ناول

خواب خوشبو ڇوڪري

هن ناول ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري نظام، سياست، اپر ڪلاس کان وٺي لوئر مڊل ڪلاس جي ڏکن سکن ۽ همدرديءَ کي موضوع بڻايو ويو آهي. مھاڳ ۾ علي بابا لکي ٿو تہ: ”ماهتاب وٽ سنڌي ٻوليءَ جي ڄڻ ڪائي کاڻ آهي، جنھن کي جيئن کوٽبو تيئن وساريل اکرن جا املھ ماڻڪ نروار ٿيندا ويندا ۽ اکرن جي تيج کان اسان جون اکيون چھنجي وينديون، ماهتاب جي هن ناول خواب خوشبو ڇوڪري ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ شاهي دروازو ٺاهي ڏنو آهي، جيئن اسين پنهنجا سمورا ڪڌا ڪرتوت، وحشتون، بيھودگيون، ڪوڙا ويساھ ڀرم، وڏ ماڻھپايون ۽ حرامپايون، تمنائون ۽ ويھين صدي وارو سمورو گند ڪچرو پاسيرو ڪري، نئين سر ڌوپجي سوپجي پنھنجي نئين نسل سان گڏ ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيون“.

Title Cover of book خواب خوشبو ڇوڪري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا ماھتاب محبوب جو لکيل پھريون ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ اوھان اڳيان حاضر آھي،
هن ناول ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري نظام، سياست، اپر ڪلاس کان وٺي لوئر مڊل ڪلاس جي ڏکن سکن ۽ همدرديءَ کي موضوع بڻايو ويو آهي. مھاڳ ۾ علي بابا لکي ٿو تہ: ”ماهتاب وٽ سنڌي ٻوليءَ جي ڄڻ ڪائي کاڻ آهي، جنھن کي جيئن کوٽبو تيئن وساريل اکرن جا املھ ماڻڪ نروار ٿيندا ويندا ۽ اکرن جي تيج کان اسان جون اکيون چھنجي وينديون، ماهتاب جي هن ناول خواب خوشبو ڇوڪري ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ شاهي دروازو ٺاهي ڏنو آهي، جيئن اسين پنهنجا سمورا ڪڌا ڪرتوت، وحشتون، بيھودگيون، ڪوڙا ويساھ ڀرم، وڏ ماڻھپايون ۽ حرامپايون، تمنائون ۽ ويھين صدي وارو سمورو گند ڪچرو پاسيرو ڪري، نئين سر ڌوپجي سوپجي پنھنجي نئين نسل سان گڏ ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيون“.
ھي ڪتاب 1996ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي