سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب خاڪي جويي جي شاعريءَ جو مجموعو ”ايءُ خاڪيءَ جو خيال“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن مجموعي ۾ بيت، وايون، دوھا، گيت، غزل ۽ نظم شامل آھن.
خاڪي جويو سنڌ جو ھڪ قومپرست انقلابي شاعر آھي. خاڪيءَ جي شاعري سنڌ جي ماڻھن جي احساسن، امنگن ۽ جذبن جي نہ رڳو ترجماني ڪري ٿي، پر اسان جي پنھنجي ديس ۾ اسان جي پنھنجي وجود جي سڃاڻپ لاءِ سڏ ڪندي بہ نظر اچي ٿي. خاڪي جويو شاعراڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان، ھڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. ھن شاھ لطيف وانگر ڪلاسيڪي ۽ عوامي ٻولي ڪتب آندي آھي. ھن ڌرتيءَ جي رنگن، ڳوٺ جي حُسناڪين کي ڳايو آھي.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي