سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب آغا سليم جو لکيل ناول ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ناول ساڻيھ سنڌ جي ساک ۽ سنڌين جي جذبن جي بيان ۾ آھي. ناول ۾ آغا سليم تاريخي ڪردارن ۽ واقعن کي هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ناول ۾ انساني تھذيب ۽ تاريخ جي شعور، جذبن ۽ احساسن جي ترجماني، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخيل جي مضبوطي، ڪردارنگاري ۾ جوڀن ۽ اسلوب جي روشني آغا سليم جي هن لکڻيءَ کي ڪمال بخشيو آهي. ناول ۾ سنڌ جي ماضي قريب جي تاريخ بيان ڪيل آھي. ائين ڄاڻڻ کپي تہ ١٩٧٠ع ۾ سنڌي زبان جي جائز حق وارو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ آيو تہ ان جي خلاف رد عمل جو ھي داستان آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1978ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1984ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي