منهنجو جنم _ جنم ڀومي (1956)
بابا ۽ امان وارن ٻڌايو به منهنجي ڪاغذن ، سرٽيفيڪيٽن ، پرائمري سرٽيفيڪيٽ مان معلوم ٿيو ته آءُ ڊسمبر جي پهرين تاريخ 1956 سال جي ٿڌڙين ۽ دل کي هير ڏيندڙ سياري جي مٺڙي سرد رات، بدين ضلع جي تڏهوڪي هڪڙي ڳوٺ ۽ هاڻوڪي تعلقي ليول جي هڪ شهر تلهار ۾ ڄايس. َليُس، نِپيس ، پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين جي تعليم تلهار جي سرڪاري اسڪولن ۾ حاصل ڪندي وڏڙو ، وڏڙو ٿيندو ويس، نمبر جي لحاظ کان آءُ ڇهون نمبر ٻار هوس مون کان وڏيون ٻه ڀيڻون ان کان پوءِ ٽي ڀائر (ناصر بلوچ، احسان ۽ منظور) احسان ۽منظور پنهنجي ننڍڙي حياتي ۾ گذاري ويا ۽ موجوده وڏو ڀاءُ ناصر علي بلوچ (الله پاڪ وڏي ڄمار ڏيس) تاحال خوش باش آهي ۽ مون کان عمر ۾ ڇهه سال وڏو آهي ، اهڙي طرح مون کان پوءِ به پنج ٻيا ڀينرون ۽ ڀائر به هئا. اهڙي طرح امان ۽ ابي کي ڄاول يارنهن ٻارن مان آءُ ڇهين نمبر تي انتهائي لاڏ ڪوڏ سان نپيس ۽ پليس. امان اڪثر ٻڌائيندي هئي ته آءُ انهي ڪري ڪجهه وڌيڪ دادلو رهيس جو مون کان وڏا ٻه ڀائر (احسان ۽ منظور) هڪ ٻئي پٺيان ننڍڙي عمر ۾ انتقال ڪري ويا هئا، اهڙي طرح آءُ وڏو ٿيندو ويس.
اڃان ڇهه ڏينهن جو هوس (1956)
جيئن ته منهنجي پيدائش ڊسمبر جي پهرين تاريخ تي ٿي هئي بقول امان جي انهي زماني ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ سخت سيءُ پوندا هئا، سو انهي سردي کان بچائڻ لاءِ آءُ ڄمندي ئي سردي وارن ڪپڙن ۾ ويڙهيو ويس. آءُ اڃان ڇهه ڏينهن جو مس هيس ته انهي سردي وارن ڪپڙن ۽ ويڙهيل منهنجي پير ۾ پيل اوني جورابن منهنجو پير وڍي ڇڏيو ، امان چئي ٿي جڏهن منهنجو روئڻ بند نه پئي ٿيو تڏهن سنڀال ڪيئن ٿئي ته پير مان رت وهي رهيو هو.
اهڙي طرح گهر ۾ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو ۽ ڀڄ ڀڄان ٿي وئي يڪدم ملم پٽي ڪرائي حيدرآباد کڻائي آيا، جتي ٽانڪا لڳايا ويا اهي ٽانڪن جا نشان منهنجي پير جي ڪرائي تي اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڄڻ هڪ سِير ٺهي پئي هجي. اهڙي طرح اهو منهنجو پير ٺيڪ ٿي ويو، گهر ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويو ، صدقو خيرات ڪڍيا ويا، ٻڪر ڪٺا ويا ، اهڙي طرح اها آفت خير خوبي سان ٽري وئي.
منهنجو پرائمري (1962_ 1967)
شايد لڳي ائين ٿو ته 1963 ع ۾ مون کي پڙهڻ لاءِ تلهار جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پرائمري جو اولين عرصو مون کي چڱي طرح ياد نه آهي پرايترو ياد اٿم ته آهستي آهستي هڪ هڪ درجو ڪري پاس ڪيو هوم. ڪيترو هوشيار هوس يا ڪيترو جڏو هوس ڪا به خبر نه اٿم بس ڪجهه استادن جا چهرا ڪڏهن ڪڏهن خيالن کي زور ٿو ڏيان ته گهمن ٿا ، انهن ۾ سائين محمد هارون ميمڻ (هيڊ ماستر) سائين محمد خان ڏنگڻو ، سائين الله ڏنو چانگ ۽ سائين گامون حجام. گامون حجام پنجين ڪلاس جو اسڪول ٽيچر هو انتهائي قابل ۽ هوشيار استادن ۾ شمار ٿيندو هو پر هنجون مارون ڪنهن کان به نه وسريون هونديون. پنجين ڪلاس جي ننڍن ٻارن کي جڏهن ماريندو هو تڏهن اها خبر نه پوندي هئي ته اڳيان ننڍڙو ٻارڙو يارنهن ، ٻارنهن سالن جو آهي. آءُ ائين چوندس ته مارڏيڻ مهل ظالم ٿي پوندو هو مون کي به هن جون ڪئي ظالمانه مارون ياد آهن پر جڏهن هن جي پڙهائڻ جو انداز ايڏو زبردست هوندو هو جو جڏا شاگرد به هوشيار ٿي پوندا هئا. پرائمري جو ڪورس مون کي ياد نه آهي ته ڪهڙو هو پر ڪجهه بيت اڄ به بر زبان ياد اٿم ڪيڏا نه سهڻا ۽ پيار بيت هئا.
واه ڙي تارا گول تارا،
روشن تارا چلڪي وارا.
*
جو کير پئي سو وير ٿئي،
ڏند زور وٺن سٺا سهڻا لڳن.
*
مٺڙا گهوڙا اوري آءُ،
خوب خوشي سان داڻو کاءُ.
*
پيسو لڌم پٽ تان،
پيسي ورتم گاهه.
*
مٺڙي امڙ ،
پياري امڙ.
*
اچوڙي ٻارو،
راند جو وارو.
*
الله سائين اسان کي پيدا ڪيو آهي،
الله سائين اسان کي اکيون ڏنيون آهن.
*
اسان طوطو پاليو آهي،
طوطو ڏاڍو سهڻو پکي آهي.
گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون،
جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي.
*
اچو ته لِڪ لڪوٽي راند ڪريون !
جڏهن مون قرآن شريف پورو ڪيو (1966_ 1967)
امان چوندي هئي ته خبر نه آهي ڇو تنهنجو هر فنڪشن ڌام ڌوم سان ٿيو هو منهنجو ڄمڻ جي خوشي انتهائي ڌام ڌوم سان ٿي هئي. پرائمري ۾ داخل ٿيس ننڍي هوندي (سُنت طهر) جو ڪاڄ وڏي خوشين سان ملهايو ويو ، پر مون کي جيڪو ياد ٿو پوي ته منهنجي قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ جي خوشي جيڪا ڌام ڌوم سان ٿي هئي ڄڻ امان ڪنهن پٽ جو ڪاڄ ڪيو هجي. بپنجون ڪلاس پاس ڪيو هوم ته منهنجي عمر لڳ ڀڳ ٻارنهن سالن جي هوندي انهي عمر ۾ مون قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو هوم. انهي زماني۾ منهنجي والده تلهار جي ٻارن کي مفت ۾ قرآن شريف پڙهائيندي هئي، منهنجي حافظي موجب اندازََ 50، 60 وڏيون ، ننڍيون ڇوڪريون ۽ عورتون قرآن شريف پڙهڻ اينديون هيون. اسان جي گهر ۾ هڪ وڏو اڱڻ هو. انهي اڱڻ ۾ ٻه اڍائي سو ماڻهو هڪ ئي وقت ويهي سگهندا هئا، انهي اڱڻ تي تال پتريون وڇائي امان انهن ٻارن کي ، ڇوڪرين ۽عورتن کي قرآن شريف جو سبق ڏيندي هئي. والده جي مدد ۾ منهنجي وڏيون ٻه ڀينرون ادي شاهده ۽ ادي زاهده به هونديو هيون، جيڪي ٻارن کي پڙهائينديون هيون. شام جي ٽائيم سج لٿي تائين ٻارن ۽ عورتن جو ڄڻ وڏو ميلو لڳي ويندو هو. چار طرف قرآن شريف جي آيت ۽ ورد جو آواز پري پري تائين ٻڌبو هو، اهو سڀ بنا ڪنهن ڏوڪڙ ، پيسي يا لالچ جي ڪم هلندو هو. اڳتي هلي جتوئي برادرين جي ٻن عورتن ادي آمنه جتوئي ۽ ادي غلامه جتوئي جيڪي قرآن شريف پهرين پڙهي پورو ڪيو هو انهن به قرآن شريف پڙهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
منهنجي ياد موجب پنج ڄڻيون استاد جي حيثيت ۾ رهيون متان هڪ ٻي به ڪا هجي پر مون کي ياد نه آهي. مون کي به قرآن شريف پڙهائڻ ۾ انهن پنجن استادن جو ساٿ رهيو. آءُ ننڍڙن ٻارن ۾ پهريون ٻار هوس جنهن قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو هو مون کي ياد آهي ته انهي خوشي ۾ آمين جو هڪ روح پرور محفل ٿي هئي اها محفل سجائڻ ۾ ادي آمنه ۽ غلامه جتوئي جو حد تائين خوشي ۾ مدد شامل هئي. جيئن ته امان ۽ منهنجو ڀيڻيون بنا معاوضي پڙهائينديون هيون تنهنڪري منهنجي هن خوشي ۾ مون کي تمام گهڻا تحفا ڏنا ويا، اهي تحفا بظاهر والده کي ڏنا ويا پر انهي خوشي ۾ مون کي تمام گهڻن تحفن ملڻ سان ڄڻ ائين پئي لڳو ته هر ڪنهن امان کي معاوضو پئي ڏنو خوشي سان، بهرالحال هي روح پرور خوشي منهنجي ذهن تي اڄ به چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي نظر ايندي آهي.
انگريزي اسڪول (1967_ 1973)
تلهار جي پرائمري اسڪول مان پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري خيرن سان تلهار جي انگريزي اسڪول (ڇهين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس) ۾ داخل ٿيس، ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ وقت عمر ايتري هئي ٿي ويندي آهي جو گهڻي ڀاڱي ڪجهه سمجهداري به اچي ويندي آهي، ڇهين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر سائين ملوڪ شاهه اسانکي مليو، پنجين جي سائين گامون حجام جي ظالمانه مارن مان مس جان ڇٽي هئي ته ڇهين ڪلاس ۾ سائين ملوڪ شاهه جي ور چڙهياسين. جيتوڻيڪ آءُ ۽ ڪجهه ٻيا شاگرد پڙهائي ۾ ڪجهه چڱا هئاسين جو اسان هر روز هن جي ظالمانه مار نه کائيندا هئاسين پرپوءِ به هنجي مارن جو چڱو خاصو مزو چکيوسين. سائين ملوڪ شاهه به انگريزي جو ماهر استاد هو هن کي گرامر تي عبور حاصل هو هن جي ظالمانه مارن کي ٿورڙو نظر انداز ڪجي ۽ غور ڪجي هن جي بهترين پڙهائي ڏانهن ته بيشڪ هو هڪ بهترين ۽ ماهر استاد هو ، جيڪو شاگرد ڇهين ڪلاس ۾ سائين ملوڪ شاهه جي پڙهايل انگريزي ۽ گرامر مان پڙهي نروار ٿي ويو اهو ڄڻ ته مئٽرڪ تائين هوشيار رهندو انتهائي قابل استاد هو پر انتهائي ظالم استاد به هو هنجي قابليت به ۽ هن جي مار ڪڏهن به نه وساري سگهندس. اهڙي طرح ڪجهه ٻيا استاد به هاءِ اسڪول ۾ مليا جيڪي قابل ۽ سٺا هئا جن جا نالا ذهن ۾ اچن ٿا سائين خليل احمد سائنس جو قابل استاد هو، سائين عزيز الله جمالي ڊرائنگ ٽيچر هو، سائين عبدالرحمان عربي جو ٽيچر هو، سائين نياز محمد جتوئي انتهائي قابل ۽ ذهين استاد هو، هن جو رويو انتهائي پيار ڪندڙ ۽ ٻارڙن کي پنهنجو ڪندڙ وارو رويو هوندو هوس، اهوئي سبب هو جو تلهار جو هر شاگرد هن جي عزت ڪندو هو، هن جي گذاري وڃڻ تائين هن کي تلهار ۽ بدين ضلع جي هر ماڻهو وٽان عزت، مان ۽ مرتبو مليو ۽ هميشه عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو.
جتي آءُ قابل ، ذهين ۽ دوست استاد سائين نياز محمد جو ذڪر ڪريان اتي تلهار جي هڪ قابل ۽ فرينڊلي استاد سائين شمس الدين ميمڻ جو ذڪر نه ڪريان ته منهنجي قلم جي ڪوتاهي ٿيندي، سائين شمس الدين ميمڻ هڪ قابل ۽ بهترين ۽ هوشيار استا هو اسان ائين نائين ڪلاس ۾ پهچي وياهئاسين ڪجهه وڏا سمجهدار به ٿي وياهئاسين، سائين نياز محمد جتوئي ۽ سائين شمس الدين ميمڻ جي وڏي خوبي اهيا هئي ته پنهنجن شاگردن کي دوست سمجهندا هئا پڙهائي ۾ ته قابل هئا پر (ايڪسٽرا ايڪٽيوٽي) ڪرائڻ جا به ماهر هئا جهڙوڪ: ٽوئر ڪرائڻ، راندين ۾ دلچسپي وٺائڻ، ادبي سرگرمي ۾ حصو وٺائڻ ۾ دلچسپي رکندا هئا.
مئٽرڪ واري عمر ۾ جيڪو ڪجهه اسان گهميو ڦريو، راندين ۾ حصو ورتو يا ادبي ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو اهو سڀ مٿئين ٻنهي استادن جو وڏو هٿ هو سائين نياز محمد جتوئي ويجهڙائي ۾ گذاري ويو آهي. ۽ سائين شمس الدين الله پاڪ هن کي وڏي حياتي ڏي، زنده سلامت آهي.
تلهار جا اسان جي عمر جا جيڪي اديب ۽ شاعر آهن انهن ۾ مٿئين ٻنهي استادن جي وڏي محنت شامل آهي. يقيناََ تلهار جي هر شاگرد ۽ سوين شاگرد جيڪي هن وقت وڏن وڏن عهدن تي رسيل آهن انهن جي دلين ۾ سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سائين نياز محمد جتوئي جا نالا چوڏهين چنڊ جيان چمڪندا هوندا ۽ سدائين ياد رهندا ۽ وسندا هوندا، انهن جا نالا عڪس جيان چٽيل چٽيل رهندا. جتي قابل ، هوشيار ۽ دوست استادن سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سائين نياز محمد جتوئي جو ذڪر ڪريان اتي تلهار جي نوجوان استاد مرحوم عزيز خواجه جو ذڪر نه ڪريان ته منهنجي قلم جي ڪنجوسپائي ٿيندي. سائين عزيز خواجه تلهار جي اثناعشري خواجه فيملي جو انتهائي خوبرو، بهترين ۽ ماهر استاد انگريزي ۾ قابل استاد هو . پاڻ مئٽرڪ جو ڪلاس ٽيچر هو مئٽرڪ تائين پهچندي اسان به نوجوان ٿي وياهئاسين هر استاد جي قابليت جي سڃاڻپ ٿي وئي هئي . سائين عزيز خواجه پڙهائڻ جو قابل استاد هو پر (ايڪسٽرا ايڪٽوٽي) جو به ماهر هو ڪلاس ۾ هفتي جي هڪ ڏينهن شعر و شاعري جو مقابلو ڪرائيندو هو ، هن اسان کي ڪيترائي ٽوئر ڪرايا جن ۾ ڪوهه مري جو ٽوئر، اسان جي دلين ۾ نقش ٿيل آهي. سائين عزيز خواجه هر هوشيار شاگرد جو دوست هوندو هو استادن ۾ هو هڪ مقبول استاد هو هر دل ۾ وسندڙ استاد هو مئٽرڪ جي امتحان کان پوءِ اسان جي ڪوهه مري، سوات، ۽ ڪاغان جي ٽوئر جو پروگرام سائين عزيز سان گڏ ٺاهيوسين، ٻن ڏينهن کان پوءِ اسان جي روانگي هئي، انهي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ سائين عزيز خواجه جو ايڪسيڊنٽ ٿيو جنهن ۾ هو گذاري ويو. تلهار شهر ۾ هر شهري ۽ هر شاگرد جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا هئا هن جي هر دلعزيز ۽ نوجواني جي موت تلهار جي هرماڻهو جي دل جهوري وڌي هئي اسان سائين عزيز جي بي وقتي ۽ دردناڪ موت کي ڪڏهن به نه وساري سگهنداسين. هو اسان جي دلين ۾ اڄ به گلاب جي گلن جيان مهڪندو رهندو ۽ اسان جي دلين ۾ سدائين شاد و آباد رهندو. يقيناََ سائين عزيز خواجه اسان جي دلين ۾ هڪ پيار ۽ هڪ محبت جيان زنده سلامت رهندو .
ٻه ڇوڪريون (6 کان 10 ڪلاس تائين)
جڏهن آءُ پرائمري اسڪول پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ آيس ته اسان جي شهر تلهار ۾ ڇوڪرين جو انگريزي اسڪول نه هو، تلهار ۾ انهي وقت ڇوڪريون پرائمري پاس ڪري يا ته بدين ، ماتلي وينديون هيون انگريزي پڙهڻ يا ڇوڪريون بوائز سان گڏ پڙهنديون هيون پر انهي زماني ۾ اهو رجحان گهٽ هو ته (ڪو ايجوڪيشن) تحت ڇوڪرا ، ڇوڪريون گڏ پڙهن پر تنهن هوندي به ٻه ڇوڪريون اهڙيون هيون جيڪي اسان جي ڪلاس يعنى ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيون . ڪلثوم ته منهنجي سڳي مامي صادق علي جي وڏي ڌي هئي ۽ بلقيس شاهه تلهار جي هڪ سيد خاندان جي سيد انور شاهه جي ٻيو نمبر ڌي هئي سڄي ڪلاس ۾ اهي ٻه ڇوڪريون باقي ڇوڪرا هئا انهي زماني ۾ ڪلاس ۾ ڊيسڪ هوندي هئي شاگرد کي ويهارڻ لاءِ هر ڊيسڪ تي ٽي شاگرد ويهندا هئا جيئن ته ڇوڪري ڪلثوم منهنجي سڳي سوٽ هئي انهي ڪري منهنجي ڊيسڪ جيڪا ڪلاس جي پهرين قطار ۾ کاٻي پاسي واري حصي ۾ رکيل هئي. انهي ڊيسڪ ۾ آءُ ڪلثوم ۽ هن جي ڀرسان بلقيس شاهه ويهندا هئاسين. حالانڪه 1968 ع ۾ تلهار ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو هو پر ايڏا اتي مرحلا هئا تيسيتائين اسان گهڻو ڪجهه اڳتي نڪري ويا هئاسين مٿئين ڪلاس ۾ به تلهار جون ڇوڪريون پڙهنديون هيون جن جا نالا ذهن ۾ نه پيا اچن. تلهار ۾ گرلز هاءِ اسڪول تمام گهڻي دير سان ٿيو تيسيتائين اسان پڙهي چڪاهئاسين ذڪر پئي ڪيم آءُ هڪ بينچ تي ڪلثوم ۽ بلقيس شاهه سان گڏ ويهندو هوس پرائمري زماني ۾ ڪنهن به بدمزگي، بدتميزي جي ڳالهين جو تصور به نه هيو جيتوڻيڪ آءُ ڪلثوم سان گڏوگڏ ويهندوهوس پر ڪڏهن به ٽچ (ڇهاءُ) ڪرڻ جو تصور به نه هيو اهڙي طرح ڪنهن به قسم جي بيهودگي يا بدمزگي جي ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه ٿي. اڳتي بابن ۾ انهن ٻنهي جو ٻئي حوالي سان ذڪر ٿيو ته ڪندس.
بابا جي ٻي شادي (1971)
اڃان ستين ڪلاس ۾ هوس منهنجي ڪچڙي ذهن واري ڪچڙي عمر هئي ته اسان جي گهر ۾ وڏا ٻڙڌڪ مچي ويا هئا ، بابا ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ رهندو به اتي هو. هر هفتي ڇنڇر ڏينهن ايندو هو ۽ آچر جي شام يا سومر ڏينهن صبح جو ويندو هو پر هاڻ جيڪو بابا ايندو هو ته گهر ۾ امان سان ٻڙڌڪ متل هوندو هو. ڳالهه دراصل اها هئ ته بابا پنهنجي ٻي شادي لاءِ امان کان اجازت گهرندو هو ۽ امان نه ڏيندي هيس انهي ڳالهه تي هر هفتي جهڳڙو ٿيندو هو، نتيجو اهو نڪتو جو بابا ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ اسان ڏانهن اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڏي مصيبت اها به ڪيائين جو ماهوار گهر جي خرچ يا ٻارن جي پڙهائي خاطر پئسا ڏيندو هو اهي به بند ڪري ڇڏيائين ته گهر ۾ جتي 8، 10 ڀاتي هجن جتي خوشحالي هجي، بابا وڪيل هو ۽ سکيو ستابو هو تلهار ۾ چڱي عزت ۽ شهرت رکندڙ ايڏو پڙهيل لکيل پهريون شخص هو. پئسي ۾ به سکيو ستابو هو ته اسان جو گهر خوشحالي وارو گهر هو بابا جي خرچ بند ڪرڻ سبب اوچتو ئي اوچتو خوشحال گهر ۾ غربت واڪا ڪرڻ لڳي مفلسي وڄ وانگر ورائي وئي ائين هڪدم سڀ نڌڻڪا ٿي وياسين، هونئن اسان جي گهر ۾ ٻارن جي پرورش ۽ تعليم جو سڄو ڪاروهنوار امان جي ئي حوالي هو بابا ته هفتي هفتي اچي چڪر لڳائي هليو ويندو هو، پر هاڻ امان جي مٿان ڄڻ آسمان جي کنوڻ ڪري پئي هجي هن به حوصلو نه هاريو جبل جيان ڏاڍي ٿي وئي پر اثر ٻارڙن تي ضرور پوڻو هو سو اهو اثر سڀني جي مٿي تي هڪ ڳري هٿوڙي جيان لڳو.
منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ جيڪو پڙهائي ۾ به هوشيار هو جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاهيو، گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ۾ انٽرسائنس پڙهي رهيو هو هن جي ڊاڪٽر ٿيڻ جي حسرت اتي دم ڏيئي ڇڏيو. انٽر پاس ڪري امان جي غربت جي حال ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو ، باواني شگر ملز تلهار ۾ ڪلرڪ ڀرتي ٿيو آءُ ان وقت شايد ستين ڪلاس يا اٺين ڪلاس ۾ هوس مون کان ننڍو ڀاءُ محمد منير جيڪو مون کان ٻه سال ننڍو هو شايد ڇهين ڪلاس ۾ هو پوءِ ظفر حسين جيڪو مون کان چار سال ننڍو هو اهو شايد چوٿين ڪلاس ۾ اهڙي طرح سڀ کان ننڍو ڀاءُ محمد اسلم ته ڄائو ئي 1969 ع ۾ هو سال ٻن جو مس هو. منهنجا ٻيا ڀائر ته ننڍا هئا آءُ ئي اڃان ستين ڪلاس ۾ هوس مون کي ته خبر ئي نه هئي ته وڏو ٿي آءُ ڇا ٿيندس يا منهنجون حسرتون يا جذبا ڪهڙا هئا وڏو ڀاءُ شگرمل ڪلرڪ ۾ لڳو ۽ مون کي امان شام جو چڻن جو ٿالهه ڏيندي هئي ۽ گاس ملائي جو ٿالهه ٺاهي ڏيندي هئي اسڪول کان پوءِ شام جو چڻا ۽ گاس مان ٺهيل ملائي جون ٽڪيون وڪڻي گهر جي خرچ ۾ ٻاراڻي وهي ۾ حصيدار ٿيس.
اهڙي طرح منير ۽ ظفر به پڙهائي سان گڏ اخبارون وڪڻي پنهنجي پڙهائي جو خرچ ڪڍي ويندا هئا. بابا 1971 ع ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ مڪمل طرح الڳ ٿي ويو شادي کي سال ٻه ٿي ويا هئا آءُ، منير ۽ ظفر ٽئي مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا خرچي جي بهاني بابا سان ملڻ ويندا هياسين پر ظفر گهڻو ويندو هو ڇڙٻن، دڙڪن، طعنن واريون خرچيون وٺي ڊاڪٽر به ٿي ويو. ظفر مون کي چوندو هو ته بابا دڙڪا ، طعنا ۽ مهڻن سان خرچي جا پئسا اڇلائي ڏيندو آهي پر ادا مون کي ڊاڪٽر ٿيڻو آهي آءُ پَٽ تان پئسا ميڙي به کڻندس اها منهنجي مجبوري آهي دڙڪا به سهندس مهڻا به سهندس پر هن کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو جنون هو ۽ هو نيٺ ڊاڪٽر به ٿي ويو اسان سڀني جي مدد سان. پر حياتي هن سان وفا نه ڪئي ڊاڪٽري پاس ڪري هائوس جاب کان فارغ ٿي تلهار ۾ پنهنجي پرائيوٽ اسپتال کوليائين هٿ ۾ شفا هيس ڏسندي ڏسندي هاڪ ٿي ويس انتهائي مقبول ڊاڪٽر ٿي ويو هڪ سال جي اندر نظر لڳي ويس ۽ جهپجي ويو. 36 سالن جي ڦوهه جواني ۾ دل جي پهرين دوري ۾ گذاري ويو ائين اسان جي زندگي ڪجهه اڳتي رڙهندي وئي.
مئٽرڪ کان پوءِ (1973)
بابا جي شادي کان پوءِ جيڪا صورتحال سامهون آئي اها پيش ڪري چڪو آهيان هڪ دفعو وري چوان ته اسان جون سڀ حسرتون، اڳتي پڙهڻ جون، اڳتي وڌڻ جون اڳتي وڌي نه سگهيون مون 1973 ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي جيئن ته گهريلو حالتن سبب وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ به پڙهائي ڇڏي باواني شگر ۾ ڪلرڪ ٿي ويو هو هن اڳتي پڙهائي پرائيوٽ طور پڙهي ۽ منهنجي به مئٽرڪ پاس ڪرڻ جي سڀني کي چنتا هئي ته جيئن آءُ مئٽرڪ پاس ڪريان ته نوڪري ۾ لڳايو وڃان جيئن گهر جا حالات ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهن. مئٽرڪ پاس ڪندي ئي مون کي باواني شگر مل ۾ ڪين ڪلرڪ جي نوڪري ملي ائين ننڍڙي عمر جو پگهار به گهر جي حصيداري ۾ شامل ٿي ويو.
منهنجي پهرين نوڪري (74_1973)
منهنجي پهرين نوڪري جو ذڪر ڪيو اٿم تفصيلن ٻڌائيندو هلان ته مئٽرڪ پاس ڪندي ئي باواني شگر مل تلهار ۾ ڪين ڪلرڪ جي نوڪري ان وقت جي باواني شگر ملز جي آفيسر ۽ اسان جي هڏ ڏوکي علي احمد چانڊيو وٺي ڏني منهنجي پهرين نوڪري 1973،74 واري سيزنل نوڪري هئي. 18 سالن جي ننڍي عمر ۾ نوڪري ۾ لڳي ويس اها به شفٽ واري نوڪري ۽ سيزنل نوڪري يعني شگر مل جيترا مهينا ڪمند جي پيڙائي ڪنديون هيون اوترا مهينا نوڪري هلندي انهي زماني ۾ بدين ضلع ۾ اها هڪ ئي شگر مل هئي. تنهنڪري سياري جي موسم ۾ تقريباََ 8 مهينا شگر مل هلندي هئي. شگر ملون سياري جي موسم ۾ ئي هلنديون آهن. يعني سيزن نومبر کان شروع ٿيندي آهي. هاڻ بدين ضلع ۾ 4،5 شگر ملون آهن تنهنڪري سيزن تي چار مهينه مس ٿي هلي سو ڳالهه پئي ڪيم پنهنجي پهرين نوڪري جي جيڪا شفٽ واري هئي صبح جو اٺين وڳي کان شام چار تائين ۽ ٻي شفٽ شام جو چار بجه کان رات جو ٻارهين بجي تائين ۽ ٽين شفٽ رات جو ٻارهين بجه کان صبح جو 8 بجه تائين هونديون هيون. جيئين ته آءُ 18 سالن جو مس هوس هڪ ته نوڪري جو بار ننڍڙي عمر ۾ برداشت ڪرڻو پيو ۽ ٻيو وري شفٽن وارو آزار مون کي روئاري وڌو. ٻه شفٽون ته خوشي خوشي ڪري ويندو هوس پر ٽين شفٽ جيڪا رات جو ٻارهين کان صبح جو 8 بجه تائين هوندي هئي اها منهنجي لاءِ وبالِ جان بڻجي وئي. امان ٽي شفٽ واري رات 9 بجه سمهاري ڇڏيندي هئي ۽ رات جو ساڍي يارهين وڳي اٿاريندي هئي اف الله! سياري جي سرد راتيون، وري گرم گرم بستري ۽ سوڙ مان نڪرڻ ۽ سئيٽر ۽ گرم شالون ۽ ٽوپيون پائي چار پنج ڄڻا گڏجي شگرمل تائين وينداهياسين ته آءُ روئي روئي گهران نڪرندو هوس ۽ سڄي رات وڦلي وڦلي گذاريندو هوس بهرالحال نوڪري ڪرڻي هئي. جنهن مهل به امان اٿاريندي هئي مون کي گرم بستري مان ڪڍندي هئي مون کي ياد آهي هر روز روئي روئي امان کي ٻاڏائيندو هوس امان مون کي هن ٽائيم نوڪري نه ٿي ٿئي، هو ڀاڪرن ۾ ڀري چوندي هئي ته ابا ڇا ڪريان تنهنجو پيءُ نه ڇڏي وڃي ها ته هي ڏينهن ڪڏهن به نه ڏسون ها. خير 1973،74 جي سيزن گذاريم پوءِ 1974،75 جي به سيزن ائين روئي روئي گذاريم انهي وچ ۾ امان کي روئي روئي ٻاڏائيندو هوس ته ڀلا مون کان نوڪري ڪرائڻي اٿو ته ڏينهن جي ڪا نوڪري وٺي ڏيو ۽ امان منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ کي اسان جي مائٽ اسان جي همدرد ، هڏ ڏوکي رهندڙ علي احمد چانڊيو جيڪو ان وقت ڪين مينيجر جي اعلى عهدي تي فائز هو انتهائي اثر رسوخ رکندڙ وڏن وڏن آفيسرن ۽ (ايم ، پي ، اي، ايم ، اين ، اي) جي حد تائين رهندڙ ماڻهن سان دوستي رکندڙ ماڻهو هو. جنهن جي هلندي پڄندي تمام گهڻي هئي، امان هن کي منهنجي نوڪري لاءِ چوندي رهندي هئي، جيئن ئي باواني شگر مل جي سيزن ختم ٿي ته هن مون کي ٻي نوڪري وٺي ڏني.
هڪ خوفناڪ ماڻهو (75_1974)
باواني شگر مل جي رات جي شفٽ ۾ هڪ ڀوائتو، خوفناڪ قسم جو ماڻهو منهنجي آفيس جي ڪمري ۾ چوڪيدار رکيل هو انهي ڪمري ۾ آءٌ ٽوڪن ڏيندو هوس ۽ اڪيلو ويهندو هوس مون کي انهي رکيل چوڪيدار جنهن جو چهرو ڀوائتو ۽ وڏا وڏا شهپر رکيل هيس هو منهنجي ڪمري ۾ ذري ذري ايندو هو ته مون کي خوف ٿيندو هو ته الائجي مون تي حملو ڪري يا مون کي ڪجهه ڪري نه.....!؟ هن جو نالو هو دلاور ذات جو کوسو هو هڪ رات منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين : “آءُ تو تي عاشق آهيان، آءٌ توسان پيار ٿو ڪريان، انهن ڏينهن ۾ مون کي عاشقي معشوقي جي ڪا خبر نه هئي بس ايتري خبر ضرور هئي ته مرد عورتن تي عاشق ٿيندا آهن يا عورتن سان پيار ڪندا آهن، سو هن اها ڳالهه ڪئي ته آءُ رڙيون ڪرڻ لڳس سڌو شفٽ انچارج محترم عارف ڪاٺيا واڙي جي ڪمري ۾ جنهن مون کي تسلي ڏني ۽ اتي چوڪيدار کي گهرايو چوڪيدار چيو : “سائين مون ته ڪجهه ڪونه ڪيو آهي پڇوس مون هن کي هٿ لاتو آهي”
مون روئندي چيو: “سائين هن هٿ ته نه لاتو آهي پر آءُ توهان تائين نه پهچان ها ته الائي ڇا ڪري ها؟”
بس انهي واقعي کان پوءِ اتي جي چوڪيدار کي هن ايريا مان بدلي ڪرايو ويو ۽ رات جي شفٽ وارو سڄو هفتو عارف صاحب (جيڪو انتهائي برجستو ۽ اعلى طبعيت رکندڙ شخص هو ۽ علي احمد چانڊيو جو دوست پڻ هو) پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريندو هو جتي چار پنج ٻيا به ڪلرڪ به ويهندا هئا ائين جيسيتائين باواني شگر مل ۾ نوڪري ڪئي انهي کوسي چوڪيدار کي جتي به ڏسندو هوس ته خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هوس۽ هن جي ڪڏهن به ويجهو ڪونه آيس.
منهنجي ٻي نوڪري (1975)
جيئين ته آءُ بيان ڪري آيو آهيان ته باواني شگر مل جي نوڪري مون کي ڪيترو روئاريو منهنجي اکڙين جي معصوم ڳوڙهن کي امان ته ڏسي ورتو هو جواب ۾ امان جي به پرعزم اکين سان ڳوڙها وهي نڪتا هئا پر انهن ڳوڙهن تي محترم علي احمد چانڊيو کي به ترس اچي ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي بدين وٺي ويو لوڪل گورنمينٽ جي آفيس هجي. محترم امداد علي خواجه اسسٽنٽ ڊئريڪٽر آف لوڪل گورنمينٽ بدين سان ملايائين. انتهائي دبنگ آفيسر هو ۽ قدبت ۾ باڊي بلڊر ، ڊگهي قد ڪاٺ وارو ڪاٽن ڪپڙن جو شوقين واقعي هو قد جي حساب سان به آفيسر لڳندو هو. هن سان منهنجو حال احوال ڪيائين هن مون کي بدين ضلعي جي يونين ڪائونسل (سيراڻي) جي سيڪريٽري جي نوڪري ڏني. سيراڻي موجوده (ايم ، پي، اي) سائين سڪندر منڌرو جو ڳوٺ ان وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ جيپ بدين کان سيراڻي ويندي هئي وري ٻي ڏينهن موٽندي هئي معنى جيڪو سيراڻي وڃي ته رات رهڻي پوندي هئي. اها نوڪري جيڪا مون صرف ٽي مهينه ڪئي مون هڪ دفعه شايد سيراڻي ڏٺي هئي جو امداد خواجه صاحب جي جيپ ۾ ويو هيس ۽ شام جو موٽي آيو هوس مون کي ٻه ٽي هزار ماهوار پگهار(خرچي) ڏيندو هو باقي حساب ڪتاب، ڪاروهنوار پگهار يا خرچي مون کي ڪابه خبر نه هئي ائين ٽن مهينن ۾ مون اها نوڪري ڇڏي ڏني.
منهنجي ٽئين نوڪري (1976)
1975 ع جي جولاءِ جي پهرين تاريخ بدين کي ضلعي جي حيثيت ڏئي حيدرآباد کان ڌار ڪري تاريخي ڪم ڪيو ويو جو بدين جو اهو حق به هو ضلع جي حيثيت کان پوءِ مختلف آفيسون کلي رهيون هيون. اخبارن ۾ مختلف آفيسن جا اشتهار هلي رهيا هيا. مختلف بينڪون کلي رهيون هيون مون به مختلف آفيسن لاءِ درخواستون ڏنيون هيون اهڙي طرح مون کي به هڪ نوڪري ملي. اها هئي خزانه آفيس ( ٽريزري آفيس) بدين ۾ 8 گريڊ جي اڪائونٽس ڪلرڪ جي نوڪري اها نوڪري مون کي ڪيئن ملي؟ انجو سربجستو حال احوال پنهنجي ڪتاب “سروس بخير” ۾ ڪري چڪو آهيان. مختصر ٻڌائيندو هلان ته بدين جي خزانه آفيس ۾ اها نوڪري 25 مارچ 1976ع تي جوائن ڪيم.
بدين جي خزانه آفيس ۾ تقريباََ 8 سال نوڪري ڪري حيدرآباد جي خزانه آفيس ۾ بدلي ڪرايم، حيدرآباد مئي 1984 ع ۾ آيس نوڪري جا مختلف مرحله طئي ڪندي 8 گريڊ مان 17 گريڊ تائين پهچي خيرن سان 60 سالن جي عمر ۾ پهچي اجهو هاڻ 1 ڊسمبر 2016 ع ۾ رٽائر ٿيس . اهڙي طرح خزانه آفيس ۾ لڳاتار 41 سال نوڪري ڪيم انتهائي عزت ۽ آبرو وارو وقت گذري مان ۽ مرتبي سان نوڪري مان رٽائر ٿيس.
منهنجو ادبي سفر (1974_ 1975)
آءُ ستين ڪلاس ۾ هوس ته اخبار پڙهڻ جو شوق ٿي ويو هو انهي وقت تلهار ۾ هڪ لائبريري هوندي هئي جيڪا موجوده پريس ڪلب تلهار واري روڊ تي هوندي هئي اها لائبريري تلهار جو هڪ ادب دوست ماڻهو هلائيندو هو اخبارون سڀ اينديون هيون اخبارون سڀ پڙهندو هوس پر مون کي ياد ٿو پوي ته عبرت اخبار ۽ هلال پاڪستان اخبار آءُ ضرور پڙهندو هوس عبرت اخبار ۾ هر روز مختلف رنگين صفحا نڪرندا هئا ۽ هلال پاڪستان ۾ به خاص صفحا نڪرندا هئا ٻنهي اخبارن ۾ ادبي صفحا به نڪرندا هئا، جيڪي آءُ شوق سان پڙهندو هوس آهستي آهستي انهن ادبي صفحن ۽ ٻاڙن جي صفحن ۾ آءُ ، اقوال زرين، حديثون يا ٽوٽڪا ۽ ڪچيون ڦڪيون لکڻيون موڪليندو رهندو هوس. گهڻو ڪري ٻارڙن جي صفحن ۾ منهنجو مواد ڇپجڻ لڳو. اخبار ۾ آءُ پنهنجو مواد ڇپيل نالو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس ته منهنجي نالو اخبار ۾ ڇپيو آهي اها اخبار والده کي وڏي ڀيڻ ۽ وڏي ڀاءُ کي ڏيکاري ڏيکاري خوش ٿيندو هوس.
منهنجي وڏي ڀاءُ (ناصر بلوچ) منهنجي انهي شوق کي پرکي ورتو هو هو مون کي آهستي آهستي ادب ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳو، ڪهاڻين جا ڪتاب، مختلف اديبن جا شاعري جا ڪتاب هڪ هڪ ڪتاب ڪري ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هڪڙو ڪتاب پڙهي واپس ڪندين ته ٻيو ڪتاب ڏيندس (اها عادت هن جي اڄ به قائم آهي) آءُ ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ الطاف شيخ جا سفرناما شوق سان پڙهندو هوس اهڙي طرح مون کي پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو ڏانءُ به اچڻ لڳو. ننڍڙن ننڍڙن مواد کان پوءِ مون پهرين ڪهاڻي لکي انهي ڪهاڻي جو نالو هو ”لڙڪ ۽ سڏڪا” جيڪا عبرت اخبار جي سنڊي مئگزين جي رنگين صفحي (مارچ_1976) ۾ ڇپي . مون کي انهي ڪهاڻي جي ڇپجڻ جي ايتري خوشي ٿي هئي جو مون عبرت اخبار جون اٺ ڏه اخبارون ورتيون هيون هر هڪ مائٽ ۽ دوست کي اها ڇپيل ڪهاڻي ڏيکاري هيم. اهڙي طرح پوءِ مون کي لکڻ جو بيحد گهڻو جنون ٿي پيو پوءِ عبرت اخبار جنهن جي ادبي صفحي جو انچارج عبدالغني درس ۽ هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي جو انچارج غلام نبي مغل هئا منهنجون ابتدائي ڪهاڻيون جيڪي ظاهر آهن ڪچيون ڦڪيون هيون. انهن صفحن ۾ شايع ٿينديون رهيون ته منهنجي همت افزائي ٿيندي رهي ۽ ادبي کيتر ۾ منهنجا حوصلا جبلن جيان بلند ٿي ويا هئا انهي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت جي به هفتيوار گڏجاڻي سائين نياز محمد جتوئي جي زيرِ نگراني هلندي هئي. سائين نياز محمد جتوئي سنڌي ادبي سنگت تلهار جو سيڪريٽري هو.
مئٽرڪ واري عرصي ۾ آءُ ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هوس انهي زماني ۾ سائين نياز محمد ادبي سنگت کي عروج تي پهچايو هو آءُ به هر هفتي ڪجهه نه ڪجهه ڪڏهن ڪڏهن شاعري اڪثر ڪهاڻيون لکي پڙهندو هوس. انهي تي تعريف ۽ تنقيد ٿيندي هئي جي ڪا تنقيد يا اصلاحي ڳالهيون ملنديون هيون ته انهن تي عمل ڪندي اها ڪهاڻي يا شاعري وري لکي فيئر ڪري انهن اخبارن ڏانهن موڪليندو هوس ته شايع ٿينديون هيون پوءِ گل ڦل ۾ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ عبرت مئگزين ۾ منهنجو مواد شايع ٿيندو رهيو پوءِ سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن تلهار جنهنجو صدر سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سيڪريٽري سائين نياز محمد جتوئي هئا انهي جو ميمبر رهيس. سنڌي ادبي سنگت تلهار جو ڪيترا سال (شايد 1976 ع کان 1983) تائين جوائنٽ سيڪريٽري رهيس ٽي چار سال ته سائين نياز محمد جي مصروفيتن سبب سيڪريٽري جي حيثيت ۾ به ادبي سنگت هلائي ۽ سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن تلهار شاخ ڪيترا سال پريس سيڪريٽري رهيس. مئي 1984 ع آءُ تلهار ڇڏي حيدرآباد شفٽ ٿيس انهي وقت تائين آءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ تلهار جي بهترين ورڪر جي حيثيت ۾ فرائض سرانجام ڏنم. جنهن جا مون کي ڪيترا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو اهڙي طرح منهنجو ادبي سفر اتان شروع ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي.
ادبي ڪلاس (1974_ 1984)
آءُ مٿي پنهنجي ادبي سفر جو ذڪر ڪري آيو آهيان ته ادب سان دلچسپي ته مئٽرڪ کان پوءِ ٿي چڪي هئي پر منهنجي پهرين باقائده ڪهاڻي 1976 ع ڇپي ، جنهن کان پوءِ منهنجي ادبي شوق ۾ ويتر اضافو ٿيندو ويو تنهن وقت تلهار ۾ نيشنل بينڪ تلهار جي آفيسر نبي بخش ڪلهوڙو جي جاءِ تي سنڌي ادبي سنگت جون باقائده گڏجاڻيون هر پندرهين ڏينهن پوءِ هر هفتي ٿيڻ لڳيون تلهار جو کوڙ سارا ادب نواز ماڻهو شرڪت ڪندا هئا اها گڏجاڻي سائين نياز محمد جتوئي ۽ پوءِ سائين شمس الدين ميمڻ جي سيڪريٽري شپ جي حيثيت سان هلنديون هيون جيئن ته تلهار ۾ سگا به باقائده ڪم شروع ڪري ڏنو هو ، سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سائين نياز محمد جتوئي سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن (سگا) کي هلائڻ لڳا. سگا جي پليٽ فارم هيٺ 1980 ع ۾ اکين جي پندرهن روزه ڪيمپ لڳي هئي هن جي ڪري تلهار جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي دلچسپي ۽ گهرائي ڏٺي وئي منهن جي ان وقت لڳ ڀڳ 24 سالن جي عمر هئي آءِ سنڌي ادبي سنگت جو پريس سيڪريٽري ۽ ٻئي سال جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس. سگا تلهار جي پهرين باڊي ۾ آءُ انفارميشن سيڪريٽري ٿيس تلهار جي تاريخ ۾ اهيو منهنجي لاءِ اعزاز هو ته ننڍي عمر ۾ ايڏين وڏين ٻن تنظيمن ۾ عهديدار رهيس.
جيئن ته ٻڌايم پئي ته تلهار جي سگا شاخ جي ڪم ڪار ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سائين شمس الدين ميمڻ ۽ سائين نياز محمد جتوئي مصروف ٿي ويا جيتوڻيڪ آءُ به هن تنظيم ۾ هوس ۽ ڪم ڪرڻ جو جنون هوندو هو تنهن ڪري ساس تلهار جي شاخ جي ڪاروائي هلائڻ ۽ ادبي سنگت کي هفتيوار هلائڻ جي ذميواري مون کي سونپي وئي ننڍي عمر ۾ باقائده ڇهه ست سال ساس تلهار کي هلايم ايسيتائين جڏهن آءِ 1984 ع ۾ حيدرآباد شفٽ ٿيس پوءِ ساس جي واڳ تلهار جي مشهور اديب ڪاظم علي ڪاظمي جي حوالي ٿي.انهي وقت تمام گهڻا اديب ادبي ڪلاسن ۾ باقائده شريڪ ٿيندا هئا ۽ اها شاخ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي ڪجهه معتبر نالا ياد اچن ٿا غلام احمد ”بيدم” ، فتح علي ”حليم” ، غلام حسين خواجه، ”ساحر پريمي“، غلام رسول “افڪار” ڌڻي بخش چرياڻ، فريد ”صوفي” چانڊيو، نبي بخش ڪلهوڙو، سائين شمس الدين ميمڻ، سائين نياز محمد جتوئي، ناصر علي بلوچ، ڪاظم علي ڪاظمي، پريتم پنجواڻي، انور علي خواجه، محمد بخش ميمڻ، جبار ميمڻ، نوجوانن ۾ آءُ ته ڪاروائي هلائيندوهوس باقي لياقت علي خواجه، شمشير خواجه، پنجواڻي، قربان علي جمالي، عالم جمالي، محمد منير بلوچ، احسان ميمڻ ڪڏهن ڪڏهن بدين کان آيل محمد صديق ”مرهم“، خادم ٽالپر، شمشرالحيدري، رفيق جعفري، آڪاش انصاري، ڊاڪٽر بچل ميمڻ ، محمد سومار شيخ ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب، شاعر شريڪ ٿيندا هئا. مون کي فخر آهي ته سنڌي ادبي سنگت تلهار کي مون جنهن دور ۾ هلايو سنڌ جي بهترين شاخن ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ تلهار شاخ کي هڪ سال بهترين شاخ جو ايوارڊ به مليو هو. اهڙي طرح ساس ۽ سگا تلهار سان آءُ باقائده هڪ بهترين ورڪر جي حيثيت ۾ سائين شمس الدين ۽ سائين نياز محمد جتوئي جي زيرِ نگراني باقائده جڙيل رهيس ۽ ساٿ آخر تائين نڀايم.
سار سنڀال (1976)
آءُ تلهار جي محنتي اخباري هاڪر فريدچانڊيي کي ڪڏهن ڪونه وساري سگهندس جيڪو منهنجي لاءِ هلال پاڪستان اخبار، گلن جهڙا ٻارڙا، گل ڦل جا رسالا هڪ پاسي ڪري رکي ڇڏيندو هو جو ان وقت تلهار ۾ محدود تعداد ۾ ايندا هئا ۽ هن منهنجي شوق کي پرکي وڌو هو يقيناََ منهنجو خيال ڪندو هو ۽ رسالا ۽ اخبارون منهنجي لاءِ بچائي رکندو هو ۽ مون کي ڏيندو هو. فريد چانڊيو جي اها سار سنڀال آءُ ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
ڪاليج (1974_1975)
منهنجي ننڍڙي هوندي کان اها خواهش هئي ته ڪاليج پڙهندس، يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي شديد خواهش هئي اها اهڙي خواهش هئي جيڪا گهريلو حالتن سبب دلي آرزو پوري نه ٿي سگهي مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري کي لڳي ويس . (بي، اي ۽ ايم ، اي) گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪيم پر پرائيوٽ نموني تعليم حاصل ڪيم اهڙي طرح ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ريگيولر وڃي پڙهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي دلي مراد پوري نه ٿي سگهي.
ٻه ڇوڪريون (6 کان 10 ڪلاس تائين)
جڏهن آءُ پرائمري اسڪول پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ آيس ته اسان جي شهر تلهار ۾ ڇوڪرين جو انگريزي اسڪول نه هو، تلهار ۾ انهي وقت ڇوڪريون پرائمري پاس ڪري يا ته بدين ، ماتلي وينديون هيون انگريزي پڙهڻ يا ڇوڪريون بوائز سان گڏ پڙهنديون هيون پر انهي زماني ۾ اهو رجحان گهٽ هو ته (ڪو ايجوڪيشن) تحت ڇوڪرا ، ڇوڪريون گڏ پڙهن پر تنهن هوندي به ٻه ڇوڪريون اهڙيون هيون جيڪي اسان جي ڪلاس يعنى ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيون . ڪلثوم ته منهنجي سڳي مامي صادق علي جي وڏي ڌي هئي ۽ بلقيس شاهه تلهار جي هڪ سيد خاندان جي سيد انور شاهه جي ٻيو نمبر ڌي هئي سڄي ڪلاس ۾ اهي ٻه ڇوڪريون باقي ڇوڪرا هئا انهي زماني ۾ ڪلاس ۾ ڊيسڪ هوندي هئي شاگرد کي ويهارڻ لاءِ هر ڊيسڪ تي ٽي شاگرد ويهندا هئا جيئن ته ڇوڪري ڪلثوم منهنجي سڳي سوٽ هئي انهي ڪري منهنجي ڊيسڪ جيڪا ڪلاس جي پهرين قطار ۾ کاٻي پاسي واري حصي ۾ رکيل هئي. انهي ڊيسڪ ۾ آءُ ڪلثوم ۽ هن جي ڀرسان بلقيس شاهه ويهندا هئاسين. حالانڪه 1968 ع ۾ تلهار ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو هو پر ايڏا اتي مرحلا هئا تيسيتائين اسان گهڻو ڪجهه اڳتي نڪري ويا هئاسين مٿئين ڪلاس ۾ به تلهار جون ڇوڪريون پڙهنديون هيون جن جا نالا ذهن ۾ نه پيا اچن. تلهار ۾ گرلز هاءِ اسڪول تمام گهڻي دير سان ٿيو تيسيتائين اسان پڙهي چڪاهئاسين ذڪر پئي ڪيم آءُ هڪ بينچ تي ڪلثوم ۽ بلقيس شاهه سان گڏ ويهندو هوس پرائمري زماني ۾ ڪنهن به بدمزگي، بدتميزي جي ڳالهين جو تصور به نه هيو جيتوڻيڪ آءُ ڪلثوم سان گڏوگڏ ويهندوهوس پر ڪڏهن به ٽچ (ڇهاءُ) ڪرڻ جو تصور به نه هيو اهڙي طرح ڪنهن به قسم جي بيهودگي يا بدمزگي جي ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه ٿي. اڳتي بابن ۾ انهن ٻنهي جو ٻئي حوالي سان ذڪر ٿيو ته ڪندس.
هڪ ڇوڪري (1973_1974)
اها به انهي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن آءُ نائين، ڏهين ڪلاس ۾ هوس موڪل مهل حسب دستور آءُ پنهنجي گهر وڃي رهيو هوس موجوده الله والا چوڪ تلهار منهنجي ڀرسان هڪ حسين و جميل ڇوڪري جيڪا عمر ۾ مون جيتري پئي لڳي منهنجي ويجهو ٿيندي منهنجو نالو وٺندي چيائين: “توهان ئي آهيو نه....! مون کي اشارو ڪندي چيائين اچو هتان ٿا هلون. مون مبارڪ شيدي جي گهر وارو رستو ورتو اها گڏي جهڙي ڇوڪري مون سان گڏ هئي چيائين توهان جون ڪهاڻيون ۽ شاعري نالو اخبارن ۽ ٻارڙن جي رسالن ۾ پڙهندي آهيان توهان مون کي ڏاڍا وڻندا آهيو مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
چيائين: آءُ توهان کي چاهيان ٿي مون پنهنجي تعريف ۾ پيار جي اظهار جا اهي محبتي لفظ پهريون دفعو ڪنهن ڇوڪري جي واتان ٻڌا هئا. چيائين: مون کي شاعري ڪرڻ سيکاريندا، ڪهاڻيون ڪيئن لکبيون آهن؟
تيسيتائين هن جو گهر اچي ويو موجوده تلهار جي ڊاڪٽر نثار خواجه جي اسپتال جي ڀرسان جمالي گهٽي ۾ هن سهڻي، من موهڻي جنهن جو معصوم چهرو اڄ به منهنجي اکين آڏو ڦريم ٿو هن جي خوبصورت چهري کي وساري نه سگهيو آهيان. پنهنجو گهر ڏيکاري اندر هلي وئي نالو پڇيومانس ته نالو نه ٻڌايائين ائين ڪجهه ڏينهن روز منهنجي اسڪول جي موڪل مهل منهنجو رستو روڪيندي هئي ۽ ڳالهائيندي هئي ڪجهه ڏينهن بعد اها ڇوڪري نظر نه آيم ته آءُ هن جي رستي ڏانهن وڃڻ لڳس حالانڪه اهو رستو منهنجي گهر ڏانهن ويندڙ رستو نه هو. ڏٺم ته هو پنهنجي در تي بيٺي هئي مون کي ڏسي مسڪرائي پيار جو اظهار ڪري اندر گهڙي ويندي هئي ائين منهنجو به معمول ٿي ويو انهي رستي تان لنگهڻ ۽ هو ڇوڪري به هر روز در تي بيهندي هئي. بس ڪڏهن به هن گهر اچڻ جي صلاح نه ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن هن سان ڪا ڪٿي ڪچهري ڪري سگهيس. ڪجهه مهينن اندر اهي هتان لڏي الائجي ڪيڏانهن هليا ويا منهنجو به ٻاراڻو ذهن، ڪجهه مهينا اها ڇوڪري پنهنجي ذهن تي سوار رهي ۽ پوءِ دل و دماغ تان لهي وئي.