سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ ۽ ڪمپيئر ماھين ھيسباڻي جي شاعريءَ جو مجموعو ”تون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ماھين جي شاعريءَ ۾ ڏک ۽ پيڙائون سمايل آھن. سندس لفظن ۾ درد ۽ لُڙڪ ڀريل آھن. ماھين ھيسباڻي شاعريءَ ذريعي ٿورن لفظن ۾ گهڻيون ڳالھيون ڪري ٿي وڃي. ھن مجموعي ۾ بيت، دوھا، ٽيڙو، نظم، غزل، وايون ۽ گيت شامل آھن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي