خوشبوءِ جو زھر
ھن ڪتاب ۾ تاج بلوچ جي 1970ع کان 1987ع تائين ڪيل شاعري شامل آھي. مھاڳ ۾ تنوير عباسي لکي ٿو: ”تاج آھي ئي غزل جو شاعر. ھن جو مزاج ئي غزل جھڙو آھي. نازڪ، نفيس، تکو (sharp)، مختصر، تيز (swift) رنگين، ڇرڪائيندڙ، انوکو، حسين، نرم، حيرت ۾ وجھندڙ، رومانوي، عڪسي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ.“