سفرناما

نواڙي کان نيشاپور تائين

هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نواڙي کان نيشاپور تائين

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب: نواڙي کان نيشاپور تائين
موضوع: سفرنامو
ليکڪ: “راز” علي گل ڀُٽو
ڇاپو پهريون: 2020ع
ڪمپوزنگ: ظهور بوزدار
لي آئوٽ/ ٽائيٽل: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپائيندڙ: عشق پبليڪيشن گمبٽ
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ۽ پرنٽرز ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ملهه: 300 رپيا

ڪـتـاب ملـڻ جـا هـنـڌ:

ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد،
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
سوچ ڪتاب گهر دادو، عزيز ڪتاب گهر سکر، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ،
پريتم قاضي نواب شاهه مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ارپنا

مان هيءُ سفرنامو پنهنجي اولاد جي سڀني فردن کي ارپيان ٿو، جن جي سهڪار ۽ ساٿ سان هي سفر ڪرڻ ۽ ان کي سفرنامي جي شڪل ڏيڻ مون لاءِ ممڪن ٿي سگھيو.
هم سفر هم راز ۽ هم خيال آ،
پوءِ سفر آسان، منزل آ قريب.


“راز” علي گل ڀٽو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مانائتي ليکڪ ۽ شاعر ”راز“ علي گُل ڀٽو جو ايران ۽ عراق جو لکيل سفرنامو ”نِواڙي کان نيشاپور تائين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هي ڪتاب راز علي گل جو عراق ۽ ايران جي مقدس زيارتن بابت سفرنامو آهي. هي ڪتاب رڳو سفرنامو نہ پر ٽوئرسٽ گائيڊ پڻ آھي، جيڪو ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جي ھر پل ۽ هر قدم تي رهنمائي ڪري ٿو. ڪتاب جي لکڻين ۾ رواني، دلچسپي ۽ معلومات ڀريل آهي. نواڙي کان گمبٽ، گمبٽ کان ڪراچي، ڪراچي کان دبئي ۽ اتان نجف اشرف پھچڻ ۽ اتان زيارتن جو سلسلو، عقيدتون، محبتون... ڪوفي پھچڻ، وري ڪربلا جو ذڪر ۽ منظر. عراق کان ايران ۽ زيارتون ڪندي، مشاهدا ماڻيندي واپس سنڌ پهچي ٿو. ھن ڪتاب جي ھرھڪ مضمون جو هر جملو نھايت نستونگي ۽ سچائيءَ سان لکيل آهي. سفرنامي جي آپاڌاپي باوجود وچور ۾ وٿي رهيل نہ آهي. سفر دوران جيڪي شيون ليکڪ جي مشاهدي مان گذريون آهن، انهن جا ڪي تفصيل پنھنجي ملڪ جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڀيٽيندو هليو آهي.
ھي ڪتاب عشق پبليڪيشن، گمبٽ پاران مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ وٽان 2020ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون راز علي گُل ڀٽو ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: راز ڀٽو جو سفرِ عراق و ايران (الطاف شيخ)

دنيا جا مسلمان حج جي فرض هجڻ ڪري مڪي ۽ مديني يعني حجاز، جنهن کي گذريل صديءَ کان سعودي عرب سڏيو وڃي ٿو، اتي وڃن ٿا. حج کان علاوه سڄو سال عمري لاءِ پڻ وڃن ٿا. ان کان علاوه اسان جا ماڻهو ايران، عراق ۽ شام پڻ وڃن ٿا، جتي پڻ زيارت لاءِ ڪيتريون ئي جايون آهن. ڏٺو وڃي ته جيترا ماڻهو انهن پاڪ جاين تي وڃن ٿا اوترا سفرناما يا گائيڊ بوڪ نه آهن، خاص ڪري ايران عراق ۽ شام بابت. ايران جي سفر بعد مون سفرنامو “ايران ڏي اُڏار” لکيو هو، پر اهو ايڏو وڏو هو جو هڪ مسافر لاءِ گائيڊ بوڪ طور کڻي هلڻ بدران هڪ اڪيڊمڪ ٽائپ ٿي پيو هو، جنهن ۾ تاريخي، سياسي ۽ سماجي احوال به سمائجي ويو. جهاز جي عراق وڃڻ ڪري عراق جي ڪيترن ئي شهرن ۽ اتي جي ندين دجله ۽ فرات بابت ڳالهيون ۽ قصا پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن “دنيا رنگ رنگيلي”، “جيءُ اندر جھاتي” وغيره ۾ لکي چڪو آهيان، پر اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ڪارآمد آهن جيڪو اتي جي تاريخ کان واقف آهي ۽ جنرل ٽوئرسٽ آهي، جو ايران جي سفرنامي بعد ڪيترائي دوست خاص ڪري اهل تشيع ۽ ٽريول ايجنٽ مون کي صلاح ڏيندا رهيا ۽ ڪيترا ته سڄو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ حامي ڀري رهيا هئا ته آئون هڪ دفعو زيارتين جي قافلي سان عراق ۽ شام وڃان ۽ اهڙو احوال لکان جو اهو سفرنامو اتي جي پاڪ جاين ڏانهن ويندڙ ماڻهن لاءِ ڪارائتو هجي. هن عمر ۾ مون پاڻ ۾ سفر جي همت نٿي ساري پر اها ضرور خواهش رکي ٿي ته اسان جي ماڻهن مان ڪنهن کي ان قسم جو سفرنامو ضرور لکڻ کپي.
گذريل هفتي راز ڀٽو نالي ڪنهن صاحب ٽيليفون ڪري مون کي سندس لکيل ايران ۽ عراق جي سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيو. آئون به ڪنهن اهڙي موڊ ۾ هوس جو ها ڪري ويٺس. يعني Commitment ڪري ويٺس. جيتوڻيڪ پوءِ ڏاڍو پڇتايم ته پنهنجي لکيل مضمونن جا پروف ڏسڻ لاءِ مون کي وقت نٿو ملي، ٻئي جو سڄو ڪتاب پڙهڻ جي ڪٿان آئي همت. ان سوچ ۾ ئي هوس ته ٻن ٽن ڏينهن بعد “راز” صاحب جو لکيل مسودو پوسٽ ذريعي ملي ويو. دل ۾ چيم ته هي ڪم ته منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو جو مواد ڪمپوز ٿيل هجي ها ۽ اي ميل ڪيو وڃي ها ته آئون پنهنجي مرضيءَ مطابق ان کي وڏي فونٽ ۾ پرنٽ ڪري آرام سان پڙهي سگھان ها پر پوءِ صفحن جو تعداد وغيره جانچڻ لاءِ عينڪ لڳايم ته واهه جا اکر نظر آيا، جن لاءِ موتيءَ داڻا چئبو آهي. منهنجي دوستن ۾ قمر شهباز هوندو هو جنهن جي سنڌي صورتخطي اهڙي سٺي هوندي هئي ۽ ٻيو شايد بشير مورياڻي هو، ٻئي چوندا هئا ته هو ماستر ٿي رهيا آهن، ان ڪري سندن هينڊ رائيٽنگ سٺي ٿي.
بي خياليءَ ۾ وچ وچ مان پڙهڻ لڳس ته ڇڏڻ تي دل ئي نه چوي. واهه جو روان سفرنامو لڳو. واهه جا مثال، چوڻيون ۽ ٺيٺ لفظ نظر آيا. مون ته هن همراهه کان پڇيو به نه ته عمر ڇا اٿس، نوڪري ڪهڙي ٿو ڪري وغيره. پر مون کي پڪ ٿي ته هي ٽيچر ماڻهو آهي يا قمر شهباز ۽ بشير مورياڻيءَ وانگر نوڪريءَ جي شروعات ماستريءَ سان ڪئي هوندائين. اهو پڻ سوچيم ته اهو ٿي نٿو سگھي ته “راز” ڀٽو صاحب جي هي پهرين لکڻي هجي. هونئن ته ڪيترن ئي اديبن جي پهرين لکڻي يعني ڪتاب وڌيڪ دلچسپ ٿيندو آهي پر هن سائينءَ جي لکڻيءَ ۾ پختگي ٿي لڳي.
ٻئي ڏينهن راز ڀٽو صاحب کي سندس مواد ملڻ جي اطلاع ڪرڻ سان گڏ سندس زندگيءَ جو احوال ورتم ته خبر پئي ته هو درس و تدريس جي ڪم سان واڳيل رهڻ بدران بينڪنگ ۾ رهيو آهي، نواڙو ليکڪ جي ڄم جو ڳوٺ آهي، جتي هن پهرين مارچ 1955ع تي اک پٽي. هن پرائمري تعليم نواڙي مان ۽ ڀر واري ڳوٺ سوڀو ديرو مان ميٽرڪ حاصل ڪئي ۽ بي اي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۽ ايم اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. هن جو سبجيڪٽ انٽرنيشنل رليشنز هو. ماسٽرس بعد هن قانون جي ڊگري ايل ايل بي حاصل ڪئي ۽ نوڪري حبيب بينڪ ۾ ڪئي. 2015ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وقت هو سب سينٽر سکر ۾ “انچارج لٽيگيشن” هو. کيس پنج ٻار آهن: عابده راز جنهن انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سندس گھر وارو ڊاڪٽر عبدالجبار ڀُٽو اسلام آباد جي پوليڪلينڪ ۾ آهي. ان بعد عابد حسين راز آهي، جيڪو پاڪستان ايئرفورس ۾ اسڪارڊرن ليڊر آهي ۽ ميانواليءَ ۾ پوسٽنگ اٿس. ان بعد ساجده راز آهي، جيڪا خيرپور ميرس جي مهراڻ يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ ڪمپيوٽر سسٽم جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندن چوٿين ٻار جو نالو شاهده راز آهي، جنهن ايم اي آءِ آر شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪئي. آخري ٻار ساجد حسين راز ڀٽو آهي، جنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾ بي ايس قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه مان ڪئي آهي.
“نواڙي کان نيشاپور تائين” راز ڀٽو جي پهرين لکڻي ناهي. هو هڪ مشهور اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جا ڪالم ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. ان کان علاوہ سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ “يادُن جي دولت” ۽ ٻيو مجموعو : “اڻ ڏٺو عشق.” شاعريءَ جو شوق مون کي ناهي، ڪالم مون نه پڙهيا هئا، باقي علي گل ڀٽو (تخلص راز) جو هي سفرنامو پڙهي آئون نه فقط سندس لکت پر لکڻيءَ مان بيحد متاثر ٿيو آهيان. جنهن دلچسپ انداز ۾ هن جيڪو هي ايران ۽ عراق جو سفرنامو لکيو آهي، اهو پڙهي مون ته کيس صلاح ڏني ته سيگھه ڪر، شام هليو وڃ، جيئن موٽڻ تي هڪ عدد ڪتاب شام جي پاڪ جاين تي به لکي سگھين ۽ اوڏانهن ويندڙ مسافرن کي اتي جي جاين جي معلومات ۽ سفر جي ڄاڻ ٿي سگھي. ڀلا شام جون اڄ ڪلهه حالتون صحيح نه آهن ته ڪنهن ويجھي هنڌ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي (سري لنڪا) ڏي هفتو کن وڃ. مون کي پڪ آهي ته تون جيڏانهن ويندين، اها جاءِ کڻي ڪيڏو به ڏور هجي پر تنهنجو سفرنامو پڙهندڙن کي دلچسپ لڳندو.
راز صاحب پنهنجي هن ايران ۽ عراق جي سفرنامي جو نالو “نِواڙي کان نيشاپور” به واهه جو رکيو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ “نواڙي” کي ايران جي مشهور صوبي خراسان جي هڪ ڳوٺ “نيشاپور” سان ملايو آهي. بهرحال ڳوٺ ته هاڻ نه نواڙو رهيو آهي، نه نيشاپور؛ انهن کي شهر ئي سڏجڻ کپي، نه ته اتي جا ماڻهو دل ۾ ڪندا، جيئن اسان جو ڳوٺ هالا جيڪو اڄ کان 60 سال اڳ واقعي ڳوٺ هوندو هو، 1958ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ وڃڻ وقت اسان ڳوٺن کان آيل ٻارن ۾ شمار ٿيندا هئاسين ۽ اڄ به آئون هالا کي ڳوٺ چئي مخاطب ٿيان ٿو يا لکان ٿو ۽ ڪيترا پڙهندڙ ان تي اعتراض ڪن ٿا. بهرحال ڀلا ڀاڳ ڳوٺ نواڙو ۽ اتان جي رهاڪن جا جن جي نواڙي کي سندن ڳوٺ جي ليکڪ راز ڀٽو (علي گل) نيشاپور سان ملائي امر ڪري ڇڏيو آهي. ڀل سنڌ جي ماڻهن نواڙي جو نالو نه ٻڌو هجي پر مشهد (ايران) جي نيشاپور کان ڪير نه واقف هوندو، خاص ڪري خيرپور، روهڙي، سکر پاسي جا ماڻهو جيڪي سنڌ مان سڀ کان گھڻو ايران وڃن ٿا. نيشاپور- جيڪو شهر آتش پرست ساساني سلطنت جي بادشاهه شاهپور اول پنهنجي پيءُ ارد شير اول جي وفات بعد 240ع کان 270ع تائين ايران تي حڪومت ڪرڻ دوران ٻڌرايو. ساساني سلطنت جيڪا آخري ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم جي سال 651ع ۾ مرڻ تائين رهي. طاهري گھراڻي (طاهريان) جي دور حڪومت (821 کان 873ع) تائين نيشاپور گاديءَ جو شهر رهيو. هن سلطنت جو باني طاهر ابن حسين هو، جيڪو عباسي خليفي المامون وٽ فوجي جنرل هو. بعد ۾ هن جي پٽ عبدالله طاهر پنهنجي حڪومت ۾ 830ع ۾ نيشاپور کي خوب ٺاهيو جوڙيو. طاهريان بعد 1037ع ۾ هي شهر سلجوقن جي قبضي ۾ آيو. سلجوق گھراڻي جي باني تغرل بيگ نيشاپور کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ جو شهر ٺاهيو. 1153ع ۾ هن شهر کي نه فقط اوغوز ترڪن ڀيليو پر زلزلن به ستياناس ڪئي پر ان هوندي به نيشاپور پنهنجي بقا قائم رکي ۽ هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت ۾ رهيو. ساماني سلطنت (سامانين) جي دور حڪومت (جيڪو 819ع کان 919ع تائين رهيو) ۾ به نيشاپور انتظاميا ۽ واپاري لحاظ کان اهم شهر رهيو. عباسي گھراڻي کان وٺي منگولن جي حملن تائين نيشاپور اسلامي دنيا جو اهم ڪلچرل، ڪمرشل ۽ عالمن جو شهر رهيو. ان وقت جي خراسان ۾ نه فقط اڄ وارو ايران جو “رضوي خراسان” آيو ٿي پر ايران جا ٻيا حصا، افغانستان، ازبڪستان وغيره جا به وڏا حصا اچي ويا ٿي- جنهن خراسان جي چئن وڏن شهرن مان نيشاپور هڪ هو ۽ باقي ٽي شهر هئا: مرو (Merv)، هرات ۽ بلخ.
نيشاپور ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا عالم ۽ ٻوليون ڳالهائڻ وارا رهيا ٿي ۽ نيشاپور وچ ايشيا جي ملڪن ۽ چين، عراق ۽ مصر واري واپاري لنگھه (Route) تي هڪ خوشحال شهر هو. تان جو 1221ع ۾ چنگيز خان ۽ منگولن نه رڳو هن شهر جون عمارتون ۽ باغ بستان تباهه ڪيا پر خدا جي مخلوق جو عام ڪوس ڪري شهر جون گھٽيون ۽ چونڪ رت سان ڳاڙها ڪري ڇڏيا، بازاريون ۽ مارڪيٽُون ويران ڪري ڇڏيون، ان مٿان قدرت جو قهر زلزلن جي شڪل ۾ نازل ٿيو. ايتري قدر جو هتي جي ڪاشيءَ جا ڪارخانا ته هميشه لاءِ ختم ٿي ويا، جنهن هنر کان نيشاپور دنيا ۾ مشهور هو. ڪاشيءَ جو هي هنر هن شهر نيشاپور کان اسان جي شهر هالا، نصرپور ۽ ملتان ڏي به آيو. آئون ته اهو سمجھندو هوس ته “ڪاشي” نج سنڌي لفظ آهي پر مشهد کان نيشاپور بس ۾ سفر دوران رستي ۾ اڄ ڪلهه جي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانن جي ٻاهران “صنعت ڪده ڪاشي”جهڙا لفظ پڙهي نه فقط اها ڄاڻ ٿي ته اسان وٽ اهو لفظ ۽ هنر (ڪاشي) ايران مان آيو، جيئن جپان مان ڪيتريون ئي شيون چين کان آيون. بهرحال ان روڊ تي اهي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانا ڏسي هن شهر جي ماضيءَ کي ساريم جنهن جو تفصيلي احوال پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ لکيو اٿم. اڄ به ڪنهن کي ان وقت جي نيشاپور جي “ڪاشي” ڏسڻي آهي ته هو ان جا نمونا تهران ۽ مشهد جي “ميٽرو پوليٽن ميوزيم آف آرٽ”۾ ڏسي سگھي ٿو.
نيشاپور اهو شهر آهي جتي فريد الدين عطار جهڙو صوفي شاعر رهيو، جنهن جو “منطق الطير” جهڙو ڪتاب (The Conference of Birds) دنيا ۾ مشهور آهي. نيشاپور اهو شهر آهي، جتي محمد غفاري (ڪمال الملڪ) جهڙو پينٽر رهيو، جنهن تي ايران وارن 1984ع ۾ فلم پڻ ٺاهي. مطلب اهو ته اسان جي ليکڪ راز ڀٽو صاحب جنهن شهر جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن جي نالي کي هن پنهنجي سفرنامي جي عنوان ۾ هنيو آهي، ان ۾ اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن جي ڪري دنيا نيشاپور کي صدين کان سڃاڻي ٿي. راز ڀٽو صاحب جي هن سفرنامي جي عنوان ۾ نيشاپور سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي يعني ڳوٺ نواڙي کي عزت بخشي آهي، مشهوري ڏني آهي، ڏيڻ به کپي. هاڻ هي ڪتاب پڙهڻ وارن کي گمبٽ، راڻيپور يا خيرپور ويندي راز (علي گل) ڀٽو ۽ ان جو ڳوٺ نواڙو ضرور ياد ايندو، جن شهرن کان نواڙو ٻارهن تيرهن ڪلوميٽرن کان 45 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. سچ ته اهو آهي ته ان کان اڳ آئون نواڙي کان سڏ پنڌ تي رهيل هوس پر نواڙو ياد نه آيو. اڄ کان 60 سال کن اڳ جڏهن آئون ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪري رهيو هوس ته اونهاري جي موڪلن ۾ پنهنجي خيرپور جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ سان گڏ هفتو کن سندس ڇتري چوڪ واري گھر ۾ اچي رهيو هوس ۽ پوءِ اسان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سوڀوديرو آيا هئاسين. جيڪو اسان جي مرحوم شاعر تنوير عباسي ۽ هن جي ڀائر انجنيئرن اي اين جي عباسي، اعجاز عباسي، مشهور ليکڪ الطاف عباسي ۽ پڻ تاجل بيوس ڪري سڀني سڃاتو ٿي. سوڀي ديرو کان نواڙو فقط چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ايتري ئي فاصلي تي نواڙو سڳيون شهر کان آهي- يعني ڪياماڙيءَ کان ٽاور به گھڻو رستو ٿيو.
نيشاپور پهچڻ تي اوهان کي ڪيتريون ئي ماضيءَ جون شخصيتون ياد اچن ٿيون، انهن مان اسان لاءِ سڀ کان اهم شخصيت مسلم بن الحجاج آهي، جنهن کان هر مسلمان واقف آهي. ايران ۾ هو مسلم نيشاپوريءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هو 815ع ۾ نيشاپور ۾ ڄائو ۽ 875ع ۾ وفات ڪيائين. توهان سڃاتو ته هي بزرگ ڪير هو؟ هي آهي محدث امام مسلم جنهن جي گڏ ڪيل حديثن جو ڪتاب “صحيح مسلم” سڏجي ٿو. جيئن حديث جو هڪ ٻيو ڪتاب “صحيح بخاري” سڏجي ٿو.
اهڙي طرح هن شهر نيشاپور جو “ابوالعباس ايران شهري” نائين صديءَ جو هڪ مشهور فيلسوف ، حسابدان، سائنسدان، مذهب جي تاريخ جو ڄاڻو، ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي جنهن جي ٽرگناميٽري ۽ تارن جي چرپر جي ڄاڻ مان اڄ به اسان جا جهاز هلائيندڙ لاڀ حاصل ڪن ٿا. 1048ع ۾ هن شهر نيشاپور ۾ جنم وٺندڙ ۽ 1131ع ۾ وفات ڪندڙ اسان جي اسڪول ڏينهن جي دلپسند شاعر عمر خيام جو مقبرو پڻ هن ئي شهر ۾ آهي، جنهن جي خوبصورت تصوير توهان يوسف سنڌيءَ جي ايران جي سفرنامي “ايران ۾ اڌ مهينو” جي پٺئين ٽائيٽل تي ڏسي سگھو ٿا. اڄ ڪلهه جي خبر نه اٿم جو اڄ ڪلهه سرڪاري طرح ملڪ ۾ جڏهن شراب تي ئي بندش آهي، سو درسي ڪتاب ۾ عمر خيام جون انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل رباعيون ڪيئن ٿيون رکيون وڃن، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عمر خيام جي شراب جي شوق بابت ۽ ساقي ۽ جوٽ تي ليٽايل محبوبا بابت هونديون هيون ۽ اسان کي خوب ياد ڪرڻيون پونديون هيون. بليو نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سِرن مان ٺهيل عمر خيام جي مقبري تي چوڌاري سندس ڪيتريون ئي اصل ٻولي يعني فارسيءَ ۾ رباعيون لکيل آهن. فارسيءَ کان آئون اڻ واقف آهيان پر ڪي ڪي لفظ پڙهي سمجھي سگھان ٿو ته هيءَ هيءَ رباعي اها آهي جيڪا اسان انگريزي ترجمي ۾ پڙهي، جيئن ته:

Whether at Naishapur or Babylon,
Whether the Cup with sweet or bitter run,
The Wine of Life keeps oozing drop by drop,
The leaves of Life keep falling one by one.


شايد هي به آهي جو مقبرو امام خمينيءَ جي انقلاب کان اڳ جو ٺهيل آهي، جڏهن ايران ۾ به شراب هليو ٿي ۽ خوب هليو ٿي. هينئر پراڻي مقبري جي جاءِ تي مزار مٿان جديد ننڍڙو چبوترو اڏيل آهي.
چندان بخورم شراب ڪاين بوي شراب،
آيد ز تراب چون روم زير تراب،
گر برسر خاڪ من رسد مخموري،
از بوي شراب من شود مست و خراب.

Drinking wine is my travail
Till my body is dead and satle
At may grave site all shall hail
Odor of Wine shall prevail .
سٺ سال وڏو عرصو آهي. جڏهن آئون سوڀو ديرو، نواڙو، سڳيون جهڙن سنڌ جي ڳوٺن مان ٿي ويو هوس، ان عرصي بعد ته هاڻي ملائشيا ۽ ٿائلينڊ جا ڳوٺ ته الائي ڇا پر ڪمبوڊيا، ويٽنام جهڙن ملڪن جا ڳوٺ به ڪارخانن ۽ فيڪٽرين کان، اسڪولن، ڪاليجن، پارڪن ۽ اسپتالن کان مانچسٽر ، سنگاپور ۽ سماترا جو ڏيک ڏين ٿا. رڳو سکر واري پاسي کان بارڊر ٽپ ته انڊيا جي گجرات ۽ راجسٿان رياست جا ڳوٺ به بيڪانير ٿيندا وڃن ۽ بيڪانير ته يورپ ٿو لڳي. سو، نيشاپور بابت لکڻ بعد نواڙي تي لکڻ لاءِ راز ڀٽو صاحب کان جڏهن سندس ڳوٺ جي اهم ماڻهن بابت پڇيم ته ڪيترن مختلف سبجيڪٽن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي. ڳوٺ جي ماڻهن جي روزگار لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪارخانا آهن، وغيره وغيره... پر افسوس، سندس پنهنجي ڳوٺ جي ترقيءَ بابت اهو ئي جواب هو جيڪو سنڌ جي گھڻن تڻن ڳوٺن جو آهي ته سائين! اتي ئي آهيون، جتي اوهان ڇڏيون... ٺهيو! اهو به شڪر جو راز صاحب هي سفرنامو لکيو جنهن جي عنوان سندس ڳوٺ کي ناليرو بڻايو. ڇا ڪجي، هر ڪو پنهنجي ڳوٺ کي پڏائڻ چاهي ٿو، پوءِ ڀلا ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي ته ان کي ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ سان لاڳاپي ماڪوڙيءَ وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو: چرچو مشهور آهي ته بئنڪاڪ مان وهندڙ چائو فرا درياهه جو ڪو ڪئنال هڪ هاٿيءَ کي ٽپائي رهيا هئا. ڪاٺ جي ٺهيل پل بيحد پراڻي اڏوهي کاڌل هئي، جنهن تان هاٿيءَ جو پيلي بان هاٿيءَ کي آهستي آهستي ڪري درياهه ٽپائي ٻئي پاسي وٺي آيو. هاٿيءَ سان گڏ پٺيان پٺيان ڪا ماڪوڙي به اها پل ٽپي رهي هئي. پل ٽپڻ بعد ماڪوڙيءَ آسمان ڏي نهاري چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻنهي (يعني هاٿي ۽ سندس) وزن سان پل ٽٽي ناهي! سو ڪڏهن ڪڏهن اسان اديبن کي به ماڪوڙي ٿيڻو پوي ٿو ۽ سفرنامن جا نالا “مڪليءَ کان ملاڪا”، “ڳوٺ جروار کان جپان”، “نيو هالا کان نيويارڪ” رکڻا پون ٿا. جيتوڻيڪ اها ٻِي ڳالهه آهي ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا ته ملاڪا کان مڪلي ۽ نيويارڪ شهر جي هڪ حصي هارلم کان هالا تمام گھڻو سهڻو ۽ صاف سٿرو هو.
بهرحال اهو ضررو چوندس ته راز صاحب جو هي جيتوڻيڪ پهريون سفرنامو آهي، پر هن زائرين جي ڄاڻ ۽ رهنمائيءَ لاءِ بيحد ڪم جي شيءِ لکي آهي. هڪ ٽوئرسٽ جنهن کي ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻين شهرن ۾ به جي وڃڻو آهي ۽ هن کي جي وقت ۽ دلچسپي آهي ته پوءِ هو ڀلي اسان جهڙن يعني يوسف سنڌي يا منهنجو لکيل ايران جو سفرنامو پڙهي پر ڪنهن کي ايران ۽ خاص ڪري عراق جي پاڪ جاين، مشهد، نيشاپور، قم، ڪربلا، نجف وغيره جي زيارت لاءِ وڃڻو آهي ته پوءِ آئون اهائي صلاح ڏيندس ته هو راز صاحب جو هي سفرنامو “نواڙي کان نيشاپور” نه فقط گھران پڙهي نڪري پر سفر ۾ به پاڻ سان گڏ رکي ۽ راز صاحب کي سفر ۾ آيل ڏکيائين، مونجھارن، مشاهدن ۽ تجربن مان رهنمائي حاصل ڪري.
اسان جي ليکڪ جو هي سفر ايران (جيڪو اسان جي ويجھو آهي) بدران عراق کان شروع ٿئي ٿو. جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن جدي جو بندرگاهه ايڏو ماڊرن نه ٿيو هو ته سامونڊي سفر وارا حاجي سعودي عرب جي ينبوع بندرگاهه ۾ لهندا هئا، جيڪو پڻ بحر احمر (Red Sea) ۾ آهي پر 300 کن ڪلوميٽر وڌيڪ پري ۽ مديني جي ڀرسان آهي. مسافر ينبوع بندرگاهه ۾ لهي پهرين مديني ايندا هئا ۽ ان بعد باءِ روڊ، اٺن ذريعي مڪي ايندا هئا. بعد ۾ پاڻيءَ جا جهاز ماڊرن ۽ وڏا ٿيا ۽ جدو بندرگاهه وڌيڪ جديد ٺهيو ته ڪَل جا جهاز (Stream Ship) جدي اچڻ وڃڻ لڳا، جيئن بمبئيءَ جي بندرگاهه ٿيڻ تي گجرات پاسي جي پراڻي بندرگاهه سورت جي اها اهميت نه رهي. ينبوع اڄ به سعودي عرب جو مشغول بندرگاهه آهي پر ان بندرگاهه تي هاڻي فقط مصر ۽ سوڊان پاسي جا جهاز لنگر انداز ٿين ٿا، جن ملڪن کي ينبوع ويجھو آهي؛ يعني مصر ۽ سوڊان يا ويندي يورپ پاسي کان بحر احمر ۾ داخل ٿيندي ينبوع پهرين اچي ٿو ۽ جدو بعد ۾. اسان جي ملڪن پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سري لنڪا يا ايران، ملائيشيا کان بحر احمر ۾ داخل ٿيڻ تي جدو پهرين اچي ٿو، جنهن کان مڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس آهي. ان ڪري اسان جي ملڪن جا مسافر پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويندا هئا ته جدي لهي پهرين مڪي ويندا هئا، پر پوءِ جڏهن کان هوائي جهاز عام ٿيا ۽ پاڻيءَ جي مسافر بردار جهازن جو اچڻ وڃڻ تقريباً نه برابر وڃي رهيو ته پوءِ هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ کان مڪي يا ڪراچيءَ کان مديني وڃڻ واري رستي ۾ ڪو خاص فرق نٿو پوي ۽ حاجي يا عمري لاءِ ويندڙ پنهنجي سهولت موجب پهرين مديني وڃن ٿا پوءِ مڪي يا مڪي وڃي پوءِ باءِ روڊ مديني وڃن ٿا.
اهڙي طرح ايران وڃڻ وارا به هوائي جهاز ۾ تهران پهچي پوءِ پهرين قم وڃن ٿا يا پهرين مشهد ۽ پوءِ ٻين شهرن ۾ وڃن ٿا. اسان وٽ ايڏي ايئر سروس ناهي، نه ته جيڪڏهن اسان وٽ پشاور جو هوائي اڏو بين الاقوامي اڏامن لاءِ ٿي پوي ته پشاور کان مشهد ته ڄڻ سڏ پنڌ تي ٿي پوي ۽ ڪي پي ڪي جا ماڻهو ته هميشه پهرين مشهد وڃن پر اها هوائي سروس نه هجڻ ڪري هنن کي سڄو ملڪ لتاڙي ڪراچي اچڻو پوي ٿو، جتان پوءِ ايئر ايران جي هوائي جهاز ۾ سڄو ايران لتاڙي مشهد پهچڻو پوي ٿو. جيئن سنڌ جي ماڻهن کي خاص ڪري عمر ڪوٽ، مٺي، ميرپور خاص جي ماڻهن کي کوکرا پار واري ٽرين نه هلڻ ڪري پهرين لاهور وڃڻو پوي ٿو، جتان واگھا بارڊر وٽان ٽپي انڊيا جي شهر امرتسر ۾ پهچي، پوءِ دهلي ۽ اڳتي ڏکڻ طرف احمد آباد، بڙودا وڃڻو پوي ٿو.
بهرحال اڳي ائين ٿيندو هو جو هرڪو پهرين ايران ويندو هو، پوءِ ان جي ڀر واري ملڪ عراق روانو ٿيندو هو ۽ پوءِ اڳتي شام جي زيارتن لاءِ ويندو هو. پر هاڻ ايڏي ته هوائي سروس ٿي وئي آهي ۽ ٽڪيٽن جا اگھه ۽ سهولتون ايڏيون مختلف ٿي ويون آهن، جو هر هڪ پنهنجي حساب ۽ سستائيءَ کي نظر ۾ رکي ان Sequence ۾ سفر ڪري ٿو.
اسان جي مسافر راز گل جو هي سفر ڪجھه هن ريت رهيو: هي ڪراچيءَ کان پهرين دبئي پهتو، دبئيءَ ان ڪري جو هن کي اتي ڪي زيارتون ڪرڻيون نه هيون پر دبئيءَ وارن جا هوائي جهاز (Air Emirates) جپان، شام، عراق، ملائشيا وڃڻ کان اڳ دبئي وڃن ٿا، جتي ٻين ڀر وارن ملڪن جا به گڏ ٿيل مسافر ملي هڪ وڏي جهاز ۾ منزل واري ملڪ ڏي وڃن ٿا. اسان جو مسافر دبئيءَ ۾ ڪجھه ڪلاڪن جي انتظار بعد عراق جي شهر نجف روانو ٿيو جيڪا هن جي پهرين منزل هئي. ڪيترائي زائرين عراق ۾ پهرين ڪربلا ۾ اچن ٿا يا عراق جي گاديءَ واري شهر بغداد ۾، ان بعد هو باءِ روڊ ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا، بهرحال اهو مدار مسافر يا ان قافلي جي سهولت تي آهي، جنهن ۾ هو شامل ٿي اچي. عراق ۾ ته ڪافي سالن کان جنگي حالتون يا امن امان ۾ رخنو هجڻ ڪري زائرين کي سوچي سمجھي پروگرام ٺاهڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي محدود جاين تائين رکڻو پوي ٿو، جتي حالتون سلامتيءَ واريون هجن.
اسان جو ليکڪ راز ڀٽو پهرين نجف شهر ۾ اچي ٿو، جتي هو چار ڏينهن گذاري ٿو. هي شهر حضرت علي ابن ابي طالب جي مزار ۽ امام علي مسجد کان مشهور آهي. بغداد کان 160 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ فرات نديءَ جي ڀرسان آهي. سمجھو ته ڪراچيءَ کان حيدرآباد جيتري فاصلي تي آهي. بغداد عراق جي ٻِي مشهور ندي دجله جي ڪناري تي آهي، جيڪا انگريزيءَ ۾ Tigris سڏجي ٿي. هي شهر نجف شريف جيڪو النجف ۽ النجف الاشرف کان علاوه بانيقيا (Baniqia) به سڏجي ٿو. مڪي ۽ مديني بعد بيحد احترام وارو شهر سڏجي ٿو. سندس آدم شماري کڻي 10 لک ٿيندي پر محرم ۽ چاليهي جي ڏينهن ۾ زائرين جي وڏي تعداد ۾ پهچڻ ڪري ٽيڻي چؤڻي ٿيو وڃي. هي شهر صدين تائين تعليمي ادارن ۽ لئبريرين کان پڻ مشهور رهيو آهي. 1964ع کان 1978ع تائين امام خمينيءَ هن شهر ۾ ليڪچر ڏنا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي عراق، ايران ۽ لبنان جهڙن ملڪن ۾ اسلامي تحريڪون هليون، انهن جي سربراهن شهر نجف مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا جو آڳاٽو شهر بابل (Babylon) جتي سڪندر اعظم وفات ڪئي، ان جي لوڪيشن نجف کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن شهر النجف لاءِ چيو وڃي ٿو ته عباسي خليفي هارون رشيد 791ع ۾ اڏرايو.
سورهين صديءَ ۾ نجف تي ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جو قبضو ٿيو. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ هن شهر تي سختيون آيون. هڪ طرف عربن جا قبيلا ته ٻئي طرف ايراني فوجون نجف تي حملا ڪري ڦر لٽ ڪنديون رهيون. مڪاني ماڻهن جي ايڏي لڏپلاڻ ٿي جو هي شهر ويران ٿي ويو. ان تباهيءَ جو وڏو سبب فرات نديءَ جي وهڪري جي تبديلي پڻ چون ٿا. ماڻهو پاڻيءَ لاءِ سِڪي ويا. پورچوگالي سياح پيڊرو ٽيڪسرا جيڪو 1604ع ۾ هن شهر ۾ آيو، اهو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته نجف شهر هن کي ويران ۽ کنڊرن جي حالت ۾ نظر آيو، جتي ڪي 500 ماڻهو به مس ٿي رهيا. فرات نديءَ جي وهڪري بدلجڻ ڪري نجف ۽ ڪوفي جا باغ بستان ۽ زرعي زمينون خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي ويون. نجف ۾ هڪ دفعو وري خوش حالي تڏهن آئي جڏهن 1803ع ڌاري فرات ندي وري هن شهر وٽان وهڻ لڳي.
1915ع ۾ سلطنت عثمانيه جو نجف تان قبضو ختم ڪرايو ويو ۽ شهر جون واڳون برطانيا سلطنت حوالي ٿيون. 1918ع ۾ نجف جي عالمن انگريزن خلاف بلوو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيا. انگريزن هنن جي وڏي تعداد کي نجف مان ايران ڏي ڀڄائي ڪڍيو، جن اتي اچي قم شهر ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو.
ڪربلا نجف شهر کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. چاليهي کان هفتو اڳ نجف ۾ گڏ ٿيل زائرين مان هزارين پيرين پنڌ هي فاصلو طئي ڪري ڪربلا پهچن ٿا. رستي تي مڪاني ماڻهن طرفان هنن لاءِ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست اڪثر مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو. ڪربلا اهو شهر آهي جتي حضرت امام حسين کي شهيد ڪيو ويو ۽ سندن روضو مبارڪ آهي. ڪربلا جو هي قضيو 10 محرم سال 61 هجري (10 آڪٽوبر 680ع ) ۾ پيش آيو، جيڪو عاشوري جو ڏينهن سڏيو وڃي ٿو. هن حق ۽ باطل جي لڙائيءَ ۾ امام حسين سان گڏ سندس 72 ساٿي شهيد ٿي ويا، جن ۾ ڇهه امام حسن جا ڀائر (عباس عليه سميت جن جو روضو مبارڪ پڻ ڪربلا ۾ ئي آهي) ٻه فرزند، ٽي امام حسين جا فرزند، ٽي جعفر ابن ابي طالب جا فرزند ۽ عقيل ابن ابي طالب جا ٽي فرزند ۽ ٽي پوٽا به شامل هئا. مڪي، مديني ۽ يروشلم وانگر ڪربلا پڻ مسلمانن لاءِ پاڪ جاءِ سمجھي وڃي ٿي، جتي جي زيارت لاءِ دنيا جا مسلمان ٻارهوئي ايندا رهن ٿا. عاشوري ۽ چاليهي وارن ڏينهن ۾ ته زائرين جو تعداد ڪروڙن ۾ پهچيو وڃي.
هن سفرنامي (نواڙي کان نيشاپور) جو ليکڪ راز ڀٽو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ نجف ۾ چار ڏينهن رهڻ بعد باءِ روڊ ڪربلا پهتو، جتي هن پنج ڏينهن گذارڻ بعد باءِ روڊ سفر ڪري هڪ ڏينهن سامراءِ (Samarra) ۾ ۽ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين ۾ گذاريو. سامراءِ شهر بغداد جي اتر ۾ 125 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪپ تي آهي. عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ هي شهر گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو. هي شهر پڻ شيعن لاءِ مقدس آهي، جتي العسڪري مسجد ۽ شيعن جي ڏهين امام علي الهادي ۽ يارهين امام حسن العسڪريءَ جو مقبرو آهي. هي شهر “جنگ سامراءِ” کان به مشهور آهي، جيڪا عثمانيه ۽ ايرانين وچ ۾ 1730ع کان 1735ع تائين هلي، جنهن ۾ اڌ لک ترڪ ۽ يراني مارجي ويا يا سخت زخمي ٿيا جنهن بعد عراق سلطنت عثمانيه جي قبضي ۾ رهڻ جو فيصلو ٿيو. هن شهر جي مشهور مسجد العسڪري 944ع جي ٺهيل آهي يعني هن کي ڏهن کان به وڌيڪ صديون گذري چڪيون آهن.
اسان جي ليکڪ پنهنجي سفرنامي ۾ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين شهر ۾ رهڻ جو لکيو آهي. ڪاظمين در اصل بغداد جو اتراهون حصو ئي سمجھجي، جيئن ملير، ماڙيپور يا منگھوپير ڪراچيءَ جا آهن. ڪاظمين بغداد شهر جي مرڪز کان ڪو 5 ڪلوميٽر به مس آهي. ڪاظمين شريف ٻن شيعا امامن جي مقبرن ڪري مشهور آهي، جن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين بغداد وڃن ٿا يعني بغداد جي هن حصي ڪاظمين ۾ وڃن ٿا. انهن مان هڪ امام موسيٰ الڪاظم آهي ۽ ٻيو هن جو پڙپوٽو امام محمد الجواد ابن علي الرضا. امام موسيٰ الڪاظم شيعن جو ستون امام هو. پاڻ ڇهين امام، امام جعفر الصادق جا فرزند هئا. سندن ڄم جو سال 744ع آهي ۽ سندن ڏينهن ۾ عباسي سلطنت جا المنصور ۽ هارون الرشيد خليفا هئا، جن هن امام تي مديني ۾ رهڻ دوران ڪيتريون ئي پابنديون مڙهي رکيون هيون. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن کي بغداد جي قيد ۾ رکيو ويو، جتي 799ع ۾ وفات ڪيائون. هن امام بعد وقت جي خليفن ٻين امامن کي به مديني ۾ رهڻ بدران پنهنجي ويجھو بغداد يا سامراءِ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي.
ڪاظمين شريف ۾ مٿين ستين امام موسيٰ الڪاظم کان علاوه ٻيو مقبرو هن جي پوٽي يعني اٺين امام علي الرضا جي فرزند نائين امام محمد الجواد جو آهي. پاڻ 811ع ۾ ولادت حاصل ڪئي. کين ان وقت جي خليفي المامون پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائي پاڻ وٽ بغداد ۾ رکيو پر پوءِ پاڻ المامون جي حڪومت جي خاتمي تائين مديني ۾ ئي رهڻ ۾ ڪامياب رهيو. پوءِ جيئن ئي المتعصم نئون خليفو ٿيو ته هن امام محمد الجواد کي واپس بغداد گھرائي ورتو. جتي 835ع ۾ سندن وفات ٿي ۽ ڪاظمين ۾ دفنايو ويو.
عراق جي ٻن مشهور ندين: فرات ۽ دجله مان دجله ندي بغداد شهر جي وچ مان لنگھي ٿي جيئن چائو فرا بئنڪاڪ شهر مان ۽ ٽيمس ندي لنڊن مان. دجله نديءَ جي ڪري بغداد شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ الرصافه (Al-Rusafa)، دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري پاسي ته ٻيو الڪرخ (Al-Karkh) اولهه ڪناري پاسي. بغداد جي آدمشماري ڪراچيءَ جي اڌ جيتري ٿيندي يعني اسي نوي لک کن، جنهن مان 23 سيڪڙو سني آهن. بغداد نه فقط شيعا ۽ سنين جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر ٻنهي فرقن جي مسلمانن ۾ شاديون پڻ عام ٿين ٿيون. ان کان سواءِ بغداد ۾ يهودين ۽ بهائين جو به وڏ تعداد رهي ٿو ۽ دنيا جا سک ياتري به سڄو سال بغداد ايندا رهن ٿا، جو هتي گرونانڪ جو هڪ آڳاٽو گورد وارو آهي، جيڪو پهرين جنگ عظيم دوران سک سپاهين کي بغداد مان لنگهندي نظر آيو، جيڪو ٻي جنگ عظيم دوران مرمت ڪيو ويو. چون ٿا ته گرو نانڪ سورهين صديءَ ۾ اٽڪل 1511ع ڌاري دنيا جي سير دوران مسلمانن جي پاڪ جاين جو ديدار ڪرڻ دوران هتي بغداد ۾ به آيو ۽ هي گورد وارو ٺهرايو.
عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾- اٽڪل 762ع ڌاري هي شهر بغداد گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ ايندڙ 500 سالن تائين هي شهر نه فقط عرب تهذيب جو پر سڄي دنيا جو شاندار شهر مڃڻ ۾ آيو. 1258ع ۾ منگول چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان هن خوشحال شهر بغداد تي حملو ڪري لٽيو ڦريو ۽ نه رڳو عام ماڻهن جو ڪوس ڪيو پر وقت جي عباسي خليفي المتعصم کي به گھوڙن جي سنبن سان لتاڙي ماري ڇڏيو. ان سان گڏ عباسي سلطنت جو خاتمو ٿي ويو. بغداد هڪ دفعو وري ڌارين طرفان سخت تباهيءَ جو شڪار بڻيو. 1401ع ۾ تيمور لنگ بغداد تي حملو ڪري شهر جي تباهي آندي ۽ عوام جو قتل عام ڪرايو. ايتري قدر جو هن پنهنجي فوجين کي حڪم ڏنو ته هر سپاهي بغداد جي ٻن ماڻهن جو قتل ڪري، هنن جي سسين سان حاضر ٿئي، جن جو ڍير ڪري اهرام ٺاهيو ويو. بغداد جو اهو ئي حال 1258ع ۾ هلاڪو خان ڪيو هو. انهن ڏينهن تائين بغداد دنيا ۾ قلمي ڪتابن جي لائبريرين جو شهر هو. چون ٿا ته بغداد جي لائبريرين ۾ ايترا ته ڪتاب هئا جو هلاڪو خان جڏهن بغداد جي تباهيءَ وقت اهي ڪتاب دجله نديءَ ۾ ڦٽا ڪرايا ته انهن جي مس ڪري درياهه جو پاڻي ڪارو ٿي ويو. ان بعد جڏهن ٽي ڏينهن ماڻهن جو ڪوس جاري رکيائين ته دجله جي پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.
1534ع ۾ بغداد تي سلطنت عثمانيه جي ترڪن جو قبضو ٿيو. بغداد کي پليگ (وبا) ۽ ڪالرا به وڏو نقصان رسايو. بغداد ۾ هڪ ٻئي پويان سال 1689ع ۽ 1690ع، 1772ع، 1773ع ۽ 1831ع ۾ وبا پکڙي ۽ اٽڪل پنج لک ماڻهو مري ويا. فقط 1831ع واري پليگ ۾ بغداد جي سٺ سيڪڙو آبادي ختم ٿي وئي. اهڙو ئي حال 1821ع ۾ ڪالرا ڪري بغداد ۽ بصري جو ٿيو.
1917ع تائين بغداد سلطنت عثمانيه جي ئي قبضي ۾ رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيٽرول جي نڪرڻ ڪري عراق ۾ خوب پئسو آيو ۽ بغداد وڏي ترقي ڪئي، پر 1980ع ۾ ايران ۽ عراق جي جنگ ۾ عراق تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا جو ملڪ جي حاڪم صدام حسين ملڪ جي دولت فوج تي خرچ ڪرڻ شروع ڪئي يا پنهنجي ذات تي. صدام جي تهران تي بمباري ڪرڻ جي بدلي ۾ ايران بغداد شهر تي ميزائيل هنيا جنهن ۾ بغداد کي وڏو نقصان رسيو. ان بعد 1991ع ۽ 2003ع ۾ گلف جي لڙائي ۽ ان بعد عراق تي آمريڪا جي حملي ڪري بغداد شهر جو ٽرانسپورٽ سسٽم، روڊ رستا، نيڪال نظام، اليڪٽرسٽي ۽ ٻين سهولتن جي ستيا ناس ٿي وئي.
هونئن ته بغداد وڏو شهر آهي، تاريخي ۽ آڳاٽو شهر آهي جيڪو اڃا تائين قائم دائم آهي. هڪ ٽوئرسٽ کي هي شهر گھمڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن کپن پر مذهبي جاين جي زيارت ڪرڻ وارا زائرين بغداد جي فقط هڪ حصي الڪاظمين ۾ اچن ٿا جتي ٻن امامن جون مزارون آهن. ٿورن ڏينهن ۾ سڄو سفر مڪمل ڪرڻ خاطر ايندڙ زائرين هتي (بغداد ۾) فقط هڪ يا ٻه ڏينهن گذارين ٿا، جيئن هن سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جي ليکڪ به 24 ڪلاڪ کن رهڻ بعد اڳتي جي سفر جو سانباهو ڪيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته بغداد جي هن علائقي الڪاظمين واري زمين دراصل عباسي خليفي هارون الرشيد پنهنجي عربن يعني قريش خاندان جي ماڻهن جي قبرستان لاءِ منسوب ڪئي هئي. 1258ع ۾ هلاڪو خان منگول جي بغداد تي ڪيل حملي ۾ الڪاظمين واري علائقي ۾ موجود شيعا امامن جي مزارن کي به نقصان رسايو ويو. بعد ۾ سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ جڏهن مدحت پاشا جي حڪومت هئي ته بغداد کان ڪاظمين تائين ٽرام هلائي وئي، جيئن زائرين هن سواريءَ ذريعي سک سان امامن جي مزارن تائين پهچي سگھن. 1938ع تائين هي ٽرام وي قائم رهيو، ان بعد بس سروس قائم ڪئي وئي. مدحت پاشا (ڄم جو سال 1822ع ) بغداد جو 1876ع کان وفات 1883ع تائين گورنر ۽ وڏي وزير جهڙن عهدن تي رهيو. انهن ڏينهن ۾ سلطنت عثمانيه جو 32هون سلطان عبدالعزيز ترڪيءَ جو حاڪم هو جنهن جي حڪومت ۾ عراق ۽ سعودي عرب به اچي ويا ٿي. اسان جا ٽوئرسٽ يا شاگرد جيڪي ترڪيءَ ۾ رهن ٿا اهي مدحت پاشا کان ضرور واقف هوندا جو هن جو انقره ۽ استنبول شهرن جي وچ ۾ هڪ وڏو مجسمو لڳل آهي. انهن شهرن مان ايندي ويندي نظر ان تي پوي ٿي.
درياهه دجله بغداد جي وچ مان وهي ٿو، جنهن جي هڪ ڪناري تي بغداد جو هي علائقو ڪاظمين (الڪاظمين) آهي. درياهه ٽپڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پليون آهن، جن مان هڪ الثائم پل ڪاظمين وٽ به آهي، جنهن تي سال 2005ع ۾ زائرين جي ڀڄ ڊڪ ۾ هو چپجي ۽ چيڀاٽجي پيا ۽ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. هن علائقي ڪاظمين تان اها خبر به ڌيان ۾ اچي رهي آهي ته هتي آمريڪن طرفان قيدين جي سهولت لاءِ Camp Justice آهي، جتي عراقي آفيسن صدام حسين کي قيد رکي مٿس ڪيس هلايو هو.

ان کان علاوه ڪاظمين ويندڙ زائرين جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هي علائقو هو جيڪو پهرين جنگ عظيم بعد عراقين جو انگريزن خلاف انقلاب آڻڻ جو مرڪز ثابت ٿيو. هتي ڪاظمين جي مسجد ۽ امامن جي مزارن بابت اهو پڻ لکندو هلان ته 1534ع ۾ جڏهن سلطنت عثمانيه جي ترڪ حاڪم سلطان سليمان (جنهن کي انگريز The Magnificent به سڏين ٿا) بغداد فتح ڪيو ته ان جي چڱي طرح مرمت ڪرائي ۽ خوبصورت بڻايو، جن کي اڄ تائين بهتر کان بهتر حالت ۾ رکيو پيو وڃي.
عراق جي مٿين شهرن کان علاوه ڪيترائي زائرين ڪوفي ۽ موصل ۾ به ڪجھه ڏينهن گذارين ٿا. ڪوفا يو ڪوفو نجف شهر جي ڀرسان فرات نديءَ جي ڪناري تي آهي ۽ نجف سان ڄڻ مليو پيو آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي آهن يا راڻيپور ۽ گمبٽ آهن. سامراءِ، ڪربلا، ڪاظميه ۽ نجف سان گڏ ڪوفو انهن پنجن شهرن مان آهي جن جي شيعن وٽ خاص اهميت آهي.
هي شهر ڪوفيٰ خلفاءِ راشدين جي آخري خليفي حضرت علي ابن ابي طالب جي ڏينهن ۾ دارالخلافه (گاديءَ جو هنڌ) هو. هي شهر ٻئي خليفي حضرت عمر 639ع ۾ قائم ڪيو، هتي جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ دوران حضرت عليءَ کي شهيد ڪيو ويو هو.
عراق جو هڪ ٻيو مشهور شهر جتي دنيا جا ٽوئرسٽ وڃن ٿا موصل آهي، جيڪو بغداد کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ دجله نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس سامهون آڳاٽو شهر نينويٰ (Nineveh) آهي. موصل موسم جي لحاظ کان توڙي تاريخي جاين، مسجدن ۽ گرجا گھرن کان به مشهور آهي ۽ آڳاٽي وقت کان اڄ تائين دنيا جا سياح هتي ايندا رهن ٿا.
ڪنهن زماني ۾ ابن بطوطا به هتي رهي ويو، جنهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور ناول نگار اگاٿا ڪرسٽي پڻ هتي موصل ۾ وڏو عرصو رهي وئي آهي، جو سندس انجنيئر مڙس هتي جي ڪنهن آرڪيالاجي جي کوٽائيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي طرح عراق ۾ ٻيا به ڪيترائي شهر گھمڻ جهڙا آهن، جن لاءِ وقت جو هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙي سياح کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو هڪ وقت تي هڪ ملڪ عراق، شام، ترڪي يا ايران گھمڻ لاءِ نڪري ته هن لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو.
عراق بعد ايران وڃڻ لاءِ ڪجھه زائرين باءِ روڊ وڃن ٿا جيڪا سواري سستي به آهي ته رستي تي ڏسڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ملي به ٿو. پر مشغول ماڻهو بغداد يا موصل کان ايران پهچڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري پسند ڪن ٿا. اسان جو ليکڪ راز ڀٽو باءِ روڊ ايران اچي ٿو. هتي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته عراق کان باءِ روڊ ايران اچڻ وارن کان جڏهن توهان پڇندؤ ته هو ايران ڪيئن آيا ته اهي اڪثر اهو چوندا آهن ته اسان مهراڻ واري روڊ کان ايران آياسين يا اسان مهراڻ شهر کان آياسين وغيره وغيره ... ۽ اسان جا ماڻهو هڪ ته مهراڻ جو نالو جيڪو اسان سمجھون ٿا ته اسان جو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي، ٻڌي منجھي پوندا آهن ته اهو ڪهڙو شهر آهي ۽ ڪٿي آهي. هتي ان مونجهاري کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيئن نون زائرين يا ٽوئرسٽن لاءِ آساني رهي.

مهراڻ دراصل ايران جو شهر آهي جيڪو ايران جي مغربي صوبي ايلام ۾ آهي، جيئن اسان جو بلوچستان صوبو ايران جي بارڊر تي آهي، تيئن ايران جو صوبو ايلام عراق جي بارڊر تي آهي. صوبي يعني Province کي فارسي ٻوليءَ ۾ استان سڏين ٿا. 1950ع تائين ايران ٻارهن صوبن (استانن) ۾ ورهايل هو، جيئن اردلان، فارس، گيلان، (جتان جا ماڻهو عرب دنيا ۾ جيلاني- جو عربي ٻوليءَ ۾ گ اکر ناهي پر اسان وٽ گيلاني سڏجن ٿا)، بلوچستان (ايران ۾ به بلوچستان نالي صوبو آهي، جيڪو اسان جي بلوچستان جي ڀر ۾ آهي) آذربائيجان (الڳ ملڪ به آهي ته ايران جو صوبو به، ٻئي هڪ ٻئي ڀرسان آهن) خراسان، خزيستان، ڪرمان، لارستان، لورستان ۽ مزندران. وقت سان گڏ انهن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. آذربائيجان صوبي مان ٻه صوبا ٺاهيا ويا: اوڀر آذربائيجان ۽ اولهه آذربائيجان. خراسان صوبي جا ٽي حصا ڪيا ويا: اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ جنهن ۾ مشهد، طوس ۽ نيشاپور جهڙا شهر آهن، اهو “رضوي خراسان” سڏجي ٿو. بلوچستان صوبي کي ڪجھه وڏو ڪري “سيستان ۽ بلوچستان” هڪ صوبو بڻايو ويو. ان کان سواءِ تهران، قم، يزد، زنجان، سيمنان وغيره- جملي 31 صوبا هن وقت ايران ۾ آهن. ايلام صوبو عراق سان 425 ڪلوميٽر جو بارڊر ٺاهي ٿو. يعني 425 ڪلوميٽرن تائين هڪ پاسي عراق آهي ته ٻئي پاسي ايران جو هي صوبو ايلام. صوبي جو وڏو حصو جابلو آهي يا وارياسو. ان ڪري ايران ۾ سڀ کان گھٽ آدمشماري (6 لک کن) هن صوبي جي آهي. جيتوڻيڪ ايراضيءَ ۾ خيرپور ضلعي کان ڪجھه وڏو (19000 چورس ڪلوميٽر) آهي. خيرپور ضلعي جي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر آهي. زگروس (Zagros) جبلن جي قطار جيڪا ترڪيءَ کان شروع ٿي عراق ۽ ايران ۾ اچي ٿي، ان جا جبل ايران جي هن صوبي ايلام کي چڱي طرح گھيرين ٿا. ان ڪري هن صوبي ايلام کي پيار مان “عروس زگروس” يعني زگروس جبلن جي ڪنوار سڏين ٿا. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سڄي ايلام صوبي جي آدمشماري 6 لک کن مس آهي پر پڙهندڙ ايران ۾ تعليمي نظام جي بهتريءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگھن ٿا ته فقط ايلام صوبي ۾ چار ته وڏيون يونيورسٽيون آهن:

• ايلام يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
• يونيورسٽي آف ايلام
• اسلام آزاد يونيورسٽي آف ايلام
• پيام نور يونيورسٽي آف ايلام

مهراڻ ايران جي هن صوبي ايلام جو هڪ ننڍڙو پر خوشحال شهر آهي جيڪو عراق جي بارڊر تي آهي، جنهن جي آدمشماري 15000 مس آهي، جنهن ۾ به گھڻائي ڪُردن جي آهي. ايران سڄي ۾ فارسي هلي ٿي پر ڪن ڪن صوبن ۾ مختلف قومن جا رهندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻولي به ڳالهائين ٿا، جيئن هن صوبي جا ڪرد ڪلهوري ۽ فيلي (Feyli) ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي عراق جي به ڪجھه حصي ۾ اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جيئن اسان جي ٿر پاسي ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان جي بارڊر وارن علائقن ۾ ساڳيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
ايران جي هن مهراڻ شهر وٽان ايران جو هاءِ وي نمبر 64 گذري عراق ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اتان شروع ٿيندڙ هي هاءِ وي نمبر 15 سڏجي ٿو جيڪو ڪجھه ڪلوميٽرن بعد عراق جي شهر بدره (Badra Spend) وٽان لنگھندڙ هاءِ وي 13 سان ملي ٿو، جيڪو عراق جي مختلف شهرن بغداد، ڪربلا ويندي موصل تائين پهچائي ٿو. هتان مهراڻ وٽان فقط ايران جا هر سال هڪ لک کان مٿي مسافر ڪارن، ٽيڪسين ۽ بسن ذريعي عراق وڃن ٿا. ان کان علاوه دنيا جا ٻيا زائرين جيڪي ايران کان عراق يا عراق کان ايران موٽن ٿا.
هن پاسي عراق توڙي ايران ۾ بهترين رستا ۽ آرامدهه ۽ تيز رفتار بسون آهن ۽ مهراڻ کان بغداد ٻن ڪلاڪن ۾ پهچائين ٿيون. ان ڪري اسان جهڙن ملڪن جا زائرين توڙي سياح عراق توڙي ايران جي وچ ۾ هوائي جهاز بدران باءِ روڊ سفر ڪن ٿا. افسوس جو پاڪستان کان ايران باءِ روڊ ويندي ايران پاسي ته روڊ رستا ۽ بسون بهترين آهن پر اسان واري پاسي حال ناهي ۽ وڏي عمر جي مسافرن لاءِ ڪوئيٽا کان پاڪستان جي آخري بارڊر واري شهر تفتان تائين 500 ڪلوميٽرن جو سفر سخت شڪست وارو ٿئي ٿو.
ڪوئيٽا کان تفتان تائين ريلوي لائن به آهي، جيڪا انگريزن ملٽريءَ جي چرپر لاءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ 1905ع ۾ برٽش راڄ (اڄ واري پاڪستان) ۽ پرشيا ( اڄ واري ايران) جي وچ ۾ ڳنڍي، جيڪا پوءِ 1922ع ۾ زاهدان سان ملائي وئي. انهن ڏينهن ۾ زاهدان جو نالو دزداپ (Duzdap) هو. تفتان پاڪستان طرف وارو آخري شهر آهي ۽ ايران پاسي ميرجاوا (Murjawa) . اهڙي طرح انڊيا پاڪستان بارڊر پاسي لاهور کان امرتسر ويندي واگھا (Wagha) پاڪستان جو آخري شهر آهي، ان بعد بارڊر ڪراس ڪرڻ بعد ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي انڊيا جي بارڊر وارو شهر اٽاري آهي. واگھا کان لاهور 24 ڪلوميٽر آهي ۽ اٽاريءَ کان امرتسر 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مهاراجا رنجيت سنگھه جي فوج جو هڪ مشهور جنرل سردار شام سنگهه اٽاري والا هن ڳوٺ اٽاريءَ جو رهاڪو هو.
بهرحال هتي پاڻ راز ڀٽو جي سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جو ذڪر ڪري رهيا آهيون ته پاڻ زيارتن جي سلسلي ۾ پهرين عراق ويو، جتان پوءِ هو باءِ روڊ مهراڻ شهر وٽان بارڊر ڪراس ڪري ايران آيو. ايران ۾ پاڪ جايون ڏسڻ جي خيال کان اسان جي زائرين لاءِ ٻه جايون: مشهد ۽ قم وڃڻ ته ضروري آهن. وقت ملڻ تي هو اوسي پاسي جي شهرن طوس، نيشاپور، قدم گاهه به وڃن ٿا، جتي ڪيترن ئي امام زادن جون مزارون آهن.
ڪراچيءَ کان ايران وڃڻ لاءِ جيئن ته فلائيٽ تهران ۾ لاهي ٿي، ان ڪري ويندي يا موٽندي وقت هو تهران، خاص “ري” شهر جيڪو هاڻ تهران جو ئي حصو آهي، اتي ڪن پاڪ هنڌن تي به وڃن ٿا. جيئن ته بيبي شهربانو جو روضو، شاهه عبدالعظيم جو مقبرو، جنهن جي ڀرسان شيعن جي چوٿين امام، امام سجاد جي فرزند امام زادي طاهر جو ۽ اٺين امام، امام رضا جي ڀاءُ امام زاده حمزه جي ڀاءُ جي مزار آهي.
ايران جون ٻه جايون: مشهد ۽ قم جيڪي بيحد ضروري آهن انهن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين گھڻو ڪري پهرين مشهد ۾ اچن ٿا پوءِ قم ۾، پر ڪي ڪي سهولت موجب پهرين قم ۾ اچن ٿا. جيئن اسان جي ليکڪ راز ڀٽو کي عراق کان اچڻ ڪري پهرين قم وٽان لنگھڻو پيو، ان ڪري هو پهرين قم ۾ ٽي ڏينهن رهي پيو، ان کانپوءِ تهران کان ٿيندو مشهد پهتو. نقشي ۾ به توهان ڏسندؤ ته ايران جي ايلام صوبي بعد قم صوبو شروع ٿئي ٿو ۽ وچ ۾ فقط ٻه ننڍڙا صوبا: لورستان (Lorestan) ۽ مرڪزي (Markazi) آهن، جتي مهراڻ شهر کان زاهدان 1800 ڪلوميٽر آهي يا مهراڻ کان مشهد 1500 ڪلوميٽر آهي. اتي مهراڻ کان قم شهر ته بلڪل ويجھو ٿيو، فقط 450 ڪلوميٽر آهي ۽ قم صوبو ۽ تهران صوبو ائين مليا پيا آهن جيئن خيرپور ۽ سکر. قم شهر کان تهران شهر تائين فاصلو فقط 144 ڪلوميٽر آهي. سو اسان جو مسافر شهرن جي اهميت موجب نه پر شهرن جي ويجھڙائيءَ مطابق ايران ۾ داخل ٿيڻ وقت مهراڻ شهر کان پهرين قم، پوءِ تهران، ان بعد مشهد ۽ ان جي ڀر واري شهر نيشاپور ۾ زيارتن لاءِ اچي ٿو. هونئن ڏٺو وڃي ته ايران اهو تاريخي، سهڻو ۽ ٽوئرسٽ فرينڊلي ملڪ آهي جو ان جا شهر گھمڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مهينو کپي. هفتو کن ته قم، مشهد ۽ ان جي آسپاس جون جايون ڏسڻ ۾ ئي گذريو وڃي، بلڪه انهن ٻنهي شهرن ۽ پسگردائيءَ لاءِ هفتو ڪجھه ناهي ۽ اسان جا ماڻهو هفتي کان هڪ يا ٻه ڏينهن وڌيڪ نٿا رهيو سگھن. ان ڪري نه ته ڪو ويزا هڪ هفتي جي ٿي ملي، پر ان ڪري جو ڪراچيءَ لاءِ اڏام فقط هفتي ۾ هڪ دفعو اربع ڏينهن آهي. هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ معنيٰ وري سڄو هفتو ترسي اربع جو انتظار ڪرڻ، سو پڙهندڙن مان ڪو ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻيا شهر به گھمڻ چاهي ٿو- ۽ گھمڻ کپي جو اصفهان جهڙا شهر ته نه رڳو اڳ ۾ پر هاڻي به “نصف جهان” آهن ته هو گھٽ ۾ گھٽ ايران ۾ ٻن هفتن لاءِ ٽڪي پوي.

هونئن به ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان جهڙي ملڪ جو غريب ماڻهو سک سان رهي سگھي ٿو. رهائش سستي آهي. کاڌو پيتو سستو آهي، لوڪل ماڻهو غريب توڙي امير ٽوئرسٽ جي عزت ڪن ٿا. امن امان ۽ انصاف آهي. امن امان ته سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ به آهي پر اتي انصاف فقط مقامي عربن لاءِ آهي. اسان ڌارين کي ڪو عرب گارگند ڪري وڃي ته به ڏوهه اسان جو ڳڻيو ويندو. ان ڪري ته مٿي لکي آيو آهيان ته ايران ٽوئرسٽ فرينڊلي آهي. ايتري قدر جو اسان جي پاسي جون عورتون به ايران ۾ اڪيلي سر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي گهمي سگھن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪي ماڻهو، يعني ايراني توهان جي رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا، توهان جي عزت ڪن ٿا. توهان هتي جي اعليٰ آفيسرن يا ملان مولويءَ سان فري ٿي ڳالهائي سگھو ٿا. دڪاندار توهان جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي ڦرين نٿا بلڪه توهان کي فائدو رسائين ٿا. پوليس توهان جي ڪڍ نٿي لڳي ۽ نه بار بار توهان جو پاسپورٽ چيڪ ڪري تنگ ڪري ٿي. ان ڪري ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان سک سان گھمي ڦري سگھون ٿا ۽ ٿوري بجيٽ ۾ گھڻو ڪجھه ڏسي سگھون ٿا.
اسان جي ليکڪ جو قم ۾ ٽي ڏينهن کن رهڻ ٿيو. آئون به جڏهن پهريون دفعو ايران قافلي سان گڏ ويو هوس ته هنن طرفان قم ۾ ٽي ڏينهن رهڻ جو پروگرام ٿيو هو، جنهن ۾ ڪجھه جايون قافلي وارن ڏيکاريون جنهن لاءِ هنن ڀاڙي تي بس ڪئي هئي ۽ ڪي جايون خاص ڪري قم ۽ اوس پاس جا مدرسا، وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي آئون پاڻ مرادو ٽئڪسي ڪري نڪري پيس ٿي. ڪٿي ته ٻين سان شيئر ڪرڻ واري ٽيڪسيءَ ۾ سواري ڪيم ٿي. انڊيا وانگر ايران ۾ به هر سواري سستي آهي. ان جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽيڪسيءَ جو سفر ڏاڍو مهانگو آهي ۽ مدي خارج منڊين ٽنڊين بسن جو سفر نهايت خطرناڪ آهي.
قم بيبي فاطمه معصومه جي روضي کان ايران جو هڪ اهم ۽ مقدس شهر سمجھيو وڃي ٿو. بيبي فاطمه بنت موسيٰ رضا، جيڪا عام طرح فاطمه معصومه سڏجي ٿي، امام موسيٰ ڪاظم جي ڌيءَ ۽ اٺين امام علي رضا جي ڀيڻ آهي. قم شهر مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن کان به مشهور آهي، جيڪا حيثيت ڪنهن زماني ۾ بغداد کي هئي. هونئن قم سوهن حلوي کان به مشهور آهي. جتي ڪٿي سوهن حلوو وڪڻڻ وارن جا مٺائيءَ جا دڪان آهن. چون ٿا ته قم ۾ ٻه کان اڍائي هزار اهڙا دڪان آهن.
قم ايران جو ستون نمبر وڏو شهر ۽ قم صوبي جي گاديءَ وارو هنڌ آهي. قم جي 13 لک کن آدمشماري آهي ۽ هي شهر قم ندي (رودِ قم ) جي ڪناري تي آهي، جيڪا زگروس جبلن ۽ نمڪ ڍنڍ مان نڪري ٿي ۽ ايران جي ڊگھي ۾ ڊگھِي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 400 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ کي ٽپڻ لاءِ بي بي فاطمه معصومه جي مقبري جي ٻاهران ئي هڪ پل آهي. قم شهر ۾ رهائش جون گھڻيون تڻيون هوٽلون درياهه جي ٻئي پار هجڻ ڪري اسان جو هر وقت هن پل تان اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي ۽ ان جي اردگرد دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل زائرين کي سندن قومي لباس ۾ ڏسي بين الاقوامي ميلي ۾ هجڻ جو احساس ٿئي ٿو. هن پل تان قم نديءَ ۾ سج لهڻ جو نظارو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.
بيبي فاطمه معصومه جي مزار کان علاوه قم اوسي پاسي جي جاين کان پڻ مشهور آهي، خاص ڪري جمعڪران مسجد کان. هن مسجد کان علاوه قم جون ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن، جيئن مسجد امام حسن العسڪري، مسجد القادر، اعظم مسجد، عتيق مسجد وغيره.
قم کان مشهد ويندي تهران 144 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي هن سفرنامي جو ليکڪ هڪ ڏينهن رهڻ بعد ريل گاڏيءَ ذريعي مشهد روانو ٿئي ٿو. تهران کان مشهد وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري به آسانيءَ سان ۽ سستي اگھه تي مليو ٿي وڃي. ڪيترائي زائرين تهران کان مشهد وڏو فاصلو (اٽڪل 900 ڪلوميٽر ) هجڻ ڪري هوائي جهاز کي ترجيح ڏين ٿا پر آئون پڙهندڙڻ کي اهائي صلاح ڏيندس ته هو راز ڀٽو وانگر ريل گاڏيءَ جي سفر جي چونڊ ڪن يا بس جي. ايران ۾ هر هنڌ روڊ رستا بهترين آهن ۽ اهڙي ئي هنن جي ٽرين سروس ۽ آرامده بسون آهن. جيڪا فرحت ۽ مزو باءِ روڊ تهران کان مشهد آهي، ان جو جواب ناهي. خاص اسان نيم بيابان (Semi Desert) سنڌ جا رهاڪو تهران کان مشهد، ڪوالالمپور کان پينانگ يا ڍاڪا کان چٽاگانگ ٽرين ۾ سفر دوران ٻاهر جا هرا ڀرا کيت، گل گلڪاريون ۽ نالا نديون ڏسي وائڙا ٿيو وڃون. توهان کي هميشه هن قسم جا باءِ روڊ سفر ياد رهندا.
ايران جو شهر مشهد شاهراهه ريشم (Silk Route) تي هجڻ ڪري شروع کان اهم شهر رهيو آهي. اڄ جي ايران ۾ مشهد تهران بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. اڄ جي ايران مان منهنجو مطلب آهي هاڻوڪو ايران، جنهن تي 1935ع ۾ نوروز (نئين سال) واري ڏينهن جي موقعي تي وقت جي حاڪم رضا شاهه پهلويءَ دعوت ۾ موجود سڀني فارين ڊپلوميٽ اڳيان اعلان ڪيو ته هن ملڪ لاءِ “ايران” نالو استعمال ڪيو وڃي، نه ته ڇهين صدي قبل مسيح کان دنيا هن ملڪ کي “پرشيا” جي نالي سان سڃاتو ٿي، جيئن ڪراچي صدر ۽ ايران جي هڪ جھوني بيڪريءَ جو نالو “پرشين بيڪري” آهي. ايران جو اهو نالو پرشيا 6 صدي ق. م کان يعني ڪوروش اعظم (Cyrus the Great) جنهن مخامنشي سلطنت جو بنياد رکيو، هلندو آيو، جيڪو پوءِ ساسانين، صفوي، افشار ۽ آخر ۾ قاچار دور حڪومت تائين هلندو رهيو. ان وقت جي پرشيا اڄ جي ايران تائين محدود نه هئي، پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن پرشيا جون بلقان ۽ اوڀر يورپ کان سنڌو ماٿريءَ تائين حدون هيون. هن ۾ اڄ وارو افغانستان، ترڪمانستان، پاڪستان جو اتريون حصو، ازبڪستان ۽ مصر به اچي ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ تهران فقط ان جي هڪ حصي ري (Rey) تائين هو. اڄ جي ايراني شهرن شيراز، تبريز، نيشاپور، مشهد، اصفهان کان علاوه بابل (Babylon) بغداد، مصر (مصر)، بخارا ۽ ثمرقند (ازبڪستان) هرات (افغانستان) نيسا (ترڪمانستان) وغيره جهڙا تاريخي شهر پرشيا ۾ آيا ٿي.
ائين ته ڪو وقت هو جو اصفهان دنيا جو خوبصورت شهر هو، جنهن جا روڊ ۽ رستا ۽ باغ بستان ڏسڻ لاءِ انگلينڊ جا حاڪم آيا ٿي. بهرحال اڄ جي دور ۾ تهران ايران جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ ٻئي نمبر تي مشهد آهي. مشهد جي لفظي معنيٰ “شهيدن جي جاءِ” آهن. مشهد شيعن جي اٺين امام علي رضا جي روضي شريف کان مشهور آهي. امام علي رضا جو جتي مقبرو آهي اهو “حرم رضوي” سڏجي ٿو، جيڪو سمجھو ته شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ڇهه لک چورس ميٽرن تي مشتمل آهي. هونئن ته فقط هي ڪامپليڪس گھمڻ لاءِ هڪ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ کپي جو منجھس ڪيترائي ميوزيم آهن، جن ۾ پوسٽ جي ٽڪلين کان وٺي غاليچن جي ڪليڪشن نظر اچي ٿي.
هونئن مشهد ۾ جيڪڏهن توهان ڪافي ڏينهن رهو ٿا ته پوءِ امام رضا جي روضي جي زيارت کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي جايون گھمي سگھو ٿا جيئن ڪوهه سانگي پارڪ، مشهد بازار، جتي توهان کي بهتر اگھه تي بهترين زعفران ملي سگھي ٿي، اهڙي هاءِ ڪلاس زعفران دنيا ۾ ايران کان علاوه اسپين ۾ ٿئي ٿي. توهان مشهد جي ٻهراڙِيءَ ۾ وڃي ان جا پوکيل گل به ڏسي سگھو ٿا، خاص ڪري مشهد کان نيشاپور يا قدمگاهه ڏي ويندي. مشهد کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هتي جو مشهور قبرستان مزار Boqeh Khajeh Rabi Mausoleum آهي، جنهن جي ديوارن ۽ گنبذ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي.
سڀ کان وڌيڪ ۽ مزار امام رضا جي ويجھو ڏسڻ جهڙي جاءِ مسجد گوهر شاد آهي، جيڪا تميوريا سلطنت جي بادشاهه شاهه رخ جي راڻي گوهر شاد 1395ع ۾ ٺهرائي. 2003ع ۾ ڪابل ۾ جيڪا عورتن جي يونيورسٽي ٺهي اها گوهر شاد نالي آهي.
هن مسجد جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي نادر شاهه افشار جو مقبور آهي. سندس اصل سائيز کان وڏو ڌاتوءَ جو گھوڙي تي سوار مجسمو پري کان نظر اچي ٿو. هن دهليءَ کي ساڙيو ٻاريو ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪيو هو. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ وڏو ظالم سمجھيو وڃي ٿو پر ايران ۾ ته هو هيرو سمجھيو وڃي ٿو جو هو هِتان هُتان ڦرلٽ ڪري دولت ايران کڻي آيو ٿي.
مشهد شهر ۾ اندر کان علاوه ٻاهر آس پاس به ڪيتريون ئي جايون آهن جيئن طوس ۾ فردوسيءَ جومقبرو. مشهد کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي طوس شهر آهي، جتي ايران جي قومي شاعر فردوسي (سڄو نالو: ابوالقاسم فردوسي طوسي) جو مقبرو آهي. فردوسي 940ع ۾ طوس ۾ ڄائو ۽ 1020ع م اتي ئي وفات ڪيائين. فردوسي دنيا جو طويل ترين نظم “شاهنامه” (يعني بادشاهن جي ڪهاڻي) لکڻ کان مشهور آهي. سندس هي ڪتاب ادب جي تاريخ ۾ خاص ڪري فارسي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شعرن جي هن مجموعي ۾ اٽڪل سٺ هزار شعر شامل آهن. هي شاعريءَ جو ڪتاب اصل ٻولي فارسيءَ ۾ پڙهڻ جي ته ڳالهه ئي ٻِي آهي پر فارسي نه اچڻ ڪري انگريزيءَ ۾ به پڙهي سگھجي ٿو. عمر خيام جي رباعين وانگر فردوسيءَ جي هن ڊگھي نظم شاهنامي جا به ڪيترائي انگريزي ترجما موجود آهن.
سفرنامي “نواڙي کان نيشاپور” جو ليکڪ راز ڀٽو مشهد ۾ ٽي ڏينهن کن هجڻ دوران مشهد جي ڀر واري شهر نيشاپور پڻ ويو. مشهد ايندڙ کي نيشاپور ضرور اچڻ کپي جو هي شهر پرشيا جي شروعاتي سلطنت ۾ اوائلي گاديءَ جو شهر رهي چڪو آهي ۽ 1221ع ۾ منگولن (چنگيز خان) جي حملي ۽ تباهي آڻڻ تائين هي شهر دنيا جو بلي بلي شهر هو. جنهن لاءِ فردوسيءَ لکيو آهي ته:

اي پايتخت اول ايراني من
اي آسمانت فرصتِ باراني من
فيروزه “ات نقش نگين مهرباني”
انديشه هاي مرد مانت آسماني.


O my Iranian first capital
O your sky my rainy time
your Turquoise, pattern of kindness ring
your People’s thoughts Heavenly

هن شهر لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن شهر ۾ ايران جي مشهور صوفي شاعر عطار ۽ ڪمال الملڪ کان علاوه عمر خيام جو مقبرو به آهي. عمر خيام ٻارهين صديءَ جو مشهور شاعر ۽ ماهر فلڪيات (Astronomer) ٿي گذريو آهي، جنهن کي سندس فارسي رباعين ڪري دنيا ۾ مشهوري ملي.
هن جون رباعيون (چار سٽا) ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن. انگريزيءَ ۾ به ٻه ٽي ترجما آهن، جن مان ايڊورڊ فٽزگرڊ جو سڀ کان مشهور آهي، جيڪو اسان جي ڏينهن ۾ ميٽرڪ يا فرسٽ ايئر جي انگريزي ڪتاب ۾ پڙهايو ويو ٿي. عمر خيام جو هي مقبرو 1963ع ۾ قائم ٿيو.
منهنجي خيال ۾ مهاڳ يا پيش لفظ جي خيال کان منهنجو هي مضمون ڪجھه ڊگهو ئي ٿي ويو آهي. آخري سٽ اها ئي آهي ته ايران يا عراق تي نڪرندڙ زائرين لاءِ ضروري آهي ته معلومات ۽ رهنمائيءَ لاءِ هو راز ڀٽو جو لکيل سفرنامو “نواڙي کان نيشاپور” ضرور پڙهي نڪرن، بلڪه سفر ۾ پاڻ سان رکن ته هنن جي فائدي جي ڳالهه آهي.
راز ڀٽو صاحب جي هن عراق ايران سفر ۾ اسڪارڊن ليڊر عابد حسين راز کان علاوه سڀ ٻار گڏ هئا. اميد آهي ته هاڻ هو هڪ سفر شام ملڪ يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو پنهنجي گمبٽ، راڻيپور، خيرپور جي دوستن سان ڪري ان بابت پڻ سفرنامو لکندو.


ڪراچي
13 مارچ 2020ع

ٻه اکر: زندگيءَ جو مسافر (حاڪم علي شاهه بخاري)

ياد آهي جڏهن جوانيءَ ۾ ڪنهن سڱيڻي وسيلي ڀائو راز علي گل ڀٽو سان پهرين سڃاڻپ ٿي هئي ۽ پوءِ سانده خطن جو هڪ سلسلو سالن تائين هلندو رهيو. پوءِ ڀانيان ته اهو تَوڻ جي تات يا گھر گرهستي ور چڙهي ويو. ساروڻيون به جڏهين وقت گذرڻ ڪري ڀڀوتجي تحت الشعور ۾ هليون وڃن، تڏهين پوءِ انهن کي يادداشت تي آڻڻ لاءِ سهسين سَينون هڻڻيون پون ٿيون.
چند مهينا اڳ هڪ بي نانءُ نمبر تان موبائل (سَوچلي) سڏيو. کنيم ته ڀاءُ علي گل نئين سر سڃاڻپ ڪرائيندي سمرڻي سوري. سڀ يادون يڪجاءِ ٿي ويون. ان کانپوءِ رکي رکي “سوچلي” رابطو ٿيندو رهيو. ٻه هفتا کن اڳ ۾ (مارچ 2020) ڀائو ڳالهايو. دستوري حال احوال کانپوءِ پنهنجي لکيل هڪ سفرنامي جو ذڪر ڪندي اهو به چيائين ته “ان جا ٻه اکر توهان کي لکڻا پوندا.”
انهيءَ سلسلي ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ڪجھه به سٺو ته ڇا پر سادڙو به لکي ڪونه سگھندو آهيان. پوءِ به نه ڄاڻان ڇو مان نهڪر ڪري نه سگھيس. مسودو ترت مون تائين پهچي ويو. پڙهي ڀانيم ته پڪ ڀائو پهرين ڏينهن کان اهو ارادو ڪيو هو ته انهيءَ سفر جو احوال سفرنامي جي صورت ۾ ڇپرائيندو.
مضمون جو هر جملو نهايت نستونگي ۽ نسچائيءَ سان لکيل آهي. سفرنامي جي آپاڌاپي باوجود وچور ۾ وٿي رهيل نه آهي. سفر دوران جيڪي شيون سندس مشاهدي مان گذريون آهن، انهن جا ڪي تفصيل پنهنجي ملڪ جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڀيٽيندو هليو آهي. احوال جو گھڻو حصو سفر دوران ڏٺل زيارتن جي معمول، ڏيک ۽ رسمن وغيره بابت آهي. مسافت جي مذڪور جي بجاءِ رڳو واکاڻ جي اوڻاين ڳڻائڻ کان به ٽارو ڪونه ڪيو اٿس. مان ڀانيان ٿو ته ايترو ڪجھه لکڻ لاءِ به هن جيترو وقت ۽ ڌيان ڏنو آهي، تنهن لاءِ جس لهڻي.
هڪ لحاظ سان ته فلڪ الافلاڪ ۽ جملي اجسامِ فلڪي به مخصوص نموني سان دائمي سفر/گردش ۾ رهن ٿا پر انسان ته پنهنجي پيدائش کان وٺي ارتقا جي سفر ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان گذريو آهي. هينئر به هر ماڻهو زندگيءَ جو مسافر آهي. منهنجي خيال ۾ گھر ڇڏي ڪنهن ڏورانهين فاصلي تي هڪ يا وڌيڪ راتيون گذارڻ سفر ۾ شمار آهي. سفر جا چار مکيا اسباب آهن: (1) تحقيق يا معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ (2) روح رُچندي لاءِ (3) ڪنهن خاص مقصد لاءِ، ۽ (4) ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري. بهرحال ڪي ٻيا به ننڍا وڏا سبب ٿي سگھن ٿا. سفر ڀلي ڪنهن يا ڪن به سببن جي ڪري ڪجي پر ان ۾ هلندي هلندي سڀ جزا شامل ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي ريت سفرنامو ادب جي هڪ مقبول صنعت رهيو آهي.
تاريخ جي اوائلي دور ۾ ورلي پر وچين ۽ پوئين دور ۾ ڪافي سفرناما لکيا ويا آهن. انهن ليکڪن جو دنيا ۾ وڏو نالو آهي. سندن سفرناما ملڪن جي تاريخ جو لاکيڻو اثاثو آهن. انهن هڪ ملڪ /ولايت کان نڪري ٻِي هڪ يا گھڻين جاين تائين مهينا، سال، گرميون سرديون سهي اڻانگين لاهين چاڙهين، جابلو لڪن لڪين مان گذري پاڻي، بن، بيابان لتاڙي اتان جي ماڻهن، جانورن، فصلن جا قصا ياد ڪري، اوکن ڪارنامن جا احوال ڪٺا ڪري ماڻهن لاءِ معلومات ۽ مزي جو سامان آڇيو. ڀاڳوند هئا اهي عالم ۽ مسافر ڇاڪاڻ جو سندن دور جي دنيا هر لحاظ کان هن وقت جي دنيا کان گھڻي وٿيرڪي هئي. جيترو به وقت سفر ۾ لڳندو هو ان کان وڌيڪ وقت معلومات جي پهچ ۾ لڳندو هو. سندن روايتي لکتون به ماڻهن لاءِ انوکيون ۽ نيون هيون. وقت ڪيترو تيزيءَ سان بدلجندو رهيو آهي. هينئر انهن سفرنامن کان سؤڻي سڌ ۽ سماچار ڏيندڙ مواد جون شَرڪتون [Devices] عام ماڻهن جي کيسن ۾، اڀياس جي ڪمرن ۾، ڪتب خانن ۾ موجود آهن. بس ڳولڻ جي دير آهي هٿن تي پرچه.
مسافت جا چار قسم ڳڻائي سگھجن ٿا: (1) اڪيلائيءَ ۾ (2) دوستن سان (3) رفيقن سان (4) قافلي سان. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا يا ڏک سک آهن، جو جنهن کي ڀانءِ پوي. مون جيڪو ويجھڙائيءَ ۾ پڙهيو سو آهي ڀائو “راز” علي گل ڀٽو جو “نواڙي کان نيشاپور تائين” سو قافلي جو سفر آهي ۽ ان جي اهنج ۽ سهنج جي روداد ڪجھه هيٺين ريت آهي:
قافلي ۾ اٽڪل پنجاهه ڪٽنب شامل هئا، جن جي سفري سنڀال لاءِ هڪ سالار هو. هر ڪٽنب جو پنهنجو مربي يا سرپرست هو. مڙني مسافرن جو مقصد ساڳيو هو. سڀني لاءِ ساڳئي وقت جي سواري ۽ راهه سفر هئي. سڀ ساڳين سفري سهولتن مان مستفيض ٿيندڙ هئا. ڏسڻ لاءِ ماڳ مختلف مفاصلن تي هئا. سامان معمول کان قدري وڌيڪ هو. سواريءَ جي وقتن ۾ بعضي بي ضابطگي ٿي پئي وئي. آجيوڪا جو الڪو دستوري هو. چپي چپي چوک جو ڏاکڙو هو. باقي محسوسات ۽ مشاهدو هر فرد جو پنهنجو هو.


استاد بخاري لائبريري
نزد ريلوي فاٽڪ دادو
30 اپريل 2020ع

پنهنجي پاران

هيءَ ڪائنات، ان ۾ رهندڙ انسان ۽ هر جيوت پنهنجي وجود ۾ اچڻ يا پيدا ٿيڻ کان وٺي پڄاڻيءَ تائين سفر ۾ آهن. هر جيوت جي زندگيءَ جو احوال سفرنامو آهي. جيترو انسان ۽ ان جون تحريرون پراڻيون آهن اوترو سفرنامن جي تاريخ اوائلي آهي. هر انسان جو اٿڻ ويهڻ، هڪ جاءِ کان ٻِي جاءِ، هڪ شهر کان ٻئي شهر يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن اچڻ وڃڻ به سفر آهي ۽ ان سفر دوران ٿيندڙ وارتائن، ڏيک ويک، تاريخ، جاگرافي، ايجادات، موسمن، ماڻهن جي ميل جول، سڀاءُ، کيتن، شهرن، زبان، رسم و رواج سان گڏوگڏ انساني لاڳاپن کي جڏهن ضبطِ قلم ڪجي ٿو ته اهو سفرنامو ٿي پوي ٿو.
سفرنامو هر سفر ڪرڻ وارو ماڻهو نٿو لکي سگھي، جيڪڏهن هر مسافر پنهنجي سفر جي وارتا لکي ته سفرنامن جا انبار لڳي وڃن ۽ دنيا جا ملڪ ۽ ماڻهو هڪٻئي جي اڃا به قريب اچي وڃن ۽ هڪ مستند ۽ لاڀائتي تاريخ جُڙي پوي پر حقيقت ۾ ائين نٿو ٿئي، ڇو ته هر مسافر جون ترجيحات پنهنجون پنهنجون ٿين ٿيون. ٻيو ته هر سياح مسافر ٿي سگھي ٿو پر هر مسافر سياح نٿو ٿي سگھي. جيئن ڪو ڪاروباري مسافر هوندو آهي ته ڪو نوڪريءَ لاءِ مسافري ڪندو آهي، ڪو زيارتي سفر اختيار ڪندو آهي. ڪو وري سير لاءِ سياحت ڪندو آهي. ان ڪري هر مسافر پنهنجي پسند ۽ ضرورت جون شيون ثمر طور هٿ ڪندو آهي. جيڪو ماڻهو سياحت لاءِ مسافري اختيار ڪري ته ان لاءِ اهو بهتر آهي ته هو جنهن علائقي يا ملڪ جو سفر ڪرڻ چاهي ٿو ته اڳواٽ ان ملڪ يا علائقي جي آبهوا، زبان، جاگرافي، حدن، موسم، سفري وسيلن ۽ ٿورو گھڻو اتان جي رسم و رواج جي معلومات ضرور رکي. اڄڪلهه جديد دور ۾ اهڙي معلومات نيٽ تان هر ڪنهن کي آسانيءَ سان ملي سگھي ٿي. اهڙي ريت سفري معلومات آسانيءَ سان لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي. ڪنهن به ملڪ جي سير لاءِ اُسهڻ کانپوءِ سڀ کان اول ان ملڪ جي اجازت نامي جي ضرورت پوندي، جنهن کانپوءِ ان ملڪ جي سڪه رائج الوقت جي معلومات ۽ حاصلات، ان کانپوءِ سفر ڪرائڻ واري ڌُر (ڪمپنيءَ) جي چونڊ ڪرڻ، اهڙي چونڊ ڪرڻ مهل ان سياحتي ڌر جي اڳواٽ معلومات هجڻ ضروري آهي ته ان جي ماحول ۾ ساک ڪيتري سٺي آهي. ان جي مالي حيثيت، ان جو سياحتي تجربو، ان جي اهلڪارن جو سياحتي تجربو ۽ سهڪار ڪيترو پڪو ۽ پختو آهي. اهڙي معلومات هجڻ واري مسافر کي سفر دوران اهنجايون گھٽ ڏسڻ ۾ اينديون آهن. ان ملڪ جي سياحتي معلومات متعلق ڪو ڪتاب ملي ته اهو پڙهڻ ۽ ساڻ ڪرڻ گھرجي. سفر اڪيلي ڪرڻ بجاءِ ڪنهن قافلي يا ساٿيءَ سان گڏ ڪرڻ گھرجي، ڇو ته اهڙي طرح خرچ ۾ ڪي قدر بچت ۽ ڏک سک ۾ حصيداري ٿئي ٿي. سفري ادارا (ٽريول ايجنسيون) سنڌ جي بسن ۽ ويگنن وارن جيان مسافر کي سوار ٿيڻ کان اڳ ۾ ادا، ڀائو، بابا سائين، صاحب ڪري سڏيندا آهن، مگر سوار ڪرڻ ۽ ڪِرائي وٺڻ کانپوءِ سندن اکيون ڪياڙيءَ ۾ ۽ رويو ۽ لهجو ئي بدلجي ويندو آهي. اهڙي ريت سفري ادارن جو به مسافر جو پاسپورٽ هٿ ۾ اچڻ ۽ سواريءَ تي ويهارڻ کانپوءِ ٻوٿ ٻئي پاسي ٿي ويندو آهي. سندن غلطي، زيادتي يا تڪليف بيان ڪرڻ تي ڳالهائڻ بس يا ويگن ڪنڊيڪٽر جهڙو ٿي ويندو آهي. پوءِ پرديس ۾ لڇڻ ۽ پڇڻ فائدي ۾ نه رهندو آهي. جيڪڏهن قافلي سالار يا گڏ ساٿيءَ سان تلخي ٿي وڃي ته گھمڻ جو مزو ئي هليو ٿو وڃي. سفر ۾ لباس ۽ سامان جي وزن جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو. لباس ملڪ جي موسم آهر ۽ لاهڻ پائڻ ۾ آسان کڻڻ گھرجي. سامان جو وزن گھٽ هجڻ جو فائدو اهو هوندو آهي ته هڪ ته سواريءَ کان سواءِ کڻڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي ۽ سنڀالڻ به آسان ٿئي ٿو. سفر دوران ضرورت مطابق ۽ گھٽ کائڻ ۽ ميوي جي استعمال کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. عام ضرورت جون دوائون ملڪ مان کڻي وڃڻ گھرجن، ڇو ته ٻاهرين ملڪن ۾ دوائون ۽ علاج مهانگو آهي. ٻيو ته اوهان جي اصل مقصد يعني سياحتي سفر ۾ خلل پوندو آهي. سفر دوران پنهنجي سنڀال پاڻ کي ڪرڻي پوندي آهي، ڇو ته سفر ۾ هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هوندو آهي. هر جاءِ تي خريداري ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي. اگر خريداري ضروري هجي ته سفر جي آخر ۾ ڪرڻ گھرجي، جنهن جو فائدو اهو آهي ته هڪ سفر دوران مالي ڪمزوري نه ٿيندي ۽ ٻيو ته سامان جي وزن جو مسئلو نه ٿيندو. خاص طور تي هوائي ڪمپنيون مقرر وزن کان وڌيڪ سامان لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون آهن ۽ عين پرواز وقت اهڙي مسئلي تي پريشاني ٿيندي آهي. مسافر ڪمپنين وارا مختلف حيلن بهانن سان بچت ڪرڻ خاطر مسافرن لاءِ تڪليفون پيدا ڪندا آهن. مثال طور: سستيون سواريون، سستا هوٽل، غيرمعياري سستا کاڌا کارائڻ يا سفر دوران ويلا بچائڻ، اهي معاملا معاهدي وقت طئي ڪرڻ گهرجن. سياحت دوران معلومات کي مُيسر ڄاڻ سان ڀيٽڻ يا پرکڻ گھرجي جيئن اڳتي صحيح ڳالهه وڌائي سگھجي.
سفر ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ شوقيه ۽ زيارتي ۽ ٻيا معلوماتي ۽ سياحتي. بهرحال سوچڻ ۽ سمجھڻ واري لاءِ هر سفر ڪارائتو هوندو آهي. اسان جو سفر زيارتي سان گڏ معلوماتي به هيو. ان ڪري اسان پنهنجي وس آهر ٻئي مقصد ماڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ هي سفر نالي ۾ ٻن ملڪن جو سفر هيو. ليڪن ٻئي طرف ٻن تهذيبن ۽ زبانن جو سفر هيو. ڇو ته تاريخ ۾ ايران ۽ عراق جي تهذيب ۽ زبانن، عربي ۽ فارسيءَ جو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت تي وڏو اثر رهيو آهي ۽ آهي به. ڇو ته بغداد جي خلافت ۽ ايراني نادرشاهي صدين تائين اسان جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ تي هسوار رهيون آهن. نواڙي کان گمبٽ، ڪراچي، دبئي ۽ اتان وري نجفِ اشرف جو سفر ڄڻ سنڀلڻ ۾ گذريو، ڇو ته سفر جو اصل مقصد ته نجف اشرف پهچي شروع ٿيو، جو کُلي گھمڻ، ڏسڻ ۽ ملڻ جي ابتدا اتان ٿي. ٻڌل دبئي ۽ ڏٺل دُبئي، ٻُڌل ۽ پڙهيل نجف کان ڏٺل نجف بلڪل مختلف هيا، ڇو ته تصوراتي عڪس ۽ حقيقي منظر الڳ الڳ اثر رکن ٿا. پراڻو ڪوفو هاڻي نجف ۾ گم ٿي ويو آهي. ابن زياد جي فرمان روائي نجف جي قبرستان وادي سلام ۾ غرق ٿي وئي. چوڏهن سؤ سال اڳ واري نجف يا ڪوفي جو ٻڌل منظر، ڏٺل نجف جي حقيقت کان بلڪل مختلف لڳو. نبين، اوليائن، امامن، عالمن جو هي شهر اهل نظر لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. دين ۽ دنيا جون وڏيون وڏيون حقيقتون هن شهر سان وابسته آهن. اڄڪلهه نجف کان 85 ڪلوميٽرن تي موجود جديد ڪربلا ايڏو پري ته ڪونهي، ليڪن چوڏهن صديون اڳ ۾ جڏهن ظالمن جي هٿ ۾ اگھاڙن پٺن جي اٺن جون واڳون هونديون هيون ۽ انهن اگھاڙن پٺن تي سوار مظلوم ٻارن ۽ عورتن اهو 85 ڪلوميٽرن جو سفر ڪيڏي اذيت سان طئي ڪيو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ انهن مظلومن کان سواءِ ٻئي جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪٿي حيدر ڪرار جو گھر، ڪٿي مسجد ڪوفه جي هيبت، محسوس ته ڪري سگھجي ٿي ليڪن بيان ڪرڻ وس ۾ ناهي. ڪربلا ۽ڪوفيٰ جو درمياني علائقو اڄ به گھڻي ڀاڱي اجاڙ آهي.
گلن لاءِ ڪالهه وڙهياسي ڪنڊن سان
انهن ئي گلن آ ڪئي سنگ باري.

مقدس زيارتن کان علاوه باقي ڪربلا بدلجي هڪ جديد شهر بڻجي چڪو آهي. چوڏهن صدين کان پوءِ اها تبديلي ته لازمي آهي، ليڪن ڪربلا جو بنياد وجھندڙن جي سيرت جو اثر هتي رهندڙ جديد دور جي ماڻهن تي تمام گھٽ آهي. تاريخ جي دَز انساني سينن تي جلدي ڄمي وڃي ٿي. نجف ۽ ڪربلا جي درميان ۽ انهن جي آس پاس، امام زادن، سيد زادن، معصومن ۽ امامن جون مزارون ڪربلا ۽ نجف کي اڄ به دوام بخشي رهيون آهن. نجف ۽ ڪربلا جي موسم ۽ ماڻهو اڄ به سخت مزاج آهن.
صحتمند دل و دماغ لاءِ سير و سياحت ضروري آهي. جيڪڏهن وسائل ۽ وقت اجازت ڏين ته ان لاءِ پيسو پاسيرو ڪري رکجي. اهڙي طرح جيئن يورپ جا اڪثر ماڻهو ڇهه مهينا ڪمائيندا ۽ ڇهه مهينا سياحت ڪندا آهن. ضروري ناهي ته ٻاهرين ملڪن جي سياحت ڪجي. گھمڻ ڦرڻ، ڏسڻ لاءِ پنهنجي سنڌ ۾ به گھڻو ڪجھه موجود آهي، رڳو اک پٽڻ جي ضرورت آهي. جدت اچڻ کانپوءِ سنڌي لوڪ مان سياحت ائين ڇڏائي وئي آهي، جيئن سنڌ جي تعليمي نصاب مان سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
هونئن به سفر وسيلهءِ ظفر هوندو آهي، شرط اهو آهي ته سفر جو رخ صحيح هجي. ها ته، عراق جي بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۽ تمدن به ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي به عراق جي سرحدن اندر ئي آهن. آل محمد ﷺ جي نالي ۾ خلافت حاصل ڪرڻ وارن عباسي خليفن به اڳتي هلي آل رسول ﷺ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو هو. جيڪڏهن ماضيءَ ۾ چنگيز خان، هلاڪو خان، تاتاري، سلجوقي، ساساني عراق ۽ بغداد تي حملو ڪري قتلِ عام نه ڪن ۽ ڪتب خانا نه اجاڙين ها ته اڄ عراق ۽ ان جي تهذيب جو اوج ڪجهه ٻيو هجي ها. جيڪڏهن ماضيءَ جي تاريخ عراق جي چپي چپي ۾ دفن آهي ته ان جون سرحدون به وقت به وقت سُسنديون ۽ اينگھنديون رهيون آهن. جيڪڏهن تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ڪبو ته عراق ڪربلا جي واقعي کانپوءِ گھڻو تڻو مصيبت زده رهيو آهي. ان ڪر ي مادي ترقيءَ ۾ هميشه پوئتي رهيو آهي. دجله ۽ فرات جو مالڪ ملڪ عراق اڄ به زرعي طور گھڻو پوئتي آهي. سامره، ڪاظمين، مدائن، بغداد، بصره، نجف ۾ تيل کان علاوه عراق جي گُم ٿيل تاريخ به دفن آهي. اسان لاءِ جيترو يورپ گھمڻ مهانگو آهي، اوترو ئي ايران، عراق جي سياحت سولي ۽ سستي آهي. هتي اسان لاءِ کائڻ، پيئڻ، لباس ۽ رهڻ جو به هروڀرو ڪو مسئلو نٿو ٿئي، نه ته وري ڪي ايڏا خاص انتظام ڪرڻا پون ٿا.
لکڻ ۽ پڙهڻ ڄڻ ته هڪٻئي جا جاڙا ڀائر آهن. پڙهڻ لکڻ جو بنياد آهي ته لکڻ پڙهڻ جو محافظ آهي. هڪٻئي سان اهڙو جڙيل هجڻ ڪري انهن جي مسلسل مشق ڪرڻ لازمي آهي. دنيا ۾ ڪي ڪم اهڙا هوندا آهن، جن ۾ ننڍي يا وڏي ساهي پٽڻ سان ان ڪم تي ڪو اثر نه پوندو آهي، مگر لکڻ ۽ پڙهڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو جيڪڏهن روزانو جاري نه رکيو وڃي ته ان ۾ گھاري يا سُستي اچي وڃي ٿي. اهڙي ريت ايران، عراق جي سفر تان موٽڻ کانپوءِ اهو سوچي سفر جي ساهي پٽي ته سفرنامي کي اتاري وٺندس مگر وقفي وارو آرس وڌندو ويو. اڄ سڀاڻي تي ٽرندڙ ڪم ڊگھو ٿيندو ويو. جولاءِ 2019ع ۾ مون کي “نواڙي کان نيشاپور تائين” جي عنوان وارو سفرنامو پورو ڪرڻو هيو. سو ڪم جولاءِ کان جنوري 2020ع تائين طويل ٿي ويو. بهرحال اندر ۾ هر وقت اهو کٽڪو رهيو ته هڪ اهم ڪم ڪرڻ کان رهيل آهي. خاص سٽون ۽ ياد ڳالهيون ته ڪيترن ئي سفرن جون لکيون آهن مگر مڪمل سفرنامو ڇپائڻ جي خيال سان منهنجي هيءَ پهرين تحرير آهي. سفرناما لکڻ لاءِ جتي سفر ڪرڻ ضروري آهي اتي سفرناما پڙهڻ به اوترو ئي لازمي آهي. مون به پنهنجي زندگيءَ ۾ واسڪوڊيگاما، مارڪو پولو، سندباد سيلانيءَ جا سفرناما ته پڙهيا آهن مگر هاڻوڪي سنڌ جي مشهور سياح ۽ سفرناما ليکاري محترم الطاف شيخ جا به ڪافي سفرناما مطالعي هيٺ آندا آهن، جن ذهن ۾ سفرناما لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق پيدا ڪيو. هي ننڍڙو سفرنامو ان ذوق جو ظهور آهي. اسان جي سونهاري سنڌ ۾ سفر ملڪي يا غير ملڪي تمام گھڻا ئي ڏاها ماڻهو ڪن ٿا، مگر انهن سفري حالات ۽ واقعات کي قلم سان قيد ڪرڻ وارو عمل ڪو ڪو ڪري ٿو. ٿي سگھي ٿو فني لحاظ کان منهنجي هن تحرير ۾ ڪيئي جهول هجن، مگر مون ايمانداراڻي ڪوشش ڪندي جيڪو جيئن ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ٻڌو سو جيئن جو تيئن پني تي پلٽيو آهي. منهنجي هر دوست کي اها ادنيٰ التماس آهي ته هو جيڪو به سفر ڪن، ان جون وارتائون ۽ مشاهدا قلمبند ڪن. اها پڙهڻ واري قاريءَ لاءِ معلومات ۽ تاريخ ٿئي ٿي. اهڙيون تحريرون نَون مسافرن لاءِ راهنما ٿين ٿيون.
هونئن ته انسان جي پوري زندگي هڪ اڻ ڏٺي منزل جو سفر آهي، جيڪڏهن سموري ڪٿا کي ڪٺو ڪجي ته علم جي هر شعبي جو هڪ وڏو ذخيرو گڏ ٿي وڃي، جيڪو اچڻ وارن نسلن لاءِ پُر پيچ پيچرن جو پارکو بڻجي پوي مگر هي ڪم ڏسڻ ۾ جيترو سولو نظر اچي ٿو، لکڻ ۽ ڪرڻ ۾ اوترو ئي ڏکيو آهي، ڇو ته لکڻ لاءِ اٽل ارادو، وقت جي پابندي، يادگيرو ۽ سچ ڳالهائڻ جي همت هجڻ نهايت ضروري آهي. اهي گڻ وري ڪنهن ڪنهن ۾ ٿين ٿا. لکڻ پڙهڻ شوق جو محتاج آهي ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ وري ڪنهن هُنر جي ضرورت آهي. ضروري ناهي ته اهو هنر هر ڪنهن کي اچي. بهرحال حسبِ توفيق سفري لاهن چاڙهن، ڏکن سورن، ڏيک ويک، موسم، ماحول، رهڻي ڪهڻي، تاريخ، جاگرافي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي متعلق ٿورو گھڻو لکڻ ضرور گھرجي جيڪي ذوقين پنهنجو رونامچو لکڻ جا هيراڪ آهن، انهن لاءِ ته سفرنامو لکڻ نهايت ئي آسان آهي. ان ڪري اڄ سوڌو اسان تائين جيڪو علم ۽ ايجادات استعمال هيٺ آهن، ان سموري عمل ۾ لکارين جو دخل آهي. قصا، ڪهاڻيون، ذڪر اذڪار به خود سفرنامي جو حصو آهن.
ايران، عراق جو هر مسافر مختلف سببن جا سفر ڪري ٿو. ڪو عقيدي جي ڪري عازمِ سفر ٿئي ٿو. ڪو سياحت جو سعيو رکي ٿو. منهنجو سفر ٻنهي مقصدن تي ٻڌل هيو. منهنجي خيال ۾ هن سفرنامي ۾ ڪافي ڪَميون ڪوتاهيون رهجي ويون آهن. وقت جي ڪميءَ جي ڪري ڪافي ماڳ مڪان ڇڏڻا پيا. ٻيو قافلي سان گڏ هجڻ ڪري انهن جي حال تي هلڻو پيو پوي، هو ته منهنجي حال تي هلي نه پيا سگھن. ڇو ته قافلي ۾ ڀانت ڀانت جا همسفر هئا، ان ڪري هر ڪنهن جو ذوق ۽ خيال پنهنجو هيو. مثال طور ٻلهڙيجيءَ جا چار دوست به گڏ هئا. جڏهن بغداد ۾ حضرت غوثِ اعظم جي زيارت لاءِ بس مان لهون پيا ته اهي مون کي چون پيا ته ڪاڏي ٿا وڃو. ڇا رکيو آهي ايڏانهن ۽ پاڻ سمورو وقت بس ۾ ويٺا رهيا. ان ڪري چوندا آهن ته پسند پنهنجي پنهنجي، خيال پنهنجو پنهنجو. ڪن سياڻن جو اهو به چوڻ آهي ته گھڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو ڀلو آهي. کائجي جيترو جيئڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ڏسجي ايترو جيترو ڏسي سگھجي يا موقعو ملي. ان مشق ڪرڻ سان علم ۽ عقل ۾ اضافو ٿئي ٿو. اهو به تجربو ٿيو ته قافلي سان گڏ سفر ڪرڻ سستو ۽ اڪيلو سفر ڪرڻ مهانگو پوي ٿو. قافلي سان اڪيلائيءَ جو احساس نٿو رهي. اڪيلي سفر ڪرڻ سان اوهان پنهنجي مرضيءَ سان گھمي ۽ رهي سگھو ٿا.
عراق جو سفر پورو ڪري جڏهن شام جو عراق ايران جي مهراڻ سرحد تي پهتاسي ته سرحد پار ڪرڻ مسئلو ٿي ويو. عراقي سرحدي عملدارن روڪي ورتو. روڪڻ جا اسباب اڳتي لکي چڪو آهيان. عراقي سرحد مون کي پاڪستان جو تفتان وارو علائقو لڳي رهي هئي، رڳو ويراني ئي ويراني هئي. دفتري ڪيبنن کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه هيو. ٽن کان چئن ڪلاڪن جي ڪوفت واري انتظار کانپوءِ ڏيتي ليتيءَ بعد سرحد اُڪرڻ ڏني وئي. انتظامي سلوڪ پاڪستاني انتظاميا جهڙو لڳي رهيو هيو. بهرحال سرحد اُڪرڻ بعد اطمينان ٿيو. بسن مهراڻ سرحد کان قم تائين جو سفر ٻارهن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. قم جو جمال الدين دروازو اسان جي بسن جي آخري منزل هو. صاف سٿري شهر کي ڏسي دل خوش ٿي. قم ايراني انقلاب جي رهنما علامه آيت الله خمينيءَ جو اباڻو شهر آهي. قم شهر سان گڏ صوبو به آهي. هتي تمام گھڻا مذهبي ۽ سياحتي ماڳ آهن، جنهن لاءِ گھمڻ خاطر وافر وقت گھرجي. هن تاريخي شهر جي هڪ الڳ قدامت آهي. ايران ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ زبان کان سواءِ باقي ٻي اجنبيت وارو احساس ختم ٿي ويو. گھڻيون شيون پاڪستان سان ملن جلن ٿيون. قم ۾ رهڻ دوران اسان پاڻ کي گھڻو هلڪو ڦلڪو محسوس ڪيو. قم کان تهران جو بس ذريعي ڏيڍ کان ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. جڏهن ته قم ۾ ريل ۽ هوائي جهاز جي سهولت به آهي. قم جيان تهران به پهاڙن جي جھول ۾ آهي. تهران جديد ۽ قديم روايتن جو امين آهي. هي ايران جو دارالخلافه آهي. هن شهر پهلوي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ جو دور ايران ۽ تهران جي ترقيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
ايران جي مذهبي، هنري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ الڳ اهميت آهي. ايران جا پنهنجا مُلڪي سرحدي علائقا گھڻي ڀاڱي سر سبز ۽ آباد آهن. ايران کي پنهنجو ريلوي، فضائي ۽ مضبوط بحري نظام آهي. عام خبرون آهن ته ايران جوهري طاقت ٿيڻ جي بلڪل ويجھو آهي. ايران جي ملڪي معيشت ۾ سياحت جو به اهم حصو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين سياح هر سال ايران اچن ٿا. ايران جي هر وڏي شهر جي بازار نئين ۽ پراڻي تهذيب جو امتزاج نظر اچي ٿي. جتي ايراني آباديءَ جي اڪثريت مسلمان آهي، اتي ٻين مذهبن جا ماڻهو به آزاديءَ سان رهن ٿا. ايران ۾ اعليٰ تعليم جا جديد ۽ قديم تعليمي ادارا موجود آهن، جن ۾ خاص طور تي پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد تعليم پرائي رهيو آهي. ايران جي معيشت کي ڇهه ساله ايران عراق جنگ ۽ آمريڪي معاشي پابندين وڏو ڌڪ رسايو آهي.
تادم تحرير دنيا ۾ پکڙيل وبا ڪرونا وائرس به ايران جي عوام جون هڪ هزار کان به وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي. ايران جتي صنعتي ترقيءَ ۾ ڀڙ آهي، اتي زرعي حوالي سان به ڪافي اڳڀرو آهي. هونئن ته سمورو ايران ڏسڻ جهڙو آهي ليڪن خاص طور تي تهران، قم، نيشاپور، مشهد، زاهدان، ايراني آذربائيجان، مروند، شيراز، طوس، تبريز ضرور گھمڻ گھرجن. اصفهان ايران جوا يترو خوبصورت شهر آهي جو تاريخدانن ۽ سياحن ان کي “نصف جهان” يعني “اڌ جهان” سڏيو آهي. هي باغن ۽ خوبصورت عمارتن جو شهر آهي.
بهرحال وس ۽ وِت آهر سير و تفريح، صحت ۽ علم لاءِ نهايت ضروري آهي. سياحت جي حوالي سان ايران نهايت ئي سڻائو ۽ سولو ملڪ آهي، رڳو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي معاشي پابندين کان مجبور آهي، ورنه ايران جي سياحت تمام سستي آهي، ڇو ته اسان جو رپيو ايراني دينار کان مٿانهون آهي. باقي قارئين، هن سفرنامي جي مطالعي کانپوءِ راءِ جو اختيار اوهان کي آهي، جيڪا جهڙي به هوندي، آئون ان کي رهنمائي سمجھي اکين تي رکندس.
آئون ٿورائتو آهيان پنهنجي ڪٽنب ۽ ساٿي مسافرن جو، خاص طور تي عابد حسين راز، ساجده راز جو جن هن سفر کي ممڪن بنايو ۽ سفرنامي لکڻ ۾ سهڪار ڪيو. احسان مند آهيان سائين الطاف شيخ جو جنهن قرب ڪري مهاڳ لکڻ جي مهرباني ڪئي. ان سان گڏ لک لائق سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جا جنهن هن عمر ۾ چار قيمتي گھڙيون ٻه اکر لکڻ ۾ سيڙايون. خاص احسان منهنجي ربّ سائين جا جنهن سفر جي توفيق ڏني، صحت عطا ڪئي ۽ مون کي هي سفرنامو لکڻ جي سگھه ڏني.
چڱو، موڪلاڻي ناهي. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت


“راز” علي گل ڀٽو

“راز” گھراڻو،
اسٽيشن روڊ، باءِ پاس گمبٽ
03008314805

نِواڙي کان نيشاپور تائين

---

الله تو آهر

سياڻن جو چوڻ آهي ته حياتي علم سواءِ اڌوري آهي ۽ علم جو خزانو وري مشاهدي سان مالامال ٿئي ٿو. انسان جي سموري زندگي سفر آهي. جيڪڏهن ڪو سمجھُو پنهنجي زندگيءَ جي سموري وهنوار کي ويچار هيٺ آڻي، ان جي مطالعي، مشاهدي، حالات، واقعات ۽ تجربن کي قلم جي قبضي ۾ آڻي پني تي پٿاري ته گھڻن علمن جو خزانو جمع ٿي سگھي ٿو. زندگيءَ ۾ هر ڪوئي ننڍو وڏو، ملڪي غير مُلڪي سفر ڪري ٿو. مگر ان مان معلومات جا موتي ميڙڻ ۽ ڄاڻ جي کاڻ کي مستقبل جي قاريءَ لاءِ محفوظ ڪرڻ وڏي جُهد جو ڪم آهي، جيڪو جُهد ڪو باذوق ئي ڪري سگھي ٿو.
تعليم حاصل ڪرڻ دؤران، ابنِ خلدون، سندباد سيلانيءَ سان گڏ واسگوڊيگا ما جا سفرناما پڙهياسي. ستر جي ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين سنڌ جي جهازي ناکئي محترم الطاف شيخ جا پندرهن کن ننڍا وڏا سفرناما نظر کان نڪتا، جن جي ڪري سفرنامو لکڻ تي دل اتساهيو. هن مختصر حياتيءُ ۾ وسائل ۽ رسائل جي اڻاٺ جي ڪري غير ملڪي سفر ڪرڻ جو موقعو يا موقعا گھٽ مليا، مگر ملڪ پنهنجي کي گھڻي ڀاڱي گھمي ڏٺو آهي. انهن مختصر سفرن يا چڪرن کي گھڻي ڀاڱي قلمبند به ڪيو آهي پر اهي زندگيءَ جا باب اڻ ڇپيل ئي ڪاغذن ۾ قيد رهجي ويا.
جڏهن منهنجي نياڻيءَ ساجده راز ڀٽو زيارتن جي خيال کان ايران ۽ عراق هلڻ لاءِ چيو ته اندر وارو ستل سياح آرس ڀڃي اٿي پيو. تياريءَ دؤران گھر جي باقي ڀاتين پڻ ان سفر ۾ ساٿ رهڻ جو پُرجوش خيال ڏيکاريو. انهن ساٿين ۾ منهنجي جيون ساٿياڻي خالده راز ڀٽو، ننڍي نياڻي شاهده راز ڀٽو ۽ ننڍو پٽ ساجد حسين راز ڀٽو شامل هئا. مالي سهڪار جي ذميواري وڏي پٽ عابد حسين راز ڀٽو ۽ نياڻي ساجده راز ڀٽو پنهنجي کيسن تي کنئي. مئي 2019ع ۾ رهيل ڀاتين جا پاسپورٽ ٺهرائي ورتاسين. عابد راز ڪراچيءَ جي هڪ سياحتي اداري “ڪاروان اصحاب حسين” سان مالي ۽ سفري معاملا طئي ڪيا. هي ادارو ڪراچيءَ جي انچوليءَ واري امام بارگاهه سان لڳ آهي. انهيءَ کانپوءِ ايران عراق جي ويزا ۽ هوائي جهاز جي روانگيءَ جي پڪي تاريخ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڳالهايو سي. واضح هجي ته عابد راز جو هن سفر ۾ گڏ نه هجڻ جو سبب سندس نوڪري هئي، ڇو ته سندس نوڪري ايئر فورس ۾ آهي ۽ ملڪ جي سرحدن تي ڇڪتاڻ جي ڪري کيس موڪل نه ملي سگھي هئي.
ڏينهن گذرڻ سان سفر جو سعيو ستائيندو رهيو. اسان سڀني لاءِ هي نئون سفر هيو، ان لاءِ اُڻ تُڻ فطري هئي. انهيءَ سوچ ۾ رمضان گذري ويو. مٿان عيدالفطر اچي وئي. عيد واري رات جو قافلي جي سالار اطلاع ڏنو ته ڏهين ۽ يارهين جون 2019ع واري رات جو چئين وڳي فلاءِ دبئيءَ جي جهاز ۾ اسان جون جايون محفوظ ٿيون آهن. ان حساب سان اسان کي ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي پهچڻو هيو، عيد ڳوٺ درگاهه نواڙي شريف ۾ پڙهي، يارن دوستن ۽ عزيزن سان عيد ملي موڪلاڻي ڪئي سي.
ڏينهن ٿورا هئا سفر طويل ۽ پري جو هيو، ان لاءِ تياريءَ جا مرحلا ۽ معاملا تيزيءَ سان اڪلائي رهيا هئاسي.
سفر ۽ موسم جي حساب سان ضروري دوائون ۽ ڪجھه ڪپڙن جون هڙون ٻڌيون سي. سفر کي آسان بڻائڻ لاءِ سامان گھٽ وزن وارو کڻي رهيا هئاسي، ڇو ته گھڻو يا وزني سامان لاهڻ چاڙهڻ ۽ هتان کان هُتي رکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. عيد گذري، تياريءَ ۾ خبر ئي نه پئي ته ڏهين جون جو ڏينهن به پنهنجي واري سان سهڪندو اچي پهتو. ڪار ۾ سامان رکي، گھر کي تالا هڻي چاٻيون پاڙي وارن جي حوالي ڪري خير سان ڪراچيءَ لاءِ گمبٽ کان الله توآهر چئي روانا ٿياسي، گاڏي ساجد راز هلائي رهيو هو. جوان خون جوش مان گاڏي تيز هلائي رهيو هيو، اسان عمر جي ٽپهريءَ تي پهتل! احتياط جو احترام ڪندي جوان مڙس کي گاڏي مناسب رفتار سان هلائڻ جو چيم.
گمبٽ کان ڪراچيءَ تائين پهچڻ جي سفر ۾ خيالن جي ڊُڪ ڊوڙ ۽ سوچن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هيو، هيئن هوندو، هونئن ٿيندو، خيالي منظر نگاري ۽ چترڪاري ذهن جي پردي تي ڪنهن دلچسپ فلم جيان هلي رهيون هُيون. ڪراچي ايندي ئي اها دلچسپ فلم ڄڻ اڻپوري ئي پوري ٿي وئي. چئين وڳي ڌاران ڪراچي ٽول پلازا کان وايا ملير ڇانوڻيءَ وارو رستو وٺي شاهراهه فيصل ذريعي فيصل ايئربيس تي پهچڻو هيو، جتي عابد راز اسان جو انتظار ڪري رهيو هيو، مگر ساجده راز گوگل تي رستي ڏسڻ ۾ غلطي ڪئي، جنهن ڪري فيصل ايئربيس وارو موڙ اڳتي ٽپي وياسي. رستي ۾ ڪو ٻيو موڙ به نه هيو، آخر ڊفينس فيز 6 اقراءَ يونيورسٽي واري موڙ کان موٽياسي. ان اوٽ موٽ جي خفي ۾ مُني ڪلاڪ جو وقت زياده لڳي ويو. ان کي چوندا آهن “تِر جي گُٿي سؤ چوٽان کائي.” خير سان فيصل ايئربيس پهتاسي ته عابد راز آجيان سان وارثي ڪئي. هٿ منهن ڌوئي تازا توانا ٿي منجھند جي ماني کاڌي سي. ڪجھه دير ڪچهري ڪري ايندڙ سفر لاءِ صلاحون ڪيون ۽ معلومات ونڊي سي. قافلي سالار سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته پرواز چئين وڳي رات جو آهي مگر اسان کي ٻارهين وڳي تائين هوائي اڏي تي پهچڻو آهي، ڇو ته پنجاهه کان وڌيڪ مسافرن جو قافلو آهي، جن جي سامان ۽ ڪاغذن جي تپاس لاءِ الاهي وقت گھربو.
هوائي اڏي تي پهچي گاڏيءَ مان سامان لاهي کيس هلڪو ڪيو سي. ايتري ۾ قافلي سالار جو نمائندو هاشم مليو، جنهن جي هٿ ۾ ڊائري، قافلي جو جھنڊو ۽ ڳچيءَ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ لڙڪي رهيو هيو، ڪجھه ٻيا مسافر به ايندا ويا. انهن سڀني کي هاشم ڳلي ۾ لڙڪائڻ وارا سڃاڻپ ڪارڊ، قافلي جو نالو ڇپيل هٿ وارو ٿيلهو ۽ ڳاڙهي ڪپڙي جو ڇپيل رومال ڳچيءَ ۾ پائڻ لاءِ ڏئي رهيو هو. انهن ڳالهين سان قافلي جي نالي ۽ مسافرن کي هڪٻئي کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملي رهي هئي. آهستي آهستي مسافر گڏ ٿيندا ويا. انهيءَ دوران هاشم ۽ سندس ٽوليءَ نوحا، نعتون ۽ قصيدا به چوڻ شروع ڪيا. ڪلاڪ کن انهيءَ دؤران گذري ويو. نيٺ ٻين وڳي ڌاران پهريون دروازو پار ڪرڻ جو اجازت نامو ملي ويو. ڇڙوڇڙ بيٺل مسافر معتبراڻي انداز ۾ قطار ٺاهي اندر داخل ٿيڻ لڳا. انهيءَ دؤران دروازي جي اندران پيسا تبديل ڪرڻ جو هڪ ئي ننڍڙو دڪان کليل هيو، جتان عراق جا پيسا مٽاياسي ۽ ڪجھه ڊالر ورتاسي. هڪ هٽيءَ جي ڪري پيسا بدلائڻ وارا وڏا نخرا ڪرڻ لڳا. ان ڪري نَون مسافرن کي اها مفت ۾ صلاح آهي ته پيسن تبديل ڪرڻ وارا خفا اڳواٽ بازار يا بينڪن ذريعي ئي اڪلائي ڇڏجن ته بهتر آهي. ان سان هوائي اڏي واري وٺ وٺان جي خواريءَ کان بچي سگھجي ٿو. ڇو ته پاڪستاني رپيا هوائي اڏي تي ويٺل آڙهتين ذريعي درهمن، تمن، ريالن ۽ ڊالرن ۾ تبديل ڪرائيندي خوار ٿيڻو پوي ٿو. بهرحال جاچ واري قطار ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳاسي. ڪاغذن ۽ سامان جي تپاس الڳ الڳ ٿي رهي هئي. انهيءَ دوران ڪنهن افواهه اٿاريو ته اميگريشن وارا هر قسم جي پيسن ۾ ڏهن هزارن کان وڌيڪ کڻي وڃڻ نٿا ڏين. ان تي مسافرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. مسافر هڪٻئي ۾ پيسا ورهائڻ بعد وڪرو ڪري رهيا هئا. وٺ سٺ ٿي وئي مگر حقيقت ۾ ڪو به اهڙو واقعو پيش نه آيو. گھڙي کن لاءِ ماحول ائين ٿي ويو ڄڻ ڪا امدادي رقم ورهائجي رهي هئي.
بهرحال تپاس جو مرحلو خير خوبيءَ سان پورو ٿي ويو. اتان واندا ٿي انتظار گاهه ۾ وڃي ويٺاسي. اسان جي انهيءَ مصروفيت ۾ وقت جو سفر جاري رهيو ۽ جهاز ۾ سوار ٿيڻ جو اعلان ٿيو. هڪدم قطار بڻائڻ سان اسان جو مهذب پڻو شروع ٿي ويو. ورنه پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به جاءِ تي پيهه ڪرڻ، اڳتي وڌي اڳ ڪڍي سوار ٿيڻ يا ڪجھه وٺڻ کي به اسان همت ۽ بهادري سمجھندا آهيون. جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم هوندو آهي ته اسان جي شيءِ يا جاءِ اسان لاءِ انگن سان اڳيئي محفوظ آهي مگر بسن، ريلن ۽ ملڪ جي اندروني پروازن ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پيهه ڪري، ڌڪا ڏيئي هڪ ٻه جھيڙو نه ڪريون ته ڄڻ اسان پاڪستاني ناهيون. اسان جي اهڙي روش کي ڏسي اڪثر غير ملڪي پڇندا آهن ته ڇا اوهان پاڪستاني آهيو؟ ڄڻ بي ترتيبي اسان سڃاڻپ آهي. خير اهو هيو اسان جو روايتي تذڪرو.
هلندي قطار ۾ اچي فلاءِ دبئي جي جهاز ۾ داخل ٿياسي ۽ پنهنجون جايون ڳولي ويهي رهياسي. ويهڻ کانپوءِ آسپاس جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿيو ته فلاءِ دبئي وارا جهاز سنڌ جي اڳين سرڪاري بسن جهڙا آهن، جيڪي ڄڻ زمين بجاءِ هوا ۾ هلي رهيون آهن. جهاز جو اندروني منظر پورو سارو هيو، بهرحال، چالو ٿيڻ کانپوءِ جهاز مسافرن سميت هوا جي حوالي ٿي ويو. لوڏا کائيندو، آسيرو پاسيرو، هيٺ مٿي ٿيندو، ڊيڄاريندو پر جهاز هلندو رهيو. هيءُ ڪراچيءَ کان دبئيءَ تائين جي ٻن ڪلاڪن جي پرواز جو پهريون حصو هيو. جنهن دؤران هلڪي ڦلڪي نيرن ڏني ويئي، جيڪا صرف گذاري لاءِ هئي. ان کان اڳ ۾ قافلي جي وقتي اڳواڻ مسافرن تي رعب رکڻ ۽ ٿورو ٿڦڻ لاءِ ٻڌايو هيو ته جنهن مسافر جي ڳچيءَ ۾ قافلي جو ڪارڊ، رومال ۽ هٿ وارو ٿيلهو نه هوندو ته ان کي نيرن نه ملندي، ڇو ته قافلي وارن پنهنجي طرفان نيرن جو انتظام ڪيو آهي. ليڪن جڏهن نيرن تقسيم ٿي ته سموري جهاز جي باقي مسافرن کي به نيرن ملي. ان مان معلوم ٿيو ته اها هڪ ڊاڙ هئي. هاشم جي ان ڪوڙ واري رويي مان اهو به پتو پيو ته هو روحاني نه مگر هڪ ڪاروباري نمائندو هيو، باقي نوحا ۽ قصيدا ڳلو ڦاڙي وڏي آواز ۾ چئي ۽ نعرا هڻائي رهيو هو. جهاز ۾ ٿائيلينڊ جي هڪ قدآور ڇوڪري، هڪ نائيجيرين اڌڙوٽ مائي ۽ هڪ آفريڪي مرد اسان جا ميزبان هئا. جهاز ۾ ڪپتان يا معاون ڪپتان طرفان صرف عربي يا عربي لهجي ۾ انگريزيءَ ۾ اعلان ٿي رهيا هئا، جيڪي سمجھه ۾ گھٽ اچي رهيا هئا. جهاز ۾ رکيل اخبارون ۽ رسالا به ٻه ٽي مهينا پراڻا هئا.
هي ٽرانزٽ (ساهيءَ) واري پرواز هئي، جنهن کي دبئي هوائي اڏي تي ڇهه ڪلاڪ بيهڻو هيو، ان ساهيءَ لاءِ جهاز ساڍي ڇهين وڳي ڊوڙ ميدان تي هڪ جھٽڪي سان لٿو ۽ ميدان کي ڪنهن چور عاشق جيان ڊڪندو ۽ چمندو چار ميل کن مفاصلو طئي ڪري اچي ڪنهن ڪنڊ ۾ سهڪي بيٺو. ڊوڙڻ مهل جهاز ٻين جهازن کي ائين پوئتي ميدان تي ڇڏيندو ويو جيئن ڪو ڳوٺاڻو ڪتو رستي سان ويندڙ ڪنهن موٽر سائيڪل يا ڪار يا گاڏيءَ سان ڊڪندو ڪنهن حد کانپوءِ ٿڪجي بيهي رهندو آهي. جهاز کي ڏاڪڻيون لڳيون، خير جو ڪلمو پڙهي ڏاڪڻين تان لهي اچي انتظار ۾ بيٺل بس ۾ چڙهياسي، جيڪا پڻ ڪنهن ڪاوڙيل معشوق جيان منٽن ۾ ڦيرو ڏئي اچي انتظار گاهه جي در تي بيٺي. لهي اندر داخل ٿياسي. ضروري قانوني تپاس کانپوءِ اچي انتظارگاهه جي اسٽيل وارين ڪرسين تي ويٺاسي. هي دبئيءَ جي هوائي اڏي جو پراڻو پاسو آهي. ضرورت جي هر شيءِ اتي موجود هئي. سالار ٻڌايو ته چئن ڪلاڪن جي ساهيءَ کانپوءِ جهاز نجف اشرف عراق لاءِ اڏامندو. تپاس وارو عملو اخلاقي طور سخت گير هيو. عربيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به زبان نه ته سمجھن پيا، نه وري ڳالهائين پيا. اسان لاءِ وري عربي سمجھڻ ۽ ڳالهائڻ مشڪل هيو.
بقول شاعر جي ته: “زبان يار من تُرڪي، و من ترڪي نمي دانم.”
حفاظتي عملي جي ڳالهه نه سمجھڻ تي هو ناراض ٿي پيا پون. ڪپڙن کانسواءِ هر شيءِ هڪ ٽوڪريءَ ۾ رکڻ لاءِ چون پيا، جيئن تپاسڻ لاءِ مشين مان گذري. اگر تسبيح يا منڊي لاهڻ وسري وڃي پئي ته مسافر کي قطار جي آخر ۾ بيهاري ٻيهر اچڻ لاءِ چون پيا.

اسان انتظار گاهه جي اٺين کان ٻارهين دروازي واري حصي ۾ ويٺاسي. انتظار گاهه ۾ هر ملڪ ۽ هر جنس جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي پرواز جي اوسيئڙي ۾ هئا. هيڏي هوڏي گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ خريداري ڪرڻ ۾ مصروف هئا. پاڪستان جي سڪي جي حساب سان اتي چانهن جو هڪ ڪوپ اڍائي سو رپين ۾ ملي رهيو هو. دبئيءَ جو هوائي اڏو ڏاڍو مصروف نظر آيو. جتي مختلف ملڪن جي مختلف ڪمپنين جا جھاز اڏي تي موجود هئا. هر منٽ ۾ هڪ جهاز اڏامي ۽ لهي رهيو هيو. دنيا جون هواباز ڪمپنيون مختلف ملڪن ۽ هوائي اڏن ڏي اچ وڃ لاءِ دبئيءَ جو هوائي اڏو ضرور استعمال ڪن ٿيون. ان جو خاص سبب سواريءَ جو گھڻو هجڻ آهي. سالار پاران چئن ڪلاڪن جي ساهيءَ لاءِ ٻڌايو ويو هو. هاڻي اها ساهي وڌي وڃي ستن ڪلاڪن کي پهتي.
رات جو اوجاڳو ۽ ڏينهن جو غير ضروري انتظار اسان کي ڏاڍو بيزار ڪري رهيو هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ گمبٽ ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪنهن پاڪستاني ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسي. اڳتي هلي پڪ ٿي ته ڪمپنيءَ وارا ڪاروبار ۾ اهڙا ننڍا وڏا ڪوڙ هڻڻ کي عيب ناهن سمجھندا. هي سفر به هنن لاءِ ڪاروبار ۽ اسان لاءِ زيارت ۽ سياحت جو سفر هيو. اهو فرق اسان مسافرن کي تڪليف ڏئي رهيو هيو. بهرحال سفر سفر آهي، گھر ناهي. نيٺ اوٻاسين واري بيزاريءَ مان ان اعلان جان ڇڏائي ته اسان جي پرواز وارا مسافر ڏهه انگ واري دروازي وٽ قطار ٺاهين. ضروري ڪاغذي تپاس کان واندا ٿي ٻاهر اچي بس ۾ چڙهياسي. انتظار گاهه ۽ بس جي درميان ڏاڍي گرمي هئي. هونئن به دبئيءَ ۾ گرمي گھڻي ٿيندي آهي. مٿان وري جون جو جوڀن هيو. بس هلي جهاز جي ڏاڪڻين ڀرسان لاٿو. ساڳي قطار، ساڳيا ماڻهو. ڏاڪڻيون چڙهي ساڳئي جهاز فلاءِ دبئيءَ ۾ داخل ٿي پنهنجون پنهنجون جايون والاريون سي. اخبارن کان وٺي جهاز سڀ ڪجھه ساڳيو هيو. بدليل هئا ته صرف فضائي ميزبان. ڪاڪ پِٽ مان ايندڙ روايتي اعلان عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ٻڌي واندا ٿياسي ته پتو پيو ته اتان جا ساڍا ٻارهن وڳا منجھند جا وڄي چڪا آهن. حسب عادت مون پنهنجي گھڙيءَ ۾ وقت ڏٺو ته اها پاڪستاني وقت ٻڌائي رهي هئي. ايتري ۾ فضائي ميزبان مايون ڏوپهري جي ماني ورهائينديون اچي اسان جي ڀرسان بيٺيون. ريڙهيءَ مان پاءُ کن پاڻي وارو ننڍڙو دٻو ۽ چانورن جي پلاءُ وارو دٻو هرهڪ جي سامهون رکي ويون. چانورن جو دٻو کولي کائڻ وقت ائين لڳي رهيو هيو ته ڄڻ اسان ڪنهن مجلس يا وعظ ۾ ويٺا آهيون. بکارا ۽ اڃارا هئاسي سو منٽن ۾ اهو خيرات جهڙو پلاءُ کائي ختم ڪري ٽشوءَ سان هٿ صاف ڪري شهپر وٽي بالم بڻجي ويٺاسي. انتهائي بلنديءَ تي سفر جي اڏام جي ڪري ڪنن تي تاڙيون چڙهي پيون وڃن، جنهن ڪري ڳلي ۾ ڪوڏي ڦاٿل ڪڪڙ جيان ڳيتون ڏيڻيون پيون پون. دريءُ مان هيٺ نظر ڪرڻ تي زمين بجاءِ ڌنڌ ۽ بادل نظر اچي رهيا هئا. جهاز جا ساڳيا لوڏا لامارا، آسيرو پاسيرو ٿيڻ مسافرن کي خوفزده ڪري رهيا هئا. نيٺ سوائين ٻِين وڳي جهاز رن وي جي ميدان تي ڊوڙڻ لاءِ هيٺاهين پرواز شروع ڪئي. ٿوري دير کانپوءِ زمين، ٻيٽ ۽ ڪي گھر ننڍن ٻوٽن جيان نظر اچي رهيا هئا. ايتري ۾ سخت گير آواز ۾ عربي اعلان ٿيو ته ٿوري دير ۾ اسان نجف اشرف هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون.
نيٺ جھاز هڪ جھٽڪي يا لوڏي سان ڌرتيءَ تي لٿو. ساڳيون ئي حرڪتي ٻار واريون ڊوڙون پائي اچي هوائي اڏي جي هڪ حصي ۾ ٿڪجي بيٺو. ڏاڪڻيون لڳيون، هٿ وارو سامان کڻي هيٺ لٿاسي. چوڌاري اڏي تي نظر ڊوڙائيندي رڳو ويراني نظر آئي. اڏو ڀڳل ٽٽل چتيون لڳل روڊ هيو. صرف هڪ جھاز ڪنهن اداس عاشق جيان پرينءَ جو پار ڇڏي ڪنهن ڏورانهين اڏام لاءِ آتو بيٺو هيو. جهاز مان لهي بس ۾ چڙهياسي، جنهن ٻن منٽن ۾ اچي انتظارگاهه جي دروازي تي لاٿو. انتظار گاهه چند مسافرن کان سواءِ سمورو خالي ۽ اداس اداس لڳي رهيو هيو. عمارت هڪ وڏي هال تي مشتمل ۽ ٽِين جي لوهي چادرن سان ڍڪيل هئي. ڪنڊن ۾ ضروري چند دفتري ڪمرا هئا، جن جي دروازن مٿان بجليءَ سان گهمندڙ انهن دفترن جا نالا هلي رهيا هئا. انهيءَ دوران وقتي سالار هاشم مرد مسافرن کي هڪ هڪ ڪري دخل(Counter) تي سڏي هوائي اڏي کان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ محصول طور ٽيهه ڊالر في مسافر گھرڻ ۽ وٺڻ شروع ڪيا. ڪجھه مسافرن کيس مطلوبه رقم ڏني، ڪن اعتراض ڪيو ته ٽيڪس متعلق اڳ ۾ نه ٻڌايو ويو هيو. ان ڪري اها اوڳاڙي ته غيرقانوني آهي. آهستي آهستي اها ڳالهه ڪنهن بدبوءِ جيان سڀني مسافرن ۾ پکڙجي وئي. اوچتو منهجي نظر ڪسٽم آفيس جي دروازي تي وڃي پئي، جنهن جي مٿان لڳل ڳاڙهي بتيءَ ۾ بار بار لکجي اچي رهيو هيو ته ايئرپورٽ خروج ٽيڪس ڏهه ڊالر آهي. مون اها ڳالهه ساجد راز ۽ ڪجھه ٻين مسافرن کي ڏيکاري ۽ ٻڌائي، جن وقتي سالار جو ڌيان ڇڪايو، اهو ڏسي شڪي ٻليءَ وانگر هروڀرو جو بحث ڪندي چوڻ لڳو ته توهان ماڻهن کي هر ڳالهه ٻڌائڻ جي نه هوندي آهي، ڪجھه ڏوڪڙ ڪفيل کي ڏيڻا آهن. ڪجھه هتي هُتي (رشوت) لاءِ ڏيڻا آهن. بهرحال هن جي شڪي ٿيل پيشاني تي آيل پگھر مان پڪيءَ طرح معلوم ٿي رهيو هيو ته مٿيان ويهه ڊالر قافلي جي اڻ اعلانيل خرچي آهي. خير وڏي بحث کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته ڏهه ڊالر سرڪار محصول هرڪو ادا ڪري اڏي مان نڪرو، باقي جو حساب اصلي سالار سان هوٽل تي هلي ڪبو.
ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ ضروري تپاس کان پوءِ اڏي جي کليل حصي ۾ آياسي، جتي پڻ اونداهه ۽ ويرانيءَ جو منظر هيو. اها ويراني يا ته القاعده، داعش ۽ آمريڪا جي جنگي ويڙهه جي ڪري هئي يا اڏاوت ئي اهڙي هئس. اسان سان گڏ گھڻا مسافر پهريون ڀيرو هي سفر ڪري رهيا هئا، جنهن ڪري حالتن کان اڻڄاڻ هئا.
هرڪو مسافر جھاز مان لٿل سامان کي ڳولڻ ۽ هڪ جاءِ تي ٿانيڪو ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته ايتري ۾ اهو اطلاع مليو ته بسون اسان کي سامان سميت هوٽل تي کڻي هلڻ لاءِ ٻاهر تيار بيٺيون آهن. پنهنجو پنهنجو سامان سهيڙي ريڙهين تي رکي ريڙهي اچي بس وٽ پهتاسي.
انتظار گاهه ۾ هڪڙي ڳالهه چڱي هئي ته جيترو وقت اتي ويٺا هئاسي ته اي سي جي ڪري گرميءَ جو احساس ۽ جون مهيني جون گمان ئي نه ٿيو. ڇت مٿي هجڻ ڪري ۽ مڪمل جائزي وٺڻ بعد ائين لڳو ڄڻ شهدادڪوٽ جي ڪنهن سارين جي مل يا خيرپور ميرن واريءَ جي ڪنهن ڪپهه جي ڪارخاني جي ڄڻ گودام ۾ ويٺا آهيون. بس ۾ سامان رکجڻ جي پڪ ٿيڻ بعد هرڪو اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو.
بسون ڏاڍيون شاندار، آرام واريون ۽ مڪمل ٿڌڪار واري ماحول واريون هيون. اهڙيون بسون هتي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ته هاڻي هلڻ لڳيون آهن، جڏهن ته ايران ۽ عراق ۾ اهي وڏي عرصي کان هلي رهيون آهن. جڏهن اهي بسون اڏو ڇڏي شهر جي عام روڊن تي هلڻ لڳيون ته روڊن جي حالت ۽ ٻاهر عام ماحول ۽ عمارتون ڏسڻ جو موقعو مليو. روڊ ڪشادا ۽ ويڪرا ضرور هئا مگر چتيون لڳل ۽ هنڌان هنڌان اکڙيل هئا. پاڪستاني روڊن جيان يا ته سندن تعمير ۾ خانجاڻو هيو يا وري آمريڪي جنگ جا تباهه ڪيل هئا.
جنگ جون تباهه ڪاريون جاڏي ڪاڏي نظر اچي رهيون هيون، ڊٺل گھر، عمارتون، ديوارن تي گولين جا چٽا نشان نظر اچي رهيا هئا. رستي تي عام طور ڪونوڪارپس جا وڻ ۽ ڪٿي ڪٿي ٻير سنجھي (ٽاري) ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ نظر آيا. روڊن ۽ چؤسولن کي پار ڪرڻ لاءِ مٿن پليون ٺهيل هيون. نجف جو هوائي بندر شهر کان ڪافي پري ٻاهر ٺهيل هيو. پاڪستان ۽ سنڌ جي روڊن وانگر رستي تي يا دڪانن اڳيان سروٽا، بجري، واري ۽ ٻيو سامان پيل هيو. موسم آهر دڪانن اڳيان هنداڻن، گدرن، گرمن ۽ سردن جا ڍير لڳل هئا. ماڻهو سوزوڪي ڊالن ۾ به رکي اهو ساڳيو ميوو وڪڻي رهيا هئا. بجليءَ جو نظام بلڪل سنڌ جھڙو نظر آيو، ٿنڀا ۽ تارون ائين ئي لڙڪيل. هر ٿنڀي ۾ سوين پي وي سيءَ جون تارون خطرناڪ حد تائين پري ڇڪي ويل هيون. ننڍيون وڏيون، اڳتي پوئتي، نيون پراڻيون تعمير ٿيل عمارتون، ڪٿي ڪٿي روڊن تي بيٺل پاڻي ڏسي تصور ۾ ائين پيو لڳي ڄڻ ٽنڊو آدم يا ميرپورخاص سنڌ ۾ پيا گھمون. آخرڪار بسون ڦيرا ڏئي اچي حضرت علي رضه جي روضي اڳيان شاهراهه شهنشاهه تي بيٺيون. بسن مان سامان لهرائي هوٽل تي کڻي هلڻ لاءِ ريڙهن تي رکيوسي، جن کي ماڻهو هلائي رهيا هئا. هتي گڏهه گاڏا نظر نه آيا. هٿن ۽ ڪلهن تي ماڻهو ائين گهلي رهيا هئا، جيئن بهاولپور، بهاولنگر، ديرا غازي خان ۽ ديرا اسماعيل خان ۾ پورهيت سائيڪل رڪشا تي ماڻهو ڍوئيندا آهن. شاهراهه شهنشاهه جي ڀر ۾ اوڀر پاسي هڪ ويڪري گھٽيءَ ۾ ئي الخيام نالي هوٽل ۾ رهائش رکيل هئي. سامان لهرائي هوٽل جي استقباليه ۾ رکرايوسي. هاڻي ڪمرن جي ورهاست ٿي. هر ڪنهن کي واري سان ڪمري جون چاٻيون ملنديون ويون. اسان کي هوٽل جي ٻِي منزل تي ڪمرو نمبر 202 ۽ 206 مليا. ڪمرن جي درين مان مولا علي رضه جي روضي جو گنبذ صاف نظر اچي رهيو هيو.
سامان رکي بس ڪيو سي ته مانيءَ تي سڏ ٿيو. ان وقت سوا چار ٿي رهيا هئا ۽ اهو ڏوپهرو هيو. دل ۾ وسوسا ۽ وهم هئا ته کاڌو الائي ڪيئن هوندو، ڇو ته عربن ۽ اسان جي کاڌن ۽ ذائقن ۾ ڪافي فرق آهي. اڳ ۾ ويل دوستن ٻڌايو هو ته عرب مصالحا تمام گھٽ ۽ نه هجڻ جي برابر کائيندا آهن. نيٺ سوچيندا وڃي کاڌي جي دالان ۾ پڳاسي ته ماني ڏسي ۽ کائي سڀ شڪ شبها ختم ٿي ويا. سواءِ چپاتيءَ جي باقي سموريون ڀاڄيون سنڌ جھڙيون هيون. مانيءَ لاءِ الڳ نانوائن جا دڪان آهن. هوٽلن وارا اتان پلاسٽڪ ۾ بند وڏيون سنهيون پڪل مانيون درزنن جي حساب سان وٺي ايندا آهن. جيڪي اڪثر ٺريل هونديون آهن. گرم ماني گھٽ ملي، باقي ڀاڄيون گرم هيون. ان ماڻهوءَ لاءِ اها ماني کائڻ چڻن چٻڻ جي برابر آهي، جيڪو پوڙهو آهي، ڏند ڪمزور اٿس يا ڏند گھٽ اٿس. هر منجھند جي مانيءَ سان هر هوٽل ۾ ٿڌو هنداڻو ڦارون ٿيل وافر مقدار ۾ سلاد جيان گڏ ملي رهيو هيو. ان کان علاوه منرل واٽر جون بوتلون، هر قسم جون سوڍا بوتلون، چانهه، جھجھي مقدار ۾هر ويلي تي ملي پئي. جنهن کي جيترو وڻي اوترو کائي. بوفو سسٽم هيو. ڪافي مسافر دوست کائڻ کانپوءِ ڪجھه کاڌو پليٽن ۾ ڪمرن ڏانهن به کڻي پيا وڃن. هي به هٻڇ جو هڪ انداز آهي. بعد ۾ ان کاڌي جو راز ائين کليو ته قافلي سالار ماني پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي بورچين کان پاڪستاني مصالحن ۾ تيار ڪرائين ٿا، جيڪي اتي نوڪريون ڪن ٿا. جيئن ته قافلي سالار ٻارهن سالن کان اهو ڪاروبار ڪن ٿا ۽ سال ۾ ٻه قافلا ايران ۽ عراق ۽ شام وٺي ويندا آهن، ان ڪري واقفيت هجڻ ڪري کين اهڙا بورچي آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. جيڪڏهن ٻه چار ماڻهو سنڌ مان ايران عراق وڃن ٿا ته انهن کي کاڌي جي مٽ سٽ واري تڪليف ٿئي ٿي، باقي ڪنهن قافلي سان وڃڻ وارا مسافر اهڙي فڪر کان آزاد رهن ٿا. ماني کائڻ کانپوءِ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي سبب چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ٿوري دير واسطي ڪمرن ۾ ليٽي پياسي. ٿوري اک لڳڻ کانپوءِ سالار جي دخل تان ٿيندڙ اعلان تي اک کلي ته سڀ مسافر استقباليه تي گڏ ٿيو ته زيارت لاءِ هلجي. گڏ ٿي سمورا زيارتي مولا عليرضه جي روضي جي زيارت ۽ حاضريءَ لاءِ گڏجي روانا ٿياسي. سڀ زيارتي نوان هئا ۽ رستي کان اڻ واقف هئا. ٻيو ته قافلي سان گڏ هڪ سڃاڻ رهي ٿي ۽ ڏڍ رهي ٿو. هڪٻئي کان ٿوري گھڻي ڄاڻ به ملي ٿي. قافلي سالار جي هٿ ۾ قافلي جو جھنڊو هيو. قافلي جي بينر وارا اڳيان هلي رهيا هئا. مائيڪ تي هاشم نوحا پڙهي رهيو هيو ۽ قافلي مان ڪجھه نوجوان وراڻيءَ ۾ سندس ساٿ ڏيئي رهيا هئا. ڪافي مسافر هلندي هلڪي طرح سيني جو ماتم به ڪري رهيا هئا.
سالار قافلي جي معلومات لاءِ فخر الدين بلتستاني مولوي ساڻ کنيو هيو، جيڪو نجف ۾ فقهه تي ڊاڪٽريٽ ڪري رهيو هيو ۽ ڪافي عرصي کان هتي هجڻ ڪري نجف ۽ تاريخ کان واقف هيو. اهڙا ٻيا به کوڙ پاڪستاني ايران ۽ عراق جي مقدس شهرن ۾ ديني ۽ دنيوي علم حاصل ڪن ٿا ۽ فارغ وقت ۾ سونهان ٿي قافلن مان ڪجھه نه ڪجھه ڪمائي وٺندا آهن مگر اهو سڀ ڪجھه هو لڪي ۽ خاموشيءَ سان ڪندا آهن. اهو ان ڪري ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي خبر سندن لاڳاپيل اداري يا مدرسي کي پوي ته هو هڪ ته سندن وظيفو بند ڪري ڇڏيندا يا وري اداري مان ئي بي دخل ڪري پاڪستان موڪلي ڇڏيندا. روضي کان ڪجھه پنڌ تي محافظن تلاشيءَ جا فرائض ادا ڪيا، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ تلاشيءَ جو انتظام هيو ۽ رستا به الڳ الڳ هئا. اهو سڀ ڪجھه دهشتگرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪيو پئي ويو. هوٽل ۽ روضي جي درميان هڪ وڏي بازار جو رستو هيو. جيڪو اسان وٺي وڃي رهيا هئاسي. دڪانن ۽ بازار ۾ بيٺل ماڻهن جي، اسان جي زيارت بجاءِ ان ۾ دلچسپي هئي ته اسان وٽانئن خريداري ڪيتري ٿا ڪريون، ڇو ته اهو هنن جو روز جو معمول هيو. روضي جي ٻاهران ڪجھه دير نوحه خواني ڪرڻ کانپوءِ جتين رکڻ جو وارو آيو. جتين لاءِ ٽي انتظام هئا. هڪ ته پڌر ۾ ئي لاهي وڃجي، ٻيو دروازي اڳيان خانن وارا ڪٻٽ آهن، انهن خانن ۾ رکو ۽ ياد ڪيو، ٽيون دخل وارا دڪان آهن، شاپر ۾ جتي وجھو، جمع ڪرايو ۽ ٽوڪن وٺو. وڏي ڳالهه ته انهيءَ سڄي عمل جو ڪو به پيسو پائي نٿو ڏيڻو پوي. سڄو عمل رضاڪاراڻي ۽ مفت ۾ خدمت خلق آهي. موليٰ عليرضه جي روضي ٻاهران مک دروازي واري ٻاهرئين چؤغان ۾ به غاليچا وڇايل هئا، جنهن تي سوين هزارين مسافر ۽ زيارتي ويهي ۽ سمهي سگھيا ٿي. روضي ۾ داخل ٿيندڙ گھٽي مٿي ۽ هيٺ روضي ڏي ويندڙ رستو دروازي کان هيٺ لهوارو ٿيندو ٿي ويو. ٻاهرئين دورازي ۽ روزي جي درميان وارو صحن هيٺاهون هيو. روضي تي هڪ پاسي مرمت، زيبائش ۽ صفائيءَ وارو ڪم به هلي رهيو هيو. روضي جي صحن ۽ اندر وارو حصو سمورو قيمتي قالينن سان ڍڪيل هيو. روضي کي چئني پاسن کان ڪاٺ جي ٽُڪ وارا وڏا عاليشان دروازا هئا. صحن جي چوڌاري ديوارن جي ٿنڀن ۾ ٿڌي پاڻي جون ٽوٽيون لڳيل هيون، روضي اندر ضريح مبارڪ کي گتي جي شيٽن سان پردو ڏئي زيارت خاطر اچڻ وڃڻ وارن مردن عورتن جو الڳ الڳ رستو بڻايو ويو هيو. ڪو جھڪي سلام پيو ڪري، ڪي دروازن کي چمن پيا ته ڪي هٿ لائي جسم تي ڦيرين پيا. ڪنهن کي به ڪا جھل پل ۽ روڪ ٽوڪ ڪونه هئي، ڪي حيدري ۽ الله اڪبر جا نعرا پيا هڻن، ڪي نوحا خواني ڪري رهيا هئا. ضريح ٻاهران صحن ۾ سڀني مسافرن قافلي وارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو. اسان سان جيڪو سونهون مولوي فخر الدين هيو، تنهن پنهنجي تقرير ۾ حضرت علي رضه ۽ نجف اشرف جي تاريخ ۽ فضيلت مفصل طور بيان ڪئي. ان بعد زيارت جي دعا پڙهي. زيارت جي دعا فريم ٿيل ديوارن تي به لڳل هئي، جنهن کي هر ڪو ماڻهو پاڻ به پڙهي سگھيو پئي. ان بعد ٻه رڪعتون نفل پڙهي پوءِ زيارت ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اڌ ڪلاڪ جو زيارت لاءِ وقت ڏئي چيو ويو ته وري ان ساڳي جاءِ تي گڏ ٿي هڪ ٻئي جو انتظار ڪرڻو آهي. ٻه رڪعتون نفل هر زيارت تي پڙهڻ لاءِ چيو پئي ويو. قافلي سالار کي هٿ وارو ايڪو سائونڊ هيو، جنهن تي هو قافلي وارن سان ڳالهائي، هدايتون ڏئي رهنمائي ڪري رهيو هو. ان مرحلي کانپوءِ قطار ڪري مر د ۽ عورتون الڳ الڳ دروازن کان روضي ۾ ضريح مبارڪ جي زيارت لاءِ داخل ٿيا. دروازي تي وري حفاظتي عملي تپاس ڪئي. ضريح مبارڪ جي اندر عجيب منظر هيو. خاموشيءَ سان پاڻ کان بي خبر هرڪو پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هيو. ڪي دروازي ۽ ضريح کي چمي ان سان مٿو لائي، روئي دعائون گھري رهيا هئا. ڪي نماز نفل ادا ڪري رهيا هئا. ڪي قل خواني ڪري رهيا هئا. اندر موجود خُدام فوٽوگرافيءَ لاءِ موبائيل جي استعمال کان روڪي رهيا هئا. آئون قل پڙهي، نفل ادا ڪري ديوار سان پيل هڪ گدي واري صنڊليءَ تي ويهي تلاوت ڪرڻ لڳس.
ڪجھه دير جي ساهي ۽ تپسيا کانپوءِ دعا گھري سوچيم ته پوري حرم جو جائزو وٺي روضي جي بيهڪ، اڏاوت ۽ جاگرافي معلوم ڪجي. اولهه پاسي واري دروازي کان نڪري مسجد ۾ داخل ٿي ويس، جيڪا پڻ قيمتي قالينن سان ڍڪيل ۽ سينگاريل هئي. اتي مسجد ۾ اسٽيل جي خوبصورت ڄارين کي حدن ۾ رکي اچ وڃ ۽ عورتن لاءِ حصا مخصوص ڪيا ويا هئا. مسجد ۾ ضرورت مند نمازين لاءِ اسٽيل جون سهڻيون ڪرسيون به ڪافي تعداد ۾ پيل هيون. مون به ڄنگھه جي تڪليف جي ڪري هڪ ڪرسي ريڙهي مغرب جي نماز ادا ڪئي ۽ ڪجھه نوافل به ادا ڪيا. منهنجي هوندي ڪيترائي جنازا آيا. ميت تابوت ۾ بند هيا ۽ تابوت کي اتر پاسي کان ضريح ۾ داخل ڪري زيارت ڪرائي پوءِ ٻاهر اچي جنازي نماز لاءِ مسجد ۾ رکن پيا. جنازي ۾ ويهن ٽيهن ماڻهن کان وڌيڪ نه پيا هجن ۽ اهي ئي ماڻهو تابوت رکڻ شرط نماز شروع ڪري پيا ڏين، ڪنهن جو انتظار نه پيا ڪن، نه وري روضي، صحن يا مسجد ۾ موجود ماڻهن کي ڪا دلچسپي هئي ته ڊوڙي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿين. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هيو. جنازي نماز سان ساڻ ماڻهو مسلسل ڪلمي جو ورد ڪري رهيا هئا. نماز کان فورن پوءِ جنازو دفنائڻ لاءِ کڻي پيا وڃن. ان کان سواءِ ٻي ڪا به رسم ادا نه پيا ڪن. اڪثر تابوتن مٿان سائي چادر پيل هئي. روضي ۾ پيئڻ ۽ وضوءَ جي پاڻيءَ سان گڏ هر قسم جو انتظام ٿيل هيو. ٿنڀن ۽ ديواران ۾ ڦوهاري وارا هوائي پکا گرميءَ ۾ موسم کي خوشگوار بڻائي رهيا هئا.
مسجد ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي اوچتو منهنجي نظر هيٺ وڇايل قالين جي ڪنڊ تي پئي، جنهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ سان علي اڪبر انصاريءَ جو نالو اڻيل هيو. مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي. مون اٿي سموري صحن ۽ روضي جا سڀئي قالين تپاسي ڏٺا ته سڀني تي اهو ساڳيو نالو اڻيل هيو. ڏاڍي جستجو ٿي ته ان لاپرواهي (منهنجي نظر ۾) جو ڇا سبب هيو. منهنجي معلومات جو ذريعو قافلي سالار يا سونهين کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونه هيو. جن به ڪو تسليءَ وارو جواب نه ڏنو ۽ روايتي طور ٻڌايو ته اهو قالين مهيا ڪندڙ اداري جي مالڪ جو نالو آهي. هونئن به هتي نالن کي اهميت ناهي هوندي. هتان جا ماڻهو چاهيندا آهن ته اسان جا نالا ڀلي پيرن هيٺان لتاڙجن، جڏهن ته اسان وٽ نالن جو ايترو احترام ۽ حساسيت آهي جو بي خيالي يا غلطيءَ وچان ڪو سڙي پوي، ڦاٽي پوي ته ان تي هنگاما ٿي ويندا آهن. فساد ٿي ٻارڻ ٻري ماڻهو مارجي ويندا ۽ فريادون داخل ٿي وينديون آهن. انهن نالن جا قسم ۽ ساکون کنيون وينديون آهن . اسان جي ننڍي کنڊ جي سڀني ملڪن جي مسلمانن جي اها عقيدت آهي. پڇا ڪرڻ تي اهو به معلوم ٿيو ته عرب ملڪن ۾ نالي کي صرف ان شخص جي ذاتي سڃاڻپ کان وڌيڪ اهميت ناهي ڏني ويندي، ڇو ته نالي کي اهميت ڪردار جي ڪري ملندي آهي، نه ڪي نالي سان ڪردار اهم ٿيندو آهي.
“نالي سان آهي ماڻهو مقدار جي ڪري،
انسان ٿي پوي ٿو هو ڪردار جي ڪري.”

هتي مون ڏٺو ته مقامي ماڻهو قرآن پاڪ پڙهي جتي اچِين پيو، اتي ڪنهن عام ڪتاب وانگر رکي پيا ڇڏين. انهيءَ دوران سومهڻيءَ جي اذان اچي وئي. نماز پڙهي، ٻيهر ضريح مبارڪ جي زيارت ڪري ساڳئي دروازي کان مقرر ٿيل جاءِ تي صحن ۾ اچي بيٺس. واضح رهي ته روضي اندر يا صحن ۾ ڪنهن به جاءِ تي ڪا به نذراني واري پيتي رکيل ڪانه هئي. نه ڪو خادم نذر نياز گھري پيو. نه وري ڪٿي ڪو فقير فقرو نظر آيو. جنهن عقيدت مند جي دل چوي پئي ته اهو نذرانو ضريح اندر اماڻي پيو ڇڏي. مقبري جي اندرئين حصي ۾ مڪمل طور رنگين ۽ چپٽي آئيني واري ڪمال ڪاشيگري گلڪاريءَ جي انداز ۾ ٿيل هئي. قبي جو ٻاهريون حصو سونهري رنگ جو هيو. ڪي چون پيا ته اهو گول قبو سوني چادر سان ڍڪيل آهي. ڪنهن چيو ته ان کي سون جو پاڻي ڏنل آهي. ڪنهن اهو به چيو پئي ته ان تي سونهري رنگ چڙهيل آهي (الله بهتر ٿو ڄاڻي) مگر ڇا اهو ڪافي ناهي ته ان مقبري جي نسبت الله جي شينهن، نبي ڪريم ﷺ جي ڀاءُ ۽ نياڻي فاتحِ خيبر سان آهي.
صحن مان سڀ گڏجي ٻاهر نڪتاسي. ٽوڪن ڏئي جتيون کنيون سي ۽ هوٽل ڏي روانا ٿياسي. هوٽل الخيام حرم کان سڏ پنڌ تي هيو. ان ڪري پهچڻ واري پنڌ ۾ ڪا خاص تڪليف نه ٿي. رات جي مانيءَ جو وقت ٿي رهيو هيو، ان ڪري سڌو طعام خاني جو در وڃي جھليوسي. پنهنجي خدمت پاڻ وارو طريقو اختيار ڪندي، هر ڪنهن وڃي طباخن جو پاسو ورتو. چئن قسمن جا پاڪستاني کاڌا، مثال طور فارمي ڪڪڙ، گڏيل سبزي، حليم، سلاد گڏيل، چانهن، ٿڌو جھجھي انداز ۾ هئا. هر ڪنهن پنهنجي ضرورت مطابق کاڌو کنيو. ڪنهن ته وري وهانءَ جي ماني سمجھي ايترو ٿالهين کي ڀريو ڄڻ پهريون ۽ آخري دفعو کائي رهيا آهن يا ڄڻ کاڌو کپي ويندو. ان عمل سان کاڌو زيان ڏاڍو پيو ٿئي. روزيءَ جي اهڙي بي قدري ڏسي وڏو ويچار ٿيو ته ڪٿي اسان کي ڳڀي جي ڳولا ۾ پريشاني آهي ۽ ڪٿي وري ڪيترن ئي ماڻهن جي قوت جيترو کاڌو اوبر ڪري گند ۾ اڇلايو پئي ويو. اگر ماني تيار ٿيڻ ۾ ڪي ساعتون دير ٿي وڃي پئي ته سڀ زيارتي پريشان ٿي پيا وڃن، دانهون پيون پون ته ڏاڍي دير ٿي آهي، ڏاڍي بک لڳي آهي. مٿان وري ڍؤ ٿيڻ کانپوءِ بيدرديءَ سان روزيءَ جي بي قدري پيا ڪريون! اسان جي اهڙي عمل سان پڪو اندازو ٿي رهيو هيو ته اسان ڪجھه سکڻ ۽ اصلاح ڪرڻ بجاءِ ڄڻ گھمڻ آيا آهيون. خير! چانهن پي واندا ٿي اچي ڪمرن ڀيڙا ٿياسي. رات ڪافي گذري چڪي هئي. ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ ائين کڻي وئي ڄڻ ڪکڙا اباڻا هئا.
ٻئي ڏينهن يعني 12 جون تي سالار دخل تان اعلان ڪرايو ته بسون اچي ويون آهن. سڀ مسافر زيارتن تي هلڻ لاءِ دالان ۾ گڏ ٿيو. ٻارهين وڳي هوٽل کان نڪري ٻاهر آياسي. گھٽيءَ ۾ چڱي ڀلي پيهه ٿي وئي. ياد رهي ته قافلي ۾ اڪثريت سنڌي خاندانن جي هئي. ٽي چار مهاجر خاندان به هئا. سڀ پاڻ ۾ مسافريءَ جي ڪري رلي ملي ويا هئا. انهن ۾ ڪوٽ بنگلي جي آسپاس جا خاصخيلي، گوپانگ، ٽنڊي آدم جا ڏيرا، ٻلهڙيجيءَ جا ٻُٽ سرائي، لاڙڪاڻي جا جوکيا، پيرڳوٺ ۽ ڀريا جا ميمڻ، خيرپور ميرن واريءَ جا ميراڻي ۽ اسان گمبٽ جا ڀٽا شامل هياسي. ايتري ۾ فراز نالي نوجوان جي قيادت ۾ ڪجھه سنڌي دوستن، ڪاغذن تي نعرا لکيل پنا ڪڍيا ۽ ٻن چئن ڄڻن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته آصف زرداريءَ کي رها ڪيو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو. جھٽ پٽ ۾ اهو نمائشي مظاهرو به ٿي ويو. موبائيل تي مظاهري جي تصويرن سان گڏ اهي خبرون پاڪستاني اشاعتي ۽ نشرياتي ادارن کي موڪليون ويون ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي آزاديءَ لاءِ نجف اشرف عراق ۾ جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان عمل تي اهي دوست ڏاڍا سرها هئا. لڳي پيو ته هو لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي سياست ۾ متحرڪ هئا. پاڪستان ۽ سنڌ فونون ڪري مائٽن کان پڇن پيا ته خبرون هليون آهن يا نه، اسان وارو مظاهرو ڪيئن لڳو؟ ڊاڙون پيا هڻن ته منصوبي موجب وڏو ڪم ٿي ويو. ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان وڏيون فونون ٿيون اچن ته اوهان وڏو ڪم ڪيو آهي! انهن ڏينهن ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر نيب پاران مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل هئا، انهيءَ ڪري دوستن زيارتن کي به سياست لاءِ استعمال ڪيو.
پهريون ڏهاڙو هيو، هڪٻئي کي ايترو نه پيا سڃاڻون، ان ڪري نالا ياد ناهن. بهرحال هڪ جوان کي فراز خاصخيلي پيا سڏين. سندس والد به گڏ هيو، جنهن کي ڊاڪٽر پيا سڏين. پتو پيو ته اصل لطيف ڪالوني خيرپور ميرن واريءَ جا ويٺل آهن. هاڻي پيپلزپارٽي جي نالي سان ڪراچيءَ جي ڪنهن علائقي ۾ سياست ۽ ڪاروبار ڪن ٿا. فراز جي والد ٻڌايو ته مون فقير آباد جي اسپتال ۾ نوڪري ڪئي آهي. هتي پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته هو هتي ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪري ويو آهي. هي هيو واٽ ويندي اسان جي روين جو ذڪر. خير، آهستي هلندا اچي شاهراه شهنشاهه تي بيٺل بسن ۾ سوار ٿياسي. هي ساڳيون ئي بسون هيون جيڪي اسان کي ڪالهه ايئرپورٽ تان کڻي آيون هيون. اڄ پهريون اسان کي تاريخي واديءِ سلام قبرستان ۾ موجود زيارتون ڪرڻيون هيون.

قبرستان واديءِ سلام

هي قبرستان بقول راوي ۽ سونهين فخرالدين جي ته مسلمانن جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي. حضرت عليءَ جي دور ۾ هي قبرستان ڪوفي ۽ نجف کان ڪوهين ڏور هيو. شهر جي آبادي وڌڻ ۽ وسعت جي ڪري هاڻي هي قبرستان ۽ ڪوفو شهر ٻئي نجف اشرف جو حصو يا پاڙا ٿي ويا آهن. جديد دور لاءِ هينئر ڪوفي نالي سان صرف مسجد ڪوفه وڃي بچي آهي، باقي سڀ ڪجھه آسپاس نجف اشرف شهر جو حصو يا پاڙو ٿي ويا آهن. جن جن روڊن ۽ رستن تان گذرياسي سمورو منظر سنڌ جي شهرن وارو نظر آيو. هڪ ته جنگ جي بربادي، ٻيو دڪانن جو سمورو سامان دڪانن کان ٻاهر پيل هيو، لڪڙا، ٽُيون، تڏا ۽ ٻيو عمارتي سامان فوٽ پاٿن يعني پيدل گذرگاهن تي پيل هيو. گدرا، هنداڻا، سردا، گرما ۽ ٻيو مقامي ۽ ٻاهريون ميوو مَنهن، شاميانن يا ترپالن هيٺان کوڙن جي شڪل ۾ پيو هيو. ڪٿي ڪٿي ٺڪر جا ٿانو به نظر آيا. ٿي سگھي ٿو جنگ جي بربادي جي ڪري ٻيهر تعمير جو نجف منتظر هجي. جنگ جو اثر شهر تي ايڏو نظر آيو جو روڊن جي ڪنارن، موڙن، چؤسولن تي جنگ ۾ بقول سندن شهيد ٿيل فوجي جوانن جون تصويرون قدآور بينرن تي لڳيل هيون، جن تي سندن شهادت جي تاريخ، مقام ۽ نالا لکيل هئا. هي قبرستان حدِ نظر کان به پري پري تائين روڊ جي ٻنهي پاسي پکڙيل آهي، جيڪو ميلن ۾ آهي. هن قبرستان کي چڱي ريت تاريخي معلومات جي حوالي سان گھمڻ لاءِ هفتا ۽ مهينا گھرجن. اسان روڊن جي هڪ پاسي پهرئين دروازي کان داخل ٿياسي. دروازي تي پاڻيءَ جا ڪولر رکيل هئا. زيارتين جي پيئڻ لاءِ. دروازي تي مُنڊين جي ٻُڙن جهڙوڪ: دُر نجف، عقيق، فيروزي ۽ ٻيا قيمتي پٿر وڪڻڻ وارا دڪانن ۽ فوٽ پاٿن تي به ويٺا هئا. عربيءَ ۾ اسان کي خريداريءَ جي آڇ ڪري رهيا هئا ۽ ٻُڙن جي رقم ۽ خاصيت ٻڌائي رهيا هئا. اسان جي پلئه ڪجھه نه پيو پوي. ان کان سواءِ يوناني ۽ ديسي شربت، عطر، عنبير ۽ حڪمتي جڙي ٻوٽين وارا به ويٺا هئا. اهو سڀ ڪجھه ڏسندا هلندا رهياسي، ڇو ته اسان کي زيارتون ڪرڻيون هيون. سڀ کان اول دروازي جي اندرئين حصي ۾ ٽينِ جي ڇت سان هڪ مسافر خانو ويران حالت ۾ هيو، جنهن ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل پلاسٽڪ جون نُکون ۽ ڦاٽل سوٽي غِلم پيل هئا.
سمورو قافلو اتي گڏ ٿيو جتي مولوي فخر الدين قبرستان جي تاريخ ۽ اهميت مختصر طور بيان ڪئي. سڀني امام حسن رضه جي نياڻيءَ جي مزار تي فاتحه پڙهي. ان کان اول عربي دعاءِ زيارت ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهايون ويون. ان لاءِ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بي بي صاحبه جي اتي مزار هجڻ جو سبب آلِ رسول ﷺ جي غريب الوطني هئي. تنهن بعد قبرستان جي ان حصي ۾ موجود ٻن نبين حضرت هُود عليه السلام ۽ حضر صالح عليه السلام جي مزارن تي فاتحه پڙهي سي. هنن ٻنهي نبين جو ذڪر الهامي ڪتاب قرآن شريف ۾ به ٿيل آهي. ٻنهي نبين جون مزارون هڪ ضريح ۾ هيون. هتي نذراني لاءِ پيتيون به رکيل هيون، جيڪي شيشي جھڙي سفيد پلاسٽڪ جون ٺهيل هيون، جنهن مان سڀ ڪجھه نظر اچي پيو. ماڻهو ضريح ۾ به نذرانو وجھن پيا. حضرت صالح عليه السلام جي منع ڪرڻ باوجود سندس ڏاچيءَ جا پير سندس قوم وڍي ڇڏيا هئا، جنهن ڪري مٿن الاهي عذاب نازل ٿيو هيو.

مقام امام جعفر صادق رضه

مقام امام جعفر صادق رضه قبرستان جي وچ ۾ آهي، هتي چوديواريءَ ۾ هڪ ننڍڙو ميدان آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي ڪنڊ ۾ زيارتين لاءِ ڇپرو ٺهيل آهي. دروازي جي ڀرسان سندن کوٽايل هڪ تمام اونهون کوهه آهي، جنهن جو پاڻي ڪوڙو پيئڻ لائق ناهي رهيو، باقي ماڻهو شفا تبرڪ طور ان سان هٿ منهن ڌوئي رهيا هئا. ٻڌايو ويو ته امام پاڪ جڏهن به نجف ايندا هئا ته اتي حجري ۾ قيام ضرور ڪندا هئا. اهو حجرو اڃا موجود آهي. (روايت) هر قبرستان وانگر هن قبرستان ۾ اچڻ ۽ هلڻ لاءِ ور وڪڙ سان رستا آهن. انهن پيچرن سان ڪٿي ڪٿي غارن جيان دروازن سان ڏاڪڻيون آهن. معلوم ڪرڻ تي سالار ٻڌايو ته انهن هيٺ ويندڙ ڏاڪڻين کي دروازا انهي ڪري لڳايا ويا آهن جيئن ڪو اڻ واقف يا اڻڄاڻ ماڻهو هيٺ ڀلجي نه وڃي، ڇو ته هن جاءِ تي قبرستان مٿان قبرستان آهي. هتي گھڻي ڀاڱي قبرن جي سيرانديءَ کان مرحومن جي نالي وارا ڪُتبا يا تصويرن سان پينافليڪس وارا بينر لڳل هئا. اهي بينر خاص طور تي القاعده، داعش ۽ آمريڪا عراق جي سرڪاري فوجن جي درميان ٿيل جنگ ۾ مارجي ويلن جي قبرن تي لڳل هئا. سندن نالي اڳيان شهيد به لکيل هيو. ڪن قبرن تي شيشي جي فريم ۾ لڳل تصويرون به رکيل هيون. اهي قبرون گھڻي ڀاڱي عراقي فوجين جون هيون، ڇو ته سندن تصويرون فوجي ورديءَ ۾ هيون ۽ هيٺان سندن نالن سان گڏ عهدا به لکيل هئا. حد نظر تائين قبرون ئي قبرون هيون ۽ جيئرن لاءِ عبرت جو نظارو هيون. ڪيئي نالي وارا، پير فقير، امير، غريب، حاڪم، شاهه و گدا زمين دوز دفن هئا. هن قبرستان ۾ ٻڌائڻ واري ٻڌايو ته هڪ جاءِ تي مقام علي رضه به آهي. روايت ڪرڻ واري روايت ڪئي آهي ته ان مقام تي مولا علي رضه پنهنجي مشهور صحابيءَ جي جنازي کي غسل ڏنو هيو ۽ پوءِ تدفين ڪرائي هئي. مقام علي رضه جي ڀرسان ئي سندن صحابي صفي صفا جي مزار به موجود آهي. وڌيڪ پتو پيو ته هن قبرستان ۾ ڪيترن ئي امام زادن، ولين، قطبن ۽ صحابه جون مزارون به آهن، جن جي زيارت به ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن هن قبرستان کي تفصيل سان گھمي ان سان لاڳاپيل رڳو تاريخ ۾ ذڪر ٿيل مزارن جو احوال لکجي ته هڪ ڪتاب جُڙي پوندو.
اسان جي قافلي کي به هن قبرستان جي ڏسڻ لاءِ سرسري طور ئي چار ڪلاڪ کن لڳي ويا. وسيع هجڻ ڪري هن قبرستان ۾ موجود مشهور قبرن جو گھڻي ڀاڱي پري کان ئي ٻڌايو ويو. چند خاص مزارن ۽ مقامات جي زيارت ڪرائي وئي. قبرستان م قبرون اڪثر پڪيون هيون. دُر نجف پٿر جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته ان پٿر جي نه ته ڪا کاڻ آهي ۽ نه وري ڪو جبل آهي، بلڪه نجف اشرف جي حدود ۾ ڪجھه علائقا آهن، انهن ۾ جڏهن برسات پوندي آهي ته برسات جو ڪرندڙ هر ڦڙو زمين تي دُر نجف ٿي پوندو آهي. (الله بهتر ڄاڻي ٿو).
قبرستان جون زيارتون ڪري واپس هوٽل تي آياسي. منجھند جي ماني کائي ٿورو آرام ڪيوسي. شام جو وري زيارت لاءِ مولا علي رضه جي روضي طرف روانا ٿياسي. زيارت ڪري، نوافل ادا ڪري، سومهڻيءَ جي نماز پڙهي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسي، جتي رات جي ماني کائي ڪچهري ڪندي سمهي پياسي.

مقامِ امام حسن رضه

اڄ 13 جون 2019ع اڱاري جو ڏينهن هيو. گرمي پد نجف ۽ سنڌ جو گھڻي ڀاڱي برابر آهي. اڄ قافلي کي مقامِ امام حسن رضه جي زيارت لاءِ روانو ٿيڻو هيو. هيءَ جاءِ يا کڻي ڳوٺ چئجي، نجف کان چاليهارو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ساڳيون بسون ساڳيا مسافر مگر سفر نئون هيو. اسان کي گرميءَ جو احساس صرف عام ماحول ۾ گھمڻ وقت ٿئي پيو. باقي ته هوٽلون ايئرڪنڊيشنڊ، بسون ۽ زيارتون به ايئرڪنڊيشنڊ هيون. هن سفر جي رستي وارو روڊ مناسب هيو. آسپاس کجين جا باغ ۽ ويران غير آباد علائقا جام آهن. بسن جي رفتار سان هلندڙ کجين جا اڳيان ايندڙ وڻ اسان ڏي ائين ڊوڙي رهيا هئا ڄڻ اسان سان ملڻ لاءِ آتا هجن ۽ گذرندڙ وڻ ائين پيو لڳي ڄڻ اسان کان گسائي گوهي ڏئي ويندا هجن. وڻن ۾ کجيون، ڪونوڪارپس ۽ ڪٿي ڪٿي ٻير نظر اچي رهي هئي. ٻوٽن ۾ گل ٻوٽا گھٽ هئا، باقي سِم وارا نڙ، ننڍو لئو، ڪانڊيرا ۽ لاڻي جا ٻوٽا جام هئا. ڪٿي ڪٿي ٽيوب ويلن تي سبزيون به پوکيل هيون، جن ۾ڀينڊيون واضح نظر اچي رهيون هيون، باقي ڀاڄين جو بسن جي رفتار ۾ پتو نه پيو. هتي گھرن، گھٽين، دوڪانن، روڊن، چؤسولن، دفترن تي نالا يا تحريرون سڀ عربيءَ ۾ هيون. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي انگريزيءَ ۾ لکيل بورڊ نظر اچي پيو وڃي. مقام امام حسن رضه تي پهچڻ سان پتو پيو ته هي هڪ عام ڪچو پڪو ننڍو ڳوٺ آهي. هن جاءِ تي هڪ مقبرو اڏيل آهي، جنهن لاءِ مقامي روايت آهي ته امام حسن رضه نجف ڏي ايندي ويندي مسافريءَ دوران هتي منزل ڪندا هئا. ان ڪري مقامي آباديءَ لاءِ هڪ کوهه کوٽرايائون ۽ وري گڏوگڏ ٻيو کوهه به آهي، جنهن جي نسبت به امام حسن رضه سان ٻڌائي وئي. هن وقت اهي ٻئي کوهه ته موجود آهن مگر انهن مان هڪ مٺو ۽ ٻيو کارو آهي. مٺو کوهه پيئڻ لاءِ ۽ کارو هٿ منهن ڌوئڻ ۽ وضو ڪرڻ لاءِ آهي. انهن کوهن مان موٽرن سان پاڻي ڪڍيو پئي ويو.کاري کوهه جي پاڻيءَ لاءِ اها روايت ٻڌائي وئي ته ان جو پاڻي ڪينسر جي مرض لاءِ شفا ڏئي ٿو. ان لاءِ زيارتين جي سهولت خاطر پلاسٽڪ جي ننڍين وڏين بوتلن جو دڪان هيو. اسان جي بسن جي زيارتين به خالي بوتلون وٺي اتان تبرڪ طور پاڻي ڀريو، جيڪي بوتلون سموري سفر ۾ سندن همسفر هيون. اتي ٻپهريءَ جي نماز پڙهي سي ۽ نوافل ادا ڪياسي. هتي به هڪ ڪٻٽ تي مشتمل هڪ لائبريري هئي، جنهن ۾ اڪثر مذهبي ۽ تاريخي ڪتاب هئا ۽ عربي ٻوليءَ ۾ هئا. ڪتاب ۽ علم مڪمل عربي زبان ۾ آهي.
هتي عراق جي مقامي وقت مطابق منجھند جو سوائين ٻارهين وڳي ٻپهريءَ جون اذانون اچي وڃن ٿيون. مقامِ امام حسن رضه تي ڏيڍ ڪلاڪ کن ترسڻ بعد واپس نجف هلڻ جو اعلان ٿيو. سڀئي مسافر اچي بسن ۾ ويٺا. بسن نجف ڏي واپسيءَ جي ڊوڙ شروع ڪئي. ڪلاڪ کن ۾ اچي هوٽل الخيام تي پهچايائون. ٻنپهرن جي ماني تيار هئي، جنهن سان ٻه ٻه هٿ ڪري آرام ڪيوسي. آرام کانپوءِ زيارتن لاءِ سڏ ٿيو.

مسجد ميثم تمار، حنانه ۽ مسجد ڪوفه

بسن ۾ سوار ٿي مسجد مثيم تمار، مسجد حنانه ۽ مسجد ڪوفه جي زيارت لاءِ نڪتاسي. هي ٽيئي مسجدون تاريخي آهن. هنن جي تعمير ۾ ڪمال جي ڪاريگري ۽ هنر نظر اچي ٿو. هنن مسجدن ۾ سنهيون پڪيون سِرون ۽ وڏي تعداد ۾ ڪاٺ درن، درين ۽ ڇتين ۾ استعمال ٿيل آهي. مسجدِ ميثم تمار حضرت علي رضه جي صحابي ميثم يحييٰ التمار جي نالي سان مشهور ۽ منسوب آهي. ان صحابيءَ جي مزار به هن مسجد ۾ آهي.
هي صحابي ثناءِ علي ۽ فضائل عليرضه بيان ڪرڻ جو ماهر عاشق هيو. فضائل ۽ ثناءِ علي رضه بيان ڪرڻ جي ڏوهه ۾ حاڪم وقت، عالمن کان فتوائون ڏياري هن صحابيءَ جي زبان وڍرائي ڇڏي، چپ سبرائي ڇڏيا، ان بعد به حُب علي کان نه مڙڻ تي کيس کجيءَ جي وڻ سان ٻڌي ڦاسي ڏني وئي، جنهن بعد وقت سان سندس مشهوري وڌندي وئي. (روايت) ان کانپوءِ مسجد ڪوفه ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسي. حفاظتي قانون جي ڪري بسن کي ميل کن پري بيهاريو ويو. اڳتي جو فاصلو اسان کي پنڌ طئي ڪرڻو پيو. هي ٻه طرفو رستو هيو، جنهن سان گڏ ٻنهي پاسي فوٽ پاٿون ۽ انهن سان گڏ کجين جون قطارون هيون ۽ وچ تي گيٽ فلاور جا گل ٻوٽا هئا. فوٽ پاٿن تي موسم جي لحاظ کان ٿوري ٿوري فاصلي تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر رکيل هئا.
مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻه دفعا تلاشي ورتي وئي. تلاشيءَ جُتين رکڻ جو طريقو هر زيارت جو گھڻي ڀاڱي ساڳيو آهي. جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته ڪوفي نالي سان صرف هيءَ تاريخي مسجد ڪوفه وڃي بچي آهي. هن وقت مسجد جون ٻاهريون ديوارون ڪنهن قلعي جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن. ڪاٺ جا دروازا ايڏا مضبوط ۽ وڏا آهن جو هاٿي يا اُٺ انهن مان آسانيءَ سان اچي وڃي سگھن ٿا. اهڙا دروازا چئني طرفن کان آهن. اسان جنهن دروازي کان داخل ٿياسي ان تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون لهڻيون پيون. سامهون وڏو صحن ۽ ان صحن ۾ وڏو پاڻيءَ جو ڦوهارو لڳل هيو. چوڌاري ورانڊو هيو. مسجد جي ايراضي وڏي پکيڙ ۾ آهي. ٻاهرين دروازن مان اڄ به هيبت نمايان نظر اچي ٿي. مسجد جي اولهائين حصي ۾ منبر علي رضه ۽ ڀر ۾ مقامِ شهادت موليٰ علي رضه آهي. ان مقام کي ڄارين سان بند ڪيو ويو آهي، جتي هر وقت زيارتين جو هجوم رهي ٿو ۽ اهي پنهنجي هٿن سان اندر نذرانو به وجهن ٿا. هي مرڪزي طور تي ايئرڪنڊيشنڊ آهي. ڇت جا ڪافي حصا ڪاٺ سان ٺهيل آهن. مسجد جي ڇت جن ٿنڀن تي بيٺل آهي اهي سنگ مر مر جا آهن، باقي شيشي جي ڪاشيگريءَ جي ڪمال ڪاريگري ٿيل آهي. موجوده حالت ۾ ان مسجد جي سار سنڀال سندس تاريخي حيثيت مطابق ڪئي وڃي ٿي. صفائيءَ جو اعليٰ انتظام ٿيل آهي. فرش مڪمل طور قيمتي نرم قالينن سان ڍڪيل آهي.
ڪوفيٰ جي گورنر عبدالله ابن زياد، امام حسين رضه جي سؤٽ ۽ سفير مسلم بن عقيل ۽ سندس ٻن پٽن جون يادون به هن مسجد سان وابسته آهن. انهن وقتن ۾ مسجد کي عدالت طور به استعمال ڪيو ويندو هيو. مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ حضرت مسلم بن عقيل رضه جي مزار جي ضريح ۽ ٿوري وٿيءَ تي مختار ثقفيءَ جي مزار هڪ ڄاريءَ جي چوکنڊيءَ ۾ موجود هئي، جنهن ۾ زائرين نذرانو وجھي رهيا هئا. مسجد ۾ هر وقت زيارتين ۽ سياحن جو هڪ هجوم رهي ٿو.

مقامِ حضرت خضر عه ۽ مقامِ ابراهيم عليه السلام

مسجد جي اڀرندي ورانڊي ۾ هڪ جاءِ تي مقامِ حضرت خضر عليه السلام آهي. ان جاءِ تي پاڻ قيام دوران عبادت ڪئي هئي. اهو ڪتبو هڪ ٿنڀ تي لکيل آهي. مسجد کي ڏسڻ ۽ ان جي عروج ۽ زوال جا داستان پڙهي انسان دنگ رهجي وڃي ٿو. مقامِ خضر عليه السلام جي ويجھو ئي ساڳئي ورانڊي ۾ مقامِ حضرت ابراهيم عليه السّلام آهي، جنهن لاءِ پڻ ساڳي روايت آهي ته هتي پاڻ قيام دوران عبادت ڪئي هئائون. مسجد ڪوفه جو صحن ٻن حصن تي مشتمل آهي. اتر واري صحن جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ڪتب خانو ۽ عورتن لاءِ درسگاهه آهي. صحن جي ڏاکڻي حصي ۾ چار ڇانوَ جا چبوترا ۽ ٿڌي پاڻيءَ وارا خودڪار واٽر ڪولر لڳل آهن. ان سان گڏ ضايع ڪرڻ وارا پلاسٽڪ جا ڪُپا (ڊسپوزبل) رکيل هئا. مسجد ڪوفه جا سمورا ورانڊا ۽ اندروني حصو شيشي جي پچڪاري يا گلڪاريءَ جي شاهڪار هنر سان رنگين ٿيل آهي. ان کان سواءِ جيڪي به روضا ۽ مقبرا آهن، انهن جون ڇتيون ۽ ڀتيون شيشي جي چٽساليءَ سان چٽيل آهن. روضن جي ڇتين ۾ عمده ۽ اعليٰ قسم جا فانوس لڳل آهن، جن جي روشني شيشن جي آئيني ۾ وڏي چمڪ ۽ تِرورا پيدا ڪري ماحول رنگين ڪري ٿي ڇڏي. اڀرندو ورانڊو ڪاٺ جي ڇت سان سينگاريل آهي.

ڪجهه ٻيا مقام ۽ دروازا

مسجد جي ڏاکڻي صحن ۾ خادمه اهلبيت، دائي فضاءِ رضه جو مقام به ڏيکاريل آهي. اها تحرير باب رحمت جي ٻن دروازن وٽ لکيل آهي، جيڪي اڀرندي ورانڊي جي پوئين ديوار ۾ آهن. ڏاکڻي پاسي باب الجنت نالي هڪ وڏو دروازو هن مسجد جي قد و قامت جي گواهي ڏئي رهيو آهي. مولا علي رضه جي محراب و منبر ڀرسان مقام نوح عليه السلام به آهي. محراب وارو حصو درجنين فانوسن سان چمڪي ٿو. عراق ۽ ايران ۾ هر زيارت ۽ مسجد کي پردي خاطر عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، درميان ۾ گتي ۽ ڪاٺ جون ديوارون آهن. مقامِ حضرت نوح عليه السلام جي ڀرسان مقام امام زين العابدين رضه به آهي. صحن ۾ هڪ ٻي جاءِ تي مقامِ آدم عليه السلام به آهي، جنهن لاءِ ٻه روايتون آهن، هڪ ته هو پاڻ هن جاءِ تي آيا هئا، ٻي ته حضرت آدم عليه السلام جي توبهه ان جاءِ تي قبول ٿي هئي. الله بهتر ٿو ڄاڻي. انهن مقامات ۽ دروازن لاءِ مختلف روايتون ٻڌايون پيون وڃن. مسجد جي داخلي دروازي جو نالو باب الثعبان آهي. جڏهن ته اتر واري دروازي جو نالو باب الاشتر آهي. مسجد ڪوفه جي انتظاميا پاران شايد ٻاهرين مسافرن لاءِ مسجد اندر موبائيل کڻي وڃڻ تي پابندي هئي شايد حفاظتي لحاظ کان. جڏهن ته مقامي عربن تي اها پابندي لاڳو نه هئي، ڇو ته انهن وٽ مسجد اندر موبائيل موجود هئا ۽ استعمال به ڪري رهيا هئا. موبائيلون ٻاهر دخل تي جمع ڪرائي ٽوڪن وٺڻو پيو پوي، جنهن لاءِ ڪا به مسواڙ يا ڪرايو ادا ڪرڻو نه پيو پوي. واپسيءَ تي ٽوڪن ڏيئي جتين وانگر موبائيلون واپس پيون وٺجن. مقامي ۽ غير مقامي جو فرق هر جاءِ تي نظر آيو.

حرمِ علي رضه

مسجد ڪوفه کي ڏسڻ کان واندا ٿي حرمِ علي رضه ڏسڻ لاءِ پيدل ئي اتي پهتاسي. حرمِ علي رضه ۽ مسجد ڪوفه جي وچ واري حصي کي دارالاماره پيا سڏين، يعني حڪومتي تخت گاهه. هن جاءِ کي گردش زمانه ويران ۽ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت جو مقام بڻائي ڇڏيو آهي. جتي حاڪم وقت گورنر، عملدار، علماء، سفير ۽ ڪامورا رهندا هئا، اتي هاڻي سم آهي، جنهن ۾ گند گاهه، ڪَلُ ۽ نڙن جي ٻوٽن جو هڪ جھڳٽو بيٺو آهي. اهو آهي ڪمال کي زوال ۽ هڪ سج ٻه پاڇا. حرمِ علي رضه واري عمارت صحيح سلامت صاف سٿري آهي. عمارت جي بيهڪ مان معلوم ٿئي پيو ته وقت بوقت ان جي مرمت ٿيندي رهي ٿي. اڄوڪن حاڪمن جي طويل و عريض رهائشي عمارتن جي ڀيٽ ۾ حرمِ علي رضه مختصر ۽ معقول عمارت تي مشتمل آهي. حرم جي ٻاهران داخلي دروازي اڳيان وڏو اڱڻ آهي. دروازو ٽپو ته اندر مختصر دالان آهي، جتان هر پاسي گھٽين نما رستا وڃن ٿا. ساڄي هٿ تي اها جاءِ آهي جتي مولا علي رضه کي شهادت کانپوءِ غسل ڏيئي جنازو رکيو ويو هيو. ٻئي پاسي رهائشي ڪمرا هئا، جن ۾ امامِ حسن رضه، امام حسين رضه، غازي عباس، سائنڻ زينب سلام الله عليها ۽ زوجه مولاءِ علي رضه بي بي ام البنين رضه جي رهائش وارا ڪمرا آهن. عمارت جون گھٽيون سوڙهيون ۽ ڇتيون گھڻيون هيٺ هيون. شايد بار بار مرمت جي ڪري ائين ٿيو هجي. صحن ۾ ان وقت جو هڪ کوهه به آهي، جيڪو هينئر استعمال ۾ ناهي. حرمِ علي رضه جي زيارت کانپوءِ واپسيءَ لاءِ بسن ڏي رخ ڪيوسي. ميل کن وارو پنڌ ڪري ٿڪجي اچي بسن ۾ چڙهياسي. بسون ساڳيو رستو وٺي اچي هوٽل تي پهتيون. ڪوفي واري علائقي جا رستا به سٺا ۽ صاف سٿرا هئا. هوٽل پهتاسي ته رات جي ماني تيار هئي. ماني کائي سومهڻي جي نماز پڙهي سي. ٿوري ساهي پٽي سي ته سالار اعلان ڪرايو ته علامه بشير حسين نجفيءَ کان وقت ورتل آهي، ان ڪري سندس رهائشگاهه تي هلڻو آهي.

علامه بشير حسين نجفيءَ سان ملاقات

تيار ٿي هيٺ لهي هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسي. سڀ دوست گڏجي قافلي جي صورت ۾ اڳيان مرد ۽ پويان عورتون علامه بشير نجفيءَ جي رهائش گاهه ڏانهن روانا ٿياسي. سندس رهائشگاهه ڏانهن ويندڙ ساڳي گھٽي هئي ۽ تقريباً فرلانگ ڏيڍ جو فاصلو هيو. جيڪو هلندي طئي ڪري پهچي وياسي. رهائشگاهه واري گھٽي ٻن لوهي ناڪن سان بند هئي. اتي حفاظت لاءِ موجود عراقي رينجرس سڀني جي تلاشي ورتي. استقباليه تي انتظاميا طرفان چيو ويو ته ڪپڙن کان علاوه سڀ شيون، موبائيل، منڊيون، واچون، تسبيحون، چاٻيون، دوائون سڀ دخل تي جمع ڪرائي ٽوڪن وٺي پوءِ اندر وڃو. ان سڄي اوچتي عمل جي پوئيواري ۾ ڏهه پندرهن منٽ لڳي ويا. هي سڀ حفاظتي قدم هئا، ڇو ته علامه پاڪستان سان گڏ ايران، عراق جو هڪ وڏو عالم آهي. سندس تعلق شيعه فقه سان آهي. مٿس ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن، ان ڪري سندس لاءِ سخت حفاظتي بندوبست ٿيل آهي. علامه بشير نجفي بلتستان پاڪستان ڄائو آهي. نجف ۾ بقول سندس رهندي کيس پنجاهه سال ٿي ويا آهن. مولاٰ علي رضه عليه السلام جي ضريح مبارڪ جي قلف جي چاٻي وٽس آهي. علامه اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي روانيءَ سان لکي پڙهي، سمجھي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو. اسان استقباليه تان واندا ٿي ٿورو اندر جتيون لاهي هڪ هال ۾ عورتون مرد وٿيءَ سان ويهي رهياسي. علامه جي خليفي اسان کي قلم ۽ ڪاغذ ڏنو ۽ چيائين ته جنهن کي جيڪي سوال پڇڻا آهن، اهي سوال پني تي لکي، ان سان گڏ پنهنجو فون نمبر ۽ ٽپال جو پتو لکي ڇڏيو. اوهان کي جواب ملي ويندو. اهو ان ڪري ته علامه وٽ وقت تمام گھٽ آهي. سوال جواب ۽ ملڻ ۾ وقت ضايع ٿيندو، ان ڪري علامه سان ملڻو به ناهي. يعني موڪلائڻ وقت هٿ ملائيندا وڃجو. سوال جمع ڪرائي ڇڏيو. سڀ ڪنهن سوال لکي جمع ڪرايا. مون هڪ سوال لکي جمع ڪرايو. سوال هي هيو ته “موجوده حالتن ۾ اسلامي دنيا کي متحد ڪيئن رکي سگھجي ٿو؟” ان جو چوٿين ڏينهن مختصر جواب علامه پاران واٽس ايپ تي ملي ويو ته “امامِ زمانه جي ظهور بعد اهو اتحاد ٿي ويندو.” منهنجي ان جواب سان تسلي ان ڪري نه ٿي جو منهنجو سوال حال جو هيو ۽ علامه صاحب جو جواب مستقبل سان لاڳاپيل هيو. خير! هينئر ان ڳالهه کي اتي ٿا ڇڏيون، هلون ٿا علامه جي اوطاق تي. ٿوري دير کانپوءِ خليفي چيو ته مرد حضرات اندر ڪمري ۾ هلي ويهو ۽ عورتون اتي ئي ويٺيون رهن. اسان سڀ مرد اندرئين ڪمري جي فرش تي ويهڪ تي اچي وياسي. ڪمرو مختصر هيو جنهن ۾ هڪ ڪنڊ علامه جي ويهڻ جي جاءِ هئي. سامهون وڏيون ڪيميرائون هيون، جنهن ذريعي ٻاهر ويٺل عورتون علامه کي گفتگو ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي سگھن پيون. مون به هڪ ڪرسي سيري ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ ورتي. چند گھڙين ۾ هڪ صحت مند عمر رسيده بزرگ اڇي پڳ پاتل، جبو ويڙهيل السلام عليڪم چوندي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ٿانيڪو ٿيو. علامه گفتگوءَ جو آغاز ڪندي چيو ته “دوستو آئون به پاڪستاني آهيان، پنجاهه سالن کان هتي نجف اشرف ۾ رهان ٿو. اوهان منهنجا مهمان آهيو. جيڪڏهن آئون اوهان کي سچ جا جملا چوان ته ناراض ته نه ٿيندؤ؟ اهو جملو علامه ٽي دفعا دهرايو ۽ پوءِ چيائين ته ماشاءَ الله شيعا سني هتي گڏجي آيا آهيو ته پوءِ عام حالتن ۾ ان محبت سان ڇو نٿا رهو؟ مسلمان، حيدري، حسيني ۽ پنجتني سڏرايو ٿا مگر نه ڏاڙهي رکو ٿا، نه روزو رکو ٿا، نه نماز پڙهو ٿا، صدقو ۽ زڪوات به نٿا ڏيو. نامحرم عورتن کي گھوري گھوري ٿا ڏسو، سچ نٿا ڳالهايو، حقوق العباد ادا نٿا ڪريو، سادگي اختيار ڪري ڏيکاءُ کان پاسي نٿا ٿيو. ان تي اوهان کي شرم نٿو اچي!” علامه صاحب اهو سڀ ڪجھه ڳنڀيرتا سان هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو. اسان سڀني جون اکيون واقعي شرم کان جھڪي ويون. علامه گفتگو جاري رکندي چيو ته “ايئن نه ڪرڻ جي باوجود به ضريحن سان منڍيون، تسبيحون، رومال، ڪپڙا گسائي، ڪربلا ۽ نجف مان ڪفن وٺي اتي دفن ڪرڻ جون وصيتون ڪرڻ ۽ ڇوٽڪاري جي سفارش واري اميد رکڻ اجائي آهي.” وري چيائين ته “اوهان کي ڪيئن خبر پوي ٿي ته زيارت قبول ٿي؟ جيڪڏهن هتان ڪا هڪ غلطي يا گناهه ڇڏي موٽي وڃي اهو نه دهرايو ته سمجھو ته توهان جي زيارت قبول ٿي. ورنه اوهان صرف سير سفر ڪيو، زيارت نه ٿي. الله اوهان جي سفر زيارت واري مقصد کي پورو ڪري، خدا حافظ...” اسان واري واري سان علامه سان هٿ ملائيندا ٻاهر نڪرڻ لڳاسي. دروازي تي خليفو هر هڪ کي هڪ هڪ دُرِ نجف علامه طرفان تحفي طور ڏيندو ويو.

ڪربلا روانگي

اتان موڪلائي استقباليه تان سامان وٺي اچي سمهي پياسي. ٻئي ڏهاڙي يعني 14 جون 2019ع جمع ڏينهن صبح جو ساڍي ستين وڳي نجف کان ڪربلا روانگيءَ جو اعلان ٿيل هيو. اهڙي ريت صبح جو اٿي تيار ٿي نيرن ڪري سامان کڻي اچي بسن ڀيڙا ٿياسي. ڪربلا ويندي رستي تي ٻيون زيارتون به ڪيون سي. رستا سٺا ۽ ڪشادا هئا. نجف کان ڪربلا تائين اٽڪل پنجاسي ڪلوميٽرن جي فاصلي دوران ڪو وڏو شهر نظر نه آيو. ننڍا ڳوٺ ۽ آباديون هتي هُتي اوري پري نظر آيا. گھڻي ڀاڱي ميداني ۽ غير آباد علائقو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ سيوهڻ کان ڄامشورو ويندڙ بس ۾ سوار آهيون. رستي ۾ هِلا نالي شهر ۾ حضرت زيد بن امام زين العابدين رضه جي روضي جي زيارت ڪئي سي، جنهن لاءِ گڏ هلندڙ مولوي روايت بيان ڪئي ته “هڪ ڏينهن نبي ڪريم رسولِ خدا، حضرت امام حسين رضه کي بشارت ڏني ته تنهنجي پشت مان هڪ هستي اهڙي به پيدا ٿيندي جنهن کي شهيد ڪيو ويندو ۽ هو پنهنجي اصحاب سميت روزِ قيامت بغير پڇاڻي جي جنت ۾ داخل ٿيندا.
نجف کان 15 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ وستي آئي، جتي الله جي نبي حضرت ايوب عليه الّسلام جي مزار جي زيارت ڪئي سي. مقبري جي پڌر ۾ کيس شفا ڏيڻ وارو چشمو اڄ به موجود آهي، جنهن مان هاڻي موٽر ذريعي پاڻي ڪڍجي ٿو. چشمي جي ڀرسان وضو ڪرڻ ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ٽوٽيون لڳل آهن. پڌر ۾ ٽِين جي ڇت سان سادا مسافرخانا ٺهيل آهن، جن ۾ پلاسٽڪ واريون نکون يا دريون وڇايل آهن. مزار هڪ وسيع ميدان جي وچ ۾ آهي. مزار جي اڳيان ڪوفي طرز تعمير سان ٻه مينار ٺهيل آهن. هيءَ مزار به اندر مڪمل طور اي سي آهي. اندر شيشي جو عمدو ڪم ٿيل آهي. حضرت ايوب عليه السلام هڪ طويل بيماريءَ دوران صبر ڪرڻ جي ڪري صابرين جي لقب سان مشهور آهن. پاڻ وڏا امير هئا. ربّ العزت پاران آزمائش ۾ باغات، زراعت، جانور، اولاد سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو. بيماريءَ جي زخمن ۾ جيوڙا پئجي ويا. اگر ڪو جيوڙو زخم مان ڪري پوندو هو ته کڻي کيس ساڳئي زخم ۾ رکندا هئا ۽ پوءِ به پنهنجي رب اڳيان سر بسُجود هوندا هئا. قرآن پاڪ ۾ سندس ذڪر تفصيل سان ڪيل آهي. بيماريءَ جي ڊپ کان کيس ڳوٺ وارن ڳوٺ نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي ۽ ريگستان حوالي ڪري ڇڏيو هيو. ان صبر جي آخر تائين صرف سندس گھرواري ساڻس گڏ هئي. بيبي صاحبه جڏهن کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ نڪتي، رستي ۾ شيطان مليس، جنهن چيس ته پنهنجا ٿورا وار ڪٽي ڏي ته کاڌو ڏيانءِ. بي بي صاحبه مجبوريءَ ۾ ائين ڪيو. حضرت ايوب جن کي جڏهن اها خبر پئي ته ڏڪي ويا. عهد ڪيائون ته صحت مند ٿي ان غلطيءَ تي کيس سزا ڏيندس. نيٺ الله جي رحم سان کين شفا ملي ۽ پوءِ الله تعاليٰ کين الهام ڪيو ته ٻوهارو کڻي پنهنجي زال کي هڻ ۽ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪر. اهو سڄو ذڪر قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل آهي.
هِلا شهر ۾ ئي مقامِ ولادت حضرت ابراهيم عليه السلام جي زيارت ڪري آتش ڪده نمرود ڏٺوسي، جنهن جا آثار اڃا تائين واضح ۽ باقي آهن. ان دور ۾ هتي بت پرست ۽ آتش پرست رهندا هئا. حضرت ابراهيم عليه السلام کي پيدا ٿيندي ئي لڪائي رکيو ويو هيو. جڏهن وڏو ٿي دنيا آڏو ظاهر ٿيو ته مختلف شين کي خدا سمجھندو هيو، مگر سندس سو چ ۽ عقيدو هڪ جاءِ تي نه بيهندو هيو. خدا شناسيءَ کانپوءِ ماڻهن کي بت پرستي ۽ آتش پرستيءَ کان روڪڻ لڳو. روڪڻ وارن ۾ سندن پيءُ آذر به شامل هيو. ان ئي آتش ڪده نمرود ۾ ئي حضرت ابراهيم عليه السلام کي عقيدي جي بنياد تي سڙڻ لاءِ وڌو ويو. پاڻ پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي به قرباني ڏني. حوالي طور اهو سمورو ذڪر قرآن ڪريم ۾ آهي.

شهيد حضرت بڪر بن علي رضه

هيءَ زيارت يا روضو مقام ولادت حضرت ابراهيم عليه السلام جي بلڪل سامهون روڊ جي الهندي پاسي آهي. روضو زير تعمير آهي. هڪ پاسي وڏي مسجد آهي. وڏي صحن ۾ ننڍا ننڍا باغيچا آهن. حضرت بڪر بن علي رضه جي باري ۾ روايت آهي ته هي به ڪربلا جي جنگ ۾ امام حسين رضه سان گڏ هئا. زخمي ٿيڻ بعد هن طرف هلندا آيا ۽ هن مقام تي اچي شهيد ٿيا. اها به روايت آهي ته پاڻ بيبي فاطمه الزهره يا بيبي ام البنين رضه مان نه هئا، مگر حضرت عليءَ جي ڪنهن ٻِي زوجه جا فرزند هئا. ٻين زيارتن جيان هتي به ڪافي زيارتي اچن ٿا. سندن مزار هڪ ڪاٺ جي ٺهيل ضريح اندر آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ هتي به الڳ الڳ پردي اندر زيارت جو انتظام آهي. آس پاس کجين جي وڏن وڻن جا باغ آهن. اتان نڪري رستي تي ٻيون زيارتون ڪندا ٻين وڳي ڌاران ڪربلا جي حدود ۾ داخل ٿي وياسي. اسان جي تصور ۾ سن ٽيهٺ هجريءَ واري ريگستاني ڪربلا هئي. جتي خيام حسين رضه، يزيدي لشڪر ۽ فرات نديءَ کان سواءِ ڪجھه به نه هيو. مگر چوڏهن سؤ سالن ۾ حسيني خون اهڙو رنگ لاتو آهي جو اڄ ڪربلا هڪ وڏو شاهي شهر، سياحتي، واپاري، ڪاروباري ۽ زيارتي مرڪز بڻجي چڪو آهي. سامان بسن مان لهرائي ريڙهن ذريعي کڻائي ويجهو ئي هڪ گھٽيءَ ۾ موجود فورٽين هوٽل تي اچي پهتاسي. هي هوٽل روضه امام حسين رضه ۽ غازي عباس جي بلڪل سامهونءَ واري گھٽيءَ ۾ آهي. هوٽل جي دريءَ مان مزارن جا قبا صاف نظر اچن پيا.
سمورو سفر آرامده بسن ۾ گذريو. منجهند جي ماني کائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ڪمرن ۾ آياسي. هتي به ماني نهايت عمدي ۽ مزاج مطابق هئي. اعلانن موجب مغرب جي نماز کانپوءِ زيارتن تي روانو ٿيڻو هيو. هي اٺ ماڙ هوٽل صاف سٿرو ۽ ڪمرا ڪشادا هئس. واءِ فاءِ وغيره ۽ ٻيون به سڀ سهولتون موجود هئس. اسان جي رهائش ڇهين منزل تي هئي. اچ وڃ هوٽل جي ٻن لفٽن ذريعي ٿئي پئي.

ڪربلا ڪربلا

ڪربلا جي موسم سنڌ جي آبهوا سان ملندڙ جلندڙ آهي، مگر هتي هڪ فرق آهي ته هر وقت هوا هلندي رهي ٿي. آسپاس کجين جا باغ ڏسي ائين پيو لڳي ڄڻ خيرپور ميرن واريءَ جي ڪنهن علائقي ۾ پيا گھمون. ڪٿي بني اسد جو غير آباد جزيرو ۽ ڪٿي هاڻوڪي ڪربلا جو وسيع ۽ جديد شهر. اهو سڄو وقت ۽ مولا حسين رضه جي قربانيءَ جو ڪمال آهي. دير ٿي وڃڻ ڪري رات جي ماني کائي قافلي سان زيارتن لاءِ روانا ٿياسي. نوحه خواني ڪندو قافلو اچي غازي عباس رضه جي مزار ٻاهران چؤسول تي پهتو. اتي مجلس ۽ ماتم داري بعد زيارت لاءِ تلاشيءَ جي عمل مان گذاريو ويو. مولوي ۽ سالار پاران اها روايت ٻڌائي وئي ته امام حسين رضه جو قول آهي ته اڳ ۾ غازي عباس رضه جي ضريح جي زيارت ڪري پوءِ مون ڏي اچو. انهيءَ ڪري غازي عباس رضه ۽ امام حسين رضه جي روضن درميان پڌر ۾ بيهي دعاءِ زيارت پڙهي سي. هتي وڏو ۽ بي شمار هجوم هيو. ڪي دعائون پيا گھرن، ڪي نوحه خواني ۽ ماتم داري پيا ڪن، ڪي تصويرون پيا ڪڍن، ڪي ڪچهريون ڪري رهيا هئا ۽ ڪي وري ٻارن سان کيڏندي ڪي شيون به کائي پِي رهيا هئا. مطلب ته هر ڪو پنهنجي رنگ ۾ هو. سالار پاران چيو ويو ته هرڪو پنهنجي مرضيءَ سان زيارتون ڪري هوٽل تي اچي. ان بعد روضهءِ غازي عباس رضه ۾ وڃڻ لاءِ هڪ وڏو عاليشان دروازو پار ڪري هڪ صحن نما دالان ۾ داخل ٿياسي. سڄو دالان قيمتي قالينن سان ڍڪيل هيو. ڇتين ۾ اعليٰ قسم جا فانوس ٻري رهيا هئا. ديوارن ۽ مقبري جي ڇت تي شيشي جي اعليٰ درجي گلڪاري ۽ شيشاگري ڪئي وئي آهي. ٻه رڪعتون نفل پڙهي ضريح جي زيارت ڪئي سي. اندر زيارتين جي وڏي پيهه هئي. ڪجھه دير بيهي قل خواني ڪئي سي.

روضه امام حسين رضه

روضه غازي عباس رضه کان نڪتاسي ته سامهون روضه امام حسين رضه تي ديد پئي. ٻنهي روضن جي درميان مُني ميل جو فاصلو انهن کي ملائي ٿو. اهو سمورو رستو سنگ مرمر جي سرن سان سنواريل آهي. انهيءَ رستي تي ۽ روضن اندر ڪيئي سفيد شيشي جون نذراني واريون مهربند پيتيون پيون هيون، جنهن ۾ سڀ ڪجھه نظر اچي رهيو هيو. اهو ڏسي سوچيم ته اسان جي ملڪ ۾ بزرگن جي مزارن تي پيل سرِ عام پيتيون رکيل هجن ته جوان ڪلهو ڏيون وڃن. ان وڏي ويڪري ۽ ڊگھي صحن جي پاسن کان کجين جي قطار سِڌائيءَ ۾ ۽ ان جي پويان گلن جون قطارون، وري تن جي پويان وڏا ويڪرا ٽِين جي چادرن وارا ڇانوري وارا صحن مسافرن جي ويهڻ ۽ آرام لاءِ ٺهيل آهن، جن ۾ پڻ غاليچا ۽ قالين وڇايل آهن، جن جي پويان وري قدآور پڪي حفاظتي ديوار ڏنل آهي. روضي جي ٻنهي پاسي ڏکڻ ۽ اتر ٻاهران وڏيون ويڪريون گذرگاهون بازارن جي شڪل ۾ آهن. جن سان وري پکي وارا ڦوهارا زائرين جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ آهن. بازارن ۾ هوٽلن کان علاوه ضرورت جي مختلف شين جا دڪان سينگاريل آهن. عراق ۾ جتي جتي اسان وياسي اتي بجلي غائب ٿيڻ جو سوال ئي نه هيو. هاڻي وري هلون ٿا حرم جي اندرئين حصي ڏانهن امام حسين رضه جي روضي جي داخلي دروازي وٽ بيهي پوئتي غازي عباس رضه جي روضي ڏانهن نهاريو سي ته اهو حصو مٿي نظر آيو ۽ امام حسين رضه جو روضو هيٺانهينءَ تي لهوارو هيو. ٻنهي روضن جا قبا سونهري رنگ جي ڪري بجليءَ جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. دروازي کان سلام ڪري امام حسين جي روضي ۾ داخل ٿياسي ته ڪربلا جي شهيدن جي سفر، جنگ، پياسن ۽ شهادتن ۽ قيد وارا منظر اکين اڳيان ڦري آيا. امام حسين رضه جي مزار جي ضريح روضي جي وچ ۾ آهي، جتي حضرت علي اڪبر رضه ۽ معصوم شهيد علي اصغر رضه جون مزارون به آهن. پاسي ۾ شهداءِ لطف نالي ضريح آهي جنهن ۾ سندن ٻارهن اصحابن ۽ عزيزن جون مزارون آهن. انهن ٻارهن شهيدن جا نالا ضريح ٻاهران تحرير ٿيل آهن.
امام حسين رضه جي پيرانديءَ ۾ سندن پياري بزرگ صحابي ۽ ڪربلا جي شهيد حبيب ابن مظاهر جي مزار جي ضريح مبارڪ آهي. زيارتي وڏي عقيدت سان انهن ضريحن ۾ نذرانو وجھي رهيا هئا. روضي اندر موبائيل کڻي وڃڻ تي پابندي هئي. موبائيلون توشيخاني تي جمع ڪرائي ٽوڪن وٺڻو پيو. نفل پڙهي قل خواني ڪري روضي کان نڪري ساڳئي کليل صحن ۾ آياسي. هتي به جڏهن پاڻيءَ جي سبيل جا گلاس زنجيرن ۾ ٻڌل نظر آيا ته ڏاڍو تعجب ٿيو ته هتي به اسان وانگر سبيل جا گلاس چوريءَ جي خوف کان زنجيرن حوالي آهن. بهرحال تسلي ڪرڻ خاطر پڇڻ تي معلوم ٿيو ته گلاس چوريءَ جي ڪري نه ٻڌا ويا آهن، مگر گلاسن جي سبيل وٽ موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ کين ٻڌو ويو آهي. ڇو ته زيارتي پاڻ سبيل پي وري ٻين ساٿين کي پيارڻ لاءِ گلاس هيڏي هوڏي کڻي وڃن ٿا ۽ اتي ئي ڇڏي ٿا ڏين، جنهن ڪري ٻين زيارتين کي گلاس نه ملڻ ڪري پريشاني ٿئي ٿي. ٻئي پاسي هر جاءِ تي بچيل پاڻي هارجڻ جي ڪري گندگي به ٿئي ٿي. ان طريقي سان صحن ۾ صفائي رهي ٿي، جنهن لاءِ جڳهه جڳهه تي گند وارا دٻا به رکيل هئا.
روضهءِ غازي عباس رضه جي ڪُنڊ کان ٻاهران زيارت بازار عباس رضه شروع ٿئي ٿي. اولهه ۾ مقامِ امام موسيٰ ڪاظم رضه آهي، جتان پاڻ پنهنجي بزرگن لاءِ فاتحه خواني ۽ دعا ڪئي هئي. ساڳئي رستي ۾ اهو مقام به آهي جتي امام حسين رضه ۽ يزيدي لشڪر جي سالار عمر بن سعد جي درميان آخري مڪالمو ٿيو هو. ان مقام تي به زيارتين جي پيهه هئي ۽ ٿڌي پاڻي جون سبيلون لڳل هيون. ٿورو اڳتي هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ ٻيون زيارتون به آهن. رات گھڻي گذري چڪي هئي، جنهن ڪري هوٽل تي موٽي اچي آرامي ٿياسي.

مقامِ اصغر و اڪبر رضه

15 جون 2019 تي فجر جي نماز بعد زيارتن تي وڃڻ لاءِ تياري ڪئي سي. معمول جي نيرن ڪري قافلي جي صورت ۾ زيارتن لاءِ نڪتاسي. شهر ۽ آبادي وڌڻ ڪري ڪافي گھٽيون، چؤسول ڄڻ زيارتن کي وڪوڙي ويا آهن. نوحه خواني ڪندي قافلو سوڙهين گھٽين مان ٿيندو مقام علي اصغر رضه وٽ پهتو. هي اهو مقام آهي جتي حضرت علي اصغر رضه جنهن جي عمر ان وقت ڇهه مهينا هئي، کي پاڻيءَ جي بدلي يزيدي لشڪر جي تير انداز حرملا تير هڻي شهيد ڪيو هيو. اهو ڏهه محرم ٽپهريءَ جو وقت هيو. ان کان پوءِ ٿوري مفاصلي تي مقام شهادت حضرت علي اڪبر رضه (ارڙهن ساله فرزندِ حسين رضه) آهي.

مقامِ امامِ زمانه رضه

هڪ وڏي شاهراهه جي هڪ پاسي فرات نديءَ جي ويجھو هڪ عاليشان عمارت آهي، جنهن سان گڏوگڏ هڪ ننڍي مگر شاندار مسجد آهي، جنهن کي مقامِ امامِ زمانه رضه چون ٿا. هن مسجد ۾ اسان مسلڪِ شيعه امام جي امامت ۾ نمازِ مغرب ادا ڪئي. هي اهو مقام آهي جتي امامِ زمانه پنهنجي بزرگن جون عذرخواهيون ڪيون ۽ ورتيون هيون. سالار ۽ مولوي ٻڌايو ته اها به روايت آهي ته امام زمانه هن مقام تان غائب ٿيا هئا.

مقام شهادت حضرت غازي عباس رضه

اسان ٿورو پنڌ ڪري هڪ پُل تي آياسي، جنهن جي هيٺان درياءِ فرات هينئر واهه جي شڪل ۾ ڪربلا شهر جي وچ مان گذري رهيو آهي. درياءِ فرات کي عربيءَ ۾ التمش به چون ٿا. هي درياءَ بغداد وٽان درياءِ فرات کان الڳ ٿي تقريباً اسي ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري ڪربلا پهچي پوري حرم هيٺان گذري وڃي ٿو. هن جو وهڪرو ڏکڻ کان اتر طرف آهي. جنهن پُل جي مٿان اسان بيٺا هئاسي ان جي ڏکڻ ۾ اوڀاري وهڪري ۾ هڪ پلر يا ٿنڀ بيٺل نظر آيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو مقام شهادتِ حضرت غازي عباس آهي. هن وقت زماني جي ضرورتن تحت هن جاءِ کي هتان جا مقامي ماڻهو ۽ ٻار تفريح (پڪنڪ پوائنٽ) طور استعمال ڪندي ان ۾ وهنجن پيا. مقامي طور هن درياءَ کي العاتمي ۽ القامه جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. ٻار، مرد، عورتون ڪناري سان نهر ۾ پير وجھي ويٺا به هئا ۽ ڌوئي به رهيا هئا. هاءِ ڙي گردش زمانه! ڪڏهن هن درياءَ جو پاڻي اهلبيت حسينيءَ تي ٽي ڏينهن پيئڻ لاءِ بند هيو. جڏهن ته اڄ ماڻهو ان ۾ وهنجي ۽ پير ڌوئي رهيا آهن.

مقامِ امام جعفر صادق رضه

هي مقام ان نهر القامه کان شروع ٿيندڙ بازار جي آخر ۾ واقع آهي. روايت آهي ته پاڻ هتي زيارتن لاءِ آيا ۽ هن جاءِ تي شهداءَ لاءِ گريو ۽ غم ڪيو ۽ دعا گھري هئي. هن مقام تي زيارتين جي سهولت لاءِ جوڳا انتظام ٿيل آهن. المختصر ته جن به زيارتن جو تعلق خاندان سادات سان آهي، اتي ڪجھه وڌيڪ سٺا انتظام ٿيل آهن. واپسيءَ تي امام زمانه واري مقام کان هڪ ڪشاده بازار شروع ٿي. اهو رستو وٺي واپسي اختيار ڪئي سي. بازار جي دڪانن ۾ هر قسم جو وکر پيل هيو. رستي جي ڪنارن سان ڪا به والار ٿيل نه هئي. فوٽ پاٿ کان هيٺ روڊ جا ڪنارا خالي هئا، ان ڪري رستو ڪشادو لڳو پيو هيو. ان رستي سان وڏين گاڏين جي اچڻ وڃڻ تي بندش پيل هئي. روڊ جي ٻنهي پاسي لڳل لوهي ٿنڀن ۾ پاڻيءَ جي ڦوهارن وارا هوائي پکا لڳل هئا، جن مان نڪتل پاڻي ۽ هوا گڏجي ماحول جي آبهوا کي خوشگوار بڻائي رهيا هئا. روڊ جي ٻنهي پاسي ڪونوڪارپس جا ڪٽائي ٿيل ننڍا ننڍا وڻ وڏي خوبصورتي پيدا ڪري رهيا هئا. اها بازار اڌ ميل کن هلي حرم وٽ باب سدرته المنتهيٰ وٽ روضهءِ امام حسين رضه جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ٻن بازارن جي شڪل ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي. هتي تڪڙي، سستي ۽ شخصي سواريءَ طور ويسپا موٽر سائيڪل جو استعمال عام آهي. چنگچي، رڪشا يا ٽانگي جو نالو نشان ئي ڪونهي. ان جاءِ تي سامان ۽ ماڻهو ڍوئڻ لاءِ ماڻهو ريڙهو هلائي رهيا هئا. جڳهه جڳهه تي زيارتين ۽ مسافرن لاءِ سبيلون جام آهن. هر روضي ۽ زيارت تي به سبيلن ۽ جتين رکڻ جا مفت نهايت عمدا انتظام ٿيل آهن. موبائيلن رکڻ لاءِ عورتن ۽ مردن لاءِ مفت ۾ الڳ الڳ توشيخانا ٺهيل آهن. صفائيءَ جو عمدو ۽ اعليٰ انتظام آهي. هر مسجد ۽ روضو ماربل جي فرش ۽ قالينن سان سينگاريل آهي.

الطاف حسين اسڪردو واري جون ڳالهيون

16 جون 2019ع در اصل آرام ۽ آزاديءَ سان گھمڻ ڦرڻ جو ڏينهن هيو. اسان جو قافلو اڃا تائين هوٽل ۾ ترسيل هيو. هتي هيٺين طبقي تي بنگالي ملازمن جي اڪثريت آهي. اهي ملازم گندگي ڪرڻ ۽ صفائي جو خيال نه رکڻ جي ڪري پاڪستانين کي پسند نٿا ڪن. ملازمن ٻڌايو ته هن هوٽل جو مالڪ عراق جي خفيه پوليس جو هڪ عملدار آهي. هڪ ملازم جنهن جو نالو الطاف حسين هيو، جنهن جو تعلق اسڪردو پاڪستان سان آهي، تنهن ٻڌايو ته پوليس آفيسر جو هوٽل هجڻ ڪري باقي مقامي انتظامي مداخلت کان هي هوٽل آجو آهي. هن جو چوڻ هيو ته جنگ کانپوءِ مقامي سول انتظاميا گھڻي ڀاڱي پاڪستاني انتظاميا جيان ڇڙواڳ آهي. الطاف ٻڌايو ته هڪ ڀيري هن هوٽل جي هڪ بنگالي ملازم کي گرفتار ڪيو ويو ته هوٽل جي مالڪ پوليس آفيسر مقامي انتظاميا کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن منهنجي ملازم کي آزاد نه ڪندؤ ته مان عراق ۾ ڪم ڪندڙ سڀني بنگالي ملازمن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيندس، ڇو ته اڪثر بنگالي غيرقانوني طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ عراق ۾ ترسيل آهن، جيڪي عراق جي اڪثر انتظامي آفيسرن جي ذاتي ڪاروبار ۾ سستي پگھار تي ڪم ڪن ٿا. الطاف حسين وڌيڪ ٻڌايو ته هتي عراق ۾ پاڪستان کان وڌيڪ رشوت آهي. ڪٿي به ڪنهن به دفتر ۾ ڪو به ڪم بنا رشوت جي نٿو ٿئي. مثال طور جيڪڏهن غيرقانوني طور ترسيل ڪنهن غير ملڪيءَ کي پڪڙيندا آهن ته پنجاهه ڊالر رشوت ڏيڻ تي ڇڏي ڏيندا آهن. جيڪڏهن وري وري پڪڙيو ته هر دفعي وڌيڪ رشوت ڏيڻي پوندس. جيڪڏهن رشوت نه ڏنائين ته پوءِ جيل، ڏنڊ ۽ ملڪ نيڪاليءَ جي سزا ضرور ملندس. ان مان پتو پيو ته انتظامي طور عراق جا حالات ڏاڍا خراب آهن.

حُدودِ حرم ۾ عام گاڏين کي وڃڻ ۽ گذرڻ جي اجازت ناهي. جن جا محلا ۽ آسپاس گھر آهن، اهي خاص اجازت نامن ذريعي ئي حدودِ حرم ۾ گاڏيون هلائين ٿا. عراق ۾ حرم ۽ پوري ملڪ جي زيارتن ۽ مسجدن جي اخراجات، سنڀال، تعمير، توسيع، مرمت يا واڌ ويجھه وارن انتظامن ۾ حڪومتِ وقت جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. سمورو ڪم ۽ انتظام هن وقت هڪ وقف خانگي ادارو هلائيندو آهي، جيڪو نذراني، بخشش، خيرات، ذاتي، شخصي طور ملندڙ امداد، مخير حضرات ۽ خاص طور تي ايرانين پاران ملندڙ وڏي نذراني جي رقمن سان سمورو انتظام هلائيندو آهي. ايراني سرڪار غير سرڪاري تنظيمن ذريعي وڏو خرچ ڪري ٿي. عراق جي نئين سياسي جوڙجڪ موجب صدر سني ۽ وزيراعظم شيعه مسلڪ جو ٿيندو آهي. الطاف حسين ٻڌايو ته آمريڪا جي پاران جنگي خرچ طور عراقي تيل جي سموري پيداوار جو چاليهه سيڪڙو سؤ سالن جي ليز تي مفت ۾ کنيو ويو آهي، عراق کي باقي بچيل سٺ سيڪڙو تيل جي پيداوار تي گذارو ڪرڻو پوندو. ان مان لڳي ٿو ته آمريڪا پاران عراق تي حملي جو اصل سبب ئي تيل تي قبضو ڪرڻ هيو. باقي سڀ آمريڪي بهانا هئا. ان کانپوءِ به آمريڪي فوجين کي عراق ۾ سلامتي بهاني رکيو ويو آهي. في الحال عراق جي پنهنجي فوج ڇڙوڇڙ ۽ نالي ماتر آهي، جنهن کي آهستي آهستي منظم ڪيو پيو وڃي. مٿين سطح تي عراق اڃا آمريڪا جي اثر هيٺ آهي، جنهن ۾ دفاع ۽ خارجه پاليسي شامل آهي. بغداد معاهدي کي ڄڻ هاڻي عملي شڪل ڏني وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي آمريڪا جو ايران تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جتي به سندس اکيون ايراني تيل جي کوهن ۾ آهن، ڇو ته آمريڪا پنهنجي مستقبل جي معيشت کي مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي سڀني ملڪن جي تيل جي دولت تي مڪمل اختيار رکڻ چاهي ٿو.
هوٽل جي ملازم الطاف حسين ٻڌايو ته حرم کان ٻاهر رڪشا ۽ ٻيون سواريون به آهن. مقامي مالڪ ملازمت لاءِ بنگالين کي پاڪستانين تي ان ڪري ترجيح ڏين ٿا، ڇو ته بنگالي گھٽ پگھار تي گھڻو سخت ڪم ڪن ٿا. عراق ۾ گھڻا غير ملڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن. ان ڪري اهي ملازم مالڪ جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ هو نه مالڪ کان ڪو مطالبو ڪري سگھن ٿا، نه وري نوڪري ڇڏي سگھن ٿا، ڇو ته ائين ڪرڻ کان کين گرفتاريءَ جو خوف روڪي ٿو. ان ڪري هتان جو مقامي سرمائيدار قانوني طور رهندڙ ملازمن کي رکڻ پسند نٿو ڪري. ائين مجبوريءَ جي هٿيار سان محنت جي ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. ڪربلا ۽ عراق جي گھڻن شهرن جي بازارن ۾ چين ۽ ترڪيءَ جو سامان وڪرو ٿئي ٿو. دڪاندار ٺڳي ڪري چين جي سامان کي ترڪيءَ جو ڪري وڪڻن ٿا. هوٽل جي ملازمن ٻڌايو ته خريداري ۽ ڏيتي ليتيءَ جي لحاظ کان ايران عراق کان سستو آهي. ان جو هڪ خاص سبب عراق جي ڏيتي ليتيءَ تي ڊالر جو گھڻو اثر آهي، جڏهن ته ڊالر کي ايران تي ايڏو اثرا نداز ٿيڻ نه ڏنو ويو آهي. ملازمن ٻڌايو ته ايران جا ماڻهو عراقين کان وڌيڪ نرم دل ۽ تعاون ڪرڻ وارا آهن.
الطاف حسين اسڪردوءَ واري ٻڌايو ته عراق ۾ اربعين (يارهين محرم کان ويهين صفر تائين) چاليهي دوران خاص طور تي ڪربلا ۽ نجف واري پنجاسي ڪلوميٽر جي رستي سان وڏي پيهه هوندي آهي. پاڪستان جيان عام شين جا اگھه، خاص طور تي هوٽل مهانگائي جي ور چڙهي ويندا آهن. ڏهن ڊالرن ۾ ملندڙ هڪ بسترو ستر اسي ڊالرن ۾ ملندو آهي. چاليهي (اربعين) دوران هوٽلن وارا ڪمرن جو ڪرايو بسترن جي حساب سان وٺندا آهن. اهو آهي امامن جي سوڳ کي روڳ ۾ تبديل ڪرڻ وارو عراقين جو مسلمانن سان رويو. ان مان صاف ظاهر ٿيو ته ڪنهن به مذهب جي واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جو دين ۽ ايمان سان ڪو واسطو ناهي هوندو. ڪاروباري ماڻهو مذهبي ڏهاڙن کي به جهجهي ڪمائيءَ جي موقعي طور استعمال ڪندا آهن. هُن ٻڌايو ته اربعين (چاليهي ) دوران نجف ۽ ڪربلا انسانن جي سيلاب سان ڳنڍجي ويندا آهن. گھڻا عقيدت مند پيدل به ايندا ويندا آهن. ڪي مقامي عقيدت مند يا ٻاهريان پيسي وارا زائرين انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ جڳهه جڳهه تي دسترخوان ۽ سبيلون لڳائي مفت کاڌي پيتي جو سامان ورهائيندا آهن. گھڻا عراقي چهلم ۾ شريڪ زائرين کي پنهنجي گھرن ۾ به رهائيندا آهن ۽ سندن خدمت چاڪري ڪندا آهن. انهيءَ عرصي ۾ ميزبان مهمانن کي کارائڻ، پيارڻ، وهنجارڻ، ڪپڙا ڌوئي ڏيڻ، استري ڪري ڏيڻ ۽ هٿ منهن ڌوئارڻ کي سعادت سمجھندا آهن، باقي عام حالتن ۽ ڪاروبار ۾ ائين ناهي ٿيندو. پاڪستان جو هڪ رپيو ستن عراقي دينارن جي برابر هيو. ان ڪري ننڍي وڏي شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ هزارين دينار ڏيڻا پون پيا.

عراقين جا افعال

حرمن ۾ رات جو زيارتين کان سواءِ مقامي ماڻهو به جھجهي تعداد ۾ اچن ٿا، مگر مقامي ماڻهو زيارت کان وڌيڪ تفريح لاءِ اچن ٿا. مقامي ماڻهو گھڻي ڀاڱي ٻارين ٻچين اچن ٿا، کيڏن ٿا، مذاق ڪن ٿا. وٺي آندل شيون کائين پيئن ٿا. ورانڊن ۽ صحن ۾ سگريٽ پيئڻ کي عيب نٿا سمجھن. مرد عورتن کي وڏي اهميت ڏين ٿا. ٻارن جا جھولا، ريڙها، مرد کڻن ۽ گهلين پيا. مون کي عراقين کي حرم ۾ ڏسي سيوهاڻي زائرين ياد اچي ويا، جيڪي چوندا آهن ته لال اڄ نه ڏٺوسي تي سڀاڻي ڏسنداسي، اتي آهيون ڪاڏي وينداسي. هتي عورت ڪارو برقعو (عبا) ويڙهي منهن کولي گھمي ٿي. اندران سندس سمورو لباس انگريزي شرٽ ۽ جينز وغيره تي مشتمل هوندو آهي. نوجوان ته مڪمل انگريزي لباس ۽ وارن جي نموني سان گھمن ۽ رهن ٿا. ڏهه سيڪڙو عراقي عرب جُبو ۽ پٽڪو پائين ٿا. زبان جي حد تائين ايترا قومپرست آهن جو عربيءَ کان سواءِ نه ٻِي زبان ڳالهائين، نه سمجھن. ڪاروباري ماڻهو يا دوڪاندار عربي کان سواءِ نٿو ڳالهائي. هوٽلن ۽ ڍاٻن تي ايشيائي کاڌا ملن ٿا. زيارتن خاطر اندرون شهر وڃڻ ٿيو. سوڙهيون گھٽيون ڏسي ڪربلا قديم به لڳو. سوڙهيون گھٽيون، ڀڳل ٽٽل پراڻيون جايون گند ۽ مٽيءَ جا ڍير رستي ۾ پيل، گھٽين ۾ پاڻي بيٺل، بي ترتيب گھٽيون، ورن وڪڙن ۾ وڪوڙيل محلا نظر آيا.
بجليءَ جي ٿنڀن ۾ ميٽرن ۽ بجليءَ جي پي وي سي تارن جا نوڙ ۽ ڇُڳا، ساڳيو اسان جي ملڪ واري حال ۾ نظر آيا. سؤ سؤ تارن جا ڇُڳا وچڙيل ۽ گڏيل خطرناڪ حالت ۾ هئا. ڊرينيج جو پراڻو مگر زمين دوز نظام هيو. شهداءِ ڪربلا جي خون جو ريج ڪربلا جي ريگستان ڏئي آباد ڪيو، جو ان وقت خون حسيني جا پياسا يزيدي پيروڪار عراقي، پنجتن جي ڏنل قربانين جو ڦل کائي رهيا آهن. لڳي ائين ٿو ته ڪربلا ۾ سادات جا قاتل پنهنجي پونئيرن جي شڪل ۾ ٻاهران آيل عزادارن کان عذرخواهيون به وصول ڪري رهيا آهن.

غازي عباس رضه جي اصل ضريح مبارڪ جي زيارت

اڄ رات جو يارهين وڳي خاص اجازت وٺي هڪ ڪلاڪ لاءِ غازي عباس رضه جي اصل ضريح مبارڪ جي زيارت لاءِ ڏاڪڻين ذريعي تهه خاني ۾ وياسي. اصل ضريح وارو تهه خانو هڪ وسيع ورانڊي ۾ موجود آهي، جنهن کي اسٽيل جي ڄارين ۾ بند ڪيو ويو آهي. اجازت ان ڪري وٺڻي پوندي آهي جو زيارت لاءِ ڪافي قافلا ۽ زائرين ايندا آهن ۽ هڪ ئي وقت سؤ کان وڌيڪ زائرين تهه خاني ۾ نٿا ماپي سگھن، جنهن ڪري هر قافلي کي واري واري سان ڇڏيو ويندو آهي. اتي تهه خاني ۾ مجلس به منعقد ڪئي وئي، جنهن کي ٻن عالمن مختصر خطاب ڪيو. اتي آخري طور دسترخوان غازي عباس رضه وڇايو ويو، جتي زائرين کي مختلف ميوات جو نياز ڪرايو ويو، اتان پوءِ دير سان واپس هوٽل تي پهتاسي.
17 جون 2019ع تي مختلف زيارتن لاءِ اندرونِ شهر وياسي. هڪ گھٽيءَ ۾ زيارت بازوءِ غازي عباس رضه آهي. هتي سندن بازو ڪٽيا ويا هئا. ان کانپوءِ مقامِ شير بيبي فضا جي زيارت ڪئي. هن مقام لاءِ هي روايت ٻڌائي وئي ته هن جاءِ تي بيبيءَ فضا، امام حسين رضه جي مريد شينهن وارث نالي کي سڏ ڪيو هيو ۽ هو ان سڏ تي اتي پهتو به هيو مگر امام پاڪ الاهي رضا تي راضي رهندي شينهن کي واپس ڪيو هيو.
زيارت خيامِ سادات حسيني آهي. هن جاءِ تي خيام اهلبيت لڳل هئا. زيارت جعفر جي آهي. هي به امام پاڪ جو صحابي ۽ جانثار هيو. هڪ ٻير جو وڻ به ڏٺوسي، جنهن ۾ شهادت کانپوءِ امام حسين رضه جو سِر مبارڪ لڙڪايو ويو هيو. هينئر ان وڻ جون ڦٽل پاڙون هڪ گھر اندر آهن جيڪو هينئر بند آهي.

زيارت ٽيله (دڙو)

ٽيله يا دڙو زينبيه آهي. روايت موجب هن دڙي تي بيبي سانئڻ زينب سلام الله عليها امام حسين کي شهيد ٿيندي ڏٺو هيو. ان بعد رات جو يارهين وڳي حرم جي ميدان ۾ مجلس وداع منقعد ٿي، جنهن بعد زيارت وداع ڪري هڪ وڳي هوٽل تي آياسي. 18 جون 2019ع جي رات جو،کاڌي بعد اعلان ڪيو ويو هيو ته صبح نيرن ڪرڻ کانپوءِ ڪربلا جي هوٽل فورٽين کان اڳئين سفر لاءِ روانو ٿيڻو آهي. ان خاطر صبح جو ستين وڳي تيار ٿي نيرن ڪري، سامان سميت هيٺ استقباليه تي اچي گڏ ٿياسي. سامان ريڙهن تي رکي اچي ٻاهر روڊ تي بيٺل بس ۾ سوار ٿياسي. جتان سامره شهر لاءِ روانگي ٿي. رستي ۾ الربا وستيءَ ۾ جانثار حسين رضه حضرت حُر رضه جي روضي ۽ ضريح جي زيارت ڪئي سي. هي اهو حضرت حُر آهي جيڪو ست محرم تائين يزيدي لشڪر جو سالار هيو، جيڪو امام پاڪ جي قافلي کي مجبور ڪري ڪربلا جي بيابان ۾ وٺي آيو هيو. ليڪن ست محرم تي هدايتِ حسين رضه تي نادم ٿي يزيدي لشڪر کي ڇڏي اچي قافله حسينيءَ جو حصو ۽ طرفدار بڻيو. جنهن بعد ساداتن پاران يزيدي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
روضي جو صحن ۽ اندريون حصو ڪافي ويڪرو آهي. روضي ۽ ضريح جي تعمير نهايت عاليشان نموني ٿيل آهي. روضي اندر سنگ مرمر، شيشيڪاريءَ جو عمدو ڪم ٿيل آهي. روضي جو سمورو فرش قيمتي قالينن سان ڍڪيل آهي. ڇتين ۾ عمده فانوسن جي چمڪ آهي. ٻين روضن جيان هتي به ويهي نماز پڙهڻ وارن لاءِ ڪُرسيون رکيل آهن. هتي به دعاءِ زيارت پڙهي ٻه رڪعتون نفل ادا ڪياسي. هي روضو به زائرين جي آمد ۽ سهولت خاطر مڪمل طور ايئرڪنڊيشنڊ آهي. هي واحد وڏي زيارت آهي جتي ڪا به تلاشي ناهي. نه وري موبائيل اندر کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. زيارت لاءِ ٻيا به ڪافي قافلا آيل هئا.
ٻاهر ٿڌي سبيل جو اعليٰ انتظام ٿيل آهي. ٻڌايو ويو ته حضرت حُر جي پيءُ جو نالو يزيد الرياحي هيو. اتان روانا ٿي رستي ۾ بي بي زينب سانئڻ جي فرزند حضرت عون رضه جي روضي جي زيارت ڪئي سي. روضو اڃا زير تعمير آهي. سانئڻ زينب جو ٻيو فرزند حضرت محمد رضه گنج شهيدان ڪربلا ۾ دفن آهي. اهڙي طرح ڪربلا جا مسافر شهيد جنگ جي ڪري لاشن جي صورت ۾ هيڏي هوڏي وکري ويا. اتان نڪري اچي چند ميلن جي فاصلي تي حضرت مسلم بن عقيل رضه جي ٻن شهيد فرزندن حضرت محمّد ۽ حضرت ابراهيم بن حضرت مسلم بن عقيل رضه جي روضي جي زيارت لاءِ پهتاسي. ٻنهي شهيدن جو روضو ۽ ان جو صحن هڪڙو ئي آهي، مگر روضي اندر ضريحون الڳ الڳ آهن.
شهزادن کي ڪوفي ۾ حضرت مسلم بن عقيل رضه جي شهادت کانپوءِ زوجه بن حارث گھر ۾ پناهه ڏني هئي، مگر حارث انعام جي لالچ ۾ شهزادن کي شهيد ڪري سندن لاش نهر القمه فرات ۾ لوڙهي ڇڏيا. حارث ابن زياد کان انعام وٺي پنهنجي عاقبت خراب ڪئي. لاش القمه ۾ لڙهندا آيا. هتان جي ڪنهن رهواسي لڙهندڙ لاش ڏسي ڪڍي هتي دفن ڪيا. ان وقت کان وٺي هي وستي بارونق آهي. روضو ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. هتي موبائيل اندر ضريح ۾ کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. روضي اندر شيشي ۽ ڪاشيگريءَ جو اعليٰ ڪم ٿيل آهي. روضي اندر هڪ ننڍي لائبريري به آهي. شهيد ابراهيم جي ضريح ڏکڻ ۽ محمد رضه جي اتر ۾ آهي. ٻاهرئين ميدان ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳل آهي. حارث جي زال جيڪا مومنه هئي تنهن شهزادن کي بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي مگر حارث انعام جي لالچ ۾ انڌو ٿي چڪو هيو.

زيارت حضرت بهلول بن عمير تصريفي

ڪجھه ميلن تي مجذوب بزرگ حضرت بهلول بن عمير تصريفي جي زيارت آهي. تاريخ ۾ هن بزرگ جو وڏي احترام سان نالو ورتو ويو آهي. سندس روضو پراڻي ۽ شايد اصلي حالت ۾ زبون ٿيل آهي. مقبري جي مٿان گاري، گوبر سان ان قسم جو ڪو سيمنٽ وغيره جو پلستر ٿيل آهي، جيڪو هنڌان هنڌان اکڙي چڪو آهي. روضي جون ديوارون کاڄي سيڪ زده ٿي چڪيون آهن. روضي جي صحن ۽ آسپاس ڊڀ ڄمي ويا آهن. جنهن درجي جو هي بزرگ آهي ان مطابق عهدِ حاضر جي حاڪمن ان جو قدر ناهي ڪيو. پاڻيءَ جا اڻپورا انتظام آهن. سندس روضي تي ڪو به خادم يا ملازم ڪونهي. زماني جي بي قدري ڏسي ڏاڍو رنج ٿيو. هي بزرگ خليفي هارون الرشيد عباسيءَ جي دور جو آهي.
بهلول جي خيلفي جي قاضي القضات ۽ عالم حضرت جنيد بغداديءَ سان اصل نه پوندي هئي. ٻنهي جا اڪثر خليفي جي درٻار ۾ علمي مناظرا پڻ ٿيندا هئا. روايت آهي ته هڪ ڏينهن بهلول دجله درياءَ جي ڪناري واريءَ جا گھر ٺاهي هوڪا ڏئي رهيو هيو ته هڪ درهم ۾ جنت ۾ گھر وٺو. ايتري ۾ هارون الرشيد جي بيگم ملڪه زبيده سير ڪندي سواريءَ تي اتان گذري. بهلول جو هوڪو ٻڌي بيهي رهي. بهلول کي چيائين هڪ درهم وٺ، هڪ گھر مون کي به ڏي. بهلول کيس چيو ته ملڪه وڃو، جنت ۾ توهان جو گھر ٿي ويو. پويان محل ۾ هارون الرشيد آرامي هيو ۽ خواب ۾ جنت جو سير ڪري رهيو هيو. گھمندي ڦرندي هڪ عاليشان محل نما گھر نظر آيس. پڇڻ تي ٻڌايو ويس ته اهو گھر ملڪه زبيده جو آهي. ايتري ۾ خليفي کي سجاڳي ٿي ته مٿان ملڪه به اچي وئي. خليفي پڇيس ته ڪٿان پيا اچو. ملڪه چيس ته درياءَ دجله جو سير ڪرڻ وئي هيس، اتي بهلول جنت جا گھر وڪڻي رهيو هيو. مون به هڪ گھر ورتو آهي. خليفي کي خواب واري ڳالهه ياد اچي وئي. تڪڙ ۾ سواري تيار ڪرائي اچي دجله جي ڪناري تي پهتو. مست بهلول کي چيائين مون کي به هڪ گھر ڏي. بهلول چيس خليفا! هي اڻ ڏٺو سودو آهي. تون ڏسي سودو ڪرڻ آيو آهين. ان ڪري تولاءِ گهر ناهي. (الله بهتر ٿو ڄاڻي).

حضرت يوشع نبيءَ جي زيارت

هي زيارت يا مقبرو حضرت بهلول جي سامهون ويجھو آهي. حضرت يوشع حضرت موسيٰ جي دور جو نبي آهي. عمارت ۽ مزار ماضيءَ جو ڊٺل ڏيک ڏئي رهيا هئا. هن روضي جي ڪا به سار سنڀال نظر نه آئي. حضرت يوشع نبيءَ جي قوم تي به نافرمانيءَ جي ڪري عذاب نازل ٿيو هيو.


حضرت جنيد بغداديءَ جي مزار

حضرت جنيد بغدادي خليفي هارون الرشيد جي خلافت ۾ بغداد جو قاضي القضات (چيف جسٽس) هيو. ان ڪري شيعه مسلڪ کي سندس ڪجھه فيصلن سان اختلاف رهيو آهي، جنهن ڪري سندس مزار جو ڪو خاص خيال نٿو رکيو وڃي، باقي صفائي ٿيل هئي. مجموعي طور طور پاڻ هڪ عالم، تاريخدان، حديث ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هيو. حضرت بهلول سان سندس علمي اختلاف رهندا هئا، جنهن ڪري حضرت جنيد بغدادي خليفي سان حضرت بهلول جون شڪايتون ڪندو رهندو هيو ان ڪري ٻئي پاڻ ۾ نه ٺهندا هئا. عباسي بغدادي خلافت جو دور ساداتن ۽ اهلبيت لاءِ ڏکيو هيو. 

حضرت ابراهيم بن مالڪ اشتر رضه

هي حضرت علي رضه، حضرت امام حسين رضه جا صحابي آهن. سندن والد مالڪ اشتر حضرت علي رضه جي خلافت ۾ مدائن جو گورنر هيو. جنهن کي هٽائي بعد ۾ حضرت علي رضه مدائن جي گورنر طور حضرت سلمان فارسيءَ کي مقرر ڪيو هيو. جڏهن مختار ثقفي ڪوفي جو حاڪم ٿيو ته سندس حاڪميت جي ارڙهن مهينن دوران حضرت ابراهيم بن مالڪ اشتر سندس فوج جو سپهه سالار هيو. هي محب اهلبيت هيو. حضرت غازي عباس رضه به کيس ڏاڍو ڀائيندو هيو. سندس مزار بغداد جي ٻهراڙيءَ ۾ آهي. شهداءِ ڪربلا جي قاتلن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيائين. وسيع تر اڱڻ ۾ ويڪرو روضو آهي، جنهن ۾ شيشاڪاريءَ جو ڪم مقبري جي ديوارن کي زينت بخشي ٿو. هتي به ٻين روضن جيان سڀ سهولتون آهن.

زيارت محمّد بن علي هادي رضه

پاڻ امام علي نقي جا فرزند ۽ امام حسن عسڪريءَ جا ڀاءُ آهن. علي هادي امام علي نقيءَ جو لقب آهي. هتي عقيدت مند باسون باسيندا آهن، خاص طور تي مراد پوري ٿيڻ تي ٻڪرو ذبح ڪيو ويندو آهي. سندن روضو هينئر نئين سر زير تعمير آهي. هي زيارت شهر ڪربلا ۾ آهي. بسون روضي کان اڌ ميل پري بيهاريون وڃن ٿيون، جتان زائرين پيدل روضي تي پهچن ٿا. ان دوران تلاشيءَ جون چوڪيون آهن. ڪٿي ڪٿي پهري تي بيٺل فوجي کلندي نعرا به هڻن پيا ۽ هٿ به ملائين پيا. روضي تي زائرين لاءِ ڪافي سهولتون موجود آهن. دالان ٽين جي ڇتين سان ڇانيل آهن. سمورو روضو اندران شيشي جي پچڪاريءَ سان سينگاريل آهي. ڀتين تي به خوبصورت شيشي جو جڙاءُ آهي. هتي به سنگ مرمر جو فرش عمده قالينن سان ڍڪيل آهي.

امام علي نقي رضه ۽ امام حسن عسڪري رضه جي زيارت

عراق جي شهر سامره، سامرا يا سمرء ۾ امام علي نقي رضه ۽ سندس فرزند امام حسن عسڪري رضه جو گڏيل روضو آهي، جنهن ۾ امام حسن عسڪريءَ رضه جي والده جي به مزار آهي. اسان جڏهن هن روضي جي زيارت لاءِ آياسي ته اسان جي بسن کي هڪ ميل پري بيهاريو ويو ۽ چيو ويو ته هتان زيارت لاءِ پيدل وڃڻو پوندو. اسان به گوڏن تي زور رکيو. هي روضو حفاظتي لحاظ کان نهايت حساس آهي. عراق جي هي واحد زيارت گاهه آهي، جنهن جي حفاظتي انتظامي ذميواري عراقي فوجين حوالي آهي. چند سال اڳ ۾ هن روضي تي القاعده ۽ داعش پاران خودڪش حملا ڪري شديد نقصان پهچايو ويو آهي. روضي تائين پهچندي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. رستي ۾ ٽن جاين تي سخت تلاشي ورتي وئي. عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ تلاشي جو انتظام هيو. سامان بسن ۾ رکيل رهيو. قافلي کي اڄ رات هتي سامره ۾ رهڻي هئي. هينئر روضي جي شهيد ٿيل حصن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ٿي رهي آهي. روضي جي اندر پهچڻ لاءِ ٻه صحن اڪرڻا پون ٿا. روضي جو اندريون حصو شيشيڪاري جو ٽُڪ سان جَڙيل آهي. هڪ ضريح ۾ چار مزارون آهن. هڪ امام علي نقي رضه، ٻِي امام حسن عسڪري، ٽين سندس والده ۽ چوٿين به هڪ مزار آهي، جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. روضي جي حدود اندر چوڌاري ميدان، سامهون واري دروازي اڳيان صحن آهي. صحن جي ٻئي پاسي روضي جي سامهون امام حسن عسڪريءَ جي رهائشي حويلي آهي، جنهن کي هينئر مهمان خاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن گھر جي مالڪيءَ جا ڪاغذ اڃا تائين امام حسن عسڪريءَ جي نالي آهن. هن روضي جو گھڻو حصو زمين دوز ٻن منزلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لهڻ چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون ۽ لفٽ موجود آهي. روضي ۽ سڄي صحن جي فرش کي قيمتي قالينن ۽ غاليچن سان خوبصورت نموني ڍڪيو ويو آهي. کليل صحن ۾ وڏيون وڏيون ڇٽيون لڳل آهن، جيڪي اس ۽ مينهن کان بچاءُ لاءِ آهن.
هتي ماني يا کاڌي لاءِ هوٽل ناهي ۽ سامره ۾ اهڙي هوٽل کولڻ تي پابندي آهي، ڇو ته امام حسن عسڪريءَ جي وصيت آهي ته هتي اچڻ وارا زائرين سندس مهمان آهن، انهيءَ جي ڪري مهمان خاني ۾ زائرين لاءِ ٽي ويلا دسترخوان لڳندو آهي. هڪ ئي وقت ٽي سؤ ماڻهو ماني کائي سگھن ٿا. مهمان خاني ۾ قطار ۾ وڃڻو پوندو آهي. هڪ وقت ٽي سؤ مهمانن کي ماني کارائي ويندي آهي. کارائڻ جي ان عمل تي پندرهن ويهن منٽن جو وقت لڳندو آهي. هڪ پاسي کان مهمان ايندا آهن ۽ ٻئي پاسي کان نڪرندا ويندا آهن. ماني کارائڻ جو سلسلو تيستائين جاري رهندو آهي جيستائين هڪ به مهمان باقي هوندو آهي، ان وقت تائين دسترخوان نه ويڙهبو آهي. اندر ٽيبلن ۽ ڪرسين تي ماني کارائي ويندي آهي. سڄو هال ايئرڪنڊيشنڊ آهي. فرنيچر ۽ ٿانوَ به نوان ۽ صاف سٿرا آهن. کاڌو سلاد کان وٺي هر هڪ شي پلاسٽڪ ۾ بند ٿيل هوندي آهي. مهمانن جي ماني کائي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽيبلن تي وڇايل پلاسٽڪ جي دسترخوانن سميت ٿانو ۽ بچيل کاڌو ويڙهي هڪ ٽرالي ۾ رکن پيا. اهڙي طرح چند گھڙين ۾ صفائي ٿي پئي وڃي. کارائڻ وارا خدمتگار به خاص لباس پاتل هوندا آهن. ڪو ٻيهر به کائڻ اچي ته منع ناهي هوندي. ماني کارائڻ جو عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ انتظام آهي. هتي هر ڪو زائر ڏينهن توڙي رات جو به آرام ڪري سگھي ٿو. هتي موسم آهر چادر يا ڪمبل ميزبان انتظاميا پاران مفت ڏنا ويندا آهن. جون ۾ به رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ اسان کي سيءُ کان بچاءَ لاءِ ڪمبل وجھڻو پيو. رات جو ڏهين ۽ يارهين وڳي جي درميان صحن کي قناطن جو پردو ڏئي عورتن ۽ مردن کي الڳل الڳ ڪيو ويو، يعني عورتون هڪ پاسي ۽ مرد ٻئي پاسي. صبح جي نماز وقت قناطون هٽايون ويون. هتي جا غسل خانا صاف سٿرا ۽ ڪافي تعداد ۾ آهن، جتي پاڻي جھجھي انداز ۾ آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ غسل خانا به الڳ آهن.
ايشيائي ماڻهو مانيءَ جي قطار ۾ به پيهه ۽ ڌڪا ڌوڻ نه پيا ڇڏين. سمره يا سامره جي آسپاس نهري نظام ۽ آبپاشي هجڻ ڪري زرعي پوکون به نظر آيون، جنهن ۾ هنداڻا، گدرا، ونگا، کيرا ۽ ٽماٽر ڏسڻ ۾ آيا. ڪي وليون ٿوڻين ۽ منهن تي به چڙهيل هيون. نهري پاڻيءَ لاءِ دجله ۽ فرات ندين جو پاڻي ڪتب آندو وڃي ٿو. ٻهراڙين ۾ سم نالا به آهن. واهه گھڻي ڀاڱي زمين جي سطح کان هيٺ وهن ٿا، شايد انهن مان مشينن ذريعي پاڻي کنيو وڃي ٿو. روضي تي هر وقت هزارين زائرين جو هجوم رهي ٿو. القاعده ۽ داعش سان مقابلن ۾ ماريل فوجين جا فوٽن وارا بينر جڳهه جڳهه چؤسولن تي سندن نالن سان لڳل آهن. هتي هر شيءِ عربيءَ يا ٿوري گھڻي فارسيءَ ۾ لکي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. اردو ۽ انگريزيءَ جو نالو نشان به ڪونهي. روضي کان بس اڏي جي وچ ۾ ڪجھه ننڍيون گاڏيون به هلن ٿيون، جيڪي سرڪار يا ٽرسٽ پاران مفت ۾ مسافرن کي آڻين ۽ نيئن ٿيون. روضي جي صحن ۾ وڏا ايئرڪولر به لڳل آهن.
صبح جو تيار ٿي نيرن ڪري زيارت وداع بعد ٻاهر آياسي ته روضي ٻاهران ڪوسٽر تيار هئا، جن ۾ چڙهي ٻاهر بسن تائين آياسي. اڳتي پوئتي هجڻ ڪري باقي دوستن جو انتظار ڪرڻو پيو. صبح جي وقت آبهوا ڏاڍي وڻندڙ هئي. آخر ستين وڳي سڀني جي اچي وڃڻ کانپوءِ اڳتي جي سفر لاءِ الله تو آهر ڪئي سي. ٻن ڪلاڪن جي سفر بعد نوين وڳي اچي ڪاظمين بغداد پهتاسي. ڪاظمين ۽ بغداد آبادي وڌڻ ڪري گڏجي ويا آهن. اسان جي رهائش ڪاظمين جي هوٽل “الرياح” ۾ هئي. سامان هوٽل جي ڪمري ۾ رکيوسي. اڳ ۾ ئي پڪي نيرن تيار هئي، ان ڪري کاڌي هال جو رخ ڪيو سي. کاڌا ڏاڍا صاف سٿرا، ذائقي دار پاڪستاني يا ايشيائي بورچين جا تيار ڪيل هئا. اڄوڪو ڏينهن آرام جو هيو، ان لاءِ وهنجي سهنجي آرامي ٿياسي. اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ سُتَت ئي اچي سنگت ڪئي. منجھند جو ڏيڍ وڳي مانجھاندي جي سڏ تي سجاڳي ٿي ته کاڌي هال اچي ڏوپهرو ڪيوسي. چانهن پي وري به آهلي پياسي. لڳي پيو ته قافلي سان هجڻ ڪري ذائقيدار کاڌن ۾ فرق نه هيو. ٿي سگھي ٿو ٻين لاءِ يا اڪيلي مسافر لاءِ کاڌي جي ذائقي جو مسئلو هجي ۽ مقامي ماڻهن جو ذائقو الڳ هجي. رستن تي ننڍا ننڍا ڇاپرا ۽ ڪيبنيون به هيون، جتي ڪباب، برگر، چپس ۽ ٻين ڀاڄين وارا کاڌا به ملن ٿا. آرام ڪرڻ بعد رات جو امام موسيٰ ڪاظم جي زيارت لاءِ وڃڻو هيو ڇو ته حفاظتي اپائن جي ڪري هي روضو رات جو يارهين وڳي بند ٿي ويندو آهي.

زيارت امام موسيٰ ابن امام جعفر صادق الڪاظم

زيارت جناب محمد جواد ابن امام جعفر صادق الڪاظم
هي روضو صحن ۽ ورانڊن سميت تمام وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. رات جو بلبن ۽ ماڻهن جي پيهه ڪري وڏي رونق آهي. روضي جي قبي جي مٿان سونهري رنگ آهي، جيڪو روشنيءَ ۾ چمڪي ٿو. اسان جي هوٽل جي درين مان مقبري جو ٻاهريون منظر صاف نظر اچي ٿو. مقبري ۾ امام موسيٰ ڪاظم رضه ۽ حضرت جواد جون مزارون آهن. ٻئي شهزادا پاڻ ۾ ڀائر آهن. امام موسيٰ ڪاظم کي عباسي خليفي هارون الرشيد جي دور ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو هيو قيد دوران. ڪفن دفن ۾ سندن ڪنهن عزيز ۽ عقيدت مند کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه هئي. جيل جا چار قيدي جنازو کڻي بغداد جي پل تي آيا هئا.
روضي جي طرز تعمير عراق جي ٻين روضن جي تعمير سان مشابهه آهي. اندر شيشاڪاري ۽ سنگ مرمر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. هتي به زيارت لاءِ ايندڙ ويندڙ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ رستا ۽ انتظام آهي. سبيلن جو اعليٰ انتظام آهي. هتي به روضي اندر موبائيل کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. هوٽل کان زيارت لاءِ ويندي رستي ۾ هڪ جاءِ تي عربي عالم شريف رضي جي مزار آهي. هن عالم مولا علي رضه جي خطبات تي مشتمل ڪتاب “نهج البلاغ” ترتيب ڏنو هيو. جنگ جي مرڪز هجڻ ڪري اڄڪلهه بغداد ۾ سخت حفاظتي انتظام ٿيل آهن. هوٽل کان مزار تائين رستي ۾ ٽن جاين تي تلاشي ٿئي ٿي. روضي جي ٻاهر جا انتظام فوج ۽ اندر جا انتظام ڪميٽيءَ حوالي آهن. روضي کي ٻن مزارن جي ڪري ٻه مقبرا ۽ چار وڏا مينار آهن، جن مان ٽي مينار مڪمل آهن ۽ هڪ جي تعمير هلي رهي آهي. ٻاهرئين دروازي کان صحن ۽ روضو هيٺاهينءَ تي آهي. ان ڪري ٻاهران دروازي وٽان اندر جو نظارو صاف نظر نٿو اچي . هوٽل رجابه يا الرياح جي چوٿين منزل تي کاڌي وارو هال آهي، جنهن جي درين مان روضي جو ٻاهريون منظر صاف نظر اچي ٿو، ڇو ته مينارن ۽ مقبري جو رنگ سونهري آهي. القاعده ۽ داعش جو بغداد ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ اول عراقي فوج ۽ ان کانپوءِ آمريڪي ۽ ناٽو جي فوجين سان جنگي جھڙپون ٿيون هيون. هوٽل مان ڏوپهرو ڪري اچي بسن ۾ ويٺاسي. بسن ۾ اڳتي پوئتي ويهڻ تي زيارتين ۾ گرما گرمي ٿي پئي. بهرحال وچ ۾ پوڻ تي حالات ٺيڪ ٿي ويا. گاڏيون هليون ته رستن ڏي نظر ڪرڻ سان تباهيءَ جا منظر صاف نظر اچن پيا. تاريخ جا ورق گواهه آهن ته بغداد ٻاهرين حملي آورن ۽ اندروني ويڙهاند جي ڪري سوين ڀيرا برباد ۽ آباد ٿيو آهي. سڄو شهر نئين ۽ پراڻي تعميرات جو مجموعو آهي. اسان کي اڳيان غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيرحه جي مزار تي حاضري ڏيڻي هئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان گلن ٻوٽن جون نرسريون هيون، جن ۾ هر قسم جا گل ۽ ٻوٽا ڪونڊين ۾ به هئا، جن ۾ رابيل، گلاب ۽ ٿوهر جا ٻوٽا به نظر آيا. رستن سان کجين جي قطارن ۾ ناريل جا وڻ به هئا. هر پاسي ڄڻ ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ ۽ پريان لوءِ پيا نظر اچن. غوث اعظم جو روضو آيو ته بسون رڪيون. زائرين کي چيو ويو ته جن کي زيارت ڪرڻي آهي اهي لهي اچن. چند شيعا زائرين کان سواءِ باقي سڀ شيعا سني زائرين لهي آيا. هيءَ هڪ وڏي ۽ ويڪري شاهراهه آهي. روضي جو شاهراهه وارو دروازو بند هيو، ان ڪري اولاهين پاسي کان ڦري داخل ٿياسي. اندر ۽ ٻاهر روضي ۽ مسجد جي مرمت هلي رهي هئي. ان ڪري ضريح جو دروازو بند هيو. خدام ٻڌايو ته اڄڪلهه مرمت جي ڪري ٽپهريءَ جي نماز کانپوءِ ضريح جو دروازو کلندو آهي. اسان کي تڪڙ هئي. اسان کي مدائن ۾ حضرت سلمان فارسي رضه جي حاضري ڀرڻي هئي ۽ شام تائين ايران عراق جي سرحد پار ڪرڻي هئي. منجهند جو هڪ وڳي تائين روضو مسجد گھميوسي. قل خواني ۽ نوافل ادا ڪيا. زائرين جو تعداد مختصر هيو. روضي ۽ صحن جي ايراضي وسيع ۽ گھڻي آهي. هڪ وڳي بغداد مان روانا ٿياسي.
سڄي عراق وانگر بغداد به لٽيل ۽ ڦريل قافلي جي ڪنهن مسافر جيان لڳو. اهڙي برباديءَ جا آثار هر پاسي نظر اچي رهيا هئا. جڳهه جڳھه تي بريڪر، رڪاوٽون، ڪنٽينرن ۽ گرلن جي شڪل ۾ بيهاريل هيون. شهر مفلوج ۽ پنهنجي برباديءَ تي سوڳوار نظر آيو. دارالحڪومت هجڻ جهڙو انتظام نه هيو مگر هر طرف گندگي هئي. لکت سموري عربيءَ ۾ آهي. نالي وارا بورڊ، اشتهاري بورڊ، دڪانن جا نالا، روڊن ۽ چؤسولن جا نالا به عربيءَ ۾ هئا. ڪٿي به ڪنهن اشتهار ۾ عورت جي تصوير نه هئي. ٽيليويزن تي نظر ايندڙ عورتون به عبا جي پردي ۾ نظر آيون. لکڻ ڳالهائڻ ۾ صرف عربي پئي هلي. عربي نه اچڻ جي ڪري ڪنهن مزدور، دانشور، سياسي ڪارڪن يا دڪاندار سان ڳالهائي به نه پيو سگھجي. ان ڪري وڌيڪ حالات جي معلومات نه ملي سگھي. باقي ظاهري حالتن ۽ واقعن مان ائين معلوم ٿي رهيو هيو ته حالتون عراقي عوام ۽ حڪومت جي هٿ وس ناهن. ظاهري طور تي رڳو حڪومت جو نالو ئي وڃي بچيو آهي، باقي اصل اختيار آمريڪين جي هٿ وس آهن. مجموعي طور بغداد سان وڏو بغداد ٿيل آهي.
اوڻيهه سؤ سٺ جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ ٻين ڪجھه يورپي ملڪن سان گڏجي سيٽو (SEATO) جي نالي سان هڪ معاهدو ڪيو ويو، جنهن کي عام طور تي بغداد پيڪٽ چيو ويندو آهي. هن معاهدي ۾ ڪجھه ايشيائي ملڪ ۽ وچ اوڀر جا ملڪ به شامل هئا، ليڪن هي معاهدو گھڻو وقت نه هلي سگھيو، ڇو ته هر معاهدي جيان هن ٺاهه ۾ به وڏين طاقتن جا مفاد شامل هئا. جڏهن ته ٺاهه مطابق ميمبر ملڪن جي معاشي ترقيءَ جي اوسر ڪرڻ گڏيل مقصد هيو. آخر ان مرده گھوڙي ۾ ساهه وجھڻ بدران آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن ناٽو (NATO) نالي هڪ هاٿي پاليو، جيڪو اڃا تائين غريب ملڪن جو رت پي رهيو آهي. ناٽو جي مقابلي ۾ روس وري ڪجھه اوڀرندن ملڪن سان گڏجي وارسا ٺاهه ڪيو. بنيادي طور تي هي ٻئي دفاعي ٺاهه هئا. انهن کان پوءِ سيٽو ۽ سينٽو (SENTO) ٺاهه عملي طور ساڪت ٿي ويا. اهڙي ريت دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن کي مشرق ۽ مغرب جو نالو ڏنو ويو. هنن ٺاهن جي ڪري مسلمان ملڪن تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. روس جي ٽٽڻ کانپوءِ وارسا ٺاهه عملي طور ختم ٿي ويو آهي، باقي ناٽو ٺاهه کي اقوام متحده جي آڙ ۾ آمريڪا پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. اقوام متحده جي فوجن جي نالي آمريڪا غريب اسلامي ملڪن ۽ آفريقي قومن خلاف استعمال ڪري ترقي پسند تبديليءَ کي روڪيون ويٺو آهي، جنهن ڪري ترقي پسند ڌريون وڏي ڏچي ۾ آهن ۽ اتي دهشتگردي کي هٿي ملي رهي آهي.
بغداد جي ٻهراڙين ۾ توڙي آسپاس گھڻي ساوڪ نظر آئي. کجين جي باغن کان سواءِ ڪونوڪارپس، ڪجھه ٻيريون، ٽاريون، سرنهن ۽ ناريل جا وڻ به هئا. ٿوري گھڻي پوکي راهي به ٿيل هئي. ڪٿي ڪٿي ڪڻڪ جو لابارو ٿيل هيو. ٻوٽن ۾ ڊڀ، ڪانڊيرا، لاڻي ۽ نڙ جام هئا. غير آباد ۽ سم واري زمين ۾ رستن سان لاڻي جو ٻوٽو جام نظر آيو. عراق پورو گھمڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻ لاڻي عراق جو قومي ٻوٽو آهي. ويهارو کن جيلن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ دشت ۽ ويراني شروع ٿي. جيڏانهن ڪر نگاهه تيڏانهن رڻ ئي رڻ هو. رستي سان نه آبادي، نه ڪو ڳوٺ، نه هوٽل، نه پيٽرول پمپ، ڪجھه به نه هيو. مسافر جي گاڏي خراب ٿئي ته ڏچي ۾ اچي وڃي. موبائيل فون کان سواءِ ڪو سهارو ڪونه هيو. جتي جتي سم جي پاڻيءَ جا دُٻا هئا اتي ڪنگ، آڙي ۽ نيرڳ نظر آيا ٿي، باقي صرف الله ئي الله هيو. رستي ۾ وقت جي تنگيءَ سبب مدائين ۾ حضرت سلمان فارسيءَ جي روضي جي زيارت ملتوي ڪئي سي. نيٺ پنجن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ايران عراق جي سرحد تي اچي پهتاسين. هي سمورو رستو مون کي ستر جي ڏهاڪي وارو حيدرآباد- ڪراچيءَ سپر هاءِ وي لڳو. سرحد جو دورازو اڃا بند نه ٿيو هيو. عراق جي سرحدي حصي جي زبون حالي ڏسي افسوس ٿي رهيو هيو. ڄڻ ٽرڪن جو ويران اڏو پئي لڳو. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻي پيئڻ لاءِ به نه پئي مليو. قافلي جي مسافرن کي هڪ ميدان تي ويهاريو ويو. بيهي بيهي يا زمين تي ويهي ويهي ٿڪجي پياسي.
قافلي جا سالار عراقي سرحدي عملدارن سان ڳالهين ۾ لڳي ويا. ڦڏو ان ڳالهه تي هيو ته عراقي اختيارين موجب سندن حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو مسافر جنهن سرحد تان عراق ۾ داخل ٿيندو اتان ئي واپس ٿيندو ۽ اهو فيصلو صرف پاڪستانين لاءِ هيو. معنيٰ ته “جتان هلي جيئن تڌي پهچي تيئن” واري ڪار هئي. اهو معاملو ان ڪري ٿيو جو جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان جي لاکاڻي ٽريولز جي مسافرن جو بغداد ايئرپورٽ جي اختيارين سان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪافي پاڪستاني مرد ۽ عورتون گرفتار ڪيا ويا هئا. اهو معاملو ميڊيا کنيو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جهڙن وزيرن کي عراق اچڻو پيو. ڳالهين بعد عورتن کي آزاد ڪري هڪ مسافر کي ڦڏي بازي ڪرڻ تي ٻه هزار ڊالر ڏنڊ ۽ ٽي ڏينهن قيد جي سزا ڏئي معاملو ختم ڪيو ويو. ان ڦڏي جي ڪري عراقي حڪومت صرف پاڪستانين لاءِ سرحد پار ڪرڻ جو نئون قانون منظور ڪيو هيو. بهرحال ٻن اڍائن ڪلاڪن جي مٿا ڪُٽ کانپوءِ ڏيتي ليتيءَ سان پاسپورٽن تي ٺپا هڻي اسان کي سرحد پار ڪرڻ ڏني وئي، ورنه اسان کي سالارن پاران ڊيڄاريو ويو هيو ته رات پٽ تي سمهڻي پوندي يا واپس نجف هلڻو پوندو، ڇو ته اسان اتان ئي عراق ۾ داخل ٿيا هئاسي ۽ اتان ئي نڪرڻو پوندو. خدا خدا ڪري عراقي دشت جي دروازي کان ايراني گلزار ۾ داخل ٿياسي. هن پاسي ته رونق ئي رونق هئي. روشنين ۾ آرام سان ايران ۾ داخل ٿياسي. هتي مسافرن جي آمد ۽ روانگيءَ لاءِ الڳ الڳ اي سي ٽرمينل هئا. بهترين مسجد، غسل خانا، ڦوهارا ۽ وڏي ميدان ۾ ڇانوَ لاءِ ڇٽيون لڳل هيون.
ايراني حدن ۾ اچي جان ۾ جان آئي. سرحد جي مُک ايراني عمارت جي وچ چوٽيءَ تي فارسيءَ ۾ “مهران” لکيل هيو. اهي اکر سيمينٽ جا اڀريل هئا. سالارن قم لاءِ بسون ڀاڙي تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سالارن کي بچت جي ۽ مسافرن کي وري تڪڙ جي هئي. اتي ڪجھه مسافرن ۽ سالارن ۾ منهن ماري به ٿي. آخرڪار بسن سان ڪرايو طئي ٿيڻ بعد اسان بسن ۾ سامان رکرائي پاڻ به سوار ٿياسي. ٻڌايو ويو ته سرحد جو فاصلو قم تائين چوڏهن کان ٻارهن ڪلاڪن جو آهي. سالارن چيو ته رستي ۾ رڪبو ۽ رات جي ماني کائبي، ان سان گڏ صبح جو نيرن به ڪرائبي. سالار سڀئي هڪ بس ۾ سوار ٿيا ۽ اسان ٻِي بس ۾ هئاسي. هلندي هلندي بسون اڳتي پوئتي ٿي ويون. ٿوري دير کانپوءِ جابلو رستا شروع ٿي ويا. ايراني علائقن جي موسم، ترقي ۽ رستن جي حالت بلڪل بدليل هئي. رستا سُٺا سؤکا، ٻطرفا ۽ ڪشادا هئا. رستي ۾ اخروٽ، بادام، زردالو، آلو بخارن ۽ انگورن جا باغ هئا. ڪڻڪ جي فصل جو ڪٿي لابارو ٿيل ته وري ڪٿي فصل لاباري لاءِ تيار هيو. رستي جي ٻنهي طرف ڳوٺ، شهر، پمپ، هوٽلون ۽ آباديون هيون. ٻنهي پاسي جبلن جو اڻ کٽ سلسلو هيو. اسان ڄڻ جبلن جي وچ ۾ واديءَ مان گذري رهيا هئاسي. موسم هڪدم بدلجي وئي. گرميءَ مان سردي ٿي وئي. ٿڌ جي وڌي وڃڻ ڪري بسن جي اي سي بند ڪرائڻي پئي. عجيب ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊرائيور اي سي هلائيندا ڪونهن. ايران ۾ اسان جي بسن وارو ڊرائيور وري اي سي بند نه پيو ڪري. رات ختم ٿيڻ تي آئي ته نماز لاءِ هڪ جاءِ تي بيٺاسي. مان نماز لاءِ بس مان اهو سوچي لٿس ته هيٺ موسم معتدل هوندي، پر هيٺ لهندي ئي سيءُ ڪنهن جن وانگر چنبڙي ويو. واش بيسن جو پاڻي ايترو ته ٿڌو هيو جو وضوءَ جو ارادو ترڪ ڪري صرف پيشاب ڪري جلدي اچي بس ۾ ويٺس. ٻاهر ڄڻ لُهري پئي لڳي. هلڪي هلڪي هوا سرديءَ کي ڄڻ چيڙائي رهي هئي. هڪ طرف ٿڪاوٽ، ننڊ جو غلبو، سردي ڄڻ هڪ ئي وقت ٻڌي ڪري اسان تي حملي آور ٿيا هئا. اسان اڃا تائين آسري ۾ هئاسي ته اڳيان هلندڙ گاڏيون ڪٿي بيهنديون ته ماني کارائيندا، ناشتو نيرن ڪرائيندا، مگر اڳيان اسان کان ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ نظر نٿي آيا. اسان جي بسن جا مسافر سالارن جي ان رويي تي ناراض ٿي ويا مگر پرديس ۾ ڇا ٿي ڪري سگھيا. سالار رات جي ماني ۽ نيرن جا ٻه ويلا بچائي ويا. اڪثر سالار مسافرن سان اهڙيون چالاڪيون ڪندا رهندا آهن. آخر ڏينهن جو هڪ وڳي بس بزرگ جمال الدين جي نالي واري دروازي وٽ روڊ تي اچي بيٺي. اتي سالار ۽ مسافر وائڙا ٿيا بيٺا هئا. پڇڻ تي سالارن ٻڌايو ته روڪڻ باوجود بس وارو نه بيٺو. اهو به سندن ڪوڙ هيو. سالارن پاران اڳواٽ قم ۾ ڪو بندوبست ٿيل نه هيو. ان ڪري هيڏي هوڏي ڦري وقت ٽاري رهيا هئا. نيٺ مقامي بسن ۾ ڪنهن ٻئي چؤسول تي وٺي آيا. اتي اڌ ۾ بيهاري چيائون ته سامان پاڻهي ايندو. اندر هوٽل ۾ صرف ويهن ماڻهن جي گنجائش هئي. پيهه ٿي وئي. سالار به هيڏي هوڏي گم ٿي ويا ته هوٽل وارا به گم ٿي ويا. مجبور ٿي هر ڪنهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت هٿ هڻڻا پيا. ڪنهن پليٽون کنيون، ڪنهن پاڻي کنيو ته وري ڪنهن ٻوڙ کنيو. ايران ۾ تغاريءَ جهڙي تئي جيڏيون مانيون مڻين هيون. بهرحال جيئن تيئن ڪري چار گرهه پيٽ ۾ وجھي بک جي باهه وسائي سي.
نجف کان ڪربلا تائين سالارن جو رويو ٺيڪ هيو. مگر سامره کانپوءِ سندن اکيون ڪياڙيءَ ۾ هيون. مسافرن سان ڪو تعاون، ڪا سار سنڀال نه هئي. الڳ الڳ اٿڻ ويهڻ لڳا. هاڻي هو پنهنجي ۽ ڪمپنيءَ جي مفادن ۾ قافلي کان بيزار هئا. هر جاءِ تي عدم تعاون، منهن ٿلهو ڪيون پئي گھميا. جيڪو حال تائين جاري هيو. سندن ڳالهائڻ جو لهجو ئي بدليل هيو. جنهن هوٽل ۾ ماني کاڌي سي اتي ئي رهايو ويو. هن هوٽل جو نالو معراج هيو. هي هوٽل بيبي معصومه جي روضي واري شاهراهه جي پوئين واري گھٽيءَ ۾ هيو. هوٽل مڙئي گذاري لائق هيو. هن هوٽل ۾ بورچي ۽ هڪ ڪم وارو علي پور ضلعي مظفر ڳڙهه جا سرائيڪي ڳالهائيندڙ هئا. اسان کي به ڳالهائڻ ۽ سمجھائڻ وارو ملي ويو ته سرهائي ٿي. پاڪستاني کاڌا ملڻ ڪري کائڻ پيئڻ جو هتي به ڪو مسئلو نه هيو. منجھند جي ماني کائي ٿورو آرام ڪيوسي.

بيبي فاطمه معصومه رضه جي روضي جي زيارت

شام جو مغرب جي نماز کانپوءِ سڏ پنڌ تي بيبي فاطمه معصومه رضه جي روضي جي زيارت لاءِ روانا ٿياسي. گھٽيءَ جو موڙ مڙي سڌا ٿياسي ته منهن سامهون وڏي شاهراهه جي چؤسول تي روضي جو دروازو هيو. چؤسول تي ٽه طرفيون وڏيون شاهراهون هيون. ٻن شاهراهن درميان تيزيءَ سان هڪ واهه وهي رهيو هيو. ان جو پاڻي صاف هيو. ان واهه تي روضي سامهون پراڻي طرز تي سِرن جي ونگُن سان هڪ شاندار پل هئي. پل جي گول دروازن کي ڏسي سکر بئراج واري ڇاهٺ دروازن واري پل ياد اچي وئي. هي سموري پل پڪين سِرن جي ٺهيل آهي، جنهن کي سيمينٽ وغيره جو ڪو پلستر به لڳل ناهي. پل روضي ۽ روڊن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. پل وٽان پاڻي مٿانهينءَ کان هيٺانهينءَ تي ڪِري ڏاڍي سونهن ۽ آواز پيدا پيو ڪري. پل تي ننڍڙن آبشارن ۽ روشنين جي ڪري رونق هئي. ڪافي مقامي ماڻهو به پل تي گھمي ڦري رهيا هئا. صفائي جو تمام سٺو انتظام هيو. ماڻهو به صفائيءَ جو خاص خيال پيا ڪن. واهه جي روضي طرف واري ڪناري سان حد نظر تائين باغيچو آهي، جنهن ۾ گلن ٻوٽن سان گڏ شمع دان روشنيءَ لاءِ ۽ ويهڻ خاطر بينچون رکيل هيون، جتي گھورڙيا گھمي رهيا هئا. ڪو به ڪک پن يا گند گاهه وغيره ڪونه هيو. پل ٽپي ٻئي طرف وياسي ته ڪناري سان باغيچو ۽ ٻئي طرف دڪانداريءَ جي بازار هئي. جڳهه جڳهه تي گند جا ڊٻا رکيل هئا. هي واهه قم شهر جي وچ مان گذري رهيو آهي. منهنجي پٽ ساجد راز ٻڌايو ته واهه ڪنهن حد تائين جرمني جي وينس نديءَ جهڙو نظارو پيش ڪري رهيو آهي. واهه جو نظارو ڪري اچي روضي جي زيارت لاءِ دروازي تي تلاشي ڏئي اندر داخل ٿياسي. هن روضي سان گڏوگڏ ايران جي روحاني پيشوا ۽ ايراني انقلاب جي اڳواڻ آيت الله روح الله خمينيءَ جو گھر به آهي، جنهن کي هاڻي حرم جو حصو بڻايو ويو آهي. روضي جي تعمير ۽ هنر جي قدامت ڏسي ماڻهو حيرت ۾ ضرور پوي ٿو. روضي جي داخلي دروازي جي اندران ئي هڪ چوغان آهن، جنهن جي وچ ۾ پاڻيءَ جو ڦوهارو ۽ ڀر ۾ ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل لڳل آهي. ديوار تي هڪ ايل سي ڊيءَ ذريعي روضي ۽ بيبي معصومه متعلق معلومات چوويهه ڪلاڪ هلندي رهي ٿي. ٿورو اڳتي جُتين رکڻ جا دخل آهن، جتي جتيون پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وجھي دخل تي جمع ڪرائي مفت ۾ ٽوڪن وٺبو آهي. پلاسٽڪ جون ٿيلهيون اتي انتظاميا پاران رکيل آهن. اتي ئي ڀرسان هڪ وڏو عاليشان ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي فارسي ۽ ڪجھه عربي ۽ انگريزي ڪتاب رکيل آهن. ٻاهرئين سي سي ٽي ويءَ وانگر هر صحن، دالان ۾ الڳ الڳ اسڪرينون لڳل هيون، جتي ساڳي معلومات فارسيءَ ۾ لکجي پئي اچي ۽ آواز ذريعي ٻڌائي به وڃي پئي. سواءِ مقبري ۽ مسجد جي باقي روضي جي حدن ۾ جتين سان گهمي سگھجي ٿو. هن روضي کي اسلامي انقلاب کانپوءِ وڏي مدرسي يعني يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، جتي ديني ۽ دنيوي اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. هر سبيل وٽ هڪ دفعو پِي ضايع ڪرڻ واريون پلاسٽڪ جون ڪُپيون پيل آهن، جنهن کي هڪ ڀيرو استعمال ڪري گند جي دٻي ۾ اڇلائبو آهي. صحت جو هتي ايترو خيال رکيو وڃي ٿو. روضي ۾ هر قوم، هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهو گھمي رهيا هئا، ليڪن گھڻي ڀاڱي فارسي ۽ عربي ڳالهائين پيا. روضي ۾ بي بي فاطمه معصومه رضه جي ضريح مبارڪ آهي، جنهن کي سونهري رنگ ڏنو ويو آهي. ضريح جي زيارت لاءِ ماڻهن جي حد کان وڌيڪ پيهه هئي. ڀرپاسي ۾ ڪي نفل پڙهي رهيا هئا، ڪي قل خواني ڪري رهيا هئا ته ڪي وري تلاوتِ قرآنِ مجيد ڪري رهيا هئا. ضريح مبارڪ جي زيارت ڪري نڪري رستي سان هڪ اهڙي جاءِ تي پهتاسي، جتي علمي ڊاڪٽرن جا ڪمرا هئا، جنهن کي مشوري گاهه چيو پيو وڃي، اتي ماڻهن جي قطار لڳل هئي، جيڪي واري سان اندر ويٺل عالمن کان پنهنجي مسئلن جو حل ۽ جواب پڇي رهيا هئا. علمي مسئلن جا جواب سائنسي ۽ شرعي علم جي روشنيءَ ۾ ڏنا پئي ويا. اتي ئي ڀر ۾ هڪ ڪتب خانو هيو. اتي معلوم ٿيو ته بيبي معصومه عالمه ۽ شاعره به هئي. علم جي روشنيءَ ۾ عورتن جي ديني تربيت به ڪندي هئي. معذورن جي عبادت لاءِ جڳهه جڳهه تي ڪرسيون به رکيل هيون. بهرحال اسان گھمي ٿڪجي پياسي، مگر حرم جا شعبا نه کُٽا. ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ اسان ڪا جديد ۽ قديم سنگم واري درسگاهه گھمي رهيا آهيون. روضي اندر، مسجد، ورانڊن جي ڇتين ۽ ڀتين تي اعليٰ قسم جي هنر سان شيشي جي پچڪاري ۽ گلڪاري ڪئي وئي آهي. شيشاگرن جي هنر کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون. حرم جي پوئين پاسي غير ملڪي پيسا مٽائڻ جي بازار آهي. ان کان علاوه آس پاس ٻيون به بازارون آهن مگر ڪٿي به رستن سان والار واري کيچل ناهي. قافلي مان جن به قم مان خريداري ڪئي، اهي دانهون پيا ڪن ته قم ۾ عراق کان وڌيڪ مهانگائي آهي. ايران جي پنهنجي سڪن ريال ۽ تُمن جي درميان عجيب قسم جو ڏهوڻ تي فرق آهي. سندن پيسي جي مٽاسٽا واري اها جدول اسان کي سمجھه ۾ نه آئي. ايراني تمن ايراني ريال کان مهانگو آهي. جيڪڏهن ڏهه هزار ايراني تمن ڏيو ته هڪ لک ريال پيا ملن. ايران ۽ عراق جي سڪي ۾ هڪ اڌ سيڪڙي جو فرق آهي، پاڪستاني سڪو ايران جي سڪي کان اٺوڻ تي مهانگو آهي. ايراني شيون ايراني سڪي ۾ ايتريون مهانگيون آهن جو انهن کي رپئي ۾ اگھه معلوم ڪريو ته شيون پاڪستان کان هتي مهانگيون آهن. ان ڪري هروڀرو ايران مان خريداري ڪري مهانگائي ۽ وزني بار نه کڻجي. ايران مان صرف اها شيءِ خريد ڪجي جيڪا يا ته هتي نه ملندي هجي يا وري ايران ۾ پاڪستان کان سستي ملي. هتي جي اصل سوکڙي کارڪون، ڀڳڙا، حلوو ۽ سون وڙو آهي، باقي تسبيحون، ٽوپيون، رومال، ڪپڙو يا مصّلا هتان جا ٺاهيل ناهن، باقي اهو سامان چين، ترڪي يا ٻين ملڪن مان اچي ٿو.
هتي ۽ عراق ۾ هن موسم ۾ ڏينهن تمام وڏو ۽ رات تمام ننڍي ٿيندي آهي. هتي جون ۾ اٺين ۽ نائين وڳي مغربين (مغرب ۽ سومهڻيءَ) جون اذانون اچن ٿيون، وري صبح جو ٽين وڳي صبح جي اذان اچي ٿي. هتي اسان اذانن جو آواز گھٽ ٻڌو آهي. شايد هوٽلن ۾ بند هجڻ يا سفر ۾ هجڻ جي ڪري اذان ٻڌڻ ۾ نه ايندي هجي. رات جو ساڍي ڏهين وڳي بيبي معصومه جي حرم جي زيارت تان موٽي اچي هوٽل تي رات جي ماني کاڌي سي. عورتن کي بازارن ۾ گھمڻ جو شوق هوندو آهي، سو ٽولا ٺاهي نڪري پيون پون. گھمي ڦري پوءِ هوٽل تي موٽي پيون اچن. گڏ رهڻ، سفر ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڪري هڪ ٻئي جون ساهيڙيون ۽ واقف ڪار ٿي ويون هيون. هونئن به قافلي ۾ اڪثريت سنڌين جي هئي، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان رلي ملي وڃڻ فطري عمل هيو. ڪچهري ڪندي رات جا ٽي ٿي ويا ۽ پوءِ آهستي آهستي هرڪو بسترن ڀيڙو ٿيندو ويو. دير سان سمهڻ جي ڪري اسان زائرين جي صبح جي نماز قضا ٿي وڃي پئي. پوءِ اها نماز قضا ڪري پيا پڙهون. هتي به هر ڪنهن کي سالارن کان لاتعلقي ۽ عدم توجهي جي شڪايت هئي. زيارتين جي رهنمائي ۽ سنڀال ڪرڻ بجاءِ پري پري پيا رهن.
اڄ 22 جون ڇنڇر جو ڏينهن آهي. رات جو دير سان سمهڻ جي ڪري عابد راز جي فون تي دير سان سجاڳي ٿي. انهيءَ کانپوءِ جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿي وڃي نيرن لاءِ ميز تي ويٺاسي. آنو ۽ ايراني ماني آسانيءَ سان آجيان لاءِ ميز تي اچي ويا. وات ۾ آنو ۽ مانيءَ جو گرهه پاڻ م ليٽ پيٽ هئا. مانيءَ جو سُڪو گرهه ڏندن سان ڏاڍائيءَ تي لهي آيو، نه چٻاڙجي نه ڳيت سان ڳاري سگھجي. حالت اها هئي ڄڻ ڪڪڙ کي ڪوڏي ڦاٿل هجي.
نيرن مهل سالار اعلان ڪيو ته شام چئين وڳي ٻين زيارتن تي هلبو. مقرر وقت تي بسن ۾ سوار ٿي بيبي معصومه جي روضي ويجھو ئي بيت النور جي مقام تي آياسي. هتي معلوماتي بورڊ تي لکيل هيو ته هيءَ جاءِ بيبي معصومه جو گھر، عبادتگاهه ۽ حجرو هيو. هن ئي گھر ۾ سندن وفات ٿي. روايت بيان ڪندي ٻڌايو ويو ته پاڻ امام موسيٰ ڪاظم جي نياڻي ۽ امام علي رضا رضه جي ڀيڻ هئي. امام موسيٰ ڪاظم جي شهادت کانپوءِ جڏهن امام علي رضا رضه جن هجرت ڪري ايران جي شهر مشهد ۾ زمين خريد ڪري سڪونت اختيار ڪئي ۽ عقيدت مندن کي معرفت جو درس ڏيڻ شروع ڪيو.
بيبي معصومه رضه جي امام علي رضا رضه سان ڏاڍي دل هوندي هئي. جڏهن ڪافي عرصي تائين امام علي رضا رضه مدينه منوره نه موٽيو ته بيبي صاحبه ڪجھه خادم۽ خادمائون وٺي ايران جو سفر اختيار ڪيو. سفر مديني کان شروع ٿي شام، ڪوفي، ڪربلا کان ٿيندو اچي قم ۾ ختم ٿيو، جتي معلوم ڪرڻ کانپوءِ کين آگاهه ڪيو ويوته اوهان جي ڀاءُ کي بغداد جي خليفه مامون الرشيد زهر ڏياري شهيد ڪري ڇڏيو آهي، امام جي شهادت کي ٻه ڏينهن ٿيا آهن. اها خبر ٻڌندي ئي ان ڏک ۾ بيبيءَ جو وصال ٿي ويو، جتي ڀر واري باغ ۾ سندن تدفين ڪئي ويئي ۽ ان ئي حالت ۾ سندن موجود روضو آهي.

چھل اختران (مبرق)

هتي زيارتِ موسيٰ مبارڪ بن امام جواد ۽ ان جا پڙ پوٽا، احمّد بن محمّد، احمد ابن موسيٰ آهي، باقي ٻين چاليهه مرد ۽ عورت سادات جون مزارون هڪ الڳ ضريح مبارڪ ۾ آهن. ان کان علاوه حضرت زيد رضه جي مزار اوڀر ۾ آهي، جيڪو امام زين العابدين رضه جي پنجين پشت مان آهي. هتي ئي امام زاده احمد بن قاسم بن امام جعفر صادق رضه ۽ ٻيا ڪيترائي امام زادا ۽ شهزادا مشترڪ طور مدفون آهن. هي مقبرو اندران پراڻي نموني جو آهي، باقي ضريح مبارڪ نئين طرز جي جڙيل آهي. هتي مون کي حضرت موسيٰ مبارڪ رضه جي مزار جي صحن ۾ هڪ نئين ڳالهه نظر ۾ آئي ته صحن سڄو قبرستان تي مشتمل آهي پر صحن ۾ ڪا به قبر مٿي اڀريل اوچي ناهي. هر قبر جي مٿان نالي لکيل قبر جيڏي سنگ مرمر جي سر لڳايل آهي، يعني مزار جي مزار ۽ فرش جو فرش! منهنجي نظر ۾ بي خبر زائرين جي گھمڻ ڪري قبرن جي وڏي بي حرمتي ٿئي پئي. ٿيندي هوندي ۽ شايد ٿيندي به رهندي. شايد هتي وارن کي نالن ۽ قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ جي پرواهه ئي ناهي. حضرت موسيٰ مبرق جي ضريح کان الڳ ٻئي مقبري ۾ هڪ ضريح آهي، جنهن ۾ چاليهه شهزادا مدفون آهن. سندن مزارن تي پيل پلاسٽڪ جي پڙن تي سندن نالا لکيل آهن. روايت موجب اهي سڀ شهزادا ۽ امام زادا بيبي معصومه سان گڏ حفاظت لاءِ ۽ پنهنجي عزيزن جي ڳولا لاءِ نڪتا هئا.

مسجد جمعڪران

ڪنهن مقامي بزرگ کي امامِ زمانه خواب ۾ آيو ۽ مسجد جوڙائڻ جو ارشاد فرمايو. تنهن کانپوءِ سن 373هه ۾ ان بزرگ مسجد جمعڪران جي نالي سان جوڙائي، جنهن جي ڀر سان هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڻيون چڙهڻيون پون ٿيون. هن ڪمري ۾ هر وقت هڪ عالم موجود رهي ٿو. زيارتين کي مسجد ۽ دين متعلق معلومات ڏيندو رهي ٿو.
عالم تعارف ۾ پڇيو ته اوهان سنڌ کان آيا آهيو. جواب ۾ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ جواب ۾ ڪراچي پاڪستان ٻڌايو ۽ باقي دوستن سنڌ واسي ٻڌايو. عالم پڇيو شيعا آهيو؟ جواب ڏنو ويو ته سني شيعا گڏ آهيون. عالم چيو ته هتي ڪافي سُني ڀائر به ايندا آهن. ان عالم جو هڪ ملازم سنڌي هيو. جنهن ٻڌايو ته هو نذر محلي لاڙڪاڻي جو رهاڪو آهي، باقي نالي ۽ ذات ٻڌائڻ کان لنوائي ويو. شايد ڪو مسئلو هئس. هي عالم اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي سٺي روانيءَ سان ڳالهائي پيو سگھي. ساڻس اڌ ڪلاڪ کن ڪچهري ٿي. تبرڪ طور ڪمري ۾ ويٺل هڪ زيارتيءَ کي هڪ ٽافي، لوڻ جي پڙي ۽ امام زمانه جي نالي پاڪ وارو هڪ سڪو ڏنائين. آخر ۾ فلاح انسانيت لاءِ دعا گھريائين ۽ پوءِ اسان کانئس موڪلايو ۽ ڏاڪڻيون هيٺ لهي اچڻ کانپوءِ نفل ادا ڪري مسجد جو جائزو ورتو سي. مسجد جو گنبذ اٺن ٿنڀن تي بيٺل آهي. ڀتين ۽ ڇتين تي وڏي مهارت سان چٽسالي ٿيل آهي.
مسجد جو فرش غاليچن سان ڍڪيل آهي. چوڌاري ڪشادا ورانڊا اٿس. مسجد جي وچ ۾ هڪ وڏو مک گيٽ ۽ ٻنهي پاسن کان ٻه ٻه ننڍا گنبذ اٿس. ڇتيون اوچيون ۽ ورانڊا هجڻ ڪري مسجد ڏاڍي هوادار آهي. مسجد جي ٻاهرئين صحن ۾ ٽنهي پاسن کان عاليشان ورانڊا اٿس. انهن کان به اتر کان ٻه ۽ ڏکڻ کان ٻه وڏا دروازا آهن. انهن دروازن جي ٻنهي پاسن کان ٻه ٻه نهايت ئي اوچا مينار آهن جيڪي تمام پري کان نظر اچن ٿا. مسجد جي اندر وڃڻ واري مک دروازي جي ٻنهي پاسي چٽسالي ٿيل هڪ هڪ مينار آهي. مسجد جمعڪران پنهنجي تاريخي اهميت ۽ قدر و منزلت جي ڪري وڏي قدامت رکي ٿي.

تهران روانگي

اڄ 23 جون 2019ع آچر جو ڏينهن آهي. اڄ اعلان موجب قم کان تهران لاءِ روانگي هئي. صبح جو تيار ٿي نيرن ڪري، سامان سميت هيٺ استقباليه تي پهچي سڀ جمع ٿياسي. اتي اڍائي ڪلاڪن جي انتظار بيزار ڪري وڌو. اهو انتظار بسن جي نه اچڻ ڪري ڪرڻو پيو. خدا خدا ڪري بسون آيون، سامان رکرائي بسن ۾ سوار ٿياسي. هوٽل کي الله واهي چئي روانا ٿياسي. قم جي رستن جا نظارا، ويڪرا، ٻٽا رستا، وڻراهه، پليون، فلاءِ اوور ۽ ٺهندڙ ريلوي لائن آهستي آهستي پوئتي ٿيندا ويا. قم کي پوئتي ڇڏيندا اڍائي وڳي سندس يادون سهيڙي کيس الوداع چيوسي. مجموعي طور تي قم ڪشادو، خوبصورت ۽ صاف سٿرو شهر آهي. قم ۽ تهران واري شاهراهه ٻه طرفي آهي، جنهن ڪري پنڌ نبيرو کاڌو ۽ ڪلاڪ سوا جي سفر بعد تهران جي ٻهراڙيءَ ۾ موجود علامه آيت الله خمينيءَ جي مزار تي اچي پهتاسي. مقبري سميت سمورا صحن، ميدان، باغيچا، غسل خانا، بس ۽ پارڪنگ جي ايراضي سوين ايڪڙن ۾ ٿيندي. هتي روضي سان گڏو گڏ هڪ ننڍڙي بازار به هئي. گلڪاري ۽ وڻراهه جھجھي تعداد ۾ آهي. مقبرو وسيع، عاليشان ۽ سونهري رنگ تي ٺهيل آهي. اندران غور سان ڏسڻ تي عجوبي جو شاهڪار لڳي ٿو. سونهري گنبذ چئن چئن مينارن تي بيٺل آهي. اندر سڄو سنگ مرمر ۽ شيشي ڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي. مقبري جي وچ ۾ هڪ وڏي ضريح آهي، جنهن ۾ علامه خمينيءَ جي مزار سان گڏ ٻه ننڍيون مزارون آهن، علامه جي قبر جي سيرانديءَ کان سندس تصوير فريم ۾ بند ٿيل رکيل هئي. ضريح جي پيرانديءَ ۾ ٿورو وٿيءَ سان چئن مرد ۽ عورت ليڊرن جون مزارون آهن. مقبري جي اتر ۾ چٽساليءَ سان هڪ شاندار مسجد به آهي، جيڪا گھڻي ڪشادي آهي. مقبري ۽ مسجد جي تعمير ۾ سجاوٽ جو ڪم اڃا هلي رهيو آهي. مسجد جي ڀرسان جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته هڪ خريداري مرڪز به آهي، جنهن اندر هڪ هوٽل به آهي، جنهن ۾ ايراني ۽ انگريزي موسيقي هلي رهي هئي. غسل خانا صاف سٿرا تهه خاني ۾ آهن، جن ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ هلندڙ ڏاڪڻيون آهن. هي خوابيده منظر ڏسي اچي بسن ۾ ويٺاسي. ڇانوَ لاءِ نم جا وڻ پوکيل هئا. هڪ ساٿي مقبري ڏي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ادا ايراني مرڻ واري تي خرچ ڪري ڄاڻن. مون کيس چيو ته ان لاءِ زهر پيئڻو ۽ شهيد ٿيڻو پوي ٿو، هر ڪنهن مرڻ واري تي خرچ ڪونه ٿو ٿئي.
ايران ۽ عراق جي هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي ته ٻنهي ملڪن جي زيارتن تي نذراني جون پيتيون پيل هيون ۽ طرزِ تعمير به گھڻي ڀاڱي ساڳي آهي. هُتان جون پيتيون شفاف شيشي جون ۽ اسان جون هتي مضبوط لوهه جون پيتيون آهن. علامه جي مزار ٻاهران باغيچي ۾ گلاب، رابيل، رات جي راڻي، نرگس ۽ ٻيا موسمي گل جام هئا. هيڏي گرميءَ ۾ به گلاب سٺا ۽ صحت مند گل جھليو بيٺا هئا. وڻ ساوا چهچ، رستي تي ڪو به سُڪو پن، ڪاغذ يا گند ڪچرو پيل نه هيو. ڪٿي ڪٿي ڪڏهن ڪڏهن پينار به ملي پيا وڃن، مگر لڪي لڪي هلن پيا. ڇتي پِن نه هئي. اها ڳالهه ڀلي هئي ته خيرات عربي ۽ فارسيءَ ۾ پيا گھرن، نه اسان سمجھون، نه ڏيون! شايد پاڪستاني فقيرن وانگر خيرات نه ملڻ تي پنهنجي زبان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندا هوندا.
تهران کليل ۽ خوبصورت شهر آهي. تهران جا رستا گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ ڇٻر سان ڍڪيل هئا. ڪا به جاءِ ساوڪ کان خالي نه هئي. تهران کان مختلف شهرن ۽ ملڪن لاءِ روڊن کان علاوه هوائي ۽ ريل رستن جي به سهولت آهي. تهران کي هڪ جديد هوائي اڏو ۽ شاندار ريلوي اسٽيشن به آهي. علامه خمينيءَ کان ٿيندا سڌا مزارِ بيبي شهر بانو زوجه امام حسين رضه ۽ والده امام زين العابدين تي آياسين. سانئڻ جي مزار جبل تي سوين فوٽ مٿي آهي. بسون ٿورو چاڙهيءَ تي هلي بيهي رهيون. باقي اڌ پنڌ پيدل طئي ڪيوسين، جنهن لاءِ ڏاڪڻيون چڙهيون پيون. هر ويهن ڏاڪن کان پوءِ ميدان هيو. اهڙا ڏاڪا ۽ ميدان چار ڀيرا پار ڪرڻا ٿا پون. ان کانپوءِ مزار تي پهچجي ٿو. مزار جي اڱڻ هيٺ هڪ ننڍڙو دڪان آهي، جتي ٻارن جي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ڪجھه ڪتاب پيل هئا. بيبي صاحبه ايران جي اڳوڻي عادل بادشاهه نوشيروان جي خاندان مان آهي. مزار تي ماڻهن جو هجوم معمول موجب آهي. ٻين مزارن جو شان و شوڪت ۽ سندن مزار جي سادگي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. دنيا جو هي به ٻٽو معيار آهي. زيارت لاءِ عورتون مزار اندر ۽ مرد ڀر واري حجري ۾ حاضري ڀري قل خواني ۽ دعا ڪن پيا. بيبي صاحبه جي پيدائش ايرانڻ هجڻ ۽ وري دفن به ايران ۾ ٿيڻ، عجيب اتفاق آهي. روايت آهي ته حضرت عمر رضه جي دور ۾ جڏهن ايران فتح ٿيو تڏهن ان وقت جي بادشاهه جي ملڪيت سميت سندس اولاد کي به مديني آندو ويو، جتي سندن شادي حضرت امام حسين رضه جن سان ٿي. پاڻ سفر ۽ جنگ ڪربلا دوران امام حسين رضه سان گڏ هيون. قيدي ٿي سفرِ شام به سندن حصي ۾ آيو. طوالت جي ڪري ان موضوع کي اتي بند ڪجي ٿو. ايران ۽ عراق جيترو به روڊ جو سفر هيو، ان ۾ ڪٿي به ٽول پلازا نه آيو. باقي حفاظتي تپاس لاءِ ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا ٿئي پئي. شهري رستن تي نه ته پوليس يا ٽريفڪ جو سپاهي نظر آيو، نه وري ڪو سگنل هيو. جتان جتان روڊ ٻئي روڊ کي پار پيو ڪري اتي اڪثر مٿان پليون ٺهيل هيون.

زيارت شاهه سيد عبدالعظيم ۽ شهزاده حمزه

هي زيارت تهران شهر جي “ري” محلي ۾ آهي. شاهه عبدالعظيم جي باري ۾ معلوم ٿيو ته هي بزرگ امام حسن رضه جي پنجين پُشت مان آهن. سندن وصال نائين صدي هجريءَ ۾ ٿيو.
شهزادي حضرت حمزه جي ضريح ٻئي طرف هئي. هي بزرگ سيد زادو ۽ امام موسيٰ ڪاظم جو فرزند آهي. اهو سندس ضريح جي دروازي تي لکيل آهي. ضريح ۽ مقبره عاليشان شيشه ڪاري جي ٽُڪ سان سينگاريل آهي. مقبري جا ٿنڀ سنگ مرمر جا آهن. هن زيارت تي به مقبرن اندر فرشي قبرون هيون، جن تي فوتين جا نالا لکيل هئا يعني هڪ ئي وقت قبر جي قبر ۽ فرش جو فرش هيو. انهن قبرن تي هلڻ اسان واسطي ڏکيو مگر ايرانين لاءِ سولو هيو. ايراني قبرن مٿان عام فرش جيان هلي رهيا هئا. روضي ۾ زيارتين جي وڏي پيهه هئي. ٻاهرين زائرين کان علاوه مقامي ايرانين جو به وڏو انگ موجود هيو. وسيع صحن ۾ چانهن جو ڪائو، ٿيلها، جورابا ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ وارا گھورڙيا به موجود هئا. ان کان علاوه کاڌي پيتي ۽ عام شين جا دڪان به هئا، جتان ضرورت جي شيءِ پاڻ کڻي ۽ دخل تي پيسا ڏيڻا پيا پون. ڏيتي ليتي ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اها مشڪل هئي ته ايراني دڪاندار اگھه ايراني سڪي ۾ پيا ٻڌائين ته اسان وري پاڪستاني سڪي ۾ تبديل ڪري پيا ڏسون ته ڪس آهي يا ڪسر آهي. ايراني، شين جا اگھه ٻن سڪن ريال ۽ تُمن ۾ ٻڌائي به منجھائين پيا. اتي ئي زيارت دوران مغرب جون اذانون اچي ويون. اسان کي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ مشهد وڃڻ لاءِ تهران ريلوي اسٽيشن تي پهچڻو هيو. هتي جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته هر رستي ۽ چؤسول تي رهنمائيءَ لاءِ نالا وڏن وڏن بورڊن تي لکيل هئا، جن تي فارسيءَ سان گڏ انگريزي به لکيل هئي، ان ڪري پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي پئي، باقي دڪانن، گھرن ۽ گھٽين ۾ لکيل تحريرون صرف فارسيءَ ۾ هيون.
ايران ۽ عراق ۾ ڳولڻ سان به عورت مٿي اگھاڙي نظر نه آئي. ڪيتري به فيشن واري ۽ عمدو لباس پهريل عورت به برقعي يعني عبا ۾ هئي. سندن مٿي ۽ ڳچيءَ ۾ به الڳ الڳ ڪپڙو ويڙهيل هيو، باقي هر عورت جو چهرو کليل هيو. ها ڪتو ۽ ڪانءُ اسان کي ايران ۽ عراق ۾ نظر نه آيا. هر زيارت تي جڳهه جڳهه تي ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل جا ڪولر، فرجن جيان پيل هئا. انهن جي ڀر سان ضايع ڪرڻ واريون پلاسٽڪ واريون پاڻي پيئڻ جون ڪپيون جھجھي انداز ۾پيل هيون. هتي ڪٿي ڪٿي پنڻ وارا ٻار ۽ وڏا فقير نظر آيا، پر اهي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ وڪڻڻ بهاني سان بخشش گھرن پيا. اسان ڪجھه چانور بچائي کين ڏنا ته هنن خوشي خوشيءَ سان ورتا. سندن لباس درست هيو. هو بخشش گھرڻ مهل ڪنهن اڻ ڏٺل مخفي قوت کان ڊڄندي به نظر آيا.

تهران ريلوي اسٽيشن ۽ ايران جو ريلوي نظام

تهران ريلوي اسٽيشن تي پهچي ائين لڳو ڄڻ اسان ڪنهن يورپي ملڪ ۾ آيا آهيون. اسٽيشن جي ٽه منزله عمارت اندران ڏاڍي سينگاريل هئي. هر شيءِ ڪمپيوٽرائزڊ هئي. اسٽيشن جي عمارت سکر ايئرپورٽ جي عمارت کان به وسيع ۽ عاليشان هئي. ريلن جا نالا، وقت ۽ اچ وڃ جي رستن جا تفصيل ڪمپيوٽر جي وڏي منهن تي هر هر لکجي پيا اچن، جنهن ڪري مسافرن کي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي پئي. وسيع انتظارگاهه ۾ شاندار لوهي ڪرسيون رکيل هيون. مزيدار ڳالهه هيءَ ته اسٽيشن تي ماڻهن جي پيهه هوندي به نه ته ڪنهن گھورڙئي جو آواز هو، نه ڪو ٻيو شور. هر ڪو خاموشيءَ سان پنهنجي ڪم ۾ جنبيل هو. ڪنهن به پڙهيل ماڻهوءَ کي هروڀرو پڇ پڇ ڪرڻي نه پئي پوي. پليٽ فارم نمبر به ڪمپيوٽر جي منهن تي لکيل هئا. مجموعي طور تي تهران ريلوي اسٽيشن ڏسڻ جهڙي آهي. مسافرن لاءِ ريلوي پليٽ فارم يا لائينون پار ڪرڻ لاءِ پيادل ڏاڪڻيون ۽ گڏوگڏ چُرندڙ ڏاڪڻيون به هيون. ريلوي جو عملو صاف سٿري لباس ۾ هيو. ايران جي ريلوي نظام جي تعريف ٻڌي ته هئي مگر گاڏيءَ جي دٻي ۾ اندر داخل ٿياسي ته اندر ماحول ئي مٽيل هو. هي گاڏي ڏسي اسان کي پاڪستاني ريلون ڄڻ مال گاڏيون لڳيون. دٻي ۾ ڄڻ گھر وارو ماحول هيو. ضرورت جي هر شيءِ موجود هئي. چئن جاين واريون دروازن سان ڪوٺيون هيون، جنهن ۾ چار جايون هيٺ ويهڻ لاءِ ۽ چار جايون هيٺ مٿي سمهڻ لاءِ هيون. هيٺ ويهڻ وارين ٻن جاين جي ڀرسان هڪ تمام ننڍڙي ميز به لڳل هئي، جنهن تي شيشن ۾ هر مسافر لاءِ الڳ پاڻيءَ جي ننڍي بوتل، ڪيڪ، بوهي مڱ، کنڊ جون پڙيون ۽ صاف سٿرا چانهن جا ڪوپ رکيل هئا. پاسي سان شيشن جون دريون هيون، جنهن مان ٻاهريون نظارو صاف نظر پيو اچي. مٿي سمهڻ خاطر چڙهڻ لاءِ ڀر ۾ ڏاڪڻيون به لڳل هيون. هڪ پاسي دروازي مٿان ٺهيل خانن ۾ چار ٿيلها پيل هئا جن ۾ هر مسافر لاءِ الڳ الڳ ڪمبل، وهاڻو رکيل هئا. روشنيءَ جو سٺو انتظام هيو. مٿين بسترن جي هيٺان ڏسڻ لاءِ الڳ الڳ شيشا يعني آئينا هئا ۽ گڏوگڏ ٽيليويزن به لڳيل هيون، جن تي فارسيءَ ۾ خبرون ۽ ايراني ڊراما هلي رهيا هئا. اسان وارو دٻو اي سي هيو ۽ هيءَ عام گاڏي هئي. گاڏي ڪٿي ٻن پهاڙن درميان به گذري پئي. جاڳندي اسان جيڪو ٻاهريون منظر ڏٺوسي ته اسان کي هر هر پري پري تائين گھر، ڳوٺ، باغات، ڀاڄيون، ٻيا فروٽ ۽ ننڍن وڏن ڪارخانن جي شڪل ۾ آبادي نظر آئي. ڪٿي ڪٿي اسٽيشن تي گاڏي بيهندي به آئي.
تهران ۾ جڏهن اسان جي بس ريلوي لائن عبور ڪرڻ لاءِ پل مٿان گذري ته هيٺ ڪافي لائينون، مال گاڏا ۽ مسافر گاڏا ڏسي اسان کي پنهنجي روهڙي ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشنون ياد آيون ۽ گهورڙين، قولين ۽ مسافرن جو آواز ڪنن تي اچڻ لڳو، حالانڪه اهو صرف هڪ خيال هيو. موسم لڳ ڀڳ سنڌ واري هئي، مگر رات جو ٿڌڪار هئي. گاڏيءَ جي هر دٻي ۾ هڪ ننڍو بورچي خانو هيو ۽ ان سان ننڍڙو دڪان به هيو، جتان ريل جا خدمتگار هر مسافر کي سوار ٿيڻ وقت هڪ هڪ ڀيرو هر شيءِ مفت ڏئي پيا وڃن ۽ ان کانپوءِ جيڪا به شيءِ گھرجي پئي اها پيسن سان ڏين پيا. ايران ۾ جتي جتي به اسان وياسي اتي ڪونوڪارپيس جو وڻ تمام گھٽ آهي. جيڪڏهن ڪٿي هيو به ته ان کي ڪپي سونهن لاءِ مختلف نمونا ٺاهيا ويا هئا، باقي چيل جا وڏا ۽ جام وڻ هيا. انبن کان سواءِ هتي پاڪستان وارا سڀئي وڻ نظر آيا جيڪي ساوا چهچ هئا. سُڪل وڻ ڪٿي به نظر نه آيو. عام ريلوي اسٽيشنن جون عمارتون ۽ ڪرسيون سٺيون نظر آيون. ڪا به شيءِ ٽٽل نه ملي. هر سرڪاري عمارت جيان تهران ۽ مشهد ريلوي اسٽيشن تي علامه خميني ۽ علامه خامنائي جن جون تصويرون لڳل هيون. دڪانن يا ڪنهن چوڪ تي ڪنهن شيءِ جي مشهوريءَ لاءِ عورتن جا فوٽو لڳل ناهن. گھڻي ڀاڱي ريلوي ڦاٽڪ آهن ئي ڪونه. لائن پار ڪرڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن. بنا ريلوي ڦاٽڪ ريلوي لائنون ڏسي مون کي گمبٽ اسٽيشن تي فقيرآباد وارو ڦاٽڪ ۽ سنڌ جا ٻيا ڦاٽڪ ياد اچ ويا، جيڪي اڌ اڌ ڪلاڪ بند هجڻ ڪري مريض هنگامي حالتن ۾ رستي ۾ ئي مريو وڃن. ڪورٽ ۾ حاضريءَ تي وڃڻ وارن کي دير ٿيڻ جي ڪري ٽيپ اچيو وڃي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ فلاءِ اوور جو رواج نه هجڻ جي برابر آهي. هيل تائين ريل ۽ بس جي سفر دوران مون کي ڳائو يا ماهيو مال نظر نه آيو.
ايران 1979ع واري علامه خميني جي اسلامي انقلاب کانپوءِ گھڻي ڀاڱي سياسي ۽ معاشي طور آمريڪا ۽ مغرب جي اثر کان آجو آهي. ان وقت کان وٺي هيل تائين واپار جي حوالي سان به ايران مغرب کان گھڻو ڪٽيل آهي، ڇو ته مغرب پاران ايران تي معاشي ۽ واپاري پابنديون لڳايون ويون آهن. ايران جا شاهه جي دور جا مغربي ملڪن جي بينڪن ۾ اربين ڊالر ضبط پيا آهن. ٻئي طرف آمريڪا ايران تي سخت ڏمريل آهي، ليڪن ايران سندس آڏو ناهي جھڪيو. شاهه رضا شاهه پهلويءَ جي دور ۾ ايران ڄڻ آمريڪا جو هڪ صوبو لڳندو هيو. اڻ سڌي طرح هينئر ايران ايٽمي قوت بڻجي چڪو آهي. ايراني نار ۾ سندس بندر عباس ۽ چاهه بهار جا بندر سندس ساهه واري رڳ جي برابر آهن. اٺن ڪروڙن کان ڪجھه وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ ايران کي آمريڪا جي ڄڻ پرواهه ئي ناهي. جڏهن ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عراق، ڪويت، قطر، امارات ۽ سعودي عرب ۾ آمريڪا پنهنجي فوجن سان عملي طور موجود به آهي. اهڙي حال ۾ ٽي چار ڏينهن اڳ ايران ريڊار تي به نظر نه ايندڙ جاسوسي ڊرون جنگي جهاز ڪيرائي دنيا کي حيران ۽ آمريڪا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اهو سمورو ايراني قوم ۽ قيادت جي حب الوطني ۽ جذبي واري همٿ جو نتيجو آهي، باقي هتي جمهوريت ۽ مخالف ڌر لاءِ حالتون سازگار ناهن.
24 جون 2019ع سومر جي ڏينهن تي صبح جو ننڊ مان جاڳ ٿي. دريءَ مان ٻاهر ديد پوڻ سان خوشگوار موسم ۾ ميداني علائقي تي نظر پئي. هلندڙ ريل سان ڊوڙندڙ نظارا ۽ وڻ سٺو منظر پيا ڏيکارين. ڪٿي آبادي ڪٿي غير آباديءَ سان گڏ زراعت به هئي. ٽيوب ويل به نظر آيا. نظارا ڏسندي ساڍي ڏهين وڳي گاڏي اچي مشهد ريلوي اسٽيشن تي بيٺي. ريل ذريعي تهران کان مشهد جو سفر ٻارهن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو. هتي قُلي به نظر آيا مگر اسان پنهنجو سامان پاڻ ريڙهي اچي ٻاهر بيٺل بسن ۾ رکيوسي. اسٽيشن جا پليٽ فارم، ٽڪيٽ گھر، انتظار گاهه هڪ شاندار عمارت ۾ هئا. بهرحال ٻاهر نڪري اسٽيشن جي ميدان ۾ آياسي ته هر پاسي وڻن، گلن، ٻوٽن جي ساوڪ کلي کيڪار ڪئي. جاميٽريءَ جيان ٽڪنڊن، چوڪنڊن، مسطتيل ۽ گول ٻارين ۾ گلڪاري ڏاڍي وڻندڙ هئي. انهن ٻارين جي درميان وري اچڻ وڃڻ لاءِ سنگ مرمر جي فرش وارا رستا هئا. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪنهن شاهي بازار ۾ اچي ويا هجون. اهو ڏسي دماغ ۾ سوچ آئي ته پاڪستاني ريلوي جي ڊاڙي وزير شيخ رشيد کي چئجي ته هڪ دفعو ايراني ريل ۾ سفر ڪري ۽ ريلوي اسٽيشنون گھمي ڏسي ۽ پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي ڏسي. بسن ۾ چڙهي هوٽل ڏي روانا ٿياسي. بسن وڏي روڊ تي هوٽل کان ڪجھه پرڀرو لاٿو، ڇو ته هوٽل واري گھٽي سوڙهي هئي. سامان کڻي ويجھو ئي موجود هوٽل زُمرد جي استقباليه تي اچي پهتاسين. اتي ڏينهن جا يارهن ٿي ويا. اتي ٻه ڪلاڪ ان ڪري انتظار ڪرڻو پيو جو اڳ ۾ رهيل مسافر هوٽل خالي ڪري رهيا هئا. نيٺ هڪ وڳي لفٽ ۾ سامان کڻي ڪمري نمبر 507 ۽ 506 ۾ پهتاسين، جنهن ۾ هڪ ڪمرو ٻن بسترن وارو ۽ ٻيو ٽن بسترن وارو هيو. ڪمري ۾ ننڍڙو بورچيخانو، فرج ۽ ضرورت جو ٻيو سامان موجود هيو. هٿ منهن ڌوئي مانجھاندي ڪرڻ لاءِ استقباليه جي ويجھو ئي موجود کاڌي هال ۾ اچي ويٺاسي. کاڌي وارو هال ڏاڍو ڪشادو هيو. ڪرسيون، ميزون صاف سٿريون ۽ نيون هيون. خدمتگاريءَ سان گڏ کاڌو به ڏاڍو سٺو ۽ ذائقيدار هيو. چار پنج طعام وافر مقدار ۾ موجود هئا. قدرتي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ سوڍا جون بوتلون جام هيون. جيترو به ڪو کائي پيئي، ڪا جھل پل نه هئي. مانجھاندي کانپوءِ آجهاپي لاءِ اچي ڪمرن م آهلياسي. سمهڻ سان ننڊ ڏورانهين ڏيهه کڻي وئي. رات جي مانيءَ تي جاڳ ٿي. تيار ٿي کاڌي لاءِ هال ۾ آياسي. کاڌي ۾ سلاد، ڏهي، مايونيز، نگيٽس، ڪڪڙ، دال ۽ چانور هئا. ڪنهن شيءِ جي ڪمي نه هئي. گھڻا مسافر گھڻو کاڌو کڻي بچائي زيان به ڪن پيا. اهو ڏسي ڏک پيو ٿئي ته هتي اوبرون ٿا ڪريون. ڪٿي ڪي انسان ڳڀي لاءِ پريشان آهن.

امام علي رضا رضه جي روضي جي زيارت

ڏهين وڳي امام علي رضارضه جي روضي جي زيارت لاءِ وڃڻو هو، ان ڪري پوڻين ڏهين وڳي استقباليه ۾ لهي آياسي. استقباليه کان قافلي جي صورت ۾ زيارت لاءِ نڪري شاهراهه امام رضا تي آياسي. قل ۽ صلوات پڙهندا هڪ چؤسول تي پهتاسي. هي چوسول اٽلس هوٽل جي ڀر سان آهي. چؤسول جي ٻئي پاسي کان امام رضا رضه جو روضو هيو. باب امام رضا رضه کان روضي ۾ داخل ٿياسي. تلاشيءَ جي عمل مان گذرڻ کانپوءِ سالار هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڪجھه هدايتون ڏنيون ته هن روضي جي چوڌاري صحن تمام گھڻا ۽ وڏا آهن، ان ڪري نئون ماڻهو دروازي جو نالو ۽ آسپاس جون نشانيون ڏسي وٺي. دروازي جي نالي ياد هجڻ کانسواءِ گھمڻ ۽ موٽڻ ۾ تڪليف ٿيندي، ڇو ته روضي کي اٺ دروازا هڪجهڙا آهن، جي ٻئي دروازي مان نڪربو ته ڀلجي پئبو. رستي ۾ هڪ مقامي شاگرد امام رضا رضه جي حياتي، هتي اچڻ، رستي ۾ استقبال، زندگيءَ جي صعوبتن ۽ شهادت جو احوال بيان ڪري ٻڌايو. ان بعد اول دالان ۽ صحن سالار جي اڳواڻيءَ ۾ گھمياسي. روضي جي اولاهين ڪنڊ وٽ هڪ جاءِ تي قافلي سان شريڪ ڪراچيءَ جي هڪ ذاڪر چند منٽن جي مجلس پڙهي ۽ نوحه خوان هڪ نوحو پڙهيو. انهيءَ دوران مقامي ايراني اسان جا فوٽو ڇڪيندا رهيا. صحن نهايت ڪشادا هئا ۽ قالين وڇايل هئا. هڪ ڪنڊ ۾ ڪبوترن جون کُڏيون به هيون، جن ۾ ڪبوتر اچي وڃي رهيا هئا. گھمندي اچي ضريح جي مک دروازي تي پهتاسي. ڪي زيارتي چائنٺ چمي سجدا ريز ٿيا. ڪن سلام ڪيو. ضريح تي پيهه ڏسي مون کي حج دوران طواف مهل حجر اسود کي چُمي ڏيڻ وارو منظر ياد آيو. ماڻهو هڪٻئي تي ڳاهٽ ٿي پيڙي، پيهي ضريح مبارڪ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مون ان پيهه کي منهن ڏيڻ جي همٿ نه پئي ساري. نيٺ ساجد راز ۽ هڪ نوجوان فراز اڳيان ٿي همٿ ڪري ضريح کي هٿ لائڻ جيتري زيارت ڪرائي. زيارتين جي زور تي وري پوئتي ڌڪجي وياسي. ضريح کي هٿ لائڻ پهلوانيءَ جو ڪم هيو. ٻار، پوڙهي ۽ بيمار جو ضريح تائين پهچڻ نهايت مشڪل آهي. چوويهه ئي ڪلاڪ اها پيهه رهي ٿي. ماڻهو اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪي رهيا هئا. مون هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ويهي نفل ادا ڪيا ۽ قل خواني ڪئي. روضي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اٺ دروازا آهن، جيڪي مختلف شاهراهن ڏي کلن ٿا. جيسين ساڳئي دروازي کان نه اچبو وڃبو ته دڳ هٿ نه ايندو. هي روضو ايراضيءَ جي لحاظ کان امام علي رضه ۽ امام حسين رضه جي روضن کان وڏو وسيع آهي. ماڻهن جي حاضري ۽ پيهه به هتي گھڻي نظر آئي. پنڌ گھمڻ لاءِ ميلن جو فاصلو طئي ڪرڻو پيو پوي. دروازن کان روضي تائين پهچائڻ لاءِ مزار جون بيٽري واريون گاڏيون به هلي رهيون آهن. هڪ طرف ڪافي تعداد ۾ غسل خانا آهن، جيڪي تهه خانن تائين آهن. غسل خانن ڏي وڃڻ لاءِ هلندڙ ڏاڪڻيون آهن. روضي ۾ هر وقت نوافل ۽ تلاوت ڪلام پاڪ ٿيندي رهندي آهي. هي روضو بند نه ٿيندو آهي. قافلي وارن ۽ سالارن کان امام علي رضا جون جيڪي ڪرامتون ٻڌيون اهي صحيح هونديون، مگر ڪنهن مستند ڪتاب جي حوالي کان سواءِ هتي لکڻ مناسب نٿو لڳي. روضي اندر سهولتون تمام گھڻيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روضي ۾ ترسي ته سمهڻ يا کائڻ پيئڻ جي حوالي سان هن لاءِ مسئلو نه ٿيندو. ڪيئي مسافر رهندا به آهن، ڇو ته روضو چوويهه ڪلاڪ کليل هوندو آهي. ٻيو ته سمورا دالان ۽ روضو ايئرڪنڊيشنڊ آهي. ٽيون واش روم جو مسئلو ناهي. چوڻ وارا چون ٿا ۽ تاريخ بيان ڪن ٿا ته هن شهر مشهد جنهن کي هاڻي مشهد قدس به چون ٿا، جو اصل نالو ته تبديل ٿيندو رهيو آهي، ليڪن سندس اصل اوائلي نالو خراسان آهي. جڏهن ته هن علائقي ۽ آسپاس کي ايران جو خراسان صوبو چون ٿا، جنهن ڪري هن شهر جا ٻه حوالا آهن. صوبي طور هن جو نالو خراسان آهي، شهر طور کيس مشهد يا مشهد مقدس چيو وڃي ٿو. صوبي جو گادي جو هنڌ به آهي. اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ خراسان جي علائقي جي خراساني گڏهن کي خاص طور تي وڏي مشهوري ۽ مان آهي. خراساني گڏهه اسان جي مقامي گڏهن کان سگھا، قدآور ۽ مهانگا به ٿين ٿا مگر مون کي ايران جي سموري سفر دوران شهرن ۾ ڪٿي خراساني گڏهه ته ڇا پر گڏهه ئي نظر نه آيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ هجن، ڇو ته اسان جو رهڻ ۽ گھڻو گھمڻ شهري علائقن ۾ هيو. هن شهر کي رستن، بازارن، چوسولن، سوارين، صفائي، لباس ۾، هڪ ٻئي ۽ قانون جي احترام لاءِ ڪنهن به سٺي مشهور يورپي شهر سان ڀيٽي سگھجي ٿو. هتي جا مقامي ماڻهو گھڻي ڀاڱي پيدل هلڻ بجاءِ سواري گھڻي ٿا استعمال ڪن. ان ڪري رستن تي پيدل مقامي ماڻهن بجاءِ سياح ۽ گاڏيون گھڻي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون. ايترين گاڏين هوندي به سواريون روان دوان آهن ۽ ڪٿي به گاڏين جي رستي روڪ بلڪل گھٽ آهي، شهر جي رستن تي ماڻهن جي سوارين کان سواءِ ٽرڪ، ٽرالر، ٽريڪٽر هلندي نظر نه آيا. بسن کي به خاص مقرر رستن کان علاوه اندرون شهر هلڻ جي اجازت ئي ناهي. ٻين شهرن کان جيڪي سياح ۽ زائرين جون بسون شهر ۾ اچن ٿيون اهي به وقت ڏسي ڊڄي ڊڄي هوٽلن جي آسپاس سواري لاهي کسڪڻ جي ڪن ٿيون. گھٽيون ۽ روڊ ويڪرا ۽ سڌا، ڪٿي به پيهه ۾ گھُتي هڻڻ جو رواج ڄڻ آهي ئي ڪونه. خاص چؤسولن تي ڏس پتي لاءِ رهنما چوڪيون ٺهيل آهن، جتي ملڪ ۽ شهر متعلق مسافر کي مڪمل معلومات ملي وڃي ٿي. رستا اڪثر ٻه طرفا ۽ شهر اندر ويندڙ روڊ به ويڪرا آهن. روڊن سان گڏ گڏ پيدل هلڻ وارن لاءِ به پڪا رستا آهن. انهن رستن سان اڪثر هٿ ۾ سامان کڻي کپائڻ وارا گھورڙيا ملي وڃن ٿا يا نظر اچن ٿا، جيڪي واٽ ويندڙن کي هڪ ڀيرو سامان آڇين ٿا، هروڀرو تنگ نٿا ڪن. ماڻهن جو آواز گھٽ ۽ خاموشي زياده آهي. گھڻي شور واريون گاڏيون روڊن تي هلندي گھٽ نظر آيون. جڏهن ته اسان جي رستن ۽ بازارن ۾ ماڻهن ۽ گاڏين جو ايترو گوڙ هوندو آهي جو گڏ هلڻ وارا به هڪٻئي جو آواز ٻڌي نه سگھندا آهن. رڳو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته او ڀائو، او رئيس، او مٺڙا، او حاجي، او لاهوتي، وٺيو وڃ، ڏاڍو سستو اٿئي، هر مال ڏهين رپئي، يا لاهوتيءَ جو اعلان آهي ٻِين رپئين گلاس آهي.
جنهن وقت پاڪستاني سڪو ايراني ڪرنسي ۾ تبديل ڪرائجي ٿو ته موٽ ۾ ملندڙ گھڻا پيسا ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، مگر خريداريءَ وقت دماغ ٺڪاڻي تي اچي ٿو ۽ خبر پوي ٿي ته وري به پاڪستان، ايران ۽ عراق کان سستو آهي. ايران ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڪا به شيءِ ايراني هزارين يا لکين تمن يا ايراني ريالن ۾ ملي ٿي، باقي گھڻو ڪجھه پاڪستان وانگر به آهي. هتي جا ماڻهو گھڻي ڀاڱي پير پرست ۽ شخصيت پرست به آهن. فرق اهو آهي ته ايران ۾ گھڻي ڀاڱي عالم يا بزرگ کي جيئري تڙپائي تڙپائي تنگ ڪري مارين ٿا، پوءِ شهيد ڪرڻ بعد مقبرا اڏي مٿن مجاور ٿي وارث بڻجي وڃن ٿا ۽ سندن نيڪي ۽ پرچار ڪن ٿا. جيئري کانئن معجزا ۽ ڪرامتون طلب ڪن ٿا ۽ مُئي پڄاڻا سندن ڪرامتن جا ڪتاب ڀري ٿا ڇڏين، جڏهن ته پاڪستان ۾ پير جيئرو به لک لهي ته مرڻ کانپوءِ وري لکين لال لهي. کوڙ واندا، ٽوٽي، سست، مجاور بڻجي خوابن ۾ ساڻن ملاقاتون، حضور ۾ حاضريون ڏيئي بشارتون ٻڌائي ماڻهن خاص ڪري عورتن جو عقيدو ۽ مٿو خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪَسر نٿا ڇڏين. حقيقي، نيڪ ۽ سچي ماڻهوءَ کي ڪو کنگھي ئي ڪونه ٿو.
مشهد کي گُلن ۽ باغيچن جو شهر به چوندا آهن. رستن سان ٻنهي پاسي چيل، ٻير، سرنهن، ڪچنار، اخروٽ، بادام، زردالو، آلو بخارن ۽ صوفن جا وڻ پوکيل آهن. انهن کي شهرن ۾ وڏو ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي، انهن جي ڇانگ ڪري خوبصورت بنايو ٿو وڃي. هتي اسان به سليقي سان قطار ۾ بيهڻ سکي ويا آهيون. رستن تي گند ڪچرو اڇلائڻ بجاءِ دٻا ڳولي انهن ۾ اڇليون ٿا. جيڪڏهن اهو عمل پنهنجي ڳوٺ، شهر يا ملڪ ۾ ڪريون ته صفائي جو گھڻو مسئلو حل ٿي وڃي.
مشهد ۾ اعليٰ کان اعليٰ هوٽلن سان گڏ ساديون هوٽلون ۽ مسافرخانه به موجود آهن. ماڻهو آمدني وڌائڻ لاءِ گھر جو ڪجھه حصو ڪرائي جي مهمان خاني طور به ڪتب آڻين ٿا.
اعليٰ قسم جي مرسڊيز، هينو، ڪيا، ڊائيوو جهڙين شاندار ۽ سنهنجن بسن سان گڏ ساديون بسون به آهن. بس مال تي مُلهه آهي. هتي پِيلي ٽيڪسي به جام آهن عام خانگي ۽ قيمتي گاڏيون به ڀاڙي تي هلن ٿيون. رڪشا ورلي ۽ موٽر سائيڪل عام ڏسڻ ۾ اچي ٿي، مگر اسان جي ملڪ کان گھٽ آهن. ننڍين گاڏين ۾ مهراڻ، ڪوري، يا ٻيون گاڏيون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. هتي سورهن سؤ سي سي کان ٻاويهه سؤ سي سيءَ تائين گاڏي عام آهي. شايد ان جو سبب تيل جو سستو هجڻ به هوندو. پاڪستاني رُپئي سوا ۾ ليٽر ملي ٿو. هتي ڪٿي به سياسي نعرن يا مذهبي نعرن جا بئنر يا پوسٽر نظر نه آيا. انهن نعرن کان ديوارون به پاڪ هيون. باقي ڪٿي ڪٿي چوسول، سرڪاري عمارت يا روضي اندر مذهبي قيادت يا خاص شهيد عالمن جا ڦوٽو لڳل نظر آيا. دڪانن تي گھورڙيا امام پاڪن جون خيالي تصويرون وڪڻي رهيا هئا.
هتي به پاڪستان وانگر ڪافي ٽي وي چينل آهن، مگر انهن ۾ گھڻي ڀاڱي فارسي، ٿورو ٿڪو انگريزي ۽ عربيءَ ۾ پروگرام ڏيکاريا وڃن ٿا. فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزي ۽ هندستاني فلمون به ٽي وي تي ڏيکاريون وڃن ٿيون. ايراني زبان ۽ ملڪ جي باري ۾ ڏاڍا قومپرست آهن. هروڀرو فارسيءَ کان سواءِ انگريزي يا عربي ڳالهائڻ پسند نٿا ڪن. هتي انگريزن يا عربن کي دل سان پسند نٿو ڪيو وڃي، ڇو ته هو انهن ٻنهي قومن کي پنهنجي لاءِ غلامي ۽ برباديءَ جو نشان سمجھن ٿا. ها باقي شايد ڪاروباري مجبوريءَ جي ڪري روڊن، هوٽلن ۽ ٻين ڪجھه سرڪاري عمارتن تي فارسيءَ کان سواءِ انگريزي لکت به موجود ڏسڻ ۾ آئي، پر اُها انگريزي به پڙهڻ وقت فارسي لهجو ظاهر پئي ڪري. سياسي ۽ داخلي حالتن جو حقيقي اندازو چٽيءَ ريت ان ڪري نٿو ڪري سگھان ڇو ته آئون نه فارسي ايتري ڳالهائي سگھان ٿو، نه وري سمجھي ڪنهن دانشور، سياسي يا مذهبي ڪارڪن سان ڳالهائي حالتون معلوم ڪري سگھان ٿو.
هتي خمينيءَ جي انقلاب کانپوءِ شاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ جي دور جا سمورا نشان گھڻي ڀاڱي ختم ڪري ڇڏيا ويا آهن. مون هتي ڪنهن به اخبار واري کي ڪٿي به اخبار وڪڻندي نه ڏٺو. لازمي طور هتي عالمي ۽ مقامي اخبارون ۽ رسالار ڇپبا هوندا، جڏهن ته اسان شاگرديءَ واري زماني ۾ ايراني مشهور اخبار “ڪيهان انٽرنيشنل” جو نالو پڙهندا ۽ ٻڌندا آيا آهيون، جيڪا تهران مان نڪرندي هئي ۽ شايد هاڻي به نڪرندي آهي.
هينئر ايران جي مردن جو عام لباس سوٽ ڪوٽ آهي. جينس جون پينٽُون ۽ شرٽُون به عام پايون وڃن ٿيون. ايراني ٽاءِ اصل ڪونه ٻڌن. مردن جي وارن جو اڄڪلهه پاڪستان جهڙو رواج آهي. ايران جي زراعت ۽ زميني ڪم ڪار ۾ ڪوڏر جو ڪو عمل دخل ڪونهي. ان جي جاءِ تي بيلچو استعمال ٿئي ٿو. ايران جي سرحدي عملي جو لباس ڏهه وال کن وڏي شلوار ڪاري رنگ مليشيا جي ۽ مٿان شرٽ آهي، جيڪا شلوار جي اندارن به ڪري ڇڏيندا آهن.

ڪالهه زمرد هوٽل کان امام رضا رضه جي روضي جي زيارت لاءِ ويندي شاهراهه رضا جي فوٽ پاٿ سان هڪ دڪاندار نوجوان ڇوڪري هلندي قافلي کان پڇيو ته “انڊين” يعني هندستاني آهيو. اسان جواب ۾ چيو ته نه، پاڪستاني. موٽ ۾ فورن ڪاروباري ذهن استعمال ڪندي چيائين“ پاڪستان، هندستان زنده باد، آمريڪا مرده آباد” اهو نعرو ٻڌي مون کي پاڪستان جي اڪثر ديوارن تي يارن دوستن جو لکيل هي نعرو ياد اچي ويو “علي رضه معاويه ڀائي ڀائي.” اهڙا نعرا حقيقت معلوم هوندي به ذاتي مفاد ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ هنيا ويندا آهن. اهڙا نعرا سياسي گھٽ، مفاد پرستاڻا ۽ مطلبي گھڻا هوندا آهن.
اڄ 25 جون 2019ع آهي ۽ قافلي لاءِ آرام جو ڏينهن آهي. ان ڪري مان تيار ٿي نيرن ڪري هوٽل جي ڪمري ۾ ئي رهيس، جتان سنڌ ۽ پاڪستان جي دوستن سان فون تي رابطا ڪري حال احوال ڪيا ۽ ٽي ويءَ تي ڪجھه فارسي پروگرام ڏسندي ۽ آرام ڪندي وقت گذاريو. منهنجون نياڻيون، گھر واري ۽ پٽ ساجد حسين “راز” ذوق سان بازار جو چڪر هڻي، خريداري ڪندا رهيا. مون ٿڪاوٽ هجڻ ڪري ڪمري ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ماني کاڌي واري هال ۾ مقرر وقت تي لڳي پئي وڃي. نيرن اٺين کان ڏهين وڳي، مانجھاندو هڪ کان ٽين وڳي ۽ رات جي ماني اٺين کان ڏهين وڳي تائين هلي پئي. وڏي قافلي جي ڪري هتي به گھٽ مصالحي سان سنڌيءَ کاڌا ملي وڃن پيا. ايران جي ٽي وي چينلن تي گھٽ اشتهار هلن پيا، مگر انهن ۾ عورتن جو ڪردار گھٽ، سي به مهذب ۽ سنجيده لباس ۾ هيون، اهي به خبرن، ٽي وي ڊرامن، مذاڪرن تائين محدود آهن. ٽي ويءَ تي خبرون پڙهڻ يا ٻيو ڪم ڪرڻ واريون عورتون مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل آهن، صرف چهرو ظاهر اٿن. هتي ٻاهر نڪرڻ واري هر عورت جورابا پائي ٿي. هتي هوٽلن، دفترن ۽ دڪانن جي استقباله تي ڪافي عورتون ڪم ڪن ٿيون. هتي نوجوان عورت کي بانو (وڏي ڀيڻ) ۽ وڏي عمر واري عورت کي “خانم” امڙ چئو ته خوش ٿين ٿيون.
اڄ 26 جون 2019ع اربع جو ڏينهن آهي. اڃا مشهد مقدس ۾ پڙاءُ آهي. مشهد ۾ به معتدل موسم هجڻ ڪري پاڻي گھٽ ٿو پيئجي. درجه حرات 26 کان 30 جي درميان رهي ٿو. هوا هلندي رهي ٿي. هوٽل، گاڏيون ۽ زيارتون اي سي هجڻ ڪري پاڻي جي طلب گھٽ رهي ٿي. پيئڻ جو منرل پاڻي بوتلن ۾ ملي ٿو. کليل پاڻي پيئڻ وارو ڪٿي به نظر نه آيو. گرمي گھٽ هجڻ ڪري پگھر به نه پيو اچي. هتي جابلو ماحول ڪري هوا ۾ مٽي ۽ رستن تي به ڌوڙ تمام گھٽ آهي. ان ڪري شهر جي آبهوا، موافق، وڻندڙ ۽ خالص آهي. اڄ شهر جي هڪ مشهور باغيچي گھمڻ جو سٽاءُ هيو، جنهن ڏي هلڻ لاءِ سالار طرفان ٽِين وڳي جو وقت رکيو ويو هيو، مگر قافلي کي ڪمرن مان نڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. نيٺ چئين وڳي هوٽل مان نڪري شاهراهه رضا تي بيٺل بسن ۾ اچي ويٺاسي. بسون مشهد جا روڊ چؤسول، عمارتون، باغيچن جون گلڪاريون گھمائينديون اچي اڌ ڪلاڪ ۾ “ڪوههِ سنگي” باغيچي کان ٿورو پرڀرو بيٺيون. ٿورو پيدل هلي باغيچي ۾ داخل ٿياسي، رستي ۾ هر منظر من موهيندڙ هيو. زمين جو ڪو به ٽڪرو خالي نه هيو، گلن، ڇٻر ۽ وڻراهه ماحول کي معتدل بڻائي ڇڏيو هيو. مشهد شهر به نئين ۽ پراڻي تعميراتي هنر جو سنگم آهي. ڪو به رستو ٽيڏو يا والار هيٺ نظر نه آيو. هتي سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل جو استعمال به عام آهي. وڻراهه رستن ۽ گهرن کي ڍڪي ڇڏيو آهي. باغيچي ۾ گھمڻ لاءِ سالار ڪجھه هدايتون ڏنيون. هڪٻئي سان گڏجي گھمڻ جو مشورو ڏنو. جيئن اڪيلائيءَ ۾ ڀلجي نه پئجي.

ڪوهه سنگي باغيچو

“ڪوهه سنگي” باغيچو جبل جي تري ۾ هڪ نوڪدار پٿرن واري پهاڙي يا ٽڪريءَ کي سنواري ان تي قائم ڪيو ويو آهي. وڏي ڪاريگريءَ ۽ ماپ سان ٽڪريءَ کي ڪٽي گلن ۽ ڇٻر لاءِ ٻارا ٺاهي، انهن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اڏون ٺاهيون ويون آهن. پنڌ ايندڙ ويندڙ گھمندڙن لاءِ خلاصائي خاطر الڳ الڳ رستا آهن. انهن ٻنهي رستن کي الڳ ڪرڻ لاءِ وچ ۾ هڪ وڏو رستو آهي. رستن جي ٻنهي پاسي سهڻي قطار ۾ سڌا چيل جا وڻ پوکيل آهن، جنهن ڪري رستن تي هر وقت ڇانورو رهي ٿو. ٿورو اڳتي هلي ننڍين گاڏين ۽ ڪارن بيهارڻ جو ميدان آيو، اڳتي هاڻي رستا ۽ باغيچو ويڪرا ٿيندا ويا. هتي پهاڙيءَ مان نڪرندڙ چشمي کي وڏي ڪاريگريءَ سان هيٺ آڻي باغيچي ۾ پکيڙڻ ۽ مزيدار بڻائڻ لاءِ اونچايون، هيٺاهيون، مختلف نالين سان ڳنڍي وري مختلف جڳهين تي ننڍا ننڍا تلاءَ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي شفاف پاڻيءَ سان هميشه ڀريل رهن ٿا. مٿاهينءَ کان هيٺاهينءَ تي ڪِرڻ وقت پاڻي آبشار جو منظر پيش ڪري ٿو. وهڪري وارو ۽ تلائن وارو پاڻي هڪ جيترو شفاف آهي. ايترو شفاف جو تري ۾ پيل هر شيءِ نظر اچي پئي. باغيچي جي هڪ پاسي کان هڪ رستو گولائيءَ ۾ گرلن ۽ ڏاڪڻين سان ڦرندو پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي وڃي ٿو. ڪافي نوجوان اوڏانهن چوٽي به گھمي آيا. ٻڌايائون ته پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تان شهر جي خوبصورت نظاري ڏاڍو لطف ڏنو. اسان هيٺ ڏنل باغيچي جا درشن ڪرڻ لڳاسي. باغيچي ۾ ويهڻ لاءِ سيمينٽ ۽ پٿر جون ننڍيون ننڍيون ديوارون ٺهيل هيون ۽ بينچون به رکيل هيون. رستي ۾ هڪ وڏو جم يعني ورزش خانو ٺهيل هيو، جنهن ۾ هر قسم جي ورزش لاءِ هر قسم جو سامان ۽ مشينون رکيل هيون. پوڙها، ٻار ۽ نوجوان پنهنجي پنهنجي پسند جون ورزشون ڪري رهيا هئا. باغيچي ۾ ڪجھه گهورڙيا، چانهن، ڪافي ۽ کائڻ جون ٻيون شيون وڪڻي رهيا هئا. رستي ۾ کائڻ پيئڻ ۽ ٻارن جي شين جا جڳهه جڳهه تي دڪان هئا. انهن دڪانن تي وڪامندڙ شيون ڏاڍيون مهانگيون هيون. ڪافيءَ جو هڪ ڪپ پاڪستاني ٻه اڍائي سؤ رپين ۾ ملي رهيو هيو. گھمندي ڦرندي هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ ٺهيل پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو، جنهن جي وچ ۾ ستن ٽوٽين وارو تيز ڦوهارو هلندي نظر آيو، جيڪو پنجاهه کان سٺ فوٽن جي اوچائي تائين مٿي وڃي رهيو هيو. ان تلاءُ جي چوڌاري گھمڻ وارن لاءِ الڳ رستو، ورزش لاءِ گھمندڙن واسطي الڳ رستو هيو. ڦوهارو چهچ ساون وڻن وچ ۾ سهڻو منظر پيش ڪري رهيو هيو. اسان ڦوهاري جو منظر ڏسڻ لاءِ تلاءُ جي ڀرسان ٺهيل هڪ ديوار تي ويهي رهياسي. ڦوهاري جو هيٺ مٿي اچڻ وڃڻ جو منظر ڏاڍو دل فريب هيو ۽ اسان جو ان منظر ۾ محو ٿيڻ به لازمي هيو. ڦوهاري جو اُڀار چوڌاري ڦرندڙ هيو. هوا جي زور تي ان جون ڦڙيون اسان جي جسم ۽ ڪپڙن تي پئجي ڏاڍو مزو ڏيئي رهيون هيون. اهو ڄڻ قدرتي ڦوهار جيان اسان جي جسم ۽ روح کي فرحت ڏئي رهيو هيو. اهو سڄو منظر فضيلت ۽ روحانيت وارو هيو. جن دوستن عروج واري دور ۾ ڪراچيءَ جو هل پارڪ ڏٺو آهي، هن باغيچي سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿو. هاڻي ته هل پارڪ ۾ جانور به پاڻيءَ لپ لاءِ پريشان آهن. باغيچو الاهي وڏو هيو. اهڙي ماحول ۾ گم ٿي وڃڻ اسان لاءِ فطري عمل هيو. ان موهه ۾ اسان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو. واپسيءَ جو وقت واڪا ڪري ورڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هيو. سڪايل عاشق جيان ٿڪل قدمن سان ماڳ ڏي موٽڻو پيو. الائي ڇو اتي اوچتو موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو قبرستان، ٺٽو، مڪلي، ڀٽ شاهه، منڇر، ڪينجھر، منصوره جي لاوارثيءَ تي اکين ۾ پاڻي تري آيو، جيڪي تاريخي ماڳ هوندي به ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. مشهد ۾ هٿرادو هنر جي قدر داني ڏسي مون کي رِيس اچڻ لڳي ته اسان جي انهن ادارن کي به اهڙي طرح ترقي ڪرڻ گھرجي. آهستي آهستي گهمندي ڦرندي واپسي ٿي، جنهن جاءِ تي بسن مان لٿا هئاسي، اتي پهتاسي ته بسون لهون ئي نه. سمجھه ۾ آيو ته ڊرائيور ان ساهيءَ جو فائدو وٺندي ڪنهن ٻِي سواريءَ سان ڪو مقامي داءُ هڻڻ هليا ويا ها. ان ڪري اسان کي ڪلاڪ کن بسن جو انتظار ڪرڻو پيو. ڪاروباري ماڻهن جا هر ملڪ ۾ هنري گُر گھڻي ڀاڱي ساڳيا آهن. گھڻي انتظار کانپوءِ بسون آيون ۽ ايتري ۾ سج لٿي جون اذانون به اچي ويون. هتي اذان هڪ يا ٻن مسجدن مان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، شايد هتي اذان صرف ڪنهن مرڪزي مسجد ۾ ڏني ويندي آهي. اسان جي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي اذانون اينديون آهن. نيٺ انتظار ختم ڪري بسن ڀيڙا ٿياسي. بسن ۾ ويهي مسافرن جي سُس پُس مان اهو اندازو ٿيو ته بس وارو پاڪستاني ڊرائيورن جيان موقعي جو فائدو وٺندي ڪا ٻي سواري کڻي، ان مان به ڪمائي ڪري آيو آهي. خير! الله بهتر ٿو ڄاڻي.
مانجھاندي جي ميز تي هڪ بلتستاني شاگرد حسن فخر الدين بلتيءَ سان ملاقات ٿي. هي ان الطاف حسين بلتيءَ جو مائٽ آهي. جيڪو ڳوٺ وڃڻ لاءِ نجف، ڪربلا کان مشهد تائين اسان سان سونهون ٿي آيو هيو ۽ ان طريقي سان پنهنجو ڪرايو به بچايو هئائين. هي ٻن سالن کانپوءِ ڳوٺ وڃي رهيو هيو سو به ڀاءُ جي شادي ڪرائڻ لاءِ. پرديس ۾ ڪمائڻ لاءِ ويل ماڻهوءَ کي بچت لاءِ اهي طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا. هي ڏاڍو بااخلاق ۽ ايران عراق متعلق ڪافي ڄاڻ رکي ٿو. هر قافلي واري سان مددگاريءَ ۾ اڳڀرو هيو. اڄ هن کي پاڪستان وڃڻ لاءِ مشهد کان تفتان روڊ رستي روانو ٿيڻو آهي. هتي نجف اشرف، ڪربلا معليٰ، سامره، ڪاظمين، بغداد، قم، تهران ۽ مشهد جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان جي هر علائقي جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. ان ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ بچيل وقت ۾ ڪنهن اداري ۾ ڪم به ڪندا آهن.
حسن فخر الدين سان ويٺي ويٺي ڪلاڪ اڌ جي ملاقات ٿي. هي هتي قرآن شريف تي ايم فل ڪري رهيو آهي. هن سان سندس گھر وارا ۽ ٻار به ساڻ هئا. هن ٻڌايو ته هتي پڙهڻ واري شاگرد کي وظيفي کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪرڻو ناهي. جيڪڏهن سندس ڪنهن ٻي ڪِرت ڪمائيءَ بابت انتظاميا کي خبر پئي ته سندس داخلا ۽ وظيفو ختم ڪري کيس ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏيندا. هن ٻڌايو ته مون کي هتي اٺ هزار ايراني وظيفو ملندو آهي، جيڪو هن مهانگائيءَ جي دور ۾ پورو نٿو پوي. ان ڪري گھر جي هڪ حصي ۾ ٻاهران آيل مسافرن کي رهائي، انهن کي ماني ٽڪيءَ جي سهولت ڏيڻ عيوض ڪجھه ملي ويندو آهي، جنهن سان گذر سفر ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه سونهون ٿي مسافرن ۽ زيارتين کي گھمائڻ مان به چار ڏوڪڙ ملي ويندا آهن. ڪچهريءَ دوران هن اهو به ٻڌايو ته اڄڪلهه ايران ۾ دينيءَ سان گڏ دنيوي تعليم تي به گھڻو زور آهي. هر اداري ۾ جديد تعليم ۽ هنري سکيا جا شعبا هجڻ لازمي آهن. ايراني قيادت ۽ عوام آمريڪا ۽ سندس ساٿارين کان گھڻي متنفر آهي.
هينئر ايران جا چين، لبنان، يمن، روس ۽ هندستان سان سٺا سفارتي لاڳاپا آهن، جنهن ڪري کيس مغرب جي مقابلي ۾ سٺي ٽيڪ ٿي پئي آهي، جنهن جو آمريڪا تي اثر پوي ٿو. ڊرون ڪيرائڻ کان علاوه ڪالهه ايران هڪ منٽ ۾ ڏيڍ سؤ ميزائل ڇوڙي (فائر ڪري) پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري آمريڪا کي ششدر ڪري وڌو آهي. تادم تحرير جنوري 2020ع جي ٻئي هفتي ۾ بدلي طور آمريڪا ميزائل هڻي عراق جي هوائي اڏي تي ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر ۽ ايران جي ٻيو نمبر طاقتور شخصيت جنرل قاسم سليمانيءَ کي ماري وڌو آهي، جنهن سان ايران جو وڏو سياسي ۽ فوجي نقصان ٿيو آهي. موٽ ۾ ايران بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
حسن فخرالدين ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته آمريڪا سان جنگي حالت ۽ معاشي پابندين جي ڪري ايران ۾ غربت ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي. بصر، ٽماٽو، داليون ۽ ٻيون کاڄرو شيون چئوڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن. انهن اگھن مان عام مهانگائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ايران جي آمدني ۽ روانگي واپار تي مغرب جون پابنديون ۽ فوجي سگھه تي ٿيندڙ خرچ سندس ملڪ جي معاشي حالتن تي برو اثر وجھي رهيون آهن، ليڪن پوءِ به ايراني قوم متحد آهي. جنگي حالتن ۾ هونئن به قومن ۾ ايڪو ٿيندو آهي.
حسن اهو به ٻڌايو ته ايراني قوم جي مجموعي آباديءَ جو اَٺ کان ڏهه سيڪڙو سُني عقيدي وارا مسلمان آهن. هڪ کان ٻه سيڪڙو يهودي، عيسائي ۽ زرتشت آهن، باقي آبادي شيعا مسلمانن جي آهي، جنهن ۾ اسماعيلي فرقو به شامل آهي. هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته فورسز جو تمام گھڻو تعداد آهي، جنهن ۾ جاسوسي ادارا، رينجرز، فوج ۽ پوليس شامل آهن. ائين کڻي سمجھو ته هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ٻه سرڪاري جاسوس مقرر آهن. اڄڪلهه ايران جا پاڪستان سان سرد مهريءَ وارا ناتا آهن، ڇو ته پاڪستان آمريڪا ۽ سعودي عرب جو ساٿاري آهي. انهيءَ ساٿ جي ڪري پاڪستان ايران سان ٿيل ٺاهن تي به عمل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو. ايران جي عوام کي اها خبر آهي ته ٻاهرين قوتن جي ڀيٽ ۾ سندن قيادت ملڪ ۽ عوام سان مخلص آهي. ٻئي طرف آمريڪا ايراني ليڊرن ۽ عوام کي ڊالرن ذريعي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، مگر اڃا تائين کيس ان سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي آهي. هتي رشوت گھٽ آهي ۽ ڏوهن ۾ گھٽتائي ان ڪري آهي جو قانون جي عملداري سخت آهي. حسن هڪ ڇرڪائيندڙ خبر اها به ٻڌائي ته ايران ايترو اناج ذخيرو ڪيو آهي جو آمريڪا سان جنگ ٿيڻ جي صورت ۾ اهو ذخيرو چاليهن سالن لاءِ ڪافي آهي. آمريڪا کي ايران جي اسلامي انقلاب جي شروعاتي سال ۾ جمي ڪارٽر جي دور ۾ سفارتي يرغمالين وارو واقعو اڃا ناهي وسريو. ان ڪري آمريڪا تڪڙ ڪري ايران سان سڌي سنئين ڀرپور جنگ کان لهرائي رهيو آهي. آمريڪا ايران کي ٿڪائي مارڻ واري جنگي حڪمتِ عملي کان ڪم وٺي رهيو آهي. جمي ڪارٽر تهران جي آمريڪي سفارتخاني ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي لاءِ سٺ کان مٿي سفارتڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ درجنين هوائي جهازن جو ٻييڙو به ضايع ڪيو پر يرغمالي نه ڇڏائي سگهيو. اڄ تائين انهن آمريڪي جنگي جهازن جو اتو پتو ڪونهي ته اهي ڪاڏي ويا. آخرڪار سفارتي ٽياڪڙيءَ کانپوءِ ايراني شاگردن ۽ انقلابي گارڊن يرغمالي آزاد ڪيا. اهڙن سببن جي ڪري آمريڪا ايران تي مڪمل حملي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، باقي سفارتي، معاشي دهمان ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ايران هڪ ئي وقت آمريڪا ۽ اسرائيلي مفادن کي نشاني تي رکي ڇڏيو آهي. هن اڳتي ٻڌايو ته اوهان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته روز مره جي زندگيءَ ۾ ايراني عوام تي آمريڪا جو ڪو خوف ڪونهي. جڏهن ته ايران ۽ سندس ساٿين جي دٻاءُ کي آمريڪا هروڀرو نظر انداز نٿو ڪري سگھي. عقيدي جي لحاظ کان به مسلم عوام جون دلي همدرديون آمريڪا بجاءِ ايران سان آهن. ٻئي طرف آمريڪا کي يمن ۽ شام سان ڊگھي جنگ ۾ ڪا خاطرخواهه ڪاميابي نه ملي آهي. هونئن به اهو جنگي اصول آهي ته ملڪ کان ٻاهر ڏورانهن علائقن ۾ ڪنهن سان وڙهڻ يا ڪنهن جي مدد ڪرڻ سان جاني يا اندروني نقصان بيشڪ گھٽ ٿيندو آهي پر معاشي ۽ جنگي نقصان گھڻو ٿيندو آهي. آمريڪا سان به ويٽنام کان وٺي ڪوريا، افغانستان، عراق، لبنان ۽ وچ اوڀر ۾ اهڙي حالت رهي آهي. مان سمجھان ٿو ته اهي حالتون آمريڪي سياسي ۽ فوجي قيادت جي دماغن ۾ به ضرور هونديون، مگر دفاعي صنعت جي بقاءَ ۽ وڏيرپ جو جنون اڃا تائين آمريڪا تي سوار آهي. آمريڪا کي هينئر عالمي ۽ ملڪي طور سندس غير تجربيڪار صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا طور طريقا به صدما ڏئي رهيا آهن. هينئر آمريڪا مڪمل طور پنهنجي هٿيارن ۽ اقوام متحده تي ڀاڙي رهيو آهي. هونئن به جيڪڏهن قومن ۾ همت ۽ حڪمرانن ۾ غيرت هجي ته آمريڪا ڪجھه به ڪونهي. وينزويلا، ڪيوبا، ڪوريا، ويٽنام، شام ۽ ايران جو مثال اسان جي سامهون آهي. آمريڪا هميشه لاءِ ملڪن جي حاڪمن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي خريد ڪري ڀاڙيتو سياسي گڏهن طور استعمال ڪندو آهي. اهڙي ريت ٻئي طرف اهو ترقي پسند ۽ قومپرست قوتن جو سخت مخالف رهيو آهي. ڪٿي انساني آزادي، ڪٿي اظهار جي آزادي ۽ ڪٿي مذهبي هيڪڙائيءَ جي حمايت ڪري ڪم ڪڍڻ کانپوءِ انهن مان بنهه ئي هٿ ڪڍي وڃڻ آمريڪا جو وطيرو رهيو آهي. ان طرح حسن فخر الدين سان لاڀائتي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اهڙي ريت موڪلاڻي به گرمجوشيءَ سان ٿي.
اڄ رات معمول موجب ماني کائي ٿورو ساٿين سان ڪچهري ڪري سمهي پياسي. ٻئي ڏينهن 27 جون 2019ع خميس تي ٻاهر گھمڻ جي ڪا رٿا ڪا نه هئي. ان ڪري صرف ماني کائڻ لاءِ ڪمرن کان نڪرڻ ٿئي پيو. باقي آرام هيو. اڄ ڪجھه مسافرن جي واپسيءَ لاءِ رات 28 جون تي مشهد کان ڪراچي وايا دبئي پرواز هئي، جنهن ڪري ڪجھه مسافر پنهنجا ڪمرا خالي ڪري سامان استقباليه تي کڻي هيٺ آيا. منجھند جو اڍائي وڳي مانجھاندي کانپوءِ کين سامان سميت بسن ذريعي نيشاپور بقايا زيارتن لاءِ نيو ويو، جتان واپسيءَ تي سڌو سنئون هوائي اڏي تي ويندا. واپسيءَ تي رڳو هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آيا.
انهيءَ کان اڳ مون فون ڪري حسن فخر الدين بلتيءَ کي هوٽل تي سڏائي ورتو، جيئن ساڻس ڪچهري ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪجي. هو مغرب جي نماز کانپوءِ هوٽل تي آيو. هوٽل جي استقباله جي هڪ پاسي ويهي حال احوال ڪياسي. مان هن کان اڃا ڪجھه وڌيڪ مذهبي ۽ سياسي معلومات وٺڻ پيو چاهيان. احوال ڪندي هن ٻڌايو ته هتي مخصوص امام بارگاهون آهن، جتي خاص ڏينهن تي اجتماع ٿيندا آهن. جڳهه جڳهه تي گھرن يا چؤسولن تي نه ته جھنڊا لڳايا ويندا آهن، نه وري غازي عباس رضه جو هٿ لڳايو ويندو آهي. مون کي به پوري ايران يا عراق ۾ مقبرن کان علاوه ڪٿي به جھنڊو نظر نه آيو. هتي ماتم داري صرف سينه زني، سا به محرم جا ڏهه ڏهاڙا ۽ چاليهي دوران ٿيندي آهي. ذوالجناح، زنجير زني، جھولي ۽ سيج جو ڪو به اهتمام نه ٿيندو آهي. رستن ۽ چؤسولن تي سبيلون لڳنديون آهن. مختصر عرصي لاءِ نڪاح جو رواج عام آهي. ان رشتي مان ٿيل اولاد حلال ليکيو ويندو آهي ۽ اهڙو اولاد پيءُ جي ذميواري هوندو آهي. اهڙو تعلق گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن لاءِ هوندو آهي. هتي مهينو نوروز سال جي حساب سان سرڪاري طور تي ڳڻيو ويندو آهي. ان مهيني جو عيسوي مهيني وانگر چنڊ ڏسڻ سان ڪو تعلق ناهي هوندو. ملازمن کي پگھارون به نوروز مهيني مطابق ڏنيون وينديون آهن. هفتيوار سرڪاري موڪل جمعي جي ڏينهن هوندي آهي.
ايران ۾ سرديءَ جي موسم عام طور تي سيپٽمبر کان جنوريءَ تائين هلندي آهي. هتان جو بلدياتي نظام صفائي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي حوالي سان ڏاڍو مضبوط هوندو آهي. صفائيءَ واري عملي کي علائقا ورهائي ڏنل آهن، جيڪي رات جو ٻارهين وڳي کان صبح جو ستين وڳي تائين صفائيءَ جو ڪم مڪمل ڪري وٺندا آهن. ان کان پوءِ اعليٰ عملدار ان ڪم جي تپاس ڪندا آهن، جنهن ملازم جي حد ۾ صفائي نه ٿيل هوندي يا خراب ڪم هوندو آهي ته ان ملازم کي گھرائي نوڪريءَ مان فارغ ڪري ڇڏيندا آهن. تهران شهر ۾ ڪجھه يهودي به رهندا آهن. ايران ۾ ڪنهن به مذهب تي ڪا به پابندي ڪانهي. جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي تنگ ڪيو ويندو آهي ته تنگ ڪرڻ واري کي جيل موڪليو ويندو آهي. چون ٿا ته يهودي ايران جي ڪُل آباديءَ جي اڌ سيڪڙو کان به گھٽ آهن. آتش پرستن جو تعداد ٻه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. هتي ايران ۾ هوٽلن، باغيچن، ريلوي اسٽيشن، بس اڏن، هوائي اڏن، بندرگاهن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي آهي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل به ڪرايو وڃي ٿو، جنهن جو مون مشاهدو به ڪيو. قم واري هوٽل جي استقباليه تي رات جو اسان جو هڪ ساٿي سگريٽ ڇڪي رهيو هيو ته ان کي هوٽل مئنيجر روڪيو ۽ چيو ته ٻاهر گھٽيءَ ۾ ڇڪي اچ ۽ هن کي ائين ڪرڻو پيو. ايراني عيدالفطر ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن مگر عيد الاضحيٰ جي هتي ڄڻ خبر به نه پوندي آهي. قرباني به ڪي خاص امير ماڻهو ڪندا آهن. ان معلومات ۽ قهوو پيئڻ بعد حسن بلتي مون کان موڪلايو ۽ مون معلومات ڏيڻ لاءِ سندس ٿورا مڃيا. اهڙي معلومات مون لاءِ به ڪنهن فارسي يا عربي دان کان ملڻ جي اميد رکڻ مشڪل هئي. ٿورو آرام ڪري سامان سهيڙڻ جي به يادگيري آئي. ٽڙيل پکڙيل سامان گڏ ڪري رات جو ماني کائي آرام ڪيوسي.

نيشاپور روانگي

اڄ جمع 28 جون 2019ع جمعي جو ڏينهن آهي. اڄ رهيل زيارتن جو ارادو ڪيل هيو. نيرن ڪري بسن ۾ سوار ٿي مشهد کان نيشاپور واري شاهراهه ڏي روانا ٿياسي. مشهد جي ٻهراڙي پار ڪري جڏهن کليل رستي تي آياسي ته جيئن پوءِ تيئن آبادي گھٽبي ۽ غيرآبادي وڌندي وئي. رستي تي هوا تي هلندڙ ٻه بجلي گھر نظر آيا. اچڻ وڃڻ لاءِ الڳ الڳ ٻٽو رستو هيو. رستي سان ڪٿي ڪٿي معمولي آبادي نظر اچي پئي، نه ته پنجاهه ڪلوميٽرن جو رستو ويرانيءَ مان گذري رهيو هيو. پري پري تائين بيابان هيو. سٺ ڪلوميٽر کن فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ بس وڏو روڊ ڇڏي جادهه نالي هڪ ننڍي روڊ ڏي موڙ کاڌو. چند ڪلوميٽرن کان پوءِ باغيش نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آيو. جيڪو پٿريلي ميدان تي هتي هُتي گھرن تي مشتمل هيو. هتي امام زاده يحييٰ بن موسيٰ ڪاظم رضه بن امام جعفر صادق جي زيارت گاهه آهي. انهيءَ زيارت کان اڳ ۾ ڪو به وڻ نه هو. رستي ۾ ٻه ڳوٺ رينالوند ۽ مالوند نالي الڳ الڳ فاصلي تي آهن. هن امام زادي جي آرام گاهه به ڏاڍي سٺي ۽ ڇت شيشي جي جڙاءَ سان ٺهيل هئي. زيارت سان گڏ نوافل ادا ڪري روانا ٿياسي. اڳتي رستي تي ڪٿي ڪڻڪ جو تيار فصل، هلڪا وڻ، ڪو ننڍو ڪارخانو، ورڪشاپ ۽ ان سان گدام نظر آيا. باغيش شهر يا ڳوٺ ننڍڙو هيو مگر ترتيب سان ٺهيل هيو. زائرين لاءِ ويهڻ، نماز پڙهڻ، پاڻي ۽ آرام ڪرڻ جا سٺا انتظام ٿيل آهن. هي امام زادو انهن شهزادن مان آهي، جيڪي مختلف دورن جي حاڪمن جي ظلمن کان تنگ ٿي هيڏي هوڏي ڏورانهن ڏيهن ڏي هجرتون ڪري ويا.

زيارت قدم گاهه

ڏهاڪو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قدم گاهه امام رضا رضه جي زيارت آهي، هي زيارت گاهه ان وقت جي آهي جڏهن سن 300 هجريءَ ۾ هجرت جي سفر دوران پاڻ هن جاءِ تي ڊاٻو ڪيو هئائون. ويهه هزار ماڻهن نيشاپور کان ايندي هن جاءِ تي سندن استقبال ڪيو ۽ امام رضا رضه جي اڳيان ٻه عرض رکيا: هڪ ته هتي پاڻيءَ جي ڪمي جي ڪري کوهه کوٽائڻ لاءِ، جيڪو پاڻ کوٽايائون ۽ اهو کوهه اڃا تائين هلندڙ صورت ۾ موجود آهي. ٻيو عرض هيو ته حضور نبي ڪريمصه جن جي ڪا حديث ٻڌايو. پاڻ فرمايائون ته آل رسول صه جي اطاعت اوهان تي واجب آهي، ورنه اوهان جي عبادت قبول ناهي. قدم گاهه جي جڳهه تي هاڻي جديد شهر نما ڳوٺ آهي. سٺا روڊ، دڪان ۽ باغيچا آهن. هتي هر وقت زيارتين جو هجوم رهي ٿو. قدم گاهه جي مٿان به هڪ عاليشان مقبرو اڏيل آهي، جنهن ۾ سندن قدمن جا نشان موجود آهن. مقبري جي چوڌاري هڪ وسيع صحن ۽ گل ٻوٽا به آهن. هتان جون نيشاپوري فيروزي جو ٽِڪون ۽ ٻُڙا مشهور آهن. مقبري اندر غاليچا وڇايل آهن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ لڳل آهي. هتي خير خيرات گھرڻ وارا فقير فقراءَ به آهن.

زيارت بيبي شطيطه بانو

هيءَ بيبي سيده ناهي، مگر امام موسيٰ ڪاظم ۽ سادات جي نهايت ئي گھڻي عقيدت مند هئي. سندس مزار هڪ عاليشان مقبري ۾ نيشاپور جي ٻاهران وڏي روڊ جي اترئين ڪناري تي آهي. ٻاهران چوڌاري ٿلهي نما وڏو صحن آهي.
هڪ روايت موجب بيبي صاحبه حُب پنجتن ۾ هڪ قاصد هٿ ڪجھه نذرانو ۽ تحفا امام موسيٰ ڪاظم کي خدمت ۾ موڪليا، مگر قاصد کي اها امانت امام صاحب کي ڏيڻ وسري وئي، جڏهن قاصد امام صاحب سان ملڻ لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امام پاڪ پاڻ کانئن ان ڏنل نذراني ۽ تحفي بابت پڇيو. ان بعد قاصد اها امانت واري هڙ امام عالي مقام جي خدمت ۾ پيش ڪئي ۽ بي بي شطيطه جي وصيت به پهچائي ته منهنجو جنازو اوهان پڙهائجو. ان وصيت موجب بي بيءَ جي وفات تي امام صاحب سندس جنازي نماز به پڙهائي ۽ ڪفن دفن ۾ به شريڪ ٿيا.
جڏهن زيارت ڪري ٻاهر نڪتس ته مون کي پنهنجي قافلي جو ڪو به مسافر نظر نه آيو. کين تلاش ڪندي مقبري جي اولهندي پاسي هڪ هجوم نظر آيو. ويجھو وڃي ڏٺو ته هڪ اسٽيج ڊرامو هلي رهيو هيو، جنهن ۾ ٻه مرد ۽ هڪ عورت فنڪاره حضرت امام حسين رضه، غازي عباس رضه ۽ سائنڻ زينب رضه جي ڪردار ۾ ڏهين محرم جو منظر پيش ڪري رهيا هئا، جن جا مڪالما فارسيءَ ۾ هئا. ڪجھه گھڙين لاءِ اهو منظرنامو ڏٺوسي.

زيارت بيبي پسنده نيشاپوري

هيءَ بيبي به امتڻ هئي ۽ امام رضا رضه جي تمام گھڻي عقيدت مند هئي. پاڻ امام رضا رضه جي دعوت ڪئي هئائين، جنهن ۾ جناب امام شريڪ ٿيا. سندس مزار بيبي شطيطه جي مقبري جي پوئين پاسي ڏانهن نيشاپور جي پراڻي علائقي ۾ آهي. هتي به زيارتي ايندار رهن ٿا.

زيارت امام زاده ابراهيم ۽ امام زاده محمّد رضه

نيشاپور ۾ بيبي شطيطه جي مزار سامهون وڏي روڊ مان هڪ ٻه طرفو رستو ڏکڻ طرف نڪري ٿو. روڊ جي ٻنهي پاسي شربت ۽ حڪمت جا شيشي وارا دوڪان آهن. روڊ جي ٻنهي پاسي وڻراهه آهي. نيشاپور ڪشادو ۽ سرسبز شهر آهي. چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسان جي ڪوچ بيٺي، چند فرلانگن جي فاصلي تي امام زادن جا مقبرا هئا. مقبرا ڏاڍا خوبصورت ٺهيل آهن. مزارن جي هڪ پاسي “ڪل شيءِ هالد الا وجه” لکيل هيو.
امام زادن جي زيارت ڪري نڪتاسي ته روضي جي بلڪل سامهون روڊ جي ٻئي پاسي فارسي جي مشهور ايراني شاعر عمر خيام جي مزار هڪ وسيع باغيچي ۾ موجود هئي. ان جڳهه کان به مزار ڏي وڃڻ جو دروازو هيو، جيڪو بند هيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اولهندي پاسي کان دروازو کليل آهي. عجب ڳالهه آهي ته اسان جي پوري قافلي ۾ ايتري قدر جو سالار کي به خبر نه هئي ته عمر خيام ڪير هيو. ان ڪري قافلي مان منهنجي نياڻي ساجده زار ۽ پٽ ساجد زار کان سواءِ ڪو به عمر خيام جي مزار تي نه هليو. دروازي کان اندر داخل ٿيڻ لاءِ استقباليه تان ٽڪيٽ وٺڻ لازمي هيو. مون کي اڄ تائين پڇا ڪرڻ باوجود اها ڳالهه سمجھه ۾ ناهي آئي ته ايران ۽ عراق ۾ جڏهن سڀ زيارتون مفت گھمي سگھجن ٿيون، ايتري قدر جو جتيون به مفت ۾ رکيون وڃن ٿيون ته پوءِ شهنشاهه رباعيات حضرت عمر خيام جي مزار تي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ جي اجازت نامي جي ضرورت ڇو آهي. خير، ٽي ٽڪيٽون وٺي (جيڪي پاڪستاني سڪي ۾ ڇهه سؤ رپيا ٿين ٿا) مزار جي باغيچي ۾ داخل ٿياسي ته سامهون سفيد رنگ سان سيني تائين عمر خيام جو مجسمو نظر آيو، جيڪو عمده ڪاريگريءَ جو ڏيک آهي. هڪ پاسي يعني ساڄي پاسي وسيع باغيچو آهي. کاٻي پاسي ڪاشيءَ جي سامان جا دوڪان ۽ هڪ ٻه چانهن جا هوٽل ۽ ڪنڊ ۾ غسل خانا آهن. سامهون چبوتري ۾ عمر خيام جي مزار آهي، جنهن وقت اسان مزار وٽ پهتاسي ته اتي چند ايراني پنهنجي ٻارن سان گھمي رهيا هئا. ٻار جتين سميت مزار تي لهي چڙهي کيڏي رهيا هئا ۽ انهن جا والدين وري کلندي ٻارن جون تصويرون ڇڪي رهيا هئا. مزار اٺ ڪنڊي گول آهي ۽ ان جي پٺي سنئين سڌي آهي. مٿان چبوتري نما ڊزائن ٺهيل آهي. بهرحال اسان جي خيال ۾ ٻار مزار جي اهڙي طرح راند روند سان بي حرمتي ڪري رهيا هئا پر ايرانين کي ان جي پرواهه نه هئي. بهرحال عمر خيام جي مزار تي حاضريءَ سان اسان جا ايراني پنجيتاليهه تُمن (پاڪستاني ڇهه سؤ رپيا) سجايا ٿيا.
مزار جي مٿان هڪ ڪتبو لکيل هيو “حڪيم ابو الفتح عمر بن ابراهيم “خيام” نيشاپوري، وصال سن 517 هجري قمري. اسان قل پڙهي دعا گھري واپس ٿياسي. قهوه خاني جي اڳيان صندل رکيل هيا، جن تي مرد عورتون ويٺل هئا. قافلي وارن جي تڪڙ جي ڪري اسان کي جلدي موٽڻو پيو. اسان عظيم بزرگ فريد الدين عطار ۽ شاعر فردوسيءَ جي مزار تي به وڃڻ چاهيون پيا مگر ڪوچ واري شام جي پيهه جي ڪري هلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته گهڻي رش جي ڪري اچڻ وڃڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا ۽ واپس به ٿيڻو آهي ۽ مون کي صرف هن جڳهه تائين اچڻ لاءِ چيو ويو هيو. ٻيو ته رات به ٿي وئي آهي. فريد الدين عطار نيشاپور جو مشهور ايراني بزرگ آهي. سندس تصنيف “بِصرنامه” تمام گھڻو مشهور آهي. هن فارسي ڪتاب ۾ تصوف تي ڪافي بحث ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فردوسي به ايران جو اوائلي فارسيءَ جو مشهور شاعر آهي. نيشاپور وڏي عرصي تائين ادب ۽ حڪمت جو مرڪز رهيو آهي. وڏي بيوسيءَ وچان، انهن مزارن تي وڃڻ تان هٿ کڻڻو پيو. قافلي وارن مان مون کان سواءِ ڪنهن کي به اوڏانهن هلڻ ۾ دلچسپي نه هئي. هو انهن جاين ۽ بزرگن کان بي نياز هئا. نيٺ قافلي مشهد ڏي موٽ ڪئي. عطار ۽ فردوسيءَ جو خيالي پس منظر ذهن تي ڦرندو رهيو. رات جو يارهين وڳي ڌاري زمرد هوٽل مشهد پهتاسي. رات جي ماني تيار هئي. کاڌي هال ۾ سڌو وڃي کاڌي جي ميز جو پاسو ورتو سي. ماني کائڻ مان واندا ٿي اٿياسي ته واهيري جي مهل ٿي وئي، ليڪن ليٽڻ بجاءِ سڀ ڪو سامان سهيڙڻ ۾ لڳي ويو. ڇو ته اڄ رات چئين وڳي فلاءِ دبئي جي جهاز ۾ مشهد کان دبئيءَ جي اڏام هئي.

واپسيءَ جي تياري

هنگامي حالتن جيان واپسيءَ جي تياري شروع ٿي وئي. ڪنهن کي ڪنهن جي خبر ڪانه هئي، هرڪو پنهنجي ڪِرت ۾ قابو هيو. هر ڪو ٽڙيل پکڙيل سامان سهيڙڻ ۾ رڌل هيو. اسان به جڳ جي پيروي ڪندي سامان ميڙي سيڙي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ۽ پوءِ بيگُن ۽ شاپرن کي ڀرڻ شروع ڪيو. چوندا آهن ته لڏ ۽ کڏ کٽندا ئي ڪونهن. ان جي ڪري هڪ شيءِ کڻون پيا ته ٻي رهجي پئي وڃي. آخرڪار ڪمرن جي ڪنڊ ڪڙڇ تي آخري نظر وجھي سامان لاهي اچي استقباليه تي ويٺاسي. ايتري ۾ رات جو ٻارهن کان وقت وڌي ويو. نيٺ ڪلاڪ کن جي ساهي پٽڻ کانپوءِ هڪ وڳي هوائي اڏي ڏي کڻي هلڻ لاءِ بسون آيون. ننڊاکي ماحول ۾ سامان بسن ۾ رکي پاڻ به چڙهي پياسي. اڌ ڪلاڪ کن جي سفر کانپوءِ بسون اچي هوائي اڏي تي پهتيون. مشهد جو هوائي اڏو مختصر مگر ڪنهن حد تائين معقول آهي. سامان ريڙهي اچي انتظارگاهه ۾ رکيوسي. اڍائي ٽين وڳي ڪسٽم ۽ تپاس جو عمل شروع ٿيو. ان لاءِ قطارون لڳايون ويون. هن جهاز ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو قافلو به هيو. ڪسٽم ۽ تپاس وارا هر هر قطار ٽوڙي نئين قطار پيا ٺهرائين، جنهن ڪري مسافر منجھي پيا پون. چڪاس واري مشين ان وقت بيهي رهي جنهن وقت منهنجي هٿ واري لٺ ٽيڏي ٿي مشين ۾ ڦاسي پئي. مشين کي پوئتي هلائي لٺ کي سڌو ڪيو ويو. مشين جي زور ڪري لٺ ڪجهه ٽيڏي ٿي پئي ڇو ته اسٽيل جي هئي، اگر ڪاٺ جي هجي ها ته ڀڄي پوي ها. اڳتي وري سامان جي تور جو مرحلو آيو. جيڪو سامان شاپرن ۾ هيو اهو يا ته ٿيلهن ۾ وجھڻ يا ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو ويو. شاپرن ۾ سامان کڻڻ جي منع هئي. نيٺ هڪٻئي جي ٿيلهن ۾ سامان وجھي تور جي مرحلي کي پار ڪيوسي. اڳيان پاسپورٽ ۽ ويزا جي تپاس لاءِ وري قطار ۾ لڳڻو پيو. هلندي ساجد راز جي ويزا تي اهو اعتراض واريو ويو ته ان جي ويزا 27 جون تائين جي آهي ۽ هي 29 جون تي واپس وڃي پيو، ٻه ڏينهن بنا اجازت رهيو آهي، ان لاءِ ڏنڊ ڀريو، جيڪا غلطي سالار ۽ ان جي ڪمپنيءَ جي هئي، مگر سالار ڪا به مدد نه ڪئي. نيٺ هڪ هزار پاڪستاني ڏنڊ ڀري ويزا هڻائي آجا ٿياسي. ان کانپوءِ جهاز تي سوار ٿيڻ لاءِ به قطار ۾ بيهڻو پيو. ٻين قافلن جي ڪري پيهه هئي. قافلا سنڌ جا هئا، انهن جا سالار به سنڌي هئا. نيٺ چئين وڳي بسن انتظار گاهه کان جهاز تائين پهچايو. جهاز ۾ داخل ٿيڻ سان پيهه هجڻ ڪري مسافرن کي پنهنجون پنهنجون جايون ڳولڻ ۾ دقت ٿي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جهاز پوري قوت سان ميدان تي ڊوڙيو ۽ ڊوڙندي هوا ۾ بلند ٿي ويو. رستي ۾ عام رواجي نيرن ڏني وئي، جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ هنيانءُ جھل چئون. ايتري ۾ خبر ان وقت پئي ته جهاز ٻن ڪلاڪن جو سفر پورو ڪري اچي دبئيءَ جي هوائي اڏي جي ميدان تي پر پکيڙيا ۽ سهيڙيا. دبئي هوائي اڏي تي ساهيءَ لاءِ لهڻو هيو ۽ لٿاسي ته بسن ۾ چڙهي اچي انتظار گاهه جي دروازي تي پهتاسي. ساڳيو انتظار گاهه، ساڳيا دڪان، ساڳيو عملو هيو. البته مسافرن ۾ ڪجھه ردوبدل هئي. تپاس جو مرحلو طئي ڪري انتظار گاهه ۾ پهتاسي. هيڏي هوڏي گھمي ڦري اچي ڪرسين تي ويٺاسي. هيءُ ساهي ڪجهه ٿوري هئي. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ جو سڏ ٿيو ته بسن ۾ چڙهي اچي جهاز تي پهتاسي. ان کان اڳ ۾ واپسيءَ جي آخري تپاس مان گذرڻو پيو. تپاس جو مرحلو قطار ۾ نهايت ئي معتبراڻي نموني پورو ٿيو. جنهن بعد اڌ ڪلاڪ جي انتظامي تبديلي کانپوءِ جهاز ڪراچيءَ جو رخ رکي هليو. هي پرواز به ٻن ڪلاڪن ۾ ڪراچي هوائي اڏي تي پهچي پوري ٿي.

سنڌ جي سُڳنڌ

وطن وطن آهي. جهاز کان ٻاهر اچي سنڌ جي آبهوا ۾ ساهه کڻڻ سان ڄڻ سرير سرهو ٿي پيو. اڄ ڪراچي وڌيڪ پنهنجي لڳڻ لڳي. ايتري ۾ منجھند جو ڏيڍ ٿي ويو. سامان جي اچڻ جو انتظار ڪندي اڌ ڪلاڪ ٻيو به کپي ويو. هوائي اڏي کان ٻاهر نڪتاسي ته منهنجو وڏو پٽ عابد حسين “راز” انتظار ڪري رهيو هيو. سڪ وچان سڀ ڳلي ملياسي. سامان گاڏيءَ ۾ رکي روانا ٿياسي. ڪجھه دير ۾ شاهراهه فيصل ڏئي اچي فيصل ايئربيس تي پهتاسي، جتي عابد رهيل هيو. ائير بيس جا رستا ۽ چؤسول ڏاڍا ويڪرا ۽ صاف سٿرا هئا. رستن جي ٻنهي پاسي گلڪاريون هيون. هڪدم اهو ماحول ڏسي ٻاهريون ماحول ذهن ۾ اچي ويو ته جيڪڏهن ڇانوڻيون صاف سٿريون رهي سگھن ٿيون ته پوءِ ڇانوڻين کان ٻاهريان علائقا صاف ۽ سرسبز ڇو نٿا ٿي سگھن. ان ۾ سڄو قوتِ ارادي ۽ انتظامي سٺائي ۽ خرابيءَ جو عمل دخل آهي. ڪمري ۾ اچي هٿ منهن ڌوئي ٿورو ٿڪ پٽي ڳوٺ لاءِ روانگيءَ جو سانگو ڪيوسي. ڊرائيونگ عابد راز ڪئي. چئين وڳي بيس کان ٻاهر نڪتاسي. ساڳي سنڌ، ساڳيا رستا، ساڳيو شور، پري پري پهاڙ، ميدان ۽ سنڌوءَ کي پار ڪرڻ ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٻنهي پاسن جي ساوڪ دماغ تازو ۽ هنيانءُ ٺاري ۽ من موهي وڌو. ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن کي پسي جيڪا پنهنجائپ ۽ اُتساهه ملي ٿو ان جو ليکو لکڻ کان گھڻو آهي. پنهنجي ڌرتي، پنهنجا ماڻهو، پنهنجي زبان پاڻ کي ڪيڏو نه ساءُ ۽ سڀاءُ ڏين ٿا. پنهنجائپ ۽ آٿت وارو احساس ئي ڪافي آهي، ڪراچي، نوري آباد، ٿاڻو بولا خان، ڄامشورو، حيدرآباد، مٽياريون، کيبر، ڀٽ شاهه، هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، شاهپور جهانيان، مورو، نوشهرو فيروز، ڀريا، ڪنڊيارو، هالاڻي، ڪوٽڙي محمد ڪبير، رسول آباد، هڱورجا، گڏيجي، راڻيپور، درازا ۽ گمبٽ مون کي ڄڻ سنڌ جي تسبيح جا مڻيا لڳا. رستي سان ڪچهريون ڪندا گذريل حال اوريندا ستين وڳي اچي سعيد آباد ۾ بيٺاسي. گاڏيءَ ۾ ئي چانهن پيتي سي، چانهن پي اڳتي جي سفر جو سعيو ڪيو. سنڌ جي سڳنڌ سان من واسيندا اچي مورو ٽول پلازا جي ڀرسان عباسي هوٽل تي اچي رات جي ماني کاڌي سي. باقي سفر کي به ڳالهين سان کٽائي اچي يارهين وڳي گمبٽ ۾ گھر ڀيڙا ٿياسي. گمبٽ سنڌ ۾ اچي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ساهه ۾ نئون جذبو جاڳيو آهي، ڇو ته مون کي سنڌ جي سڳنڌ ۽ ٻين ملڪن جي واءَ سواءَ ۾ وڏو فرق محسوس ٿيو. سنڌ ۽ سنڌي زبان جو قدر انهن جي حدن کان ٻاهر وڃي ٿئي ٿو. غير ملڪ جا محل ماڙيون سنڌ جي جھوپڙين جي برابر ڪٿي ٿا ٿي سگھن. زيارتون پنهنجي جاءِ تي اهم آهن مگر حضرت سنڌ جهڙي روح پرور زيارت ڪٿي ڪونهي، جتي انگ اگھاڙو ۽ پيٽ بکارو به پاڻ کي امير ۽ بادشاهه سمجھي ٿو. جيڪو ماڻهو ٻاهرئين ملڪ گھمڻ نٿو وڃي سگھي، ان کي سنڌ جا ماڳ مڪان ڏسڻ گھرجن ته سندس ساهه سيراب ٿي وڃي ٿو. سنڌ به بزرگن جي بستي آهي. سنڌ جون موسمون، فصل، قدرتي نظارا، وسنديون واهڻ به دل ۽ من کي موهي ٿا وڃن. ڀاڳ وند آهي اهو جيڪو هتي ڄائو ۽ سنڌ ۾ حياتي گذاري سنڌ ۾ دفن ٿيو.