريل نه آهن، نه ئي جن شخصيتن تي هن لکيو آهي، انهن کي هن افسانوي بڻايو آهي، اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ ادب ۾ جيئن آهن، هن ڪتاب جي خاڪن ۾ به بلڪل ائين ئي آهي.
سندس خاڪن ۾ اهو سڀ ڏسجي رهيو آهي ته هن جن به اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي جيئن ڏٺو آهي، جيئن پڙهيو آهي، جيئن محسوس ڪيو آهي، ائين ئي اظهاريو آهي، ساڳئي وقت هن جيئن پاڻ سچ لکيو آهي، ائين انهن شخصيتن جي سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن سندن ئي پاڻ بابت پنهنجو اظهاريل، حوالن طور کنيو آهي، جيڪي حوالا آهن، انهن شخصيتن جا انٽرويو، انهن ڪردارن جو سچ هڪ اهو آهي، جيڪو نج آهي ۽ ٻيو اهو آهي جيڪو سلطانہ وقاصي صاحبه پاڻ محسوس ڪيو آهي، وچ ۾ اهڙو ڪو به شخص نه آهي، جنهن کي اسين شاهد طور وري وري پيش ڪندي لکندا آهيون ته فلاڻي خان هيئن چيو/لکيو آهي يا هونئن لکيو آهي. اول آخر يا ان ڪردار جو سچ آهي يا لکندڙ جو سچ آهي پوءِ اوهان سچ کي پيش ڪرڻ لاءِ ڀل ڪيترائي منصوعي لباس ان سچ کي پارايو يا هن کي اصل صورت ۾ رهڻ ڏيو! اهو هنن خاڪن جي لکجڻ جو وڏو ۽ ڳڻائڻ جهڙو سچ آهي. ان ڪري هن ڪتاب جي ڀيٽا ڪنهن به اهڙي ڪتاب سان نه ڪرڻ جڳائي جيڪو ڪتاب نثر جي اعليٰ افسانوي پد تي بيٺو هجي.نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيل هيءُ خاڪا جيڪا نجي سونهن ۽ سادگي پنهنجو پاڻ ۾ سانڍي بيٺا آهن اُها ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. اڄ جي ادب جي سڃاڻپ گهڻن رنگن واري ڪئنواس تي ڦهلجي گهڻ رنگي ضرور ٿي آهي، پر هر رنگ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڏئي ائين گهٽ ئي ٿي رهيو آهي، جنهن کان محترمه سطانه وقاصيءَ جو مجموعي نثر ۽ خاص طور هي ڪتاب ”پنهوارن پاٻوهيو“ ڪوهين ڏور آهي، اهڙي حاصلات ادب ۾ ماڻڻ هر لکندڙ جي نصيب ۾ نه هوندي آهي. شرط اهو به آهي ته جڏهن ڪو به پورهيو ڀٽائيءَ جي لفظن ۾، من ۾ محبت رکي ڪجي ٿو ته پوءِ اهو اڻ توريو اگهائجي ٿو وڃي، ان ڪري پنهنجي هر ڪم ڏانهن نيڪ خواهش بنهه ضروري آهي. ان سموري عمل ۾ مُهم جوئيءَ جي ڪا به گنجائش نه آهي، جيڪا محترمه سلطانہ وقاصيءَ جي ڪڏهن به ويجهو نه آئي آهي، اهڙي ثابتي سندس سنڌي ادب جي ڪيل رستي وارو سفر ڏئي رهيو آهي، جيڪو هن هڪ ايماندار اديب طور ڪيو آهي ۽ اڃا سندس اهو سفر جاري آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ ويهه خاڪا آهن جن مان پهريون خاڪو سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ تي ۽ آخري اسان جي گهڻ رُخي لکندڙ هدايت بلوچ صاحب تي آهي، وچ وارا ارڙهن خاڪا سنڌ جي انهن شخصن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي آهن جيڪي سچ پچ نئين سنڌ جي اڏڻ واري سفرجا مسافر رهيا. پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري، هڪ سئو ٽيويهن صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جو مُهاڳُ/اَمهاڳُ/تاثر/ رايو ليکڪا سڀ پنهنجي پاران لکيو آهي، اهڙي ڪنهن به بار کان آجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب لکيو آهي. ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ ان جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي.
**

(نئين آس مئگزين ڪراچي فيبروري/مارچ 2020ع)

پيار جي کاڻ: تنوير جوڻيجو

اڪرم سلطانہ وقاصي جو نالو ڪو مون لاءِ نئون نه هئو. ادب ۽ سياست سان دلچسپيءَ هئڻ سبب، دادوءَ ۾ رهائش دوران سڀني قومپرست ايڪٽو ۽ ليکاري عورتن سان ون سائيڊ شناسائي رهي. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان قومي جدوجهد ۾ مصروف هيون. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان پوءِ ٻاهتر ۽ ٽيهتر ڌاري انهن سڀني نامور عورتن کي نه رڳو روبرو ڏسڻ جو موقعو مليو پر انهن سان ميل ملاقات جو سلسلو به جڙيو. ستر واري ڏهاڪي سنڌي ادب ۾ ليکڪائن جو وڏو انگ اسريو. جيڪو اڳتي هلي محبتن جي ڏور ۾ هڪ ڪُٽنب بڻيو ۽ اڄ سوڌو پيار جي انهيءَ ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل آهي.
اڪرم سلطانہ سان روبرو ملاقات به اُن دور ۾ رهي ۽ اڄ سوڌو محبت جو اهو سلسلو قائم ۽ دائم آهي. اڪرم سلطانہ ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ دانشور خاتون ، عينڪ جي ٿلهن شيشن سبب هڪ رعب دار شخصيت، ڳالهائڻ ۾ مڻيادار ۽ قربائتي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار ڪندڙ، طبيعت ۾ بي حد جذباتي، آئوٽ اسپوڪن، سچي ۽ کري منافقي ۽ ڏيکاءُ کان سئو ڪوهه پري. سنڌ تي ڪو ڏکيو معاملو يا مهل آئي ته هيءَ ”جيتامڙي“ شينهن ٿي بيهندي ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪندي. ستر واري ڏهاڪي دوران هڪ طرف لساني جهيڙا ٿيا ٻئي طرف سنڌي نوجوانن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ايندڙ ٻوڏ ۾ ماروئڙن لاءِ خدمتون انهن سڀني سرگرمين ۾ اڪرم پيش پيش رهي. پوءِ اوچتو اڪرم جون تحريرون اچڻ غائب ٿي ويون پر اڪرم سان ملاقاتن ۽ ٽيليفون تي ڪچهريون جو سلسلو جاري رهيو، سرتين جي اُن دور واري سٿ ۾ منهنجي نسيم نوراني، اڪرم سلطانہ، ۽ خير النساءَ جعفري سان وڌيڪ دلي ويجهڙائي رهي.
اوچتو سنڌي ادب جي ميدان ۾ نثري نظمن جي حوالي سان سلطانہ وقاصي نالي شاعره جو ظهور ٿيو. جنهن جي شاعري نهايت بلاڪ باسٽر ۽ ڌماڪي دار هئي.سڀني کي ڏاڍو تجسس هئو ته هي خاتون ڪير آهي؟ پوءِ آخر راز کليو ته سلطانہ ڪا آسماني مخلوق نه پر سنڌ ڌرتيءَ جي ڌيءَ اسان جي پنهنجي اڪرم سلطانہ آهي ۽ پنهنجي خوبصورت تحريرن باعث سلطانہ وقاصيءَ کي نثري نظمن جي ”باني“ شاعر قرار ڏنو ويو آهي.
انهيءَ کان پوءِ اڪرم سلطانہ جي زندگيءَ جو ٻيو فيز آيو. اڪرم حيدرآباد ڇڏي ڪراچي وسائي. زندگي هن جي جهُول ۾ جتي بي پناهه خوشيون وڌيون اُتي ڏُک ۽ ڏولاوا به وڌا. پر هاڻ قُدرت واري هن لاءِ نهايت اعليٰ درجي وارو رتبو متعين ڪيو ”ماءُ“ جنهن جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. هڪ بهترين ماءُ، جنهن ٻچن جي بهترين پرورش ڪئي ۽ ٻچن کي اعليٰ مقام ڏياريو ۽ ٻئي طرف ٻچن جي پيءَ لاءِ به احترام جو جذبو، جيڪو سندس اعليٰ ظرف جي نشاندهي ڪري ٿو.
فن ۽ فڪر جي حوالي سان جيڪڏهن اڪرم جي شخصيت جو جائزو وٺبو ته گهڻائي رُخ آڏو نظر ايندا. هوءَ هڪ سچي جاکوڙي عورت هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، هڪ اعليٰ پائي جي شاعر ۽ سماجي مسئلن کي باريڪ بيني سان ڏسندڙ هڪ ڪالم نگار/صحافي عورت آهي. بحيثيت هڪ ايڪٽوسٽ سندس اهو ڪردار نوجوانيءَ کان نظر اچي ٿو. جذباتيت، دردمندي، بهادري ۽ عمل جا جذبا جهڙوڪ هن ۾ ڄائي ڄم کان آهن.
جڏهن ون يونٽ دوران بوليءَ تي وار ٿيو ته سنڌي بوليءَ جي بقا لاءِ اڪرم به ميدان تي نڪتي.
سنڌ ۾ ٻوڏ اچي يا سوڪ اڪرم ڪيمپن تي وڃي ماڻهن جي سار سنڀال لَهڻ ۾ به اڳري ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ دوستي ۽ واقفيت پيدا ڪرڻ ۾ به اڪرم جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. ڪراچيءَ جي عورت تنظيمن ۾ به اڪرم اهو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن ميمبر ته ڪڏهن عهديدار جي حيثيت ۾.
اڪرم سلطانہ وقاصي جو پهريون عشق سنڌ ڌرتيءَ سان رهيو/آهي ۽ ٻيو عشق عورت جي احساسن ۽ مجبوريءَ سان رهيو ۽ انهيءَ جو اظهار پنهنجي تحريرن ۾ به ڪيو” دونهاٽيل درشن“ سندس خوبصورت نثري نظمن جو خوبصورت ڳٽڪو، جيڪو 1984ع ۾ پڌرو ٿيو. ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”سوال“ جيڪو 2016ع ۾ شايع ٿيو. سلطانہ جي شاعريءَ ۾ احساسن ۽ جذبن جو غير روايتي اظهار آهي. اسٽائيل ۽ اسلوب نهايت منفرد ۽ دل کي ڇُهندڙ آهي. موضوعن ۾ رنگا رنگي ۽ ڏک واريون ڪيفيتون آهن. سماج ۾ ٿيندڙ المين جتي سندس ذهن کي جنجوڙيو آهي، اُتي قلم کي به روئاريو آهي.
اڪرم سلطانہ وقاصي هڪ سجاڳ، باصلاحيت بهادر صحافي/ڪالم نگار پڻ آهي. ۽ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ عوامي آواز ۾ شايع ٿيل ٻه مجموعا آهن. نوي واري ڏهاڪي جي سموري سياسي سماجي صورتِ حال اُنهن ڪتابن ۾ تاريخ سان گڏو گڏ بيان ڪيل آهي. هي ٻئي ڪتاب سنڌي جي جديد اڀياس لاءِ رفرنس بڪس آهن ۽ رفرنس بُڪ جي عمر نهايت وسيع هوندي آهي ۽ انهن ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سوچيان ٿي ته ڪاش اهي ڪتاب اڳ ۾ شايع ٿيل هجن ها ته منهنجي تحقيقي اڀياس ۾ به ڪم اچن ها.
۽ هاڻي ذڪر سلطانہ وقاصيءَ جي ڪهاڻين جو! اڪرم جي ڪهاڻين جو مجموعو ”جانور“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. قلم جي دنيا ۾ اڪرم جو پهريون حوالو ڪهاڻي آهي. ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ اڪرم جون ڪهاڻيون منظر عام تي آيون ۽ اڪرم سلطانہ جي نالي سان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون.
اڪرم سلطانہ، سلطانہ وقاصي ڇو بڻي، ان جو ذڪر هن پنهنجي ڪهاڻي ”عشق جا روپ هزار“ ۾ ڪيو آهي. عشق انسان جي فطرت ۾ آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو اوچتو حملو ڪندو آهي. عشق ڪرڻ کان پوءِ ڪن کي هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت نظر ايندي آهي.
اڪرم سلطانہ جا ڪردار حقيقي آهن، جيڪي سندس چوڌاري رهندڙ آهن جن کي هن هڪ طرف مشاهدي ۽ ٻئي طرف تحقيق جي اک سان جاچيو پرکيو ۽ ڏٺو آهي ۽ ڪردارن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته نهايت رنگا رنگي نظر ايندي بزرگ، جوان، عورتون، ڇوڪريون، ٻار وغيره.
ڪهاڻي ”جانور“ جو مرڪزي ڪردار ”سومر“ هڪ ٻار آهي، جيڪو گهر جي اڻ وڻندڙ حالتن سبب نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. اڪثر گهرن ۾ ڪي ڪي بدقسمت ٻار به هوندا آهن جن کي مائٽن پاران محبت ۽ پيار بدران ڌڙڪا ۽ دهمان ملندا آهن. ”سومر ذليل سومر واترادو بيغرت سومر سو اصل ۾ ڇا آهي؟ ڪنهن به اُن جي اندر ۾ جهاتي ڪا نه پاتي آهي. ڪنهن به اُن جي ڏُکن ۽ ڳوڙهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.
کيس خدا به عرش کان ايئن زمين تي اُڇليو آهي جيئن هڪ بال هر ڪنهن جي هٿن ۾ نچندو ٽپندو رهندو آهي.... وجود جي اهڙن ڌڪن ٿاٻن ۾ سومر پاڻ کي هڪ انسان نه پر جانور سمجهندو هو. يا شايد جانور کان به بدتر!
اڪرم جي ڪهاڻين جو اسلوب بيانيه انداز به خوبصورت آهي. ”رت ۾ ٻڏل پوپريون“ ڪاريون ڪري ماريل نوجوان نينگرين جو دردناڪ داستان آهي، دل تي اثر ڪندڙ ڪهاڻي اڪرم جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
”مان ڪائنات جا سڀ قانون ٽوڙي انهن کي غسل ڏيئي ڪفن پهرائي، ڪائنات جون سڀ محبتون گلن وانگر اُنهن مٿان وِجهي شهادت جو ڳاڙهو وڳو پهرائي مان اِهو سوچي اُنهن کي قبر داخل ڪيان پئي. اهو سڀ منهنجي سوچ جو عمل آهي. ڇو ته بي ڏوهي ۽ شهيدن لاءِ نه ڪفن جي نه نماز جي ۽ نه وري قبر جي ضرورت هوندي آهي.“
اڪرم جي ڪهاڻين ۾ لفظن جي ڀرمار ۽ اجائي ڊيگهه ويڪر ناهي، سادي ٻولي، سادو انداز، ڪا بوريت ناهي. ڪهاڻي پڙهي ڪهاڻيءَ جو نياپو به هڪدم ذهن ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ هر ڪهاڻيءَ جو موضوع به مختلف ان ڪري پڙهندڙ يڪسانيت جو به شڪار نه ٿو ٿئي. پڇاڙيءَ ۾ اڪرم سلطانہ وقاصيءَ لاءِ کوڙ دعائون ته شال سندس قلم جي رواني قائم ۽ دائم رهي ۽ وڌ کان وڌ ڪتاب ڇپرائيندي رهي.

سلطانہ جا ڪالم: درد جي ڪهاڻي: ڊاڪٽر فهميدہ حسين

سلطانہ وقاصيءَ سان منهنجا ڪيترائي سڱ آهن. ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي نئين سجاڳيءَ ۾ سنڌي عورت کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهن جي ڏس ۾ هلايل تحريڪ ۾ جن سنڌي ليکڪائن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اُنهن ۾ سلطانہ به هئي. هن سان منهنجو پهريون ڀيرو تعارف سندس لکڻين ذريعي ٿيو. جيڪي ملير ڊائجيسٽ ۽ سهڻي رسالي کان سواءِ هلال پاڪستان اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ نالي صفحي ۾ ڇپجنديون هيون جن ۾ هوءَ سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي اٽوٽ رشتي جو اظهار جذبي جي انتهائي حد تائين ڪندي هئي. انهن رسالن ۽ صفحن ۾ سندس لکيل ڪيترائي خط ۽ تاثر اڄ تاريخ جو حصو آهن. جيڪي سندس جذبي جي سچائي جي ساک ڏين ٿا. سندس ٻي سڃاڻپ سندس نثري نظم هئا. جن جو پنهنجو انداز ۽ ڊڪشن هو. جن ۾ پڻ هوءَ جذباتي حد تائين سچائي جو پرتوو پسائيندي هُئي. منهنجي لاءِ سندس ٻي سڃاڻپ هئي. منهنجي ننڍي ڀيڻ انيس جي ساڻس دوستي- سلطانہ سان منهنجي پهرين باقائدي ملاقات هڪ تاريخي حوالو رکي ٿي. سگهڙين سٿ ۽ پوءِ سوجهري رسالي ۾ مون هڪڙو انٽرويوئن جو سلسلو جاري ڪيو هو. جنهن ۾ سنڌ ۾ جنهن به شعبي ۾ ڪنهن عورت ڪو به وڏو ڪم ڪيو هو. اُن سان رهاڻ ڪري سندس زندگيءَ جي حالتن تجربن سندس پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن کي منهن ڏيڻ واري حوصلي جي پذيرائيءَ ڪرڻ ضروري هو. جنهن سان ٻين عورتن کي اتساهه جو مقصد رکيل هوندو هو. سنڌي ادب جي خاتون اول اسان جي پنهنجي ثميره زرين جو ڏس مون کي سلطانہ ذريعي مليو. جيڪا حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ سلطانہ جي پاڙي ۾ سندن گهر جي ويجهو ئي رهندي هُئي. سلطانہ مون کي انيس کي پنهنجي گهر دعوت ڏئي گهرايو ۽ اُتان پوءِ اسين گڏجي ثميره زرين جي گهر سندس انٽرويو وٺڻ ويون سين، ثميره زرين جو اهو پهريون انٽرويو هو. جنهن ۾ هن پاڻ کي پڌرو ڪيو هو ۽ پنهنجي ذات ۽ خاندان بابت انڪشاف ڪيا هئا ته ڪيئن هوءَ شڪارپور جي هڪ پرديدار روايتي خاندان جي ڇوڪري سڪينه اعواڻ مان ثميره زرين بڻي- سلطانہ سان ملڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته سندس اصل نالو اڪرم سلطانہ آهي. سندس تعلق به ٽنڊي آدم جي هڪ روايتي پرديدار خاندان سان هو. پر جڏهن ته سندس ناناڻي پاسي سندس ناني مرحوم علاما علي خان ابڙي جهڙي عالم ۽ اُن جي فرزند ۽ سلطانہ جي مامي جمال ابڙي جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي يڪتا ڪهاڻيڪار جون شخصيتون سندس سڃاڻپ ۽ علمي ادبي ورثي طور موجود هيون. ان ڪري مشڪلاتون هوندي به هن کي ادبي قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ جو اتساهه مليو هو. علامه علي خان ابڙو منهنجي بابا جو استاد هو ۽ جمال ابڙو ادا سراج جو دوست ۽ سلطانہ وري انيس جي دوست ۽ همڪلاسي- سلسلو ڳنڊجي پيو پر اڃان دوستي جو رشتو ڪونه ڳنڍيو هو. پوءِ جڏهن شاديءَ کان پوءِ سلطانہ ڪراچيءَ شفٽ ٿي تڏهن هڪ طرف اسان جون ملاقاتون ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي گڏجاڻين ۾ ٿيڻ لڳيون ته ٻئي طرف ٻارن جي اسڪول ۾ ملندا هئاسين. جتي سلطانہ جي ڌيءَ روماسا ۽ منهنجي ڌيءَ ارونا همڪلاسي ۽ دوست هيون. سلطانہ پاڻ به سينيٽ جوزف ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار هئي. ۽ آئون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ هئس. ڪراچيءَ جا فاصلا وڏا آهن تنهن ڪري اسين گهڻو ڪري ملڻ کان وڌيڪ فون تي روزانو ڪچهري ڪنديون هيون سين ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پڪي دوستي ڀيڻپي جو ناتو ڳنڍجي ويو. ايتري قدر جو اسان جي ٻارن کي اسڪول ۾ ”ڪزن“ سمجهيو ويندو هو ۽ آهي.
نوري جي ڏهاڪي ۾ ”جاڳو“ اخبار شروع ٿي ته مون ان ۾ هفتيوار ڪالم لکن شروع ڪيا. ساڳئي دور ۾ سلطانہ ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جو صفحو سنڀالڻ شروع ڪيو. جڏهن مرحوم ف-م لاشاريءَ جو هڪ حادثي ۾ دکدائڪ نموني وفات ٿي ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ جاڳو به بند ٿي وئي. ان دور ۾ مون به ”عوامي آواز“ ۾ هفتيوار ڪالم ”منهنجون سوچون“ جي نالي سان شروع ڪيا. اهڙيءَ ريت صحافتي دنيا ۾ ڪراچيءَ ۾ اسان جو هڪڙو ٻيو سڱ شروع ٿيو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ مون ڪراچيءَ جي ڊفينس علائقي ۾ ۽ سلطانہ به ڪلفٽن ۾ رهائش اختيار ڪئي ته پوءِ ويجهو رهڻ سبب هر ادبي، علمي ۽ سياسي تقريب ۾ اسين گڏجي وڃڻ لڳيون سين. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مرحوم ارشاد قمر جي عورتن جي تنظيم ”مارئي فورم“ مرحومه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي تنظيم ”اسوا“ مرحومه رشيده عبدالله شاهه جي تنظيم ”سرتين سٿ“ ۽ سنڌ ڌگريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) وغيره جي مختلف گڏجاڻين ۾ وڃبو هو. جن سڀني جو گهڻو ڪري ميمر خواتين ساڳيون هيون ته مقصد به ساڳيا هئا. انهن تنظيمن ۾ سلطانہ تمام گهڻي فعال هوندي هئي ۽ ڪن ۾ عهديدار به هُئي. جڏهن ته آئون صرف ميمبر طور شرڪت ڪندي هُيس.پوءِ ايئن ٿيو جو محترم ڊاڪٽر سُليمان شيخ ۽ مرحوم مظهر ميمڻ جي صلاح ۽ مشوري سان انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ تنظيم طور سگا خواتين شاخ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن جو پهرين صدر مرحومه رشيده عبدالله شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري آئون ٿيس. جڏهن ته انفارميشن سيڪريٽري سلطانہ وقاصي بڻي- اهڙي ريت اسان جو هڪڙو نئون تعلق جڙيو. مطلب ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم طرفان ٿيندڙ امدادي سهڪار تقريب يا علمي ادبي گڏجاڻيءَ، سيمينار، ڪانفرنس ۾ اسان جي موجودگي لازمي هئي ۽ ڪابه سرگرمي اهڙي ڪانه هئي جتي اسين ٻئي گڏنه هجون. بعد واري دور ۾ اسان جي دوستي ڀيڻ انيس گهانگهرو سان ٿي جيڪا پڻ اسان سان گڏ هوندي هئي. اسان گڏجي انهن تنظيمن جي پليٽ فارم تان گهڻو ئي ڪم ڪيو ۽ سنڌي عورت جي ڀلائيءَ ۽ سجاڳيءَ لاءِ علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو.
سلطانہ جي قلمي پورهيي جو ذڪر نڪتو آهي ته ان ۾ سڀ کان اول سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ ڇپيو. هاڻي سندس ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪالمن جو ڪتاب به جلد ڇپجي رهيو اهي. چوندا آهن ته اخباري ڪالم يا مضمون ۽ فيچر وغيره جي حياتي صرف هڪ ڏينهن جي هوندي آهي. ان کي جيڪڏهن اخبار ۾ ئي ڇڏي ڏجي ته پڙهندڙ جلد وساري ڇڏيندا آهن. اخبار ۾ ڇپيل سموري ادب لاءِ ايئن چئي سگهجي ٿو. مون 1972ع کان 1979ع تائين ستن سالن ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سگهڙين سٿ جي انچارج طور هفتيوار ڪالم کان سواءِ سوين ليک لکي ڇاپيا هوندا جن ۾ انٽرويو، فيچر، تاثر، شاعري، ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته هزارين صفحن تي مشتمل هوندا، پر اڄ خود مون وٽ انهن جو ڪو رڪارڊ ڪونهي. ساڳيءَ طرح جاڳو ۽ عوامي آواز جا ڪالم پڻ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن جن جو ڪو حساب ڪونهي. اڄ جي نسل کي ته شايد ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر ڪانهي. اهائي ساڳئي ڳالهه محسوس ڪندي سلطانہ اهو چڱو فيصلو ڪندي پنهنجا ڪئي سالن جا ڪالم سهيڙي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس چواڻي هوءَ پاڻ به اهو ڏسي حيران رهجي وئي ته انهن جو تعداد ايترو هو جو هڪ جو هڪ نه پر ڪيترائي ڪتاب سهيڙي تيار ڪري سگهجن ٿا.
سلطانہ وقاصي سنڌي ڪالم نگارن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي هن جا دل جي خلوص ۽ جذبن جي سچائيءَ سان لکيل ڪالم پڙهندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول رهيا آهن، انهن ڪالمن جي وڏي خوبي انهن ۾ موجود سنڌ امڙ جي لاءِ دل جو درد آهي جيڪو هوءَ ڪڏهن ڪاوڙ جي صورت ۾ ڪڏهن طنز (Satire) جي صورت ۾ ته ڪڏهن سڌو سنئون سچ جي صورت ۾ تکي تلوار وانگر وهائي ٿي ڪڍي. هوءَ هڪ اهڙي پُل صراط ي بيٺل ٿي ڀائنجي جنهن تي ثابت قدم رهڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ڪالم جو نالو هجي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جيڪي جڏهن وڌي وڻ ٿيون ٿين ته پوءِ اهي پَر ۽ پِر پروان ۽ پنهنجن اڳيان کولي رکڻيون ٿيون پون ته جيئن سنڌ جي سورن جو ڪو تدارڪ ٿئي ۽ ان مان جيڪي پنهنجا هجن اُهي گڏجي پون ۽ گهٽ ۾ گهٽ اُهي ته ڪا موٽ ڏين. اُهي ته ڪا جنگ جوٽين!
سلطانہ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ڪراچي سنڌ جو سينگار، سنڌ جي مارئي، ڪراچي مورڙي جو ماڳ سان جڙيل آهن. محبتن جو خون ٿيل آهي ۽ صحبتون هڙتالن ۽ هنگامن جي ور چڙهيل آهن. اهو درد هڪ حساس دل لاءِ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي. سلطانہ جا ڪراچيءَ جي ماحول، حالتن ۽ مسئلن جي پس منظر ۾ سنڌين جي صورت حال ۽ بيوسيءَ بابت لکيل ڪالم هڪ طرح سان سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۾ آيل وارداتون آهن جن کي آزاد ڪرائيندي جيڪو هر وقت ”آدم بو آدم بو“ ڪندو ٿو وتي. سنڌ جي هن سينگار ۽ ڪنوار ڪراچيءَ جي ماڳ کي اُجڙيندڙ مافيائن ڪنهن راڪاس وانگر ان جو گلو گهٽيندي ان کي رت ۾ وهنجارڻ جي جيڪا روايت وڌي آهي سلطانہ پنهنجي ڪالمن ۾ ان جو نوحو پڙهندي ٿي ڏسجي. سندس مخاطب سنڌي اديب به آهن. نوجوان شاگرد به آهن. ته عام ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪندڙ، معمولي نوڪريون ڪندڙ ملام به آهن، اهي ئي ته اصل سنڌ جا وارث آهن. جن جي زندگين تي ڪراچيءَ جي حالتن جو اثر پوي ٿو، وڏيرا مير ، پير ۽ امير حالتن خراب ٿيڻ تي ڳوٺ ڀڄندا يا وري دبئي، آمريڪا، لنڊن- انهن جو ڪهڙو ڪراچيءَ سان جذباتي رشتو هوندو. هو ڪهڙو هتان جا مستقل رهندڙ آهن، جو مهل اچڻ تي بيهي مار کائيندا يا مقابلو ڪندا. ڪراچيءَ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو نڌڻڪو آهي ان جا احساس اصل ماري ٿي وجهن. سلطانہ انهن لاءِ به سوچي ۽ لوچي ٿي.
سلطانہ جي ڪالمن کي آئون ته ان درد جي دانهن چوندس، جيڪو سندس دل کي گهايل ڪري ٿي ڇڏي. ۽ هوءَ بي اختيار قلم کڻي ڪاغذ تي اها دانهن تحرير ڪري ٿي.
منهنجي دعا آهي ته سلطانہ جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو هوءَ پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيندڙ ڳالهين کي پنهنجي حوصلي ۽ همت سان ايئن ئي ڪندي رهي. سندس درد جي دانهن من ڪڏهن قبول پئجي وڃي.

سلطانہ وقاصي: سنڌي ادب جي سلطانہ: تاج بلوچ

هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ مرداڻي ۽ زناني دٻي لاءِ چٽيون، پٽيون ڳالهيون شروع ٿي چڪيون هيون، هينئر خواتين اديبائن ۾ مهتاب محبوب، ثميره زرين، خيرالنساءَ جعفري، شمس سرڪي، فهميده ميمڻ، نورالهديٰ شاهه عربي، سلطانہ وقاصي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جن جا نالا هن وقت ذهن تي نه ٿا اچن. اديب لاءِ دٻن واري تفريق کي مٽائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏنو.
1969-70ع ۾ دادا، دولت مهتاڻيءَ جڏهن ”سوجهرو“ جاري ڪرن جو اعلان ڪيو، پوءِ ته ڀير تي ڏوڪو لڳو ۽ ڪيتريون اسان جون ڀرجهل نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت خواتين، نرگس هودڀائي، زهرا انصاري، شيرين فاروقي ۽ زرين شورو پڪي پهه ۽ ڏاڍي برجستائيءَ سان ادب، ثقافت، ٻارن جي نفسيات ۽ ٻين موضوعن تي، ڪچي مال جي فراهمي ۾ اداري جو ساٿ ڏنو ۽ پهرين دور جي ”سوجهرو“ جو رنگ روپ سنڌي عورتن جي پرچي جي سڃاڻپ طور نکري پيو ۽ انهيءَ لهر ۾ مرداڻي ۽ زناني ”دٻن“ واري روايت کي وڏي شڪست آئي ۽ قافلو اڳتي هلي پيو. ۽ ادبي ۽ ثقافتي محاذن تان ترقي پسند اديبن ۽ اديبائن جي گڏيل هلچل کي هٿي ملي.
”سوجهرو“ جي پسمنظر ۾ ويٺل مردن لاءِ مسئلا به کوڙ پيدا ٿيا، پر سحپ رواداريءَ ۽ شائستگي سان قافلي کي روان دوان رکيو ويو، انهيءَ قافلي کي ڀينرن جو مثالي ۽ يادگار ڪردار آهي، انهن”پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين“ ۽ اڪرم سلطانہ وقاصي جيڪا، سلطانہ وقاصيءَ جي نالي سان لکندي هئي، بهادري ۽ ڄاڻ واري باوقار ماحول کي جنم ڏنو.
فهميده حسين ته هڙان وڙان نه رڳو سوجهرو، سگهڙين سٿ ذريعي پر مختلف محاذن تان سنڌي نياڻين جي ادب ۽ صحافت ۾ داخلا لاءِ لاٽ واٽ جو ڪم ڪيو. ۽ مرد اديبن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلي.
سنڌي ادب انهي دور ۾ فڪشن خواهه شاعريءَ ۾ پراڻي ۽ روايتي گهاڙيٽن جي بدران پرڏيهي ادب جي مطالعي جي اتساهه مان نيون امنگون حاصل ڪري سنڌي زبان جي برجستائي ۽ نواڻ ڏيئي رهيو هو.
اُن ڏس م سينيئر خواتين مان ادي شمس نورالدين سرڪي، نسيم ٿيٻو، مهتاب محبوب، خيرالنساءَ جعفري، مهر زرين بلوچ ۽ ٻين بيشمار ڇوڪرين ادب ۾ نوان تجربا ڪيا.
سنڌي شاعريءَ جيڪا دُٻي جو بيٺل پاڻي بڻجي چُڪي هُئي، ان ۾ نوجوان مرد قلمڪارن سان گڏجي جن ڀيڻن نئين ساهس سان تجربا ڪيا، تن م ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جو مٿاهون نالو آهي، انقلاب فرانس کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪي نواڻ ۽ شگفتگي جي لهر آئي هُئي. ان لهر کي ميڊيا تي قابض رجعت پسند ٽولن روڪڻ ۽ دٻائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي قسم جي رڪاوٽ ئي انقلابي فڪر کي اڳتي اُڀاريو. شيخ اياز اُن دور ۾ اسان نوجوانن لاءِ دنگئي پٿر جي حيثيت ولاري چڪو هو. ۽ ترقي پسند عورت خواهه مرد ليکڪن جي گهڻائي اياز جي ”دائره اثر ۾ هُئي، ان ڪري سردار علي شاهه حافظ، اوحدي ڪوثر لغاري، ابراهيم خليل، رشيد لاشاري، ۽ انهيءَ قبيلي جي ماڻهن گڏجي سڏجي مُڏا ڪات کڻي شيخ اياز پويان پيا. جيتوڻيڪ شيخ اياز ۾ شخصي ۽ سياسي طور تي وڏا تضاد به ٿيا ۽ هن ٿورڙيون گهڻيون جيڪي تڪليفون ڏٺيون سي پنهنجي انهيءَ شاعري ۽ گفتگو جي ڪري جيڪا بعد ۾ کيس به نه وڻندي هئي پر اسٽيبلشمنٽ، رجعت پسندن جي باهوڙ کي بهانو بڻائي اياز مرحوم جهڙي معصوم ماڻهو ڏنج ڏنا.
مون سلطانہ جي ڳالهه پئي پر ڳالهه وڃي شيخ اياز تي پهتي جيڪو ادب ۽ شعر ۾ اسان لاءِ فڪري سرچشمو هو. انهيءَ ادبي ۽ علمي سرچشمي جي لهر مان گهڻن ئي فيض پرايو ۽ شعر ۽ ڪهاڻيءَ ۾ تجربا ڪيا. پر سلطانہ وقاصيءَ جو نالو انهيءَ ڪري اهم آهي، جو هن شاعريءَ جي مروج گهاڙيٽن کان هٽي ڪري ”نثري نظم“ جو رواج وڌو، جيڪو ان کان اڳ اسان وٽ تخليقي مسلح تي موجود ئي نه هو. اُن ڪري سنڌ ۾ هوءَ نثري نظم جي باني پهرين شاعره آهي.
سواءِ لعل چند امر ڏنو مل جي ”سدا گلاب“ جو تخليقي ترجمو هو. ۽ سچ ته تخليقي ترجمو هو. جڏهن ڪتاب ۾ نه ڄاڻايل هجي ها ته ”سدا گلاب ترجمو آهي“ ته هوند ڪوبه ويساهه نه ڪري ها.
سو ”سدا گلاب“ کان پوءِ سنڌي شاعري ۾ تخليقي سگهه سان نثري نظم جو بنياد سلطانہ وقاصيءَ جو وڏو ڪارنامو آهي.
هن وقت جيتوڻيڪ منهنجي آڏو نه سندس نثر نظمن جو شايع ٿيل ڪتاب موجود آهي ۽ نه ئي اڳوڻي ”سوجهرو“ جا فائيل!َ جنهن ۾ سلطانہ کان مسلسل شايع ٿيندي رهندي هئي. نه آئون ضرور مثال ڏيان ها.
مان ايئن مول نه چوندس ته سلطانہ ڪا غير معمولي شاعري ڪمپوز ڪئي پر هن تخليقي سگهه سان انهيءَ گهاڙيٽي کي هنڊايو ۽ اُها ڪوشش ڪئي ته سماجي اُٿل پُٿل، ناهمواري ۽ ڀرمار طبقن جي خلاف پوري توانائي ۽ رڌم سان جنگ جو سگهرام کوليو. ڏُک آهي ته اسان جي برجستي دلير ۽ مردن جهڙي مرد ڀيڻ سلطانہ وقاصي الاءِ ڇو چُپ آهي. مان سمجهان ٿو مرداڻي سماج ۾ ڪنهن اڪيلي ۽ ٻچڙيوال عورت جو جياپو ڪيڏو مشڪل هوندو پر شابس آهي سلطانہ کي جو شاعريءَ جي قرباني ڏئي پاڻ ۽ پنهنجن معصوم ٻچڙن کي بچائي ورتو. سندس سالگرهه تي ڪجهه آڏو ابتيون سبتيون سٽون سندس نظر ڪيان ٿو.

دونهاٽيل درشن کان پهرين: نورالهديٰ شاهه

ساهت ڪانفرنس 1981ع ۾ عورتن واري نشست هلندي، اوچتو سلطان سرگوشي ۾ مون کي چيو هو، ”هُديٰ مون ٻيو جنم ورتو آهي. مون کي مبارڪ ڏي“ ان کان پوءِ هيل تائين آءٌ سوچيندي رهي آهيان ته سنڌي انٽيليڪچوئل عورت نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا پُنر جنم وٺي ٿي. ۽ ڪيترا ڀيرا ٻين جي هٿن مان مارائي وڃي ٿي. ۽ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا آپگهات ڪري مري ٿي!؟ سنڌيءَ جي مڙني ليکڪائن جون رچنائون سلطانہ جون هي ڪوتائون انهيءَ هڪڙي پيڙاجي سوال جي چوڌاري ڦرن ٿيون، سلطانہ سان منهنجي دوستي 1972ع کان هيل تائين جي عرصي ۾ ڦهليل آهي، ۽ ايڏي ڊگهي عرصي ۾ مون هن جا انيڪ روپ ڏٺا ۽ محسوس ڪيا آهن. مون چاهيو به هو ته آءٌ انهن مڙني روپن، وارتائن ۽ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي باري م لکان. جيڪي سلطانہ کي هڪ سنڌي ليکڪ جي حوالي سان آهن. پر سنڌي سماج ۾ هڪ تنها عورت جو پيڇو ڪندڙ اُڀين آڱرين جي جلوس جي ڊپ کان، اُن ڊپ کان به ته سنڌي عورت اڃان سگهه جي انهيءَ انتها تي ناهي پهتي، جتي هن جي دل دماغ ”لوڪ“ جي ڊپ کان آجا ٿي وڃن. مون چاهيندي به اُهو ڪجهه ناهي لکيو ايترو ضرور ٻڌائيندس سلطانہ ذاتي ڀيڙاءَ، انيڪ سالن تائين سندس دل، دماغ کي اڏوهي جيان کائيندڙ ( Inferiority Complex) حالتن ۽ انهن حالتن سان وابسطه ماڻهن هٿان پهتل ذهني ايذاءُ شخستن جي ڊگهي سڙڪ تان لنگهي اچن کان پوءِ ۽ انهيءَ دوران هي ڪوتائون سرجيون آهن، سندس شروع واريون گهڻي ڀاڱي ڪوتائون مون 1972-73ع ۾ ذاتي ملاقاتن ۾ ئي پڙهيون ۽ ٻڌيون هيون، انهن ئي ڏينهن کان لڱان هن مون کي چيو هو، منهنجي اندر ۾ ايتريون ڳالهيون آهن هُديٰ جيڪي پاڻ ئي پان نظم بڻجيو ٿو وڃن، سندس چيل انهيءَ ڳالهه جي بيڪ گرائونڊ ۾ جيڪڏهن سندس ڪوتائن جي پرک ڪجي ته هو بنا ڪنهن شعوري ڪوشش جي پنهنجي هر ڪوتا ۾ پنهنجي پاڻ سچي لاڳاپيل نظر اچي ٿي. سلطانہ نفرتن ۽ محبت جي معاملي ۾ بنهه انتهاپسند آهي ۽ سندس انيڪ ڪوتائن منجهه انهيءَ جو احساس ملي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي سندس ڪوتائون پڙهندي ساڻس لاڳاپيل ڪيترا دُک، حالتون، وارتائون ۽ ساروڻيون ياد اچن ٿيون. پنر جنم کان پوءِ هوءَ لاڳيتي انهن ڪيفيتن جو اظهار ڪري رهي آهي. جيڪي هن کي ڪراچيءَ جي سمونڊ منجهان اُٿيل تکن طوفانن مجهان ڌڪينديون ڪناري تائين وٺي آيون آهن، جن ۾ سچ پچ ته نه رڳو هن جي پنر جنم جو احساس ملي ٿو پر ان کان پوءِ لاڳيتو جيئڻ جو ساهس پن نظر اچي ٿو، سندس ڪلهن تي سدائين کان کنيل شخصيتن جو ڀاري ٽياس، وڏي جهيڙي جوٽڻ کان پوءِ هن لاهي ڦٽي ڪيو آهي. هاڻي سندس ڪُلها هلڪا آهن، پر انهن تي جيڪڏهن ڪجهه آهي به ته اُهو سندس ٻن پيارن ٻارن جو پيار آهي، جيڪو هڪڙي پاسي هن کي جيئن جو اتساهه ڏياري ٿو ٻئي پاسي جيئڻ جي انهيءَ اتساهه جي حوالي سان اسان کي اسان جي پياري ۽ ڪومل جذبن واري شاعره موٽائي ڏئي ٿي. سلطانہ نه رڳو پان کان اڳ وارين شاعرائن پر پنهنجي دور جي شاعرائن ۾ ان ڪري منفرد ۽ احساسن ۾ ڀرپور نظر اچي ٿي، جو هن وٽ شاعري چند رٽيل اصولن جو نانءُ ڪونهي ۽ نه ئي سکڻي نعري بازيءَ جو سهارو وٺي هڪ ئي سٽ کي هر ڪوتا ۾ مختلف اندازن ۾ پي ورجايو آهي. هن وٽ جيڪي ڪجهه به آهي بلڪل نئو، نڪور ۽ موهيندڙ آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ”پنهنجو“ آهي.
سلطانہ جي شاعريءَ ۾ ڪيترن جاين تي اسان کي پنهنجو پاڻ ملي ٿو، پنهنجن پيڙائن جو عڪس ملي ٿو. پنهنجين اکين جا لُڙڪ ۽ پنهنجيون اداسيون ملن ٿيون، ڇا اسان جي اندر جون ڀاونائون هڪ جهڙيون آهن!پيڙائن جا ڪارڻ جدا جدا آهن، پر انهن جو احساس هڪجهڙو آهي! شايد ان ڪري به هوءَ هن جون ڪوتائون دل جي دڳن منجهه لهي اچن ٿيون، هنن ڪوتائن ۾ اسان کي سنڌي سماج جي هاڃيڪار ورايتن سان لاڳاپيل اُها عورت به پڙهڻ ۾ محسوس ٿئي ٿي، جيڪا هڪڙي پاسي پنهنجي من منجهان اُٿندڙ ننڍڙن ننڍڙن ڪلپنائن جي دُک دائڪ پڄاڻي کي سهي ٿي ۽ ٻي پاسي باهر جي حالتن سان جهيڙيندي ٿي اچي. اسان جا برک نقاد ۽ دانشور، شخص کي ذاتي اُڌمن ۽ ڀوڳنائن جي جوالا کي هٿ تريءَ سان بند ڪرڻ تي آماده ڪري رهيا آهن. شخص جيڪڏهن ڪو مشيني جيو آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن سلطانہ وانگر باهه جي مچ مان اُگهاڙن لڱن سان لنگهي اچي ٿو ۽ تڏهن به جيڪڏهن اُن پيڙاءَ جو اظهار نه ٿو ته ڇا ههڙي شاعريءَ سرجي سگهي ٿي!؟ ٻي صورت ۾ جيڪا شاعري ملندي اُها ڪمپيوٽرائز هوندي هي شاعري جيڪا برک نقادن، دانشورن، آزاد نظم کي حرام قرار ڏيڻ وارن، برک شاعرن ۽ اديبن جي ٽانڊن جهڙي تنقيد جي بنا ڪن ڌرڻ جي پنهنجن اُنهن احساسن جو اظهار آهي.
جيڪو پاڻ مرادو نظم بڻجي لکجي ويا آهن ۽ يقينن حرام ماس جيان ناهن. انهيءَ خوشبوءَ جيان آهن، جنهن کي هٿ تريءَ سان ٻوساٽي نه ٿو سگهجي.
**

(دونهاٽيل درشن جو مهاڳ
روزاني عوامي آواز جو صفحو تخليق 20 اپريل 1996ع)

سونن هٿن واري- سلطانہ: مهتاب اڪبر راشدي

اونهو گهرو سمنڊ، عجيب دهشت جهڙو ڏيک ڏيندو. اهڙو جنهن جو ڪو ڪنارو ئي نه سُجهي، پري پري تائين ڏسو نظر ٿڪجي موٽي ايندي پر ڪنارو نه ملندو، اُن جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ کان دل پئي ڏڪندي. الاءِ ڪيترو اونهو، الاءِ ڪيترو گهرو؟ هيٺ ڪير لهي؟ ڪير منجهس جهاتي پائي. ڪناري تي بيهي ڏسو ته هڪ ٻئي پُٺيان اڻ کُٽ لهرون پيون اينديون؟ پاڻ سان واري وٽيءَ سان ڪجهه کنيون اينديون. اندر ۾ سانڍيل خزانو ڪناري تي ڇڏينديون موٽي وينديون. ڪناري تان بيهي ڏسڻ وارن کي ته بس ايترو اندازو هوندو آهي ته خالي سپيون ۽ ڪوڏ ته ڪا شئي ناهن اصل خزانو ته سمنڊ جي گهري اونهي سيني ۾ لڪل آهي پر اُن ۾ جهاتي پائي ڪير؟ ڳولهي ڪير؟ ۽ ڏسي ڪير؟ سمونڊ سيئڻ ڪو سولو ڪم ناهي، اُن لاءِ به ڪو کاهوڙي کپي. اهو به ڏٺو اٿئون ته سمنڊ جي وهشت به انهن کي ئي ٿئي ٿي، جيڪي پري کان بيهي نظارا ڪندا آهن. پر جيڪي انهن جي سيني ۾لٿا آهن سي مالا مال ٿي نڪتا آهن.ڇاڪاڻ ته اُتي ته هڪ عجيب جهان آباد آهي. حسين و جميل، رنگين، چمڪندڙ بي بها ۽ ماٺ.
سلطانہ کي ڏسندي منهنجي آڏو به اهو دهشت وارو سمنڊ سامهون تري ايندو آهي. پنهنجي قلم جي نوڪ سان ايتريون ته ڇوليون پيدا ڪندي جو پڙهڻ وارو پير نه جهلي ته هيٺان واري ايئن خاموشيءَ سان کسڪي ويندس جو خبر ئي نه پوندس. خبر تڏهن پوندي جڏهن خيال ۽ فڪر جو ڪو نئون نشتر سڌو اچي دل ۽ دماغ تي لڳندو.
سلطانہ وقاصيءَ جي قلم جي اها ئي خاصيت آهي پر سندس تاثير بلڪل جراح جي جراحي واري آهي. نشتر چڀندو تڪليف ڏيندو پر اُهو سڄو عمل مسيحائي جو ئي عمل هوندو. زخم کي ڦلوڙي ناسور کي صاف ڪري چاق چڱو ڀلو ڪرڻ جو عمل. سلطانہ ايئن ئي ڪندي آهي، گجگوڙ ڪندڙ، ڌرتيءَ سان عشق ڪندڙ، ٻوليءَ تي سر ڏيندڙ، اڙجي بيٺي ته بس اڙجي بيهي رهندي.۽ نفعي نقصان جي ڪٿ زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪيائين. ڏوراپو ته انهن کي به ڪونه ڏنائين، جيڪي کيس پُٺي ڏيئي هليا ويا. زندگيءَ جي هر منزل تي پير کوڙي ائين بيٺي جو وقت ۽ حالتن جا تيز طوفان گرم ۽ سرد هوائون. کيس هڪ پل لاءِ به نه ڌوڏي سگهيون. هوءَ نرم ۽ آرام ده هنڌ تي مٿي هيٺان وهاڻو رکي سمهڻ واري عورت ناهي بلڪه سج جي اک کُلڻ سان جاڳڻ ۽ چنڊ کي سمهاري پوءِ سمهڻ واري محنت ڪش آهي.
سوچيندڙ دماغ حساس دل ۽ حالتن کي عمل جي تناظر ۾ تورڻ واري سلطانہ ڪنهن کان ڪا به اميد ئي ڪانه رکي. جيڪو ڪجهه ڪري پاڻ ڪري ٻيو ڪير ڪنهن جي لاءِ ڀلا ڪندو به ڇا آهي...؟
تتيءَ ٿڌي ڪاهڻ واري ، ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿي ويندس پر ڪنهن سان ملي سلڻ لائق ڪنهن کي سمجهي ئي ڪونه. بس هوءَ اهڙي ئي آهي. سڀ سهڻ واري ۽ درگذر ڪرڻ واري، پر زيادتي برداشت نه ڪندي ۽ وچڙي به پوندي. دل جي بيحد امير آ. سمنڊ جي سيني وانگر خزانن سان ڀريل سندس سينو آهي. خزانن سان ٽم ٽار سندس قلم سنڌ واسين جي ڏکن ڏوجهرن لاءِ ارپيل آهي. يا وري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ دوستن جي دوست، نڀائڻ واري، ساٿ ڏيڻ واري، ۽ پنهنجي روماسا ۽ امر لاءِ ساهه گهوريندڙ امڙ، باقي جڳ کي بيشڪ خبر نه هجي پر سندس ٻچن کي هن جي پل پل جي پروڙ هوندي. جو اُهي سندس صُبح ۽ شام جا گواهه آهن. سلطانہ ڪمزور ته ڪڏهن به ڪو نه هئي. وٽس سندس دماغ ۽ قلم جي طاقت هُئي پر هاڻي ته روماسا ۽ امر جون مضبوط ٻانهون کيس نصيب آهن.هڪ ڪامياب ماءُ جنهن طوفانن مان پاڻ کي ڪڍيو آهي. سا يقينن اطمينان ۽ سرخرو هئڻ واري ڪيفيت ماڻيندي هوندي. خوشي اٿم ته هوءَ منهنجي دوست آهي سونن هٿن واري سلطانہ! هيپي برٿ ڊي ٽو يو! خوش رهه آباد رهه.

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)
**

روشنيءَ پٺيان هلندي هلندي (سائنڻ سلطانہ وقاصي جي نظمن وچان جپسي ٽريولاگ): حبيب ساجد

جيون جي ٽيپ کي جيڪڏهن روائينڊ ڪيان ته اڻويهه سو نوي جي هيڏانهن هوڏانهن سکر شهرَجي مهراڻ مرڪز واري ڪتاب گهر تان مون هڪ ڪتاب خريد ڪيو هو. اهو ڪتاب نه هو، پر منهنجي لاءِ دنيا جو اٺون عجوبو هو. هٿ جي تريءَ جيتري ويڪر ۽ سائين فتاح هاليپوي جي ٺاهيل سر ورق سان اهو ڪتاب سانئڻ سلطانہ وقاصي جي نثري نظمن جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ هو. نديم انصاري (وحيد ۽ قدير انصاري جو نانو) جي صحبت جي ڪري مان نثري نظمن کي سخت ناپسند ڪندو هيس ۽ سمجهندو هيس ته نثر نظم نه هوندو آهي ۽ ايئن ئي نظم نثر نه ٿو ٿي سگهي. مگر اهو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ هيو جنهن منهنجي ان سوچ ۽ ويزن کي اُٿلائي ڇڏيو ته نظم نثر به ٿي سگهي ٿو ته نثر به نظم ٿي سگهي ٿو. ان بعد سکر جي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سائين اياز گل جا نظم به ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ آيا..
سانئڻ !
منهنجي گهر ۾،
خدا جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي،
سواءِ تنهنجي....! (اياز گل)
خاص طور تي محبوب شخصيت پارس حميد جي نظمن ته منهنجو سڄو ويزن ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مان به نظم لکڻ لڳس. چوڻ جو مقصد ته سانئڻ سلطانہ وقاصي اُها شخصيت آهن جن مون کي ڪاميابيءَ سان نظم جي هوش وڃائيندڙ دنيا طرف موڙيو.
سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي نظمن جو ڪتاب “سوال”هن مهل منهنجي آڏو آهي، ۽ مان جيئن، جيئن ان ڪتاب جي نظمن جي جهان ۾ پيهجندو وڃان ٿو ته مون کان منهنجي ئي سڌُ ٻڌُ گم ٿيندي ٿي وڃي. ڪافيءَ جو ڪپ عابده رکي ويئي هئي پر مون کي خبر ئي نه پئي ۽ هو ٻه دفعا ڪافي وري گرم ڪري رکي ويئي. هن ڪتاب جو انتساب زندگي جي نانءُ آهي، هيءَ اُها زندگي آهي جيڪا سانئڻ سلطانہ گذاري آهي. انهن ستن سٽن ۾ ئي سانئڻ سلطانہ پنهنجي جيون جوليکو چوکو، ريڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي. گلزار جي ڪنهن نظم جهڙي زندگي ، ظاهر آهي سڀني جي نصيب ۾ ناهي هوندي پوءِ به جيڪا زندگي سانئڻ سلطانہ گهاري آهي اُها به ڪنهن نظم جيان مختلف ڪيفيتن جا سواد رکي ٿي...!
ڪتاب جو پنو اُٿلايان ٿو ته سانئڻ مهتاب اڪبر راشدي جي مهاڳ ۾ وڃائجي وڃان ٿو. ميڊم مهتاب اسان جي سنڌ جي اُنهن بولڊ ۽ اولد هستين مان هڪ آهي جن سنڌ جي عورت جي ويزن ۾ اُٿلائي ڇڏيندڙ تبديليون آنديون آهن. ضياءُ جي ڪاري دور ۾ P.T.V جهڙي سرڪاري اداري ۾ روايتن سان ڇتي لڙائي مئڊم مهتاب جهڙيون هستيون ئي وڙهي سگهن ٿيون. مئڊم مهتاب مهاڳ جي مُهڙ ۾ بلڪل صحيح لکيو آهي ته نظم لکڻ اڌ پيغمبريءَ جيان آهي جنهن ۾ خيال غيب کان لهي ايندا آهن. ۽ شاعريءَ جو روپ وٺندا آهن. مون کي مرزا غالب جو هڪ شعر اُنهن ڪيفيتن جو ڪمال محسوس ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن شعر جي الهام جي ڪيفيتن کي ڪمال سان غزل جي بند ۾ رچيو آهي.
آتي هين غيب سان مضامين خيال مين،
غالب صرير خامه، نوائي سروش هي.
غالب چواڻي ... شاعري غيب کان لهندي آهي ۽ جڏهن مان ڪِلڪَ کي مس ۾ ٻوڙي پني تي لکڻ لڳندو آهيان ته پني جي سطح تي ڪِلڪَ جي چُرڻ سان جيڪو کرڙ، کرڙ، جو آواز اچي ٿو اهو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ جبرائيل شعر کڻي منهنجي مٿان نازل ٿئي ٿو..... ته..... شعر لکڻ ۽ نظم رچڻ به ائين ئي هوندو آهي.....! مان مئڊم مهتاب جي ان راءِ سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته سائنڻ سلطانہ هر ان موضوع تي لکيو آهي جنهن هن جي ذهن ۽ دل کي جنجهوڙيو آهي. عورتن جي وارتا ڪا عورت ئي لکي سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان سانئڻ سلطانہ جو نالو، سئفو، بلائٽس، ادا جعفري، پروين شاڪر ۽ سارا شگفته واري لائين ۾ سنڌيءَ جي سچيت شاعره طور لکي سگهجي ٿو...!
سانئڻ سلطانہ جا هي لفظَ جيڪي هن پنهنجي ڪتاب ”سوال“ جي مهاڳ ۾ اظهاريا آهن، وڏي معنيٰ رکن ٿا، ته منهنجي زندگيءَ ۾ منهنجي جيئڻ جا ٻه سهارا هئا/آهن هڪ منهنجا ٻچا جن کي مون هڪ هٿ ۾ پڪڙيو هيو ۽ ٻئي هٿ ۾ قلم ۽ ڪاغذ هئا، ۽ انهن ٻني هٿن جي وچ ۾ هيو منهنجو ٽٽل ڀُريل وجود. بس ائين گذري ويئي منهنجي زندگي.. اُن ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ٽهي سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي ٽهيءَ کان موسٽ جونيئر ٽهي آهي پر نظم جي جيڪا حُسناڪي ۽ خوبصورت تي هن مهل اسان جا نوجوان نظم ۾ رچي رهيا آهن اُهو تسلسل سانئڻ سلطانہ جي روپ ۾ اسان آڏو هڪ ” لائيٽ هائوس“ جيان کڙو ٿيل آهي، جنهن سان نظم جا کوڙين کِوَيا پنهنجي نظم جي ٻيڙين کي پنهنجي اصلي “طرف” سان ڳنڍيو هلي رهيا آهن.
سانئڻ سلطانہ ۽ ان کا پوءِ وارين ٽهين ۾، جنهن ۾ اسان شايد آخري ٽهي آهيون جن هڪ ٻئي کي خط لکيا هئا ۽ انهن خطن جي جواب جو هفتا نه پر مهينن تائين انتظار ڪيو هو.. ۽ جڏهن خط جو جواب ملندو هو ته ڪي ڏينهن اُنهيءَ جواب جو سرور دل ۽ ذهن تي نشي جيان طاري رهندو هو.
موبائيل اسان جي روايت ۽ اسان جي انهيءَ سِڪَ جو بيهمانه قتل ڪيو آهي. هاڻ ته اُهي خط لکڻ ٿين ٿا نه ئي انهن جي جواب لکڻ جي سُرور مان گذر ٿئي ٿو... سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي شاعري جو سفر ڪڏهن به گلن جي سيج جيان نه گذاريو آهي، ۽ نه ئي پاڻ ، بس قلم کنيائون ۽ لکي ورتائون، پر ان جي پويان انهن جو ۽ سنڌو ماتا جي محرومين ۽ حادثن جو هڪ طويل ۽ ڊگهو داستان آهي. اسان ته ان مهل صفا ننڍڙا هياسين پر سانئڻ سلطانہ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ، “ٺوڙهي ڦاٽڪ” وارو خوني واقعو ۽ “ٽنڊي بهاول” وارو سانحو ذاتي طور وٽنيس ڪيو ۽ ان کي ڀوڳيو هو. حيدرآباد جي خوني واقعن جو تسلسل به سندن اکين آڏو گذريو، بي گهر ٿيڻ ۽ دربدريءَ جون سزائون به سندس حصي ۾ آيون.... ۽ اڄ اسان جيڪو سڪون سان پنهنجي گهرجي ڪنڊ ۾ آرام سان T.V ۽ انٽرنيٽ جي سهولت واري راند کيڏي رهيا آهيون ته ان پويان به انهن اداس نسلن جي ڀوڳنا ۽ جدوجهد جو ڊگهو داستان رقم ٿيل آهي. مون سدائين سانئڻ سلطانہ کي درخواست پئي ڪئي آهي ته انهن جهڙي نموني سنڌ جي اُٿل پٿل جا لڳ ڀڳ سمورا داستان ذاتي طور ڏٺا ۽ مشاهدو ڪيا آهن ته هو انهن کي سيبتائيءَ سان قلم بند ڪري سگهن ٿا. اها اڻ ڇپيل ۽ اڻ چيل تاريخ اسان کي پاڪستان جي ڪورس جي ڪتابن ۾ ڪڏهن به ڪا نه ملندي.
سانئڻ سلطانہ وقاصي جي ڪتاب سوال جي صفحي 29 کان نظمن جي هڪ اهڙي کيرڌارا آڏو اچي بيهي ٿي، جنهن جي هر اسرار تي دل ۽ اکين کي نيون نيون حيرتون ويڙهي وڃن ٿيون پهريون نظم ”سوال“ آهي جنهن جي پويان نظمن جو هي پورو منڊل جڙيل آهي.
سوچ....؟
نه ٿي سوچيان....؟
گهر....؟
نه ٿي گهران....؟
آس پاس....؟
سڀ اجنبي....؟
ڇو ۽ ڇا جي اُڻت ۾ لکيل هي نظم عالمي فورم تي رچيل ڪنهن به نظم مشاعري ۾ سنڌ جي نج ۽ سليس ٻوليءَ طور فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو. اهڙو ئي هڪ نظم تُرڪيءَ جي اسان جي گروديو ۽ نظم جي بادشاهه “ناظم حڪمت” به پنهنجي وني “ويرا” لاءِ لکيو هو.
هن چيو... اُٿ...!
مان اُٿي پيس،
هن چيو مسڪراءِ....!
مان مسڪرائي اُٿس..
هن چيو... مري وڃ!
۽ مان مري ويس...
سانئڻ سلطانہ جي ڪتاب جي ٻئي صفحي تي نظم “سُڪل ٽاري” جنهن کي دياوان نالو ڏجي ها ته اڃا سُندر لڳي ها.
گُل جهولي ۾ کڻي،
هر کائين پيو مون کي...!
مان اڳتي وڌيس...
تنهنجي جهوليءَ مان،
ڳولهي ڦولهي،
هڪ سُڪل ٽار کنيم...!
اُن کي پوکي،
مون هڪ گلستان ٺاهيو.
واهه ، هن نظم جي دنيا ئي الڳ آهي ڄڻ مون خليل جبران جي ڪا ڪهاڻي پڙهي ورتي هجي. هونءَ به هر نظم هڪ ڪهاڻي ئي ته هوندو آهي، جيئن اڃا ٻي ڪهاڻي به اڳيان موجود آهي “دڙن مٿان دڙا” هن نظم ۾ سانئڻ سلطانہ وقاصي اسان جي آثار قديمه (آرڪيالاجي) جو ٽچ به ڏنو آهي ته هڪ اهڙو “سوال” به کڙو ڪيو آهي، جنهن جو جواب شايد ئي ڪنهن وٽ هجي پر في الحال ته خاموشي ڇانيل آهي. هن نظم جي پهرين پورشن ۾.
هاءِ ڪو ويٺو هو،
ويٺي پور پچايائين!
اُڀ ڦاٽندو....؟
يا ڌرتي ڌُٻندي،
اُڀ مان وسندا نوٽ...
ڌرتيءَ مان نڪرندو اَنُ،
پوءِ ٿي ويندي لئي،
هڪ ڏينهن ٿيو به ائين،
اُڀ ڦاٽو، اُلا نڪتا،
ڌرتي ڌُٻي، ڏار پيا،
هو اُن ۾ گم ٿي ويو،
سڙي ويو دفن ٿي ويو،
هر دور ۾ اهڙا،
ٺهندا ويا دڙا،
۽ ان نظم جو جواب ان جي ٻئي پورشن ۾ آهي....ته:
هاڻ هن دور ۾،
اڄ جو سنڌي،
ويٺو آ چپ چاپ،
اُنهن دڙن مٿان،
سوچي ويٺو!
پڙهون نه،
ملي وڃي ڊگري،
قابليت نه هجي!
پر ملي وڃي نوڪري،
نه همت آ، نه وري ٻَڌي،
پر اچي وڃي ڪو انقلاب،
ڏنڊو جي اچي وڃي هٿ ۾،
ته پوءِ،
مٿا به هوندا پنهنجن جا،
پوءِ ٿي ويندي لئي.
هن نظم ۾ سانئڻ جو سوال بيحد اهم آهي. هڪ سوال ته اهو آهي ته موهين جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي جي دڙي ۽ هڙپا جهڙن تهذيبن جا وارث سنڌي، ترقيءَ جو اُهو اوج قائم نه رکي سگهيا ۽ اڄ به اونداهه ۾ ويڙهيل رهجي ويا آهن. جنهن مان نڪرڻ لاءِ روشني جو ڪو ترورو نظر ئي ڪو نه ٿو اچي.
ته دوستو اوهان جيئن جيئن هن ڪتاب کي پڙهندا ويندئو، اوهان کي سوالن ۽ انهن جي جوابن جي هڪ ڦول ـــ مالا پوئيل ملندي. پاڻ کي مان بي وس محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ من ڪري پيو ته هر نظم تي تفصيلي ڊسڪس ڪيان پر ائين ڪرڻ سان ته هڪ ٻيو ڪتاب جُڙجي ويندو. جنهن جي ضرورت به آهي ۽ اها وقت جي گهرج به آهي ته اسان پنهنجي ادبي ديوين ۽ ديوتائن کي هڪ نئين نظر سان ڀيٽائون ۽ ارپنائون ڏيون. سلام آهي، جو سنڌي ماڻهن جي ڪتاب نه پڙهڻ واري روش جي هوندي به هو ڪتاب ڇپرائين ٿيون/ٿا ۽ پنهنجي قوم جي اونداهين آڏو ننڍڙو ئي سهي پر هڪ ڏيئو ٻارڻ جي ڪوشش ضرور ڪن ٿيون/ٿا.
اسان جي سنڌ ۾ ماشاالله هاڻ کوڙ يونيورسٽيون ۽ انهن جا ڪيمپسز آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شعبا به آهن. انهن ۾ هزارين شاگردَ سنڌي ادب ۽ شاعري پڙهي رهيا آهن. انهن مان ڪنهن به اڄ تائين نظم جي هن “بادشاگر” راڻي سانئڻ سلطانہ وقاصي تي ڇو ڪو ٿيسز يا مونوگراف نه لکيو آهي. اگر نه لکيو آهي ته پوءِ اُهي ڪنهن تي لکي ۽ ڪنهن کي خوش ڪري رهيا آهن.
مان دل سان اها اڳڪٿي ڪيان ٿو ته ڀلي هن دور ۾ رڳو حبيب ساجد ۽ ان جهڙا ڪجهه ٻيا سانئڻ سلطان جي ارپيل نظمن کي اهميت ڏيندا هجن پر اسان جون ايندڙ ٽهيون اسان کان هزارين ڀيرا وڌيڪ سُڄاڻ ۽ Aware هونديون ۽ سانئڻ سلطانہ وقاصي ۽ هن جي نظمن کي اها مڃتا ضرور ملندي جنهن جي هو هزارين ڀيرا حقدار آهن ۽ ان حوالي سان “مانُ” Deserve ڪن ٿيون.
**

سلطانہ وقاصي هڪ مثالي سنڌي عورت: الطاف شيخ

سلطانہ وقاصيءَ لاءَ جڏهن الطاف شيخ کان ڪمينٽ ورتا ويا ته پهرين ته هن چيو ته سلطانہ وقاصيءَ لاءِ آئون ڇا ٻڌايان، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ مون کان سلطانہ وقاصيءَ لاءِ پڇندئو ته اهو ئي چونداسين ته هو هر ڳالهه تي بحث ڪري سگهي ٿي ۽ چڙ جي تکي آهي.“
پر وري ڪجهه دير بعد الطاف فون ڪري چيو ته سلطانہ وقاصيءَ لاءِ اها ته چرچي جي ڳالهه ڪيم. هونئن هي باهمت، محنتي ۽ دلير عورت ساراهه جوڳي آهي.منهنجو گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن کان سلطانہ ۽ سندس فيمليءَ سان تمام گهڻو ويجهو تعلق رهيو آهي. ۽ هوءَ هر اينگل کان هڪ مثالي سنڌي عورت آهي. جنهن کان سنڌ جي ڇوڪرين کي انسپائريشن حاصل ڪرڻ گهرجي. سلطانہ امير گهر جي لاڏ ڪوڏ ۾ پليل اُها ڇوڪري جنهن تي جڏهن مشڪل وقت آيو ته همت هارڻ بدران اُن تڪليف ۽ چيلينج جو ايڏو ته برد باريءَ سان مقابلو ڪيو جو اسان جي هر ڏتڙيل سنڌي عورت لاءِ هڪ اعليٰ مثال آهي.
سلطانہ وقاصي پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جنهن سنڌ جي ڪاز لاءِ ڪاليجي ڏينهن ۾رستي تي ويهي بُک هڙتال ڪئي هئي. هو انهن چند اديبن ۽ شاعرائن مان آهي جيڪي مسلسل لکنديون رهن ٿيون، سلطانہ نه نه صرف مسلسل لکندي اچي ٿي پر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي لکي ٿي. ڄام صادق جڏهن وزير اعليٰ هو ته انهن ڏينهن ۾ سلطانہ وقاصيءَ جو ڄام حڪومت خلاف يا ڄام صادق خلاف ڪو ڪالم لکيو هو. جيڪو هن وقت مون کي ياد ناهي پر اهو ضرور ياد اٿم ته اُن ڏينهن شام جو هڪ دعوت ۾ جنهن ٽيبل تي آئون ماني کائي رهيو هوس، اُن تي سڀئي جج ويٺل هئا. ڳالهين دوران انهن سلطانہ جي اُن ڪالم جي ڳالهه ڪڍي ۽ ان جي تعريف ڪندا رهيا ته جتي مردن ۾ ايڏي همت ناهي اُتي هن عورت بي ڊپائيءَ سان لکيو آهي. منهنجي خيال ۾ سلطانہ وقاصيءَ لاءِ ايڏي ڪئليبر جا ماڻهو اها ڳالهه ڪن ته اُن کان وڌيڪ اُن کي ٻي ڪهڙي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي. آئون ته سلطانہ جي ٻارن کي هميشه اهو چوندو آهيان ته (Your mother is great lady) توهان کي ايڏو پڙهائي هوشيار ڪرڻ ۾ فقط ۽ فقط ان جو ئي هٿ آهي. سنڌ جي ڪا به ڇوڪري هتي پاڪستان ۾ يا ٻاهر جڏهن ڪنهن به مايوسيءَ جي ڳالهه ڪندي آهي ته آئون اُن کي هميشه سلطانہ وقاصيءَ جو مثال ڏيندو آهيان ته هن ڪيئن هر مشڪل کي دليريءَ سان منهن ڏنو، سخت دل ۽ تڪليف هوندي به اُن ڪڏهن به دل نه لاٿي. اڪيلي سر هر ڳالهه کي منهن ڏيندي رهي. هر مسئلي کي حل ڪندي رهي. نه فقط پنهنجا ذاتي ۽ گهريلو مسئلا پر سنڌ جي حقن خاطر به جنگ جوٽيندي رهي آهي.
اسان کي سلطانہ وقاصيءَ کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي ۽ هن جي ادبي توڙي سماجي خدمتن کي مڃتا ملڻ گهرجي.


)روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع(
**

سلطانہ وقاصي ڪميٽيڊ ۽ حقيقت پسند شاعر: عزيز قاسماڻي

ٻَريّنِ اڱارَن ٻهه ڏاِئين ٻَرَنِ جي،
هِڪ جِئَن کُورِي کانئيان، ٻيو ڌُوڌي مَنجهه ڌڳَنِ
اڃان گهَارنِ، هيڙي رَکِئا مچ کي.
(شاهه لطيف)

حقيقت پسندي هن دور جي ضرورت آهي، هن وقت تمام ٿورڙا بلڪه آڱرين تي ڳڻڻ وارا اديب جيڪي حقيقت پسند آهن، حقيقت پسندي کي پسند ڪرڻ وارن جو تعداد نه آهي پر حقيقت پسند هجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
لاڙڪاڻي ڄائي سلطانہ وقاصي پنهنجي زندگي ۽ ادب ۾ هميشه حقيقت پسندي واري نظريي سان هلي ٿي. جنهن وٽ ماٺ رهڻ وارو منحوس لفظ پيدا ئي نه ٿي سگهيو آهي. ڀاڳ تي بيهي رهڻ وارن ماڻهن مان به ناهي. هن ڪرب واري دور ۾ سلطانہ وقاصي جهڙا انسان بنهه نه هجڻ جيترا آهن. جيڪي وڏي واڪي سچ چئي ڏين. جڏهن به سوچي ٿي ته پاڻ سڀ ڪجهه هجڻ واري سوچ کي ڇڏي ان کان اڳتي سوچڻ لڳندي آهي. هن جي سوچڻ جو انداز به نرالو آهي. جنهن ۾ ڪيئي سڀاويڪ، مڌر ۽ چنچل حقيقتون آهن. وقت جي رفتار کي روڪي نه ٿي سگهي پر هُن جو ڌيان هن طرح ڇڪرائي وٺندي آهي.
”ڌڻ واري،
ننڌڻڪي سنڌ،
جنهن جا والي ته آهن،
پر وقت جي پيچرن تي
باسجندا آهن.
انهن جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ شاهه لطيف جا شعر اهڙي طرح هن مضمون ۾ آندا اٿس جو ڌڻي هوندي به پاڻ کي ننڌڻڪا ٿا سمجهن جو ڪنڌ کڻڻ جي لائق به نه ٿا سمجهن. هن جي سمورن ادبي ڪالمن ۾ هڪ سُرت ڀري ڳالهه سلوڻي انداز ۾ ٿيل آهي. جنهن جا پيرا حقيقت ڏانهن ويندا هجن ٿا.
شاهه لطيف سان هن جو بي انتها انس آهي هن جي هر ليک ۾ هن وٽ رفرنس ۾ شاهه جو شعر آهي ۽ سنڌ امان جي جهوليءَ ۾ تاريخ جي پختي تاريخ نويس هن سپوت جهڙو ڪو ٻيو ڪو به شاعر نه آهي جنهن کي پنهنجي تاريخي حيثيت سان ڳڻائي سگهجي.
سلطانہ وقاصي جيتري نثر ۾ پُختي آهي، اوتري ئي پُختي شاعريءَ ۾ آهي. هڪ نظم جيڪو هن ئي نئين ڇپيل ڪتاب ”سوال“ ۾ موجود آهي.

”ڪيوليءَ جو ڏُک“

ڪيترائي سال اڳ،
هڪ ڪيوليءَ مون کي،
چڪ هڻي زور سان چيو،
مان هاڻي ڪراچيءَ جي،
رت ڀريل رستن تي هلي نه ٿي سگهان،
توهان بي همت آهيو...
بي لڄا، بي شرم آهيو!
مون کي وٺي هلو،
سڳوري عدالت ۾،
مان سڀن کي ٻڌائينديس،
ته هي رت وهائڻ وارا،
ڪير آهن؟
توهان بي شرمو وڃي ٻُڏي مرو!!
هي نظم ناهي گار آهي هن سماج جي اڻبرابريءَ تي. پر هي سماج برابر ڪٿي آهي؟ سماج پنهنجي خمير ۾ٿيندو ئي اڻ برابر آهي. جنهن کي برابر ڪرڻ جي لاءِ جيڪي سوچيندا آهن، انهن کي چريو سمجهيو ويندو آهي. ڇا سماج کي تبديل ڪرڻ وارا چريا هجن ته پوءِ اُن سوچ کي بدلائڻ هن حقيقت پسند اديب کي پيدا ٿيڻ گهرجي.
هن جي نظمن ۾ درد چوماسي مينهن وانگر آهي. درد پنهنجي وجود ۾ ايترو ته ڀاري آهي، جنهن جو وزن ڪير سنڀالي نه سگهندو آهي، سوچ لوچ درد هن جي نظمن جي داخلي اظهار جو وسيلو آهي. درد هن وٽ قوم جو آهي. درد هن وٽ قومي شعور سان ڀرپور آهي، هن وٽ درد آهي ديس جو هن جي شاعري فڪري ڌارا ۾ ڏاڍي پُختي آهي، جنهن ۾ پنهنجي قومي ڏينهن سميت هن ديس جي انهن سڀني ڪردارن سميت، حيدر بخش جتوئي، محترمه بينظير ڀُٽو سميت سنڌ جو هر اهم امر ڪردار جنهن کي تاريخ جي سيني ۾ جاءِ مليل آهي، اُن کي نه وساريو آهي. هن جي نظمن جا عنوان ئي پنهنجي فڪري ڌارا ۾ حسين ڌرتي رکن ٿا. هي نظم حقيقت پسنديءَ جي فڪر ۾ انمول آهي، جيڪو پڙهڻ مان ضروري سمجهان ٿو.

”اڄ جو مرثيو“

هو جا مومل هُئي،
ڪاڪ محل جي،
راڻيءَ کي سڌاري نه سگهي.
هوءَ جا مارئي هئي ملير جي،
عمر جي فطرت مٽائي نه سگهي.
هوءَ جا سهڻي هئي، سنڌ ڌرتيءَ جي،
ميهار کي ڪناري تي بيهاري وئي.
هوءَ جا نوري هُئي ڪينجهر جي،
تماچي کان پاڻ بچائي نه سگهي.
هوءَ سسئي هئي ڀنڀور جي،
مري سڀني کي مات ڏئي وئي.
اُن جي وڃن کان پوءِ حيف آ توکي،
او راڄ ڌڻي؟
سنڌ تي تو ڪارنهن ملي ڇڏي.
ايڪهين صديءَ ۾ جيڪي شاعرائون منظر عام تي آهن، انهن ۾ سلطانہ وقاصي پنهنجي شاعراڻي اسلوب سان سڃاتي وڃي ٿي. هن ڏهاڪي ۾ لکندڙ سنڌي عورتن تي جيڪي الزام سوزد آهن انهن مان ڪيترن کي بچائي سگهبو، اهو فيصلو ته وقت ڪندو، جيڪي شهرت جي لالچ ۾ اچي ڪتابن جا ڪتاب مرد حضراتن کان تحفن ۾ وٺي پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ ۾ عار نه ٿيون سمجهن. محترمه سلطانہ وقاصي انهن نام نهاد ليکڪائن لاءِ مثال آهي. جنهن جو نثر توڙي نظم پنهنجي اسلوب ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان سينگاريل آهي. جنهن وٽ هڪ فطري سگهه آهي ۽ فن به آهي. جنهن جي شاعريءَ جا ڪردار ۽ موضوع پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳيل آهن.
سلطانہ وقاصي هڪ باشعور اديب ۽ شاعر آهي.
**

(روزاني ”صدقو“ لاڙڪاڻو آچر 16 اپريل 2017ع)

نثري نظمن جي اداس شاعره: غوث پيرزادو

سلطانہ وقاصيءَ جي ”دونهاٽيل درشن“ جو درشن


اسان جي سماج ۽ ٻين انيڪ المين سان گڏو گڏ هڪ الميو اهو به آهي ته جيڪي شيون جيئن هونديون آهن. انهن کي ان صورت ۾ ناهي ڏٺو ويندو. هتي ڪي ماڻهو عظيم نه هوندي به عظيم ليکيا ويندا آهن. ۽ ڪي وري عظيم هوندي به اها مڃتا ماڻي نه سگهندا آهن، جيڪا کين ملڻ گهرجي.
سلطانہ وقاصيءَ شعوري دنيا جو هڪ اهڙو نانءُ آهي. جنهن کي ماڻهو هڪ ڪالم نگار ۽ اخبارن جي ادبي صفحن جي سرجيندڙ جي حوالي سان سُڃاڻين ٿا.
هوءَ ڪجهه سالن کان مسلسل عوامي آواز اخبار ۾ ڪالم ”ڳالهيون پيٽ ورن ورن ۾“ جي نالي سان لکيندي پنهنجي اندر جي احساس کي اظهاريندي پئي اچي. سندس ڪالمن جي خوبي اها آهي جو هوءَ نهايت ئي سادن لفظن ۾ اوچا خيال پيش ڪرڻ جي مهارت رکي پئي. ان ڪارڻ ئي پڙهندڙن جو هڪ حلقو سندس ڪالم دلچسپيءَ سان پڙهي ٿو. سلطانہ شايد ڄاڻي واڻي وڏا وڏا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، هتي ته ايئن ٿيندو آهي ته جيستائين شاعري، ڪهاڻي يا ڪالم ۾ اوهان عام ماڻهو جي سمجهه کان ٻاهر وارا لفظ استعمال نه ٿا ڪيو تيستائين سٺن ليکڪن جي قطار ۾ بيهڻ لاءِ اوهان کي ٽڪيٽ نه ملي سگهندي، پوءِ ڀلي اوهان ڇو نه کڻي ڪيڏو به اعليٰ خيال پيش ڪيو هجي. سلطانہ وقاصي ان قطار ۾ بيهڻ کان پاڻ پري رکيو آهي. هوءَ بنا ڪنهن پرواهه جي لکندي رهي آهي ۽ لکندي پئي اچي. ننڍي کان ننڍو واقعو به هن حساس ليکڪ جي من کي مروڙي رکندو آهي. ۽ پوءِ هوءَ ان کي نهايت ئي سادن لفظن ۾ قيد ڪري اسان اڳيان آڻي ڇڏيندي آهي.
صوفين وارو مزاج رکندڙ اسان جي هن شاعر ڀيڻ جو زور ان ڳالهه تي رهيو آهي ته پاڻ کي سڃاڻو ۽ پاڻ کي ڳولڻ جي جستجو ڪريو. هن جو خيال آهي ته سڀ کان پهرين اسان پنهنجي ميري من کي صاف ڪريون، جيستائين اسان پنهنجي اندر کي اجرو نه ٿا بڻائي سگهون ته پوءِ ڪيئن اسان ٻئي جي جيءَ ۾ جهاتي وجهي سگهنداسين. هن جي اظهار جو موضوع سنڌي ماڻهو ۽ سندن اندروني خاميون رهيون آهن. هن هڪ ڀيري پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته ڪنهن محفل ۾ هڪ وڏي سنڌي اديب سنڌي ٻوليءَ جي بقا واري سوال تي ڏاڍو جذباتي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو پر اتفاق سان هو جڏهن سندس گهر وئي هُئي ته اُتي اردو ڳالهائيندي ٻڌيو هئاسين. ۽ پوءِ اُن تي هڪ درد ڀريو ڪالم به لکي ڇڏيو هئائين.
سلطانہ وقاصيءَ جو هڪ ٻيو شاندار روپ آهي شاعر جو. سندس سڃاڻ آهي نثري نظمن تي آڌاريل مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ جنهن کي شايع ٿئي ڏهاڪو سال گذري ويا آهن. مجموعي طور تي سندس نظم انسان جي اندر جي ڀڄ ڊاهه جي عڪاسي ڪن ٿا. لفاظيءَ کان آري سندس اُهي نظم پڙهي اندر ۾ متل آنڌ مانڌ جو پني تي موجود هجڻ جو احساس ٿي ٿو.
سندس نثري نظم ”سڀاڻي لاءِ“ نهايت ئي متاثر ڪندڙ آهي. سڀاڻو جيڪو اميدن جو نشان هوندو آهي، جنهن جي آسري تي ماڻهو جبل جيڏن پهاڙن سان به مهاڏو اٽڪائي ڇڏيندو آهي، ڇالاءِ جو هو سمجهندو آهي ته سڀاڻي خوشيون منهنجيون منتظر هونديون سڀاڻي جي ٻَل تي ماڻهو اڄ جي جبلن سان جهيڙيندو آهي. سلطانہ به هن نظم ۾ اسان کي هڪ خوبصورت سُڀاڻو ڏيکاريو آهي. هڪ ٻئي مختصر نظم ۾ سلطانہ سنڌي ماڻهو جو پورو نقشو چٽيندي سندس واتان چورائي ٿي ته اسان ننڍڙن ماڻهن جون خواهشون به ڏاڍيون ننڍڙيون هونديون آهن پر انهن ننڍڙين خواهشن جي حاصلات لاءِ وڏي ويڙهه کان به ته نه ڪيٻائيندا آهيون. ڏُک اسان کي جهڪائي نه سگهندا. جيترا سُور ملندا. اسين ايترا ارڏا بڻجي وينداسين. هن نظم ۾ به جيڪا ڳالهه شاعر سنڌي سورمي کان چورائي آهي سان اها ته اسان جي لڙڪن کي هار جي علامت نه سمجهو اُن کي ته اسين مُرڪ سان ڀيٽيون ٿا. جيڪا مُرڪ اسان جي آزاديءَ جي علامت آهي. کيس يقين آهي ته اويل يا سويل اسان غلاميءَ جا زنجير ٽوڙينداسين ۽ جيجل جي سينڌ سنوارينداسين. هوءَ هڪ زماني جي ستايل کي هن معاشري جي پٿر هئڻ جي تصديق ڪرائي ٿي. ٻڌائي ٿي ته هتي ماڻهو پنهنجي ذات ۾ ايترو ته گُم ٿي ويو آهي، جو هو پاڻ کي ڀي ڳولي نه ٿو سگهي ته ڪنهن جا لُڙڪ ڪيئن اُگهي سگهندو. بهتر اهو آهي ته پنهنجي ٻانهن جي ٻَل تي رستو ٺاهڻ گهرجي. نه ته پهاڙن جهڙي بي درد لوڪ سان مٿو ٽڪرائي رتو راهه ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. رڳو پنهنجي ئي دانهن جا پڙاڏا مقدر بڻجي ويندا.
شاعر هڪ آئينو ڏيکاري ٿي. جنهن ۾ انسان پنهنجو پاڻ سان پيار ڪندي نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڪو طالب راتين جا اوجاڳا ڪري ٿو ڪنهن محبوب کي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هڪ لطف ٿو محسوس ڪري ٻيو ته اُن لست حاصل ڪرڻ لاءِ ئي انسان هر دور ۾ تخت، تاج ۽ مال ملڪيتون قربان ڪندو رهيو آهي ظاهري طرح ته ماڻهو ٻي سان پيار ڪري ٿو پر حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ماڻهو نفرت به پنهنجو پاڻ کان ڪري ٿو، هر ماڻهو ظاهري طور اهو ناهي جيڪو نظر اچي ٿو، ماڻهو پنهنجي مٿان خول چاڙهي اندر واريون بدصورتيون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سلطانہ جي شاعريءَ ۾ پيار اڻ لڀ شئي آهي، جيڪا حقيقت به آهي، پر گڏو گڏ اها اميد به هن جي من ۾ سرگوشيون ڪندي نظر اچي ٿي، ته هڪ نه هڪ ڏينهن سنڌو ڌرتيءَ تي پيار جا ڪنول ڦٽندا ۽ هڪ سهڻو صبح هن ڏکويل ڌرتيءَ تي ضرور ٿيندو. هڪ هنڌ سندس وجود تي مايوسي ڇائنجي وڃي ٿي. کيس هر خوبصورت شئي ته نظر اچي ٿي پر ڌنڌلي ڌنڌلي ۽ جڏهن هوءَ سڀني خوبصورت شين کان منزل جو ڏس پُڇي ٿي ته ٺهه پهه جواب مليس ٿو ته ”وڃي سنڌوءَ ۾ ٻڌي مر“ جڏهن ته شاعر زندگيءَ جو علمبردار جيڪڏهن سماج کي مثبت روين ۽ قدرن کي پيدا ڪرڻو آهي، سماج کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته زندگيءَ سان پيار ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ مايوسيءَ کي هر حالت ۾ رد ٿيڻ کپي. هن جي هڪ نظم ۾ ماڻهوءَ جي ٻهروپيائي جو ذڪر هن ريت به ٿيل آهي.
هر قدم تي مليا
ڪيترائي خدا
سداسهڻا، ڳالهيون مٺيون
سوچون اعليٰ
پر
اوچتو ئي اوچتو
ظاهر ٿيو پوي
انهن جي اندر جو
ابليس.
نهايت ئي سادن لفظن ۾ شاعر هڪ طالب هي صدا بلند ڪري مطلوب کي سامهون نه اچڻ تي هيٺين ريت ڏوراپو ڏنو آهي:
تون سامهون
اچ يا نه اچ
اسان هريل آهيون
تنهائيءَ تي.
گهٽيل سماج جو پابندي کي ٿڏيندي جيڪڏهن ڪي به چاهيندڙ جيءُ جنمن ٿا ته اهو جيئري ئي گٽرن جي حوالي ٿي وڃي ٿو. يا گندگيءَ جي ڍير تي ڪُتا سندس ماس ڇڪيندا رهن ٿا. اُن صورتِحال جي اذيت ڪير ڀوڳي سگهندو، شاعر جا ٽهڪ به گهٽجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن گندگيءَ جي ڍير تان نئين ڄاول ٻار جو سرد لاش ملي ٿو ته اهو گهٽيل سماج کي چئي ٿو سگهي ته ”کيس ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي آهي. مون ته اوهان جي خلاف ڪونهي ڳالهايو، مان ته اوهان تي دانهي عالمي ضمير کي جاڳائڻ جو حق محفوظ ٿو رکان.
جيستائين ماڻهوءَ جي پنهنجي من ۾ مانڌاڻ متل نه هوندو، تيستائين هو ٻئي جي درد جي گهرائيءَ کي نه سمجهي سگهندو. اها ئي انسان جي فطرت آهي. اسان کي هميشه دردن جا انبار پلئه پيا. پنهنجئي ئي ڌرتيءَ تي سالن جا سال ويڳاڻو ٿي رهڻو پيو آهي. ڌارين جون لوڌون هر دور ۾ مٿان ڪاهينديون آيون ۽ گوليءَ جي زبان ۾ گفتگو ٿيندي رهي ڏيهه واسين سان. ارغون هجن يا ترخان يا کڻي محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو هجي. سڀني سور ڏنا سنڌ وارن کي. گهڻو پري نه وڃجي ته هي مارشل لا جو يارنهن سالا اونداهون دور ته اڃان ڪنهن به نه وساريو هوندو. حق گهرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌي ڳڀرُن جا بت جرنيلن جي بندوقن جو بُک بڻيا هئا. ٽامي جهڙي ڌرتيءَ تي رت ۾ وهنتل سنڌي سورما ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندا هئا، انهن سورن کي سلطانہ جڏهن شاعراڻو ويس ڍڪايو آهي ته دل ڌڙڪو وڌائي ٿي ڇڏي ۽ ساهه منجهڻ ٿو لڳي.
ڪوئل ايترو ڏاڍيان
نه ڪوڪ
ڏکن ۾ ڀريل آ
منهنجي ديس
وارن جي دل
هن هڪ نظم ۾ هڪ اٻهري انقلابيءَ سان مخاطب ٿيندي ڳالهايو آهي ته سر اڏيءَ تي رکي شهيدن ۾ نانءُ ڳڻائڻ ٿو چاهين پر اهو ڇو نه ٿو ڄاڻين ته جيئرو ماڻهو ئي ڪجهه ڪري سگهندو آهي. مئي جي ته مٽي به ڪم جي ناهي هوندي.
هڪ نظر ۾ شاعر منظر ڪشي ڪندي هڪ منظر ڏيکاري ٿي. جنهن ۾هتان جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار هڪ انقلابيءَ کي هٿ ڪڙيون لڳايو وچ انبوهه مان گذرن ٿا ته هڪ آواز اڀري ٿو ته ”هي ڪير آهي؟“ ته بيٺل ماڻهن جو انبوهه هڪ آواز ٿي چئي ٿو “ هي ديس دروهي آهي، هن جاکوڙيو آهي، اونداهي سماج کي روشن ڪرڻ واري آزاديءَ جي ڏيئي جي حاصلات لاءِ“ شاعر پر اميد ٿي نظر اچي ته ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي. هو پنهنجي محسن کي سڃاڻڻ لڳا آهن.
ڪنهن ڌارئي جي گولي جسماني طور ته زخم پهچائي سگهي ٿي، پر سندس روح کي رهنڊ به نه ٿي اچي سگهي، پر پنهنجي پيارن جو ڏاڍيان ڳالهائڻ به کيس هانءُ ۾ ٽُنگ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ من ماندو ٿي پوندو آهي. ان مٿئين ڳالهه کي سلطانہ اهڙن مختصر لفظن سان جنم ڏنو آهي جو پڙهندڙ خود بخود اُداس ٿيو وڃي.
پهڻ جهڙا ماڻهو
گلن جي ڌڪ سان
مري ويا.
**
(تخليق ادبي صفحو، روزاني عوامي آواز ڪراچي، ڇنڇر 12 نومبر 1994ع)

زندگيءَ جي عڪاسي، سلطانہ وقاصي: هدايت بلوچ

سال 1970ع جي ڪنهن مهيني ۾ تاج بلوچ مون کان ”سوجهري“ لاءِ انٽرويو ورتو هو. تڏهن منهنجي عمر شايد پنجويهه ڇويهه سال هئي. اڄ مان 50 کان چڙهي هليو آهيان ۽ اهو انٽرويو ڏني به ٽيهارو سال ٿي چڪا آهن. اُن انٽرويو ۾ مون جيڪي پسند جا شاعر ڳڻايا هئا تن ۾ ٻين سان گڏ سلطانہ وقاصيءَ جو به مون نالو کنيو هو. تڏهن شايد مون سلطانہ وقاصيءَ کي ڏٺو به ڪونه هو. ايئن ئي سندس ڪلا تي غيب تي ايمان آندو هيم. اڄ ٽي ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به منهنجي راءِ ساڳي آهي. فرق اهو آهي ته تڏهن اڻ ڏٺي تي ايمان آندو هيم. هيئر سلطانہ وقاصي منهنجي قريبي دوستن ۾ شمار ٿئي ٿي. ۽ مون کي اُن ڳالهه تي فخر آهي ته اهو رشتو هڪ طرفو نه آهي. سلطانہ پنهنجي پوئين سال واري سالگرهه تي پنهنجي ئي مضمون جيڪي پنهنجا قريبي دوست ڄاڻايا اُنهن ۾ منهنجو نالو به شامل آهي. بلڪه سلطانہ جيڪي پنهنجا ٻيا دوست ڳڻايا هئا. انهن ۾ اڪثريت منهنجي به دوست آهي. ٽيسٽ خاطر انهن مان ڪجهه نالا مان ٻيهر ڳڻايان ٿو، جن لاءِ منهنجو چوڻ آهي ته اهي منهنجي دوستن ۾ شمار ٿين ٿا. انهن ۾ مهتاب راشدي، فهميده حسين، انيس الرحمان، قمر شهباز، انيس گهانگهرو، امداد حسيني، انعام شيخ، غفار تبسم، انور پيرزادو ۽ ٻيا انيڪ دوست انهي لسٽ ۾، ڪنهن کي منهنجي دوستيءَ ۾ اعتراض آهي ته اعتراض داخل ڪرائڻ جي آخري تاريخ اڃان اڳتي پئي آهي. جڏهن مون سلطانہ وقاصيءَ جو نالو مون پنهنجي انٽرويو ۾ ورتو هيو، اُن وقت فقط اڪيلي خوددار، ۽ باعزت عورت جي اعليٰ ڪردار جو ثبوت آهي. اهڙي ليبرل ۽ پروڪريسو به نه آهي جنهن کي ڇڙواڳ يا دربدر جو نالو ڏئي سگهجي. سندس ساٿياڻيون ڏسو: مهتاب راشدي، فهميده حسين، انيس الرحمان، انيس گهانگهرو، تنوير جوڻيجو، نسرين جوڻيجو، نورالهُديٰ شاهه ۽ ٻيون اهي سڀ جون سڀ ليبرل ۽ ترقي پسند شخصيتون آهن. پر سندن پهريون ڪمٽمينٽ پنهنجو گهر، پوءِ معاشرو، پوءِ سنڌ، پوءِ انسانيت آهي. اسان مادر پدر ڇڙواڳي واري ليبرلزم ۽ ترقي پسندي وارا ماڻهو ناهيون. شايد اڃان ڪجهه پُٺ تي پيل آهيون. سلطانہ وقاصي پنهنجو گهر ڪيئن هلايو آهي، پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليا ۽ پڙهايا آهن. هوءَ ڪهڙين ڏُکين حالتن مان گذري ڪامياب ٿي آهي. سا سندس ويجهن دوستن کان سواءِ عام ماڻهوءَ کي خبر نه هوندي. هجي به ڇو؟ هوءَ پاڻ به پسند نه ڪندي آهي ته ڪو سندس گهريلو پسمنظر تي قلم کڻي. سندس مثال ڀٽ ڌڻي جي انهي بيت وانگر آهي:
نيهائين کان نينهن، سِک مُنهنجا سُپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

سچ پڇو ته جن آزمائشن مان هوءَ جدوجهد ڪري پار پئي آهي سا جدوجهد مثالي آهي ۽ اهڙا مثال سنڌ ۾ ورلي ملندا. ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ايئن چئون، متان پاند پُياسين.

پر هي اُها عورت آهي جنهن کي ٻڌي ٻار ۾ اڇلايو ويو پر هوءَ پاند پسائڻ کان سواءِ ٻاهر نڪري آئي آهي. اڄ سندس سالگرهه تي مان مهانتا تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو.
سلطانہ جيئن مون چيو هڪ پوري تحريڪ جو نالو آهي، هو مصلحت پسند هڪ گهڙيءَ لاءِ به ناهي تنهن ڪري ته هن گهڻا ڏُک ڏٺا آهن. پر ڏُک ۽ سُک زندگيءَ جي ڪيفيتن جا نالا آهن. هوءَ نه ڏُک ۾ ڏاڍي مايوس ٿيندي آهي، نه سُک ۾ آپي کان نڪري ويندي آهي. هوءَ متوازن شخصيت جي مالڪ آهي. ڏُک ۽ سُک ۾ سالم رهڻ ئي اعليٰ ڪردار جو اهڃاڻ آهي.
ڏُک سُک جي سونهن، گهوريا سُک ڏُکن ري،
جنينءَ جي ورونهن سڄڻ آيو مان ڳري.

شهر ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪا تقريب ٿيندي ته اڪثر فون ڪندي ته: ”ادا توهان اچو ٿا؟“ ايئن ڪيترن ئي ادبي موقعن تي اسان پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪندا آهيون، ۽ ويچار ونڍيندا آهيون.
”سنڌي ادبي بورڊ بچايو“ واري اڳئين تحريڪن ۾ جنهن جي اڳواڻي نورالهديٰ شاهه پئي، تنهن ۾ ڪراچيءَ کان مان اڪثر ويندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن شمشيرالحيدري به هوندو هيو، پر عورتن مان هڪ سلطانہ وقاصي هئي، جيڪا مون سان گڏ هلندي هئي، پوءِ اسان جهنڊا کڻي حيدرآباد جي روڊن تي حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران، حيدرآباد ريڊيو ٻاهران ڌرڻن ۾ به گڏ هوندا هئاسون.
سلطانہ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي به شروع کان سرگرم رُڪن رهي آهي، وچ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ ڪافي سالن کان تعطل رهيو. وري ڪجهه مهينن کان سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪيوسين ۽ ان جو باقائدگيءَ سان ادبي ڪچهريون هلن ٿيون ته وري سلطانہ اسان سان گڏ آهي ۽ اڪثر سنگت جي ادبي ڪچهرين ۾ اسان سان گڏ هوندي آهي. سچ ته اهو آهي ته جنهن ادبي ميڙ ۾ گڏجاڻي ۾ سلطانہ وقاصي نه هوندي آهي، اُها ڄڻ ٻُسي ٻُسي لڳندي آهي.
مون کي ويندي ويندي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي، اُها به ڪري ڇڏيان. سال 1996ع ۾ مون کي ادبي حلقن پاران کوڙ دعوتون مليون هيون. ۽ کوڙ قرب مليا هيا. سڀ کان پهرين دعوت مهتاب راشدي پنهنجي گهر تي ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ اديب شاعر ۽ صحافي موجود هئا. اهڙي طرح سنڌيڪا واري نور محمد ميمڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ حيدرآباد مان منهنجي وڏي ڀاءُ ادا عنايت بلوچ ڀرپور دعوتون ڪيون. جيڪي اڃان منهنجي دل تي اڪريل آهن. پر مان سلطانہ ۽ انيس گهانگهرو جي ان دعوت کي ڪيئن وساري سگهندس. جڏهن اهي مٺائيءَ جا دٻا ۽ ڪجهه تحفا کڻي منهنجي گهر آيون هيون ۽ منهنجي گهر ۽ ٻچن جي ويهي چيوهئائون ته ادا توهان سينگاپور وڃي رهيا آهيون. ٻين توهان کي دعوتن تي گهرايو آهي، اسان پاڻ دعوت کڻي تنهنجي گهر آيا آهيون. دعوت قبول پوي. اسان اڄ به دوست آهيون، اڳ به هئاسون، سڀاڻي به رهنداسين. سلطانہ سان منهنجا رشتا اڻ ٽُٽ آهن. **

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)

درد جي ديس جي فاتح: سلطانہ آپا: ياسر قاضي

اهڙا ماڻهو ڪيڏا عجيب هوندا آهن، جيڪي چت تي چڙهندا ئي ناهن ۽ سڄي عمر اکين جي آڏو هوندي به دل جي چائنٺ تائين به پهچي ناهن سگهندا. انهن سان سطحي ڪچهريون ته سالن سالن جون هونديون آهن، پر پوءِ به نه ئي انهن کان دل جو حال پڇيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کين ڪا دل جي ڳالهه ٻڌائبي آهي. ٻئي پاسي وري ڏسجي ته اهي ماڻهو به انتهائي عجيب هوندا آهن. جن سان زندگيءَ ۾ ڪجهه ئي ڪچهريون هونديون آهن. پر پوءِ به سندن سچايون دل جي انتهائي لهي وينديون آهن ۽ اهڙن ماڻهن منجها آپا سلطانہ وقاصيءَ به هڪ آهي. جنهن سان جيڪڏهن آئون تفصيلي ڪچهري ۽ اندر اورڻ وارين نشستن جو ڪاٿو ڪريان ته اُهي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس هونديون، پر ساڻس تمام گهڻي ويجهڙائپ جو ڪارڻ شايد سندس روح ۾ رچيل درد جا سچا رنگ آهن.
مون کي آپا سلطانہ (يا اهڙن ٻن ٽن ماڻهن جن سان گهٽ گڏ رهندي به گهڻي ويجهڙائپ آهي.) کي ڏسي فراز جون هي سٽون نسورو ڪُوڙ لڳنديون آهن:
آنکھ سے دور نہ ہو دل سے اتر جائیگا،
وقت کا کیا ہے، گذرتا ہئے گذر جائیگا۔

آپا سلطانہ سان منهنجي آمهون سامهون پهرين ملاقات 90 ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي هُئي، خط و ڪتابت جو سلسلو اُن کان به اڳ جڙيو هو ۽ سندس نالي سان وابستگي انتهائي ننڍپڻ ۾ ئي ٿي هُئي، جڏهن اسان جي گهر جي لائبريريءَ ۾ آپا جو شاعريءَ جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ پهريون دفعو آيو. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن آرٽ سان رغبت جي اظهار طور اُڀتيون سُڀتيون تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون هيون. تڏهن شروع شروع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي، بينظير ڀُٽو ۽ سلطانہ آپا جي اُها تصوير منهنجي پهرين تخليقن ۾ شامل هيون، جيڪا سندس ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ جي پويان ڇپيل آهي. جيڪا مون پينسل ڪلر ۾ ٺاهي هئي. اُها تصوير اڄ به منهنجي رڪارڊ ۾ موجود آهي. اڄ جڏهن مان اُنهي ٻالڪپڻي واري معصوم رغبت بابت سوچيان ٿو ته منهنجي آپا سان انهيءَ وقت جي انهيءَ اڻ ڄاتل تعلق تي پيار ٿو اچي. ڇو ته تڏهن سندس مقام منهنجي نظر ۾ فقط هڪ شاعر ۽ ليکڪ وارو هو. پر اڄ جڏهن هو مون لاءِ وڏن وانگر احترام جو مقام رکي ٿي ته سوچان ٿو ته آپا سان منهنجي ننڍپڻ واري اُها پنهنجائپ بي جا نه هُئي.
جڏهن مون عقل جون منزلون اُڪريون جڏهن شعور ۽ آگهيءَ جو اُهو وکر پلئه پيو جنهن مون کي هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وکريل اڪيچار دردن کي پُرجهڻ جو گيان ڏنو. تڏهن مون محسوس ڪيو ته اُهي شاعر، جن تي غير (Non-Practical) هئڻ جو الزام لڳندو آهي. انهن جي قطار ۾ آپا سلطانہ وقاصي به بيٺل آهي. جنهن سموري زندگي عورت جي مضبوطي ۽ اڏولتا ۽ متحرڪ هئڻ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن پنهنجي اک حيدرآباد جي اهڙي وڏ گهراڻي ماحول ۾ کولي، جتي کيس ڪک ٻيڻو ڪرڻ جي به زحمت نه ڪرڻي پوندي هئي. ۽ چئن پنجن ڏهاڪن ۾ سندس جيون ۾ اهڙا انقلاب آيا، اهڙيون تبديليون آيون، جو هن زندگي۽ جي هر درد جو ذائقو چکي ڏٺو، ۽ جيون جو ڪوبه اوکو باب هن لاءِ اوپرو نه رهيو. هن زندگيءَ جا اهڙا وهه جا وٽا پيتا.جو وٽس زندگيءَ جي خوشين جو قدر سو سيڪڙو موجود آهن. هن ڏٺو ته وڻجارا ڪهڙي ريت چيئن تي چاڙهي جوڀن ڏينهن ۾ سفر سنبهي اوهيري هليا ويندا آهن. ۽ پوءِ ڪڏهن به ناهن ورندا. هن ڀٽائيءَ جي سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊيءَ جي هر بيت جي اکر ۾ موجود درد جي هر رنگ کي اکين سان پسيو، دل سان چکيو ۽ ذهن سان محسوس ڪيو آهي. ان ڳالهه جو احساس آپا سلطانہ کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي هوندو ته زمانو ۽ اُنهي زماني ۾ پنهنجا جڏهن بگهڙن جي وچ ۾ اڪيلو وچ سير ۾ ڇڏي ويندا آهن ته ڪيئن نه وقت جون ويرون اڪيلي ٻُڏندڙ تي حملي آور ٿينديون آهن. هن اُهي سڀ حقيقتون اکين سان ڏٺيون ۽ سٺيون، جيڪي فقط خيالي افسانن جا موضوع ئي هوندا آهن. ۽ ڪنهن آئيڊيل ڪردار کي وڏو ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ساڻس لاڳو ڪيون وينديون آهن. آپا سلطانہ اڪيلي سر پنهنجي ٻن ٻارن جي مستقبل جي ڏڍ تي هن ظالم معاشري سان سچي سورمي جيان مقابلو ڪيو، هن جمعي بازار تان ان ۽ اٽي جون ٻوريون گهلي پنهنجي گهر تائين پهچائڻ، ٻاڄيون ڀُتيون وٺڻ، ٻارن جي ضرورت جون شيون، ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺڻ کان وٺي، ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ واپس وٺي اچڻ تائين جون اُهي سڀ ذميواريون نڀايون، جيڪي ٻارن جي لاءِ سندن پيءُ کي پوريون ڪرڻ گهرجن. آئون ته حيران ٿيندو آهيان ته اهو سوچي ته هن وحشي معاشري ۾ آپا سلطانہ اڪيلي عورت ٿي ڪري ڪيئن مهاڏو اٽڪايو آهي، ڪيئن نه اڏول ۽ مضبوط بيٺي آهي دنيا جي ظلمن ۽ ستمن جي آڏو!!
سلطانہ وقاصيءَ جون لکڻيون سندس زندگيءَ جي تلخ تجربن جون ترجمان آهن. هن جڏهن پنهنجي نثر ۽ نظم ۽ سچائيءَ جا رنگ اوتي لکيو ته لوڪ جي دل جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيائين. هن ڇڏهن ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ڪالمن ۾ پنهنجي اوکي جيون جي سچن واقعن جا عڪس اتاريا. تڏهن پڙهڻ وارن جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيا. هن جڏهن پنهنجي نثري نظمن ۾ پنهنجين وارتائن جا مختلف روپ چٽيا ته حساس دلين کي لرزائي ڇڏيائين. آپا سلطانہ جون لکڻيون پڙهي پڪ ٿيندي اٿم ته جڏهن سچا رنگ ڀري درد جي تصوير ٺاهجي ٿي ته اها ڪيئن نه دلين جا ساز ڇيڙي ٿي ڇڏي.
اسان توڙي جو جيون جي مُني صديءَ به پوري ناهي ڪئي ۽ عقل واري سفر جا ته ٻه ڏهاڪا به ناهن پورا ڪيا، تڏهن به ماضيءَ جون ڪجهه تلخ يادون جيءَ جهوري ٿيون وجهن. ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي نغمي جي مخصوص ڌُن ٻڌون ٿا جيڪا ڪنهن خاص واقعي سان منسوب ٿيل آهي ته هانءُ ڏري ٿو پئي ته سوچيان ٿو ته آپا سلطانہ جو دُکن جو تلخين سان ڀرپور هيڏو سارو جيون ۽ اُن جيون جو ڳڻن کان تلخ يادون کيس ڪيئن سُک سان ساهه کڻڻ ڏينديون هونديون. تڏهن ته هوءَ ٽي ويءَ تي ”رٺا ئي رهن، پر هجين حياتي...“ جا آلاپ ٻڌندي، سراپا سارنگ بڻجي ويندي آهي. ۽ ڄڻ ته سندس يادگيرين جي ڇت سمهي پوندي آهي. **

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)

سنڌي عورت جي درد جو آواز: انور پيرزادو

سو سلطانہ وقاصي به جڏهن ڄائي هوندي ته هن سماج جي حيثيت ثانوي هوندي، مان جڏهن تصور ڪندو آهيان ته سلطانہ وقاصيءَ بابت به ايئن ئي سوچيو ويو هيو ته مون کي اُن جي شاعريءَ جو درد محسوس ٿيندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سلطانہ وقاصي شاعري وسيلي پنهنجن آزاد ۽ خود مختيار احساسن کي ظاهر ڪيو آهي. ثابت ڪيو آهي ته هو اسان سنڌين جي موجوده سماجي تاڃي پيٽي ۽ ان جي نفسياتي ۽ ثقافتي قدرن سان بغاوت ڪري ٿي. هن پنهنجي خيالي دنيا ۾ عورت کي اهڙو ئي ڏٺو آهي جو هوءَ جيئن محسوس ڪري تيئن چوڻ جي همت ڌاري ۽ چئي ڏئي ڀلي ته ڪنهن مرد کي اعتراض ٿئي، تهمتون هڻي طعنا ڏئي. گلائون ڪري پر سچ وڏي واڪي چوڻ جي شئي هوندي آهي. ۽ چون گهرجي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سلطانہ وقاصي هڪ ڪوتا ۾ چيو آهي:
هن ويران شهر جي
اداس ماحول ۾
آيو آهين
ته هاڻ
وڃڻ جي ڳالهه نه ڪر.
اهو احساس ۽ احساسن جي شاعري ڪنهن سنڌي عورت شاعر يا ليکڪ کي ورٿي به ڪانه ملي آهي. اهو ورثو نئين جديد ترقي پسند ليکڪائن کي پاڻ ئي ٺاهڻو آهي. پنهنجي لاءِ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ . ان جي بدلي ۾ هن کي گهڻو ڪجهه سهڻو پوندو آهي. ڀوڳڻو پوندو. ڏُک ڏسڻا پوندا، ڏونگر ڪاٽڻا پوندا. پر ظاهر آهي ته ڪنهن به نئين روايت ٺاهڻ لاءِ آهي. سڀ ڳالهيون ۽ حالتون ضروري آهن. سلطانہ وقاصي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ نوان تجربا ڪيا آهن. فڪري طور تي هن اهڙن ڪيترن احساسن جو اظهار ڪيو آهي. جيڪي اڄ تائين سنڌ عورت جي وس کان ٻاهر هئا. ۽ فني طور تي پڻ هن هٿرادو لفاظيءَ عروضي تڪلف ۽ رسمي لفظن جڙاءُ ۽ مصنوعيت کان پاسو ڪندي پنهنجي دل جي اڌمن، آسن، امنگن، نفرت ۽ پيار جي احساسن کي اهڙن لفظن جو ويس ڍڪايو آهي. جيڪي اسان ۽ هر ماڻهو عام طور ڳالهائيندا آهيون. اُن ڪري سلطانہ وقاصيءَ جي شاعري لفظن جي شاعري ۽ اچارن جو صوتي سنگم ناهي، پر احساسن، اُڌمن ۽ آسن جي شاعري آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري ۾ صرف ٽي اهڙا نالا ملن ٿا. جن سيني مان ڦاٽي نڪرندڙ احساسن کي سوچيل سمجهيل لفظن جو ويس ڍڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، اُهي نالا سحر امداد، سلطانہ وقاصي ۽ ميران. هنن جي شاعري ازران پائونڊ جي انهن لفظن پٽائندڙ آهي ته اُٺ ڪتابن لکڻ کان بهتر آهي ته زندگيءَ ۾ هڪڙو شاعراڻو عڪس تخليق ڪيو وڃي. سلطانہ وقاصيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت پڻي جي خود داريءَ احساس به اوترو ئي پختو آهي، جيترو ڪمزور، چوي ٿي:
تون سامهون اچ
يا نه اچ
هريل آهيون اسين
تنهائيءَ تي.
سلطانہ وقاصيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي سبب ڪري گَهرو سماجي احساس به شامل آهي، هن جون محروميون هڪ عام انسان واريون محروميون آهن، جيڪي عورت هئڻ ڪري وڌيڪ گهريون ٿي ويون آهن ڇاڪاڻ ته عورتون هتي ٻٽي غلاميءَ ۾ پيڙهجي رهيون آهن ۽ هڪ حساس ۽ شاعراڻي طبيعت واري عورتپڻي، هن جي شاعريءَ کي اوتروئي گهرو ۽ چڀندڙ ڪري ڇڏيو آهي، جيترو هي ڌرتي آهي. چوي ٿي:
هيءَ ڌرتي،
ٽاڪ مجهند جو،
ٽامڻي وانگر جلي،
پنهنجي اندر جي،
باهه ڪڍي ٿي.
عبادتن جون ڳالهيون،
مون سان نه ڪر،
مان آهيان مانوس،
هن ڌرتي جي،
انسان سان.
اڄ جي انسان جو عڪس هن نظم ۾ اجهو هيئن ڏٺو آهي. چوي ٿي:
هرڪو انسان
کنيو ٿو وتي، پاڻ سان
غمن ۽ پريشانين جو جهنم
ته به
وڏا وات ڦاڙي
ٽهڪ ٿو ڏئي ويچارو انسان.
**

(”دونهاٽيل درشن“ شاعريءَ جي ڪتاب جو مهاڳ)

هڪ عورت جي جدوجهد جي ڪهاڻي: ڊاڪٽر فهميده حسين

ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ اُهي ڇوڪريون جيڪي مون کي ”سُگهڙين سٿ“ ذريعي خط لکنديون هيون ، پنهنجا ليک موڪلينديون هيون ۽ مون سان هر طرح جو سهڪار ڪنديون هيون ۽ جيڪي پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سبب تخليقي ادب ۾ پاڻ مڃائي ويون، انهن مان نورالهُديٰ شاهه، تنوير جوڻيجو، عطيه دائود يا سلطانہ وقاصي سان پوءِ به ڪيتري وقت تائين ساٿ رهيو. جن مان سڀني کان وڌيڪ ويجهڙائپ، دوستي ۽ ڀينرن جهڙو تعلق سلطانہ وقاصيءَ سان رهيو آهي. سلطانہ وقاصيءَ سان غائبانه تعارف يا قلمي ڏي وٺ ته هئي پر ساڻس ملاقات کي به ادبي حوالو آهي. ٿيو ايئن جو مان ”سگهڙين سٿ“ ۾ ليکڪائن جي انٽرويوئن جو سلسلو شروع ڪيو ته سڀ کان پهرين ڪهاڻيءَ جي خاتون اول ثميره زرين جو نالو تجويز ٿيو. پر مون وٽ سندس ائڊريس نه هئي، منهنجي ڀيڻ انيس ڳالهه ڪئي ته منهنجي ڪاليج ۾ هڪ ڇوڪري پڙهندي آهي، انور سلطانہ جي نالي سان ان کي سنڌي ادب سان گهڻي دلچسپي آهي، سو ٿي سگهي ٿو ته اُن وٽان ائڊريس ملي پوي... پوءِ هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايائين ته ثميره زرين اڪرم سلطانہ جي گهر جي ويجهو ٿي رهي، سو چوي ٿي ته منهنجي گهر اچجو ته توهان کي وٽس وٺي هلان، اسين مقرر ڏينهن تي لطيف آباد ۾ اڪرم جي گهر ويون سين، وڏو شاهي بنگلو، جنهن جي پورچ ۾ نئين ماڊل جون گاڏيون بيٺيون هيون. چوڪيدار نوڪر چاڪر، گهر اندر نوڪرياڻين، بورچاڻين جي لانڊ کي منهن ڏئي اسان ٻئي ڀيڻيون اندر پهتيون سين، اڪرم تڏهن هن ٻڌايو ته سلطانہ وقاصيءَ جي نالي سان لکندي آهيان. پوءِ ويڇو ئي ڪونه رهيو جو اسين اڳ ئي قلمي دوست ته هيونسين. هو پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هلي. سهڻو سجايل ڪتابن سان ڀريل ڪمرو هيس ۽ زميداراڻي نموني جي رهائش هين. جنهن ۾عورتون/وڏيرياڻيون پاڻي به اُٿي ڪونه پين... اسان کي ٿڌو پياريو ۽ پوءِ نوڪرياڻيءَ کي چيائين ته ڊرائيور کي چئو ته گاڏي تيار ڪري اسان کي وڃڻو آهي. اسين گڏجي ثميره زرين جي گهر ويون سين، جيڪو ساڳئي گهٽي ۾ ڪجهه گهرن کان پوءِ هيو پر هوءَ اسان کي گاڏيءَ ۾ وٺي وئي. بهرحال ايئين ثميره زرين جو ڀرپور انٽرويو وٺي آيون سين.... ان پهرين ملاقات کان پوءِ اسين اڪثر فون تي ڳالهائينديون هيون سين. اچڻ وڃن گهٽ هو جو اُن کي گهر کان ٻاهر گهڻو نڪرڻ جي اجارت ڪانه هئي. پوءِ شادي کان پوءِ آئون ڪراچي مستقل شفٽ ٿي ويس ۽ اُهو فون وارو تعلق به ختم ٿي ويو. سالن کان پوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ هڪ ڀيري ڪنهن ادبي گڏجاڻي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ۽ پوءِ ٻيهر اُهو تعلق فون تي تعلق قائم ٿيو.... پر هن جي دنيا بدلجي چڪي هُئي، هوءَ وڏگهراڻي زندگي گذارڻ واري، موٽرن، ڪارن ۾ هلڻ گهمڻ واري، نوڪرن چاڪرن جي خدمت جي عادي، تحفظ واري ماحول ۾ رهندڙ گهر مان بنا اجازت ٻاهر نه نڪرندڙ ڇوڪري زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي بيٺي هئي، جتي هوءَ جيڪب لائينز هڪ هيٺين وچولي طبقي جي آبادي ۾ هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن سان اڪيلي سر رهندي هئي، پيرين پنڌ هلندي جيون کي سفلتا ڏيڻ لاءِ نوڪري ڪري گذارو ڪري رهي هئي. اُهو هڪ وڏو انقلاب هو. ڪنهن وڏي طوفان هن کي پنهنجي محفوظ گهر مان کڻي اچي هتي ڪراچيءَ جي غير محفوظ ماحول ۾ اڇليو هو. هوءَ روزانو ٻارن کي اسڪول ڇڏيندي، پيرين پنڌ يا بس ۾ ڌڪا کائيندي نوڪري ڪرڻ ويندي هئي، واپسي ۾ پنهنجي گهر لاءِ ڀاڄي ڀُتي وٺندي، ٻارن کي اسڪول مان وٺندي، گهر اچي پنهنجي ۽ هنن سان پاڻ رڌي پچائي کارائيندي هئي.هن کي زندگيءَ جي هڪ وڏي حادثي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو، پر هن ۾ ٻن شين جيئڻ جو ساهس پيدا ڪيو. هڪ سندس اولاد ۽ ٻيو سندس تعليم. ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ هن پنهنجي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو، ۽ تعليم جي زيور ان کي ان قابل ڪيو هو جو هوءَ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي هو انهن معصومن جي مستقبل لاءِ بهتر نموني سوچي سگهي. هن زندگيءَ ۾ پنهنجن پراون طرفان جيڪي به ڏُک سُور بيوفايون ۽ منافقيون مليون، هن اُنهن کي پنهنجي سيني ۾ سانڊي پنهنجي قلم جي قوت بڻايو. ۽ شاعري، ڪالمن ۽ ليکن ذريعي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي پان کي زنده رکيو... اهو ظاهر جو ذريعو ڄڻ ته هن لاءِ ڪٿارسس جو عمل هئو. جنهن هن اندر کي اجرو ڪري ڇڏيو... هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد پنهنجي اولاد جي بهترين نيپاج ۽ تعليم کي بڻايو ۽ ڪراچي جي بهترين اسڪول، ڪاليجن ۽ پروفيشنل ادارن ۾ کين پڙهايو. سوين سهولتون هئڻ باوجود سندس انهن شاهوڪار سيڻن سڄڻن مان ڪنهن جو ٻار آءِ بي اي ۾ نه پڙهي سگهيو، جن هن کي وچ سير ۾ ٻڏڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو هو، پر هن جي پُٽ اُتان ايم بي اي ڪئي آهي. ۽ سندس ڊاڪٽر ڌيءَ هن وقت جناح هاسپيٽل ۾ هائوس جاب ڪري رهي آهي. هن وقت هو گهڻي قدر مطمئن ۽ آسودي آهي ۽ ڪلفٽن جي پوش علائقي ۾ رهي ٿي. ۽ سڀ ڪجهه ان اڪيلي سر ڪيو. اها هڪ هيڪلي عورت جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي! هڪ اڪيلي عورت کي دنيا ۾ ڇا ڇا نه ٿو ڏسڻو ۽ ٻڌڻو پوي... پر هن پنهنجو دامن بچائي رکيو. ۽ پنهنجي تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻائي، پنهنجي قلم کي پنهنجي ڍال بڻائي هوءَ دنيا سان مقابلو ڪندي اڄ سُرخرو آهي... ۽ اُها عورت منهنجي دوست آهي، جنهن هڪ اهڙو رشتو قائم ٿي ويو آهي جو هر طرح جي ڏُک سُک ۾ اسان هڪ ٻئي سان شامل حال هونديون آهيون ۽ ماڻهو اسان جي ٻارن کي ڪزن چوندا آهن. اتفاق اسان ساڳين ادارن ۾ پڙهڻ جي ڪري هو به پاڻ ۾ دوست ٿي ويا آهن. منهنجي دعا آهي ته شال اهي جلد پنهنجي علمي زندگيءَ ۾اهڙي مقام تي پهچن جو کين زماني جي بي رحم هٿن ۾ اڪيلو ڇڏيندڙ سمورا ڪردار کين پنهنجو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن، ۽ ماڻهن کي ٻڌائين ته هي اسان جا ٻار آهن... پوءِ هي ٻار کين سڃاڻڻ ۽ پنهنجو ڪرن کان انڪار ڪري ڇڏين. ”جيئن اڳ ۾ انهن سان ٿيو هو“ لڳي ته اها فلمي خواهش ٿي، جنهن ۾ اهڙو شاعراڻو انصاف ”پوئٽڪ، جسٽس“ ٿيندو آهي. پر سچ ته سلطانہ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به بنا ڪنهن فلمي ڪهاڻي جهڙي آهي. جنهن ۾ ڪيئي اڻ ٿيڻيون ٿينديون آهن. ۽ ٿيڻيون ڪونه ٿينديون آهن... سچ ته اهو هڪ باهمت عورت آهي. هڪ سُٺي ليکڪا آهن، هڪ مثالي ماءُ آهي ۽ هڪ خاص مخلص دوست آهي!!
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)

سلطانہ کي سالگرهه مبارڪ هجي: ارشاد قمر

سلطانہ وقاصيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1988ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن منهنجي رهائش گاهه تي آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو پايو وڌو ويو. ڪراچيءَ جي ڇڙوڇڙ ٿيل ڪُٽنبن کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪنهن اهڙي تنظيم جي ضرورت هئي، جيڪا خالص عورتن جي هجي. جيڪي عورت جي پيڙهيل طبقي ۾ ڪا سڄاڳي پيدا ڪري سگهي ۽ سنڌي عورت کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پنهنجي حقن حاصل ڪرن لاءِ ڪو شعور پيدا ڪري سگهي. انهن ڳالهين کي مدنظر رکندي ”اسوا“ جو بنيا وڌو ويو. جنهن ۾ ڪراچيءَ جي سجاڳ ۽ شعور رکندڙ عورتن وڌي چڙهي حصو ورتو هو. حيدرآباد واري خونريزي اڄ به هر سنڌي کي ياد آهي، پنهنجي گهرن مان لوڌيل سنڌين کي حيدرآباد يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪئمپس ۾ پناهه ڏني وئي هئي. سخت سردي بُک بيماري انهن ماڻهن کي اڌ مئو ڪري وڌو هو. مٿان ڪرفيو جو پابنديون جن هنن کي ڪئمپس جي حدن تائين محدود رکيو هو. اهڙي مصيبتن جي گهڙين ۾ اها سلطانہ ئي هئي، جنهن راشن، دوائون، گرم ڪپڙا، ڪمبل ۽ گرم شالون ڪجهه ٻين عورتن سان گڏجي ڪراچيءَ کان حيدرآباد، گولين جي وچ مان لنگهي سنڌين جي ان ڪئمپ ۾ پهچايو هو. هر سڏ تي لبيڪ چوڻ واري سلطانہ جڏهن پنهنجي گهرو زميدارين هوندي به هن قومي فرض ۾ حصو وٺڻ کان ڪين لنوايو. گرمي هجي يا سردي، سلطانہ هر هنڌ حاضر ايسوسيئيشن جا فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ سلطانہ ڀرپور حصو ورتو. پر ساڳئي وقت صاف گو کري ۽ سچي ڳالهه منهن تي چوڻ واري ڪڏهن به ڪنهن اڳيان نه جهُڪي. ”اسوا“ ۾ ٿيل بي انصافين خلاف آواز به سڀ کان پهرين سلطانہ اٿاريو، جنهن کان پوءِ جلد ئي مارئي فورم جو بنياد رکيو ويو. سلطانہ هن سفر ۾ به اسان سان ڏهه سال ڀرپور ساٿ ڏنو. هن پليٽ فارم تان به ڪيئي سيمينار ڪرايا ويا، ڪيئي ليڪچر ڪرايا ويا. ڪيترا ئي سماجي ڀلائي جا ڪم ٿيا.سلطانہ هميشه ئي اسان سان گڏ رهي. جڏهن ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيا تڏهن ڪراچيءَ جي ڪافي سنڌي گهرانڻ منگهو پير ۾ پناهه ورتي. سطانا هميشه پنهنجي عادتن موجب سڀ کان پهريون منگهو پير ڪئمپ ۾ پهتي. ڏتڙيل گهراڻن جي دلجوئي ڪئي ۽ اها سلطانہ ئي هئي جنهن سخت گرمي ۾ جوڙيا بازار مان رشيده قريشيءَ سان گڏجي هڪ ڏينهن اندر راشن ۽ ضرورت جون ٻيون شيون خريد ڪري ان ڏينهن تي ئي اُن پريشان حال ماڻهن ۾ ورهايو. ٺٽي جي باهه متاثرين جي مدد لاءِ به سلطانہ هم هميشه اڳ ڀري رهي.
سلطانہ سُٺي اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ سماجي ڪمن م به هميشه اڳ ڀري رهي آهي. حساس دل رکندڙ شاعر، اديب ۽ ڪالم نويس هجڻ سان گڏ هن هميشه اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض به خوش اسلوبي سان نڀايا آهن. ”ماروي فورم“ جي پليٽ فارم تان جيڪي به فنڪشن ٿيا. سلطانہ هميشه انائونس مينٽ جا فرض پان انجام ڏيندي هئي. سنڌي گهراڻن کي هڪ هنڌ ڏسي سندس منهن هميشه خوشيءَ ۾ پئي ٻهڪندو هو.
مارئي فارم جي روايت هئي ته هر سال نمايا ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن توڙي مردن کي سونا تمغا ڏنا ويندا هئا. ان جون تياريون وڏي پئماني تي ڪيون وينديون هيون. سلطانہ هنن سڀني سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي هئي. ۽ فنڪشن واري ڏينهن جڏهن اسان ٿڪجي چُور ٿي اسان اسٽيج تي اچي ويهندا هياسين تڏهن سلطانہ حشاش بشاش ۽ تيار ٿي اچي اسٽيج تي انائونس مينٽ ڪندي هئي. اهڙي موقعي ته سندس خوشي ڏسن جهڙي هوندي آهي. سلطانہ جي خدمتن جو اعتراف ڪندي 1994ع ۾ ”مارئي فورم“ جي گولڊ مڊل ڏين واري ڪميٽي سلطانہ وقاصيءَ کي چونڊيو، اهڙي طرح کيس 1994ع ۾ مارئي فورم طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو.
قومي فرضن سان گڏو گڏ، پنهنجون ذميواريون خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنيون، پنهنجي ٻارن کي ڪڏهن به اهو احساس ٿيڻ نه ڏنائين ته سماجي ڪمن سبب هو کين گهٽ ٽائيم ڏئي ٿي. سندن تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيائين ۽ ماشاءَ الله به سندس ٻار اعليءَ تعليمي يافته ۽ سُٺا شهري آهن. اڄ سلطانہ جو جنم ڏينهن اهي، ان موقعي تي مان پاڻ ۽ مارئي فورم ۽ سڀني ساٿين جي طرف کان کيس مبارڪ باد پيش ڪريان ٿي ۽ دعا اٿم ته خدا کيس اهڙيون ڪيئي سالگراهون ڏيکاري. **

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)

سنڌي سماج جو اڏول ڪردار : سلطانہ وقاصي: امداد علي اوڍو

سلطانہ وقاصي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب جي پليٽ فارم تان پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر شروع ڪيو، هونئن ته چئجي کڻي ته هن لاشعوري طرح يارنهن سالن جي عمر لکڻ شروع ڪيو آهي، هن جو حلقو به ادب سان واڳيل هيو، تنهن ڪري هن اندر ۾ جيڪي سجاڳي وارا جذبا هيا، سي اڪثر پڌرا ٿيڻ شروع ٿيا. هن نظم سان گڏ نثر به باقائدگيءَ سان لکيو.... سنڌ ۾ جڏهن ون يونٽ خلاف تحريڪ شروع ٿي ۽ ان جي نتيجي م جيڪا سڄاڳي پيدا ٿي، خاص ڪري سنڌي اديبن جي لکڻين ۾ اصل حقيقتن جو رنگ نظر اچڻ لڳو. انهن جي لکڻين ۾ عشق ۽ محبت جا گُل، چنڊ تارن بدران سنڌ جي حقن واري ويڙهه وارو پهلو چٽو نظر اچي ٿو. ون يونٽ واري دور م هڪ پاسي سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هُئي، شاگرد جيل ڀريو تحريڪ هلائن پيا، جيلن ۾ ايتري جاءِ ڪو نه هئي جو هو شاگردن کي رکن. مان پاڻ ان وقت اسپيشل جيل سکر جي ڦاسي گهاٽ ۾ دوستن سميت قيد هيس. انهيءَ تحريڪ ۾ سموري سنڌ جي سڃاڻ طبقي کي قلمي ويڙهه وڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اسان جي اديب ۽ دانشور خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪو پاڻ ملهايو اهو به سنڌي قوم لاءِ سانڍڻ وارو تاريخي سرمايو آهي، اُن ماحول جو اثر سلطانہ وقاصيءَ تي پيو، هن جي لکڻين ۾ اُهو فرق نمايان نظر اچي ٿو. هو ان وقت کان وٺي اڄ تائين پنهنجي قلمي پورهيي سان ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه وڙهندي اچي. 1989ع ۾ ”عوامي آواز“ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ سلطانہ وقاصي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو. ”عوامي آواز“ جي سونهن ۾ هي اضافي ڪالم به رهيو آهي، انهن ڪالمن سلطانہ وقاصي پنهنجن ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف وڙهي ٿي ۽ سچ ۽ ڪوڙ کي پڌرو ڪري ٿي، هن ڪالمن ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ خوف جي جيڪو سچ آهي سو لکيو آهي. هن انهن سياستدانن جي واکاڻ ڪئي آهي جن سنڌ واسين لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هن اُنهن جي اولاد کي سنڌ سان ٻيائي ڪرڻ تي سخت ننديو به آهي، هن پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته اسان ساڳيو ڪالم وري شايع ڪري رهيا آهيون، اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي قلم سان ڪيتري حد تائين سچائيءَ سان نڀايو آهي. خاص ڪري ڄام صادق جي دور ۾ ڄام صادق لاءِ لکيو ته ”هن سموري سنڌ ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هي جيڪو تاريخو خوني باب لکيو پيو وڃي، اهو ڪهڙو موڙ وٺندو...؟ ڪهڙن ۽ ڪيترن سنڌين جو خون وهندو...؟ ڪيترا بيروزگار ٿيندا...؟ سنڌين جا شهر سنڌين جا گهر ۽ ملڪيتون اڃان ڪيتري حد تائين تباهه ۽ برباد ٿينديون...؟ اهو سڀ ڪجهه چوڻ قبل ازوقت آهي. بهرحال تمام ڏکيو وقت آهي، سنڌين لاءِ، ڇوته هن شخص جو کنيل قدم تمام خطرناڪ آهي.“
هي اُهي لفظ آهن جيڪي ڪنهن حڪمرانن لاءِ خاص ڪري اهو به ڄام صادق لاءِ ان جي ئي حڪمراني وقت لکيا وڃن، اهڙا ڪيترا قلمڪار آهن. جن حڪمرانن جي بڇڙن عالمن کي وائکو ڪيو هجي، اُهو ڪم سولو ڪم ڪونه آهي، جيڪو هر ڪو ڪندو وتي. ڄام صادق جي دور م آڱرين تي ڳڻڻ واري انگ سچ لکيو. ۽ دليريءَ سان مقابلو به ڪيو، گهڻا اديب ۽ دانشور ڄام صادق جي ثنا خوانيءَ م لڳي ويا، ڪي وري مصلحتن خاموش رهيا، انهن جيڪو ڪجهه ڏٺو پئي، اُن تي منافقن وانگر اکيون بند ڪري ڇڏيو، پر سلطانہ وقاصي اُن مهڙ واري دستي مان هُئي، جنهن ڏاڍ ۽ جبر سان اکيون اکين ۾ ملائي حق چيو، ۽ اها ئي سچي ادب جي جاڳرتا آهي، ۽ هميشه سچ انهن ڪردارن ۽ انهن جي قلم ۾ زندهه رهيو آهي، جنهن کي ڪوبه جبر ۽ ڏاڍ ختم نه ڪري سگهيو آهي.
سلطانہ وقاصي جي انهن لفظن حڪمرانن کي چڙ ڏياري ڇڏي، ڄام صادق مون کي چيو ته توهان اسان جي خلاف لکو ٿا ۽ ڪهڙيون مسخريون ڪيو ٿا. توهان کي خبر ناهي ته مان ڪانڀو خان جو پُٽ آهيان، توهان جي اخبار بند ڪري سگهان ٿو، اشتهار بند ڪري سگهان ٿو، توهان کي سڌو ٿيڻو پوندو ۽ اهڙي قسم جا ڪالم بند ڪرڻا پوندا، پر ايئن ڪو نه ٿيو، نه ”عوامي آواز “ ۾ سلطانہ وقاصي جا ڪالم اچڻ بند ٿيا ۽ نه وري حڪمرانن کي آئينو ڏيکارڻ ۽ سلطانہ وقاصي پنهنجن ماڻهن جي ڳالهه ڪرن بند ڪئي.
اها حقيقت آهي ته سلطانہ وقاصي اسان جي سماج جو اڏول ڪردار آهي، جنهن جي لکڻين سان اسان جي اندر جو انسان جاڳي پئي ٿو ۽ اسان ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿيون ٿا. **

(روزاني عوامي آواز جو صفحو تخليق 20 اپريل 1996ع)

روح ريجهي ٿو، من آ ماندو: ياسر قاضي

روشنين جي اونداهي شهر ۽ گاڏين جي دونهين ۽ فيڪٽرين جي آلودگيءَ کان وڌيڪ انساني ٻهروپ ۽ روين ۽ منافقين جي آلودگيءَ ۾ ويڙهيل وڏن ماڻهن جي شهر ۾ سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين ۽ مصروفيتن کان پوءِ ، جڏهن ماڻهن سان ڳتيل بس ۾ چڙهان ٿو ۽ پگهر ۾ شل ٿيل سرير ڪجهه وقت ٽنگون ساهڻ کان پوءِ جڏهن ويهڻ جي جاءِ ماڻي ٿو ته هٿ جي ساڄي کيسي جي زپ کولي هڪ سائو ڪتابڙو ڪڍان ٿو ۽ پگهر ۾ پاڻي پاڻي ذهن تي هماليه جيڏو ٻوجهه هئڻ باوجود لاشعوري طور سلطانہ وقاصيءَ جو اهو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن “ کوليان ٿو. ۽ هڪ اڏول عورت جي عجيب ۽ مثالي زندگيءَ جا روپ نظمن جي دريچن مان ڏسي ۽ پسي ڪجهه پرائڻ چاهيان ٿو. اتفاق سان ڪتاب جو جيڪو صفحو سڀ کان پهريان کُلي آڏو اچي ٿو. انهيءَ تي لکيل نظم هر انهيءَ حساس شخص ۽ خاص طور حساس تخليقڪار جي سچي وارتا آهي.جيڪا ساڻس پيش ايندي رهي ٿي ۽ جنهن بابت انهيءَ واٽ سان لانگاهو ٻيا هزارين واٽهڙو محسوس ڪونه ٿا ڪن، پر اهو حساس ذهن ماڻهو دل تي سڌي تير وانگر ٿو ڀانئي. آپا سلطانہ به اهڙن ئي حساس تخليقڪارن مان آهي. جنهن روين جي ميٺاج تي به نير وهايا ۽ هي نظم لکيو ته:
واٽ ويندي،
صدر دواخاني جي اڳيان،
هڪ گهر جي دريءَ مان،
هڪ نيل چهري، سڏ ڪري مون کان پڇيو،
”واٽ از ٽائيم“
”ڪواٽر پاس نائين“
مان تڪڙ ۾ نظر وڌي ۽ هلي ويس،
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُن ئي رستي تي پُٺيان،
ڪُلهي تي رکيو ڪنهن هٿ ،
ڪنڌ ورائي ڏٺم،
اُها ئي پوڙهي ڪرسچن،
منهن ۾ انيڪ گهنج، ننڍڙيون گول اکيون،
گوڏي تائين فراق پيل،
ڏاڍي پيار مان چيائين” هائو آر يو“
”فائين فائين“
مون تڪڙ ۾ جواب ڏنو،
مان اُتي بيهي نه سگهيس،
تڪڙي تڪڙي هلي ويس،
واٽ تي روئي به ڏنم،
ڇو ته مان ،
اُن پوڙهيءَ جي اکين ۾،
پيار ۽ پنهنجائپ وارو انداز،
سهي نه سگهيس،
جيءُ جهُري پيو!!
ڏُک وچان دل ۾ چيم،
اي پوڙهي!!،
ڇو ڏٺئي مون کي پيار وچان!،
ڇا ڪندس تنهنجي پيار کي،
دُعا ڪر،
مون کي اُهي پيار ڪن،
جن مون کي نفرت کان سواءِ،
ڪجهه به ناهي ڏنو...!!
آپا سلطانہ جو هي نظم پورو ڪرڻ کان پوءِ ”دونهاٽيل درشن“ ڪتاب ته کُليل رهيو پر منهنجي يادگيرين جا ڪيئي ڪتاب تيز هوا جي زور تي کُلي ويا جن جي ميراجهڙن صفحن تي چٽيل ڪنهن دونهاٽيل چهرن جا درشن ڪرڻ لڳس ۽ ناصر ڪاظميءَ جي غزل وانگر ”عجيب مانوس اجنبي ٿا، مجهي تو حيران ڪر گيا وه“ ۽ مٿيون نظم ساڳيو تاثر پيش ڪرڻ لڳا. منهنجي آڏو يڪدم نواب شاهه جي “لال بلڊنگ“ بازار ۾ سدا منتظر بيٺل اُنهي ريڙهي وارن جون غم ۽ انتظار ۾ ٻڏل اکيون تري آيون.جنهن جي آڏو انهي شيشن واري عينڪ هئڻ جي باوجود سندس نيڻن مان انتظار، اوسيئڙو، بک ۽ منٿن جون هزارين ڌارائون نڪرندي نظر اينديون هيون، جن اکين سان هو هر ايندڙ ويندڙ ڏانهن اُن آسري ۾ ڏسندو هو ته من هو سندس ريڙهي تي رکيل سڙيل سُڪل ڪيلا خريد ڪري ۽ هو گهر وڃي پنهنجي منتظر ٻچن کي منهن ڏيکاري. آپا سلطانہ جو اهو نظم مونکي انهيءَ خوبصورت ۽ نوجوان نينگريءَ جو چهريو ياد ڏيارڻ کان به نه روڪي سگهيو جيڪا هيٺئين ڌڙ کان بلڪل معزور هُئي ۽ جڏهن کيس ايئرڪنڊيشن ڪوچ ۾ ٻن ڄڻن جي مدد سان چاڙهيو ويو هو. ۽ سندس اڌ موئل سرير ڪوچ جي گهٽيءَ مان مون ڀرسان گذريو هو ته منهنجي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو هو ۽ خالق کان اُهو سوال ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس ڪانه ٿي هئم ته ”ههڙي خوبصورت پورٽريٽ نامڪمل ڇو؟؟ اُن نظم مون کي لاڙڪاڻي جو اُهو غريب اخبارن جو هاڪر به ياد ڏياريو جيڪو نائين ڏهين ڪلاس ۾ منهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ مون کي ادبي ڪتاب انتهائي رعايتي اگهه تي ڏيئي ساڻ اُن ڏينهن جي اخبار به فري ڏيندو هو ۽ ان ڏينهن ممتاز هوٽل لاڙڪاڻي ۾ هو انهيءَ ڳالهه تي روئي رهيو هو ته کيس مالڪ چپاٽ هڻي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، منهنجا نيڻ تنهن وقت سندس ڏڪندڙ هٿن ۽ قميص تي لڳل چتيءَ جي ٽاڪن ۾ اٽڪي پيا ۽ خوب برسيا. هي احساساتي نظم ڪيئن نه الڪرم اسڪوائر تي پنندڙ زارو زار روئندڙ پوڙهي فقيرياڻي ياد ڏياري يا صدر مان بس تي چڙهندڙ اُهو خوش باش نوجوان ياد ڏياريو. جنهن جو رشتيدار جناح اسپتال ۾ هو ۽ ايڏو بيمار هو جو پريشانيءَ مان هي شخص هلندڙ بس ۾ ڌڪا کائي رهيو هو ۽ نيٺ هي هيٺ ويهي رهيو هو ۽ جڏهن مون کيس سيٽ تان اُٿي مٿي ويهاريو ته سندس نينڻ مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا ۽ هو ٿورا مڃڻ شروع ٿي ويو. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”جيستائين اوهان جي اکين مان هڪ به لڙڪ وهندو رهي. اوهان مطمئن رهو ته اوهان جو احساس زندهه آهي، ڪنهن چيو:
حساس به ايڏو جو پرائي غم تي،
نيڻن مان وهيا نار غزل ويو سرجي.
يا لطيف سرڪار چيو: الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن!“
اهو احساس ئي آهي جيڪو اجنبيءَ لاءِ به سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. آپا سلطانہ وقاصيءَ جي سموري شاعري احساساتي ڀڄ ڊاهه جو مظهر آهي. سندس شخصيت احساس ميٺاس، پنهنجائپ، بي تڪلفي پيار پاٻوهه ۽ احترام جو مجموعو آهي. سندس عام گفتگو توڙي شاعريءَ ۾ سچن پچن جذبن جو اظهار به هن وٽ سنڌر سنئون آهن ۽ پيار جو مقرر ڪيل معياربه!
جنهن زندگي ءَ کي تو بڻايو هو،
زندگي،
اُتي تون،
فرشتو نه،
انسان ٿي رهه...
هونئن به ڳالهه اها اثرائتي هوندي جنهن کي بنا ڪنهن تنهيد ۽ تفصيل جي فقط اشاري ۾ چئجي ۽ اها پنهنجو پورو پورو اثر ڇڏي. سلطانہ جا مختصر نظم واقعي وڏي مفهوم وارا اونها آواز آهن. نفاست جو هي روپ ڏسو
پهڻ جهڙا ماڻهو،
گلن جي ڌڪ سان،
مري ويا.
يا پنهنجي ويراني، تنهائيءَ ۽ اداسيءَ جو هيءَ نظم هن نظم جي روپ ۾:
مان موهن جي دڙي جو کوهه..
هر آيل،
ڏول ڀري هٿن کي ڌوئي،
انسان جي اندر جو سچو سنگيت هنن سٽن کان وڌيڪ ڀلا ڪٿي ٿو ٻُڌي سگهجي.
منهنجو پاڇو،
تنهن کي ڇا سمجهايان،
مون ڇڏيو پيو وڃي،
منزل جي ڳولا ۾...
احساس جنهن کان زندگيءَ جو آغاز ٿيو اهو احساس ئي آپا سلطانہ جي دل ۽ قلم جي نوڪ مان نڪري پنا ڪارا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جنهن ۾ ماڻهن (پڙهندڙن) جي جيءَ کي جهنجهڙيو آهي. بي حسن جي شهر ۾ رهندي سلطانہ جهڙي حساس شاعر جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ وارن لاءِ ڪيڏو سهڻو منظر چٽيو اٿائين:
تون مڌُر آلاپ،
پيو ٻڌين.....
مان ڌرتيءَ تان،
پٿر پئي چونڊيا...
۽ اها ڌرتيءَ تان پٿر چونڊيندڙ حساس شاعر سلطانہ ڪنهن شاعر جي غزل جي هن بند
آئون هيس گُمنام ائين جيئن
مڪليءَ جون بي نام مزارون.
وانگر معاشري جي اڻ برابرين زندگيءَ جي تلخين ۽ڏکن دردن تڪليفن کي بي نام مزارن ۾ دفن ڪندي وساريندي ٿي وڃي ۽ چئي ٿي:
اُهي قبرون
جن تي ڪو نه نالو آ...
اُهي سڀ منهنجون آهن.!!!
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)

مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ: سلطانہ وقاصي: نواز ڀٽو

جڏهن به سلطانہ وقاصيءَ جو نالو ذهن تي اچي ٿو اُن وقت ڪنهن نازڪ عورت جا عڪس اکين آڏو ڦرڻ بدران هڪ اهڙي ارڏي عورت جو ڪردار آڏو اچي ٿو، جنهن هميشه قلم جي تيز ۽ تکي ڌار سان معاشري جي بدبودارن ڪردارن جي چهرن تي پيل نقاب کي ڇڪي لاٿو آهي. جڏهن به ادب سان جڙيل ڪنهن به عورت جو نالو اچي ٿو ته چوڻ وارن جي واتان پنهنجو پاڻ اهو نڪري ٿو ته ”ها هن عورتن جي حقن بابت مٿس ٿيل ظلمن، زيادتي ۽ نااصافي خلاف زبردست لکيو آهي.“ پر سلطانہ وقاصي بابت اهو نه ٿو چئي سگهجي، هن جي تحرير جو محور رڳو عورت ناهي رهي هوءَ ته اها ليکڪ آهي، جنهن ناانصافي، اڻبرابري، ڌاري يلغار، قومي بقا تي به لکيو آهي ته هن مارئي جو سڏ به ورنايو آهي ته هن سنڌ جي سورن تي به قلمي ويڙهه ڪئي. محترمه شهيد بينظير ڀُٽو جي شهادت تي هن قلم کنيو ته هن جا لفظ به ماتم ڪرڻ لڳا، فرانس جي سفات خاني ان جو فرينچ ۾ ترجمو ڪري اُن تي ٽيبلو پيش ڪيو. جنهن ۾ هر اک آلي ٿي ويئي.

اي سج! اڄ تون نه اڀرجان!

اکيون کُليون ٿڌو ساهه ڀريم،
رات جو پويون پهر،
هلڪو ڦُلڪو پکين جو آلاپ،
خاموشي ۾ ڪنهن ويل، هلڪو ڌماڪو!
وڃي بيٺس دريءَ وٽ،
هٿ مٿي کڻي عرش ڏي ڏٺم!
اندر مان سُڏڪن ڀريل آواز نڪتم
اي 28 ڊسمبر جا سج!
اڄ تون نه اڀرجان!
ڪجهه خيال ڪجان، ڪجهه حيا ڪجان!
ڇو ته اڄ سنڌ جي ماروي، سهڻي،
ٻاگهل ٻائي، نوري
سنڌ جي راڻي، سونهن جي شهزادي
اڄ توکي نه ڏسندي، اڄ هوءَ ساهه نه کڻندي!
اي 28 ڊسمبر جا سج!
اڄ تون نه اُڀرجان!
ڇو ته جي تون اُڀري پوندين!
ته پوءِ تنهنجي الهڻ جي وقت تائين
سنڌ جي راڻي جيڪا چنڊ وانگر
سنڌ ڌرتيءَ تي چمڪي پئي.
هلي ويندي گُم ٿي ويندي.
مڻن مٽي جو هيٺان لٽجي ويندي.
اي 28 ڊسمبر جا سج!
مان هٿ ٿي ٻڌانءِ ۽ پيرين ٿي پوانءِ!
اڄ نه اڀرجان! اڄ نه اڀرجان!

هن ٻٽي بلدياتي نظام خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪئي، ايستائين جو هوءَ اديبن ۽ دانشورن سان گڏ پنهنجي قومي فرض کي محسوس ڪندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو اچي پهتي.
سلطانہ وقاصي رڳو شاعري وسيلي پنهنجو مزاحمتي يا انقلابي ڪردار ناهي ادا ڪيو، هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جا سور ڳالهائين ٿا، هن جا ڪالم مظلومن جي سڏڪن، پيڙائن ۽ اذيتن جا داستان بيان ٿا ڪن، توڙي جو سلطانہ وقاصي بهترين ڪالم نگار آهي پر هن جي سڃاڻپ هن جي شاعري آهي، هن ارڏي عورت جو انداز بيان ته ڏسو.

جيتريون ننڍڙيون خواهشون اسان جون،
اوترا! ننڍڙا ماڻهون اسين،
جيترا گهڻا غم اسان کي،
اوترا! ارڏا ماڻهو اسين،
لُڙڪن کي به مُرڪ ٿا ڀانيون،
پيار به اسان جو پُور به اسان جا،
اسان کي نه پرک او پاپي،
وقت جا واچوڙا آهيون،
ويل وقت جي واڳ ورائينداسين،
چوڏهينءَ جي چڙهيل وير آهيون.

هن جو قلم جيترو بيگم نصرت جي موت تي رُنو ايترو ئي هو هر سنڌياڻيءَ ۽ هر سنڌي ۽ هر انسان جي بي مهلي موت تي پنهنجي لڙڪن کي مس طور استعمال ڪري ٿي ۽ جڏهن سندس جذبا لفظن جو لباس پائي ڪوري ڪاغذ تي ظاهر ٿين ٿا ته سڄو ماحول سوڳوار ٿي وڃي ٿو.
تون مان ۽ هو سڀ هن،
چوواٽي تي بيٺل هيڪل،
وياڪل هڪ ٻئي کان پري،
محبت پنهنجائپ،
احساس، ڪجهه به ته نه رهيو،
پوءِ به اسان سڀ هن،
چوواٽي تي؟ ڏسون ته ڪير،
ٿو هن چوواٽي تان هٽي،
ڪير ٿو پنهنجي واٽ مٽائي:
ٿي سگهي ٿو هيءَ واٽ،
مٽائڻ واري مان ئي هجان.
سهپ ۽ برداشت جي قوت،
هڪ حد کان پوءِ،
جواب به ته ڏئي ويندي آهي.

مان سمجهان ٿو ته سلطانہ وقاصي اها قومي مجاهد آهي، جنهن کي اسين سالن کان ڪنهن نه ڪنهن محاذ تي وڙهندي ڏسي رهيا آهيون.هن جي هر تحرير مان اهو محسوس ٿو ٿئي ته هو ڄڻ ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هجي، پر اهو قرض ته اهو قرض آهي، جيڪو ضرب به ٿيندو آهي پر ڪٽ جو قانون هن تي لاڳو نه ٿو ٿئي.
تون...
مڌر آلاپ،
پيو ٻڌين،
مان ڌرتيءَ تان
پٿر پئي چونڊيان...!
شيخ اياز کي مرشد مڃيندڙ سلطانہ وقاصي جنهن جو اصل نالو اڪرم سلطانہ آهي. 20 مئي تي سنڌي ساهت سان سينگاريل شهر لاڙڪاڻي ساه سيباڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آدم مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۾ ايم اي ڪري سنڌ مان ٽئين پوزيشن کڻندي پاس ڪيائين.
سلطانہ وقاصي 73ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس نثري نظمن جو ڳٽڪو .دونهاٽيل درشن“ آگم پبليڪيشن ايجنسيءَ پاران پڌرو ٿيل آهي. ان کان سواءِ لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ٻيا بيشمار ليک/ تحقيقي مقالا لکي ساهتي سنسار ۾ چوڦير سڳنڌ ڦهلائي آهي. هن وقت هو ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ ايسوسي ائيٽ پروفيسر پڻ آهي.
سلطانہ جي شاعري عورت جي مسئلن انهن جي خوشين، ڏکن، پيڙائن سان سٿي پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اسان کي پنهنجو پاڻ ملي ٿو، پنهنجو عڪس پسي سگهجي ٿو، پنهنجون خوشيون پنهنجيون پيڙائون ملن ٿيون. هن جي ڪوتائن ۾ اسان کي سنڌي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻندڙ ذهني طور مفلوج ۽ قيدي عورت به ملي ٿي، ته سماج جي سختين آڏو بهادر ٿي بيهندڙ عورت جو روپ به ملي ٿو. هن اهڙي عورت کي به بحث هيٺ آندو آهي جيڪا پڙهيل هجڻ باوجود به ٻٽيءَ غلاميءَ جو شڪار آهي.
پڙهيل ۽ باشعور عورت لاءِ سختيون ڏسي هڪ اهڙي عورت سان ريس ٿا ڪن ڄڻ ته سندس جذبا، جيڪا عقل کان خالي ۽ سوچ ۽ ساڃاهه کان خالي هجن، اهڙين حالتن تي هن جو قلم ڪڙهي تڙپي اُٿي ٿو. سلطانہ پنهنجي ڪوتائن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ سنڌ جي سماجي قدرن سان بغاوت ڪري ٿي. پنهنجي اصولن تي قائم رهڻ جو عزم سلطانہ جي شاعريءَ ۾ جهجهو ملندو، ورائي ورائي چوي ٿي:
ڪيئن ڪريان،
مان ڇا ڪريان،
دل ضد تي آهي.
ڀري هيءَ بندوق توکي هڻان،
۽ مون دل کي،
زنجيرن ۾ قابو ڪيو آهي.
هن پنهنجي سوچ نگر ۾ عورت کي اُها آزاديءَ ڏئي ڇڏي آهي ته هوءَ جيئن محسوس ڪري تيئن چئي سگهڻ جي صلاحيت به ڌاري!!
پنهنجي هر جذبي ۽ اُڌمي ۾ احساس جو اظهار ڪري ڇڏي، ڀلي پوءِ اهڙي جرئت ڀري اظهار سماج جي روائتي ٺيڪيدارن کي برو محسوس ٿئي چوي ٿي:
هن جڳ ۾
لاشا سڀ ڄاتل سڃاتل،
جيئرا ماڻهو،
سڀ اجنبي، اڻڄاتل،
پري پنڌ،
جاڏي تاڏي،
واسينگ واٽ،
ڀنڀٽ متا باهه جا،
ڪيئي پيا ڪاٺ،
آهي اڄ اڻاٺ
ڏهڪائيندڙ ڏيهه ۾...
جو ڪري حق جي بات.
سلطانہ سنڌي ساهت کيتر ۾ ڪافي نوان رُجهان متعارف ڪرايا آهن. نيون روايتون قائم ڪيون آهن، رسمي ٺاهه جوڙ کان پاسيري ٿي پنهنجين امنگن ، پيار ۽ نفرت جي احساسن کي اهڙن لفظن جو لباس پارايو آهي، جيڪو هر عام ماڻهو سولائي سان استعمال ڪندو رهندو آهي، ڪجهه روايت پسند برک دانشور، شاعرن ۽ نقادن آزاد نظم کي رد ڪري توڙي جو ان کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کان ئي ماڳهين انڪار ڪيو آهي پر سلطانہ ڪنهن جي ڳالهه تي ڪن ڌرڻ بنان اڳتي وڌندي رهي آهي. پنهنجن احساسن کي اظهار جو روپ بخشيندي رهي آهي.
سلطانہ وٽ حقيقتن کي نروار ڪرڻ لاءِ چند رٽيل نعري بازيءَ وارا لفظ ڪونهن، هن جيئن ڏٺو آهي، تيئن لکيو آهي، جيئن محسوس ڪيو آهي، تيئن بيان ڪيو آهي، پُر خلوص، پنهنجائپ واري، مشڪ ڀريل روشن چمڪندڙ اکين واري سنڌي ساهت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هردم، هر پل ڪم لاءِ تيار رهندڙ سلطانہ وقاصيءَ وٽ احساسن جا انبار سٿيا پيا آهن، جي هر گهڙيءَ اظهار بڻجڻ لاءِ اتاولا آهن.
ڪوئل ايترو نه ڪوڪ،
ڏکن ۾ ڀريل آ،
منهنجي ديس وارن جي
ڏکايل دل...
1975ع وارو سال سنڌي ساهت ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو ترقي ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي، ان عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڀينرون ادب جي ميدان ۾ لٿيون ۽ پنهنجي شاعراڻن احساسن ۽ اڌمن جي اظهار سان سنڌي ادب جي ڪوتا کيتر ۾ نوان رنگ روپ ڀري ڇڏيا. انهن ۾ سحر امداد ۽ ج ع منگهاڻي کي وڏي فخر سان شمار ڪري سگهجي ٿو، نه رڳو ڪوتا کيتر پر ڪهاڻيءَ واري حصي ۾ به ان دور ۾ ئي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه ۽ خيرالنساءَ جعفريءَ جهڙيون بهادر ۽ ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪندڙ ڪهاڻيڪارائون ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿيون. سنڌو ماٿر جي مٺڙي ٻاجهاري ٻوليءَ جي سٻاجهي ساهت کي نئون ست پيئاريندڙن “ سانئڻ نذير ناز به اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ طرف ته پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪوتائن جي وسيلي سنڌي ساعت کيتر کي نوان رنگ روپ بخشي اضافو آڻيندي رهي آهي ته ٻئي طرف وري انهن سنڌي سرتين کي ادب جي ميدان ۾ ڪي نه ڪي ڏات جا ڪڻا موجود هجن. 70ع کان 80ع وارو دور سنڌي ساهت ۾ سرتين جي ساٿ جي حوالي سان سوچ، شعور ۽ جاڳرتا جي اوسر جو دور چيو وڃي ٿو. وقتي تبديلين معاشرتي جهالت وارين رسمن جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ تعليم جي زيور سان سينگارجڻ سان گڏو گڏ ساهتي سوچ ۾ به نوان لاڙا پيدا ٿيا. سنڌي رسالن، مخزنن، اخباي پرچن، سرتين ۾ لکن لاءِ نئون اتساهه پئدا ڪيو. هن دور ۾ ڪيتريون ئي ساهتڪار سرتيون پنهنجين قلمي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي خزاني کي مالا مال ڪنديون رهيون. هن دور ۾ مهتاب محبوب، مهتاب راشدي، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءَ جعفري، نذير ناز، فهميده حسين، جيجي زرينه بلوچ، مريم مجيدي، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز ڏيپلائي، نعيمه جمع تيجاڻي، ليليٰ بانو، رضيه کوکر، نور شاهين، سوسن مرزا، سحر امداد، سلطانہ وقاصي، رعنا شفيع وغيره، وڌيڪ نمايان ٿي اڀريون، انهن سان گڏو گڏ نين سرتين ۾ ساهتي سونهن پکيڙي.
1980ع کان پوءِ واري دور ۾ ماهوار نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ، نئون نياپو، اديون، ٽماهي سنڌ، ماهوار لطيف (ڪراچي)، سنڌ سجاڳ (جيڪب آباد) پارس، برسات، پيغام، عبرت مئگزين، هلال مئگزين، پرهه ڦُٽي (سکر) پروڙ، ماهوار چانڊڪا (لاڙڪاڻو) ۽ سگهڙين سٿ کان سواءِ مخلتف پبليڪيشن ۽ هفتيوار سنڌ وعيره سنڌي ساهتڪار سرتين جي ساهتي سفر کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن سجاڳيءَ واري انقلابي دور ۾ ڪٿي به ڀينرن کي اهو احساس نه ڏياريو ويو اهي ته هو ڪو پنهنجن ڀائرن ليکڪن کان انفرادي صلاحيت يا خوبي نه ٿيون رکن! ان سماجي وهنوار ۽ سهڪار سبب ئي سرتين جي ساهتي ساٿ جو سهه ڪٿي به اڌ ۾ ٽٽي ڇڄي ڌار نه ٿيو آهي پر هلندو رهيو آهي. هلندو رهي ٿو.
1982ع سنڌي قوم جي جاڳرتا جو دور ليکيو وڃي ٿو. سنڌ جي ارڏي قوم، تاريخ جي ڪنهن به موقعي تي ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ جي آڏو سِر نه نوايو آهي. پنهنجي عظيم روايت کي برقرار رکندي سنڌي قوم پنهنجي سياسي ۽ علمي شعور جو عملي ثبوت ڏيندي رهي. ذهني سجاڳيءَ جي ان دور ۾ جتي پراڻا رسالا، مخزن ۽ اخبارون پنهنجو سفر جاري رکنديون آيون. اتي ڪجهه ٻيا به نوان سلسلا ڳنڍجي ويا ته جيئن زهني جاڳرتا جي عمل کي گهڻي کان گهڻا وسيلا هجن ۽ اهڙا پيغام گهڻن ماڻهن تائين پهچن. انهن نون سلسلن ۾ جتي سنڌي ساهت جي سدا جرڪندڙ روشن سج جهڙن قلمڪارن کي جڳهه ملڻ سان گڏو گڏ نون ٽمڪندڙ تارن کي به روشن رکڻ لاءِ همٿايو ويو.
سلطانہ وقاصي، فهميده حسين، سحر امداد، زبيده ميتلو، عطيه دائود، نذيز ناز، پشپا ولڀ، سلميٰ سومرو، بلقيس عارباڻي، گوري ولڀ، تانيا ٿيٻو، ارم محبوب، سلميٰ پنهور، نجمه نور ڦلپوٽو. فرزانه شاهين مڱڻيجو وعيره هن دور جا اهم نالا آهن، جن پنهنجي قلم جي پورهئي سان سنڌي ادب کي نئون روپ بخشيو.
1980ع واري دور کان وٺي اچ تائين واري عرصي۾ قلمڪار ڀينرن جي قلمي ڪاوش/ ادبي خدمتن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته هن دور ۾ وقت بوقت ساهتڪار سرتين وک. وک سان ملائي ساهت جو سندر من موهڻو ۽ زور آور اهڙو زنجير اڏيو آهي، جنهن کي ڪا به وقتي طوفان جي ڪا تيزي ٽوڙي نه ٿي سگهي. سنڌي ساهت ڪار سرتين پنهنجي سفر جي دوران ڪيترو به قدم کنيو آهي، جا وک وڌائي آهي، اُن وک وک تي هن سنڌ ڌرتيءَ جي خوددار ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي اُن عورت جو ئي ذڪر ڪيو اهي، جيڪا صدين کان معاشرتي ڏاڍ جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي. انهن ساهتي ساٿارين جي ڏنل عقل سوچ شعور ۽ ساڃاهه جي ڪري ئي هوءَ سطحي ڳالهين تي ڌيان نه ٿي ڌري. هر چمڪندڙ شئي کي سون نه ٿي سمجهي. موجوده دور ۾ اسان جون سڄاڻ سرتيون جيڪو به ڪجهه لکن ٿيون اهو اسان جي عورت جو بدلجندڙ ذهن ۽ مزاج آهي، اسان جي پوري قوم جي ذهني سڄاڳيءَ جو نشان آهي، اهڃاڻ آهي، هڪ نئين روشن ۽ اميدن ڀرئي انقلاب جو! ساهت جي ساٿياڻين جهڙي طرح پنهنجي سوچ مشاهدي ۽ تجزين کي کولي نروار ڪيو آهي، اهو رد عمل آهي، ان نظام جو، ان رويي جو، ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو جيڪا هوءَ صدين کان ڏسندي /سهندي آئي اهي. سرتين قوت جي رفتار سان گڏو گڏ هلندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي خزاني کي پنهنجن سوچن/ صلاحيتن ۽ لکڻين سان مالا مال ڪنديون رهن ٿيون.
**

(روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ حيدرآباد 31 ڊسمبر 2012ع)

پٽيندي سائي، جنهن سُور ٻڌايو سَندرو، ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا: زرار پيرزادو

انور پيرزادو صاحب 1991ع ۾ جڏهن روزاني عوامي آواز جو ايڊيٽر ٿيوته اخبار لاءِ جن ليکڪن يا ليکڪائن کي شروعات ۾ ڪالم لکڻ جي دعوت ڏنائين، تن ۾ سلطانہ وقاصي به هڪ هُئي.
انور صاحب سلطانہ وقاصيءَ کي جن سببن جي ڪري لکڻ جي دعوت ڏني هوندي سي هي هوندا:
هڪ ته انور پيرزادو پاڻ هڪ تمام وڏو فيمينسٽ هو. عورتن جي اظهار واري آزاديءَ جو پرچارڪر هو. هن پنهنجي گرو شاهه ڀٽائيءَ کان ٻڌو هو ته : ”پٽيندي سا ئي، جنهن سُر ٻڌايو سنڌرو، ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا!“ هن کي سلطانہ جي لکڻين ۾ اوتيل درد ۽ دانهن جو احساس هو. هن کي خبر هُئي ته سلطانہ وقاصيءَ جي لکڻين جو ڪعبو ڀٽائيءَ جو هي شعر آهي ته: ”ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس، ڏور تائين ڏس، اکر جئائين جڙيا“ تنهن ڪري هو چاهي پيو ته مرد حضرات سان گڏ هو. ترقي پسند ليکڪائن کي به پنهنجيءَ سٿ ۾ کڻي هلي. ٻيو ته هي اُها سلطانہ وقاصي هُئي جنهن سان انور پيرزادي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي سيڪريٽري هوندي، هڪ ادبي پروگرام به ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ تي تڏهن مقالو به لکيو هئائين. جنهن کي بعد ۾ سلطانہ پنهنجي شعري مجموعي ”دونهاٽيل درشن“ ۾ مهاڳ طور شايع ڪرايو هو. سو انور صاحب کيس بحيثيت شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم ڪارڪن طور به گهڻي وقت کان ڄاڻندو هو. هونئن ته سلطانہ وقاصي گهڻي وقت کان لکندڙ هئي. فقير لاشاري جي عوامي آواز ۾ ايڊيٽر شپ دوران به هن مضمون لکيا پر بحيثيت ”ڪالم نگار“ سلطانہ وقاصي، انور صاحب جي ئي دريافت آهي. بقول سلطانہ وقاصيءَ جي ته خود سندس ڪالم جو عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ئي انور پيرزادي تجويز ڪيو هو.
ايئن اڳتي هلي وري جڏهن مان عوامي آواز جي اڊيٽوريل صفحي جو انچارج ٿيس ته مون جن ليکڪن يا ليکڪائن کي ڪالم لکن جي دعوت ڏني تن مان هڪ سلطانہ وقاصي به هئي ۽ تڏهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي، جڏهن سلطانہ وقاصيءَ ساڳي عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ سان ڪالم لکڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ انور پيرزادي جي دور جي پئي آسيس ڏنائين. عوامي آواز ۾ هن عورتن جو صفحو ”سورمي“ ۽ اڳتي هلي ادبي صفحو ”تخليق“ به انچارج طور سنڀاليا ۽ ان ڪم دوران مون هن کي هڪ جاکوڙي، سنجيده، ڪميٽيڊ، مستقل مزاج ۽ وقت جي پابنديءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو.
اها سُٺي ڳالهه آهي ته هن پنهنجن انهن لکيل ڪالمن کي ساڳي عنوان سان ڪتابي شڪل ڏئي پنهنجي دور جي هڪ تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سلطانہ وقاصيءَ کي لکڻ لاءِ ايترا ته موضوع آهن، لفظ ۽ جملا آهن جو هوءَ اهڙن ڪالمن تي بڏل الائي ڪيترا ڪتاب آڻي سگهي ٿي ۽ فڪري تخليقن جون نت نيون ڪائناتون ٺاهي سگهي ٿي. هوءَ جيڪو ڪجهه لکي ٿي، جيڪو ڪجهه سمجهي ٿي، سندس جيڪي به سياسي، ادبي ۽ سماجي آدرش آهن سي هر محب وطن ماڻهوءَ جا به آهن. آن دي ريڪارڊ اسين سڀ اهو ئي چاهيون ٿا پر اهو ڏسي سلطانہ وقاصي صفا دنگ رهجي وڃي ٿي. سندس مٿو چڪرائڻ لڳي ٿو ته عملي طور پوءِ اونئن ڇو نه ٿي سگهيو آهي، جيئن اسين سڀ چاهيون ٿا. ضرور دال ۽ ڪجهه ڪارو آهي، ڪو مسئلو آهي، جنهن جا هوءَ پيرا کڻڻ چاهي ٿي ۽ پيرا کڻندي کڻندي آخر ڪار هوءَ مسئلن جي جَڙَ تائين پهچي وڃي ٿي. سلطانہ جي ڪالم جا زوردار موضوع سنڌي عورت، سنڌي سماج، سنڌي ماڻهو، سنڌي ثقافت، سنڌي روايتون، سنڌ جي سياست، سنڌ جي بقا ۽ ترقي جو سوال، سنڌ جي تعليم، سنڌي نوجوان، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديب، سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون، سنڌين جو تاريخي، سياسي ۽ سماجي استحصال ۽ ڌارين جا ڏنل ڏنڀ رهيا آهن.
سلطانہ وقاصيءَ جو جيتوڻيڪ اهو ايمان رهيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هميشه زندهه رهندا، ڪابه طاقت انهن کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪير سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته سندس خيال ۾ اُهي اسان پاڻ ئي آهيون. جنهن جي دليل ۾ ڪيترائي ڪالم لکيل آهن، اهو موقف انتهائي غير روايتي آهي. عام طور تي اسان سنڌي هر قسم جي استحصال ۽ محروميءَ کي ڌارين جي سازشن ۾ ڳولهڻ جا عادي رهيا آهيون پر سلطانہ وقاصي ٻيو پاسو ڏيکارڻ جي جرئت ڪري حيران ڪري ڇڏي ٿي.
سلطانہ وقاصي جو موقف آهي ته اسان زماني جي نظر ۾ جيئن آهيون، جيئن ڏيکارڻ چاهيون ٿا تيئن حقيقي طور تي ناهيون، اسان جي قول ۽ فعل ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق آهي، لکي ٿي ته ”هي سنڌ جا رهواسي چاهي سڄي دنيا گهمي اچن پر سندن سوچ ۽ ذهنيت اها ئي رهي ٿي. پنهنجي وطن ۾ اچي هو پنهنجن گهر واسين سان اهو ئي رويو رکندا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو آهي ته هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ دنيا گهُميل آهن!“ سلطانہ وقاصيءَ جو خيال آهي ته ”اسان حقن ۽ فرضن جون ڳالهيون ته ڪندا آهيون، وڏا وڏا دليل پيش ڪندا آهيون. مذهبن ۾ ڏنل ڳالهيون ياد ڏياريندا آهيون، پر اُهي ئي حق ۽ فرض جڏهن عورتن جي حوالي سان سامهون ايندا آهن ته اسان جون دليون ۽ ذهن ننڍڙا ٿي ويندا آهن. جڏهن به حق داريءَ جا مسئلا اڀرندا آهن ته اسان جا ڀائر ۽ پيئر مرد ٿي ويندا آهن.“
سنڌين جو پنهنجي سماج، سياست، ادب، تاريخ ۽ ثقافت ڏانهن به اهڙو ظالماڻو رويو رهيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”اوهان جيڏو پاڻ کي مهذب، روشن خيال، ترقي پسند، انصاف پسند ڄاڻايو ٿا علمي طور بنهه ان جي ابتڙ آهيو“ ۽ اهو سڀ سلطانہ لاءِ ناقابل برداشت رهيو آهي. هن پنهنجن ڪالمن ۾ سنڌين کي اهڙين غلط فهمين توڙي خوش فهمين مان ڪڍي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ ۽ حقيقت پسند ٿيڻ تي پئي زور ڏنو آهي. چئي ٿي ته ”عام سنڌي ماڻهو سجاڳ آهي، ان جي ذهني تربيت ٿي چُڪي آهي هاڻ تربيت ڪرڻي آهي. سنڌي سياستدانن جي. اُهي سياستدان ڳالهه ته ڪن ٿا، سنڌ جي ماڻهوءَ جي ان جي مسئلن جي پر هو سڀ متحد ٿي نه ٿا سگهن، پنهنجن هٿن سان هٿ ملائي هڪ مضبوط قوت نه ٿا بڻجي سگهن. سڀ ڪو پنهنجي الڳ چُلهه ٻاريو، ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي. ڪٿان وري دعويٰ آهي ته اسان ئي سنڌين جا همدرد ۽ هڏڏوکي آهيون. جڏهن ٿا مِلن ووٽ انهن کي ۽ پهچن ٿا اسيمبلين ۾ ته اها ڳالهه ئي انهن کان وسري وڃي ٿي ته کين ان رستي تي پهچائڻ وارو ڪير آهي. مان سياسي ليڊرن جي ڪردار تي زور ان ڪري پئي ڏيان ته اسان جي ماحول ۾ اديب ۽ شاگرد پنهنجي ليکي جدوجهد ڪن پيا. قربانيون ڏين پيا، واٽون ٻڌائن پيا، رستا کولين پيا. پر قوم جي قسمت جو دارو مدار وري به سياستدانن تي اچي ٿو.“ ٻي هنڌ لکي ٿي ته: ”اڄ اسان تاريخ جي اُن موڙ تي بيٺا آهيون، جتي اسان جا دشمن اسان کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان پاڻ به پنهنجا سڄڻ نه آهيون. اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بيحد پيا آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون، هڪ ٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهيون، پنهنجي قوم جي بدحاليءَ تي پريشان رهندا آهيون پر جڏهن اجتماعي طور اسان هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪجهه ڪرن چاهيندا آهيون ته ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون.ٻيو ته ڇڏيو هڪ ٻئي کي سهندا به نه آهيون. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي، هڪ ٻئي لاءِ بُغض ۽ ڪينو رکي ويٺا آهيون“ هوءَ لکي ٿي ته ”سياستدان ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت سر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندا آهن پر جڏهن اديبن جو به ڪردار صحيح نه هجي ته باقي ڇا بچيو؟!“
سندس خيال رهيو آهي ته سنڌ جي وجود جو آخري بچاءُ بند اديبن جو آهي، جيڪڏهن اهو بند ٽٽي پيو ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو. ان ڪري هو اديبن کي جڏهن به ڀور ڀور ٿيندي ڏسندي آهي ته پريشان ٿي ويندي آهي، هن کي اُن ڳالهه جو ارمان بهرحال هميشه رهيو آهي ته هن جڏهن به ڪو اميدن جو ڏيئو ٻاريو آهي ته اهو اجهامي ويو آهي ڇو، آخر ڇو؟ هوءَ نه رڳو پاڻ اُهو سمجهڻ چاهي ٿي پر سمجهائڻ به چاهي ٿي ، هن سنڌي ادبي سنگت کي اميدن جو ڏيئو بڻائڻ چاهيو ته اُن ۾ خود سنگت کي سڙندو ڏٺائين. بي ادب، ڪوڙيون چونڊون، ڪوڙيون ميمبر لسٽون، ڪاغذي ۽ نام نهاد تنظيمون، هن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. جڏهن مٿس انڪشاف ٿيو ته هڪ شاخ جي سيڪريٽريءَ ”انور“ جو نالو ”عنور“ ڪري لکيو. ”مار! هتي ته ڪجهه به ٺيڪ ناهي، فراڊ، منافقي ۽ بدديانتي جي ته انتها ٿي وئي. پوءِ هو رڙيون ڪرڻ لڳي، ٻئي هٿ مٿي تي ... آخر هي سڀ ڇا آهي؟ شاگرد ڏسو ته کين اها به خبر ناهي ته ڀٽائي ۽ سچل ڪير آهن؟ اهي آهن سنڌ جا معمار! عورتن کي ته کنگهن ئي نه، بهادر هجي ته چوندا“ مرد ماڻهو“ آهي. ڇو؟ عورت بهادر نه ٿي ٿي سگهي ڇا؟“
اهي ۽ اهڙا انيڪ سوال، ڇڀندڙ سوال، جوابي سوال، دانهون ڪوڪون ڪندڙ لفظ، سراپا احتجاج، چٽا، بي ڊپا باغياڻا لفظ ۽ جملا، طاقتور دليل بحث مباحثا، سماجي، سياسي ادبي توڙي شخصي بي واجبين ۽ ناانصافين تي ڀرپور، منهن تي سچ چئي ڏيندڙ آهي آواز- سلطانہ وقاصيءَ جو.
سلطانہ وقاصي انهن ليکڪن مان هڪ آهي، جن صرف لکيو ئي ناهي ۽ لکي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ رڳو ڦاسايو ئي ناهي پر هنن مسئلن جي حل جي راهه به ٻڌائي آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود جي بقا ۽ ترقيءَ جو نسخو ٻَڌي درست رُخ ۾ جاکوڙ ۽ مثبت سوچ کي ڄاڻايو آهي. سندس خيال آهي ته اسان سنڌي پاڻ سان سچا ٿي وڃون. ٻين تي نه ڀاڙيون، ڌارين کي ڀليڪار چئي پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي نه هڻون. ٻيائي نه ڪيون. قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکون ته ڪو سبب ناهي ته اسان ڪامياب نه ٿي سگهون.
سلطانہ صرف مسئلن تي سوچيو ئي ناهي پر پڙهندڙن کي سوچرايو آهي ۽ سلطانہ جي لکڻين جو سڀ کان طاقتور پهلو اهو ئي آهي ته سندس لکڻين کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ به انهن تي سوچڻ لاءِ مجبور ضرور ٿئي ٿو.
سلطانہ جي لکڻين اهو به ثابت ڪيو آهي ته ”سچ“ جو اظهار خوبصورت ٻولي ۽ لفظن جو محتاج ناهي. ”سچ“ جو اظهار سراپا سونهن آهي. خيال طاقتور آهي، بي ساختا آهي. چٽو ۽ کليل، ان ۾ درد آهي ۽ درد جي شدت آهي ته پوءِ اهي لفظ ۽ جملا پاڻ ئي پڙهندڙ جي اندر ۾ پيهي ويندا آهن.
اندر ۾ ويهي ويندڙ سندس لفظ، جملا ۽ خيال ڪجهه هي به آهن ته: ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جون نه سلڻ جون پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته دفتر کليو وڃن. سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سمڀالي يا پنهنجا ... احساس ڀريو هانوَ ۽ ڏُکن سان ڀريل دِل آخر ڪنهن وٽ ناهي، ڪهڙو ناتو آهي هڪ لکندڙ جو پڙهندڙ سان؟ انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا نه لکان، ان لکڻ جي وچ ۾ جيڪا پل صراط آهي ان کي پار پوڻ سان گڏ پڙهندڙ کي به ان پل صراط تي وٺي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي. ڇا اسان وٽ صاف سٿري سياست هاڻي ڪڏهن نه ٿيندي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ چيو ته سڪن سان گڏ ساوا ان ڪري سڙندا آهن جو انهن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي نه وري سڙڻ مهل ڪو احتجاج ڪيو. ڪو سڏ ڏنو ۽ واڪو ڪيو.“ ٿر ڪانفرنس تي لکيل ڪالم جو هي ٽڪرو پڙهو: مٺي شهر ۾ مجهند جو ماني کائي ٻاهرين پاسي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس ته اتان جي ڪن غريب ٿرين ماني پئي کاڌي. هڪ هيڏو سارو وڏو ڇوڪرو ٻئي ماڻهوءَ کي ڪڪڙ روسٽ جو ٽڪر ڏيکاريندي پڇي پيو ته هن کي ڪيئن کائبو...! منهنجي دل ۾ مونجهه پئي ٿئي. اسان جيڪي ٿر ڪانفرنس ۾ اچي گڏ ٿياسين ڇا اسان انهن جو نصيب مٽائي سگهون ٿا. صرف کاڌا کائي گهمڻ ڦرڻ مسئلن جو حل ناهي.“
اهڙي سچ ڳالهائڻ، سچ لکڻ، ڪمپرومائيز نه ڪري سگهڻ ڪري سلطانہ وقاصيءَ عملي طور گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، پنهنجن ۽ پراون جون ناراضگيون به سَٺيون آهن ۽ پوءِ اڪيلي سر زماني جا جيڪي جبل جهاڳڻا پيس، تنهن کي اسان هڪ باضمير ليکڪ طور سندس حصي جي ڏنل هڪ وڏي قرباني تصور ڪيون ٿا. هن ثابت قدم رهي ڪري ۽ مسلسل جاکوڙ ڪرڻ عيوض پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيٺل، هڪ مثالي ۽ رول ماڊل سنڌي عورت پڻ بڻائي ڏيکاريو آهي.
**

جذباتي ۽ بي باڪ ليکڪ جون کريون ڳالهيون: محمد سليمان وساڻ

سلطانہ وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي ناانصافين ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. هوءَ جنهن جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پلي آهي. سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيوجنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وڪي ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏڏوکي هيو. سندس ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏُک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هئا تڏهن به هن اڪيلي سِر اُتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءِ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن. ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون.
منهنجو هڪ ڊگهي عرصي کان اخباري دنيا خاص ڪري سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان پڙهڻ جي حد تائين تمام ويجهو ناتو رهيو آهي ان سبب ئي ادبي دنيا سان به لاڳاپو رهيو. ڪالم پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ڪراچيءَ ۾ اچي نوڪري ڪرڻ ۽ وري جڏهن کان سوشل ميڊيا سان تعلق رهيو ته ڪالم نگارن ۽ اديبن سان ويجهڙائي ٿيندي وئي ڪجهه سينيئر دوستن جڏهن ڪرم الاهي چنا وٽان پبليڪيشن جو ڪم ڪرايو ته ڪجهه ڪتابن جي پروف ريڊنگ جو ڪم دوستي ياري ۾ ڪرڻو پئجي ويو. تازو سنڌ جي نامياري ليکڪ سلطانہ وقاصي چيو ته سندس ڪالمن جي ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪيان. ڪالم ۽ شاعري جي پروف ريڊنگ سولي ناهي، جن کي اهو شاعر ۽ ليکڪ ئي بهتر سمجهندو آهي. پروف ريڊنگ پوري ڪيم ته مون کي ڪتاب لاءِ ڪجهه لکڻ جو به حڪم مليو. ڪتاب لاءِ گهڻو ڪري مهان يا ناليوارن ليکڪن کان لکرايو ويندو آهي. منهن جي خوش نصيبي آهي جو ميڊم سلطانہ چيو ته اوهان سوشل ميڊيا جا ماڻهو آهيو. اوهان پنهنجي راءِ ضرور لکو.
هن ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن، سي اسان جي ئي معاشري اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ڪيئي واقعا موجود آهن. تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن، هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي. اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪ تمام گهڻو لکيو آهي. ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن.هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. اُن جو هڪ سبب اهو به آهي هوءَ پاڻ به عورت آهي. هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءَ آهي، هڪ ڀيڻ آهي هن بلڪل صحيح لکيو آهي. اسان جو جيڪو مرداڻو معاشرو آهي، جتي عورت کي ايتري اهميت ناهي ملي سگهي. پر ساڳي وقت هڪ شئي جي گهٽتائي نظر اچي ٿي ته ڪٿي به اهڙن عورت ڪردارن جي خلاف لکندي نظر ڪانه آئي جيڪي به عورت تي تشدد ۽ ڏاڍ جو حصو رهيا آهن هوءَ وڏيرياڻي ظالمن ۽ پئسي وارن جي زالن تي به ڪجهه ڪانه لکي سگهي آهي. جيڪي پنهنجي مڙسن سان گڏ ظلم ۾ ڀائيوار آهن.
سلطانہ وقاصي جي ڪالمن جو هڪ وڏو حصو سنڌ سان عشق ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار تي لکيل آهي. پاڻ سنڌ کي سنڌ مُلڪ لکي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ وجود هزارين سال کان هلندو اچي. تنهن ڪري سنڌ وارن کي پنهنجي ڌرتي کي هڪ ملڪ طور ئي ثابت ڪرڻو پوندو. پناهگيرن ۽ مهاجرن جي گهيري ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي بيوسي تي ليکڪا جتي رنجيده آهي اتي سندس احساس، سندس سوچون ڀور ڀور ٿيندي نظر اچن ٿيون. پر پوءِ هوءَ ڪٿي به اميد جو دامن ڪانه ٿي ڇڏي. ننڍڙيون ننڍڙيون ڪوششون به کيس اميد جا ڪرڻا پيون لڳن. سندس نوي جي ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙن ۾ قتل ۽ تشدد ٿيل سنڌين ۽ ان وقت جي حالتن تي لکيل ڪيئي ڪالم پڙهڻ جهڙا آهن. سياست دانن جي مايوسين تي عوام کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين پر سنڌي عوام اگهور ننڊ مان اٿڻ کان قاصر ٿو نطر اچي هوءَ پناهگيرن جي روين ۽ سياست کان بيزار نظر اچي ٿي جو اسان جا سياست دان ٽڪي پيسي تي وڪامجي، ڪرسي جي پويان هلندي سنڌ جي مفادن جا پل پل تي سودا ڪندا رهيا آهن.
سلطانہ وقاصي پاڻ اديب، ليکڪ ۽ شاعر هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي. تنهن ڪري پاڻ ادبي سنگت ۽ اديبن جي سياست، ڪردار ۽ تحريڪن تي خوب لکندي رهي آهي. هوءَ ڪافي جاين تي اديبن ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان مايوس لڳي ٿي، اُهو ئي سبب آهي جو تنقيدي ڪالم لکيا اٿس. پر ساڳي ئي وقت هو تنقيد براءِ تنقيد بدران ڪيترائي حل پيدا ڪندي رهي آهي. پر جڏهن ويڪائو اديب سنڌ جي مفادن خلاف نظر اچنس ٿا ته اُنهن خلاف بغير خوف ۽ ڊپ جي لکندي رهي ٿي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي اديب کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. ساڳي وقت هوءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن تي به لکي ٿي. انهن جي تبديلي تي لکي ٿي. اُتي موجود شخصيتن منفي ۽ مثبت ڪردارن تي لکي ٿي. هوءَ تعليم، هنر، چٽاڀيٽي ۽ ميرٽ تي يقين رکندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن جاين تي هن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ۾ به لکيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته ڪوٽا سسٽم بدران چٽا ڀيٽي ۽ قابليت جي بنياد تي اڳتي وڌجي. پر انهيءَ حقيقت کان به منهن موڙڻ ڏکيو آهي ته شهر ۽ ڳوٺن جي تعليمي سرشتي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي جنهن کي ڪيئن ختم ڪجي.
سياسي حالتن ۽ شخصيتن تي چِٽو موقف رکي لکندڙ سلطانہ وقاصي جا ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر تائن زيرو تي وڃڻ وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڍيل ۽ اختيارات بابت سندس ڪالم لاجواب آهن جن ۾ هن سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪمال جي تنقيد نگاري ڪئي آهي. ان وقت جي اخبارن جي ايڊيٽرن کي به جس ڏيڻ گهرجي جن اهڙا بولڊ قسم جا ليک اخبارن ۾ شامل ڪيا.
جيتوڻيڪ ڪافي سارن ڪالمن ۾ يڪسانيت به آهي جيڪا پڙهندڙ کي بور ڪندي پر پوءِ به هي ڪالمن جو ڪتاب هڪ تاريخ آهي، جيڪا سنڌ جي ان وقت جي حالتن جي شاهد آهي. ڪالمن جي پنهنجي افاديت هوندي آهي، ڪيئي ڪالم وقت ۽ حالتن وقت لکبا آهن، جيڪي پوءِ پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن پر ساڳي وقت اهڙا لاتعداد ڪالم به موجود آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ليکڪ جو مشاهدو ڪيڏي ڪمال جو هيو جو اڄ جون حالتون ان وقت جي ڪالمن ۾ لکيون ويون آهن. سنڌ جي علمي ادارن، ادبي ادارن، درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن، سنڌي عورتن معاشرتي براين، ڪارو ڪاري جهڙي ريتن ۽ رسمن بدلي جي شادين، سنڌجي نوجوانن، سنڌ جي جوڌن ۽ قومي هيرن سنڌ جي سماجي خدمتن جي تنظيمن، ادبي تنظيمن، سياسي تنظيمن بهارين، بنگالين برمين ۽ افغانين سميت سنڌ ۾ آيل پناهگيرن سميت روز مرهه جي سڀني واقعن تي ليکڪا جا احساس ۽ سوچون پڙهڻ وٽان آهن.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه سلطانہ وقاصي تمام گهٽ لکي رهي اهي پر پوءِ به سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي لڏي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.
**

(25 جنوري 2015ع)

گهر گر هستيءَ کان دفتر تائين: نصير سومرو

انساني سماج جيترو اڳاٽو آهي تيترو انسان جو داستان به آڳاٽو آهي، انهيءَ داستان جي ڪردارن جي گوناگوني مرد ۽ عورت جي چوڌاري ڦرندڙ گهرندڙ آهي. ڏند ڪٿا هجي يا حقيقت ، داستان هجي يا ناول، فلم هجي يا ناٽڪ، عورت جو ڪردار اهڃاڻي آهي. راڻي، شهزادي، پري، ديوي، ڪنيز، جادوگرياڻي ۽ ٻائي جا هاڪاري ڪردار به عورت سان منسوب آهن ته ناڪاري پڻ هوءَ نوريءَ جيان جوان آهي، حسين آهي، ڏاهي آهي ته ڄام تماچي مهاڻن جو مِٽُ بڻجن لاءِ وٽن ڪهي اچي ٿو. وفا جو پُتلو هجي يا مڪاري جي علامت. هنڌ سنڌ ۾ عورت جو ڪردار شاهاڻو، عاشقاڻو ۽ زميداراڻو رهيو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ عورت سُورهيائيءَ جو اُهڃاڻ آهي. سورهيائي جو قدر اڳواڻي جي خوبي نروار ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڏات/ Talent لڪي نه ٿي سگهي، ڏات ئي انسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سماجي ڪردار نڀائڻ ۽ وجود مڃرائڻ جو ساهس ڏيئي ٿي.
جنهن ڪردار نڀائڻ ۽ وجود مڃرايو سوئي ڪامياب شخص آهي، اڄ هڪ اهڙي مڃتا لهڻي ڪردار جو ذڪر ڪرڻو آهي. جيڪا ذميداراڻي سڀاءُ واري ۽متحرڪ عورت آهي. ليکڪ آهي ۽ شاعر آهي، جنهن پڙهئي لکئي هجڻ جي ناتي پنهنجو قلمي پورهيو پڙهندڙن تائين پهچائي ڪاميابيءَ جو ثبوت ڏنو آهي.... سلطانہ وقاصي
سلطانہ وقاصي ڪالم نگار آهي، ڪالم نگار: زندگي سان جڙيل ڪنهن به معاملي تي حالتن پٽاندڙ راءِ ڏيڻ جي اهل هوندو آهي. تڏهن زيربحث دعويٰ جي تاعيد ڪندو آهي. يا رد دعويٰ پيش ڪندو آهي. سلطانہ وقاصي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي معاملن تي ڀرپور راءِ ڏيڻ جي اهيلت رکي ٿي. اُن ڪري چٽائيءَ سان راءِ ڏيڻ ۽ سنڌ دوستي وارا دڳ وٺڻ سان شخصي تعلقات جي سيهي جهڙي پڪي ڀت ۾ به ڏار پئجيو وڃن. کري ليکڪ کي نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا. ڪيترن کي بنديخاني اندر منگهڻ ۽ مڇرن ۾ ننڊ تياڳڻي پيئي. دوستن جون ميارون، ۽ طعنا ته سندن زبان کان وڌيڪ نرڙ جي گهنجن ۽ منهن ڦير جي ڀائنائن ۾ پئي بکندا آهن.
1990ع جو ڏهاڪو هو جڏهن انور پيرزادي جي ايڊيٽر شپ ۾ شايع ٿيندڙ اخبار جو ادبي صفحو سلطانہ وقاصي ترتيب ڏيندي هئي. اخبارن ۾ لکڻ ۽ ڇپجڻ سان ليکڪن ۽ ليکڪائن سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي. سلطانہ وقاصيءَ جي سنڀال هيٺ شايع ٿيندڙ ادبي صفحي ۾ پنهنجون ڪاوشون ته چپجنديون رهيون، پر ساڻس ملاقات سن 2000ع کان بعد ٿي، جڏهن صنعتي سروس کي الوداع چئي صحافت ۽ ادب سان روح جو رشتو جوڙيو.
ڪالم لکڻهار جي سڃاڻپ ادبي انداز ۾ سياسي ٿئي ٿي. جڏهن ته شاعري ڇاپ نج ادبي آهي. مان سلطانہ وقاصيءَ جو، سندس شاعري سبب قدردان آهيان. هن نثري شاعري جي نڪور گهاڙيٽي ۾ تجربو ڪيو آهي. نثري نظم جو ڪو مقرر گهاڙيٽو نه آهي.ان ڪري به نئين صنف آهي، جنهن ۾ تخيل جي اپٽار تڏهن ڪرڻي پئي ٿي، جڏهن ڪجهه منقشف ٿئي. سليس پيرائي ۾ ، انڪشاف جي ويجهي سلطانہ جي شاعريءَ ۾ احساس جي سچائي، غم جي گهرائي. اظهار جي بيباڪي روح کي رهڙ ڏيندي آهي. هي شعري اظهار، جيڪو فني اڻت ۾ پيڙائن مان پلئه پوندڙ احساس جي صوتياتي تشاڪيل آهي. تڏهن ممڪن ٿيندو آهي. جڏهن دل بانسري جيان وٺجي وايون ڪندي هجي. هن وڍيل دل جي وائين جا واڪا پنهنجي نثري نظمن جي ڳٽڪي ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ ۾ ڏنا آهن. ان کان پوءِ واري شاعريءَ جو مجوعو اشاعت هيٺ اٿس. گڏ گڏ سندس شاعري فيس بوڪ جي وال تي پڻ دستياب آهي. نئين ٽهيءَ جا پڙهندڙ شايد نه ڄاڻيندا هجن ته سطانه وقاصيءَ ڪير آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين، سلطانہ وقاصيءَ بابت لکي ٿي: ”70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي نئين سجاڳي م سنڌي عوررت کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهن جي ڏس ۾ هلايل تحريڪ ۾ جن سنڌي ليکڪائن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، انهن ۾ سلطانہ وقاصي به هڪ آهي، هن سان منهنجو پهريون تعارف سندس لکڻين ذريعي ٿيو، جيڪو ملير ڊائيجيسٽ ۽ سهڻي رسالي کان سواءِ هلال پاڪستان اخبار جي ’سگهڙين سٿ‘ نالي صفحي ۾ ڇپجنديون هيون“
”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ڀاڱو پهريون – صفحا 368، ڀاڱو ٻيو- صفحا 386، سلطانہ وقاصي جي سياسي، تاريخي، تنقيدي ادبي ڪالمن جو مجموعو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سن 2015ع ۾ پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجو، پنهنجي خاندان جو تعارف هيٺئين ريت ڪرائي ٿي:
”مان اڪرم سلطانہ وقاصي آهيان، مون کي ٻه ٻار آهن، روماسه، (روماسا مخدوم/ڊاڪٽرياڻي/ريڊيولاجيسٽ اسپيشلسٽ)، ۽ امر مخدوم(آءِ بي اي مان ايم بي اي آهي) انهن کي سُٺي تعليم ۽ سُٺو ماحول ڏنو اٿم... سرڪاري نوڪري ڪئي اٿم، مون کي پيسي جو قدر آهي، ڏهه هزار هجن يا ڏهه رپيا، بي مقصد خرچ نه ڪندي آهيان... لکڻ منهنجي ضرورت آهي، نه لکنديس ته مري وينديس.... دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ، نٽهڻ اُس ۾ هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان.
منهنجو بابا سائين خان صاحب عبدالحق وڪو، جيڪي پاڻ ميهڙ شهر جا هُئا، اُنهن اچي ٽنڊو آدم وسايو، منهنجو خاندان وڏيرڪو نه زميداري وارو آهي.
”گهر جي چوديواريءَ م رهندڙ امان جيجي، پنهنجي وقت جي وڏي عالم ۽ تعليمي ماهر علامه علي خان ابڙي جي وڏي ۽ پياري ڌيءَ هُئي. منهنجو ننڍو ڀاءُ نادر وڪو ڦوهه جواني ۾ گذاري ويو، اهو هڪ وڏو سانحو ۽ ڏُک هو اسان جي خاندان ۾ هو بيحد ذهين ۽ سٻاجهو انسان هو، هن جي گهر واري عظميٰ بروهي آپا گل جان بروهيءَ جي ڌيءَ هُئي. منهنجي ڀاءُ جي وفات کان پوءِ عظميٰ کي ڪينسر ٿي پيو، اُها به گذاري وئي... نادر سائين کي چار ڌيئر آهن. وڃڻ کان اڳ هڪ ماءُ پنهنجين نياڻين کي ڪي سمجهاڻيون ڏيندي آهي. ڪيترن سمجهاڻين سان گڏ منهنجي ڀاڀي عظميٰ پنهنجين نياڻين کي سمجهاڻي به ڏني تي پنهنجي امان جيجي (ڏاڏيءَ) جهڙا بهادر ۽ باهمت ٿجو ته پوءِ دنيا ۾ ضرور ڪامياب ٿيندؤ، بس اهڙي ئي هئي منهنجي امان جيجي.
”ابي امان وٽ گهر جي ماحول ۾ بابا سائين سان گڏو گڏ منهنجا ڀائر به اسان ڀيڻين جو ساٿ ڏيندا هئا. ادبي دنيا م اچن کان پوءِ اڳتي وڌڻ ۾ منهنجا ڀائر تمام گهڻو تعاون ڪندا هئا. منهنجو وڏو ڀاءُ لالا سڪندر حيات وڪو جنهن کي اسان سڀ لالا سائين چوندا آهيون، جو منهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ادبي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. هڪ وڏو عزت وارو نالو ۽ شخصيت منهنجي پڦيءَ جو پُٽ ۽ ڀيڻيوو ڊاڪٽر مٺل وقاصي سالن کان وٺي آمريڪا ۾ رهي ٿو، پر لڳندو آهي ته هُن جو روح سنڌ جي گهٽين گهمندو آهي. آمريڪا ۾ ويندڙ ڪيترا سنڌي سندس مهمان هوندا آهن، انهن ات آمريڪا ۾ هڪ وڏو ادارو ’سنڌ‘ جي نالي پٺيان کوليو آهي.“
سلطانہ وقاصيءَ جا هيٺ ڏنل لفظ ڪيڏا نه جيءَ کي جهنجهوڙيندا آهن. ”لڳندو اٿم پر يقين اٿم ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هي شعر منهنجي لاءِ ئي لکيا هوندا:
• جيئن ڪارن جيڏيون وڏا وس ڪيام....
• هڪ سسئي ٻيا سُور ويا پٽيندا پاڻ ۾.“

**

(اربع 27 اپريل 2016ع ڪاوش مڊويڪ)

نامور ليکڪا سلطانہ وقاصيءَ جون ڳالهيون پيٽ ورن ۾: رکيل مورائي

جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته پڪ ئي پڪ سنڌ ۾ ڪنهن به سنڌي خاتون جو پهريون ڪوتائن جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ آهي، جيڪو اسان جي مانواري ڀيڻ ڪوتا ڪار ۽ ڪالم نگار سلطانہ وقاصيءَ جو آهي.
اهو به سچ آهي ته سندس ان ڪتاب کان پوءِ سندس ڪو ٻيو ڪوتائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ نه آيو، البته سندس پاران لکيل جيڪو مواد مليو سي هئا ڪالم، جن جو عنوان هئو، ” ڳالهيون پيٽ ورن ۾“.
شاهه سائين جو ان سٽ سان لکيل الڳ الڳ ڪالم، ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جي اهڙي ميڙي چونڊي آهي، جيڪا هن سڄي ڄمار سانڊي آهي ۽ هاڻ اها ڪتابي صورت ۾ ٻن عاليشان جلدن ۾ ظاهر ٿي آهي.
پڪ سان سلطانہ وقاصيءَ صاحبه ايترو گهڻو لکيو آهي جيترو ڪن ٻه ٻن ڪتاب اچڻ کان گهڻو آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي لکڻين مان چونڊ ڪري ، ڪي اهم ڪالم هنن ڪتابن جي ٻن جلدن ۾ اسان کي آڇيا آهن، سندس ڪوتا کان ڪالمن جي سفر تي لکڻ لاءِ ته گهڻائي پنا کپن، پر هت سندس ڪالمن جي ڪتاب تي ڪي اکر جيڪي سندس ڪالمن کي ٻين ڪالمن کان الڳ ڪري بيهارڻ جي ڪوشش ۾ آهن.
هر حساس اديب/عورت جيان ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جيڪي ڀوڳيو آهي اهو ئي اظهاريو آهي، شخصي طور مون کي لڳو آهي ته هن جو ڀوڳيل، جيڪو اظهار پائي ٿو اهو اصل ۾ ڪهاڻيءَ جو اظهار آهي، ڪالم شخص جي ٻاهر جو اظهار آهي، پر ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جا ڪالم هن جي اندر جي وارتا به ٻڌائي ٿا وڃن. جيڪو ساڻس گذري ٿو. سندس ٻولي ايتري سولي آهي، جو ڪو به پڙهندڙ سندس اظهار کي ويجهو محسوس ڪري ٿو. ها البته ڪڏهن سندس لکڻيءَ ۾ سندس اکين جا ڳوڙها به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي ڪو به ليکڪ هونئن ته جڳ کان لڪائيندو آهي پر، سندس تخليق اُهي لڪائي نه سگهندي آهي.
“ڳاهيون پيٽ ورن ۾“ ڪتاب جي ٻن جلدن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪلام آهن، جن ۾ ليکڪا جو اٻاڻڪو اظهار ۽ سماجي دٻاءُ جي بيوسي آهي، ڪيترن ڪالمن ۾ هن جو غصو آهي، ڪيترن ۾ ادبي مامرا، انهن تي تنقيدي راءِ سان گڏو گڏ ڪي سُجهاءَ پڻ ڏنل آهن جيڪو ليکڪ جو نهايت شفي پاسو آهي. سنڌيءَ ۾ تخريب بابت لکڻ آسان بڻجي پيو آهي، تعمير بابت ڏکيو آهي، پر ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ وٽ تعميري سُجهاءُ آهن. هوءَ پنهنجي تخليق سان گڏ سنڌ کي، ان جي سماج کي، نئين سر اڌڻ جي آشا رکندڙ آهي. هن کي سنڌ عزيز آهي پر وڪڻڻ جي مراد سان نه، اڏڻ جي مراد سان.
هن سنڌ بابت جيڪي ڪالمن ۾ اظهاريو آهي اهو جذبي جي سچائيءَ سان آهي، جذبو جيڪو جذبات کان الڳ هوندو آهي، هونئن اسان وٽ جذبات ئي آهي، جنهن سنڌ کي سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي مسلسل نقصان ئي ڏنو آهي.
جيڪڏهن اهو قبول ڪجي ته ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ ۾ موجود هوندو آهي ته پوءِ ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ پنهنجي سموري وجود ۽ ٻاجهه سميت پنهنجي لکڻين ۾ موجود آهي، سندس ٻاجهه ڀري شخصيت ۽ معصوم ٻوليءَ انهن مڙني لکڻين ۾ موجود آهي. جيڪي شخصي حوالي ۾ لکيون ويون آهن، يا ادبي حوالن ۾ لکيون ويون آهن، سياسي توڻي سماجي حوالن ۾ لکڻ لاءِ جيڪا ٻولي گهرجي ٿي اها الڳ آهي.
وڏن سان احترام وارو ۽ ننڍن سان ٻاجهه وارو سڀاءُ رکندڙ اسان جي ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جو هيءَ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو آهي، گهڻي وٿيءَ کان پوءِ اڄ جي لکندڙ نسل مان شايد ئي ڪن نوجوانن ”دونهاٽيل درشن“ ڪتاب پڙهيو هجي، ممڪن آهي ته ڪن ڏٺو به نه هجي.
ڇا به هجي، سندس گهڻي وٿيءَ کان پوءِ آيل ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ پڪ سان ادبي حلقي ۾ پنهنجي حصي جي آبرو ماڻيندو، ڪتاب نه رڳو پڙهيو ويندو، پر اُن تي لکيو به ويندو، جيتوڻيڪ اسان وٽان ڪتاب پڙهي ان تي تڪڙو ڪجهه لکڻ جو اتساهه موڪلائي ويو آهي، جنهن عمل اڄ جي پڙهندڙ کي به ڪنهن حد تائين مايوس ڪيو آهي. پر لکندڙ لاءِ پنهنجي اندر جي تسڪين اهم هوندي آهي، جيڪا ئي هن کان لڳاتار لکرائيندي آهي، جيئن ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ کان لکرائي رهي آهي، ڪنهن به ليکڪ جو لکڻ، اُن جو جيئڻ آهي ۽ پڪ سان هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي جيئڻ جا به ڪي عڪس آهن. گڏو گڏ سنڌي ماڻهن کي جيئن جا گس پڻ ڏيکاريل آهن. هڪ ليکڪ جو ڪم اتي پورو ٿئي ٿو، اتان کان اڳتي پڙهندڙن ۽ ان مان پرائيندڙن جو ڪم شروع ٿئي ٿو.
ڇهه سئوٻاهتر صفحن تي ٻڌل ڪتاب جي ٻنهي جلدن جو ملهه ست سئو رپيا آهي. ڪتاب امبر پبليڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپيو آهي. ڪتاب بابت الڳ الڳ حوالن ۾ ڪن ناميارن ليکڪن جا پڻ ڪجهه صفحا شامل آهن، جن جا نالا آهن، ڊاڪٽر فهميده حسين، هدايت بلوچ، زرار پيرزادو، ارشاد قمر ۽ محمد سليمان وساڻ وغيره. ٻڌي ليکي پڙهڻ جهڙو ڪتاب ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب نالي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
**

(آچر 12 اگسٽ 2015ع)

هڪ مثالي ڪردار: خالده زلف

متان مئي! ڇڏي پريتڻو پاڻاتن جئن،
جاپڻ جيئن ڄاڻان، تون پڻ هوئج.

اسان سڀني جي پسنديده شخصيت ميڊم سلطانہ وقاصي جي جنم ڏينهن تي مان هي سڀ لکي رهي آهيان. ميڊم سلطانہ وقاصي جيڪا اسان جي ادي سلطانہ وقاصي آهي هوءَ اُستاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار آهي. ادي سلطانہ جو تعلق هڪ پڙهيل لکيل ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. ادب ته ڄڻ سندس خاندان جي خون ۾ رچيل آهي، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو آهي. ادي سلطانہ وقاصي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو ستر جي ڏهاڪي ۾ هن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون باقاعدگيءَ سان اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا هئا. ادي سلطانہ سڄي عمر ادب ۽ سماجي ڪم ۾ رڌُل نظر اچي ٿي. مقصد ته هن پنهنجي سڄي عمر استاد ٿي ڪري علم پهچايو ۽ قلم هٿ ۾ کڻي مسلسل لکندي رهي. ادي سلطانہ شاعري ته ٻاهتر ڌاري لکڻ شروع ڪئي جيڪا سنڌ جي اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ پڇجندي رهي. ان ڇپيل مواد کي گڏ ڪري شاعريءَ جو مجموعو“ دونهاٽيل درشن“ 1984ع ۾ ڇپيو.
ادي سلطانہ جي ان دور ۾ نثراڻي نظم جي شاعر جي حيثيت سان سڃاڻپ هئي. ڪهاڻيون به ان دور ۾لکيون اٿائين. پر جڏهن ستاسي ۾ هن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سنڌ جو اهو دور ڏکيو دور هو ان ڪري ان عواميءَ عواز ۾ نوي کان وٺي سالن تائين مسلسل ڪالم لکندي رهي. هاڻ شاعره سلطانہ وقاصي تي ڪالم نگار سلطانہ وقاصي حاوي ٿي ويئي. سندس لکيل ڪالم ان دور جي هڪ ڀيانڪ تاريخ آهن. ان تاريخ کي ان جرعت سان لکيو آهي. ڳالهيون “پيٽ ورن” جي عنوان سان عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪالم جا ٻه ڪتاب 2015ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “سوال” جي عنوان سان 2017ع ۾ ڇپيو. 2019ع ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب جانور ۽ خاڪن تي ٻڌل ڪتاب “پنهوارن پاٻوهيو” جي عنوان سان ڇپجي چڪا آهن. هاڻ 2019ع ۾ سگا سان گڏ ڪيل سنڌ جي سفر جي ڪٿا جو ڪتاب جيڪو سفر 1988ع ۾ ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو ڪتاب ٻيهر ادي سلطانہ وقاصي ڇپرايو آهي.
اسان سمجهندا آهيون ته ادب ۾ عورتون گهٽ ٿيون لکن پر ادي سلطانہ وقاصي جو مثال اسان جي آڏو آهي جو هوءَ سالن کان وٺي مسلسل لکي پئي. اڄ ڪلهه ادي سلطانہ جي شاعري ۽ مضمون۽ سنڌ جي حالتن تي فيس بڪ تي کوڙ رکيل پڙهڻ لاءِ ملندا آهن. ادب سان گڏ هوءَ سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺندي آهي. ننڍن وڏن ادبي ميڙاڪن ۾ هوءَ موجود هوندي آهي.
اُهي پروگرام آرٽس ڪائونسل ۾ هجن، پاڪستان ميوزيم ۾ هجن، پريس ڪلب يا تين تلوار تي هجن هوءَ هر هنڌ موجود رهندي آهي. ادي سلطانہ وقاصي جا ست ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس لکڻين ۾ سنڌي ٻولي ۽ لکڻ جو انداز تمام سادو پر کرو ۽ سچو هوندو آهي. ادي سلطانہ علمي ڪم جي قائل آهي. اسان سڀني عورتن کي ادي سلطانہ تي فخر آهي . اسان لاءِ هوءَ شاهه لطيف جي سورمي آهي. جڏهن ادي سلطانہ ذميدارين جي بوجهه هيٺان دٻيل هئي تڏهن ادبي دنيا ان جو سهارو هو ۽ سماجي ڪم ڪرڻ سان ان کي سڪون ملندو آهي.
اسان ادي سلطانہ کي چوندا آهيون ته پنهنجي آتم ڪٿا لکي ته هوءَ چوندي آهي ته سچ مان لکي نه سگهندس ۽ ڪوڙ مان لکڻ نه چاهيندس. ادي سلطانہ روشن خيال عورتن مان هڪ آهي جيڪا مرد ۽ عورت ۾ فرق نه ٿي رکي. ادي سلطانہ اسان کي عزت به ڏني ته محبت به ڏني آهي. ادي کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. جن مان اهم مارئي فورم طرفان مليل گولڊ ميڊل آهي. هاڻ تازو ٻارهين ڊسمبر تي پاڪستان وومن ڊي تي، سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽ گورنمنٽ آف سنڌ طرفان کيس شهيد بينظير ڀٽو ۽ محترمه فاطمه جناح لائيف اچيومنٽ ايوارڊ مليو آهي. اسان جي دعا آهي ته الله اديءَ کي وڏي زندگي ڏئي ۽ هوءَ اهڙي طريقي سان لکندي رهي.
**

سلطانہ وقاصي جو ڪھاڻي ڪتاب: جانور...!: عبدالواحد سومرو

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪافي موڙ آيا آھن، جن کي سنڌ پنھنجي شعور سو بھ اجتماعي شڪل ۾ سامھون اچي ٿو، ان کي گڏيل راءِ سان اظھار ڪري ختم ڪن ٿا، جنھن جي پويان ھڪ ھٿ، ھڪ ھٿيار رھيو آھي، سو آھي قلم!
سنڌ ڀل تھ سياسي بحرانن ۾ رھندي آئي آھي، رھي آھي، اڄ بھ انھن مونجھارن مان سنڀرجڻ جا جتن ڪري پئي، ان سڄي اٿل پٿل جي پويان قلمڪار رھيا آھن، ڏات ڌڻي!
سنڌ جي ڏات ڌڻين جي سرتاج ڀٽائي جيڪو درس ڏنو، اھو اڄ بھ جيئن جو تيئن قلم ڌڻي، قلم جي ذريعي ظاھر ڪن ٿا، ڪندا رھندا، ان قافلي ۾ محمد ابراھيم جويي، سوڀو گيانچنداڻي، اياز ، بخاري، گدائي، عبدالحڪيم ارشد، جمال ابڙي، سراج کان اڄوڪي نئين ٽھيءَ تائين جا قلم ڌڻي ھر دور ۾ اڳيان بيٺا آھن.
ان سفر ۾ ھڪ ليکڪھ جنھن جو خانداني پس منظر بھ رھيو آھي، ناناڻي گھراڻي ۾ ڏات ڌڻي رھيا آھن، اڄ بھ موجود آھن، ان ميدان تي ھڪ قلمڪار مانائتي، شانائتي پرخلوص، ملنسار، ٿڌي لب لھجي جي مالڪياڻي سلطانھ وقاصي موجود آھي، هن ڪالم، خاڪا، شاعري ۽ ڪھاڻين ۽ ادب جون ٻيون به صنفون لکيون آهن. هوءَ پنھنجو قلمي پورھيو سھيڙي رھي آھي، ان سھيڙ ۾ جس لھڻي جو ھن مصروف، بيزاري، وٺ وٺان واري دور ۾ نھ صرف پنھنجو مواد لائبريرين مان ھٿ ڪيو آھي، پر پنھنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانہ جو مواد بھ ھٿ ڪيو اٿس، جيڪو بھ جلد ڇپائي جي مرحلن مان پار پوندو.
سلطانھ وقاصي جا ٻھ ڪتاب ڪالمن جا ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ پهرين ڇپجي چڪا آهن ۽ ٻھ تازا ڪتاب به ڇپجي سامھون آيا آهن.
(1) پنهوارن پاٻھويو (خاڪن تي مبني آھي)
(2) جانور (ڪھاڻي تي مبني آھي)
سلطانھ وقاصي صاحبھ جو ڪجھھ مھينا پهرين پيڪاڪ اداري جي ذريعي ڇپجي آيو آھي، جنھن ڪتاب ۾ (30) ٽيھھ ڪھاڻيون شامل آھن، ”اداري پاران“ کان پوءِ پنھنجي طرفان ”تون ۽ مان“ ۾ ليکڪھ لکي ٿي تھ: ”منھنجي لکڻين جا سڀ ڪردار ھن معاشري جا زندھ ڪردار آھن، منھنجا ڏٺل وائٺل ڪردار آھن، ھنن ۾ ڪو بھ خيالي ڪردار نھ آھي، مان شروع ۾ لکي چڪي آھيان تھ وقت وڏو بادشاھھ آھي، ھن وقت جي بادشاھيءَ ۾ منھنجو لکيل ادبي پورھيو ھڪ ادب جي فقيرياڻيءَ جي ڪستي ۾ پيل پيار جو پورھيو پيار سان توھان آڏو آندو اٿم...“
”پيار جي کاڻ“ ۾ تنوير جوڻيجو لکي ٿي تھ ”اڪرم سلطانھ جا ڪردار حقيقي آھن، جيڪي سندس چوڌاري رھندڙ آھن، جن کي ھن ھڪ طرف مشاھدي ۽ ٻئي طرف تحقيق جي اک سان جاچيو، پرکيو ۽ ڏٺو آھي، ۽ ڪردارن جي حوالي سان جيڪڏھن جائزو وٺبو تھ نھايت رنگا رنگي نظر ايندي.“
ڪھاڻي ۾: (1) مرڻو جي آھي تھ وڙھي مرجي (2) موھن جي دڙي ۾ ويٺل اسان جو ارواح (3) رت ۾ ٻڏل پوپريون (4) عشق جا روپ ھزار، (5) زندگي ۽ حقيقت (6) ھڪ سسئي ٻيا سور، (7) ڏکن جون واٽون، (8) رستي تي پيل ھڪ مرڪ ۽ چمڪ (9) گناھھ (10) پنجن رپين وارو انڪل (11) زندگي، (12) ڏکن ۽ سکن جون ساروڻيون (13) پيار ۽ نصيب (14) درد جو داستان (15) منھنجي ڪھاڻي (16) قصو شاھن ۽ ڪرسين جو (17) گلابن جي گلن جھڙي ثريا (18) ڏکايل ڪردار (19)جن ۽ عورتون (20) وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گھر (21) جذبن جا رستا، احساسن جي جنگ (22) ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾ منھنجي دنيا (23) جانور (24) منھنجو لاش منھنجي اڳيان ھو (25) منھنجي دل ۾ خوف جو آستان (26) مرڪي پيو ماڳ شعلن جي شعاع ۾ (27) پياسي ڌرتي پور پچائي (28) لھرين ۾ لڙھندا ملياسين وچ سير ۾ (29) مائي حبل ۽ جمل، (30 ) زندگي تنھنجا روپ...
ھن مجموعي ۾ سلطانھ وقاصي جون ڪجھھ شروع واريون ڪھاڻيون بھ شامل آھن، سندس چواڻي موجب ته پنھنجي حياتيءَ ۾ سمورو مواد ڇپائڻ گهرجي.
”موھن جي دڙي ۾ ويٺل اسان جو ارواح“ ڪھاڻي موھن جي دڙي جي حوالي سان چٽيل آھي، جيڪو اٺ نو دفعا ٺھيو ڊھيو آھي، ان جي اندر ھڪ ماحول ڏيڻ ۾ تھ ليکڪا کي ڪاميابي ملي آھي، اتي جي ماحول، مزاج، کي پيش ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ڪيل آھي، ھڪ ڪھاڻيءَ جو پئرا پڙھي ٿا ڏسون:
”ھڪ پوڄاري موھن جي دڙي جي چوٽيءَ تي چڙھي بگل وڄائڻ لڳو، ان بگل جو آواز ٻڌي جيڪو جت ويٺو ھو ان اتان ھلڻ شروع ڪيو...آھستي آھستي سڀني جي ھلڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ سڀ ڪو تيز تيز ڀڄڻ لڳو، سڀني جو رخ ان وڏي حوض طرف ھو، رات جي خاموشيءَ ۾ ڊوڙڻ جو آواز وحشت ۽ ھيبت پيدا پيو ڪري، ھر ڪو پريشان، حيران ڀڳو پئي ويو، ٻار مرد، پوڙھا، جوان پوڙھيون عورتون، اديب، دانشور، قانون دان، شاگرد، پوڄاري، ديو داسيون، ۽ اھا موھن جي دڙي جي ناچڻي وٽ سڀ اچي گڏ ٿيا ھئا....“
ھي موھن جي دڙي جي ماحول بابت ھڪ تاثراتي ڪھاڻي آھي، ڇو تھ اڃان تائين موھن جي لپي پڙھي نھ وئي آھي، ان جي تباھي بابت ڪا حتمي آخري راءِ جڙي، ان جي باوجود ليکڪا پنھنجي ڪھاڻي ۾ پيشڪش چٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي.
“رت ۾ ٻڏل پوپريون” ھي بھ ھڪ تاثر ۽ بيان جي پس منظر ۾ ليکڪا ٻن ڇوڪرين جي تڪليف کي چٽيو آهي: ”ھي جي ٻھ پوپريون آھن، نالو انھن جو گلشاد ۽ شاھجھان آھي، مون کان سوين ميل پري رھندڙ ھي ٻارڙيون، الائجي ڪير؟ الائجي ڪٿان جون؟.....پر ھن مھل بغير غسل ۽ ڪفن جي ھو منھنجي ھنج ۾ لڪل آھن.....مان ڪائنات جا سڀ قانون ٽوڙي انھن کي غسل ڏئي، ڪفن پھرائي، ڪائنات جون سڀ محبتون گلن وانگر، انھن مٿان وجھي شھادت جو ڳاڙھو وڳو پھرائي اھو سوچي انھن کي قبر داخل ڪيا پئي ھي سڀ منھنجي سوچ جو عمل آھي، ڇو تھ بي ڏوھي ۽ شھيدن کي نھ ڪفن جي، نھ نماز جي، ۽ نھ وري قبر جي ضرورت آھي.“
”درد جو داستان...“ نھ صرف جميلا ۽ سلميٰ جي گھر جي ڪھاڻي آھي پر حقيقت ۾ گھڻن گھرن جي اندر ان قسم جو ماحول موجود آھي، ھن گھر ۾ سلميٰ جي دل جو درد بھترين انداز ۾ چٽيل آھي، ھڪ ڇوڪري جنھن سان پيار ڪري ٿي، مڱڻي ڪرڻ کان پوءِ اھو عشق، اھو پيار، اھو غرور، اھو ناز جنھن تي ھو مست اڪن ڇڪن ٿي پئي ھئي، والدين جي مخالفت....پر ھن جي پيار واري ھمراھھ جميل واري ھڪ ڀيلياڻيءَ سان شادي ڪري ڇڏي!
سلميٰ جي درد جو نوحو...ڏک، پيار، پڇتاءَ جي صورت وٺي ڏنگيندو ٿو رھي، اھڙن ڪيسن، ڪلورن سان سنڌ جي اڪثريتي آبادي واري عورت ڀوڳي ٿي، جڏھن تھ ھي ڏھاڪا اڳ جي ڪھاڻي آھي، اڄ جي عورت جي بھ ڪھاڻي آھي.
سلطانھ وقاصي ھڪ چست، تيز ۽ سرگرم ڪردار جي ھڪ ھمگيريت واري شخصيت، ڪھاڻيڪاره، شاعره، ڪالمسٽ، ماءُ ھڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ وڏو ادبي نانءُ آھي...!
**

سلطانہ وقاصي هڪ جدوجهد جو نالو: حميده ستار ڀٽي

سلطانہ ادب جي شروعات سالن اڳ ڪئي، شروعاتي لکڻين ۾ ڪهاڻيون لکيون اٿائين. ادب جي دُنيا ۾ سفر جي شروعات جيڪا ڪيائين اُها اڄ تائين جاري آهي، سندس ادبي دنيا ۾ مشهوري نظماڻي نثر جي صنف ڪري ٿي هُئي. پاڻ ڪهاڻيون به لکيائين ته شاعري به ڪيائين. مضمون به لکيائين پر سندس شهرت ڪالم نگاريءَ جي حيثيت ۾ وڌيڪ آهي.محترمه سلطانہ جي پهرين لکڻي (هڪ مضمون) سانگهڙ جي هفتي وار اخبار ”الفتوا“ ۾ 1966ع ڌاري شايع ٿي. تنهن کان پوءِ اڪرم سلطانہ سنڌي جي نالي سان روزانو عبرت اخبار ۾ سيپٽمبر 1969ع کان مضمون لکڻ شروع ڪيائين. جنهن ۾ سنڌي مضمون ”سنڌڙي منهنجي ماءُ“، ”اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي“ ”ڪراچي سنڌ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهجي“، ”ڌڻ واري ننڌڻڪي سنڌ“،”ڪراچيءَ جو ڪيڏارو“، ”واڳ سنڌي تنهنجي وس“، ”فيصلو ڪرڻ گهرجي“، ”اچو ته هڪ واٽ وٺون“ ۽ “لطيف جون سورميون“ مضمون تمام بامقصد ۽ مقبول آهن. سندس مضمون خاص ڪري عبرت، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپجندا رهيا آهن. پاڻ هن وقت تائين اٽڪل هڪ هزار شعر لکيا اٿائين، سندس خاص نظماڻو نثر گنهگار، بزدلي، پياسي، ڌرتي، پور پچاڻي، رت ۾ ٻُڏل پوپريون.هر ڪو ماڻهو هڪ ڪهاڻي، امڙ سان جيئڻ چاهيان ٿو، ۽ ٽنڊي بهاول جو ڪيڏارو تمام گهڻا مشهور آهن، سندس شعري مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ آگم پبليڪيشن ايجنسي پاران 1984ع ۾ شايع ٿيو هو. ڪهاڻيون اٽڪل پنجاهه کن لکيون اٿائين. جنهن ۾ ”زندگي تنهنجا روپ“، ”منهنجو لاش منهنجي اڳيان هو“ ۽ “جانور“ 1970ع ڌاري عبرت ۾ شايع ٿيون. سندس نظم ”نئون جمالو“ 1973ع ڌاري سگهڙين سٿ هلال پاڪستان ۽ ”مرڪي پيو ماڳ شعلن جي شعاع ۾“، ڪهاڻي بادل رسالي ۾ شايع ٿي. تنهن کان علاوه ٽي وي تي ڊرامي جي صورت ۾پيش ٿيندڙ ناول زينت تي 1988ع ۾ لکيل سندس مضمون جيڪو ڪراچيءَ جي هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو، سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا. سگا پاران پرڏيهي اديبن جي وفد کي سنڌ جو دورو ڪرائڻ بابت سندس سفر نامو ”خوابن جو سفر“ هلال پاڪستان اخبار ۾ قسط وار شايع ٿيو.
سلطانہ وقاصي گهڻن اخبارن ۾ هفتي وار عورتن جي صفحي يا ادبي صفحي جي انچارج پڻ رهي، جنهن ۾ هلال پاڪستان ۾ 1989ع، کان 1991ع تائين لڳاتار ٽي سال هفتيوار ”سرتين سٿ“ جي انچارج، 1992ع کان 1994ع تائين ”سگهڙن سٿ“ جي انچارج رهي. هن دوران هفتيوار صفحي ۾ پاڻ ”پنهنجون ڳالهيون“ عنوان سان ڪالم به لکيا.
ڊسمبر 1994ع ۾ روزاني عوامي آواز ۾ هفتيوار صفحي ”سورمي“ جي انچارج رهي. هتي پڻ هر هفتي ”ڪجهه ڳالهيون“ عنوان سان ڪالم به لکندي رهي. تنهن کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين عوامي آواز جي هفتيوار ادبي صفحي ”تخليق“ جي انچارج آهي. پاڻ 1991ع کان عوامي ۾ هفتيوار ڪالم ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ لکڻ شروع ڪيائين. جيڪو وقفي وقفي سان هاڻي به لکندي رهي آهي، اهڙي طرح سال 1994ع کان 1995ع تائين روزانو هلال پاڪستان ۾ هفتيوار ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ پڻ لکيائين. سندس ڪالم جو پڻ اٽڪل پنجن ڪتابن تي مشتمل مواد آهي. کيس ان ڳالهه جو اعزاز آهي ته 1970ع کان اڄ تائين لڳاتار ٽيهه سال گذرڻ کان پوءِ به هن پنهنجي هٿن مان ادب ۽ قلم کي نه ڇڏيو. جڏهن ته ساڻس گڏ ادبي سفر شروع ڪندڙ ڪيتريون نامياريون سرتيون ادبي دنيا کي خدا حافظ چئي گهر ڌياڻيون ٿي زندگي گهارين پيون. سندس قلم هميشه سنڌ جي حقن سنڌ مٿان لڳندڙ ڌاڙن، سنڌ لاءِ جدوجهد، مظلوم عورت جي داد فرياد سان ڀرپور آهي.
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)

سلطانہ وقاصي جي جيون ۾ جھاتي: عبدالواحد سومرو

ڪراچي ۾ رھندي سنڌي ماڻھن جي علمي ادبي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيڻ، اتي انھن بحثن، مباحثن، شخصيتن کي پنھنجي روبرو ٻڌڻ کي گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي لاءِ اعزاز ۽ فخر سمجھندو آھيان، اھو ان جي ڪري جو يونيورسٽي ۾ پڙھندي توڙي ڳوٺ ۾ پڙھندي ڪتابن سان رشتو جڙيل رھيو.
جڏھن انھن اديبن، عالمن اڪابرن کي ڪتابن ۾ پڙھيو ھيو پوءِ اھو ڀل تھ ھلڪي ڦلڪي سطح تي ئي! پر جڏھن ڪراچي ۾ پنھنجي اڳيان ٿيندڙ انھن پروگرامن ۾ ڏسبو تھ دل ۾ سرھائي ڪر موڙي من کي معطر ڪري ويندي ھئي، جيڪو سلسلو قائم آھي، انھن پروگرامن ۾ ڪيترن شخصيتن کي ڏسڻ ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، انھن ۾ ھڪ سنھڙي سڪڙي سيپڪڙي ليکڪا سلطانھ وقاصي بھ ھڪ آھي.
اخبارن ۾ مختلف وقتن تي ھن جي ڪالمن پڙھڻ مان فيضياب ٿبو ھيو، جاڳو ھجي يا عوامي آواز، ان جو لکڻ، پڙھڻ ۽ عملي طور تي سرگرم ھجڻ تھ سون تي سھاڳو واري ڳالھھ آھي، ھن جي ڪالمن، ڪھاڻين جو تھ اخبارن رسالن ۾ سلسلو ڇپجڻ جو ھلندو رھندو آھي.
پر، تازو سلطانھ وقاصي جا ٻھ ڪتاب ڇپجي سامھون آيا آهن، ”جانور“ (ڪھاڻيون) ”پنھوارن پاٻوھيو“ (سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن تي خاڪا) آهن، ان کان علاوه سندس پهرين به ڪجهه ڪتاب آهن، جن ۾ : هڪڙو آڳاٽو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“، (شاعري ۽ ٻيو ”سوال“ (شاعري) ۽ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ٻه ڀاڱا زخيم ڪتاب قابل ذڪر آهن.
سڀ کان پھرين تھ سلطانھ وقاصي سان ھڪ تعارفي ملاقات ڪيون تھ پنھنجي پڙھندڙن کي آگاھي ملي تھ ڪٿان ۽ ڪيئن ھڪ سنھڙي سُڪي عورت، ھڏن مٺ پنھنجي ذاتي، خانداني حوالن جي باوجود ھيءَ ھڪ قلمڪار آھي ان جي ئي بياني پڙھي ٿا وٺون.
“وري بھ پنھنجو احوال اورڻ ضروري ٿي پيو آھي، ھيءَ جيڪا اڪرم سلطانھ وقاصي آھي نھ، ان جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، جنم کان شعور واري زندگي ٽنڊو آدم ۾ گذاري.”
سندس والد خانصاحب عبدالحق وڪو ميھڙ جو ھيو، اچي ٽنڊو آدم جا وڻ وسايا، ماءُ حميده بيگم جيڪا عالم اڪابر تعليمي ماھر علامھ علي خان ابڙي جي ڌيءَ ھئي.
سلطانھ وقاصي پنھنجي باري ۾ ھڪ ڪالم “جڏھن لوڪ لڻندو ۾ لکي ٿي تھ: “منھنجو تعلق ادب سان گڏوگڏ تعليم سان بھ آھي، مان ڪراچي ۾ ھڪ نامياري ڪاليج ۾ پڙھائيندي آھيان، ٽنڊي آدم جھڙي شھر مان ڦرھي ۽ سليٽ تي پنج درجا پاس ڪيم، مٿين ڪلاس ۾ ڇھين درجي ۾ اسان کي انگريزي پڙھائي وئي اھا بھ معمولي درجي جي، اھو اسڪول جت يونيفارم بھ ڪو نھ ھوندو ھو، صبح جو منھن ڌوئي انھن کي ڪپڙن ۾ اسڪول روانا ٿي ويندا ھئاسين، شام جو ڪلاڪ کن ماستر ٽيوشن پڙھائڻ ايندو ھو، خبر نھ آھي ڇا پڙھائيندو ھو، ابي امان کي تھ اھا خبر نھ ھوندي ھئي تھ فلاڻو ڇوڪرو يا فلاڻي ڇوڪري ڪھڙي ڪلاس ۾ پڙھن پيا، نو ڀائر ڀينر خير سان لائن ۾ ويھندا ھئاسين، وٽڙين ۾ ٻوڙ ۽ ڇٻيءَ ۾ ماني ملندي ھئي. کائي اٿي کڙا ٿيندا ھئاسين، شام ٿي بابا سائين جيپ تي ٻني تي وٺي ويندو ھو، اتي واٽر ڪورس ۽ ٽيوب ويلن جي پاڻيءَ سان کيڏڻ ۽ زمين تي ڊڪون پائڻ ڪيڏي نھ لاپرواھھ زندگي ھئي.
ان دوران ئي مون کي لکڻ پڙھڻ جو شوق ٿيو، اخبارون ۽ اھي رسالا جيڪي گھر ۾ ايندا ھئا پڙھڻ شروع ڪيم، ميٽرڪ پاس ڪري زبيدھ ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رھڻ آيس، ايتريون ڇوڪريون ڏسي ڊپ وٺندو ھوم، آھستي آھستي ان ماحول ۾ پاڻ کي سموئي ويس، آخر اھو وقت بھ آيو جو ٻھ چار ڄڻا مون کي ادب جي حوالي سان سڃاڻڻ لڳا. ايم اي پاس ڪيم تھ منھنجو مان مٿانھون ٿي ويو، ڪجھھ لکڻ جي حوالي سان ۽ ڪجھھ تعليم جي ڪري خاندان وارا منھنجو مثال ڏيندا ھئا، ائين نوڪري ڪراچي ۾ ملي.
اڄ دل چاھيو تھ پنھنجي ڳالھھ بھ ڪجي، جڏھن مان اڃا سنڌي پھرين درجي ۾ بھ داخل ڪا نھ ٿي ھئس، نٻل ڪمزور، عالم رواجي شڪل صورت، رنگ روپ بھ گھٽ، منھنجا ڀائر ڀينر سڀ رنگ جا گورا سھڻا، انھن وچ ۾ مان ڄڻ تھ پرائي پئي لڳندي ھيس، گھر ۾ ڪو مھمان اچي تھ منھنجي پڇا ڪري تھ ھي ڪير آھي؟ جڏھن خبر پويس تھ مان بھ ھن گھر جي ڄائي آھيان تھ عجب وچان اکيون ڦاٽيو وڃنس، ان ويل مان ڪنڊون پاسا ڳولھي وڃي لڪندي ھيس.
ان زماني ۾ اوچتو مان بيمار ٿي پيس ڳوٺ جي ڊاڪٽرن چڪاس ڪري گھر وارن جو ھانو ئي ڏاري ڇڏيو، انھن چيو ھن نينگريءَ کي ٽي بي آھي، امڙ ويچاري کڻي ھنيانو تي ھٿ رکيو، گھر ۾ ھئاسين، اڳيان پويان نو ڀائر ڀينر، بيماري بھ اھڙي خطرناڪ ھاڻ مون کي ڪن تھ ڪاڏي ڪن، سڀ ڪو چوي گھر جي ٻارن سان نھ ويھي نھ ڪُڏي نھ کائي نھ پيئي، ان وقت اسان جي گھر ۾ ھڪ مائي امان شاھل نالي رھندي ھئي، (اڃان بھ رھندي آھي، جھور پوڙھي ٿي ويئي آھي) ٻھ ٽي سال اڳ جڏھن مانجھند شھر ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو ھو تھ ھو ٽپڙ کڻي اچي اسان جي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ رھي ھئي.
شاھل جو گھر جو ماحول مٽجندي ڏٺو تھ ان کي ڏک ٿيو، ان صلاح ڏني تھ جيستائين حيدر آباد شھر مان ھن جي پوري چڪاس ٿئي ۽ علاج ھلي، ھيءَ ھلي اسان جي گھر ۾ رھي، امان بابا جن خوشيءَ سان اھو فيصلو منظور ڪيو، تھ امان شاھل جي ڌيءَ امان کتان جنھن جي گھر ۾ مون کي موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو سو بھ صفا ويجھو ھو.
ھڪ ڏينھن ھڪ ننڍي پيتيءَ ۾ منھنجا لٽا ڪپڙا وجھي امان شاھل مون کي وٺي وڃي امان کتان وٽ ڇڏي آئي، ات پھچڻ سان منھنجي کير پيئڻ واري وٽڙي ۽ پاڻي پيئڻ وارو گلاس بھ ات پيو ھيو، ان رات کي مان اڄ تائين نھ وساري سگھي آھيان.
اھڙي طريقي سان ٽين چوٿين ڏينھن امان شامل مون کي گھر وٺي ويندي ھئي ۽ مان ھڪ عجيب ڪيفيت مان گذرندي رھندي ھئس. ھاڻ مان ھن گھر ۾ ٿورو ھري وئي ھيس، ڏھھ ٻارھن ڏينھن گذري ويا، منھنجي گھر مان جيڪو کاڌو ايندو ھو، اھو مان ڪو نھ کائيندي ھيس، ضد ڪري انھن جي اڻڀي ماني ۽ غريباڻيون ڀاڄيون کائيندي ھيس، امان شاھل جڏھن ماني کڻي ايندي ھئي تھ خبر پوندي ھئس تھ مان اڳ ئي ماني کائي ويٺي آھيان تھ ھو گھر ڀاتين تي ڪاوڙ ڪندي ھئي. ان دوران ھڪ دفعو مون کي حيدر آباد موڪليو ويو، جت منھنجا ايڪسري ۽ خون جون ٽيسٽون ورتيون ويون، اھي رپورٽون پندرھن ڏينھن کان پوءِ ملڻيون ھيون.
ھاڻ ان گھر ۾ رھڻ دوران محرم جو مھينو اچي ويو، ھي سڀ گھر جا ڀاتي ھئا تھ سني عقيدي وارا پر احترامن محرم ملھائيندا ھئا، ڪارا ڪپڙا پائيندا ھئا، رات جو پڙن تي ويندا ھئا، ھاڻ منھنجو رھڻ مشڪل بڻجي ويو، گھر جا ڀاتي پڙن تي وڃن ته پوءِ مان ڪيئن اڪيلي رھنديس. ھاڻ انھن مون کي سمجھايو تھ تون بھ اسان سان ھل، اتي ڏاڍو مزو ايندو آھي، کاڌي جون شيون ملنديون آھن، منھنجي لاءِ بھ ھڪ ڪارو جوڙو گھر ۾ رنگي تيار ڪيو ويو، رات جو ماتم ڏسڻ ويندي ھئس.
ھاڻ حيدر آباد مان منھنجون رپورٽون آيون، جن مان اھا خبر پئي تھ مان بلڪل ٺيڪ آھيان، مون کي ڪا بھ بيماري ناھي.......اھو ھڪ مھينو جيڪو مان گھر کان پري رھيس تنھن منھنجي وجود ۾ وڏي تبديلي پيدا ڪري ڇڏي، اسڪول ۾ داخن ٿيڻ ۽ پڙھائي دوران مون ۾ ھڪ عجيب قسم جي تبديلي ايندي رھي ھاڻ مان اڪيلائپ پسند ڪرڻ لڳس، ڪتابن پڙھڻ ڏي گھڻو ڌيان ڪيم، الڳ دنيا وسائي ڇڏيم.
.....ھا قدر ٿيو پيسي جو جڏھن مان ٻن ٻارن جي ماءُ ٿيس ۽ زندگي جي ھڪ وڏي حادثي مون کي آڻي وڏي چئو واٽي تي بيھاري ڇڏيو، ان وقت مان سال موڪل ورتي ھئي، ماما جمال ڪوشش ڪرڻ ۾ جيئن مان ٻيھر نوڪري تي چڙھي سگھان، ان لاءِ ڪڏھن اي جي سنڌ طارق روڊ وڃڻو پوندو ھو تھ ڪڏھن ڊائريڪٽر جي آفيس تھ ڪڏھن سنڌ سيڪريٽريٽ پئسو مون وٽ صفا ڪو نھ، رستن کان صفا ناواقف پوءِ نڪرندي ھيس پنڌ، پنھنجي ٻن سالن جي ڌيءَ پاڙي ۾ ڇڏي ۽ اٺن مھينن جي پٽ کي ھنج تي کڻي، ڪراچي جي رستن تي مان ميلن جا ميل پنڌ ڪيو، ھڪ تھ پئسو گھٽ مٿان اھا بھ خبر نھ ھوندي ھئي تھ ڪھڙي بس ڪھڙي پاسي پئي وڃي، آفيس ۾ وڃ تھ ڪير ڪجھھ ٻڌائڻ لاءِ تيار نھ ھڪ ڪم جي پٺيان ڪيترا ڏينھن پيا لڳن آخر آھستي آھستي بچيل پيسا بھ ختم ٿي ويا، سڄو ڏينھن بک تي پنڌ ڪري اچي پاڻي جو گلاس پي سمھي رھندي ھيس، شڪر رڳو اھو تھ منھنجي ٻارن لاءِ گھر ۾ کير موجود ھوندو ھو، اھو ڏينھن بھ ياد اٿم ٽن ڏينھن جي لنگھڻ کان پوءِ پاڙي وارن کان ٻه پٽاٽا وٺي اوٻاري کاڌم!
آخر اھو ڏينھن بھ آيو جو مون کي جوائننگ رپورٽ سان گڏ ساڍا ڇھھ ھزار پگھار جا مليا، ڪيترن ڏينھن جا ڌڪا کائي بکون ڪاٽي ذھن پريشانين کان پوءِ مون کي احساس ٿيو تھ پئسو ڪھڙي شيءِ آھي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو تھ پئسو ھجي جو انسان پنھنجون ذاتي ضرورتون پوريون ڪري سگھي.
ھيءَ مختصر زندگي جي ڪيل سفر مان سلطانھ وقاصي پنھنجي ڪالمن ۾ ڪجھھ ھنڌن تي پنھنجي ڪھاڻي جا واقعا بيان ڪيا آھن، ائين ھر ھڪ انسان جي جيون چتر ۽ سفر ۾ سڀني کي کائڻ لاءِ سونا چمچا نھ مليا آھن.
ھونءَ بھ زندگي ڪشالن، سفر ڪٿائن، ٺڳين، ڪوڙن جي قافلي ۾ ھلندي رھندي عورتن تھ وڌيڪ ڀوڳيو آھي، ڀوڳن ٿيون، انھن واقعن، حادثن کي سلطانھ وقاصي ڪھاڻي جي شڪل ۾ چٽيو آھي، پر گھڻي ڀاڱي ھن ڪالمن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي صورتحال جو ھڪ داستان ھنن ڪالمن ۾ موجود آھي، جھن مان ھن جي ذھني دلچسپي سان گڏ سنڌ سان ٿيل زيادتين تي سڀني کي سلطانھ وقاصي پنھنجي تحرير جو حصو بڻايو، جيڪي 1990ع سالن تائين جي دور جا لکيل آھن پر سنڌ جي صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿي چڪي آھي، جنھن مان پار پوڻ جي لاءِ گھڻ طرفي جدوجھد جي ضرورت آھي....!
**

شمشير الحيدري جي محفل ۽ سلطانہ وقاصي جي ڪتاب جو جائزو: علي محمد ميمڻ

سنڌ جي فخر، اديب، شاعر صحافي ۽ سگا جي بانيڪار شمشير الحيدري جي ستين ورسي جي مناسبت سان پروفيسر مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر جي ڪانفرنس هال ۾ سگا مرڪز ۽ ڪراچي شاخ جي انتظامر هيٺ شمشير الحيدري جي ياد ۾ يادگار ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. شمشير صاحب جي وڇوڙي جو ڏينهن ته 10 آگسٽ آهي پر انهيءَ ڏينهن صبح کان ئي ڪراچي ۾ طوفاني برسات جو سلسلو شروع ٿيويو ۽ سمورو شهر ۽ روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا. اهڙي ريت اها تقريب ملتوي ڪري اڳتي 29 آگسٽ تي سگا مرڪز ۾ ڪراچي شاخ جي سهڪار سان مقرر ڪئي وئي. ان حوالي سان دعوتون پڻ جاري ڪيون ويون پر انهيءَ ڏينهن پڻ ڪراچي ۾ برساتن جو ٽيون وسڪارو هلندڙ هو ۽ هلندڙ برسات ۾ پڻ تقريب منعقد ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي مهان هستين امداد حسيني، پروفيسر اعجاز قريشي، هدايت بلوچ، سلطانہ وقاصي، چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري ۽ ٻين شخصيتن پنهنجا يادگار خطاب ڪيا. شمشير جي پرستان ۽ عزيزن جي وڏي انگ وسندڙ برسات ۾ به اچي شرڪت ڪئي. محفل ۾ سندس يادن جي لاٽ ٻرندي رهي. خطاب ڪندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ شمشير جي شعر، نغمن، ادب، صحافت، جفاڪشي ۽ وطن پرستي جا قصا ۽ يادن جي دونهين دکندي رهي ۽ محفلظ کي خوشبوئن سان معطر ڪندي رهي.
شمشير الحيدري جي ورسي واري تقريب ۽ سندس ڪلام ۽ ڪمال جي ذڪر واري محفل ۾ شريڪ هر هتي پنهنجي خطاب ۽ عقيدت جي اظهار جي مختلف ذريعن سان هن محفل ۾ جيڪي پيپر پڙهيا سي ته پنهنجي پنهنجي نوعيت جي حسان سان منفرد ضرور هئا پر سنڌي ادب جي مانائتي شخصيت سلطانہ وقاصي سنڌ جي حيات ۽ وفات ڪري ويل اديبن، دانشورن، شاعرن جي حوالي سان لکيل ڪتاب “پنهوارن پاٻوهيو” ۽ ڪهاڻين جي ڇرڪائيندڙ ڪتاب “جانور” جون وڏي تعداد ۾ سوکڙيون آڻي پنهنجي آٽو گراف سان ورهائڻ ۽ ارپڻ واري ڳالهه ته ڪمال ڪري ڇڏيو.
سلطانہ وقاصي، سنڌ جي اديبن ۽ سوانحي حاڪمن بابت پنهنجي تازو شايع ڪيل ڪتاب “پنهوارن پاٻوهيو” ۾ شمشير الحيدري بابت شايع ڪيل سوانحي مضمون جو حصو پنهنجي تقرير ۾ پڙهي ٻڌايو. سلطانہ وقاصي چئي رهي هئي ته “هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ جنم وٺي، اڄ ايڪويهين صديءَ جي ظالم دور جي سفر تائين شمشير الحيدري جهڙي نازڪڙي نماڻي، ارڏي، ماڻهوءَ زندگي سولي ڪو نه گذاري. شمشير الحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي جن کي پڙهي مون جهڙن ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو. سنڌ جي تاريخ جيڪا اديبن جي حوالي سان لکي ويئي آهي يا وري ٻڌي ويئي آهي. ان دور ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، رشيد آخوند، ثميره زرين، رشيد ڀٽي، امر جليل، حميد سنڌي، غلام رباني، نسيم کرل ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا نالا آهن جن ان دور ۾ قلم کي هٿيار بڻائي ۽ سنڌين جي بقا لاءِ جنگ جوٽي.”
بيشڪ! ڪنهن به شخصيت تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي، خاص ڪري ادبي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي، اسان وٽ سنڌي اديب هونئن ئي ڏچن ۾ هوندو آهي. آس پاس جون نراسايون ڏيندڙ ماحول، ديب جي وجود ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي، ڪجهه اديب جهڙوڪر شمشير الحيدري فطرتن ارڏا هوندا آهن. پاڻمرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڦٽي ڪري تحرڪ پيدا ڪندا آهن. انهن جي وجود جي بيچيني انهن جي لکڻين ۾ موجود هوندي آهي هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پتنگن جيان اچي آڳ ۾ وجهندا آهن.
سنڌي ادبي سنگت جنهن سان شمشير الحيدري جو روح وارو ڳانڍاپو ۽ بنيادي واسطو هو ان جي تاريخ تي نظر وجهجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم مان پيدا ٿي. وڌندڙ اديب نه صرف پنهنجي خاندان پر سنڌ جي عوام جي به گڏيل ملڪيت آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ نثر جي ذريعي احساس ڏياري ٿو. سائين جي ايم سيد ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ مرڻ گهڙي تائين نظربند رهي ٿو. هڪ قافلو آهي جنهن ۾ شمشير الحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، طارق اشرف، آغا سليم، سراج ميمڻ ۽ حميد سنڌي جي رسالي روح رهاڻ ۽ طارق اشرف جي سهڻي ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مود اها ئي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي ادبي ويڙهاند آهي، جنهن سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو.
سلطانہ وقاصي جي ڪتاب “پنهوارن پاٻوهيو” ۾ شمشير الحيدري سميت 20 چونڊ شخصيتن جا سوانحي خاڪا ۽ انهن جي فن، ادب، شاعري ۽ صحافت جي مانائتي ۽ لاڀائتي ڪردار کي سندن سوانحي خاڪن جي صورت ۾ هڪ ئي ڪتاب ۾ سهيڙي شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ڪيتريون شخصيتون جن کي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ بحث ۽ ڪچهريون ڪرڻ جا موقعا مليا انهن سان گهاريل وقت ۽ آزمائشن ۽ مشڪلاتن ۾ سندن ڪردا ۽ عمل جون اکين ڏٺيون ڳالهيون تحرير ڪري کين خاص طور تي سنڌ جي نئين ٽهي ۽ نئين نسل سان تمام سهڻي انداز ۾ تعارف ڪرايو آهي ۽ ائين چئجي ته ماضي ۽ حال جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي ڏسڻ، پسڻ ۽ انهن کان پرائڻ لاءِ پاڻ وڏي ڀيڻ ۽ مهربان ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي. نئين ٽهي کي هٿ کان جهلي آڻي پنهنجن بزرگن ۽ وڏڙن سان ملاقات ڪرائي اٿس ۽ اها پڻ تاڪيد ڪندي ٿي رهي ته پنهنجي مانائتي ماضي ۽ پنهنجي مانائتي ۽ شاندار مستقبل لاءِ پنهنجن وڏڙن ۽ عالمن ديبن جا هٿ مضبوطي سان جهلي وٺو ته هميشه هر قسم جي لهرن ۽ طوفانن کان محفوظ رهندوءَ ۽ پنهنجي وڏڙن جي هٿ هٿ ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻ سان ئي منزلون ملنديون ۽ ايندڙ نسلن ۽ قوم جي من جون مرادون پوريون ٿي سگهنديون.
سانئڻ سلطانہ وقاصي پنهنجي ڪتاب ۾ جن اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن جا سوانهي خاڪا تحرير ۽ ترتيب ڪيا آهن. انهن هستين جا سندس ادب جي دنيا ۾ اچڻ شخصيت جي سرجڻ ۽ وڌي وڻ ٿيڻ واري عمل تي اثر آهن، انهن جو تمام احترام، مان ۽ فخر سان ذڪر ڪيو اٿس. انهن هستين ۾ عبدالڪريم گدائي، رشيد ڀٽي، شيخ اياز، نسيم کرل، علي احمد بروهي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، استاد بخاري، نورالدين سرڪي، محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير عباسي، آغا سليم، قمر شهباز، بشير مورياڻي، طارق اشرف، شمشير الحيدري، تاج بلوچ، امداد حسيني، هدايت بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن. انهن شخصيتن بابت پنهنجا رايا، مشاهدا ۽ تجربا جيڪي ڇپايا ويا آهن اهي يقينن سنڌ جي هڪ معتبر ۽ مانائتي اديبه ۽ شاعره جا بيان پڻ آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي رپورٽ ۽ سَنَد جو درجو رکن ٿا.
سانئڻ سلطانہ وقاصي جو پنهنجي ڪتاب جي پيش لفظ بعنوان “ڏاهيءَ ۾ ٿيان” ۾ مقدمو هن ريت بيان ڪيو ويو آهي. منهنجي لکڻ جو هڪ ڏانءُ آهي. منهنجا لکيل هي مضمون جن کي اديبن تي لکيل خاڪا به چئي سگهجي ٿو، هي تحقيقي مضمون يا مقالا نه آهن. انهن جي لکڻين تي مون ڪا ريسرچ ڪا نه ڪئي آهي، بس پنهنجي دل اندر جون ڳالهيون لکيون اٿم. اهي اديب جن جون لکڻيون پڙهي مون لکڻ سکيو، انهن مان ڪن سان زندگيءَ ۾ مليس ته ڪن سان نه ملي سگهيس. سامهون ملڻ ۽ انهن وڏن اديبن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي به وڏي اهميت آهي. جن اديبن سان ملاقات نه ٿي اهي پنهنجي تجربن سان اسان جي سوچن ۽ احساسن جو حصو آهن. هن ادبي پنڌ، ميل ملاقاتن، تجربن، مشاهدن ۽ منهنجا لکيل هي مضمون (خاڪا) منهنجي پيار جي احساس جو پورهيو آهن.
**

سچا جذبا ۽ سلطانہ وقاصي سلطانہ وقاصي شاعريءَ کان ڪالم نگاريءَ تائين: ڊاڪٽر فهميدہ حسين

اها ستر واري ڏهاڪي جي شروعات هجي، مون کي پنهنجي هفتي وار ايڊيشن ”سگهڙين سٿ“ لاءِ ثميره زرين جو انٽرويو وٺڻو هو، پنهنجي ڀيڻ انيس کي چيم ته ان جي ائڊريس هٿ ڪري ڏي، تنهن ٻڌايو ته سندس ڪاليج ۾ هڪڙي ڇوڪري پڙهندي آهي، اُن کي ادب ۽ اديبن سان گهڻي دلچسپي آهي، ان کان پڇنديس. پاڻ اُن جو نالو اڪرم سلطانہ ٻڌايائين، ٻي ڏينهن هوءَ ساڻس ڳالهائي نه صرف ائڊريس معلوم ڪري آئي بلڪه ايئن به چيائين ته “اڪرم سلطانہ“ به پاڻ سان هلندي. ثميرا زرين جي گهر. سو اسين پهريان اڪرم سلطانہ جي گهر وياسين ۽ ان کي وٺي پوءِ ثميرا زرين جي گهر وياسين. اُتي ڳالهين، ڳالهين ۾ خبر پئي ته هوءَ، منهنجي صفحي ۾ پنهنجي شاعري موڪليندي رهندي آهي ۽ اُن کان سواءِ سندس ڪيترائي خط توڙي ٻيون لکڻيون سهڻي، سوجهرو، ملير ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، سندن قلمي نالو سلطانہ وقاصي آهي، اُهو نالو مون لاءِ واقعي اوپرو ڪونه هو. هن جا خط ۽ شاعري مون وٽ ايندا هئا، اُها منهنجي سلطانہ سان پهرين ملاقات هئي، اُهو دور اهڙو هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪ نئين سجاڳيءَ جي لهر ڊوڙي وئي هئي. ون يونٽ ٽُٽڻ کان پوءِ سنڌين کي پنهنجي وڃائجي ويل وجود ۽ سڃاڻپ کي واپس ڳولڻ (Rediscover) ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. سنڌ سڀني جو عشق هئي، سنڌي سڀني جا سڳا، سنڌ جي مختلف طبقن کي اڳتي آڻڻ ۽ سندن محرومين ۾ ٿيل حق تلفين جي تلافي جو تصور پڻ اڀريو هيو. اُن ڏس ۾ سڀني کان مختلف پر مثبت تبديلي آئي، سنڌياڻين جي سوچ ۾، هر نون استعارن ۽ اشارن جي مدد سان پنهنجي وجود ۾ هئڻ (Baing) ۾ لڳائڻ لڳيون هيون. انهن جي اظهار تي اڳ ۾ جيڪي پهرا پيل هُئا، حقن تي جيڪي ڌاڙا لڳل هئا، آزاديءَ تي جيڪي اعتراض ٿيندا هئا، انهن تي هاڻي انهن سوچن شروع ڪيو هو، کين اهڙو ادراڪ ڏيڻ وارا انهن مخلتف رسالن، اخبارن ۽ مخزنن جو اجراءُ ڪري کين همٿائي رهيا هئا. ۽ جن به انهيءَ سڏ ۾ سڏ ڏنو انهن ادب جي دنيا ۾ هڪ طوفان آڻي ڇڏيو، وڏي هلچل مچي وئي اُهو ڪجهه ٿي ويو جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو، اُن دور جا چند وڏا نالا ته ڏسو، توهان پاڻ مڃي ويندو ته اهو هڪ وڏو انقلاب هو، جنهن سنڌي سماج ۾ اُٿل آڻي ڇڏي، ادب ۾ وڏا وڏا نالا اڀري آيا، اڳي جت صرف ثميره زرين، رشيد حجاب ۽ مهتاب محبوب مشهور هيون. ڪهاڻيءَ ۾ شاعريءَ ۾ ته نُور شاهين کان پوءِ بس هئي، ۽ هي سڀ ڪن خاص موضوعن تي لکنديون هيون، اُن کان پوءِ جي دور ۾ خيرالنساءَ جعفري تنوير جوڻيجو، نورالهديٰ شاه، تبسم مهتاب قريشي، شميم ميمڻ، سلميٰ صديق قاضي، فهميده ميمڻ، نيلوفر جويو، سعديه ميمڻ، ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اڀري آيا، ۽ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ اُهي نوان نوان تجربا ڪري مشهور ٿي ويون. شاعريءَ ۾ ڏسو ته سحر امداد، تسليم يعقوب، انيس ميمڻ، منور سلطانہ، شبنم موتي، ثريا سنڌي، نذير ناز، سلطانہ وقاصي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا نمايا حيثيت اختيار ڪري ويا، انهن مان ڪن ڪجهه وقت کان پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنو ته ڪي اهڙيون ثابت قدم ليکائون آهن جيڪي اڄ به لکي مشهوري ماڻي رهيون آهن، ۽ پان مڃائي رهيون، جن مان سلطانہ وقاصي پڻ هڪ آهي، سلطانہ وقاصي جي شهرت سندس شاعري ۽ خاص ڪري نظماڻي نثر جي صنف جي ڪري ٿي، جنهن هن تمام خوبصورت انداز کي پنهنجي اندر جي اظهار ۾ آندو. هن جا شروعاتي نظم گهڻو ڪري پنهنجي دور مروج روايتن جا ئي عڪس آهن، مثال طور چوي ٿي:
عبادتن جو ڳالهيون
مون سان نه ڪر
مان آهيان مانوس
هن ڌرتي جي انسانن سان .
اهو ان وقت هي سنڌي عورت جو آواز هو، ڪجهه وقت کان پوءِ زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ سلطانہ وقاصيءَ جي شاعري ۾ مداخلت جو عنصر وڌيڪ نظر اچڻ لڳو. هوءَ پنهنجي ذات جي حوالي سان اندر جي تلخي فرسٽيشن جو شڪار معلوم ٿئي ٿي.
هڪ سکئي گهر جي عيش ۾ پليل اهڙي ڇوڪري جنهن ڪڏهن به اڪيلي سر گهر قدم ٻاهر نه رکيو هو سا تن تنها ڪراچي جهڙي ظالم شهر ۾ پنهنجي ٻچڙن جي گذران لاءِ نوڪري ڪرڻ لڳي ۽ بسن ۽ رڪشائن ۾ چڙهي گهر جي سيڌي سامان کان ويندي گئس ۽ بجلي جا ڀل ڀرڻ تائين هر ڪم سر تي پيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي لاءِ اهو هڪ جدا قسم جو دور هو. جڏهن مارشل لا جي لڳڻ کان پوءِ سنڌي هڪقسم جي ويڳاڻپ، اڪيلائي ۽ شڪست جي احساس ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. اهو ئي دور سلطانہ جي داخلي شاعري جو دور هو.
تون
مڌر آلاپ
پيو ٻُڌين
۽ مان
ڌرتيءَ تان پٿر پئي چونڊيان
ڪيئن ڪريان؟
مان ڇا ڪريان
دل ضد تي آ ته
ڀري هيءَ بندوق
توکي هڻان!
۽ مون دل کي
زنجيرن ۾ قابو ڪيو آهي.
ان دور ۾ آهستي آهستي سلطانہ ۾ تبديلي ايندي محسوس ٿئي ٿي، هوءَ مسئلن کي منهن ڏيڻ زندگيءَ کي گهارڻ جو ڏانءُ سکي، همت ۽ حوصلي سان جيئڻ جي نئين اتساهه سان هڪ بهادر ۽ باغي ڪالم نگار جي حيثيت ۾ سامهون اچي ٿي. ڪالم نگار سلطانہ وٽ ايتري سگهه ۽ ايترو ساهس هو جو اُها شاعر سلطانہ تي هاوي پئجي وئي ۽ اڄ سندس سڃاڻپ شاعر کان وڌيڪ ڪالم نگار جي حيثيت سان ٿئي ٿي.
سلطانہ وقاصي جا ڪالم ڄڻ ته باهه جا ڀنڀٽ هوندا هئا. جيڪي جنهن ڌُر سان به لاڳاپيل هوندا هئا، اُن کي ساڙي راک ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. هن نه ته مارشل لا جي پرواهه ٿي ڪئي نه ڄام صادق جو ٿي سوچيو ۽ نه ئي ڪنهن ڦني خان جو ڊپ لڳس. بس جيڪا ڳالهه سندس نظر ۾ غلط هئي اُن جي خلاف ٿي لکيائين، نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ناراض ٿيس، ڪيتريون ئي دوستيون وڃايون اٿس، ڪيترن ماڻهن جي ساڻس پوت ڪانهي. هڪ ليکڪ ته ڏاڍي ساڙ مان چيو هيس ته ڪي ماڻهو لکڻ کان اڳ سوڇيندا آهن، ڪي لکڻ کان پوءِ سوچيندا آهن، پر سلطانہ ته لکڻ کان اڳ ٿي سوچي نه لکڻ کان پوءِ ٿي سوچي. بس جيڪي ٿو اچيس سو بنا سوچي سمجهي ڦهڪايو ڇڏي.
اهو صحيح آهي ته هو ڏاڍي جذباتي عورت آهي پر جذباتي ماڻهو سچا ته هوندا آهن، هوءَ سچ چئي ڏيندي هئي، اُن ڪري ڪن ماڻهن کي ڪانه به وڻندي هوندي. پر سچ ته اُهو آهي ته مون سان سندس دوستي اڄ به قائم آهي، اُها دوستي جيڪا حيدرآباد ۾ تڪلف ۽ حجاب واري سلام دعا تائين هئي، سا ڪراچيءَ ۾ مضبوطيءَ سان قائم ٿي وئي. هر قسم جي علمي ادبي گڏجاڻين ۾ اسان جو ساٿ هر وقت هڪ ٻئي سان هوندو آهي. مختلف تنظيمن ۾ گڏ شامل هونديون آهيون ته ڏُک سُک به گڏ هونديون آهيون.
دعا آهي ته اهو ساٿ شال سلامت رهي. مارئي فورم طرفان کيس ملندڙ گولڊ ميڊل تي کيس لک مبارڪون هجن.
**

(20 اپريل 1996ع

روزاني عوامي آواز جو صفحو تخليق)

خط، رايا ۽ انٽرويو

---

سنڌي سماج جي اوسر ۽ زوالي نظام جا مدي خارج قدر: جامي چانڊيو

قابل احترام ڀيڻ سلطانہ!

توهان ڏانهن هي کليل خط لکڻ وقت منجهي پيو آهيان ته ڳالهين جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ تمام گهڻيون ڳالهيون آهن جي آئون اوهان سان اورڻ چاهيان ٿو. ڳالهيون جيئن ته رڳو اوهان جي ذات سان لاڳاپيل ناهن، اُهي سنڌي سماج ۽ ان جي هاڻوڪين پيچيدگين متعلق آهن. ان ڪري ضروري ٿو سمجهان ته اُهي ائين ۽ اهڙي انداز ۾ ڪيان جيئن اُهي نه رڳو اوهان تائين پهچن پر عوام تائين پڻ.
ڪجهه عرصو اڳ مون اوهان جو هڪ مضمون عوامي آواز ۾ پڙهيو هو. جنهن ۾ اوهان سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي متعلق اوهان پنهنجي جذبن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪئي هئي. اوهان جي اُن پُر اثر تحرير مون تي ايترا ته گهرا اثر ڇڏيا هئا جو مون اُن تي تفصيل سان قلم کڻڻ جو ارادو ڪيو هو. پر افسوس جو انهن ئي ڏينهن ۾ انڊيا ۽ نيپال جي دوري تي وڃڻ ڪري اهو ارادو ڪا عملي شڪل نه وٺي سگهيو. ڪالهه 23 سيپٽمبر 1990ع واري عوامي آواز ۾ اوهان جو مضمون ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ پڙهيم. اوهان پنهنجي گذريل مضمون وانگر هن ۾ به هڪ نهايت اهم معاملي/مسئلي متعلق قلم کنيو آهي ۽ مون کي پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته اوهان فرط جذبات کان بي قابو ٿي اهو مضمون لکيو ۽ پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن. جي سنڌي سماج جي ترقيءَ جي راهه ۾ حائل هڪ اهم مسئلي جي نشاندهي ڪن ٿا. اوهان جي هن مضمون ۾ به هڪ دعوت فڪر آهي. اوهان جو هي مضمون به سماج جي روشن ضمير، غيور ۽ باشعور ماڻهن جي ذهنن جي دروازي تي شعور جي دستڪ ڏني آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسان جي اديبن کي روائيتي موضوعن کان هٽي ڪري اهڙن ڪارائتن موضوعن تي قلم کڻڻ گهرجي ۽ سوچڻ جون نيون راهون کولڻ کپن ته جيئن هن جمود ۽ بي حسيءَ جي بت کي پاش پاش ڪجي. اُن تي خيال کان مون ضروري سمجهيو ته اوهان جي ويچارن جي حوالي سان اوهان ۽ عوام جي آڏو هڪ صحتمند ۽ ڪارائتي بحث جو آغاز ڪجي، جنهن جو نتيجو يقينن بهتر نڪرندو.
منهنجي خيال ۾ ڏاڍو بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اوهان جي مضمون ۽ ان ۾ اٿاريل نڪتن تي مان پنهنجا ويچار (جيڪي اوهان کان مختلف به ٿي سگهن ٿا) ترتيب وار پيش ڪيان.
1) اوهان ڏاڍي سهڻي ۽ احساساتي انداز ۾ اُن حقيقت جا پردا چاڪ ڪيا آهن ته اسان جي عورت ڪيئن نه ”پنهنجن“ جي وچ ۾ اوپري، غير محفوظ ۽ هيسايل آهي! اُها ڪيئن نه اسان جي مدي خارج ۽ غليظ تصورن، قدرن ۽ روايتن جي ور چڙهيل آهي...! مانواري ڀيڻ سلطانہ ...! ان حوالي سان مان اوهان جي خيالن ۽ احساسن سان سهمت هوندي به ان سڄي معاملي کي ڪجهه ٻي طرح ڏسان ۽ محسوس ڪيان ٿو. جيتوڻيڪ اسان جي سوچن ۽ احساسن جو محور ۽ مقصد ساڳيو آهي ۽ اهو آهي عورت زاد جي آزادي. آئون سمجهان ٿو ته بدقسمتي سان اسين سنڌي ماڻهو سائنس، سچ ۽ سونهن جي هن عظيم ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ به هڪ اهڙي غليظ، مدي خارج، اُڏوهي کاڌل ۽ عوام دشمن جاگيرداري سماجي سرشتي جي قدرن/روايتن جي بدبودار ۽ ڪوڙهيل سماج ۾ رهون ٿا، جنهن اسان جي قومي (سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي) اوسر جي عمل کي به سست، ڪمزور ۽ نستو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان بدترين سماجي غلامي جو ڀي سموري عوام سان گڏ سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪو شڪار ٿيو آهي ته ان جو نالو آهي سنڌي عورت. توهان جنهن مسئلي جي نشاندهي پنهنجي مضمون ۾ ڪئي آهي اها ته تمام وڏي ڳالهه آهي. پر مان سمجهان ٿو ته عورت اسان جي سماج ۾ ڌيءَ جي روپ ۾ هجي يا ماءُ جي روپ ۾، زال جي روپ ۾ هجي يا ڀيڻ ۽ محبوب جي روپ ۾ اها مرد ۽ انهن مٿي ذڪر ڪيل مدي خارج عوام دشمن جاگيرداري ڪلچر جي بدبودار قدرن جي بدترين غلام آهي. اُهي سڀ قدر ڄورن وانگر سموري عوام ۽ عورت زاد جي مجموعي مفادن ۽ اوسر جي عمل کي جهٽيا پيا آهن. اسان جي عورت پنهنجي چوڌاري سمورن گهيرن کي ٽوڙي جرئت ۽ بهادريءَ سان اڳتي وڌي به ٿي ته اُهي ازلي نظام جا بدبودار ۽ مدي خارج قدر کيس کوراڙيون ۽ بلائون بڻجي ڏنگين ٿا. سندس چوڌاري اُهي غلاميءَ جا مشڪوڪ ۽ بدنيت ۽ بدغمان نگاهن جا، الزام ۽ تهمتن جا، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا، ناانصافين ۽ محرومين جا ڪمتري جي احساس ۽ ڪوڙهيل روايتن جا اڪيچار گهيرا آهن. هوءَ هن جديد سائنسي ۽ ترقي يافته دور ۾ به سماج جي هڪ خودمختيار فرد بجاءِ هڪ ”جنس“ بڻيل آهي. اڃا به سنڌي عورت ”ڪاروڪاري“ جهڙي ظلم ۽ غير انساني رسم جو شڪار آهي. اڃا به اها رڍن ٻڪرين وانگر پيسن تي وڪامجي ٿي...! ان ڪري جنهن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي، ان جو سماجي بنيادي اهو آهي، اسان جي جنهن قابل احترام ڀيڻ جو ذڪر اوهان پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن ”احترام آدميت“ کان وانجهيل هڪ ڪريل ذهنيت جي ”سنڌي فرد“ جو ذڪر اوهان ڪيو آهي، اُهي ڪي رڳو ٻه فرد ناهن، پر هن سماج جا ٻه ڪردار آهن. اُهي علامتون آهن، پنهنجن پنهنجن مخصوص طبقاتي/سماجي پسمنظرن جون، جنهن ”سنڌي فرد“ جي دل ۾ نياڻيءَ لاءِ احترام ناهي، اهو ڪو رڳو هڪ “مخصوص فرد“ ناهي، اهو علامت ۽ اهڃاڻ آهي. انهي مٿي ذڪر ڪيل جاگيردار نظام جي بدبودار ۽ عوام دشمن قدرن ۽ روين جي، جن وٽ عورت ڪو سماج جو خود مختيار ۽ باعزت فرد هجڻ بدران رڳو هڪ “جنس“ آهي. جنهن کي هو، جنهن وقت ۽ جيئن به چاهين خريد ڪري سگهن.
اوهان جيئن ته باشعور سنڌي ليکڪ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ استاد پڻ آهيو. ان ڪري اوهان کي ان معاملي ۾ فرق ڪرڻ کپي. آئون سمجهان ٿو ته اُهي سڀ مدي خارج روايتون ۽ قدر جيڪي هن وقت ڪنهن حد تائين اسان جي ثقافت جو حصو به آهن، اُهي اسان جي عوام جون پيدا ڪيل نه پر حاڪم طبقن جون پيدا ڪيل آهن ۽ اُهي انهن جي ئي مخصوص ڦورو ء۽ اصتحصالي طبقاتي مفادن سان لاڳاپيل آهن. حاڪم طبقن جي طبقاتي مفادن جي اها پوسل ئي آهي، جيڪا هنن عوام دشمن قدرن، روين جي جراسيمن کي جنم ڏئي ٿي. ان سان ئي مشروط آهن. ان ڪري اسان کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ته ڪو اسان جون روايتون ۽ قدر آهن، جيتوڻيڪ تاريخ جو ڳچ عرصو اُهي اسان تي مڙهجڻ ڪري اسان کانئن متاثر ضرور ٿيل آهيون، پر اساين اُن جا خالق ۽ نمائندا ناهيون، اُن ڪري آئون اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪندس ته ظالم اسين نوجوان نه پر اهو نظام، ان جا قدر رويا آهن ۽ جيڪي فرد سماج ۾ انهن عوام دشمن قدرن ، روين، مفادن جا امين آهن. اُهي اسان عوام مان ناهن جيئن سنڌ دوست هجڻ لاءِ اهو ئي ڪافي ناهي ته ماڻهو سنڌي هجي. اها ڳالهه آهي جيڪا اسان کي اتهاس جو طبقاتي اڀياس سمجهائي ٿو. جڏهن اسين چئون ٿا ته ”سنڌي ثقافت، تڏهن اُن جو مطلب هرگز اهو نه هجڻ کپي ته ڪو اسان کي پنهنجي سموري ثقافت، ريتن رسمن ۽ روايتن تي فخر آهي. نه هرگز نه! بلڪه ثقافت جا تمام گهڻا عنصر ته مورڳو عوام ۽ اُن جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي اوسر جي نه رڳو خلاف آهن پر اُن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ثقافت جا فقط اُهي جُزا جيڪي عوام دوست ۽ ترقي پسند آهن. اسان کي انهن تي سچ پچ فخر ۽ ناز آهي، پر انهن مٿئين زوالي، مدي خارج ۽ عوام دشمن قدرن، روين، مفادن لاءِ نه رڳو نفرت ۽ ڌڪار آهي. پر ان خلاف سخت ويڙهه ۽ اورچ جدوجهد جي ضرورت آهي. مان گهڻو تفصيل ۾ نه ٿو وڃان پر مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته (سنڌي نوجوان) نه ته (اوهان جي چوڻ موجب) ظالم آهيون ۽ نه پنهنجي تحقيقي راهه ۾ رڪاوٽ، بلڪه ظالم اهو سرشتو آهي ۽ ان جا اُهي عوام دشمن قدر رويا ۽ مفاد آهن اُن ڪري اسان کي چٽيءَ طرح اُن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي تڏهن اسان جو تير صحيح نشاني تي لڳندو. مون کي احساس آهي ته اوهان نهايت حساس شاعر آهيو ۽ مضمون لکڻ وقت اوهان تي شاعراڻي ڪيفيت وڌيڪ حاوي ٿي ڏسجي. پيچيدگين کي رڳو شاعراڻا رويا به ته نه کپن. ان کي اهي ”ٻيا فهم“ به ته کپن. جن سان آزادي ۽ اوسر جي ”پرين“ کي پسي سگهجي. اُن ڪري خدارا ڏوهي ۽ ظالم سڄو سماج، قوم، عوام کي نه ٺهرايو وڃي، نه ته اهو تاريخ جي طبقاتي اڀياس جي ابتڙ ۽ حقيقتن جي منافي ٿيندو.
هن سڄي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه جنهن هن خط، مضمون لکڻ تي مجبور ڪيو، اوهان کي يقينن انهن روين سخت صدمو ۽ ڏُک رسايو هوندو، پر مونکي اوهان جو مضمون پڙهندي محسوس ٿيو ته اوهان کي سخت مايوسي ٿي آهي. جيتوڻيڪ آئون سمجهان ٿو ته مايوسي پڻ ڪا قطعي ڪيفيت ناهي، اها به وقتي ڪيفيت آهي پر بدقسمتيءَ سان اُن جو ڪوبه نتيجو نه ٿو نڪري.
اها حقيقت آهي ته اسان يقينن پنهنجي تاريخ جي نهايت ڏُکن ۽ پيچيده حالتن مان لنگهي رهيا آهيون، يقينن اسان جي ترقي ۾ اهي (مٿي ذڪر ڪيل) ۽ اهڙيون هزارين رڪاوٽون آهن. اسان چوڌاري انيڪ گهيرن ۾ بند ۽ مختلف ٻنڌڻن ۾ سوگها ٿيل آهيون يقينن اسان جي اجتماعي جياپي ۾ اوسر جون واٽون بند ڪيل آهن/ڪيون پيون وڃن/ ٿي رهين آهن...! پر حقيقت جو اهو رڳو هڪڙو پاسو آهي. اها حقيقت يقينن آهي پر اڻ پوري ۽ نامڪمل حقيقيت آهي. حقيقت جا ٻيا پاسا هي به آهن، اسين رڳو پوئتي نه پر اڳتي به وڌي رهيا آهيون، اسين رڳو شڪستون کائي نه رهيا آهيون، پر فتحون به حاصل ڪري رهيا آهيون، اسين رڳو گهيرن ۽ دائرن ۾ بند نه آهيون پر اسين زندگي جي انيڪ شعبن ۾ اڳتي به قدم رکيا آهن. جن عوام دشمن سرشتي ۽ ان جي بدبودار ۽ ظالم قدرن، روين، مفادن جي اسان ڳالهه ڪئي آهي ته زوال پذير آهن. اُهي ته پنهن جي منتقي انجام ڏانهن وڌي رهيا آهن. تاريخ جو ايندڙ هر لمحو کين پستي ۽ تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڪيرائي رهيو آهي. اُهي ڏينهون ڏينهن مُدي خارج ۽ ڪمزور ٿيندا پيا وڃن، ان جي جاءِ تي نوان ۽ اڳتي وڌندڙ عوام دوست ۽ ترقي پسند سماجي، ثقافتي، سياسي، ۽ اقتصادي قدر مفاد سگهارا ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن. تاريخ اُن جي موت جي مهر هڻي ڇڏي آهي. دنيا ويهين صديءَ ۾ قدم رکڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. ۽ ان جا اثر لازمي طور انسان تي به پئجي رهيا آهن. اسين ڪي انساني تاريخ جا رڳو اُهي پهريان ماڻهو ٿورئي آهيون، جن انهن سمورين پيڙائن کي ڀوڳيو آهي. دنيا جي سمورين قومن، عوام انهن پيچيدگين ۽ پيڙائن کي ڀوڳيو آهي. ۽ انهن پيچيدگين منجهان ئي اڳتي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گس ڪڍيا آهن. دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي قومون/عوام آهن، جن انهن مدي خارج قدرن /روين کي دنيا جي عجائب گهر ۾ سوڙهو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته فراريت ۽ مايوسيءَ جو ڪو به انت ۽ مثبت نتيجو ناهي. اُهي جمود ۽ موت جي علامت آهن. اسان کي پنهنجين پيچيدگين مسئلن ۽ مونجهارن ڏانهن يقينن نهايت سنجيده ٿيڻ گهرجي. انهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي نزاڪت جو احساس رکن گهرجي. پر مايوس نه ٿيڻ گهرجي. مايوسي ٻين سان نه پر پنهنجي پاڻ سان دشمني آهي. اسان لاءِ لطيف جو ورچي نه ويهڻ وارو فلسفو ئي تمام گهڻيون ڳجهارتون ڀڃي ٿو. عمر ۽ ويساهه ئي نه روحاني قوت جا سرچشما آهن، جي اُهي به مايوسيءَ جي ور چڙهي وڃن ته پوءِ ڪنهن به شئي لاءِ اتساهه جو ته تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. اتساهه ئي ته ترقي ۽ بقا جو جوهر آهي. اچو ته گڏجي ترقي ۽ بقا جي ان جوهر جو تحفظ ڪيون.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ
جامي چانڊيو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
**
(هلال پاڪستان سرتيون صفحو 26 نومبر 1990ع)

هڪ خط هڪ ڪهاڻي

هي خط جيڪو هڪ ننڍڙي ٻارڙي سنڌ جي نياڻي لکي موڪليو آهي، ان کي مان جيئن جو تيئن شايع ڪري رهي آهيان. منهنجا پيارا سنڌيو هي خط پڙهي سچ پچ مان ڊڄي ويئي آهيان، هي ٻارڙي ڪيتري ذهين آهي، هن کي ته اهڙو ماحول کپي جنهن ۾ هوءَ سڪون، آرام سان تعليم حاصل ڪري ۽ پنهنجي حساب سان زندگيءَ جون اُهي سڀ خوشيون ۽ راحتون ماڻي جيڪو اُن جو حق آهي، پر ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌين جي ڌرتيءَ تي اهڙا ته اونداهه جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن جو اسان وٽ هر ڄمندڙ ٻار اوندهه ۾ آجپي لاءِ داڦوڙا پيو هڻي ۽ ڪوششون به پيو ڪري. هي خط اسان لاءِ، توهان لاءِ ۽ اسان جي سڀني سياسي ليڊرن جي لاءِ باعث عبرت آهي. اُهي سياسي ليڊر جيڪي ٽڪي پيسي تي قوم جو، ڌرتيءَ جي بقا جو سودو ڪيو ويٺا آهن، ڏسو ته سهي سوچيو ته سهي ته هن ڌرتيءَ جا ٻار به ٻار نه رهيا آهن. هو به ڄڻ ته هڪ عذاب ۾ آهن. سوچيو ته سهي آخر اسان جو ڇا ٿيندو؟
سلطانہ وقاصي
.........


سنڌ ڌرتيءَ جي وارثياڻي مانائتي سلطانہ وقاصي صاحبه عرض هي آهي ته مون کي خبر نه آهي ته توهان جي عمر ڪيتري آهي، جنهن ڪري مان اوهان جي نالي جي اڳيان امڙ، ماسي، يا ڀيڻ جو لفظ لکي نه سگهي آهيان. توهان جي عمر ڪيتري به هجي پر توهان جي لکڻين مان اهو ثابت پيو ٿئي ته اوهان وٽ ڪافي ڏاهپ آهي ۽ لکڻي جو ڍنگ ايترو ته آهي جو خاص ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو جذبو، جنهن کي پڙهي مون جهڙي معصوم نياڻي تي به اثر پوندو آهي.
منهنجي ..... مان اوهان کي عرض ڪيان ٿي ته منهنجي عمر ٻارنهن سال به نه ٿي آهي، نالو رفعت بلقيس اٿم، پر سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جي ڪري هر هڪ سنڌي مون کي رفعت سنڌي جي نالي سان مون کي ياد ڪندو آهي ۽ انهيءَ نالي تي مون کي فخر آهي ته مان رفعت “سنڌي“ آهيان.
هن وقت مان ستين جماعت ۾ پڙهي رهيو آهيان الله پاڪ جي مهرباني، والدين استادن ۽ پنهنجي محنت جي ڪري هن وقت تائين ڪڏهن به ٻيو نمبر به آئي آهيان، پر جيڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ ٻيو نمبر آيس به ته منهنجي استادن، والدين ۽ پاڻ کي گهڻو ڏُک ٿيندو آهي. دعا ڪندا ته هميشه تائين پنهنجي جائز مقصد ۾ ڪامياب رهيان.
منهنجي ....... هن وقت تائين مون کي پنهنجي اسڪول جي ڪيترن ئي انعامن کان سواءِ فارن ڪلب ڪراچي جي صدر عبدالرحمان ڇاپرا، ريئل ائڊ مرل ايم آءِ ارشد الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير، سماج سڌارڪ تحريڪ رتوديرو، تنظيم فڪر و نظر سنڌ، وزير قانون سرحد، سيڪريٽري تعليم کاتو سنڌ جي طرفان خصوصي انعام روڪ پئسن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ حاصل ڪري چڪي آهيان راجه محمد خورشيد احمد خان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آزاد ڪشمير کان پنج تولا چاندي جو تغمو ۽ تاريخي اسلامي ناولن جي مشهور ليکڪ نسيم حجازي صاحب کان ست گرام سون جو تمغو به حاصل ڪري چڪي آهيان. اُهي سڀئي انعام پرائمري جي دور ۾ حاصل ڪري چڪي آهيان، ۽ وري انگريزي تعليم ۾ اهو اعزاز مليو اٿم جيڪو اسان جي سنڌ لاءِ قوم لاءِ فخر آهي. اُهو ائين ته مان جڏهن سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ بيشمار ۽ جگر جهوريندڙ ظلم ڏٺا، ٻڌا ۽ پڙهيا، تڏهن کان وٺي تعليم سان گڏو گڏ انهن ڏانهن به ڌيان ڏنم. توهان کي پڙهي شايد حيرت ٿئي ته محترم سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ تاريخ 8 آڪٽومبر 1989ع ڪنڌ ڪوٽ ۾ هڪ قومي ميڙاڪو ٿيو هو. جنهن ۾ مان به سنڌ ۽ سنڌين جا سور سليا هئا، جيڪي تنهن وقت ڪري حڪومت ٻڌي برداشت نه ڪري سگهي ۽ مون تي 8 آڪٽوبر 1989ع تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ مون تي بغاوت، (13ڊي) ۽ فائرنگ ڪرڻ جا ڪارا قلم لڳايا ويا. نه صرف ايترو پر اڳئين ڏينهن يعني 9 آڪٽوبر 1989ع تي ڪشمور ۾ به منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ مون کي وڌيڪ اعزاز ڏيندي مون تي اي 123، اي 124، 13 ڊي، 334، 147، 148، 149، ۽ اي 152 جا قلم لاڳو ڪري مون کي روپوش ڏيکاريو ويو، سچ پڇو ته مون کي انهن قلمن جي مقصد جي بي خبر نه آهي ته اُهي ڇا آهن، پر ايترو ضرور محسوس ڪيم ته مان حق جي واٽ تي آهيان، ڇو ته انهن يعني ڪيس داخل ڪرائيندڙن ۽ داخل ڪندڙن جي عقل تي اوندهه اچي ويئي جو انهن منهنجي قد، بُت ۽ عمر به نه ڏٺي ۽ نه سمجهي، انهيءَ وقت منهنجي عمر اٽڪل 9 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي، مان ته اڃان تائين تقرير ڪرڻ جي وقت ڊائيس کان مٿي نه ڏيکاربي آهيان ۽ مائيڪ تائين پهچڻ لاءِ مون کي ڪنهن ڪُرسي يا ٽيبل تي چڙهي بيهڻو پوندو آهي پر انهن ڪيسن کان پوءِ مان پاڻ کي وڏو محسوس ڪري رهي آهيان.
هڪ واقعو ياد اچي ويو آهي ته سينٽر جيل سکر ۾ مان ڀاءُ گل محمد جکراڻي ۽ ٻين ڀائرن سان ملاقات لاءِ ويس تنهن وقت جي جيل سپرنٽننڊنٽ کي منهنجي لاءِ ڪنهن خبر ڏني م جيل سپرنٽينڊينٽ صاحب مون سان مليو ۽ مون کي چيائين ته: ”توکي خبر آهي ته توتي ڪيس آهن“ مان چيو : ”خبر آهي!“ چيائين ته ”پوءِ به جيل آئي آهين“ چيم ته ”سائين اسان سڀئي سنڌي قيد ۾ آهيون، ڪو کُليل جيل ۾ بند آهي ته ڪو بند جيل ۾ قيد آهي، بس فرق اهو آهي ته جيڪڏهن ٻاهر آهيان تڏهن به قيد آهيان، جيڪڏهن اندر ٿيس ته قيد هونديس، پوءِ ته صاحب روئي پيو ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه چيائين. بهرحال منهنجي .... مان توهان جو ڪافي ٽائيم صرف انهيءَ ڪري وڃايو آهي ته توهان کي ڏسيان ته توهان جي معرفت اخبار لاءِ ڪجهه لکڻ چاهيان ٿي، انهيءَ لاءِ مون کي مشورو ڏيو ته مان ڪنهن کي لکان ۽ ايئن چاهيان ٿي ته مان جو ڪجهه لکان انهيءَ کي اخبار ۾ غلط نموني نه ڇپيو وڃي. انهيءَ لاءِ اوهان کي عرض آهي ته مون کي خط جو تفصيل سان جواب موڪليندا ۽ منهنجي همت افزائي ڪندا ۽ مون کي مڪمل ائڊريس به موڪليندا. جيڪا اخبار جي معرفت نه هجي.
منهنجي ...... مون کي لکڻ جو به شوق آهي ۽ ڪجهه لکندي به آهيان هيئنر هڪ رسالو ٻالڪ نامو نڪري رهيو آهي، انهن مون سان رابطو قائم ڪيو آهي ۽ مان کيس هڪ مضمون به ڏنو آهي. انشاءَ الله اوهان کي به پسند ايندو پر مان چاهيان ٿي ته ڪنهن اخبار ۾ پنهنجي سنڌي ڀينرن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪجهه لکان. مون کي توهان جي خط جو انتظار رهندو.
رفعت سنڌي رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو. معرفت : رياض ميوزڪ سينٽر رتوديرو
**

(عوامي آواز 07 مئي 1991ع)

سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو (ڪراچي سنڌ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهجي): سلطانہ وقاصي

جڏهن کان گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر اهو اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي ٿيندي، اردو طبقي ۾ واويلا مچي وئي آهي، خبر نه ٿي پوي ته جڏهن هو چون ٿا اسان سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جا مخالف نه آهيون ته پوءِ اڄ ڪلهه اردو ليڊرن ۽ اردو اخبارن جو جيڪو رويو آهي ان لاءِ ڇا چيو وڃجي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ چوندا آهن ته ڏاڍي مٺي ٻولي آهي، اسان پان چاهيون ٿا ته سنڌي ترقي ڪري، اهو به چوندا آهن ته ٻولي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي، ٻولي ته پنهنجي ترقيءَ جون راهون پاڻ کوليندي آهي. جڏهن ته سندن اهو چوڻ آهي ته ٻولي هميشه پان ترقي ڪندي آهي ته پوءِ اڄ هو سنڌي کي سرڪاري ٻولي ٺاهڻ وقت ڇو ٿا رڙيون ڪن ته اردو تباهه ٿي ويندي، جيئن پنجويهه سال سنڌي ترقي ڪئي ته اردو پاڻهي ترقي ڪندي.
اردو کي اسلامي ۽ مذهبي ٻولي جي حيثيت ڏيڻ ۾ به ڪين گهٽايو اٿن. سندن چوڻ ته اسلام سڄو اردو ٻوليءَ ۾ آهي. پاڪستان جو وجود به اردو ٻوليءَ جي ڪري آهي، اگر سندن اهو چوڻ ته اسلام اردو ٻوليءَ ۾ آهي ته ڇا اردو اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مسلمان ڪونه هئا. سنڌ کي باب اسلام ڪري به مڃين ٿا ۽ اردو ئي اسلامي زبان به چون ٿا. هنن جي پنهنجن لفظن ۾ ئي ڪا سچائي نه آهي، نه ته ڪاٿي سنڌ جو باب اسلام ٿيڻ ڪاٿي اردو ٻولي.

سندن چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ٺاهي سنڌين سان دشمني ڪئي پئي وڃي، سنڌ ٻين صوبن جي نسبت ترقيءَ ۾ پوئتي پئجي ويندي، مطلب ته سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
پهرين اردو اخبارن جيئي سنڌ کي جئي سنڌ ڪري لکنديون هيون، هاڻ ڪجهه وقت هنن جيئي سنڌ لکڻ شروع ڪيو هو. رئيس امروهي جو هڪ شعر ڇپيو هو جنهن جو مطلب هو ته اسان سڀ چئون ٿا جيئي سنڌ مگر هاڻ جڏهن کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ٺاهڻ جو اعلان ٿيو آهي ته انهن کان جيئي سنڌ وسري ويو اٿن ۽ هاڻ وري جئي سنڌ تي اچي بيٺا آهن.
جنگ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته سنڌي ٻولي سرڪاري ٻولي ڪئي ويندي ته ٻيو بنگلا ديش جنم وٺندو. مشرقي پاڪستان به ان ڪري اسان کان علحيده ٿيو جو اُتي جي قومي ٻولي بنگالي قرار ڏني ويئي.

مشرقي پاڪستان مان بنگلاديش ڪيئن ٺهيو؟ اها ته الڳ حقيقت آهي، جنهن کي اسان ڪنهن محدود دائري ۾ نه ٿا ڪري سگهون ته هن ڳالهه جي ڪري بنگلاديش ٺهيو. ها اها الڳ ڳالهه آهي ته جيئن اسان کي ۽ اسان جي ٻولي کي حقير سمجهيو پيو وڃي. ٻاهرين رياست جو هي چوڻ ته اسان مسلمان آهيون، پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۽ عملي دنيا جو پنهنجي برتري ڏيکارڻ پاڻ کي وڏو سمجهڻ افسوس جي ڳالهه آهي ته هيءَ آهي جو اڌ کان وڌيڪ پاڪستان هٿ مان هليو ويو آهي ته به انهن پنهنجي روش نه ڇڏي آهي. خبر نه ٿي پوي ته هن ننڍڙي ٽڪري کي سندن اهي ڳالهيون اڃان الائجي ڪٿي پهچائينديون.

ڪجهه وقت اڳي جنگ اخبار ۾ ئي هڪ خط ڇپيو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته اگر اسان کي اها خبر هجي ها ته هتي اردو ٻوليءَ سان حشر ٿيندو ته اسن پاڪستان ۾ اچون ئي نه هاڻي، اسان ته پاڪستان ۾ اردو ٻولي جي تحفظ لاءِ آياسين، الا هنن کي ڪير ٻڌائي ته جڏهن اوهان سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيا هئا. ان وقت اوهان جي زبان تي اسلام جو نالو هو ان ڪري اسان اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هاڻ وري ٻي ڳالهه نڪتي آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهيو وڃي.

اهو وقت گذري ويو ته جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو هو. هاڻ دنيا جي ڪا به طاقت ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نه ٿي ڪري سگهي. ڪراچي سنڌ جي دل آهي. هونئن به سنڌ هڪ غريب صوبو آهي جنهن کي چئني طرفن کان کاڌو ويو آهي، هاڻ وري ڪراچيءَ کي الڳ ڪري اقتصادي طرح سنڌ کي ڌڪ هڻڻ ڪڏهن به نه ڏينداسين.

گورنر، وزير اعليٰ ۽ ٻين وزيرن ڪافي اميد افزا بيان ڏنا آهن پر اڳيان به ويري واچوڙي وانگر آهن، هو هر ڪوشش ڪندا، انتشار ڦهلائيندا، پوءِ ايئن نه ٿئي جيئن ته بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۽ سنڌ يونيورسٽي اعلان ڪيو هو ته انهن جي دفتري ٻولي سنڌي ٿيندي ۽ پوءِ فسادن جي ڪري ان فيصلي تي عمل ئي ڪونه ڪيو ويو هو. ايئن نه ٿئي جو حڪومت تي گهڻو دٻاءُ پوي ۽ حڪومت هن اعلان ۾ ترميم ڪري ۽ پوءِ پنهنجي مجبوري ٻڌائي اگر اوهان سنڌ جا پُٽ آهيو، سنڌوءَ جو پاڻي پيتو اٿوَ ته مڙس ماڻهو ٿي بيهو. **
(روزاني ”عبرت“ 15 جون 1972ع)

مون زماني کان پنهنجي زندگي گهارڻ جو حق کسي ورتو آهي: سلطانہ وقاصي

زندگي بس گذري وئي، ڪيئن گذري. اگر اُن جو ويهي حساب ڪتاب ڪندس ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو جيون جو هي سفر. ها ائين ضرور چونديس ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته مان بهتر ۽ سُٺي زندگي گذاريان، اُن ڪوشش ۾ مان ڪامياب به ٿي آهيان. اڄ کان ڪيترائي سال اڳ مون هڪ فيصلو ڪيو هو ته سلطانہ تو وٽ نه اکيون آهن نه ڪن آهن ۽ نه وري زبان اهو سڀ ڪجهه سوچي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ برداشت جي حد تائين هر ڳالهه صبر سان درگذر ڪئي آهي. ها باقي ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي برداشت نه ڪرڻ جهڙيون هيون، اُن لاءِ وڙهي به ضرور هونديس. هڪ عجيب فطرت آهي منهنجي ته جن کي مان نه ٿي وڻان يا وري جيڪي مون کي نه ٿا وڻن، انهن کان مان ڪنارا ڪش ٿي ويندي آهيان.خاموش ٿي ويندي آهيان. حالاڪه اها خاموشي منهنجي وجود کي جهوري ڇڏيندي آهي. ڪي اهڙا پيارا وجود هوندا آهن جن جي محبت ۽ واسطن جي ضرورت هوندي آهي. جن کان هڪ پل به الڳ گذارڻ مشڪل هوندو آهي، انهن کان پري رهڻ جو عذاب به مون ڀوڳيو آهي. سڄيون سڄيون راتيون ۽ ڏينهن مان انهن کي ياد ڪري ڳوڙها به وهايا اٿم. ڪڏهن ته اهڙو حال ٿي ويندو اٿم جو اها به خبر نه پوندي اٿم ته مان رستي تي هلان پئي، بس ۾ ويٺي آهيان يا شاگردن کي پڙهايان پئي.بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڪري پوندا آهن. جو ڏسندڙ حيران ٿي ويندا آهن. هڪ دفعو بس ۾ ويٺي هيس اهڙي ڪيفيت ۾ ته هڪ عورت ٻي عورت کي چيو: لڳي ٿو ويچاري زماني جي ستايل آهي پر مان اُن کي اهو نه ٻڌايو ته مان پنهن جن جي ستايل ۽ ڏکايل آهيان.
ها سائين مان ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي زندگي جي جيڪا مون سُٺي گذاري آهي. ٻه ٻار اٿم، انهن کي سُٺي تعليم، سُٺو ماحول ڏنو اٿم، دعويٰ ته نه ٿي ڪيان پر اُهو يقين اٿم ته اُنهن کي سُٺو انسان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. نوڪري ڪندي آهيان، مزدور وانگر سڄو ڏينهن جسماني پورهيو ڪندي آهيان، پيسا بچائي ميلن جا ميل پنڌ ڪندي آهيان. مون کي پيسي جو قدر آهي. ڏهه هزار هجن يا ڏهه رپيا. بي مقصد ضايع نه ڪندي آهيان. لکڻ ۽ پڙهڻ جو بي حد شوق اٿم، زندگيءَ جي شروعات واري شعوري دور ۾ گهڻو پڙهيو اٿم، پر اُن کان پوءِ وقت جي گهٽ هجڻ سبب پڙهڻ جو وقت گهٽ ٿو ملي. پر جيڪو به ڪتاب هٿ چڙهندو آهي. اُن کي ضرور پڙهندي آهيان. لکڻ سان تعلق اڃا تائين نڀائيندي پئي اچان، لکڻ منهنجي ضرورت آهي، نه لکنديس ته مري وينديس.
ڪڏهن ڪڏهن ڪير مون کي چوندو آهي ته سلطانہ تون گهڻو لکين پئي يا گهڻو لکيو اٿئي ته مان حيران ٿي ويندي آهيان ۽ سوچيندي آهيان جيڪڏهن پنهنجي زندگي ايتري مصروف نه هجي ها، مون کي ڪير دال روٽي کارائڻ وارو هجي ها ۽ مان ڪمرو بند ڪري سُک سان لکندي پڙهندي هجان ها ته اڃا ڪيترو گهڻو لکان ها...؟ پر منهنجي لاءِ اهو سڀ خواب آهي. حقيقت ته اها آهي ته مان اهڙين حالتن ۾ ڪڏهن به نه لکي سگهان ها.
پي ايڇ ڊي ڪرن جي ڏاڍي خواهش اٿم. گهڻا سال اڳ حيدر بخش جتوئيءَ تي ٿيسز لکڻ شروع ڪيم، سنڌ يونيورسٽي ۾ پر وقت نه هجڻ سبب اڌ ۾ ڇڏيم پير حسام الدين راشديءَ تي لکڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ شيخ اياز جي وفات تي پڪو فيصلو ڪيم ته شيخ اياز جي پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري مان پهرين عورت هوندس پر نه ڪري سگهيس. اهو وڏو ڏُک اٿم.
دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگهاڙي هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان. پنهنجا ڏُک به مان پاڻ سان اوريندي آهيان ته خوشيون به پاڻ سان ملهائيندي آهيان. مان خوش قسمت آهيان جو مون کي سُٺا دوست ۽ همدرد به مليا آهن. انهن ۾ فهميده حسين ۽ انيس الرحمان، مهتاب راشدي، خير النساءَ جعفري، تنوير جوڻيجو، قمر شهباز، ارشاد فخر، ڊاڪٽر سابحان شيخ، انيس گهانگهرو، الطاف شيخ، افروز آربي، سحر ۽ امداد حسيني، هدايت بلوچ، انعام شيخ غفار تبسم، انور پيرزادو ۽ ٻيان انيڪ نالا آهن. جن کي مان پنهنجو سمجهندي آهيان ۽ اُهي به سڀ مون کي ڏاڍو پيار ڪندا آهن. ڪالمن جي حوالي سان اڄ جي نوجوان ٽهي مون کي ايترو ته مان ڏنو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ته مان حيران ٿي ويندي آهيان. ايترا لاتعداد نالا آهن. جن کي ڏسي منهنجيون اکيون ٺرنديون آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجو استاد ۽ رهبر آهي، علي احمد بروهي صاحب شفيق ۽ مهربان آهي،بس ايئن هنن سڀني ساٿين وڏن ۽ ننڍن جي وچ ۾ زندگي گذاري اٿم. مان مضبوط ارادن ۽ احصابن جي مالڪ آهيان. زندگي گذارڻ جو حق مون زماني کان کسي ورتو آهي، مان پاڻ کي وساري هن دنيا ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪئي. ها هاڻ تازو ٻن ٽن ڏُکن مون کي جهوري ڇڏيو آهي. ڪجهه سال اڳ بابا ۽ امان ٻئي هليا ويا اڃان انهن کي نه وساري سگهي آهيان ته گذريل مهيني منهنجو ننڍڙو ڀاءُ نادر گذاريو ويو . نادر منهنجو ڀاءُ اُن جو ڏک اُن جي جدائي ناقابل برداشت آهي. نه زمانو ٿو وڻي نه ننڊ ٿي اچي، نه ئي پيٽ ڀري ماني کاڌي اٿم. مڃان ٿي وقت سان اُهو ڏُک به گهٽجي ويندو، پر مون کان منهنجو نادر ڪڏهن به نه وسرندو. آخر ته مان ڀيڻ آهيان. ڀائر ڏاڍا ٿي سگهن ٿا، ڀينر هميشه ڀائرن لاءِ دعاگو هونديون آهن. باقي جيڪي آهن جيئرا هجن جهان ۾. شل لڳين نه ڪوسو واءُ.
شروع ۾ لکيو اٿم ته مون کي زندگي جو حساب ڪتاب ناهي رکڻو، ڇو ته حسابن ڪتابن سان زندگي ڏُکي ٿي پوندي آهي. بس زندگي گذارڻي آهي ۽ مون بهرحال ڏاڍي سُٺي زندگي گذاري آهي.
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)

تنقيد ۽ رايا: سلطانہ وقاصي

جنوريءَ جي سهڻيءَ جا ٻئي پرچا پڙهيم، اوهان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته اوهان خاص نمبر ۽ سهڻي کي اوترو بهتر نه ڪڍي سگهيا آهيو، جهڙو بهتر اوهان ڪڍڻ پئي چاهيو، پر مون ٻئي حصا ڪافي پسند آيا آهن. مبارڪ قبول ڪندا، هميشه همت ۽ جذبي سان خدمت ڪندا رهندا. سوچيان پئي ته وقت ۽ ماحول انسان کي ڪيترن نه وهڪرن ۾ وهائي ٿو وڃي. ڪالهه جيڪا ڳالهه هئي سا اڄ نه رهي آهي، ڪالهه جيڪي انسان هئا اڄ به اُهي آهن پر اُنهن جي سوچ، احساس ۽ جذبن ۾ ڪيتري نه تبديلي اچي ويئي آهي. ڪالهه جيڪي انسان هئا. اڄ به اُهي ئي آهن پر اُنهن جي سوچ، احساس ۽ جذبن ۾ ڪيتري نه تبديلي اڇي ويئي آهي. ڪالهوڪي ڳالهه ئي ته آهي جو سهڻيءَ جو اصول هوندو هو ته: سياست ۽ مذهب کي ادب کان الڳ رکي ادب پيش ڪجي ۽ اڄ سڄي سهڻي پاڻ جنون ۾ ڀرجي وئي آهي. ڪالهه سهڻي جي اڌ يا سڄي صفحي جا ايڊيٽوريل ڇپبا هئا ۽ تن ۾ رڳو اهو لکيل هوندو هو ته اندر رسالي ۾ ڪهڙو مواد آهي، ڪڏهن ڪڏهن وري ڀارتي سنڌي اديبن جي ڪنهن ڳالهه کي نوٽ ڪيو ويندو هو، تڏهن اُهو ايڊيٽوريل مڙوئي ڏيڍ ٻن صفحن جو ٿي ويندو هو. اڄ سهڻي جا ايڊيٽوريل سهڻيءَ جي سونهن آهن. سهڻيءَ ۾ گهڻي اهميت ئي انهن جي آهي.
ادا ڀاءُ، هيءُ وقت جو گهڙيال هر ٽڪ ٽڪ کان پوءِ ڪا نواڻ هن جڳ کي ضرور ڏئي ٿو. ڪي اُن نواڻ کي جلدي پنهنجو ڪندا آهن ته ڪي وري دير سان، سهڻيءَ اُن نواڻ کي دير سان پنهنجو ڪيو آهي، پر اُن نواڻ کي ايترو ته ويجهو ڪيو اٿس جو پُٺيون سڀ ڳالهيون تمام پوئتي رهجي ويون آهن. اڄ سهڻيءَ جو مانُ سڀ کان مٿاهون آهي.
مان هاڻي امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڏانهن اچڻ چاهيان ٿي. مان اچان ٿي پر واٽ رڪيل آهي.... ڪهڙي واٽ؟ لفظن جي واٽ... مون ڪافي ڪوشش ڪئي آهي پر مون کي ڪي اهڙا لفظ هٿ نه آيا آهن. جن لفظن کي ملائي مان هن ڪهاڻيءَ جي تعريف ڪيان. شايد منهنجي سوچ پختي نه آهي يا وري منهنجي ڄاڻ تمام محدود آهي. ڇو جو هن جڳ ۾ ڪافي بهترين ادب پيدا ٿي چڪو آهي ۽ اُن ادب جي تعريف ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ اُهي ڪتاب به ادبي ٿي پيا آهن ۽ مون کي ڪجهه لفظ نه ٿا سجهن؟ ڪي جملا هٿ نه ٿا اچن؟ مون کي هن پنهنجي اوڻائيءَ جو احساس آهي، تمام گهڻو احساس آهي. منهنجي سوچ کوکلي آهي جنهن کي مان ٻاهران ليپو چيپو ته ضرور ڪيو آهي پر اُن جو پُور نه ڀري سگهي آهيان. منهنجي جهولي خالي آهي، مان هن ڪهاڻيءَ تي ڪجهه نه ٿي لکان. هاڻي ڏسجي امر جليل جي ضروري وضاحت کي- امر جليل لکيو آهي ۽ جيئن ته هي تاريخ جو خوني باب آهي، اُن ڪري ڪجهه تلخ ٿي ويو آهي ۽ ڪهاڻي به ڪي فني پابنديون اورانگهي وئي آهي. ان ڪري هن ڪهاڻي تي الزام لڳايو ويندو ته فحش آهي ۽ مذهبي عقيدن سان کنئوس ڪيل آهي، سيڪس تي لکيل ڪهاڻين کي فحش چيو ويندو آهي. ڇا هي ڪهاڻي فحش آهي؟ ڇا هي ڪهاڻي سيڪس تي لکيل آهي؟ اُن لاءِ ڪجهه ڏسڻ ۽ معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي جڳ براين سان ڀريو پيو آهي، جيئن اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي نيون بيماريون نڪري پيون آهن ۽ هر ڪو ماڻهو توبهائون پيو ڀري. اهڙي ئي نموني سان سيڪس جي مريضن سيڪس کي به ترقي ڏني آهي. نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن. هي هڪ معمولي نمونو توهان وٺو ته ڪا ڇوڪري رڪشا ۾ وڃي پئي، روڊ جي ڪناري تي ڪو نوجوان کيسن ۾ هٿ وجهي، ڳچيءَ ۾ رومال ٻڌي بيٺو آهي. ايندڙ ۽ ويندڙ کي پيو تڪي، اها رڪشا اُن وٽان لنگهي ٿي ته اُتان ئي چمي ڏئي ٿو(اصل لفظ هوائي چمي) اهو به سيڪس جو ترقي وارو ڏيکاءُ آهي اڄ جي دور جو انسان سٺاين ڏانهن گهٽ ۽ براين ڏانهن گهڻو آهي.
هي معاشري جو اهم موضوع آهي. اسان جا اديب ۽ جڳ جا اديب پاڻ کي اُن موضوع تي لکڻ کان آجو نه ٿا رکي سگهن. لکيو اٿن، لکن پيا ۽ لکندا رهندا، پر لکڻ جو به طريقو هوندو آهي، هن نازڪ مسئلي تي لکجي ڪيئن؟ اهو ئي اڄ جو اهم مسئلو آهي. ڪي ليکڪ ايئن لکندا آهن جيئن هڪ شئي کي هڪ جاءِ تان کڻي ٻي جاءِ تي رکجي. دنيا ۾ ڪا ڇوڪري آهي، اُها ڪنهن سان پيار ڪري ٿي پر گهر وارا اُن جي راهه ۾ اچن ٿا. آخر هوءَ گهر مان ڀڄي وڃي ٿي. پو کيس سندس محبوب به دغا ڏئي ٿو ۽ اُن کان پوءِ رُلي پني وڃي وڏو گهر وسائي ٿي.هيءَ ته ٿي علمي دنيا جي ڳالهه، ڪو اديب هن واقعي کان متاثر ٿي ڪهاڻي لکي ٿو. ڇا اديب جو ڪم فقط ايترو آهي؟ مان هن سڄي جڳ کان پُڇان ٿي ته ڇا اديب جو ڪم ايترو آهي. بلڪل نه، قطعي نه، اڄ جو انسان هن جڳ ۾ اهي واقعا پسي پيو انهن واقعن کي هو معمول جي ڳالهه سمجهي درگذر ڪري ٿو ڇڏي. جڏهن اُهو انسان اُن ليکڪ جي ڪهاڻي پڙهندو ته هو اُن ڪهاڻي کي هڪ واقعو سمجهي پڙهي ويندو. اُن جي ذهن تي ڪو به اثر نه ٿيندو. هو ڪڏهن به اُن ڪهاڻي تي سوچ ويچار نه ڪندو. هاڻ ڏسجي ته لفظ اثر ئي آهي جيڪو گهڻي اهميت رکي ٿو. اثر جي قوت اديب جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. پنهنجي قلم جي ڄار ۾ پڙهندڙ کي اديب گهيري وڃي. پڙهندڙ کي انهن براين جو روپ پنهنجي لکتن ۾ ايئن ڏيکاري جو پڙهندڙ جو روح ڪانڊارجي وڃي. ضمير جاڳي پوي ۽ معاشري لاءِ ڏڪار محسوس ٿئي. اها ئي اديب جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي اهڙي نازڪ مسئلي تي لکيل ڪهاڻين مان پڙهندڙن کي لطف يا مزو وٺڻ نه ڏجي. جيڪڏهن پڙهندڙ کي ڪهاڻي مان لطف آيو ته سمجهو ته اها ڪهاڻي ايتري خراب آهي جيترو ماحول پاڻ خراب آهي. هي ڪهاڻيون نوان نوان سيڪس جا مريض جنم ڏينديون آهن. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جن کي پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول هوندو آهي ۽ سُٺائي برائيءَ کي محسوس ڪن ٿا. گهڻا ماڻهو اهڙين ڪهاڻين جي ڪري ئي لڙهي وڃن ٿا.
سوچ جا محمل تعمير ڪيو اُن ۾ ويٺا مزا ماڻين. ڪيترن ماڻهن کي مون هئين چوندي ٻڌو آهي ته؛ هو جيڪو ڪهاڻيڪار آهي نه اُن جي ڪهاڻي مون رات پڙهي، اصل واهه جو مزو ڏنائين، هڪ رات جو وقت هو، مٿان وري ڪهاڻي. اصل لاهه نڪري ويا. هي آهي ڪهاڻي لکندڙن ۽ ان جي پڙهندڙن جو معيار،
هنن سٽن ۾ مان جليل سان مخاطب آهيان.
ادا مون هن ڪهاڻيءَ کي پڙهيو، منهنجو روح ڪانڊارجي ويو، ان ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ مون خواهش ڪئي ته مان اُتي ئي مري وڃان. اکيون مٿي کڻي ڪنهن کي نه ڏسان، ڪنڌ کي ڦيرائي جڳ کي نه پسان، پر ايئن نه ٿيو... وري مون خواهش ڪئي ته ڪڪر ڪارونڀار ٿي مان ڳڙن جا وسڪارا ڪيان... پر پوءِ مون کي احساس ٿيو ته اُتيئي ڪُرسي تي ويٺي نه مان موت اچڻ کان اڳ مري سگهان ٿي، نه ئي ڪڪر ٿي وسڪارا ڪري سگهان ٿي. هن ڪهاڻي مون ۾ نئين قوت پيدا ڪئي آهي، نئون جذبو پيدا ڪيو آهي. اُهو اُن ڪري پيدا ٿيو آهي جو مون ان ڪهاڻيءَ کي به ان نظريي سان پڙهيو آهي، جنهن نظريي سان هن ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪي ننڍڙي سوچ وارا ماڻهو هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندا ته اوهان جا پڪا دشمن ٿي پوندا. اوهان کي گاريون ڏيندا پر مان هن ڪهاڻي کي فحش نه ٿي سمجهان. هن ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻيڪار لاءِ نه پر معاشري ماحول ۽ اهڙن انسانن لاءِ نفرت پيدا ٿئي ٿي، جيڪي جانور آهن ۽ پاڻ کي انسان ڪوٺائين ٿا. اوهان هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي ڇاتيءَ کي ٻن گولن سان تشبيهه ڪانه ڏني آهي، جيڪي پاسي ورائڻ سان ڦرن ٿا، اوهان عورت جون سٿرون ڪو نه جاچيون آهن جن تي کُهرا نشان آهن يا نه- اوهان بند ڪمري ۾ ڪنهن عورت کي ننڍڙين سُڪل ٽنگن ۾ پاڻ اٽڪائي جن ڀوت ڪونه ڪبو آهي... اوهان ايئن نه ٻڌايو آهي ته عورت برقعي اندران ڪپڙن ۾ ڪهڙي آهي ۽ ڪپڙن اندران بغير ڪپڙن جي ڪيئن آهي.. اوهان ڪنهن مرد کي غسل خاني ۾ دڪيءَ تي ويهاري لوڙهيو ڪونهي. اوهان ڪو اهڙو ترقي پسند نوجوان ڪونه ڏيکاريو آهي جنهن ۾ هر
برائي موجود آهي. جيڪو هر گندو ڪم ڪري ٿو، هر گندي عمل جي باري ۾ سوچي ٿو وري به هو مظلوم آهي ۽ ڌرتيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. اُهو صحيح آهي ته اوهان جي ڪهاڻي تلخ آهي پر فحش نه آهي، جيڪر ڪير فحش چوي ٿو ته پڪ اُن ننڍڙي ذهن سان اُن کي پڙهيو هوندو. اوهان انهن ڏي ڌيان نه ڏجو. هاڻ ڏسجي ته هن ۾ مذهب جي کنئوس ٿيل آهي يا نه- مذهب جو مفهوم ڇا آهي؟ مذهب حقيقت ۾ انسان ذات لاءِ آهي- اڄ جو انسان هيتري ترقي ڪرڻ باوجود به مذهب جي باري ۾ ڪيترو نه پوئتي پيل آهي. اڄ جي ماڻهن مذهب کي انسانن جي وجود مان ڪڍي مسلي تي اچي بيهاريو آهي. ۽ ڌڙا ڌڙ مذهب جا سجدا ڏياريا پيا وڃن. انسان اُگهاڙو هجي چاهي پيٽ بکيو هجي، پر هو چاهين ٿا ته هن جي سجدن ۾ ڪا ڪمي نه اچي. اوهان سچ لکيو آهي ته مذهب مري چڪو آهي ۽ ماڻهو اُن جو لاش کنيو پيا هلن ۽ ان جي نالي ماڻهن کي ڦُرين پيا. خبر نه آهي، ڪيستائين ڦُريندا رهندا. اڄ جي دور ۾ ماڻهن کي هيئن سوچڻ کپي ته هوند ڪيترو نه چڱو ٿئي. مذهب (اسلام) ايمان (انسانيت) عقيدو (خدمت) پيار محبت (ڌرتي) بس ان کان وڌ سوچڻ نه کپي. جبار جوڻيجي جي ڪهاڻي مڙيئي ٺيڪ هئي. غلام مبي مغل پنهنجي قلم ۽ سوچ ۾ ڏاڍي تبديلي آندي آهي.
غلام نبي مغل هڪ وڏو فنڪار آهي ان کان ڪير به انڪار نه ڪندو. قلم ۽ سوچ ۾ طاقت اٿس ڏاڍو سُٺو ٿئي جو هنن ننڍڙين ڪهاڻين وانگر هو هميشه ايئن ئي پنهنجي سوچ کي استعمال ڪري.
جهان آر سومري جي ڪهاڻي ڏاڍي سُٺي آهي. ڪهاڻيءَ جو مفهوم اردو افسانن وانگر آهي پر جهان آر وٽ قلم جي طاقت ڪافي ٿي ڏسجي. انسانن جي جذبن ۽ احساس کي چڱيءَ طرڦ ڏيکاري ويئي آهي. هر طرح هي هڪ مڪمل ڪهاڻي محسوس ٿي رهي آهي. ڀيڻ جهان آرا مبارڪ قبول ڪندا. انيد ته اڳتي به لکندا رهندا.
آغا سليم جون ڪهاڻيون لاجواب هونديون آهن. ”منزل جا دوکا“ ڪهاڻيءَ جو به ڪو جواب ڪونهي. آغا سليم هميشه سٺيون
ڪهاڻيون سنڌي ادب کي ڏنيون آهن. سندس هن وقت جون لکيل ڪهاڻيون بيحد سُٺيون آهن. شعر وارو حصو هميشه وانگر سُٺو آهي. ان جي باري ۾ ڪو خيال ظاهر ڪرڻ کان بهتر آهي ته چپ رهجي. سهڻيءَ جي ٻئي حصي تي آئون ڪجهه به نه ٿي لکان. مون کي لکڻ به نه گهرجي. ڇو جو وڏن اديبن جون لکڻيون آهن ۽ ترجمو به گهڻو ڪري وڏن اديبن ئي ڪيو آهي سو ڀلا ان ۾ ڪهڙي گهٽتائي هوندي.
**
نوٽ: هي منهنجو خط سهڻي رسالي ۾ مارچ 1973ع ۾ ڇپيو هو. ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ واقعو ٿيو هو، جيڪو ڏاڍو دردناڪ ٿيو هو. اُن واقعي تي امر جليل ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ لکي هئي. هن ڪهاڻيءَ پٺيان وڏا واءِ ويلا ٿيا. امر جليل ۽ طارق اشرف جي خلاف وارنٽ گرفتاري نڪتا. امر جليل پاڻ هڪ هنڌ ٻُڌايو آهي ته اُن ڪيئن پاڻ کي گرفتار ٿيڻ کان بچايو. طارق اشرف گرفتار ٿي ويو ۽ ٻاويهه مهينا جيل ۾ رهيو.
مان جڏهن هي خط سُهڻي جي طارق اشرف کي موڪليو ته اُن کي يقين ئي ته نه پيو اچي ته ڪا ڇوڪري اهڙو خط لکي سگهي ٿي. اُن مون سان فون تي ڳالهايو ۽ پڪ ڪيائين ته اُهو خط مان لکيو آهي.

هڪ سوال سلطانہ وقاصيءَ کان

سنڌ ۾ وڌيندڙ انتها پسندي کي ڪيئن ٻنجو ڏجي؟


جواب: سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ جو سبب ڌارين جي وڌندڙ آبادي آهي، ڌاري آباديءَ سنڌ جي صوفياڻي ثقافت کي وڏو ڌڪ رسايو آهي، پهرين ڌارين جو مرڪز ڪراچي شهر هو پر هاڻي اهي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳا آهن. ۽ مدرسا ٺاهي تبليغي ڪمن ۾ رُڌل آهن، انهن تبليغي ڪمن ۾ عورتون به شامل آهن.
انهن ڌارين تبليغين خاص ڪري غريبن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو آهي. غريبن جي ٻارن کي اُهي تعليم به ڏين ٿا، ماني به کارائين ٿا ۽ ڪپڙو به مهيا ڪن ٿا.هيڏي غربت ۾ غريب واسي ان عمل کي پنهنجي لاءِ وڏو رليف سمجهن ٿا. ايئن انتها پسندي جو ماحول جڙندو وڃي ٿو.
جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ وڏو سيڪيولر ماحول هو. ڪراچيءَ کي جيئن ته سمنڊ ۽ بندرگاهه آهي، ايئرپورٽ آهي. تنهن ڪري هر دور ۾ هتي ڌارين جو اچڻ وڃڻ هو ۽ هر قوم ۽ مذهب جا ماڻهو هتي رهن ٿا، تنهن ڪري سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻو نه هوندو هو. سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يهودي به رهندا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ يهودين جي عبادت گاهه به هوندي هئي. هتي هر مذهب جون عبادتگاهون آهن، صوفي ازم ۾ سڀني مذهبن جو احترام آهي. هتي ڪو متڀيد نه هو. گڏوگڏ مختلف مذهبن جون عبادتگاهون هونديون هيون، پر هاڻي برداشت ناهي رهي نه ئي اها اخلاقيات رهي آهي ۽ اهو سڀ ڌارين جي آبادي جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي سنڌي ناهن. مون کي حيرت آهي ته آخر سنڌ حڪومت، قوم پرست پارٽيون پنهنجن پنهنجن علاقن جا وڏيرا ڪٿي آهن ۽ اهي پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌارين کي پير پختا ڪرڻ ڇو ڏين ٿا. ڌارين کي زمينون ۽ جڳهيون ڏئي رهائين ٿا ۽ کين انتهاپسندي جي تبليغ لاءِ ماحول ٺاهي ڏين ٿا.
هونئن به ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جو اقتدار، سياسي، معاشي ۽ وسيلن جو به استحصال ٿيندو آهي، جنهن کي ٻنجو ڏئي يعني ڌارين کي روڪي انتهاپسنديءَ کي چٿي سگهي ٿو.
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي مارچ 2014ع)

انٽرويو

منهنجي وجود جون پاڙون پاتال تائين پکڙيل آهن: سلطانہ وقاصي
ڪير مون کي فنا ڪرڻ به چاهي
ته به مان ان پيار جي سهاري بقا جي رستي هلندي رهندس
ماري ڇڏيان انهن سڀني سنڌين کي
جيڪي ٻانهن سيراندي ڪيو ستا پيا آهن
جڏهن ڪير ڏکوئيندو اٿم،
جواب ۾ مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان: انٽرويو ۾ اظهار


سوال: ڄم جي تاريخ ۽ سن؟
جواب: 20 مئي
سوال: (Zodiac) نشان؟
جواب: ڍڳو (Taurus)
سوال: عيد جي ڏينهن ڪو ڏاڍو ياد آيو؟
جواب: ها.... مان ان کي ياد ڪري پئي سگهيس، جنهن کي مان ڏٺو ئي نه آهي !
سوال: ڪا اهڙي هستي جنهن کي ياد نه ڪرڻ چاهيندا هجو؟
جواب: مان عورت آهيان ۽ گڏوگڏ شاعره به آهيان سچ ته اهو آ ته مان پيار ۽ محبت جي پلسراط تي هلندي رهي آهيان، ڪير مون کي فنا ڪرڻ به چاهي ته به مان ان پيار جي سهاري بقا جي رستي هلندي رهندس . يادن جي سهاري ته هي جيون گذري پيو. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته ڪي ڳالهيون مان وساري چڪي آهيان، يا وري ڪي اهڙا جوجود به آهن، جن کي مان ياد نه ٿي رکڻ چاهيان.
سوال: جڏهن اڪيلائي کائڻ اچي ڇا ڪندا آهيو اُن وقت؟
جواب: ورهين جا ورهيه اڪيلو رهڻ جي باوجود به مان پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندي آهيان. سڄو ڏينهن مزدور وانگر ذهني توڙي جسماني پورهيو ڪندي آهيان. ڀاڙو بچائي ميلن جا ميل پنڌ ڪندي آهيان. دنيا جا ڪيترائي مسئلا مون سان آهن جڏهن منهنجا ٻئي ٻار منهنجي ويجهو هوندا آهن ان وقت پاڻ کي مضبوط سمجهندي آهيان لڳندو اٿم منهنجي وجود جون پاڙون پاتال تائين پکڙيل آهن. خواهش اٿم جڏهن منهنجا ٻار ڪنهن کي اهو ٻڌائين ته هو سلطانہ وقاصي جا ٻار آهن ان ويل مان هجان يا نه هجان پر انهن جي مٿي تي شفقت ڀريا هٿ ضرور هجن. ها اڄ ڪلهه ٿورو گهڻو اڪيلائپ جو احساس ضرور ٿيندو اٿم، جڏهن چئني طرفن کان گولين ۽ ڌماڪن جا آواز ايندا آهن.
سوال: آئيڊيل ڪير اٿو؟
جواب: دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ، نٽهڻ اُس ۾، پيرن اگهاڙي هلندڙ وجود جو آئيڊيل ڪير ٿو ٿي سگهي؟
سوال: ڪهڙو گيت جهونگارڻ تي دل ٿيندي اٿو؟
جواب: اچو اچو، اي ڄر جا ڄاڻو، لڇي پئي اڄ لاٽ، کوليو کوليو هي کنڀڙاٽيون، ڳڻيون پنهنجا ڳاٽ.
سوال: ڪڏهن اهو احساس ٿيندو اٿو ته دنيا ۾ اوهان کي ڇو موڪليو ويو؟
جواب: بي مقصد زندگي ته مون به ڪو نه گذاري آهي. هن دنيا ۾ اچي وت مان جيتامڙي پنهنجي وٽ کان وڌيڪ ڪر کڻي پئي هلان، مقابلي ڪرڻ جي قوت نه اٿم پر هٿيار به ڦٽا نه ڪيا اٿم.
سوال: جيڪڏهن ليکڪا جي بدران دهشتگرد هجو ها ته ڇا ڪريو ها؟
جواب: ماري ڇڏيان ها انهن سڀني سنڌين کي جيڪي ٻانهن سيراندي ڪيو ستا پيا آهن. انتظار پيا ڪن ته شاهه لطيف، بلاول، درياهه خان، هيمون ڪالاڻي قبر مان نڪري اچي انهن جي واهر ڪندا. پنهنجو تحفظ ته ڪري ئي نه ٿا سگهن ۽ نه وري انهن مان ڪي نوان سورما پيدا ٿيڻا آهن.
سوال: جيڪڏهن اوهان جي هڪ خواهش پوري ٿي سگهي ته اها ڪهڙي هوندي؟
جواب: سنڌين کي سنڌ ۾ جيئڻ حق ملي ۽ تحفظ ملي.
سوال: جيڪڏهن توهان عورت بدران مرد هجو ها ته ڇا بڻجڻ پسند ڪريو ها؟
جواب: مان سلطانہ وقاصي جي صورت ۾ رهڻ پسند ڪنديس.
سوال: ڪهڙي ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿا؟
جواب: ڪتاب پڙهڻ ۽ سٺا ڪتاب پڙهڻ.
سوال: ڪهڙي اصول تي پابند رهندا آهيو؟
جواب: ڪجهه به هجي، ڇا به ٿي پوي کلي خوش ٿي زندگي گذارڻ واري اصول تي.
سوال: جڏهن ڪير ڏکوئيندو آهي تڏهن ڇا ڪندا آهيو؟
جواب: جڏهن ڪير ڏکوئيندو اٿم، جواب ۾ مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته شاهه لطيف جو هي شعر منهنجي واٽ روڪي ڇڏيندو آهي. هو چونئي تون ۾ چوءِ واتيون ورائي، وجود ۾ جوٽيل جنگ مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي.
سوال: پسند جو ڪتاب؟
جواب: هر سٺو ڪتاب.
سوال: پسند جو ليکڪ؟
جواب: هر اهو ليکڪ جيڪو قلم جي حرمت کي محسوس ڪندو هجي.
**

(سهڻي جي ٿورن سان)