
سنڌي غزل جو تجزيو
ھن ڪتاب ۾سنڌي ٻوليءَ جي پندرنھن غزل گو شاعرن جي زندگيءَ، سندن ادبي ڪم توڙي غزل جي تاريخ جو احوال پيش ڪيو ويو آهي. راز صاحب ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ ”مون فقط 15 غزل گو شاعرن کي منتخب ڪري ھن ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آھي. مون انھن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي غزل جي روح کي ڏٺو آھي.“