وڏو سنڌي ويا ڪرڻ
سنڌي زبان جي جوڙجڪ ۽ ارتقا بابت جيڪو بنيادي ڪم ٿيو آھي، انھيءَ ڪم ۾ ڪاڪي ڀيرومل مھرچنداڻي جو شمار بنيادي سرون رکڻ وارن مان آھي. ھي ڪتاب پڻ ان سلسلي ۾ اھميت وارو آھي. گرامر جو ھي ڪتاب وچين ۽ وڏن ڪلاسن لاءِ ڪارائتو آھي. ھي ڪتاب چئن ڀاڱن ۽ 45 بابن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ صرف (22 باب)، ٻئي ڀاڱي ۾علم نحو (5 باب)، ٽين ڀاڱي ۾ علم اشتقاق (9 باب) ۽ ڇوٿين ڀاڱي ۾ رنگين زباني (9 باب) شامل آھن.