سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر راشد مورائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪافيون، گيت، غزل“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
راشد مورائيءَ جي ھن مجموعي ۾ شامل ڪافيون، گيت ۽ غزل، سنڌي ادب جو سرمايو آھن. راشد جي لونءَ لونءَ ۾ شاعري سمايل آھي. راشد مورائي جتي قومي شاعر آھي، اتي ھو عوامي شاعر بہ آھي. اھڙي مقبوليت وارو مرتبو ھر شاعر کي نصيب ناھي ٿيندو. سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالھيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻھڳڻو شاعر هو. راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻھو بڻائي ڇڏيو هو.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ المھراڻ فائونڊيشن، سانگهڙ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي