آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪھاڻي: تربيت

مئڪسم گورڪي روسي انقلاب جو پيشرو ۽ نقيب هو. سندس فڪر انگيز ۽ انقلاب پسند تحريرن نہ فقط روس جي عوام ۽ اهل فڪر ماڻھن کي متاثر ڪيو، پر دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ مفڪرن کي بہ متوجھ ڪيو. مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ جو هيءُ جُلد ”تربيت“ نہ رڳو فني طرح انھن ليکڪن جي رهنمائي ڪري ٿو جيڪي سچائيءَ سان آتم ڪھاڻي لکڻ گهرن ٿا، پر عام پڙهندڙ لاءِ بہ رهنما روشنيءَ جو درجو رکي ٿو. پنھنجي زندگيءَ جو تفصيل انتھائي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڏيندي لائق تخليقڪار هڪ ٻار، نوجوان ۽ ليکڪ جو سمورو پوتاميل عوام آڏو رکيو آهي، جنھن مان گهڻو ڪُجهہ سکي ۽ پرائي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪھاڻي: تربيت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  جڳ مشھور روسي ليکڪ ۽ اديب مئڪسم گورڪي  Maxim Gorky جي آتم ڪھاڻي ”تربيت“ My Apprenticeship جو سنڌي ترجمو ”مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪھاڻي: تربيت“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون جنھن جو سنڌيڪار اياز قادري ۽ تصحيح ڪندڙ محمد ابراھيم جويو آھي.
مئڪسم گورڪي روسي انقلاب جو پيشرو ۽ نقيب هو. سندس فڪر انگيز ۽ انقلاب پسند تحريرن نہ فقط روس جي عوام ۽ اهل فڪر ماڻھن کي متاثر ڪيو، پر دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ مفڪرن کي بہ متوجھ ڪيو. مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ جو هيءُ جُلد ”تربيت“ نہ رڳو فني طرح انھن ليکڪن جي رهنمائي ڪري ٿو جيڪي سچائيءَ سان آتم ڪھاڻي لکڻ گهرن ٿا، پر عام پڙهندڙ لاءِ بہ رهنما روشنيءَ جو درجو رکي ٿو. پنھنجي زندگيءَ جو تفصيل انتھائي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڏيندي لائق تخليقڪار هڪ ٻار، نوجوان ۽ ليکڪ جو سمورو پوتاميل عوام آڏو رکيو آهي، جنھن مان گهڻو ڪُجهہ سکي ۽ پرائي سگهجي ٿو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1977ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻي لکڻ جو رواج ته آهي پر اهو رواج يا ته سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي ڪري گهٽجي رهيو آهي يا وري ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهي لکتون ڇپائڻ نه ٿو گهُر. سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جون ”آتم ڪهاڻيون“ ڇپيل ته ملن ٿيون، پر انهن کي گهڻو ڪري هتان جي سماجي قدرن سان سلهاڙيل رکيو ويو آهي. جنهنڪري ”آتم ڪهاڻي“ لکڻ جو فن ڪا ڳڻپ جوڳي ترقي ماڻي نه سگهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پرڏيهه ۾ پلجندڙ ”آتم ڪهاڻي“ هتان جي لکجندڙ ”آتم ڪهاڻي“ کان نرالي نظر اچي ٿي. حقيقت ۾ آتم ڪهاڻيءَ لکڻ جو مقصد به اهو آهي، ته پنهنجي زندگيءَ جي تجربن کي اهڙي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان کولي، بيان ڪجي جو ٻيا پڙهندڙ انهن تجربن منجهان سبق پرائي پنهنجي زندگيءَ کي بهتر رُخ ۾ وٺي وڃڻ جي جسارت ڪري سگهن.
مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻيءَ جو هيءُ جُلد ”تربيت“ نه رڳو فني طرح انهن ليکڪن جي رهنمائي ڪري ٿو جيڪي سچائيءَ سان آتم ڪهاڻي لکڻ گهرن ٿا، پر عام پڙهندڙ لاءِ به رهنما روشنيءَ جو درجو رکي ٿو. پنهنجي زندگيءَ جو تفصيل انتهائي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڏيندي لائق تخليقڪار هڪ ٻار، نوجوان ۽ ليکڪ جو سمورو پوتاميل عوام آڏو رکيو آهي، جنهن مان گهڻو ڪُجهه سکي ۽ پرائي سگهجي ٿو.
مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي ”تربيت“ جو پهريون ڇاپو 1977ع ۾ جناب ظفر حسن، سيڪريٽري بورڊ جي حيثيت ۾ اداري طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ٻيون ڇاپو جيتوڻيڪ وڏي عرصي کان پوءِ پڌرو ٿي رهيو آهي، پر تڏهن به انهيءَ کي ڇپائيندي دلي طرح خوشي محسوس ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب کي ڇپائڻ جي گُهر گهڻي عرصي کان ٿيندي پئي آئي، پر حالتن جي سازگار نه هُئڻ ڪري اهڙي اڳڀرائي نه ٿي سگهي هُئي.
بهرحال ”دير آيد دُرست آيد“ جي مصداق ، ڪتاب جو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرايل ۽ نئين سرورق سان تيار ڪرايل ڇاپو پڙهندڙن جي آڏو آهي. اميد اٿئون ته اداري جي ڪارڪنن جي هيءَ محنت صاب ٿيندي.


انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
1-فيبروري 2005ع
بمطابق 22 ذوالحج 1425هه

باب پهريون

دنيا جي لاهن چاڙهن تان لنگهڻ لاءِ، منهنجو پهريون قدم شهر جي شاهي بازار جي هڪڙي چلتي واري بوٽن جي دڪان تي پيو ، جتي مون کي دربان جي نوڪري ملي، منهنجو مالڪ گول مول ۽ ڊينڊو هو . هن جو رنگ هلڪو ڀورو ۽ منهن کهرو هو . هن جا ڏند پيلا ۽ اکيون ميريون گپ جهڙيون هيون، مون سمجهيو ته شايد اهو انڌو آهي ۽ آزمودي خاطر هن جا ويچارا ڪڍيم، جنهن تي نرم آواز پر سخت لهجي ۾ چيائين ، ”منهن ڇو ٿو ڦڏو ڪرين؟“ اهو خيال ته اهي مئل اکيون مونکي ڏسي رهيون هيون، مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳو .”ڇا، هن ڏسي ورتو ته مون هن جا ويچارا پئي ڪڍيا؟“
مون توکي چيو نه ، ته منهن ڦڏو نه ڪر !“ هن ورجايو . هن جا ٿلها چپ ٿورو چريا، ۽ بس – ”کنهڻ بند ڪر !“هن جي خشڪ ڀڻ ڀڻ منهنجي ڪنن تائين پهتي .”توکي اهو ياد رکڻ گهرجي ته تون بهترين دڪان ۾ ڪم ڪري رهيو آهين . دربان کي بت وانگر سنئون سڌو بيهڻ گهرجي .“ ان وقت ”بت “ لفظ جي معنيٰ ئي نٿي آيم، ۽ کنهڻ کان بس ڪيئن ڪري پئي سگهيس، جڏهن جيتن جي چڪن منهنجي هٿن تي ڳوڙهيون ڪري ڇڏيون هيون !
”هن کان اڳ تون ڇا ڪندو هئين؟“ منهنجي مالڪ منهنجي هٿن ڏانهن نهارڻ کان پوءِ چيو . جڏهن مون کيس ٻڌايو تڏهن هن پنهنجو گول مٿو، جيڪو سفيد ڪتريل وارن سان ڍڪيل هو ، ڌوڏيو ۽ عجب مان رڙ ڪري چيائين، ”ٿڳڙيون ميڙڻ !اڙي اهو ته پنڻ کان ۽ چوري ڪرڻ کان به بڇڙو ڪم آهي!“
ٿورو آڪڙ مان چيومانس ته ”مون چوري به ڪئي آهي!“ اهو ٻڌي ، ميز جي ڪنارن کي سوگهو جهليندي، مون ڏانهن اهڙيءَ ريت گهوري ڏٺائين ، ڄڻ ڪا جهنگلي ٻلي پنهنجا چنبا اڀا ڪيو بيٺي هئي . هن ڪجهه ڊنل نموني مون ڏانهن نهاريو، ۽ رڳو هيٺيان اکر هن جي وات مان نڪتا” ڇا؟ تون چوري ڪئي آهي؟ڪيئن؟“
جڏهن ٻڌايو مانس ، تڏهن چوڻ لڳو ، ”اوه، اها ڳالهه آهي! مان ان کي صرف شرارت ٿو سمجهان ، پر جيڪڏهن تو هتي ڪنهن جوتي يا پيسي سان هٿ چراند ڪئي، ته عمر ڀر جيل ڏياري ڇڏيندوسانءِ .“
هن اهو سڀ اهڙي ڊيڄاريندڙ نموني چيو، جو هن لاءِ منهنجي سموري رغبت ختم ٿي ويئي .
مالڪ کان سواءِ دڪان ۾ منهنجو ماروٽ ، مامي جاڪوف جو ساشا ۽ ٻيو هڪ هوشيار چرب زبانو ۽ڳاڙهه منهون ڪلارڪ هو، جنهن کي سڀ هيڊڪلارڪ چوندا هئا. ساشا ناسي فراڪ ڪوٽ، ڪلف لڳل ڪالر ۽ ٽاءِ ٻڌي، ٺٺ ڪيو وتندو هو ۽ هر وقت پيو مون کي ڇڙٻيندو هو ، نانو جڏهن مون کي دڪان جي مالڪ وٽ وٺي آيوهو،ته ساشا کي منهنجي ڪم ۾ منهنجي مدد ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ چيو هئائين ، ساشا ڦونڊجي ويو هو–” هن کي ائين ڪرڻو پوندو جيئن مان چوندومانس!“
ناني منهنجي ڪلهي تي اهڙيءَريت ٻانهن رکي، ڄڻ مونکي جهڪائيندو هجي . ”توکي ائين ڪرڻو پوندو جيئن هو چوندو . هو توکان وڌيڪ وڏو ۽ آزموديگارآهي.“
ساشا ڪنڌ ڌوڏيو ۽ مون ڏانهن گهوري ڏٺو–” ناني جي ڳالهه ياد رکجانءِ .“ ۽ پنهنجي وڏي هئڻ جو فائدو وٺڻ شروع ڪيائين .
”ڪشروف ، اکيون ڏٻيون ڪري گهورڻ بند ڪر!“ مالڪ هن کي چيو .
”مان –مان ته چڱي طرح نهاري رهيو آهيان .“ ساشا ڪنڌ جهڪائي مڻ مڻ ڪئي.
ڇا هر ڪنهن سان مذاق ڪرڻ ٿوگهرين؟ ڇا ، سمجهين ٿو ته دڪان ۾ گراهڪ نه پر ڪي ڀولا ٿا گهڙي اچن!“
هيڊ ڪلارڪ ادب سان مرڪيو ، مالڪ جون واڇون ڀوائتي نموني کلي ويون، ساشا جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ دخل جي پٺيان لڪي ويو، مون کي اها يخ يخ ڏاڍي عجيب لڳي، هنن جا ڪيترا جملا منهنجي لاءِ نوان هوندا هئا، ائين لڳم ، ڄڻ هو ڪنهن ڌارين ءَ ٻولي ۾ ڳالهائي رهياهئا.
جڏهن ڪا عورت دڪان ۾ داخل ٿيندي هئي ته مالڪ جا هٿ مڇن کي مروٽڻ لاءِ کيسن مان ٻاهر نڪري ايندا هئا، هن جي منهن تي مٺي مرڪ پکڙجي ويندي هئي، جنهن سان هن جي ڳلن تي تازگي اچي ويندي هئي، پر هن جي چنجهين اکين جو ڊول ساڳيو ئي رهندو هو . هيڊ ڪلارڪ سڌو ٿي بيهي رهندو هو، هن جون ٺونٺون پاسرين سان لڳيون بيٺيون هونديون هيون ۽ هن جون ڪارايون پي لڏنديون هيون. ساشا لڄاري نموني اکيون پيو ٽمڪائيندو هو ، ڄڻ پنهنجي ٻاهر نڪتل دوڏن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي . مان دروازي وٽ اک ٽيٽ ڪري کنهي وٺندو هوس، ۽ بيهي هنن جا وڪري جا گُر ڏسڻ لڳندوهوس .
گراهڪن جي پيرن وٽ گوڏا کوڙي، هيڊ ڪلارڪ پنهنجي ڦڙت آڱرين سان هنن کي جوتا پائڻ لڳندو هو . عورت جي ڄنگهن کي، جيڪي انهيءَ اونڌيءَ بوتل وانگر هونديون هيون ، جنهن جي ڳچي هيٺ سنهي ٿيندي ويندي آهي، هو ڏاڍي نزاڪت سان ڇهندو هو، ڄڻ ته هن کي اهو خوف ٿيندو هو ته متان انهن کي ڪو نقصان نه ٿي پوي.
هڪڙي ڀيري هڪڙي عورت ٽنگ پٺتي ڪندي، چيٽ ڪئي،”تون ته ڪتڪتائي ڪري رهيو آهين!“
”تنهنجو جسم ئي اهڙو نازڪ آهي، جنهن کي هٿ لڳڻ سان ڪتڪتائي ٿي اچي وڃي ، “ هيڊ ڪلارڪ ٺهه پهه خوشامد ڀريو جواب ڏنو .
هن جون گراهڪن سان چاپلوسيءَ جون ڳالهيون کل جهڙيون هونديون هيون، ۽ مان پنهنجي کل جهلڻ لاءِ ڪنڌ ڦيري در جي سيشن مان ٻاهر نهارڻ لڳندو هوس . پر منهنجي هر کر وري به مون کي هيڊ ڪلارڪ جي مزيدار حرفتن ڏسڻ لاءِ مجبور ڪندي هئي، هن کي ڏسي مان خيال ڪندو هوس ته منهنجي هٿن ۾ ڪڏهن به نه اهڙي ڇهڻ جي اٽڪل اچي سگهندي ، نه ئي مان اهڙيءَاٽڪل سان ٻين جي پيرن ۾ بوٽ پارائي سگهندس .
گهڻو ڪري مالڪ پوئين ڪمري ۾ هليو ويندوهو ۽ ساشا کي به پاڻ ڏانهن سڏي وٺندو هو، جنهن ڪري گراهڪ ۽ هيڊ ڪلارڪ اڪيلا رهجي ويندا هئا، هڪڙي ڀيري هڪڙي ءَ ڳاڙهي مٿي واريءَ عورت کي بوٽ پارائيندي، هن جي پير سان راند ڪندي، ان کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾مٿي کڻي ، چمي ڏيئي ورتائين ”الا، تون ته الهڙ آهين !“ عورت حيرت مان چيو . هو سهڪڻ لڳو، ۽ وڏو ساهه کڻندي چيائين ، ”او-ه !“
انهيءَ تي مون کي اهڙي کل اچي ڇٽڪي ، جو ڪرڻ کان بچڻ لاءِ در جي ڪنڍي کي کڻي سوگهو ڪيم ، ۽ اهو اکڙيو هليو آيو ۽ منهنجو مٿو در جي شيشي کي ٽوڙيندو ٻاهر هليو ويو، هيڊ ڪلارڪ مون ڏانهن لت اولاري، ۽مالڪ وري پنهنجي ڳوري مڪ وهائي ڪڍي ، ۽ساشا منهنجي گرشمالي ڪرڻ لڳو، انهيءَ رات گهر ڏانهن موٽندي، رستي تي ڇينڀيندي، ساشا مون کي چيو ، ”اهڙين ڳالهين ڪري توکي جواب ملي ويندو، مون کي تون ٻڌاءِ ته آخر ان ۾ کلڻ جي ڳالهه ڪهڙي هئي !“ ۽ سمجهائڻ لڳو، ”جيڪڏهن عورتون دڪان جي ملازم تي ريجهي پون ته اهو ڌنڌي لاءِ سٺو آهي، هنن کي نئين جوتي جي ضرورت نه به هجي پر ملازم سان ملاقات جي واسطي اچي نڪرنديون آهن، پر تون –تون خر دماغ آهين ، اسين تنهنجي لاءِپيا هرج سهون ۽ تون –“
انهيءَ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ، ڪنهن به منهنجي ڪري هرج نه پئي سٺو ، ۽خاص طرح ساشا صبح جو مون کي بورچياڻيءَ جو ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻو پوندو هو ، هوءَ روڳي ۽ رکي رن هئي. مان هن جي حڪم تي مالڪ، هيڊ ڪلارڪ ۽ساشا جي ڪپڙن کي برش هڻندو هوس ۽ سندن جوتن کي پالش ڪندو هوس ، ان کان پوءِ سماور تيار ڪري چلهي ۾ڪاٺيون وجهندو هوس۽ بورچيخاني کي پوچو ۽ دڪانن جي ڪمرن ۾ ٻهاري ڏيندو هوس. گراهڪن کي سامان کڻي ڏيندو هوس، انهن کي چانهه آڻي پياريندو هوس. جڏهن وري بورچيخاني ڏانهن وڃي ماني کڻي ايندو هوس ، ته انهيءَ وقت ساشا در کوليندو هو ، پر اهو ڪم به هو شان کان گهٽ سمجهندو هو . ۽ مون کي يشي ڏئي چوندو هو، ” جلد ڪر ليلهر _ تنهنجو ڪم به مان پيو ڪريان !“ اها زندگي منهنجي لاءِ، جيڪو ڳوٺ جي وارياسين گهٽين ۽ آهستي وهندڙ اوڪا نديءَ جي ڪنارن جو هريل هجي ۽ جيڪو ٻنين ۽ ٻيلن ۾ سڄو ڏينهن ڦرندڙ هجي ، مصيبت ۽ ڪڪ ڪندڙ هئي ، مونکي نانيءَ کان ۽ پنهنجي ٽولي کان جدا ڪيو ويو هو.منهنجو ڪو به ساٿي ڪونه هو، ۽ زندگي مونکي پنهنجو پليت پهلو ڏيکارڻ شروع ڪيو هو .
جڏهن ڪو گراهڪ خريداري نه ڪندو هو ۽ ائين ئي نڪري ويندو هو، تڏهن ٽيئي اهڙو رويو اختيار ڪندا هئا ، ڄڻ گراهڪ کين ٺڳي ويو هو . مالڪ پنهنجي ڪاوڙ ماري، مونکي حڪم ڏيندو هو_ ”ڪشروف ، جوتا کڻ ، حرامزادي! گهر ۾ ويهي ويهي ڪڪ ٿي هئي، سو آئي هئي هيڏانهن ، ۽ سڄي دڪان کي کڻي هيٺ مٿي ڪيو هئائين ، جيڪڏهن منهنجي زال هجي ها ته پتوپئجي وڃيس ها.
پر هن جي زال جيڪا بت ۾ سڪل ، اک کان ڪاڻي ، ڏيڍ نڪي هئي، هن تي حڪمراني ڪندي هئي، ۽ هن کي اهڙيون ست سريون ٻڌائيندي هئي ، ڄڻ هو سندس نوڪر هو .
۽ ڪڏهن ڏاڍيءَ ميڙ منٿ، خوشامد ۽ سلامن کان پوءِ جڏهن ڪا گراهڪ عورت هٿين خالي هلي ويندي هئي، ته هو هن کي اهڙو ته گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳندا هئا، جو منهنجي دل چوندي هئي ته ڊڪ پائي وڃي ان عورت کي سڀ ڪجهه ٻڌائي اچان . مون کي ته چڱيءَ ريت خبر هئي ته ماڻهو پر پٺ ٻين جي گلا ڪندا آهن پر هو ٽيئي اهڙي ته خاص بڇڙي نموني ائين ڪندا هئا،ڄڻ ته هو چونڊيا ئي انهيءَ لاءِ ويا هئا ته ٻيءَ سڄيءَ دنيا کي گاريون ڏين. هو حسد ۾ اهڙو ته پيا پڄرندا هئا، جو ڀلجي به ڪنهن جي تعريف نه ڪندا هئا. هر ڪنهن جي ڪانه ڪا بري ڳالهه کوٽي ڪڍندا هئا. هڪڙي ڏينهن هڪڙي نوجوان عورت دڪان ۾ آئي، هن جا ڳل چمڪندڙ ۽ گلاب جهڙا هئا، هن جي اکين ۾ شفق واري لالائي هئي، هن کي پشم جي ڪنارين وارو ڪوٽ پاتل هو، جنهن مان هن جو ٻاهر نڪتل ڪنڌ ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ٻئي ملڪ مان آندل گل هو. پنهنجي ڪوٽ لاهڻ کان پوءِ ، جيڪو هن ساشا کي جهلڻ لاءِ ڏنو هو، هوءَ پهريان کان به وڌيڪ سهڻي ٿي لڳي ، هن جو جسم ڀوري بلو رنگ جي ريشمي ويس ۾ موهيندڙ ٿي لڳو، هن جي ڪنن ۾ هيرا چمڪي رهيا هئا، هن کي ڏسڻ سان ” وئسيليسا “ ياد اچي ٿي ويئي ۽ مون ائين پئي سمجهيو ته هوءَ ڪا گورنر جي زال هئي. هنن ٽنهي هن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو . هن جي اڳيان ائين پئي جهڪيا، ڄڻ هوءَ مقدس ڏياٽي هئي. هن جي تعريف ۾ هنن جا گلاخشڪ ٿي ويا، ۽ اهڙي ريت هن جي چوڌاري پئي ڦيراٽيو ن کاڌائون ڄڻ ته چريا هئا ۽ انهن جا عڪس ميخاني جي موالين وانگر پئي آئيني ۾ نچيا، جڏهن هوءَ هڪڙو قيمتي جوڙو خريد ڪري هلي ويئي ، ته منهنجي مالڪ سيٽي وڄائي ، ۽ ٽوڪ هڻندي چيو ، ”رنڊي !“ – ”اڪٽر ياڻي _ ڪميني ، “ ڪلارڪ گڙڪيو .پوءِ هن جي عاشقن ۽ عياشين بابت بڪ بڪ ڪرڻ لڳا.
انهيءَ ڏينهن جڏهن مالڪ منجهند جي ننڊ ، ڪرڻ لاءِ پٺئين ڪمري ۾ ويو، ته مان هن جي سوني واچ کولي ، ان جي مشين ۾سرڪو وجهي ڇڏيو. جاڳڻ کان پوءِ هو جڏهن پنهنجي هٿ ۾ واچ کنيو ، بڙ بڙ ڪندو ، دڪان ۾ ڌوڪيندو آيو، ته مونکي خوشي ٿيڻ لڳي .
”ڇا ٿيو؟ منهنجي واچ سڄي آلي ٿي وئي آهي!ائين اڳي ته ڪڏهن به نه ٿيوآهي، سموري آلي آهي، هاڻي ته خراب ٿي ويندي!“
ائين ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اڪيلي روح کي وندرائڻ لاءِ خيال ڪيم ته ڪو اهڙو ڪم ڪريان ، جو ڪو تماشو ٿئي، ۽ مون کي هتان جواب ملي.
برف جي ڪوٽن سان ڍڪيل واٽهڙو دڪان جي اڳيان چپ چاپ لنگهي ويندا هئا، ائين لڳندو هو، ڄڻ هو جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيا هئا، پر ان جي اول ئي کڄي وڃڻ ڪري هينئر تڪڙا تڪڙا قبرستان ڏانهن وڃي رهيا هئا، گهوڙا برف پيل رستن تي هلندي ، بار سبب سهڪڻ لڳندا هئا، دڪان جي پٺيان ديول مان گهنڊن جا هڪ سرا آواز ايندا هئا، ۽ اهي منهنجي دماغ تي ائين پوندا هئا ، ڄڻ ته مٿي تي مترڪا لڳندا هجن.
هڪڙي ڏينهن اڱڻ ۾ مال جي پيتي، جا ان وقت آئي هئي، کولي رهيو هوس، ته ديول جو ڪٻو چوڪيدار، جنهن جي شڪل تڳڙين جي ٿهي جهڙي هئي ۽ جنهن جا ڪپڙا ائين ليڙون ليڙ هئا ڄڻ ته هن جي مٿان ڪتن جي لوڌ ڇڏي ويئي هئي، منهنجي ويجهو آيو ۽ سنهڙي آواز ۾ چيائين، ”ڇا، مون تي مهرباني ڪري ٻه رٻڙ جا جورابا تڳائي نه ڏيندين؟“
مون ڪو به جواب نه ڏنو. خالي کوکي جي مٿان ويهندي، پنهنجي اوٻاسي ڏيندڙ وات جي مٿان صليب جو نشان بنايائين ۽ وري چيائين، ”هڪڙي جوڙي کسڪائڻ لاءِ ٿو چوين؟“
” چوري ڪرڻ گناهه آهي.“ مون چيس.

” وري به سڄي دنيا چوري ڪري ٿي ٻڍاپي لاءِ ڪا ته رعايت هئڻ گهرجي.“
جن سان مان گڏ گذاري رهيو هوس ، هيءُ انهن کان مختلف ۽ وڻندڙ هو . مون محسوس پئي ڪيو ته هن کي پڪو يقين هو ته مان هن لاءِ ضروري چوري ڪندس ۽ پوءِ مون هن سان انجام ڪيو ته هن کي رٻڙ جا جورابا چورائي دريءَ مان ڏيندس.
شاباس!“ هن سواءِ ڪنهن اتساهه ڏيکارڻ جي اطمينان سان چيو –” تون مون کي ٺڳين ته نٿو؟ نه – مان سمجهان ٿو ائين ناهي . “
ٿورو گهڙي خاموش رهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ هو پنهنجي کڙيءَ سان گنديءَ برف تي ٺپ ٺپ ڪري رهيو هو، ۽ پائيپ دکايو هئائين ، مون کي ائين چئي وائڙو ڪري ڇڏيائين –” پر جيڪڏهن مان توکي بيوقوف بنائيندو هجان ته؟ جيڪڏهن مان اهي جورابا تنهنجي مالڪ وٽ کڻي اچان ۽ انکي ٻڌايان ته اهي تو مون کي اڌ روبل ۾وڪيا آهن ته ؟ ان لاءِ ڇا ٿو چوين ؟ انهن جي قيمت ٻه روبل آهي. تومون کي اڌ روبل ۾ڏيئي ڇڏيا .تحفوٿي ڏنئه- هان؟ “
مان، وائڙن وانگر وات بند ڪيو ، هن ڏانهن گهوري رهيو هوس ، ڄڻ ته هو اهڙي چغلي اول ئي هڻي آيو هو، هو پنهنجي گهڻي آواز ۾ بڪندي پنهنجي جوتن ڏانهن نهاريندو رهيو ۽ نيري دونهين جا ڪڪر به ڪڍندو رهيو– ” سمجهه کڻي تنهنجي مالڪ مون کي چيو هجي ته وڃي انهيءَ ڇوڪر جو آزمودو لهه- اهو چور ته نه آهي! ها، پوءِ ڇا؟“
مان توکي جوراب نه ڏيندس ، “ ڊپ ۽ڪاوڙ ۾مون چيس .
”توکي ڏيڻا پوندا . توانجام ڪيو آهي .“
هن پنهنجي ٻانهن وڌائي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ پنهنجون برف جهڙيون آڱريون منهنجي نرڙ تي رکندي چيائين ، ” تون جورابن ڏيڻ جي سخا جو خيال ڪيئن ڪري رهيو آهين !“

” تو ئي ته مون کي انهن جي ڏيڻ لاءِ چيو .“

مان ته توکي ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي ٿو سگهان . جي مان توکي چرچ ۾ چوري ڪرڻ لاءِ چوان ! ڪندين ؟ سمجهين ٿو ته سڄيءَ دنيا تي اعتبار ڪرڻ گهرجي؟ هان ، بيوقوف ڇوڪر!“

مون کي هڪ پاسي ٿيلهو ڏنائين ۽ اٿي کڙو ٿيو، مون کي چوريءَ جا جوراب نه گهرجن . مان ڪو وڏو ماڻهو نه آهيان ، مان جوراب ڪونه پائيندو آهيان، مان ته توسان مسخري ٿي ڪئي.پر، ڇاڪاڻ ته تون ساديءَ دل وارو آهين، تنهن ڪري ايسٽر جي موقعي تي گهنٽا گهر ۾ مٿي اچجانءِ. گهنڊ وڄائجان. ۽ شهر جو نظارو ڏسجانءِ“.

” مون کي خبر آهي ته شهر ڪهڙو آهي؟“

”پر گهنٽا گهر تان اهو وڌيڪ وڻندڙ ڏسبو آهي .“

هوريان هوريان پنهنجن ڇنل جوتن سان برف تي هلندي، هو چرچ جي ڪنڊ وٽ مڙيو. مان پاڻ کي ذليل ۽ منجهيل محسوس ڪندي، هن ڏانهن نهاري به رهيو هوس، ۽ ويچار به ڪري رهيو هوس ته ڇا هي ٻڍو مون سان مسخري ڪري رهيو هو يا مالڪ جو منهنجي آزمودي لاءِ موڪليل ماڻهو هو . منهنجي دڪان ڏانهن موٽڻ تي دل ئي نٿي ٿي .

ساشا اڱڻ ۾ اچي، زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو-”اڙي توکي ڪهڙي بلا کاڌو؟“

اوچتو مون کي اهڙي ڪاوڙ آئي، جو جنبوريءَ سان جيڪا هٿ ۾ هيم، هن تي رومڙ ڪيم ، مون کي پتو هو ته هو ۽ منشي چوري ڪندا هئا، هو اک ٽيٽ ڪري بوٽ يا سليپر تنور جي بخاري۾لڪائي رکندا هئا، ۽ رات جي وڃڻ وقت پنهنجي اوور ڪوٽ جي آستين ۾ان کي وجهي ويندا هئا، هنن جي اهڙي هلت ڏسي ،مان ڊڄي ويندو هوس، ڇا ڪاڻ ته مالڪ جو چتاءُ منهنجي دل ۾ پيو هوندو هو .

هڪڙي ڀيري ساشا کان پڇيم ، ” تون ڪجهه تڳائيندو آهين؟“

”پنهنجي لاءِ نه ،“ هن چڙ مان چيو، ” مان رڳو هيڊ ڪلارڪ جي مدد ڪندو آهيان ”جيئن مان چوان ٿو ، ائين ڪر، “ هو مون کي چوندو آهي، ۽ مون کي ائين ڪرڻو پوندوآهي، پر تون انهيءَ ڳالهه ۾ پنهنجي ٽنگ نه اڙاءِ .“

جڏهن ساشا اها ڳالهه ڪري رهيو هو، تڏهن هن آئيني ۾ پئي نهاريو، آڱريون کولي ، هٿ ڦڏو ڪري ، هو اهڙي ءَ ريت ٽاءِ ٺاهڻ لڳو، جيئن هيڊڪلارڪ ٺاهيندو هو، هو مون تي پنهنجي وڏي هئڻ جي رعب رکڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو هو، ڪڏهن هو ڪڙڪو ڪري ڳالهائيندو هو، ڪڏهن مالڪ وانگر گنڀير آواز ۾ حڪم ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڌمڪائيندو هو، مان هن کان قد ۾ سرس هوندو هوس، پر جسم ۾ لاٺيڙو ۽ لڄارو هوس، هو بت ۾ زٽڪو ۽ چست هو . هو پنهنجي ڪوٽ ۽ پتلون ۾ مون کي وڏي شخصيت وارو لڳندو هو، انهيءَ هوندي به هن جي چهري ۾ مون کي سدائين ڪا نه ڪا اڻ وڻندڙ ۽ کل جهڙي ڳالهه محسوس ٿيندي هئي .

هن کي بورچياڻيءَ تي هميشه ڪاوڙ هوندي هئي، هوءَ به ڳجهارت هئي. اهو پتو ئي نه پوندو هو ته هوءَ ڀلي آهي يا بري. جڏهن هوءَ چوندي هئي، ته ”ويڙهه؟ انهيءَ مان ته مون کي سڀ کان گهڻو مزو ايندو آهي، پوءِ اها کڻي ڪهڙي به هجي – ڪڪڙن جي ، ڪتن جي يا ماڻهن جي – منهنجي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي، ” ته هن جون ڪاريون اکيون ڪشاديون ٿي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ، جي ڪڪڙن يا تترن جي وڙهڻ جو آواز ڪن تي پوندو هوس ، ته ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي، دريءَ وٽ وڃي ماٺ ڪري بيهندي هئي، ۽ تيستائين انهن جي ويڙهه ڏسندي رهندي هئي جيستائين اها ختم نه ٿيندي هئي، شام جو ساشا ۽ مونکي چمڪو ڏيئي چوندي، ” ڇوڪرو، ڇالاءِ ماٺ ڪيو ويٺا آهيو، ڪشتيءَ لاءِ ڪهڙو خيال آهي ؟“

انهيءَ تي ساشا کي هميشه چڙ وٺي ويندي هئي، ” اڙي بي عقل ! مان ڇو ڪر نه پر نائب ڪلارڪ آهيان، ” ڇا ٿي پيو ! جيستائين پرڻيو نه آهين، تيستائين ڇوڪر آهين– بي عقل بي سمجهه !“

”شيطان عقلمند آهي، پر خدا وٽ ان جي ڪا به عزت ڪانهي ،“

ساشا هن جي گل ڀوڳ سهي نه سگهندو هو، هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هن کي تنگ ڪيان ، پر هوءَ هن کي حقارت سان هيٺ مٿي نهاري،چوندي هئي، ” ڪاڪروچ ڪنهن جاءِ جا ! توکي الله ڪيئن جوڙيو!“

ڀيري ڀيري سان ساشا مون کي چهنج ڏيندو هو ته بورچياڻيءَ جي منهن تي بوٽ جي پالش يا ڪارنهن مکي ڇڏيان، هن جي ويهاڻي ۾ سيون ٽنبي ڇڏيان يا ٻي ڪا حرڪت ڪيان پر مونکي هن کان ڊپ ٿيندو هو، هوءَ رات جو گهري ننڊ نه ڪندي هئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا اٿي کڙي ٿيندي هئي، ۽ بتي ٻاري ڪنڊ ۾ ڪنهن شيءَ کي گهورڻ لڳندي هئي ، ڪڏهن هوءَ تنور جي پٺيان، جتي مان ستو پيو هوندو هوس، ايندي هئي ۽مون کي ننڊ مان جاڳائي چوندي هئي، ” مون کي ننڊ ئي نٿي اچي ، منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، ٿورو مون سان ڳالهيون ڪر !“ ننڊاکوڙو ئي مان ڪا ڳالهه شروع ڪندو هوس ۽ هوءَ سواءِ ڪنهن اکر ڪڇڻ جي جهومڻ لڳندي هئي، مون کي ائين لڳندو هو ته هن جي بت مان گرميءَ جون لهرون ۽ موم ۽ لوبان جي بوءِ نڪري رهي آهي، ۽ سمجهندو هوس ته ڪهن نه ڪنهن ويل هوءَ منهن ڀر اچي ڪرندي ۽ مري ويندي،پوءِ خوف کان منهنجو آواز وڏو ٿي ويندو هو، پر هوءَ ماٺ ڪرائي چوندي هئي، چپ، تون ته سڀني کي اٿاري ڇڏيندين، ۽ هو سمجهندا ته اسان ڪو معاملو پئي، ڪيو.“

منهنجي اڳيان هوءَ هميشه هڪ ئي ڍنگ سان ويهندي هئي، ٿورو ڪٻي ٿي ، پنهنجا هٿ مرن جي وچ ۾ ڏيئي انهن سان پيرن جي هڏن کي سوگهو جهليندي هئي، هن جو سينو بلڪل سنئون سڌو هو ، رات جي لباس مان هن جون پاسيريون ڀڳل پيپ جي پيٽين وانگر ڏسڻ ۾ اينديون هيون ،پنهنجي ڊگهيءَ ماٺ کي هيئن ٽوڙيندي هئي: ” جيڪڏهن مان مري ويس ته پوءِ ڇاهي؟ هر ڪو پيو هلي !“ يا ڪنهن غائب ملاقاتيءَ کي مخاطب ٿي چوندي هئي، ” پوءِ ڇاهي؟گهڻو وقت ائين رهي آهيان، چئه، ائين ناهي؟ “ يا منهنجي ڳالهه اڌ ۾ وڍي، حاڪماڻي نموني چوندي هئي،” ننڊ ڪر !“ ۽ اٿي چپ چاپ اونداهي ڪمري مان هلي ويندي هئي .

ساشا هن کي ” ڏائڻ “ ڪري سڏندو هو ، پر هن جي پٺيان. هڪڙي ڀيري چيومانس، ” هن کي منهن تي ڇو نٿو چوين؟ “ ” ڇا مان هن کان ڊڄان ٿو؟“ پر گهڙيءَ ۾ منهن سسائي ، چيائين ، ” نه مان کيس منهن تي نه چوندس، ٿي سگهي ٿو هوءَ ڏائڻ هجي .“

هن کي سڀ کان حقارت هئي ۽ ڪنهن جو خيال نه ڪندي هئي، پوءِ ڀلا مان ڪهڙي باغ جي موري هوس، صبح جو ڇهين بجي هنڌ مان ڌونڌاڙي اٿاريندي هئي، ” ڇا سڄو ڏينهن ستو پيو هوندين؟ ڪاٺيون کڻي آ، سماور تيار ڪر، دروازن جي ڪنڊن کي صاف ڪر، “

هن جي لڙ تي ساشا جي ننڊ ڦٽي ويندي هئي ، ڪرڪندي چوندو هو، اڙي اهو ڌمچر ڇا جو آهي؟ مان مالڪ کي چوندس ته تو اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي .“

پنهنجي ڏٻري بدن کي تڪڙو ڦيرو ڏيئي، پنهنجون ڏکندڙ بي خواب اکيون هن ۾ کپائي ، چوندي هئي، ” خدا جي مار پوئي! جيڪڏهن منهنجو پٽ هجين ها، ته چڱو مزو چکايانءِ ها،“

ساشا هن تي لعنت ملامت ڪرڻ لڳندو هو ۽ دڪان ڏانهن ايندي رستي تي چوندو هو ، ”هن کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي ، هن جي اک وٺي ديڳڙين ۾ لوڻ وجهڻ بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ جڏهن سڀئي کاڌا لوڻ هوندا ، ته هن جا ٽپڙ به گول هوندا، يا گاسليٽ ! تون تارا ڦوٽاري ڇاٿو ڏسين؟“

”جيڪڏهن اهو تون پاڻ ڪرين ته ڪيئن آهي؟“

” بزدل !“ هن نڙيءَ مان کڙڪو ڪيو .

اوچتو بورچياڻي بلڪل اسان جي اکين اڳيان مري وئي،جيئن سماور کڻڻ لاءِ جهڪي ، ته سواءِ ڪنهن دانهن جي زمين تي اچي ڦهڪو ڪيائين ، ڄڻ ڪنهن چيلهه واري مڪ وهائي ڪڍي هيس، فرش تي ٿورو پاسو ورايائين ۽ رت جو گرڙو هن جي وات مان وهڻ لڳو، ساشا ۽ مون ڄاتو ٿي ته هوءَ مري ويئي آهي، پر خوف وچان اسان هن کي پئي ڏٺو ۽ ايترا وائڙا ٿي ويا هئا سين، جو ماٺ ڪيو بيٺا رهياسين، آخر ساشا ڪڙو کولي بورچيخاني مان ٻاهر هليو ويو، مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، ته ڇا ڪجي، تنهن ڪري دريءَ وٽ ماٺ ڪري بيهي رهيس .

مالڪ ڀڄندو اندر آيو ، هن جي ڀرسان ويهي رهيو، ۽ هن جي منهن کي هٿ لائي ڏسڻ لڳو.

”مري وئي“

هو ڪنڊ ڏانهن ويو، جتي ننڍڙو مجسمو پيل هو، ۽ اتي پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍڻ لڳو، دعا گهرڻ کان پوءِ ساشا کي حڪم ڏنائين ، ” ڪشروف ، تڪڙو ڊوڙ ۽ پوليس کي وٺي آءُ . “

جوتن جو کڙڪو ڪندي ، پوليس جاءِ ۾ آئي، ۽ پنهنجي هڙ ڪوسي ڪري هلي ويئي، ٿوريءَ دير کان پوءِ هو وري هڪڙو گاڏو ڪاهرائي آيا ۽ بورچياڻيءَ کي مٿي ۽ ڄنگهن کان وٺي ٻاهر کڻي ويا، مالڪياڻيءَ در مان اها ماجرا ڏسڻ کان پوءِ مون کي چيو، ” فرش کي پوچي هڻي ڇڏ.“ مالڪ راءِ زني ڪندي چيو، چڱو ٿيو، جو رات جو مري وئي . “

اهو ڇو چڱو هو، مان سمجهي نه سگهيس .

سمهندي، ساشا هميشه کان ٿوري نرم لهجي ۾چيو ، ” بتي نه وسائجان ءِ“

”ڊڄين ٿو ؟ “

هو پنهنجي منهن کي سڄو ڪمبل ۾ويڙهي ، ڪجهه وقت ماٺ ڪري، پئجي رهيو، رات بيحد خاموش هئي، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هئي، گهڙي کان پوءِ مونکي ائين لڳو ڄڻ ڪٿي ڪو خطري جو گهنڊ وڄي رهيو هو، ۽ سڄو شهر ٻاهر نڪري آيو هو، ۽ رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيو هو ، پنهنجو نڪ ڪمبل مان ٻاهر ڪڍي ساشا منٿ ڪئي ، هل ته تنور وٽ گڏجي سمهون .“

”تنور ڏاڍو گرم آهي.“ مون ڳالهه وٺائيمانس.

ٿوريءَ سانت کان پوءِ چوڻ لڳو، ” ڪهڙو نه اوچتو مري ويئي ؟ ضرور ڏائڻ هوندي ،مون کي ننڊ نه ايندي.“

” مون کي به نه ايندي هئي . “

هو ُمردن ۽ لاش جا قصا ٻڌائڻ لڳو، جيڪي پنهنجون قبرون ڇڏي اڌ رات تائين ٻاهر رهندا هئا، ۽ پنهنجن آستانن ۽ عزيزن جي ڳولا ڪندا هئا، ”سڀني ُمردن کي شهر ته ياد رهندا آهن ، پر گهٽيون ۽ گهر وساري ويهندا آهن .“

خاموشي ۽ اوندهه جيئن پوءِ تيئن ويئي وڌندي .

ٿورو اڀو ٿي، ساشا پڇيو ، ” توکي ڏيکاريان ته منهنجي صندوق ۾ ڇا آهي؟“

هن جي جيڪي صندوق ۾ڪٺو ڪيو هو ، ان جي ڏسڻ جي هرکر گهڻي وقت کان هيم. هو صندوق کي ڪلف ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ کولڻ وقت هو خيال سان چو طرف پيو نهاريندوهو . جيڪڏهن مان ان ۾جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ، ته ڇڙٻ ڏيئي چوندو هو، ”اڙي، تون هتي ڇا ٿو ڪرين .“

جڏهن مان هائو ڪيس ، ته پنهنجا پير هنڌ ۾ وجهي، اٿي ويهي رهيو، ۽ مون کي حڪم ڏنائين ته پيتي کڻي اچ، پيتي کڻي ، مون اچي هن جي پيرن وٽ رکي، چاٻي صليب سان گڏ هن جي ڳچي ءَ ۾ پيئي لڙ ڪندي هڻي، اونداهي بورچيخاني ۾ چو طرف نهاري، هن پيتي کولي ، ۽ پيتي ءَ جي پڙ کي ائين ڦوڪيائين، ڄڻ ته ان کي سرد پئي ڪيائين ، ٿورو وقت ڊرامائي انداز ۾ ماٺ ڪرڻ کان پوءِ ، اوٺي قميص جو مٿان ڏنل تهه ٻاهر ڪڍيائين، ان جي هيٺان ڪاٺ جون پيتڙيون ، چانهه جا رنگين دٻا، پراڻيون پالش جون دٻليون ۽ ٽين جا دٻا هئا .

” انهن ۾ڇا آهي؟ “

” تون ڏسندين!“

هن صندوق پنهنجي ٻنهي ڄنگهن جي وچ ۾ڪري رکي ۽ هوريان هوريان ” نوراني راز .....“ وارو گيت آلاپڻ لڳو .

مون سمجهيو پئي ته ڪي رانديڪا هوندا ، مون کي ڪڏهن به رانديڪو نه مليو هو، انهيءَ ڪري انهن کي ڏسندي ، ڄڻ نفرت ٿيندي هيم، پر دل ۾ انهن تي پيو ساڙ کائيندو هوس، جن وٽ رانديڪا هوندا هئا ، انهيءَ خيال کان مان خوش ٿي رهيو هوس ته ساشا جهڙي سخت ماڻهوءَ وٽ به رانديڪا آهن، جيتوڻيڪ لڄ کان لڪائي ٿو رکي .

نيٺ هڪڙي پيتي کولي ، ان مان عينڪ جي شيشن کان سواءِ خالي فريم ڪڍيائين ۽ پنهنجي نڪ تي رکي گنڀير ٿي چيائين، ” پرواهه ناهي، جي شيشا ڪونهن ، هيءَ خاص قسم جي عينڪ آهي. “

”مون کي ڏي ته مان پائي ڏسان!“

”تنهنجي اکين تي ٺيڪ نه لڳندي، تنهنجيون اکيون ڀوريون آهن ۽ هي ڪارين اکين واسطي آهي.“ ائين چئي ، هو مالڪياڻيءَ جي ڪر ڪر ۽ رنجهه ڪنجهه جي اهل ڪرڻ لڳو، پر اوچتو ماٺ ڪري چو طرف بورچيخاني ۾ نهارڻ لڳو،

هڪڙيءَ پراڻي پالش جي دٻيءَ ۾ قسمين قسمين بٽڻ پيا هئا، هو ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ” اهي سڀ مون گهٽي ءَ مان لڌا آهن، پورا ستٽيهه آهن . “

ٽيءَ ننڍي پيتيءَ ۾ وڏي پتل جي پن ، پراڻا ڪوڪا ، بوٽن جا بڪل ، دروازن جا ڪنڊا، لڪڻن جا هڏن وارا هٿيا، ڇوڪرين جون پراڻيون ڦڻيون ، خوابن ۽ ڳجهارتن جو ڪتاب ۽ ٻيون به اهڙي قسم جون شيون جي به رستن تان ميڙيون هئائين ، پيل هيون .

ٿڳڙين ميڙڻ واري زماني ۾ مان جيڪو اهڙين کٿل شين جو انهيءَ کان به ڏهوڻو ذخيرو ڪٺو ڪري سگهان ها. ساشا جو اهو خزانو نه صرف مايوس ڪندڙ هو، پر انهيءَ کي ڏسي مونکي هن تي رحم اچڻ لڳو ، پرساشا هر ڪنهن شيءَ کي فخر سان ڏسي رهيو هو، ۽ ڏاڍي چاه مان انهن کي لوڏيائين پئي ۽ پنهنجا ٿلها چپ ٻاهر پيئي ڪڍيائين ، هن جو ن ٻاهر نڪتل اکيون انهن کي پيار سان نهاري رهيون هيون ، ۽ شيشن بغير فريم هن جي ٻاراڻي چهري کي کل جهڙو بنائي ڇڏيوهو .

”هنن مان جيڪڏهن ڪا توکي سوکڙي ڪري ڏيان ته ڪيئن !“ هن انهيءَ عينڪ مان شاندار نموني مون ڏانهن نهاريندي چيو .

”مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“

مون ڏٺو ته منهنجي انڪار هن کي ڏک پهچايو هو ، ڇاڪاڻ ته هن جي شاهاڻي خزاني جي بي عزتي ڪئي ويئي هئي، ٿوريءَ ديرکان پوءِ مون کي حڪم ڪيائين ، ” ٽوال کڻي ، هنن کي ڇنڊ ،هنن تي مٽي چڙهي ويئي آهي . “

جڏهن هن جي خزاني کي صاف ڪري بند ڪيو ويو، ته هن ڀت ڏانهن منهن ڦيري ڇڏيو ، ٻاهر مينهن پئجي رهيو هو، اسان کي ان جو کڙڪ ڇت تان مٿان ٻڌڻ ۾ پئي آيو ، ۽ هوا ان کي درين سان پئي سٽيو، ساشا پنهنجو منهن اڃا به ڀت ڏانهن ڪندي چيو ، ” ٿورو ترس، جڏهن باغ جي زمين خشڪ ٿيندي، مان توکي هڪڙي اهڙي شيءِ ڏيکاريندس، جو تون وائڙو ٿي ويندين .“

مون کي جهوٽا اچي رهيا هئا، تنهن ڪري ڪو به جواب نه ڏنومانس، ٿوري وقت کانپوءِ هن ڇرڪ ڀريو ۽ ڀت تي ڌڪ هڻي، ڏڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي. اوڌڻي، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. منهنجا فادر، هي ڇا آهي؟“

منهنجو خوف وچان ساهه سڪي ويو، مون کي ائين لڳو، ڄڻ بورچياڻي دريءَ وٽ بيٺي هئي، هن جي پٺي اسان ڏانهن ۽ منهن دريءَ جي شيشي ڏانهن هو. هوءَ ائين بيٺي هئي جهڙو هڪڙي ڀيري جڏهن هوءَ جيئري هئي،ڪڪڙن جي ويڙهه پئي ڏٺائين ، ساشا رنو پئي ۽ ڀتين کي پئي ڌڪ هنيائين ، مان بستري تان اٿي وڏي همٿ ڪري، هن ڏانهن وڃڻ لڳس، خوف کان منهنجا قدم ائين کڄي رهيا هئا، ڄڻ ٽانڊن تي هلي رهيو هوس، ۽ پٺتي نهارڻ جي جرئت ئي نه پئي ٿيم ، نيٺ هن وٽ وڃي پهتس ۽ هن جي پاسي ۾ليٽي پيس، آخر ٿڪ کان اسان کي ننڊ وٺي وئي .

گهڻن ڏينهن کان پوءِ هڪڙي وڏي ڏينهن، اسان جو دڪان منجهند جو بند ٿي ويو، منجهند جي مانيءَ کان پوءِ سمهي پيو ۽ ساشا مون کي هوريان چيو ته ”هيڏي آءُ .“

مون سمجهيو ته مونکي اها شيءَ ڏيکاري ويندي، جنهن کان منهنجون اکيون ڦاٽي وينديون . هو مونکي باغ ڏانهن وٺي ويو، ٻن جاين جي وچ ۾ جيڪا زمين هئي ،ان ۾ليمن جي وڻن جي قطار بيٺي هئي، انهن جي ٿلهن ٿڙن تي سينور جا تهه چڙهي ويا هئا، انهن جي ڪارين ٽارين ۾ نه پن هئا، نه چرپر بي حرڪت پئي لڙڪيون ، ٽارين ۾ ٻيو ته ٺهيو ، پر ڪنهن ڪانوَ جو به آکيرو ڪين هو ، اهي مونکي قبر جي پٿرن وانگر ٿي لڳيون ، انهيءَ باغ ۾انهن وڻن کان سواءِ نه ڇٻر هئي نه ساوڪ ، ان جا پيچرا ڪارا ڪٺ هئا، ۽ لتڙ ڪري لوه جهڙا سخت ٿي ويا هئا، انهن جي ڀرسان زمين جا ٽڪر ،جي اڳئين سال جي ڪريل پنن جي ڀور سان ڍڪجي ويا هئا، سڌا ۽ بيٺل ڪني پاڻيءَ وانگر ٿي لڳا.

ساشا مونکي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾وٺي ويو، اتي ٺهيل لوڙهو اسان کي گهٽي مان لنگهندڙ ماڻهن جي نظرن کان لڪائي رهيو هو،اتي هو هڪ وڻ جي هيٺان بيهي رهيو ۽ اکيون مٽڪائي خبر داريءَ سان ڀرسان بيٺل جاءِ جي ڀيانڪ درين ڏانهن نهارڻ لڳو، هو هيٺ اوڪڙو ٿي ويٺو پنن جو ڍڳ صاف ڪري هڪڙي ٿلهي پاڙ ڪڍيائين ، جنهن جي ڀرسان ٻه سرون زمين ۾کتيون پيون هيون ، انهن جي ڪڍڻ کان پوءِ مونکي ڇت جي ٽين جو ٽڪر ۽ ان جي هيٺان تختو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ان کي هٽايائين ، ته هڪڙي کڏ پڌري ٿي پيئي، ساشا موم بتي ٻاري ،منهنجي اڳيان جهلي ، چيو ” هيٺ جهاتي پاءِ ، پر متان ڊنو آهين ،“

هو پاڻ سڄو ڊپ ۾ورل پئي ڏسڻ ۾ آيو، موم بتي هن جي هٿن ۾ ڏڪي رهي هئي ، هن جو منهن پيلو ، چپ خشڪ ۽اکيون آليون ٿي ويون هيون ، هن جو ٻيو هٿ پٺي ءَ جي پٺيان هليو ويو هو . هن جو خوف مون کي به وٺي ويو، ۽ مون به ڏڪندي ڏڪندي ، انهيءَ پاڙ واري ڏرڙ ۾ نهاريو ، ساشا ان کي کوٽي مقبري جو گنبذ وانگر بنايوهو، هن پوءِ ان ۾ ٽي ننڍيون چرچ جهڙيون موم بتيون ٻاري رکيون ،هن مان نيري روشني پئي نڪتي.

جيتوڻيڪ اها ڏر ڪوئلن جي ٽوڪريءَ کان وڌيڪ اونهي نه هئي، پر موڪر ۾ڪافي وڏي هئي، انهيءَ جا پاسا شيشن ۽ چينيءَ جي ٽڪرن سان ڍڪيل هئا، وچ ۾ هڪڙي ننڍي ٿلهي تي ڳاڙهي ڪپڙي جو ٽڪر وڇايل هو، جنهن تي هڪڙو ننڍڙو تابوت پيل هو، انهيءَ کي قلعيءَ جي ورقن ۽ ڪنهن زريدار ڪفن جي ڪپڙن جي ٽڪر سان ڍڪيو ويو هو، انهيءَ مان جهرڪي ءَ جو ميرانجهڙو ننڍڙو چنبو ۽ چهنب ٻاهر نڪري آيا هئا ، تابوت جي پٺيان منبر جڙيل هو جنهن تي پيتل جو صليب رکيل هو ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽي موم بتيون شمعدانن ۾رکيل هيون، اهي شمعدان مٺائين جي دٻن مان ڪڍيل چانديءَ جي ورقن ۽ گلٽ مان بنايا ويا هئا، موم بتين جون ڏنگيون ڄڀيون ٻاهر نڪري ٿي آيون ننڍڙي غار ۾ ٻاهرين ءَ روشني ءَ ڪري هلڪا چٽڪمرا چٽ پئي ٿيا، ۽ اندر چٽڪمرا ترورا پئي پيدا ٿيا، انهيءَ مان ميڻ، گهميل زمين ۽ ڪنهن شيءِ جي سڙڻ جي بوءِ پئي نڪتي، جا ڄڻ منهنجي منهن کي ساڙي ۽ اکين کي ڏکائي رهي هئي، ان جي نگين روشني مون کي ڀڳل انڊلٺ وانگر پئي لڳي، منهنجو ڊپ حيرت ۾ بدلجي ويو.

” شاندار آهي نه؟ “

” ڇا لاءِآهي؟ “

”ديول آهي، ڇا ديول وانگر نٿي لڳي ؟ “

مون ڪنڌ ڌوڻيو .

”جهرڪي ءَ جو لاش آهي.“ هن ڳالهه کي ڳنڍيندي چيو . ” هن جو يادگار رکڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ ته موت هن کي ڪنهن پنهنجي ڏوهه ڪري نصيب نه ٿيوهو .“

”ڇا توکي هيءَ مئل ملي هئي؟“

”نه هوءَ ڇاپري ۾ هلي آئي هئي ۽ مون هن کي پنهنجي ٽوپيءَ ۾ ٻوساٽي ماري وڌو !“.

”ڇو؟“

”ڇا ڪاڻ ته منهنجيءَ دل گهريو؟“

هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو . ” عجب آهي نه ؟“

هو هيٺ ويٺو ، ڏرڙ جي مٿان تختو رکيائين ۽ سرون هڻي اٿي کڙو ٿيو، پاڻ کي ڇنڊي مغروريءَ سان پڇيائين ، ” توکي ڇو پسند نٿي اچي؟“

” مون کي جهرڪيءَ جو افسوس ٿو ٿئي .“

پنهنجون اکيون هڪ هنڌ انڌن وانگر جهلي ، مون ڏانهن گهورڻ لڳو، ۽ مون کي چيلهه واري مڪ وهائي چوڻ لڳو ” الو! تون صرف انهيءَ ڪري پسند نٿو ڪرين ڇا ڪاڻ ته توکي ساڙ ٿو ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته تون اهو خيال ڪندو هجين ته تنهنجو گهر جي گهٽيءَ وارو هنڌ هن کان وڌيڪ سٺو هو .“

پنهنجي بيٺڪ کي ياد ڪندي ، پڪ سان چيومانس ، ” يقينن اهو بهتر هو.“

ساشا پنهنجو ڪوٽ لاهي کڻي پٽ تي اڇليو، ٻانهون کنجي ، هٿن کي ٿڪ لائي مونکي للڪاريائين، ” ائين آهي؟ انهيءَ جي معنيٰ ته لڙائيٰ“ منهنجي وڙهڻ تي مرضي نه هئي، طبيعت تي اهڙو بار هوم ، جو وڙهڻ تي دل ئي نه پئي ٿي ، منهنجي سوٽ جي خوفناڪ چهري مون کي ڊيڄاري ڇڏيو ، ڊڪ پائي منهنجي ڇاتي تي اهڙو ٽڪر هنيائين جو ڦهڪو اچي ڪيم ، منهنجي مٿان چڙهي رڙيون ڪرڻ لڳو، ” ڇا زندگيءَ جي بازي لڳايون ؟“

پر مان هن کان ڏاڍو هوس ۽ هاڻي مونکي به ڪاوڙ اچي ويئي هئي، هڪ ٻن منٽن ۾ هو پٽ تي ليٽيو پيو هو، هن جو منهن مٽي ۾ ۽ ٻانهون مٿي جي مٿان ٻدل هيون ، خرڙاٽ پئي ڪيائين. مون گهٻرائجي ، هن کي ڇوڙي ڇڏيو ۽ هن کي اٿارڻ پئي چاهيو پر مونکي مڪون ۽ لتون هڻي پري ڪري ڇڏيائين ، هاڻي ته مون کي پاڻ وڌيڪ فڪر اچي ورتو ۽حيرت ۾پري ٿي بيهي رهيس، ته ڇا ڪجي!

هن مٿي نهاريو ۽ چيائين ”توکي پتو آهي تو پنهنجي لاءِ ڪهڙو ويل وهايو آهي؟ جڏهن مالڪ ۽ مالڪياڻي نه هوندا ته مان ڪي ترڪيبون ڪندس، ۽ انهن سان تنهنجي خلاف اهڙيون شڪايتون ڪندس، جو هو توکي نوڪريءَ مان جواب ڏئي ڇڏيندا.“

هن جون گاريون ۽ ڌمڪيون جيئن پوءِ تيئن ويون وڌنديون ، تان جو مون جوش ۾ اچي هن جي ”غار“ ڏانهن ڊڪ پائي ، ان کي ڊاهي کڻي ڍيري ڪيو ۽ تابوت ۽ ان ۾ پيل جهرڪيءَ جي لاش کي کڻي گهٽي ۾ ڦٽو ڪيم، هن جي ديول ڊاهي ۽ سڀ ڪنهن شيءَ کي پيرن سان لتاڙي ڇڏيم. منهنجي چريائپ جو ساشا تي عجيب اثر ٿيو، پٽ تي ويهي رهيو، هن جا ڀرون مڙي ويا، وات تي هٿ ڏيو ، ماٺ ۾ پئي نهاريائين. جڏهن مون پنهنجو ڪم پورو ڪيو ، تڏهن هو اٿيو، هن ۾ ڪنهن قسم جو جوش نه هو، ڪپڙا ٺيڪ ڪيائين ، ڪوٽ پاتائين ۽ مونکي ڀوائتي نموني چيائين ، ” هلي، تون ڏسندين! ٿورو صبر ڪر! هي ته مون اول ئي رٿيو هو ، جادو ـــ هاڻي توتي جادوءَ جو اثر ٿيندو ، ها ! ها !.“

مان پٽ تي ڪري پيس ، ڄڻ اهي لفظ جسماني ڌڪ هئا، منهنجي دل ويهجي ويئي،، هو جڏهن اتان ويو، ته پٺتي ڪنڌ ورائي به نه ڏٺائين ، ۽ ان جي ان روش هن جي ڌمڪيءَ کي وڌيڪ وزندار ڪري ڇڏيو، مون پڪو ارادو ڪيو ته سڀاڻي مالڪ ،ساشا ۽ هن جي جادو ءَ ۽ هن تنگ ۽ گنديءَ زندگي کان دور هليو ويندس .

ٻئي ڏينهن نئين بورچياڻي جيئن مون کي اٿارڻ آئي ، ته مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳي ” ڌڻي ءَ جي پناهه تو پنهنجي منهن کي ڇاڪيو آهي؟“ مون سمجهيو ته جادو شروع ٿي ويو، ۽ منهنجي دل ٻڏي وئي، پر هوءَ اهڙا ته ٽهڪ ڏيئي پئي کلي ،جو مان به مرڪڻ لڳس، آئيني ۾نهاريم ، منهنجي منهن تي ڪارنهن جو تهه چڙهيل هو! ” ڇا ، هي ساشا جو ڪم آهي؟ “ مون پڇيس .

”ٿي سگهي ٿو،اهو منهنجو ڪم هجي !“ بورچياڻي ءَ کلندي چيو .

صبح جي وقت پالش لاءِ پهريون ئي بوٽ کنيم ، ته آڱر ۾سئي ٺڪاءَ ٿي ويئي، ان کي ڪناريءَ ۾ لڪايو ويو هو .

”سو اهو آهي هن جو جادو !“

هن سڀني جوتن ۾اهڙيءَ اٽڪل سان سيون ٽنبي ڇڏيون هيون ،جو مان ڪهڙي ءَ به هوشياريءَ سان ڪم ڪيان ها، تڏهن به اهي ضرور هٿ ۾لڳن ها، مان برف جهڙي پاڻيءَ جو پيالو ڀري، انهيءَ جادوگر جي مٿان ، جتي هو ننڊ ۾يا مکر ڪيو پيو هو، وڃي بيٺس ، ۽ ڏاڍي مزي سان پاڻي هن جي مٿي تي هاريم.

بهر حال مان اتي ڏاڍو اداس رهڻ لڳس ، منهنجي دل ۾ هميشه اهو تابوت، جهرڪي جنهن جا ميرانجهڙا چنبا مڙي ويا هئا۽ جنهن جي پيلي چهنب اداس نموني ٻاهر نڪري ائي هئي ۽ آهي چٽڪمرا تروڙا جي انڊلٺ ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، پيا هلندا هئا، منهنجو تصور انهيءَ تابوت کي وڏو ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن چنبن ۾ساهه وجهي ڇڏيندو هو ، تان جو اهي ٻاهر نڪري ايندا هئا.

مون انهيءَ شام جو ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ، پر رات جي مانيءَ کان ٿورو اڳ چلهي تي کاڌو گرم ڪندي منهنجي لاپرواهي کان انهيءَ کي باهه وچڙي ويئي، انهيءَ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪندي ٽهڪندڙ تيل پنهنجي هٿن تي هاري ويٺس ، ۽ مونکي اسپتال کڻائي ويا، اسپتال ۾ستي، جو ڀوائتو خواب ڏٺو هيم، اهو اڃا تائين ياد اٿم. انهيءَ ۾ ڏٺم ته هڪڙو ميرانجهڙو ڦڪيرو سڃو ميدان آهي ، جنهن ۾ميرانجهڙن ماڻهن جو انبوه هو، انهن کي ڪفن جهرا سفيد چوغا پهريل هئا، انهن ماڻهن رنو ۽ رڙيو پئي ۽ هڪڙو ديو گهوڙيءَ تي منڊ ڪائيندو پئي آيو، ۽ هن جي اکين جا ڀرون مڇن جهڙا ٿلها هئا، ۽ڏاڙهي پئي کنهيائين ، ۽ رنڀون پئي ڪيائين ، ”مان عالي حضرت جن کي هي احوال ڪندس .“ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اسپتال جا پلنگ تابوت ۽ انهن تي ستل مريض، جن جا نڪ ٻاهر نڪتل هئا، مئل جهرڪيون هيون ، ۽ پيليون ڀتيون ڌڏي رهيون هيون ، ڇت سڙهه وانگر ڦڙ ڦڙ ڪري رهي هئي، ۽ فرش لهرن وانگر اڀري منهنجي هيٺان اڇلون ڏيئي رهيوهو، هر ڪنهن شيءَ مان مايوسي پئي بکي، ۽ وڻ جون ٽاريون جڏهن درين تي اچي ٿي لڳيون ، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪوئي هٿ ۾ لڪڻ جهليو انهن تي ڦهڪائيندو ٿي رهيو، منهنجي آڏو دروازي وٽ هڪڙو ڳاڙهي مٿي وارو لاش چرندو ڏسڻ ۾ پئي آيو،جو پنهنجن سڪل هٿن سان پنهنجي مٿان ڪفن وجهي رهيو هو ۽ منجهيل لفظن ۾ ڪجهه پئي ڀڻڪيائين ، ” مون کي هتان چرين وٽان وٺي هلو.“ ۽ گهوڙين تي هلندڙ ديو هن جي ڪنن ۾ پئي چيو” مان عالي حضرت کي ان جو اطلاع ڪندس .“

ناني، نانيءَ ۽ ٻين ماڻهن کان ٻڌو هوم ته اسپتال ۾ماڻهو بک وگهي مري ويندا آهن ، تنهن ڪري سمجهيم ته هاڻي منهنجي به پڄاڻي آهي، هڪڙي عينڪ واري عورت ، جنهن کي ڪفن جهڙو سفيد ڪڙتو پيو هو، منهنجي ويجهو آئي ،۽ منهنجي پلنگ ۾ ٽنگيل تختي کڻي ان تي ڪجهه چاڪ سان لکڻ لڳي، چاڪ ڀڄي پيو ۽ اچي منهنجي مٿان پيو .

” تنهنجو نالو ؟“

” منهنجو ڪو به نالو ڪونهي .“

” ضرور ڪو هوندو .“

” نه .“

”بدمعاشي ڇڏ، ورنه هنٽر لڳندءِ .“

مون سمجهيو ته ٿي سگهي ٿو ته هنٽر هڻن ، تنهن ڪري هنکي ڪوبه جواب نه ڏنم ، هوءِ مون تي ٻلي ءَ وانگر غرڻ لڳي، ۽ٻليءَ وانگر ئي ماٺ ڪيو ٻاهر هلي ويئي .

ڪمري ۾ ٻه بتيون ٻاريائون ، جن جا فانوس ڇت ۾ ٻن اکين وانگر پئي ٽمڪيا. ڪڏهن اهي جهيڻا ٿي پئي ويا ۽ ڪڏهن ڀڙڪو ڏيئي روشن ٿي پئي ويا، ۽ اهڙي طرح پئي لڏيا ڄڻ ته هڪ ٻئي کي ملڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون ڪنڊ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ رڙيون ڪيون- ”مان پنهنجي هٿ کان سواءِ ڪيئن کيڏي سگهندس ؟“

اها ڳالهه آهي ! تنهنجو هٿ ڪپي ڇڏيو اٿن !،

مون اهو نتيجو ڪڍيو ته جوا کيڏڻ ڪري هن جو هٿ وڍي ڇڏيو اٿن، خدا ڄاڻي بکن ۾مرڻ کان اول منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو ؟ منهنجي سڙيل هٿن اهڙو سور پئي ڪيو ، جو انهن مان ڪو هڏا جدا ڪري رهيو هو، مان خوف ۽ سور کان روئي رهيو هوس، مون اکيون ٻوٽي ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي پنبڻن مان نڪري منهنجي لوندڙين وٽان ٿيندا ، ڪنن تائين پهچي پئي ويا.

رات ٿي ويئي۽ هر ڪو ماڻهو پنهنجي کٽ تي ٿا نيڪو ٿي، ڀورو ڪمبل ويڙهي پئجي رهيو،خاموشي هر گهڙي وڌندي پئي ويئي، رکي رکي، ڪنهن جو ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ” ڪهڙو فائدو ...... ؟ ڇا ڪري سگهبوــــــــ؟ سڀ ٺڳ آهن ...... ؟ “

مان هوند پنهنجي نانيءَ ڏانهن لکي موڪليان ها ته مونکي انهيءَ کان اڳ جو ماري ڇڏين ، هتان ڀڄائي وڃ ، پر منهنجن هٿن ڪم نه پئي ڪيو،مون ڀڄڻ جون اٽڪلون سوچڻ شروع ڪيون .

رات جي خاموشي گهري ٿي وئي. اها اهڙي اکٽ ۽ اٿاهه هئي، ڄڻ ان کان سواءِ ڪٿي ٻيو ڪونه هو. پلنگ تان آهستي آهستي هيٺ لٿس ۽ در ڏانهن وڌيس ،ان جو هڪ طاق کليو پيو هو ، ورانڊي ۾بتي جي هيٺان بينچ تي هڪڙو سفيد مٿي وارو ماڻهو، دونهين ۾ وڪوڙيل ويٺو هو ۽ پنهنجن ڪارين ۽ ڏرا ڏنل اکين مان پئي مون ڏي نهاريائين ، مون کي وقت ئي نه مليو، جو کڻي پاڻ کي لڪايان _” ڪير پيو، گهمي ......؟ هيڏانهن آءُ !“

هن جي آواز ۾سختي نه پر نرمي هئي. مان هن ڏانهن ويس ، هڪڙو گول منهن جنهن تي سخت وارن جو جهنگ هو، ڏسڻ ۾ آيو، هن جي مٿي جا وار ڊگها هئا، جي چئن ئي پاسن تي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا،۽ چانديءَ جي چڪري وانگر پئي ڏسڻ ۾ آيا، هن جي پٽي ۾ ڪنجين جو ڇڳو پئي لڙڪيو،جيڪڏهن هن جي ڏاڙهي ۽ وار اڃا به وڏا هجن ها ته هو حضرت پطرس عليه الرحمت لڳي ها.

” تون سڙيل هٿن وارو آهين نه ؟ رات جو ڇا لاءِ پيو رلين ؟ توکي ڪنهن موڪل ڏني آهي ؟ “

هن دونهين جو ڪش منهنجي منهن ۾ هنيو ، پنهنجي گرم ٻانهن منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪي ، چيائين ” ڇا ، توکي ڊپ ٿو ٿئي؟

” هائو “

جيڪو به پهريان هتي ايندو آهي، ان کي ڊپ ٿيندو آهي، پر ڊپ جي ڪا به ڳالهه ڪنهي ، ۽ سڀني ماڻهن مان خاص طرح توکي مون کان ڊپ ڪرڻ جو ڪو به سبب ڪونهي، مون ڪنهن جي دل نه ڏکوئي آهي. ڪش لڳائيندين ـــــــ ؟ نه ؟ چڱو ٺهيو. اڃا تنهنجي عمر پيئي آهي، سال ٻن کان پوءِ تنهنجا مائٽ ڪٿي آهن ـــــــ ؟ ڪوبه ڪونهي؟ خير ، اهي هرو ڀرو ضروري ڪونهن ، انهن کان سواءِ به وقت گذاري سگهندين .ڏسجانءِ ڪنهن به ڳالهه کان ڊڄي نه وڃجان.؟“

ڪافي مدت تائين ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو هوم ، جنهن جا لفظ سنوان سڌا ،قرب ڀريا۽ سمجهڻ جهڙا هجن. هن جي ڳالهين ٻڌڻ ۾ مون کي ڏاڍو آرام ٿي مليو، هو جڏهن مون کي منهنجي پلنگ وٽ وٺي آيو، ته چيومانس، منهنجي ڀرسان ويهه !“ ۽ هو ويهي رهيو .

”تون ڪير آهين؟“ مون پڇيس .

” مان سپاهي آهيان. اصلي سپاهي ، قزاق، مان ڪيترين جنگين ۾ حصو وٺي چڪو آهيان ــــــ جي اوهين جوٽيندا آهيو . انهيءَ واسطي ئي ته سپاهي زنده رهندا آهن ، مان هنگري،ڪوه قاف ، پولنڊ ۽ ڪيترن ئي هنڌ لڙائين ۾ وڙهي چڪو آهيان ، لڙائي هڪ وڏي بدمعاشي آهي،“مان ٿوري دم لاءِ کڻي اکيون ٻوٽيون ،کولڻ تي ڏٺم ته سپاهي واريءَ جاءِ تي ناني ڪارن ڪپڙن ۾ ويٺي هئي، ۽هو هن جي ڀرسان بيٺو هو، ۽نانيءَ کان حيرت ۾ پئي پڇيائين ، ”ته ڇا اهي پوءِ سڀئي مري ويا ؟ او ڌڻي !“

سج ننڍڙي ٻار وانگر ڪمري ۾ اک ٻوٽ ڪري رهيو هو ، گهڙي سڀني شين کي سونهري ڪري پئي ، ڇڏيائين ، گهڙيءَ لڪي پئي ويو، گهڙيءَ چهچ ڳاڙهو ٿي پئي نڪتو .

ناني منهنجي مٿان جهڪي ۽ پڇڻ لڳي ، ” منهنجا مٺڙا، هنن توکي ڇا ڪيو؟ تنهنجي چير ڦاڙ پئي ڪيائون ڇا؟ مون هن منحوس ڪراڙي شيطان کي کتيون ٻڌايون آهن.“

” مان سڀ انتظام ڪري ٿو وٺان ، “ سپاهي ائين چئي هليو ويو، نانيءَ، ڳوڙها اگهندي چيو ” ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هي سپاهي منهنجو ملڪي آهي، “

مان اڃا به سمجهي رهيو هوس ته مان خواب ڏسي رهيو آهيان ، تنهن ڪري ڪجهه به نه ڪڇيم، ڊاڪٽرآيو ۽ ملم پٽي ڪري هليو ويو، ۽ پوءِ چوڻ لڳي، ” تنهنجي ناني جو هوش وڃي ٿو گهٽبو، اهڙوته مکي چوس ٿي پيو آهي، جو توبهه، ٿورو وقت ٿيو جو پنهنجي نئين دوست جا جيڪو پوستينن جوڪم ڪندو آهي،هڪ سو روبل کسڪائي آيو ، پوءِ اهڙو حشر متو، جو خدا جي پناهه.“

سج چمڪي رهيوهو ۽ ڪڪر سفيد پکين وانگر اڏامي رهيا هئا، اسان وولگا نديءَ جي پل پار ڪئي، ڦيٿن جي هيٺان برف لتاڙي پئي ويئي ،پل جي تختن جي هيٺان صاف پاڻيءَ جا دٻا ڏسڻ ۾پئي آيا، ۽ پري کان وڏيءَ ديول جي ڳاڙهي گنبذ مٿان سونهري صلب چمڪي رهي هئي .

اسين هڪڙيءَ منهن ويڪري عورت وٽان لنگهياسين ، جنهن کي ڀاڪر ۾ بيد جي ٽارين جي ڀري هئي، بهار ويجهو اچي رهيو هو ۽ ايسٽر جو ڏڻ نزديڪ ئي هو .

”ناني !منهنجي توسان ڪيڏي نه دل آهي !“

انهيءَ تي هن کي ڪو به عجب نه لڳو، هن وراڻيو،” انهيءَ ڪري جو اسين هڪ ٻئي جو رت آهيون ـــ پر مان ٻٽاڪ نٿي هڻان. مون کي ٻيا ماڻهو به پيار ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ مان بيبي مريم جي نهايت شڪر گذار آهيان . “۽ مُرڪندي چوندي رهي، ” هوءَ جلد ئي خوشيون ڪرڻ لڳندي، هن جو پٽ زنده ٿيندو . او- باربرا منهنجي ڌيءُ .“

ائين چئي ، هو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي.

باب ٻيو

جڏهن مان گهر پهتس ته نانو اڱڻ ۾ ڪهاڙي سان ڇيڻي ٺوڪي رهيو هو، منهنجو استقبال مٿي واري ڪهاڙي والارڻ سان ڪيائين ، پوءِ ٽوڪ طور پنهنجو ٽوپلو لاهي چوڻ لڳو، ” حضرت جن جو ڪهڙو حال آهي؟ـــ نه ، سرڪار نامدار جو؟ نوڪريءَ جو مدو ختم ٿي ويو ڇا ؟ هاڻي جيئن وڻئي تيئن موجون ڪر. هان ؟ تنهنجي ھھڙي تھڙي !

” اسان کي سڀ ڪا خبر آهي، “ ناني ءَ ائين چئي هن کي ٽرڪندو ڪيو. پنهنجي ڪمري ۾ سماور تيار ڪري مون کي چوڻ لڳي ، ” نانهن صفا سڃو ٿي ويو آهي،جيڪا به موڙي هيس سا پنهنجي گود جي پٽ نڪوراس کي وڏي وياج تي ڏيئي ڇڏي هئائين ، پر ان جي ڪابه لکپڙهه نه هئي، پتو ناهي ته هاڻي معاملو ڪٿي وڃي پهتو آهي، پر نانهن صفا ڀينگيو ٿي ويوآهي ۽ پيسا ويا کوھ جي تري ۾ اهو سڀ غريبن جي مدد نه ڪرڻ ۽ مفلسن تي رحم نه کائڻ جو نتيجو آهي، خدا چيو ته ؛ ” ڪشروفن تي عنايت ڇو ڪيان ؟ تنهن ڪري اسان کان سڀ ڪجهه کسي ورتائين.“

ڪمري ۾ چوڌاري نهاري چوڻ لڳي ”مان ڪوشش ڪندي رهي آهيان ته رب کي راِضي ڪيان ،جيئن هو پنهنجي ٿورڙي ٻاجهه ڪري ، ۽ ويچاري پوڙهي تي ايتري سختي نه ڪري ، رات جي وقت چپ چاپ پنهنجي کٽئي مان ٿورو خير ڪڍندي آهيان ،جيڪڏهن چاهين ته مون سان گڏ هلجانءِ . اڄوڪي رات لاءِ ٿورا ڏوڪڙ اٿم.“

نانو اندر آيو ۽ اکيون ڇينڀيندي چيائين ، ” ڳڀي ٽڪر پيا کائو ڇا؟“

” تنهنجو ناهي ، “ نانيءَ وراڻيو ، ”پر جيڪڏهن چاهين ته اسان سان شامل ٿي سگهين ٿو ، ڪافي آهي .“

هو ميز تي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ،” چڱو ! چانهه وجهينس .“

ڪمري ۾ هر ڪا شيءَ پنهنجي پنهنجي هنڌ هئي، پر صرف امڙ واري ڪنڊ خالي هئي، ۽ ناني جي بستري واريءَ ڀت جي مٿان هڪڙو ڪاغذ ڌاڳي سان ٽنگيل هو، جنهن تي وڏن اکرن ۾لکيل هو : ” عيسيٰ دنيا کي زندگي ڏيندڙ ! تنهنجو پاڪ نالو جيستائين مان جيئرو آهيان صبح شام منهنجي زبان تي هجي !“

” اهو ڪنهن لکيو آهي؟“

ناني ڪو به جواب نه ڏنو ، پر نانيءَ ٿورو ترسي مرڪندي چيو ، ” انهيءَ ڪاغذ ٽڪر جي لاءِ سو روبل ڏيڻا پيا، آهن !“

”تنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي !“ ناني رڙ ڪئي ، ”مان پنهنجا پيسا ٻين کي ٿو ڏيان .“

”هاڻي ته چڱو ٿو ڪرين ، پر ڪو اهو به وقت هوندو هو جو ڪجهه به نه ڏيندو هئين .“ نانيءَ آهستي چيو .

” وات بند ڪر ! “ ناني دانهن ڪئي ۽ وري اڳئين زماني واري ڳالهه تازي ٿي وئي .

ڪنڊ ۾ پيل صندوق جي مٿان رکي ٽوڪريءَ ۾ ستل ” نڪي “ جاڳي پيو ،هن جون هلڪيون نيريون اکيون مشڪل سان ٿي ڏسڻ ۾ آيون ، هو وڌيڪ ڦڪو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو . هو مون کي سڃاڻي نه سگهيو . پنهنجو ڪنڌ ڦيري ،چپ چاپ اکيون بند ڪري ڇڏيائين .

محلي جي خبر اداس ڪندڙ هئي ، وياخر مري ويو هو ، ايسٽر کان هفتو اڳ لاڏاڻو ڪيو هئائين ،خابي اتان هليو ويو هو، ياز جا پير وڍيا ويا هئا، ۽ هو وري ڪڏهن به هلي چلي نه ٿي سگهيو، اها خبر ٻڌائيندي ، ڪارن اکين واري ڪوسترم خار مان چيو. ڇوڪرا جلدي مري ٿا وڃن . “

”رڳو وياخر ئي ته مري ويو آهي!“

” ساڳي ڳالهه آهي ، محلو ڇڏڻ به ته مرڻ جي برابر آهي، اڃا ڪنهن سان دوستي ڳنڍجي ٿي ۽ ناتو وڌائجي ٿو. ته ڇوڪرا يا ته سانگي شهر هليا ٿا وڃن يا مري ٿا وڃن. توهان جي چيسنڪو واريءَ پراڻي ءَ جاءِ ۾نوان مسواڙي اچي ويٺا آهن ، انهن جي ذات ايوسينڪي آهي، هنن جو هڪڙو ڇو ڪرو نڪوشا نالي آهي ،پر ان ۾ڪا خاص ڳالهه ڪانهي ، هن کي جوڙو ڀينرن جو آهي، جن مان هڪڙي تمام ننڍڙي ۽ ٻي لنگڙي آهي. اُها گهوڙين تي هلندي آهي. پر ڏاڍي ٺاهوڪي آهي ، ٿورو دم کڻي چيائين ، ” چرڪا ۽ مان ان کي پيار ڪندا آهيون ۽ وڙهندا آهيون .“

” هن سان وڙهندا آهيو؟“

” نه ، چرڪا ۽ مان وڙهندا آهيون. اسين هن سان ڪڏهن به نه وڙهندا آهيون ، نه ڪڏهن به نه !“

مون ڄاتو ٿي ته وڏا ڇوڪر ته ٺهيو پر وڏي عمر وارا مرد به عشق ڪندا آهن، انهيءَ موضوع تي ڪافي واهيات ڳالهيون ٻڌيون هيم تنهن ڪري هن جي ڳالهه تي حيرت نه ٿيم ، مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي، پر هن جي ڏٻري جسم ، سڄيل منهن ۽ ڪارين اکين کي ڏسي ، بيچيني ٿي ٿيم.

ساڳيءَ شام جو انهيءَ لنگڙيءَ ڇوڪريءَ سان ملاقات ٿي. ڏاڪڻ تان اڱڻ ڏانهن لهندي هن جي گهوڙي هيٺ ڪري پئي هئي ۽ هوءَ پنهنجن ڪمزور ۽ شيشي جهڙن صاف ننڍڙن هٿن سان جهنگلي کي جهليو ڏاڪن تي بي سهاري بيٺي هئي، مون پنهنجن پٽيءَ ٻڌل هٿ سان گهوڙيءَ کي کڻڻ جي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي ۽ پنهنجي ناڪاميابيءَ تي جڪ پئي کاڌم، هوءَ مٿان مون کي ڏسي رهي هئي ۽ چپن ۾ مٺڙي نموني پئي مرڪيائين .

” تو پنهنجن هٿن سان ڪهڙي جٺ ڪئي آهي؟“

” سڙي پيا آهن .“

” مان لنگڙي آهيان، تون هتي رهندو آهين؟ اسپتال ۾ گهڻو وقت هئين ڇا؟ مان اتي تمام ،تمام گهڻو وقت هيس ، “ ۽ ٿڌوساهه کڻندي چيائين ، ” ڏاڍو گهڻو وقت .“

هن کي سفيد ڪپڙا ، ۽ هلڪا آسماني، کٿل، پر صاف جوتا پيل هئا، هن جي وارن جي گهاٽي ۽ لسي چوٽي ڪيل هئي ۽ اها هن جي ڇاتيءَ تي ٿي پيئي، هنجون اکيون وڏيون ۽گنڀر هيون، انهن جي خاموش گهرائيءَ مان هڪڙي جوت پئي نڪتي ، جنهن هن جي سنهڙي نڪ واري چهري کي چمڪائي ٿي ڇڏيو، پر جيتو ڻيڪ هن جي مرڪ مٺڙي هئي، هن جو مون تي ڪو اثر نه ٿيو. هن جو بيمار بدن ڄڻ چئي رهيو هو ، ” مهرباني ڪري مونکي هٿ نه لايو .“ پر منهنجا دوست الائي هن تي ڪيئن ڇڪن ٿي پيا هئا.

” ڪافي گهڻن ڏينهن کان وٺي مان لنگڙي ٿي پيئي آهيان .“ هن پاڻمرادو پر فخر سان چيو .” مون سان اسان جي هڪڙي پاڙي واريءَ جنهن جو امان سان جهيڙو هو ساڙ وچان ڊوهه ڪيو هو . ڇا تون اسپتال ۾ڊڄندو هئين؟“

” هائو .“ ۽ ڦڪائي محسوس ڪندي، اندر هليو ويس .



اڌ رات جو منهنجي نانيءَ مون کي ننڊ مان اٿاريو ۽ چيائين ، ” مون سان هلين ٿو ؟ ٻين سان چڱائي ڪندين ته تنهنجا هٿ ٺيڪ ٿي ويندا .“

هوءَ منهنجي ٻانهن وٺي، شهر جي اونداهين گهٽين مان انڌي جي اڳواڻ وانگر هلڻ لڳي، رات اونداهي ۽ گهميل هئي، سوساٽ ڪندڙ هوا، جنهن نديءَ جي وهڪري کي تيز پئي ڪيو، منهنجي ڄنگهن تي ٿڌي واري ويڙهي ٿي ڇڏي. ناني خيال سان پير ۾ پير کڻي ، اونداهين جهڳين جي درين وٽ ٿي ويئي، ۽ پاڻ تي ٻه ڀيرا صليب جو نشان ڪڍي، ڪجهه پئسا ۽ ٽي بسڪوٽ درين جي ڪانس وٽ رکي ۽ وري پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍي، ڪجهه پئسا ۽ ٽي بسڪوٽ درين جي ڪانس وٽ رکي ۽ وري پاڻ صليب جو نشان ٿي ڪڍيائين، اونداهي آسمان ڏانهن نهاري، هوريان ٿي چيائين ، ”جنت جي پاڪ راڻي ،هنن جي مدد ڪر ! مٺڙي ماءُ تنهنجي اڳيان اسين سڀ گنهگار آهيون .“

رات جي خاموشي ۽ پاڇا وڌندا ٿي ويا ۽ اسين اڳتي هلندا ٿي وياسين، آسمان ۾گهگهه اوندھ هئي، هلڻ ئي مشڪل هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ چنڊ ۽ تارا هميشه لاءِ موڪلائي ويا آهن. ايتري ۾ هڪڙو ڪتو گِرڻ لڳو. مون کي هن جي تارن جي چمڪ اوندهه ۾ڏسڻ ۾ پئي آئي. مان ڊڄي، نانيءَ جي پٺيان ٿي بيٺس ، مون کي دلداري ڏيندي چيائين ”ڪائي ڳالهه ڪانهي . هيءُ ته ڪتو آهي، پر جنن ڀوتن جي ئي نڪرڻ جي ويل ٽري وئي آهي، ڪڪڙن دس هڻڻ شروع ڪيا آهن .“ ڪتي کي پاڻ ڏي ڪوٺي ، ان کي ٺپرڻ ۽ ڇينڀڻ لڳي . ”توکي منهنجي ڏوهٽي کي ڊيڄارڻ نه گهرجي .“

ڪتو پيار وچان منهنجي ڄنگهين ۾ ليٿڙڻ لڳو، ۽ اسان ٽنهي اڳتي پنڌ وهايو .

اهڙا ٻارنهن خيرات نانيءَ درين تي رکيا، پره باکون ڪڍيون ،اونداهن پاڇن مان سفيد گهر ۽ جايون ظاهر ٿيڻ لڳا، سامهون سفيد چرچ جو گهنٽا گهر مصريءَ جي سنگ وانگر مٿي ڪر کنيو بيٺو هو، قبرستان جي ڀت جي پريان به سڀ ڪجهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو .

”هيءَ ٻڍڙي ويچاري ٿڪجي پئي آهي،“ ناني چوڻ لڳي ، ”هاڻي گهر هلڻ گهرجي ،جڏهن گهرن واريون جاڳنديون ، تڏهن ڏسنديون ته بيبي مريم هنن جي ٻچڙن لاءِ ڪجهه رکي وئي آهي،جڏهن ڪجهه به نه هجي تڏهن ڪڻو به ڪاسو آهي، او، الڪسي! ماڻهو ڏاڍا غريب آهن. پر ڪوبه انهن جو خيال نٿو ڪري .“

۽ پوءِ هي سٽون جهونگارڻ لڳي:

” امير الله کي وساري ٿا ڇڏين ،

کين قيامت جو ڊپ ڪونهي .

غريبن کي پنهنجو دوست ۽ ڀاءُ نٿا سمجهن .

ڪڏهن به هنن جي سارنٿا لهن .

هنن کي رڳو سون ڪٺي ڪرڻ جي سڌ آهي .

اهو دوزخ جا ٽانڊا ٿي ،سندن اڳيان ايندو .“

”سچ پچ ته آهي به ائين ، اسان کي هڪ ٻئي واسطي رهڻ گهرجي ، جهڙيءَ ريت خدا يسوع مسيح رهيو الڪسي تنهنجي اچڻ ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي .“

مان به دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيس ، خاص طرح جڏهن محسوس پئي ڪيم ته اهڙي ڪم ۾ بهرو ورتو اٿم، جو وسارڻ جهڙو نه آهي ، ڀورو ڪتو منهنجي پاسي ۾ پئي ڊڪيو . مون هن جي سرد ڄاڙيءَ ۾ هن جي نماڻين اکين ڏانهن ، جن ۾ ڪهل جو سڏ هو، نهاريندي چيو، ”مان هن کي گهر ڪاهي هلان؟“

” ڀل، جيڪڏهن هلي اچي ، هن لاءَ بسڪوٽ ، مون وٽ باقي رڳو ٻه آهن ، اچ ته بينچ تي ويهون ،ڪيڏي نه ٿڪجي پئي آهيان !“

اسين ٽڪ ڀڃڻ لاءِ ڦاٽڪ جي ويجهو بينچ تي ويهي رهياسين ، ۽ ڪتو اسان جي پيرن وٽ ويهي بسڪوٽ چٻاڙڻ لڳو، ناني چوڻ لڳي ، ” هتي هڪڙي يهودي عورت رهندي آهي، ان کي هڪ ٻئي کان ننڍا ڏهه ٻار آهن ، هڪڙي ڀيري پڇيومانس، او موسيٰ جي ڌيءُ ! تنهنجي پورت ڪيئن ٿي ٿئي؟ ، ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان ٻيو ڪيئن ؟، هن جواب ڏنو .“

ناني ءَ جي گرم جسم جي ڀرسان ڪرونڊڙو ٿي ليٽيس ۽ مونکي ننڍ وٺي ويئي .

هڪ ڀيرو وري منهنجي زندگيءَ جو وهڪرو تيز وهڻ لڳو، مشاهدن جون لهرو منهنجي لاءِ هر روز ڪا نئين شيءَ پاڻ سان کنيو اينديون هيون، جيڪي منهنجي دل ۾ امنگ، بي قراري ۽ ڏک پيدا ڪري ڇڏينديون هيون، ۽ اهي آخر مونکي سوچڻ تي مجبور ڪنديون هيون، مان به جلد ئي انهيءَ لنگڙي ڇوڪريءَ سان ملڻ ۽ در جي ڀرسان خاموش يا ڳالهائڻ لاءِ ويهڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳس ، هن سان گڏجي ويهڻ ۾ ماٺ به مٺي ٿي لڳي، هوءَ صاف سٿري هئي ۽ هن جو آواز گيت ڳائيندڙ پکيئڙن جهڙو هو . هوءَ ڏاڍي سهڻي نموني ڊان نديءَ تي رهندڙ قزاقن جي زندگيءَ جو احوال ٻڌايائيندي هئي. هوءَ انهيءَ علائقي ۾ پنهنجي چاچي سان جيڪو تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخاني ۾ڪم ڪندو هو گڏ رهي هئي، هاڻي هن جو ڪلف جوڙيندڙ پيءُ نجني نوو گورڊ اچي وسائي ويٺوهو .

”۽ منهنجو هڪڙو ٻيو چاچو خوم زار جي محل ۾ ڪم ڪندو هو .“

آرتوار ۽ ٻين موڪلن جي ڏينهن تي سڀ محلي وارا ڦاٽڪ وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، ڪي انهن مان قبرستان ڏانهن فاتح خوانيءَ لاءِ ويندا هئا، ڪي وري شراب خاني ۾ ميڙ ڪيو ويٺا هوندا هئا، ۽ زالون ۽ ٻار ڦاٽڪ وٽ بينچن يا واريءَ تي ويهي رهندا هئا .

ٻار کينهوءَ جي سٽ ڪٽ يا ٻيون رانديون ڪندا هئا، مائر انهن کي ويٺيون ڏسنديون هيون ، چڱو کيڏندا هئا ته انهن کي شاباس ڪنديون هيون،جي غلطيون ڪندا هئا، ته مٿن کلنديون هيون ، جيتوڻيڪ لڙ ۾ ڪن ٻوڙا ٿي ويندا هئا ، ته به ڏاڍو رونشو لڳو پيو هوندو هو، وڏن جي دلچسپي ايترو ته جوش پيدا ڪندي هئي، جو ننڍڙيون ۽ خسيس ڳالهيون به سخت چٽا ڀيٽي ۽ مقابلو پيدا ڪري وجهنديون هيون. ڪهڙي به مزيدار راند هوندي هئي ،ته به ڪوسترم ، گرشڪا ۽ مان ڪجهه وقت کان پوءِ ڪو بهانو ڪري لنگڙيءَ ڇوڪريءَ وٽ وڃي ويهندا هئاسين .

”لـُڊِملا، تو ڏٺو بال راند ۾ منهنجو نشان ڪهڙو نه سڌو آهي؟“ انعام ۾ ڪنڌ ڌوڻ ۽ مٺي مرڪ ملندي هئي.

اڳي اسان جو ٽولو راندين ۾ هڪ ڌر ٿي مقابلي تي ايندو هو، پر هاڻي ڪوسترم ۽ گوشڪا هڪ ٻئي جي مخالف بيهندا هئا، هو هڪ ٻئي کي طاقت ۽ هنر جي رندين ۾ جيتڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سندن معاملو ڌڪن بجن تائين وڃي پهچندو هو، هڪڙي مقابلي۾ اهڙو ڳنڍجي ويا، جو هنن کي ڇڏائڻ ئي محال ٿي پيو، ايتري قدر جو وڏن کي هنن جي مٿان ميل ۾ وڙهندڙ ڪتن وانگر ٿڌو پاڻي هارڻو پيو. لُڊملا بينچ تي ويٺي پنهنجي تندرست پير سان زمين تي لتون هنيون، ۽ جڏهن هو وڙهندا هن جي ويجهو آيا، تڏهن پنهنجي گهوڙي ءَ سان هنن کي ڌار ڪندي ،گهٻرايل آواز ۾ حڪم ڏيندي ، چيائين ، ” بس ڪريو !“ هن جي منهن جو رنگ سُڪي ويو هو ۽ هن جون اکيون جن واري ماڻهوءَ وانگر پئي ڦڙڪيون ۽ چمڪيون .

هڪڙي ڀيري نشاني بازيءَ ۾ ڪوسترم گرشڪا کان هار کاڌي، سو پساريءَ جي دڪان ۾ جَوَن جي گنديءَ جي پٺيان ويهي روئڻ لڳو، مون کان اهو ڏٺو نٿي ٿيو ، سڏڪا هن جي ڀيڙيل ڏندن مان به ٻاهر هليا ٿي آيا هن جي ڳلن جا هڏا ائين ٿي لڳا، ڄڻ کَلَ مان ٻاهر نڪري آيا، هئا، ۽ هن جو هڏائون چهرو ڄڻ پٿر جهڙو ٿي ويو هو، هن جي سڄيل ڪارين اکين مان ڳوڙها وڏن ڦڙن وانگر پئي ڪريا، منهنجي دلداري ڏيڻ تي ڳوڙها اگهندي خوفناڪ ڌمڪيون ڏيندي، چيائين ، ”ڏسجانءِ، مٿي واري هڪ ئي سر ڏيندومانس.“

گرشڪا ٽيڳر سان پرڻيل جوانن وانگر گهٽين جي وچ مان هلڻ شروع ڪيو هو، هٿ کيسي ۾، ٽوپي نرڙ تي . هو ڏندن جي وٿين مان ٿڪ اڇلڻ سکيو هو ، ۽ ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ” جلد ئي سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندس، ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي اٿم . پر بيمار ٿي پيو آهيان.“

اهو ڏسي مون کي پريشاني ٿيندي هئي، مان ڏسي رهيو هوس ته منهنجادوست مون کي ڇڏي رهيا آهن، ۽ مان انهيءَ لاءِ لـُڊملا کي جوابدار ٺهرائيندو هوس. هڪڙيءَ شام جو اڱڻ ۾ مان جيئن سڙيل هڏن ٿڳڙين ۽ ٻين شين کي صاف ڪري رهيو هوس ،ته هوءَ منڊڪ منڊڪ ڪندي ، منهنجي ويجهو آئي ۽ هٿ لوڏڻ لڳي، ” ڪيئن آهين ؟“ هن ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻي چيو ، ”گرشڪا ۽ ڪوسترم کي ڪٿي ڏٺو اٿئي؟ “

گرشڪا هينئر اسان جو دوست نه رهيو آهي ۽ اها سڀ تنهنجي ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته هو توکي پيار ٿا ڪن ، تنهن ڪري ٻنهي پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو آهي.“

هوءَ شرمائجي ويئي۽ ورنديءَ ۾ چيائين ،” منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“

”تو ڇا جي ڪري هنن کي پنهنجي عشق ۾ورتو آهي؟“

”ڇا، مون هنن کي چيو آهي ته وڙهو! “ ڪاوڙ ۾ ويندي ويندي ، چيائين، ڪهڙي بيوقوفي جي ڳالهه آهي! مان هنن کان عمر ۾ وڏي آهيان، منهنجي عمر چوڏهن سال آهي، ڇوڪرن کي پاڻ وڏن سان عشق نه ڪرڻ گهرجي .“

” توکي رڳو ايترو ئي پتو آهي؟“ مون هن کي ساڙڻ جي خيال کان چيو: ”خلستو جي ڀيڻ لاءِ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ اڌيڙ آهي ته به ڳڀرو ڳڀرو هن جي دڪان جي چو ڦير پيا ڦرن.“

لـُڊملا مڇرجي مون ڏانهن نهاريو، پنهنجي گهوڙي واريءَ ۾ کوڙي روئڻهارڪي آواز ۽ سهڻين اکين ۾ جوش ڀريل چمڪ سان چيائين، ”توکي پاڻ پتو ڪونهي ، هوءَ رن بڇڙي آهي ۽ مان ته ننڍي ڇوڪري آهيان توکي، ڪام شڌلڪا، جو ٻيو ڀاڱو پڙهڻ گهرجي ،تڏهن ئي توکي ڳالهائڻ جي تميز ايندي.“

ٻئي ڏينهن لـُڊملا سان ٺاهه ڪرڻ خاطر مان هن وٽ هن جي وڻندڙ مٺائي وٺي ويس، ”ٿوري کائيندين؟“

” هليو وڃ !“ هن ڦوڪجي چيو ، “اسان جو هڪ ٻئي سان ڪو به واسطو ڪونهي.“

پر جلد ئي هن اها وٺندي چيو ،”ڪاغذ ۾ ويڙهي اچين ها. تنهنجا هٿ ڪهڙا نه گندا آهن .“

”گهڻائي ڌوتم ، پر مٽي لٿي ئي ڪانه.“

هن منهنجو هٿ پنهنجي خشڪ ۽ گرم چنبي ۾جهلي ڏٺو ۽ ڏسندي رڙ ڪئي ”اڙي هي ته کهرا به آهن .“

”تنهنجا به ته کهرا آهن.“

”سئيءَ جي ڪري. مان گهڻو سبندي آهيان.“ پوءِ چوڌاري نهاري رٿ ڏنائين. ”هل ته اهڙي هنڌ هلون ، جتي تون مان اڪيلا هجون ،۽ ڪام شڌلڪا. پڙهي سگهون ،تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

جاءِ ڳولڻ ۾ ڳپل وقت لڳي ويو، ڪو به هنڌ موزون نٿي لڳو، آخر ڌوٻي گهر کي ئي بهتر سمجهيوسين.اتي اوندهه هئي، پر ان کي هڪڙي دري هئي، جنهنجو منهن ڀر واري ڪچري ڀريل ميدان ڏانهن هو. ان کان پرڀرو هڪڙو ڇاپرو ۽ پاسي ۾ ننڍي مال جو ڪوس هوس. ڪوئي ڀلجي به اتي ليئو نه پائيندوهو ، هو ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي منڊي ڄنگهه اسٽول تي ۽ ساڄي ڄنگهه پٽ تي رکي ڇڏيندي هئي ، پنهنجو منهن ڪتاب ۾ وجهي ،ڏکين ۽ بي معنيٰ لفظن کي جوش سان سرڙريندي ويندي هئي،ته به ان کان متاثر ٿيندو هوس. مونکي هن جون ٻه اکيون اهڙن ٻن شعلن وانگر ڏسڻ ۾ اينديون هيون جن پنن تي هيڏي هوڏي پيا ڦرندا هئا، گهريءَ گهڙي هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، هن جو آواز گهٽجي ويندو هو، هن جي واتان تڪرا ۽ غير مانوس لفظ نڪرندا ويندا هئا، تڏهن به ڪي لفظ مونکي ياد ٿي ويندا هئا، جن کي آءٌ پنهنجي دل ۾ اتي جو اتي شعر ۾ پوئڻ لڳندو هوس يا انهن جي تڪبندي ڪرڻ لڳندو هوس، جنهن ڪري جيڪي هوءَ پڙهندي ويندي هئي، تنهن جو مطلب ئي پورو نه سمجهندو هوس .

منهنجو ڪتو جنهن جو نالو مون ”طوفان“ رکيوهو، ڇاڪاڻ ته هو وڏو، بوجرو ۽ تيز هو ۽ هن جي ڀونڪڻ جو آواز اهڙو هوندو هو، جهڙو سياري جي تيز هوا جيڪا بخاري مان کڙ کڙ ڪندي ايندي آهي،منهنجي گود ۾ ستو پيو هوندو هو .

”ٻڌين ٿو؟“ لُڊملا پڇندي هئي، ۽ مان ڪنڌ ڌوڻيندو هوس ، مان لفظن کي دل ئي دل ۾ شعر جي بحرن وزنن ۾ پوري بيهارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، ۽ چاهيندو هوس ته لفظ اهڙيءَ طرح سان بيهن جهڙا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ تارا،۽ ان ڪوشش ۾ آخر مونجهارو پيدا ٿي ويندو هو.

جڏهن اوندهه ٿي ويندي هئي ته لُڊملا جو هٿ ڪتاب کي بند ڪري ڇڏيندو هو،۽ چوڻ لڳندي هئي ، ”ڪيئن سٺو آهي نه؟“

ڌوٻي گهر ۾ ڪتاب پڙهڻ جو سلسلو ”ڪام شُڌلڪا “ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به هلندو رهيو، اهو اڻ کُٽ ڪتاب ٻڌڻ هڪڙي وڏي آزمائش هئي، هوءَ مون کي ٻيو ڀاڱو ٻڌائي رهي هئي ان کان پوءِ ٽيون ۽ چوٿون ڀاڱو اچڻو هو، ڇنڇر کان سواءِ جنهن ڏينهن ڌوٻي گهر جي بٺي ءَ ۾ باهه ٻاريندا هئا، باقي ٻيا خاص ڪري برسات وارا ڏينهن اسان لاءِ نهايت چڱا هوندا هئا،جڏهن برسات پوندي هئي ته اڱڻ ۾ گپ ۽ چڪ ٿي ويندي هئي، تنهن ڪر ي ڪو به ٻاهر نڪرڻ جي ئي نه ڪندو هو، نه ئي ڪو اسان کي ڏسي سگهندو هو .

لُڊ ملا کي به مون وانگر پڪڙجي پوڻ جو کٽڪو هوندو هو،اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ ويهندا هئاسين ۽ جيڪي به دل ۾ايندو هو ، ان بابت ڳالهيون ڪندا هئاسين ،مان هن کي نانيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيو ن ٻڌائيندو هوس، ۽ هوءَ وري ميڊوزا نديءَ تي رهندڙ قزاقن جون ڳالهيون بيان ڪندي هئي.

” اتي ڪهڙو نه مزو هو! “ هوءَ ٿڌو ساهه کڻي ، چوندي هئي ، “ هتي ڇا آهي؟ هيءُ فقيرن جو ملڪ آهي.“

پوءِ اسان کي ڌوٻي گهر جي ضرورت نه رهي. لُڊ ملا جي ماءُ کي پوستينن واري وٽ نوڪري ملي ويئي هئي،تنهن ڪري هوءَ سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهندي هئي، هن جي ننڍي ڀيڻ اسڪول ويندي هئي ۽ هن جو ڀاءُ سرن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ ويندو هو، تنهن ڪري گهر نويڪلو اسان جي حوالي هوندو هو، مينهن وارن ڏينهن ۾ مان هن وٽ ويندو هوس ، ۽ هن کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪندو هوس، هوءَ کلندي چوندي هئي، ”اسين ته پرڻيل جوڙي وانگر پيا رهون، پر ان کان بهتر نموني، ڇو ته مڙس ته زالن کي ڪم ۾ مدد ڪن ئي ڪونه .“

جڏهن به پيسا ملندا هئم ، ته انهن جون ڪوڪيون خريد ڪندو هوس، جي اسين چانهه سان گڏ کائيندا هئاسين ،پوءَ هن جي نوس نوس ڪندڙ ماءُکان لڪائڻ واسطي سماور کي ٿڌي پاڻيءَ سان ٺاري ڇڏيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ناني به اسان سان اچي شامل ٿيندي هئي ۽ پاڻ سان گڏ زري ڀرڻ يا سڀڻ جو ڪم به کنيو ايندي هئي ، نانو جڏهن سير ۽ سفر تي شهر ڏانهن ويندو هو ته لُڊ ملا اسان ڏانهن هلي ايندي هئي ۽ ڏاڍا مزيدار جشن ملهائيندا هئاسين ، ”ڪهڙا نه خوش ٿا گذاريون !“ ناني چوڻ لڳندي هئي ، ” پنهنجا پيسا پنهنجي مرضي!“

ناني منهنجي ۽ لُڊملا جي دوستيءَ جي واکاڻ ڪندي هئي ”ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پاڻ ۾ دوستي ڳنڍڻ ٺيڪ آهي پر انهيءَ ۾ حرفت ۽ حرڪت نه هئڻ گهرجي ،“ پوءِ سنون سڌن لفظن ۾ “ حرفت ۽ حرڪت “ جو مطلب سمجهايائين. نانيءَ اسان کي جيڪي چيو هو ، اها هڪ سهڻي نصيحت هئي، مان چڱي ريت سمجهي ورتو هو ته اڻ ٽڙيل مکڙيءَ کي پٽڻ جي غلطي ڪري اسين سندس سونهن ۽ سرهاڻ وڃائي ٿا ويهون.

اسين انهيءَ ”حرفت ۽ حرڪت “ کان پاڪ هئاسين ،تڏهن به انهيءَ منع ڪيل موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين جنسي ناتا پنهنجو پاڻ پنهنجي بڇڙين شڪلين ۾ اسان جي اڳيان نروار ٿيندا هئا، ۽ اسان کي ڏک پهچائيندا هئا، جنهن ڪري اسين انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئاسين .

لُڊملا جو ٺاهوڪي شڪل وارو پيءُ چاليهن سالن کن جو هو، هن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار گهنڊيدار هئا، هو هڪڙي ءَ ئي اک سان ماڻهو کي مطيع ڪري ڇڏيندو هو، هو ڏاڍي ماٺيڻو هو، مون کي ياد ناهي ،جو هنکي ڪڏهن ڳالهائيندو ڏٺو هجيم.ٻارن کي پيار ڪرڻ وقت به هن جي وات مان گونگن جهڙا آواز نڪرندا هئا، ۽ جڏهن جوءِ کي ڪٽيندو هو تڏهن به ماٺ هوندو هو .

آرتوار يا وڏي ڏڻ جي شام جو آسماني رنگ جي قيمص ، بخملي پتلون ۽ پالش ڪيل چمڪندڙ بوٽ پائي ڪلهي تي هار مونيڪا باجو لڙڪائي سپاهين وانگر کڙو تڙو ٿي ڦاٽڪ وٽ وڃي بيهندو هو، جلد ئي اتي ملٽري پريڊ جهڙو تماشو شروع ٿي ويندو هو، هڪ ٻئي پٺيان ڇوڪرين ۽ عورتن جون قطارون وڌڻ لڳنديون هيون ،ڪي هن کي اکڙين جا هلڪا اشارا ڪنديون، ڪي ساڻس اکيون ملائينديون هيون،۽ هو وات کوليو ، پنهنجن ڪارين اکين سان پيو انهن کي گهوريندو هو ، انهن جي اکين جي اشارن ۾ هڪ ٻين لاءِ ڪانه ڪا نئين ڳالهه هوندي هئي، عورتن جي سست ۽ بيهوشيءَ جهڙي چال مان پتو پئجي سگهندو هو ته هن جي اک جي هڪ اشاري سان ئي هن جي پسند ڪيل عورت مورڇا ٿي اچي پٽ پوندي .لُڊملا جي ماءُ ويٺي بڙڪندي هئي- ”موالي ، منهن ڪارا!“ هوءَ کتل ٻهاري وانگر ڊگهي ۽ سڪل لڳندي هئي هن جو منهن اڀو ۽ رنگ پيلو هو. هن جا وار وڏي تپ کان پوءِ ڇنڊي ننڍا ڪيا ويا هئا،لُڊ ملا هن جو ڌيان ٻئي پاسي ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي هئي، پر سڀ اجايو، هن جي ماءُ هن ڏانهن ڏاڍي جوش ۽ شور سان نهاري ، چوندي هئي ” بس بس ڏائڻ !“ هن کي اکين ۾ منگولين واري شوخ چمڪ هئي ۽ اهي هميشه ڪنهن نه ڪنهن شيءِ ڏانهن سواءِ ڪنهن به چر پر جي ، پيون گهورينديون هيون.

”امان پاڻ کي ڇو ٿي ڏکوئين؟ ڇاٿي پيو؟“ لُڊ ملا چوندي هئي، “ڏس ته هن تَڏي واري جي زال پاڻ کي ڪهڙو نه سينگاريو آهي؟“

”جيڪڏهن اوهان ٽنهي جو اونو نه هجي ها، ته مان به جيڪر پاڻ کي سينگاري سگهان ها، توهين مونکي کائي ويا آهيو،“ هن جي ماءُ پنهجي ڳوڙهن ڀريل اکين مان تَڏن واري جي زال جي ٿلهي منهن ڏانهن نهاريندي چيو اها عورت ڇپر پيل جاءِ وانگر هئي. هن جي ڇاتي ڇپر جي ڪرنگهي وانگر مٿي بيٺي هئي ۽ هن جو ڳاڙهو منهن، جنهن جي اڌ تي سائو رومال ويڙهي ڇڏيو هئائين ، سج ۾ چمڪندڙ ڪوٺي جي دريءَ وانگر ٿي لڳو.

ايونسڪوف هارمونيڪا کي وڄائڻ شروع ڪيو ، ۽ هڪ ٻئي پٺيان ويو، سُر ڪڍندو. ان جو آواز پري پري پئي ويو، جنهن تي ٻارڙا واريءَ تي جوش ۾ ڊوڙندا، ٿڙندا ٿاٻڙندا ، اچي هن جي پيرن وٽ ڪٺا ٿيا .

”ترس ،مان توکي مزو چکائيندس!“ جوڻس ڌمڪي ڏنيس .

هن ان ڏانهن حقارت سان نهاريو،پر ڪجهه به نه ڪڇيو، تڏن واري جي زال ان جي ويجهو خلستو جي دڪان اڳيان بينچ تي ويهي رهي ۽ هن ڏانهن بي خود ٿي نهارڻ لڳي، سج قبرستان جي پٺيان ٻني ءَ کي سرخ ڪري ڇڏيو. ماڻهو ائين ٿي لڳا، ڄڻ گوشت جا لٿڙا هجن، جي رنگ برنگي ڪپڙا ڍڪيو ، رستي جي وهڪ ۾ هيڏي هوڏي پيا ترندا هجن، ٻار هوا جي جهوٽن وانگر اڏامندا ٿي ويا، هوا گرم ۽وڻندڙ هئي، سج ۾ تتل واريءَ مان هڪڙي سڳنڌ ٿي نڪتي، ڪوس مان جيڪا رت جي ڌپ پئي آئي، سا نڪ ۾ گهڙندي پئي وئي، ۽ پوستينن واري جي اڱڻ مان وري صاف ٿيندڙ کلن جي بانس پکڙجندي پئي ويئي .عورتن جي جهڳ جهڳ مردن جون رريون ٻارنجو گهنڊڻين جهڙو مٺو آواز، هارمونيڪا جو گيتن ڀريو سُرُ-سڀ گڏجي ، هڪڙو پڙاڏو ٿي پئي ويو، جيڪو ائين ٿي لڳو ڄڻ دائما ڳهندڙ ڌرتيءَ جو ٿڌو ساھ هو.

جيتوڻيڪ انهيءَ نظاري ۾ گندگي گوڙ ۽ چريائپ هئي ته به اُن انهيءَ سخت ۽ اگهاڙي حيواني زندگيءَ جي مستقبل ۾ ايمان ۽اعتماد پيدا پئي ڪيو ، انهيءَ هڪ هنگامي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اهڙا نه وسرڻ جهڙا اثرائتا جملاٻڌڻ ۾ ايندا هئا، جي دل ۾ گهڙي ويندا هئا- ” هر ڪو پنهنجي واري سان، ”اهو مناسب ناهي جو سڀ گڏجي هڪ جو مقابلو ڪيو . ” جيڪڏهن اسين پاڻ تي رحم نه کائينداسين ته پوءِ رحم ڪٿي ملندو؟“ ” ڇا ، الله عورت رڳو کلڻ لاءِخلقي آهي؟“

رات اچڻ لڳي ، هوا ۾ تازگي اچي ويئي، آواز جهيڻا ٿيندا ويا، پاڇن جا وڳا پهريل جايون ۽ گهر اوچا ۽ ڪشادا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا .

ٻارن کي کڻي ”هنڌن “ ۾سمهاريو ويو، انهن مان ڪن کي لوڙهن جي ويجهو، ڪن کي مائرن جي جهوليءَ ۾ڪن کي مائرن جي پيرن وٽ ئي ننڊ وٺي وئي هئي، اوندهه جي ماٺ ۾ ٻار به ماٺ ٿي ويا هئا.

ايونسڪوف اک وٺي ائين کسڪي ويو، ڄڻ ته هوا ۾ گم ٿي ويو هجي، تڏن واري جي زال به غائب هئي. هارمونيڪا جا سوز ڀريا سر پري قبرستان جي پاسي کان اچڻ لڳا، لُڊملا جي ماءُ بينچ تي جهڪي ويٺي هئي، هن جي ڪُٻ ٻليءَ وانگر ٻاهر نڪري آئي هئي، ناني هڪڙيءَ دائيءَ سان چانهه پئي پيتي ، جنهن کي پاڙي وارا ڏائڻ سمجهي پيا ، ڊڄندا هئا، هوءَ جيتوڻيڪ بدن ۾ ڀڪ هئي، ته به سندس سينو سنئون سڌو هو ، هن جو نڪ بدڪ جي چهنب وانگر اڀو هو ۽ هن جي مردن جهڙي ڇاتي تي ” بهادريءَ جو ٻلو“ پيو لڙڪندوهو، چوندا هئا ته هڪڙي ڪرنل جي باهه لڳل گهر مان هوءَ هڪڙي ءَ عورت ۽ ٽن ٻارن کي ٻاهر ڪڍي آئي هئي، نانيءَ ۽ هن جي ساهيڙپ هئي،جڏهن به هڪ ٻئي کي ڏسنديون هيون، چاهي ڪيتريون به پري هجن ته به مرڪنديون هيون ،ڄڻ ڪنهن خاص عمديءَ شيءَ تي اک پئي هجين.

لُڊملا ڪوسترم ۽ مان ڦاٽڪ واريءَ بينچ تي ويهي رهياسين، گرشڪا لُڊ ملا جي ڀاءُ کي ڪشتي ءَ جي مقابلي لاءِ للڪاريو هو، هو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ پئي سهڪيا ۽ جوش مان زمين تي لتون پئي هنيائون.

”بند ڪر يو!“ لُڊملا ڊڄي چيو ، ڪوسترم پنهنجين ڪارين اکين سان لُڊ ملا کي اک ٽيٽ ڪري نهاري ،هڪڙي سفيد مٿي ۽حرفتي اکين واري شڪاريءَ ”ڪالينن “ جو قصو ٻڌائڻ لڳو .

اهو شڪاري سڄي شهر ۾ بدنام هو ۽تازو ئي مري ويو هو، پر سندس لاش کي اڃا تائين دفن نه ڪيو ويو هو، هن جي ڪاري تابوت کي قبرن کان پري هڪڙي دڙي تي رکيو ويو هو، هن جي تابوت جي تختي تي اڇي رنگ سان صليب ، ڀالي ، لٺ ۽ ٻن هڏن جي شڪل بنائي ڇڏي هئائون ،هو هر ڪنهن رات جو سج لٿي کان پوءِ پنهنجي تابوت مان نڪري شڪار جي تلاش ۾ هليو ويندو هو،۽صبح جو تيستائين نه موٽندو هو جيستائين ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندا هئا.

”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ، “ لڊملا منٿ ڪندي چيس ،”اهي زٽ آهن.“

گرشڪا پنهنجي مقابلي واري جي ڀاڪر مان نڪري چيو. ”ڇو ٿو اهڙا ڪوڙ هڻين!“ مون پاڻ ڏٺو ته هن کي پوري، مٿان اهو يادگار بنايو هئائون، باقي مُردن جي گهمڻ واري ڳالهه هن پڙٻاٽي لوهار جي پنڪي آهي، ۽ ان ئي ان ڳالهه کي مشهور ڪيو آهي.

ڪوسترم هن ڏانهن بغير نهارڻ جي چيو ، ” وڃي قبرستان ۾ سمهه ته پتو پوئي .“

ائين ئي هنن جو رڳڙو شروع ٿي ويو. لُڊملا اداسائيءَ سان ڪنڌ لوڏي، پڇڻ لڳي، ” امان مُردا رات جو گهمندا آهن؟“

”هائو .“

هُن اهڙيءَ ريت جواب ڏنو ،ڄڻ ته هن کي ڪنهن ڏور انهينءَ دنيا مان واپس سڏيو ويو هو.

ايتري ۾ دڪاندا ر جو پٽ ، واليڪ ، جيڪو قد جو ڊگهو ، بت ۾ ڀريل ۽ ڳٽن ڳاڙهو ويهن ورهين جو جوان هو، اتي اچي نڪتو ، ۽ جهيڙو ٻڌي چوڻ لڳو، ”جيڪو به اوهان ٽنهي مان اُنهيءَ تابوت جي مٿان صبح تائين وڃي سمهندو، مان انهيءَ کي ٽي ڪوپيڪ ۽ ڏهه سگريٽ ڏيندس.“

اهڙي دعويٰ ٻڌي، اسان جا وات بند ٿي ويا، لُڊ ملا جي ماءُ حيرت مان چوڻ لڳي ، ”ڪهڙي نه چريائي! آخرڇا جي لاءِ ٿو ڇوڪرن کان اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪرائڻ گهرين ؟“

”روبل ڪڍ ته مان ٿو وڃان .“ گرشڪا چيو.

ڪوسترم يڪدم ٽوڪ هڻندي چيس، ”ٽي ڪوپيڪ ڏڪائي ٿا ڇڏينئي ڇا؟“ ۽ واليڪ ڏانهن منهن ڪندي ،چيائين ، ”ڏينس روبل. مجال آ، جو وڃي، ڇڙو وات ٿو ٺوڪي،“

”چڱو، وٺ روبل!“

گرشڪا اٿيو ، ڪو به اکر نه ڪڇيائين، ذري گهٽ وڃي لوڙهي ۾ وچڙيو. پوءِ هوريان هوريان هليو ويو. ڪوسترم وات ۾ آڱريون ڏيئي ،هن تي ٺٺولي طور سيٽي وڄائڻ لڳو، لُڊملا خفي ٿي چيو ، ” آخر اهڙي ڊاڙ ڇو هڻجي.“

” اڙي ڀاڙي ، ڪاڏي ٿو ڀڳو وڃين ؟“ واليڪ طعنو هڻندي چيس ، هي آهي پاڙي جو بهادر مڙس!“

مون کان هن جا اهي طعنا سٺا نه ويا،اسان مان ڪنهن کي به اهو بت نڪتل ڊمي نه وڻندو هو . هو هميشه ڇوڪرن کي شرارت ڪرڻ لاءِ مڇرائيندو هو، انهن کي بڇڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ڇوڪرين سان مستي ڪرڻ لاءِ هرکائيندوهو ، نتيجي ۾ ڇوڪرا آويءَ ۾ اچي ويندا هئا، خبر ناهي ڇو هن کي منهنجي ڪتي کان نفرت هئي، هو ان کي پٿر هڻندو هو ۽ هڪڙي ڀيري ان کي ماني ءَ ۾ سيون وجهي ڏنيون هئائين ، مون کي گرشڪا کي شڪي ۽ لڄي ٿي ڀڄندو ڏسي ، اچي خار ورتو.

مون واليڪ کي چيو ، ”روبل ڪڍ مان ٿو وڃان.“

هو يڪدم مون تي کلڻ ۽ مسخري ڪرڻ لڳو، ۽ منهنجي دل ۾ ڊپ ويهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، هن روبل ڪڍي ،ضمانت لاءِ لُڊ ملا جي ماءُ کي ڏنو ، پر هن انڪار ڪندي ڪاوڙ مان چيو، ” مون کي اهڙي ڪابه ڳالهه نه چئو.“ ۽ هوءَ هلي ويئي. لُڊملا کي به روبل رکڻ جي همت نه ٿي ، تنهن ڪري پاڻ هو وڌيڪ خندو ڪرڻ لڳو، مان پئسن کان سواءِ ئي وڃڻ وارو هوس ، جو ناني اچي نڪتي ۽ ڳالهه ٻڌي روبل کڻي ورتائين. مونکي چوڻ لڳي، ”اوور ڪوٽ پهري ڇڏ، ۽ ڪمبل کنيو وڃ. اسر جو ٿڌ ٿي پوي.“

هن جيڪي چيو ، انهيءَ پاڻ منهنجي همٿ وڌائي،۽ سمجهيم ته اتي مون کي ڪو به خوف ۽ خطري جهڙو واقعو پيش نه ايندو .

واليڪ اهو شرط وڌو ته مونکي سڄي رات انهيءَ تابوت تي ئي ويهي يا ستي گذارڻي پوندي ، توڻي تابوت ، پوڙهي ڪالينن جي ٻاهر نڪري ڪري ڪيترو به کڻي چري پري ،“ جيڪڏهن اتان لٿين ، ته بازي هارايئه، ياد ڪجان!“

هن چتاءُ ڏنو . ”مان اکيون پٽيو پيو توکي ڏسندس“.

جيئن مان قبرستان ڏانهن وڃڻ لڳس ، نانيءَ چمي ڏني ۽ منهنجي مٿان صليب جو نشان بنايائين –”جيڪڏهن ڪا به شيءَ ڏسين ته ماٺ ڪيو ويٺو هججانءِ. صرف ،مريم زنده باد! پيو چئجاءِ.“

مان تڪڙو وڃڻ لڳس ،اهوئي اونو هوم ته جلد اُتي پهچي وڃي تابوت تي ويهي رهان ، ڪوسترم ۽ ٻيو هڪڙو ڇوڪرو مون سان همراهه ٿي هليا، ڀت تي چڙهندي،ڪمبل ۾ وچڙي ويس ۽ ڪري پيس، پر اهڙو تڪڙو اٿي کڙو ٿيس، ڄڻ ڌرتيءَ مون کي کڻي مٿي اڇليو هجي مان هلڪڙو ٽهڪڙو ٻڌو. منهنجي دل سست ٿي ويئي ۽ بت ۾ ڏڪڻي وٺي ويم.

مان ڪاري تابوت تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي پهتس ، انهيءَ جي هڪڙي پاسي واري ڪٺي ٿي ويئي هئي، ٻئي پاسي ڪلا، جن جي ٽيڪ تي ان کي بيهاريو ويو هو، ظاهر بيٺا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن تابوت مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ ان کي ڪجهه پاسيرو ڪري کڻي ڦٽو ڪيو هو، تابوت جي مٿان ويهي چو طرف نهارڻ لڳس، پٿريلو ميدان صليبن سان سٿيو پيو هو . پاڇا قبرن جي مٿان نچي رهيا هئا، قبرن جي وچ ۾ بيدن جا سنوان سڌا وڻ بيٺا هئا، انهن جي ٽارين جي پاڇن هڪ ٻئي جي ڀرسان جڙيل قبرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي ڇڏيو. انهن پاڇن جي مٿان ڇٻر جا ساوا ۽ کهرا ٻوڙا اڀريا بيٺا هئا.

سفيد ديول جو اولڙو ائين پئي ڏٺو، ڄڻ برف پئجي رهي هئي، ۽ مٿي آسمان ۾ سنهڙو لهندڙ چنڊ ماٺ ڪيو بيٺل ڪڪرن ۾ پئي چمڪيو. مان ياز جي پيءُ کي ڏاڍيءَ ڍلائيءَ سان جهوپڙي ءَ ۾ گهنڊ وڄائيندو ٻڌو. جڏهن نوڙيءَ کي زور سان ڇڪ پئي ڏنائين ته ان مان چيڪٽ پئي نڪتو ۽ انکان پوءِگهنڊجو تيز ۽ اداس آواز پئي آيو، مان هن جا هيٺيان لفظ ذري گهٽ چٽا ٻڌي رهيو هوس-” اي ڌڻي ،تون اسان تي ٻاجهه ڪر!“

گذريل وقت جي ياد سخت ۽ اداس ڪندڙ هئي، جيتوڻيڪ رات ٿڌي هئي ته به مان پگهر ۾ شل ٿي ويو هوس . جيڪڏهن سچ پچ پوڙهي ڪالينن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي ياز جي جهوپڙيءَ ڏانهن ڀڄڻو پوي ها، مونکي قبرستان جي چپي چپي جي خبر هئي، ڪڏهن ڪڏهن اسين –ياز ۽ ٻيا دوست – اتي هڪ ٻئي کي ڊوڙائي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين.امڙ جي قبر ديول جي ويجهو هئي.

ماڻهو ڳوٺ ۾ اڃا جاڳي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن جي ٽهڪڙي ۽ گيتن جا آواز مون تائين پهچي رهيا هئي، شايد ريل واري رستي تان جتي واري لاٿي پيئي هئا يا پاسي واري نيزوڪا جي ڳوٺ مان هارمونيڪا جو گهٽيل آواز پئي آيو،۽ دستور موجب مواليءَ مچڪوف لوهار ٿيڙ پئي کاڌا ،۽ راڳ پئي ڳاتا، مون هن جي راڳ کي سڃاڻي ورتو ، امڙ جو هڪڙو ئي ننڍڙو ڏوهه آهي، ته هوءَ ٻئي ڪنهن سان نه پر بابي سان پيار ڪري ٿي.

ڏينهن جي پوين پساهن کي ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو هو، پر گهنڊ جي آواز سان سانت سرس ٿيندي پئي ويئي، ائين محسوس ٿيو ڄڻ خاموشي جي ٻوڏ چراگاهن مٿان ڌوڪيندي پئي اچي ۽ هر ڪنهن کي ٻوڙيندي پئي وڃي .

مون پير اندر ڪري پاڻ کي ڪمبل ويڙهي ڇڏيو ۽ پنهنجو منهن ديول ڏانهن ڪري ڇڏيم .مان جڏهن به چُريس پئي ته تابوت چيڪٽ پئي ڪيا ۽ هيٺان واريءَ مان آواز پئي نڪتا، ٻه ڀيرا ڪا شيءِ اچي منهنجي ڀرسان ڪري ۽ ان کان پوءِ هڪڙو سروٽو آيو،مان خوف کان ڏڪڻ لڳس، پوءِ سمجهيم ته اُهي ڪرتوت واليڪ ۽ ان جي دوستن جا هوندا جي ڀت جي ٻئي پاسي آهن ۽ مون کي ڊيڄارڻ ٿا گهرن. پاڻ انهن جي موجودگي ڪري منهنجي همٿ ٻيڻي ٿي ويئي.

امڙ جو خيال پاڻمرادو اچي دل ۾ پيدا ٿيم،هڪڙي ڀيري جڏهن سگريٽ ڇڪيندي پڪڙي ورتو هئائين ته مارڻ ٿي گهريائين، پر مون چيس، ”مون کي هٿ نه لاءِ مونکي ڏاڍو سور آهي، مان بيمار آهيان ،“ پوءِ مون کي سزا طور تنور جي پٺيان بيهاري نانيءَ کي دانهن ڏيڻ لڳي، ”هي سخت دل آهي، هن جي دل ۾ڪنهن جي لاءِ پيار ڪونهي.“

مونکي انهيءَ ڳالهه ڏاڍو ڏک پهچايو هو ، مون کي امڙ جو ڏاڍو افسوس ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ مونکي گهڻو ڪري بي سبب ماريندي هئي، ۽ مون هن جو اهو سڄو سلوڪ ڏاڍي دل سان سٺو هو.

ان وقت هو ڀت جي ڀرسان بيٺا هئا، ۽ هنن کي اهو پتو به هو ته مان هن قبرستان ۾ اڪيلي سمهڻ ڪري ڊڄي رهيو آهيان ،تڏهن به هو مونکي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا.

مون کي جوجڪي آئي، ته چوان ته شيطانو، گم ٿيو! پر ائين چوڻ خطرناڪ هو، ڪهڙي خبر جي ڪو شيطان سچ پچ ويجهو هجي ،۽ ان تي ان جو ڪو اثر پوي؟

واريءَ ۾ مليل ابرڪ جا ذرڙا چانڊاڻ ۾ چمڪي رهيا هئا، مونکي ياد آيو ته هڪڙي ڀيري هڪڙيءَ ٻيڙي تي ٻوٿ پاڻي ڏانهن اونڌو ڪيو پيو هوس ته هڪڙي سونهري مڇي ذري گهٽ مونکي منهن وارو چڪ وڌو هو ۽ پنهنجو پاسو ورائي مون ڏانهن پکين جهڙين گول اکين سان نهارڻ لڳي هئي، پوءِ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي هوءَ اهڙي ريت وڃي لڳي هئي، جيئن ڪنهن وڻ تان پن ڇڻي ،هوا ۾ لڏندو لمندو هيٺ ڪرندو آهي. ان بعد ڳالهين پٺيان ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون جن منهنجي دل ۾ خوف ۽ هراس طريل خيالن کي اچڻ ئي نٿي ڏنو .

ايتري ۾ هڪڙو ڄاهو بولاٽيون کائيندو وڌڻ لڳو۽ پنهنجن ننڍڙن پر سخت پيرن سان واريءَ کي کوٽڻ لڳو، انهيءَ تي مون کي تنور وارو همزاد ياد اچي ويو ، هي به ان وانگر ننڍڙو بڇڙو هو ۽ مون کي ياد آيو ته ناني ڪيئن تنور تي ويهي همزاد کي سڏ ڪندي هئي، ”اڙي گهر جا مهربان مالڪ! اسان کي ڪا ڪروچن کان نجات ڏي!“

پري، شهر کان گهڻو پري، جتي انساني اک پهچي نه ٿي سگهي، روشني ٿيڻ لڳي. پرهه جي سرد هوا منهنجي منهن ۽ اکين کي تڪليف ڏيڻ لڳي،مان ڪمبل ۾ ڪرونڊڙو ٿي سمهي پيس، هاڻي مونکي ڪوبه ڀوء نه هو، جيڪي ٿيڻو آهي سو ڀل ٿئي. نانيءَ اچي مون کي اُٿاريو، منهنجي ڀرسان بيهي ڪمبل کي ڇڪندي چوڻ لڳي ،‎”هاڻي اٿي به، ٺري ويو آهين،ڇا؟ اڙي رات جو ڊنين پئي ڇا؟“

هائو پر ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجاءِ. ڇوڪرن کي جيئن پتو نه پوي.“

”ڇو نه ؟“ هن حيرت مان پڇيو ،” جيڪڏهن ڊنين پئي ته وري فخر ڇا تي ڪندين؟“

گهر ڏانهن ويندي رستي تي چوڻ لڳي ”مٺڙا هن ڌرتيءَ تي توکي پنهنجن آزمودن مان سبق حاصل ڪرڻوآهي،جيڪڏهن تون پاڻ کان نه سکئين ،ته ڪنهن کان سکندين.“

شام تائين مان گهٽيءَ جو سورهيه هوس، مون کان پڇيائون ،”ڇا توکي ڊپ نه پئي ٿيو؟“ جڏهن مون جواب ڏنو ”هائو“ مونکي ڊپ ٿيو پئي .“ تڏهن پنهنجا هٿ مهٽي چوڻ لڳا ،” ڏٺوَ !“

هڪڙو دڪاندار سڀني کي وات ڦاڙي چوڻ لڳو ،” چئبو ته ڪالينن جي گهمڻ وارو قصو ڪوڙو آهي. جيڪڏهن هو گهمندو هجي ها، ته هي ڇوڪر ڪيئن سلامت اچي ها؟ اڙي هو ته هن کي لپاٽ ئي هڪڙي ڇڪي ها ته هيءُ بولاٽيون کائيندو قبرستان کان ٻاهر اچي ڪري ها !“

لُڊملا مون ڏانهن تعريف سان ٻڌل مٺڙين اکين سان نهاريو ، نانو به خوشي جو اظهار ڪرڻ لڳو، سواءِ گرشڪا جي سڀ ڪو منهنجي واکاڻ ڪرڻ لڳو، گرشڪا چوڻ لڳو، ”اها هن جي لاءِ ڪاوڏي ڳالهه نه هئي. هن جي ناني جا ڏائڻ آهي!“

باب ٽيون

جهڙيءَ ريت صبح جو ستارو هوريان هوريان جهڪو ٿيندو ويندو آهي، منهنجو ڀاءُ نڪي به اهڙي ريت هيڻو ٿيندو ويو، هو مون سان ۽ نانيءَ سان گڏجي ڇڄهريءَ جي هيٺان تختن تي وڇايل ٿڳڙين جي هنڌ تي سمهندو هو، ڀت جي ٻئي پاسي ڪڪڙين جي کڏي هئي. انهيءَ ڀت جي وٿين مان اسان کي رات جو متارين ڪڪڙين جي ڪٽ ڪٽ ۽ انهن جي پرن جي ڦڙ ڦڙ ۽ صبح جو وڏي سونهري ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، ”اڙي،تون ڪهڙو بهشت جو پکي آهين!“ ناني ننڊ مان اکيون پٽي چوندي هئي، صبح جو سويل اٿارين ٿو پاڪ مريم جو نالو ياد ڏيارين ٿو !“

مان سويل ئي اٿيو ويٺو هوندو هوس، ۽ چيرن مان ايندڙ سج جي ترورن ۽ انهن ۾ نچندڙ ذرڙن کي چاهه مان ويٺو ڏسندو هوس، مون کي اهي ذرڙا انهن لفظن وانگر لڳندا هئا جن سان پرين جا قصا لکيا ويندا آهن.

تختا جن تي اسين سمهندا هئاسين ڪئا ڪتري چٽ ڪري ويا هئا ۽ ڳاڙهن چٽن وارن ٽنڊڻن جا ميڙ ن جا ميڙ اچي انهن تي کيڏندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ مرغي خاني مان ايندڙ بدبو جي ڪري چهريءَ مان ڀڄي وڃي ڇت تي سمهي پوندو هوس، ۽ اتان جاءِ ۾ رهندڙ ماڻهن جو ننڊ ڀريل ۽ ذري گهٽ ٻوٽيل اکين سان اٿڻ جو تماشو ڏسندو هوس،ڀنڊن وارن وارو ماڻهو فرمانوف،جيڪو نشي پيئڻ کان پوءِ اچي گارين ۾ ڇٽندو هو ٻاڪر نڪرڻ سان پنهنجن اٿيل اکين سان سج ڏانهن نهاريندو هو ۽ رڇ وانگر رانڀاٽ ڪرڻ لڳندو هو. انهيءَ کان پوءِ نانو چپن ۾ ورد پڙهندو ايندو هو، ۽ اڱڻ مان ٿيندو، غسل خاني ڏانهن ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هليو ويندو هو، هن جي پٺيان جاءِ جي مالڪ جي گهڻ –ڳالهائو، ماتا جي داغن ڀريل منهن واري بورچياڻي ايندي هئي. هن جو نڪ چهنبدار ۽ شڪل ڪوئل جهڙي ڪاري هئي، جنهن تي ماتا جا چگهه اڇ – سرا لڳندا هئا، پوءِ وري جاءِ جو مالڪ ايندو هو جيڪو مون کي ڳيري وانگر لڳندو. هو مطلب ته سڀني جا منهن ۽ مهانڊا مونکي ڪنهن نه ڪنهن پکيءَ يا جانور جهڙ ا لڳندا هئا، ڏينهن ڪيترو به چمڪندڙ ۽ وڻندڙ هوندو هو ته به مان پاڻ کي اداس محسوس ڪندو هوس، ۽ائين چاهيندو هوس ته ٻاهر ٻنين ڏانهن هليو وڃان. جتي ماڻهو ڪو نه هئا،ڇاڪاڻ ته سمجهندو هئس ته ماڻهن جي موجو دگيءَ سهڻي کان سهڻي ڏينهن کي به مون لاءِ بي زيبو ڪريو ڇڏي.

هڪڙي ڏينهن اهڙي ريت ڇت تي آهليو پيو هئس ته نانيءَ سڏ ڪيم جڏهن هن جي ڀرسان هنڌ وٽ وڃي بيٺس، ته مونکي ڏک مان ڪنڌ لاڙي هوريان چيائين، ”نڪي مري ويو. “

ٻارڙو ويهاڻي تان رڙهي ويو، هو ۽ پٿراڻيءَ تي بيجان پيو هو، هن جو چولو ڳچي ڏي سرڪي ويو هو، جنهن ڪري هن جو ٻاهر نڪتل پيٽ ۽هن جون ڪاٺين جهڙيون سڪل ڄنگهون ظاهر ٿي رهيون هيون. هن جا هٿ عجيب نموني پٺي ڏانهن وري ويا هئا، جنهن مان پتو پيو، ته هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ هن جو مٿو پاسيرو ٿي ويو هو.

الله جا وڏا ٿورا، جو هو گذاري ويو !“ نانيءَ پنهنجن وارن کي هٿن سان وٿي ڏيندي چيو. ” بدنصيب جيتا مڙو! ڇا لاءِ جيئي ها؟“

نانو ٽلنڊو ٽڙڪندو ڄڻ جهمر هڻندو اندر ويو، ۽خيال سان نڪي جي بند اکين تي پنهنجون آڱريون کڻي رکيائين، نانيءَ خار مان چيس،هٿن صاف ڪرڻ کانسواءِ هنکي ڇو ٿو ڇهين؟“

ٻڌ ته ! ناني چپن ۾ چيو ” ٻار ڄمي ٿو ساهه کڻي ٿو،کائي ٿو پر سڀ فضول.“

نانيءَ ڳالهه روڪندي چيس ”اڃا ننڊ ۾ پيو ڳالهائين ڇا؟“

هن نانيءَ ڏانهن بي خياليءَ سان نهاريو، اڱڻ ڏانهن ويندي نانيءَ کي چيائين، ”توکي جيئن وڻي تيئن ڪر مون وٽ هن جي ڪفن دفن جو پيسو ڪونهي.

”اڙي موذي!“

مان هليو ويس ۽ وري رات تائين نه وريس، نڪي کي ٻئي ڏينهن دفن ڪيو ويو، جڏهن دعائون پئي گهريائون،ان وقت مان پنهنجي ڪتي سان گڏ امان جي وري کوٽيل قبر جي مٿان ويهي رهيس، منهنجي نزديڪ ياز جو پيءُ بيٺو هو، جنهن قبر کوٽڻ جو ڪم رعايتي نرخ تي ڪيو هو ۽ مونکي ور ور ڪري پئي چيائين، ”دوستيءَ جي ڪري ائين ڪيو اٿم نه ته ٻين کان آءٌ ٻيڻا وٺان ها.“

پيلي کڏ مان تيز ۽ گندي بوءِ پئي آئي، اندر جهاتي پاتم ته ڪارا تختا ڏسڻ ۾ آيا، مان ڪيترو به هوريان پئي چريس ته به ڪناري تي پيل واري هيٺ هلي پئي ويئي،۽ اتي گيسڙا ٺهي پئي ويا، مان هرو ڀرو پئي چريس پريس،چاهيم پئي ته اهي تختا ڍڪجي وڃن.

” پنهنجي حرڪت بند ڪر !“ ياز جي پيءُ تماڪ جو ڪش هڻندي چيو.

نانيءَ ننڍڙو تابوت قبر ڏانهن کڻي آئي. ياز جي پيءُ هيٺ کڏ ۾ ٽپو ڏنو، تابوت کي تختن جي ويجهو رکي هو ٻاهر نڪري آيو، لتن ۽ڪوڏرن سان مٽي هيٺ اڇلائي کڏ ڀرڻ لڳو، نانو ۽ ناني به ماٺ ڪري هن جي مدد ڪري رهيا هئا.

اتي نه پادري هئا، نه فقير هئا، رڳو، اسين چار ڄڻا صليب جي انبوه ۾ بيٺا هئاسين،ناني جڏهن ياز جي پيءُ کي پيسا ڏيڻ لڳي، ته ان کي ڇينڀيندي،چوڻ لڳي،”تو منهنجي ڌيءُ جو تابوت سرڪائي ڇڏيو.“

ٻيو چارو ئي نه هو، نه ته ٻئي ڪنهن جي قبر ۾ کڏ کوٽڻي پوي ها، اها ڪا ڳڻتي جي ڳالهه نه آهي. “

ناني قبر تي جهڪي پار ڪڍڻ لڳي، پوءِ اتان اٿي سڌي گهر هلڻ لڳي، نانو هن جي پٺيان هلڻ لڳو، هن جو ٽوپلو اکين تي جهڪيل هو ۽ هن جا هٿ ڦاٽل ڪوٽ جي کيسن ۾ هئا.

”اڻ کيڙيل زمين ۾ ٻج ڇٽيوسين. “ ناني چيو، هو ان وقت ائين هلي رهيو هو ڄڻ ڪو ڪانگ هرن جي موسم ۾ اوڙين مٿان لامارا ڏيندو هجي.

”ڇا ٿو چئي؟“ مون نانيءَ کان پڇيو.

”پور ٿا پونس،ڌڻي رحم ڪندس.“

ڏينهن تپي ويو هو، ناني هوريان هلي رهي هئي، هن جا پير گرم واريءَ ۾ گهڙي ٿي ويا، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن منهن تان پگهر اگهڻ لاءِ بيهي ٿي رهي.

قبر ۾اها جيڪا ڪاري ڪاري شيءَ هئي، مون نانيءَ کان پڇيو، ”ڇا، اهو امان جو تابوت هو!“

”هائو.“ هن خار مان چيو. ”گورڪن بيوقوف، گڏهه آهي! اڃا سال ئي مس ٿيو آهي ته ويچاري باربرا خاڪ ٿي رهي آهي، اهو سڀ هن وارياسي زمين جي ڪري آهي، پاڻي سمي ٿو وڃي، ان کان چيڪي مٽي بهتر آهي.“

”ڇا اسان سڀني کي خاڪ ٿيڻو آهي؟“

”سڀني کي فقط درويشن کان سواءِ،

”چئبو تون خاڪ نه ٿيندينءَ !“

هوءَ بيهي رهي.منهنجي ٽوپي ٺاهيائين ۽ مونکي سنجيده ٿي چيائين، ”بهتر آهي ته اهڙا ويچار ڇڏي ڏي. ٻڌين ٿو نه؟“

پر مان اهڙا ويچار ڪندو هوس. موت ڪيترو نه بڇڙو ۽ حقارت ڀريو هو ڪيترو نه خوفناڪ ! ان جي خيال کان مون کي ڪوفت ٿيندي هئي.

اسان جي گهر پهچڻ کان اول ئي ناني سماور گرم ڪري ٽيبل ٺاهي ڇڏي هئي.

”اچو ته ڪجهه چانهه پيئون، سمجهان ٿو ته ٿڪجي پيا هوندا. مون پنهنجي حصي جي به چانهه هن ۾ وجهي ڇڏي آهي.هيءَ اسان سڀني جي لاءِآهي.“

نانيءَ کي ڪلهي واري ٿڦڪي هڻندي چيائين.“ ڪيئن ڙي؟“

ناني آسمان ڏانهن هٿ کڻي چوڻ لڳي، انهن سمورين ڳالهين جي معنيٰ ڇا آهي.“

انهن ڳالهين جي معنيٰ آهي ته ڌڻي اسان تي ناراض آهي ۽ اسان کان هرڪا شيءَ هوريان هوريان کسي رهيو آهي، جيڪڏهن هٿ جي آڱرين وانگر ڪٽنب جا ڀاتي ڪٺا رهن. “

گهڻي وقت کان پوءِ ناني کي اهڙو مِٺ محبت ۽ قرب سان ڳالهائيندو ٻڌو هوم.هنکي ائين ڳالهائيندو ٻڌي مون کي اها اميد پيدا ٿي ته شايد انهيءَ پوڙهي جا لفظ منهنجي زخميل جذبن تي مرهم جو ڪم ڪن ۽ مان انهن ٻاهر نڪتل ڪارن تختن جي ڳالهه وساري ڇڏيان، مان هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس، پر نانيءَ سواءِ ڪنهن لم ٺپ جي هن جو ڳالهائڻ ئي پورو ڪري ڇڏيو.

“ميان وڏا هاڻي ماٺ ڪر، سڄي عمر اهو روئڻو روئندو رهئين، پر مان پڇان ٿي ان مان ڪجهه هڙ حاصل به ٿيو؟ سڄي عمر ماڻهن کي ائين پئي کاڌو اٿئي،جيئن ڪٽ لوهه کي کائي.“

ناني هن ڏانهن نهاريو، چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو، پر ٻڙڪ ڪڍڻ جي همت ئي نه ڪيائين.

انهيءَ ڏينهن شام جو اڱڻ جي دروازي وٽ ڳالهيو ن ڪندي مون لـُڊملا کي صبح واري پنهنجي امڙ جي ڀرسان پنهنجي ڀاءُ جي دفن ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌائي پر ان تي ڪو اثر نه ٿيو.

”يتيمن لاءِ ڪي چڱيون ڳالهيون به آهن. جيڪڏهن منهنجو ابو ۽ امڙ گذاري وڃن ته جيڪر مان پنهنجي ڀاءُ کي ڀيڻ جي حوالي ڪري وڃي نَن (راهبه) ٿيان،هونئن به منهنجي لاءِ ته اهوئي هڪ رستو آهي.منڊڙي ته پرڻجي سگهي ٿي، نه ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ مان لـُولي ٻارن ڄڻڻ جو گناهه پنهنجي سر تي کڻڻ پسند نه ڪنديس. “

هوءَ اهڙيون پختيون ڳالهيون جهڙيون اسان جي محلي جون ٻيون عورتون ڪنديون هيون، ڪرڻ لڳي، شايد انهيءَ شام کان وٺي منهنجي هن ۾ دلچسپي گهٽجڻ لڳي، تنهن کانسواءِ ان کان پوءِ جيڪو منهنجي زندگي ءَ ۾ ڦيرو آيو انهيءَ مونکي هن سان ملڻ جا ڪي ٿورا موقعا ڏنا.

منهنجي ڀاءُ جي مرڻ کان ڳچ ڏينهن پوءِ ناني مونکي چيو، ” اڄ رات جو ساجهر سهمجانءِ.سڀاڻي ڪاٺين لاءِ ٻيلي ۾ هلنداسين. “

”مان به ٻوٽين لاءِ اوهان سان گڏ هلنديس.“ ناني ءَ چيو.

ڳوٺ کان ٻه ميل پري ديال ۽ صنوبر جو جهنگ هو اتان جي زمين ڌٻڻ واري هئي، ان جو هڪڙو ڇيڙو اوڪا نديءَ تائين ۽ ٻيو ڇيڙو ماسڪو روڊ تائين هو. ٻيلو سڪل ۽ ڪريل وڻن سان سٿيو پيو هوندو هو، ڀرسان ’ساويلو‘ جبلن جي قطار وٽ ديال جا وڻ ڳتيا پيا هئا، انهن جي چهنبدار چوٽين جو ڏيک افق وٽان ليڙون ليڙ ٿيل تنبن وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو، اهي وڻ سڀ ڪائونٽ سوپلوف جي ملڪيت هئا،پر ان جي ڪا پهر اتي ڪانه هئي انهيءَ ڪري ’ڪناون‘ ڳوٺ‎ جا ماڻهو ان سڄي ٻيلي کي وقف جو مال ڪري سمجهندا هئا، ماڻهو سڪل ٽاريون وڍيندا هئا، ڪريل وڻ ڳاڏين تي کڻي ويندا هئا ۽ وقت تي ساون وڻن کي ڪيرائڻ کان به نه گـُسندا هئا، سرءُ ۾ ماڻهن جا ميڙ ڪهاڙا ڪلهن تي کنيو، رسيون چيلهين سان ويڙهيو جهنگ ۾ ڪاهي پوندا هئا، ۽ پوري سيارن جو ن ڪاٺيون ڪري ورندا هئا.

اهڙي ريت اسين ٽيئي به پرهه ڦٽي جو ماڪ پيل چانديءَ جهڙن گاهه ڍڪيل پٽن تان اڳتي وڌڻ لڳاسين، اسان جي کاٻي اوڪا نديءَ جي پرئين پاسي ’ڊيا ٽلو‘ ٽڪرين جي لاهن کي روشني ڏيندو، نجني شهر جي ڀتين ۽ چرچ جي سونهري مناري کي روشن ڪندو اسان جي روس جو آرسي سج پنهنجي سست رفتار سان اڀرڻ لڳو، ڍري وهندڙ اوڪا نديءَ وٽان هوا جا ننڊا کڙا، کيپ ڀريا،نرم جهوٽا اچڻ لڳا،سورج مکيءَ جا سنهري پيالا ماڪ سان ڀرجي پئي ڇلڪيا، للي گل جون مکڙيون نوڙت ۽ نياز وچان ڌرتيءَ ڏانهن جهڪي پئي ويون، رنگ برنگي گل ڪٿي ڪٿي سڪل ڇٻر وارن ٽڪرن ۾ اداس بيٺا هئا، جهنگلي گلاب جا گل پنهنجون رتائيون پنکڙيون ٽيڙيون بيٺا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄو ٻيلو ڪٿي ڪاريون، ڪٿي سائيون ۽ ڪٿي ڳاڙهيون ۽ پيليون ورديون پهريو، فوجين وانگر اسان جي استقبال لاءِ اڳي ئي تيار بيٺو هو، ديال جا وڻ شاهي پکين وانگر پئي ڏسڻ ۾ آيا، پر صندل جا وڻ معصوم ڇوڪرين وانگر پئي لڳا، ڌٻڻ مان نڪتل گهميل بوءِ ٻنين ۾ چو طرف پکڙي پيئي هئي، منهنجي اڳيان منهنجو ڪتو پنهنجي سرخ زبان لڙڪايو سهڪندو، پئي هليو،گهڙي گهڙي بيهي ناس پئي هنيائين ۽ پنهنجو لومڙ جهڙو مٿو سوالي نموني مٿي ڪري پئي ڇڏيائين،ناني کي نانيءَ جو جئڪيٽ ۽ پراڻي پتلون پهريل هئي، هو پنهنجن رازن تي پاڻ اکيون ڀڃندو ۽ کلندو پئي هليو؟ ائين پير پئي کنيائين ڄڻ ڪا شيءَ چورايو پئي ويو، ناني بلو ڪڙتو ۽ ڪاري لونگي پايو ۽سفيد رومال مٿي تي ويڙهيو، برد باريءَ سان پئي هلي. هونئن به هن سان گڏ هلندي تڪڙ ڪرڻ اجائي هئي.

جيئن اسين جهنگ ۾ داخل ٿياسين، ناني ۾ چستي اچي ويئي، نڪ فضا ۾ ڦيرائي،پهريان ڀڳل ٽٽل ۽ منجهيل اکرن ۾ پوءِ موج ۽ مستيءَ ۾ شاندا ر نموني ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ائين ٿي لڳو،ڄڻ چڪو چاڙهي ورتو هئائين.

”جهنگ ڌڻيءَ جا باغ آهن. انهن جي وات مان نڪتل پاڪ دم يعني هوائون انهن جي پرورش ڪن ٿيون، جواني ءَ جي ڏينهن ۾جڏهن جهازن تي ڪم ڪندو هوس هڪڙي ڀيري ’جگوليا‘ جي علائقي تائين وڃي پهتس،الڪسي مان توکي ٻڌايان ٿو جيڪا حياتي مون گذاري آهي اها توکي حاصل ٿي نٿي سگهي، اوڪا نديءَ تي ’فاسيموف‘ کان وٺي ’موروم‘ تائين جهنگ ئي جهنگ پکڙيا پيا آهن، ۽ وولگا نديءَ کان وٺي پورال جبل تائين هليو وڃ ته رڳو ٻيلو ئي ٻيلو، اڻ کٽ ۽ بيحد خوبصورت – اک ته اک پر پکي به پر سٽي ساڻو ٿي پوي، ته ٻيلو پار نه ڪري سگهي.

نانيءَ هن ڏانهن ٽيڏي اک سان ڏٺو ۽ مون کي اک ڀڳائين، نانو جهاڪن مٿان ٿڙندو ٿاٻڙندو به پئي هليو ۽ سادن سهڻن لفظن ۾ ڳالهه به ٻڌائيندو پئي رهيو، جيڪا اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ سانڊيل آهي.

”اسين ڀاڙي تي تيل جا دٻا ’سارا توف‘ کان ماڪارا تائين کنيو پئي وياسين. اسان جي ڪپتان جو نالو ”ڪائرل “هو ۽ ان سان گڏ ان جو ٻيو تاتاري ساٿي هو جنهن جو نالو ڪجهه آسوف يا اهڙو ڪو ٻيو هو، جڏهن اسين ”جگوليا“ ۾پهتاسين ته واءُ سامهون هو ۽ ڏاڍو تيز پئي لڳو ٻيڙيءَ جي اونڌي ٿيڻ جو خطرو هو تنهن ڪري اسين ڪناري تي ماني پچائڻ لاءِ لهي پياسين. مئي جو مهينو هو ڌرتيءَ تي پاڻي جاڏي ڪاڏي پکڙيو پيو هو، ان جون لهرو ن زمين تي پکين جي ولرن وانگر رڙهنديون پئي آيون ائين جيئن ڪئسپين سمنڊ تي هزارين بدڪون ترنديون آهن. بهار ۾ جگوليا جا پهاڙ سبز ٿيو وڃن ۽ سج جي روشني سڀني شين کي لالاڻ مائل ڪيو ڇڏي.

”اتي آرام ڪرڻ کان پوءِ اسين دوست ٿي وياسين ۽ پاڻ کي هڪ سمجهڻ لڳاسين، نديءَ تي ٿڌ به هئي ۽ ڪوهيرو به، پر ڪناري تي فرحت هئي، هوا به وڻندڙ پئي لڳي. جڏهن رات ٿي اسان جو ڪپتان ڪارل، جو پوڙهو پر جانٺو هو پنهنجي ٽوپي لاهي چوڻ لڳو ”ڇوڪرو اڄ کان وٺي نه مان توهان تي حڪم هلائيندس نه توهان سان گڏ رهندس، جهاز کي پاڻ منهن ڏجو، مان جهنگ منهن ٿو ڪيان،“ اسان جون وايون ولڙيون ٿي ويون ته هو ڇاٿو چوي؟ ڪو ته اڳواڻ هئڻ گهرجي. تون سمجهي سگهن ٿو ته ماڻهن کي رستي ڏيکارڻ لاءِ ڪو ته سونهون کپي، چاهي وولگا ندي ئي هجي جيڪا سڙڪ جيان سڌي آهي پر اتي به رستو وڃائي سگهجي ٿو. ڇا ڪاڻ ته اڳواڻ کان سواءِ ماڻهو ائين آهي جيئن مغز کان سواءِ ڍڳا، جن مان پوءِ ڪنهن کي به ڳڻتي نٿي ٿئي ته ٻئي جو ڪهڙو حل ٿيندو، انهيءَ ڪري اسان کي اچي فڪر ورتو، پر هو پنهنجيءَ تي اٽ هنيو بيٺو هو.

”مان اوهان جي ڌنار ٿيڻ مان ڪڪ آهيان“ هن چيو، ”مان جهنگ منهن ٿو ڪيان“.

”اسان مان ڪي ته اهڙا به هئا، جن چاهيو پئي ته هن کي زبردستي جهلجي، پر ٻين چيو ته ٿوري ماٺ ڪيو. ايتري ۾ تا تار رڙ ڪئي، ’مان ڀي ٿو وڃان.‘ هن جا مالڪ ڏانهن ٻن ڦيرن جا پيسا هئا ۽ هاڻي ٽئين جو به اڌ اچي ختم ٿيو هو. هن جي ڳپل رقم هئي، جا مالڪ دٻايو ويٺو هو ۽ اهو نقصان تاتار سهي نه پئي سگهيو، اسين سڄي رات هنن کي لاها چاڙها ڏيندا رهياسين پر صبح جو ست ڄڻا وڃڻ لاءِ شنگ ٿي بيٺا، ۽ اهي خلاصين جو ٽيون حصو هئا، ۽ اهي پوءِ اسان کي ڇڏي هليا ويا، اهڙي ريت جهنگ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ڇڪي ٿو وٺي.“

”ڇا، پوءِ هو وڃي ڌاڙيل ٿيا ؟“

”ممڪن آهي، يا سنياسي ٿيا هجن. ان جو پوءِ اسان کي ڪو پتو نه پيو، ناني پاڻ تي صليب جو نشان بنايو، ”او يسوع مسيح جي ماءُ ! ماڻهن جو حال ڏسي توکي انهن تي افسوس ٿو ٿئي. “

”اسان سڀني کي ايترو عقل عطا ٿيل آهي جو ڄاڻي سگهون ته اسان کي ڪٿي شيطان دلبو ڏئي رهيو آهي –“ اهو نانو هو.

ديال جي ڊگهن وڻن ۽ ڀنل دڙن جي وچ مان اسان جو گپ ۽ چڪ سان ڀريل پيچرو پئي ويو، مونکي به اهو اڌمو پئي آيو، ته ڪارل وانگر وڃي جهنگ ۾رهان جتي نه وات هڻندڙ انسان هجن نه جهيڙا هجن نه نشو هجي. اتي رهي مان ناني جي دل کي ڏکوئيندڙ ڪنجوسائي ۽ امڙ جي سمندڙ واريءَ ۾ ٺهيل قبر وساري سگهان، جنهن مونکي اداس ڪري وڌو هو، جيڪا منهنجي دل کي ڪنهن ڳري بار وانگر چيڀاٽي رهي هئي.

هڪڙي سڪل هنڌ پهچڻ تي نانيءَ چيو، ”ڳڀي ٽڪر لاءِ ڇا ٿا چئو؟ اچو ته ويهون!“

هڪڙي ڪپڙي ۾ ماني بصر لوڻ آچار پنير ويڙهيل هئا جيڪي هوءَ سڄي واٽ ٽوڪريءَ ۾ کنيو هلي، نانو اهو سامان ڏسي اکيون ٺپيندي، ککو وکو ٿي چوڻ لڳو، ”اڙي، پر مان ته ڪجهه پاڻ سان نه کڻي آيوآهيان.“

”هي اسان سڀني کان گهڻو آهي.“

هڪڙي ديال جي وڻ هيٺان، جيڪو جهاز جي کوهي وانگر ڊگهو هو، ٽيڪ ڏيئي ويهي رهياسين، هوا ۾ ڌوپ جهڙي خوشبوءَ سمايل هئي، هوا جا هلڪڙا جهوٽا ٻنين مان ٿيندا، سائي گاه کي نچائيندا، اسان ڏانهن پئي آيا، ماني کان پوءِ ناني پنهنجن ڪارن هٿن سان جڙيون ٻوٽيون پٽيندي به پئي ويئي ۽ مونکي انهن جا طبي فائدا به ٻڌائيندي پئي ويئي، نانو ڪريل بنڊن کي وڍڻ لڳو ۽ مونکي وڍيل ڪاٺ کي هڪ هنڌ ڍڳ ڪرڻ جي هدايت ڪيائين، پر مان پاڻ کي نانيءَ جي پٺيان وڃڻ کان روڪي نه سگهيس. ائين ڏسڻ ۾ پئي آيو ڄڻ هوءَ سڪل ٿڙن جي وچ ۾ ڪنهن ديو ڀنڀوريءَ وانگر تري رهي هئي، ۽ جڏهن جهڪي ديال جا ٽڪر پئي کنيائين ته ڄڻ انهن ۾ ٽٻيون پئي هنيائين سمورو وقت پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ”کنڀيون هن ڀيري آڳاٽيون ڄمي پيون هيون ڪٿي به ڪا ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ڌڻي توکي غريبن جو اونو ئي ڪونهي، کنڀيون ئي ته غريبن جو ڪڪڙائون ٻوڙ آهن!“

مان هن جي پٺيان ٻلي پير پئي ويس، جيئن هن جو خيال رب جي رهاڻ ۽ ٻوٽن ۽ ڏيڏرن جي خيال کان هٽي نه وڃي، پر هن جي مون تي اک پئجي ويئي.

”تون ناني وٽان کسڪي آيو آهين ؟“ هوءَ ڪاري ءَ ڌرتيءَ تي جنهن تي گلن جو شاندار ڀرت رکيل هو، ڪنهن شيءِ کي چونڊڻ لاءِ جهڪي ۽ ٻڌائڻ لڳي ته ”جڏهن يسوع مسيح انسان تي ڏمرجي ٻوڏ موڪلي، جنهن ساري مخلوق ٻوڙي ڇڏي هئي تڏهن موم دل ماءُ (بيبي مريم ) خبرداريءَ سان هر ڪنهن شيءَ جو ٻج هڪڙي ڇليءَ ۾ ڪٺو ڪري ان کي لڪائي ڇڏيو هو، ٻوڏ کان پوءِ سج کي چيائين ته نه جيڪڏهن تون ڌرتيءَ کي مٿان ئي مٿان خشڪ ڪري ڇڏيندين ته انسان ڪيترا ته تنهنجي ساراهه جا گيت ڳائيندا ! پوءِ جڏهن سج ڌرتيءِ کي سڪائي خشڪ ڪيو، ته هن ان ۾ اهي ٻج پوکڻ شروع ڪيا جان جو يسوع مسيح کڻي نهاري ته ڇا ڏسي ته ڌرتيءَ تي وري ساڳي رونق لڳي پئي آهي ساڳي ساوڪ، ساڳيا ماڻهو ۽ جانور آهن ! منهنجي مرضيءَ جي خلاف اهو ڪنهن ڪم ڪيو آهي؟“ هو پڇڻ لڳو، بيبي مريم قبول ڪيو ته اهو هن جو ڪم هو، پوءِ معلوم ٿيو ته يسوع مسيح کي پڻ ڌرتيءَ جي اهڙي سڃاڻپ نه پئي وڻي، تنهن ڪري هن پنهنجي رضا مندي ڏيئي ڇڏي،مريم تو اهو ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو. “

اها ڳالهه مونکي وڻي ته ڏاڍي، پر منجهائي به رکيائين. مون ٿورو خيال ۾ ٻڏي، چيو مانس،”ڇا، سچ پچ ائين ٿيو هو؟ يسوع مسيح جي ماءَ مريم ته نوح جي طوفان کان گهڻو پوءِ پيدا ٿي هئي!“

انهيءَ ڳالهه نانيءَ کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ”ڪير ٿو چوي؟“

”اسڪو ل جي ڪتابن ۾ لکيل آهي.“

هاڻي ناني ڪجهه سامت ۾ آئي ۽ مونکي سمجهائيندي چيائين ”جيڪڏهن رڳو اسڪول جي ڪتابن ۾ ائين آهي ته توکي اها ڳالهه وساري ڇڏڻ گهرجي. اهي ڪتاب ڪوڙ ٿا ڳالهائين. “

پوءِ کلندي چيائين. ”اڙي چر ٻٽ ٿو رو ويچار ڪر يسوع مسيح هو پر يسوع مسيح جي ماءُ نه هئي“ ”پوءِ هو ڪيئن ڄائو؟“

”مون کي ڪهڙي خبر !“

”ڏاڍو سٺو، ايتري پڙهڻ کان پوءِ به اهو سکيو آهين ته مونکي خبر ناهي!“

”پادري چيو هو ته يسوع مسيح جي ماءُ مريم آئنا ۽ جوکيم جي ڌيءَ هئي.“

انهيءَ تي ناني تپي ويئي، مون ڏانهن سونڊ پائي، گهوريائين، ”جيڪڏهن وري اهڙو خيال ڪيو اٿئي، ته کل لاهي ڇڏيندي مانءِ.“

ٿورو پوءِ سمجهائڻ لڳي، مقدس مريم جي پيدائش ساري مخلوق کان اول ٿي هئي، هن يسوع مسيح کي جنم ڏنو ۽ پوءِ –“

”پر حضرت عيسيٰ جي ماءُ ڪير هئي؟“

نانيءَ وٽ ڪو جواب ڪونه هو ۽ منجهي کڻي اکيون پوريائين.

”پر حضرت عيسيٰ جي ماءُ ڪير هئي؟“

مون محسوس ڪيو ته جيت منهنجي آهي، پر هن کي مذهبي معاملن ۾ اهڙي ريت منجهائڻ مان مون کي مزو نه ٿي آيو.

اسين جيئن پوءِ تيئن جهنگ ۾ اندر گهڙندا وياسين چؤطرف نيرو ڌنڌ وڌندو پکيڙيو پيو هو، جنهن مان سج جا ڪرڻا ڇڻي اندر هليا پئي آيا، چوءطرف ننڊاکڙا هلڪا سر پئي نڪتا، جي ٻڌندڙن کي خواب جي دنيا ۾ وٺي پئي ويا.’ڪٿي ڪوئل گيت پئي ڳايا، ڪٿي قمري نغمن ۾ مست هئي، ڪٿي ٽيٽيهر ۽ ڪاٺ ڪٺئي جهڙن پکين پنهنجي لئي تي هڪ سريون راڳڻيون پئي آلاپيون،مطلب ته جهنگ جا سڀ جيو وجد ۾ هئا، اسان جو هر قدم فيروزي رنگ جي سبز ڏيڏرن جي سلطنت ۾ حد دخلي ڪري هيو هو، ڪٿي ڪٿي ڪاريهر ڦڻ ڪڍيو، وڻن جي پاڙن ۾ ائين ويٺا هئا، ڄڻ انهن جي چوڪيداري ڪري رهيا هئا، نوريئڙو ميون کي ڪتري رهيو هو، ۽ ان جو پشمدار پڇ ديال جي ٽارين ۾ لڏي رهيو هو. جيئن وڌندا پئي وياسين، تيئن تيئن قدرت جا وڌيڪ ڏسڻ جهڙا نظارا ظاهر ٿيندا پئي ويا.

ديال جي ٿڙن تي نازڪ وليون ويڙهيون پيون هيون، انهن کي ڏسي قداور جنن جو خيال پئي آيو، اهي ڏارن تائين پهچي گم ٿي پئي ويون، ۽ انهن مان مٿي چانديءَ جو تهه پکڙيل ميرو آسمان نظر پئي آيو، پيرن جي هيٺان گاهه ۽ سينور جا ساوا غاليچا وڇايا پيا هئا، جن تي ڪريل پنن ۽ ککڙين جا ڄڻ چٽ نڪتا پيا هئا، ڪٿي ڇٻر تي ڄاڱري ٻير رت جي ڦڙن وانگر پئي ٻريا انهن جي وچ ۾ ڪٿي اڇيون کنڀيون، ڪر کنيون ۽ مٿي تي ميرانجهڙا ٽوپ پايو ائين بيخوف اڀيون بيٺيون هيون ڄڻ کين اتان ڪو اٿاري ئي نٿي سگهيو.

”مقدس مريم- جهان جي روشني !“ نانيءَ وڏا سماءَ کڻي دعا پئي گهري،

جهنگ ۾ به هن جي هلت اهڙي هئي ڄڻ ڪا گهر ڌياڻي گهر ۾ پنهنجن ٻچن سان ريجهه ۽ مزي ۾ ويٺي هجي. هوءَ پير پير ۾ ڏيو ڏاڍي خبرداريءَ سان پئي هلي، هر ڪنهن شيءَ کي چاهه سان پئي ڏٺائين، ۽ ان جي تعريف ۽ خدا جا شڪر پئي ڪيائين، ائين ٿي لڳو ڄڻ جهنگل جي محفل کي هن ئي گرم ڪري ڇڏيو هو، مون کي انهيءَ ڳالهه ڏاڍو مزو پئي ڏنو، جو سينور هن جي پيرن هيٺان لتاڙجي وري ساڳيءَ صورت ۾ اچي پئي ويو.

جيئن اسان اڳتي هلندا وياسين مون کي ڌاڙيلن جي زندگي پسند اچڻ لڳي، ڀڀ ڀريلن کي لٽي پيٽ بکين کي ڏيڻ، سڀني ۾خوشي ۽ اطمينان پيدا ڪرڻ، ڪوبه پاڙيسري پنهنجي ٻئي پاڙيسري سان نه سڙي نه وڙهي نه ڪوئي ڪنهن کي ڪتن وانگر بڇيون ڏئي. نه ڪوئي ڪنهن جون ٻوٽويون پٽي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو ناني جي خدا ۽نانيءَ جي مقدس مريم سان ملاقات ڪجي ها ۽ انهن کي ٻڌائجي ها ته ڪيئن نه اسان هڪ ٻئي جون سڙيون ٻوٽيون ٿا کايون ۽ِ ڪيئن نه هڪ ٻئي کي گارين جا دس ٿا ٻڌايون. ڪهڙي نه بڇڙائي ۽عذاب دنيا ۾ سهڻوٿو پوي. مون خيال ڪيو ته جيڪڏهن مقدس مريم منهنجن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو ۽ مون کي ڪا چڱي طاقت عطا ڪيايئن ته مان هر ڪنهن شيءَ جو نئون انتظام ڪندس ۽ هر ڪنهن ماڻهو جي زندگي بهتر بنائيندس. جيڪڏهن مان وڏو نه آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ سياڻا ماڻهو حضرت عيسيٰ کان انهيءَ وقت صلاحون وٺندا هئا، جڏهن هو مون کان لاچار ڪو هڪ سال کن وڏو هو.

مان انهن خيالن ۾ اهڙو گم ٿي ويس، جو وڃي کڏ ۾ ڪريس.چيلهه ۽ ڪنڌ ٻيئي رهڙي جي ويم. کڏ جي تري ۾ گپ، وڻ جي کؤنر وانگر لڳلڳدار هئي،مان ان ۾ ڦاسي پيس جڏهن ائين سمجهيم ته هتان پنهنجي سر نڪري نه سگهندس ته ڏاڍي خار لڳيم. مون نانيءَ کي سڏي ڊيڄارڻ نٿي گهريو پر ٻيو چاڙهو به نه هو. سڏ تي ڊوڙي، هن مون کي ٻاهر ڪڍي ورتو. پاڻ تي صليب جو نشانو ڪندي چيائين. ”ڌڻي جا لک شڪر ! چڱو ٿيو، جو هيءَ رڇ جي ڏر خالي هئي، جيڪڏهن اهو مئو هتي هجي ها ته تنهنجو ڪهڙو حال ٿئي ها؟ هوءَکلندي کلندي روئڻ لڳي.

هڪڙيءَ واهي تي وٺي ويئي، اتي منهنجا زخم ڌوئي صاف ڪيائين ۽ انهن تي ٻوٽين جا پن رکي، پنهنجي چولي مان اڳڙيون ڦاڙي پٽيون ٻڌائين. ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري منهنجو هلڻ ئي مشڪل ٿي پيو هو، تنهن ڪري مون کي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِجڏهن ٺيڪ ٿيس، ته روز نانيءَ کي چوندو هوس، ”ناني ٻيلو هلي ڏسون!“ هوءَ خوشي سان هلي هلندي هئي، اهڙي ريت اسان جو اونهارو ۽ سرءُ گذري ويا، اسين اتان ٻوٽيون، ٻير، کنڀيون ۽ اکروٽ آڻيندا هئاسين، جن کي وڪڻي پيٽ قوت ڪندا هئاسين، جيتوڻيڪ اسان کي ناني وٽان مانيءَ جو سڪو ٽڪر به نه ملندو هو، تڏهن به اسان تي ڪاوڙ جي چوندو هو، ”اڙي توهين ته پينو فقير آهيو. “

جهنگ ۾ مون کي اهڙو سڪون ملندو هو، جو منهنجا ڏک سور ڌوپي ويندا هئا، ۽ منهنجا سڀ رنج لهي ويندا هئا،انهن ڏينهن ۾ منهنجا حواس تيز ٿيڻ لڳا،منهنجون اکيون کليل ۽ ڪن کڙا رهڻ لڳا، منهنجو حافظو تيز ۽ منهنجا جذبا وڌڻ ۽ اڀرڻ لڳا، ۽ مون کي پنهنجي عجيب نانيءَ لاءِ نئين عزت ۽ نئون پيار پيدا ٿيو،مان هن کي اوچي ٻد وارو انسان سمجهڻ لڳو هوس، جيڪو حد کان وڌيڪ مهربان ۽ حد کان زياده همدرد هو.

مان کيس جو ڪجهه هر گهڙي ڪندي ڏسندو هوس، اهو منهنجي انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن مان جيئن اڇيون کنڀيون ميڙي نڪري رهيا هئاسين ته ناني هڪڙي هنڌ دم پٽڻ لاءِ ويهي رهي ۽ مان وري وڌيڪ کنڀيون هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ ۾ واپس هليو ويس، اوچتو نانيءَ جو آواز ٻڌم. ڏٺم ته ناني کنڀي کي صاف ڪري به رهي آهي ۽ هڪڙي خاڪي ڪتي، جنهن جي زبان بک کان ٻاهر نڪري آئي هئي اطمينان سان چئي رهي هئي، ” وڃ هليو وڃ الله تنهنجو ڀلو ڪري!“

واليڪ ڪجهه وقت ٿيو جو منهنجي ڪتي کي زهر ڏيئي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري خيال ڪيم ته ان ڪتي کي پاڻ سان گهر وٺي هلان، تهنن ڪري ان جي پٺيان ڊوڙ پاتيم، ان پنهنجي ڳچي ءَ کي چورڻ کان سواءِ پنهنجي پٺي هڪڙي خاص انداز ۾ مٿي ڪئي، ۽ پنهنجي بکايل اکين سان گهوري پڇ ٻنهي ٽنگن ۾ ڪري، ٽپ ڏيئي، هو جهنگ ۾ هليو ويو، منهنجي سيٽي ءَ تي موٽڻ بجاءِ، ڦشرجي، تڪڙو ڊوڙڻ لڳو، هن جي چال ڪنهن به نمواني ڪتي جهڙي نه هئا.

”ڏٺئه !“ نانيءَ مرڪندي چيو،”مون به پهريائين نه سڃاتو. مون سمجهيو ڪتو آهي پر جڏهن ٻيهر ڏٺم ته مون کي پنهنجي ڀل جو پتو پيو، هن جو ڪنڌ ۽ چنبا بگهڙ جهڙا هئا، منهنجو ساهه ته مٺ ۾ اچي ويو، چيومانس، جي بگهڙ آهين ته ٽري وڃ، اها به شڪر جي ڳالهه آهي، جو اونهاري ۾ بگهڙ ڇتا نٿا ٿين.

نانيءَ کي جهنگ ۾ نه ئي ڀوءَ ٿيندو هو نه ئي اتي ڪڏهن رستو ڀلبي هئي،هوءَ گاهه جي سڳنڌ مان ئي ٻڌائي سگندي هئي ته ڪٿي ۽ ڪهڙو رنگ جي کنڀي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ کنڀين بابت منهنجو امتحان وٺندي هئي- ”هيءَ کنڀي ڪهڙي وڻ وٽ ٿيندي آهي؟ زهريلي ۽ مٺي کنڀيءَ جو پتو ڪيئن پوندو؟“

ڪنهن وڻ جي ڇوڏن تي نوريئڙي جي پيرن جا هلڪا نشان ڏسي هوءَ مون کي ٻڌائيندي هئي ته ڪهڙي هنڌ نوريئڙي جو پور آهي. ۽ مان وڻ تي چڙهي نوريئڙي جا سياري لاءِ ڪٺا ڪيل اکروٽ کڻي ايندو هوس، جي ڪڏهن ڪڏهن پنج پنج سير به هوندا هئا، هڪڙي ڀيري نوريئڙي جي پور مان اکڙوٽ ڪڍي رهيو هوس، ته پکين مارڻ واري بندوق جا ستاويهه ڇرا منهنجي پاسيرين ۾ گهڙي ويا، نانيءِ يارهن تلاش ڪري ڪڍي ورتا باقي منهنجي جسم ۾ سالن جا سال رهجي ويا، ۽ وقت گذرڻ سان ٻاهر کن منجهان نڪرندا آيا.

ناني سـُور هوندي به مون کي ماٺ ڏسي، خوش ٿيڻ لڳي،- ”بهادر ڇوڪر!“ هن چيو، ”جي صابر سي اڪابر. “

جڏهن به هن کي کنڀين ۽ اکڙوٽن جي وڪري مان پاڇي ٿيندي هئي ته اها رقم ’خفيه خير‘ طور درين جي ڪانسن تي رکي ويندي هئي، جيتوڻيڪ کيس آرتوار جي پاڪ ڏينهن جي پائڻ لاءِ به سڄو چولو نه هوندو هو.

”تنهنجا ته فقيرن کان به حال بڇڙا آهن.“ ناني ڪر ڪندي پنهنجي دستوري جهيڙي ۾ چيس، ”تنهنجي ڪري مون کي شرمسار ٿيڻو ٿو پوي. “

”انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا آهي؟ مان تنهنجي ڌيءَ ناهيان، من کي مڙس جي تلاش ڪانهي. “

مون ٻين کان ته وڌيڪ گناهه ڪين ڪيا آهن. “ناني شڪايت ڪندي چيو، پوءِ مونکي اهڙي سخت سزا ڇو ملي رهي آهي؟“

نانيءَ ڇيد ڏيندي چيس. ”تنهنجي ملهه ۽ مان جو ته صرف شيطان کي ئي پتو آهي. “

۽ مونکي پنهنجي منهن چوندي هئي، وڏو ميان شيطان کان ڊڄندو آهي، ڏس ڪهڙو نه جهور ٿيندو ٿو وڃي ! ويچاري کي شيطان جو ڊپ ڏينهون ڏينهن جهوري رهيوآهي. “

انهيءَ اونهاري ۾ ٻيلي جي شوق مونکي سخت جان ۽ وحشي بنائي ڇڏيو هو ۽ منهنجو پنهنجي هڪ جيڏن سنگتين مان چاه ختم ٿي ويو هو. جهڙوڪ هڪ لُڊ ملا، جنهن جي عام معلومات ۽ گهڻ ڳالهائو طبيعت مون کي ڪڪ ڪري وجهندي هئي.

سرءُ جا مينهن شروع ٿي ويا، هڪڙي ڏينهن نانو شهر مان مينهن ۾ ڀڳو ڀت ٿيو آيو، هو در جي ڏاڪڻ وٽ بيهي جهرڪيءَ وانگر ڏڪي رهيو هو، ۽ اهڙي انداز ۾ چوڻ لڳو ڄڻ ته ڪا سوڀ کٽي آيو هو. ” اڙي شيطان سڀاڻي تون نئين ڪم تي وڃي رهيو آهين. “

”ڪيڏانهن ؟“ نانيءَ خفي ٿي پڇيس.

”تنهنجي ڀيڻ مترينا جي پٽ وٽ. “

”وڏا ميان. تو ڀل ڪئي آهي.“

”وات بند ڪر، بيوقوف ! اهي هن کي ماڻهو بنائي ڇڏيندا.“

نانيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، پر هن جو ڪنڌ جهڪي ويو، انهيءَ رات لُڊملا کي ٻڌايم ته مان شهر ڏانهن وڃي رهيو آهيان.

”مون کي به جلد اوڏانهن وٺي ويندا. “ هن اداسائيءَ سان چيو،”بابي جي مرضي آهي ته منهنجي ڄنگهه ڪٽرائي وڃي، ان جي ڪٽجڻ کان پوءَ مان ‎ٺيڪ ٿي سگهنديس.“

انهيءَ اونهاري ۾ هوءَ بت ۾ لهي ويئي هئي، هن جو رنگ ٿورو سانورو ٿي ويو هو ۽ هن جون اکيون ڪجهه وڏيون پئي ڏسڻ ۾ آيون،

”توکي خوف ٿو ٿئي ڇا ؟ مون پڇيس.

”هائو ؟ هن جواب ڏنو ۽ روئڻ لڳي.

مون کي پاڻ شهر جي زندگي ءَ جي خيال اهڙو مونجهو ڪري ڇڏيو هو، جو هن کي دلاسو به نه ڏيئي سگهيس، جيڪڏهن اونهارو هجي ها، ته جيڪر نانيءَ کي چوان ها ته ائين گڏجي هلي پنو ن ها، جيئن ننڍ پڻ ۾ هوءَ پنندي هئي، ۽ پاڻ سان لـُڊملا کي به هڪڙي گاڏڙي ۾ ويهاري ڇڏيون ها، ۽ انهيءَ گاڏڙي کي مان ڪاهيندو هلان ها، پر اونهارو موڪلائي ويو هو، گهٽين ۾ طوفاني هوائون پئي لڳيون، آسمان برفاني ڪڪرن سان سٿيو پيو هو ڌرتيءَ ڄڻ منهن ۾ گهنڊ وجهي ڇڏيو هو، ۽ سندس چهري تي خوفناڪ بي ترسيءَ جا آثار پئي ڏسڻ ۾ آيا.

باب چوٿون

انهيءَ طرح وري شهر ۾ واپس پهتس. جنهن گهر ۾ مونکي رهايو ويو، اهو ٻماڙ ۽ سفيد هو. انهيءَ کي ڏسي مان ائين محسوس ڪندو هوس ڄڻ هڪڙو تابوت آهي، جنهن ۾ سڄي ڪٽنب کي دفن ڪيو ويو هو، گهر نئين هجڻ جي باوجود اهڙو لڳندو هو ڄڻ ڪا بيماري وٺي وئي هجيس، ۽ اهو انهيءَ فقير جي پيٽ وانگر اڀاميل نظر ايندو هو، جنهن کاڌي وڻڻ ڪري پاڻ کي دمي ڇڏيو هجي. اهو گهر سڙڪ وٽ ڪنڊ ٺاهيو بيٺو هوندو هو، ان جي هر هڪ ماڙ کي اٺ دريون هيون پر جيڏانهن جاءِ جي مهڙ هئڻ کپندي هئا، اتي صرف چار دريون هيون. هيٺئين طبق وارين درين جو منهن پٺ واري پڌر ۽ سوڙهي پيچري ڏانهن هو، ۽ مٿئين طبقن وارين درين جو منهن ڌوٻڻ جي جهوپڙي ءَ ۽ برسات جي گهاري ڏانهن هو.

جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ سڙڪ چئجي، اها ته اتي ڪانه هئا، البت گهر جي اڳيان اهو گندو گهارو پئي ويو،جنهن تي ٻن جاين وٽ سنهڙيون پليون ٻڌل هيون، کاٻي پاسي اهو نالو هڪڙي جيل وٽان شروع ٿيو ٿي، ماڻهن ڪچري جا ڍير ان ۾ ائين اڇلائي ڇڏيا هئا، ڄڻ عام گند اڇلڻ جو مرڪز ئي اهو هو، ۽ انهن گند ڪچري جي ڍيرن ڪري گهاري جي رڳو تري ۾ ڪني پاڻي جي سائي ڪسي پئي وهندي هئي، اهڙي ريت اهو گهارو ساڄي پاسي وهندو، هڪڙي بيٺل گندي پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ وڃي ٿي پيو، اسان جو گهر ان گهاري جي بلڪل وچ تي جڙيل هو، ان جي هڪڙي پاسي گپ ۽ چڪ ڀريل ميدان هو جنهن ۾ ڪانڊيرا ۽ ڪانهه اڀريا بيٺا هئا، ۽ ٻئي پاسي پادري پوڪرو سڪيءَ زمين صاف ڪري باغ هڻي ڇڏيو هو ۽ ان ۾ ڪاٺ جي تختن سان اونهاري ۾ آرام لاءِ بيٺڪ بنائي هئائين، ۽ ان کي ٻاهران ڳاڙهو رنگ ڏياري ڇڏيو هئائين، اهي تختا اهڙا ته سنها هوندا هئا، جو زور سان پٿر لڳڻ تي جهري پوندا هئا.

شهر جو هيءُ هنڌ بيحد ڀوائتو ۽ گندو هو، سرءُ جي موسم ۾ اهو ويتر گپ ٿي پيو هو، ۽ ان جي گپ ڳاڙهي کونئر وانگر لڳلڳدار هئي، ۽ هلڻ وقت پيرن کي چنبڙي ٿي پيئي، ان کان اڳ ڪڏهن به ايتري ننڍڙي ٽڪري ۾ اهڙي گپ ۽ گچ ڪانه ڏٺي هيم،صاف سٿرن جهنگلن ۽ ميدانن سان هري مري وڃڻ کان پوءِ ايتري آلاڻ ۽ ڪيچڙ ڏسي مونکي بڇان پيئي وٺندي هئي.

انهيءَگهاري جي پريان ڀڳل ٽٽل ناسي لوڙها لڳل هئا، پري کان مون انهيءَ گهر کي سڃاڻي ورتو، جتي مان جوتن جي دڪان تي دربان جي نوڪري ڪرڻ وقت رهندو هوس، انهيءَ گهر جي ويجهڙائيءَ منهنجي اداسائيءَ ۾ پاڻ اضافو ڪيو.

منهنجي پنهنجي نئين مالڪ ۽ ان جي ڀاءُ سان اڳ ۾ ئي واقفيت هئي، هو منهنجي امڙ سان ملڻ ايندا هئا، ۽ منهنجي مالڪ جي ڀاءُ اتي هڪ ڀيري هڪڙو مسخري وارو راڳ به ڳايو هو، جنهن تي سڀ ڏاڍا کليا هئا، انهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه آيو هو، مالڪ، جنهن جو نڪ ڪنڍيدار ۽ وار وڏا هئا، اهڙو ئي ساڳيو کلمک ۽ مهربان ٿي لڳو، هن جي ننڍي ڀاءُ وڪٽر جو منهن ساڳيءَ ريت گهوڙي جي منهن وانگر ڏٻو ۽ داغن سان ڀريل هو. انهيءَ جي ماءُ نانيءَ جي ڀيڻ گلاخور ۽ بدد ماغ هئي، مالڪ جي زال جو مهانڊو موهيندڙ ۽ چمڙي ميدي مان بنايل مانيءَ وانگر سفيد ۽ اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون. پهرئين ئي ڏينهن مونکي ٻه ڀيرا ٻڌايائين.”مان تنهنجي ماءُ کي زريءَ جي ڪنارين سان وڳو ڏنو هو.“

مون کي ڪنهن سبب جي ڪري، انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هن امڙ کي ڪا سوکڙي ڏني هوندي ۽ امڙ قبول ڪئي هوندي، جڏهن ٻيهر اها ڳالهه دهرايائين، تڏهن چيومانس، ”سو تو هن کي اها ڏني هئي، چڱو – پر انهيءَ ۾ پاڻ ڦنڊائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. “

هن وات پٽي چيو، ”ڇا؟ ڄاڻين ٿو ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟ “

هن جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا ۽ اکيون ٻاهرنڪري آيون. مڙس کي واڪو ڪري سڏ ڪيائين.هي جوان به ڪن ۾ پينسل ۽ هٿ ۾ ڪمپاس کنيو بورچيخاني ۾ اچي وارد ٿيو، زال جي ڳالهه ٻڌائين ۽ مونکي حڪم ڏنائين، ”پنهنجي مالڪياڻيءَ سان ۽ هتان جي هر هڪ ماڻهوءَ سان ادب سان ڳالهائيندو ڪر! ڪنهن به قسم جي گستاخي بند !“ پوءِ زال ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”واهيات ڳالهين ۾ مون کي تنگ نه ڪندي ڪر.“

” واهيات! ڇا ٿو چوين! جيڪڏهن تنهنجا مائٽ –“

”منهنجا مائٽ وڃي جهنم ۾ پون!“ منهنجي مالڪ رڙ ڪئي، ۽ تڪڙو تڪڙو هليو ويو،

مون کي اها ڳالهه تيئن نه وڻندي هئي ته هي نانيءَ جا مائٽ هئا، مون آزمودي مان ڏٺو هو ته مائٽن جي هلت ڌارين کان به بڇڙي هئي، هڪ ٻئي جي عيبن ۽ اوڻاين جي ڄاڻ ڪري هو چرچي ڀوڳ ۾لڪل هڪ ٻئي کي چهنڊڙيون پائي وٺندا هئا، ۽ جهيڙي لاءِ ته اول ئي سندرو ٻڌي ويهندا هئا.

مون کي پنهنجو مالڪ وڻندو هو، هو پنهنجن وارن کي ڏاڍي ٺاهوڪي نموني ڪنڌ ڌوڻي، پٺتي ڪر ي ڪنن ۾اٽڪائي، ڇڏيندو هو، هو گهڻين ڳالهين ۾”نيڪ خيال“ جون سڪون لاهيندو هو، ۽ گهڙيءَ گهڙي دل کولي ٽهڪ ڏيندو هو، هن جي اکين جي جوت ۾ قرب پيو جهاتيون پئيندو هو ۽ هن جو ڪنڍيدار نڪ هن جي گهنجن مٿان ڄڻ آرام پيو ڪندو هو.

”او ڙي، جهنگلي ڪٻريون !” هو پنهنجي ماءُ ۽ زال کي چوندو هو،”ڇا اوهان جي ٽان ٽان بند به ٿيندي يا نه؟ “

هن جا ننڍڙا هڪ ڪرا ڏند کلڻ وقت ڏسڻ ۾ ايندا هئا، سس ۽ ننهن هڪ ٻئي کي سڄو ڏينهن پيون کڙهون هڻنديون هيون، مونکي انهيءَ تي عجب لڳندو هو ته هنن ڪيئن ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري ٿي وڌو،صبح جو ڦڻي ڦوهار ڪرڻ ۽ ڪپڙن بدلائڻ کان اول ئي گهر ۾ ڀاڄ لائي ڏينديون هيون، ڄڻ گهر کي ڪا باهه لڳي ويئي هئي،۽ سڄو ڏينهن مانيءَ واري وقت کان سواءِ اهڙيءَ ريت زوزٽ ۾ پيون هلنديون ڦرنديون هيون، کاڌي جي ڪمري ۾ به جڏهن پيٽن کي ايترو ڏلهنديون هيون جو اندر هڪڙي گرهه جي جاءِ نه بچندي هين، ته پوءِکاڌي بابت آهستي آهستي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻ شروع ڪنديون هيون، ۽ دنگل لاءِ ميدان تيار ڪنديون هيون، سس کڻي ڇا به پچائيندي، ته به ننهن موڙو ڏيئي، ضرور چوندي. ” امڙ ته ائين ڪين پچائيندي هئي. “

”چئبو خراب پڪل هو.“

”انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي.هن جو وڌيڪ سوادي هوندو هو.“

”پوءِ هلي وڃ نه پنهنجي ماءُ ڏي.“

”مان هن گهر جي مالڪياڻي آهيان. “

”۽ مان ڇا آهيان؟“

۽ مالڪ وچ ۾ ٽپي چوندو هو، ”گهڻو ٿيو جهنگلي ڪٻريون ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ چريون ٿي پيون آهيو ڇا؟“



اُن گهر جي هر ڪا چيز بي سبب عجيب ۽کل جهڙي لڳندي هئي. بورچيخاني کان کاڌي جي ڪمري ڏانهن ويندي ننڍڙي سوڙهيءَ جاءِ مان لنگهڻو پوندو هو، گهر ۾ اُها هڪ ئي، ”جاءِ ضرور“ هوندي هئي سماوار ۽ کاڌو به اتان ئي کڻي وڃڻو پوندو هو، انهيءِ ڪري ئي کندڪ ۽ بيزاري شروع ٿي ويندي هئي، منهنجي سمهڻ جو هنڌ هڪڙو ڪوچ هو، جو انهيءَ ’جاءِ ضرور‘ جي دروازي ۽ بورچيخاني جي دروازي جي وچ تي پيو هوندو هو، ڪوچ جا پير ڀت سان لڳو لڳ گهر کان ٻاهر نڪرندڙ کليل در ڏانهن هوندا هئا، انهيءَ ڪري منهنجي مٿي کي بورچيخاني مان تنور جي گرم هوا لڳندي هئي ۽ منهنجي پيرن کي ان بهري منجهان ٿڌي هوا سٽيندي رهندي هئي، سمهڻ وقت پنهنجن پيرن کان جيڪي به فرش تي پيل تڏا ملندا هئم، ويڙهي ڇڏيندو هوس، خاص طرح گهر جي اندريون وڏو ڪمرو بي مزي ۽ اداس لڳندو هو، ان ۾ سادي ڪاٺ جون ٽيبلون ۽ ٻارهن کن وئنا جون نيٽ واريون ڪرسيون پيون هونديون هيون، هڪڙو ٻيو ننڍڙو ڪمرو به هوندو هو جيڪو گهر سينگار جي سامان، شادين جي تحفن، چاندي جي ٿالهين ۽ چانهه جي سامان سان سٿيو پيو هوندو هو. گهر سينگارڻ جي سامان ۾ ٽي هٿراڌو ٻوٽا هئا، جن مان هر هڪ ٻين ٻن کان ميرو ڏسڻ ۾ ايندو هو، هڪڙو درين کان سواءِسمهڻ جو ڪمرو به هو جنهن ۾ تمام وڏا پلنگ، پيتيون ۽ ڪٻٽ پيا هوندا هئا، انهن مان سڪل تماڪ جهڙي بوءِ ايندي هئي، اهي ٽيئي ڪمرا خالي پيا هوندا هئا، سڄو خاندان سدائين کاڌي جي ڪمري ۾ ستو پيو هوندو هو، جتي ايندي ويندي هڪ ٻئي کي پيا ٿيلها ڏيندا هئا، ۽ وڙهندا گرندا هئا.

صبح جي ناشتي کان پوءِ، اٽڪل اٺين بجي، مالڪ ۽ سندس ڀاءُ وڏي ميز ريڙهي آڻي پوري وچ تي رکندو هو ۽ ان تي پنا پينسلون ۽ مس جون ننڍڙيون پياليون رکي، ميز جي ڇيڙن تي بيهي ڪم ۾ رنڀي ويندا هئا، ميز جيڪا سڄو ڪمرو والاريو بيٺي هوندي هئي، ڪجهه ڌڏندي هئي، باغ مان ايندي جي نوڪرياڻي يا مالڪياڻيءَ جو پاسو ميز جي ڪنڊ سان لڳي ويندو هوته وڪٽر دانهن ڪندو هو، ”هتي ٺينگ ڏينديون نه اچو !“

”باسيل !“ مالڪياڻي ڪاوڙ مان مڙس کي چوندي هئي، ”هن کي سمجهائي ڇڏ ته مون سان ايتريون رڙيون نه ڪري. “

”چڱو، پر هتي اچي ميز کي نه ڌوڏينديون ڪريو!“ هو ٿورو نرميءَ سان جواب ڏيندو هو.

”مان ڇا ڪريان؟ مان پيٽ سان آهيان ۽ ڪمري ۾ لنگهڻ جي جاءِ ڪانهي.“

ته پوءِ اسين ويهڻ واري ڪمري ۾ڪم ڪنداسين.“

هوءَ انهيءَ تي تپي ڪرڪڻ لڳندي هئي- ”منهنجا ڌڻي! ويهڻ جي ڪمري کي به ڪم جو ڪمرو بنائيندا !“

انهيءَ وقت سس جو ڪاوڙ ۾ڀريل منهن جيڪو بورچيخاني جي باهه تي لال ٿيل هوندو هو،ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ چوڻ لڳندي هئا، ”ڌٺو هن کي! ضرور توهان جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهي! هنکي ٻيا چار ڪمرا ته ڄڻ پورائي نٿا پون!“

وڪٽر ٽهڪ ڏيڻ لڳندو هو ۽ مالڪ رڙ ڪري چوندو هو، ”هاڻي بس ڪر!“

هوڏانهن نهن پاڻ کي ڪرسي تي ناٽڪي نموني اڇلي، ڪنجهڻ لڳندي هئا-”اڙي مان مران ٿي ! اڙي منهنجو دم ٿو نڪري!”

”الله جي مار پويوَ! منهنجي ڪم کي نه رنڊايو !”مالڪ رڙ ڪندو هو، هن جو چهرو ٿڪ کان پيلو لڳندو هو. ”پاڳل خاني ۽ هتي رهڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي! ۽ مان پاڻ کي اوهان جهنگلي ڪٻرين جي پيٽ پالڻ لاءِ پيو ڳاريان!“

پهريائين مونکي انهن ملاکڙن ڊيڄاري ڇڏيو، خاص طرح هڪڙي ڀيري انهيءَ وقت جڏهن مالڪياڻي ءَ ٽيبل تان ڇرو کڻي پاڻ کي وڏي صفحي ۾بند ڪري ڪلف ڏيئي ڇڏيو ۽ اتي چرين وانگر رڙيون ۽ رانڀاٽ شروع ڪيائين جڏهن ماٺ ٿي ويئي، تڏهن مالڪ، جيڪو در کولڻ ۾ ناڪامياب ٿيو هو، مون کي چوڻ لڳو،”منهنجي ڪلهي تي چڙهي در جو ڪڙو لاهه. “

جيئن ئي مون هن جي پٺي ءَ تي چڙهي در جو شيشو ڀڃي، ڪڙي لاهڻ لاءِ منهن اندر ڪيو ته مالڪياڻيءَ ڇري سان منهنجي مٿي تي رپڙ ڪري وڌو، مون ڪيئن به ڪري ڪڙولاٿو، ۽ مالڪ زور سان زال کي کاڌي جي ڪمري ڏانهن گهلي ويو ۽ گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ هن کان چاقو کسي ورتائين، انهيءَ وچ ۾ مان بورچيخاني ۾ وڃي پنهنجي ڦٽيل مٿي جي سنڀال ڪرڻ لڳس، ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتس ته منهنجي سموري تڪليف اجائي هئي، ڇاڪاڻ ته اها ڇري اهڙي ته مڏي هئي، جو ڊبل روٽي به نه ڪٽي سگهي ها، منهنجو مالڪ جي پٺيءَ تي چڙهڻ به فضول هو، مان ڪنهن ڪرسيءَ تي چڙهي به سولائي سان شيشو ڀڃي سگهان ها ۽ ڪنهن ڊگهين ٻانهن واري ماڻهو لاءِ ته ڪڙو کولڻ پاڻ وڌيڪ سولو هو، انهي ءَ هنگامي کان پوءِ مان وري ڪڏهن به اهڙن نظارن تي نه ڊنس.

ٻيئي ڀائر چرچ جي راڳ واري ٽولي ۾ شامل هوندا هئا، هو ڪم ڪندي ڳائڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، وڏو ڀاءُ شروع ڪندو. ”ڇوڪريءَ جي دل منڊي ۾ هئي جيڪا مون سمنڊ ۾اڇلائي ڇڏي هئي،!“ ۽ ننڍو ڀاءُ وراڻي ڏيندس، ”۽ انهيءَ منڊيءَ سان مون هن جي خوشي هن ڌرتي تي چٽ ڪر ي ڇڏي!“

ٻار جي ڪمري مان مالڪياڻي ءَ جو چڙ ڀريو آواز ايندو هو – ” توهان جو مغز ته ٺيڪ آهي؟ ٻار اڃان هاڻي سمهيو آهي!“ يا ”باسيل، تون پرڻيل ٿي ڪري به اهڙا راڳ ٿو ڳائين، ڄاڻ ٿو عبادت جو گهنڊ وڄي، اتي وڃي ڪي ثواب جا راڳ ڳائجو!“

”ايتو ٽيڪو ڇا تي مچايو اٿئي؟ هي ته چر چ جي گيت جو سر آهي.“

انهيءَ تي مالڪياڻي جواب ڏيندي هئي ته ”چرچ جا گيت جهڙي تهڙي هنڌ ڳائي نٿا سگهجن!“

”اسان کي ضرور هتان ٽپڙ ويڙهڻا پوندا، نه ته خبر ناهي اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ “

مالڪ ٽي سال ساندهه، انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ائين ئي ڪندو رهيو جيئن تقريباً هر روز هو ميز کي بدلائڻ جو ذڪر ڪندو هو.

جڏهن منهنجن مالڪن وٽ ٻين جو ذڪر نڪرندو هو،ته مونکي جوتن جو دڪان ياد اچي ويندو هو،جتي به اهڙي قسم جون ڳالهيون نڪرنديون هيون هتي هي به سڄي شهر ۾ پنهنجو مٽ ۽ ثاني ڪنهن کي به نه سمجهندا هئا، اخلاق جا قاعدا قانون ته کين اصل زيرين زبرن سان ياد هئا، هو انهن قاعدن قانونن تي جن کان مون کي منجهه ٿيندي هئي، ماڻهن کي پرکيندا هئا، ۽ انهن خلاف بڇڙيون بڇڙيون فتوائون ڏيندا هئا، پاڻ کي ڇڏي، ٻين تي اهڙين فتوائن صادر ڪرڻ ڪري منهنجي دل ۾ پنهنجن مالڪن تي چڙ ۽ ڪاوڙ هوندي هئي ۽ انهن جي اخلا قي اصولن کي ڀڃڻ مان مون کي خوشي ٿيندي هئي.

مون کي اتي ڏاڍو گهڻو ڪم ۽ گهرو نوڪر جا سڀ فرض پورا ڪرڻا پوندا هئا، اربع جي ڏينهن بورچيخاني کي ٻهارڻ، فرش کي پوچي گهمائي سماور ۽ ٿانو صاف ڪرڻا پوندا هئم. ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ٻين ڪمرن ۽ ٻن ڏاڪڻين کي ڌوئيندو هوس، ڪاٺيون ڏاريندو به هوس ۽ اندر به ڪندو هوس، ڀاڄيون صاف به ڪندو هوس، ۽ وڍيندو به هوس، مالڪياڻي سان ٽوڪري کڻائي بازار به ويندو هوس ۽ هن هـُن ڪم سان سيڌي وارن ٻين دڪانن تي به وڃڻو پوندو هوم.

پر ڪم جي خيال کان منهنجي اصل مالڪياڻي ڄڻ نانيءَ جي واتوڙي ۽ ڪاوڙيل پوڙهي ڀيڻ هئي، هوءَ صبح جو ڇهين بجي اٿندي هئي، جلدي جلدي هٿ منهن ڌوئي گنجي ۾ ئي يسوع مسيح کي پنهنجي آزين ۽ شڪايتن سان، جي پنهنجي پٽن ۽ ننهن بابت هن کي هونديون هيون، تنگ ڪرڻ لاءِسندس مجسمي جي اڳيان وڃي بيهندي هئي. ”مالڪ!“ هوءَ پنهنجيون ٻه ڏسڻيون آڱريون ۽ آڱوٺا لوندڙيءَ تي رکي روئڻهارڪي آواز ۾ چوندي هئي ”مان توکان ڪجهه نٿي گهران، مون کي ڪجهه نه گهرجي، صرف ٿورو آرام، ٿورو سک عطا ڪر، تنهنجي طاقت جي اڳيان ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“

هن جي سڏڪن تي مان جاڳي پوندو هوس، ننڍاکڙو، پنهنجي بلئنڪيٽ هيٺان هن ڏانهن نهارڻ لڳندو هوس، ۽ هن جون جوش ڀريل دعائون ٻڌي ٿورو خوف محسوس ڪندو هوس، مينهن ڌوتل درين جي شيشن مان سرءُ جو صبح جهڪو ڏسڻ ۾ ايندو هو، اڌ رات جو سرديءَ ۾ هن جي اونداهي شڪل فرش تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين پيئي ڦرندي هئي ۽ سندس ٻئي هٿ ڀوائتي نموني پيا لڏندا هئا، هن جا ڇڊڙا وار رومال مان کسڪي، هن جي ڪنڌ ۽ ڪلهن تي اچي پوندا هئا، هوءَ رومال کي پنهنجي کاٻي هٿ سان مٿي تي ٺاهي به رکندي هئي ۽ ڪاوڙ ۾ چوندي به هئي، مصيبت آهي! پنهنجي مٿي کي ڌڪ هڻي ڇاتي ۽ پٺي ڪٽي، التجا ڪرڻ لڳندي هئي،-“او ڌڻ ! منهنجي ڏکن جو حساب منهنجي ننهن کان وٺ. جيڪي مونکي گهٽ وڌ ڳالهايو اٿائين ان لاءِ ڪا سيکت ڏينس. ۽ منهنجي پٽ وڪٽر جون اکيون کول، او ڌڻي، وڪٽر جي مدد ڪر، هن تي پنهنجي ٻاجهه ڪر.“

وڪٽر بورچيخاني ۾ سمهندو هو، ماءُ جو روڄ ٻڌي چوندو هو، وري ننهن کي پٽڻ شروع ڪيو اٿئي؟ ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه آهي.

”چڱو ٿيو، تون ننڊ ڪر! پوڙهي ڏوهاريءَ وانگر ڀڻڪندي چوندي هڻي، پر گهڙي سواءِ جي ماٺ کان پوءِ هوءَ پنهنجي دعا جا خاتمي وارا جملا چوندي هئي، ”شل انهن جا هڏا چور ٿين، شل انهن کي مٿي لڪائڻ لاءِ اجهو نه ملي! او منهنجا مالڪ!“ ناني جو ن دعائون به اهڙيون خوفناڪ هونديون هيون جهڙيون هن جون هونديون هيون.

دعائون پوريون ڪري هوءَ اچي مون کي اٿاريندي هئي، ”اٿي ڙي، اٿي! جيڪڏهن صبح جو سوير نه اٿندين ته حياتي ۾ ڇاڪندين؟ سماور رک ڪاٺيون کڻو، آءُ رات جو ڪجهه ڏاري ڇڏيو اٿئي يا نه؟ “

مان هن جي گجي وهندڙ ڪنجهه ڪنجهه ٻڌڻ کان نٽائڻ لاءِ سمورو ڪم جهٽ پٽ ڪري وٺندو هوس پر هوءَ راضي ٿيڻ جي ئي نه هئي، بورچيخاني ۾مون تي دڙڪن ۽ دهمانن جو ڌوڙهيو لڳائي ڇڏيندي هئي، اڙي شيطان، ٿورو هوريان جيڪڏهن وڪٽر کي جاڳايئه ته ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي سانءِ. ”جهٽ ڪر ڊبل روٽين جي دڪان ڏانهن ڀڄ !“

هر روز مالڪياڻي لاءِ ٻه پائونڊ سفيد ماني ۽ ڪجهه رول خريد ڪري ايندو هوس، جڏهن مان پڙو کڻي ايندو هوس، ته ٻيئي، عورتون ان کي شڪي نگاهن سان ڏسنديون هيون ۽ پنهنجي هٿن تي توري چونديون هيون. ”ڇا، دڪان واري رونگ نه ڏني؟ نه؟ وات پٽ!“ ۽ فاتحانه نموني واڪو ڪنديون هيون، ”ڏس ! هن جي ڏندن ۾ ذرڙا پيا آهن، جيڪا هن رونگ ڏني هئي سا سموري پاڻ ڳڙڪائي ويو آهي،باسيل ڏسين ٿو!“

مان ڪم چاهه سان ڪندو هوس. گهر مان مٽي صاف ڪرڻ ۾ مون کي مزو ايندو هو، تنهن ڪر ي فرش جي پوچي ٿانون جو ڌوئڻ ۽ درن جي بولٽن جي پالش چڱيءَ طرح ڪندو هوس، وقتي وقتي جڏهن گهر ۾ سانت ۽ صلح هوندو هو، تڏهن عورتن کي پاڻ بابت چوندي ٻڌندو هوس، ”ڪم چور ناهي.صاف سٿرو به آهي ”پر بيهودو آهي“ – ”پر امان هن جي پرورش ڪٿي ٿي آهي!“

ٻنهي مون کي اها ڳالهه سيکارڻ شروع ڪئي ته مان هنن جي عزت ڪريان پر هنن جي لاءِ منهنجي دل ۾ ڪڏهن به عزت پيدا نه ٿي، ڇاڪاڻ ته مان انهن کي ڪم عقل سمجهندو هوس، هو مون کي وڻنديون ئي، نه هيون تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي ٻجهي هنن جو چيو نه وٺندو هوس، ۽ کتا جواب ٻڌائيندو هو مان. مالڪياڻي جڏهن ڏسندي هئي ته هن جا واعظ اجا يا ٿي ويا تڏهن گهڙي گهڙي مون کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ چوندي هئي ”توکي ياد رکڻ گهرجي ته تون ڪهڙي سڃي گهر جو ڇوڪر آهين، مان تنهنجي ماءُ کي ريشمي وڳو زريءِ جي ڪناري سان ڏنو هو.“

تنهن تي هڪڙي ڏينهن چيومانس،”انهيءَ جي عيوض توکي منهنجي کل کپي ڇا؟“

خدا جي پناهه. هن جو ش مان رڙ ڪئي، ”اڙي هي ته گهر کي باهه ڏيئي، ڇڏيندو!.“

انهيءَ رڙ منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون، هن منهنجي لاءِ اهڙي ڳالهه ڇو چئي؟“

انهيءَ واقعي کان پوءِ ٻنهي عورتن مالڪ کي وڃي منهنجي دانهن ڏني ۽ هن مون کي سخت ڳالهايو،-” ڇوڪرا قدم سنڀالي کڻ!. مگر ٻئي ڀيري پنهنجي ماءُ ۽ زال کي ڇيڀيندي چيائين. ”توهين به ٻيئي ڪهڙيون نه بيقدريون آهيو ”ڇوڪرو گهوڙو آهي ڇا، جو هن کي ائين پيون وهايو؟ ٻيو هجي ها ته ڪڏهوڪو ٽپڙ ٻڌي هليو وڃي ها،پر اوهين ان کان اڳي هن کي جيئرو به ڇڏيو ها؟“

اهو هن جو چوڻ هنن کي ڪنڊو ٿي لڳو، ٻيئي دانهو ن ڪرڻ لڳيون، هن جي زال آپي کان ٻاهر نڪري مڙس کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي، ڊگهن وارن وارا بيوقوف!توکي ايترو به عقل ڪونهي، تون اهڙيون ڳالهيون هن جي سامهون چئي رهيو آهين هاڻي هو منهنجي چئي ۾ڪيئن رهندو؟ ”خاص طرح منهجي ههڙي حال ۾؟“

هن جي ماءُ غمگين ٿي چيو.”باسيل الله توکي معاف ڪري، پر مان توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته تون ڇوڪري کي پر ڪارن مان ڪڍي رهيو آهين.

جڏهن هو گجي ۽ گڦ ڪڍنديون ٻاهر هليون ويون، ته مالڪ خار مان چيو ”ڏسين ٿو شيطان، مان تنهنجي ڪري ڪهڙي ڏچي ۾ پئجي ٿو وڃان. جي اهي حال اٿئي، ته جلدي ناني وٽ وڃي ٿڳڙيون ميڙيندين.

اهڙي گهٽتائي منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي، ۽مون جواب ڏنس، مان ٿڳڙيون ميڙڻ ۾ چڱو هوس، مون کي تو وٽ ڪم سکڻ لاءِ آندو ويو هو، پر تو مونکي ڪهڙي سکيا ڏني آهي؟ جوٺا ٿانو صاف ڪرڻ؟ “

مون کي وڌي اچي ڄنڊن کان جهليائين، پر هن ۾ ڪاوڙ نه هئي، منهنجي اکين ۾ سڌو نهاريندي عجب ڀرئي لهجي ۾ چيائين، ”چئبو تون بغاوتي آهين، هان؟ پر منهنجا پٽ، ائين مون سان ڪين هلي سگهندين.نه سائي ن، نه!

مون سمجهيو ته منهنجو تڏو هاڻي گول آهي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو بورچيخاني ۾ آيو، هن جي هٿ ۾ ڊرائنگ جا ڪاغذ – پينسل رول پلڪار ۽ فوٽ پٽي هئي، من کي چيائين، ”جڏهن ڇريون صاف ڪر ي ڇڏين ته هي ويهي اتارجانءِ. ۽ مون کي هڪڙي ٻماڙ جاءِ جي اڳياڙي واري خاڪي جنهن ۾درين وارا هنڌ خالي هئا ۽ ان تي عجيب نقش نگار ڪيل هئا، ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، اچي هيءَ ڪمپاس اٿئي، جتي ليڪون ختم ٿين اتي ٻڙين جا نشان ڪڍجانءِ، جي سڌيون وڃن ۽ پوءِ اهي ليڪون ڪڍجانءِ جي ڦڏيون هجن چڱو هاڻي ڪم شروع ڪر. “

مون کي ههڙي صاف سٿري ڪم ملڻ تي سرهائي ٿي. انهيءَ هوندي به ڪاغذ ۽ڪمپاس کي ڏسي وائڙو ٿي ويس، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪم آڻڻ جي ڄاڻ ڪانه هيم، مان هٿ ڌوئي ڪم ۾ جنبي ويس، مون سڀئي، سڌيون ليڪون نقل ڪري اصل سان ڀيٽي ڏٺيون ته ٺيڪ هيون پر ٽي البت بيڪار هيون. ڦڏين ليڪن پائڻ کان پوءِ جڏهن ڏٺم جاءِ جو منهن ئي ڦري ٻئي پاسي تي ٿي ويو آهي، ته ڏاڍو اچرج ۾ پئجي ويس، جڏهن ان جون دريون نقل ڪيم، تڏهن ڏٺم ته هڪڙي دري چوکٽ ڇڏي هوا ۾ لڏي رهي آهي جاءِ ۾داخل ٿيڻ وارا ڏاڪا ٻيءَ ماڙ ڏانهن سرڪي ويا هئا، جاءِ جي ڇت جي هڪ ڪنڊ ۽ پاڻي جي نيڪال واري نالي پنهنجو پاسو ڇڏيو، نالي چمنيءَ جي مٿان ۽ڪنڊ ڇت جي وچ ۾ مٿان منهن ڪڍيو بيٺي هئي.

مان مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪي، پنهنجن ايترين سارين غلطين جو سبب معلوم ڪرڻ لڳس، جڏهن پتو نه پيم ته اٽڪل جا ڌڪا هڻڻ لڳس،مون جاءِ جي مهاڙ ۽ ڇت جي چوٽيءَ ۽ ڪنگرن تي ڪانون ڳيرن ۽ جهرڪين جون شڪليون ڪڍي ڇڏيون.۽ درين جي ڀرسان گهٽيءَ ۾ منڊن ٽنڊن واٽهڙن جون تصويرون بنايون، جي ڇٽيون کنيو پئي ويا، پر انهن مان به هنن جا بيڊولا عضوا ظاهر پئي ٿيا، پوءِ مون سڄي پني تي رول سان پاسيريون تصويرون ڪڍي پنو مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو.

هن پنهنجي وارن کي پٺتي ڪيو ۽ هن جون اکيون عجب ۾ پٽجي ويون،تُرشيءَ سان مون کان پڇيائين، ”هي سڀ ڇا هي؟“

”مينهن ٿو وسي. .. پاسيرو ٿو وسي، تنهن ڪري گهر به پاسيرو ٿو لڳي، ”پکين لاءِچيومانس، ”اهي پکي آهن مينهن کان بچڻ لاءِ اتي اچي ويٺا آهن. مينهن ۾ گهڻو ڪري اهي ائين ڪندا آهن ۽ هي ماڻهو پنهجن گهرن ڏانهن ڀڄندا پيا وڃن هيءَ جيڪا عورت آهي اها ويچاري ترڪي پئي هئي، ۽ هي گهورڙيو ليمان ٿو وڪڻي. “

”تنهنجي سمجهاڻي جي وڏي مهر باني.“ مالڪ چيو: پوءِ ايترو ته هيٺ جهڪيو جو هن جا وار ڪاغذکي ڇهڻ لڳا، ۽ ٽهڪ ڏيندي، رڙڪيائين. ”اڙي ڍڳا تنهنجا ته ٽڪر ٽڪر ڪري ٻاهر ڦٽا ڪجن، تنهنجي ته وٺي ڪري...“

مالڪياڻي اندر آئي ۽ تصوير کي ڏسندي مڙس کي چيائين، ”موچڙا ڏينس!“

پر مالڪ نرمي ءَ سان جواب ڏنس.”شاگرديءَ جي زماني ۾ منهنجا پڻ اهڙا افعال هئا.“ منهنجي تصوير تي ڳاڙهي پينسل سان منڌيئڙي جو نشان ڪڍندي مون کي ڪجهه ٻيا پنا ڏنائين، وري ڪوشش ڪر !“

”منهنجي ٻي ڪوشش وڌيڪ ڪارگرثابت ٿي. رڳو دري ڦري دروازي واري هنڌ اچي وئي، مون کي سکڻي جاءِ ڪين ٿي وڻي سو ان ۾ مسواڙي ويهاري ڇڏيم، جن مان جي عورتون درين مان منهن ڪڍي پکا هڻي رهيون هيون ۽ انهن جا عاشق انهن ڪي سامهون سگريٽ ڇڪي رهيا هئا، انهن ۾هڪڙو اهڙو ماڻهو هو جيڪو سگريٽ نه ڇڪندو هو، تنهن ڪري هو ٻين تي ڪاوڙجي رهيو هو، مون هڪڙو گاڏي وارو دروازي جي ويجهو بنايو، جنهن جي پيرن وٽ ڪتي پئي ليٿڙيون کاڌيون.

”منهنجي مالڪ پڇيو. ”وري هي لينگها ڇا جا آهن؟“

جڏهن مون کيس سکڻي گهر بابت پنهنجن جذبن کان واقف ڪيو ته هن خار مان چيو.”کڏ ۾ پون تنهنجيون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون، جيڪڏهن سکڻ تي دل اٿئي ته دل سان ڪم ڪر، هيءَ سڀ بڪواس آهي. “

آخر جڏهن مان هن جي نقل جي ڪم ۾ گهڻي قدر ڪامياب ٿي ويس ته اهوڏسي هو خوش ٿيو،- ”ڏس تون ڇانه ٿوڪري سگهين ! هاڻي اهو سڀ توتي مدار ٿو رکي چڱو، هاڻي ڌيان ڏي.“

پوءِ مون کي سمجهائڻ لڳو –” هن گهر جو نقشو ڪڍ، جنهن ۾ ڪمرن جي بيهڪ ۽ درن ۽ درين وغيره جا هنڌ صاف صاف ڄاڻاءِ مان توکي ڪجهه به نه ٻڌائيندس،تون پاڻ ڪوشش ڪر.“

مان پنا وٺي بورچيخاني ۾ ويس ۽ انهن تي مٿا ڪٽ ڪرڻ لڳس ته ڪهڙي ريت ڪم سرانجام ڏجي؟ پر بلڪل اتي ئي منهنجي نقشن ڪڍڻ جي تعليم پوري ٿي ويئي، مالڪ جي ماءُ ڪاوڙ ۾ ڪوڪٽ ڪندي ۽ ڪاريهر وانگر ڦوڪارا ڏيندي چيو، ”هاڻي تون نقشا ويٺو ڪڍين. ڄنڊن کان جهلي اهڙو زور سان منهنجو مٿو ميز سان هنيائين جو نڪ ۽ چپ رهڙجي پيم، پنا کڻي ٽڪر ٽڪري ڪري ڦٽا ڪيائين،ڊرائنگ جو سامان جهٽ هڻي کسي ورتائين. ڍاڪن تي هٿ رکي فاتحانه انداز ۾ چوڻ لڳي، ”ڪير اهڙي ڳالهه سهي سگهندو؟ ٻين کي ڪم پيو سيکاري ۽ پنهنجو هڏ ۽ رت، سڳو ڀاءُ ڪم لاءِ وتي پيو ٿاٻا کائيندو“.

منهنجو مالڪ ڊوڙندو آيو. هن جي پٺيان هن جي زال هڪي ٻڪي هلي آئي ۽ پوءِڌڪڙ تي اٽو لڳو ٽنهي پئي هڪ ٻئي تي چيٽو ن ۽ واڪا ڪيا، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ٿڪون پئي اڇلايائون. آخر رنن روئڻ شروع ڪيو ۽ مالڪ مون کي چوڻ لڳو، ڪجهه ڏينهن لاءِ ماٺ ڪر ڏسين ٿو ته اسان ۾ڪهڙو نه رڳڙو پيدا ٿي ويو آهي.“

مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي، رنن جي رڙين ۽ روڄ ويچاري غريب جا ڪن ٻوڙا ۽ ماشا خطا ڪري ڇڏيا هئا.

مونکي انهيءَ جو اول ئي پتو پيو هو ته ٻڍي رن منهنجي تعليم ۽ تربيت ۾ ارهي آهي، ۽ انهيءَ کي روڪڻ لاءِ ويهن ئي ننهن جو زور پيئي ڏئي، تنهن ڪري نقشي تي ويهڻ کان اول هن کان هميشه پڇندو هوس، ”منهنجي لاءِ ڪو ڪم آهي؟“ هوءَ گهنڊ وجهي جواب ڏيندي هئي، ”جڏهن ٿيندو تڏهن توکي ٻڌائينديس ۽ ٿورن منٽن کان پوءِ منهنجي لاءِ ڪو نه ڪو ڪم ڳولي وٺندي هئي،يا چوندي هئي، تو اڄ ڏاڪڻ ڪهڙي نه سٺي صاف ڪئي آهي، پر اڃا به ڪنڊن ۾ گند پيوآهي، وڃ وڃي پهرين ان کي صاف ڪر.“

مان وڃي ڏسندو هوس ته گند جو زرو به ڪونه هوندو هو، تنهن تي هو رڙ ڪري چوندي هئي. ”توکي اها مجال ڪٿان ٿي جو مون کي ٿو ڪوڙو ڪرين.“

هوءَ منهنجي نقشن کي گندو ڪري ڇڏيندي هئي، هڪڙي ڀيري ٻوڙ جو رس ۽ ٻئي ڀيري مجسمي واري بتيءَ وارو تيل انهن تي هاري ڇڏيائين، پوءِ جيڪي به حرڪتون ڪندي هڻي سي ٻاراڻيون هونديون هيون ۽ اهي ٻاراڻي نموني رٿيل هونديون هيون ۽ انهن کي ٻاراڻيون نموني لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، مون به ٻيو اهڙو ماڻهو ڪونه ڏٺو هو آهي، جيڪو هلڪڙين هلڪڙين ڳالهين تي ايترو پاڻي مان نڪري ويندو هجي ۽ جنهن کي پنهنجي شڪايتن مان ايتري خوشي حاصل ٿيندي هجي، ٻين جي شڪايت عام عيب آهي، پر هو ڳالهه اهڙي ڍنگ سان ڪندي هئي، ڄڻ ته گيت جهونگاري رهي آهي.

هن کي پنهنجي پٽ وڪٽر سان چريائپ تائين پيار هو. مون کي ان تي گهڻو ڪر ي کل ايندي هئي، پر جڏهن ان جي اظهار ڪرڻ ويل وڦلڻ لڳندي هئي ته مون کي خوف وٺي ويندو هو، بعضي بعضي صبح جي عبادت کان پوءِ تنور جي ڪنارن تي بيهي پنهنجون ٺوٺيون ستل پٽ جي پلنگ جي مٿي واري ڪاٺ تي رکي تپ ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ڪڻڪڻ شروع ڪندي هئي، -“ منهنجا بختاور ! منهنجا ديوتا منهنجي رت جا قطرا ..... سچا موتي – نوراني فرشتا ..... ننڊ ڪر. ٻارڙا ننڊ ڪر ۽ اهڙي سهڻي ڪنوار جا خواب لهه، جيڪا سڀني کان سونهن ۾ سرس هجي ..... ڪا شهزادي يا ڪروڙ پتيءَ جي ڌيءَ هجي! تنهنجا ويري شل ڄمندي مرن! تنهنجا سڄڻ شل ويجهن وڌن، هزار سال رهن! شل ڇوڪريون تنهنجي پٺيان ڦرنديون وتن. ائين ولر ڪيو وتن جيئن ڪڪڙ پٺيان ڪڪڙيون.“

اها ڳالهه مون کي کل ۽ چريائپ جهڙي محسوس ٿيندي هئي.

وڪٽر واهيات ۽ رولو هو. هن جي نڪ ۽ ڪاٺڪٽي جي چهنب ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڪين هو ۽ ان وانگر ئي هو وڏائي خور هو، جيڪڏهن هو ماءُ جي دعائن تي جاڳي پوندو هو، ته ننڊاکڙي آواز سان چوندو هو، ” شل خدا جي مار پوئي، امان! منهنجي منهن ۾ انهيءَ ڳڙ ڳڙ ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ توسان گڏ رهڻ به جٺ آهي. “

انهيءَ تي هوءَ کلندي کسڪي ويندي هئي- ”سمهه، سمهه ! منهنجا جوان پٽ!“

۽ ٻين وقتن تي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪرڻ تي آهي. هن جا پير تنور جي ڀرسان ٿڙڻ ۽ ٿڙڪڻ لڳندا هئي، ۽ اهڙي ريت سهڪي ڄڻ هن جي زبان کي باهه لڳي ويئي آهي، چوڻ لڳندي هئا، هان؟ تون پنهنجي ماءُ کي خدا جي مار ٿو وجهين؟ حيف آهي توتي! ذليل،تو منهنجو جيءُ ئي جلائي ڇڏيو آهي، شايد تنهنجي ڄمڻ ويل شيطان اچي مون ۾واسو ڪيو هو جيئن اڳتي هلي ڪٿي تباهه ٿي وڃين!“

پوءِ هن جي وات مان اهڙين ته گندين گارين جا واهه وهي نڪرندا هئا، جن جو ٻڌڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو.

هن کي رات جو پوري ننڊ نه ايندي هئي، رات جو ڪيترائي ڀيرا تنور جي ڇت تان بي آراميءَ سان هيٺ ٽپو ڏيئي اچي مون کي جاڳائيندي هئي.

”ڇاهي؟“

”چپ !“

۽ اونداهه ۾ ڪنهن شيءَ ڏانهن گهوريندي، پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي هوريان چوندي هئي، ”او ڌڻي. او حضرت الياس،او شهر بار برا مون کي اوچتي موت کان پناه ڏي !“

پوءِ ڏڪندڙ هٿن سان بتي ٻاريندي هئي، هن جو وڏي نڪ وارو منهن سڄيل ۽گهٻرايل ڏسڻ ۾ ايندو هو، ۽ هن جون شيريون اکيون گهرجي شين کي، جي موم بتي جي روشنيءَ ۾ اوپريون پيون لڳنديون هيون گهورڻ لڳنديون هيون.

هنن جو بورچيخانو پيتين ۽ ڪٻٽن جي ڪري ننڍڙو لڳندو هو، چانڊاڻ ان ۾ڪاٺ ڪيو اندر هلي ايندي هئي، ان ۾ رکيل مجسمي جي ڏئي جي لاٽ مرندڙ ساهه وانگر پيئي ٽمڪندي هئي. ڀت تي ٽنگيل ڇريون ۽ڪانٽا برف جي لارن وانگر چمڪڻ لڳندا هئا، ۽ پٽ تي پيل ڪاريون تيون اکين بنان منهن وانگر لڳنديون هيون.

ڪڏهن ڪڏهن ٻڍي تنور جي ڇت تان پير اهڙيءَ ريت هيٺ رکندي هئي ڄڻ ته ڪناري تان هيٺ نديءَ ۾ لهي رهي آهي، ۽ پيرن اگهاڙي هلندي ڪنڊ ۾ پيل گهڙا منجيءَ وٽ اچي پهچندي هئي، ان تي وڏي منهن وارو هڪڙو گهڙو پيو هوندو هو جنهن کي ڏسي مونکي جسم کان جدا ڪيل مٿي جو خيال ايندو هو. ٻيو پاڻي سان ڀريل گهڙو پٽ تي پيو هوندو هو. هوءَ اتان پاڻي ڀري سهڪندي ۽ ساهيون کڻندي پيئندي هئي، پوءِ دري ءَ جي شيشي تي ڄميل نيري پاري مان ٻاهر نهارڻ شروع ڪندي هئي، ۽ هوريان دعا گهرڻ لڳندي هئي –

”رحم. منهنجا مالڪ رحم !“

پوءِ بتي وسائي گوڏن تي ويهي عجيب نموني مڻڪندي هئي - ”منهنجا خاوندنه ڪنهن کي مون سان پيار آهي،نه ڪنهن کي منهنجي ضرورت آهي؟

وري تنور تي چڙهي چمنيءَ جي پڙ کي کولي ڏسڻ لڳندي هئي، ته هوا واري نلڪي پري هنڌ تي آهي يا نه. ائين ڪندي هن جي هٿن کي ڪاراڻ لڳي ويندي هئي، پوءِ ٺهه پهه ائين سمهي پوندي هئي، ڄڻ ڪنهن غيبي هٿ وٺي سمهاري ڇڏيو هوس، جڏهن مون کي هن تي چڙ ايندي هئي، تڏهن چوندو هئس، ”ڪهڙي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو ناني هن ٻڍي سان شادي نه ڪئي، هنن ٻنهي جي ڪهڙي نه حياتي گذري ها!“ ور ور ڪري هن مونکي بيحد تنگ ڪيو پر اهڙا ڏينهن به ايندا هئا جڏهن هن جي ڦوڪيل منهن کي غم وڪوڙي ويندو هو،هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا، ۽ هوءَ ڏک ڀرئي لهجي ۾ چوندي هئي. ” تون سمجهندو هوندين مون زندگي مزي ۾گهاري آهي؟ مون ٻارن کي ڄڻيو پاليو ۽ انهن کي کٽڻ ڪمائڻ لائق بنايم، پر ڇا جي لاءِ؟ انهيءَلاءِ ته انهن جي نوڪرياڻي ٿيان. سمجهين ٿو انهيءَ ۾ مون کي راحت ٿي ملي؟ منهنجي پٽ ڌارين مان شادي ڪئي، ڇا اها مون کي سک ڏئي ٿي؟ هان؟“

”نه“ مون جواب ڏنو.

”ڏس اهو حال آهي؟“

پوءِ هوءَ پنهنجي ننهن کي گنديون گاريون ڏيڻ لڳي، -”هڪڙي ڀيري مان هن سان گڏ غسلخاني ڏانهن وئي هيس،مون هن کي چڱي طرح ڏٺو، هن ۾ ته ڪو اهڙو لعل هو ئي ڪونه، جنهن تي فخر ڪجي. هن کي سهڻي ڪير چوندو؟“

هوءَ هميشه زال مڙس جي تعلقات جو ذڪر گندي نموني ڪندي هئي. پهريان ته ان ڳالهه مونکي منجهائي ڇڏيو هو پر جڏهن انهيءَ تي هري ويس تڏهن ان کي ڪجهه ڌيان سان ٻڌڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته محسوس ڪندو هوس ته ان ۾ ڪاتلخ حقيقت هوندي-”عورت کي وڏي طاقت آهي،هن خدا کي به نه ڇڏيو، ڇا اها حقيقت ناهي؟ “ هوءَ ٽيبل تي مڪ هڻي ڏند ٽيڙڻ لڳي، حوا جي ڪري ئي اسان سڀني کي دوزخ نصيب ٿيو. ڇا، اهو ڪوڙ آهي؟“

هوءَ جڏهن عورت جي طاقت جو ذڪر ڪندي هئي، ته بس ئي نه ايندي هيس.مون تي اهو اثر ويٺل هو ته هوءَ ڪنهن ٻئي کي ٻڌائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي نيت سان ائين ڪري رهي آهي، هنجو اهو جملو ته ”حوا خداکي به رکائي وئي!“ خاص طرح مونکي ياد ٿي ويو هو.

هڪڙيءَ جاءِ جو پاسو اسان جي اڱڻ سان لڳو لڳ پو هو، ان جي اٺن طبقن مان چئن ۾ فوجي آفيسر رهندا هئا ۽ پنجين ۾ملٽري جا پادري نوڪرن ۽ خادمن سان انهيءَ جا ءِ جو اڱڻ ڀريو پيو هوندو هو ڌو ٻياڻيو ن نوڪراڻيون ۽ بورچياڻيون انهن جي پٺيان پيون ڦيريون پائينديون هيون، هر ڪنهن رڌڻي ۾ محبت جا ڊراما هلندا هئا، جن ۾ ڳوڙها، جهيڙا طعنا ۽ ڏوراپا سمايل هوندا هئا، اتي سپاهين جو سپاهين سان، سپاهين جو ٻين ڪمن وارن سان ۽ ڪمن وارن جو پنهنجو پاڻ ۾ دنگل لڳو پيو هوندو هو، ۽ عورتن تي هميشه مار ۽ موچڙو پيو وسندو هو.

اڱڻ ۾هميشه خرابين ۽ بڇڙاين جون ڳالهيون پيون هلنديون هيون. مست جوانن جون خواهشون هتي پوريون ٿينديون هيون، وحشيانه شهوت پرستي، جاهلانه ظلم ۽ گندي ٻٽاڪ جا تماشا اتي عام جام هوندا هئا، منهنجي مالڪن جي گهر ۾ماني ءَ کائڻ ويل انهن جو ذڪر ذري پرزي ٿيندو هو، ٻين جي تڪليفن تي گد گد ٿي. ٻڍي مالڪڻ اڱڻ ۾ ٿيل سڀني دردناڪ حادثن جو احوال وڏي شوق ۽ چاهه مان ور ور ڪر ي ٻڌائيندي هئي، ننڍي مالڪياڻي ڳالهين ٻڌڻ ۾گم ٿي ويندي هئي ۽ خوشيءَ جي مرڪ هن جي چپن تي پکڙجي ويندي هئي، وڪٽر دل کولي ٽهڪ ڏيندو هو، پر مالڪ منهن ۾ گهنج وجهي چوندو هو، ”امان هاڻي انهيءَ قصي کي ختم به ڪر !“

”يا خدا! هاڻي مون کي ڳالهائڻ جي به اجازت ڪانهي!“ هوءَ شڪايتي لهجي ۾ چوندي هئي.

”امان هلندي هل ڪير ٿو توکي جهلي؟ هتي ته اسين سڀ تنهنجا ٻچا آهيون. ڇا، ڪوڙ آ؟ “ وڪٽر ماءُ کي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ همٿائيندي چوندو هو.

مالڪ پوءِ هنن وٽان اٿي ويندو هو، هن کي پنهنجي ماءُ تي رحم به ايندو هو ۽ان کان نفرت به ٿيندي هئي، هوءَ جڏهن هن وٽ ايندي هئي ته يا ته جوڻس جي شڪايتن جا ڀنڊار کولي ويهندي هئي يا پئسن لاءِ منٿون ڪرڻ شروع ڪندي هئي، هو جلد ئي روبل جو نوٽ يا چانديءَ جو سڪو هن جي تريءَ تي رکي چوندو هو، ”ڏيانءِ ته نه پر وٺ. توکي ڏيندي ڪرڪان نٿو، پر اها چڱي ڳالهه ناهي. “

”مان چرچ ڏانهن وڃي رهي آهيان. مون کي خيرات ۽ موم بتين لاءِ گهرجي.“

”ڪوبه خير ڪونه ٿي ڏين. تون وڪٽر کي ڏيئي، هن جا ٻيئي جهان ٿي وڃائين.“

”تو کي پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪوبه قرب ڪونهي، ۽ اهوئي تنهنجو وڏو گناهه آهي.“

ان تي هو سلام ڪر ي اتان غائب ٿي ويندو هو.

وڪٽر جو ماءُ سان برتاءُ کهرو ۽ بيهودو هو. پيٽوڙي، هميشه بکيو هوندو هو. آرتوار جي ڏينهن جڏهن ماڻس ڪيڪ تيار ڪندي هئي، ته هن جي لاءِ ڪجهه پاٽ ۾ وجهي منهنجي ڪوچ جي هيٺان لڪائي رکندي هئي، ميز تي کاڌي کائڻ کان پوءِ وڪٽر انهن ڪيڪن کي وڃي پاسو ڏيندو هو، ۽ ڳڙڪائيندي ماءُ کي ڪروڌ وچان چوندو هو، ”ڪم عقل ٻڍي ! ڇا، وڌيڪ نه پئي رکي سگهين؟“

تڪڙو ٿيءَ متان توکي ڏسي وٺن.

”چڱو، مان ٿو انهن کي ٻڌايان ته تون انهن جي پرپٺ منهنجي لاءِ مال چوري ڪري ٿي رکين.

”هڪڙي ڀيري ٻن ڪيڪن کي مون ٻرو ڏئي ڇڏيو، جڏهن وڪڙ گهٽ مليو، ذري گهٽ مونکي ماري ٿي ڇڏيائين، اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي کان نفرت دلي ۽ ٻه طرفي هئي، هو مون کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائيندو هو، ڏينهن ۾ڪيترا ڀيرا مونکي هن جو بوٽ صاف ڪرڻو پوندو هو جڏهن مان ٻاهر ڪوچ تي سمهندو هوس ته هو جاءِ ضرور جو در کولي وٿيءَ مان منهنجي مٿي ڏانهن کانگهارو اڇلائيندو هو، انهيءَ ۾شڪ ڪونهي ته هو پنهنجي ڀاءُ، جنهن جو پيارو جملو ”جهنگلي ڪٻريون هو جو گهڻين ڳالهين ۾نقل ڪندو هو، هونئن به هو پنهنجي گفتگوءَ کي ٻڌل سڌل جملن سان کڻي سٿيندو هو. جنهن ڪري هن جي گفتگو ڇسي ٿي پوندي هئي، مثلاً، امان مون ڏانهن ڌيان ڏي منهنجا جوراب ڪٿي آهن؟“

مون کي سڀني گهر وارن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ اڍنگو لڳندو هو، ناني ۽ نانيءَ جي سنئين سڌي ٻوليءَ ۾پرورش حاصل ڪرڻ کان پوءِ هنن جا اڌ اکري ۽ هڪ ٻئي جي ابتڙ ملايل لفظ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. مثلاً چوندا هئا: ”بيوقوف – سياڻو“ ”ڏکوئيندڙ – خوشي“ ”فرحت ڏيندرڙ –غم“ مونکي اچرج لڳندو هو ته بيوقوف سياڻو ڪيئن ٿو ٿي سگهي يا غم فرحت ڪيئن ٿو ڏئي سگهي !

”ائين چوڻ ٺيڪ آهي؟“ هڪڙي ڏينهن مون کانئن پڇيو.

مون تي ٺٺولي ڪندي چيائون هن استاد صاحب ڏانهن ڌيان ڏيو، پنهنجا ڪن ٿو ڇنائي. “

”ڪن جو ڇنڻ“ به مون کي ٺيڪ نه لڳو. ڌاڳو، ڏور رَسي ته ڇني سگهجي ٿي، پر ڪن ڪيئن ڇني سگهجن ٿا ! هنن انهيءَ ڳالهه سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، ته ڪن به ڇني سگهجن ٿا، ۽ ان لاءِ منهنجي ڪن کي ڏاڍو ڇڪيائون پر سڀ بيسود.

”ساڳي ڳالهه“ توهين منهنجا ڪن ته ڇن ي ڪين سگهيا! مون هنن کي فاتحانه نموني چيو.

مون پنهنجي چوگرد ظلم تي تڪبر ۽ بي ضمير بي حيائي ڏٺي، مونکي هتان جي حالت ڪوتاون شهر جي چڪلن ۽ رستن تي گهمندڙبازاري عورتن ۽ مردن کان به خراب نظر آئي. ڪوتاون شهر جي گندگي ۽ بي حيائيءَ جو سبب بي ثمر محنت ڏکي ۽بکي زندگي هئي، پر هتي جا ماڻهو ڀڀ ڀريل ۽ سکيا هئا، ۽ انهن جو ڪم هلڪو ۽ سهنجو هو، روزگار جو ڪنهن کي به ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه هو، انهيءَ هوندي به هر ڪنهن شيءِ تي اداسائيءِ ۽ نستائيءَ جو زهر ڇانيل هو.

هڪ ته منهنجي زندگي اتي ڏکي هئي، ويتر نانيءَ جون ملاقاتون ان کي وڌيڪ سخت بنائينديون هيون. هوءَ پوئين در کان بورچيخاني ۾ هلي ايندي هئي، مجسمي جي سامهون بيهي پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍندي هئي، ۽ پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي جهڪي سلام ڪندي هئي، هن جو جهڪڻ مونکي اهڙو ڏکيو لڳندو هو ڄڻ مان ڪنهن پيهندڙ پٿر هيٺ چيڀاٽجي ويندو هوس. ”اڪولينا آهين ڇا؟ ” گهر ڌياڻي رکائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سان هن جو آدر ڀاءَ ڪندي چوندي هئي.

انهيءَ وقت ناني سڃاڻڻ ۾ ئي نه ايندي هئي، هن جا چپ نياز کان بند ۽ منهن لٿل هوندو هو، هوءَ دروازي وٽ بينچ تي ويهي رهندي هئي، ۽ ڏوهارين وانگر تيستائين ماٺ ڪيو ويٺي هوندي هئي، جيستائين ساڻس ڳالهايو نه ويندو هو، پوءِ پنهنجي ڀيڻ کي نهايت نهٺائيءَ سان جواب ڏيندي هئي، انهيءَ تي مونکي جهير پيا پوندا هئا،۽ ڪاوڙ سان چوندو هومانس، ”هتي ڇاجي لاءِ ويٺي آهين؟“

پيار مان اکيون ڇنڀي چوندي هئي، ”بس ڪر، تون هن گهر جو مالڪ ڪين آهين.“

”ٻن جي ڳالهين ۾ ٽيون هي به ضرور ٽنگ اڙائيندو، ڪيترا ڀيرا موچڙا مليا اٿس، ته به اهي لاٽون اهي چگهه. “ پنهنجي دستوري تقرير ڪندي ٻڍيءَ منهنجي شڪايت ڪئي.

اها ڌڪاريل رن ور ور ڪري نانيءَ کان پڇندي هئي. ”پنڻ لڳي آهين ڇا؟“

”پنهنجي بدقسمتي ءَ جي ڪري.“

”جتي شرم نه هجي، اتي قسمت ڇاڪندي؟“

”چون ٿا ته حضرت عيسيٰ به گداگري ڪندو هو. “

”ڪير ٿو چئي؟ ڪافر ۽ ڪم عقل، ۽ تون پوڙهي ڳنوار، انهن تي اعتبار ٿي ڪرين، عيسيٰ فقير نه هو، هو نبي هو، هو ايندو جيئن لکيل آهي، تون ۽ تنهنجي باسيل کي وڏائي جو بدلو ملي رهيو آهي. توکي ياد آهي جڏهن توهين شاهو ڪار هئا، ۽ مان اوهان وٽ مدد لاءِ آئي هيس.تڏهن توهان مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو !”

”مون کان جيڪي ٿي سگهيو هو اهو مون توکي ڏنو هو،“ نانيءَ بردباريءَ سان جواب ڏنو.

”ڪهڙو ڌن کڻي ڏنو هوءِ! اهو به ڪو ڏيڻ هو؟“

ناني پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي گستاخ ۽ بي لغام زبان مان ڪڏهن بيزار ڪانه ٿي، اهو ڪراهت جهڙو آواز ٻڌي، مان سوچيندو هوس، ته ناني اهو ڪيئن ٿي سهي سگهي، انهيءَ وقت هن لاءِ منهنجو پيار گهٽجي ويندو هو.

ننڍي مالڪياڻي اوڏي مهل ٻاهر نڪري آئي، ۽ نرمائي سان نانيءَ کي سلام ڪيائين - ”ويهڻ واري ڪمري ۾هل مهرباني ڪري هل. “

”پنهنجا ميرا پير اگهي وڃ !“ ٻڍيءَ چڙ ڏيندي چيو.

مالڪ به نانيءَ جي خوشيءَ سان آجيان ڪندو هو-”اوهو ! درويش اڪولينا! ڪيئن آهين؟ پوڙهي ڪشرون جو ڇاحال آهي؟“

۽ ناني هن سان مٺڙي نموني مرڪڻ لڳي – ”اڃان ڪم پيو ڪرين؟“

”ٻيو ڇا؟ هميشه قيدين وانگر پيو ڳهان. “

هنن جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو وڻندڙ ۽ قرب ڀري هوندي هئي پر ناني هن سان وڏڙن وانگر ڳالهائڻ، لڳندي هئي ڪڏهن ڪڏهن امڙ جو ذڪر نڪرندوهو، جنهن تي مالڪ چوندو هو، ”باربرا ! ڪهڙي نه بي مثال عورت هئي، سورمي هئي سورمي.“

هن جي زال وچ ۾ ٽپي نانيءَ کي چوندي هئي.”توکي ياد هوندو مون کيس سونهري ڪنارين سان ڪارو وڳو ڏنو هو؟“

”برابر مونکي ياد آهي.“

”۽ اهو چڱي حالت ۾هو.“

پوءِ نانيءَ کي نئون ڄاول ٻار ڏيکاريائون.

مان ميز کي صاف ڪري رهيو هوس، ته مالڪ چيو. ”تنهنجي ناني ته ڏاڍي سٺي عورت آهي.“

انهن لفظن لاءِ منهنجي دلي شڪر گداري ڳنهي ورتي.

نانيءَ کي اڪيلائي ۾دل جو ڏک ونڊيندي چيم ”تون هيڏانهن ڇو ايندي آهين؟ تون ڏسين نٿي ته ڪيئن...“

”مطلب ته مان سڀ ڪجهه ڏسان ٿي،“ هن پنهنجي عجيب چهري تي مرڪ آڻيندي چيو ۽ مون کي ڄڻ ضمير جو چڪ پئجي ويو.

سچ پچ هوءَ سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي، ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي جيڪا هن نه ڏٺي هجي، نه ئي هن کان اها ڳالهه ڳجهي هئي ته ان وقت مونکي ڪهڙي ڳالهه جوش ۾ آڻي رهي هئي. چوءَ طرف نهاري پڪ ڪيائين ته اسين اڪيلا آهيون پوءِ ڇڪي کڻي ڇاتي سان لاتائين ۽ روئڻهارڪي ٿي، چيائين ”مان هيڏي پير به نه وجهان پر تنهنجي ڪري هنن جو مون سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ هوڏانهن وڏو ميان بيمار آهي، مان ان جي خدمت ڪري ٿڪجي پئي آهيان اهڙو موقعو ئي نه ٿو مليم،جو پنهنجو ڪم ڪريان، تنهنڪري هڙ ۾ ڪوڏي به ڪانهيم ۽ ميڪائيل پنهنجي پٽ ساشا کي گهر نيڪالي ڏني آهي، تنهن ڪر ي انکي به مون کي ئي پالڻو ٿو پوي،هنن توکي ماهوار ڇھھ روبل ڏيڻا ڪيا هئا، پر مان سمجهان ٿي ته هن اڌ سال ۾ توکي پائي به نه ڏني هوندائون. “ پوءِ هوءَ جهڪي آهستي چوڻ لڳي، ” مون کي چيو اٿائون ته تون بي فرمان آهين تنهن ڪري هو توکي ڳالهائيندا ۽ ڇينڀيندا آهن، مٺڙا، هيءُ جاءِ نه ڇڏجان ءِ.هڪ ٻه سال صبر ڪر جيستائين تو ۾طاقت اچي، همت نه هارجانءِ. “

مون هن سان اقرار ڪيو، پر ان جو نباهڻ سولو ڪم نه هو. اتان جي زندگي ءَ ڏکي، ڏاڍي سخت خشڪ ۽ مايوس ڪندڙ هئي، مانيءَ جو سوال هو. ورنه منهنجي زندگي ڄڻ عذاب ۾ٿي گذري. ڪڏهن ڪڏهن ايندو هوم ته ڀڄي وڃان پر سيارو چوڌاري پنهنجو لعنتي قبضو ڄمايو ويٺو هو.برفاني هوائون سڄي رات پيون واڪا ڪنديون هيون ۽ گهرن کي وڪوڙي وينديون هيون ۽ ديال جا وڏا وڻ پاري جي وسڻ ڪري ڏري پوندا هئا، مان وڃي به ڪيڏانهن وڃان ها؟

مونکي ٻاهر نڪرڻ جي موڪل ڪانه هئي. هونءَ به اهڙي هوا ۾ ڪير ٿي ٻاهر وڃي سگهيو؟ سرديءَ جو ننڍوڏينهن گهر جي ڪم ۾ ئي جلد پورو ٿي پوندو هو، البت ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن چرچ ڏانهن وڃڻو پوندو هو.

چرچ ۾ مونکي ڏاڍو مزو ايندو هو. ڪنهن اونداهي ۽ ماڻهن کان خالي ڪنڊ ۾ بيهي گهڻو پري رکيل مجسمن ڏانهن ڏسڻ ۾ لطف حاصل ٿيندو هوم،ائين لڳندو هو ڄڻ اهي مجسما موم بتين مان نڪرندڙ روشنين جي درياءَ ۾ تري رهيا آهن، ۽ انهن جا پاڇا سهڻي لوڏ سان ٽلي رهيا آهن، پادرين جي مخملي چوغن تي لڳل سونهري زري ٿورو لڏڻ لڳندي هئي.موم بتين جون زبانون انهيءَ نيري سانتيڪي فضا ۾ڄڻ ماکي ءَ جي مکين وانگر ڀون ڀون ڪنديون ڏسبيون هيون. عورتن ۽ ٻارن جا مٿا گلن وانگر جهڪڻ لڳندا هئا. آسپاس جي هر ڪا شيءَ ڄڻ اتي هلندڙ گيتن سان سر ۾ سر ملايو بيٺي هوندي هئي، اتان جي هر هڪ شيءَ ۾ ڪا ڪهاڻي سمايل هوندي هئي، ۽ چر چ هڪڙي هندوري وانگر لڳندي هئي، جيڪو تاريڪ فضا ۾ پيو لڏندو هو،وقتن تي مون کي پنهنجي تصور ۾ائين لڳندو هو ته چرچ هڪڙي اونهي ءَ ڍنڍ ۾ٻڏي ويئي آهي، جتي اها پنهنجي اڪيلي ۽ ٻين کان عليحده زندگي گهاري رهي آهي، هاڻي مون کي يقين آهي ته منهنجو اهو خيال نانيءَ جي ٻڌايل ڪهاڻي. ”ڪينز جو چوغو“ مان پيدا ٿيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ننڊاکڙي حالت ۾ پاڻ کي ڪوري ءَ جي تڪلي وانگر هيڏي هوڏي اڏامندو محسوس ڪندو هوس.چرچ ۾ ڳائيندڙن جي لولي ڏيندڙ گيتن، دعائن جي ڀڻ ڀڻ ۽ سرٻاٽ جو آواز مونکي خواب جي دنيا ۾ وٺي ويندو هو، جتي مان اداس سريلن تغمن ۾ گم ٿي ويندو هوس.

”پليت تاتاري ويجهو اچي رهيا آهن. غليظ جابلو عاليشان ”ڪينز“ جي ويجهو پهچي رهيا آهن، اهي صبح جي عبادت ويل شهر ۾داخل ٿي رهيا آهن، او وڏي سگهه وارا خدا، پنهنجن ٻانهن کي انهن کان پناهه ڏي، پنهنجن ٻانهن کي امان ڏي ته تنهنجي صبح جي عبادت ڪن ۽ تنهنجي واکاڻ جا گيت ٻڌن، جيئن اهي تاتاري پاڪ چرچ جي بي حرمتي نه ڪن اسان جي زالن ۽ نياڻين جو ست ۽ سيل خراب نه ڪن، اسان جون ڪنواريون ڇوڪريون هنن جي عيش جو سامان نه ٿين. اسان جي پيرن فقيرن کي عذاب ڏيئي هو دئيت ماري نه ڇڏين. پوءِ خدا انسانن جون اهي آه زاريون، عيسائين جون اهي التجائون ٻڌيون ۽ وڏي ملائڪ ميڪائيل کي خدا حڪم ڪيو- ”ميڪائيل وڃ ڌرتيءَ کي ڪينز وٽ وڃي اهڙو ڌوڏ، جو ڪينز ڍنڍ هيٺ هليو وڃي“ ۽ اڄ تائين اهي ماڻهو سواءِ آرام ۽ ٿڪ جي صبح کان وٺي شام تائين عبادت ۾ مشغول آهن ۽ هميشه اهڙي ريت رهندا. “

نانيءَ جي گيتن، ننڍي هوندي، منهنجي دماغ کي ائين پـُر ڪري ڇڏيو هو. جيئن ماکيءَ جي مک ماکيءَ سان ماناري کي پـُر ڪري ڇڏيندي آهي. نه فقط ايترو، پر مان انهن جي سـُر ۽ تار تي به ويچار ڪندو هوس. چرچ ۾ مان ناني جون مناجاتون ڪين چوندو هئس. نانيءَ جي خدا جي موجودگيءَ ۾ ناني جي خدا جون ڏمر ڀريون مناجاتون ۽ غم ڀريل مولود چوندي، مونجهه محسوس ٿيندي هيم. مون کي پڪ هئي ته نانيءَ جي خدا کي به مون وانگر انهن مان مزو ڪين ايندو هوندو. انهيءَ لاءِ اهو سبب ئي ڪافي هو ته اُهي ڪتابن ۾ لکيل هيون ۽ هر ڪو ماڻهو انهن کي ياد ڪري ڇڏيندو هو، ۽ طوطي وانگر پيو انهن کي رٽيندو هو. پر منهنجي دل کي جڏهن غم ۽ دک تنگ ڪندا هئا يا ڏينهن جي رنجهه ڪنجهه مونجهو ڪري ڇڏيندي هئي، ته مان پنهنجون دعائون ۽ مناجاتون پاڻ جوڙيندو هوس. جڏهن تڪليفن جو خيال ايندو هوم ته لفظ پاڻمرادو دعا جي صورت وٺي، هڪڙيءَ لڙهيءَ ۾ پوئجي ويندا هئا.

”او خدا، او ڌڻي، منهنجي مصيبت ڏس! مولا، مون

کي جلد وڏو ڪر، ۽ هن ڏکن واريءَ زندگيءَ مان آزاد ڪر.

ڌڻي، مون کي ڪابه تعليم ڪانهي، جنهن مان ڪو لاڀ

وٺان. شيطان جي ٻانهي، مترينا، مون کي گڏهن جيان

ڪـُٽي ٿي، ۽ منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي اٿس.“

اُنهن مان ڪيتريون دعائون ۽ مناجاتون اڄ به مون کي دل تي تري ٿيون اچن. ننڍپڻ جا نقش ديرپا ٿين ٿا ۽ اهي سڄيءَ حياتيءَ تي پنهنجو اثر وجهن ٿا.

هڪڙو ٻيو سبب به هوندو هو، جنهن ڪري مون کي چرچ ۾ خوشي ملندي هئي. مون کي اتي اهڙو ئي سڪون ملندو هو، جهڙو جهنگل ۾. اتي منهنجي دل جيڪا رنج ۽ غم ۾ ٻڏل ۽ گندي زندگيءَ جي اثرن کان داغدار ٿي چڪي هئي، رنگين تصويرن ۾ گم ٿي ويندي هئي. پرمان چرچ ۾ انهيءَ وقت ويندو هوس، جڏهن سخت پارو پيو پوندو هو، يا گهٽين ۾ برفاني ڇوهو پيو گـُهلندو هو، جڏهن آسمان پاڻ به برف جي تهه وانگر اڇو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جڏهن هوا برف جي اڏامندڙ چادر وانگر ٿڌي ۽ تکي هوندي هئي، جڏهن ڌرتي برف جي وسڪار هيٺ اهڙي ڍڪجي ويندي هئي، ڄڻ ته وري ظاهر ٿيڻ جو هوءَ نالو ئي نه وٺندي.

پر جڏهن راتيون ماٺيڻُيون هونديون هيون ته گهٽين ۾گهمڻ پسند ڪندو هوس ۽ اونداهيون ڪنڊون تاڙيندو وتندو هئس. اهڙي سير وقت ائين محسوس ڪندو هوس، ته مون کي پر لڳي ويا آهن. ۽ مان چنڊ وانگر مٿي پرواز پيو ڪريان. منهنجي اڳيان منهنجو پاڇو برف جي ترورن کي ڍڪيندو هيٺ مٿي هنبوڇيون هڻندو هلندو هو، رستي تي چوڪيدار ملندو هو، هن جي بت تي ٿلهي رڍ جي کل پهريل هوندي هئي، هٿ ۾ ڏنڊو ۽ پاسي سان ڪتو هوندو هوس، گهرن مان ماڻهن جي پاڇن جا خاڪا گهٽين ڏانهن وڌڻ لڳندا هئا ۽ ڪتا انهن جو پيڇو ڪندا هئا، ڪيتريون جوان نينگريون پنهنجن سينڌن سان سير تي ويندي ملنديون هيون مونکي ائين لڳندو هو، ڄڻ اهي چرچ مان ڀڄي آيل راهبائون آهن. ڪڏهن ڪنهن روشندان مان هڪڙي خاص قسم جي عجيب ۽ اڻ لکي خوشبوءِ ٻاهر هلي ايندي هئي، جا ڪنهن زندگي ڏانهن اشارو ڪندي هئي، جنهن جو اڃان مونکي پتو ئي ڪونه هو. اهڙن روشندانن جي هيٺان گهڻي وقت تائين بيهي رهندو هوس، جيئن انهن گهرن جي رهاڪن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو حال معلوم ڪري سگهان. اهو عبادت جو وقت هوندو هو، تڏهن به اتان مسرت ڀريل نغمن، کل خوشيءَ، پيالي ۽ وايو لن جا مٺا آواز روشندانن جي رستي ٻاهر هليا ايندا هئا،

تخنووسڪي ۽ مارينو وسڪي محلن جي ڪنڊن تي، جي جهڪيل هڪ ماڙ گهر هوندا هئا، اهي خاص طرح مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندا هئا، هڪڙي چانڊوڪيءَ رات جو جيئن مان اتي بيٺو هوس، ته مون کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا، اُهي ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن ڏاڍيان ڪا راڳڻي جهو نگاري هجي. ۽ ان جا آلاپ گهر جي اندرين ءَ گرم هوا سان گڏجي ٻاهر هلي آيا هجن. مونکي لفظ ته سمجهه ۾ نه پئي آيا، پر راڳ ٻڌل محسوس پئي ٿيو، مان جڏهن ويجهو ويس، تڏهن ٻڌم ته ساز راڳ ۾ رخني وجهڻ بجاءِ انهيءَ سان ٻٽ ٿيا بيٺا آهن. مان موريءَ تي ويهي رهيس ۽ خيال ڪرڻ لڳس ته ڪهڙو نه شاندار سر انهيءَ ڏک ڀرئي، ساز مان نڪري رهيو آهي، اهو ساز وايولن هو اهو ڏک ڀريو انهيءَ ڪري ٿي لڳو، جو منهنجي دل ۾ ڀي ڏک سمايل هو، ڪڏهن ڪڏهن انهن گڏجي ايترو، مٺو ۽ ڏاڍيان پئي ڳايو جو، سمجهيم ته ضرور گهر ۽ ان جا در دريون جهومندا هوندا، ان مهل ڇت تان ماڪ جا ڦڙا اهڙي ءَ ريت پئي ڪريا جيئن منهنجي اکين مان ڳوڙها، پئي ٽميا.

چوڪيدار چپ چاپ منهنجي ويجهو آيو ۽ مونکي موريءَ تان هيٺ ڇڪيندي پڇيائين، ” هتي ڇا جي لاءِ پيو رلين؟“-”راڳ“ لاءِ، مون وراڻيو.

”مزيدار ڳالهه ٻڌائيه! ڀڄي وڃ. مان گهٽي کي گول ڦري دريءَ جي ويجهو ٿنڀي وٽ اچي بيٺس، پر راڳ بند ٿي چڪو هو.

انهيءَ ئي روشندان مان اهڙا کل ۽ خوشي ڀريا آواز جي اڳين ڏک ڀريل آوازن کان بلڪل مختلف هئا، اچي رهيا هئا، جي مون سمجهيو ته ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو آهيان. مان هر ڪنهن ڇنڇر رات جو انهيءَ گهر جا ڦيرا ڏيڻ لڳس، پر انهيءَ بهار جي سموريءَ موسم ۾ مونکي وري اهو وايولن رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اهو اڌ رات تائين وڄندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ جڏهن گهر موٽيس ته موچڙا مليم.

انهن راتين جي ڪهاڻين، جي سياري جي آسمان هيٺ سڃين گهٽين ۾ حاصل ٿيم.مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ڄاڻي واڻي مان شهر جون ٻاهريون گهٽيون ۽ پاسا گهمندو هوس، جتي نه بتيون هونديون هيون نه ئي، پنهنجي مالڪ جي ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري سان ملڻ جو ڊپ هوندو هوم ته وڃي هن کي چغلي هڻندو ته مان چرچ وڃڻ کان گسائيندو پئي وتيس، اتي نه ڪوئي شرابي بازاري عورت يا سپاهي ملندو هوم، جو مون کي تنگ ڪري. جيڪڏهن درين تي برف ڄميل نه هوندي هئي، يا پردا چڙهيل نه هوندا هئا، ته مان هيٺين طبقن وارن گهرن ۾ درين مان جهاتي به پائي سگهندو هوس.

اهي درين مان اندر مڙهيل تصويرون بيشمار ۽ قسمين قسمين هونديون هيون. ڪٿي ماڻهو عبادت ۾ ته ڪٿي راند روند ۾مشغول هوندا هئا، ڪٿي پيار ته ڪٿي تڪرار ۾ رڌا هوندا هئا، مطلب ته سڀئي پنهنجين ڳالهين ۾ گم، سڀئي پنهنجي دنيا ۾ مست هوندا هئا.

هڪڙي دريءَ ۾ ڏٺم ته ڳاڙهي لباس ۾ هڪڙي عورت هڪڙي باريش ديو مڙس جي گوڏن تي ويٺي هئي ۽ هو هن کي ٻارن وانگر لوڏي رهيو هو، ڄڻ ته هوءَ ٻار هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي ڪو عشقي راڳ ٻڌائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته مرد جو وات پٽيو پيو هو، هن جون اکيون پئي چريون پريون. عورت ٽهڪ ڏيندي پٺتي جهڪي ۽ هوا ۾ ٽنگو ن هيٺ مٿي ڪرڻ لڳي، مرد هن کي سڌو ڪري وري راڳ شروع ڪيو پر هوءَ وري به ٽهڪن ۾ ٻڏي ويئي مان انهن کي ڳپل وقت ڏسندو رهيس، ۽ تڏهن مان اڳتي وڌيس جڏهن محسوس ڪيم ته اهو قصو سڄي رات هلندو رهندو.

هڪڙي ڀيري دريءَ مان هيٺين طبق ۾ ڏٺم ته ٻه عورتون ميز تي ويٺيون هيون، ۽ هڪڙو شاگرد انهن جي سامهون پڙهي رهيو هو، ٻنهي مان جيڪا ننڍي هئي، سا ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيو ويٺي هئي، ۽ منهن ۾ گهنج وجهي ڪتاب پئي ٻڌائين، اوچتو وڏي عورت جيڪا بت ۾سهي هئي ۽ جنهن جا وار شاندار ٿي لڳا، منهن تي هٿ کڻي ڏنا ۽ هن جي ڪلهن جي ڌڏن مان پتو پئي پيو ته هوءَ روئي رهي هئي، ڇوڪر ڪتاب کڻي اڇلايو، ننڍي عورت اٿي ۽ ٻاهر ڊڪندي هلي ويئي، ڇوڪر وڏي عورت جي اڳيان، پنهنجي گوڏن ڀر ويهي رهيو ۽ هن جي هٿن کي وٺي چمڻ لڳو.

اهڙا ڪيترا ئي ڏسڻ جهڙا نظارا هوندا هئا، جيڪي منهنجي حافظي ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا، ۽ اهي مونکي ايتري قدر محو ڪر ي ڇڏيندا هئا، جو تمام گهڻو دير سان گهر موٽندو هوس، انهيءَ ڪري گهر جي ٻنهي زالن کي اچي شڪ پيو ۽ مون کان سوال پڇڻ لڳيون، ڪهڙي چرچ ڏانهن ويو هئين؟ اتي پادري ڪهڙو واعظ ڪيو هو؟ “

هو سڀني پادرين کي سڃاڻنديون هيون ۽ اهو به پتو هوندو هون ته ڪنهن ڏينهن ڪهڙو وليءَ يا نبي ءَ جو بيان ٿيندو آهي ۽ ڪٿي ٿيندو آهي، مطلب ته هنن کي ديولين جو ذري پرزي جو پتو هو، هو مون کي ڪوڙ ڳالهائيندي جهٽ پٽ پڪڙي وٺنديون هيون، ٻيئي ناني جي قهار خدا جي عبادت ڪنديون هيون جيڪو خوف جي وقت آزي نيزاري زياده پسند ڪندو هو، هو هميشه هنن جي چپن تي ويٺو هوندو هو، پنهنجن جهيڙن ۾ هڪ ٻئي کي انهيءَ جون ڌمڪيون ڏينديون هيون . ”ٿورو ترس ! توکي خدا ان جي سزا ڏيندو ۽ توکي چٽ ڪري ڇڏيندو، ويٺي ڏسجانءِ.“

هڪڙي آرتوار تي ٻڍيءَ کان سنبوسا سڙي پيا، چلهه جي سيڪ اچڻ سان ڪاوڙ۾دانهون ڪيائين. ”شل خدا جي مار پوئي !“ تئيءَ کي مٿي ڪري سونگهيائين.يڪدم پريشانيءَ کان هن جي منهن جو پنو لهي ويو، تئي هيٺ ڦٽي ڪري ويٺي پار ڪڍڻ – ”اڙي هن ۾ گوشت تريو ويو آهي! اڙي هيءَ صاف به ناهي! اڙي مان اڃاسومر ڏينهن ڌوئي پوئي سڻڀ صاف ڪري رکي هئي، پوءِ گوڏن ڀر ويهي خدا کي سوال ڪرڻ لڳي، - ”اي خدا ! مون گنهگار کي بخش ! پنهنجي صبر ۽ تڪليفن جي صدقي مون کي معاف ڪر، مون بيوقوف ٻڍڙي تان پنهنجو ڏمر لاه. “

سڙيل سنبوسا ڪتي جي حوالي ڪيا ويا ۽ تئي ڌوئڻ لاءِ هوديءَ ۾ اڇلائي ويئي، پر انهيءَ کان پوءِ ننڍي مالڪياڻي انهيءَ واقعي جا هن کي تنڪا ڏيندي هئي، - ”ها، سنبوسا ساڙي ڇڏيئه ! ڪني گوشت واري تئيءَ ۾ تيار پئي ڪيئيه!“

هو پنهنجن بيڪار ۽ بي معنيٰ زندگين کي اهميت ڏيڻ خاطر پنهنجي خدا کي هر ننڍي وڏي ڳالهه ۾گهلي وٺنديون هيون. ٻاهران ڏيک اهو ڪنديون هيون ڄڻ هو هر گهڙي ءَ هر وقت پنهنجي مٿانهين مالڪ کي ياد پيون ڪن.

هيڏي وڏي سڃي گهر ۾ سندن خدا جي پٺيان اهڙي وٺ وٺان مون کي تنگ ڪري ڇڏيندي هئي، مونکي وهم اچي ويٺو ته اونداهين ڪنڊن ۾ ”غيبات“ ويٺي آهي تنهن ڪري گهر جي اونداهين ڪنڊن ۾ ليئا ۽ جهاتيون پيو پائيندو هوس، رات جو مجسمي واري ڪنڊ کي جتي بتي ٽم ٽم ڪندي رهندي هئي، ڏسي مونکي خوف ٿيڻ لڳندو هو، مجسمي جي ڀرسان ڇت ۾ مٿان هڪڙو وڏو کليل چورس خال هو، جنهن کي وچ مان هڪ سيخ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. اتان نيرو آسمان نظر ايندو هو، جنهن کي ڏسندي ائين لڳندو هو ڄڻ آسمان ان خال مان سڄي گهر ۽ اسان سڀني کي ڳهي ويندو. اسين سڀئي ان جي ابدي خاموشيءَ ۾ اهڙي ريت گم ٿي وينداسين. جيئن ڪو پٿر بغير آواز پاڻي ۾ ٻڏي وڃي، مونکي ياد نٿواچي ته پوءِ ڪهڙي ريت انهن وهمن مان جند ڇڏايم پر ان ۾ پڪ ئي پڪ نانيءَ جي مهربان خدا منهنجي مدد ڪئي، جيتوڻيڪ مون کي اهو ته اول يقين هو ته جيڪڏهن منهجو ڪو ڏوهه نه هو ته مون کي ڪنهن جن ڀوت مان به خطرو ڪونه هو، منهنجو ڪو ڏوهه ناهي ته منهنجي لاءِ سزا به ناهي، حياتيءَ جو اهڙو ڪو به قاعدو ڪونهي جنهن ۾ بي ڏوهيءَ کي سزا ملي، ٻين جي گناهن جو بار منهنجي ڪلهن تي پئجي نٿي سگهيو.

مان چرچ ۾ وڃڻ کان گسائڻ لڳس، خاص طرح بهار جي رت ۾جنهن جي انوکي سڏ تي لبيڪ نه ڪرڻ مونکي ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. مونکي هو جيڪي ستن ڪوپيڪن جا سڪا خيرات جي پيتي ءَ ۾وجهڻ لاءِ ڏيندا هئا، اهي منهنجي تباهيءَ جو باعث بڻيا. مون انهن مان ڇڪو خريد ڪيو. چرچ وارو سمورو وقت انهيءَ سان کيڏندو وتندو هوس ۽ گهر اويلو موٽندو هوس، هڪڙي ڀيري مون کي جيڪي پئسا مئن جي خيرات ۽ مقدس مانيءَ جي لاءِ ڏنا هئائون سي مون جوا ۾هارائي ڇڏيا، ۽ جڏهن پادري ماني ورهائڻ لڳو، تڏهن مون وڌي هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ جو ڀاڱو ورتو، ترت ئي منهنجي جوا جو شوق ماليخيوليا جي حد تائين وڃِي پهتو. مون ۽ هوشياري به هئي، ۽ طاقت به ۽ جلد ئي، منهنجو نالو ڇڪي بليئرڊ ۽ رميءَ ۾ سڄي پاڙي ۾مشهور ٿي ويو،.

ايسٽر جي مقدس مهيني ۾ مون کي پڇتاءُ ۽ توبهه لاءِ تيار ڪيائون ۽ پنهنجن ڏوهن جي اقرار ڪرڻ واسطي مونکي پنهنجي ڀر واري پادريءَ پوڪرو وسڪي ڏانهن وڃڻو پيو، هو مونکي سخت قسم جو ماڻهو لڳندو هو،۽ مون کان گهڻا گناهه هن جي ڪري ئي ٿيا، هئا مون هن جي باغ واريءَ بيٺڪ کي پٿرن مان چٽيو هو ۽ هن جي ٻارن کي موچڙا ڏنا هئا، اهي سڀ ڳالهيون ته هن کي ياد هونديون. انهيءَ خيال مون کي ڀوءُ ڏيئي ڇڏيو ۽ هن جي خونائتي چرچ ۾ پنهنجي اقرار جي واري جو انتظار ڪندي منهنجي دل ويهڻ لڳي، پر پادري پوڪرو وسڪي مون سان خنده پيشانيءَ سان پيش آيو، اڙي تون ته منهنجو پاڙيسري آهين ! منهنجا پٽ گوڏن تي ويهه ! تو ڪهڙا گناهه ڪيا آهن؟،

منهنجي مٿي جي مٿان مخمل جو ڳورو ڪپڙو رکيائين ڌوپ ۽ ميڻ جي بوءِ منهنجي نڪ ۾ گهڙي ويئي، مون کي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو ۽ آخر بيدلي سان ڀڻڪو ڪيم.

”تو پنهنجن وڏن جو چيو ورتو آهي؟“

”نه. “

”چئو، مون گناه ڪيو آهي. “

پوءِ نه ڄاڻان ڪيئن چيم، ”من چوري ڪئي آهي. “

”ڪيئن؟ ڪٿي؟ “ پادريءَ هوريان ۽ خيال سان پڇيو.

”ٽن درويشن واري چرچ مان، پوڪروفو جي چرچ مان، نڪولس جي چرچ مان...“

”سڀني چرچ مان ! اهو ته وڏو گناهه آهي. پٽ. سمجهين ٿو نه؟ “

”هائو، مان سمجهان ٿو. “

”چئو ’مون گناهه ڪيو آهي‘ پرتو چوري ڇو ڪئي؟ ڪنهن شيءَ جي کائڻ لاءِ؟ “

”ڪڏهن ڪڏهن، ۽ ڪڏهن انهيءَ ڪري جو مان جوا ۾ پئسا،هارائي ويٺو هوس، ۽ ڇاڪاڻ ته مونکي نياز گهر آڻڻو هو انهيءَ ڪري مون چوري ڪئي.“

پادري پوڪرو وسڪيءَ ٽٽل لفظن ۾ جيڪي ٻڌڻ ۾ ئي نه آيا، ڪجهه چيو. پوءِ ڪجهه سوالن ڪرڻ بعد چيائين . ”تو ڪو منع ڪيل ڪتاب پڙهيو آهي؟“

هن ڀيري هن جو منهن ڏاڍو گنڀير هو، اهو سوال منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو، مون پڇيس،ڪهڙو ڪتاب؟

”منع ڪيل ڪتاب، تو ڪو پڙهيو آهي؟“ – ”نه، ڪو به نه. “

”اٿي تنهنجا سڀ گناهه بخشجي ويا.“

مون هن ڏانهن حيرت مان نهاريو. هن جو چهرو ڪنهن خيال ۾ ٻڏل پر نرم ٿي لڳو، جنهن ڪري منهنجو گندو ضمير بيچين ٿي ويو، جڏهن منهنجي گهر جي مالڪن مون کي پڇتاءَ لاءِ تيار پئي ڪيو، تڏهن مون تي ان جو ڏاڍو خوف ويهاريو هئائون، ۽ انهيءَ ڳالهه تي ور ور ڪري گهڻو زور ڏنو هئائون ته ”ننڍڙا گناهه به نه لڪائجانءِ!“ تنهن ڪري پنهنجي قبوليت ۾ اضافو ڪندي چيم، ”مون تنهنجي اونهاري واري بيٺڪ کي پٿرن سان چٽيو هو. “

منهنجي پريان ڪنهن شيءَ کي نهاريندي پادريءَ پنهنجو مٿو مٿي ڪيو، ”ڏاڍي خراب ڳالهه ڪيئه. چڱو هاڻي وڃ. “

”مون تنهنجي ڪتي کي به پٿر هنيا هئا. “

”ٻيو ڇا ! مونکان بيخيالي سان پڇيائين.

مان جڏهن اتان نڪتس، تڏهن پاڻ کي ويچارو ۽ ٺڳيل محسوس ڪيم، مونکي پڇتاءُ بابت ڪيڏو نه ڊيڄاريو ۽ هيسايو ويو هو. مون ان کي ڪيترو نه خطرناڪ پئي سمجهيو پر اها رسم ته ڏاڍي بي ضرر ۽ بي مزي هئي. انهيءَ سموري رسم ۾ مون کي جيڪا ڳالهه وڻي، اها منع ڪيل ڪتابن جي ڳالهه هئي، جنهن جو مون کي ان وقت تائين پتو نه هو. مونکي هيٺين ماڙيءَ وارو نظارو جنهن ۾ ڇوڪرو پڙهي رهيو هو ۽ ٻه عورتون کيس ٻڌي رهيو ن هيون. ۽ ”نيڪ خال“ جي ڪتابن جا ٽوڪرا ۽ انهن ۾ پيل ٿلها ڪارا ڪتاب جن تي غير مفهوم نقشا نڪتل هئا، ياد اچي ويا، ٻئي ڏينهن مونکي پندرهن ڪوپيڪ ڏيئي چرچ ڏانهن موڪليا ئون. ايسٽر جي اچڻ جي اڃا دير هئي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ برف رجڻ شروع ٿي هئي، مان خشڪ گهٽين مان گهمندو پئي ويس، سڙڪن تي مٽي اڏامي رهي هئي. هوا صاف ۽ وڻندڙ هئي، چرچ جي ڀرسان ڪي مزور ڇڪي راند کيڏي رهيا هئا، دل ۾ چيم، ”اڃا عبادت جو وقت پيو آهي ڇو نه ٻه هٿ هڻي وٺجن،“ چيو مان، ”مون کي کيڏڻ ڏيندا؟ “

”پهريائين نال جو ڪوپيڪ ڪڍ“ هڪڙي مائيءَ جي سينئرن واري ڳاڙهه منهي آڪڙ جي چيو.

مون به اهڙوئي آڪڙجي ٽن ڪوپيڪن جو داءُ لڳايو. منهنجي ڀاڳ ڀڙايو، هڪڙي وڏي رانديگر مون واري داءُ تي ٻه داءُ لڳايا، پر هن جا ٻئي داءُ خالي ويا، انهيءَ ڪري مونکي ڇهه ڪوپيڪ مليا، ۽ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس، انهن مان هڪڙي رانديگر چيو. ”ڇوري تي اک رکجو، متان کٽي ڀڳو وڃي.“

اها مون پنهنجي بي عزتي سمجهي انهيءَ ڪري پنهنجي بي پرواهي ڏيکارڻ لاءِ نون ڪوپيڪن جو داءَ ڀري رکيم. پر منهنجي انهيءَ آڪڙ جو رانديگرن تي ڪو به اثر نه ٿيو، باقي هڪڙو ڇوڪرو هو جو منهنجي عمر جو هو تنهن چيو، ”مان هن شيطان جي پٽ کي خوب سڃاڻان ٿوهي وڏي نصيب وارو آهي“ هڪڙي سڪل ماڻهوءَ، جنهن جي ڪپڙن جي پوءِ مان معلوم پئي ٿيو ته گلن وارو آهي، ڳالهه جي وچ ۾چيو ”شيطان جو پٽ؟ عجيب!“ هن خيال سان ڇڪو اڇليو ۽ منهجا نو ڪوپيل کٽي ويا، پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”ڪيئن شيطان جا پٽ!“

مون جواب ۾ٽن ڪوپيڪن جو داءُ رکيو جو هن هارايو، راند جي قاعدي موجب ڪو به ماڻهو ساڳئي ڇڪن تي لڳاتار ٽن ڀيرن کان وڏيڪ داءُ نه پئي رکي سگهيو تنهن ڪري مون ٻيا ڇڪا کڻي چئن ڪوپيڪن جي ڍڳڙي ٺاهي داءُ رکيو پر منهنجي قسمت جواب ڏيئي بيٺي هئي ۽ مون لڳاتار ٽي داءُ هارايا، ان وقت چرچ ۾واعظ ختم ٿي چڪو هو، چرچ گهنڊ انهيءَ جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا، ۽ چرچ ۾ڪٺا ٿيل ماڻهو ٻاهر نڪري رهيا هئا،

گلن واري مون کان پڇيو ”پرڻيل آهين؟“ ۽ منهنجي وارن کي وٺڻ لاءِ جهٽ هنيائين پر مان گوهي ڏيئي ڀڄِي ويس.

هڪڙي ڇوڪري کان جنهن جي ڪپڙن مان اندازو لڳايم ته چرچ ڏانهن ويو هوندو، پڇيم، ”تون واعظ ٻڌڻ ويو هئين ڇا؟“ ”سمجهه ته مان ويو هئس، انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟“

مون هن کي چيو ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته واعظ ڪيئن ٿيو، پادري ڇا پڙهيو ۽ جي مان اتي هجان ها ته مونکي ڇا ڪرڻو پوي ها؟ هن مون کي جهلي کڻي ڌڪو ڏنو ۽ اهڙي رڙ ڪيائين جو منهنجو ساهه مٺ۾ اچي ويو، ”اڙي ڪافر واعظ کان گسايو اٿئي، توکي آءٌ اکر به نه ٻڌائيندس، مان چاهيان ٿو ته ڀل تنهنجو پيءُ تنهنجي لاک لاهي.“

مان ڏڪندو ڏرندو گهر ڀڳس، پڪ هيم ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا پر مون کي شاباس ڏيندي ٻڍي پڇيو ته پادري کي ڪيترا پئسا ڏنئه؟

”پنج ڪوپيڪ“ مون ٺه پهه وراڻيو.

”۽ ٽي ڪوپيڪ ٻئي کي ڏنا هوندءِ باقي ست ڪوپيڪ تو چٽ ڪري ڇڏيا ڪيئن ڙي جهنگلي جانور !“

بهار جي مند هئي، هرڪو نئون بهار جڏهن ايندو هو ته نئين پوشاڪ پهريو ايندو هو ۽ پهرين کان وڌيڪ مرڪندڙ ۽ چمڪندڙ لڳندو هو. نئين ڦٽل گاهه ۽ ٽارين تي نڪتل نون گونچن مان وڻندڙ سرهاڻ اچي لڳندي هئي، منهنجي دل ۾ اڌما اڀرندا هئا، ته ٻيلن ۾ گهمجي، پکين جا گيت ٻڌجن ۽ ڪوسيءَ زمين تي پنڌ ڪجي پر مون کي سياري جا ڪپڙا صاف ڪري پيتين ۾ بند ڪرڻا ٿي پيا، تماڪ جا پن ڪٽڻا ٿي پيا، جاءِ کي ڇنڊڻو ٿي پيو ۽ سـ‎ڄو ڏينهن گهر جي اهڙي ڪم ۾ڳهڻو ۽ هڄڻو ٿي پيو جو منهنجي لاءِ بي معنيٰ ۽ مصيبت هو.

پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ به ڪا اهڙي شيءِ ڪانه هوندي هئي، جا مون کي وندرائي. انهيءَ غمناڪ گهٽيءَ ۾، جنهن ۾مونکي واڙيو ويو هو ڪا به ڏسڻ جهڙي يا ڪرڻ جهڙي ڳالهه نه هئي، اسان جو اڱڻ ٿڪل ۽ ڪاوڙيل مزورن گندن بورچين ۽ ڌوٻياڻين سان ڀريو پيو هوندو هو، ۽ منهنجون اکيون جيڪي رات جي وقت ان گهٽي ۾ نظارا ڏسنديون هيون سي مونکي اهڙو وياڪل ڪري ڇڏيندا هئا جو انهن جي ڏسڻ کان نابينائيءَ بهتر سمجهندو هوس.

مان پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ڪينچي ۽ رنگين پنا کڻي ويهندو هوس ڪاغذن کي ڪتري گل بنائيندو هوس ۽ انهن سان گهر جي پيلپائن کي سينگاري ڇڏيندو هوس، اهڙي ريت پاڻ کي مشغول رکي دل جي منجهه گهٽائيندو هوس، مان ڏاڍو چاهيندو هوس، ته ڪنهن اهڙي هنڌ هجان جتي ماڻهو پنهنجو وقت رڳو سمهي نه وڃائين، جتي خدا کي گهڙيءَ گهڙي پنهنجن ڏکن سورن سان بيزار نه ڪيو وڃي جتي ماڻهو رڳو ٻين جي عيبن تي فتوائون ۽ فيصلن ڏيڻ تي چوڪس ويٺا نه هجن.

ايسٽر گذرڻ کان پوءِ پهرين ڇنڇر تي بيبي مريم جو ڪرامتن وارو مجسمو اور انسڪيءَ جي چرچ مان اسان جي شهر ۾آندو ويو هو جتي جون جي وچ تائين اهو مهمان رهيو. انهي ءَ کي برڪت واسطي ماڻهن جي گهرن ۾به کڻي ويندا هئا، ۽ هڪڙي ڏينهن اسان جي گهر جو به وارو آيو مان بورچيخاني ۾ ٿانو ملي رهيو هوس جو مالڪياڻي ٻاهران جوش ۾ رڙ ڪئي، ”جلدي در کول بيبي مريم جو مجسمو کنيو پيا اچن !“ مان ان وقت گند سان ٿڦيو پيو هوس ۽ منهنجا هٿ مٽيءَ سان ڪن لڳا پيا هئا، تڏهن به تڪڙو ڊڪندو ويس ۽ وڃي در کوليم.

هڪڙي جوان، جنهن جي هڪ هٿ ۾ شمعدان ۽ ٻئي ۾اگردان هو، ڪاوڙ يل پر نرم لهجي ۾ چيو ”توهين ستا پيا آهيو ڇا؟ مدد ڪراءِ !“

ٻه ڄڻا ڳوري مجسمي کي سوڙهي ڏاڪڻ تان مٿي کڻي پئي هليا ۽مان ان جي هڪڙي پاسي کي پنهنجن گندن هٿن سان جهليو ۽ ڪلهو ڏيو بيٺو هوس، منهنجي پٺيان هڪڙو راهب ننڊاکڙي آواز ۾ مداحون چوندو پئي آيو-”اي مقدس ماءُ اسان لاءِ دعا گهر!“

منهنجي دل ۾ اوچتو اچي خوف پيدا ٿيو. منهنجي گندن هٿن لڳڻ تي ضرور هوءَ رنج ٿي هوندي ۽ هاڻي منهنجي هٿن کي ڳاري چٽ ڪري ڇڏيندي.

مجسمي کي ڪنڊ ۾ پيل ٻن ڪرسين، جن جي مٿان صاف چادر وڇائي ويئي هئي کڻي رکيائون انهن جي ٻنهي پاسن کان ٻه فرشتن جهڙا ٺاهوڪا راهب بيٺا هئا هنن جي اکين مان تجليون پئي نڪتيون. هنن جا مهانڊا موهيندڙ ۽ وار وڻندڙ هئا.

پوءِ مناجاتون شروع ٿيون –”اي نامور ماءُ !“ وڏي پادري آلاپيو- ۽ سڄو وقت پنهنجن ڊگهن وارن جي هيٺان لڪل هڪڙي ڪن جي سڄيل ڳاڙهي پاپڙيءَ کي مهٽيندو رهيو- ”اي مقدس ماءُ، اسان جي لاءِ دعا گهر!“ نانيءَ مون کي ٻڌايو هو ته انهيءَ مقدس ماءُ غريبن جي واسطي رنگ برنگي گل ۽ ساوا ٻوٽا ۽ اهي شيون جيڪي سرهائي ڏين ٿيون ۽ جيڪي زندگيءَ کي سهڻو بنائين ٿيون ۽ نعمتون بخشين ٿيون، پوکيون هيون تنهن ڪري مان انکي پيار ڪندي هوس، جڏهن هن کي نوڙي سلام ڪرڻ جو وارو آيو تڏهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ته وڏا ڇا ڪري رهيا هئا، مون وڌي هن جي چپن ۽ ڳلن تي چميون ڏنيون.

خبر تڏهن پيم جو هڪڙو کهرو مضبوط هٿ مون کي ڳچي ءَ کان وٺي در تائين گهليندو ويو، مون کي ياد ناهي ته مجسمو ڪهڙي ريت کڻي ويا پر ايترو ياد اٿم ته مان فرش تي ويٺو هوس ۽ گهر جا مالڪ منهنجي چوگرد مڙيا بيٺا هئا ۽ مون تي نازل ٿيندڙ بدبختين جو ڏاڍيءَ ڳڻتي سان ۽ ڏڪندي ڏڪندي ذڪر ڪري رهيا هئا.

” اسان کي هن بابت پادريءَ سان صلاح ڪرڻي پوندي.”مالڪ مون ڏانهن رکائيءَ سان پر ڪاوڙ کان سواءِ ڏسندي چيو، ”گڏه ! توکي اهوبه پتو نه هو ته چپ نه چمبا؟ توکي اسڪول ۾اهو سکڻ کپندو هو!“

ڪجهه ڏينهن تائين خوف ۽ صبر سان مريم جي ڏمر جو انتظار ڪندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته الائي ڇاٿيندو، مون انکي گندا هٿ لڳايا هئا ۽ چمي ڏني هئي، مونکي ان جي سزا ضرور ملندي پر مقدس ماءُ منهنجون ڄاڻائي ءَ ۾ٿيل گناه، جو محبت جي جوش ۾ ٿي ويو هو،معاف ڪري ڇڏيو. يا انهن گناهن جي اهڙي ڪا هلڪڙي سزا هئي. جنهن جو گهر جي مالڪن جي سزا جي ڀيٽ ۾مونکي ڪوبه پتو نه پيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڍيءَ کي چيڙائڻ واسطي گهڙيءَ گهڙيءَ وڃي چوندو هيو مانس ”شايد پاڪ مريم کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه وسري ويئي آهي.“

”ٿورو ترس“ هوءَ ساڙ کان چوندي هئي.

جڏهن مان پنهنجي ڪمري جي شهتيرن کي چانهه جي دٻن مان نڪتل گلابي پنن، قلعي وڻ جي پتن ۽ ٻين شين مان گل ٺاهي هڻندو هوس، تڏهن جيڪي دل ۾ايندو هوم اهو آلاپڻ لڳندو هوس، پر ان کي چرچ جي ڌن ۾رستن تي ويندڙ راهبن وانگر چوندو هوس –

”ڪمري ۾ويهي، ۽ ڪئنچي کڻي.

مان ڪاڳر ڪٽيان ٿو ڪٽيان ٿو،

مان اوڳو آهيان مان موڳو آهيان،

مان جيڪر ڪتو هجان، ٻلو هجان،

جتي وڻيم اتي وڃان اتي وڃان!

هتي ته مون تي حڪم هلن ٿا،

ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن چون ٿا. “

جڏهن ٻڍيءَ منهنجي ڪم کي ڏٺو ته کلڻ لڳي ۽چيائين، ڇو نه بورچيخاني کي به سينگاريون؟“

۽ جڏهن منهنجو مالڪ معائنوڪري آيو، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيائين ”شيطانڙا، تون به عجيب مسخرو آهين، خبر ناهي وڏي لاءِ جادوگر ٿيندين يا ٻيو ڪجهه.“

هن مونکي هڪڙو نڪولاس جي مهر وارو پنجن ڪوپين وارو سڪو ڏنو، مون انکي پنهنجن شاهڪارن جي وچ ۾ هڪڙي تار ۾ ويڙهي لٽڪائي ڇڏيو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو اُتان غائب هو، سوچيم اهو ضرور اُن ٻڍيءَ جو ڪم هوندو، جيڪا ان کي تڳائي وئي هوندي.

باب پنجون

انهيءَ بهار جي مند ۾ مان ڀڄِي ويس. هڪڙي صبح جو ڊبل روٽيءَ لاءِ بيڪريءَ تي ويس، بيڪريءَ وارو پنهنجي زال کي گارين ڏيڻ ۾ ايترو ته مشغول هو، جو منهنجي موجودگيءَ جو پتو نه پيس، آخر پنهنجي زال کي مٿي وارو وٽ وهائي ڪڍيائين. هوءَ گهٽيءَ ڏانهن وٺي ڀڳي ۽ اتي ڪري پئي، ماڻهن جا ميڙ اچي گڏ ٿيا. زائفان کي ڏوليءَ تي رکي اسپتال کڻي ويا، مان به ان جي پٺيان ڊڪندو ويس. پتو نٿي پيم ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان، آخر پاڻ کي وولگا نديءَ جي ڪناري تي ڏٺم. ان وقت منهنجي کيسي ۾ ويهه ڪوپيڪ هئا.

بهار جي اُس ڏاڍي وڻندڙ هئي، منهنجي اڳيان ڪشادي وولگا ندي مزي سان وهي رهي هئي ۽ اتي زمين ايتري ته وسيع ۽ هڪ ڪري ٿي لڳي، جو ان ۾ منهنجو وجود کوهه ۾ ڏيڏر مثل ٿي ڏٺو. فيصلو ڪيو ته نه مالڪ ڏانهن موٽندس نه نانيءَ ڏانهن ويندس نانيءَ ڏانهن وڃڻ ۾ساڻس انجام ڀڃڻ جو مرم ۽ ناني جي چٿرن جو خيال پئي ٿيم. ڪجهه ڏينهن ته ڪناري تي رليس پنيس، رات جي وقت جهاز جا دريا دل مزور پنهنجن ڇاپرن ۾ مونکي اجهو ۽ ڳڀو ڏيندا هئا، آخر هڪڙي انهن مان چيو، هتي رلڻ پنڻ مان ڇا هڙ حاصل! ٻڌو اٿم ته جهاز جي رڌڻي ۾ هڪڙي ڇوڪري جي ضرورت آهي، چڱو ٿيندو ته تون اتي وڃي ڪا جانچ ڪر. “

مون ائين ڪيو. هڪڙي قدآور ڏاڙهي واري جهاز ران مون کان سوال جواب ڪيا. هن جي مٿي تي ڪاري ريشمي ٽوپي ۽ اکين تي عينڪ پيل هئي جنهن مان هو مون کي تڪي رهيو هو – ”مهيني ۾ٻه روبل ملندءِ. “ هن وڻندڙ نموني چيو ”ڪٿي آهي تنهنجو پاسپورٽ؟“

”مون وٽ ته پاسپورٽ ڪونهي. “

ٿوري خيال کان پوءِ جهاز ران چيو. ”وڃ پنهنجي ماءُ کي وٺي اچ“.



مان نانيءَ ڏانهن ڊڪندو ويس، هن منهنجي ڳالهه منظور ڪئي، ناني کي پاسپورٽ واسطي مزورن جي سرڪاري دفتر ڏانهن موڪليائين ۽ پاڻ مون سان جهاز ڏانهن گڏجي هلي.

”ڏاڍو سٺو“ جهاز ران اسان کي ڏسندي چيو، ”هليو آ مون سان. “

هو مونکي جهاز جي پاڇيل ۾وٺي ويو.اتي هڪڙو ڀڪ جهڙو بورچي ننڍڙي ٽيبل تي ويٺو هو، هن کي سفيد ٽوپي ۽ سفيد چوغو پيل هو. هو سواءِ ساهي پٽڻ جي چانهه به پي رهيو هو ۽ هڪڙي ٿلهي سگار مان دونهان به ڪڍي رهيو هو، جهاز ران مونکي هن ڏانهن اڳتي ڪندي چيو. ”رڌڻي لاءِ ڇوڪرو استاد سماوري.“

چڙ مان پنهنجي وارن ڪٽيل مٿي کي ڦيرائيندي، ۽ پنهنجا دوڏا ٻاهر ڪڍندي، بورچي ءَ پنهنجون ٽنگون سڌيون ڪيون ۽ پوءِ رنڀندي ۽ گجندي پڇيائين ”تون ڪير آهين؟“

هو مون کي بلڪل پسند نه آيو، هن جا ڪپڙا به جيتوڻيڪ صاف نه هئا، پر مون کان به هو گندو پئي لڳو. هن جي آڱرين تي کهرا وار اڀري آيا هئا، ۽هن جي وڏن ڪنن مٿان وارن جا ڇڳا وڌي ويا هئا،

”مونکي بک لڳي آهي.“مون جواب ڏنو.

اهو ٻڌي هن اکيون ڇنڀيون ۽ هن جي چهري جي رونق ۾ڦيرو اچي ويو. هن جي منهن تي ڪاوڙ بجاءِ مرڪ پکڙجي ويئي. هن جون سر جي رنگ جهڙيون ڳاڙهيون واڇون ڪنن تائين ڇڪجي ويون جنهن ڪري هن جي وات جي سرنگهه ۾گهوڙي جهڙا ڏند ظاهر ٿي بيٺا، هن جون مڇون نوڙي پيون ۽ هو هڪڙيءَ متاري ممتا ڀريل عورت وانگر ڏسڻ ۾اچڻ لڳو.

گلاس ۾پيل چانهه هڪڙي ڪنڊ ۾ هاري، منهنجي لاءِ ان۾ٻي چانهه وڌائين. ڊبل روٽي ۽ قيمون مون ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”کائي ڍؤ ڪر. تنهنجا ڪي مائٽ آهن؟ چوري ڪندو آهين؟ خارنه ”کاءَ پاڻيهي پتو پوندءِ ته هتي چورن جا ڌڻ آهن. “

هن جي گفتگو ڇا هئي، ڪُوڪٽ هئي. هن جو منهن تراکڙو ۽ سانورو ۽ ڪوڙيل ڏاڙهيءَ سبب صاف هو هن جي نڪ جي چوگرد ڳاڙهين رڳن جو ڄار پکڙيو پيو هو، ۽ هن جو نڪ سڄيل ۽ ڳاڙهو هو، جو سدائين مڇن مٿان لڙڪيو پيو هو، هنجو هيٺيون چپ پنهنجي ليکي لڙڪي، هن جي بدصورتيءَ ۾ اضافو ڪري رهيو هو،هن جي واڇ ۾هر وقت سگار پئي دکيو. هو شايد ان وقت گرم پاڻيءَ سان وهنجي نڪتو هو، جو هن جي لوندڙين ۽ ڳچي تي ڪجهه پگهر جون بوندو ن بيٺيون هيون.

جڏهن مون چانهه پي بس ڪئي،تڏهن مونکي هڪ روبل ڪڍي ڏنائين، ”وڃي پنهنجي لاءِ ٻه چوغا خريد ڪري آءُ. ترس مان به توسان گڏجي ٿو هلان.“

پنهنجي ٽوپي سڌي ڪر ي هو مونسان گڏجي هلڻ لڳو، هلڻ مهل هن جو بت ڇليو۽ڇلڪيو پئي ۽ هن جا پير رڇ واريءَ ٽور سان کڄي رهيا هئا.

انهيءَ رات چنڊ پنهنجي ڦوه جواني ۾هو ۽ اسان جي جهاز جي مٿان ٿيندو اولهه طرف چراگاهن ڏانهن لڙندو پئي ويو، اسان جي دقيانوسي جهاز پنهنجي ڪاري کوهي سان هلڻ ۾ڏاڍو وقت پئي ورتو.۽ ان جا پکا اهڙي عجيب نموني ۽ شور سان چانديءَ جهڙي پاڻيءَ ۾پئي ڦريا جيئن ماٽين ۾منڌيون ڦرنديون آهن، يا سياري وقت پوک ۾ڏاٽا وهندا آهن. ڪناري جي وڻن جا پاڇا جيڪي پاڻيءَ ۾پئي تريا جهاز ڏانهن اهڙي ريت هڪ ٻئي جي پٺيان سرڪندا پئي آيا ڄڻ پنهنجي محبوب جي وصل لاءِ وڌندا ويندا هجن. ڪناري کان پري هارين جي جهوپڙين جون خوشيءَ ڀريون دريون چمڪنديون نظر اچي رهيون هيون، ڳوٺن مان خوشيون ملهائيندڙ ڇوڪرين جي گيتن ۽ نغمن جا آواز پئي آيا.

اسان جي جهاز سان هڪڙو ننڍڙو بتيلو ٻڌل هو جنهن جو رنگ سرخ هو اهو اسان جي جهاز جي بنايل پاڻيءَ جي پٽي مٿان لڏندو لمندو پئي آيو. ان جي مٿان سيخن جو مضبوط جهنگلو ٺهيل هو جنهن ۾اهي قيدي سلهاڙي بيهاريا ويا هئا، جن کي ياته شهر نيڪالي مليل هئي يا سخت پورهئي سان قيد آيل هو. بتيلي جي آڳيل تي هڪڙو سپاهي بيٺو هو جنهن جي بندوق رکي رکي چمڪاٽ ڪري رهي هئي. بتيلي مان ڪو به آواز ڪو نه پئي آيو. چانڊاڻ بتيلي کي پنهنجي روشنيءَ ۾وهنجاري ڇڏيو هو ان جي ڪارين سيخن جي ڀيٽ ۾انهن جا اڇا بولٽ ٿورڙا چمڪندڙ ڏسڻ ۾ پئي آيا، قيدي وولگا نديءُ ڏانهن نهاري رهيا هئا، پاڻيءَ جون لهرون ڪڏهن ائين ٿي لڳيون ڄڻ روئي رهيون آهن ۽ ڪڏهن ائين ٿي لڳيون ڄڻ کلي رهيون آهن. هتي به چرچ جهڙي چپ لڳي پيئي هئي ۽ اهڙي ئي بوءِاچي رهي هئي.

بتيلي کي ڏسندي مونکي ننڍپڻ وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن استر خان کان نجنيءَ ڏانهن ٿي وياسين، امڙ ۽ نانيءَ جا ڳنڀبر چهرا اکين آڏو ڦرڻ لڳا، جن جي ڪري ماڻهن سان اهڙي سخت پر دلچسپ زندگي گذارڻ جو موقعو مليو هوم. نانيءَ جي خيال ايندي ئي، جو ڪجهه برو ۽ بڇڙو ٿي لڳم اهو وڻندڙ ۽ موهيندڙ ٿي ٿي پيو ۽ ماڻهو وڌيڪ مهربان ۽ مٺڙا ٿي لڳا.

وولگا ندي جي راتين جي اهڙي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي، منهنجي نيڻن ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا، مونکي انهيءَ تابوت جهڙي بتيلي جو ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. جيڪو خواب آور خاموش راتين ۾ڪشادي نديءَ جي وهندڙ پاڻيءَ مٿان پنهنجي پورن ۾ٻڏو پيو هلندوهو، ڪناري کي هيٺ مٿي ڏسي منهنجو تخيل جوش ۾ ايندو هو، ۽منهنجي دل اڌما کائيندي هئي ۽ ان ۾ چڱي ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن سان ويهي رهاڻ ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندي هئي.

اسان جي جهاز جامسافر عجيب قسم جا هئا،جوانن ۽ پوڙهن، مردن ۽ عورتن جا مهانڊا ذري گهٽ سڀ هڪ جهڙا ئي لڳا، ڪم وارن ماڻهن کي تيز رفتار ٻيڙيون کپنديون هيون. اسان جي ڍلي جهاز ۾ سڀ آرسي ۽ ٽوٽي اچي سوار ٿيا هئا. سندن ڪم هو ڳائڻ ۽ کائڻ تنهن ڪري بي انت ڪوپ، بسيون، ڇريون، ڪانٽا ۽ چمچا گندا ڪري ڇڏيندا هئا، انهن کي ملي صاف ڪرڻ جو ڪم منهنجي حوالي هو تنهن ڪري صبح جو ڇهين بجين کان وٺي اڌ رات تائين ڪم ۾ سخت رڌل رهندو هوس، البت ٽپهريءَ کان پوءِ جڏهن چانهه بير ۽ ووڊڪا جو دور شروع ٿيندو هو، تڏهن ڪجهه ڪجهه مٿي کنهڻ جي تي واندڪائي ملندي هيم.

ٻين ڪمن ڪندڙن کي به ان وقت رڌڻ ۽ ڏيڻ کان واندڪائي ٿيندي هئي، هيڊ بورچي سماوري پنهنجي نائب ياڪوف ٿانورن ڌوئڻ واري مئڪس ۽ پاڻي پيارڻ واري سرجيءَ سان گڏجي ان وقت چانهه پيئندو هو. سرجي ڪٻو هو، هن جي منهن تي ماتا جا داغ هئا ۽ هڙٻاٽيون نڪتل هيون جن ۾تيلايون اکيون پيون چمڪنديون هيون. ياڪوف هميشه گنديون ڳالهيون بيان ڪندو هو ۽ روئڻهارڪا ٽهڪ ڏيئي، وچ وچ ۾ساهي پٽڻ لڳندو هو جنهن ڪري هن جا مر چڙهيل ڏند ٻاهر نڪري بيهندا هئا، سر جي جو ڏيڏريءَ جهڙو وات جڏهن هو ڏند ٽيڙي کلندو هو، ته ڪنن تائين ڇڪجي ويندو هو. مئڪس منهن ۾گهنج وجهي پنهنجي سرد ۽ بي رنگ اکين سان ماٺ ڪيو پيو ٻين کي ڏسندو هو. هيڊ بورچي، مالڪاڻي ڍنگ سان وقت به وقت انهن مان هر ڪنهن جي ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽي چوندو هو، ” اڙي آدم خور، اڙي حرامخور اڙي بدمعاش. “

مونکي اهي ماڻهو پسند نه آيا. گنجو ۽ ٿلهو ياڪوف هميشه هڪڙي موضوع ”عورت “ بابت پيو ڳالهيون ڪندو هو. هن جو عورتن ڏانهن هڪڙو ئي شهوت ڀريو رويو هو، هن جو ڦيڦو منهن مويهڙن سان ڀريل هوندو هو هن جي هڪڙي ڳٽي تي هسو هو جنهن جي چوگرد ڳاڙهن وارن جو جهڳٽو هو، هن جي ور ور ڪري پيو وٽيندو هو، جهاز تي جي ڪا وڻندڙ ۽ رلڻي ملڻي عورت سوار ٿي، ته هنجي چاپلوسي ڪندو هو ۽ ان خوشامد ۾ فقيرن کان به گوءِ کڻي ويندو هو. هن جي زبان ان سان مٺين لسين ڳالهين ڪرڻ ۾ ڪتي جي زبان وانگر لڪ لڪ ڪرڻ لڳندي هئي، خبر نه آهي مون کي ڇو اهو خيال ايندو هو ته ههڙي ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي جلاد ٿيڻ کپندو هو.

”عورتن کي ڦاسائڻ جون اٽڪلون سکو“، هو وقت بوقت سرجيءَ ۽ مئڪس کي چوندو هو ۽ هن جي هدايتن ٻڌڻ وقت انهن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو. ۽ واڇ گودو هڻي ويندي هين.

”آدمخور!“ بيزاريءَ سان هيڊ بورچي چوندو هو ۽ ڏکيائي سان اٿي مون کي حڪم ڏيندو هو. “پيشڪوف هل!“

هو پنهنجي ڪمري ۾هلي برف جي پيتيءَ جي ويجهو ٽنگيل ڪپڙي جي جهوليءَ تي آهلي پوندو هو. ۽ مون کي چمڙي جي جلد وارو ڪتاب ڏيئي چوندو هو، ”پڙهه !“

مان پيتيءَ تي ويهي صبرسان پڙهڻ شروع ڪندو هوس:”جيڪڏهن ستارن جا ڪرڻا ڇٽيءَ وانگر ٿي وڃن ته خواب لهندڙ تي خدا مهربان ۽ هن کي گناهن ۽ براين کان پاڪ سمجهڻ گهر جي.“

سماوريءَ سگريٽ جو سوٽو هڻندي دونهين جا بادل ڪڍندي گهگهي آواز ۾چيو،”اُٺ ! هيءَ به ڪا ڳالهه ٿا لکن!“

”ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي کي ’اگهاڙو ڪرڻ‘“ مون پڙهيو. ”معنيٰ معصوم دل. “

”ڪنهن جي ڇاتيءَ جو پاسو؟“

”اهو ته لکيل ئي ڪونهي. “

”پڪ سان عورت جو ۽ اهو به ڪنهن ڇنال جو. “

هن پنهنجيون اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنهنجون ٻانهون مٿي هيٺان ڏيئي پٺتي ليٽي پيو، هن جو سگريٽ آهستي وسامندو ويو ۽ هن جي واڇ ۾هيٺ ڪري پيو، رکي رکي ان کي زبان سان سڌو ڪري اهڙو زور سان ڪش پئي لڳايائين جو هن جي نڙي ءَ مان سيٽي ءَ جهڙو آواز پيدا ٿيو، ۽ دونهين جي هيٺان هن جو تراکڙو چهرو لڪي پئي ويو، ڪڏهن ائين سمجهي ته هن کي ننڊ کڻي ويئي آهي، انهيءَ بدبخت ڪتاب کي جنهن جي پڙهڻ کان مون کي ڏاڍي ڪراهت ايندي هئي، بند کڻي ڪندو هوس، ته هو کهرائيءَ سان مونکي حڪم ڏيندو هو. ”بس ڇو ڪيئه؟ پڙهه !“

”درويش جواب ڏنو. ادا سوويريان، هيڏانهن نهار. !“

”سويرين. “

”هتي سوويريان، ڇپيل آهي. “

”چئبو اها جادوءَ جي ڳالهه آهي، انهيءَ کان پوءِ پڇاڙيءَ ۾ نظم آهي.

اتان کان شروع ڪجانءِ.“

مون شروع ڪيو.

”سونجهڙؤ ! توهين اسان جا راز ڳوليو ٿا،

”جيئن انهن کي ناپاڪ بنايو،“

”توهان جون ڪمزور اکيون انهن کي لهي نه سگهنديون.“

”نه ئي اوهان جا ڪن.

حورون ۽ پرين جا نغما ٻڌي سگندا.“

”بس ڪر !“ سماوري چيو، اهو ڪو نظم آهي؟ ”اهوڪتاب مونکي ڏي.“

خارمان ڪتاب جا پنا هيڏي هوڏي اٿلائي، پٿلائي، فراسيءَ جي هيٺان رکي ڇڏيائين.

”ٻيو ڪتاب کڻ !“

منهنجي بدبختي. هن جي لوهي پيتيءَ ۾ڪتابن جا ڍڳ پيا هئا، ڪن جا نالا هي هئا: امن جا اصول، ”سپاهي جون يادگيريون.“، ”لارڊ سينڊنهال جا خط.“ خطرناڪ جيوڙا ۽ انهن کان نجات“ ۽ ”پليگ کان بچو “ وغيره، پر انهن ڪتابن کي نه منڍ هو نه پڇاڙي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي چوندو هو ته ”سڀني جا نالا پڙهي ٻڌاءِ.“۽ ڪڏهن اڌ ۾ جهلي، ڪاوڙ مان چوندو هو. ”ڇا ٿو چوين؟“

پڙهين پيو يا ڏندن مان ٿڪون پيو اڇلين؟ الائي ڇا ٿو چوين؟ پتو ئي نٿو پوي، اهو گرواس ڪهڙي شيطان جي پٽ جو نالو آهي!“

ڳاٽي ڀڳا لفظ ۽ اوکا نالا خود منهنجي دماغ کي ٿڪائي رکندا هئا. چاهيندو هوس ته انهن کي وري وري پڙهان جيئن انهن جي ڪجهه معنيٰ سمجهه ۾ اچي، جهاز جي ٻاهران پاڻي نچندو ۽ ڳائيندو رهندو هو، دل چاهيندي هيم ته پاڇيل وٽ خلاصين ۽ کوهي وارن سان گڏجي کوکن تي وڃي ويهان ۽ مسافرن کي راڳ ڳائيندو، جوئا کيڏندو ۽ قصا ڪٽيندو ڏسان ۽ انهن جي بحث مباحثن مان لطف وٺان. ڪاما نديءَ جي ڪناري ڏانهن نهاريان جن تي صنوبر جا وڻ تارجي ڍيري وانگر هڪ ٻئي جي مٿان آهٽيا پيا هوندا هئا،۽ جتي چراگاهن جي وچ ۾بهار جي ٻوڏن کان بچيل پاڻي جي تلائن ۾سج جو عڪس پيو چمڪندو هو. جيتوڻيڪ اسان جو جهاز ڪندي کان دور پئي هليو تڏهن به گهنڊ جو آواز اسان جي ڪنن تائين پهچي ويندو هو، جنهن مان پتو پوندو هو ته آس پاس ڪو ڳوٺ آهي،مهاڻن جا پاڻيءَ ۾ترندڙ بتيلا مانيءَ جي ٽڪرن وانگر ڏسڻ ۾ايندا هئا، ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ ڏسبا هئا،ڪٿي ڪنارن تي ڇوڪرن جا ولر ترندا ڏسڻ ۾ايندا هئا،۽ ڪٿي واريءَ جي دڙن مٿان ڳاڙهين قميصن سان ماڻهو گهمندا نظر ايندا هئا، نديءَجي وچ مان نهارڻ سان اهي سڀ رنگبرنگي رانديڪن وانگر لڳندا هئا،

دل ۾ايندو هوم ته ڪنارن تي بيٺل ماڻهن ۽ ترندڙ بتيلن کي قرب ڀريا سلام ڪريان، خاص طرح اسان جي پنهنجي جهاز وارو بتيلو مون کي ڏاڍو وڻندو هو، مان انهيءَ کي جيئن اهو پاڻيءَ جي ڇولين ۾لڏندو لمندو هلندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڏسندو هوس.انهيءَ کي جهاز ”آنا ڪانيءَ ڪندڙ جانور وانگر رسيءَ۾ٻڌيو ڇڪيو هلندو هو. جڏهن گهليندڙ رسي ڍلي ٿي ويندي هئي، ته بتيلو پاڻيءَ ۾پٺتي رهجي ويندو هو ۽ پوءِ وري رسي بتيلي کي زور سان سٽ ڏيندي هئي، منهنجي دل ۾ڏاڍي خواهش هئي ته انهن ماڻهن جا مهانڊا ڏسان، جن کي بتيلي ۾جانورن وانگر واڙي ڇڏيو هئائون، جڏهن ”پرم“ شهر وٽ انهن کي لاٿائون پئي، تڏهن مان ماڻهن مان جاءِ ڪري، انهن جي رستي تي وڃي بيٺس. اهي پنجن پنجن جي ٽوليءَ ۾اچڻ لڳا ۽ انهن جي قدمن جو آواز سست ۽ هٿڪڙين جو کڙڪو چست هو، انهن جون پٺيون پٺارڪن جي بار کان جهڪيل هيون. انهن ۾ به عام رواجي ماڻهن وانگر ماڻهو هئا، ڪي جوان، ڪي پوڙها، ڪي سهڻا ڪي ماٺيڻا، انهن ۾۽ عام رواجي ماڻهن ۾فرق رڳو ويس جو ۽ ڪوڙيل وارن جو هو، جنهن جي ڪري هنن جا منهن بڇرا ٿي لڳا، شايد اهي ڌاڙيل هئا، پر ناني سدائين ڌاڙيلن جو ذڪر سٺي نموني ڪندي هئي.

سماوري جنهن وقت انهن جي بتيلي ڏانهن شوڪجي ڏسندو هو ته ڪوڪٽ ڪندي چوندو هو ”منهنجا خدا! منهنجي عاقبت اهڙي نه ڪجان!“ ان وقت هو هنن کان وڌيڪ ڪاٽڪو لڳندو هو.

مون هڪڙي ڀيري پڇيس، ائين ڀلا ڇو آهي، جو تون واندو آهين ۽ هي خوني ۽ ڌاڙيل آهن؟

”مان کاڌو رڌيندو ناهيان مان نظرداري ڪندو آهيان پوڙهيون عورتون رڌينديون آهن.“ هن لڪندي چيو. گهڙي کن خيال ڪري پوءِ چيائين ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو فرق سمجهه مان پوندو آهي. ڪي ماڻهو سياڻا آهن ڪي ٿورا گهٽ ۽ ڪي صفا سادا ڍور. سياڻي ٿيڻ لاءِ سٺن ڪتابن پڙهڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح ڪاري جادوءَ جا ۽ اهڙا ٻيا، جڏهن سڀ ڪتاب پڙهبا، تڏهن ئي سٺن ڪتابن جو پتو پوندو“ هو مون کي سمجهائيندو رهندو هو، ”پڙهه ئي پڙهه، جيڪڏهن هڪ ڀيرو سمجهه ۾ نه اچئي ته ٻارنهن ڀيرا پڙهه. “

سماوري جهاز جي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان کهري نموني پيش ايندو هو، ٻيو ته ڇڏيو پر جهاز جو نائب ڪپتان جيڪو ٿور -ڳالهائو هو،ان سان به ساڳي هلت ڪندو هو، پنهنجي هيٺئين چپ کي خار مان ڊولو ڪري پنهنجن مڇن کي مروٽي هو پنهنجن لفظن سان ماڻهن کي پٿر هڻندو هو پر منهنجو لخاظ ۽ خيال رکندو هو، هنجي انهيءَ لخاظ ۾ڪا اهڙي ڳالهه هوندي هئا جا مونکي بي آرام ڪري ڇڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي خيال ايندو هو ته هو به نانيءَ وانگر چريو آهي،ڪڏهن ڪڏهن مونکي چوندو هو ”پڙهڻ بس ڪر“ پوءِ اکيون ٻوٽي ماٺ ٿي ويندو، ۽کونگهرا هڻڻ لڳندو هو، کونگهرن وقت هن جو ديڳ جهڙو پيٽ اڀامڻ لڳندو هو، هن جا بوجرا هٿ هن جي چيلهه تي ميت جي هٿن وانگر پيا هوندا هئا، ۽ هن جون آڱريون اهڙي ريت پيون چرنديون پرنديون هيو، ڄڻ ته غيبي سوئن سان غيبي جورابا اڻنديون هجن. پوءِ هن جي نڙيءَ مان اوچتو رڙ نڪرندي هئي-”پاڻ ڏانهن نهار !توکي عقل آهي. زنده رهڻ لاءِ انهيءَ مان فائدو وٺ، عقل ورهائڻ ۾بخل کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪڏهن سڀيئي عقل وارا هجن ها – پرنه، ائين ناهي. هڪڙو سمجهي ٿوٻيو نٿو سمجهي ۽ ڪي ته وري اهڙا ڪورا آهن جو سمجهڻ ئي نٿا گهرن. “

ڀڳل ٽٽل لفظن ۾هو انهيءَ زماني جون آکاڻيون ٻڌائيندو هو، جڏهن هو سپاهي هو،مونکي ڪڏهن به اهي سمجهه ۾ نه آيون،نه ئي وري انهن مان ڪو مزو آيم، هو انهن کي وچان ئي وچان جتان دل ۾ پور پوندو هوس، کڻي شروع ڪندو هو.

”ڪرنل سپاهي کي سڏ ڪري پڇيو ’ليفٽيننٽ توکي ڇا چيو؟‘ پوءِهن اکر به اکر حقيقت ڪر ي ٻڌايس، پر ڪرنل هن ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ ته هو ڀت هو ۽ پوءِ ڪنڌ نوائي هليو ويو، هائو –“

اوچتو ئي اوچتو هن کي ڪاوڙ لڳي وئي. دونهين جا بادل ڪڍي رڙ ڪيائين ”پر مون کي ڪهڙو پتو هو ته ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي ڪرڻ نه گهر جي،پوءِ انهيءَ ليفٽيننٽ کي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيائون ۽ هن جي ماءُ... او منهنجا خدا،مان ڪيترو جاهل آهيان، مون کي ڪنهن ڳالهائڻ به ڪو نه سيکاريو آهي.“

گرم هوا هلي رهي هئي. هر ڪا شيءَ پئي لڇي ۽ ڦٿڪي، پاڻي جون لهرون جهاز جي لوهي ڪنٺي سان پئي اچي ٽڪريون. جهاز جو ڦيٿو پئي ڦريو.ٻنهي پاسي روشنيءَ جا پاڇا نچي رهيا هئا،هن جي وچ مان پاڻيءَ جو وهڪرو تڪڙو تڪڙو ڊڪندي پئي ويو. ڪجهه پنڌ تي وسندڙ ڪنارن تي وڻ ڪومائل ٿي ڏٺا. جڏهن اسان جا ڪن جهاز جي هر کڙڪي تي هري ويا، تڏهن اسان کي ائين ٿي لڳو ڄڻ سانت ۾ هلندا پيا هلون، ايتري قدر جو رڳو منڍي تي بيٺل خلاصيءَ جو مغموم ۽ مئل آواز ”س – ت... ڇ – هه...“ ڪنن تي پاڻهئي ڄاڻي پيو پوندو هو.

اتي ڪابه اهڙي ڳالهه نه هوندي هئي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ تي دل جو شوق ٿئي، مان انهن جي ڪنهن ڳالهه ۾ بهرو وٺڻ نه چاهيندو هوس، مون کي سڀني ڳالهين کان وڌيڪ انهيءَ ۾ مزو ايندو هو، جو بورچيخاني جي گرم ۽ سڻڀي بوءِ کان پري ڪنهن پاڇي هيٺان ويهي، نيم خواب اکين سان پاڻيءَ جي خاموشي ۽ هوريان هوريان وهندڙ زندگي ڏانهن نهاريان.

”اڳتي پڙهه!“ وڏي بورچي ڪاوڙ ڀريو حڪم نازل ڪيو،

فرسٽ ڪلاس جا خانسامان به سما وريءَ کان ڪن هڻندا هئا، خود جهاز جي نائب ڪپتان جا به هن جي اڳيان ڍڍر ڍلا هوندا هئا، بورچيخاني جي ٻين نوڪرن کي ته سڏيندو هو -. ”سوئر جاپٽ !ايشيائي چور“.

خلاصي ۽کوري وارا سڀ هن کان پيا ڏڪندا هئا، ۽ هن جي مهربانيءَ جا منتظر هوندا هئا، هو هنن کي گوشت جو ٻوڙ ڏيندو هو ۽ پوءِ بيهي هنن کان مٽن مائٽن جا احوال پڇندو هو، تيل ۽ دونهين سان ڪاراٽيل کوري وارا جهاز سڀني کان گهٽ درجي وارا سمجهيا ويندا هئا، ٻيا خلاصي انهن کي جابلو ڍڳا ڪري سڏيندا هئا، انهن کي چيڙائڻ لاءِ هو ماڻهو چوندا هئا-. ڍڳا ڍڳا، ڏي چونگ ته ڀڳا، ڀڳا !“

هڪ ڏينهن جڏهن سما وري اهو ٻڌو ته هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي هن جو منهن ڳاڙهي ٿي ويو ۽ رنڀ ڪري کوري وارن کي چيائين ”بيوقوفو اوهان هنن کي پنهنجي اهڙي بي عزتي ڪرڻ ڇو ٿا ڏيو؟ ٻوٿ وارو موچڙو وهائي ڪڍونِ!“

خلاصين جي جمعدار جيڪو ڏسڻ ۾سٺو پر خر دماغ هو خار کائيندو سماوري کي چيو، ”جهڙا ڍڳا تهڙا رڇ !“

سماوريءَ هن کي ڳچي ءَکان وٺي کڻي مٿي کنيو-” پٽ تي هڻي پرزا پرزا ڪيان؟“

هنن ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا رهندا هئا۽ جڏهن ڳالهه لڙائيءَ تائين پهچندي هئي ته سماوري هميشه سرسي ءَ ۾ هوندو هو،هڪ ته هن کي ديو جهڙي طاقت هوندي هئي، ٻيو ته ڪپتان جي زال جنهن جو منهن مردانو ۽ وار ڇوڪرن جهڙا هئا، هميشه هن جو پاسو کڻندي هئي.

هو شرابن جا دنگ پي ويندو هو پر هن کي ڪڏهن به نشو نه ٿيندو هو، اک پٽڻ سان ئي ووڊڪا جي بوتل منهن تي چاڙهيندو هو، ۽ اها چئن ڳيتن سان چٽ ڪري ڇڏيندو هو،پوءِ سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين بير جو دور جاري رکندو هو. آهستي آهستي هن جو منهن ڪاراٽبو ويندو هو ۽ اکيون ٻاهر نڪري اينديون هيس.

ڪڏهن ڪڏهن رات جو لڳاتار ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو اداس اکين سان افق کان به پري پيو نهاريندو هو، ان وقت هن جو ڀت وڌيڪ ٿلهو ۽ رنگ سفيد ٿي ويندو هو. اهڙي وقت هر ڪو پيو هن کان ڊڄندو هو.پر مون کي هن تي ترس ايندو هو.

ياڪوف، پگهر ۾شل ۽ گرميءَ ۾لال ٿي، بورچيخاني کان ٻاهر نڪرندو هو پري ڪنهن کليل هنڌ تي بيهي پنهنجي گنجي ٽڪڻ کي کنهندي ۽ هٿن کي مهٽيندي وري بورچيخاني ۾ گهڙي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٻاهر نڪري سماوريءَ جي ويجهو اچي چوندو هو،”مڇي کٽي پيئي آهي!“

”چڱو ته گوبيءَ جي ڀاڄي تيار ڪيو. “

”ڪنهن مڇي گهري ته ڇاڪنداسين؟“

”چئجان ته تيار ناهي پوءِ پاڻهي جيڪي ايندن سو کائي ويندا. “

ڪڏهن ڪڏهن مان همت ڪري هن ڏانهن هليو ويندو هوس،هو مونکي چتائي ڏسي چوندو هو، ”توکي ڇاکپي؟“

”ڪجهه به نه. “

ڏاڍو چڱو. “

اهڙي ئي هڪڙي موقعي تي مون پڇيومانس، تون چڱو ماڻهو آهين. تڏهن به هي سڀ توکان ڇو ٿا ڊڄن؟“

هن ڪا به ڪاوڙ نه ڏيکاري- ”مان رڳو توسان چڱو آهيان“ پر پوءِ سادگيءَ سان چيائين، تون سچ ٿو چوين، مان سڀني لاءِ چڱو آهيان پر ان جو اظهار نه ڪندو آهيان. ماڻهن کي انهيءَ جي ڏيکارڻ جو ڪو به ضرور ڪونهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو ڳٿڙ کان جهلڻ ۾دير ئي نه ڪندا آهن. نرم دل انسان کي ماڻهو گڏجي اهڙي ريت پائمال ڪنداآهن، جهڙي ريت ڀترن کي گاري ۾... ٿورو بير کڻي ڏجانءِ !“

بوتل خالي ڪري مڇن کي چٽيندي چوڻ لڳو ”جيڪڏهن تون ٿورو وڏو هجين ها، ته توکي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهايان ها، ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جي مان ٻين کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان، مان چريو ناهيان. ها پر تون پڙهندو رهجانءِ.ڪتابن پڙهڻ سان تنهنجي هر ڳالهه پوري ٿي ويندي، ڪتاب واهيات شيءَ ناهن، ٿورو بير پيئندين؟“

”مونکي پسند ناهي. “

”شاباس، ڏاڍو سٺو، جو ان کان پري ٿو رهين. پيئڻ انسان لاءِ تباهي آهي، ووڊڪا ۾شيطان لڪو ويٺو آهي. جيڪڏهن مون کي ڏوڪڙ هجن ته توکي تعليم ڏياريان، اڻ پڙهيل ماڻهو ڍڳو آهي،اهو فقط وهڻ ۽ ڪهڻ جي لائق آهي،بس ڇڙو پڇ ڇنڊي ڄاڻي. “

ڪپتان جي زال هن کي گوگول جو هڪڙو ڪتاب ڏنو. مون ان مان ”خوفناڪ انتقام“واري ڪهاڻي دلچسپي سان پڙهي پر سماوري خارمان چيو،”واهيات ڇڙي ڏند ڪٿا، مونکي پتو آهي ته ان کان سٺا ڪتاب پيا آهن. “

مونکان اهو ڪتاب وٺي ڪپتان جي زال کي ڏنائين.۽ ان کان ٻيو ڪتاب وٺي آيو. ۽ مون کي رکائيءَ مان چيائين، ۽ تاراس... نالو به چڱو وٺندا اٿس... اهو قصو پڙهه، هوءَ چوي ٿي سٺو آهي. ٿي سگهي ٿو هن لاءِ سٺو هجي، پر منهنجي لاءِ سٺو نه هجي؟ هوءَ پنهنجا وار ڪترائي ٿي. افسوس جو ڪو ڪن نٿو ڪتريس.“

جڏهن ’تاراس‘، ’اوستوف‘ کي للڪاريو ته وڏو بورچي ڏاڍيان کلڻ لڳو ”واهه واهه ! بيشڪ بيشڪ! توکي علم پر مونکي طاقت آهي! واهه واهه ! پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اڳتي ٻڌاءِ، اڳتي ٻڌاءِ گڏهه ڪنهن جاءِ جا !“

هو ٻڌڻ ۾ گم ٿي ويندو هو پر رکي رکي ناراض ٿي، وچ ۾ ٽپي پوندو هو ”واهيات، ماڻهو کي ڪلهي کان جو وار ڪيائين ته چيلهه تائين وڍيو ويس،- ائين ٿي نٿو سگهي نه ئي نيزي ۾ ٽنبي، ماڻهو کي مٿي کڻي ٿو سگهجي ائين ڪرڻ سان نيزو ڀڄِي پوندو، مان پاڻ سپاهي ٿي رهيو آهيان.“

”ائڊريءَ جي دوکي جي ڳالهه تي ڪپڙن مان نڪري ويو – ”ذليل ڪنهن جاءِ جو ! حيف هجيس... عورت جي ڳالهه تي !“

پر ”تاراس“ پنهنجي پٽ کي ماري ٿو- جڏهن اتي آيس ته هو پنهنجي بستري ٿي اڀو ٿي ويهي رهيو ۽ گوڏن تي هٿ هڻي اچي روئڻ ۾ ڇٽيو جيئن پئي سڏڪا ڀريائين تيئن ڳوڙها هن جي ڳٽن تان وهندا پٽ تي پئي ڪريا – ”او منهنجا ڌڻي. او خدا !“

۽ مون کي سٽ ڪڍندي چيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو،؟ اڳي پڙهه شيطان جا پڇ.اڳتي پڙهه !“

پر پوءِ جڏهن تاراس جو پٽ اوستاف مرڻ کان اڳ پيءُ کي سڏ ڪري چوي ٿو-”منهنجا بابا! تون مون کي ٻڌين ٿو؟“ انهن لفظن تي آيس ته سماوري پاڻ کي جهلي نه سگهيو ۽ اچي ڍونڍ ڪارن ۾پيو – ”ختم ڳالهه ئي ختم ـــــــ؟ گهوڙا. اتي وڃي ڳالهه ختم ٿي! اهي هئا مڙس اهو هو مڙ سن جو انصاف، واهه ڙي تاراس واهه! خدا جو قسم ته مڙس هئين !“

جهٽ ڏيئي، منهنجي هٿن مان ڪتاب کڻي ورتائين ۽ خيال سان ان کي سنڀالي رکيائين هن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ڪتاب جي جلد تي پئي ڪريا- ”ڏاڍو عمدو ڪتاب هو ان جوٻڌڻ نعمت هو. “

ان کان پوءِ ”اونهو“ ڪتاب پڙهيو ويو ان ۾بادشاهه رچرڊ پلئنٽجنٽ هن کي ڏاڍو وڻيو. ڳرو منهن ڪري چوڻ لڳو، بادشاهه هجن ته اهڙا !“

پر مون کي اهو ڪتاب خشڪ لڳو.

حقيقت ۾اسان جي پسند ۾ فرق هو، مونکي يتيم ٿامس جونس جي ڪهاڻي جو ڪتاب ڏاڍو وڻيو هو،ان تي سماوريءَ بڙڪندي چيو ”واهيات! تنهنجو تامس منهنجي لاءِ بيڪار آهي،هن مان مونکي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ کڻ ته ڪي ٻيا ڪتاب پڙهون. “

مون هن کي هڪڙي ڀيري ٻڌايو ته ٻيا ڪتاب به هئا –منع ڪيل ڪتاب – جيڪي لڪي گهرن ۾پڙهي سگهجن ٿا، هن جون اکيون ڦاٽي ويون.

”ڇا؟ ڇو ٿو ڪوڙ بڪين؟“

”مان ڪوڙ نٿو ڳالهايان،جڏهن پادري وٽ گناهن جي معافيءَ لاءِ ويو هوس ته هن انهن بابت مون کان پڇيو هو، مون پاڻ پنهنجن اکين سان ماڻهن کي اهي پڙهندي ۽ روئندي ڏٺو آهي. “

سماوريءَ مون کي گهوريندي چيو، ”ڪير پئي رنو؟“

”عورت جنهن ٻڌو پئي ٻيءَ کي اهڙو خوف ٿيو جو ڪوٺي مان نڪري ٻاهر هلي وئي.“

”تو ضرور ڪو خواب لڌو هوندو. پنهنجي اکين تي هٿ گهمائيندي چيائين.

پر ٿوري گهري کان پوءِ وري ڀڻڪيو، ”ها ڪيتريون اهڙيون شيون هونديون جيڪي مون نه ڏٺيون آهن... ڪٿي ته ڪو راز هوندو.... پر منهنجي عمر هاڻي گذري ويئي آهي... مان انهن جي لائق به ناهيان... خير ڇا به هجي...“

۽ هو ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو پر پوري چٽائي سان نه، اها هن جي عادت هوندي هئي. ڳالهائڻ تي ايندو هو ته ڪنهن جي ڳالهه جو ڪن، ڪنهن ڳالهه جو پڇ - پيو ائين ڀڻ ڀڻ ڪندو هو.

مون کي پتو ئي نه پيو ته مونکي پڙهڻ جي عادت ڪيئن پيئي ۽ ڪتاب پڙهڻ مان ڪيئن ايترو مزو اچڻ لڳو، منهنجي روزاني زندگي ڏينهون ڏينهن ويئي پئي مصيبت بڻبي، تنهن ڪري مون کي ڪتابن مان پاڻ وڌيڪ رس اچڻ لڳو.

سماوري کي ته ڪتابن جو نشو هو تنهن ڪري مون کي ڪم تان به سڏي وٺندو هو- ”پيشڪوف اچي ڪجهه ته پڙهي ٻڌاءِ. “

”مون کي اڃا ڪجهه پليٽون ڌوئڻيون آهن. “

”مئڪس پاڻهي ڌوئندو. “

مئڪس کي ڇڙٻ ڏيندي، منهنجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ مئڪس ساڙ کان گلاس ڀڃي ڇڏيا. نائب ڪپتان مون کي ڏاڍي نرميءَسان چتاءُ ڏيئي ڇڏيو، ”خيال ڪر نه ته جهاز تان لاهي ڇڏيندوسانءِ !“

هڪڙي ڀيري مئڪس ڄاڻي واڻي گندي پاڻيءَ جي ڏول ۾ڪي گلاس رهائي ويو، مون جڏهن اهو پاڻي جهاز تان هيٺ هاريو ته گلاس به ان سان گڏ هليا ويا.

”منهنجي غلطي آهي ”نائب ڪپتان کي سماوريءَ چيو ”انهن جا پيسا مون کان وٺجو.“

کاڌي جي ڪمري ۾ سڀ ڪم ڪندڙ به مون کي شوڪجي ڏسندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن بڇڙا لفظ به ڪڍندا هئا، ڪتابن جا ڪيڙا، تڏهن ڇاجي لاءِ ٿو پيسا وٺين؟“

هو مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ منهنجو ڪم وڌائي ڇڏيندا هئا ۽ هرو ڀرو بسيون ۽ ٿالهيون منهنجي ڌوئڻ ڪاڻ گنديون ڪري ڇڏيندا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جو اسان جي جهاز ۾ ٻه عورتون اچي سوار ٿيون. وڏي جو منهن سرخ ۽ جسم متل هو ۽ننڍي، جا ڇوڪري ٿي لڳي پنهنجي ڦڪي ويس تي نئون ڳاڙهو واسڪوٽ پايو ويٺي هئي، ٻيئي نشي ۾چور هيون. وڏي عورت سڀ ڪنهن ڏانهن ڏسي، پيئي مرڪي، ۽ سڀ ڪنهن کي پئي سلام ڪيائين ۽ جڏهن ڳالهايائين پئي ته، ’س‘ جو اوچار ڪڍندي چپن مان سينڍون پئي ڪڍيائين -” دوستو معاف ڪجو ٿورو چڪو سرس پي وئي آهيان. مون تي ڪورٽ ۾ڪيس پئي هليو،جتان سڌي ڇٽي آئي آهيان، تنهن ڪري خوشي ٿي ڪيم. “

ڇوڪري به کلي پيئي ۽کيپ وارين اکين سان پئي مسافرن کي گهوريائين. وڏي عورت کي ٺونٺ هڻندي چيائين، ”اڙي مصيبت، ڳالهه کي کٽاءِ، اسان کي خبر آهي، خبر....“

اهي سيڪنڊ ڪلاس جاين جي ڀرسان ٿي ويٺيون، جتي سامهون مئڪس ۽ سرجي ءَ جي سمهڻ جو ڪئبن هو. جڏهن وڏي عورت اٿي ويئي ته سرجي پنهنجو ڏيڏر جهڙو وات پٽي انهيءَ جي جاءِ تي ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ اچي ويٺو.

انهيءَ رات مان پنهنجو ڪم ختم ڪري ميز تي ننڊ ڪرڻ لاءِ آ هلي پيس ته سرجي اندر ڌوڪيندو آيو، مون کي ٻانهن کان گهلي،چوڻ لڳو ”هل تنهنجي شادي ٿا ڪرايون. “

هو نشي ۾ ٻڏل هو، جيئن مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مڪ وهائي ڪڍيائين –”جلدي هل !“

مئڪس به شراب جي نشي ۾ مست اچي پهتو هو ٻيئي مونکي ڊيڪ تائين گهلي آيا ۽پنهنجي ڪئبن ڏانهن گهليندا هليا، پر در جي ڀرسان ڪٿي سماوري بيٺو هو ۽ ياڪوف دروازي کي ٻانهن ڏيئي ڇڏي هئي ڇوڪريءَ هن کي پٺيءَ ۾ هٿن جا ڌڪ به پئي هنيا ۽ نشي ۾ٻڏل رڙيون به پئي ڪيون ”ڇڏيو ته مان وڃان ڇڏيو ته مان وڃان...“

سماوريءَ مون کي سرجيءَ ۽ مئڪس کان ڇڏايو ۽ هنن کي وارن کان وٺي کڻي ڦٽو ڪيائين ۽ هو اتي ڦڙهه ٿي پئجي رهيا.

”ايشيائي چور !“ هن ياڪوف تي رومڙ ڪيو ۽ زور سان دروازي کي

ڌڪ هنيائين مونکي ڌڪو ڏيندي چيائين،”جلدي هتان ٽر !“

مان پاڇيل ڏانهن هليو ويس.آسمان ۾ڪڪر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، نديءَ جو پاڻي ڪارو ٿي ڏٺو جهاز جي پٺيان ٻه ڀوريون لهريون،گجي ڪڍنديون هڪ ٻئي کان الڳ ٿي اڻ ڏٺل ڪناري ڏانهن ڊوڙينديون پئي ويون. انهن جي وچ ۾ بتيلو گهلبو پئي آيو. ڪڏهن کاٻي ڪڏهن ساڄي روشنيءَ جا ڪرڻا ڏسڻ ۾ پئي آيا، پر اهي ڪنهن به شيءَ کي چمڪائي نه پئي سگهيا ۽ اوچتو ايندڙ ڪنارن جي ورن وڪڙن ۾اهي گم ٿي پيئي ويا، جنهن ڪري هر ڪا شيءَ وڌيڪ اونداهي ۽ ڀوائتي ٿي پئي ويئي.

وڏو بورچي مٿي آيو ۽ منهنجي ڀرسان ويٺو ”توکي زوري هن ڇوري ڏانهن وٺيو پئي ويا؟“ حيف هجي مردارن تي مون سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو هو. “

”انهيءَ ڇوڪريءَ کي به انهن کان ڇڏايئه. “

”هن کي؟“ جڏهن هن ڇوڪريءَ تي خوب ڇوهه ڇنڊي بس ڪيائين، تڏهن اداس ٿي چوڻ لڳو ”هن جهاز تي هر ڪا ڳالهه گندي لڳي پئي آهي، ٻهراڙيءَ کان به برو حال آهي خاص طرح سياري جو. “

سگريٽ پاڻيءَ ۾قٽو ڪري ڪجهه وقت خيال ۾گم ٿي ويو ۽ پوءِ وڻ لڳو. اڙي نوريئڙا مون کي تنهنجو ڏک آهي،جو تون سوئرن جي وچ ۾ ڦاٿو آهين، مون کي سڀني تي افسوس ٿو ٿئي ڪڏهن ڪڏهن منجهي پوندو آهيان ته ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان، دل ۾ ايندو اٿم ته گوڏن ڀر ويهي هٿ جوڙي چوان ته ”ڪتي جا پٽو، اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ انڌوءَ! توهين هي ڇا پيا ڪريو؟ گڏهو!“ جهاز جي سيٽي وڻندڙ نموني وڄڻ لڳي، رسو هيٺ ڦٽو ڪيو ويو، بتي جي روشني هيٺ مٿي ٿي ڪري اسان جي بندر ڏانهن رهنمائي ڪرڻ لڳي پوءِاوندهه ۾ٻيون ڪيتريون بتيون چمڪنديون ڏسڻ ۾اچڻ لڳيون.

”هيءَ ’مڌ مست بندر‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ’نشو پيتل‘“ وڏي بورچي هوريان چيو ”۽ اها ندي آهي جنهن کي پڻ ’مڌ مست ندي‘ ٿا سڏين. هتي ڪنهن زماني ۾هڪڙو راشن آفيسر رهندو هو جنهن کي مڌ مست چوندا هئا، ۽ هڪڙو ڪلارڪ هوندو هو جنهن کي شرابي، شرابي ڪري سڏيندا هئا، ـــــ مان ڪناري تي ٿو وڃان. “

ڊگهيون ۽ سهڻيون ’ڪامسا‘ ڇوڪريون ٻارڻ جي ڪاٺين جون ڀريون ڪناري تي گاڏڙن ۾ کنيو پئي آيون، پٺي ءَ تي بار کڻڻ ويل جهڪي ٿي ويون، پوءِ ٻن ٻن جون جوڙيون ٺاهي اڳتي پئي وڌيون ۽ ڪاٺين کي دونهاٽيل کوري ۾اڇلائيندي دانهون پئي ڪيائون، ”ڪاٺيون ٻاريو ! ڪاٺيون ٻاريو !“

جڏهن ائين ڀريون لاهي وانديون ٿي اهي موٽيون ٿي ته خلاصين انهن جي ڇاتيَ ۽ ٽنگن کي هٿن لائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جنهن تي هنن دانهون ۽ ڪوڪون پئي ڪيون ۽ خلاصين ڏانهن ٿڪون پئي اڇلايون ۽ انهن کي پري ڪرڻ لاءِ رسا پئي وهايائون ۽مڪون پئي هنيائون. مون اهڙو تماشو ٻين لنگر گاهن تي به ڪيئي ڀيرا ڏٺو جتي به جهاز ڪوئلن ۽ ڪاٺين لاءِ ترسيو پئي اتي اها ڳالهه شروع ٿي پئي ويئي.

مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻ ته انهيءَ جهاز تي رهندي رهندي مان پير مرد ٿي ويو هوس، ۽ مان اها اڳڪٿي ڪري پئي سگهيس ته اڄ کان هفتو پوءِ ڇا ٿيندو، گرميءَ جي پڇاري ۾ڇا ٿيندو ۽ سال جي خاتمي تي ڇا ٿيندو.

ڏينهن ٿي رهيو هو. ديال جي ٻيلي جو هلڪو خاڪو ڪناري جي ڀرسان وارين وارياسين ٽڪرين تي چٽو ٿيڻ لڳو، پري کان ڇوڪرين جي کلڻ ۽ ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو، اهي ڇوڪريون سپاهين جي ٽولن وانگر پنهنجن پنهنجن گاڏڙن کي اڳيان ڪيو مٿي ٽڪرين تي چڙهنديون پئي ويون.

منهنجي دل ڀرجي آئي، ڳوڙها اکين ۾ ترڻ لڳا ۽ دل به انهن سان گڏ وهي وڃڻ لاءِ بيقرار ٿيڻ لڳي، ڳوڙها روڪڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي، پر انهن کي هارڻ به گهٽتائي هئي تنهن ڪري بورن خلاصيءَ کي جيڪو ڊيڪ ڌوئي رهيو هو ڪم ۾ مدد ڪرڻ لڳس.

بورن الائي ڇو اداس ۽ غمگين ڏسڻ ۾ايندو هو ۽ هميشه اڪيلو ئي اڪيلو ڪنڊ پاسو وٺيو ويٺو هوندو هو، جتي هن جون تيز اکيون ٽانڊاڻي وانگر پيون چمڪنديون هيون – ”منهنجو اصلي نالو بورن ڪونهي – منهنجي ماءُ بڇڙي زندگي گها ريندي هئي، تنهن ڪري مون کي ’وورن‘ (بڇڙيءَ جو ) ڪري چيڙائيندا هئا، پوءِ بوورن مان ڦري اهو بورن نالو ٿي ويو، مون کي هڪڙي ڀيڻ آهي اها به اهڙي آهي انهن جي قسمت ئي اهڙي هئي. قسمت جو ڪيتو هر ڪو ٿو ڏيئي،ڪو اڄ وڌي ٿو، ۽ سڀان تيرن ڀر ٿو ڪري.“

جڏهن ڊيڪ کي ٻهارو هڻڻ لڳو تڏهن هوريان چيائين، ”ڏس عورتون ڪهڙا ٻارڻ ٿيون ٻارين؟ آلي ڪاٺي دکي دکي نيٺ ٻري. مونکي اهڙيون ڳالهيون پسند ناهن، نه ئي مونکي وڻنديون آهن جيڪڏهن مان عورت ٿي ڄمان ها ته ڍڪڻ جي ڍڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏان ها. اهڙيءَ ريت مان حضرت عيسيٰ سان گڏ بهشت ۾هجان ها. ۽ ڪنهن به ماڻهو کي مون مان هرج نه رسي ها، پر جيسين حياتي آهي، تيسين باهه جو خطرو لاڳو آهي، مان توکي پڪ سان چوان ٿو مخنثن کي احمق نه سمجهجانءِ اهي عقلمند آهن ۽ انهن کي جادو به ايندو آهي، اهي دنيا جا عيش مزا ڇڏي الله عبادت ٿا ڪن.“

ڪپتان جي زال اسان وٽان اچي لنگهي، جيئن سامهون هاريل پاڻيءَ جي مٿان هلڻ لڳي ته پنهنجو گرارو مٿي ڪيائين. هوءَ ڊگهي ۽ جانٺي هئي هن جي منهن ۾تازگي ۽ سڻڀ هو منهنجي دل ۾اهو ڏاڍو خيال هو ته هن جي پٺيان وڃي دل سان منٿ ڪري چوانس ”مون سان ٿورو ته ڳالهاءِ، ٿورو ته ڳالهاءِ. “

هوريان هوريان جهاز دڪي تان پٺتي هٽڻ لڳو، بورن پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي، هوريان چيو. ”ڪوچ ٿاڪيون. “

باب ڇهون

ساراپل بندرگاه وٽ مئڪس کي جهاز تان روانو ڪيو ويو. هن وڃڻ وقت ڪنهن کي به الوداع نه ڪئي ۽ شاندار نموني لٿو هليو ويو. ان جي پٺيان اُها خوش خورم عورت به ٽرڪندي پئي ويئي ۽ ان جي پٺيان اها ڪومائل ڇوڪري هئي. ان جا وار کنڊريل ۽ اکيون سڄيل هيون. ڳپل وقت تائين سرجي ڪپتان جي ڪئبن وٽ سر جهڪايو ويٺو هو. پنهنجو مٿو در سان پئي هنيائين، ان کي پئي چميائين ۽ رڙيون پئي ڪيائين – ”مون کي معاف ڪريو! اهو مئڪسن جو ڏوهه هو، ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوهه نه هو.“

خلاصين، کوري وارن ۽ ڪجهه مسافرن کي ڄاڻ هئي ته هن ڪوڙ ٿي هنيو، پر هنن هن جي سفارش ڪئي– ”هاڻي هن کي کڻي معاف ڪريو.“ ڪپتان هن کي اهڙي لت وهائي ڪڍي، جو بولاٽيون کائيندو ويو. آخر هن کي بخشيائين. سرجي تڪڙو تڪڙو ڊيڪ ڏانهن ڀڳو ۽ چانهه جي ٽري کڻي مسافرن جي آس پاس هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ ۽ انهن ڏانهن ائين نهارڻ لڳو، جيئن مار کاڌل ڪتو نهاريندو آهي.

مئڪس جي جاءِ تي وياتڪا مان هڪڙي سپاهيءَ کي رکيو ويو. هن جو بت ڏٻرو، مٿو ننڍو ۽ اکيون سرڻ جهڙيون سرخ هيون. هن کي چيائون ته ”چوزا ڪهي آءُ.“ جڏهن ٻه ڪٺيائين، ته باقي ڀڄي ويس. مسافرن انهن کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٽي ڪڪڙ جهاز تان ٽپو ڏيئي، وڃي پاڻيءَ ۾ پيا. سپاهي بورچيخاني جي ڀرسان پيل ڪاٺين جي ڍڳ مٿان ويهي روئڻ لڳو.

”اڙي بيوقوف توکي ڇا ٿيو آهي؟“ سماوري غصي ٿي، پڇيس، ”سپاهي به ڪڏهن رنو!“

”مان ته فالتو سپاهين مان هوس،“ هن وراڻيو. پوءِ ته هن جي شامت آئي. اڌ ڪلاڪ اندر هو جڳ جو تماشو بنجي ويو. ماڻهو هن وٽ هڪ هڪ ٿي ٿي آيا ۽ هن کي چتائي پئي ڏٺائون ۽ پڇيائون – ”ڇا، هي اهو آهي!“

هن پهريائين ته ان ڳالهه ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي هنن جي کلڻ جو به پتو ڪو نه هو. پنهنجي ڳوڙهن کي پنهنجي پراڻيءَ قميص جي ڪفن تي اهڙيءَ ريت اگهي رهيو هو، ڄڻ ته هو انهن کي پنهنجي قميص جي ٻانهن ۾ لڪائيندو هجي. آخر هن کي ماڻهن جي مڙڻ جو پتو پيو، هن جي ڳاڙهين اکين مان ڪاوڙ ۾ الا نڪرڻ لڳا، ۽ پنهنجي وياتڪا ٻوليءَ ۾ تڪڙي رڙ ڪري چيائين، ”ڇا ٿا ڏسو؟ توهان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏڻ گهرجي.“

انهيءَ ته پاڻ مسافرن کي هشي ڏئي ڇڏي. هن تي چپٽيون وڄائڻ لڳا. هن کي چولي ۽ ڪوٽ کان ڇڪڻ لڳا ۽ هن کي ٻڪريءَ وانگر ڦيرائڻ لڳا ۽ اهو تماشو منجهند جي مانيءَ تائين هلندو رهيو. پوءِ ڪنهن ڇا ڪيو، جو چوسيل ليمون ڪاٺ جي چمچي ۾ وجهي، هن جي ڪوٽ جي پَلو سان ٻڌي ڇڏيو. جيئن جيئن چمچو پئي لڏيو، ماڻهن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ هو ويچارو پڃري ۾ ڦاٿل ڪئي وانگر هيڏي هوڏي تڪڙو پئي ڀڳو. ويچاري کي انهيءَ جو پتو ئي ڪو نه هو ته هو مٿس ڇو کلي رهيا هئا.

سماوريءَ جو منهن ڪهل ڀريءَ عورت جي منهن جهڙو نرم ٿي ويو ۽ ماٺ ڪيو هن کي ڏسندو رهيو.

سپاهيءَ جو اهڙو حال ڏسي، مون کي جهٻو آيو ۽ سماوريءَ کان پڇيم، ”ڇا، هن کي ٻڌايان؟“

هن وات مان لفظ ٻولڻ کانسواءِ ڪنڌ لوڏيو.

مون جڏهن هن کي ٻڌايو ته ماڻهو مٿس ڇو کلي رهيا هئا، ته پَلَو مان چمچو ڇني، هيٺ ڦٽو ڪيائين ۽ ان کي لتون هڻڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجي وارن کي کڻي سوگهو جهليائين. جيئن اسين هڪ ٻئي کي دسي رهيا هئاسين، تيئن مسافر کڳيون هڻندا، اسان جي چوڦير گول ٺاهي بيهي رهيا. سماوري انهن کي پري ڪري، ڌوڪي آيو، اسان ٻنهي کي جدا ڪري، مون کي ٿڦ وهائي ڪڍيائين ۽ سپاهيءَ کي ڪن کان کڻي سوگهو جهليائين. جڏهن ماڻهن ويچاري جيتامڙي سپاهيءَکي هن جي پڪڙ ۾ ڦٿڪندو ڏٺو ته هوڪرو لائي ڏنائيون. ڪڏهن سيٽيون پئي وڄايائون، ڪڏهن زمين تي لتون پئي ٺوڪيائون ۽ پيٽن کي هٿ ڏيئي پئي کليائون – ”سپاهيءَ سان ٿو وڙهي! وهائي ڏي بورچيءَ کي پيٽ وارو ٽَڪُر!“

هنن جو اهڙو جهنگلين جهڙو ٽهڪڙو ٻڌي، دل ۾ جڪ ٿي آيم ته ڏنڊو کڻي هنن سڀني جا مٿا ڦاڙي رکان. سماوري سپاهي کي ڇڏي، جهنگلي رڇ جيان مسافرن ڏانهن منهن ڪيو. هن جا هٿ پٺيان هڪ ٻئي جي مٿان رکيل هئا. هن جي ڇاتي سڌي ۽ ڏند ٻاهر نڪتل هئا. ”وڃو پنهنجي جاين ڏانهن! جلدي ڪيو، وڃو!“

وري سپاهيءَ مون تي ڪاه ڪئي، پر سماوري، سپاهيءَ کي هڪ هٿ ۾ سوگهو ڪري، پنهنجي ويهڻ واريءَ جاءِ ڏانهن کڻي ويو. اتي پاڻيءَ جي نلڪي هيٺ کڻي ويهاريائينس ۽ هن جي ڪاٺيءَ جهڙي سڪل جسم کي ائين پئي ڦيرايائين، ڄڻ هو ڪاٺ جو گڏو هو.

خلاصي، ٻيڙين وارا ۽ نائب ڪپتان ڊڪندا آيا. مسافر به هوريان هوريان ڪٺا ٿي ويا. سڀني مان نائب ڪپتان جي منڍي هٿ کن مٿي بيٺي هئي ۽ هو هميشه وانگر خاموش بيٺو هو.

سپاهي پوءِ ڪاٺين جي ڍڳ تي ويهي رهيو. پنهنجا بوٽ لاهي ڦٽا ڪيائين ۽ پنهنجن آلن جورابن کي هوا ۾ لوڏي سڪائڻ لڳو. هوڏانهن هن جي ڀنل مٿي مان پاڻي هيٺ پئي ٽميو. مسافرن کي کلڻ لاءِ ٻيو چرچو هٿ اچي ويو.

”پرواهه نه ڪيو،“ سپاهيءَ چيو، ”مان انهيءَ ڇوري کي ضرور خون ڪندس.“ سماوريءَ مون کي ڪلهي کان جهلي نائب ڪپتان سان ڳالهايون ۽ خلاصين مسافرن کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو. پوءِ سماوريءَ سپاهيءَ کان پڇيو، ”هاڻي توسان ڇا ڪجي؟“

هن ڪجهه به نه ڪڇيو، مون ڏانهن خار ڀريل اکين سان ڏسندو رهيو ۽ پاڻ کي آپي کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائين.

”پاڻ کي ٿڌو ڪر، او شيطان جا تخم،“ سماوريءَ چيس.

”گهڻو حڪم ٿو هلائين، ڪهڙي ملڪ جو والي آن؟“ سپاهي وراڻيس.

مون ڏٺو ته ان جواب وڏي بورچيءَ کي منجهائي وڌو. هن جا ڦوڪيل مِٽا ڦٿل ٽماٽي وانگر ڍلا ٿي ويا، هن ٿڪ اڇلائي، مون کي ڇڏي ڏنو.مان هن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳس ۽ بيوقوفن وانگر ڪنڌ ورائي پئي سپاهيءَ کي ڏٺم، سماوريءَ بي چين لهجي ۾ چيو، ”بلڪل وحشي آهي! تنهنجو خيال ڇاهي؟“

سرجي ڊوڙندو اسان وٽ آيو ۽ سواءِ ساه کڻڻ جي چوڻ لڳو-

”هو پاڻ کي خون ڪري رهيو آهي.“

”ڪٿي آهي؟“ سماوريءَ ڊڪندي پڇيس.

سپاهي نائب ڪپتان جي ڪئبن اڳيان بيٺو هو ۽ هڪڙو وڏو ڇرو پئي ڦيرايائين. اهو اِهو ڇرو هو، جنهن سان ڪڪڙيون ڪهندا هئا ۽ تنور جي لاءِ ڪاٺين جي به وڍ ڪندا هئا، جنهن ڪري اهو بلڪل مڏو ٿي ويو هو ۽ ڪارائيءَ وانگر کرنڊ پئجي ويا هئيس.

مسافر وري هن جي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هئا ۽ هن مسخري تي جنهن جي مٿي مان اڃا پاڻي پئي ٽميو، کلي رهيا هئا. هن جي مني نڪ وارو منهن ڌونري وانگر پئي ڇلڪيو؟ هن جو وات پٽجي ويو هو ۽ چپ لڙڪي پيا هئا هن مسافرن کي رومڙ ڪري چيو، ”ظالمو! بي رحمو!“

مون کي ڪا شيءِ ملي ويئي، جنهن تي بيهي، ماڻهن جا ٽهڪ ڏيندڙ منهن ڏسي پئي سگهيس ۽ انهن کي هڪٻئي کي سڏيندو ٻڌي پئي سگهيس- ”ڏس! ڏس ته سهي!“

جڏهن هو پنهنجي ننڍڙي ٻار جهڙي سنهڙي هٿ سان گهنجيل قميص پنهنجي پتلون ۾ وجهي رهيو هو، ته منهنجي ڀرسان بيٺل هڪڙي ٺاهوڪي ماڻهوءَ ڍيڪ ڏنو، ”مرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ڇڙو قميص اندر وجهڻي اٿس!“

انهيءَ تي ٽهڪرو پئجي ويو. اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته هو سمجهي رهيا هئا ته هي خودڪشي نه ڪندو ۽ منهنجو به اهو خيال هو. سماوري هن ڏانهن غور سان نهاري، ماڻهن کي مڪون هڻندو، هٽائيندو، رڙيون ڪندو ويو ”بيوقوفو، رستو ڏيو!“

هن ور ور ڪري مسافرن کي بيوقوف پئي سڏيو. مسافرن جي هڪڙي ٽولي ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”بيوقوفو، پنهنجن جاين ڏانهن وڃو!“

اها ڳالهه کل جهڙي ٿي لڳي، پر هئي حقيقت. ڇا ڪاڻ ته سڀني صبح کان وٺي بيوقوفن جهڙي هلت هلي هئي. مسافر ٽڙي پکڙي ويا. هو سپاهيءَ وٽ آيو. هن جي ٻانهن کي سوگهو جهلي چيائين، ”مون کي ڏي ڇرو!“

”مون کي تنهنجي پرواهه ناهي!“ سپاهيءَ ائين چئي، ڇرو کڻي اڳتي ڪيو. سماوريءَ ڇرو وٺي، مون کي ڏنو ۽ سپاهيءَ کي ڪوٺي ۾ گهلي ويو- ”سمهي ننڊ ڪر، توسان نيٺ به ڪهڙو ويل آهي؟،

سواءِ اکر چوڻ جي سپاهي بستري تي ليٽي پيو.

”هي تنهنجي کائڻ لاءِ ڳڀي ٽڪر ۽ پيئڻ لاءِ ووڊڪا جو ڍڪ کڻي ٿو اچي. تون ووڊڪا پيئندو آهين؟“

”ڪڏهن ڪڏهن ٿورو چڪو.“

”خيال ڪجانءِ هن کي هٿ نه لائجان. هن تو سان اِهو چرچو نه ڪيو هو. سمجهين ٿو؟ مان توکي ٻڌايان ٿو ته اهو هن جو ڪم نه هو.“

”هو مون کي ايترو ڇو ٿا ستائين؟“ سپاهيءَ پڇيو.

سماوري ٿورو وقت سانت ۾ رهيو. پوءِ وڏو ساه کڻي چيائين، ”مون کي ڪهڙو پتو؟“

مون سان گڏ بورچيخاني ۾ ايندي چوڻ لڳو، ”ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي، جو ماڻهن هن جو ٺٺو کڻي ٺاهيو هو. هن ويچاري جو حال ڏس. ماڻهوءَ جو مٿو ڦيرڻ سولي ڳالهه آهي. هو بدمعاش هن کي ڄورون ٿي لڳا هئا ۽ ويچاري جا ماشا ئي ڦيرائي ڇڏيا هئائون. هتي ڪيترائي ماڻهو ڄؤرن مثل آهن. اڃا ڄؤرن کان به خراب.“

مان جڏهن سپاهيءَ لاءِ ماني، گوشت ۽ ووڊڪا کڻي ويس، ته هو بستري تي اونڌي منهن پيو هو ۽ زالن وانگر روئي رهيو هو. کاڌو ميز تي رکندي، چيومانس، ”اٿي کاءُ!“

”در بند ڪر!“

”پوءِ اونده ٿي ويندي.“

”بند ڪر، نه ته وري اندر اچي، ڌمچر مچائيندا.“

مان هن کي اڪيلو ڇڏي نڪري آيس. هن ۾ اک وجهي ڏسڻ مون کي ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو. هن جي لاءِ منهنجي دل ۾ ايترو رحم پيدا ٿي ويو، جو مان اداس ٿي ويس. هزارين ڀيرا نانيءَ ور ور ڪري چيو هو – ”انسان کي انسان سان همدردي ڏيکارڻ گهرجي. اسان سڀ سورن ۾ ورتا پيا آهيون ۽ اسان لاءِ زندگي گهارڻ ڏاڍي ڪٺن ڳالهه آهي.“

”ماني ڏئي آئينس؟“ وڏي بورچيءَ پڇيو. ”هاڻي ڪهڙي حال ۾ آهي؟“

”مون کي هن جي حال تي ڏک ٿو ٿئي.“

”اڙي، هاڻي وري ڪهڙي مصيبت آهي؟“

”ڪو به ماڻهو پاڻ کي ٻين لاءِ ڏک محسوس ڪرڻ لاءِ روڪي نٿو سگهي.“

سماوريءَ مون کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ”تنهنجي همدردي اجائي نه ويندي، پر همدرديءَ جي ڳالهين ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت نه وڃائيندو ڪر. جڏهن توکي اهو پتو نه هجي ته ديڳڙو رڌبو ڪيئن آهي، ته سکندو ڪر.“

پوءِ مون کي ٿورو ڌڪو ڏيئي چيائين، ”هيءُ هنڌ تو جهڙي لاءِ ڪونهي. هان، هي سگريٽ ڇڪ.“

مسافرن جي رويي مون کي اداس بنائي ڇڏيو هو. هنن جنهن نموني سپاهيءَ سان هلت ڪئي هئي، اها سنگدلي هئي. انهن جي ٽهڪن ۾، جنهن مهل سماوري هن کي ڪن کان سوگهو ڪيو بيٺو هو، وحشيپڻو لڪل هو. هنن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي اهڙيءَ رحم جوڳيءَ ڳالهه مان ڪيئن خوشي پئي حاصل ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هنن کي ايترو مزو پئي ڏنو؟

هو سڀ وري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي موٽي ويا هئا. هاڻي هو ڪرسين تي ويٺا هئا. ڪي آرام ڪرسين تي آهليا پيا هئا. شراب پئي پيتائون، تاس راند پئي کيڏائون، چرچا پئي ڪيائون، سنجيدگيءَ سان بحث پئي ڪيائون يا نظارا پئي ڏٺائون. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته اُهي ساڳيا ماڻهو هئا ئي ڪين، جن ڪلاڪ کن اڳ سيٽيون پئي وڄايون ۽ ٺٺوليون پئي ڪيون. هينئر سڀ سانتيڪا ۽ ماٺيڻا ٿي ويٺا هئا. صبح کان وٺي شام تائين ڊيڪ تي اهڙيءَ ريت پئي ڦريا، جيئن هوا ۾ کنڀ يا سج جي ڪرڻن ۾ ذرڙا. هاڻي وري بندرن تي ڏهن ڏهن جون ٽوليون ٺاهي هو لهي رهيا هئا. اهڙا ئي وري ٻيا ماڻهو جهاز ڏانهن وڌندا پئي آيا. هنن جي هٿن ۾ ساڳئي قسم جون پيتڙيون، هڙون ۽ ڳٺڙيون هيون ۽ انهن کي ساڳئي قسم جا ڪپڙا پاتل هئا.

مسافرن جي اهڙيءَ ريت اچ وڃ جو جهاز جي پنهنجيءَ زندگيءَ تي ڪو به اثر ڪو نه ٿي پيو. آيل ماڻهو به ويل ماڻهن واريون ساڳيون ئي ڳالهيون ساڳين ئي جملن ۾ ڪندا ٿي رهيا. زمين، ڪم، خدا ۽ عورت، هنن جو خاص موضوع هئا.

بلڪه هنن جي ڳالهائڻ جو نمونو ۽ لفظ به ساڳيا هئا- ”اسان جون سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون الله جي حڪم موجب آهن، اسان جو ڪم انهن کي صبر سان سهڻو آهي. ٻيو وڌيڪ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون! اهو اسان جي نصيب ۾ لکيل آهي.“

اهي جملا ٻڌي، مون کي اداسائي به ٿيندي هئي ۽ چڙ به لڳندي هئي. مان گندگي يا بيماري سهڻ برداشت ڪري سگهيس ٿي پر بي انصافي ۽ بيعزتي منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي. مون کي پتو هو ته نه مان، نه ئي سپاهي اهڙيءَ بڇڙيءَ هلت جا لائق هئاسين. سپاهيءَ جو مُنهن ۽ ڏيک اهڙو هو، ان لاءِ هو ڪيئن ٿي جوابدار ٿي سگهيو.

مئڪس جيڪو سٻاجهو ۽ سانتيڪو هو، ان کي نيڪالي ڏني ويئي هئي، پر بڇڙي سرجيءَ کي رکيو يو هو. اهي ماڻهو، جن ويچاري سپاهيءَ جو مغز ذري گهٽ ڦيري ڇڏيو هو، ڇاجي ڪري سماوريءَ جي دهمانن تي رڍن جي ڌڻن وانگر ماٺ ڪيو هليا ويا هئا. ڇا جي لاءِ هنن اهڙيون گاريون برداشت ڪيون هيون؟

”اڙي شيطانو، ڊيڪ جي هڪڙي پاسي ڇاجي لاءِ گوڙ ڪيو بيٺا آهيو؟“ خلاصين جو جمعدار پنهنجون نور جهڙيون اکيون مرڪائيندي هنن کي چوندو هو، ”جي جهاز لوڏو کاڌو ته سڀ ڌو پاڻيءَ ۾ وڃي ڪندؤ.“ جنهن تي ”شيطان“ ماٺ ڪري رڍن وانگر وري ڌڪجڻ لاءِڊيڪ جي ٻئي پاسي وڃي وڃي ڪٺا ٿي ٿيا.

”خدا جي لعنت هجيوَ، احمقؤ!“ جهاز ۾ خلاصين جو جمعدار پٺيان انعام ڏيندو هون.

گرم راتين جو لوه جي چادرن هيٺ، جن کي سج سڄو ڏينهن پيو ساڙيندو هو، دم پيو نڪرندو هو، تنهن ڪري مسافر ٽنڊڻن جي ولرن وانگر ڊيڪ تي ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ جتي ايندو هون اتي ڊهي پوندا هئا. خلاصي انهن کي لوهي سيخن جون چوڪون ڏيئي رڙيون ڪري، اٿاريندا هئا- ”هتي ڇاجي لاءِ ڦڙها لڳا پيا آهيو، پنهنجين جاين تي واپس وڃو!“

هو اٿي ننڊاکيل ماڻهن وانگر هٿوراڙيون ڏيندا هئا، پوءِ جيڏانهن هڪليندا هئن، اوڏانهن هليا ويندا هئا. خلاصي مسافرن کان رڳو پوشاڪ ۾ الڳ هئا، انهيءَ هوندي به هو سپاهين وانگر انهن کي هر وقت دٻائيندا رهندا هئا. سڀ کان وڌيڪ مسافرن جي جيڪا ڳالهه مون کي نه وڻندي هئي، سا هنن جي بي روح ۽ بزدلانه فرمانبرداري هئي. ائين لڳندو هو، ڄڻ ته هنن کي اها ڄاڻ ئي ڪانهي ته انهن کي هيڏانهن نيو پيو وڃي ڪٿي لاٿو ويندو. جتي به هنن کي لاٿو ويندو هو، هو اتي ٿورو ترسي، وري اسان جي جهاز يا ٻئي ڪنهن جهاز تي چڙهي، پنهنجي مسافري نئين سر شروع ڪندا هئا. ائين ڏسبو هو، ڄڻ هي رستو وڃائي ويٺا آهن، هنن جو نه مٽ آهي نه مائٽ ۽ هن ڌرتيءَ تي ڄڻ بلڪل اوپرا آهن ۽ هو سڀ بي سمجهه ۽ بزدل آهن.

هڪ ڀيري لڙيءَ رات جو وقت هو، جو مشينن ۾ ڪا خرابي ٿي پيئي ۽ توب جي گولي ڦاٽڻ جهڙو ٺڪاءُ ٿيو. جهٽ پٽ انجڻ واري ڪمري مان ٻاڦ نڪري، سڄيءَ ڊيڪ کي وڪوڙي ويئي. ڪنهن ماڻهوءَ، جو ڏسڻ ۾ نه آيو، رڙ ڪئي. ”گاوريلو، ڪو گاديلو ۽ ڪجهه ڳاڙهو شيهو کڻي وٺجاءِ!“

منهنجو هنڌ انجڻ جي ڪمري جي ڀرسان ٿانون صاف ڪرڻ واريءَ ميز تي هو. ٺڪاءَ ۽ لوڏن تي مان جاڳي پيس. ڊيڪ تي ماٺ هئي. انجڻين وٽان هلڪو آواز ۽ هٿوڙن جي ٺڪ ٺڪ پئي آئي. پر ٻن ٽن منٽن کان پوءِ مسافرن جي رڙو رڙ شروع ٿي ويئي ۽ ماٺ قيامت جهڙي گوڙ ۾ تبديل ٿي ويئي.

سفيد ڪوهيري مان جيڪو اول ئي پکڙجي ويو هو، ڄنڊن کليل عورتون ۽ مڇين وانگر گول گول اکين وارا گدلا مرد ڊڪندا پئي آيا. چوڌاري هٻڙ ڌٻڙ لڳي ويئي، مسافر، خلاصي سڀ هڪٻئي سان پئي ٽڪريا، بنڊلن، پيٽين ۽ صندوقن هيٺان ڦهڪو ڏيئي پئي ڪريا، هڪ ٻئي کي پئي ڌڪيئون ۽ لتاڙيئون، خدا ۽ نڪولاس وليءَ کي پئي پڪاريائون. اهو لقاءُ ڀوائتي هوندي به مزي جهڙو هو ۽ مان انهن کي ڏسندو رهيس ته ڏسان ته هن کان پوءِ هو ڇا ٿا ڪن؟

پنهنجي حياتيءَ ۾ ”هراس“ ڏسڻ جو مون کي هيءُ پهريون موقعو هو، تڏهن به مون کي اها ڳالهه چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي ته مسافرن کي اجايو خوف ٿيو هو. جهاز پنهنجي رفتار گهٽ ڪا نه ڪئي هئي. ”سلامتيءَ جا پٽا“ ويجها پيا هئا. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ پئي چمڪيو ۽ ڪافي روشني هئي.

پر ڊيڪ جا مسافر چرين وانگر هيڏي هوڏي پئي ڀڳا. ايتري ۾ مٿين درجن جا مسافر به اچي انهن سان شريڪ ٿيا. هڪڙي ماڻهوءَ ڊيڪ تان هيٺ ٽپو ڏنو، پوءِ ٻئي، پوءِ ٽئين. ٻن ڪڙمين ۽ هڪڙي پادريءَ ڪاٺ جا ٿلها ڏنڊا کڻي ڊيڪ سان کتل بينچ تي وسائڻ شروع ڪيا ۽ ان جا بردانا ئي ڪڍي ڇڏيا. چوزن جو وڏو پڃرو هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيائون. ڊيڪ جي وچ ۾ ڪپتان لاءِ جا ڏاڪڻ هئي، ان جي تري وٽ هڪڙو ڳوٺاڻو گوڏا کوڙيو ويٺو هو ۽ جيڪي ماڻهو اتان لنگهيا پئي، انهن جي اڳيان جهڪيو پئي ۽ گدڙ وانگر پئي واڪا ڪيائين، ”مان عيبدار آهيان- مان گنهگار آهيان...“ هڪڙو سانهه جهڙو ٿلهو شهري، جنهن پتلون ته پاتي هئي، پر قميص پائڻ وسري ويئي هيس، ڇاتي ڪٽي رهيو هو- ”شيطانو، ٻيرين تي سوار ٿيو!“

خلاصين انهن کي ڪالرن کان جهلي انهن جا مٿا هڪ ٻئي سان پئي ٺڪاءُ ڪرايا ۽ پوءِ ڊيڪ تي ڦٽو ڪري پئي ڇڏيو. سماوري به ڊوڙندو اچي پهتو. پاجامي جي مٿان اوور ڪوٽ پهريل هوس. گلو ڦاڙي تقرير ڪرڻ لڳو، ”اڙي توهان کي شرم اچڻ گهرجي. ڇا تي ايڏو لڙ لڳايو اٿوَ؟ ڇا، جهاز بيهي رهيو آهي؟ ڇا، ان جي رفتار گهٽجي ويئي آهي؟ اجهو سامهون ڪنارو آهي، جن بيوقوفن هيٺ ٽپو ڏنو هو، انهن ڏانهن سلامتيءَ وارا پٽا اڇلايا ويا آهن ۽ انهن جي تلاش جاري آهي.“

جيئن جيئن ڳالهايائين پئي تيئن ٿرڊ ڪلاس مسافرن کي مٿي واري اهڙي مڪ وهائي پئي ڪڍيائين، جو ڳوڻ وانگر هيٺ اچي پئي ڦهڪو ڪيائون.

اڃا اهو هنگامو ختم ئي نه ٿيو هو، ته هڪڙي عورت، جنهن کي وڏو چوغو پيو هو، سماوريءَ تي رومڙ ڪري آئي ۽ ٻوٿ وارو چمچو وهائي ڪڍيائينس. پوءِ رڙ ڪري چوڻ لڳي، ”تنهنجي اها همت...“

هڪڙو ماڻهو، جو پاڻيءَ ۾ ڀڳو ڀُت ٿيو پيو هو، پنهنجي مڇ کي چوسيندي، هن کي ٻانهن کان جهلي، ڊنل آواز ۾ چوڻ لڳو، ”ڪم عقل، هن کي ڇڏي ڏي.“

سماوري پنهنجون ٻانهون لوڏي ۽ حيرت ۾ اکيون پٽي، مون کان پڇڻ لڳو، ”اڙي، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هيءَ منهنجي پٺيان ڇو پئي آهي؟ عجب جي ڳالهه آهي! مون ته هن ٻانڀ کي حياتيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو آهي!“

هڪڙي ڳوٺاڻي، جنهن جي نڪ مان رت وهي رهيو هو، دانهن ڪئي – ”اڙي، هنن کي انسان ڪير چوندو، هي ته ڌاڙيل آهن ڌاڙيل!“

انهيءَ اونهاري جي ختم ٿيڻ کان اڳ مون اهڙا ٻه هراس ڀريل هنگاما ڏٺا، جي حقيقي خطري جي ڪري نه پر ڊپ جي ڪري برپا ٿيا هئا. ٽئين ڀيري ٻن چورن کي مسافرن پڪڙي وڌو. چورن مان هڪڙي کي غير ملڪي لباس پهريل هو، پورو ڪلاڪ مسافرن هنن جي گنج پئي لاٿي، ان کان پوءِ خلاصين کي خبر پئي ۽ جوابدار کي انهن جي هٿن مان ڇڏائي، وٺي ويا. پوءِ ته مسافرن خلاصين تي هڪ پئي لاٿي ۽ ٻي پئي چاڙهي- ”چورن جا ڀائر ڳنڍي ڇوڙ! توهين پاڻ بدمعاش آهيو، تڏهن ته اوهين هنن بدمعاشن لاءِ ڪُرڪو ٿا.“

چورن کي بيهوشيءَ جي حد تائين ڪٽيو هئائون، تنهن ڪري ٻئي لنگر تي، جڏهن انهن کي اختياريءَ وارن جي حوالي ڪيو ويو ته هو بيهي به نه پئي سگهيا.

اهڙا ٻيا ڪيترائي وقت آيا، جڏهن جذبا جوش ۾ اچي ويندا هئا ۽ مان فيصلو ڪري نه سگهندو هوس ته ماڻهو چڱا آهن يا بڇڙا. اهي صلح ۾ رهڻ ٿا پسند ڪن يا چڻنگ ڏيئي چوچڙي دکائڻ ٿا چاهن. مون کي هنن جو ظلم، هنن جو ٻين ماڻهن کي ستائڻ جو شوق ۽ ٻئي تي ڪهل ڪرڻ وقت ڪيٻائڻ جونمونو سمجهه ۾ نه ايندو هو.

مون وڏي بورچيءَ کان اها ڳالهه پڇي پر هن پنهنجو منهن دونهين جي بادلن ۾ لڪائي، کڙڪ جواب ڏيئي، ان کي ختم ڪري ڇڏيو- ”هيءَ ٽر ٽر ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين؟ انسان انسان آهي. ڪي عقلمند ۽ ڪي بيوقوف آهن. ڳالهائڻ بند ڪر ۽ پڙهڻ شروع ڪر. ڪتابن ۾، منهنجو مطلب آهي. چڱن ڪتابن ۾، توکي جواب ملي ويندا.“

هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪتاب سوکڙيءَ طور ڏيڻ جو خيال ڪيم. انهيءَ ارادي سان ڪازان ۾ پنجن ڪوپيڪن ۾ ”سپاهيءَ جو قصو جنهن پيٽر اعظم جي حياتي بچائي“ نالي ڪتاب خريد ڪيم. هو انهيءَ وقت شراب پي رهيو هو ۽ ڇتو لڳو پيو هو. تنهن ڪري اهو ڪتاب پاڻ ويهي پڙهڻ لڳس. مون کي ان مان ڏاڍي موج آئي. اهو ننڍڙو، سولو لکيل، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ مزيدار هو. مون کي پڪ هئي ته منهنجي استاد کي به مزو ڏيندو پر هن ان کي پورو ڏسڻ کانسواءِ، پنهنجي هٿ ۾ گول مول مروٽي، پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

”بيوقوف، اهو آهي تنهنجو ڪتاب!“هن چيو، ”مان توکي ڏينهن رات طوطي وانگر پيو پڙهايان ۽ تون وري اهڙا واهيات ڪتاب وٺيو پيو اچين.“

هن زمين تي لت وهائي ڪڍي ۽ يخيءَ ۾ پئجي ويو.

”ڪهڙي قسم جو ڪتاب مون کي ٿو ڏين! ڇا، مان اهڙا واهيات ڪتاب پڙهندس! ڇا مان اهڙو بيوقوف آهيان؟ تون سمجهين ٿو ته جيڪي ان ۾ لکيل آهي سو سچ آهي مون کي جواب ڏي!“

”مون کي پتو ڪونهي.“

”پر مون کي پتو آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جو سر وڍين ها، ته هن جو جسم ڏاڪڻ تان هيٺ اچي ڦهڪو نه ڪري ها ۽ پوءِ هن جو ٻيو ساٿي گاهه جي ڍير مٿان چڙهي، ڏسي نه وٺي ها! سپاهي بيوقوف ناهن. هو چوڌاري باه لڳائي ڇڏين ها، ۽ ائين انهن جو انت اچي وڃي ها- سمجهين ٿو؟“

”هائو.“

”اصل ڳالهه اها آهي. مون کي راز پٽر بابت سڀ خبر آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه هن سان ڪا نه ٿي هئي. چڱو، هاڻي هلندو ٿيءُ!“

جيتوڻيڪ سمجهيم ته وڏو بورچي جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي، سو بلڪل سچ آهي پر ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻي ويو هو، تنهن ڪري مون ڪتاب جي ٻي ڪاپي خريد ڪري، ان کي ٻيهر پڙهيو. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن مون محسوس ڪيو ته ڪتاب بلڪل چٽ هو. انهيءَ ڳالهه مونکي وائڙو ڪري ڇڏيو پر وڏي بورچيءَ جي عزت منهنجي دل ۾ وڌي ويئي. جيئن پوءِ تيئن هو وڌيڪ ناراض پئي ٿيو ۽ مون کي وري وري چوڻ لڳو، ”توکي تمام گهڻو پرائڻو آهي ۽ هيءُ هنڌ تنهنجي واسطي موزون ڪونهي.“

مان پاڻ سمجهندو هوس ته اهو هنڌ منهنجي لاءِ موزون نه هو. سرجيءَ جي بڇڙي هلت مون کي وياڪل بنائي ڇڏيو هو. مون هڪ نه پر ڪيترا ڀيرا ڏٺو ته هن چانهه جو سامان ۽ ڇريون چورائي مسافرن کي ڏيئي ٿي ڇڏيون. مون کي پتو هو ته اها چوري هئي، جنهن کان سماوريءَ مون کي ڪيترا ڀيرا خبردار ڪيو هو- ”خيال ڪجان!، جيئن ڪو به ملازم تنهنجي ميز تان ڪوپ بسيون وغيره تڳائي نه وڃي!“

انهيءَ ڳالهه منهنجي لاءِ مصيبت وڌائي ڇڏي. رڳو سماوريءَ جي ڪري اتي رهيو پيو هوس، ورنه جهاز تان ٽپو ڏيئي جهنگ منهن ڪري هليو وڃان ها. هن جي مون تي شفقت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي رهي ۽ جهاز جي لاڳيتيءَ هل هلان مان به مزو پئي آيم. جهاز جو بيهڻ مون کي بيزار ڪري وجهندو هو ۽ جهاز جي هلڻ مان ڪاما ندي، بيلايا ندي ۽ ويانڪا نديءَ جي سفرن ۾ وڏي وولگا نديءَ ۾ موٽي اچڻ جو شوق ۽ نون نظارن شهرن ۽ ماڻهن کي ڏسڻ جي آرزو هوندي هيم.

پر ائين بهرحال ٿيڻو نه هو. منهنجي جهاز واري زندگي اوچتو ختم ٿي ويئي. هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن ڪازان کان نجنيءَ ڏانهن واپس ٿي رهيا هئاسين ته مون کي نائب ڪپتان پاڻ وٽ گهرايو. منهنجي اندر وڃڻ کانپوءِ دروازو بند ڪيو ويو. هن سماوريءَ کي، جيڪو اسٽول تي شوڪيو ويٺو هو، چيو، ”اجهو هي آهي!“

سماوريءَ خشڪ نموني مون کان پڇيو، ”تو سرجيءَ کي ڪي ڪوپ ۽ بسيون ڏنيون آهن؟،

”هو منهنجي پر پٺ کڻي ويندو آهي.“

نائب ڪپتان آهستگيءَ سان چيو، ”هي ڏسندو ناهي ته به هن کي پتو آهي!“

سماوريءَ پنهنجي گوڏي تي ڌڪ هنيو، پوءِ ان تي هٿ گهمائيندي چيائين، ”سوچ ڪري، جواب ڏي!“

مون خيال ۾ ٻڏي، نائب ڪپتان ڏانهن نهاريو، جنهن جواب ۾ پنهنجي عينڪ جي شيشن مان، جن جي پٺيان ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي اکيون هيون ئي ڪو نه، گهوري نهاريو. هو سانتيڪي زندگي گهاڙيندو هو، آهستي هلندو هو ۽ هوريان ڳالهائيندو هو. اڃا هن جي بي رنگ ڏاڙهيءَ يا هن جي بي خيال اکين ڏانهن مس نهاربو هو ته هو اتان هوا ٿي ويندو هو. سمهڻ کان اول ڪافي وقت تائين محراب ۽ ان ۾ ٻرندڙ بتيءَ جي اڳيان گوڏا کوڙي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. هن جي ڪئبن جو در ٿورو کليل هوندو هو، ته ان جي ٻيڪڙ مان هو ڪاري بجڪي وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو. هو عبادت ۾ ڇا چوندو هو، تنهن جو مون کي ڪجهه پتو نه پيو. پر مون هن کي گوڏ تي جهڪي، مجسمي ڏانهن نهاريندو، ڏاڙهي کنهندو ۽ ٿڌا ساهه ڀريندو ڏٺو هو.

سماوريءَ، ماٺ کي ٽوڙيندي، چيو، ”ڪڏهن به سرجيءَ کان ڪي ڏوڪڙ ورتا اٿئي؟“

”نه!“

”ڪڏهن به نه“

”هي ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.“ سماوريءَ نائب ڪپتان کي چيو، جنهن پنهنجي مردار آواز ۾ وراڻيو، ”ساڳي ڳالهه آهي تون پاڻ ڏس“

”هل!“ وڏي بورچيءَ چيو. پوءِ هو منهنجي ميز وٽَ اچي پنهنجي هٿ سان منهنجي مٿي کي ٿڦڪي هڻندي چوڻ لڳو، ”بيوقوف! ۽ مان به ته بيوقوف آهيان! مون کي خيال رکڻ کپندو هو.“

نجنيءَ وٽ پهچي، نائب ڪپتان مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. مون کي اٽڪل اٺ کن روبل مليا، جيڪا منهنجي پهرين وڏي ڪمائي هئي.

مون کي الوداع ڪندي، سماوري چيو، ”سو آخر ائين ٿيو. اڄ کانپوءِ اکيون کولي هلجانءِ، سمجهيئه؟ ڪٿي احمقن وانگر رڳو وات پٽي نه هلجانءِ.“

منهنجو هٿ کولي ان تي تماڪ جي ڳوٿري رکيائين ”هيءَ تنهنجي لاءِ آهي. هٿ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل اٿس. منهنجي دين جي ڌيءُ منهنجي لاءِ بنائي هئي. چڱو، الوداع، پڙهندو رهجانءِ. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو چڱو ڪم ڪو نه ملندئي.“

مون کي پنهنجن هٿن ۾ مٿي کڻي مٺي ڏنائين، ۽ پوءِ هيٺ دڪي تي لاهي بيهاريائين. مون کي هن تي ۽ پاڻ تي ڏک ٿي رهيو هو. هو جڏهن ڪولين کي پاسي ڪندي، جهاز ڏانهن وڌيو، ته مان پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيس ۽ هو ڪيترو نه ڊگهو، ڳورو ۽ اڪيلو ٿي لڳو!

ان کانپوءِ اهڙي قسم جي ڪيترن ماڻهن سان مليو هوندس، جيڪي نيڪدل ۽ تنها آهن ۽ زندگيءَ جي جنجهٽن کان بلڪل الڳ پنهنجي زندگي گهارين ٿا.

باب ستون

نانو ۽ ناني وري شهر ڏانهن لڏي آيا هئا. مان جڏهن هنن ڏانهن ويس تڏهن منهنجي طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ دل غم سان ڀريل هئي. مون کي هـُنن، جهاز جي ڪپتان ۽ ٻين، ڇا جي لاءِ چور سمجهيو هو؟

نانيءَ منهنجو آڌر ڀاءُ مٺڙي نموني سان ڪيو ۽ چانهه لاءِ سماوار گرم ڪرڻ لڳي. پنهنجي خندي واري نموني ناني پڇيو، ”ڪجهه ڏوڪڙ بچايا اٿئي.“

”جيڪي بچايو اٿم اُهو منهنجو آهي“ مون وراڻيس ۽ دريءَ ۾ ٿي ويٺس. مون سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي، هڪڙو سگريٽ دکايو.

”هان!“ ناني شوڪجي چيو، ”ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي. شيطاني ڪم ڪيو اٿئي! انهيءَ منجهه ته واقعي چستي ڪئي اٿئي.“

”مون کي ته تماڪ جي ڳوٿري به ڏني وئي آهي!“ مون ڦونڊجي چيو.

”تماڪ جي ڳوٿري!“ ناني رڙ ڪندي چيو، ”مون کي ڪپڙن مان ڪڍڻ ٿو گهرين ڇا؟“

هو مون ڏانهن الر ڪري وڌيو. هن جي ساين اکين ۾ چمڪ اچي ويئي ۽ پنهنجو مضبوط ۽ اڻڀو هٿ مون ڏانهن وڌايائين. مون جهٽ ۾ پيٽ وارو ٽڪر وهائي ڪڍيس. ويچارو وڏو ميان پٽ تي سنئون ٿي پئجي رهيو. ڪجهه وقت عجب مان وات پٽيو پئي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ اکيون ٽمڪايائين. پوءِ هوريان چيائين، ”تو پنهنجي ناني يعني مون کي ڪيرايو؟ پنهنجي ماءُ جي پيءُ کي؟“

”تو به اڳي مون کي ڪيترائي ڀيرا ڪيرايو آهي.“ پنهنجيءَ ڪڌيءَ هلت جو اندازو نه لڳائيندي، مون چيو.

سڪل ۽ سڙيل منهنجو نانو ٽپ ڏيئي اٿيو، منهنجي ڀرسان ويهندي، منهنجي وات مان سگريٽ کسي، دريءَ کان ٻاهر ڦٽو ڪيائين ۽ ڊڄندي چيائين، ”اڙي چريا! تون اها ڳالهه نه ٿو سمجهين ته توکي هن ڪئي جو ڪيتو خدا سڄي ڄمار لوڙائيندو رهندو.“

پوءِ نانيءَ کي سڏي، ان کي چيائين، ”ڏٺئه! هن مون کي پٽ تي ڪيريو. پٽ تي ڪيرايو! کڻي پڇينس!“

نه هم نه تم، نانيءَ مون ڏانهن ايندي ئي، کڻي وارن کان ورتو ۽ ٿڦون وهائڻ شروع ڪيائين، ”وٺ انهيءَ جو انعام!“

مون کي ايذاءُ ته نه آيو، باقي ڏاڍي گهٽتائي محسوس ڪيم. خاص طرح ناني جي ٽهڪن ڏيڻ ڪري.

نانو ڪرسيءَ تي ٺينگ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سٿرن تي ڌڪ هڻي، پئي چيائين، ”ڏاڍو سٺو، ڏاڍو سٺو!“

مان پاڻ کي ڇڏائي ڇاپري ڏانهن ڀڄي ويس ۽ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ اڪيلو ۽ اداس ليٽي پيس ۽ سماوار جي سون سون ٻڌڻ لڳس.



پوءِ ناني اندر هلي آئي. منهنجي مٿان جهڪي، مشڪل سان ٻڌڻ جهڙي ڀڻ ڀڻ ۾ چوڻ لڳي، ”معاف ڪجانءِ، مون انهيءَ جو خيال رکيو هو، جيئن توکي ڪو به ايذاءُ نه رسي. مون کي وڏي ميان جي خاطر ائين ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ڪراڙو آهي... ڏاڍو ڪراڙو آهي. هن جي دل وٺڻ ضروري آهي. هن جون ڪي هڏيون ضربيل آهن. انهيءَ کانسواءِ هن جي دل غمن ۽ ڏکن جي گـُهڻن ِ کائي ڇڏي آهي. هن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائيندو ڪر. الڪسي، ياد رکجان، هينئر تون ٻار ناهين، هاڻي هو ٻار آهي.“

هن جي لفظن گرم پاڻيءَ وانگر منهنجي دل جي زخمن کي صاف ڪري ڇڏيو. نانيءَ جي پيار ڀري ڀڻ ڀڻ منهنجي دل ۾ شرم به پيدا ڪيو ۽ دل کي هلڪو به ڪري ڇڏيو. مون کڻي هن کي ڀاڪر پاتو.

”چڱو، هاڻي هن وٽ وڃي ويهه. سڀ ٺيڪ آهي. باقي هن جي اڳيان ڪجهه ڏينهن سگريٽ نه ڇڪجانءِ. ٿوري وقت کانپوءِ هو انهيءَ تي به ٺهي ويندو.“

مان وري ڪمري ڏانهن واپس ويس ۽ ناني ڏانهن نهاريندي مشڪل سان پنهنجي کِل روڪي سگهيس. هو ٻارن وانگر راضي ٿيو ويٺوهو. هن جي منهن ۾ سرهائي هئي. هو ميز تي ويٺو هو ۽ ڄنگهيون ڄنگهن جي مٿان لاهي ۽ چاڙهي رهيو هو، ۽ پنهنجا هٿ ڳاڙهه سـَرن وارن ۾ پئي گهمايائين.

”ڪيئن ڙي ٻڪر، وري مون کي ڪيرائڻ آيو آهين؟ تنهنجي ههڙي تهڙي! ڌاڙيل ڪنهن جاءِ جا! جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا، جهڙو پيءُ هو تهڙو پٽ ساماڻو آهي. پليت! مسافريءَ تان گهر موٽي ٿو ۽ صليب بنائڻ بجاءِ مڙس سگريٽ ٿو ڇڪي. تنهنجي ههڙي تهڙي، بونا پارٽ ڪنهن جاءِ جا!“

مون ماٺ ڪري ڇڏي ته ڀل پنهنجي گارين جي گدام کي خالي ڪري، آخر ٿڪجي، بس ڪري، ويهي رهيو. پر چانهه پيئڻ مهل اچي واعظ ۾ ڇٽو ”جيئن گهوڙي کي لغام جي ضرورت هوندي آهي، تهڙي ريت انسان کي الله جي خوف جي ضرورت آهي. الله ئي انسان جو سچو سڄڻ آهي. انسان انسان جو وڏو ويري آهي.“

انسان جي دشمنيءَ واري ڳالهه ته مون کي به دل سان ٺهڪي آئي. باقي ٻيون ڳالهيون مون کي دلچسپ نه لڳيون.

”هاڻي تون وري مترينا وٽ وڃي ڪم ڪر ۽ وري بهار جي موسم ۾ جهاز تي موٽي وڃجانءِ. ڀل سيارو هن وٽ گذار، پر جيئن هنن کي پتو نه پوي ته تون بهار ۾ انهن کي ڇڏي ويندين.“

”ماڻهن کي ڇا لاءِ ٺڳيندو وتي؟“ نانيءَ چيو، جنهن پاڻ ٿورو اڳ مون کي مکرجي مار ڪڍي، ناني کي ٺڳيو هو.

”ٺڳيءَ کان سواءِ زندگي گهارڻ مشڪل آهي.“ ناني پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو. ”ڇا، تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نالو ٻڌائيندينءَ، جيڪو ٻئي ڪنهن کي نه ٺڳندو هجي؟“

ان ڏينهن شام جو، جڏهن نانو عبادت ۾ مشغول هو، مان ۽ ناني وڏو ٻاهريون در کولي، ٻاهر ٿي بيٺاسين. ٻن درين واري جهوپڙي، جتي نانو رهيو ٿي، شهر جي ڇيڙي تي ڪناتناپا گهٽيءَ جي پٺيان هئي، جتي اڳ ناني کي پنهنجي جاءِ هوندي هئي.

”اسين وري هتي موٽي آياسين،“ نانيءَ کلندي چيو. ”ويچاري وڏي ميان جي دل کي ڪٿي به آرام نٿو اچي، تنهن ڪري وتي ٿو جايون مٽائيندو. هتي به راضي ناهي، پر هيءُ هنڌ مون کي پسند آهي.“

اسان جي اڳيان پري پري تائين ٻنين ۾ ساوا سَر بيٺا هئا. انهن جي پاسن کان کاما کنيل هئا ۽ ڪاٺ جا لوڙها ڏنل هئا. واٽ تي ڇڙهين جون قطارون هنيون ويون هيون، جي ڪازان جي سڙڪ تائين هليون پئي ويون. کامن مان ٻوٽن جون چوٽيون ٻاهر نڪري آيون هيون، جن کي سياري جي سرد ۽ غروب ٿيندڙ سج رت ۾ ٻڏل آڱرين جهڙو ڳاڙهو بنائي ڇڏيو هو. شام جا هلڪا جهوٽا ننڍي ميرانجهڙي گاه کي لوڏي رهيا هئا. ويجهن پيچرن تان اسان کي شهر جي ڇوڪرن ۽ انهن جي ساٿي ڇوڪرين جا اونداها پر گاهه جي ٻوٽن وانگر سڌا پاڇولا نظر پئي آيا. ساڄي پاسي ڏانهن خارجي مسيحين جي قبرستان جون ڳاڙهيون بلند ديواريون بيٺيون هيون ۽ کاٻي پاسي اونداها وڻن جا جهڳٽا بيٺا هئا، جن جي پاڇي ۾ يهودين جو مُقام هو. اُهي سڀيئي شيون قحط ساليءَ مسڪينيءَ ۾ ورتل ٿي لڳيون ۽ ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اُهي ڌرتيءَ جي زخمي ڇاتيءَ کي چهٽيون پيون هيون. جهوپڙيون جيڪي شهر جي ڇيڙي تي هيون، سي پنهنجي درين مان ڄڻ ڊڄندي ڌڌڙ ڀرئي رستي ڏانهن نهاري رهيون هيون، جنهن تي سڪل ۽ بـُکن ماريل ڪڪڙيون ڀٽڪي رهيون هيون. ”ديونچي“ چرچ ڏانهن ڳئن جو ڌڻ اوڳاريندو پئي ويو. مليٽري ڇانوڻيءَ مان بئنڊ جو آواز اچي رهيو هو. هڪڙو شرابي رستي تي ٿيڙ کائيندو پئي ويو. هن جي هٿن ۾ هارمونيڪا هئي، جنهن سان سر ملائي راڳ پئي چيائين، ”مون کي يار ملندو- ڪڏهن نيٺ ملندو!“

”گڏهه!“ نانيءَ ٻڏندڙ سج جي ڳاڙهيءَ روشنيءَ ۾ اکيون ڇنڀيندي چيو، ”ڪيڏانهن پنڌ پيو آهين؟ ڪير توکي ملندو؟ ڪٿي ڪري پوندين ۽ ننڊ وٺي وينديئه. اِها هارمونيڪا به، جنهن سان دل ريجهائي رهيو آهين، ڪو کسي وينديءِ.“

مون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي نانيءَ کي جهاز واريءَ زندگيءَ جو سربستو احوال پئي ٻڌايو، جتان نڪرڻ کانپوءِ هت پاڻ کي موڳو ۽ پاڻيءَ کان جدا ٿيل مڇيءَ وانگر محسوس ڪري رهيو هوس. نانيءَ منهنجون ڳالهيون اهڙي خيال سان پئي ٻڌيون، جهڙي خيال سان مان هن جون ڳالهيون ٻڌندو هوس. جڏهن مون سماوريءَ جو قصو ٻڌايومانس، تڏهن پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي چيائين.

”هو ڪو چڱو مڙس هو، مقدس مريم، تون هن جي نگهبان آهين، چڱا ماڻهو آهن ڪٿي؟“ ۽ مون کي چيائين، ”متان ان کي وساري ڇڏين. چڱائي ڪٿي مليئي ته دل ۾ سانڍي رکج ۽ برائيءَ کي ڪڍي اڇلائي ڇڏج.“

اهو ٻڌائيندي، ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته مون کي ڇو اُتان نيڪالي ملي هئي پر دل ٻڌي، هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايم. ناني ان تي بلڪل ناراض نه ٿي ۽ مون کي چيائين، ”تون اڃا ننڍو آهين، تو اڃا زندگي گهارڻ جو نمونو نه سکيو آهي.“

”سڀ ماڻهو هڪ ٻئي کي اها ڳالهه چوندا آهن: ”توکي زندگي گهارڻ اچي.“ ڪڙمي، خلاصي، سڀ - نانيءَ مترينا به پنهنجي پٽ کي ائين پئي چيو. پر اها ڳالهه نيٺ به ڪٿي سکبي آهي؟“

نانيءَ چپ کي چڪ وجهي، ڪنڌ لوڏيو، ”مون کي پاڻ پتو ڪونهي.“

”تون به ته ٻين وانگر اها ڳالهه چئي رهي آهين.“

”مان ڇو نه چوان؟“ نانيءَ گنڀير ٿي وراڻيو. ”توکي چڙ نه لڳڻ گهرجي. تون اڃا ٻار آهين“ نه ئي تو دنيا جا لاها چاڙها ڏٺا آهن، هونئن به انهيءَ منجهيل پـَٽ کي ڪير ٿو سلجهائي سگهي؟ بدمعاشن جي ڳالهه ٻي آهي. پنهنجي ناني کي ڏس، ڪيترو نه پڙهيل ۽ عقلمند آهي پر ان کي به ان جو پتو ڪونهي.“

”۽ ها، ٻڌاءِ تون اتي سـُکي زندگي گذاريندو هئين؟“

”مان؟ هائو، ۽ ڏکي پڻ. ٻنهي نمونن جي.“

ماڻهو اسان وٽان اچي پئي لنگهيا ۽ انهن جا وڏا پاڇا انهن جي پويان پئي ويا. هنن جي هلڻ ڪري هنن جي پيرن وٽان، جا ڌوڙ اڏامي پئي، سان دونهين جي بادلن وانگر انهن جي پاڇن مٿان ڇانئجي پئي ويئي. شام جي اداسائي وڌندي پئي ويئي. دريءَ مان ناني جي ڀڻ ڀڻ اچي رهي هئي ”او منهنجا خدا، مون تان پنهنجو ڏمر لاهه، منهنجي گناهن کي پنهنجي غضب سان نه پرک.“

نانيءَ مرڪندي چيو، ”خدا کي ڪڪ ڪري ڇڏيو اٿائين. هر رات ساڳيو سورن جو بيان ”ڪراڙو ٿي ويو آهيان، هاڻي ڪجهه نه گهرجيم،“ پر هميشه پيو ڪا نه ڪا شڪايت ڪندو. مان خيال ڪندي آهيان ته خدا شام جو هن جي عبادت ڏسي، کلي چوندو هوندو ”هن باسيل ڪشروف وري پنهنجي رام ڪهاڻي شروع ڪئي!“... هاڻي هل ته هلي ننڊ ڪريون.“

مون فيصلو ڪيو ته پيٽ گذران لاءِ ٻوليندڙ پکين کي پڪڙڻ جو ڪم شروع ڪيان، جنهن ڪري مان َ مزي سان زندگي بسر ٿيندي. مان انهن کي پڪڙي ايندس ۽ ناني انهن کي وڪڻي ايندي. پوءِ مون ڄاري، ڦندو ۽ لاسو ۽ پڃرو پاڻ بنائي ورتا. هر روز صبح پره ڦٽيءَ جو هڪڙي واهي جي ويجهو ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ لڪي ويهي رهندو هوس ۽ ناني ڳوڻ ۽ ٽوڪري کڻي، موسم جون پويون کنڀيون، اکروٽ ۽ سايون ٻوٽيون چونڊڻ لاءِ پري پري، ٻيلي ۾ هلي ويندي هئي.

سيپٽمبر جو ٿڪل سج اڀرڻ وارو ئي هو، ته اوچتو ڪڪرن ان جي پيلن ڪرڻن کي ڍڪي ڇڏيو هو. ڪڪرن جو پاڇو منهنجي مٿان ڇانوَ جي وڏيءَ چادريءَ وانگر پئجي رهيو هو. واهي جي کڏ ۾ڪوهيري جي مٿان چڙهڻ ڪري اڃا اوندهه لڳي پئي هئي. اُن جا ڪنارا کڙ ٻڙ ۽ ڪچا هئا، جن تي گاهه، لوا ۽ ڪانهن اڀري ويا هئا. وڻن جي ڪريل ڳاڙهن، سونهري ۽ ناسي پنن واهه جي ڪنڌين کي ڍڪي ڇڏيو هو. صبح جي تازگي ڏيندڙ هوا انهن پنن کي ٻهاري هيٺ ڦٽو پئي ڪيو.

جهنگلي ٻوٽن جي وچ ۾ گولڊ فِنچ پکي ڳائي رهيو هو. هوڏانهن مٽيءَ ڀريل ٽڙيل پکڙيل ٻوڙن ۾ زنده دل ڳاڙهن موڙن وارا پکي پئي ڦريا. نوس نوس ڪندڙ ٽٽمائوس به شوڪر ڪندا، منهنجي مٿان لامارا ڏيندي ۽ وري اچي ٿي مٽيءَ کي ٺونگا هڻڻ ويٺا. هنن جا اڇا مٿا کل جهڙي نموني ڦوڪجي ٻاهر نڪري ٿي آيا ۽ انهيءَ ئي گهڙي وري سـُسي مٿا مٿن جهڙا ٿي ٿي وين. انهن جو نمونو ڪناون گهٽيءَ جي آرتوار وارن جوڌن جهڙو ٿي لڳو. هو اهڙا ته اٻهرا ۽ گستاخ هئا، جو هر ڪنهن شيءِ کي سونجهڻ ضروري سمجهندا هئا، جنهن ڪري هڪ ٻئي جي پٺيان اچي منهنجي ڄار ۾ ڦاسندا هئا. انهن جي پرن کي ڦڙڪندو ڏسي، منهنجي دل اداس ٿي ويندي هئي. پر منهنجي لاءِ اهو ڌنڌي جو سوال بڻجي ويو هو. مان انهن کي ڄار مان ڪڍي، پڃري ۾ وجهندو پئي ويس، ۽ اُن پڃري کي ڳوڻ ۾ اندر رکي ڇڏيو هوم. اتي اونده کي هو ڏسي ماٺ ٿي پئي ويا.

فنچ پکين جو ٽولو ٿوهرن جي آسپاس کيڏي رهيو هو. چؤ طرف اُس پکڙجي ويئي هئي. فنچ تڙڪي جو مزو ماڻي، سرهائيءَ مان تنواري رهيا هئا ۽ اسڪول جي ٻارن وانگر ٺينگ ٽپا پئي ڏنائون. اڏامندڙ لارڪ پکي هڪڙي مک ڦاسائي موٽي آيو هو. انهيءَ کي خيال سان ڪنهن ڪنڊي ۾ اٽڪائي، چور وانگر پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي، هيڏي هوڏانهن واجهائي رهيو هو. هڪڙي جهٽ ڳالهائيندڙ فنچ کي پنهنجي ڀرسان ماٺ ۾ لهندو ڏسي، ان جي قيمت جو ويچار ڪري، دل ۾ تسبيح پئي سوريم ته شل ڦاسائي وجهانس. هڪڙو نَرُ فنچ پنهنجي ولر کان وڇڙي، هڪڙي وڏي وڻ تي اچي ويٺو. هو ڏاڍي شان ۽ مان ۾ هڪ جرنل وانگر پئي لڳو. هن جي ڪاري چهنب هن جي لئي ڀريل تنوار سان هيٺ مٿي پئي ٿي.

سج جيئن مٿي چڙهندو ويو، پکي تيئن وڌيڪ مڙندا ويا ۽ اُنهن جا راڳ مٺڙا ٿيندا ويا. واهي جي اندر ڄڻ خزان جا گيت گونجي رهيا هئا. انهن جا خاموش، اُداس مٺڙا آواز ٻوٽن کي ڇيڙيندڙ هئا، جي جهوٽن ۾ سَر سَر سان ملي هڪ ٿي ويا. هنن سنهن سانتيڪن آوازن ۾ مون اونهاري جي الوداع جو سنيهو ٻڌو. اهو اهڙن لفظن ۾ بيان ٿي رهيو هو، جيڪي رڳو منهنجي ڪنن لاءِ مخصوص هئا ۽ اهي لفظ پاڻمرادو پوئجي منهنجي ڪنن ۾ لڳاتار گيت جي صورت اختيار ڪري رهيا هئا. انهيءَ ويل ڏورانهون گذريل گهڙيون هڪ ٻئي پٺيان قطارو ڪري، منهنجي دل جي سامهون ائين ترنديون ٿي آيون، جيئن آسمان ۾ ماٺيڻين هوائن آڏو ڪپهه جي ٻڙن جهڙا اڇا ننڍڙا ڪڪر ترندا ويندا آهن.

مٿان ڪٿان نانيءَ کي ڏسيندو ٻڌم ”تون ڪٿي آهين؟“ هوءَ پيچري جي پاسي سان ويٺي هئي. هن جي ڀرسان رومال وڇايو پيو هو، جنهن تي ماني، گوگڙو، موري ۽ صوف پيا هئا. انهن جي وچ ۾ شيشي جو سهڻو ساغر پيو هو، جنهن جي ڳچيءَ تي نيپولين جي تصوير چٽيل هئي ۽ اندر جهنگلي ٻوٽين مان بنايل ووڊڪا شراب پيل هو.

”او منهنجا ڌڻي، ڪهڙو نه وڻندڙ وقت آهي!“ نانيءَ شڪر گذاريءَ جي لهجي ۾ چيو.

”مون گيت بنايو آهي!“ مون هن کي چيو.

”چڱو، ٻڌاءِ.“

مون هن کي پنهنجي تڪبندي ٻڌائي، جنهن کي مان شعر سمجهي رهيو هوس، جيڪا هيٺين ريت هئي:

سيارو اچي ٿو، گل وڃن ٿا،

الهه واهي آرهڙ جا سج، الهه واهي،

سهڻا گل ۽ مٺڙا پکي سڀيئي

الوداع سڀ الوداع چون ٿا.

نانيءَ وچ ۾ کڻي ٽپو ڏنو ۽ منهنجو گيت سڄو ٻڌڻ کانسواءِ ئي چوڻ لڳي، ”مون کي به اهڙو هڪڙو گيت ياد آهي ۽ ڏاڍو سٺو آهي.“ پوءِ سـُر مان ٻڌائڻ لڳي:

اوهه! اونهاري جو سج الوداع چئي هليو ويو

اونداهيءَ رات ۾ ڏورانهن جهنگلن ۾

منهنجا بهار کڻي، خزان ڇڏي ڪو هليو ويو،

مان صبح سوير انهن پيرڙن تي وري ويندي آهيان

جيڪي مون بهار جي موسم ۾ کنيا هئا،

اداس ۽ وياڪل آهن اُهي سڃيون ٻنيون

جتي مون پنهنجو جوڀن ۽ جواني وڃائي،

منهنجي سفيد سيني مان ڪو جيڪر

منهنجي ڏکويل دل ڪڍي

برف جي هيٺان پوري ڇڏي.

جيتوڻيڪ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ منهنجو گيت نه ٻڌي منهنجي گهٽائي ڪئي ويئي هئي، پر مون کي نانيءَ جي گيت ڏاڍو مزو ڏنو ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ تي رحم اچڻ لڳو.

”اهو“، نانيءَ چيو، ”دکيءَ دل جو آواز آهي. توکي پتو آهي، اهو هڪڙيءَ ننڍيءَ ڇوڪري بنايو هو. هوءَ بهار جي رت ۾ پنهنجي دوست سان گڏ گهمندي هئي پر سياري ۾ هن جو دوست، مان سمجهان ٿي ٻيءَ ڇوڪريءَ جي ڪري هن کي ڇڏي ويندو رهيو. هن جي دل ۾ درد جي باهه لڳي ويئي ۽ اکين مان هنجون هارڻ لڳي. جيستائين ماڻهو پاڻ انهيءَ حال ۾ نه رهيو آهي ته ان کي چڱيءَ ريت بيان ئي نه ڪري سگهندو. ڏس، هن ڪهڙو نه لاجواب گيت بنايو آهي!

نانيءَ جڏهن پهرئين ڀيري پکي وڪيو ۽ ان جا چاليهه ڪوپيڪ مليس، ته وائڙي ٿي ويئي.

”عجب جي ڳالهه آهي! مون ته ان کي بيوقوفي ۽ ٻاراڻي راند ٿي سمجهيو! ۽ هاڻي ته جاوا آهن.“

”تو ته بلڪل ڪوڏين ۾ وڪڻي ڇڏيو.“

”سچ پچ؟“



ميلي جي ڏينهن تي هن کي جڏهن هڪ پکيءَ جو هڪ روبل ملندو هو، تڏهن ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويندي هئي. ”ڪيتري نه ڪمائيءَ واري راند آهي! عورتون ڏينهن جا ڏينهن ڪپڙا ٿيون ڌوئن يا فرش ٿيون ٻهارين، تڏهن مس ٿيون روبل جي چوٿائي حاصل ڪن ۽ تون ڇڙو پکين کي ٿو پڪڙين! پر توکي پتو آهي ته پکين کي پڃرن ۾ قيد ڪرڻ چڱو ڪم ڪونهي. الڪسي، هاڻ ڇڏ انهيءَ ڪم کي، جيڪي ٿيو سو ٿيو.“



پر مون کي پکين ڦاسائڻ ۾ مزو ايندو آهي. ان ۾ هڪڙو ته مان آزاد رهندو هوس، ٻيو ته پکين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به تڪليف نه رسندي هئي. هاڻي مون پنهنجا اوزار به سٺا هٿ ڪيا هئا، آزمودگار شڪارين کان سبق به ورتو هوم. مان اڪيلو ئي اڪيلو پنهنجي ليکي پکين جي شڪار لاءِ بند ميلن تائين جهنگ ۾ هليو ويندو هوس. اهو جهنگ وولگا نديءَ تائين پهچي پئي ويو. انهيءَ جهنگ ۾ صنوبرن جي وڻن ۾ ڪيترائي بيمثال سهڻا ۽ قيمتي پکي رهندا هئا. مان منهن اونداهيءَ جو نڪرندو هوس ۽ سڄي رات ڪازان واري سڙڪ ڏيئي، برسات جي پاڻيءَ ۽ گپ چڪ کي لتاڙيندو وڌندو ويندو هوس. منهنجي ڪلهي تي رٻڙ جي ڳوٿري هوندي هئي، جنهن ۾ ڀيچيءَ پيل پڃرا رکيل هوندا هئا ۽ هٿ ۾ ٿلهو ڏنڊو هوندو هوم. سرءُ جون راتيون سرد ۽ ڀوائتيون هونديون هيون. رستي تي وڄ سڙيل وڻ بيٺا هوندا هئا ۽ انهن جون رڙيل ٽاريون منهنجي مٿي کي کرڙي ڇڏينديون هيون. کاٻي پاسي هيٺ وولگا جي ڪاري پاڻيءَ تي ترندڙ جهاز ۽ بتيلن جي کوهن ۾ لڳل بتين جي روشني لوڏا کائيندي ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ انهن جي ڦيٿن جي ٿڦ ٿڦ ۽ گهگهوءَ جو روئڻهارڪو آواز ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو.

رستي جي ويجهو پٿريلي زمين تي ڳوٺ جون جهوپڙيون جڙيل هونديون هيون. بکايل ڪتا ڀونڪندا، منهنجي ٽنگن کي وچڙي ويندا هئا. چوڪيدار مون ڏانهن ڊڪندا ايندا هئا ۽ خوف وچان واڪو ڪندا هئا ”ڪير آهين؟ شيطان ئي هن ويل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍندو آهي.“

انهيءَ ڊپ کان ته متان منهنجو سامان نه کسي وٺن، چوڪيدارن کي رشوت ڏيڻ لاءِ پنهنجي کيسي ۾ پنج ڪوپيڪ رکندو هوس. موڪيناءِ جي ڳوٺ وارو چوڪيدار ته منهنجو يار ٿي ويو هو ۽ هميشه شڪايت ڪري چوندو هو، ”اڙي وري! توکي ته بس ئي ڪانهي، تون ته ڪو راتاهو هڻندڙ ڌاڙيل آهين!“

هن جو نالو نيفونت هو. هو قد جو ڇوٽو ۽ رنگ جو ڀورو هو ۽ درويشن وانگر لڳندو هو. هو پنهنجي چوغي مان گوگڙو، صوف يا راهان ڪڍي، مون کي ڏيندو هو ”اچي منهنجا جاني، هيءَ تنهنجي لاءِ سوکڙي آهي، مزي سان کاءُ.“

مون سان هو ڳوٺ جي ڪنڌيءَ تائين گڏجي هلندو هو ۽ الوداع ڪرڻ ويل چوندو هو، ”وڃ! الله تو ساڻ آهي.“

مان پره ڦٽيءَ کان اڳ ۾ جهنگ ۾ پهچي ويندو هوس. پنهنجا ڄار پکيڙي جهنگ جي پاسي ۾ صبح جي انتظار ۾ ڪوٽ پٿاري سمجهي پوندو هوس. ڌرتي سرءُ جي گهريءَ ننڊ ۾ ۽ ان جي هر ڪا شيءِ خاموش هوندي هئي. ڪشادا چراگاه، جيڪي جهنگ سان لڳو لڳ هوندا هئا، سي ڌنڌ ۾ مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. وولگانديءَ ٻنين کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. پري کان اهي ٻنيون ڪٿي هڪ ٻئي سان ملنديو ۽ ڪٿي جدا ٿينديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تان جو ڪوهيري ۾ غائب ٿي وينديون هيون. هوريان هوريان چمڪندڙ سج چراگاهن مٿان اڀرڻ لڳندو هو. هو روشني جهنگ جي اونداهن وڻن سان لڳي، پکڙجي ويندي هئي، جنهن ڪري منهنجي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي هئي. چراگاهن تان ڪوهيرو سج جي روشنيءَ ۾ چانديءَ وانگر چمڪندو مٿي وڃڻ لڳندو هو، جنهن ڪري ٻوٽا، ٻنيون ۽ وڻ ڌيري ڌيري ظاهر ٿيڻ لڳندا هئا. چراگاه سج جي روشنيءَ ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا. جيئن سج آسمان ۾ مٿي چڙهندو هو، تيئن اهو کليل ۽ ٿڌيءَ زمين کي پنهنجي گرميءَ جي خوشي ڏيندڙ تحفو پهچائي، کانئس موٽ ۾ سرءُ جي مٺڙي خوشبوءِ وٺي چوڌاري اُها پکيڙي ڇڏيندو هو. شفاف هوا مان ڇڻندڙ اُس جي سفيد چادر ۾ اوڙهيل ڌرتي گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجا رنگ بدلائيندي رهندي هئي. مون اهڙا ڪيترا سج اڀرندي ڏٺا ۽ هر ڀيري سان نئينءَ دنيا ۽ نئين حسن منهنجي اکين جي آڏو جنم ورتو.

مان صبح سان ايترو پيار ڪندو هوس، جو ان جي نالي وٺڻ ۾ به خوشي حاصل ٿيندي هيم ۽ ان جي نالي جو ساهه سڌير آواز ڪنهن اوچتي مٺي آلاپ وانگر منهنجي جسم ۾لهريون پيدا ڪري ڇڏيندو هو.

جڏهن سج جا ڪرڻا وڻن جي ٽارين يا لوڙهي جي سوراخن مان چلڪندڙ تلوار وانگر جرڪندا ايندا هئا ته مان انهن کي پنهنجي کليل هٿ ۾جهلڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ناني مون کي ڪيترا ڀيرا شهزادي ميڪائل چيرنگووسڪي ۽ ٿيوڊورا جو قصو پڙهي ٻڌايو هو، جنهن ۾ انهن سج جي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. مان انهن ٻنهي کي خيال ۾ جنن وانگرڪارو سمجهندو هوس ۽ ڀائيندو هوس ته هنن جا ٻوٿ ڏٻا، شڪليون بڇڙيون، عادتون بد ۽ اکيون مرگهيءَ جي ماريل ماڻهن وانگر روڳي هونديون هيون. جڏهن به چراگاهن جي مٿان سج اڀرڻ لڳندو هو، ته منهنجي منهن تي پاڻمرادو مرڪ ڦهلجي ويندي هئي.

صنوبر جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڻ جڏهن پنهنجن سبز پوشاڪن تان شبنم کي ڇنڊڻ لڳندا هئا، ته منهنجي مٿان سرٻاٽ لائي ڏيندا هئا. صبح جو سفيد پارو ٻوٽن جي پنن ۽ انهن جي پاڙن واريءَ زمين تي چانديءَ جي ورقن وانگر چمڪندو ڏسڻ ۾ ايندوهو. پاري ۽ مينهن جا ماريل ڳاڙه سرا گاهه جا پٽا زمين ڏانهن ڪنڌ جهڪايو پيا هوندا هئا. پر جڏهن سج جا ڪرڻا ان جي پنين کي ڇهندا هئا، ته انهن جي جان ۾ هڪڙي جنبش اچي ويندي هئي ۽ نئين زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ شايد اها سندن آخري ڪوشش هوندي هئي.

صبح کي کيڪارڻ لاءِ پکي جاڳي اٿندا هئا ۽ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي اهڙيءَ ريت ٽپ پيا ڏيندا هئا، ڄڻ خوشيءَ ۾ نه ماپندا هجن ۽ ائين ڀانئبو هو ڄڻ کنڀن هيٺان اسپرنگ اٿن، جيڪي کين هڪ هنڌ بيهڻ ئي نٿا ڏين.

اوچتو ئي اوچتو، اهو جهنگ جنهن ۾ چؤطرف چپ لڳي پئي هوندي هئي، هزارين پکين جي مٺڙن آوازن سان ڀرجي ويندو هو. اهڙن ساهوارن جي آواز سان، جي ڌرتيءَ تي وڌ ۾ وڌ پاڪ مخلوق آهن. ڌرتيءَ تي سونهن جي خالق انسان پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ انهن لاءِ انهن پکين جي ئي شڪلين ۾ پرين، فرشتن ۽ بـُراقن کي بنايو هو.

اُنهن ننڍڙن موسيقارن کي پڪڙيندي ۽ پڃرن ۾ بند ڪندي مون کي ڏک ته ٿيندو هو، مون لاءِ جيڪر انهن جي ڏسڻ جي خوشي وڌيڪ هجي ها، پر شڪاريءَ جي لالچ ۽ پئسن جي ٿور منهنجي انهيءَ جذبي جو گلو گهٽي ڇڏيندي هئي.

پکي پنهنجي تيز فهميءَ سان مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. ڏاڍي خبرداريءَ سان ڄار کي جانچڻ کانپوءِ، نيرو ٽٽمائوس سمجهي ويندو هو ته هن کي ڪهڙي هنڌان خطرو آهي. انهيءَ ڪري چوڳي کي اهڙي پاسي کان ٺونگو هڻندو هو، جيئن ڪوڙڪيءَ جي ڌاڳن کان بچي وڃي پر هن جي نوس نوس هن جو خاتمو آڻي ڇڏيندي هئي. مان آڪڙ وارن پر اوڳن بلو فنچن جا ولرن جا ولر ڦاسائي ڇڏيندو هوس. اهي منهنجي ڄار ۾ اهڙي مزي سان هليا ايندا هئا، جيئن چرچ ۾ شهر جا چڱا مڙس. پاڻ کي ڄار ۾ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا هئا ۽ پنهنجون اکيون ڦرڪائڻ لڳندا هئا. مان جڏهن انهن کي وٺڻ لاءِ هٿ اندر ڪندو هوس ته پنهنجون مضبوط چهنبون منهنجي آڱرين ۾ ٽنبي ڇڏيندا هئا. ڪراسبل آڪڙ مان هلندو، اچي منهنجي ڄار ۾ ڦهڪو ڪندو هو. هيءُ بي سمجهه پورائو پکي گهڻو وقت ڄار تي ويچار ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پڇ تي ٽيڪ ڏيئي چهنب پٽي، بيهي رهندو هو. هو به ڪاٺڪٽي وانگر وڻن جي ڏارن تي مٿي ڊڪي ڊوڙي سگهندو هو پر هو ائين تڏهن ڪندو هو، جڏهن ٽٽمائوس ساڻس گڏ هوندو هو. هن دونهين جي رنگ جهڙي پکيءَ ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي- هو نه ڪنهن کي پيار ڪندو آهي نه ڪو هن سان پيار ڪندو آهي. هو مئگپاءِ سان انهيءَ ڳالهه ۾ هڪجهڙو آهي، جو سفيد شين تي هرکجي انهن کي چورائي لڪائي ڇڏيندو آهي.

منهنجو شڪار منجهند تائين پورو ٿي ويندو هو پوءِ جهنگ وارو رستو ڏيئي واپس ورندو هوس. سڙڪ سان اچڻ ۾ اهو خطرو هوندو هو، جو ڳوٺن جا ڇوڪرا ۽ جوان مڙس منهنجو اڳ جهلي، منهنجا پڃرا ڦري وٺندا هئا ۽ شڪار جو سامان پرزا پرزاڪري ڇڏيندا هئا، اهڙو آزمودو اول ئي پرايو هوم.

سانجهيءَ ٽاڻي گهر پهچي ويندو هوس. بت ۾ ٿڪ ۽ پيٽ ۾ بک هوندي هيم. انهيءَ هوندي به دل ۾ محسوس ڪندو هوس ته اڄ مون کي وڌيڪ معلومات ٿي آهي ۽ منهنجي طاقت ۾ واڌارو ٿيو آهي. انهيءَ ڳالهه جي ڪري پنهنجي گهٽتائي سمجهڻ کان سواءِ ناني جي ٺٺول برداشت ڪري ويندو هوس، انهيءَ تي هـُن مون کي صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون:

”هن واهيات ڪم کي ڇڏي ڏي. ان کان توبه ڪري ڇڏ. ڪنهن به پکين ڦاسائيندي ڪو نالو ڪو نه ڪڍيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ۾ مون کي اهڙو ڪو به ماڻهو نٿو سجهي، ٻي ڪا اهڙي نوڪري جانچ، جتي تنهنجو عقل وڌي. انسان کي زندگي بغير ڪنهن مقصد جي عطا نه ڪئي ويئي آهي. انسان خدا جو بندو آهي، جنهن کي ڦـَلڻ ڦـُولڻ گهرجي. هو روبل جي مثال آهي، جي ان کي ڪنهن چڱي هنڌ سيڙائبو ته ٽي روبل پيداڪندو. ڇا، تون سمجهين ٿو ته زندگي هڪ راند آهي؟ نه، اها راند ناهي. انسان جنهن دنيا ۾ رهي ٿو، اها مشڪل ۽ اونداهي آهي. هن کي ان ۾ پنهنجي روشنيءَ سان رستو بنائڻو آهي. اسان مان هرڪو ڏهن آڱرين سان ڄمي ٿو پر هر ڪو سڀني کان اڳتي هٿ ڊگهيري، چنبن ۾ گهڻي ۾ گهڻو کڻي، هٿ ڪرڻ گهري ٿو. دنيا ۾ طاقتور ٿي جيءُ، پر جي ڪمزور آهين ته حرفتي ٿيءُ. ڪمزور انسان جنت ۽ جهنم جي وچ ۾ لڙڪندو ٿو رهي. اهڙيءَ طرح رهه جو ماڻهو سمجهن ته تون هنن سان آهين، پر پاڻ کي هميشه اڪيلو سمجهندو ڪر. ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪر، چاهي ڇا به هجي. جي رڳو ٻاهران پنهنجي اکين تي اعتبار ڪندين، ته ڪڏهن به سنئين وک نه کڻي سگهندين. پنهنجي ڳالهه پاڻ تائين رک، ڪڏهن به وات هڻڻ سان محل ۽ ماڙيون ڪين جڙيا آهن، پر عمل سان ناڻو ئي ناڻو آهي. نه تون جهنگلي آهين نه ڄٽ، جن وٽ سواءِ رڍن ۽ ڄَوَن جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي.“

هو سڄي رات اهڙي تقرير ڪري سگهيو ٿي ۽ وقت بوقت ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري مون کي هن جا جملا ياد ٿي ويا هئا. اهي مون کي ٻڌڻ ۾ ڏاڍا مزيدار لڳندا هئا پر انهن جي معنيٰ ۾ مون کي شڪ پوندو هو. هن جي ڳالهين مان ائين سمجهندو هوس ته هن جي نظر ۾ انساني خواهشن جي تڪميل آڏو رڳو ٻه رڪاوٽون هيون هڪ خدا ۽ ٻيا ماڻهو!

نانيءَ دريءَ وٽ ويهي پنهنجي ڀرت جو ڪم ڪندي هئي ۽ ڪُنڍي هن جي چست هٿن ۾ هلندي رهندي هئي. ناني جي تقرير گهڻو وقت خاموشيءَ سان ٻڌندي، وچ ۾ چوڻ لڳندي هئي، ”خدا جي مرضيءَ اڳيان ٻئي ڪنهن جي به نٿي هلي.“

”ڇا چيئه؟“ نانو ڳيت ڏيندي چوندو هو، ”خدا؟ مون کان خدا وسري ويو آهي ڇا، ٻڍي رڍ! مون کي خدا جي ڳالهين جي ساري خبر آهي. ڇا، خدا رڳو تو جهڙن احمقن کي هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪيو آهي؟ گندي رن! بڪ بڪ لاهي ڏني اٿئي!“

مون ڏٺو ٿي ته قزاق ۽ سپاهي ئي اسان سڀني کان وڌيڪ خوش زندگي گهاري رهيا هئا. انهن کي نه ڳڻتي هئي نه فڪر. جڏهن آسمان صاف هوندو هو، تڏهن سپاهي صبح جو سوير اسان جي گهر جي لڳو لڳ ماٿريءَ ۾ اچي مڙندا هئا ۽ کليل ٻنين ۾ ٽڙي پکڙي ويندا هئا. هو ٻنين ۾ پري کان کنڀين وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پوءِ جنگي حرفتن جا مزيدار ڪرتب ڪرڻ شروع ڪندا هئا. هو پنهنجي وڻندڙ ڊريس ۾ بندوقون تاڻيون ڊڙندا ايندا هئا ۽ گهاري ۾ هيٺ هليا ويندا هئا ۽ بگل جي آواز تي اوچتو ئي اوچتو ٻنين تي نروار ٿي ويندا هئا ۽ ڍولن جي کڙڪي دار آواز تي ”هـُرا“ ڪرڻ لڳندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سنگينيون سڌيون ڪيو، اسان جي گهر کي ائين گهيرو ڪري ايندا هئا، ڄڻ ان کي پلال جي پنڊ وانگر ٻهاري ڦٽو ڪندا. مان به جوش ۾ اچي ”هـُرا“ جي رڙ ڪندو هوس ۽ انهن سان گڏ گهيري ۾ شريڪ ٿي ويندو هوس، جو دل ائين چوندي هئي ته ڪنهن شيءِ جو ڍينگو ڍيري ڪري رکان، حاطو پٽي ڇڏيان يا ڀرسان بيٺل ڇوڪري کي مڪ وهائي ڪڍان. موڪل واري وقت ۾ سپاهي مون کي سگنل سيکارڻ يا بندوقن سان نشانبازي ڪرائڻ سان وندرائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سپاهي پنهنجي سنگين منهنجي پيٽ جي ويجهو آڻي، ڪوڙ بچاڻي رڙ ڪندا هئا، ”وٺجانءِ“ ڪاڪروچ!“

سنگين چمڪندي هئي ۽ ائين لڳندي هئي ڄڻ ان ۾ جان آهي ۽ نانگ وانگر وڪڙ کائي، مون تي حملو ڪري ايندي هئي ۽ اُها گهڙي ڏاڍي ڀوائتي هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار لڳندا هئي.

ڍول واري مون کي ڏؤنڪن سان ڍول وڄائڻ سيکاريو هو. پهريان منهنجن ڪاراين کي جهلي، منهنجي مُٺين سان تيستائين ڪا ڌن وڄائيندو رهندو هو، جيستائين منهنجون آڱريون سور ڪنديون هيون. پوءِ منهنجي هٿن ۾ ڏؤنڪا ڏيئي چوندو هو، ”وڄاءِ هڪ ٻه، ڊڻ ڊا! کاٻو هوريان، ساڄو ڏاڍيان، ڊڻ ڊا!“ هو ائين ڪرڻ ويل پنهنجون پکين جهڙيون گول اکيون مون ۾ کپائي ڇڏيندو هو.

مان سپاهين سان گڏجي گهڻو ڪري انهن جي سموري ڊرل ڪندو هوس ۽ جڏهن اها پوري ٿيندي هئي، ته انهن سان گڏجي گهٽين مان ٿيندو، انهن جي دل مان اٿندڙ راڳن کي ٻڌندو، هنن جي قربائتن ۽ نون سِڪن جهڙن چمڪندڙ چهرن کي ڏسندو، انهن جي بيرڪن تائين ويندو هوس. هنن زنده انسانن جو اهو گهٽيءَ مان ويندڙ جلوس منهنجي دل ۾ وڻندڙ جذبا پيدا ڪندو هو ۽ دل ۾ ايندو هوم ته پاڻ کي هنن جي وچ ۾ اهڙيءَ طرح گم ڪري ڇڏيان، جهڙيءَ طرح نديءَ ۾ يا جهنگ ۾ گهڙي، ماڻهو هيڪر گم ٿي ويندو آهي. هنن ماڻهن کي ڪو به خوف خطرو ڪو نه هو ۽ آءٌ ائين سمجهندو هوس ته هو دنيا جي هر شيءِ کي فتح ڪري سگهيا ٿي. وڏي ڳالهه ته هو ڏاڍا مٺا ۽ سادا ۽ نرم دل ماڻهو هئا.

هڪڙي ڏينهن آرام جي وقت هڪڙي نوجوان آفيسر مون کي هڪڙو وڏو ٿلهو سگريٽ ڏنو ”دم لڳاءِ!هيءُ آءٌ، جنهن تنهن کي ڪين ڏيندو آهيان. اهڙا عمدا سگريٽ سولا هٿ نه ايندا آهن. توکي ئي ڏيڻ تي دل نٿي چويم.“

مون ان کي دکايو ته آفيسر ٻه ٽي قدم پٺتي هٽي بيهي رهيو، اوچتو سگريٽ مان اکين کي انڌوڪندڙ ڳاڙهو شعلو نڪتو، جنهن منهنجون آڱريون، نڪ ۽ ڀرون ساڙي ڇڏيا ۽ تکي دونهين جي ڪري مان کنگهه ۾ ٻڏي ويس ۽ اوڪارا ڏيڻ لڳس. منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هراس ۾ ٽپ ڏيڻ لڳس. سپاهي منهنجي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هئا ۽ منهنجو اهو هال ڏسي، ٽهڪ پئي ڏنائون. مان وٺي گهر ڀڳس، سپاهين پٺيان منهنجي مٿان هوڪرو لائي ڏنو. سيٽيون پئي وڄايائون ۽ ٽهڪ پئي ڏنائون. انهن جو اهو ٽهڪڙو مون کي چهبڪ جي زوزٽن جهڙو ٿي لڳو. منهنجن آڱرين ۾ سور هو ۽ اکين مان ڳوڙها پئي وهيا. منهنجو منهن پئي پوسريو. مون کي سور کان وڌيڪ انهيءَ ڳالهه تي عجب هو ته اهڙن سٺن ۽ صاف دل ماڻهن کي اهو تماشو ڪيئن وڻي سگهيو هو!

گهر پهچي، ڪوٺيءَ جي ڪنڊ وٺي، مان انهيءَ سڄيءَ بي ترسيءَ تي سوچڻ لڳس، جيڪا مون پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ سٺي هئي. خاص طرح منهنجي اکين اڳيان اهو ننڍڙو جوان سپاهي وري وري اچي ٿي بيٺو. هو مون کي ان سگريٽ جي دونهين ۾ گهٽجندي ۽ ان جي شعلي ۾ سڙندي ۽ ٽپا ڏيندي ڏسي چئي رهيو هو ”ڪيئن، آيئي مزو!“

پر ترت ئي ان کانپوءِ مون کي ان کان به وڌيڪ سنگدليءَ ۽ ڪٺورنا جو مشاهدو ٿيو.

مان پوءِ قزاقن جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃڻ لڳس، جيڪا پيڪر سڪي چوسول وٽ هوندي هئي، اُهي سپاهين کان ٻئي ڍنگ جا هوندا هئا. انهيءَ ڪري نه ته هنن وٽ سهڻيون پوشاڪون هونديون هيون ۽ هو وڌيڪ شهسوار هوندا هئا پر انهيءَ ڪري، جو هنن جو ڳالهائڻ ٻئي نموني جو هو ۽ هنن جي راڳ ۽ ناچ نئين قسم جا هئا، سانجهيءَ ٽاڻي جڏهن هو پنهنجن گهوڙن جي خدمت کان واندا ٿيندا هئا، ته پنهنجن طبيلن جي ڀرسان گول ٺاهي ويهي رهندا هئا. هڪڙو ننڍو قزاق پنهنجي وارن جي ڳاڙهين چڳن کي جهٽڪو ڏيئي، مٺڙي ۽ بلند آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو. هن جي پٺيان شرناءِ هن سـُر ۾ سـُر ملائي، وڄندي رهندي هئي. هوريان هوريان پنهنجي مدهوش ڪندڙ آواز ۾ هو ڊان ۽ ڊئنيوب ندين جا راڳ ڳائيندو هو. هن جون اکيون ان پرڀات جي پکيءَ وانگر بند هونديون هيون، جنهن لاءِ مشهور آهي ته ڳائيندي ڳائيندي، هن جو ساه نڪري ويندو هو ۽ هو ٽاريءَ تان هيٺ اچي ڦهڪو ڪندو آهي. هن جي قميص جو ڪالر کليل هوندو هو. جنهن مان هن جي نڙي ڳاڙهي ٽامي جي نڙيءَ وانگرچمڪندي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سچ پچ ته هو سڄو ئي ٽامي جو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن جون سـُڪيون ڄنگهون اهڙيءَ ريت لڏنديون هيون، ڄڻ ته هن جي هيٺان زمين ۾ زلزلو اچي ويو هو ۽ جڏهن هٿ مٿي ڪري آلاپڻ لڳندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته هو صرف آواز آهي ٻيو ڪجهه به ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو هو ته اجهو سنئون نئون ٿي ٿو پئجي رهي ۽ هن جو دم پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ وانگر ٿو نڪري وڃي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي سموري طاقت ۽ روح پنهنجي راڳ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو.

هن جا ساٿي پنهنجا هٿ پنهنجن کيسن ۾ وجهيو يا پٺيءَ پٺيان ٻڌيو، هن جي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هوندا هئا، پنهنجون ڳنڀير اکيون هن جي ٽامي جهڙي منهن ۾ کپائي ڇڏيندا هئا. ڪڏهن تاڙيون وڃائيندي ۽ کنگهڪار ڪندي، نڙيءَ کي صاف ڪري، هن سان راڳ ۾ اهڙي نموني شريڪ ٿي ويندا هئا ڄڻ ته هو ڪي ڪليسا ۾ نعت چوندڙن جو ٽولو هئا. ڏاڙهين وارا ۽ ڏاڙهين ڪوڙ سڀ پاڪ مجسمن وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ائين لڳندو هو ڄڻ ته هنن جي قوم ئي الڳ هئي. هنن جو راڳ اهڙيءَ اڪيليءَ گهٽيءَ وانگر لمبو ٿي ويندو هو. جيڪا سڌي ۽ ڪشادي ۽ نظر جي حد تائين ڊگهي هجي. هن جي راڳ ٻڌڻ سان مان پنهنجي سڌ پڌ وڃائي ويهندو هوس. ايترو پتو به نه پوندو هوم ته ڪهڙو وقت آهي ۽ مان ٻار آهيان يا ٻڍو. بس راڳ کانسواءِ روح ۾ ٻيو ڪجهه به نه رهندو هوم. پوءِ راڳ واري جو آواز ماٺ ٿي ويندو هو. گهوڙن جون هڻڪارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، ڄڻ اُهي ڊوڙڻ لاءِ ميدانن کي ياد ڪندا هئا ۽ اڻ لکي نموني سرءُ جي رات ٻنين تان سرڪندي ويندي هئي. منهنجي دل عجيب جذبن جي اثر هيٺ ڀرجي ڦاٽڻ لڳندي هئي ۽ ان ۾ سموري انسان ذات ۽ سموريءَ دنيا لاءِ بي انت محبت محسوس ڪندو هوس.

اهو قزاق مون کي اهڙي اعليٰ مخلوق لڳندو هو، جنهنجو ذڪر قصن ۽ ڪهاڻين ۾ هوندو آهي ۽ جا عام ماڻهن جي سرحدن کان گهڻو پري رهندو آهي. هن جي اڳيان منهنجي زبان بند ٿي ويندي هئي، هن جڏهن به مون کان ڪا ڳالهه پڇي هئي ته لڄ کان مان ماٺ ٿي ويندو هوس ۽ صرف سرهائيءَ جي مرڪ سان ڪنڌ ڌوڻي، کيس جواب ڏيئي سگهندو هوس. مان وفادار ڪتي وانگر هن جي فرمانبرداريءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار هوس ۽ انهيءَ خدمت جي عيوض مون لاءِ هن جو ديدار ۽ راڳ ڪافي هو.

باب اٺون

برف جي پهرئين ئي وسڪاري سان نانو مون کي واپس نانيءَ جي ڀيڻ وٽ وٺي ويو. ”هوءَ توکي ڪجهه به نه چوندي.“ هن چيو.

اونهاري جي عجيب آزمودن کانپوءِ مان پاڻ کي وڌيڪ وڏو ۽ سمجهدار سمجهڻ لڳو هوس ۽ اهو گهر مون کي اڳي کان به وڌيڪ ڀيانڪ ٿي لڳو. هو اڃا به پنهنجي هٻڇ ڪري پنهنجن ڀڀن کي زهر سان ڀريندا هئا ۽ بيمار ٿي پوندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي بيماريءَ جو بيان وڌائي ذري پرزي هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا. پوڙهي اڃان به خدا کان ساڳيءَ ريت ڪيني ڀريل دعائون گهرندي هئي. مالڪياڻي سنهي ٿي ويئي هئي، پر هن جي ٽور گرڀ واري وقت جهڙي سست ۽ ڍري هئي. ٻار جا ڪپڙا سبڻ ويل هوءَ هميشه هڪڙو گيت ڳائيندي هئي. ”منهنجو ننڍڙو ڀاءُ سپيريا – مننهنجو ننڍڙو ڀاءُ! مان ويهان ٿي گهوڙي گاڏيءَ ۾ هو بيهي ٿو ٻاهر – منهنجو ننڍڙو ڀاءُ سپيريا!

ٿوري ئي کڙڪي تي گيت بند ڪري، ڪاوڙ مان پڇندي هئي، ”توکي ڇا گهرجي؟“ مون کي پڪ آهي ته هن کي ٻيو ڪو به گيت ڪو نه ايندو هو.

شام جي وقت مون کي ويهڻ واري ڪمري ۾ سڏي، حڪم ڪندا هئا. ”اسان کي جهاز وارو احوال ٻڌاءِ!“

در جي ويجهو ويهي، مان انهن کي پنهنجو قصو ٻڌائيندو هوس. مون کي ان گهر کان پري واريءَ زندگيءَ کي يادڪندي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. مان انهيءَ ذڪر ۾ اهڙو ته گم ٿي ويندو هوس، جو ٻڌندڙن جو خيال ئي لهي ويندو هوم، پر هو مون کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس جلد ئي ڏياري ڇڏيندا هئا.

ڇاڪاڻ ته ننڍڙي توڙي وڏي مالڪياڻي ڪڏهن به جهاز تي نه چڙهيون هيون، تنهن ڪري هو اهو معلوم ڪرڻ گهرنديون هيون ته ”اتي خوف ته نه هو!“ مون کي پتو نه پوندو هو ته اتي ڪهڙو خوف ۽ خطرو هو. ”ڀلا، جهاز، جي ٻڏي پوي ها، ته سڀئي غرق ٿي وڃن ها؟“ مالڪ انهن تي کلڻ لڳندو هو، پر مان انهن کي اها ڳالهه مڃائي نه سگهيس ته اونهي پاڻيءَ ۾ جهاز ٻڏي نٿي سگهيو. پوڙهيءَ جي خيال موجب جهاز پاڻيءَ تي ترندو نه هوندو. بلڪه جهڙي ريت زمين تي گاڏي ڦيٿن تي هلندي آهي، اهڙيءَ ريت اُهو پاڻيءَ تي هلندو هوندو!

”جيڪڏهن اِهي لوه جا آهن ته پوءِ اهي ترن ڪيئن ٿا؟ ڪهاڙو ته تري! ڪڏهن به نه...“

”پر لوه جو ڏول ته ترندو آهي.“

”ٻنهي جي ڪهڙي ڀيٽ؟ ڏول ته تمام ننڍرو ٿو ٿئي.“

”مون جڏهن سماوريءَ ۽ هن جي ڪتابن بابت ٻڌايو مان، تڏهن هنن کي بڇان وٺي ويئي. پوڙهيءَ جي خيال موجب ڪتاب ڪافرن ۽ ڪم عقلن جا لکيل هئا.“

”حضرت دائود ۽ ان جي مناجاتن جي ڪتاب لاءِ ڇا ٿي چئين؟“

”مناجاتون ته ڪلام رباني آهي، ۽ حضرت دائود وري به خداوند کان انهن جي لکڻ لاءِ معافي گهري هئي.“

”اهو ڪٿي لکيل آهي.“

”منهنجي هٿ جي مُڪ تي، ٻيو ڪٿي! تنهنجي مٿي تي چنبو هڻان ته پتو پوندوئي ته ڪٿي!“



هن کي سڀ ڄاڻ هوندي هئي. هن جا هر ڪنهن ڳالهه بابت جهنگلين جهڙا ويچارا هوندا هئا. ”هڙو تاتاري پيڪوار نديءَ تي گذاري ويو، جڏهن هن جو روح هن جي وات مان نڪتو، تڏهن سڀني ڏٺو ته اهو ڪوئلي جهڙو ڪارو هو!“

”روح يا ساه؟“ مون پڇيس ۽ هن حقارت مان وراڻيو ”اڙي ڍڳا، تاتاريءَ جو روح، تنهنجو نه.“

ننڍي مالڪياڻي به ڪتابن کي نه مڃيندي هئي. ”اهي ڏاڍو نقصان رسائيندا آهن. خاص طرح ننڍن ڇوڪرن کي. جتي مان رهندي هيس، اتي گريشڪا نالي هڪڙي چڱي خاندان جي ڇوڪري رهندي هئي. هوءَ سڄو ڏينهن پئي پڙهندي هئي. پوءِ آخر ڇا ٿيو؟ هوءَ هڪڙي پادريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي پيئي. ان جي زال وچ رستي ۾ ماڻهن جي اڳيان ڏاڍي بڇڙي نموني شڪي ۽ شرمسار ڪيس.“

ڪڏهن ڪڏهن مان سماواريءَ جي ڪتابن مان ياد ڪيل لفظ ڳالهائڻ ۾ ڪم آڻيندو هئس. مثال طور هن جي هڪڙي ٿلهي ڪتاب ۾ هڪڙي سٽ هن ريت هئي: ”در حقيقت ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ بارود جي کوجنا نه ڪئي آهي، پر اهو ڪيترن ماڻهن جي مشاهدن ۽ تحقيقن جو گڏيل نتيجوهو.“ مون کي پتو ناهي ته انهيءَ سٽ ڇو مون تي اثر ڪيو هو. انهيءَ ۾ ”درحقيقت“ جا لفظ مون کي ڏاڍا وڻي ويا هئا ۽ انهن لفظن جي ڪري مون کي ٺٺول جي مصيبت برداشت ڪرڻي پيئي.

هڪڙي ڀيري جڏهن منهنجي مالڪن مون کي جهاز جي واقعن ٻڌائڻ لاءِ گهرايو، مون جواب ڏنن، ”در حقيقت، هينئر ٻڌائڻ لاءِ باقي ڪجهه ڀي نه رهيو آهي.“

هو سڀ انهيءَ تي وائڙا ٿي ويا. ”ڇا؟“ هنن رڙ ڪري چيو، .تو ڇا چيو؟“ پوءِ هو اچي کلڻ ۾ ڇٽڪيا ۽ هڪ ٻئي کي وري وري چوڻ لڳا، ”درحقيقت! ڏسوس، در حقيقت!“ خود منهنجي مالڪ مون کي سمجهائيندي چيو، ”ننڍو ٿي ڪري ائين وڏن وانگر نه ڳالهائبو آهي.“ اُن کانپوءِ ڪافي وقت تائين هو مون کي چيڙائيندا رهيا. ”او در حقيقت! ٻار جو گند ته ميڙي ڇڏ!“

اُنهيءَ بيهوديءَ کل جو مون کي ايترو رنج نه ٿيندو هو، جيترو عجب لڳندو هوم. مان انهيءَ گهر ۾ وڏي ويل ۾ ڦاٿل رهندو هئس ۽ ان کي منهن ڏيئي پار پوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڪٺن هو. مان پنهنجي ڪم ۾ ڪڏهن به پؤڻو ڪين پوندو هوس. گهر ۾ ٻه ٻار هوندا هئا، جن جي سنڀال لاءِ ٻه نوڪرياڻيون هيون، جي هر روز بدلبيون رهنديون هيون. ڇاڪاڻ ته اهي مالڪن کي راضي ڪري نه سگهنديون هيون. انهيءَ ڪري مان ٻارن کي به کيڏائيندو رهندو هوس، ۽ هر هفتي انهن جي رلهڪن کي جنڊارس جي چشمي تي ڌوئڻ به ويندو هوس. اتي مون کي کٽياڻين جون ٺٺوليون سهڻيون پونديون هيون. ”اڙي تون ته عورتن جو ڪم ٿو ڪرين!“

ڪڏهن ڪڏهن ته هنن جي مسخري مون کي ڪپڙن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. ايتري قدر جو هنن کي نپوڙيل ڪپڙن جا پنوڙا هڻندو هوس ۽ جواب ۾ هو به ڪين گهٽائينديون هيون. انهيءَ هوندي به اهي عورتون مون کي خوش مزاج ۽ زنده دل لڳنديون هيون.

اهو جنڊارس جو چشمو انهيءَ ٻنڌ سان لڳو لڳ پئي وهيو، جيڪا ڌٻڻ واري هنڌ اوڪا نديءَ تي بنايل هئي. اها ٻنڌ شهر کي ميدانن کان جدا ڪندي هئي، جنهن کي اڃا به قديم ديوتا ”يارلو“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڀر واري ڳوٺ سيميڪا جي ماڻهن انهيءَ ميدان جي هڪڙي حصي کي وندرگاهه بنايو هو. ناني ڳالهه ڪندي هئي ته جڏهن هوءَ ننڍي هوندي هئي، ته اتان جا ماڻهو ديوتا يارلو کي نذر ڏيندا هئا. اهي هڪڙي ڦيٿي کي تڏن ۽ ڳوڻين جي ٽڪرن ۽ نوڙين سان ويڙهي، باه ڏيئي رڙين ۽ راڳن سان جبل تان هيٺ اڇلائيندا هئا ۽ ڏسندا هئا ته اهو ٻرندڙ ڦيٿو اوڪا نديءَ ۾ ڪري ٿو يا نه. جي اهو اوڪا نديءَ ۾ وڃي پوندو هو ته هو سمجهندا هئا ته يارلو هنن جو نذر قبول ڪيو ۽ انهيءَ سال آسمان گهڻو وقت صاف رهندو ۽ ميون جو فصل ڀلو ٿيندو.

اهي کٽياڻيون گهڻو ڪري انهي يارلو ميدان جي آسپاس جون رهاڪو هيون. هو بت ۾ سٻر، طبع جون شوخ ۽ دنيا جي لاهن چاڙهن کان واقف هونديون هيون. مون کي هنن جي واتان واپارين ۽ آفيسرن جا، جن جا هو ڪپڙا ڌوئينديون هيون، احوال ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. سياري ۾ برف جهڙي پاڻيءَ ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ويلَ جهڙو ڪم هو، سڀني جا هٿ ڦاٽا پيا هوندا هئا. اهي جهريل ڇاپرن جي هيٺان، جن مان هوا ۽ برف اندر ڌوڪيندي ايندي هئي، اونڌن ڪاٺ جي ڦرهن تي بيهي، پنهنجي ڪم کي جنبي وينديون هيون. هنن جا منهن پاري ۽ برف ۾ سڙي سرخ ٿي ويندا هئا. هنن جون آڱريون سيءَ ۾ اهڙيون سڪي پونديون هيون، جو مُڙي نه سگهنديون هيون ۽ هنن جي اکين مان لڳاتار پاڻي پيو ٽمندو هو. انهيءَ هوندي به هو کل ڀوڳ ۾ رڌل هونديون هيون، هڪ ٻئي کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون، ۽ هر ڪنهن شيءِ کي ۽ هر ڪنهن ڪم کي همت سان منهن ڏينديون هيون.

انهن سڀني ۾ نتاليا ڪوزلوسڪي نالي ڌوٻڻ ڳالهين جي ڳهير هوندي هئي. هن جي عمر اٽڪل ٽيهه سال کن هئي. هن جو منهن تازو، بت سگهارو، اکيون مرڪندڙ ۽ زبان تکي ۽ ڦڙت هوندي هئي. هن جون ساٿياڻيون هن جي واکاڻ ڪنديون هيون. پنهنجن معاملن ۾ هن کان مشورو وٺنديون هيون، هن جي هنر ۽ پوشاڪ جي صفائيءَ جي تعريف ڪنديون هيون ۽ پنهنجي ڌيءَ کي، جو هن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ ويهاريو هو، ان تي هن جي ساراهه ڪنديون هيون. هوءَ جڏهن ٽڪريءَ تان لهندي، ڪپڙن جي ٻن ڀرين جي بار سان ڪٻي ٿي هيٺ ايندي هئي، ته سڀ هن جي خوشيءَ سان آجيان ڪنديون هيون ”ڌيڻهين ڪيئن آهي؟“

”مهرباني، خوش آهي. خدا جا شڪر، چڱيءَ ريت پئي پڙهي.“

”ڏسجانءِ، ڪنهن ڏينهن بيگم ٿينديئي.“

”انهيءَ ڪري ته مان هن کي پڙهايان ٿي. ٻوٿن بڇڙيون اهي بيگمون ڪو آسمان تان ته نه لهي آيون آهن؟ جنهن کي جيترو گهڻو علم آهي. اوترو گهڻو اهو حاصل ٿو ڪري ۽ اوترو ئي وڏي عزت ۽ عهدو ٿو ماڻي. ڌڻيءَ اسان کي نادان ٻار ڪري پيدا ڪيو پر چاهي ٿو ته عقلمند وڏڙا ٿي وٽس واپس ٿيون. ان جو مطلب آهي ته اسان سڀني کي هتي سکڻو آهي.“

هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته ٻيون سڀ هن جي گفتگو خيال سان ٻڌنديون هيون. عورتون نه رڳو هن جي منهن تي پر پرپٺ به هن جي واکاڻ ڪنديون هيون ۽ هن جي عقل تي عجب کائينديون هيون. انهيءَ هوندي به ڪا به هن جو نقل نه ڪندي هئي. هن پراڻن جوتن جي رٻڙ مان پنهنجن ٻانهن جي ٺونٺين تائين دستانا سبيا هئا، جنهن ڪري هن جي چولي جون ٻانهون ان ۾ ڍڪيل رهنديون هيون ۽ هن جا هٿ پاڻيءَ ۾ ڀڄڻ کان محفوظ رهندا هئا. هر ڪنهن انهيءَ ڳالهه جي تعريف ڪئي، پر ڪنهن به ان جي پيروي نه ڪئي. جڏهن مون ائين ڪيو ته هو مون تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳيون، ”ڏسو، ڏسو، عورتن جو نقل ٿو ڪري!“

پنهنجي ڌيءَ لاءِ هوءَ چوندي هئي، ”اهو وڏو قدم آهي. ان سان دنيا ۾ هڪ وڌيڪ بيگم ايندي. ڇا اها معمولي ڳالهه آهي؟، ٿي سگهي ٿو اوستائين پهچڻ کان اول ئي هوءَ مري وڃي. ويچارن شاگردن کي ڪنهن مرتبي تي پهچڻ لاءِ ڏاڍي محنت ٿي ڪرڻي پوي. بخيروف جي ڌيءُ کي ڏسو، پڙهندي رهي، پڙهندي رهي، نيٺ وڃي ماسترياڻي ٿي ۽ پنهنجي زندگي بنائي ورتائين.“

”ها، البت جيڪڏهن هو پرڻجن ته پوءِ پڙهڻ جو ضرور ڪين اٿن، پر جي ٻيو ڪو هنر ڄاڻنديون هجن، ته اُهو هنن کي پوءِ به ڪم ٿو اچي.“

”عورت جو عقل هُن جي مٿي ۾ ڪونهي.“

مون کي اها ڳالهه خراب لڳندي هئي، جو جڏهن هو اهڙين ڳالهين ۾ ڇٽنديون هيون، ته بس ئي نه ڪنديون هيون. مون خلاصين، سپاهين ۽ هارين کي عورتن بابت ڳالهائيندو ٻڌو هو، هو هميشه عورتن کي ڦاسائڻ جي حرفتن جي ٻٽاڪ هڻندا هئا. مون کي هنن جي عورتن ڏانهن رويي مان ڪجهه ڪيني جي بوءِ ايندي هئي، گهڻو ڪري هنن جون سڀ ٻٽاڪون سکڻيون لڳنديون هيون ۽ هنن کي ٻڌندي ائين سمجهندو هوس ته هو سڀ اُهي هٿ گهڙيون ٺوڪيندا رهندا هئا.

اُهي کٽياڻيون مردن تي پنهنجي فتح بابت اهڙي يخي نه هڻنديون هيون. پر جڏهن به مردن جو ذڪر ڪنديون هيون، ته انهن جي لهجي ۾ حقارت ۽ عداوت سمايل هوندي هئي، جنهن مان محسوس ڪندو هوس ته حقيقت ۾ عورت مرد کان وڌيڪ طاقتور آهي.

هڪڙي ڀيري نتاليا چيو،”اهي مرد، جي ڪنهن سان ملڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ منهن ۾ مُڱ وجهيو وتندا آهن، اهي به نيٺ عورتن جا سلامي اچي ٿيندا آهن.“

انهيءَ تي هڪڙي ٻُڍيءَ عورت گهڻي آواز ۾ چيو، ”ٻيو ڪاڏي ويندا؟ ٻيا ته ٺهيو، پوپ ۽ پادري به خدا کي ڇڏي اسان وٽ جهڪندا آهن.“

اهي ڳالهيون، جي پاڻيءَ ڇاڇولجڻ ۽ آلن ڪپڙن جي پٿرن ۽ ميرن تختن تي سٽڪن جي آواز ۾ به ٻڌڻ ۾ پيون اينديون هيون ۽ انهن جا اگهاڙا شهواني گفتا، جي انهن شين لاءِ هو ڪڍنديون هيون، جن مان سڀني زنده شين جي پيدائش ٿيندي آهي، مون کي شرم ۾ ٻوڙي ڇڏيندا هئا ۽ منهنجن خيالن کي انهن خسيس ”عشق جي معاملن“ ڏانهن موڙي ڇڏيندا هئا، جي منهنجي چوگرد ٿيندا رهندا هئا. پوءِ مان ڪيترو ئي عرصو عشق ۽ محبت کي اهڙين ڪراهت ڀرين ڳالهين سان مشابهت ڏيئي، دل ئي دل ۾ ان کان ٽهندو وتندو هوس.

انهيءَ هوندي به انهن کٽياڻين، رڌڻي جي اردلين ۽ دڪي جي مزورن جي صحبت منهنجي لاءِ پوڙهيءَ مالڪياڻيءَ جي گهر جي فضا کان هزار درجا وڌيڪ بهتر هئي. اُتي هر وقت ساڳيو بيوقوفيءَ وارو لڙ لڳو پيو هوندو هو ۽ اُتان جي زندگي اهڙي ته هڪڙي ئي اُٻڙڪن آڻيندڙ ڍنگ ۾ پلٽجي ويئي هئي جو انهيءَ کي صبر سان برداشت ڪرڻ ۾ منهنجو دم نڪرندو هو. منهنجا مالڪ اهڙيءَ ريت رهندا هئا، ڄڻ ته انهن تي جادو ڪيو ويو هو. هنن جي سڄي زندگي کاڌي، بيماري ۽ ننڊ جي چڪر ۾ پيئي ڦرندي هئي ۽ هنن جو واسطو وڌ ۾ وڌ کاڌي ۽ بستري سان رهندو هو. هو هميشه هڪ ٻئي کان الڳ رهندا هئا، جهڙيءَ ريت چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ان جا داڻا.

جڏهن مون کي واندڪائي هوندي هئي، ته مان ڇاپري ڏانهن ڪاٺيون وڍڻ هليو ويندو هوس ۽ اڪيلائيءَ ۾ فرحت محسوس ڪندو هوس، پر اهڙي فرحت قسمت سان نصيب ٿيندي هيم. اتي به آفيسرن جا اردلي نوسي، اچي مون کي لهندا هئا ۽ محلي جي واقعن جا قصا بيان ڪرڻ لڳندا هئا. منهنجا اڪثر ملاقاتي ارموخن ۽ سڊوروف هوندا هئا.

ارموخن ڪالوگا علائقي جو رهاڪو هو. هو قد جو ڊگهو ۽ ٿورو جهڪيل هو ۽ هن جون ڦنڊيل نسون هن جي چمڙيءَ مان ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ هن جو مٿو ننڍو ۽ اکيون ڏرا ڏنل هونديون هيون. چڙ ڏيارڻ جي حد تائين جاهل، ڪاهل ۽ هلڻ جو بي ڍنگو هوندو هو. ڪنهن عورت کي ڏسڻ سان هن جون اکيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ هُو اهڙيءَ ريت اُن ڏانهن وڌڻ لڳندو هو، ڄڻ ان جي پيرن تي وڃي ڪرندو. نوڪرياڻين ۽ بورچياڻين کي هو جهٽ ۾ ۽ آسانيءَ سان ڦاسائي وٺندو هو، جنهن ڪري سڀئي هن جا دشمن ٿي پيا هئا. انهيءَ کان سواءِ سڀ هن جي رڇ جهڙي طاقت کي مڃيندا هئا. سڊوروف نُولا شهر جو رهاڪو هو. پورالو هو ۽ سنهو ۽ نرم آواز هوندو هوس. سواءِ انهي وقت جي جڏهن هو پنهنجي نرم آواز ۾ ڪو ٽوٽڪو ٻڌائيندو هو، هميشه پيو اونداهين ڪنڊن ڏانهن واجهائيندو هو.

”ڪاڏي ٿو نهارين؟“

”مون سمجهيو هتي ڪئو هو. مون کي ڪئا وڻندا آهن، خاص طرح انهن جو ماٺ ماٺ ۾ ڊوڙڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي.“

مان اردلين کي سندن مائٽن ڏانهن ۽ خاص طرح عشقيه خط، لکي ڏيندو هوس. مون کي ان ۾ مزو ايندو هو. خاص طرح سدوروف جي خطن لکڻ ۾. هر ڇنڇر تي هو پنهنجي ڀيڻ ڏي خط لکرائيندو هو. هو مون کي پنهنجي بورچيخاني ۾ سڏي، منهنجي ڀرسان ميز تي ويهندو هو. پنهنجي سخت وارن واريءَ ڪوڙيل ٺوڙهه تي هٿ گهمائي، بلڪل منهنجي ڪن ۾ خط لکڻ لاءِ هدايتون ڏيندو هو.

”چڱو هاڻي لکڻ شروع ڪر. عبارت جو ته توکي پتو آهي. ”مٺڙي ڀيڻ، اميد ته خوش هوندينءَ!“ – تون پاڻ سمجهين ٿو ته خط ڪيئن شروع ڪبو آهي. هاڻي لک: تنهنجو موڪليل روبل پهتو، تنهن جي مهرباني پر ان جي موڪلڻ جو ضرور نه هو. مون کي هتي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ڪونهي. اسين مزي سان زندگي گهاري رهيا آهيون... ائين آهي ته نه – سچ پچ ته اسان ڪتن واري زندگي گذاريون ٿا پر هن کي ان جي ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. هوءَ اڃا ننڍڙي آهي، فقط چوڏهن سالن جي. ان کي دکي ڇو ڪجي؟ هاڻي پاڻهي ائين لک جيئن توکي چيو اٿم.“

هو مون کي ويڙهي ويندو هو ۽ هن جي گرم ساه جا ڦوڪارا بلڪل منهنجي ڪن ۾ اچي لڳندا هئا. ”هي لکينس: ”جيڪڏهن ڪو توسان مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري ته ان تي ڀروسو نه ڪجانءِ، پڪ ڄاڻ هو توکي ٺڳڻ ٿو گهري ۽ هن جا اراد توکي برباد ڪرڻ جا آهن.“

کنگهه جهلڻ سان هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا هئا. هو ميز تي جهڪي ويندو هو ۽ اڃا به منهنجي ويجهو سرڪي ايندو هو.

”توکي اٽڪ ٿي ٿئي! پرواهه ناهي، لکندو رهه! خاص طرح سفيد پوشن کان. سفيد پوشن تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪجانءِ. اهي پهرينءَ ئي نظر ۾ غريب ڇوڪرين کي ڀنڀلائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن تو ڪي پيسا بچايا هجن ته ڪنهن پادريءَ کي، جو تنهنجي نظر ۾ چڱو ماڻهو هجي، ڏجانءِ ته سنڀالي رکي. ان کان به وڌيڪ بهتر آهي ته انهن کي زمين ۾ پوري ڇڏجانءِ. ايترو ياد رکجانءِ ته ڪٿي پوريا اٿئي!“

مٿان دريءَ جي کڙ کڙ ۾ هن جي اها ڪن ڦس سمجهڻ ڏاڍي ڏکي هئي. منهنجي اڳيان تنور جو منهن هوندو هو، جو دونهين سان ڪاراٽيل هو ۽ ان ويجهو ٿانون جو ڪٻٽ هو، جو مکين سان ڪارو ٿيو پيو هو. بورچيخاني ۾ سڙيل سڻڀ، گاسليٽ ۽ دونهين جي گندي بوءِ پکڙي پيئي هوندي هئي ۽ جيتن ۽ ڪاڪروچن جا ميڙن جا ميڙ تنور ۽ ڪاٺين ۾ اچ وڃ ڪندا رهندا هئا. مون تي اداسائي ڇائنجي ويندي هئي ۽ دل ۾مونجهه پيدا ٿيندي هيم. سپاهيءَ ۽ ان جي ننڍڙي ڀيڻ سان اهڙي همدردي پيدا ٿي ويندي هيم، جو ذري گهٽ اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئم. ڇا، ماڻهو اهڙيءَ ريت رهي سگهن ٿا! ڇا، اهو انهن لاءِ ٺيڪ آهي ته اُهي ائين رهن؟

سدوروف جي سس پس کي نظر انداز ڪندو مان لکندو رهندو هوس. مان خط کي زندگيءَ جي ڏکن ۽ غمن سان ڀريندو هوس. آخر هو شوڪارو ڀري چوندو هو، ”تو هن ڏانهن ڪافي لکيو آهي. هاڻي هوءَ پاڻهي سمجهندي ته هن کي ڪهڙي ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي.“

”اهڙو ڪو به خطرو ڪونهي، جنهن جو هروڀرو هن کي خيال رکڻ گهرجي.“ مان ڇڙٻي، چوندو هومانس. جيتوڻيڪ مان پاڻ به هُن اڪيلي معصوم لاءِ ڪيترين ڳالهين جو خطرو محسوس ڪندو هوس.

سپاهي مرڪي، گلو صاف ڪندي چوڻ لڳو، ”تون ته ڪو ڇسو آهين! ڪو به خطرو ڪونهي جو مطلب ڇا؟ سفيد پوش صاحبن ۽ خدا لاءِ ڇا ٿو چوين؟ ڇا انهن کان به نه ڊڄڻ گهرجي؟“

ڀيڻ جي خط ملڻ سان هو ڀڳو ايندو هو ۽ تڪڙ مچائي ڏيندو هو – ”جلدي، ٻيلي جلدي پڙهي ٻڌاءِ.“ ۽ مون کان اهي تڪڙ ۾ لکيل ماڪوڙن جي ٽنگن جهڙا اکر ٽي ڀيرا پڙهائيندو هو.

جيتوڻيڪ هو فطري طور رحمدل ۽ قربائتو هو، ته به هن جو عورتن ڏانهن رويو ٻين مردن جهڙو هو، يعني وحشين جهڙو. اهي واقعا منهنجي چاهڻ نه چاهڻ بغير منهنجي ڄاڻ ۾ ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي اکين اڳيان ٿي گذرندا هئا ۽ اهي سڀ حيرت انگيز ۽ بي حيائيءَ واري نموني اوچتو ئي اوچتو شروع ٿي ويندا هئا. مان ڏسندو هوس ته سدوروف پهرين عورتن جي دل ۾ پنهنجي سپاهيانه زندگيءَ لاءِ رحم جو جذبو پيدا ڪندو هو، پوءِ انهن سان ڪوڙا عهد ۽ اقرار ڪري، انهن کي ريبيندو هو. هو پنهنجي ان سورهيائيءَ جو قصو ارموخن کي، نفرت مان منهن ۾ گهنج وجهي، ٿڪون اڇليندي، اهڙي نموني ٻڌائيندو هو، ڄڻ ڪنهن هن جي وات ۾لوڻ جو ٻڪ وجهي ڇڏيو هو. مان اهو سڀ اداس دل سان ڏسندو رهندو هوس ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي سپاهين کان پڇندو هوس، ”عورتن کي اهڙا ڪوڙا دلٻا ڇو ٿا ڏيو؟ پهرين هنن کي فريب ڏيئي، پوءِ انهن تي پاڻ ۾ ويهي چٿرون ٿا ڪيو! انهن جو پڙدو فاش ٿا ڪريو! انهن جي هڪ ٻئي سان سودي بازي ٿا ڪريو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مارون ۽ موچڙا ٿا ڏيو!“

هڪڙي کلندي چيو، ”اهڙين ڳالهين جي تورتڪ تنهنجي لاءِ ضروري ناهي. اهي گنديون ۽ گناهه ڀريل ڳالهيون آهن. توکي انهن ۾ ڦاسڻ کان اڳ انهن مان نڪرڻ جو رستو سکڻ گهرجي. تون اڃا ننڍو آهين، سمجهي نه سگهندين.“

پر هيڪر مون کي وڌيڪ صاف جواب مليو، جو اڃا مون کي ياد آهي: ”ڇا، تون سمجهين ٿو.“ سدوروف چيو، ”ته عورتن کي پتو ڪونهي ته مان انهن کي فريب ڏيئي رهيو آهيان؟ انهن کي چڱيءَ ريت پتو آهي. عورت چاهي ٿي ته ڌوڪو کائي، فريب جي انهن راندين ۾ هر ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. اها شرم جهڙي ڳالهه آهي. هيءَ ٻنهي لاءِ محبت نه پر هڪ ٻئي کي ڀنڀلائڻ جي راند آهي. هر ڪو شرم کان لڪي لڪي، رات جو يا ڪٿي بيگاهه جاءِ تي، اها راند رهي ٿو. جڏهن تون وڏو ٿيندين، توکي پاڻ ان جو آزمودو ٿيندو. انهيءَ ڪري ئي آدم کي جنت مان نيڪالي ملي، اها ئي سموري غم جي پاڙ آهي.“

هن جيڪي چيو سو بلڪل صاف ۽ سچي نموني، پر اهڙيءَ اداسيءَ ۽ پشيمانيءَ سان چيو، جو انهن ”فريبي راندين“ ڏانهن منهنجي ڪجهه نفرت ٿڌي ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ ارموخن کان وڌيڪ منهنجي هـُن سان گهرائپ ٿيڻ لڳي. مان ارموخن کي ڌڪارڻ لڳو هوس ۽ اهڙن موقعن جي تاڙ ۾ هوندو هئس، جو هن کي چڙ ڏياريان ۽ بڇڙو ڪيان ۽ اهي مان اهڙيءَ هوشياريءَ سان پيدا ڪري وٺندو هئس، جو هو مون کي ڌڪ هڻڻ جي خيال کان اڱڻ ۾ ڊڪائي پوندو هو پر پنهنجي بيوقوفيءَ ڪري هو مون کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو هو.

عورتن سان تعلقات جو ذڪر ڪندي، سدوروف چيو، ”اهي ڳالهيون منع ٿيل آهن.“

مون کي اها خبر هئي پر مان ائين مڃي نٿي سگهيس ته، ”محبت جا معاملا“ انسان جي ڏکن جو سبب بنجي سگهيا ٿي. مون غم جا ماريل انسان ڏٺا هئا، پر سدوروف ۽ ارموخن جي انهن خيالن جي تائيد نٿي ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته مان انهن عشق وارن جي اکين ۾ انوکي تجلي ڏسندو هوس. ۽ هنن جي دل ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ جيڪو بي انت قرب پيدا ٿيو ٿي، تنهن کي ڄاتم ٿي. اهو دلين جي ميلاپ وارو جشن پري کان ئي خود مون کي مسرور ڪري ڇڏيندو هو.

ڪيئن به هو، پر جيتري قدر ياد اٿم، زندگي هوريان هوريان، منهنجي لاءِ ڏاڍي بي مزي ۽ ڪوڙي ٿيندي ويئي.اها ساڳئي ئي محور جي چوگرد پئي ڦري. مون کي انهيءَ اوندهه ۾ جنهن منهنجي اکين اڳيان انڌارو ڪري ڇڏيو هو، ڪٿان به ڪنهن روشنيءَ جي ڪرڻي جي اميد نظر نه ٿي آئي.

هڪڙي ڏينهن سپاهين جي واتان هڪڙي ڳالهه ٻڌيم، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هڪڙو فضيلت وارو پرديسي ڪٽر ماسٽر هو، جو شهر جي هڪڙي وڏي درزيءَ وٽ ڪٽائيءَ جو ڪم ڪندو هو. اُن جي شادي هڪڙيءَ نازل عورت سان ٿيل هئي، جنهن کي اڃا ٻار ڪين ڄائو هو. اها عورت سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندي هئي. ٻيئي زال مڙس انهيءَ اڱڻ جي ويجهو، جتي پاڙي وارن شرابين جو هل هنگامو لڳو پيو هوندو هو، الڳ ٿلڳ زندگي گذاريندا هئا. انهن وٽ نه ڪو ملڻ وارو ايندو هو، نه ئي هو ڪڏهن ٻاهر نڪرندا هئا. البت موڪل وارن ڏينهن تي ٿئيٽر ڏسڻ لاءِ، هو گڏجي ٻاهر ويندا هئا.

مڙس رات تائين ڪم ۾ رڌل رهندو هو. زال جيڪا اڃا ننڍي لڳندي هئي، هفتي ۾ ٻه ڀيرا لئبريريءَ ڏانهن ويندي هئي. مان هن کي ڏسندو رهندو هوس. ڪتاب شاگردن وانگر هٿ ۾ جهليو، اهڙي ريت هلندي ويندي هئي، ڄڻ ته ٿورو لَڱُ هوس. هن جي ننڍن هٿن تي دستانا چڙهيل هوندا هئا ۽ هوءَ شڪل ۽ صورت ۾ سٻاجهي، ٺاهوڪي، صاف ۽ سٿري ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هن جو منهن پکين جهڙو مٺڙو ۽ اکيون گهائيندڙ هيون. هن جي شڪل اهڙي سهڻي هئي، جو هوءَ چينيءَ جي گڏي لڳندي هئي. سپاهي چوندا هئا ته هن جون پاسريون گهٽ آهن، تنهنڪري منڊڪائي ٿي هلي، پر هن جو هلڻ مون کي پسند هو ۽ منهنجي نظر ۾ هن جي عزت محلي جي سڀني عورتن، آفيسرن جي زالن ۽ ٻين کان مٿڀري هئي. اهي عورتون پنهنجي ناز ڀرئي ڳالهائڻ، سهڻين پوشاڪن ۽ نخري ناٽ جي باوجود پاروٿيون ۽ اهڙين خسيس شين وانگر لڳنديون هيون، جي ڪٻٽ ۾ رکجي رکجي، ڪافي عرصي کان فراموش ٿي ويون هجن.

محلي جا ماڻهو انهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال کي اڌ مغز ڪري ليکيندا هئا. انهن جو چوڻ هو ته ڪتابن هن جو مٿو ڦيري ڇڏيو هو ۽ هن کي اهڙيءَ منزل تي پهچايو هو، جو گهر جو ڪم ته ڇڏيو پر مڙس جي چوڻ تي مارڪيٽ مان سودو وٺڻ به نه ويندي هئي، نه ئي گهر جي نوڪرياڻيءَ کي، جيڪا ڪنهن ڌارئين ملڪ جي عورت هئي ۽ سندن گهر جي سنڀال ۽ رڌ پچاءُ ڪندي هئي، ڪنهن قسم جي ڪا هدايت ئي ڏيندي هئي. سندن نوڪرياڻيءَ جي هڪ اک گل هئي ۽ ٻي سدا ڳاڙهي هوندي هئي ۽ ان مان به پاڻي پيو وهندو هوس. محلي جي ماڻهن جي خيال موجب نوڪرياڻيءَ جي عقل جا به پنهنجي مالڪياڻيءَ وانگر حال بڇڙا هئا. هن کي ٻيو ته ڇڏيو، پر پورو بصرن جو داڳ ڪرڻ به نه ايندو هو ۽ ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه هئي، جو هڪڙي ڀيري موريءَ کي گجرون سمجهي کڻي رڌيون هئائين!

اُهي ٽيئي اُنهيءَ گندي ماحول جي لائق ئي نه هئا ۽ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڀل کان ڪنهن هنن تترن کي ڪڪڙن سان گڏ واڙي ڇڏيو هو. انهن کي ڏسي، مون کي ابابيل پکي ياد اچي ويندو هو، جو گرميءَ جي تلاش ۾ روشن دان مان اندر هليو آيو هو ۽ پاڻ کي ماڻهن جي گندي ۽ دم گهٽيندڙ ڪوٺيءَ ۾ ڦاٿل ڏٺو هئائين ۽ اُتي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڀڙڪا ڏيئي ڏيئي، چوڌاري ڀتين سان لڳي لڳي، مري ويو هو.

انهيءَ کان پوءِ اردلين جي واتان هڪڙيءَ گنديءَ ۽ بي حيائيءَ واريءَ شرارت جو پتو پيم، جا آفيسر انهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال سان ڪري رهيا هئا. هر روز هنن مان ڪو هن ڏانهن خط لکندو هو جنهن ۾ محبت جا قسم، هن جي سونهن جي واکاڻ ۽ پنهنجي فرضي ڏکن سورن جو ذڪر هوندو هو. هن وٽان هر هڪ خط جي جواب ۾ هنن کي اها گذارش هوندي هئي ته هن کي آرام سان رهڻ ڏين، ۽ هنن کي جي ڪا تڪليف پهتل هئي ته ان لاءِ کيس معافي ڏين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هنن جي ڏکن سورن لاءِ ڌڻيءَ کان رحم جي طلب ڪيل هوندي هئي. جنهن کي خط ملندو هو، اهو خط باقي ٻين سڀني کي پڙهي ٻڌائيندو هو. پوءِ وري ٻيو هڪڙو محبت نامو تيار ڪري، ٻيءَ صحيح سان هن ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو.

جڏهن اردليءَ اها ڳالهه پئي ڪئي، ته ٻين ٽهڪ پئي ڏنا ۽ اُن عورت تي ٺٺوليون پئي ڪيون. ”اها ڪٻڙي عقل جي انڌي آهي.“ ارموخن ٽيڪ ڏنو. ۽ سدوروف سر هلائيندي چيو. ”ڪجهه به هجي، عورت کي ڌوڪو کائڻ ۾ مزو ايندو آهي. هن کي پتو هوندو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي.“

مان نه ٿو سمجهان ته ڪٽر ماسٽر جي زال کي اهو پتو هو ته ڪو هن کي بيوقوف بنايو پئي ويو. تنهن ڪري مون هن کي آگاه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اُن خيال کان هڪ ڏينهن مان اوستائين انتظارڪندو رهيس، جيستائين هن جي بورچياڻي هيٺ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي. پوءِ مان اونداهيءَ ڏاڪڻ تان چڙهي، بورچيخاني ڏانهن هليو ويس، جتي ڪٽر جي زال ميز تي ويٺي هئي. هن جي هٿ ۾ هڪڙو گلٽ جو وڏو پيالو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪتاب هو. مون کي ڏسي هن جون متيون منجهي ويون. ڪتاب پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي، رڙ ڪري، چيائين ته ”ڪير آهي؟ تون ڪير آهين؟“

منجهيل ۽ ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ مون هن کي پنهنجي اتي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ هر وقت هن جي ڪتاب ڏانهن نهاريندو رهيم، جو سمجهيم پئي ته ڪنهن به وقت هوءَ اُهو ڪتاب اڇلائي مون کي هڻندي ۽ اهو منهنجي مٿي تي اچي ٺڪاءُ ڪندو. هن کي هلڪو آسماني چوغو پهريل هو، جنهن کي هيٺان جهالر ۽ ڳچيءَ ۽ ٻانهن وٽ زري لڳل هئي. هوءَ ميٽائين رنگ جي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ هن جا گهنڊيدار وار هن جي ڪنڌ تي پئجي رهيا هئا. مون کي هوءَ جنت جي فرشتي وانگر ٿي لڳي. هوءَ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ کانپوءِ مون ڏانهن خار ڀريل اکين سان گهورڻ لڳي، جي پوءِ خوشيءَ ڀريءَ حيرت ۾ چمڪڻ لڳيون.

منهنجي همت مون کي جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ مان ڀڄڻ لاءِ در ڏانهن منهن ڪيو پر هن مون کي ترسايو – ”ٿوري گهڙي بيهه.“

پيالو ساسر تي ۽ ڪتاب ميز تي رکي، زور سان چيائين، ”تون ته مزيدار ڇوڪرو آهين؟ هيڏانهن آءُ.“

مان لڄ محسوس ڪندو، هن وٽ وڃي پهتس. هن منهنجو هٿ ورتو ۽ پنهنجن نازڪ آڱرين سان ان کي ٿڦڪي هڻندي، چيائين، ”توکي پڪ آهي...! ڇا، توکي ڪنهن به پَٽي پڙهائي ته نه موڪليو آهي...؟ نه؟ ڏاڍو چڱو. اهو تنهنجو پنهنجو خيال آهي!“

منهنجو هٿ ڇڏيندي، دم کڻندي، چيائين، ”سو سپاهي منهنجي بابت اهي ڳالهيون ٿا ڪن.“

”هتان هلي وڃ!“ مون عرض ڪيس.

”ڇو؟“

”اهي توکي ڌوڪو ڏيندا.“

اُنهيءَ تي هن کان خوشيءَ ڀريو ٽهڪ نڪري ويو. ”پڙهندو آهين؟ ڇا، توکي ڪتاب پسند آهن؟“ هن مون کان پڇيو.

”مون کي اُنهن لاءِ وقت ئي ڪونهي.“

”جيڪڏهن توکي شوق هجيئي ها، ته وقت پاڻهي پيدا ڪري وجهين ها، چڱو، تنهنجي مهرباني!“ ۽ هن پنهنجي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ ٻن گريون جو سڪو جهلي، مون ڏانهن وڌايو. مون ان سرد سڪي کي مٿينءَ دل سان ورتو، ڇاڪاڻ ته انڪار ڪرڻ جي همت ئي نه پئي ٿيم، پر موٽندي، ان کي ڪٽهڙيءَ جي پائي تي رکي ڇڏيم.

مان انهيءَ عورت وٽان نوان ۽ اوچا امنگ کڻي آيس. مان پاڻ کي نئين دور جي پرڀات ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. ڪيترن ڏينهن تائين منهنجو دماغ انهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال جي تصور سان روشن رهيو، جيڪا پنهنجي ڪشادي ڪمري ۾ فرشتن وانگر هلڪي بلو رنگ جي پوشاڪ پهريو ويٺي هئي. هن جي هر هڪ شيءِ ۾ هڪڙي اوپري دلڪشي هئي. مون کي هن جي پيرن هيٺان پيل هلڪي سونهري رنگ جي رگ ياد اچي رهي هئي. سياري جي هلڪي روشني، جيڪا پاري پيل چانديءَ جهڙن شيشن مان اندر اچي رهي هئي، ڄڻ هن جي جسم مان گرمي حاصل ڪري رهي هئي. منهنجي دل ۾ هن کي وري ڏسڻ جي خواهش هر هر اڀرڻ لڳي. سوچي سوچي، فيصلوڪيم ته ڪتاب گهرڻ جو بهانو ڪري وٽس وڃان.

مون انهيءَ بهاني کي عملي روپ ڏنو. وري به مون هن کي ساڳئي ڪمري ۾ ڏٺو. هن جي هٿ ۾ ڪتاب هو، پر هن جي منهن تي ڳاڙهو رومال ٻڌل هو ۽ هن جون اکيون سڄيل هيون. هن مون کي ڪاري جلد وارو ڪتاب ڏيندي، ڪجهه چيو، پر هن جا منجهيل لفظ منهنجي سمجهه ۾ نه آيا. هن وٽان جڏهن ڪتاب وٺي هلڻ لڳس، تڏهن منهنجي دل اداس ٿي ويئي. مون کي الائي ڇو، اُن ڪتاب مان ڏامر ۽ مٺيءَ ڪاٺيءَ جهڙي بوءِ پئي آئي. مون اُنهيءَ ڪتاب کي پهرائين پنن ۾ ويڙهي، پوءِ هڪڙيءَ نئينءَ ڌوتل قميص ۾ وجهي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. ڀؤ پئي ٿيم ته متان منهنجي مالڪن جي ور چڙهي وڃي، ۽ ان کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏين.

منهنجا مالڪ ”نيوا“ نالي رسالو گهرائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ تصويرون ۽ انعامي آڇون هونديون هيون، پر پڙهندا اهو ڪڏهن به نه هئا. تصويرن کي ڏسڻ کانپوءِ رسالي جون ڪاپيون سمهڻ واري ڪمري جي ڪٻٽ ۾ جمع ڪندا ويندا هئا ۽ سال گذرڻ کانپوءِ جلد ٻڌرائي پلنگ جي هيٺان سانڍي ڇڏيندا هئا. اتي اول ئي هڪ ٻئي ”مصور“ نالي رسالي جا ٽي پڪا جلد پيل هوندا هئا. مان جڏهن ڪمري کي ڌوئيندو هوس، ته گندو پاڻي انهن کي پسائي ڇڏيندو هو. مالڪ ”رشين ڪوريئر“ نالي هڪڙي اخبار به گهرائيندو هو. شام جو ان کي پڙهڻ کانپوءِ ڀڻ ڀڻ ڪري چوندو هو، ”خدا ڄاڻي، اهڙو گند ڇا جي لاءِ ٿا ڇپين!“

هڪڙي ڇنڇر جي ڏينهن ڪمري جي ڪم کان پالهي ٿيڻ کان پوءِ، ڪتاب ٻاهر ڪڍيم، انهيءَ جون پهريون سٽون هيون – ”گهر به ماڻهن وانگر آهن، هر گهر کي پنهنجي شڪل ۽ صورت ٿيندي آهي.“ مون کي انهيءَ حقيقت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مان ميز ۽ دريءَ جي ويجهو بيهي، ڪتاب پڙهڻ لڳس، تان جو ڏاڍي ٿڌ وٺي ويئي. شام جي وقت جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي چرچ ڏانهن هليا ويا، تڏهن مان ڪتاب کولي، ان جا کٿل پنا، جن جو رنگ سرءُ جي زرد پنن وانگر هو، اٿلائي اٿلائي پڙهڻ لڳس،. مان اهڙيءَ دنيا ۾ وڃي پهتس، جنهن جو ماحول ته ڇڏيو، پر ان جي ماڻهن جا نالا به نوان هئا. مطلب ته جن ماڻهن سان مان زندگي گذاريندو هوس، انهن کان اُهي بالڪل مختلف هئا.

انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ جو نالو ”ڊي مانٽيپن“ هو. ڪتاب جي ڪردارن جي زندگي عجيب غريب ڏيکاريل هئي. ان ۾ هرڪا ڳالهه صاف ۽ سنئين نموني بيان ڪيل هئي. ڄڻ ته نيڪ ۽ بد کي اهڙيءَ روشنيءَ ۾ چٽو ڪري ڏيکاريو ويو هو، جيڪا انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ٻرندڙ ليڪ جيان اندر چمڪي رهي هئي. ان جي ڳالهين ۾ جذبن کي اڀارڻ جو اثر رکيل هو ۽ پڙهندڙ ان جي ڪردارن جي قسمت ۽ حال احوال جي چڪر ۾ گم ٿي پئي ويو. پڙهندي پڙهندي مون کي جوش وٺي پئي ويو ته انهن مان فلاڻي جي مدد ڪريان ۽ فلاڻي جو مقابلو ڪريان ۽ اها ڳالهه بلڪل وسري پئي ويم ته اهي واقعا، جي منهنجي اڳيان پيش ٿي رهيا هئا، تن جي حقيقت صرف انهيءَ ڪتاب تائين محدود هئي. ڳالهين جي انهن دل تاڙيندڙ بيانن کي پڙهندي ۽ انهن جي ڀڃ گهڙ ۾ منهنجا ٻيا سڀ خيال محو ٿِي ٿي ويا. ان جي هڪڙي صفحي جي پڙهڻ سان خوشيءَ ۾ ڀرجي ٿي ويس ۽ ٻئي صفحي جي پڙهڻ کان پوءِ دل اداس ۽ مغموم ٿي پئي ويئي.

مان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهندو رهيس، تان جو دروازي جي گهنٽي وڳي. مون کي هڪدم پتو پئجي ويو ته دروازي جي گهنٽي ڪير وڄائي رهيو هو، جيئن ته ان وچ ۾ موم بتي هوريان هوريان سموري ڳري چڪي هئي ۽ ميڻ قنديل تي، جنهن کي مون انهيءَ ڏينهن صبح جو صاف ڪيو هو، چوڌاري پکڙجي ويو هو. پنهنجي ڏوهه جي واردات کي مٽائڻ لاءِ مان بورچيخاني ۾ ڊڪڻ لڳس. ڪتاب کي تنور ۾ لڪائي مان بتيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويس. ايتري ۾ دائي ڊڪندي آئي – ”ٻوڙو آهين ڇا؟ هو دروازو کڙڪائي رهيا آهن!“

مون در کولڻ لاءِ تڪڙي ڊڪ پاتي.

”ستو پيو هئين ڇا؟“ مالڪ شوخيءَ مان پڇيو.

ڏاڪڻ تي چڙهڻ ويل هوريان وک وجهندي، جوڻس چرڪاٽ ڪيو – ”مون کي ٻاهر هوا ۾ بيٺي ٿڌ لڳي ويئي آهي.“ ٻـُڍيءَ خوب ڇهه ڇنڊيا. هن جي اک جهٽ پٽ وڃي ڳريل موم بتيءَ تي پيئي. پوءِ ته پڇائون شروع ڪري ڏنائين – ”هي ڇا آهي؟ هو ڇا ڪري رهيو هئين؟ بتي ڇو ٻاري هيئي؟“

منهنجون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي هيون. اچي ڏڪڻيءَ ورايم ته متان ڪتاب جو پتو پئجي وڃين.

”اڙي هن ڇوري مان ته گهر کي باهه لڳڻ جو خطرو آهي.“ ٻـُڍيءَ واڪو ڪيو.

وري جڏهن مالڪ ۽ هن جي جوءِ ماني کائڻ ويٺا، ته ٻيهر ڳالهه جو کنڌو پٽيائين – ”ڏسو ته ڪيئن نه سڄي موم بتي ڳري ويئي آهي! ضرور هيءُ ڇورو ڪنهن ڏينهن گهر کي باهه لڳائيندو.“

پوءِ ته مون کي چئني طرفن کان زباني وٺ وٺان شروع ٿي ويئي. منهنجن سڀني دانسته يا نادانسته ٿيل غلطين جو ذڪر ڪيو ويو ۽ نيٺ منهنجي قسمت ۾لکيل تباهيءَ جي پيشنگوئي ڪئي ويئي. مون کي ڳالهه جي پوري خبر هئي ته هو نه ڪنهن بغض کان نه ڪنهن ڀلي خاطر مون تي اها وٺ وٺان ڪري رهيا هئا، پر صرف پنهنجي بيزاريءَ جا بخار ڪڍي رهيا هئا. مون کي هنن جي اجائيءَ ۽ چرين جهڙيءَ هلت کي ڪتاب ۾ پڙهيل پنهنجي ادبي سورمن جي هلت سان ڀيٽ ڪرڻ ۾ مزو لڳندو هو.

کاڌي کائڻ کانپوءِ هو ڍرا ٿي ويا ۽ هوريان ٻرانگهون پائيندا وڃي بسترن ۾ داخل ٿيا. خدا کي پنهنجي ڪڪ ڪندڙ مخفي احوال ٻڌائڻ کانپوءِ، ٻڍي به تنور جي ڀر ۾ ماٺ ڪري پئجي رهي. پوءِ مان اٿي، ڪتاب کي لڪل هنڌان ڪڍي، دريءَ وٽ کڻي ويس. اها چانڊوڪي رات هئي، پر انهيءَ هوندي به ايتري روشني ڪا نه هئي، جو اهي سنها اکر پڙهي سگهجن. هوڏانهن مون کي ڪتاب کي اڳتي پڙهڻ جي آنڌ مانڌ لڳي پيئي هئي، تنهن ڪري ڇا ڪيم جو پتل جي نئين پالش ڪيل تئي کڻي، اهڙيءَ ريت رکيم، جو چنڊ جي روشنيءَ جو شعاع اچي ڪتاب تي پئي پيو. پوءِ حضرت عيسيٰ جي مجسمي واري ڪنڊ ۾ پيل بينچ تي بيهي مجسمي واريءَ بتيءَ جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ پڙهڻ شروع ڪيم. ٿڪ سببان اوچتو پنڪي اچي ويم ۽ بينچ تي اچي ڌڙام ڪيم. پوڙهيءَ جي لُڙ ۽ لتن اچي مون کي اٿاريو. منهنجي ڪلهن تي ڪتاب سان سٽڪو لائي ڏنائين. هوءَ پيرين اگهاڙي هئي ۽ جسم تي رات جي چوغي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پهريل ڪين هوس. هن جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هن جومٿو پئي ڏڪيو. مون کي انهيءَ اوني اچي ورايو ته ڪتاب هن جي هٿ اچي ويو هو ۽ هوءَ اجهو ٿي پرزا پرزا ڪري اڇلائيس.

نيرن وقت منهنجي آڏي پڇا شروع ٿي. مالڪ شوخيءَ مان پڇيو، ”تو اهو ڪتاب ڪٿان آندو؟“

عورتن کي ته بس ئي نه پئي آئي. وڪٽر ڪتاب کي سـُنگهي، کڻي ٻوٿ بڇڙو ڪيو. ”اڙي هن ۾ ڇاجي بوءِ آهي؟“

جڏهن ٻڌائون ته اهو ڪتاب پادريءَ جو آهي، تڏهن وري ڪتاب کي ڏسڻ لڳا ۽ انهيءَ ڳالهه هنن کي حيرت ۾وجهي ڇڏيو ته ڪو پادري به ناول پڙهندا آهن. البت هو انهيءَ تي ٿڌا ٿيا. تڏهن به منهنجي مالڪ، جي ڪتاب پڙهڻ ۾ خطرا ۽ نقصان ٿين ٿا، انهيءَ تي هڪ وڏي تقرير ڪئي – ”ڪتابن جا پڙهندڙ ريلن جا ڊاڪو ۽ خوني ٿيندا آهن.“

ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ هن جي زال وچ ۾ چيو، ”ڇتو آهين ڇا؟ اهڙيون ڳالهيون ٿو دماغ ۾ وجهينس!“

مان اهو ڪتاب سدوروف وٽ کڻي ويس ۽ پنهنجي سموري ڪهاڻي ٻڌائي مانس. هن ڪتاب وٺي، ٽوال ۾ ويڙهي، پيتيءَ ۾ سانڍي رکيو. ”هنن جي ڳالهين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏجانءِ.“ هن چيو، ”هتي اچي پڙهندو ڪر. مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس ۽ مان جي هتي نه هجان، ته پيتيءَ جي ڪنجي مجسمي جي پٺيان پئي اٿيئي.“

ڪتاب پڙهڻ تي منهنجي مالڪن جي اختيار ڪيل روش جي ڪري مون کي پنهنجي ڪتابن جي پڙهائيءَ کي بالڪل پوشيدو رکڻو پيو.مون تي هنن جي انهن ڳالهين جو ڪو به اثر نه ٿيو ته ڪتابن جا پڙهندڙ ريلن کي ڊاڪا هڻندڙ ۽ خوني ٿيندا آهن، يا جن ۽ ڀوت ڪڪ ٿي، انهن تي حملا ڪندا آهن، وغيره وغيره. انهيءَ بجاءِ ”قبوليت“ واري ڏينهن پادريءَ جي منع ڪيل ڪتابن وارو سوال، ڪوٺيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪريءَ وارو نظارو، سماوريءَ جو ”اصلوڪن ڪتابن“ وارو تذڪرو ۽ ناني جون ڪافرن جي ڪفر وارن ڪتابن جون ڳالهيون دل ۾ تري آيون. مون هن کي چوندي ٻڌو هو، ”اليگزينڊر زار جي ڏينهن ۾ وڏن ماڻهن ڪافرن جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. هنن چاهيو پئي ته روسي ماڻهن کي مذهب مان ئي ڪڍي ڇڏي، پر جنرل آرچڪوف انهن کي سڳ سوڌو پڪڙي ورتو ۽ پوءِ هو ڪهڙي به رتبي وارا هئا، ان کي نظر انداز ڪري، کين سائبيريا موڪليو ويو هو، جتي هنن جو کنڌو ئي کڄي ويو.“

ڪتاب پڙهندي مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته مون کي ڪنهن وڏي راز جو پتو پوڻ وارو آهي، تنهن ڪري منهنجي حالت ديوانن جهڙي ٿي ويئي.مون کي ڪتاب ختم ڪرڻ جو جوش ۽ سدوروف کان ڪتاب جي گم ٿي وڃڻ جي ڳڻتي لڳي رهندي هئي. ”جي ڪتاب گم ٿي ويو ته ڪٽر ماسٽر جي زال کي ڪهڙو جواب ڏيئي سگهندس؟“

پوڙهي مون تي ڪڙي نظر رکڻ لڳي، جيئن مان اردليءَ جي ڪوٺيءَ ڏانهن وڃي نه سگهان، ”ڪتابن جا ڪيڙا“ هوءَ هميشه کنڌڪ هڻي چوندي هئي، ”ڪتاب بڇڙائي سيکارين ٿا. ٿورو هـُن ڪتاب چٽيندڙ رن کي ڏس. بازار مان رڳو سودي وٺڻ کان به وئي آهي. باقي آفيسرن سان ترڪتال ڪرڻ خوب ٿي ڄاڻي. مون کي پتو آهي ته هن وٽ آفيسرن جي سڄو ڏينهن اچ وڃ لڳي ٿي رهي.“

چاهيندو هوس ته واڪو ڪري چوانس ته ”اهو ڪوڙ آهي. هوءَ ائين نه ڪندي آهي!“ پر ان بيگناهه زال جي بچاءَ ڪرڻ جي همت ئي نه ٿيندي هيم، انهيءَ لاءِ ته متان پوڙهي سمجهي وڃي ته ڪتاب انهيءَ جو هو.

ڪجهه ڏينهن ته منهنجا ڏاڍيءَ مصيبت ۾ گذريا. هر وقت اهو اونو هوندو هوم ته ڪتاب کي ڪجهه ٿي نه پوي. انهيءَ ڪري منهنجي اکين جي ننڊ ئي حرام ٿي ويئي. پوءِ هڪڙي ڏينهن ڪٽر جي گهر جي بورچياڻيءَ اڱڻ ۾ بيهاري چيو، ”ڪتاب موٽائي ڏيئي وڃ.“

هڪڙي ڏينهن منجهند جي مانيءَ کانپوءِ جڏهن منهنجا مالڪ سمهي پيا، تڏهن مايوس ۽ مـُنڌل منهن سان ڪٽر جي زال وٽ وڃي حاضر ٿيس. هوءَ اهڙي ئي ڏسڻ ۾ آئي جهڙو مون کيس پهرئينءَ ملاقات ڀيري ڏٺو هو. فرق رڳو هيءُ هو ته هينئر ڪپڙا ٻيا پهريل هئس. هن کي نيريءَ چوليءَ جي مٿان ڪارو جئڪيٽ پيل هو ۽ هڪڙو سهڻو صليب هن جي ڇاتيءَ جي مٿان لڙڪي رهيو هو. هوءَ مون کي بدڪ وانگر ٿي لڳي. مون جڏهن هن کي ٻڌايو ته مون کي ايتري واندڪائي ئي نه ملي، جو ڪتاب پورو ڪري سگهان ۽ مون کي ڪتاب پڙهڻ کان منع ڪئي ويئي هئي، ته منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. اهي ڳوڙها ٻن سببن جي ڪري وهي آيا هئا. هڪڙو پنهنجي بيوسيءَ ڪري ۽ ٻيو ان عورت جي ديدار جي مسرت ڪري.

”چه چه! ڪهڙا نه جاهل ماڻهو آهن!“ پنهنجي وڻندڙ ڀِرن ۾ گهنج وجهندي، چيائين. تنهنجو مالڪ ته منهن مهانڊي مان چڱو لڳندو آهي! تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر. مان هن ڏانهن خط لکي موڪلينديس.“

”نه نه، خط نه لکجانءِ!“ مون ايلاز ڪندي، چيس، ”هو تو تي کلندا ۽ ٺٺوليون ڪندا. تون سمجهين نٿين ته هتان جا سڀ ماڻهو تنهنجي برخلاف آهن؟ اهي سڀ تو تي خندو ڪندا آهن ۽ توکي بيوقوف ڪوٺيندا آهن ۽ چوندا آهن ته تنهنجون ڪجهه پاسريون کٽل آهن.“

جڏهن اهي اکر منهنجي واتان نڪري ويا، تڏهن مون محسوس ڪيو ته مون کان زيادتي ٿي ويئي هئي ۽ هن کي لڄي ڪندڙ لفظ منهنجي واتان نڪري ويا هئا. پنهنجي هيٺئين چپ ۾ چڪ وجهي، پنهنجا هٿ کڻي چيلهه تي رکيائين. منهنجو ڪنڌ شرم کان هيٺ ٿي ويو ۽ چاهيم پئي ته جيڪو زمين جاءِ ڏئي ته ان ۾ هليو وڃان، پر هوءَ پاڻ کي آرام ڪرسيءَ ۾ ڦٽو ڪري، ٽهڪن پٺيان ٽهڪ ڏيڻ لڳي- ”ڪيڏا نه جاهل آهن! ڪيڏا نه جاهل آهن!،

پوءِ پنهنجون اکيون منهنجي اکين ۾ وجهندي، ٿڌو ساهه کڻي، چوڻ لڳي، ”پوءِ ڀلا ڇا ڪريون؟ تون ڏاڍو عجيب ڇوڪرو آهين.“ مون هن جي ڀرسان جيڪو آئينو رکيو هو، ان ۾ پاڻ کي جاچڻ لاءِ اک ٽيٽ ڪري ڏٺو. ڏٺم ته ڳٽن جا هڏا ٻاهر نڪتل، نڪ منو، ڀرون جي مٿان نشان ۽ وار، جن کي ڪٽڻ جي ضرورت هئي، جاڏي ڪاڏي کنڊريل هئا. اِهو هو، هن جو ”عجيب ڇوڪرو.“ ۽ انهيءَ عجيب ڇوڪري جي انهيءَ چينيءَ جي گڏيءَ سان ڪا به مشابهت ڪا نه هئي.

”توکي، جي مون ڪوپيڪ ڏنا، اهي ڇو نه کڻي وئين؟“

”مون نٿي چاهيو.“

هن ٿڌو ساهه ڀريو – ”پوءِ ڀلا ڇا ڪريون؟ جڏهن به توکي ڪتابن پڙهڻ جي اجازت ملي ته هيڏانهن هليو اچجانءِ. مان توکي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندس.“

گهوڙيءَ تي ٽي ڪتاب پيل هئا، جن ۾ مون وارو موٽايل ڪتاب سڀني کان ٿلهو هو. مون ان ڏانهن ڏک ڀرين اکين سان نهاريو. ڪٽر جي زال پنهنجو گلاب جهڙو نازڪ هٿ مون ڏانهن وڌايو- ”چڱو، الوداع!“

مون ڍر ڪندي هن جي هٿ سان هٿ ملايو ۽ ٻاهر ڀڄي آيس- چئبو اها ڳالهه سچي آهي، جو هو چون ٿا ته هن کي ڪجهه پتو ئي ڪونهي- عجب آهي، جو ٻن گريون کي ڪوپيڪ ٿي ڪوٺي! هوءَ بنهه ٻار آهي!

پر مون کي سندس اها ڳالهه به وڻي ۽ بنهه دل ۾ چـُڀي ويئي.

باب نائون

اڄ به پوريءَ طرح ياد اٿم- ۽ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم ۽ حيرت به ٿي وٺيم، جڏهن ياد ٿو ڪريان ته پنهنجي پڙهڻ جي اُن نئين اٿيل اڃ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون جٺيون. سـُهمون ۽ خطرا برداشت ڪرڻا پيا هئا. اُنهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال جا ڪتاب ڏسڻ ۾ ئي قيمتي معلوم ٿيندا هئا ۽ هيڏانهن مون کي پوڙهيءَ جي هٿان انهن جي خراب ٿيڻ جو کٽڪو لڳو رهندو هو. تنهن ڪري انهن جي پچر ڇڏي، سادن پنن ۽ سستن جلدن وارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. اُهي انهيءَ دڪان تي جتي مان صبح لاءِ دبل روٽي خريد ڪرڻ ويندو هوس، وڪري لاءِ پيا هوندا هئا.

ان دڪان جو مالڪ بدشڪلو ۽ چپن ٿلهو هو. هن جي چمڙي سڄو ڏينهن پگهر سان شل لڳي پيئي هوندي هئي. هن جو زرد ۽ گهنجن وارو منهن موهيڙن ۽ انهن جي داغن سان چچريو پيو هوندو هو. هن جون اکيون اڇيون، هٿ ٿلها ۽ انهن ۾ ڏنگيون ڦڏيون آڱريون ائين اٽڪيون پيون هونديون هيون، ڄڻ اتي ڪنهن ٽنبي ڇڏيون هيون. هن جو دڪان جوانن ۽ اسان جي پاڙي جي گهومو ڇوڪرين لاءِ ڪلب جو ڪم ڏيندو هو. اهو بير جي گلاس ۽ پتي جي راند لاءِ منهنجي مالڪ جي ڀاءُ جو اڏو هوندو هو. جڏهن به ماني کائڻ لاءِ هن کي اتي سڏڻ ويندو هوس ته هن کي يا ٻئي ڪنهن دل ڦينڪ جوان کي اُن ننڍڙي ۽ ٻوسٽ واري دڪان جي پوئين ڪمري ۾ دڪان واري جي نخريليءَ زال سان ڀاڪر ۾ ڏٺو هوم. دڪاندار کي ان تي ڪا به خار نه ايندي هئي، نه ئي هن کي پنهنجي ڀيڻ کي، جا هن کي دڪان هلائڻ ۾ مددڪندي هئي، نشي ۾ مست شرابين يا ٻئي ڪنهن سان جيڪو هن جي دل کي وڻندو هو، چم چٽ ڪندي ڏسي دل ۾ ڪجهه ٿيندو هو.

هن جي دڪان جو ڪاروبار ڍلو هو، جنهن لاءِ هو سبب ڏيندو هو ته اڃا سندس ڪاروبار نئون هو. جيتوڻيڪ دڪان کلئي کي به ڪيترا مهينا ٿي ويا هئس. هو پنهنجن گراهڪن جي خدمت کين اگهاڙين تصويرون ڏيکارڻ ۽ انهن جي هيٺان لکيل فحشن شعرن جي نقل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان به ڪندو هو.

مان هن وٽان ”ميسا ايفستي“ جون معمولي ڪهاڻيون هڪ ڪوپيڪ يا ان جي ڪجهه لڳ ڀڳ مسواڙ ڏيڻ تي پڙهڻ شروع ڪيون. اها مسواڙ مون لاءِ ڳري هئي ۽ انهن ڪهاڻين ۾ مزو به بالڪل ڪو نه ٿي آيم. مون کي ڪيترن اهڙن ڪتابن مان به، جيئن ”گوئڪ“ يا ”مرڻ تائين وفاداري“، ”وينس جو شهزادو“، ”روسين جي ديني جنگ“، يا ”مسلم حسينه، جا مڙس جي مزار تي ويئي.“، ڪو مزو ڪو نه ايندو هو، بلڪه انهن تي ڏاڍي چڙ وٺي ويندي هيم. مان ائين محسوس ڪندو هوس ڄڻ انهن ڪتابن جا لکندڙ اهڙيون واهيات ۽ بيعقليءَ جون ڳالهيون لکي، مون کي بيوقوف بنائي رهيا هئا. جي ڪتاب مون کي وڌيڪ وڻيا، اهي هئا ”اسٽراسي پهلوان“، ”بهادر بوري ميلوسڪي“، ”پراسرار پادري“ ۽ ”تاتاري سوار“ گهٽ ۾ گهٽ انهن جي پڙهڻ سان منهنجي دل تي ڪجهه نه ڪجهه اثر ضرور ٿيو، پر مون کي جيڪو ڪتاب سڀ کان وڌيڪ وڻيو سو هو ”درويشن جا قصا.“ ان ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل هيون، سي ڪافي ڳنڀير ۽ اعتبار ۾ اچڻ جهڙيون هيون. انهن جي پڙهڻ سان منهنجي دل ڪڏهن غم ۾ ڪڏهن خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندي هئي. انهيءَ ڪتاب جا شهيد مرد مون کي ”نيڪ خيال“ جهڙا ۽ شهيد عورتون نانيءَ جهڙيون ۽ ان جا پادري ۽ پوپ ناني جهڙا ٿي لڳا.

منهنجو پڙهڻ، جڏهن ڪاٺيون چيرڻ لاءِ ٻاهر ويندو هئس، تڏهن سرد ڇاپري ۾ ٿيندو هو يا ڪوٺيءَ ۾ لڪي ٿيندو هو، جيڪا به مون کي اهڙي ئي اوکي ۽ سرد لڳندي هئي. جڏهن ڪنهن ڪتاب مان ڏاڍو مزو ايندو هوم يا ان کي ختم ڪرڻو هوندو هو ته تيستائين انتظار ڪندو هوس، جيستائين ٻيا سمهي پوندا هئا پوءِ لڪي لڪي، موم بتي ٻاري، ان تي پڙهڻ شروع ڪندو هوس. جڏهن پوڙهيءَ ڏٺو ته موم بتيون جهٽ جهٽ ۾ ڳرنديون ننڍيون ٿينديون ٿيون وڃن، تڏهن انهن کي ڪاٺيءَ سان ماپڻ شروع ڪيائين. جيڪڏهن صبح جو موم بتي هن جي ڪاٺيءَ جي ماپ تي پوري نه هوندي هئي ته رڙين سان بورچيخانو مٿي تي کڻي ڏيندي هئي.

هڪڙي ڀيري وڪٽر اچي مٽيس، ”امڙ، اهي رڙيون بند ڪر. ها ها- هو پڙهڻ لاءِ موم بتيون ٻاري ٿو. مون کي خبر آهي ته هو ڪتاب ڪٿان ٿو وٺي اچي. دڪان مان، هائو دڪان مان. هينئر به وڃي ڏس ته هن جي سامان ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب لڪو پيو هوندو.“

پوڙهي رڙهندي اچي ڪوٺي وٽ پهتي، ڳولي ڦولي ڪتاب هٿ ڪيائين ۽ ان کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين. مان به هيڪاري ضد ۾ اچي ويس ۽ انهيءَ ڪري پاڻ منهنجي پڙهڻ جي شوق زور ورتو. مون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ولي الله به هنن جي گهر ۾ اچي رهي ها ته منهنجا مالڪ هن کي به پنهنجي ڀيت تي بيهارڻ لاءِ سڄي لڱين ڪو نه ڇڏين ها. هنن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن هل هنگامي جي ضرورت هئي ۽ بس. هو جيڪڏهن ٻين تي فتوائون ڪڍڻ، ٻين جي پچار ڪرڻ ۽ ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ڇڏي ڏين ها، ته جيڪر هنن جي ڳالهائڻ جي قوت ختم ٿي وڃي ها ۽ هو گونگا ٿي وڃن ها ۽ باقي جيڪر ڪجهه به نه رهن ها، ڇو ته ان کانسواءِ هنن کي ٻيو ڪجهه ڳالهائڻ ايندو ئي ڪو نه هو. انسان کي پنهنجو پتو ٻين سان پنهنجي لاڳاپن مان پوندو آهي. منهنجي مالڪن جو ٻين ماڻهن لاءِ لاڳاپو سواءِ انهن تي لعنت ملامت وارين فتوائن جي ممڪن ئي نه هو. جيڪڏهن هو ڪنهن کي هوبهو پاڻ جهڙيءَ رهڻيءَ ڪرڻيءَ، سوچ ۽ احساس جي تربيت ڏين ها ته انهيءَ تي به ڦري هن کي ضرور ملامت ڪن ها. مطلب ته هو بنهه خسيس قسم جا انسان هئا، پاڻ کي هرڳالهه ۾ مٿي ڀانئيندا هئا ۽ ڪڏهن به ٻئي ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪو نه سمجهندا هئا.

مون پنهنجو مخفي پڙهڻ قائم رکيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ پوڙهي منهنجي ڪتابن کي تباه ڪندي رهي جنهن ڪري دڪاندار جو مون تي ستيتاليهن ڪوپيڪن جو ڳاٽي ڀڳو قرض چڙهي ويو. هو انهيءَ جي گهر ڪرڻ لڳو ۽ دڙڪا ڏيڻ لڳو ته ”تون پنهنجن مالڪن لاءِ سودو وٺڻ اچين ٿو، مان ڪڏهن انهن پيسن مان اهو تنهنجو قرض ڪٽي ڇڏيندس. پوءِ تون ڇا ڪندين؟“

مون کي هن کان ڏاڍي ڪراهت ٿيندي هئي. هن کي به ان جو پتو هو. مون کان ان جو بدلو ائين هانءُ کائيندڙ دڙڪن سان وٺندو هو. هر ڀيري هو منهنجو استقبال پنهنجي موهيڙن واري منهن تي مرڪ آڻي، نرم لفظن ۾ ڪندو هو ”پنهنجو حساب چڪتو ڪرڻ آيو آهين.؟“

”اڃا ته نه، پر...“

انهيءَ تي هو ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو، ڄڻ عجب وٺي ويو هجيس ۽ ڪاوڙجي چوندو هو، ”پوءِ ڇو آيو آهين؟ ڇا مون کان بيک وٺڻ آيو آهين؟ مان سمجهان ٿو ته توکي جيل موڪلڻ سان ئي منهنجا ڏوڪڙ وصول ٿيندا.“

اهڙو ڪو به رستو نه هو، جنهن سان مون کي ايترا پئسا ڪٿان ملي سگهن. ڇا ڪاڻ ته منهنجو پگهار سڌو ناني جي حوالي ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڪري ڍڪرن ۾ پئجي ويس ۽ سڄو وقت ڳڻتيءَ ۾ ورتو پيو هلندو هوس. آخر منهنجي قرض جو ڇا ٿيندو؟ هڪڙي ڀيري هن جي وڌيڪ زور ڀرڻ تي جڏهن ڪجهه وڌيڪ مهلت ڏيڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي مانس، تڏهن پنهنجو سڄيل هٿ وڌائي، چيائين، ”جيڪڏهن منهنجي هٿ کي چمندين ته کڻي ٿورو صبر ڪندس.“

جواب ۾ تارازيءَ وارو وٽ کڻي مٿي وارو وهايومانس. هو هيٺ ٿي ويو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”اڙي، توکي ڇا ٿي ويو؟ مان ته توسان مسخري پئي ڪئي.“

صبح جي وقت مالڪ جي ڪپڙن کي برش هڻندي، هن جي پتلون جي کيسن ۾ پئسن جو کڙڪو ٻڌندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا فرش تي ڪري ڊوڙڻ لڳندا هئا. هڪڙي ڀيري سڪا اهڙيءَ ريت ڊوڙي ڏاڪڻ جي هيٺان هليا ويا هئا، جن جو خيال ئي لهي ويو هوم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن اهي وري لڌا هئم، تڏهن موٽائي مالڪ کي آڻي ڏنا هئم، جنهن تي هن جي زال چيو هو، ”ڏٺئه! کيسن ۾ پئسن رکڻ کان اول انهن کي ڳڻي ڇڏيندو ڪر.“

مون ڏانهن مرڪي، مالڪ وراڻيو هوس، ”مون کي پتو آهي ته هي چوري نه ڪندو.“

نيٺ جڏهن پنهنجي ان قرض لاهڻ لاءِ چوريءَ جو فيصلو ڪيم، تڏهن هن جي انهن لفظن ۽ اعتبار ڀريءَ مرڪ منهنجي لاءِ چوري مشڪل ڪري وڌي. ڪيترائي ڀيرا هن جي کيسي مان پئسا ڪڍيم، ڳڻي وري ساڳئي هنڌ رکي ڇڏيم. لڳاتار ٽي ڏينهن اهڙيءَ شش و پنج ۾ رهيس، ۽ پوءِ اهو مسئلو پنهنجو پاڻ سادي ۽ سهڻي رستي حل ٿي ويو.

مالڪ اهو سوال پڇي، مون کي وائڙو ڪري وڌو، ”پيشڪوف، توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ ڪجهه ڏينهن کان تون ويڳاڻو ٿو ڏسڻ ۾ اچين. طبيعت خراب اٿيئي، يا ٻي ڪا ڳالهه آهي!“

مون هن کي دل جي ڳالهه صاف صاف ٻڌائي ڇڏي. منهن گهنجائي چيائين، ”ڏسين ٿو ڪتابن توکي ڪهڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ڪيو آهي!“ مون کي اڌ روبل ڏيندي چيائين، ”ڏسجانءِ، منهنجي زال ۽ ماءُ کي پتو نه پوي، ورنه ڌمچر ٿي ويندو.“ مٺڙيءَ مرڪ سان وڌيڪ چيائين، ”پڪو ضدي آهين ۽ اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. هاڻي تون ڪتابن جي پچر ڦٽي ڪر، نئون سال ٿئي ته مان ڪنهن سٺي رسالي جو چندو ڀريندس، پوءِ توکي پڙهڻ لاءِ ڪافي مواد ملي پوندو.“

انهيءَ کان پوءِ شام جي چانهه ۽ رات جي مانيءَ جي وچ ۾ منهنجي هيءَ ڊيوٽي رکي ويئي ته مان هنن کي ”ماسڪو گزيٽ“ رسالو پڙهي ٻڌائيندو هوس، ۽ کين انهيءَ ۾ شايع ٿيل ”باشڪوف“، ”روڪشانين“، ”روڊنڪووسڪيءَ“ ۽ ٻين ليکڪن جي ناولن جون قسطون، واري واري سان پڙهي ٻڌائيندو هوس. اهي ناول ماڻهوءَ جي مرده طبيعت ۾ تازگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏاڍا چڱا هئا. مون کي ڏاڍيان پڙهڻ پسند نه ايندو هو ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت، جو پڙهندو هوس، سو سمجهي نه سگهندو هوس. پر منهنجا مالڪ ڏاڍي خيال سان ڪن ڏيو پيا ٻڌندا هئا. ڪڏهن ڪتاب ٻڌندي، وڏا ساه کڻي، هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏيئي چوندا هئا ”الله جا شڪر، جو اسان جي زندگي شرافت سان ٿي گذري ۽ اهڙا ڪڌا ڪم اسان کان ڪو نه ٿا ٿين!“

هو انهن قصن جي واقعن کي هڪ ٻئي سان منجهائي ۽ نالن کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيندا هئا. ٽانگي واري ”فوماڪورچن“ کي نامي گرامي ”چرڪين“ ڌاڙيل ڪوٺڻ لڳندا هئا. جڏهن مان انهن کي سمجهائيندو هوس ته عجب مان چوندا هئا، ”هن ڇوڪري جو حافظو ڪهڙو نه تيز آهي.“

ڪڏهن ڪڏهن ”ماسڪو گزيٽ“ ۾ ليوناڊگراوَ جا شعر شايع ٿيل هوندا هئا. مون کي اهي ڏاڍا وڻندا هئا. انهن مان ڪي نقل ڪري رکندو هوس. منهنجا مالڪ چوندا هئا ”ڪراڙو ٿي ويو آهي: شعر ٿو نقل ڪري، هيءُ مواد آهي يا اڌ مغزي!“

مون کي ”استروزخن“ ۽ ”ڪائونٽ ميهنٽوموري“ جا شعر به وڻندا هئا پر هو منهنجي ٻنهي مالڪياڻي کي چريا لڳندا هئا. ننڍي توڙي وڏي، ٻئي چونديون هيون، ”شعر چوندڙ يا هوندا آهن چريا يا مسخرا.“

منهنجي لاءِ اهي سياري جون شامون انهيءَ گنديءَ هوا مان ڀريل ڪمري ۾ گذارڻ ڏاڍيون ڪٺن هونديون هيون. منهنجي مالڪن جون اکيون سڄو وقت مون ۾ کتل هونديون هيون. دريءَ جي ٻاهران رات بي جان لاش وانگر خاموش هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن برف ڪرڻ جو آواز ايندو هو. هو رکي رکي، ميز جي چوگرد اهڙيءَ ريت ماٺ ۾ اچي ويندا هئا، جهڙي ريت مڇي برف ۾. برفاني هوائن کان در ۽ دريون کڙڪڻ لڳندا هئا ۽ چمنيون شور ڪرڻ لڳنديون هيون. ٻارن جي ڪمري مان ٻارن جي روڄ راڙي جا آواز اچڻ لڳندا هئا. منهنجي دل به ائين چاهيندي هئي ته ڪا پنهنجي اڪيلي ڪنڊ هجي، جنهن ۾ ويهي بگهڙ جيان واڪا ڪرڻ شروع ڪيان.

ميز جي هڪ پاسي عورتون ويٺيون سبنديون يا اڻنديون هيون، ٻئي پاسي وڪٽر اَرهيءَ دل سان نقش جا نقل ويٺو ڪندو هو ۽ رکي رکي رڙ ڪندو هو ”اڙي، ميز کي لوڏڻ بند ڪيو! هتي ته رهڻ ئي مصيبت آهي، اوهين ته ڪي جهنگلي ٻليون آهيو.“

پري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ مالڪ ميز پوش تي ڀرت ويٺو ڀريندو هو. هو پنهنجي آڱرين هلائڻ سان ان تي رنگ برنگي جانور پکي ۽ ٻوٽا بنائيندو ويندو هو. اهو خاڪو خود هن جو تيار ڪيل هوندو هو ۽ هي ٽيون سيارو هو، جو انهيءَ تي پئي ڪم ڪيائين. هو انهيءَ مان اچي ڪڪ ٿيو هو ۽ شام جي وقت جڏهن مان واندو هوندو هوس ته مون کي سڏ ڪري چوندو هو، ”پيشڪوف، هيڏانهن ٿورو ميز پوش جي ڪم ۾ ته هٿ وجهجانءِ.“

مان به ٿلهي سئي کڻي يڪدم ڪم ۾ لڳي ويندو هوس. مون کي پنهنجي مالڪ تي هميشه ترس ايندو هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي هيم. منهنجي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿي ويو هو ته ڪنهن ڏينهن هو پنهنجي نقشن واري ميز، ڀرت جو ڪم ۽ تاس جا پتا ڦٽي ڪري، ڪنهن اهڙي ڪم کي لڳي ويندو، جيڪو سچ پچ هن جي دل وٽان هوندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪندي، هن جي دل ۾ ڪو خيال پيدا ٿيندو هو ۽ هو انهيءَ جي ويچار ۾ ئي گم ٿي ويندو هو. اهڙن وقتن تي هن جا وار هن جي نرڙ ۽ ڳلن تي ٽڙي پکڙجي ويندا هئا ۽ هن کي انهن جي هٽائڻ جي سمڪ ڪا نه رهندي هئي.

انهيءَ ويل جوڻس سوال ڪندي هيس، ”ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هو وري پنهنجو ڪم شروع ڪندي ورائيندو هو، ”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“

اهڙو سوال مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو، ڪنهن کان ڪنهن جي خيالن بابت آڏي پڇا ڪهڙي نه عجيب آهي. اهڙي سوال جو ڪو جواب ئي ڪو نه هو. انسان جي دماغ ۾ خيال بي انت ۽ جلد جلد بدلبا رهندا آهن، انهن ۾ حال بابت اڳڪٿي ۽ ماضيءَ تي تبصرو هوندو آهي. اهو ماضي جيڪو ڪالهه يا پرسال هو. اهي خيال پاڻ ۾ ڳتيا پيا هوندا آهن، انهن ۾ تڪڙو تڪڙو ڦيرو ۽ ڏاڍو جوش سمايل هوندو آهي.

”ماسڪو گزيٽ“ ۾ ڏنل قسطون ايتريون نه هونديون هيون، جو سڀ سانجهيون انهن جي پڙهڻ ۾ گذاري سگهجن. انهيءَ ڪري پلنگ جي هيٺان پيل رسالن کي ڏسڻ شروع ڪيم. مالڪ جي زال چيو، ”انهن ۾پڙهڻ جي لاءِ ڇا رکيو آهي؟ صرف تصويرون آهن.“

پلنگ جي هيٺان ”مصور“ جي رسالي سان گڏ ”ٻرندڙ شعلا“ نالي رسالو پيو هو، جنهن ۾ ”سالياس“ جو ”ڪائونٽ ٽياٽن بالستڪي“ نالي ناول ڇپيل هو. مالڪ کي ڪتاب جو عجيب سورمو ڏاڍو وڻي ويو هو. هن جي تڪليفن ۽ مصيبتن تي ٽهڪ ڏيئي کلندو هو، تان جو اکين مان پاڻي وهي ويندو هوس ”ٻيلي، ڏاڍو مزيدار قصو آهي.“

انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته هن کي به پنهنجو رايو آهي، هن جي زال چوندي هئي، ”هون! واهيات“.

پلنگ واريءَ لئبريريءَ مون کي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ مون کي بورچيخاني ۾ پڙهڻ جي اجازت ۽ پوءِ رات جي پڙهڻ جو موقعو پيدا ڪري ڏنو. هڪڙي ڀيري منهنجي بخت ڀَلايو، جو دائي ڪا نه آئي ۽ پوڙهي سڄي رات ٻارن وٽ وڃي ستي. وڪٽر جو مون کي فڪر ڪو نه هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻيا سمهي پوندا هئا تڏهن هي مڙس ڪپڙا پائي ٻاهر هليو ويندو هو ۽ صبح ٿيڻ کان اول ڪو نه موٽيندو هو. مون وٽ هڪڙي به موم بتي ڪا نه ڇڏيندا هئا. هنن مان هر ڪو پنهنجون موم بتيون سنڀالي رکندو هو ۽ مون کي پنهنجي موم بتين خريد ڪرڻ لاءِ ڪوڏي به ڪا نه هئي، تنهن ڪري مون ڇا ڪيو، جو مخفي طرح شمعدانن مان موم بتين جو رجيل ميڻ هڪڙي دٻي ۾ ڪٺو ڪيم ۽ ان ۾ بتيءَ جو تيل ملائي، ڪپهه مان وٽ وٽي وڌم، اهڙيءَ ريت دونهين واري هلڪي روشني حاصل ٿي ويم. پوءِ مون اهو ڏيو تنور تي رکي پڙهڻ شروع ڪيو.

مان وڏن وڏن ڪتابن جا ورق اٿلائيندو رهندو هوس. مون واريءَ بتيءَ جي ڄڀي ڦر ڦر ڪندي ۽ وٽ کائيندي رهندي هئي. اُن جي سڙيل تيل جي ڪني بانس چوڌاري پکڙجي ويندي هئي ۽ دونهين تي منهنجون اکيون دکڻ لڳنديون هيون پر مورتن ۽ انهن جي عبارتن ڏسڻ ۾ جو مزو ايندو هوم، انهيءَ ۾ سڀ تڪليفون وسري وينديون هيم. انهيءَ جي ڪري منهنجي معلومات ۾ نئين دنيا جو اضافو ٿيو. اهڙيءَ دنيا جو، جيڪا محبت ڀريل ملڪن جي دنيا هئي. انهن ۾ ڪيترن شاندار جبلن ۽ سمنڊن جي حسين ڪنارن جا نظارا هوندا هئا. زندگي پنهنجي عجائبات کي منهنجي اڳيان کولي رکيو ۽ ڌرتي جيڪا شهرن سان سٿيل ۽ خزانن سان ڀريل هئي، منهنجي لاءِ وڌيڪ پرڪشش ٿي ويئي ۽ هاڻي جڏهن مون وولگا نديءَ جي ڪناري تي بيهي نهاريو پئي، ته اها مون کي اڳي وانگر سکڻي خلا محسوس نه پئي ٿي. اڳي سموري ڌرتي هڪ طرح اڪيلي اڪيلي نظر ايندي هئي ۽ ان جو اثر منهنجي اجڙيل دل تي به پوندو هو، جيڪا غمن جي گهاون سان ڀريل ۽ خواهشن کان خالي هوندي هئي. مان انهيءَ ڳالهه کي سواءِ ته اُهو سوداءُ دل مان دفع ٿئي، نه ٻيو ڪجهه سوچيندو هوس نه گهرندو هوس. انهيءَ سکڻي سوداءَ مان ڪجهه به پلئه نه پوندو هو. رهندو انهيءَ منهنجي دل کي سڪائي بـُٺ ڪري ڇڏيو هو.

هاڻي جيتري قدر سمجهي سگهيس ٿي، ڪتابن جي ڳالهين ۽ رسالن جي تصويرن ۽ انهن جي عبارتن مان مون کي مختلف ماڻهن ۽ ملڪن جي هڪ نئين سڃاڻپ حاصل ٿي رهي هئي ۽ انهن جي وڏين تاريخي ڳالهين ۽ ٻين واقعن جو پتو پوندو ٿي رهيو. انهن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به هونديون هيون، جي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هونديون هيون ۽ ان ڪري ڏاڍي تڪليف ٿيندي هيم. ڪڏهن ڪڏهن عجيب لفظ، جيئن متاخرين، مابعد الحيات، مافوق الفطرت، منهنجي مٿي ۾ کانڀياڻيءَ جي ڳوڙهن وانگر زور سان ٺڪاءُ ڪري اچي لڳندا هئا انهن جي سمجهڻ واسطي جيڪا بي آرامي ٿيندي هيم، ان جي مون کي ئي خبر هوندي هئي. اُهي اصل مون کي پريت جيڏا ديوَ لڳندا هئا، جيڪي منهنجي خيال جو رستو روڪي، منهنجي آڏو بيهي رهندا هئا ۽ ڪنهن به ڳالهه کي منهنجي سمجهه ۾ اچڻ ئي نه ڏيندا هئا. مان انهن جي آواز ۾ ئي گم ٿي ويندو هوس. اُهي منهنجي لاءِ اهڙا غضبناڪ چوڪيدار هئا، جي مون کي علم جي لڪل خزاني تائين پهچڻ نه ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪي جملا به اهڙا ڏکيا اچي ويندا هئا، جو اُهي منهنجي دل ۾ ائين گهڙي ويندا هئا، جيئن جسم جي چمڙيءَ ۾ ڇيتون، جنهن ڪري ڪنهن شيءِ جو سمجهڻ مون غريب لاءِ ناممڪن ٿي پوندو هو ۽ پنهنجي پاڻ سان پيو وڙهندو هوس.

مون کي اهي اوپريون سٽون اڃا به ياد آهن. ”هنن جو شهنشاه اٽيلا، فولاد جو زره پهريل، ويران ۽ اجڙيل ملڪن مان خاموش ۽ گنڀير ٿيو، گهوڙو هڪليندو پئي ويو، هن جي پٺيان هـُوڻ فوجين جو غنيم رڙيون ڪندي پئي آيو ڪٿي آهي روم! ڪٿي آهي اهو مضبوط روم!“

مون کي پتو هو ته ”روم“ شهر جو نالو آهي، پر انهيءَ مونجهاري اچي ورايو ته هوڻ ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ هڪڙو چڱو موقعو تاڙي پنهنجي مالڪ کان ان بابت پڇيم.

’هوڻ؟‘ مالڪ حيرت مان سوال ڪيو. ”خدا ٿو ڄاڻي. شايد ڪن واهيات ماڻهن جو نالو هجي.“ پوءِ ڪنڌ ڌوڻي چيائين، ”تنهنجو مٿو هاڻي گند سان ڀربو ٿو وڃي. پيشڪوف، اهو ڏاڍو خراب آهي.“

پر خراب هو يا چڱو، مون ڄاڻڻ ٿي گهريو. خيال آيم ته فوج جو پادري هوڻن جي حال کان چڱيءَ ريت واقف هوندو. ان ڪري انهيءَ وٽ ڊوڙي ويس. انهيءَ بيمار ڪاوڙيل پادري، جنهن جي ڏاڙهي ڳاڙهي ۽ ڀرون چٽ هئا، پنهنجي ڪاري لٺ زمين تي هڻندي، چيو، ”تنهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

ليفٽيننٽ نيستروف جو جواب به ٿورو، پر ڏاڙهيندڙ هو: ”ڇا؟“

هاڻي مون سوچيو ته انهيءَ جو جواب من دوا فروش وٽان ملي وڃي. هو مون سان هميشه قرب سان پيش ايندو هو. هن جي منهن ۾ عقل پيو بکندو هو ۽ هن جي نڪ تي سوني فريم واري عينڪ چڙهي پيئي هوندي هئي. ”هوڻ“ دوا فروش جواب ڏنو، ”ڪرگيز وانگر رولو قوم هئي، پر هينئر اهي ڪو نه بچيا آهن، سڀ مري کپي ويا آهن.“

انهيءَ تي مون کي ڏاڍي خار لڳي ۽ ڏک ٿيو. انهيءَ ڪري نه ته هوڻ مري ويا هئا، پر انهيءَ ڪري ته جنهن لفظ مون کي ايترو منجهائي ڇڏيو هو، اهو بلڪل ڪو اهڙو خسيس ۽ بيڪار هو پر مان ”هوڻن“ جو شڪر گذار هوس، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو به اهڙو لفظ اچي ويندو هو ته مون کي ڪا خاص پريشاني ڪا نه ٿيندي هئي ۽ مان هوڻن جي اٽيلا جو به شڪر گذار هوس، جنهن جي ڪري منهنجي دوا فروش گولڊ برگ سان گهرائپ ٿي. هي خدا جي بندو منجهيل لفظن جي جهٽ پٽ تشريح ڪري سگهندو هو ۽ هر ڪنهن ڄاڻن جهڙيءَ شيءِ جي هن کي معلومات هوندي هئي. پنهنجي عينڪ کي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان ٺاهي، منهنجي اکين ۾ چڱيءَ ريت اکيون ملائي، اهڙيءَ ريت ڳالهه بيان ڪرڻ لڳندو هو ڄڻ منهنجي مغز ۾ مترڪي سان ميخون هڻندو هجي ”لفظ، منهنجا مٺڙا، وڻ جي پنن وانگر آهن. انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ته پنن جي شڪل ههڙي ڇو ۽ ههڙي ڇو نه آهي، اسان کي وڻ کي جاچڻو پوندو ۽ لفظن کي سمجهڻ لاءِ ڪتابن کي پڙهڻو پوندو. ڪتاب به منهنجا ننڍڙا دوست، باغيچن وانگر آهن، جن ۾ سڀ گل ۽ ٻوٽا توکي سهڻا ۽ ڪارائتا لڳندا.“

مون کي دوا فروش ڏانهن گهڻو موڪليو ويندو هو جتان وڏن جي هاضمي لاءِ دوا ۽ ٻارن جي پيٽ لاءِ جلاب وٺي اچڻا پوندا هئم. دوا فروش جون تقريرن ڪتابن لاءِ منهنجو چاه وڌائي ڇڏيو ۽ آهستي آهستي منهنجو اهو حال ٿيو، جو شرابيءَ لاءِ شراب ۽ منهنجي لاءِ ڪتاب. انهن مان مون کي زندگيءَ جا نوان روپ نظر ايندا هئا ۽ اهي مون ۾ اهڙو جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا هئا، جيڪو ماڻهن کان بهادريءَ جا يا ڏوهن جا ڪم ڪرائي وجهندو آهي، جن ماڻهن جي وچ ۾ آئون زندگي گذاريندو هوس، اهي نه ته بهادر هئا ۽ نه ئي منجهن ڏوهه ڪرڻ جي ڪا همٿ هئي. اهي اهڙي زندگي گذاريندا هئا، جنهن جو ڪتاب واري زندگيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪو نه هو ۽ مون کي اها ڳالهه سمجهڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي ته اهي اهڙي مرده زندگي ڪيئن بسر ڪري رهيا هئا. مون کي ائين زندگي گذارڻ جو ڪو به خيال نه هو. در حقيقت اُهو منهنجو پڪو فيصلو هو.

تصويرن جي هيٺان ڏنل عبارت مان مون کي پتو پيو ته پراگ، لنڊن ۽ پئرس ۾ رستن جي وچ مان نه گندي پاڻيءَ جا کليل نالا وهندا هئا نه ئي اتي گندن جا ڍير هئا. اتي رستا سڌا ۽ ڪشادا هئا. هر هڪ گهر ۽ چرچ کي پنهنجي پنهنجي سونهن هئي. اتي نه ئي سياري ۾ ماڻهو ڇهن مهينن لاءِ پنهنجن جهڳن ۾ بند ٿي ويهندا هئا ۽ نه ئي سال جا ٻيا ڇهه مهينا گنديون گوبيون، خراب کنڀيون ۽ بدبودار تيل ۾ رڌل پٽاٽا کائي گذر ڪندا هئا.

پاڪ مهينن ۾ پڙهڻ جي منع هئي. انهيءَ ڪري ”مصور“ رسالي جا جلد مون کان واپس ورتا ويا ۽ مان وري ساڳي موڳي زندگي گذارڻ لڳس. ڪتابن جي ”زندگيءَ“ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي زندگي بلڪل ابتڙ ڏسي، اُن جي قباحت ۽ مسڪيني وڌيڪ صاف نظر اچڻ لڳيم. مان پڙهڻ سان پاڻ ۾ صحت ۽ قوت محسوس ڪندو هوس ۽ پنهنجو ڪم چستيءَ سان ۽ چڱيءَ ريت ڪندو هوس. جيترو ڪم جلدي پورو ڪندو هوس اوترو پڙهڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملندو هوم، ڪتابن کسجڻ کانپوءِ سستي وٺي ويم ۽ ويسارو ٿي پيس ۽ اهڙي حالت اڳ مون سان ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي.

ياد اٿم ته انهن ڏينهن جي منهنجي سستي ۽ دل جو بار هڪڙي عجيب واقعي جي روم پذير ٿيڻ سان يڪا يڪ دور ٿي ويا. هڪڙيءَ رات جڏهن اسين بستري ۾ ستا پيا هئاسين، ته اوچتو چرچ جي گهنڊ وڄڻ شروع ڪيو ۽ هر ڪو اٿي کڙو ٿيو. اڌ اگهاڙا مرد ۽ زالون پنهنجن درين وٽ اچي ڳاهٽ ٿيا، چؤطرف چوٻول هو! ”خطري جو گهنڊ ته ناهي؟ ڪٿي باهه ته نه لڳي آهي؟“

هر هنڌ ساڳيو سوال پڇيو پئي ويو. پوءِ درن جي کلڻ جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ اڱڻ جي ٻاهران هڪڙي گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ جو آواز ٿيو. پوڙهيءَ رڙ ڪئي ته ”چرچ کي ڌاڙو لڳو آهي!“ پر مالڪ هن کي بس ڪرائي ڇڏي ”اما لڙ نه ڪر! ڏسين نه ٿي اهو اهڙي ڪنهن خطري جو گهنڊ ڪونهي.“

”ته وڏو پادري مري ويو هوندو.“

وڪٽر پنهنجي ڪمري مان ٻاهر آيو. ڪپڙا پاتائين ۽ ڊاڙ هڻي چوڻ لڳو، ”مون کي پتو آهي ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي.“

مالڪ مون کي ڪوٺي تي موڪليو ته ڏسي اچان ته آسمان ته ڳاڙهو ڪو نه هو! مان ڊوڙ پائي،ڪوٺي تي چڙهي ويس. آسمان ۾ ڪنهن به قسم جي ڳاڙهاڻ ڪا نه هئي. ديول جو گهنڊ اڃا به خاموش پاري جهڙيءَ هوا ۾ وڄي رهيو هو. سڄو شهر ننڊ مان بيدار ٿي ويو هو. اونداهين گهٽين مان گمنام ماڻهن جو لڙ ۽ انهن جي پيرن هيٺان برف جي لتاڙجڻ جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. گاڏين وارن جو هوڪرو گاڏين جي گهنٽين کان به وڌي پئي ويو. مان ڪمري ۾ موٽي آيس ”آسمان ۾ ڪا به روشني ڪانهي.“

”ته پوءِ ڇا ٿيو آهي!“ مالڪ، جنهن کي اوور ڪوٽ ۽ ٽوپ پيل هو، عجب مان چيو. هن پنهنجي ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪيا ۽ بوٽ جي مٿان برف پوش پهرڻ لڳو.

جوڻس ليلائي چيس، ”ٻاهر نه وڃ، ٻاهر نه وڃ!“

”واهيات.“

وڪٽر به برف پوش پهريا ۽ ڏاڍيءَ پڪ سان چوندو رهيو، ”مون کي پتو آهي ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي.“

جڏهن ڀائر ٻاهر هليا ويا، ته عورتن مون کي سماوار گرم ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ دريءَ وٽ مٿي بيهي رهيون. گهڙيءَ کان پوءِ در جي گهنٽي وڳي ۽ مالڪ ماٺ ڪيو، ڏاڪڻ تان ڊڪندو مٿي آيو، دروازو بند ڪري گهٽيل آواز ۾ چيائين، ”زار کي ڪنهن قتل ڪري ڇڏيو.“

”قتل ڪري ڇڏيو؟ زار کي“ ڪنهن؟ ڪيئن؟“ پوڙهيءَ وائڙن وانگر پڇيو.

”مون کي هڪ آفيسر ٻڌايو ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي. هاڻي الائي ڇا ٿيندو“.

وڪٽر اندر آيو ۽ بي دليءَ سان ڪوٽ لاهيندي، ڪاوڙ ۾ چيائين، ”مون سمجهيو هو ته جنگ شروع ٿي ويئي آهي!“

پوءِ هو چانهه پيئڻ ۽ واردات بابت هوريان ۽ ڳڻتيءَ ڀريئي نموني بحث ڪرڻ لڳا. گهٽين ۾ هاڻي چپ ٿي ويئي هئي ۽ گهنڊ بند ٿي ويا هئا.

لڳاتار ٻه ڏينهن جتي ڪٿي عجيب نموني سـُس پـُس پئي هلي. جيڪو آيو پئي تنهن ڳالهه کي مرچ مصالحا لڳائي پئي بيان ڪيو. مون پنهنجي وسان نه گهٽايو ته ان جو پتو ڪڍان، پر مون کي اخبارن کان پري رکيو ويو ۽ جڏهن سدوروف کان پڇيم ته زار کي ڇاجي لاءِ قتل ڪيو ويوهو، ته هن پوري خيال سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري چيو، ”اُن بابت گفتگو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.“

ٿورن ڏينهن ۾ انهيءَ هنگامي ۾ ٺاپر اچي ويئي ۽ زندگي وري ساڳئي چڪر ۾ وٺجي ويئي. ان کانپوءِ مون سان هڪڙو بيحد اڻ وڻندڙ واقعو رونما ٿيو.

آرتوار جي ڏينهن سماوار کي گرم ٿيڻ لاءِ رکي، مان ٻين ڪمرن کي صاف ڪرڻ هليو ويس.مان ٻئي ڪمري ۾ هوس ته هنن جو ٻار بورچيخاني ۾ هليو ويو ۽ سماوار جي ٽونٽي ڦيرائي، رڙهي، وڃي ميز جي هيٺان کيڏڻ لڳو. سماوار ۾ ٽانڊا پئي ٻريا ۽ ٽونٽي ڦيرائڻ سان ان جي نلڪيءَ مان سمورو پاڻي وهي ويو. نتيجو اهو نڪتو، جو سماوار بيحد گرم ٿي ويو ۽ ان جو ريهه رجڻ لڳو ۽ اُن مان عجيب آواز اچڻ لڳا، جيڪي مون کي ٻئي ڪمري ۾ ٻڌڻ ۾ آيا، مان ڊوڙندو بورچيخاني ۾ ويس ۽ اهو ڏسي ته سماوار تپي ڪارو ٿي ويو آهي ۽ جوش مان ٺينگ پيو ڏئي، منهنجا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. ان جي ٽونٽيءَ لٿل نلڪي اهڙيءَ ريت ڪنڌ جهڪايو پيئي هئي، ڄڻ مصيبتن جا مڻ مٿان پئجي ويا هئا، ڍڪڻ ٻئي پاسي ڏند ٽيڙيو پيو هو ۽ ان جي پاسن واري رجيل قلعي اکين جي ڳوڙهن وانگر ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ ڪري رهي هئي. مطلب ته سڙي ڪارو ٿي ويل سماوار ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو ڪوئلي جي گدام جو مزور ڪم تان لهي ڪٿي ويهي ٿڪ پٽي رهيو هو. جڏهن ان جي مٿان پاڻي وڌم ته نامراد عاشق وانگر ٿڌو شوڪارو ڀري، سرد ٿي هڪ پاسي ليٽي پيو.

دروازي جي گهنٽي وڳي، منهنجا مالڪ موٽي آيا هئا. پوڙهيءَ اچڻ سان ئي پڇيو، ”سماوار ساڙي ته ڪو نه ڇڏيئي!“ مون يڪ ٽڪ وراڻيس، ”هائو، ساڙي ڇڏيم.“

منهنجي انهيءَ جواب کي، جيڪو مون خوف ۽ هراس مان ڏنو هو، گستاخي سمجهيو ويو، انهيءَ ڪري اهڙي ڇنڇري لٿيم، جو اڌ مئو ٿي ويو هوس. پوڙهيءَ ديال جون ڦتيلون کڻي آئي، جن سان جيتوڻيڪ ڌڪ ڏاڍا نه لڳا، پر انهن جون ڪيتريون ئي ڇيتون منهنجي کل ۾ گهڙي ويون. صبح تائين، ٿڌي ٻارڻ تي پڪل مانيءَ وانگر منهنجي پٺي ڪارائجي ويئي ۽ ٻئي ڏينهن منجهند جو مالڪ کي مون کي اسپتال وٺي وڃڻو پيو. ڊاڪٽر، جنهن جو قد ڏاڍو ڊگهو ۽ بت ڏٻرو هو، مون کي تپاسي، کهري آواز ۾ هن کي چيو، ”هي بي رحميءَ جو ڪيس آهي ۽ ان جي جانچ ٿيڻ گهرجي.

منهنجي مالڪ جو منهن سرخ ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر کي ڪجهه ڪن ۾ چيائين.هن ٻئي پاسي نهاريندي چيو، ”ناممڪن، ڪنهن به حالت ۾ ائين ڪري نه ٿو سگهجي.“

پوءِ ڊاڪٽر مون کان پڇيو، ”تون فرياد داخل ڪرڻ گهرين ٿو؟“

جيتوڻيڪ منهنجو سنڌ سنڌ سور سان ٻري رهيو هو، تڏهن به مون چيو، ”نه، رڳو جلد مون کي چڱو ڀلو ڪري وٺ.“

مون کي ٻئي ڪمري ۾ کڻي وڃي ميز تي سمهاريائون ۽ ڊاڪٽر سرد لچڪڻي سان، جنهن جي لڳڻ ڪري ٿڌو ڇهاءُ پئي محسوس ڪيم، اهي ڇيتون ڪڍي ورتيون.

”تنهنجي چمڙيءَ کي ته ڪاريگريءَ سان بيهي رڱيو اٿائون.“

پوءِ جڏهن هن پنهنجي بي ترس کوٽائي ختم ڪئي، تڏهن چيائين، ”پوريون ٻائيتاليهه ڇيتون نڪتيون آهن. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي. سچ ته هيءُ پنهنجي قسم جو مثال آهي! سڀاڻي ڪنهن ويل پٽي ٻڌرائڻ اچجانءِ. ڇا، هو توکي ڏاڍو ماريندا آهن؟“

”اڳي هر هر ماريندا هئا. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن.“

انهيءَ تي هن ٽهڪ ڏنو ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ننڍڙا شيطان! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“

پوءِ هو مون کي مالڪ وٽ واپس وٺي آيو ۽ هن کي چيائين، ”مان هي توکي مرمت ڪري واپس ٿو ڪيان پر خيال ڪجانءِ جيئن سڀاڻي هتي پهچي وڃي. تون نصيب وارو آهين، جوههڙو خوشدل نوڪر مليو اٿئي!“

گاڏيءَ ۾ منهنجي مالڪ مون کي چيو، ”پيشڪوف، مون کي به اهڙا موچڙا هڻندا هئا، سمجهين ٿو! موچڙا به ڪهڙا ملندا هئا، الله جي پناه! توسان ته مان همدردي ڪرڻ وارو آهيان، پر مون سان اهو به ڪو نه هو. ماڻهو جتي ڪٿي هڪ ٻئي سان بي رحميءَ سان پيش ٿا اچن، ڪو به ڪنهن جو ڏک ڀائي ڪونهي. رنون ته جهنگلي ڪٻريون آهن.“

هو اهڙيءَ ريت ڳالهائيندو رهيو. مان هن جي اهڙي نموني پيش اچڻ ڪري، جهڙيءَ ريت هڪ وڏو ٻئي وڏي سان پيش ايندو آهي، پنهنجي دل ۾ هن جي شڪر گذاري ۽ هن لاءِ همدردي محسوس ڪري رهيو هوس.

منهنجي گهر ۾ اهڙي آجيان ڪئي ويئي، ڄڻ ته منهنجي جنم جو ڏينهن هو. عورتن گهڙيءَ گهڙيءَ منهنجي علاج ۽ ڊاڪٽر جي گفتگو بابت پئي پڇيو. ڪن ڏيئي پئي ٻڌائون ۽ ٿڌا ساهه پئي کنيائون، هنن جا منهن جذبات ۾ ڳاڙها ٿي ويا هئا ۽ مون تي چمين جو وسڪارو لائي ڏنو هئائون. هنن جي هر بيماريءَ تي اهڙي هر کر ڏسي، مان وائڙو ٿي ويندو هوس. منهنجي فرياد نه داخل ڪرائڻ کان هو ڏاڍيون متاثر ٿيون. موقعي جو فائدو وٺي، ڪٽر ماسٽر جي زال کان ڪتابن وٺڻ جي اجازت گهري مان. هو انڪار ڪري نه سگهيا، ته به پوڙهيءَ بـُڙڪي چيو، ”ڪيڏو نه چالاڪ آهي!“

ٻئي ڏينهن ڪٽر جي زال ڏانهن ويس، جنهن مون کي چيو، ”مون ٻڌو آهي ته تون بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيو هئين! ڏس ڪهڙيون ڳالهيون مشهور ٿا ڪن.!“

مون ڪجهه به نه ڪڇيو، ڇاڪاڻ ته هن کي حقيقت ٻڌائيندي لڄ ٿي ٿيم ”هن کي ڇو اهڙن ظلمن کان واقف ڪجي؟“ مون کي اهو خيال ڪندي، خوشي ٿيندي هئي ته هوءَ ٻين کان ٻيءَ طرح هئي.

وري مان ”ڊوماسس پيري“، ”پانسن ڊي ٽيرال“، ”مانٽيپن“، ”زئڪونِ“، ”گوربائو“، ”آئارڊ“ ۽ ”بوئگبرٽ“ جي ٿلهن ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويس. مان هٻڇ وچان هڪ ٻئي پٺيان تڪڙا تڪڙا ڪتاب پڙهندو ويس ۽ خوش ٿيندو رهيس ۽ ائين محسوس ڪندو رهيس ته عام رواجي زندگيءَ کان اوچي زندگي گهارڻ وارن مان آئون به هڪ فرد هوس. انهيءَ ڪري مون ۾ جوش پيدا ٿيندو هو ۽ منهنجي پست همت ۾ تازگي اچي ويندي هئي. روشنيءَ لاءِ ساڳي ترڪيب استعمال ڪرڻي پوندي هيم ۽ رات جو اوستائين پڙهندو رهندو هوس، جيستائين منهنجون اکيون سور ڪرڻ لڳنديون هيون، پوڙهيءَ مون کي نرمائيءَ سان سمجهائيندي چيو، ”ڪتابن جا ڪيڙا، اکين جي ستياناس ڪري ڇڏيندين ۽ انڌو ٿي ويندين!“

جلد ئي مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته انهن مزيدار ۽ وڻندڙ ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ واقعا ۽ منظر جدا جدا آهن، پر انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته ڪهڙيءَ ريت چڱن ۽ اشراف ماڻهن تي بڇڙا ۽ بدمعاش ظلم ۽ ڏاڍو ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي هنن کان وڌيڪ حرفتي ۽ تريناڪ آهن ۽ اهڙيون بدمعاشيون هو چڱيءَ ريت عمل ۾ آڻي سگهيا ٿي، پر پڇاڙيءَ ۾ اوچتو اهڙو ڦيرو اچي ويندو هو، جو چڱا ماڻهو بڇڙن تي فتح حاصل ڪري، فتحياب ٿي ويندا هئا. ”عشق“ جنهن تي سورما ۽ سورميون اڪن ڇڪن هوندا هئا، مون کي ڪڪ ڪري وجهندو هو. حقيقت ۾ مون کي اها بي مزي ۽ بيوقوفيءَ جي ڳالهه محسوس ٿيندي هئي.

ڪتاب پڙهندي، پهرين بابن ۾ ئي اهو ڌُڪو هڻي ڇڏيندو هوس ته ڪير ڪامياب ٿيندو ۽ ڪير ناڪام رهندو. جيئن ئي ڪهاڻي وڌڻ لڳندي هئي، مان ان کي پنهنجي خيال مطابق پورو ڪري ڇڏيندو هئس. جڏهن ڪتابن پڙهڻ کان پالهو ٿيندو هوس ته به انهن جون ڪهاڻيون پيون دل ۾ ڦرنديون هيون ۽ انهن جي نتيجن ڪڍڻ تي اهڙيءَ ريت پيو ويچار ڪندو هوس ڄڻ ته انگيءَ جا حساب هئا. ڏينهون ڏينهن مان پيشنگوئي ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿيندو ويس ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن کي جنت جا مزا ملندا ۽ ڪير دوزخ جي باهه ۾ پوندو. انهيءَ هوندي به انهن قصن جي ورق ورق کي پڙهڻ مان مون کي جيئن پوءِ تيئن ٻيءَ زندگيءَ ۽ ٻئي ماحول جي حقيقت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. مون کي انهيءَ ڳالهه جو پتو پوندو ويو ته پئرس ۾ گاڏين وارا، مزور، سپاهي ۽ ٻيو عوام نجني، ڪازان ۽ پرم ۾ رهندڙ پاڻ جهڙي عوام کان علحيدو هو. اتان جو عوام پاڻ کان مٿي درجي وارن ماڻهن سان ڳالهائڻ ۾ ڊڄندو نه هو ۽ هنن جي اڳيان اسان جي عوام کان وڌيڪ آزاديءَ سان ۽ دوبدو بيهي سگهندو هو. مثال طور اتي جي هڪ سپاهيءَ سان هتان جي دوروف، جهاز واري سپاهيءَ يا ارموخن وغيره جي ڀيٽ ٿي ئي نه ٿي سگهي. اُهو هنن سڀني کان هو وڏو انسان هو، اُهو ڪجهه ڪجهه سماوريءَ جهڙو هوندو، پر ان کان ٿورو گهٽ شوخ ۽ وحشي. هُتي دڪاندار هئا، پر پنهنجي ملڪ ۾ جن دڪاندارن کي مان سڃاڻندو هوس، انهن کان اُهي سوين درجا بهتر هئا ۽ ڪتابن ۾ جن پادرين جون ڳالهيون لکيل هيون، اهي به اسان وارن پادرين کان وڌيڪ چڱا ۽ پنهنجن ماڻهن جي حياتين ۾ وڌيڪ چاه وٺندڙ هئا. مطلب ته ڪتابن ۾ بيان ڪيل زندگي هتان واريءَ زندگيءَ کان وڌيڪ اتساهه ڏيندڙ، آرام واري ۽ عمدي هئي. اتي ماڻهو ايڏا ظالم نه هئا، اُهي انسانن جو اهڙي ريت بي رحميءَ سان تماشو نه بنائيندا هئا، جهڙيءَ ريت جهاز تي وياتڪن واري سپاهيءَ جو بنايو ويو هو، نه ئي اُهي خدا کي پنهنجن دعائن ۽ مناجاتن سان اهڙو تنگ ڪندا هئا، جهڙيءَ ريت هيءَ منهنجي پوڙهي مالڪياڻي. سڀني کان وڏي ڳالهه ته اتان جا بدمعاش، جلاد ۽ مجرم به پنهنجي بيرحميءَ جو مظاهرو ۽ انسانن تي ظلم اهڙيءَ ريت نه ڪندا هئا، جهڙيءَ ريت پنهنجي ملڪ ۾ عام طرح ڏسندو هوس. ڪتابن ۾ آيل انهن بدمعاشن جا ظلم ڪنهن سوچ جو نتيجو هوندا هئا ۽ اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهبو هو ته هنن ائين ڇو ڪيو ۽ پر اُهي ظلم جي هتي جنم وٺندا هئا، ٺلها بي مقصد ۽ بي حد وحشيانه هوندا هئا، جن مان ڪنهن کي به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو هو.

مان جيئن ڪتاب پڙهندو ويس، تيئن منهنجي اڳيان روس ۽ ٻين ملڪن جي زندگيءَ ۽ رهڻي ڪرڻيءَ جو فرق زياده چٽو ٿيندو ويو، جنهن ڪري منهنجي دل ۾ سخت چڙ ۽ مونجهارو پيدا ٿي پيو ۽ اهو شڪ پيدا ٿيڻ لڳو ته ڪتابن جا ورق ڪٿي ڪوڙ سان ڀريل نه هجن.

هڪڙي ڀيري ايڊمنڊ گانڪورت جو ناول ”ريمگانو ڀائر“ پڙهڻ لاءِ ملي ويم.مون هڪ ساهيءَ ڪتاب پڙهي پورو ڪيو ۽ انهيءَ ڪتاب اهڙو عجب ۾ وجهي ڇڏيو، جو اها سادي ۽ ڏک ڀري ڪهاڻي وري ٻيهر پڙهيم. ان جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هئا نه ئي ٻي ڪا ان ۾ اهڙي خوبي هئي. ان جا اڳيان صفحا ته ”درويشن جون حياتيون“ ڪتاب وانگر خشڪ هئا. پهريائين عبارت جي سادگيءَ مون کي مزو ئي نه ڏنو پر جلد ئي ان جي سادن لفظن ۽ چيدن محاورن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. انهن بازيگر ڀائرن جو موت اهڙي ته ڏک ڀرئي نموني بيان ڪيو ويو هو، جو پڙهڻ ويل منهنجا هٿ پئي ڏڪيا، ڳوڙها وهائيندي، انهيءَ بدنصيب فنڪار جي انت جو ذڪر پڙهڻ لڳس ته ڪيئن پنهنجن ڀڳل ڄنگهن سان ريڙهيون پائيندو ڪوٺيءَ ۾ اچي پهتو هو. جتي هن جي ڀاءُ لڪي، بازيءَ جي نون ڪرتبن جي مشق ڪري رهيو هو.

جڏهن اهو شاندار ڪتاب ڪٽر جي زال وٽ کڻي آيس، تڏهن گذارش ڪيم ته ”ٻيو به ڪو اهڙو ڪتاب مون کي ڏي!“ ”اهڙي ڪتاب مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ هن کلندي چيو. هن جي کلڻ ڪري اهڙو هڪو ٻڪو ٿي ويس، جو پنهنجي خواهش بيان ئي نه ڪري سگهيس پوءِ هن چيو، ”اهو خشڪ قصو هو، ترس، مان توکي اهڙو ڪتاب ٿي ڏيان، جو ان کان وڌيڪ دلچسپ هوندو.“

ٻن ڏينهن کانپوءِ هن مون کي گرين ووڊ جو ”ننڍڙي نوڪر جي سچي ڪهاڻي“ نالي ڪتاب ڏنو. ڪتاب جي نالي اول ته مون کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو پر ان جي پهرين صفحن جي پڙهڻ سان ئي منهنجن چپن تي مرڪ اچي ويئي ۽ پڇاڙيءَ تائين ائين ئي مرڪندو ۽ ان کي پڙهندو رهيس ۽ ڪن صفحن کي ته ور ور ڪري پئي پڙهيم- سو ٻيا به اهڙا ملڪ هئا، جتي ٻارڙا ڏکن ۽ تڪليفن واريون حياتيون گهارين ٿا، چئبو منهنجي قسمت اهڙي بري ڪانهي ۽ پاڻ تي هيتري ڏک ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونهيم. گرين ووڊ منهنجي دل ۾ همت جو جذبو پيدا ڪريو، ان کي جيئاري ڇڏيو.

ٿورو ئي پوءِ مون کي بازڪ جو شاهڪار ”ابو جين گرانڊٽ“ (ڏاڏو ابو جين) پڙهڻ لاءِ مليم. پوڙهي گرانڊيٽ جي احوال پڙهڻ سان دل ۾ نانو ياد اچڻ لڳم. مون کي ڪتاب جي ننڍائيءَ تي جڪ وٺي ويا ۽ عجب ۾ پئجي ويس ته ان ۾ ڪيڏي وڏي حقيقت سمايل هئي. ڏک، جن سان مان ڪافي هريل هوس ۽ جي زندگيءَ کي بيزار بنائي ڇڏيندا هئا، اهي هن ڪتاب ۾ نئين ڍنگ سان پيش ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ بي صبريءَ ۽ ڪروڌ جو جذبو نه هو. گرين ووڊ ۽ گانڪورت کان اول مون جيڪي به ڪتاب پڙهيا هئا، انهن ۾ ماڻهن تي اهڙيءَ بي ترسيءَ ۽ رکائيءَ سان فتوائون پاس ڪيون وينديون هيون، جهڙيءَ ريت منهنجا مالڪ ڪندا هئا، جنهن ڪري مون کي انهن جي خود بدمعاشن سان همدردي ۽ انهن جي سورمن تي ڪاوڙ اچي ويندي هئي. مون کي اهو ڏسي افسوس ٿيندو هو ته بدمعاشن جوعقل ۽ محنت ٻيئي خود انهن لاءِ به بيڪار ويندا هئا ۽ اهي هر وقت خالي ۽ نراس رهندا هئا ڇو ته سورما پٿر جي بتن وانگر شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين اُنهن جي اڳيان ڇپون بنيا بيٺا هوندا هئا ۽ انهن کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڪو وجهه ئي ڪو نه ڏيندا هئا. برائيءَ کي ته پڪ ئي پڪ انهن پٿر جي ڇپن سان ٽڪرجي پاش پاش ٿي وڃڻو ئي هو، پر پٿر وري به پٿر ٿئي ٿو. ان سان ماڻهوءَ جي دل گهائجي سگهي ٿي، پر رجي ميڻ ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي. آڏو پٿر جي ته ڪيتري به سهڻي ۽ مضبوط هجي، انهيءَ هوندي به ماڻهو، جو ان جي پريان بيٺل وڻ مان صوف پٽڻ ٿو گهري، ان ديوار ۽ ان جي پيرن ڦٽيندڙ ۽ بت کي رهڙيندڙ پٿرن جو ڪو به خيال نه ڪندو. واقعي اُنهن خشڪ ۽ هڪ طرفن ڪتابن ۾ مون کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو ته اها شيءِ يعني، انساني همدردي، جنهن جي گهڻي گهرج هئي ۽ جيڪا بيحد ضروري هئي، ان کي انهن ڪتابن جي سورمن جي شوخ ۽ ارهيءَ چڱ مڙسيءَ، هيٺان چيڀاٽي، بيجان ۽ بيحس بنائي ڇڏيو هو.

گانڪورت ۽ بالزڪ جا ڪردار شيطانن جا ڪردار نه پر جيئرن جاڳندن ماڻهن جا ڪردار هئا. انهن جي رهڻيءَ ۽ چوڻيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض ٿي نه پئي سگهيو، هنن جي فطرت جي تقاضا ئي اها هئي ته هو ائين چون ۽ ائين ڪن. اُنهيءَ کانپوءِ ئي مون کي پتو پيو ته چڱو ڪتاب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ۽ چڱي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي پر اُهو ڪيئن ڳولي لهجي؟ ڪٽر ماسٽر جي زال اُنهيءَ ڪم لاءِ ايتري ڪارگر نه هئي.

”اجهي هي چڱا ڪتاب،“ هن مون کي آرسين هسئير جو ”گلن، سون ۽ رت ڀريل مٺ“ نالي ڪتاب ڏيندي چيو. ان سان گڏ هن مون کي هينري بيئل، پال ڊي ڪاڪ ۽ پاڪ فيول به پڙهڻ لاءِ ڏنا. اهي ڪتاب هاڻي مون لاءِ بي لطف هئا. هن کي ته ماريئت ۽ ورنيئر جا ڪتاب به وڻندا هئا، جيڪي مون کي بيزار ڪري وجهندا هئا. مون کي شپل هاجين به ڪو نه وڻندو هو، پر آرباڪ جون ڪهاڻيون ڪجهه وڻنديون هيم. مون کي هيوگو ۽ يوجين سُو کان به وڌيڪ والٽر اسڪاٽ مزو ڏيندو هو.

منهنجو انهيءَ چيني گڏيءَ لاءِ هاڻي چاه گهٽبو ويو. مان جڏهن به هن وٽ ويندو هوس ته هوءَ سٺا اوچا ڪپڙا پايو، وارن کي عطر عنبير هنيو، پاڻ کي ٺاهوڪي بنايو، ويٺي هوندي هئي. مان پاڻ به ڪجهه هٿ منهن ڌوئي، ڌوتل ڪپڙا پائي، ڦڻي ڏيئي، ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي، ڏانهس ويندو هوس، ته جيئن هوءَ مون سان وڌيڪ کلي ۽ دوستاني نموني ڳالهائي، پر هن جي چهري تي اها ئي ڦڪي مرڪ اچي ويندي هئي. ۽ اُهو ئي ساڳيو سوال منهن ۾ ڦهڪائي ڇڏيندي هئي. ”ڪتاب پڙهئيه؟ پسند آئيه؟“

”ايترو نه.“

پوءِ پنهنجا ڀرون گهنجائيندي، مون ڏي گهوري نهاريندي هئي، ۽ ٿورو ساه روڪي، نڪ مان ڳالهائيندي، پڇندي هئي، ”ڇو؟“

”اهي ڳالهيون اول ئي پڙهي چڪو آهيان.“

”ڪهڙيون ڳالهيون.“

”عشق جون.“

هن کان مٺڙو ٽهڪ نڪري ويندو هو ۽ هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي.

”پر بابا سڀني ڪتابن ۾ عشق جو ئي ته ذڪر هوندو آهي!“

هڪ ڀيري هوءَ پنهنجي ڪشاديءَ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، هن جا ننڍڙا پير، جن تي مخملي جوتو پيل هو، هيٺ مٿي لڏي رهيا هئا ۽ هن جي بت تي بلو لوئي ويڙهيل هئي. جيئن هوءَ اوٻاسي ڏيئي، پنهنجي گوڏن تي رکيل ڪتاب کي پنهنجي گلابي آڱرين جي چوٽين سان ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳي، دل ۾ آيم ته هن کي چوان، ”بهتر آهي هتان هلي وڃ! آفيسر تو ڏانهن خط لکندا ٿا رهن ۽ تنهنجي مذاق اڏائيندا ٿا رهن.“

پر مون کي همت نه ٿي ۽ موٽڻ وقت وٽانئس هٿ ۾ ڪتاب ۽ دل ۾ اداسائي کڻي آيس.

محلي ۾ هن مورتيءَ لاءِ جيئن پوءِ تيئن ذليل، بُغضي ۽ ساڙ ڀريون ڳالهيون مشهور ٿيڻ لڳيون. مون کي اهڙين بڇڙين ڳالهين تي مٺيان لڳندي هئي، ڇا ڪاڻ ته مون کي اها پڪ هئي ته اهي سموريون من گهڙت هيون. هن کان پري هوندو هوس ته دل ۾ هن جي لاءِ بيحد همدردي پيدا ٿي ويندي هيم، پر هن جي سامهون ويندو هوس ته هن جي ننڍڙي اکين، لچڪدار جسم ۽ مرڪندڙ منهن کي ڏسي، اها سرد ٿي ويندي هئي.

اوچتو. بهار جي مند ۾، هوءَ هلي ويئي ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن جو مڙس به هليو ويو.

ٻئي مسواڙيءَ جي اچڻ کان اول مان انهن خالي ڪمرن ۾ ويس. سکڻيون ڀتيون مڙيل ڪوڪن ۽ نڪتل ڪوڪن جي نشانن سان بد زيبيون ٿيون پيون هيون. ڌڌڙ ڀريل فرش جي مٿان هڪڙو رنگين ڪپڙي جو ٽڪر، ڪجهه مروٽيل ڪاغذ، دوائن جون ڀڳل بوتلون ۽ عطر جون خالي شيشيون ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. انهن جي وچ ۾ هڪڙي وڏي پتل جي هيئر پن چمڪي رهي هئي.

اوچتو ئي منهنجي دل ڏک ۾ ڀرجي ويئي ۽ روح ڇڪ کاڌي ”شل هڪ ڀيرو ڪٽر ماسٽر جي زال وري ڪٿي مليم ته سندس شڪريو بجا آڻيان ۽ کيس ٻڌايان ته هن مون تي ڪيترا نه ٿورا ڪيا هئا!“

باب ڏهون

ڪٽر جي زال جي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، اسان جي جاءِ جي هيٺئين حصي ۾ ڪارين اکين سان هڪڙي جوان عورت، پنهنجي ڌيءُ ۽ ٻڍيءَ ماءُ سان اچي رهي. هن جي ماءُ لڳاتار تماڪ ڇڪڻ واري عورت هئي ۽ هن وٽ ڇڪڻ لاءِ عنبر جو پائيپ هو. جوان عورت سهڻي ۽ مغرور هئي ۽ هن جو آواز سريلو ۽ مٺڙو هو. هوءَ پنهنجو ڳاٽ هميشه مٿي رکندي هئي ۽ هن جون اکيون هيڏي هوڏي ڪين واجهائينديون هيون. ڄڻ ته هوءَ پري کان ئي سڀ ڪجهه ڏسي وٺندي هئي. گهڻو ڪري هر روز هن جو ڪڻڪ رنگو سپاهي نوڪر- توبيف هن جي در تي سهڻن ڄنگهن وارو مشڪي گهوڙو ڪاهي ايندو هو ۽ هوءَ ڳوڙهي فولادي رنگ جو چوغو، جو زمين سان گسندو رهندوهو، پهري، ٻاهر نڪرندي هئي. هن جي پيرن ۾ سواريءَ جا ڊگها جوتا ۽ هٿن تي سفيد دستانا پيل هوندا هئا. هن جي هڪڙي هٿ ۾ چوغي جو پلؤ ۽ سواريءَ جو چهبڪ هوندو هو. چهبڪ جي هَٿئي تي سفيد موتي جڙيل هئا. ٻئي هٿ سان گهوڙ ي جي ٻوٿ تي ٿڦڪيون هڻندي هئي. گهوڙو پنهنجون بيحد وڏيون اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيندو هو ۽ ڄاڻي واڻي گپ واري رستي کي پنهنجن سنبن سان کوٽڻ لڳندو هو.

”رابرٽ، رابرٽ“ هوءَ فرينچ لهجي ۾چوڻ لڳندي هئي ۽ هن جي سهڻي ڪمان جهڙي ڳچيءَ کي پنهنجي هٿن سان ٿڦڪيون هڻندي هئي. پوءِ توبيف جي گوڏن تي ڏاڪي وانگر لت رکي، ڦڙتائيءَ سان لانگ ورائي، گهوڙي تي ويهي رهندي هئي ۽ گهوڙو فخر سان قدم کڻندو، ڦاٽڪ کان ٻاهر هليو ويندو هو. هوءَ گهوڙي تي اهڙيءَ ريت مزي سان ويهندي هئي، ڄڻ ته اتي کپي ويندي هئي. هن جي خوبصورتي پنهنجي قسم جي هئي- اهڙي خوبصورتي، جيڪا هميشه تازي رهي ٿي، جنهن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ٿي ڇڏيو ۽ جنهن دلين کي خوشيءَ ۾ مست بنائي ٿي ڇڏيو. هن کي ڏسڻ سان مون کي خيال ايندو هو ته ناولن واريون سهڻيون سورميون، پوئٽيئرس ڊي ڊائنا، ملڪه مارگاٽ ۽ لاوليئر به اهڙيون سهڻيون هونديون.

مقامي فوج جا آفيسر هميشه هن وٽ اچي حاضر ٿيندا هئا، شام جو اهي آفيسر وٽس پيانو، وايولن يا گٽار وڄائيندا هئا ۽ راڳ رنگ جي محفل کي گرم ڪندا هئا. هن جي ملڻ وارن ۾ ٿلهو، سفيد وارن ۽ سرخ چهري وارو ميجر اوليسوف گهڻو وٽس ايندو هو. هو پنهنجن ننڍڙين ٽنگن تي ٽپ ٽپ ڪندو هن جي چؤ گرد ڦرندو رهندو هو. هو گٽار ڏاڍي سٺي وڄائيندو هو ۽ هن جي هلت اهڙي ته پر خلوص هوندي هئي، ڄڻ ته جيڪڏهن ڪو دردن ماريل عاشق صادق هو ته هـُو هو.

هن پري چهري جي پنجن سالن جي گهنڊيدار وارن واري ڌيءُ به ماءُ کان گهٽ سهڻي نه هئي. هن جي وڏين وڏين ڪارسرين بلو اکين ۾ بردباري پيئي جرڪندي هئي ۽ هن جي چهري مان غور ۽ فڪر پيا بکندا هئا. اُهي اهڙيون ڳالهيون هيون، جنهنڪري هوءَ ڄڻ ٻار ئي نه لڳندي هئي. ڇوڪريءَ جي ڏاڏي سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل هوندي هئي. توبيف هن جي ڪم ۾ مدد ڪندو رهندو هو. هو ٻوٿ ٻڌل ۽ اداس گهاريندو هو. هن وٽ هڪڙي نوڪرياڻي به هئي، جا بت ۾ ڀِڪَ ۽ اکين کان ٽيڏي هئي. گهر ۾ ڪا دائي ڪانه هين، تنهن ڪري ڇوڪريءَ کي وڏن مان ڪنهن جي به سنڀال نصيب نه ٿيندي هئي، هوءَ سڄو ڏينهن در جي ڏاڪڻ تي يا ويجهو پيل تختن جي تهيءَ تي کيڏندي وتندي هئي. هوءَ مون کي وڻڻ لڳي. تنهن ڪري شام جي وقت هن سان وڃي کيڏندو هوس. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هوءَ مون سان اهڙي هري ويئي، جو ڪهاڻي ٻڌندي هن کي منهنجن گوڏن تي ننڊ وٺي ويندي هئي. پوءِ مان کيس کڻي وڃي هنڌ ۾ سمهاري ايندو هوس. آخر ائين ٿيو، جو مون کي ”شب به خير“ چوڻ کانسواءِ سمهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندي هئي. پنهنجو ننڍڙو هٿ پُروقار نموني وڌائي چوندي هئي، ”چڱو، خدا حافظ! سڀاڻي ملنداسين. ڏاڏي، وڌيڪ ڇا چوان؟“

”الله تنهنجو نگهبان آهي.“ ڏاڏِنهس وات ۽ هڏائين نڪ مان دونهين جا بادل ڪڍندي چيو.

”سڀاڻي تائين الله تنهنجو نگهبان آهي! هاڻ مان سمهڻ ٿي وڃان.“ هن چيو ۽ پٽ جي رضائي مٿان وجهي ڇڏيائين.

”سڀاڻي تائين نه، پر هميشه،“ ڏاڏنهس درست ڪندي چيس.

”پر سڀاڻي معنيٰ هميشه ناهي ڇا؟“

هن کي ”سڀاڻي“ سان عشق هو ۽ هر وڻندڙ شيءِ سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيندي هئي. هوءَ پٽيل گلن جي ڏانڊين ۽ هوا تي ڪريل ٽارين کي زمين ۾ ٽونبي چوندي هئي، ”سڀاڻي هي باغ ٿي وينديون.“ ”سڀاڻي، مان گهوڙو خريد ڪنديس ۽ انهيءَ جي پٺيءَ تي امڙ وانگر سواري ڪنديس.“

جيتوڻيڪ هوءَ هوشيار هئي، پر چست نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن وڻندڙ راند جي وچ ۾ ڪو خيال اچي ويندو هوس ۽ ماٺ ڪري ويهي رهندي هئي، يا راند بند ڪري، عجيب سوال پڇي، وائڙو ڪري ڇڏيندي هئي ”پادرين جا وار عورتن وانگر وڏا ڇو هوندا آهن؟“

جيڪڏهن هن جي هٿ ۾ ڪنڊو لڳي ويندو هو ته ان کي آڱر جو اشارو ڪري چوندي هئي، ”نڀاڳا، ترس! مان الله سائينءَ کي سوال ڪري توکي ڏاڍي سزا ڏيارينديس. ڌڻي ڪنهن کي به سخت سزا ڏيئي سگهي ٿو. اهو امڙ کي به سزا ڏيئي سگهي ٿو.“

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وڻندڙ نوني ڳنڀير ٿي ويندي هئي ۽ منهنجي ويجهو سرڪي، پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل نيرين اکين سان آسمان ڏانهن نهاري، چوندي هئي، ”ڪڏهن ڪڏهن ڏاڏي ڇڙٻون ڏيندي اٿم، پر امڙ ڪڏهن نه، ڇاڪاڻ ته امڙ رڳو پئي ٽهڪ ڏيندي آهي. هر ڪو هن سان پيار ڪندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هوءَ ڏاڍي ڪم ۾ هوندي آهي. هوءَ ايڏي ته سهڻي آهي، جو ماڻهو هن کي ڏسڻ ايندا آهن. اوليسوف چوي ٿو ته امڙ ڏاڍي سهڻي آهي.“

مون کي هن جي ٻاراڻي ٻولي ڏاڍي وڻندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ اهڙيءَ دنيا جو پڙاڏو هو، جنهن بابت مون کي ڪابه خبر ڪانه هئي. هوءَ پنهنجي ماءُ بابت گهڻيون ڳالهيون ڪندي هئي. ائين مان هڪ نئين قسم جي زندگيءَ کان واقف ٿيندو ويندو هوس. انهيءَ ڪري مون کي ڪتابن جي قصي واري ملڪه مارگاٽ ياد اچي ويندي هئي ۽ منهنجو ڪتابن ۾ اعتقاد ۽ زندگيءَ سان دلچسپي وڌي ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر جي ڏاڪڻ تي ويهي جيئن پنهنجي گهر وارن جو اوسيئڙو ڪڍي رهيو هوس، ته منهنجن گوڏن تي ڇوڪريءَ جي اک لڳي ويئي. ايتري ۾ هن جي ماءُ گهوڙو ڊوڙائي اچي پهتي. گهوڙي تان هوريان لهي، ٿورو ڪنڌ لوڏي پڇيائين:

”ڇا، ننڊ وٺي وئي اٿس؟“

”هائو“

”ڏاڍو چڱو.“

توبيف ڊوڙي آيو ۽ گهوڙو ڪاهي ويو. سواريءَ جي چهبڪ کي پٽي ۾ وجهندي، چيائين.

”ڏي ته کڻانس!“ ۽ ٻانهون ڊگهيريائين.

”ڇڏيو ته مان ٿو کڻي هلانس.“

”اڙي، هيڏانهن!“ هن اهڙيءَ ريت واڪو ڪيو، ڄڻ گهوڙي سان ڳالهائيندي هجي. انهيءَ تي ڇوڪريءَ جي اک کلي پيئي ۽ پنهنجي ڦر ڦر ڪندڙ پنبڻين مان ماءُ کي ڏسي، هٿ کڻي هن ڏانهن وڌايائين.

جيتوڻيڪ اهڙن واقعن ۽ رڙين تي هريل هوس، پر هن عورت کي کهري ڳالهائڻ ڏکوئي وڌم. ڇو ته هن کي اُن جي ضرورت ئي ڪا نه هئي. هن جي رڳو زبان کولڻ تي هر ڪو هن جي حڪم جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو.

ٿوري جهٽ کانپوءِ هن جي ٽيڏي نوڪرياڻي مون وٽ آئي، ننڍڙي ڪڪي ضد ڪيو بيٺي هئي ته مون کي خدا حافظ چوڻ کانسواءِ هوءَ نه سمهندي. جڏهن هن جي ماءُ وٽ ٿوريءَ آڪڙ سان اچي پهتس، ته هن جي ماءُ ڇوڪريءَ کي گوڏن تي ويهاري، هن جا ڪپڙا مٽائي رهي هئي.

”اجهو تنهنجو ديوُ آيو آهي.“ هن چيو.

”منهنجو ساٿي آهي، ديوُ ناهي.“

”سچ پچ؟ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، تون چاهيندي هوندينءَ ته پنهنجي دوست کي ڪجهه ڏين! ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“

”هائو، هائو.“

”ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي، مان ان جو بندوبست ڪيان ٿي، ۽ هاڻي تون سمهي پؤ.“

”سڀاڻي تائين خدا حافظ.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ مون کي پنهنجو هٿ ڏيندي چيو، ”سڀاڻي تائين تنهنجو الله نگهبان آهي.“

ماڻس عجب مان پڇيس، ”اهو ڪنهن سيکاريو اٿئي! ڏاڏنهن؟“

”هائو.“

جڏهن ڇوڪري وڃي هنڌ ۾ سمهي، ته هن عورت مون کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو. ”توکي ڇا ڏيڻ گهرجي.“

مون هن کي ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي. باقي جي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا، ته عنايت ٿيندي.

هن مٺڙي نموني مرڪندي، پنهنجن عطر لڳل گرم آڱرين سان منهنجي کاڏيءَ کي مٿي ڪندي چيو، ”چئبو توکي ڪتاب پسند آهن؟ ڇا پڙهيو اٿئي؟“

مرڪ هن جي حسن کي وڌيڪ سهڻو ڪري ڇڏيو ۽ مان هڪو ٻڪو ٿي، ڪيترن ڪتابن جا نالا کڻي ويس.

”توکي انهن ۾ ڇا وڻندو آهي؟“ هن ميز تي آڱرين کي هوريان هوريان ٺڪ ٺڪ ڪندي پڇيو.

هن جي جسم مان گهوڙي جي پگهر ۾ ٻڏل گلن جهڙي خوشبو اچي رهي هئي. هوءَ پنهنجن وڏين وڏين پنبڻين مان مون کي خيال سان نهاري رهي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪنهن به ائين ڪين ڏٺو هو.

ڪمري جي ڪنڊ ڪنڊ قيمتي فرنيچر وغيره سان پکيءَ جي آکيري وانگر سينگاري پيئي هئي. درين تي ڳورا ساوا پردا پئي لڙڪيا. آتشدان تي لڳل سنگ مرمر جي پٿرن مان، هلڪي روشنيءَ ڪري زرد، ۽ ويجهو پيل پياني مان ڪارو اولڙو پئي نڪتو. ديوارين تي سونهري فريمن ۾ ٿلهن روسي اکرن ۾ لکيل ۽ مهرون لڳل سَنَدون ۽ طغريٰ لڙڪي رهيا هئا. اهي سڀ شيون جيڪي هن جي چوگرد پيون هيون، مون وانگر هن جي حضور ۾ نوڙت ۽ نياز سان نهاري رهيون هيون.

پنهنجي وس آهر هن کي سمجهايم ته ڪهڙيءَ ريت ڪتابن منهنجي سخت زندگيءَ ۽ اونداهن ڏينهن مان پار پوڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي هئي.

”چئبو، اها ڳالهه آهي.“ اٿندي هن چيو. ”خراب خيال ناهي، اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي. ڇا ڪيان؟ هاڻي ته گهر ۾ ڪو به ڪتاب ڪونهي. پر مان تنهنجي لاءِ بازار مان ڪتاب خريد ڪري اينديس. ٿورو ترس، هي کڻي وڃ.“

هن ڪوچ تان هڪڙو ڦڪي پوش وارو ڦاٽل ڪتاب کڻي ڏنو- ”جڏهن هي پورو ڪندين، ته توکي ٻيو ڀاڱو ڏينديس. هي ڪتاب چئن جلدن ۾ آهي.“

اهو ڪتاب پرنس ميشڪر سڪيءَ جو ”پيٽرس برگ جا اسرار“ هو. مان انهيءَ کي ڏاڍي چاه سان پڙهڻ شروع ڪيو. اڃا ٿورا صفحا ئي پڙهيا هئم، ته مون کي اها ڳالهه محسوس ٿي ته هن ڪتاب ۾ ”لندن جا اسرار“، ”پئرس جا اسرار“ يا ”مئڊرڊ جا اسرار“ ڪتابن جيترو مزو نه هو. جيڪا ڳالهه مون کي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻي، اها ”آزاديءَ ۽ ڏنڊي“ جو قصو هو.

- آزاديءَ چيو، ”مان تنهنجي مالڪياڻي آهيان، مون کي عقل ۽ سمجهه آهي.“

- ڏنڊي وراڻيو، ”نه، مان تنهنجو مالڪ آهيان، مون کي طاقت آهي.“

جهيڙو لڙائيءَ تائين وڃي پهتو ۽ ڏنڊي آزاديءَ کي خوب مزو چکايو. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته آزاديءَ کي پوءِ اسپتال ۾ کڻي ويا، جتي هوءَ زخمن وگهي مري ويئي.

اُنهيءَ ڪتاب ۾ انقلابي دهشت پسندن ڏانهن اشارا هئا. پرنس ميشڪر سڪيءَ جي خيال موجب انهن ۾ ايترو ته زهر ڀريل آهي، جو هو ڪنهن چوزي ڏانهن اک کڻي ڏسندا ته چوزو اتي مري ويندو. مون ڏٺو ته ان ۾ دهشت پسندن تي سخت نموني حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري ڏاڍي مٺيان پئي لڳم. وڌيڪ ڪجهه ڄاتم نه پئي، تنهن ڪري جڪ کائي، ماٺ ڪري ڇڏيم. مون کي ائين ٿي لڳو ته مون کي سٺن ڪتابن جو پتو ئي نه ٿي پيو. مون کي يقين ئي نٿي آيو ته ههڙي پروقار ۽ خوبصورت عورت به ڪي ردي ڪتاب پڙهندي هوندي.

جڏهن مان ڪتاب موٽائڻ ويس ته هن پڇيو، ”ڪتاب پسند آيئي.“

انهيءَ ڪري ته متان هن کي رنج ٿئي، اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو ته ”نه.“ هوءَ صرف کلي ۽ پنهنجي پلنگ جي مٿان ڏنل پڙدا پري ڪري، هڪڙو ننڍڙو ڪارو ڪتاب کڻي ورتائين.

”توکي هن ڪتاب مان مزو ايندو.“ هن چيو، ”پر ان کي خراب نه ڪجانءِ.“

اهو پُشڪن جي نظمن جو مجموعو هو. مان انهن کي هڪ ئي نشست ۾ پڙهي ويس. مون انهن کي اهڙو تڪڙو پڙهيو ڄڻ ته اڃ وچان پاڻي پي رهيو هوس. ان جي پڙهڻ وقت منهنجي حالت اهڙي هئي، ڄڻ مان ڪنهن ڪرشمي جو نظارو ڪري رهيو هوس ۽ هڪ ئي وقت ان جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ کي ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪيم. انهيءَ ڪتاب جو مطالعو اهڙو ئي هو جيئن ڪو ماڻهو سينور ڍڪيل گپ چڪ وارو پيچرو لتاڙي، اهڙي چراگاه ۾ اچي پهچي، جتي چؤطرف رنگين گلن ۽ صبح جي سونهري ڪرڻن کانسواءِ ڪجهه به نه هجي، ۽ جهٽ پل حيرت ۾ رهڻ کانپوءِ سرهائيءَ ۾ ڀرجي، هر طرف ڊوڙڻ لڳي ۽ جڏهن هن جو پير گلن واريءَ زمين تي پوي ته هن جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.

پُشڪن جي شاعريءَ جي رنگينيءَ ۽ موسيقيءَ مون کي ڪيتري وقت تائين اهڙو ته ڪيف ڏيئي ڇڏيو، جو ان جي اڳيان جو نثر ٿي پڙهيم، سو ڦڪو پئي لڳم ۽ ان جي وڌيڪ پڙهڻ تي دل ئي نه پئي ٿيم. ”رسلان ۽ لـُُڊملا“ جي مهاڳ جي شعرن پڙهڻ سان نانيءَ واريون ڪهاڻيون پئي ياد آيم، ڄڻ اهي سڀ انهيءَ هڪ ئي نظم ۾ سمايل هيون ۽ ڪن سٽن جي سَچَ ۽ سٽاءَ مون کي وائڙو ڪري پئي ڇڏيو.

اتي اَڄاتن رستن تي ڏسجن ٿا. اڄاتن جانورن جي پيرن جا نشان....

اُنهن حيرت ۾ وجهندڙ ٻن سٽن پڙهڻ کانپوءِ مون کي اهي رستا ۽ راهون، جن کي مان ئي ڏسڻ سکيو هوس ۽ جي ٻين کان مخفي هيون، ياد اچي ويون. مون کي لتاڙيل ڇٻر جي مٿان، پيرن جا هلڪا نشان ڏسڻ ۾ آيا، جن جي مٿان شبنم جا قطرا اڃا به پاري وانگر چمڪي رهيا هئا.

اهي شعر مون کي آسانيءَ سان ياد ٿي ويا. انهن شعرن ۾ جن خيالن جو اظهار هو، اهي ڏاڍا سهڻا ۽ نازڪ خيال هئا ۽ جن لفظن ۾ اهي بيان ڪيا ويا هئا، سي به ريشم جهڙا ڪنئرا ۽ گلن جي پنکڙين جهڙا نازڪ هئا. انهن مون کي خوشيءَ ۽ آرام جو احساس ڏنو. انهن نظمن منهنجي حياتيءَ جي قافلي کي جرس جو ڪم ڏنو. علم ۽ حسن سان واقفيت ۾ ڪيڏي نه خوشي آهي!

پُشڪن جي عجيب ڪهاڻين جو مون تي گهرو اثر ٿيو ۽ مون ان وقت تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو هو، انهيءَ کان وڌيڪ هي ڪهاڻيون سمجهي ٿي سگهيس. ڪيئي ڀيرا ور ور ڪري پڙهڻ سان اهي سهڻا شيرين نظم بر زبان ياد ٿي پئي ويا. جڏهن هنڌ ۾ وڃي سمهندو هوس تڏهن انهن کي چپن ۾ چوندو رهندو رهندو هوس، تان جو ننڊ کڻي ويندي هيم. مان اهي ڪهاڻيون آفيسرن جي اردلين کي ٻڌائيندو هوس، جي خيال سان ٻڌندا، کلندا ۽ مون کي چيڙائيندا هئا. پر سدوروف منهنجي مٿي تي هٿ گهمائي چوندو هو، ”ڏاڍيون سٺيون آهن. آهن نه ؟وا ه وا!“

منهنجي مالڪن کي به جنهن جوش ۽ جذبي ۾ مان هوس انهيءَ جو پتو پئجي ويو، هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ ڇيڀيندي چيم، ”تو ڏينهن رات کڻي پڙهڻ کي ورتو آهي. سماوار کي صاف ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن، باندر، آئون توکي ويلڻ سان ڪٽينديس.“

ويلڻ جي ڪنهن کي پرواه هئي؟ مون کي ته پنهنجي بچاءُ جو شعر ياد هو.

... هوءَ پوڙهي ڏائڻ،

هن جي اونداهي روح ۾ شيطان وسي ٿو...

منهنجي نظرن ۾ ان جوان عورت جي عزت تمام ڏاڍي وڌي ويئي. اهڙا سٺا ڪتاب جو هوءَ پڙهندي هئي! هوءَ ڪٽر ماسٽر جي چينيءَ گڏيءَ جهڙيءَ زال کان مختلف هئي.

جڏهن مان ڏاڍي مايوسيءَ سان ڪتاب موٽائڻ ويس ته هن گهرائپ واري نموني پڇيو، ”ڪيئن، ڪتاب پسند آيو؟ پهريائين ڪڏهن پـُشڪن جو نالو ٻڌو اٿئي؟“

ڪجهه پشڪن بابت اخبارن ۾ اکين اڳيان گذريو هوم، پر هن جي واتان ٻڌڻ خاطر چيم، ”ڪڏهن به نه؟“

پوءِ هن مون کي پشڪن جي حياتيءَ ۽ موت جو مختصر احوال ٻڌايو.[*] ۽ آخر ۾، بهار جي راڻيءَ وانگر مرڪندي، چيائين، ”ڏٺئي! عورتن جي عشق ۾ ڪيڏا خطرا آهن؟“

هن وقت تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو هوم، ان ۾ ڏٺو هوم ته محبت سچ پچ خطرناڪ آهي، پر سٺي به آهي. تنهن ڪري جواب ڏنومانس، ”خطرو ته آهي، پر هر ڪو عشق جي دام ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ عورتن تي به غم جا پهاڙ ڪري ٿا پون.“

هن مون کي پنهنجي اکين سان خاص انداز ۾ ڏٺو، ۽ چيو، ”توکي اها پڪ آهي؟ اها ڳالهه تون سمجهين ٿو؟ ته پوءِ توکي منهنجي اها نصيحت آهي ته اِها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجانءِ.“

پوءِ مون کان پڇيائين، ”توکي ڪهڙا شعر پسند آيا.“

مون هن کي پنهنجي يادگيريءَ مان ڪيترائي شعر چئي ٻڌايا. هوءَ ماٺ ڪري خيال سان ٻڌڻ لڳي. پوءِ اٿي، ڪمري ۾ هيڏي هوڏي ٽلندي، ڳنڀير ٿي، چوڻ لڳي، ”مان چاهيان ٿي تو جهنگليءَ کي ڪجهه تعليم ڏيارجي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ گهرجي. تنهنجا مالڪ- ڇا اهي تنهنجا مائٽ آهن؟“

جڏهن مون چيس ته ”هائو“، تڏهن اهڙي عجب مان ”اوه!“ ڪيائين، ڄڻ ته انهيءَ جي ملامت منهنجي مٿان هئي.

هن مون کي ”برنجر جا گير“ ڪتاب ڏنو. انهيءَ ڪتاب جي مٿان گلڪاري ٿيل هئي. ان جون ڪناريون سونهري ڳاڙهي رنگ جون هيون ۽ ان تي جلد پڪو چڙهيل هو. انهن گيتن ۾ بي انت ڏکن ۽ بيحد خوشين جو ميل هو. جنهن مون کي نشو ڏيئي ڇڏيو. ان جي ”پوڙهي فقير“ واري گيت ۾ هيٺيون سٽون پڙهندي ته منهنجي دل بيهجي ويئي:

ڇا، مان بي گهر ڪيڙو، توهان جي حد دخلي ٿو ڪيان؟

ته پوءِ پنهنجي لت جي هيٺان مون کي چيڀاتي ڇڏيو!

مون تي ڪهل ڇو ٿا کائو؟

جلدي پنهنجن بوٽن جي کڙين سان مون کي چپي ڇڏيو!

ڇا توهان مون کي علم نه سيکاريو-

منهنجن قوتن جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو!

پوءِ هيءُ ڪيڙو بهتر انسان ٿي پوي ها،

مرڻ ويل ان کي ساٿين جو قرب ۽ محبت ملي ها.

هاڻي پنهنجي موت سان، هيءُ پوڙهو پينو،

توهان کان، توهان جي دنيا کان ٿورو انتقام وٺي رهيو آهي.

انهيءَ کانپوءِ جلد ئي ”روئندڙ مڙس“ جو نظم پڙهندي، اچي کلڻ ۾ ڇٽڪيس، تان جو اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. خاص طرح ان جون هي سٽون ياد اٿم:

سولن مڙسن کي

خوش رکڻ به سولو...

برنجر جي پڙهڻ سان مون ۾ چلولائيءَ ۽ شرارت جو مادو پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهن سان کلون ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳس. مون هن جا شعر ياد ڪري ڇڏيا ۽ آفيسرن جي اردلين کي اهي وڏي شوق سان ٻڌائڻ لڳس. پر جلد ئي جڏهن هيءَ سٽ ٻڌائي مان:

ڇا سترهن سالن جي ڇوڪريءَ کي

هر ٽوپلو پورو پئجي نٿو وڃي!

ته هو شعر ٻڌڻ بجاءِ نوجوان ڇوڪرين بابت بيحد فحش نموني بحث ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مون کي به اهڙيءَ باه ورتو، جو ارموخن کي مٿي واري مڪ وهائي ڪڍيم، سدوروف ۽ ٻين اردلين مون کي اچي هن جي رڇ جهڙن هٿن مان ڇڏايو. انهيءَ کانپوءِ پڪو پهه ڪيم ته آفيسرن جي بارڪن ڏانهن اصل نه ويندس.

گهٽين ۾ گهمڻ ڦرڻ جي مون کي منع ٿيل هئي. منهنجو ڪم ايترو وڌي ويو هو، جو واندڪائي ئي نه ملندي هئي. مون کي گهر جي اندرئين ۽ ٻاهرئين ڪم سان گڏ مالڪ جي فريمن ٺاهڻ، نقشن وارن تختن تي ڪوڪا هڻڻ، مالڪ جي نقشن جو نقل ڪرڻ ۽ ٺيڪيدارن سان هن جي حساب ڪتاب چڪاسڻ جو ڪم به سپرد ڪيا ويا هئا. منهنجو مالڪ مشينن وانگر سڄي رات انهن نقشن جو ڪم ڪندو رهندو هو.

انهن ڏينهن ۾ نجنيءَ جي سالياني ميلي واري ميدان جون جايون خانگي ملڪيت هيون. دڪانن جي جوڙڻ جو ڪم تيزيءَ سان ٿي رهيو هو ۽ نون دڪانن بنائڻ ۽ پراڻن جي مرمت جو ٺيڪو منهنجي مالڪ کي مليل هو. منهنجو مالڪ انهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ نوان نقشا تيار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري منهنجي مالڪ اهي نقشا هڪڙي لفافي ۾ بند ڪري، انهن سان گڏ پنجويهن روبلن جو نوٽ وجهي، مون کي ڏنو ته هڪڙي پوڙهي عمارت ساز کي ڏيئي اچان. پوڙهي عمارت ساز پئسا کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ نقشن جي هيٺان نوٽ هڻي، صحيح ڪيائين ته ”سر زمين ڏسي، جاچي، صحيح ڪيا ويا.“ در حقيقت ڪجهه به نه ڏٺو هو، ڪجهه به نه جاچيو هو، ڇاڪاڻ ته هو بيماريءَ سبب گهر ۾ ئي واڙيو پيو هو.

مان ميلي جي انسپيڪٽر ۽ ٻين وڏن ماڻهن ڏانهن به رشوت کڻي ويندو هوس، ۽ انهن وٽان مون کي اها شيءِ ملندي هئي، جنهن کي مالڪ ”سند“ سڏيندو هو، جنهن جي زور تي هو جاين جوڙڻ جا غير قانوني ڪم ڪري سگهندو هو. انهيءَ جي عيوض مون کي اها اجازت ملي ته رات جو جڏهن گهر جا ڀاتي ٻاهر وڃن ته مان گهر جي اڳيان اڱڻ ۾ ويهي، سندن انتظار ڪري سگهيس ٿي. هو گهڻو ڪري ٻاهر ويندا ئي نه هئا ۽ جي ويندا هئا ته اڌ اڌ رات جو موٽندا هئا. پنهنجي گهر جي چانئٺ يا سامهون پيل بنڊن جي ستيءَ تي ويهي، مان انهيءَ سهڻي عورت جي دريءَ ڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ نهاريندو رهندو هوس ۽ اتان ايندڙ ٽهڪن ۽ نغمن ۾ گم ٿي ويندو هوس.

کليل درين ۾ رکيل گلن جي ڪونڊين ۽ پاسيرن پڙدن جي وٿين مان نوجوان آفيسرن جا خوبصورت چهرا ڏسڻ ۾ ايندا هئم ۽ هوءَ سهڻي پر سادي لباس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندي نظر ايندي هئي. مان پنهنجي دل ۾ هن جو نالو ملڪه مارگاٽ رکيو هو ۽ هن جي دريءَ ڏانهن نهاري چوندو هوس ته ”هيءَ اها اوچي زندگي آهي، جنهن جو ذڪر فرينچ ناولن ۾ هوندو آهي. هن جي چوگرد ماڻهن جي ميڙن کي گل جي چوگرد ڀؤنرن جي هجوم وانگر ڏسي، منهنجي دل ۾ ٻاراڻيءَ رقابت جي چريائپ پيدا ٿي ويندي هئي.

هڪڙو قداور، اداس آفيسر، جنهن جون اکيون ڳڻتيءَ ڀريل ڀرن جي هيٺان ڪنهن خيال ۾ ٻڏل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ ملڻ ايندو هو. هو هميشه پاڻ سان وايولن کنيو ايندو هو ۽ انهيءَ کي اهڙي چنگ چاڙهيندو هو، جو دريءَ جي هيٺان گهٽيءَ مان لنگهندڙ ۽ پاڙي جي ماڻهن جو هشام ٿي ويندو هو. منهنجا مالڪ به، جي گهر ۾ هوندا هئا، ته دري کولي ان کي ٻڌندا هئا ۽ ان جي تعريف ڪندا هئا. هن کان اول مون هنن کي چرچ جي نائب پادريءَ کان سواءِ ڪنهن جي به واکاڻ ڪندو ڪين ٻڌو هو پر هر حال ۾، هنن لاءِ هر قسم جي موسيقيءَ کان مڇيءَ جا ڪوفتا وڌيڪ پسند لائق هئا.

ڪڏهن ڪڏهن اهو آفيسر هن خوبصورت عورت کي راڳ ۽ شعر به ٻڌائيندو هو. ان وقت هن جو هٿ پنهنجن ڀرن ڏانهن کڄي ويندو هو ۽ هن جو آواز ٿڌن ساهن سان گهٽجڻ لڳندو هو. هڪڙي ڀيري مان ننڍڙي ڇوڪريءَ سان هنن جي دريءَ هيٺ ويٺو هوس، مون ٻڌو ته ملڪه مارگاٽ هن کي راڳ ٻڌائڻ لاءِ ايلاز ڪري رهي هئي ۽ هو انڪار ڪري رهيو هو. آخر ۾ هن هيٺين سٽ چئي، جهڳڙي کي ختم ڪيو:

گيتن کي وري به سونهن جي ضرورت آهي-

سونهن کي گيتن جي ضرورت ناهي...

مان انهيءَ سٽ جي ساراه ڪرڻ لڳس ۽ اُن آفيسر سان منهنجي همدردي وڌڻ لڳي.

پنهنجيءَ هن ڪتابن واري جيئري جاڳنديءَ ملڪه کي اڪيلي سر پيانو وڄائيندي ڏسڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. مان موسيقيءَ جي نشي ۾ مست ٿي ويندو هوس. منهنجي لاءِ صرف دري ۽ دريءَ جي اندر بتيءَ جي پيلي روشني وڃي رهندي هئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شاهاڻي حسن سان پيانو ويٺي وڄائيندي هئي ۽ هن جا سفيد هٿ پيانو تي پکين وانگر هيڏانهن هوڏانهن اڏامندا رهندا هئا. مان هن ڏانهن نهاريندو هوس ۽ جذباتي موسيقي ٻڌندي، خوابن ۾ گم ٿي ويندو هوس. ويٺو ائين سوچيندو هوس ته ڪاش، ڪٿان خزانو کوٽي ڪڍان ۽ سمورو هن جي حوالي ڪري، هن کي دولتمند بنائي ڇڏيان: ”اسڪوبيلوف“ روسي جنرل، جنهن ترڪن تي فتح حاصل ڪئي هئي، هجان ۽ ترڪن سان لڙائي شروع ڪري، هن کان اڻ ميو مال غنيمت هٿ ڪيان ۽ شهر جي بهترين حصي ۾ هن جي رهائش لاءِ محل بنايان، ۽ هن کي هتان، جتي هن جي لاءِ هر ڪو وات ٺوڪيندو وتندو هو، اتي ان محل ۾ وٺي وڃان. پاڙي وارا، نوڪر ۽ سڀني کان وڌيڪ منهنجا مالڪ هن جي لاءِ، اهڙيون ئي گنديون ۽ بڇڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جهڙيون ڪٽر ماسٽر جي زال لاءِ پر هن جي لاءِ اهڙين ڳالهين ڪرڻ ويل هنن جا آواز دٻيل هوندا هئا ۽ هو احتياط سان چؤ طرف نهاريندا هئا.

مان سمجهان ٿو ته هڪڙي وڏي حيثيت واري ماڻهوءَ جي بيوهه هئڻ ڪري، سڀ پيا هن کان ڇرڪندا هئا. هن جي گهر ۾ جي طغرا هئا، اهي سڀ هنن جي وڏن کي روس جي زارن جهڙوڪ، گاڊونوف، الڪسي ۽ پيٽر اعظم وٽان مليل هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو مون کي توبيف کان پيو. توبيف ڪجهه پڙهيل هو ۽ هر وقت انجيل جي تلاوت ۾ مصروف رهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو هن عورت جي سواريءَ واري چهبڪ کان به ڏڪندا هجن. ڇاڪاڻ ته چيو ويندو هو ته هڪڙي گلاخور کي انهيءَ سان خوب ڪٽيو هئائين. بهرحال بدگوئي هوريان هجي يا ڏاڍيان هڪ خراب ڳالهه آهي. منهنجي ملڪه جا دشمن چؤطرف هئا ۽ مان اها دشمني ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيندو هوس ۽ سچ پچ ته اها مون کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي.

هاڻي ائين جڏهن مون کي ٻيءَ زندگيءَ ۽ ٻين قسمن جي ماڻهن، امنگن ۽ خيالن جو پتو پيو هو، ته منهنجي اڳين زندگي منهنجي لاءِ بي مزي ۽ عذاب جهڙي ٿي پيئي. اها زندگي گندي، گلا جي ڄار مثل هئي، جنهن مان ڪوئي به بچي نه ٿي سگهيو. انهيءَ ۾ فوج جي بيمار پادريءَ کي مي نوش ۽ عياش ڪري پيش ڪيو ويندو هو. منهنجن مالڪن جي چوڻ موجب فوج جا آفيسر ۽ انهن جون زالون سڀ عياش ۽ بدڪار هئا. سپاهي ساڳئي گندي نموني عورتن جو ذڪر ڪندا هئا، جنهن کي ٻڌي مون کي جڪ وٺي ويندا هئا. مگر سڀني جي يخيءَ کان منهنجن مالڪن جا الزام ۽ جُلهون ڏهه رتيون وڌيڪ ڏکوئيندڙ هونديون هيون. مون کي اهو ڀليءَ ڀَت معلوم هو ته ٻين تي فتوائون ڏيڻ هنن جي ورونهه ۽ وندر هئي. ٻين جي عيبن کي کُرڙي ڪڍڻ ۽ انهن کي مرچ مصالحا لڳائي پيش ڪرڻ هڪ اهڙي تفريح هئي، جيڪا هنن کي هڪ ڪوڏي خرچ ڪرڻ کانسواءِ حاصل ٿي ويندي هئي. جن ماڻهن کي به هو سڃاڻندا هئا، انهن کي پنهنجي زبان جي شڪنجي تي چاڙهڻ مان هنن کي مزو ايندو هو ۽ اهڙيءَ ريت هو پنهنجي بي مزي ۽ غير دلچسپ زندگيءَ جو بدلو سڄو وقت ٻين کان پيا وٺندا هئا.

پر جڏهن اهي منهنجي ملڪه جي شان ۾ بد زباني شروع ڪندا هئا، تڏهن مان اهڙي جوش ۾ اچي ويندو هوس، جو منهنجي عمر ڪري منهنجي منهن تي نٿي پيو. منهنجي دل هنن گلا خورن جي نفرت سان ڀرجي ويندي هئي. مون کي اهڙا خار لڳندا هئا، جو چاهيندو هوس ته سڀني جا سنڌ سيڪي رکان ۽ کين خوب ست سريون ٻڌايان. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي ۽ ٻين تي ڪهل اچي ويندي هيم ۽ اها ڪهل منهنجي دل تي نفرت کان وڌيڪ عذاب جو بار بنجي بيهي رهندي هئي.

جيتري قدر منهنجي ملڪه جو واسطو هو، مون کي هن بابت هنن کان وڌيڪ ڄاڻ هئي، مون کي ڀؤ هوندو هو ته متان انهن کي اهو پتو پئجي وڃي.

آرتوار جي ڏينهن جڏهن منهنجا مالڪ چرچ ۾ عبادت لاءِ ويندا هئا، ته مان پنهنجي صبح جي شروعات هن جي ملاقات سان ڪندو هوس. هوءَ مون کي پنهنجي آرام جي ڪمري ۾ سڏ ڪندي هئي ۽ مان سونهري رنگ واري ريشمي ڪپڙي جي پيش چڙهيل آرام ڪرسيءَ تي ويهي، ننڍڙي ڇوڪريءَ کي هنج ۾ ويهاري، پنهنجي هفتي جي مطالعي جو پوتا ميل پيش ڪندو هوس. هوءَ پنهنجو منهن پنهنجن ننڍڙن هٿن ۾ جهليو، ڪشادي پلنگ تي ستي يپيئي هوندي هئي. هن جو جسم سوڙ ۾ ڍڪيو پيو هوندو هو، جنهن جو رنگ ڪمري جي ٻين شين وانگر سونهري هوندو هو ، هن جا ڪارا وار ڪلهن ۽ ڇاتيءَ تي ۽ ڪڏهن هيٺ فرش تي پيا لڙڪندا هئا. هوءَ منهنجون ڳالهيون به ٻڌندي هئي ۽ پنهنجن مست اکين سان مون ڏانهن ڏسندي به پيئي هئي. هن جي چپن تي اڻ لکي مرڪ پکڙجي ويندي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيندي چوندي هئي، ”ڏاڍو سٺو.“

منهنجي خيال ۾ هن جي اها مرڪ مون مٿان شاهاڻي نوازش هوندي هئي. هن جو آواز گهرو ۽ مٺڙو هو ۽ هن جو هر جملو ڄڻ ائين چوندو هو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه جو احساس آهي ته مان سڀني کان سربلند آهيان ۽ مان ڪنهن جي به پائبند ناهيان.“

ڪڏهن ڪڏهن مان اهڙي وقت وڃي نڪرندو هوس، جڏهن هوءَ ائيني جي اڳيان ننڍڙيءَ ڪرسي تي ويٺي وار سنواريندي هئي. وارن جون چڳون هن جي گوڏن، ڪلهن ۽ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تان وڌي، ذري گهٽ فرش کي ڇهنديون هيون. هن جا وار نانيءَ جي وارن وانگر گهاٽا ۽ وڏا هوندا هئا. هوءَ پنهنجون ڄنگهون اگهاڙيون ڪري منهنجي اڳيان جوراب پائيندي هئي، ته به منهنجي دل کي ڪو لوڏو نه ايندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي اهڙي اگهاڙپ ۾ به پاڪائي سمايل هوندي هئي. مون کي هن جو حسن ڏسي، فخر محسوس ٿيڻ لڳندو هو. هن جي ڳلن جهڙي سڳنڌ بڇڙن خيالن کي دل مان پيدا ٿيڻ ئي نه ڏيندي هئي. مون کي اها پڪ هئي ته جنهن محبت جي پچار بورچيخاني ۾ ڪئي ويندي هئي، انهيءَ جو هن کي پتو ئي نه هوندو هو. هن جي محبت وڏي اوچي پد جي هوندي هئي.

ڪيئن به هجي، پر هڪ ڏينهن سج لڙئي کانپوءِ جڏهن ورانڊي ۾ پهتس، ته مون کي آرام جي ڪمري مان منهنجي من جي مالڪياڻيءَ جي کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان سان گڏ مرداڻو آواز، جو چئي رهيو هو، ”ايڏي تڪڙ نه ڪر! خدا جو قسم، ائين ڪيئن ممڪن آهي!“

مون ڄاتو ٿي ته مون کي هليو وڃڻ گهرجي، پر مان وڃي نه سگهيس.

”ڪير آهي؟“ هن رڙ ڪئي، ”اڙي، تون؟ اندر آ.“

آرام جي ڪمري ۾ اونده هئي، ڇاڪاڻ ته پردا هيٺ ڪيا ويا هئا، ۽ هوا گلن جي عطر جي خوشبوءِ سان ڀريل هئي. ملڪه مارگاٽ پلنگ تي ستي پيئي هئي، کاڏيءَ تائين چادر مٿي ڪري ڇڏي هئائين، هن جي ڀرسان ديوار کي پٺي ڏيو، وايولن وڄائيندڙ آفيسر ويٺو هو. هن جي قميص کليل هئي ۽ هن جي چيلهه اگهاڙي پئي ٿي. هن جي ساڄي پاسي دن کان وٺي ڪلهي تائين ڳاڙهو زخم جو نشان هو. جيتوڻيڪ اوندهه هئي ته به مان اهو چٽيءَ طرح ڏسي پئي سگهيس. هن جا وار وکريا پيا هئا ۽ هن جي اداس منهن تي پهريون ڀيرو مرڪ ڏٺي هيم. اها عجيب مرڪ هئي، هن جون عورتن جهڙيون چمڪندڙ اکيون ملڪه ۾ کتل هيون، ڄڻ ته ملڪه جي حسن انهن تي جادو ڪري ڇڏيو هو.

”منهنجو دوست،“ ملڪه اسان جي پاڻ ۾ ڄاڻ ڪرائيندي چيو، پر مون کي پتو پئجي نه سگهيو ته هن مون ڏانهن يا هن ڏانهن اشارو ڪيو.

”هراسيل ڇو ٿو ڏسڻ ۾ اچين؟“ هن ڄڻ ڪنهن ڏورانهين هنڌ تان اهو سوال پڇيو هو. ”هيڏي آءُ!“

جڏهن مان هن وٽ ويس ته هن منهنجي ڳچيءَ ۾ ڳراٽري وجهي، چيو، ”وڏي هوندي توکي به خوشيءَ جي خبر پوندي. چڱو، هاڻي ڊڪ پاءِ.“

مون هڪڙو ڪتاب ڪٻٽ ۾ رکي، ٻيو کنيو ۽ هليو ويس. دل ۾ ڄڻ ڇري گهڙي ويم. حقيقت ۾، مان انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ئي نه ڪندو هوس ته منهنجي ملڪه به ٻين عورتن وانگر عشق ڪندي آهي ۽ انهيءَ آفيسر لاءِ به اهڙو خيال منهنجي دل ۾ نه پئي اچي سگهيو.

مون کي هن جو مرڪندڙ مهانڊو ياد ايندو رهيو. اُهو هڪ عجيب خوشيءَ ڀريل مرڪ سان ٽڙيو پيو هو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي غير توقع اوچتو تحفو ملي ويو هو. هن کي ضرور ملڪه سان محبت ٿي ويئي هوندي. ڀلا ڪير اهڙو هو، جو هن کي دل نه ٿي ڏيئي سگهيو؟ ۽ ملڪه کي به هن سان محبت ڪرڻ لاءِ سبب هو. هو ڏاڍي سهڻي نموني وايولن وڄائيندو هو ۽ مٺڙي نموني شعر چوندو هو.

پر انهن ٻاراڻين دلدارين جي باوجود اها ڳالهه صاف هئي ته جيڪي ڪجهه مون ڏٺو هو، انهيءَ جو مون تي، خاص طرح ملڪه مارگاٽ بابت، برو اثر پيو هو. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪجهه زيان ٿي ويو هوم ۽ ڪيترا ڏينهن موڙهل گذارڻ لڳس. هڪڙي ڏينهن مون کان ڪو غلط ڪم ٿي ويو هو، جنهن تي هر ڪو مون تي ڪاوڙجي پيو هو. جڏهن هن وٽ مان ڪتاب وٺڻ ويس ته هن تيز ٿي چيو، ”ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته تون ڏاڍو ڪو بدمزاج آهين! مون کي اڳ ته اهو پتو نه هو!“

مان ڪپڙن کان ٻاهر نڪري ويس ۽ هن کي ٻڌايم ته منهنجي جان ڪهڙن نه ڏکن ۽ ڏولائن ۾ ورتل هئي ۽ منهنجي لاءِ اهو ٻڌڻ ڪيترو نه ڏکيو هو، جو ماڻهو هن بابت وات ٺوڪيندا هئا. پهريائين هوءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندي رهي. پوءِ جلد ئي اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪي ۽ مون کي کلندي، ڌڪو ڏيندي، چيائين، ”گهڻو ٿيو، مون کي سموري سڌ آهي. ٻڌين ٿو؟ مون کي سڀ پتو آهي.“

پوءِ منهنجا ٻيئي هٿ وٺي، قرب سان چيائين. ”انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندو ڪر. تون پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح صفا نه ڪندو آهين ڇا؟“

جيڪڏهن هوءَ به مون وانگر ٿانوَ مليندي، فرش صاف ڪندي ۽ ڪپڙا ڌوئندي هجي ها ته هن جا هٿ به مون جهڙا ٿي وڃن ها ۽ پوءِ هن کي انهيءَ چوڻ جي ضرورت ئي نه ٿئي ها.

”جيڪڏهن ڪنهن کي جيئڻ جو ڍنگ ٿو اچي ته ماڻهو ساڙ وچان هن تي تهمتون ٿا مڙهين ۽ جنهن کي جيئڻ جو ڍنگ نه ٿو اچي ته ان کان نفرت ٿا ڪن.“

پوءِ هن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ۽ منهنجي منهن ۾ مرڪي نهاريندي، ڳنڀير ٿي چيو، ”ڇا، تون مون کي چاهين ٿو.“

”هائو.“

”گهڻو.“

”هائو.“

”ڪيترو؟“

”مان نٿو ڄاڻان.“

”مهرباني. تون ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهين. جن جو مون سان چاهه هوندو آهي، انهن کي مان به چاهيندي آهيان.“

هن اهڙيءَ مرڪ سان هي سڀ ڪجهه چيو، ڄڻ اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ گهرندي هجي. ٿوريءَ ماٺ کانپوءِ، جنهن ۾ هوءَ مون کي پنهنجي ويجهو جهليو بيٺي هئي، چيائين، ”مون وٽ گهڻو ايندو ڪر. ايترو گهڻو جيترو توکان ٿي سگهي.“

مون انهيءَ مان پورو فائدو ورتو. جڏهن منهنجا مالڪ منجهند جي مانيءَ کانپوءِ آرام ڪرڻ لڳندا هئا ته مان هن ڏانهن ڊڪي ويندو هوس ۽ جيڪڏهن هوءَ گهر ۾ هوندي هئي ته ڪلاڪ سوا هن سان روح رهاڻ ڪندو هوس.

”توکي روسي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ روسي زندگيءَ بابت پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي.“ هن پنهنجي خوشبوءَ ڀريل وارن ۾ پنهنجن گلاب جهڙين آڱرين سان بڪل وجهندي، مون کي سبق ڏنو. پوءِ روسي ليکڪن جا نالا ٻڌايائين: ”انهن جا نالا ياد رکڻ جي ڪوشش ڪندين؟“

ڪڏهن پنهنجن خيالن ۾ گم ۽ ويسر واري نموني چوندي هئي، ”تنهنجي تعليم جو بندوبست به ڪرڻو آهي. خدا جو قسم! اها ڳالهه منهنجي دل تان لهي پئي وڃي.“

هر اهڙيءَ ملاقات کانپوءِ منهنجي هٿ ۾ نئون ڪتاب ۽ منهنجي دل ۾ نوان امنگ هوندا هئا ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ منهنجي من جو مير ڌوپي ويو هجي.

انهيءَ وقت تائين مان اڳي ئي اڪساڪوف جا ڪتاب ”روسي ڪٽنب“، ”رانديگرن جون يادگيريون“ ۽ سندس شاندار روسي نظم ”جهنگلن ۾“، گريبنڪو ۽ سولو گپ جا ڪجهه ڪتاب ۽ وينوٽوف، اوڊووسڪي ۽ ٽيوڪوف جا نظم پڙهي چڪو هوس. انهن ڪتابن منهنجي دل کي ڌوئي اوجل ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي دل تي چڙهيل اجاين خيالن جي مٽي ۽ تلخ حقيقتن جي دز کرڙي، لاهي ڇڏي هئي.

اهڙن ڪتابن کي مان ڏاڍو پسند ڪندو هوس ۽ انهن کانسواءِ منهنجي سرندي ئي نه هئي. انهن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ وري هڪ ڀيرو مون محسوس ڪيو ته مان هن دنيا ۾ اڪيلو نه آهيان، ۽ منهنجي دل ۾ اهو اعتقاد پيدا ٿيو ته مان زندگيءَ ۾ پنهنجي راه پاڻ بنائي سگهان ٿو.

جڏهن ناني مون سان ملڻ ايندي هئي، ته هن کي ملڪه مارگاٽ بابت ڳالهين ٻڌائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هوم. ناني ناس جي چپٽي چاڙهي، اعتماد سان چوندي هئي، ”ڏاڍو سٺو. ڏسين ٿو، چڱن ماڻهن جي ٻج جي کوٽي ڪانهي، اکيون کولي ڏس ته هر هنڌ لڀي پوندا.“ ۽ هڪڙي ڀيري چيائين، ”مان تنهنجي پاران هن جو شڪريو ادا ڪرڻ وڃان ته؟“ پر مون ائين ڪرڻ کان منع ڪئي مانس.

”چڱو، آءٌ نه وينديس. جيئن تنهنجي مرضي. او مالڪ، او مالڪ، دنيا جي هر شيءِ ڪهڙي نه سٺي آهي! دل ائين ٿي چوي ته جيڪر هميشه زنده رهجي.“

مون بابت ملڪه مارگاٽ جا تعليمي ارادا پورا ٿي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ڏينهن تي مون کي هڪڙو اهڙو حادثو پيش آيو، جو منهنجو ذري گهٽ خاتمو ٿي ويو هو. انهيءَ ڏڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجا ڇَپَر اهڙا سڄي پيا هئا، جو اکيون کولي نه ٿي سگهيس. منهنجي مالڪن کي اچي ڊپ لڳو ته مان انڌو ٿي پيو هوس ۽ مان به ڊڄي ويس. مون کي هڪڙي اکين جي ماهر رازيو وچ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ڇپرن ۾ سرائي گهمائي، ملم وجهي، پٽي ٻڌي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ ڪيترا ڏينهن مان اکين تي پٽي ٻڌيو، اوندهه ۾ پيو هوندو هوس. انهيءَ ڏڻ کان هڪ ڏينهن اول منهنجي پٽي کولي ويئي ۽ ائين محسوس ڪيم ڄڻ اونداهيءَ قبر مان نڪري آيو هوس. اکين جي ديد وڃائڻ کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪا به مصيبت ڪانهي. اُهو ايڏو هاڃو آهي، جو انسان کي دنيا جي هر ڳالهه کان محروم ڪريو ڇڏي.

انهيءَ وڏي ڏينهن مون کي ڪم کان موڪل هئي. تنهن ڪري اردلين سان يٽ شٽ هڻڻ لاءِ انهن جي بورچيخاني ۾ وڃي پهتس. ٻيا ته ڇڏيو پر سانتيڪو توبيف به نشي ۾ ٻڏل هو. شام جي وقت ارموخن سدوروف کي مٿي وارو ڏنڊو وهائي ڪڍيو. سدوروف بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو. خوف وچان ارموخن کڙين تي زور ڏيئي ڀڄي ويو.

ساري محلي ۾ هو هوا ٿي ويئي ته سدوروف جو خون ٿي ويو آهي. هن جو بت چانئٺ وٽ نستو پيو هو ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ اچي مڙيا هئا. اها صلاح ڪئي ويئي ته پوليس کي گهرائجي، پر پوليس ڏانهن ڪو به نه ويو ۽ نه وري ڪنهن وڌي بيهوش ماڻهوءَ کي هٿ لائي ڏٺو. ايتري ۾ ڌوٻڻ اچي نڪتي. هوءَ ماڻهن کي ڪلها هڻندي، پاسي ڪندي، بورچيخاني جي دروازي وٽ اچي پهتي. هيٺ جهڪي رڙ ڪيائين، ”اڙي احمقو، هي ته جيئرو آهي، ٿورو پاڻي کڻي اچو.“

تماشائي هن کي چوڻ لڳا، ”تون ڇو ٿي ٽنگ اڙائين؟ تنهنجو هتي ڪم ناهي.“

”پاڻي!“ هن اهڙي زور سان رڙ ڪئي، ڄڻ ڪنهن گهر کي باهه لڳي ويئي هئي. جهٽ پٽ ڦڙتائيءَ سان پنهنجا ڪپڙا پاسي ڪري ۽ پيٽي ڪوٽ کولي، سپاهيءَ جو رت ۾ ٻڏل مٿو کڻي پنهنجن گوڏن تي رکيائين. هوريان هوريان گهٻرايل ميڙ ڇڊو ٿيڻ لڳو. ڪمري مان نڪرندڙ جهڪيءَ روشنيءَ ۾ مون ڏٺو ته ڌوٻڻ جون ڳوڙهن سان آليون ڪاوڙيل اکيون هن جي گول پيلي منهن ۾ چمڪي رهيون هيون. مون هن کي پاڻيءَ جي باٽلي ڀري آڻي ڏني. مون کي چيائين، ”سدوروف جي منهن ۽ ڇاتيءَ جي مٿان پاڻي هار، پر جيئن مون تي ڦڻنگ نه پوي، مون کي پاڙي ۾ ساهيڙين وٽ وڃڻو آهي.“

سپاهيءَ کي هوش اچڻ لڳو، هن جون بند ٿيل اکيون ٿوريون کليون ۽ هو چنگهڻ لڳو.

”هن کي مٿي کڻ،“ نتاليا چيو، ۽ هن کي اهڙيءَ ريت پاڻ کان پري ڪري جهليائين، جيئن هن جي فراڪ کي ڪو رت جو داغ نه لڳي. اسين هن کي بورچيخاني ۾ اندر کڻي وياسين ۽ بستري تي ليٽرائي ڇڏيوسين. نتاليا ڪپڙو آلو ڪري، هن جو ٻوٿ اگهيو ۽ وڃڻ کان اول مون کي هدايت ڏنائين ته، ”ڪپڙو آلو ڪري، هن جي مٿي تي رکندو رهه. مان وڃي ٻئي احمق جي خبر وٺي ٿي اچان. هي چور نشي ۾ جيستائين ڍيري نه ٿيندا، تيستائين ڄڻ ڪجهه پيتو ئي نه اٿائون.“ پوءِ پنهنجو رت جي داغن لڳل پيٽي ڪوٽ لاهي، فرش تي ڦٽو ڪيائين ۽ لت سان هڪ ڪنڊ ڏانهن اڇلي، پنهنجي گهنجيل لباس جا چڻ ٺيڪ ڪندي، ٻاهر هلي ويئي.

سدوروف ڪر پئي موڙيا، هڏڪيون پئي کاڌائين ۽ وڏا ساه پئي کنيائين. مٿي مان گرم ۽ ڪني رت جا ڦڙا نڪري، منهنجي پيرن تي پئي پيا. جيتوڻيڪ اُٻٿو ٿي آيم، پر مان ايترو هراسجي ويو هوس، جو پير ئي نٿي چوري سگهيس. ٻاهر وڏي ڏڻ واري رنگيني هئي، ڪچين ٽارين ۽ ڇرين سان ٻاهريان در ۽ جاين جا ڏاڪا سينگاريل هئا. ورانڊن جي ٿنڀن کي سرو ۽ شمشاد جي تازن شاخن سان سنواريو ويو هو. سڄي محلي کي پنن ۽ ٽارين چهچ سائو بنائي ڇڏيو هو. انهيءَ ڏينهن صبح جو اهو سڀ ڪجهه ڏسندي، مون ائين محسوس پئي ڪيو ته ان وڏي ڏينهن سان گڏ بهار جي رت اسان وٽ رهڻ آئي آهي ۽ زندگي وڌيڪ خوشين ڀريل، صاف ۽ صحتمند ٿي ويئي آهي.

سپاهي ڪنجهيو ۽ ڪڻڪيو پئي. هن جي وات مان پاروٿي ووڊڪا ۽ ڪني بصر جهڙي قي نڪتي، جنهن ڪري بورچيخاني ۾ دم گهٽيندڙ بدبوءِ پکڙجي ويئي. درين مان منهن لڳايو ماڻهو اندر ڏسي رهيا هئا. شيشي سان لڳي بيهڻ ڪري، هنن جا منهن ۽ ڳٽن سان لڳل هٿ ڏاڍا ڀوائتا ٿي لڳا.

جڏهن سدوروف سامت ۾ آيو ته هوريان مڻڪڻ لڳو، ”مون کي ڇا ٿيو آهي؟ يار ارموخن؟ مان ڪري پيو هوس ڇا؟“ پوءِ هن کي کنگهه اچي ورتو، جنهن کانپوءِ نشئين وانگر روئڻ ۽ رڙڻ لڳو ”اڙي ڀيڻ، منهنجي معصوم، ننڍڙي ڀيڻ!“

هو لڏندو لمندو نيٺ هنڌ مان اٿيو ۽ وري هنڌ تي ڪري پيو. هن جون اکيون عجيب نموني ڦرِ ڪڻ لڳيون ۽ دانهن ڪيائين، ”مون کي ته صفا ماري ڇڏيو اٿن!“ جنهن تي مون کي اچي کل ورتو.

”اڙي تون وري ڇا تي ڏند ٿو شيڪين؟“ هن ابوجهن وانگر مون کان پڇيو. ”هتي منهنجو دم هميشه لاءِ نڪري ويو آهي ۽ هوڏانهن تون واڇون ٿو ٽيڙين!“ مون کي پنهنجي ٻنهي هٿن سان ڌڪ هڻندي، چپن ۾ چوڻ لڳو، ”پهرئين ڀيري حضرت الياس، ٻئي ڀيري گهوڙي سوار سينٽ جارج ۽ ٽين ڀيري مردود منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ!“

”بيوقوف نه ٿي!“ مون وراڻيس.

چريائپ واريءَ ڪاوڙ ۾ زمين تي لت هڻي، واڪو ڪيائين، ”مان مري رهيو آهيان ۽ تون“ ۽ پنهنجي گندي مڪ مون کي اکين واري وهائي ڪڍيائين. منهنجون اکيون انڌن وانگر ٻوٽجي ويون ۽ مان دانهون ڪندو اڱڻ ڏانهن وڌيس، جتي نتاليا سان اچي ڊهو ڊه ٿيس. نتاليا ارموخن کي ٻانهن کان گهليو ۽ رڙيون ڪندي پئي آئي. ”اڙي گڏه، هٽي پري ٿي!“ مون کي غور سان ڏسي، چيائين، ”توکي ڇا ٿيو آهي؟“

”هو هوش ۾ آيو آهي، ۽ وڙهي ٿو.“

”وڙهي ٿو؟ سچ پچ!“ هن عجب مان لفظ زوريءَ وات مان ڪڍندي چيو، ارموخن کي ٿيلهو ڏيندي چيائين، ”اڙي بگهڙ، توکي انهيءَ لاءِ ڌڻيءَ جا شڪر بجا آڻڻ گهرجن.“

مون اکين کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا ۽ پوءِ اندر نهاريم ته ٻئي مڙس کير ۽ کنڊ ٿي ويا هئا. هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ڳوڙها پئي ڳاڙيائون. ٻيئي ڄڻا پوءِ نتاليا کي ڀاڪر پائڻ لاءِ وڌيا، پر نتاليا ڇنڊ ڪڍندي چين، ”ڪتو! مون کان پنهنجا هٿ پري ڪريو. مون کي ڇا سمجهيو اَٿَوَ؟ بهتر آهي ته پنهنجن مالڪن جي واپسيءَ کان اول ئي وڃي سمهو. ائين نه ٿئي، جو ڪنهن اويءَ ۾ اچي وڃو.“

هن جي چوڻ تي ٻيئي ڄڻا ٻارن وانگر، هڪڙو پٽ تي ۽ ٻيو پلنگ تي ليٽي پيا، جڏهن ٻئي کونگهرا هڻڻ لڳا، تڏهن هوءَ ٻاهر نڪري آئي- ”ڪهڙا ته حال ٿي ويا اٿم! ۽ مان پاڙي ۾ ملڻ لاءِ وڃي رهي هيس. چئبو هن گڏهه توکي هڪ وهائي ڪڍي! اهو آهي نشي جو نتيجو! ڇوڪرا، تون ڪڏهن به شراب نه پيئجانءِ.“

اسان ٻيئي ڄڻا ٻاهرئين در ڀرسان پيل بينچ تي ويهي رهياسين ۽ مون پڇيومانس ته هوءَ اهڙي بي خوف، نشئي ماڻهن جي ويجهو ڪيئن ٿي وڃي سگهي.

”رڳو نشئي ماڻهن کان ڇا؟ اهي هوش ۾ هجن تڏهن به. جيڪڏهن ڪا چون چرا ڪيائون ته اجهو هي اٿن!“ ۽ پنهنجي کهري ۽ ڳاڙهي مڪ مٿي ڪيائين. ”منهنجو مرحوم خاوند به شراب جو شوقين هوندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن نشي ۾ چور هو، تڏهن هٿ پير سوگها ٻڌي ڇڏيامانس، ۽ جڏهن نشو لٿس، تڏهن خوب کنج ڪڍي مانس- صرف هن جي فائدي خاطر ۽ چيومانس، تنهنجي وندر لاءِ تنهنجي زال آهي، نه ووڊڪا! ايترو ته ڳالهايومانس، جو ٿڪجي پيس ۽ انهيءَ کان پوءِ هو منهنجي اڳيان ميڻ بڻجي ويو.

”تون بيشڪ زور آهين.“ بيبي حوا جي خيال ڪندي، جنهن خدا کي به دلبو ڏيئي ڇڏيو هو. مون چيس.

نتاليا ٿڌو ساه کڻي چيو، ”عورت کي مرد کان زور هئڻ ئي گهرجي. خدا هن کي ائين بڻايو آهي، جو هن کي ٻن ماڻهن جو زور هئڻ ئي گهرجي.“

هوءَ نرمائيءَ سان ۽ سواءِ ڪنهن رنجش جي ڳالهائي رهي هئي. هوءَ بينچ کي ٽيڪ ڏيئي، ڇاتيءَ تي هٿ رکي ويٺي هئي. هن جون اداس اکيون سامهون گٽر ۾ کتل هيون، جنهن جي مٿان مٽيءَ جو تهه چڙهي ۽ گند ڪٺو ٿي ويو هو. ڳالهين ۾ اسان کي وقت جو پتو ئي نه پيو. اوچتو ڏٺم ته مالڪ ۽ مالڪياڻي ٻانهن ٻانهن ۾ ملايو، اچي رهيا آهن. هو هوريان نمائشي ڍنگ سان پئي هليا، ڄڻ ته ترڪي ڪڪڙ ۽ ڪُڪڙ هئا، جي گڏيا پئي آيا. هنن اسان کي ويجهو ٿي نهاريو ۽ پاڻ ۾ ڪجهه چوندا هليا ويا.

مون اٿي هنن لاءِ در کوليو. مالڪياڻي جڏهن ڏاڪڻ تي پهتي، ته غليظ نموني چوڻ لڳي، ”چئبو ڌوٻڻ تي تنهنجي دل ريجهي ويئي آهي؟ اهڙن ڪريل ماڻهن سان عشق ڪندو آهين نه؟“

مون کي هن جي چريائپ جهڙن لفظن جو ڪجهه به رنج نه ٿيو پر جڏهن مالڪ ٽهڪ ڏيئي، چيو، ”وهي اٿس، انهيءَ وقت ائين ئي ٿيندو آهي.“ ته دل سڙي ويئي.

ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاٺين واري ڇاپري وٽ هڪڙي سوراخ ۾ خالي ٻٽون پيل ڏٺم. سڃاتم ته اهو سدوروف جو آهي. تنهن ڪري جهٽ پٽ هن وٽ کڻي ويس. هن ان ۾ هٿ وجهي ڏٺو ته خالي هو. ”هن ۾ هڪ روبل ۽ ٽيهه ڪوپيڪ پيل هئا، اهي ڪٿي آهن؟ جلدي واپس ڏي!“

هن جي مٿي تي ٽوال ٻڌل هو. هن جو منهن لٿل ۽ بيمارن جهيڙو ٿي لڳو، ۽ هن جون سڄيل اکيون ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري آيون هيون. هن کي منهنجي ڳالهه تي پت ئي نه پئي آئي ته جنهن وقت مون ٻٽون لڌو هو، ان وقت اهو خالي هو.

ارموخن اچڻ سان ئي سدوروف سان سر ۾ ملائي بيٺو ۽ مون تي تهمت مڙهڻ لڳو، ”پڪ ئي پڪ هن چوري ڪئي آهي. مالڪ وٽ وٺي وڃيس. سپاهي سپاهين جي چوري ڪين ڪندا آهن!“

انهيءَ تي مون کي پڪ ٿي ته چور اهو آهي ۽ هن ئي ٻٽون خالي ڪري، منهنجي ڪاٺين ڏانهن اڇليو آهي. مون به سواءِ هٻڪ جي منهن سامهون چئي ڏنومانس، ”ڪوڙا! تو ئي پئسا چورايا آهن!“

مون محسوس ڪيو ته منهنجي ڳالهه برابر هئي. هن جي منهن جو پنو خوف کان لهي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ وٽ وڪڙ کائي، وڦلڻ لڳو، ”ثابت ڪر، ثابت ڪر!“

مون وٽ ڪهڙو ثبوت هو. ارموخن وات هڻندو، مون کي ميدان ۾ ڦيرائيندو رهيو ۽ سدوروف اسان ٻنهي جي پٺيان پنهنجي بڪ بڪ ڪندو رهيو. درين مان ماڻهو منڍيون ڪڍي بيهي رهيا. ملڪه مارگاٽ جي ماءُ پنهنجي سگريٽ سان انهن مان هڪ هئي. جڏهن اهو خيال آيم ته منهنجي عزت منهنجي ملڪه وٽ ٽڪي جي ٿي ويندي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويس.

مون کي ياد آهي ته ٻيئي سپاهي منهنجي مالڪن جي اڳيان مون کي سوگهو جهليو بيٺا هئا ۽ منهنجا مالڪ هنن جي الزامن سان ها ۾ ها ملائي، ڪنڌ ڌوڻي رهيا هئا. ننڍيءَ مالڪياڻيءَ ته ائين چئي به ڏنو، ”هن ضرور پئسا چورايا هوندا! ڪالهه رات ڌوٻڻ سان بئنچ تي ويٺي من مستيون ڪيائين. ضرور انهيءَ کي ڏنا هوندائين. اهڙن ڪمن لاءِ ته پئسا گهرجن.“

”توهين بلڪل سچ ٿا چئو.“ ارموخن چيو.

انهيءَ تي مان ڪپڙن مان ٻاهر نڪري ويس ۽ مالڪياڻيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳس، جنهن ڪري خوب موچڙا مليم. مون کي موچڙن جي سور کان وڌيڪ اهو خيال ستائي رهيو هو ته هن ڳالهه جو ملڪه مارگاٽ تي ڪهڙو اثر پوندو. هن جي نظرن ۾ ساڳي عزت ڪيئن ماڻي سگهندس؟ ان وقت جيڪا منهنجي دل جي حالت هئي اها مان ڄاڻان ٿو. مان شايد پاڻ کي گهوگهو ڏيئي اتي جو اتي پورو ڪري ڇڏيان ها.

اها منهنجي خوش قسمتي هئي، جو سپاهين جي بڪ بڪ انهيءَ ڳالهه کي سڄي محلي جي هر گهٽيءَ ۽ هر گهر تائين پهچائي ڇڏيو هو. اڃا ڏينهن پورو ئي نه ٿيو هو، ته مون پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ جتي ليٽيو پيو هوس، نتاليا جو گجندڙ آواز ٻڌو.

”نه نه! مان ڇو ماٺ ڪيان؟ تون مون کي ڇڏي ڏي! نه ته تنهنجي آفيسر کي اهو ڪجهه ٻڌائينديس، جو توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو.“

مان سمجهي ويس ته انهيءَ هل هنگامي جو لاڳاپو مون سان آهي. اها سموري جهڳ جهڳ اسان جي در وٽ ٿي رهي هئي.

”تو ڪالهه مون کي ناڻي جو ٻڪ ڏيکاريو پئي، گهڻا پئسا هئا؟ اهي ڪٿان آيا؟ جلد ڪر، ٻڌاءِ!“

مان خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيس، اوچتو سدوروف جو ڪاوڙ ڀريل آواز ٻڌم، ”چئبو، ارموخن...!“

”ڇوڪري کي انهيءَ ڪري سيکت ملي، تو هن کي موچڙا هڻايا!“

مون چاهيو پئي ته تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو، اڱڻ ۾ وڃي، خوشيءَ ۾ جهمر هڻان ۽ ڌوٻڻ جا هٿ پير چمان. پر انهيءَ ويل مالڪياڻيءَ دريءَ مان منهن ڪڍي، هن کي ٻوڪ ڪري چيو، ”ڇوڪري کي انهيءَ ڪري سيکت ملي، جو هو بي ادب بڻيو. باقي توهان جهڙن واهيات ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هن کي چور ڪو نه پئي سمجهيو!“

”واهيات تون آهين! ۽ آءٌ توکي چوان ٿي ته تون وهڙي آهين.“

هن جي اهڙي وات مان مون کي موسيقيءَ جهڙو مزو پئي آيو. پنهنجي رحم جوڳيءَ حالت ۽ نتاليا جي هن احسان تي ويچاريندي، منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ وڏي مشڪل سان ڳوڙها جهلي سگهيس.

منهنجو مالڪ هوريان هوريان مون وٽ ڪوٺڙي ۾ داخل ٿيو ۽ هڪڙي تختي تي ويهي رهيو. پنهنجن وارن کي پٺتي ڪندي، چوڻ لڳو ”ادا پيشڪوف، چئبو تنهنجو انهيءَ ڪم ۾ هٿ نه هو.“

مون ڪنهن به جواب ڏيڻ کانسواءِ منهن ڦيري ڇڏيو.

”پر اِها ڳالهه مڃڻي ئي پوندي ته تو جيڪي لفظ چيا، اهي معاف ڪرڻ جهڙا نه هئا.“

مون زهر جو ڍڪ ڀري چيس، ”طبيعت ٺيڪ ٿيندي ئي توهان جو گهر ڇڏي هليو ويندس.“

هن ماٺ ڪري سگريٽ جو سوٽو هنيو ۽ هن جون اکيون مٿي کڄي ويون، پوءِ هوريان چيائين، ”اهو توتي ڇڏيل آهي. هاڻي تون ننڍو ٻار نه آهين. پنهنجي سڀني حالتن تي ويچاري، پنهنجي ڀلي جو فيصلو ڪري سگهين ٿو.“

هو مون وٽان هليو ويو ۽ هميشه وانگر مون کي هن تي رحم اچڻ لڳو.

چئن ڏينهن کانپوءِ مان اتان هليو ويس. منهنجي دل ڏاڍي پئي ٿي ته ملڪه مارگاٽ سان الوداع ڪري اچان، پر همٿ نه پئي ٿيم ۽ مون کي قبول ڪرڻو پوندو ته حقيقت ۾ مان انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ هوس ته هوءَ پاڻ مون ڏانهن ماڻهو موڪليندي. جڏهن هن جي ڌيءُ کان موڪلائڻ لڳس ته کيس چيم، ”پنهنجي ماءُ کي چئجانءِ ته مان سندس تمام گهڻو شڪر گذار آهيان.“

”هائو“، هن وعدو ڪيو، ۽ چاه ڀريءَ مٺڙيءَ مرڪ سان چيائين، ”چڱو، سڀاڻي تائين الوداع.“

اسان جي ٻي ملاقات ويهن سالن کانپوءِ ٿي، ان وقت هوءَ هڪڙي ملٽري آفيسر جي زال هئي.

__________
[*] پشڪن پنهنجيءَ زال جي هڪڙي چاهيندڙ سان دوبدو مقابلي ۾ قتل ٿي ويو هو.

باب يارهون

وري آءٌ هڪڙي آگبوٽ جي پورچيخاني ۾ ٿانون ڌوئڻ جي ڪم تي لڳي ويس، جهاز جو نالو ”پرم“ هو ان جي رفتار تيز، ڪمرا ڪشادا ۽ رنگ بدڪ جهڙو سفيد هو، منهنجو پگهار ماهوار ست روبل مقرر ٿيو، ۽ وري به هيڊ بورچيءَ جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ لڳس،

جهاز جو نائب ڪپتان ڏاڍو ٿلهو هو. هن جو پيٽ ٻاهر نڪتل ۽ ٽڪڻ بليئرڊ جي بال وانگر لسي هئي، پٺيءَ پٺيان هٿ ٻڌيو سڄو ڏينهن ڇـُڙيل رڇ وانگر ڊيڪ کي ڪڇيندو وتندو هو ۽ جڏهن گرمي گهٽيندي هيس ته پاڇي ڏانهن ڀڄندو هو، هن جي زال ڀنڀوريءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي وتندي هئي، گرچ چاليهن جي لڳ ڀڳ هئي اڃا ٺاهوڪي لڳندي هئي پر هو مرجهايل گل وانگر پائوڊر سان منهن کي اهڙو ٿـڦيندي هئي جو پائوڊر هن جي ڳلن تان لهي هن جي رنگين لباس کي ليپو ڏيئي ڇڏيندو هو.

بورچيخاني تي جنهن جي حڪم جو سڪو هلندو هو، اهو ”اوان او انووچ“ نالي هيڊ بورچي هو، هو قد جو ڍينڊو ۽ بت جو سگهارو هو، هن کي ٽيڊي رڇ ڪري چيڙائيندا هئا، هن جو نڪ ڪنڍو ۽ اکيون حرفتي هيون رنگين مزاج هئڻ ڪري هر روز ڏاڙهي ڪوڙيندو هو ۽ ڪلف لڳل ڪالر پائيندو هو، هن جي ڳلن جو رنگ نيلاڻ مائل هو ۽ هن جون ڪاريون مڇون مٿي اڀيون بيٺيون هونديون هيون جيڪا به گهڙي ملندي هيس ته کيسي مان آئينو ڪڍي پنهنجن دونهاٽيل آڱرين سان پيو انهن کي مروٽيندو هو.

جهاز ۾سڀني کان نمايان شخصيت جو مالڪ کوري جو آگ مئن جئڪ شوموف هو هن جو جسم راٺوڙ ۽ ڇاتي موڪري هئي هن جو نڪ چپترو ۽ رنبي جهڙو سڌو هو هن جي گهاٽن ڀرن ۾ڪافيءَ جي رنگ جهڙيون اکيون لڪيون پيون هونديون هيون، هن جا سخت ۽ گهنڊيدار وار ڌرتي جي ڇٻر وانگر هن جي ڳلن کي ڍڪيو بيٺا هوندا هئا، ۽ ساڳئي ڍنگ جا وار هن جي مٿي تي ٽوپ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، ۽ وڏي مشڪل سان انهن وارن مان هن جون ڏنگيون ڦڏيون آڱريون کوپريءَ تائين پهچي سگهنديون هيون.

هو رميءَ جو اٽڪلي کيڏاري هو ۽ حد کان زياده لوڀي هو، ڏڪاريل ڪتي وانگر بورچيخاني ۾ گوشت ۽ ماني ڳوليندو وتندو هو، هو چانهه اوانووچ سان گڏجي پيئندو ۽ ان کي پنهنجا گذريل وقتن جا عجيب ۽ غريب قصا ٻڌائيندو هو، هو ننڍ پڻ ۾ ريازان جي هڪڙي ريڊار وٽ ڪم ڪندو هو، هڪڙي ڏينهن هڪڙو راهب هن کي ريبي پاڻ سان وٺي ويو ۽ چار سال هڪڙي خانقاهه ۾ راهب ٿي گذاريائين.

”مان جيڪر اڄ به راهب هجان ها،“ هو مزاحيه انداز ۾چوندو هو ”پر اسان جي خانقاهه ۾ پينزا کان زيارت واسطي هڪڙي عقيدتمند عورت اچي نڪتي انهيءَ عورت منهنجا ماشا ئي ڦيرائي ڇڏيا، ”تون ملڪ جو جانٺو جوان ۽ مان آبروءَ واري رن زال مونسان گڏ گهارڻ لاءِ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟، اها ڳالهه منهنجي دل سان ٺهڪي آئي، ۽ مان هن سان هليو ويس، مان هن جو يار هوس ۽ اسان هڪ ٻئي سان ٽي سال اهڙي گرم جوشي سان گذاريا جيئن تنور ۾روٽي. “

ٽيڊي رڇ، ڳالهه جي وچ ۾پنهنجي نڪ تي نڪتل ڦرڙي کي هٿ لاهيندي چيس، ”هڻ ڪوڙ جيڪڏهن ڪوڙ هڻڻ ۾ڪمائي ٿئي ها ته تنهنجا لک جمع هجن ها. “

جئڪ ان جي جواب ۾ٿورو ڀڻڪيو ۽ هن جي سخت وارن ۾ جيڪي هن جي مڇن ۽ چوٽين ۽ لسي منهن کي ڍڪيو بيٺا هئا ٿوري چرپر ٿي تنهن کانپوءِ هن هيڊ بورچي جو ڍيڪ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ساڳيءَ تيزي سان قصو شروع ڪيو، مون کان هوءَ ٿوري عمر ۾پڪي هئي تنهن ڪري هن مان جلدي منهنجي دل ڀرجي ويئي، ۽ مان هن جي ڀائيٽي سان دل وندرائڻ لڳس، جڏهن هن کي ان جو پتو پيو تڏهن ڳٿڙ کان جهلي در جو منهن ڏيکاري ڇڏيائين.“

”تنهنجو اهو مرڪ به هو ”هيڊ بورچي اهڙي خوشي ڀرئي لهجي ۾چيس، جهڙي لهجي سان جئڪ ڳالهه ٻڌائي رهيو هو.

جئڪ جي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ کانسواءِ مٽ ۾کنڊ جي لپ هڻندي چيو ”مون کي ڍڪر اچي ويا پر هڪڙي پوڙهي واپاريءَ جو ساٿ ملي ويو، هن سان گڏ مون ساريءَ اڌ دنيا جي راهن کي جهاڳيو، اسان بلقان جا جبل لتاڙي ترڪي، رومانيا، گريس، سڄي آسٽريليا ۽ ٻيا ملڪن جا ملڪ گهميا جتي گراهڪ جو ڏس پئي مليو، اسان ٽپڙ کڻي اتي پئي پهتاسين. “

”چوري به ڪندو هئين ؟“

هيڊ بورچي ءَ ساڀيان ۾پڇيس.

”بلڪل نه“ پوڙهي اڳي ئي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو –’ ٻاهر توکي ايماندار ٿي رهڻو پوندو، اتي ڏاڍي سختي آهي، ڪنهن خسيس شيءَ کي به هٿ لڳايو نه ٿئي، تنهنجو سر وڍيو ناهي!‘ مان اها ڳالهه مڃان ٿو ته هڪڙي ڀيري ڪنهن شيءَ جي تڳائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. هڪڙي سوداگر جي اڱڻ ما گهوڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، پر اڃا ٿورو اڳتي نه وڌيس ته پڪڙجي پيس، خوب موچڙا هڻي پوليس لاڪپ ۾ڏيئي ڇڏيائون، منهنجو هڪڙو ٻيو ساٿي هو اهو سچ پچ گهوڙن جو چور هو پر مون جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو مزي خاطر.

”پوءِ سوداگر اوچتو بيمار ٿي پيو.۽ رات جو خراب خواب لهڻ لڳو، جنهن ۾ هن کي رڳو منهجي صورت ڏسڻ ۾پئي آئي، تنهن ڪر ي هو اچي ڊنو. ڪورٽ ۾وڃي، جج کي ليلائي چيائين. الله لڳ هن جي ڀائيواريءَ مان مون کي ڇڏايو!‘ ’هن جي معنيٰ ته منهنجي‘-، ڌڻي واسطي هن کان منهنجي جان ڇڏايو، هيءُ ڪو ڀوپو آهي.‘ ٿورو خيال ڪيو، انهيءَ جي معنيٰ ته مان –ڀوپو! ’هن منهنجي ننڊ وه ڪري ڇڏي آهي‘ مون کي خراب خواب ٿا اچن، جيڪڏهن توهين هن کي نه ڇڏيندا ته توهان به بيمار ٿي پوندا.‘ وغيره. سوداگر اثر وارو هو، تنهن ڪري هن جي جند مون مان آزاد ٿي. “

”مان هجان ها ته توکي ڪڏهن به نه ڇڏيان ها، ٽيڊي رڇ چيو. ”مان ته توکي پاڻيءَ ۾ ابتو ٽنگي ڇڏيان ها، جيئن تنهنجي مستي ڌوپي وڃي ها.“

انهيءَ تي جئڪ فرمايو ”مون کي خبر آهي ته مون ۾ ڪافي مستي آهي. بلڪل هڪ سڄي ڳوٺ جي برابر.“

پنهنجي ڪالر کي آڱرين سان ڪاوڙ ۾ سٽ ڏيندي، هيڊ بورچيءَ چڙ مان چيو، ”واهيات! مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته تو جهڙو بيڪار ماڻهو ڪيئن پنهنجو وقت گذاري سگهيو هوندو– خوب پيٽ ڀري کاڌو هوندائين ۽سڄِي دنيا جو سير به ڪيو هوندائين! آخر مون کي به ته پتو پوي ته تو ۾ اها ڪهڙي مڻيا آهي؟“

آگ مئن مزي سان گره چٻاڙيندي جواب ڏنس ”مان پاڻ اها ڳالهه ڄاڻڻ ٿو گهران. مان توکي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته منهنجو وقت سٺو پيو گذري. دنيا ۾هڪڙا ماڻهو ستا پيا آهن، ٻيا گهمن پيا، ۽ ٽيان ويٺا آهن پر کائڻ لاءِ هرڪو وات ڦاڙيو پيو اچي.“

انهيءَ تي پاڻ هيڊ بورچي کي وڌيڪ چڻنگ لڳي ويئي، ”تون سچ پچ ته بڇڙي سوئرکان به بڇڙو سوئر آهين – اصل پليت سوئر - “

جئڪ وائڙو ٿي پچيس ”تون ڇا تي ڪپڙن کان ٻاهر نڪتو ٿو وڃين ؟ سڀئي ماڻهو هڪڙي وڻ جو ٻج آهن، مون کي گاڙين ڏيڻ مان ڇا هڙ حاصل، توکي پتوآهي ته گارين جي ڪري مون ۾ ڪو سڌار ڪين ايندو. “

مون کي جلدي ان ماڻهو لاءِ چاهه پيدا ٿي ويو، جنهن جون ڳالهيون ڪن ڇٻا ڪيو ۽ وات پٽيو ويٺو ٻڌندو هوس. مان محسوس ڪندو هوس ته هن کي زندگي جو اونهو تجربو آهي. هو ڪپتان، داروغي، فرسٽ ڪلاس جي مغرور مسافرن ’خلاصين، اردلين‘ ڊيڪ جي مسافرن سڀني سان تمام گهري نموني ڳالهائيندو هو – ڄڻ ته هو پاڻ انهن جي درجي وارو ماڻهو هو.

جڏهن به ڪپتان يا انجنير ڪنهن ڪم کان غفلت يا پتن ۾ ٺڳي ڪرڻ جي خلاف ڇنڊ ڪڍڻ لاءِ هن کي گهرائيندا هئا، ته هو انهن جي اڳيان پنهنجا رڇ جهڙا هٿ پٺيءَ پويان ٻڌيو، بيٺو هوندو هو ۽ هنن جون ڳالهيون ٻڌندو هو، ۽ ائين بيٺو هوندو هو ڄڻ انهن ڳالهين سان هن جو ڪو واسطو ئي ڪونه هو. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي دڙڪن جي به هن کي پرواهه ڪانه ٿيندي هئي، هن کي ڏسي، مون کي اهو احساس ٿيندو هو ته هو به ’نيڪ خيال‘ وانگر ٻين کان مختلف انسان هو. هن کي به انهيءَ ڳالهه جي پروڙ هئي ته هو ٻين کان مختلف هو ۽ ماڻهو هن کي سمجهي نٿي سگهيا.

مون کي اها ڳالهه ياد نه ٿي اچي ته هن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه جو ڪڏهن ڪو رنج ٿيو هجي، يا هن جي زبان کي ڪا گهڙي بس آئي هجي، پاڻمرادو هنجي ٿلهن چپن مان لفظ درياه جي اٿل وانگر پيا نڪرندا هئا، جنهن وقت هن کي ڪو ڇينڀيندو هو يا هن کي ڪو قصو ڪا ڳالهه ٻڌائيبي هئي تڏهن به هن جا چپ پيا چرندا هئا- يا ته هي انهن لفظن کي دهرائيندو هو جيڪي هن کي چيا ويندا هئا، يا ته پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهيون ڪندو هو، هميشه جڏهن هنجو ڪم پورو ٿيندو هو ته هو پنهنجي کوري مان پيرين اگهاڙو، تيل ۾ ٻڏل، پگهر ڳاڙيندو، ٻاهر نڪرندو هو. هن جي قميص جا بٽڻ کليا پيا هوندا هئا، جنهن ڪري هن جي وارن واري ڇاتي ڏسبي رهبي هئي، انهيءَ وقت هن جو هڪ ڪـَرو گجندڙ آواز ڊيڪ تي گونجڻ لڳندو هو ۽ لفظ هن جي وات مان وڏ ڦڙي برسات وانگر وسڪارو لائي ڏيندا هئا.

”امڙ، سلام هجي ! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڪرسٽوپول؟ مون اهو شهر ڏٺو آهي. اتي رهيو به آهيان، اتي هڪڙي تاتار سان گڏ رهندو هوس، جنهن جو نالو اومان گيڊولين هو. هو پوڙهو مڙس هو ۽ ٽي زالون هونديون هيس، مڙس زبان جو کهرو ۽ رنگ جو ڳاڙهو، هن جي هڪڙي زال بلڪل جوان هئي، ۽ اها ڏاڍي وڻندڙ ۽ ٺاهو ڪي هوندي هئي...“

هي جوان دنيا جون سڀ ڪنڊون ڏسي چڪو هو ۽ عورت به جيڪا ملي هيس انهيءَ سان عشق ضرور ڪيو هئائين، سڀني ماڻهن جو ذڪر، هو سواءِ ڪنهن بغض ۽ ڪيني جي ڪندو هو، ڄڻ ته زندگيءَ ۾ڪنهن به هن کي ڏکويو نه هو، نه ئي ڪنهن هن کي ڪڏهن بي آبرو ئي ڪيو هو.

گهڙي کن کان پوءِ هن جو آواز جهاز جي پاڇيل تان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو هو، ”دوستو، ڇا ٿا چئو؟ ٿي وڃن تاس جا هڪ ٻه هٿ؟ اچي پاڻ وندرايو، ويٺي ويٺي ڏوڪڙ ڪمايو، اڙي هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نفعي وارو ڌنڌو
آهي؟“

مون اها ڳالهه چڱي طرح جاچي ڏٺي هئي ته هو ڪنهن به شيءَ کي چڱو يا بڇڙو نه چوندو هو، بلڪ انهن سان ”مزيدار“ ۽ ”بي مزي“ جون صفتون لڳائي ڇڏيندو هو جيڪڏهن ڪنهن به سهڻي عورت تي اک پيس ته چوندو هو، ”مزيدار جوانڙي آهي.“ ۽ جيڪڏهن هوا چڱي لڳندي هئي ته چوندو، ”مزيدار ڏينهن آهي.“ هن جو هڪڙو خاص تڪيو ڪلام هو ”هڻينس کڏ ۾ !“

هن کي سڀ ٽوٽي ۽ ڪاهل سمجهندا هئا، پر جيتري قدر مون ڏٺو هو ٻين وانگر پوريءَ جوابداريءَ سان کوري جي دوزخ جي دم گهٽندڙ دونهين ۾ ڪم ڪندو رهندو هو ۽ مون ڪڏهن به هن جي واتان ٻين وانگر ٿڪ ۽گرميءَ جي شڪايت نه ٻڌي.

هڪڙي ڏينهن هڪڙيءَ پوڙهي عورت جو ٻٽون ڪو چورائي کڻي ويو، رات جو وقت هو آسمان صاف ۽ هوا ٺيڪ هئي، ماڻهن جون طبيعتون البت نرم هيون. مائيءَ لاءِ مسافرن چندو ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو، ڪپتان مائيءَ جي رقم جي پورائي لاءَ پنج روبل ڏنا. جڏهن ڏوڪڙ مائيءَ جي حوالي ڪيا ويا، ته مائيءَ جهڪي پاڻ تي صليب جو نشان بنائي چوڻ لڳي ”عزيزو. هن ۾ته ٽيهه ڪوپيڪ زياده آهن. “

”رکي ڇڏ مائي رکي ڇڏ !“ ڪنهن کلندي چيو، اهي سڀ تنهنجا آهن.“

جئڪ هن جي ڀرسان وڃي ڳنڀير ٿي چيس،”اهي مٿيان پيسا مون کي ڏي ته پتن جي داءُ تي لڳايان!“ سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو، پر هو پڪو منهن ڪندي مائي کي چوندو رهيو ”ڇڏاءِ مائي، توکي انهن پئسن مان ڪهڙو فائدو ٿيندو ؟ اڄ سڀاڻي تون هوئين ئي قبرستان ۾هوندينءَ. “

آخر جٺ ڦٺ ڪري ڀڄائي ڪڍيائونس جنهن تي مونکي عجب کائي، چيائين”ماڻهو ڪيترا نه ڇسا آهن! انهيءَ ۾ماڻهن جو ڪهڙو ڪم هو، جو وچ ۾ اچي پنهنجي ٽنگ اڙايائون؟ هن پاڻ پئي چيو ته اهي مٿيان پئسا مون کي نه کپن، اهي ويهه ڪوپيڪ، جي مون کي ملن ها، ته منهنجي لاءِ مزو ٿي پوي ها.“

پئسن جي ديدار مان هن کي فرحت حاصل ٿيندي هئي. ۽ خوشيءَ مان هن جون واڇون ٽڙي پونديون هيون. ڳالهين ڪرڻ ويل به هو ڪنهن نه ڪنهن سڪي کي پنهنجي پتلون سان مهٽيندو رهندو هو، تان جو اهو چمڪڻ لڳندو هو، ۽ پوءِ ان کي پنهنجي کهرين آڱرين ۾ نڪ سامهون جهلي، ان ڏانهن نهاريندو هو، ته هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي. انهن ڳالهين هوندي به هو لالچي ۽ پيسي جو بکيو ڪونه هوندو هو.

هڪڙي ڏينهن مون کي تاس جي اهڙي راند کيڏڻ لاءِ چيائين، جيڪا مون کي نه ايندي هئي. عجب مان وات ڦاڙي چوڻ لڳو، ”توکي نه ايندي آهي؟ ۽ تون پاڻ کي پڙهيل ٿو سمجهين ! توکي سکڻي پوندي. رڳو کنڊ لپ جو داءَ لڳائينداسين. “

مون کنڊ جو اڌ پائونڊ کن هارايو. کنڊ جي لپ مٿان لپ هن جي مٽن جي حوالي ٿيندي ويئي. جڏهن مان راند کي ڪجهه سمجهڻ لڳس ته، چوڻ لڳو ” اچ ته هاڻي پئسن سان کيڏون ؟ کيسي ۾ ڏوڪڙ اٿئي؟“

”پنج روبڪ.“

ظاهر آهي ته هن جلد ئي منهنجي هڙ ڦري ورتي. مونکي خار اچي ورتو ته هار پوري ڪيان. تنهن ڪري پنهنجو جئڪيٽ لاهي پنجن روبلن ۾ داءُ تي لڳايم. اهو به هارائي ويٺس. پوءِ وري پنهنجا نوان جوتا داءُ تي لڳايم، ۽ اهي به هارائي ڇڏيم. انهيءَ تي جئڪ ناراضپي ۽ ڪاوڙ مان چيو، ”هڻيس کڏ ۾، توکي ته اڃا راند اچي ئي نه ٿي، تون جهٽ پٽ جوش ۾ اچي ٿو وڃين! اڙي تو ته جوتا به داءَ ۾لڳائي ڇڏيا، اچي وٺ پنهنجا پئسا ۽ٽپڙ – پر مان هڪ روبل استاديءَ طور کڻندس، ڪيئن ٺيڪ آهي نه ؟“

مون هن جا ٿورا مڃيا.”هڻين کڏ ۾!“ هن جواب ڏنو. ”راند وندر لاءِ آهي ۽ تون انهيءَ کي مقابلو بنائي ٿو ڇڏين. پر مقابلي ۾به جوش ۾ اچڻ مان ڪهڙو فائدو ! وڙهڻ کان اول ماڻهوءَ کي پنهنجو ست سارڻ کپي. اجائي وڦلڻ مان ڇا حاصل ؟ تون اڃا ٻار آهين. توکي اهو سکڻ گهرجي ته پاڻ تي ڪيئن قبضو رکجي، جيڪڏهن تون ڏسين ٿو ته تو هڪ ڀيرو نه پر ڏهه ڀيرا هارايو آهي، ته هڻيس کڏ ۾. اٿي، ٿوري جهٽ ساهي پٽي، وري اچي قسمت آزماءِ. پتن راند ائين ٿيندي آهي. “

مون کي هن جي صحبت مان جيئن پوءِ تيئن مزو اچڻ لڳو، ۽ هو به مون سان چڱي ريت پيش ايندو هو، هن جي ڪن ڳالهين ٻڌڻ سان مون کي ناني ياد اچي ويندي هئي، انهيءَ کانسواءِ هن ۾ ٻيون به ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون هيون، جي منهنجي دل کي ڇڪي وٺنديون هيون، پر هن جي طبيعت جي لاپرواهيءَ کي ڏسي مون کي ڪوفت به ٿيندي هئي.

هڪڙي ڀيري سج لهڻ مهل هڪڙو سيڪنڊ ڪلاس جو ٿلهو متارو نشي ۾ چور مسافر جهاز تان هيٺ ڪري پيو ۽ پاڻي ءَ جو تيز وهڪرو هن کي پاڻ سان کڻي ويو، يڪدم جهاز بيهاريو ويو، سج جي ڳاڙهي روشني ءَ ۾ ڦيٿن مان نڪرندڙ تيل رت وانگر ٿي ڏسڻ ۾آيو. جهاز کان ڪافي پنڌ پري رت جهڙي ڳاڙهي ڪن ۾ڪاري پاڇي وانگر ڪو جسم پنهنجي زندگي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، ان جون رڙيون اسان تائين پهچي رهيون هيون جن دل کي ڏڪائي پئي ڇڏيو، مسافر پاڇيل وٽ هڪ ٻئي جي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا، هڪ ٻئي کي ڌڪا ڌرما پئي ڏنائون ۽ رڙين جي جواب ۾ واڪا پئي ڪيائون. انهيءَ ماڻهو جو هڪڙو اڪيلو ۽ متارو ساٿي به نشي ۾ٻڏل هو جيڪو به ماڻهو هن جي سامهون پئي آيو، ان سان ڳنڍجي پئي ويو، ۽ رنڀ ڪري پئي چيائينس ”منهنجي رستي مان هٽي وڃو ! ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ايندس !“

ٻه خلاصي اول ئي گُهٽ هڻي ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي بچائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، ۽ ٻيڙين کي به پاڻيءَ ۾لاٿو ويو هو، ڪپتان جي زوردار حڪمن ۽ عورتن جي چيخن ۾جئڪ جو کڙڪيدار ۽ گجندڙ آواز صاف ٻڌڻ ۾پئي آيو، - ”اڙي هي ٻڏي ويندو، ڏسو نٿا ته ڪپڙا پيل اٿس، اهي ڪپڙا هن کي هيٺ گهلي ويندا، عورتن جو ئي مثال وٺو اهي مردن کان جهٽ ڇو ٻڏي وينديو ن آهن؟ عورتون جڏهن پاڻيءَ ۾ڪرنديون آهن ته اهي وڏن گهيري دار فراڪن وغيره جي ڪري ڪنهن ڳوري پٿر وانگر سڌو ترو وڃي وٺنديون آهن، توهين ڏسجو هي ضرور ٻڏي ويندو !“

سچ پچ اهو واپاري ٻڏي ويو، ٻن ڪلاڪن تائين ان جي تلاش ڪندا رهيا، پر هو گم ٿي ويو، هاڻي هن جو ساٿي بس ڪري ڊيڪ تي ويهي رهيو، ۽ روئڻهارڪي نموني پار ڪڍي پئي چيائين،”اسين ذري گهٽ اچي پهتا هئاسين، جڏهن اتي پهچنداسين تڏهن ڇا ٿيندو؟ هن کي ٻار ٻچا آهن اهي ڇا چوندا ؟“

پنهنجون ٻانهون هن جي پٺن کان ورائي، جئڪ هن کي آٿت ڏيڻ لڳو، ”اجايو پاڻ کي ڳڻتيءَ ۾ڇو ٿو وجهين؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هن جا ڏينهن ڪڏهن پورا ٿيندا! ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن کي کنڀيون زهر ٿي لڳنديون آهن ۽ اهي کائيندي هو مري ويندا آهن،۽ ڪي ماڻهو وري انهن کي کائي مچي مهوڙ ٿي ويندا آهن. هاڻي ڪهڙو سبب آهي جو انهن کنڀين جي کائڻ سان ڪي مرن ٿا ۽ ڪي مچن ٿا !“

هيءُ سگهارو ۽ طاقتور مڙس انهيءَ واپاريءَ جي اڳيان جبل جيان بيٺو هو ۽ هن سان همدردي جا لفظ پئي چيائين ٿوري وقت تائين ته واپاري ماٺ ڪيو پئي رنو ۽ پنهنجن هٿن سان ڏاڙهي تان ڳوڙها پئي اگهيائين، پر ٿوريءَ ويل کان پوءِ دانهن ڪري چيائين ”اڙي تون منهنجي زخمن تي لوڻ ڇو ٿو ٻرڪين! منهنجا عيسائي ڀائرو، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ کي هتان دفعي نه ڪيوَ ته هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ جي خون جو بار به اوهان جي ڪلهن تي هوندو.“

جئڪ پاڻمرادو اتان رڙهي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ماڻهو به عجيب آهن، هنن سان همدردي ڏيکاريو ۽ انهن جي عيوض گاريون کائو !“

ڪڏهن ڪڏهن مان خيال ڪندو هوس ته جئڪ بلڪل اوڳو اُٺ آهي. پر گهڻو ڪري ائين سمجهندو هوس ته هو ڄاڻي ِٻجهي ائين ٿو ڪري. مان هن کان هنجي جواني ۽ دنيا جي سير ۽ سفر جي سچي ۽ صحيح احوال پڇڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، پر نتيجو خاطر خواه نه نڪرندو هو، هو پنهنجو ڪنڌ پٺتي جهڪائي ۽ پنهنجن ڪارين ٽامي جهڙين اکين سان ٽيڏو نهاري، پنهنجو هٿ پنهنجي جهنگ جهڙي منهن تي ڦيري، ٽوٽين وانگر هوريان هوريان چوڻ شروع ڪندو هو،”منهنجا ڀاءُ! ماڻهو هر هنڌ ڪـِولين کان وڌيڪ عقلمند ڪينهن، ۽ توکي ٻڌايان جتي ماڻهو آهن، اتي مصيبت آهي. اهڙي گهڻائي البت هارين نارين جي آهي. دنيا جي هر ڪا ڪنڊ سرءَ جي پنن وانگر بي عقل ماڻهن سان ڀري پيئي آهي، مان ملڪان ملڪ رليو آهيان ۽ ديس ديس جو سير به ڪيو اٿم. ايران کان يونان تائين ۽ بلغاريا کان رومانيا تائين ڪهڙو اهڙو هنڌ آهي، جتي منهنجو پير نه پيو آهي. ڪهڙي اهڙي محفل آهي جنهن ۾ مان شريڪ نه ٿيو آهيان. خانه بدوشن سان به اٿيو ويٺو آهيان، تون پڇين ٿو ته اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن! آخر ڇا ٿو ڄاڻڻ گهرين؟ شهري بلڪل اسان جي شهرين وانگر ۽ ڳوٺاڻا بلڪل اسان جي ڳوٺاڻن وانگر آهن. گهڻين ئي ڳالهين ۾اهي اسان جهڙا آهن. ڪي ته اهڙا به آهن، جن اسان جي زبان غلط سهي پر ڳالهائيندا به اهن، جيئن تاتار لوڪ. البت يوناني اسان جي زبان ڪين ڄاڻيندا آهن، مگر ڳالهائڻ کان ماٺ ڪين ايندي اٿن. جيڪي ڪجهه ايندو اٿن، سو وهائي ڏيندا آهن. ٻڌڻ وارو رڳو ايترو چئي سگهندو آهي ته ڪجهه لفظ واتان ڪڍيائون پر ڇا چيائون، شايد خود انهن کي به پتو ڪين هوندو آهي. انهن سان اشارن ۾ڳالهيون ڪرڻيون پونديون آهن پر منهنجي ٻڍڙي واپاريءَ کي ڳالهائڻ جو اهڙو ڍنگ هو جو يوناني به هن جي ڳالهه سمجهي ويندا هئا، انهيءَ ڳالهه ۾ هن کي ڪمال حاصل هو ۽ هن کي اها به ڄاڻ هئي ته هنن تي پنهنجو اثر ڪيئن ڄمائڻ گهرجي. تون پڇندين ته اهي ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ تون به عجيب انسان آهين؟ ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ انهيءَ ۾شڪ ڪونهي ته هو ڪجهه سانورا آهن ۽ رومانيا جا ماڻهو به اهڙا ئي آهن ۽ انهن جو مذهب به ساڳيو آهي.باقي يوناني ۽ ترڪن جو اصل نسل ساڳيو آهي. “

مون محسوس ڪيو ته هو ڪا ڳالهه لڪائي رهيو آهي، ڪا اهڙي ڳالهه جنهن کي هو بيان ڪرڻ نه ٿو گهري، رسالن ۾ شايع ٿيندڙ تصويرن کي ڏسي اندازو لڳايو هوم ته يونان جي گاديءَ جو هنڌ اٿينس آهي، جو نهايت سهڻو ۽ قديم شهر آهي، پر جئڪ ڪنڌ ڌوڻي انهيءَ ڳالهه کي به شڪي سمجهيو.

”منهنجا يار! توکي ڪوڙي ڳالهه تي ويساه ڏياريو اٿائون، اٿينس؟ اهڙو ته ڪو به شهر ڪونهي. ها، باقي ’ايٿون‘ آهي پر اهو شهر نه پر هڪڙي پهاڙيءَ آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي هڪڙي خانقاه آهي، انهيءَ ڪري ان کي ’ايٿون جو مقدس پهاڙ‘ ڪري سڏيندا آهن، هڪڙو پوڙهو ماڻهو انهيءَ جون تصويرون وڪڻندو هو. ڊئنيوب نديءَ تي ٻيو هڪڙو شهر آهي، جنهن کي ’بليگورڊ‘ ڪري ڪوٺيندا آهن، انهيءَ شهر جي بناوت بس پنهنجي ’يرو سلاف‘ ۽ ’نجني‘ جهڙي آهي. انهن شهرن ۾ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. باقي ها، اتان جا ڳوٺ البت ٻئي قسم جا آهن، ۽ اتان جون عورتون اهڙيون ته ٺاهوڪيون آهن، جو سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن، مان به هڪڙي جي پيچ ۾ڦاسي، اتي ئي ٽپڙ کولي، ويهي رهيو هوس، ڪم بخت جو نالو به چڱو هو؟“

هن پنهنجي پگهر ۾ٻڏل منهن کي صاف ڪيو ۽ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”ڏس ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي، جو ماڻهوءَ کان اهو به وسري ٿو وڃي! ۽ هوءَ ۽ مان ته –جڏهن مان هن کان جدا ٿي رهيو هوس ته هوءَ روئي رهي هئي، ۽ منهنجي اکين ۾ به ڳوڙها هئا. “

۽ پوءِ،گهڙي پل ماٺ ڪرڻ کان سواءِ مون کي سمجهائڻ شروع ڪيائين. ته عورت کي ڪيئن قابو ڪرڻ گهرجي.

اسين ڊيڪ تي ويٺا هئاسين وڻندڙ چانڊوڪي اسان ڏانهن وڌي رهي هئي، پاڻيءَ ۾ چمڪندڙ ڇولين کان پري ڪنارن تي بيٺل چراگاه مشڪل سان ڏسڻ ۾اچي رهيا هئا. آسمان ۾ ڪٿي ڪٿي زرد ستارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. اهي ستارا جن جي دل ڌرتيءَ ڇڪي ورتي هئي. چؤ طرف هر ڪنهن شيءَ ۾ حرڪت هئي. هر شئي ۾ بيداري جي لهر هئي، ڄڻ چؤ طرف خاموش مگر ڀرپور زندگي ڇانيل هئي ۽ انهيءَ لطيف پر اداس بنائيندڙ خاموشي ۾هن جو ٿلهو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ”ائين ٿيندو هو، جو هوءَ جنهن گهڙيءَ جاڳندي هئي، تڏهن ٻانهون وڌائي مون کي چنبڙي پوندي هئي...“

جئڪ جي ڪهاڻي اگهاڙي هئي پر گندي نه هئي ڇاڪاڻ ته اها زندگيءَ جي سنئين سڌي تصوير هئي ۽ ان ۾ڪنهن به قسم جي غلاظت ۽ ڏيک ڪونه هو. معصوم چنڊ جي عرياني ڏسي منهنجي دل ۾ بي انت امنگ ۽ آواز اڀرڻ لڳا، منهنجي من ۾ ملڪه مارگاٽ جي ياد اچڻ لڳي، جيڪا منهنجي دل جي لاءِ پياري ۽ لاجواب شيءَ هئي، ۽ مون کي اهي حقيقت ڀريل ۽ اڻ وسرندڙ سٽون ياد اچڻ لڳيون.”گيتن کي حسن جي ضرورت آ. حسن کي گيتن جي ضرورت ناهي. “

انهن خيالن ۽ تصويرن کي جيڪي منهنجي مٿان ننڊ جي پنڪيءَ وانگر طاري هئا، دور ڪر ي، مون وري جئڪ تي زور ڀريو ته پنهنجن مشاهدن ۽ مسافرين جو مون کي احوال ٻڌائي.

”تون به عجيب آدمي آهين!“ هن وراڻيو، ڪهڙي ڳالهه آهي، جا توکي ٻڌايان؟ مون ته ملڪن جا سفر ڪيا آهن. مان خانقاهن ۾ به رهيو آهيان ۽ شراب خانن ۾ به مان ڄاڻان ٿو ته ڳوٺن جو ڇا حال آهي ۽ امير ڪهڙو ٺٺ سان گذارين ٿا. مان ڄاڻان ٿو ته ڀريل پيٽ ۽ بکئي پيٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“

هو ماضي جا داستان اهڙي ڍنگ سان ٻڌائڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ندي جي مٿان جڙيل پراڻي موريءَ تي سنڀالي سنڀالي وک وجهندو هجي. ”هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي، مون کي گهوڙي چورائڻ جي الزام ۾ پوليس وٺي ٿاڻي ۾بند ڪري ڇڏيو. مون کي پڪ هئي ته مون کي سائيبيريا موڪليندا. اوچتو ٿاڻيدار جون رڙيون ۽ واڪا ڪن پيم، هن جي گهر ۾آتشدان جو دونهون ڀرجي ويو هو، انهيءَ تي مڙس اچي مڇريو هو. مون هن کي چيو، ’سائين، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مان ان کي ٺيڪ ڪريان!‘ هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي چيو، ’وڏن وڏن ڪاريگرن جا اِن تي مٿا خراب ٿي ويا آهن، سو تون ڪهڙو ٺاهيندين!‘ مون پڇيس، ’سائين، ڪڏهن اناڙي به اُهو ڪم ڪري وجهندو آهي، جيڪو جنرل ڪري نه سگهندا آهن‘ مون ۾ ڪجهه همٿ پيدا ٿي. سائبيريا جي خيال کان مان هر مصيبت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هوس. ’چڱو، ڪوشش ڪري ڏس، هن چيو، ’پر جيڪڏهن اڳي کان به خراب ٿي پيو ته موچڙا هڻي نور وڃائي ڇڏيندوسانءِ.‘ مون کي انهيءَ کي درست ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳا. ٿاڻيدار وائڙو ٿي ويو.

”اڙي نالائق! تو جهڙو استاد ڪاريگر ۽ گهوڙي جي چوري ڪري! آخر ڳالهه ڇا آهي؟ مون هن کي سمجهائيندي چيو، سائين ! اهو ته رڳو مون چرچو ٿي ڪيو!‘ ’چئبو اها ڳالهه آهي؟‘ هن چيو رڳو چرچو ! اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه آهي، ڏاڍي خراب ڳالهه.‘ هن ور ور ڪري اُهي لفظ پئي چيا. مطلب ته اهڙي بي رحم ٿاڻيدار جي به مون سان همدردي ٿي ويئي. “

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيس.

”ڪجهه به نه. هن جي مون سان همدردي ٿي ويئي. ٻيو ڇا؟“

”تو جهڙي پٿر سان همدردي ڪرڻ مان ڇا هڙ حاصل ؟“

هو کلڻ ۾ ٻڏي ويو، ”مسخرا ڪنهن جاءِ جا! سو مان پٿر آهيان؟ خير پٿرن سان به ماڻهن کي همدردي ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته پٿرن جو به پنهنجو ڪم آهي. ٻيو نه ته سڙڪن جوڙڻ ۾ ته ڪم اچن ٿا. دنيا ۾ڪا به اهڙي شيءَ ڪانهي جا بيڪار هجي. هر ڪنهن شيءَ جو پنهنجو ڪم ۽ پنهنجي ضرورت آهي، مٽي ڇاهي؟ پر انهيءَ مان به گاهه ۽ گل اڀرن ٿا.“

جڏهن جئڪ ڳالهين جو اهڙو نموني ذڪر ڪندو هو تڏهن مان محسوس ڪندو هوس ته هن جو مطالعو ايترو ته اونهو هو جو انهيءَ جي دز تائين به منهنجو خيال نه ٿي پهچي سگهيو.

”تنهنجو هيڊ بورچي لاءِ ڪهڙو خيال آهي؟ مون پڇيس.

”هو ٽيڊي رڇ! هن ويچار ڪندي چيو؟ ڀلا هن ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي، جو هن لاءِ راءِ قائم ڪجي؟ ڪجهه به نه.“

اها حقيقت هئي، اوان او اُنووچ ايتري ته سنئون ۽ سڌو ماڻهو هو، جو هن جي باري ۾ ڪو به خيال بيهي ئي نٿي سگهيو. البت هن جي خاص ڳالهه اها هئي ته جئڪ هن کي ڏٺو نه وڻندو هو، جيتوڻيڪ وري به هن کي خاص طرح سڏي پاڻ سان گڏ چانهه پيئاريندو هو.

هڪڙي ڀيري جئڪ کي چيائين، ”جيڪڏهن مان جاگيردار هجان ها ۽ تون مون وٽ ٻيلپي تي بيٺل هاري هجين ها، ته جهڙو سست آهين، تهڙو هفتي ۾ ست ڀيرا منهنجا موچڙا کائين ها، ۽ جئڪ بلڪل ڳنڀير ٿي وراڻيس ”ستن ڏينهن ۾ ست ڀيرا ته ڏاڍا گهڻا چئبا !“

اهڙي ريت گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي باوجود، هيڊ بورچي جئڪ کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بچائي سچائي ڏيندو رهندو هو. هن جي اڳيان کائڻ جي ڪا شيءَ رکي، رکائي سان هن کي چوندو هو، ”تنهنجي هوڙ ڪوسي ڪرڻ لاءِ اڄ هي ٻه گرنهه آهن. “

جئڪ مزي سان ڳپل هڻندي چوندو هو، ”تنهنجي مهرباني سان پاڏي جيتري طاقت سانڍيندو ٿو اچان. “

”اڙي حرامخور طاقت توکي ڪهڙي ڪم ايندي ؟“

”ڪهڙي ڪم ايندي؟ منهنجي حياتي وڌندي. “

”انهيءَ مان ڪهڙو لاڀ! تون ته ڪنهن به ڪم جو ناهين. “

”بيڪار ماڻهو به ته جيئن ٿا. جيئڻ ۾ به ته مزو آهي، ڇا اهو ڪوڙ آهي؟ زندگي ڏاڍي مزيدار شيءَ آهي. “

”ڪهڙو ته ڇسو آهين !”

”ڇا چئيه “

”ڇسو“.

”ڪهڙي نموني ته ڳالهائي ٿو! جئڪ حيرت مان چيو.

هيڊ بورچي مون ڏانهن منهن ڦيري مون کي چوڻ لڳو، ”خيال ته ڪر! اسين سڄو ڏينهن دوزخ جهڙيءَ باهه جي مٿان پيا سڙون، ۽ اسان جي هڏن جي مک به رجي ٿي وڃي، ۽ هن مڙس کي ڏس ته ويٺي جا ٽڪر کائيندو، سوئر وانگر سڄندو ٿو وڃي. “

”هر ڪو ماڻهو قسمت پاڻ ٿو ٺاهي.“ جئڪ گرنهه چٻاڙيندي چيو.

مون کي چڱي ريت پتو هو، ته کورن کي گرم رکڻ چلهه تي ڪم ڪرڻ کان گهڻو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ٻه ٽي ڀيرا اُتي ڪم جي ڪوشش ڪري ڏٺي هئي، مون کي حيرت لڳندي هئي ته هـُن هيڊ بورچيءَ کي ائين جواب ڏيئي ڇو نه ٿي چپ ڪرائي ڇڏيو. هـُن جي اِها لاپرواهيءَ جي روش ڏسندي، وڌيڪ مون کي پڪ ٿيندي هئي ته هن جي مغز ۾ ڪا وڏي ڳالهه هئي.

سڀ ماڻهو ڪپتان انجنيئر توڙي معمولي ڪم ڪندڙ، هن کي پيا ڳالهائيندا هئا، جيتوڻيڪ سڀني کي علم هو ته هو ڪم چور ڪو نه هو. مون کي انهيءَ ڳالهه تي تپرس وٺندو هو-’آخر اهي ماڻهو هن کي غلط نموني ڇو ٿا گهٽ وڌ ڳالهائين؟‘

هن سان گڏ کوري ۾ ڪم ڪندڙ ن جو ورتاءُ ساڻس وڌيڪ چڱو هوندو هو، پر هو به هن جي بي تڪين ڳالهين ۽ پتن جي چـُس تي هن تي ٽوڪون ڪندا هئا.

مون هنن کان پڇيو، ”توهان جو جئڪ بابت ڇا خيال آهي؟ ڇا، هو چڱو ماڻهو آهي؟“

”جئڪ؟ هن ۾ ڪا به خرابي ڪانهي. وڏي ڳالهه ته ڪاوڙ اصل ڪانهيس. کڻي هن جي ڇاتي تي ڪوئلن جو مچ ٻاريو، پر مجال جو گرم ٿئي.“

انهيءَ جي باوجود هو کوري ۾گهڻو وقت ڪم ڪندو هو ۽ گڏهه وانگر پيٽ کي ٿمي ٿمي ڀريندو هو، تڏهن به ننڊ هو بنهه ڪانو وانگر ٿوري ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم تان لهي. پنهنجن پگهر ۽ تيل ۾لتل گندن ڪپڙن بدلائڻ جي تڪليف وٺڻ کان سواءِ مسافرن سان سڄي رات ويهي کل ڀوڳ ڪندو هو يا انهن مان هن يا هن سان پتا سٽيندو هو.

منهنجي لاءِ هو هڪ اهڙو ڪلف لڳل صندوق هو، جنهن ۾ڪا اهڙي شيءَ لڪل هئي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي اڻ تڻ لڳل هوندي هئي ۽ ان جي ڪنجي حاصل ڪرڻ لاءِ مان هنجي پٺيان لڳو وتندو هوس.

”منهنجا ننڍڙا ڀاءُ مون کي پتو نه ٿو پوي ته تون ڪهڙي ڳالهه جي تلاش ۾آهين؟ هو عجب مان پنهنجن ڀرن ۾ ذري گهٽ ڍڪيل اکين سان مون ڏي گهوري چوندو هو، جيڪڏهن مون دنيا جي مٽي وائري آهي، ته ڇا ٿيو؟ تون به عجيب ماڻهو آهين. چڱو ٻڌ ته هڪڙي ڀيري مونکي ڪهڙو واقعو پيش آيو.“

۽ هن پنهنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”هڪڙي سفر جي دوران مان هڪڙي شهر ۾ رهيل هوس، اُتي هڪڙو نوجوان پر سلهه جي مرض ۾ ورتل وڪيل جرمن زال سان رهندو هو، هن جي زال بت ۾سگهاري، پر بي اولاد هئي. اها عورت هڪڙي واپاريءَ جي مٿان اڪن ۽ ڇڪن ٿي پيئي، پر اُنهيءَ واپاريءَ کي پنهنجي خوبصورت زال ۽ ٽي ٻار هئا، جڏهن هن کي پتو پيو ته اُها جرمن عورت هن جي مٿان دل جان سان عاشق آهي، تڏهن هن سوچيو ته هن جرمن عورت سان ڪجهه مزاق ڪجي، هـُن پوءِ ان سان رات جي وقت باغ ۾ ملڻ جو موقعو رکيو، ۽ ڇا ڪيائين جو پاڻ سان گڏ پنهنجن ٻن دوستن کي به وٺي ويو، جن کي وڻن جي پٺيان لڪائي ويهاريائين، هاڻي ٿورو خيال ڪر! پوءِ جڏهن جرمن عورت اُتي پهتي تڏهن هن کي چيائين ’مان ته تنهنجي ڪم جو نه آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي اول ئي شادي ٿي چڪي آهي، البت منهنجا ٻه دوست تنهنجي خدمت واسطي حاضر آهن، هڪڙو رنڙ آهي ۽ ٻيو ڪنوارو آهي!“

”’او خدا جي پناه!‘ جرمن عورت ڪاوڙ ۾ ڪپڙن کان ٻاهر نڪري ويئي، ۽ واپاري ٻچي کي اهڙي ٿڦ وهائي ڪڍيائين، جو مڙس بينچ تي اونڌي منهن وڃي ڪريو. پوءِ پنهنجي وڏي کڙي وارو پادر لاهي هن جي گنجي ٽڪڻ تي اهڙي ريت وهائڻ شروع ڪيائين جو هن جي مٿي جا رهيل کهيل وار به کسي ويا. مان ان عورت سان گڏجي اتي ويو هوس، ڇاڪاڻ ته مان اُنهن وٽ نوڪر هوس. مان پري لوڙهي مان جهاتي پائي ڏسي رهيو هوس ته محبت جو مزو ڪيئن ٿو حاصل ڪيو وڃي. ايتري ۾ وڻن ۾ لڪل ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ اُن عورت کي جنڊن کان وٺي گهلڻ لڳا. مان جهٽ پٽ لوڙهي جي مٿان ٽپو ڏيئي، وڃي هن کي انهن راڪاسن جي هٿن مان ڇڏرايو. مون هن کي چيو، مهربانو ! ائين نه ٿيندو آهي، هوءَ ويچاري اعتبار تي آئي هئي، ۽ هـِن وري ساڻس بدسلوڪي ڪرڻ پئي گهري، ائين مان هـُن کي اتان واپس ته وٺي آيس، پر منهنجي مٿي ۾ به ڦاڙ هو، ڇاڪاڻ ته هـُنن مون کي سروٽو وهائي ڪڍيو هو، اُها عورت پوءِ شرم کان بنهه پاڳل تي ويئي، ۽ چوڻ لڳي، ڪجهه به ٿئي، پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ مان پنهنجن مائٽن ڏانهن جرمنيءَ هلي وينديس!؟‘ مون چيس، ’بلڪل ٺيڪ آهي، توکي ايئن ئي ڪرڻ گهرجي.‘ هن ڪيو به ائين. هوڏانهن هن جو مڙس مئو، هيڏانهن هيءَ ٽپڙ ٻڌي، جرمنيءَ هلي ويئي. هوءَ دل جي ڏاڍي چڱي هئي ۽ سجاڳ هئي ۽ وڪيل صاحب به، شل مٿس ڌڻيءَ جي رحمت هجي ڀليرو مڙس هو. “

مون کي پتو ئي نه پيو ته آخر ان ڪهاڻي ۾ ڪهڙي اهم ڳالهه آهي، تنهن ڪري بس ڪري ويهي رهيس، مان محسوس ڪري رهيو هوس، ته اهو به انهن گهڻن واقعن مان هڪڙو معمولي واقعو آهي،جي هر روز ٿيندا پيا رهن.

جئڪ پڇيو ”ڪيئن، سٺي ڳالهه هئي نه ؟،

منجهيل لفظن ۾ مون ڪجهه اعتراض ڪيو، جنهن جو جواب هن ڏاڍي سنجيده نموني هيٺين ريت ڏنو: ”جن کي خدا گهرج کان گهڻو ڏنو آهي، اهي وندر جي ڳولا ۾ٿا رهن. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انهن جي ٺينگ ٽپن جو نتيجو انهن جي اميدن جي برخلاف نڪري پوندو آهي. ڌنڌي ۾ دماغ جي ضرورت آهي، ۽ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڌنڌي ۾ دماغ ٿيندو آهي، پر هنن جو دماغ به ڌنڌي جو دماغ آهي. نفعي نقصان وارو. انهيءَ ڪري ڪڏهن زندگي هنن جي لاءِ وبال ٿي پوندي آهي، انهيءَ ڪر ي ٺلهيءَ وندر لاءِ هو واجهه وجهندا رهندا آهن. “

جهاز جي اڳيان نديءَ جو پاڻي ڳجي ڪر ي هيڏانهن هوڏانهن وهي پئي ويو، نديءَ جي گوڙِ اسان جا ڪن کايو پئي ويو، ۽ نديءَ جا ڪنارا تڪڙا تڪڙا ڊڪندا پئي ويا. مسافر جهاز جي ڊيڪ تي کونگهرا هڻي رهيا هئا. هڪڙي قداور عورت، جنهن کي ڪارا ڪپڙ ا پاتل هئا، ۽ جنهن جو مٿو اگهاڙو هو. ۽ ننڊ ۾ بي خبر ماڻهن کي خاموشي سان اورانگهيندي ۽ بينچن کي وٺندي، اسان ڏانهن اچي رهي هئي، جئڪ مون کي ٺونٺ هڻي هوريان چيو، ”معلوم ٿو ٿئي، ڪنهن تڪليف ۾آهي.“ مان ائين محسوس ڪرڻ لڳس، ڄڻ ٻين کي ائين ڪنجهندي ڪرڪندي ڏسي، هن کي مزو پيو ايندو هجي.

مان هن جون ڳالهيون وڏي چاهه سان ٻڌندو هوس، ۽ هن مونکي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون هيون، جيڪي اڃا تائين بلڪل چڱي ريت ياد اٿم، پر انهن ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه ڪانه آهي، جيڪا مزيدار ۽ مسرت ڀريل هجي. ڪتابن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن لکندڙ جي جذبن، ڪاوڙ، خوشيءَ، غم۽ طنز جو پتو پوندو هو، پر هيءَ نه ڪنهن تي طنز ڪندو هو، ۽ نه ئي راءِ زني. ڪا به ڳالهه هن ۾ غم۽ خوشيءَ جو جذبو پيدا ڪانه ڪندي هئي، هو پنهنجي ڳالهه اهڙي هڪ الڳ ٿلڳ شاهد وانگر بيان ڪندو هو، جنهن جو جج، جوابدار ۽ فرياديءَ مان ڄڻ ڪنهن سان ڪو واسطو نه هو. هن جي اهڙي بي حسي تي مون کي سخت مٺيان لڳندي هئي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي طبيعت ۾ هن جي لاءِ هڪ قسم جي ڌڪار پيدا ٿي ويئي.

هن جي واسطي زندگي کوري جي انهيءَ اُلي کان وڌيڪ نه هئي، جو مشين کي گرم ڪندو هو، ۽ هو ان کوري جي اڳيان بيهي پنهنجن سخت ۽ کهرن هٿن سان ان ۾ٻارڻ وجهندو رهندو هو ۽ ان جي انهيءَ بٽڻ کي هيٺ مٿي ڪندو رهندو هو، جنهن سان ان جي گرميءَ جو درجو گهٽ وڌ ٿيندو هو.

”ڪنهن توکي ڏکويو به آهي ؟“

”مون کي ڪير ڏکوئيندو؟ مان سگهارو مڙس آهيان. منهنجي هڪ ئي مڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي.“

”مان مـُڪن جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر چوان ٿو ته ڪنهن تنهنجي روح کي ڪڏهن ڏک به پهچايو آهي!“

”روح کي ڏک پهچي نه ٿو سگهي، ڪو به ان کي گهائي نه ٿو سگهي.“ هن وراڻيو، ڪا به انساني قوت انهيءَ کي زخمي نه ٿي ڪر ي سگهي ۽ نه ئي ٻاهريان حادثا ان تي اثر وجهي سگهن ٿا. “

هوڏانهن جهاز جا مسافر خلاصي بورچي، مطلب ته هر هڪ ماڻهو ”روح “ جو لفظ ائين عام رواجي طرح ڪم آئيندو هو، جيئن زمين، ڪم، کاڌو ۽ عورت ۽ ان لفظ جو ذڪر ماڻهن جي زبان تي ائين تڪڙو تڪڙو ايندو هو جيئن زندگيءَ جي ٻين ڪمن ڪارين جو ذڪر هر شخص جي گنديءَ زبان مان موقعي بي موقعي اهو لفظ ٻڌي، منهنجي دل کي رنج پهچندو هو، جڏهن جهنگلي ماڻهو انهيءَ کي گند ۽ گارين ۾ ڪم آڻيندا هئا، تڏهن ته منهنجي دل کي جهير اچي ويندا هئا.

مون کي ياد آهي ته ناني ڪهڙي نه احتياط سان روح جو ذڪر ڪندي چوندي هئي ته ’روح محبت حسن ۽ خوشي جو گهر آهي‘، منهنجو عقيدو هوندو هو، ته جڏهن ڪو چڱو ماڻهو وفات ڪندو هو، ته سفيد پرن وارا فرشتا هن جي روح کي نانيءَ جي خدا وٽ کڻي ويندا هئا، ۽ هو ان جو قرب سان استقبال ڪندو هو –”اي منهنجا پيارا پاڪ روح! تو هيٺ دنيا ۾ڪهڙا نه ڏک ڏٺا آهن ! ”انهيءَ کان پوءِ اهو نيڪ خدا ان روح کي فرشتن وارا سفيد پر ڏيندو هو.

جئڪ پڻ نانيءَ وانگر ڏاڍي احتياط سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جو ذڪر ڪندو هو، جڏهن ماڻهو ان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا، ته هو جواب ۾پنهنجي زبان خراب نه ڪندو هو ۽ جڏهن ٻيا ماڻهو روح بابت وات ٺوڪڻ لڳندا هئا، ته هيءُ پنهنجو ڳاڙهو ڍڳي جهڙو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڀيري پڇيومانس ته ” روح ڇا آهي؟“ جواب ڏنائين ”روح خدا جو دم آهي. “

انهيءَ تي مون کي تسلي نه ٿي، تنهن ڪري وڌيڪ پڇيومانس، آخر ڪڪ ٿي، ڪنڌ ڌوڻي، چيائين،”منهنجا ڀاءُ! روح بابت ته پادرين کي به خبر ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو سربستو راز آهي. “

مان هـُن بابت ويچار ڪندو هوس ۽ پڪو انجام ڪيو هوم ته هن بابت ڪانه ڪا راءِ ضرور قائم ڪندس، پر سڀ ڪوشش اجائي، جڏهن مان هن بابت سوچڻ لڳندو هوس، ته هن جي دونهاٽيل جسم جو خيال منهنجي دماغ مان سڀني شين کي ٻاهر ڪڍي پاڻ اتي ويهي رهندو هو، ۽ انهيءَ وقت مون کي ٻي ڪا به ڳالهه نه سجهندي هئي.

ان ڏينهن ۾ نائب ڪپتان جي زال مون سان اهڙي مهرباني سان پيش اچڻ لڳي، جو ماڻهن کي شڪ پوڻ لڳو، هن ڏانهن هر روز صبح جي وقت گرم پاڻي کڻي وڃڻ جو ڪم مون تي رکيو ويو، جيتوڻيڪ اهو ڪم حقيقت ۾جواڻ جماڻ ۽ کلمک ليوشا نوڪرياڻي جو هو، جڏهن ڪيبن ۾ هن جي خانگي سمهڻ واريءَ ڪوٺي ۾ويندو هوس. ڇاتي اڳهاڙي ڪيو ويٺي هوندي هئي، ۽ هن جي ڳوهيل اٽي جهڙي زرد جسم کي ڏسي، مون کي ملڪه مارگاٽ جو ٽامي جهڙو چمڪندڙ ۽ سوٽ جسم ياد اچي ويندو هو، ۽ هن کان مون کي اُٻٿو اچڻ لڳندو هو، هوءَ ان وچ ۾ ڳالهائڻ ۾لڳي ويندي هئي- اتي ئي شڪايت، اتي ئي، دٻاءُ ۽ اتي ئي کل ڀوڳ.“

مان هن جي ڳالهين جو جيڪي هونئن ئي مون کي ڪريل ۽ بڇڙيون لڳنديون هيون، ڪو مقصد نه سمجهي سگهندو هوس، هن جي چال بابت ڪجهه شڪ هوم،تنهن ڪري انهن کان ڪڏهن به پريشان ڪونه ٿيندو هوس، جهاز تي ان قسم جون جيڪي به ڳالهيون ٿينديون رهنديون هيون تن کان پاڻ کي پري رکندو هوس، مون پاڻ کي ان سڄيءَ دنيا کان ائين بچائي رکيو هو، جيئن ڪو ماڻهو مينهن واچ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ وچ ۾ ڪو پهاڙ ڏيئي، ٻئي پاسي لڪي ويهي رهي.

”اڙي هوءَ تنهنجي مٿان ڇتي ٿي پيئي آهي.“ ليوشا ٽهڪ ڏيندي، چيو، ”موقعي جو فائدو وٺ !“

نه صرف هوءَ بلڪ جهاز تي ڪم ڪندڙ ٻيا ماڻهو به مون کي چيڙائيندا رهندا هئا، انهن سڀني کي نائب ڪپتان جي زال جي ڪمزورين جو پتو هو. هڪڙي ڏينهن هيڊ بورچي منهن شوڪي چيو ”هن رن هرڪا شيءَ ڏٺي آهي، هاڻي هن جو وات چوزن لاءِ پاڻي پاڻي ٿو ڪري. پٽ پيشڪوف! پنهنجا پيرسنڀالجانءِ. “

هيڏانهن جئڪ مون کي پيءُ وانگر سمجهائيندي چيو، ”جيڪڏهن تون ٿورو وڏو هجين ها، ته مان ٻيو ڪجهه چوان ها، پر هن عمر ۾پاڻ روڪڻ بهتر آهي، وڌيڪ تنهنجي مرضي. “

مو ن چيس ”اها ڳالهه بند ڪر ! مون کي انهن ڳالهين کان مونجهه ٿي ٿئي!“

”بيشڪ بيشڪ.“

پرجلد ئي پنهنجي آڱرين کي وارن ۾ ڦاسائي انهن کي سٽ ڏيندي ڳنڀير پر معنيٰ خيز لفظن ۾ چيائين،”هاڻي هن جي ڳالهه تي هن جي نقطي نگاه کان به ويچار ڪرڻ گهرجي، هو ڏاڍي ڪسمپرسيءَ جي زندگي گهاري رهي آهي، انسانن جي ڳالهه ڪهڙي هجي، ڪتي جي به اها خواهش هوندي آهي، ته ڪو پيار مان هن تي هٿ گهمائي، جهڙي ريت کنڀين کي نرم مٽيءَ ۽ پوسل جي ضرورت آهي، اهڙيءَ ريت عورت به پيار ۽ محبت جي بکايل هوندي آهي، انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اهي ڳالهيون شرم جهڙيون آهن، پر هوءَ به ڇا ڪري ؟“

مون هن جي اکين ۾ اکيون وجهي گهوريندي چيو، ”چئبو توکي هن سان همدردي آهي.“

”هوءَ منهنجي ڇا ٿيئي! ماءُ ؟ مگر هجي ته به – پر تون به عجيب تماشو آهين“، ائين چئي. هو ڦاٽل دهل وانگر واڪو ڪري کلڻ لڳو، ڪو اهڙو وقت به ايندو هو، جڏهن هن ڏانهن نهارڻ کان پوءِ مان ائين محسوس ڪرڻ لڳندو هوس ڄڻ ڪنهن اوچي هنڌ تان هيٺ ڪنهن انداهيءَ ۽ اونهيءَ کڏ ۾ ڪري رهيو آهيان.

”جئڪ توکان سواءِ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي زال آهي، تو ڇو شادي نه ڪئي؟“

”مان؟ خدا جو شڪر آهي گهڻن ئي جوانڙين جو منظور نظر رهي چڪو آهيان. پر مون شادي ڇو نه ڪئي آهي، ان جو اصلي سبب هي آهي ته جڏهن ڪنهن جي شادي ٿيندي آهي ته انکي ڪو گهر وسائي ڪنهن هنڌ رهڻو پوندو آهي. مون کي به زمين جو ننڍڙو ٽڪر آهي پر اهو منهنجو چاچو ڦٻائي ويٺو آهي، جڏهن منهنجو ننڍو ڀاءُ فوج جي نوڪري مان واپس وريو، تڏهن چاچي ۽ هن جي وچ ۾رڳڙو ٿي پيو، رڳڙي ۾چاچي کي ٿورو مٿي وارو ڌڪ لڳو، جنهن مان ٿورو رت وهي پيو، چاچي وڃي ڪورٽ جو در کڙڪايو، ۽ منهنجي ڀاءُ کي پورن ارڙهن مهينن لاءِ جيل جي هوا کائڻ لاءِ اندر موڪليو ويو، هڪ ڀيرو جيل مان ٿي اچڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جي اڳيان صرف هڪڙو رستو هوندو آهي، ۽ اهو ڦري گهري وري به جيل وٽ وڃي ختم ٿيندو آهي. هن جي زال ڪيتري نه سهڻي ڪهڙ ي نه جوان هئي، پر ڇا چئجي؟ شاديءَ کان پوءِ مرد کي هر چيز تي حڪومت ڪرڻ گهرجي، پر سپاهي جي پنهنجي زندگي به ته پنهنجي ناهي.“

”تون عبادت ڪندو آهين ؟“

”تون به عجيب ناٽڪ آهين-هائو/ ڪندو آهيان.“

”ڪيئن عبادت ڪندو آهين ؟“

”گهڻئي طريقا آهن. “

”توکي ڪيئن ايندي آهي؟“

”مون کي ته عبادت ايندي ڪانهي، مان رڳو چوندو آهيان –’اي ڌڻي جيئرن تي رحم ڪر، ۽ مري ويلن کي آرام ڏي، اسان کي بيماري کان بچاءِ-۽ هڪ ٻه ٻيون اهڙيون ڳالهيون. بس. “

”ڪهڙيون ڳالهيون؟“

ٻه ٽي ڳالهيون، جي ان وقت ياد اچن پر ڪجهه چئجي نه چئجي، سڀ ڪجهه هن تائين پهچي ٿو وڃي. “

هو مون سان قرب سان پيش ايندو هو، پرهن جي سلوڪ ۾ اهڙي ڳالهه هوندي هئي. ڄڻ آءٌ ڪو ننڍڙو پونگڙو هوس، ۽ هو مون سان کيڏي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن راتين جو مان هن جي ڀرسان گوڏا ڀڃي ويهي رهندو هوس، هن مان گاسليٽ دونهين ۽ بصر جي بوءِ اچڻ لڳندي هئي، هو ڪچن بصرن کي ائين رڙڪي ويندو هو، جيئن ٻيا ميوو کائيندا آهن. انهيءَ وقت هو فرمائش ڪندو هو، ”الڪسي منهنجا پٽ، ڪجهه شعر ٻڌاءِ. “

مون کي ڪيترائي گيت ۽ نظم ياد هوندا هئا، انهيءَ کان سواءِ مون وٽ هڪڙو ٿلهو نوٽبڪ هو، جنهن ۾ پنهنجا دلپسند شعر اتاري ڇڏيا هئم. مان هن کي روسلان ۽ لـُڊملا نالي منظوم ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هوس، هو ڪن ڏيئي، ٻڌڻ لڳندو هو، ايتري قدر جو پنهنجو ساه به آهستي کڻڻ لڳندو هو، جڏهن اها ڪهاڻي پوري ٿيندي هئي، ته هوريان چوڻ لڳندو هو، ”اها ڏاڍي سٺي ۽ مزيدار ڪهاڻي هئي. ڇا تو پاڻ جوڙي آهي؟ پشڪن؟ هڪڙي وڏي ماڻهو سان منهنجي ملاقات ٿي هئي– ان جو نالو به پشڪن هو. “

”اهو نه، هيءُ گهڻو وقت ٿيو ته قتل ٿي ويو آهي. “

”سو وري ڪيئن ؟“

مون هن کي ٿورن اکرن ۾ اهو قصو ٻڌايو. جو ملڪ مارگاٽ کان ٻڌو هوم، جئڪ خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”ڪيترائي ماڻهو عورتن جي ڪري تباه ٿي ويا آهن. “

مون هن کي ڪيتريون ئي آکاڻيون، جي ڪتابن ۾ پڙهيون هيم، بيان ڪري ٻڌايون، منهنجي دل تي، هـُل هنگامي ۽ پيار محبت سان ڀريل زندگين جون ڪهاڻيون، جن کي سندن جذبي ۽ جولان جي اُلن وانگر اجاگر ڪري ڇڏيو هو، ملي جُلي اٿلون ۽ اڇلون کائيندڙ نديءَ وانگر اٻڙڪا کائي، تري اينديون هيون، انهن ڪهاڻين ۾ڇا هو، رائتا اجهل جذبا، چريائپ جي حد وارا بهادريءَ جا ڪارناما، ويڙهه، زندگيءَ ۽ موت جا هنگاما، مڃڻ کان ٻاهر بخت جون بازيون، اعليٰ نيڪيءَ ۽ اخلاق جا ڪم، ڪريل ماڻهن جو خسيس ڪميڻايون، دل کي بنهه چنبن ۾کڻي وڃڻ واري ٻولي–مطلب ته ڪٿان جا قصا ڪٿي ملائي. پنهنجي گهرج آهر، نوان قصا ٺاهي وٺندو هوس ۽ جئڪ کي ويٺو ٻڌائيندو هوس. قصن ۽ ڪهاڻين جي واقعن ۾ تبديلي ڪرڻ سان گڏ انهن جي ڪردارن جي ڳالهين ۽ ڪمن ۾ به ڦير ڦار ڪري ڇڏيندو هوس، ان ۾ مان به نانيءَ جي خدا وانگر بلڪل آزاد هوس، پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ پنهنجي فعل جو مختيار، ايتري قدر جو انهن ۾ منهنجي زندگي جو عڪس جرڪڻ لڳندو هو. انهيءَ مان خود مون کي فائدو هيءَ ٿيو، جو نه زندگي جي حقيقت کان الڳ ٿي سگهيس، نه ئي ٻين زنده انسانن کي سمجهڻ جي منهنجي خواهش ئي گهٽجي سگهي. پاڻ ڪتابن جي انهيءَ گڏيل اثر منهنجي دل جي مٿان اهڙو شفاف ۽ تازگي بخش تهه چاڙهي ڇڏيو، جو مان پنهنجي آسپاس واري گند ۽ غلاظت سان ڀريل زندگي جي زهري اثر کان بچيل رهيس، ۽ ڪتابن جي ڪري ڪيترين ئي بڇڙاين سان پاڻ کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ منهن مقابل ٿيس.

عشق ۾ڦاٿل ماڻهن جي آفتن جي مشاهدي مون کي خرابين ۽ بڇڙاين ۽ رنگين بازارين جي بدنام گهرن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جن ماڻهن کي خرابين ۽ بڇڙاين مان مزو ايندو هو، انهن تي مون کي بڇان ۽ قياس ايندو هو، ”روڪمبال“ جي پڙهڻ سان مون اهو سکيو ته انسان کي ڏک سک کان بيپرواهه رهي، حالتن جو مقابلو ڪندو رهڻ گهرجي.”ڊيوماس“ جي سورمن اهو سيکاريم ته دنيا ۾شاندار مقصدن لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري ڇڏجي، خوش جيئڙو شاهه هينري چوٿون منهنجو پسنديده سورمو هو. مون کي ائين لڳندو هو ته ”برنجر “ جون هيٺيون سٽون انهيءَ جي شان ۾ هيون:

هن سڌي سادي عوام تي حڪومت ڪئي.

۽ شراب پيئندو رهيو، اهو اسين ڄاڻون ٿا،

پر اهو بادشاهه ڇو نه خوشيون ڪري.

جنهن جو سڄو ملڪ ۽ ماڻهو به خوش هجن ؟

ناولن ۾هينري چوٿين کي پنهنجي رعيت جو خيرخواه ۽ ان جو محبوب بيان ڪيو ويو آهي، مان هن کي سج وانگر سمجهندو هوس ۽ محسوس ڪندو هوس ته فرانس بهادر ۽ سورهيائيءَ جو مرڪز هو، جتي امير پنهنجا ريشمي ڪپڙا ۽ غريب پنهنجن آڏڻن جا ڪپڙا پايو، خوش ۽ خورم گهمندا وتندا هئا، جڏهن ڪتاب ۾ هينري جي قتل جو واقعو پڙهيو هو تڏهن منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي ويا هئا، ۽ خار مان ان جي قاتل روليڪ تي ڏند ڪرٽڻ لڳو هوس، مان جئڪ کي جيڪي ڪهاڻيون ٻڌايون هيون انهن سڀني ۾ هينريءَ کي سورمو ڪري بيان ڪندو هوس، ۽ ڏٺم ته هن جي دل ۾ به هينريءَ ۽ فرانس لاءِ گهڻو احترام پيدا ٿي ويو هو.

”شاه هينري چڱو ماڻهو هو“، هن چيو ” ائين ٿو لڳي ته هن سان گڏجي مڇين مارڻ لاءِ نديءَ ۾ڪنڍيون وجهي ويهي ڪچهريون ڪجن. “

مان جڏهن هن کي ڪا ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هوس، ته هو وچ ۾ ڪجهه نه ڪڇندو هو، ۽ نه ئي ڪو اهڙو سوال ڪندو هو، جنهن ڪر ي بيان ۾ ڪو رخنو پئجي سگهي، بس ماٺ ڪيو اکيون ٻوٽيو، ويٺو ٻڌندو هو، ڄڻ ته سينور چڙهيل جبل جي ڇپ هو، پر جي مان ڪنهن به سبب ڪري ٿوري ماٺ ڪندو هوس ته جهٽ پٽ پڇندو هو، پوري ٿي ڇا ؟

”اڃا نه “

”ته پوءِ ماٺ ڇو ڪئي اٿئي؟“

فرانسين بابت راءِ زني ڪندي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين،”ڏاڍي مزي ۾آهن اهي فرانسي !“

”سو وري ڪيئن ؟“

”ڏس توکي ۽ مون کي باهه جي اڳيان جلڻو ٿو پوي ۽ سخت ڪم ڪرڻو ٿو پوي، پر هو مزي سان شراب پيئندا ٿا وتن ۽ چڪر لڳائيندا رهن ٿا، اها مزي جي زندگي ناهي؟“

”پر هو به سخت ڪم ڪن ٿا.“

”اُهو تنهنجن ڪهاڻين ۾ڪٿي چيل آهي؟“ هن سوال ڪيو، ۽ مون جهٽ پٽ محسوس ڪيو ته بيشڪ مون جيتريون به ڪهاڻيون پڙهيون آهن، انهن مان ڪنهن هڪ ڪهاڻي جي سورمي جو به اهڙو ڪردار پيش ٿيل نه هو جنهن مان خبر پئجي سگهي ته هو ڪهڙو ڪم ڪندو هو، يا هن جي ائين خوش رهڻ لاءِ ڪو ٻيو ڪير هو، جو ڪم ڪندو هو.

ڳالهه تمام گهڻي ڪا ڊگهي ٿي ويندي هئي، يا جڏهن پوري ٿيندي هئي ته اوچتو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو، ”چڱو“ هاڻي گهڙي سوا لاءِ ننڊ ٿو ڪريان. ۽ جتي ويٺو هوندو، اتي ئي سنئون ٿي سمهي پوندو هو ۽ جهٽ ۾ننڊ کڻي ويندي هيس ۽ کونگهرا هڻڻ لڳندو هو.

سرءُ جي موسم ۾ جڏهن ڪاما نديءَ جا ڪنارا ڳاڙهه- سـَرا ٿيڻ لڳا، ۽ وڻن جا پن زرد ۽ سج جا ڏنگا ڪرڻا سرد ٿي رهيا هئا ته جئڪ پنهنجي نوڪري ڇڏي هليو ويو، ۽ هن جي ان ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ان کان هڪ ڏينهن اڳ مون سان هن اها رٿا بيهاري هئي ته”ٻئي ڏينهن پاڻ پرم شهر ۾ پهچي وينداسين. ٻيئي گرم حمام ۾ هلي ٻاڦ وارو غسل ڪنداسين، انهيءَ کان پوءِ ٻيئي ڄڻا هڪڙي سٺي هوٽل ۾هلنداسين، جتي هر شيءَ فرسٽ ڪلاس ۽ راڳ رنگ به واه جو هوندو، ۽ ساز سرود ٻڌڻ ۾ڏاڍي موج ايندي. “

پر ساراپول بندر وٽ هڪڙو بت جو ڀريل مڙس جهومندو جهومندو جهاز تي چڙهي آيو، هن جو منهن کسرو ۽زالن جهڙو هو، هن جو ڊگهو گرم چوغو ۽ لومڙ جي ڪنن وارو سمور جي ٽوپي ڏسي، پاڻ شڪ پئي ٿيو ته هي ڪا عورت آهي. هو اهڙي ميز تي اچي ويٺو، جنهن تي بورچيخاني مان نڪرندڙ گرم هوا جا جهوٽا پئي پهتا، ۽ چانهه جو آرڊر ڏنائين، چانهه ڏاڍي گرم هئي، ۽ هن ٽوپي لاهڻ ۽ڪوٽ جي بٽڻ کولڻ کانسواءِ ئي ان کي پيئڻ شروع ڪيو، ۽ جلد ئي پگهر ۾شل ٿي ويو.

ان وقت سرءُ جي هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي، جڏهن هن ماڻهو رومال ڪڍي پنهنجو پگهر اگهيو ته مون محسوس ڪيو ڄڻ هاڻي بارش بس ٿي ويندي. ۽ وري جو هو پگهر ۾ٻڏي ويو، ته ائين لڳو ڄڻ بارش وري تيز ٿيڻ لڳي هئي.

ٿوري دير ۾ جئڪ به هن سان گڏ وڃي ويٺو ۽ ٻئي گڏجي جنتري ۾ ڏنل هڪڙي نقشي کي غور سان ڏسڻ لڳا، مسافر نقشي ۾ڪنهن ليڪ ڏينهن اشارو ڪيو، جنهن تي جئڪ چيو.”هڻينس کڏ ۾! اِتي؟ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ته اها معمولي ڳالهه آهي. “

”ڏاڍو چڱو،“ مسافر وراڻيو،۽ نقشي کي ويڙهي گوڏن تي رکيل چمڙي جي ڳوٿريءَ ۾وجهي ڇڏيائين پوءِ هنن گڏجي چانهه پيتي ۽ پاڻ ۾ڪجهه وقت گفتگو ڪندا رهيا.

جڏهن جئڪ هيٺ کوري ڏانهن وڃڻ لڳوته مون هن ماڻهو بابت پڇيس، کلندي جواب ڏنائين ”ڏسڻ ۾ عجيب آهي ڏاڙهي اٿس ئي ڪانه، جهڙو کدڙو ! هو سائيبيريا ۾ رهي ٿو. ڀانئجي ٿو ته اتي ڪنهن ڪم سانگي رهيل آهي.“

هن پنهنجي بوٽ جون ڪاريون کڙيون، جي گهوڙي جي سنبن وانگر سخت هيون ڊيڪ تي هڻندي ٿورو دم رکي سڌو ٿي چيو، ”مون هن وٽ نوڪريءَ جو فيصلو ڪيو آهي، الڪسي ! پرم وٽ توکي الوداع چئي هليو ويندس. اسين پنهنجو ڪجهه سفر ريل رستي ڪنداسين، پوءِ پاڻي رستي ۽ پوءِ گهوڙي جي پٺيءَ تي. اسان کي اتي. پهچڻ ۾ پنج هفتا کن لڳي پوندا. “

”تون هن کي سڃاڻندو به آهين؟“ مون هن جي اوچتي فيصلي تي حيرت مان پڇيس.

”بلڪل نه. سڃاڻڻ ته وڏي ڳالهه آهي، مون ته هن جي شڪل به اڳي نه ڏٺي آهي. “

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو مون وٽ آيو. هن جي پٺي تي تيل لڳل پشم جو ڪوٽ، هن جي پيرن ۾ سئنڊل ۽ مٿي تي ٽيڊي رڇ جي کٿل ۽ ڪنارين کاڌل توپي پيل هئي، هن منهنجي ٻانهن کي پنهنجن هٿن ۾ جهليو ڄڻ اهي لوهه ۾ جڪڙجي ويون، ۽ چوڻ لڳو، ”مون سان گڏ هلڻ لاءِ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ اهو مور به پاڻ سان توکي وٺي هلندو، ڇڙو تون ان کي ارادو ڏيکار، ڇاٿو چوين؟ مان هن کي چوان؟ هو توکان اهو ڪجهه وٺندا جنهن جي توکي ضرورت نه هوندي ۽ ان جي عيوض توکي ناڻو ڏيندا، جڏهن هو ڪنهن کي سندس مرضيءَ سان خصي ڪندا آهن ته وڏو جشن ملهائيندا آهن ۽ ان لاءِ هن کي پيسا به ڏيندا آهن !“

کدڙو، هڙ ڪڇ ۾جهليو، پنهنجن چنجهين اکين سان جئڪ ڏانهن گهوري رهيو هو، هن جون اکيون اهڙي ريت سڄيل ۽ ٻاهر نڪتل هيون جيئن ڪنهن پاڻي ۾ٻڏل لاش جون هونديون آهن، مان هن کي چپن ۾ گاريون ڏيڻ لڳس، جئڪ وري منهنجي ٻانهن کي جڪڙي چوڻ لڳو، ”هڻيس کڏ ۾! هر ڪو ڌڻي، جي عبادت پنهنجي نموني ٿو ڪري. انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا وڃي؟ چڱو، الله واهي... خوش هوندين. “

۽ جئڪ شوموف رڇ وانگر لڏندو لمندو، منهنجي دل کي حيرت ۽ ڏک ۾ڏنيون. ويندو رهيو، پنهنجي دوست جي وڃائڻ تي ڏاڍو دلگير ٿيس، هن جي فيصلي تي خار به پئي کاڌم. مون کي جيتري قدر ياد آهي ته جڏهن حيرت مان سوچيم پئي ته هو ڪهڙي قسم جو انسان هو، منهنجو دوست شوموف! ۽ آخر ايتري ڏورانهين اڻ ڄاتل پاسي ائين ڇو هليو ويو، ته ڏاڍا جڪ پئي کاڌم... آهه، منهنجو دوست جئڪ شوموف ! هن جي دل ۾ڪهڙو مانڌاڻ متل هو !

باب ٻارهون

سرءُ جي مند اچي پاڇاٽي ٿي هئي، دريائي سفر جو وقت پورو ٿي چڪو هو. هاڻي، مون هڪ بت ساز جي ڪارخاني ۾ڪم سکڻ جي خيال کان شاگردي اختيار ڪئي. انهيءَ دڪان جي مالڪياڻي هڪڙي نيڪ طبيعت پوڙهي عورت هئي. هن جو شراب سان عشق هو. ٻه ٽي ڏينهن ئي نه گذريا ته مون کي پنهنجي ڳوٺاڻي لهجي ۾ چيائين،”اڄڪلهه ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿيون ٿين، تنهن ڪري ڏينهن جو دڪان جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو ڪر، ۽ رات جي وقت ڪم سکندو ڪر.“

هن مون کي هڪڙي تيز نوجوان دڪان جي مئنيجر جي حوالي ڪيو، مان هر روز پره ويل ٿڌ ۽ اونداهيءَ ۾ هن سان گڏ شهر لتاڙي ڪاروبار واريءَ گهٽي ۾ جتي ان وقت سانت لڳي پئي هوندي هئي، پهچي ويندو هوس. اسان جو دڪان هڪڙي عمارت جي ٻماڙ تي هو. اهو دڪان اول ڪو گدام هو. جنهن ڪري البت اونداهو هوندو هو. ان کي هڪڙي ننڍڙي لوهه جي سيخن واري دري هوندي هئي، ۽ هڪڙو وڏو لوهه جو در هوندو هو.سڄو دڪان ننڍن وڏن مجسمن، انهن جي قالبن ۽ چمڪندڙ ڦڪي جلد وارن ڪتابن سان، جن تي انگور جي ولين جا نقش جڙيل ۽ چرچ جي قديم زبان ۾ اکر لکيل هوندا هئا، سٿيو پيو هوندو هو. اسان سان لڳو لڳ ٻيو دڪان هو، جتي به مجسمن ۽ مذهبي ڪتابن جو وڪرو ٿيندو هو. انهيءَ دڪان جو مالڪ هڪڙو ڪاريءَ ڏاڙهي وارو ماڻهو هو، جو وولگا کان پري ڪرزبيني نديءَ جي ڪناري سان رهندڙ هڪڙي ڪٽر مذهبي فرقي جي اڳواڻ جو مائٽ هو. هن سان ڪم ۾ هن جو پٽ به ٻانهن ٻيلي هوندو هو، جو بت ۾ سڪل پر ڪم ۾ چست هو ۽ پنهنجي عمر کان اڳ پوڙهو لڳندو هو. ۽ سندس ڪـُئي جهڙيون اکيون هيڏانهن هوڏانهن ڦڙڪنديون رهنديون هيون.

مان دڪان کولڻ کان پوءِ ڪنهن ويجهي هوٽل مان گرم پاڻي وٺڻ ويندو هوس ۽ نيرن کائي، سامان کي ڇنڊي ٺاهي رکي، ٻاهر دروازي وٽ وڃي بيهندو هوس، جيئن گراهڪن کي ٻئي دڪان ڏانهن وڃڻ کان روڪي، پنهنجي دڪان ڏانهن هرکائي وٺي اچان.

”گراهڪ اناڙي ٿيندا آهن،“ دڪان جي مئنيجر مون کي ذهن نشين ڪندي چيو ” هنن کي اها خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪٿان سودو وٺڻ گهرجي، باقي ملهه جي مروت لاءِ پيا مرندا. هنن کي شين جي قدر ۽ قيمت جي ڄاڻ ڪڏهن نه پوندي آهي.“

هڪڙي ڪاٺ جي مجسمي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي، پنهنجي ڌنڌي جي ڄاڻ جو مون تي رعب ويهارڻ خاطر، مون کي هدايتون ڏيندي چيائين،”هن مورت ڏانهن ڏس – ڪاريگري جو چڱو نمونو آهي ۽ قيمت به ڪا گهڻي ناهي اٿس. پنج ست انچ ڊگهي آهي، پر ٽيڪ جي ضرورت ڪانهيس. پنهنجي ليکي بيهي سگهي ٿي. هيءُ وري ڏهه ٻارنهن انچ ڊگهي آهي ۽ اها به پاڻمرادو بيهي سگهي ٿي، ڇا، توکي دين جي بزرگن جي احوال جو ڪو پتو آهي، ۽ انهن جي گڻن جي ڪا ڄاڻ اٿئي؟ هي ڏس، هي بونيفئس بزرگ شراب کان نجات ڏياريندڙ آهي ۽ هيءُ پاڪ شهيد باربرا ڏندن جي سور ۽ هر قسم جي حادثن کان امان ڏيندڙ آهي ۽ هي بزرگ باسيل هر بخار کي ٽوڙيندڙ ۽ دفعي ڪندڙ آهي. معصوم مريم بابت توکي ڪهڙي خبر آهي؟ ٻڌ، انهيءَ جا مجسما مختلف ڍنگن جا آهن..... هتي ڏک ۾ آهي ۽ هُتي مرڪي ٿي هِتي ’امڙ مون لاءِ غم نه ڪر، جي حالت ۾آهي، ۽ هتي ’منهنجا ڏک ڏور ڪر‘ جي شڪل ۾ آهي، ان جي برڪت سان دک دور ۽ سک سولا ٿين ٿا، هن جا ڪيترا مجسما شهرن جي نالن پٺيان مشهور آهن، جيئن ”ڪاران وارو“ پوڪرون وارو.“وغيره.

مجسمن جون قيمتون انهن جي ماپ ۽بناوت تي ٻڌل هيون، اهي مون کي جلد ياد ٿي ويون، مريم جي مختلف مجسمن جو فرق به سمجهي ويس، باقي بزرگن جا گڻ ياد رکڻ مون کي ڏاڍا ڏکيا ٿي لڳا.

ڪڏهن ڪڏهن مان دروازي تي گراهڪن جو اوسيڙو ڪندي پنهنجن خيالن ۾گم ٿي ويندو هوس، ته مئنيجر منهنجي امتحان وٺڻ لاءِ پڇڻ لڳندو هو –” ڪهڙي بزرگ جي مهربانيءَ سان عورت جا سور سولا ٿين ٿا؟“ جيڪڏهن منهنجو جواب پورو نه هوندو هو،ته گجندي چوندو هو. ”اڙي تنهنجي کوپڙيءَ ۾ ڇاهي؟“

مون کي انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ گراهڪن کي هرکائي اندر و‎ٺي اچڻ ڏکيو لڳندو هو.مون کي پاڻ انهن مجسمن ۾ڪا چڱي ڳالهه نظر نه ايندي هئي، تنهن ڪري ٻين جي مٿي تي انهن کي مڙهڻ تي دل ئي نه چوندي هيم، نانيءَ جي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪري منهنجي دماغ ۾ بيبي مريم جو تصور شانائتو ۽ ٻاجهه ڀريو هو، ۽ اهڙي ريت ”مصور “ رسالي ۾هن کي چٽيل ڏٺو هوم، پر هتي ليکو ئي اور هو، مجسمن ۾ هوءَ شوخ ۽ پوڙهي عورت وانگر ثي ڏٺِي، جنهن جو نڪ مڙيل ۽ هٿ سخت هئا.

اربع ۽ جمعي جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو بازار جي خريداريءَ تي نڪرندا هئا، ته اسان جو وڪرو چڱو ٿيندو هو، هاري ناري، پوڙهيون عورتون ۽ ڪڏهن ڪٽنبن جا ڪٽنب اچي ڪڙڪندا هئا، انهن مان گهڻا ڪٽر مذهبي ۽ ٻيا غمن ۽ ڏکن ۾ ورتل جهنگ جا رهاڪو هوندا هئا، مان جي ڏسندو هوس ته ڪو ٿلهو متارو مڙس گهر جا اڻيل ڪپڙا پايو يا رڍ جي کل جو ڪڙتو ڍڪيو. ڪجهه هٻڪندي ڪجهه هڙڪندي پيو اچي.ته مان پنهنجي مونجهاري ۽ بي دلي کي دور ڪري، وڌي هن سان گڏ هلڻ لڳندو هوس، ۽ هن جي اڳيان پٺيان ڦري نڙي تي زور ڏيئي چوڻ شروع ڪند هوس، ”سائين توهان کي ڇا گهرجي ؟ اسان وٽ مناجات جا بينظير ڪتاب حاضر آهن ۽ آسماني صحيفا آهن جيڪا شيءِ اوهان کي گهرجي سا حاضر آهي، ٿورو اندر اچو، بيحد نفيس نازڪ ۽ نادر مجسما، تمام ٿوري اگهه تي اوهان کي ملي ويندا، بهترين نمونا پائدار رنگ، جيڪڏهن اوهان کي پسند نه آيا ته دوستن جي جنم ڏينهن لاءِ عمدن تحفن واسطي سڀ ڪجهه موجود آهي، هي سڄي روس ۾ بهترين دڪان آهي، هتان کان بهترين شيءِ اوهان کي ٻئي ڪنهن دڪان تي نه ملي سگهندي...“

هو گراهڪ سواءِ ڪجهه ڪڇڻ جي ماٺ ڪيو پيو هلندو هو، تان جو پنهنجي ڪاٺ جي ڏنڊي جهڙي ٻانهن سان مون کي پنهنجي اڳيان هٽائي اسان جي مخالف جي دڪان ۾گهڙي ويندو هو ۽ منهنجو مالڪ پنهنجن وڏن ڪنن کي مهٽي جوش ۾ پوندو هو، ” سو تو هن کي ڇڏي ڏنو، ڀلا اهڙي ريت ڌوڙ وڪرو ڪندين !“

جلد ئي ڀرواري دڪان مان شربتي آواز اچڻ لڳندو هو، جنهن ۾ نشي جهڙو اثر هوندو هو،”منهنجا دوست ! اسانجون شيون ڪي جوتا ياکلون ڪين آهن، پر ڌڻيءَ جون املهه نعمتون آهن. انهن جو ملهه سون ۽ چانديءَ کان گهڻو مٿي آهي، “

”ڪهڙو نه شيطان آهي!“ منهنجو مئنيجر ڪاوڙ ۽ ساڙ ۾ وٽ کائيندي چوندو هو.”انهي مردود جي اکين تي لعنت هجي، توکي اهڙو ڍنگ سکڻو پوندو- ها، سکڻو پوندو.“

مون پنهنجي وسان اهڙين اٽڪلن سٽڪلن سکڻ کان ڪين گهٽايو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو کي ڪنهن به ڪم سکڻ ۾جيتري ٿي سگهي اوتري ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پر مان ماڻهن کي هرکائي اندر وٺي اچڻ توڙي مال جي وڪري ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي نه سگهيس. اسان جي دڪان ۾ايندڙ ماڻهو سادا ۽ سڃا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پوڙهيون عورتون ٻليءَ وانگر مسڪين ۽ غريب نظر اينديون هيون انهن کي ڏسي منهنجي هانءَ کي جهٻو اچي ويندو هو، ۽ دل چوندي هيم ته انهن کي انهن مجسمن جي سچي بها ٻڌائي ڇڏيان، جيئن هو مٿي چاڙهيل قيمت ڏيڻ کان بچي پون ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ بچائي وجهن. مون کي اهو ڏسي حيرت وٺندي هئي، ته هنن کي چڱن ڪتابن چونڊڻ ۽ مجسمن جي فنڪاريءَ جي پرکڻ جي ڪيتري نه ڄاڻ هئي ! هڪڙو پوڙهو ماڻهو جنهن کي هڪڙي ڏينهن پنهنجي دڪان ۾ ڀنڀلائي وٺي آيو هوس،کڙڪ لفظن ۾ چوڻ لڳو،”نه منهنجا پٽ نه، روس ۾ هي نه پر ماسڪو وارو روگوزين بهترين ڪاريگر آهي،“ مان هن جي رستي کان هٽي بيهي رهيس، ۽ هو اسان جي مخالف جو دڪان به ڇڏيو هليو ويو.

منهنجي مئنيجر عجب مان چيو.”تو هن کي ڇڏي ڏنو !“

”توهان ته مون کي روگوزين جي ڪاريگريءَ بابت ڪجهه ٻڌايو ئي نه هو.“

اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ وڦلڻ لڳو. ”هي ميسڻا ماڻهو! دنيا ۾ڪا به اهڙي ڳالهه ڪانهي جن جو انهن کي پتو نه هجي. خدا جي مار پوين.ڪتن وانگر وتندا نوس نوس ڪندا.“

هي چلڪڻو پيٽ ڀريل ۽ خود غرض جوان غريب ماڻهن کان ڪراهت ڪندو هو، جڏهن هو پنهنجي پاڻيءَ ۾ هوندو هو ته شڪايتن جا دفتر کڻي کوليندو هو،-”مون جهڙو دماغ وارو صاف سٿرو ماڻهو جيڪو عطر ۽ خوشبوءَ ۾ هر وقت ٻڏل ٿو رهي، جنهن کي پنهنجي لاءِ وڏا خيال آهن، تنهن کي صرف انهيءَ ڪري جهنگلي ماڻهن جي اڳيان جهڪڻو ٿو پوي ۽ انهن جي ناز برداري ڪرڻي ٿي پوي، جيئين انهن کان ڪجهه ڏوڪڙ دڪان جي مالڪياڻيءَ پوڙهيءَ عورت لاءَ ڇڏائي سگهي، تون ئي چئه، اهو انصاف آهي؟ آخر انهن جهنگلي ڳوٺاڻن جي هستي ڪهڙي آهي؟ ليڙون ليڙ لٽا ۽ جونئن جا ميڙ - ۽ مان –“ ۽ هو ڏک ڀرئي نموني ماٺ ڪري ڇڏيندو هو.

مون کي اُهي غريب ڳوٺاڻا ڏاڍو وڻندا هئا، جيڪي مون کي اهڙي ريت حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا، جيئن جئڪ، ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو جنهن جي منهن ۾ ڏکن جا ڏرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، دڪان ۾هليو ايندو هو، پنهنجي مر چڙهيل ٽوپي لاهي،آڱرين سان پنهنجي ڇاتيءَ تي صليب جو نشان بنائي بد برڪت مجسمن کان منهن ڦيري ڇڏيندو هو، ته متان انهن تي نگاه نه پئجي وڃيس، پوءِ چوڌاري اک ڦيرائي ڪجهه وقت جي ماٺ کان پوءِ چوڻ لڳندو هو، ”شرح سان مناجات گهجي.“

پنهنجي ڪوٽ جي ٻانهن کي ٿورو مٿي ڪري، هو غور سان نهارڻ شروع ڪندو هو، آڱرين سان پنا به اٿلائيندو ويندو هو ۽ چپن ۾ پڙهندو به پيو هو.

”هن کان اڃا به ڪو قديم نسخو !“

”توکي پتو آهي قديم نسخن جي قيمت هزارين روبل کان مٿي آهي!“

”مون کي خبر آهي.“

هو آڱر کي آلو ڪري پنن کي اٿلائڻ شروع ڪندو هو، جنهن ڪري ڪنارن تي ميرو نشان ٿي پوندو هو. منهنجو مالڪ هن جي پٺيان بيٺو، اهو لقاءُ ڏسندو هو، ۽ رت جو ڍڪ پي چوڻ لڳندو هو،” پاڪ ڪتاب نوان پراڻا نه ٿيندا آهن، خدا جي لفظن ۾ ڦير ڦار نه ٿيندي آهي.“

”اها سڌ آهي ۽ اهو اول به ٻڌو اٿئون، خدا ته ڪا ڦير ڦار ڪين ڪئي آهي. پر ان جي بندن انهن ۾ڪري ڇڏي آهي.“ پوءِ خاموشيءَ سان ڪتاب ٺپي ٻاهر هليو ويندو هو.

منهنجو مالڪ ڪڏهن انهن جهنگ جي رهاڪن سان اچي بحث ۾ پوندو هو، اها ڳالهه ته بلڪل پڌري هئي ته هن جي مقابلي ۾ هن کي مذهبي ڪتابن ۾ وڌيڪ ڄاڻ هئي تنهن تي هو ڪاوڙ ۾ چوندو هو، ”ڪافر ! شيطان ڪنهن جاءِ جا !“

مان اها ڳالهه ڏسندو هوس ته اهي ڳاٺاڻا جيتوڻيڪ نئين ڪتاب کي پسند نه ڪندا هئا، ته به ان کي ڏاڍي ادب ۽ فضيلت سان کڻندا هئا، ۽ ان کي اهڙي خيال سان جهليندا هئا ڄڻ ته ڪو پکي هو، جيڪو ڍر ملندي ئي اڏامي ويندو.

اهو ڏسي مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو، ڇاڪاڻ ته منهنجي لاءِ به ڪتاب هڪ طلسم مثل هو، جنهن ۾ مصنف جو روح بند هو، ۽ جڏهن ڪتاب کي کوليندو هوس تڏهن ان جو رح آزاد ٿي، مون سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو،

ڪيترائي ٻـُڍا مرد ۽ عورتون ڪيترائي قديم نسخا ۽ راهبن جي هٿ سان لکيل ڪتاب وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا هئا، ڪي وري قديم مجسما، صليب ۽ ٻيا اهڙي قسم جا تبرڪات، جن تي قديم تحريرون چٽيل هونديون هيون، ۽ اهڙيون نادر شيون جن کي بادشاهن جي نالي سان مناسبت ڪري تاريخي اهميت حاصل هئي، کڻي ايندا هئا ۽ ڏيکارڻ مهل هيڏي هوڏي پيا، جاچيندا هئا ته کين ڪو ڏسي ته ڪونه ٿو !

منهنجو مئنيجر ۽ ان جو رقيب اهڙن ماڻهن لاءِ واجهه پيا وجهندا هئا ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪو اچي نڪتو ته هڪ ٻئي تي چڙهت ڪري هن کي ريهڻ ۽ ريبڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اهڙيون قديم شيون، جي اڪثر هو ڏهن روبلن ۾ خريد ڪري وٺندا هئا، تن لاءِ ڌنوان مذهبي ماڻهو سوين روبل کين ڏيئي ويندا هئا.

هڪڙي ڏينهن منهنجي مئنيجر مون کي سمجهائيندي چيو ته ”هنن فقيرن جو، هن جي گودڙين ۾ لعل لڪل آهن، گهڻو خيال رکندو ڪر، جتي به اهي توکي ڏسڻ ۾ اچن ته وٺي ايندو ڪرين، انهن کان ڪسي پڪي اگهه تي شيءِ خريد ڪرڻ سان لکن جو لاٽ حاصل ٿي سگهندو. “

جيڪڏهن اهڙو ڪو ماڻهو اچي نڪرندو هو ته هو مون کي هڪدم پيٽر واسلڪ کي ڪوٺڻ لاءِ ڊوڙائيندو هو، هو قديم ڪتابن، مجسمن ۽ ٻين اهڙين نادر شين جو ماهر هو، هو ٻڍو مڙس، قد جو ڊگهو هو، هن جي ڏاڙهي باسيل وانگر ڊگهي ۽ هن جو چهرو تازو توانو ۽ بشاش هوندو هو، جنهن ۾ تيز فهم اکيون پيون جرڪنديون هيون، هن جي ڄنگهه جي ڪا رڳ ٿڙڪي ويئي هئي جنهن ڪري لٺ تي منڊڪائي گهمندو هو، ۽ سياري توڙي اونهاري هلڪو لباس پهريندو هو، ۽ مٿي تي بڇڙي مخملي ٽوپي هوندي هيس، جنهن جي شڪل بلڪل اونڌي تئيءَ جهڙي لڳندي هئي. هوءَ ته هو ڇاتيءَ ڪڍي آڪڙ جي هلندو هو، پر دڪان ۾ پير رکندي ئي هن جو بت ڍلو ٿي ويندو هو، مٿو جهڪي ۽ چيلهه ڪٻي ٿي ويندي هئي، ٿڌا شوڪارا ڀري، هو جهٽ پٽ صليب جو نشان بنائيندو هو، ۽ چپن ئي چپن ۾ ڪجهه دعائون ۽ مناجاتون مڻ مڻ ڪري پاڻ تي شوڪاريندو هو، اهڙيءَ بزرگيءَ ۽ پاڪائيءَ جو ڏيک انهيءَ ماڻهوءَ تي هڪدم اثر ڪندو هو، جنهن وٽ اهي نادر شيون هونديو ن هيون ۽ اهي هو اسان کي وڪڻڻ چاهيندو هو.

”ڇا ڳالهه آهي؟ ڪهڙو مسئلو اچي منڌو آهي؟“ اچڻ سان پڇندو هو.

”ٿورو ڏسجو، هي شخص هڪڙو مجسمو وڪڻڻ ٿو گهري، چوي ٿو ته اڄ کان هزار سال پراڻو آهي ؟“

”ڇا چيئه ؟“

”هزار سال.

”اوه ! ٿورا ڪن ٻوڙا اٿم، اهڙيءَ ريت خدا پنهنجي ٻاجهه سان مون کي بي دين نائڪان جي فرقي وارن جي ڳالهين ٻڌڻ کان پناه ڏني آهي.“

پنهنجي ٽوپي لاهي. مجسمي کي هٿ ۾کڻي ان تي لکيل عبارت کي ڦيري گهيري ۽ ڪاٺ جي ڪهنائيءَ کي جانچي اکيون ڇنڀي چوڻ لڳندو هو،”انهن نائڪان جي فرقي وارن کي ته خدا جو خوف ئي ڪونهي، هنن کي پتو آهي ته اسان کي قديم شين سان ڪيتري قدر نه پيار آهي، ۽ ڪن کي وري شيطان سبق ڏنا آهن، تنهن ڪري ماڻهن کي ڀنڀلائڻ لاءِ اهڙيون بناوتي شيون کڻي تيار ڪيون اٿن، اڄڪلهه مجسما تيار ڪرڻ ته ڏائي هٿ جو کيل ٿي ويو آهي. پهرين نظر سان ممڪن آهي هيءَ هڪ هزار سال جو يا اڃا به ان کان پراڻو نظر اچي، پر جي غور سان ڏسبو ته جهٽ پتو پئجي ويندو ته بلڪل نقل آهي.“

جڏهن هو ” نقل “ جو لفظ ڪتب آڻيندو هو، ته ان جو مطلب اهو هوندو هو ته شيءِ اڻ لڀ ۽ املهه آهي. منهنجي مئنيجر ۽ هن جي وچ ۾ ڪيترائي اهڙا مخفي لفظ مقرر ٿيل هوندا هئا، هن جي وسيلي هن کي پتو پئجي ويندو هو، ته ڪنهن مجسمي يا ڪتاب واسطي ڪيتري رقم ڏيڻ گهرجي، مثلن جيڪڏهن ”دکي ۽ اداس“ چوندو هو ته ان جو مطلب هو ته ڏهه روبل ڏيڻ گهرجن، غريبن کي اهڙي ريت ٺڳبو ڏسي، مان شرم ۾ ٻڏي ويندو هوس، پر ان ڳالهه کي ڇڏي، هنن جي اهڙي حرفت ۽ هوشياريءَ مان مزو به ايندو هوم.

”اهي ڪافر نائڪان فرقي وارا، جن جو شيطان رهنما آهي، هر ڪا ڳالهه ڪري سگهن ٿا، ٻيو ته ڇڏيو، پر دستخط به اصلي معلوم پيا ٿين جيتوڻيڪ بلڪل ڪوڙا آهن، پر رنگ ۽ روغن ڏسو! انهن ۾ هڪجهڙا ئي بلڪل ڪانهي. حالانڪ اوشاڪوف جهڙي قديم استاد، بي دين هجڻ جي باوجود به سڄو مجسمو پنهنجي هٿ سان مڪمل ڪيو هو، هن پاڻ ڪاٺي گهڙي خط ۽ خال تيار ڪري ان ۾رنگ ڀريو هو، ايتري قدر جو آخري هٿ به پاڻ هنيو هئائين ۽ عبارت به پاڻ لکي هئائين. پر اسان جي ڏينهن جا گنهگار بندا ايتري به محنت نٿا ڪن. اڳئين زماني ۾ مجسما جوڙڻ مقدس ڪم ليکيو ويندو هو، پر اڄڪلهه اهو هڪ ڌنڌو ٿي پيو آهي !“

آخر ۾ مجسمي کي نزاڪت سان دخل تي رکي ٽوپي مٿي ۾ وجهي چوندو هو، ”اهو گناه !“ ان جي مخفي اها معنيٰ هئي ته ”خريد ڪريو، خريد ڪريو!“

هن جي اهڙي چرب زبانيءَ ۽ فصاحت کان هڪو ٻڪو ٿي، وڪڻندڙ سست آواز ۾چوندو هو، ”مگر سائين توهان جو هن مجسمي بابت ڇا خيال آهي!“

”هي مجسمو ڪافر نائڪان جي فرقي وارن مان ڪنهن ڪافر جو جوڙيل آهي.“

”پر ائين ٿي نه ٿو سگهي! اسان جا وڏڙا هن مجسمي جي اڳيان عبادت ڪندا هئا.“

”نائڪان فرقي وارا تنهنجي ابن ڏاڏن کان به اول جا آهن، پوءِ هو مجسمي کي بلڪل وڪڻندڙ جي نڪ سامهون جهلي، ترش لهجي ۾ چوندو هو،”هن جي چهري تي ڪهڙي بي وقتي مرڪ آهي، ڇا ان کي مقدس مجسمو چئي سگهجي ٿو؟ هي ته هڪ سادو سودو ڪاٺ جو پتلو آهي. ان جي فن ۾نه روح آهي. نه جان، صرف ڪافرن جي کيڏ ۽ اٽڪل آهي. ڇاتون چاهين ٿو ته مان سچ کي لڪائي ڪوڙ ڳالهايان! نه بابا نه، مون کي خدا کي منهن ڏيکارڻو آهي، پنهنجي قيامت ڪاري ڪرڻي نه آهي.“

پوءِ دڪان مان نڪري ٻاهر ورانڊي ۾ ٿي بيهندو هو، هلڻ وقت پيريءَ سبب ڪمزور ۽ هنجو منهن خار ۾ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ايندو هو، ته ڇو هن جي راءِ کي صحيح نه سمجهيو ويو هو.

منهنجو مالڪ پوءِ ڪجهه روبل ڏيئي، وڪڻندڙ کان اهو مجسمو خريد ڪري وٺندو هو، ۽ وڃڻ وقت اهو ڳوٺاڻو وڪڻندڙ ورانڊي ۾ بيٺل پيٽر کي جهڪي سلا م ڪري هليو ويندو هو، ۽ مان جهٽ پٽ چانهه لاءِ هوٽل مان پاڻي کڻڻ لاءِ هليو ويندو هوس، جڏهن موٽي ايندو هوس ته ڏسندو هوس ته ٻڍو کڙو تڙو ويٺو هوندو هو. ۽ مجسمي جا عمدا نقطا منهنجي مئنيجر جي فائدي لاءِ ويٺو ٻڌائيندو هو –”ڏس هن کي ڪهڙو نه خيال سان گهڙيو ويو آهي! ان جي رنگائيءَ جو ڪم به ڪنهن خدا جي پياري پوري خوف ۽ مذهبي جذبي هيٺ ڪيو آهي.“

”تنهنجي خيال ۾ هن جو بنائيندڙ ڪير هوندو؟ منهنجو مئنيجر خوشيءَ ۾ڦاٽندي پڇندو هوس.

”اڃا ته پتو نه ٿو پوي، چڱو ڀلا، اهو منهنجي حوالي ڪر ته شهر ۾ ڏيکاري، ڪو گراهڪ پيدا ڪري وٺان.“

”اوه، پيٽر!“

”جيڪڏهن مون ڪو سٺو گراهڪ ڦاسايو، ته توکي صرف پنجاه روبل ملندا، وڌيڪ منهنجو آهي.“

”اوه !“

اهي ٻيئي بي ضمير ۽ پوءِ چانهه جا ڍڪ ڀرڻ ۽ هڪ ٻئي کي چور اکين سان نهارڻ لڳندا هئا، منهنجو مئنيجر بلڪل پوڙهي پيٽر جي قبضي ۾ هو. جڏهن هو هليو ويندو هو، ته منهنجو مئنيجر مون کي چتاءُ ڏيندي چوندو هو، ”خبردار متان ٻڍيءَ مالڪياڻي کي ڪجهه ٻڌايو اٿئي!“

جڏهن مجسمي بابت مٿو هڻي ٿڪبا هئا، ته منهنجي مئنيجر هن کان پڇندو هو، ”شهر ۾ ڇا پيو وهي واپري؟“

ٻـُڍو مزي سان ڏاڙهي تي هٿ گهمائي، پنهنجن سڻڀن چپن تي زبان مرڪائي، شهر جون ڪوڙيون سچيون واپارين انهن جي وڏن سودن، دعوتن شادين ۽ عشق محبت جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪندو هو، هو انهن ڳالهين کي اهڙو مرچ مصالحا لڳائي ٻڌائيندو هو، جيئن ڪو بورچي ست رڇي طعام تيار ڪندو هجي، انهن ڳالهين کان پوءِ هو ان طعام سان گڏ پنهنجي کل جي چٽڻي پيش ڪندو هو، منهنجي مالڪ جو منهن حسد ۽ هوس ۾ ڪاراٽجي ويندو هو، هن جا دوڏا ساڙ ۾ ٻاهر نڪري ايندا هئا، ۽ شڪايت ڪندي چوندو هو، ” ٻيا مزا ماڻين، مان پيو هتي ڳهان !”

”هرڪنهن جو نصيب اول ئي لکجي چڪو آهي. هڪڙن جي مٿان فرشتن جو سايو آهي، پيا عيش ڪن، ٻين تي شيطان جو پاڇو آهي، پيا بکن ۾ سڙن.“

هن ڏنڊي مشٽنڊي پوڙهي کي شهر جي هر ڳالهه جو پتو هو، هن کي شهر جي واپارين آفيسرن پادرين ۽ عام ماڻهن جي ڳجهن ۽ خانگي معاملن جي به خبر هئي، هن جي نظر شڪري وانگر تيز ۽ هن جاڪم بگهڙ ۽ لومڙ وارا هئا، مون کي هن جي چيڙائڻ مان مزو اچي ها، پر هن تائين پهچي نه سگهندو هوس، هو مون ڏانهن ائين ڏسندو هو، ڄڻ پري کان ڪنهن ڪوهيري جي پردي مان نهاريندو هجي، مان ائين محسوس ڪندو هوس، ته هن جي چوگرد هڪ وڏي کاهي کنيل آهي، ۽ جيڪو به هن جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو، سو ان ۾ اونڌي منهن ڪرندو. مان محسوس ڪندو هوس ته هن ۾ ۽ جئڪ شوموف ۾مڙيئي ڪا هڪ جهڙائي هئي.“

جيتوڻيڪ منهنجو مئنيجر هن جي اڳيان ۽ هن جي پرپٺ هن جي هوشياريءَ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو هو ته به هو چاهيندو هو ته ڪو اهڙو هجي جو هن سان ڳالهين ۾ ويڙ کائي ۽ مات ڪريس.

”تون وڏو ٺڳ آهين! “منهنجو مئنيجر ترش ٿي، هن کي چوندو هو، جنهن تي ٻڍو ٽهڪ ڏيئي، وراڻيندو هو، بي عيب خدا جي ذات آهي، ۽ ڌوڪو ڏيڻ انهيءَ جو ئي وڙ ناهي، توکي پتو آهي ته اسان جون حياتيون احمقن جي وچ ۾ئي گذرن ٿيون، پوءِ ڇا، تون بيوقوفن کي اُلو بنائڻ کان سواءِ وهنوار ڪري سگهين ٿو ؟ آخر انهن جي حماقت جو جواب ڪهڙو ٿي ٿو سگهي ؟“

منهنجو مئنيجر تپي چوندو هو، سڀئي ڳوٺاڻا احمق ڪين آهن، آخر اهي تاجر ۽ واپاري ڳوٺن مان نٿا اچن ته ڪٿان ٿا اچن ؟“

”اسان واپارين جي ڳالهه ڪانه پئي ڪئي، بيوقوفن ۽ بدمعاشن ۾ فرق آهي. بيوقوف بدمعاش ٿورا ئي ٿي سگهندا ! بيوقوف ته درويشن وانگر آهن ۽ انهن جو دماغ هميشه آرام ۾ آهي.“

هن ٻڍي جو اينگهه ڏيئي ٽوڪ واري لهجي ۾ ڳالهائڻ ماڻهوءَ کي چوچڙيون ڏيئي ڇڏيندو هو. ائين لڳندو هو، ته هو ڌٻڻ جي وچ ۾ هڪڙي سڪي دڙي تي ويٺو آهي، توهين مٿو ڦاڙي رکو، پرمجال جو هن کي ڪاوڙ اچي. يا هن کي ڪاوڙ ايندي ئي نه هئي يا ڪاوڙ کائي وڃڻ جي کيس ڪا اٽڪل هئي، انهيءَ هوندي به پاڻ اڳرائي ڪري اچي مون سان هٿ ڳنڍيندو هو. هڪڙي ڀيري منهنجي ويجهو اچي ڪوڙي مرڪ آڻي، پڇڻ لڳو، ”ها، انهيءَ فرينچ ليکڪ جو نالو ڇا هي – پونٽوس ؟“

لفظن کي اهڙي ريت ابتي ڪرڻ تي منهنجي رڳ رڳ ۾ باهه لڳي وئي. پاڻ روڪي جواب ڏنومانس، ”نه، پونسون ڊيوٽريل “-” ڇا چيئي؟ ڪنهن جون اکيون ؟“

”ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ڇڏي ڏيو، اوهين کير پياڪ ٻار ڪين آهيو.“

”سچ آهي، مان ٻار ڪين آهيان. ڀلا ڪهڙي ليکڪ جو ڪتاب پيو پڙهين ؟“

”ابرام سائرن جو.“

”ڪير چڱو لکن ٿا – ٻاهرين ملڪن جا ليکڪ يا هي اسان وارا ؟“

مون ڪو به جواب ڪونه ڏنس.

”ٻاهريان ليکڪ خاص ڪهڙي موضوع تي لکن ٿا ؟“

”هر انهيءَ ڳالهه تي جيڪا زندگيءَ ۾ ٿي سگهي ٿي.“

”چئبو ڪتن،گهوڙن، گڏهن ۽ ٻين اهڙين شين تي، جن جو زندگيءَ سان واسطو آهي !“

منهنجو مئنيجر ڏند ٽيڙڻ لڳو، ۽ مون کي مچ لڳي ويو.

مان پاڻ کي انهيءَ ماحول ۾ اداس ۽ غمگين محسوس ڪندو هوس، پر جي اتان ڇڏي وڃڻ جي ڪندو هوس، ته منهنجو مئنيجر روڪي ڇڏيندو هو...

”ويندين به ڪيڏانهن ويندين ؟“

۽ ٻـُڍو وري مونکي چيڙائڻ لاءِ پڇندو هو، ”چڱو سائين عالم! هڪڙي ڳجهارت ته ڀڃ. سمجهه ته تون هڪ هزار اگهاڙن ماڻهن جي اڳيان بيٺو آهين انهن مان اڌ مرد آهن ۽ اڌ عورتون انهن مان حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي ڳولي ڪڍندين ؟“

هڪڙي ڏينهن هو مون کان ور ور ڪري اهو سوال پڇڻ لڳو جڏهن ڪو به جواب نه مليس، ته فاتحانه نموني جواب ڏنائين، ”اڙي ڪم عقل، توکي اهو به پتو نه ٿو پوي! ڇاڪاڻ ته خدا انهن ٻنهي کي ڪنهن پيٽ مان پيدا نه ڪيو هو، پر خلقيو هو، تنهن ڪري انهن کي دُن َ وٽ ناڙي جا نشان نه هوندا !“

منهنجو مئنيجر وري به ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.

ٻڍي وٽ اهڙين ڳجهارتن جا انبار هئا، جنهن ڪري هو مون کي بلڪل ٿڪائي رکندو هو.

دڪان تي، شروعات وارن ڏينهن ۾. مون جيڪي ڪتاب پڙهيا هئا، انهن جون ڪهاڻيون پنهنجي مئنيجر کي ٻڌائيندو هوس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهي ڪهاڻيون ابتيون ۽ گندي صورت ۾ مون وٽ اچي پهچنديون هيون، منهنجو مئنيجر ڇا ڪندو هو، جو انهن کي ڪٽي سٽي ۽ انهن ۾ فحش اضافو ڪري، پيٽر کي ٻڌائيندو هو ۽ هو حضرت وري ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن وانگر انهن ۾ ڪاريگريءَ سان اگهاڙيون ڳالهيون ڳنڍي ڇڏيندو هو. تان جو انهن جي گندين زبانن منهنجن پيارن سورمن ايوجين گرانڊيٽ، هينري چوٿين ۽ لــُڊ ملا جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي.

مان محسوس ڪندو هوس ته اُهي اها حرڪت مون کي تنگ ڪرڻ جي خيال کان نه پر پنهنجي وندر لاءِ ڪندا هئا، ڪيئن به هو پر اها ڳالهه منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي. اهڙي گند اوڳاڇڻ کان پوءِ سوئر وانگر پنهنجي گند ۾ ليٿڙندي انهن کي مزو ايندو هو، اهي انهن ڪهاڻين جي چڱين خوبين کي، جي هنن کي کل جهڙيون لڳنديون هيون، بدلائي خوشيءَ ۾ ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا.

سڄي بازار، ان جا سڀ واپاري ۽ دڪاندار غير فطري ۽ هٿرادو زندگي گذاريندا هئا، ۽ ان کي هميشه ٻاراڻين ۽ بيوقوفي وارين يا ڪريل حرڪتن سان وندرائيندا هئا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو کانئن ڪو ڏس پتو پڇندو هو ته ان کي ڄاڻي واڻي غلط ڏس ڏيندا هئا، ۽ اها ڳالهه اهڙي ته عام ٿي ويندي هئي، جو ان مان پوءِ هنن کي مزو ئي نه ايندو هو. ٻه ڪئا ڦاسائي، انهن جا پڇ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ڪئا ويچارا هڪ ٻئي کي ڇڪڻ يا چڪ پائڻ لڳندا هئا، ته ڪئن جي اهڙي بدحواسي ۽ تڪليف ڏسي، هو ٽهڪڙو مچائي ڏيندا هئا يا ڇا ڪندا هئا، جو ڪئن جي مٿان گاسليٽ هاري، انهن کي باهه ڏيئي، تماشو ڏسڻ بيهندا هئا، ڪتي جي پڇ ۾ ٽين ٻڌي، ان کي ڊڪائيندا هئا، ٽين ڪتي جي پٺيان ٺڪ ٺڪ ڪندو ويندو هو ۽ ڪتو ويچارو ڊپ ۽ تڪليف وچان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳندو هو ته هي به ٽهه ٽهه ڪرڻ لڳندا هئا.

هنن وٽ اهڙن قسمن جون اڪيچار وندرون هيون، هنن جي هلت سڀني ماڻهن خاص طرح ڳوٺاڻن سان اهڙي هوندي هئي، جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته انهن جي زندگي هنن لاءِ محض هڪ وندر جي شيءِ آهي. هنن جي ٻين ماڻهن سان لڳ لاڳاپي مان به اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي ته ان ۾به هڪ ٻئي جي مذاق ڪرڻ، هڪ ٻئي کي ڏک ڏيڻ، هڪ ٻئي جو جيئن حرام ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي، مون کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو هو ته ماڻهن جي هڪ ٻئي کي شڪي ۽ شرمسار ڪرڻ جي انهيءَ ذاتي ۽ حيواني جذبن جو ڪتابن ۾ ذڪر ڇو نه ٿي ڪيو ويو !

خاص طرح هيٺئين ڳالهه مون کي حيراني ۽ چڙ ڏياريندڙ لڳي، اسان جي دڪان جي بنهه سامهون اوني سامان جو دڪان هو، انهيءَ دڪان جو وڪري وارو نوڪر سڄي شهر ۾پيٽوڙي مشهور هو، هن جو مالڪ پنهنجي انهيءَ ملازم جي خوراڪ جي ڊاڙ اهڙيءَ ريت هڻندو هو، جيئن ڪو پنهنجي پهري جي ڪتي يا ميل جي گهوڙي جي هڻندو هجي ۽ ڀر وارن دڪاندارن سان شرطون ٻڌندو هو – ”آهي ڪو ماءُ جو لال، جو ڏهه روبل شرط رکي ؟ مشڪا ٻن ڪلاڪن ۾ڏهه پائونڊ گوشت کائي ٿو !“

سڀني کي پتو هو ته اهو مشڪا جي ڏائي هٿ جو کيل هو، تنهن ڪري جواب ڏيندا هئا، ”شرط ڪير رکندو؟ باقي جي تون چوين ته گوشت جو خرچ اسين ڀرينداسين ۽ تماشو ڏسنداسين.“ ۽ ٻيو هن کي سُرُ جهلائي چوندو هو، ”پر اهو هڏن کان سواءِ نجو گوشت هوندو.“

هڪڙي ڀيري شام جو هو اڃا انهيءَ واهيات مذاق ۾هئا، ته اندران اونداهي دڪان مان هڪڙو ڏٻرو مڙس ٻاهر نڪري آيو، هن جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل ۽ ڏاڙهي صاف هئي، هن جي بت تي ڊگهو ڪوٽ پهريل هو، جنهن تي ڳاڙهي چمڙي جو پٽو اوني ڦندڻن سان ويڙهيل هو، هو اچڻ سان پنهنجو ننڍڙو مٿو ادب سان جهڪائي، پنهنجون خاموش اندر تي پيٺل اکيون کڻي، پنهنجي مالڪ جي گول، ڳاڙهي ۽ ماس سان ڦاٽندڙ منهن ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ جواب لاءِ ماٺ ڪري بيهي رهيو، مالڪ اتاڇري نموني پڇيس، ”ڪيئن ڙي! سوئر جي سڄي ران کائي ويندين ؟“

”ڪيتري وقت ۾؟“

”ٻن ڪلاڪن ۾.“

”البت مشڪل آهي.“

”ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“

”انهيءَ سان گڏ شراب جا ڪجهه ڍڪ به ملڻ گهرجن.“

”چڱو.“

پوءِ مالڪ ماڻهن کي ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ”ائين نه سمجهجو ته خالي پيٽ سان کائي رهيوآهي، نيرن تي دستور مطابق ٻه پائونڊ کاڌو اٿائين ۽ منجهند جو ماني تي به پيٽ خوب ڏلهيو اٿائين.

جهٽ پٽ ران آئي ۽تماشائي جايون وٺي ويهي رهيا، واپاري پنهنجي ٿلهن ڪوٽن ۾ڪپڙن جي ڳٺڙين وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيا، انهن سڀني جا ڀڀ ٻاهر نڪتل هئا، ڪي پنهنجي ٿولهه جي ڪري ڪٻا ٿي ويا هئا، پر سڀني جون اکيون ننڍڙيون هيون، بيزاري ۽ بي مزگي انهن جي لا علاج بيماري هئي. هو پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي کائيندڙ جي چوگرد گول ٺاهي بيهي رهيا، مِشڪا کي گوشت وڍڻ لاءِ ڀريون ۽ کائڻ لاءِ مانيون ڏنيون ويون. پاڻ تي صليب جو نشان بنائي، هو هڪڙي ان جي ڳٺڙيءَ تي ويهي رهيو پنهنجي اڳيان پيل ٽيبل تي ران کڻي رکيائين، ۽ پنهنجون چنجهيون اکيون ان ۾ کپائي ان جو جائزو وٺڻ لڳو.

گوشت جو وڏو ٽڪر ڪپي، مانيءَ جي ٿوري ٽڪر جي وچ ۾ ڏيئي هڪڙو گرنهه ڪري وات ۾ وڌائين. هن جا چپ ڏڪڻ لڳا، هن پنهنجي ڪتي جهڙي ڊگهي زبان ڪڍي چپن کي آلو ڪيو، ته هن جا تيز چڪيندڙ ڏند چمڪڻ لڳا، ۽ گوشت کي چٻاڙڻ لاءِ ڄاڙيون هيٺ مٿي ڪرڻ شروع ڪيون.

”شروع ٿي ويو !“

”وقت ڏسجانءِ.“

سڀئي اکيون هن جي مشين جهڙي چٻاڙيندڙ منهن ۾کپي ويون. سڀئي هن جي ڄاڙين جي هيٺ مٿي ٿيڻ ۽ وات جي چٻڪن کي چتائي ڏسڻ لڳا، جيئن ئي هن جي ٻاهر نڪتل کاڏي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، ته واپارين بي حيائيءَ وارا چرچا شروع ڪيا.

”بلڪل رڇ وانگر ٿو کائي !“

”ڪڏهن رڇ کي ڀي کائيندو ڏٺو اٿئي ؟“

”ڇا، مان جهنگ ۾ رهندو آهيان؟ منهنجي چوڻ جو مطلب هو ته رڇ وانگر ڳڙڪائيندو ٿو وڃي.“

”تنهنجو مطلب آهي سوئر وانگر.“

”سوئر، سوئر کي نه کائيندو آهي.“

سڀني ۾ٽهڪڙو مچي ويو، انهن مان هڪ پنهنجي آزمودي مان چيو، ”سوئر ته سڀ چٽ ڪري ويندا آهن، پنهنجا کير پياڪ ٻچا ۽ پنهنجون ڀينرون به.“

هوريان هوريان مشڪا جو منهن ڪاراٽجي ويو، هن جي ڪنن جون پاپڙيون نيريون ٿي ويون، هن جون مايوس اکيون پنهنجن کوپن مان ذري گهٽ ٻاهر نڪري آيون، هن جو ساه ڏاڍيان کڄڻ لڳو، پر هن جي ڄاڙي ساڳيءَ رفتار سان هلندي رهي.

”مشڪا آرام سان اڃا وقت پيو آهي.“

هو ڍڪرن ۾ پئجي ويو، اک کڻي بچيل مال جي ڪٿ ڪر ي، شراب جو ڍڪ ڀري، وري شروع ٿي ويو، جيئن پوءِ تيئن تماشائي موج ۾ايندا ويا، ۽ گهڙي گهڙي مالڪ جي هٿ ۾جهليل واچ ڏانهن نهاري هڪ ٻئي کي چوندا رهيا، ”اڙي ائين ته ناهي ته هن ڪانٽا پٺتي ڪري ڇڏيا آهن !“ ”ڪنهن ٻئي کي ڏيو ته اهو واچ جهلي!“مشڪا کي اک ۾ رکجو، متان ڪجهه گوشت جهوليءَ ۾نه لڪائي ڇڏي.“ ” ڪڏهن به وقت جي اندر پورو ڪري نه سگهندو.“

انهيءَ تي مشڪا جي مالڪ گرم ٿي چين،”لڳي روبل روبل شرط؟ شاباس، مشڪا، شاباس!“ سڀ ماڻهو هن سان بحث ڪرڻ لڳا، پر ڪنهن کي همٿ نه ٿي جو کڻي هن سان شرط رکي.

مشڪا برابر کائيندو رهيو، هن جي منهن جو رنگ سوئر جي ران جي چـَٽَ جهڙو ٿي ويو، هن جي چهنبدار نڪ جون ناسون ڦنڊي ويون، ۽ هن جي حالت ڀؤ جهڙي ٿي ويئي. ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄاڻ ٿو بيان ڪري چوي ته ”خدا لڳ، مون تي رحم ڪريو ؟“

نيٺ هو سڀ گوشت چٽ ڪري ويو، پنهنجون ڦرڪندڙ اکيون کولي گهگهي ۽ ٿڪل آواز ۾ مئنيجر کي عرض ڪيائين، ”هاڻي مان سمهڻ وڃان؟“

مئنيجر ڪاوڙ ۾ واچ ڏينهن نهاري، رڙ ڪئي،”اڙي سوئر! تو چار منٽ وڌيڪ لڳائي ڇڏيا! ائين چئي هو واپاري ڀائرن ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.

هو سڀ هن سان چرچا ڪرڻ لڳا، - ”شڪر ڪر جو اسان توسان شرط نه رکي نه ته چڱي سيکت اچي وڃئي ها.“

”ڪيئن به هجي پر مڙس کائڻ جو ڀلا آهي–”خدا به انسان جي شڪل ۾ ڪهڙا نه ديو خلقيا آهن“-” چانهه بابت ڇا خيال آهي؟“

پوءِ سڀ ٻڪرين جي ولر وانگر هوٽل ڏانهن ڌوڪيندا ويا.

مون کي عجب لڳندو هو ته انهن جي پٿر جهڙين دلين ۾ اهو ڪهڙو جذبو هو، جو هن گگدام جي چوگرد ميڙ ڪري اچي بيهندا هئا، ۽ هن جي پيٽ ڦاٽڻ جيتري کارائڻ مان مزو حاصل ڪندا هئا؟

اهو تنگ ۽ تاريڪ دڪان هر وقت ان جي ڳٺڙين، رڍن جي کلن، نوڙين، جوتن ۽ گهوڙن جي سامان سان سٿيو پيو هوندو هو، دڪانن جا ٿلها هوا، مينهن ۽ برف خراب ڪري ڇڏيا هئا، ۽ انهن جي مٿان گارو لنبيل هوندو هو، جو هِتان هـُتان نڪتو گهارا گهارا ٿيو پيو هوندو هو، انهيءَ جڳهه جو سمورو نقشو مون کي ياد آهي، اهي رنگ ۽ روغن کان محروم ڀتيون، اهي شڪسته حال سرون، چوني نڪري وڃڻ ڪر ي پيدا ٿيل وٿيون، مطلب ته هر شيءِ منهنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي اڪرجي ويئي هئي.

اسان جي سامهون پيادل ويندڙ، ڪنارو ڏيئي پيا رڙهندا هئا. گاڏيون ۽ مال سان سٿيل سليجون هوريان هوريان چيڪٽ ڪنديون وينديون هيون، گهٽي پار ڪرڻ کان پوءِ چوسول وٽ بازار هئي، جنهن ۾ منڊي لڳندي هئي. اتي خالي کوکا پلال، مروٽيل ڪاغذ، گپ ۽ لتاڙيل، برف جا ڳنڍا ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا.

هر ڪا شيءِ ماڻهو توڙي گهوڙا، هلڻ چلڻ جي باوجود بي حس ۽ بي حرڪت لڳندا هئا، ائين لڳندو هو، ڄڻ ته هو پنهنجي ڪنهن خيالي مدار جي چوگرد، جنهن سان ڪنهن گمنام رشتي ۾هو ٻڌل هوندا هئا، ڦرندا ٿي رهيا. جهٽ ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو، ڄڻ ته اُنهن جي زندگي بي آواز هئي يا ته آواز اهڙو سنهڙو هون، جهڙي گونگي جي ماٺ. سليج چيڪٽ ڪندا ويندا هئا، دڪانن جون دريون کڙڪڻ لڳنديون هيون،گهورڙين جا هوڪا بلند ٿيندا هئا، پر انهن سڀني جي لهجي ۾مايوسي ۽ مجبوري هوندي هئي. اُهي سڀئي هڪڙي مرضيل ڍنگ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ جلد ئي ماڻهو انهن سان ايترو مانوس ٿي ويندو هو، جو اهي ڄڻ ٻڌڻ ۾ئي نه ايندا هئا !

اويل سويل، ڪنهن نه ڪنهن موت تي وڄندڙ گرجا جا گهنڊ منهنجي ڪنن ۾ وڄندا رهندا هئا، اهو ماتم ڀريو آواز صبح کان وٺي شام تائين اسان جي ڪنن جي مٿان ڇانيو رهندو هو، ان آواز منهنجن خيالن ۽ جذبن کي وڪوڙي ڇڏيو هو، ۽ منهنجي ذهن کي اهو اهڙيءَ ريت گهيري ويو هو، ڄڻ ته اُن جي چوگرد ٽامي جو قلعو قائم ڪري ڇڏيو هئائين.

زمين تي ڪريل برف جي ليڙون ليڙ داغدار دامن، ڇتين جي مٿان ڪريل برف جي ميرانجهڙن تهن، گوشت جي وڍيل ٽڪرن وانگر ڀتين جي سرخ سر ُن – مطلب ته هر ڪنهن شيءِ مان غمگيني، سرد مهري ۽ غربت پيئي بکندي هئي. گهرن ۽ ڪارخانن جي چمنبن مان غمگيني دونهين جي صورت ۾ نڪرندي هئي ۽ مٿي آسمان جي خلا ڏانهن هلي ويندي هئي. غمگينيءَ ۾ ڳهندڙ گهوڙا ڦوڪارڻ ۽ ماڻهو شوڪارن ۾ پورا هوندا هئا. هتي جي ماڻهن ۾ هڪڙي پنهنجي قسم جي گهري ۽ گندي پگهر، سڻڀ، سوئر جي چرٻيءَ، خاڪ ۽ دونهين جي گڏيل سڏيل ڌپ هوندي هئي. اها ڌپ ماڻهوءَ جي مغز ۾ ائين گهر ڪري ويندي هئي، جيئن سياري ۾ڪنٽوپ سڄي مٿي کي ڍڪي ڇڏيندو آهي. ماڻهوءَ جي دل منجهڻ لڳندي هئي ۽ مٿو اهڙو ڦرڻ لڳندو هو، جو جيءُ چاهيندو هو ته اکيون بند ڪري، وٺي واڪا ڪجن، ۽ ڊڪ پائي، وڃي پنهنجو مٿو ڀت سان هڻجي.

مان واپارين جي منهن ڏانهن گهوري نهاريندو هوس. اُهي متل هوندا هئا ۽ رت سان پيا ڦاٽندا هئا. هو اهڙا ٽوٽي ۽ سست لڳندا هئا، ڄڻ ننڊ مان هاڻي اٿيا آهن، ۽ ڪنڍيءَ ۾ ڦاسي، ڪناري تي آيل مڇيءَ وانگر وات پٽي، هميشه پيا اوٻاسيون ڏيندا هئا.

سياري ۾بازار سرد هوندي هئي، واپارين جي اکين جي اُها چستي ۽ چمڪ جيڪا ٻين موسمن ۾سندن جوش ۽ اتساه کي عيان ڪندي هئي، گهٽجي ويندي هئي. هنن جي جسمن تي جيڪي ڳورا پشم جا ڪوٽ پيل هوندا هئا، انهن کان هنن جا بدن جهڪي ويندا هئا ۽ رفتار ڍلي ٿيو ويندي هئين، هنن جو ڳالهائڻ ڍلو هوندو هو، پر ڪاوڙ ويل انهيءَ ۾ دل پئجي ويندو هو. مون کي ائين لڳندو هو ته انهن ڪاوڙ انهيءَ ڪري ٿي ڪئي، جيئن ڏيکاري سگهن ته اڃا هنن جي جسم ۾جان آهي.

مان چٽيءَ ريت ڏسي سگهندو هوس ته اداسائي ڪهڙيءَ ريت نه هنن جو انت آڻي رهي هئي هنن جي غمگين رهڻ جو ۽ ٻين ماڻهن کي پنهنجي واهيات مسخرين سان تڪليف پهچائڻ جو فقط هي سبب هو ته هو سدائين پنهنجيءَ اُن اداسائيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ڦاٿل هوندا هئا.

مان ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ بابت پيٽر سان ڳالهائيندو هوس. جيتوڻيڪ مون سان هن جي روش گهڻو ڪري ٽوڪ ۽ ٺٺول ڀري هوندي هئي، ته به منهنجي ڪتابن پڙهڻ جي چاه تي هو خوش ٿيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن کـُلي، گنڀير ٿي ڳالهائيندو هو ۽ سمجهائيندو هو.

”هي واپاري جنهن نموني جي زندگي گذاري رهيا آهن، ان کان مون کي نفرت آهي.“ مون چيو.

پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي پنهنجن ڊگهين آڱرين ۾ مروڙيندي، وراڻيائين، ”تو کي خبر آهي ته هو ڪيئن رهن ٿا، تون هنن جي گهرن ۾ ڪڏهن ويون آهين؟ منهنجا دوست، هيءَ ته گهٽي آهي، گهٽيءَ ۾ ته ڪوبه ماڻهو رهندو ڪين آهي. ماڻهو هتي صرف ڌنڌو ڪندا آهن، جڏهن اهو ختم ڪندا آهن، تڏهن جيترو ٿي سگهندو اٿن، اوترو جلد هو پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا آهن. ٻاهر ماڻهو ٺٺ ڪري نڪرندا آهن. توکي خبر آهي ته اُنهن جي پوشاڪن جي اندر ڇا آهي؟ ماڻهوءَ جو صحيح پتو هن جي گهر جي چوديوارين جي اندر پوي ٿو ۽ توکي ان جو ڪجهه به پتو ڪونهي !“

”اِهو بلڪل ٺيڪ آهي، پر ڇا، هنن جا خيال هتي ساڳيا گهر وارا نه هوندا آهن ؟“

”توکي ڪيئن پتو پئجي سگهندو ته تنهنجي پاڙيسريءَ جي دل ۾ ڇا آهي؟“ پوڙهي پيٽر اکيون ڦرڪائيندي چيو، ”ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي خيالن جو اندازو ڪري نٿو سگهي، اها ڳالهه ممڪن آهي ته ماڻهو جڏهن پنهنجي گهر واپس پهچي ٿو ته پنهنجن گوڏن تي جهڪي، ڳوڙها ڳاڙيندي، ڌڻيءَ کي ٻاڏائي چوي ٿو، ته ’منهنجا مالڪ! مون کي بخشجانءِ، مون اڄوڪو سڄو ڏينهن بيهودگين ۾ گذاري خراب ڪري ڇڏيو!‘ جتي هو اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي مالڪ جي اڳيان حاضر ٿئي ٿو. هر ڪو ڪوريئڙو پنهنجي ڪنڊ پاسي ۾خوش آهي، پنهنجو ڄار اڻي ٿو، ۽ پنهنجي روءِ سوءِ رهي ٿو.“

سنجيديءَ گفتگو ويل هن جو آواز ايترو ته جهڪو ٿي ويندو هو، ڄڻ ته ٻئي کي ڪا راز جي ڳالهه ٻڌائيندو هجي.

”تو وري ماڻهن تي فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، تون اڃا ننڍو آهين. تو جيتريءَ عمر واري ماڻهوءَ کي ائين مٿي کپائڻ کان وڌيڪ اکيون کولي ڏسڻ جي ضرورت آهي. توکي اکيون کولي سڀ ڳالهيون جانچڻ گهرجن. جيڪي ڏسين، دل ۾ سانڍي ڇڏ، ۽ وات بند رک. دماغ جو واسطو ڌنڌي سان ۽ دل جو واسطو ايمان سان آهي. پڙهڻ چڱو آهي، پر پرجهڻ بهتر، ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جي پڙهي چريا ۽ بي دين ٿي ويا آهن.“

مان هـُن کي غير فاني سمجهندو هوس.منهنجي لاءِ اِهو يقين ڪرڻ ڏکيو هو ته هو ڪو ٻڍو ٿي رهيو آهي، ۽ هـُن ۾ڪو ڦيرو اچي رهيو آهي. هو بدنام ٺڳن ۽ دوکيبازي جون ڳالهيون ڏاڍي چاه سان ٻڌائيندو هو. اهڙيون ڳالهيون اڳي ئي ناني ٻڌائي، منهنجو پيٽ ڀري ڇڏيو هو، ۽ هـُن جي ڳالهين جو ڍنگ پيٽر کان وڌيڪ مزيدار هوندو هو، پر ٻنهي جي ڳالهين جو مقصد ساڳيو هوندو هو، ته دنيا جي دولت خدا ۽ انسان ٻنهي کي رنجائڻ سان گڏ ٿئي ٿي. ناني وانگر پيٽر جي دل ۾ به انسانن لاءِ همدردي ڪانه هئي، باقي خدا جي ذڪر ويل هن جو آواز به نرم ٿي ويندو هو، ۽ ٿڌو ساهه ڀري هٿ کڻي. اکين تي رکندو هو –

”ٻين کي ته ڇڏيو، پر ماڻهو خدا کي به ٺڳڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ يسوع مسيح جڏهن اهو ڏسي ٿو تڏهن ڏک مان چوي ٿو، ’او انسانو! منهنجا ناشاد انسانو ! اوهانجي لاءِ دوزخ جي باه ڀڙڪي رهي آهي.“

هڪڙي ڏينهن چيومانس، ”پر تون پاڻ به ته ڳوٺاڻن کي ٺڳين ٿو.“

هن کي ان ڳالهه تي ڪابه مٺيان نه لڳي، ۽ چوڻ لڳو، ”انهيءَ تي ڇا جي لاءِ ويهي ڳڻتي ڪريان؟ مان هنن کي ڪهڙو ٺڳيندو آهيان. اِهي ٻه ٽي روبل – اها ته ڪا وڏي رقم ڪانهي.“

جيڪڏهن هو انهيءَ وقت اچي نڪرندو هو، جڏهن مان ڪتاب ويٺو پڙهندو هوس، ته منهنجي هٿن مان ڪتاب کسي، جيترو پڙهيو هوندو هوم، انهيءَ تي سوال پڇڻ شروع ڪندو هو، پوءِ عجب ۾ منهنجي مئنيجر کي رڙ ڪري چوندو هو، ”اڙي سائين ٻڌ ته ! هي ڇوڪر ڪتابن کي خوب ٿو سمجهي!“

هڪ ڀيري، ان کان پوءِ هن جيڪا تقرير ڪئي هئي اها منهنجي حافظي ۾اڃا محفوظ آهي –

جيڪي ڪجهه چوان ٿو اُنهيءَ جي ٻڌڻ مان تنهنجو فائدو آهي. گهڻو وقت ٿيو، ٻه لاٽ پادري هئا. هڪڙو اسڪندريه ۾ رهندو هو ۽ ٻيو جيروسلم ۾. اسڪندريه واري پادريءَ هڪڙي دهرئي، جنهن جو نالو اسٽوريس هو، جي خلاف جهاد ڪيو، ان دهرئي جي دماغ ۾هڪڙو ڪمينو خيال اچي پيدا ٿيو هو ته، ’بيبي مريم کان سچ پچ گناه ٿي ويو هو، تنهن ڪري هوءَ عيسيٰ جي ماءُ نه هئي ۽ ان جو ٻار انسان هو، پر ان ۾ڪي اهڙيون خوبيون هيون، جن هن کي مسيح“ بنائي ڇڏيو هو، تنهن ڪري مريم کي عيسيٰ جي ماءُ نه پر مسيح جي ماءُ ڪوٺڻ گهرجي،”توکي اها ڳالهه سمجهه ۾اچي ٿي نه؟ اهو ڪفر آهي! جيروسلم جي پادريءَ وري آريه قوم وارن کي خوب ٽوٽا چٻايا.“

مان هن جي مذهبي ڳالهين ٻڌڻ ۾ گم ٿي ويندو هوس. هو پنهنجي ڏاڙهي کي بلڪل پادرين وانگر هٿ ڦيري، ڊاڙ هڻي، چوندو هو، ”مان مذهبي تاريخ جي معلومات جو ماهر آهيان. هڪڙي ڀيري ماسڪو ۾بي دين نڪونائيٽ فرقي وارن سان سندن عقيدن ۽ اصولن تي مناظرو ڪرڻو پيو. هنن جي پادرين، پڙهيلن ۽ جاهلن سڀني سان منهن ڏنم، ها ها، انهن جي پروفيسرن سان به بحث مباحثا ڪيم، انهن مان هڪڙي کي منهنجن لفظن جو ڌڪ اهڙو سنڌائتو لڳو، جو نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس.“

اهڙين ڳالهين وقت هن جي ڳلن ۾ جوت پيدا ٿي ويندي هئي. هن جي لاءِ هن جي مخالف جي نڪ مان رت وهڻ، هن جي وڏي فتح هئي، اهڙين ڳالهين ڪرڻ ۾هن کي بي انتها خوشي حاصل ٿيندي هئي.

”اهو پادري شڪل جو سهڻو ۽ بت جو سگهارو هو. هو ٿلهي تي بيٺو هو ۽ هن جي نڪ مان رت جا ٽيپا ڪري رهيا هئا. هن کي کپندو هو ته شرم وچان ڍڪڻ ۾ ڍڪ پائي ٻڏي ها. پر بي نڪو هو. ڪاوڙ ۾ مڇريل شينهن وانگر گجگويون پئي ڪيائين. هن جو آواز گهنڊ وانگر ڍان ڍان ڪري رهيو هو، پر منهنجا لفظ تير وانگر هن جي پاسرين جي وچ مان اندر هليا ٿي ويا. اهو ماڻهو باه جي کوري مثل هو، ڪفر جي نفرت ڀريل باه هن جي اندر ۾مچ دکائي ڇڏيو هو، ۽ اُها ئي هن جي لاءِ وڏي سزا هئي.“

ڪڏهن ڪڏهن اسان جي دڪان تي ٻيا به دين جا پختا معتقد ماڻهو ايندا هئا. انهن ۾هڪڙو بت ۾ ڀريل ۽اک سان ڪاڻو پاخومي نالي شخص هوندو هو. هن جو منهن هميشه شوڪيل هوندو هو، ٻيو بندري قد وارو پوڙهو ليوشان هوندو هو. هن جي چال ڪئي وانگر سانتيڪي، طبيعت ۾ نرمي ۽ وهنوار ۾ چستي هوندي هئي، ليوشان سان گڏ هڪڙو ٻيو گندو ديو جهڙو ماڻهو هوندو هو، جيڪو ڪوچوان وانگر لڳندو هو، جيتوڻيڪ هن جو قد بت شانائتو ۽ ڏاڙهي ڪاري هوندي هئي، ته به هن جو منهن موت جهڙو ڀوائتو لڳندو هو، ۽ هنجون اکيون هڪ هنڌ گهوري پيون نهارينديون هيون. هي ماڻهو هميشه پاڻ سان وڪڻڻ لاءِ ناياب ڪتاب قديم مجسما ۽ پيالا وغيره کڻي ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هن سان گڏ وولگا جي ڪنارن تي رهندڙ ڪو پوڙهو مرد يا ٻڍي عورت به ساڻ هوندي هئي. جڏهن سودو ٿي ويندو هو، ته هو اسٽولن تي ائين چڙهي ويهندا هئا، جيئن ڪانءَ ٽاريءَ تي. پوءِ بسڪوٽ ۽ چانهه اچي ويندي هئي ۽ نڪونائيٽ فرقي وارن جي پکڙيل بڇڙاين جو ذڪر شروع ٿي ويندو هو –

’.....شهر جي هڪڙي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري، اُنهن جا ڪتاب ضبط ڪري ڇڏيا هئا، ٻيو گهر، جو هنن جي عبادت لاءِ ڪم ايندو هو، تنهن کي پوليس فقري 103 مطابق بند ڪري ڇڏيو هو ۽ مالڪ تي مقدمو داخل ڪيو هو، انهيءَ فقري بابت هميشه پيا مٿي ماري ڪندا هئا، پر ان جو ذڪر هو پاڻ به اهڙي ڍنگ سان ڪندا هئا، جو ڄڻ سياري جي پاري وانگر ڪڏهن نه ڪڏهن ان جو منهن کين به ڏسڻو پوندو، پوليس، چڙهائي، جيل، ڪورٽ، سائبيريا جا لفظ به ڳالهائڻ ۾اهڙي ريت ڪتب آڻيندا هئا، جو ڄڻ ڪنهن ڏينهن حضرت عيسيٰ وانگر مٿن به ڪو مذهبي مقدمو هلي سگهيو ٿي. هنن جا اُهي لفظ منهنجي اندر ۾ٻرندڙ ٽانڊن وانگر دکڻ لڳندا هئا، ۽ هنن جي ساده دليءَ ۾ پختي ايمان کي ڏسي، منهنجي دل ۾ هنن لاءِ همدرديءَ ۽ برادريءَ جا جذبا پيدا ٿي ويندا هئا. ڪتابن جي مطالعي مون کي اُنهن ماڻهن جي عزت ۽ قدر ڪرڻ سيکاريو هو، جن جو ارادو مضبوط آهي ۽ پنهنجي مقصد کي سوگهو جهلي ٿا بيهن. مان زندگيءَ جي مسئلن ڏانهن انهن جي اجائي ۽ بڇڙيءَ روش کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو هوس، ۽ هنن جي صرف بردباديءَ ۽ همت ۽ حوصلي ڏانهن ڏسندو هوس، جنهن جي لاءِ هو وڏي قرباني ڪرڻ لاءِ به تيار هوندا هئا.

پر پوءِ جڏهن انهن سـَنـَون سڌن ماڻهن کان سواءِ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي ماڻهن سان منهنجي ملاقات ٿي، ته منهنجي سمجهه ۾آيو ته اِها سندن ايمان جي پختگي نه پر اُها شيءِ هئي، جا ماڻهن سان مٽيءَ جي تهه وانگر چمبڙي ويندي آهي، جڏهن هو اهڙي هنڌ پهچي ويندا آهن، جتان هو اڳتي وڌي نه سگهندا آهن، نه ئي هنن ۾ اڳتي وڌڻ جي سگهه ۽ خواهش هوندي آهي! صرف لفظن ۽ تصورات جي ڄار ۾ڦاٿل هوندا آهن، سندن ارادي جي قوت بي سرت ٿي ويندي آهي، جنهن ۾ مستقبل ڏانهن ڏسڻ جي صلاحيت باقي نه رهندي آهي، ۽ اهڙن وقتن تي جيڪڏهن هو پنهنجي چيلهه سان ٻڌل اُنهيءَ رسيءَ مان آزاد به ٿي پون، ته به پستيءَ ڏانهن اهڙي طرح هليا ويندا آهن، جيئن جبل جي چوٽيءَ تان پٿر. هنن جي ذهنن ۾ خارش جي مرض ۾ ورتل اهڙي ماڻهوءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي، جو هو پنهنجن اُنهن ڏکن ۽ تڪليفن مان به مزو ماڻڻ لڳندا آهن. اِئين هو پراڻيءَ راهه تي پنهنجن پاروٿن خيالن جي قبرستان ۾ قيد ٿي ويندا آهن-۽ جيڪڏهن کانئن هڪدم سندن تڪليفن ۽ ڏکن جون اُهي ڳالهيون به کسي ورتيون وڃن، ته هنن جو مرڳو وجود ئي اهڙيءَ طرح غائب ٿي ويندو، جهڙيءَ طرح سج نڪرڻ سان ڌنڌ جو وجود اڏري ويندو آهي.

ظاهر آهي ته جن عقيدن لاءِ هو ايتري شوق ۽ فخر سان پنهنجون جانيون ڏيئي ڇڏيندا هئا، انهن تي ڪنهن شڪ يا سوال جي وٽن گنجائش نه هئي. پر سندن اهي عقيدا اهڙي وڳي وانگر هئا، جنهن تي ايتري مٽي ۽ مـَر ُ ڄمي وئي هئي، جو انهن جو وقت جي ڳاراڻي کان بچڻ مشڪل هو. انهن ماڻهن جا خيال تعصب جي صندوقن ۾بند ٿي ڪري، پنهنجو پاڻ دفن ٿي ويا هئا، ۽ اُنهن خيالن جون صورتون ايتريون ڳري کپي ۽ ميٽجي ويون هيون، جو خود کين به معلوم نه هو ته اهي سندن خيال ڇا هئا ۽ ڇا لاءِ هئا، ۽ ان ڳالهه جي هنن کي ٿوري به پريشاني نه هئي.

اسان جي گهاڻي وانگر هلندڙ زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي انهن پراڻن، رواج ۾ آيل بي سـُرتئي عقيدي تي ٻڌل خيالن کان وڌيڪ دکدائڪ ۽ نقصانڪار آهن، اهڙين ڳالهين جي اوٽ ۾، پٿرن جي ديوارن جي ڇانوري وانگر، نئين شيءِ جي واڌ ڍلي، بدزيبي ۽ ڪمزور ٿئي ٿي. اهڙن اداس عقيدن جي پاڇي ۾ محبت ورلي چمڪي ٿي. انهيءَ جي بدران اُتي بي عزتي رنج، بغض، حسد ۽ ساڙ، جن جون پاڙون نفرت جي زمين ۾ آهن، اسرن ٿا. اهڙن عقيدن ۽ ويساهن جي روشني فاسفورس جي جلد فنا ٿيندڙ تجليءَ مثل آهي، جيڪا ڀڙڪو ته کائي ٿي، پر اُن ۾ آڏو ڏسي ڪجهه به نٿو سگهجي.

اُنهيءَ حقيقت تائين پهچڻ کان اڳ مون ڪيترائي ڀوائتا سال بسر ڪيا، جن ۾ پنهنجي من جا ڪيترائي بت ڊاهي، ڍيري ڪري، ٻاهر ڦٽا ڪري ڇڏيم. پهرين پهرين جڏهن منهنجي پيٽر جهڙن پنهنجي زندگيءَ جي استادن سان ملاقات ٿي هئي ته ماحول جي گهمسان ۽ گنديءَ گپ ۾ گتو پيو هوس، ۽ تڏهن انهن جي ظاهري روحاني طاقت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هوس، مان سمجهندو هوس ته اُهي دنيا جون بي مثال هستيون هيون،گهڻو ڪري انهن مان هر ڪنهن کي ڪورٽ جو منهن، جيل جي هوا، ملڪ نيڪالي نصيب ٿي هئي. ڪڏهن هو پاڻ جهڙن ٻن جوابدارن سان گڏ هنڌان هنڌ تڙيا ويا هئا، مطلب ته انهن سڀني بيوسيءَ، محروميءَ ۽ خوف ۽ هراس واري زندگي گهاري هئي.

مون جلد ئي محسوس ڪيو ته پراڻي وقت ۾ رهندڙ ماڻهو، جي نڪونائيٽ فرقي وارن جي هڪ ٻئي کي بچائڻ لاءِ روپوش ڪري ڇڏڻ واريءَ روش تي چٿرون ڪندا هئا، پاڻ به نه رڳو هڪ ٻئي کي پر خود پنهنجي پاڻ کي به روپوش ڪيو ويٺا هئا، ۽ ان روپوشيءَ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هئا.

ڪٻڙو پاخوسي، جڏهن شراب جي نشي ۾ چور هوندو هو، ته پنهنجي حافظي جي ٻٽاڪ هڻڻ شروع ڪندو هو. هن کي يهودين وانگر ڪيترائي مذهبي ڪتاب ياد هئا، هو ڪتاب جو ڪوئي صفحو کولي، ڪنهن سٽ تي آڱر رکندو هو، ۽ جنهن اکر تي هن جي آڱر پوندي هئي، اتان وٺي پڇاڙيءَ تائين سواءِ ڪنهن هٻڪ جي لس پڙهي ويندو هو، هميشه هن جي هڪ اک اُن وقت زمين تي هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڦرندي هئي، ڄڻ ته اُها ڪنهن وڃايل خزاني جي تلاش ۾ هوندي هئي.

اهڙي ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ گهڻو ڪري هو پرنس مشپتڪسيءَ جو ”روسي انگورن جي ول“ نالي ڪتاب آڻيندو هو، ۽ ان کي به هو اهڙيءَ اٽڪل سان کوليندو هو، جو هميشه ساڳيو باب نڪري ايندو هو، جيڪو کيس برزبان ياد هوندو هو، پوڙهو پيٽر وري هن جي ٽاڪاڻن ڪڍڻ لاءِ هوشيار ويٺو هوندو هو.

بس، هنن جي علم ۽ عقل جي دنيا اها هئي، جنهن ۾ هو گم هئا.

”ائين غلط آهي ! اهو حضرت سائپريان نه پر پاڪ ڊينس ٿيڻ گهرجي.“

”ڪهڙو ڊينس؟ شايد تون ڊائنيشس بابت چوندو هوندين.“

”لفظن کي نه منجهاءِ !“

”پنهنجا واعظ بند ڪر !“

جلد ئي ٻيئي ڪاوڙ ۾ ڀرجي، هڪ ٻئي سان شوخ ٿي، ڳالهائڻ لڳندا هئا، پيٽر رڙ ڪري چوندو هو، ”سچ کي بگاڙيندڙ، بي شرم، منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ!“ ۽ پاخومي جواب ۾ واڪو ڪري چوندو هوس، ”اڙي بدمعاش ٻڪر، تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين، هميشه رنن جي پٺيان نوس نوس ڪندو وتندو آهين !“

منهنجو مئنيجر ڇوڪرن وانگر جوش ۾ اچي، پنهنجي قميص جي ٻانهن کي مٿي ڪندي، هنن ٻنهي مذهب جي چڱن مڙسن سان هڪ نه ٻئي کي هشي ڏيئي، چوندو هو، ”واه جو ٻڌايئيس ! اِنهيءَ جي لائق هو!“

هڪڙي ڀيري پيٽر پنهنجي مخالف کي منهن واري چماٽ وهائي ڀڄائي ڪڍيو، پنهنجي منهن تان پگهر اگهندي ڀڄندڙ کي چيائين،”اهو گناه تنهنجي مٿان آهي خدا جي لعنت هجئي! تو ئي منهنجي هٿ کي گناه ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو.“

پوڙهي کي پنهنجن ساٿين تي الزام هڻڻ مان ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ته هنن ۾ ايمان جو جذبو گهٽ آهي، ۽ هنن کي پيشنگوئيءَ طور چوندو هو ته، ڏسجو، اوهين ڪنهن ڏينهن پرو ٽيسٽنٽ ٿي ويندا !“

هڪ ڀيري ڏاڍي رازداريءَ سان مون کي چيائين، ”اها سڄي چوچڙي هـُن ويڙهو ٻانگي ڪڪڙ اليڪساشيءَ جي لڳايل آهي.“

پروٽيسٽنٽن کان هن کي سخت چڙ هئي، پر جڏهن مون پڇيومانس ته انهيءَ فرقي جا اصول ڪهڙا هئا ؟ ته ڪو سمجهه ڀريو جواب ڪو نه ڏئي سگهيو –” انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪافر ڪونهي. اهي هر ڳالهه کي عقل تي پرکيندا آهن ۽ خدا کي به نه مڃيندا آهن. هو انهيءَ انجيل کان سواءِ ڪجهه نه پڙهندا آهن. جنهن کي جرمنيءَ جي هڪڙي رهاڪوءَ ’لوٿر‘ ٺاهيو آهي. ’لوٿر‘ نالو ’لوسيفائر‘ (شيطان ) لفظ مان نڪتو آهي، لٿر ڪوڙهيو، ڪوڙهيو لوٿر، انهيءَ جي معنيٰ ’ڪوڙو به آهي، اِها سڄي بدعت هيڏانهن اِنهن الهندي جي ملڪن مان آئي آهي ۽ هاڻي ته عام جام پکڙجي رهي آهي.“

پنهنجي منڊي ٽنگ زمين تي هڻي سرد لهجي ۾ چوندو هو، ”ڏسجانءِ هو مقدس مريم جي امتي فرقي وارا اِنهن جو سر کڻندا، اُهي سدائين اِنهن کي پنهنجيءَ اک ۾ رکيو ٿا وتن ۽ جڏهن ور چڙهندن ته باهه جو بک بنائي ڇڏيندن ! هو اسان جو وار به ونگو ڪري نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته اسان جو عقيدو سچو ۽ اصلي، اسان جي اڀرندي پٽ وارو عقيدو آهي، جنهن جو بنياد پختي روسي عقيدي تي آهي، پر هنن جو عقيدو ان الحادي الهندي پاسي کان ورتل ۽ ايمان بدران عقل تي ٻڌل آهي، اهي جرمن ۽ فرينچ، انهن کان ڪڏهن ڪا چڱي ڳالهه به ٿي آهي؟ ٿوروخيال ڪر ته انهن 1812ع ۾ هتي ڪهڙا قهر ڪيا هئا ـــ “

هن کان جوش ۾ اها ڳالهه ئي وسري ويئي ته هو ڪو مون ڇوڪري سان ڳالهائي رهيو هو، پنهنجن سخت هٿن سان منهنجي پٽي کي جهلي مون کي گهڙي پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيائين ۽ گهڙي پٺتي پئي ڪيائين، ۽ روانيءَ جوش ۽ جوانن واري کڙڪي سان ڳالهايئين به پئي، -”اهڙي انسان جو روح پنهنجي خيالن ۾جي گهاٽي جهنگ برابر آهن، ڀٽڪندو ٿو رهي، ائين جيئن بگهڙ ڀٽڪندو آهي، ۽ آخر شيطان جي ور چڙهي اهو خدا جي طرفان رکيل عذاب ۾وٺجي وڃي ٿو. انهن شيطان جي چيلن ڇا نه ڪيو آهي؟ انهن غير مقلدن جن ڪفر جي اها وبا ڦهلائي آهي، ته بزرگن جو چيو نه مڃو، ڪم کي لت هڻو ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڏيو ! انهن جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهو ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي، نه ئي هن کي ڪنهن چڱائي جو خيال رهي ٿو، شيطان هن کي اشارا ڏيندو رهي ٿو ۽ جيئن هن کي من ۾اچي ٿو، تيئن ڪندو ٿو رهي. ٻڌڻ ۾اچي ٿو ته اهو مردود اليڪساشي وري هتي پهچي ويو آهي.“

منهنجي مئنيجر مون کي ڪنهن ڪم لاءِ اندر سڏ ڪيو ۽ مان هن کي اڪيلو ڇڏي هليو ويس، پر هن کي بس نه آئي، هو پنهنجي ليکي ڳالهائيندو رهيو – ”اي ڪمزور روح ! ازل کان انڌا! تنهنجي نجات لاءِ مان ڪيڏانهن وڃان!“ انهيءَ کان پوءِ هو ماٺ ٿي ويو، ۽ چپ چاپ آسمان ڏانهن گهورڻ لڳو.

هو جيئن پوءِ تيئن مون ڏانهن زياده توجهه ڏيڻ لڳو ۽ مون سان وڌيڪ مهربانيءَ سان پيش اچڻ لڳو، جڏهن مون کي پڙهندي ڏسندو هو ته منهنجي ڪلهي تان پٺيان ڪتاب ڏانهن نهاري، چوندو هو، ”پڙهه منهنجا پٽ پڙهه ! اڳتي توکي ان جو فائدو رسندو. توکي کڻي ڪيترو ئي عقل ۽ سمجهه هجي، پر وڏن کي چڱي نگاه سان نه ڏسڻ بري ڳالهه آهي. تون پاڻ کي سڀني کان سرس ٿو سمجهين، پر تنهنجي اها گستاخي توکي خبر آهي، ڪٿي پهچائيندي؟ سنئون سڌو جيل ۾يا دوزخ ۾. جيڪو وڻيئي سو پڙهه، پر اِها ڳالهه دل ۾ رکجانءِ ته ڪتاب مڙئي ڪتاب آهن. ماڻهوءَ جي سمجهه وڏي وٿ آهي، ڊانيلو، خلسٽ فرقي جو باني، پڙهي پڙهي نيٺ انهيءَ ڳالهه تي اچي پهتو ته پراڻن توڙي نون ڪتابن جو ڪو ضرور ڪونه هو، پوءِ ڪتابن جي ڀري ٻڌي، درياهه جي حوالي ڪري ڇڏيائين، انهيءَ ۾ڪو شڪ ڪونهي ته اِهو احمقن وارو ڪم ڪيائين، پر - ۽ هاڻي هو ڪتو اليڪساشي چؤطرف نوسيندو، ۽ ماڻهن جا دماغ خراب ڪندو وتي.“

انهيءَ عجوبي، اسان جي اڻ ڏٺل اليڪساشيءَ، جو ذڪر هر وقت هن جي وات ۾ هوندو هو. هڪڙي ڏينهن هو پنهنجن خيالن ۾ گم ۽ سهميل حالت ۾ دڪان ۾ داخل ٿيو، ۽ دڪان جي مئنيجر کي چوڻ لڳو، ”اليڪساشي ڪالهه شهر ۾ پهچي ويوآهي! پر مون کي لڀي نه سگهيو آهي! شايد پاڻ کي ڪنهن مخفي جـُوهه ۾ لڪائي ڇڏيو اٿائين! مان هتي گهڙي ويهان ٿو، ممڪن آهي ته هو هتي ئي اچي نڪري !“

منهنجي مئنيجر رازداريءَ مان چيس، مون کي ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪنهن ڳالهه جي ڪا خبر ڪانهي... ائين نه !“

پوڙهي ڪنڌ لوڏيندي چيس. ”ها بلڪل! تون رڳو پنهنجن گراهڪن جي خيال ۾ رهه. انهيءَ وچ ۾، ڪو چانهه ڍڪ پيار !

جڏهن مان ٽامي جي وڏي چانهه جي ڪيٽلي کڻي آيس ته ڏٺم ته ڪي ٻيا حضرت به اچي حاضر ٿي هئا، ٻڍو ليوشان مرڪي رهيو هو، ۽ دروازي کان پري اونداهي ڪنڊ ۾ هڪڙو اوپرو ماڻهو، ڪاري ڪوٽ سان جنهن کي پٽو ٻڌل هو بيٺو هو. هن جي پيرن ۾ڪاٺ جي تري جا بوٽ پيل هئا. مون کي هن جو منهن چڱيءَ ريت ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو، ته به هو فضيلت وارو، لڄارو ۽ بلڪل انهيءَ ڪلارڪ وانگر نراسيل ٿي لڳو، جنهن کي تازو اسان وٽان نوڪريءَ کان جواب مليو هو.

ٻڍو پيٽر هن ڏانهن اک کڻي نهارڻ جي نوازش ڪرڻ کان سواءِ سخت لهجي ۾ڪجهه چئي رهيو هو، ۽ اُهو ماڻهو گهڙيءَگهڙيءَ پنهنجي ٽوپيءَ کي هيٺ سرڪائي رهيو هو ۽ پوءِ ٽوپيءَ کي ڇنڊيندي، هٿ ائين ڪيائين ڄڻ پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندو هجي. پوءِ پنهنجي ٽوپيءَ کي بلڪل پٺتي هٽائي. ڇڏيائين، ۽ وري ان کي اڳتي ڪيائين. هن جي منهن تي اهڙي بي چينيءَ جي حالت طاري ٿي ويئي هئي، جو هن کي ڏسي مون کي مستانو فقير اِگوشا ياد اچي ويو، جنهن کي اسين ’اِگوشا ڄاڻ مئو !‘ ڪري چيڙائيندا هئاسين.“

”هر قسم جا نانگ اسان جي ندين جي پاڻيءَ ۾ زهر هاريندا ۽ ان کي گندو ڪندا رهن ٿا“، پوڙهي پيٽر رڙ ڪري چيو.

اوپري ماڻهوءَ، جيڪو اسان جي نڪتل ڪلارڪ وانگر ٿي لڳو، هورڙيان ۽ ڏاڍي شانائتي نموني پڇيو، ” اهو اشارو مون ڏا نهن آهي ڇا ؟“

”جيڪڏهن آهي ته ڇا ٿيو ؟“

”تنهنجو پنهنجي متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“ اوپري ماڻهوءَ مڙساڻي نموني، آواز کي مٿي ڪرڻ کان سواءِ جواب ڏنس.

”مان جهڙو به آهيان، اهو منهنجو ۽ منهنجي خدا جو معاملو آهي.“

”ها، پر منهنجو به ان سان ڪجهه واسطو آهي، اوپري ماڻهوءَ ڳوري ۽ هڪ ڪري آواز ۾ چيس. ”اي شخص تون پنهنجي منهن کي سچ کان نه ڇپاءِ، پاڻ کي پنهنجي پيدا ڪيل اونداهيءَ ۾ نه رک، ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ هم جنس ڀائرن جو گناه ڪري رهيو آهين.“

مون کي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي لڳي، جو هو پيٽر کي ”اي شخص“ جي لفظ سان مخاطب ٿي رهيو هو. انهيءَ ماڻهوءَ جي ڳري ۽ ڳنڀير آواز ۾ ڪجهه جوش سمايل پئي ڏٺو. هن جي وات مان لفظ اهڙيءَ ريت فصاحت سان نڪري رهيا هئا، جيئين ڪو پادري بائيبل جي آيت ”او خدا! او منهنجي زندگيءَ جا مالڪ!“ پڙهي رهيو هجي. هو ٿورو اڳتي جهڪيو، پوءِ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي پنهنجا هٿ کولي، چوڻ لڳو، ”مون تي حملا نه ڪر، ڇاڪاڻ ته منهنجا گناه تنهنجي گناهن کان وڌيڪ ڪين آهن.“

”سماوار ۾ پاڻي ٽچڪي رهيو آهي!“، ليوشان وچ ۾ طنز ڀرئي لهجي ۾چيو.

هوڏانهن پوڙهي پيٽر جو مـُنهن جيئن پوءِ تيئن ڳاڙهو ٿيندو پئي ويو. پر هن جو مخالف سواءِ ڪنهن روڪ جي ڳالهائيندو رهيو.

”خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته روح جي پاڪ چشمي کي ڪنهن وڌيڪ گندو ۽ غليظ ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي اوهان عالم هجو، جن ڪتابن جا اٺ پڙهيا آهن. مون وٽ نه علم آهي، نه ڪمال، پر مان صاف ۽ سادي زندگي گذاريان ٿو.

”هائو، هائو، تنهنجي ساديءَ زندگي لاءِ ڇا چئجي ! – اسان ان بابت گهڻو ئي ٻڌو آهي.“

”توهان جي فتوائن سان ڪيترا ماڻهوگمراه ٿي ويا آهن ۽ هنن جي ايمان ۾ فرق اچي ويو آهي. مون بابت توهان کي ڇا چوڻو آهي، چئي ڏيو.“

”ڪافر !“ نانگ وانگر چپن سان سوسٽ ڪندي، پيٽر چيو.

اوپري ماڻهوءَ پنهنجا ٻيئي هٿ پنهنجي منهن جي اڳيان اهڙيءَ ريت جهلي، ڄڻ ڪو ڪتاب پڙهندو هجي، جوش مان وراڻيس. ”ڇا توهين سمجهو ٿا ته ماڻهن کي هڪ فرقي مان ڪڍي، ٻئي فرقي ۾ آڻڻ ايڏي ڪا چڱي ڳالهه آهي؟ مان چوان ٿو، ’نه‘ ! ماڻهوءَ کي آزاد هئڻ گهرجي، ٻار، مال ملڪيت الله جي ڀيٽ ۾ ڇا آهن؟ اچو ته پاڻ کي انهن ٻنڌڻن مان آزاد ڪريون، جن جي ڪري ماڻهن ۾ جهيڙو پيدا ٿئي ٿو، ۽ هڪ ٻئي جي ٻوٽين پٽڻ لاءِ تيار ٿي ٿا پون، هي سون ۽ چاندي هي ڌن ۽ دولت، اِهي اسان کي گنهگار ۽ بڇڙي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪن؟ اسان جي روح کي هن دنيا جي باغن ۾ نه پر بهشت جي وادين ۾ سچي راحت ملندي. مان چوان ٿو دنيا جي سڀني موهن کان منهن موڙيو، سڀ زنجير ٽوڙيو ۽ ٻنڌڻ ڇوڙيو. هن دنيا جي وڇايل ڄار مان، جنهن جو وڇائيندڙ شيطان آهي، پنهنجو پاڻ بچايو، منهنجي سامهون سڌي راه اِها آهي. مان پنهنجي روح سان ڪو ڌوڪو نٿو ڪيان. مان هِن اونداهيءَ دنيا کان پري رهڻ ٿو گهران.“

”هن دنيا جي لٽي ڪپڙي ۽کاڌي پيتي کان به پري ٿو رهين !”پيٽر ٽوڪ ڪندي چيس.

پر انهن طنزن ۽ ٽوڪن جو اليڪساشيءَ تي ڪو به اثر نه ٿيو. جيتوڻيڪ اڃا به هن جو آواز هوريان ٿي نڪتو، پر اُهو هاڻي پتل جي بگل وانگر وڄي رهيو هو – ”اي شخص! ٻڌاءِ، توکي ڪهڙي شيءِ سڀ کان پياري آهي؟ توکي صرف خدا سان ئي پيار ڪرڻ گهرجي. مان پنهنجي سڄي حرص هواس کي ڌوئي، هن جي اڳيان صاف ۽ پاڪ بيٺو آهيان، تون به پنهنجي دل مان دنيا جي موه کي ڪڍي ڇڏ، ۽ خدا سان لئون لڳاءِ، تون – اڪيلو، هو –اڪيلو ! اهڙيءَ ريت ئي ڌڻيءَ جو قرب حاصل ڪري سگهندين، انهيءَ کان سواءِ هن تائين پهچڻ جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي، اهائي راه نجات آهي. سڀ ڪا شيءِ، پيءُ ماءُ، گهر ٻار سڀني کي خيرباد ڪر، ۽ جيڪڏهن تنهنجون اکيون توکي هن جي راه کان ڀنڀلائين، ته انهن کي به ڪڍي ڦٽو ڪر. جيڪڏهن تون خدا جي لاءِ دنيا کان منهن موڙيندين ته تنهنجو روح سلامت رهندو، پنهنجي من ۾ پاڪائي پيدا ڪر، ته تنهنجي روح کي ابدي زندگي حاصل ٿئي. “

”ڪتي جو پڇ اُهڙي جو اهڙو. توسان به ساڳيو معاملو آهي.“ پوڙهي پيٽر چيو، ”سڄو سال گذري ويو، مون سمجهيو ته ان ۾ توکي ڪجهه عقل ۽ سمجهه ايندي، پر جيئن ٿڌ، تيئن وڌ. تون اڳي کان به وڌيڪ گمراهيءَ جي کڏ ۾گهڙي ويو آهين.“ پيٽر منڊڪ ڪندو دڪان مان ٻاهر هليو ويو.

اليڪساشيءَ حيرت مان پڇيو، ”هليو ويو؟ ڇو ؟“

ليوشان اک جي اشاري سان تسلي ڏيندي چيس، ”ٺيڪ آهي.“

اهو ٻڌندي ئي اليڪساشي اچي هن تي مـَٽيو – ” اڙي تون! تون به وڏو زماني ساز آهين! تنهنجي بيهوده بڪواس کي به نه منهن آهي نه سر. خير، توتي خدا جي رحمت هجي.“

ليوشان اهو ٻڌي، مرڪندو، دڪان کان ٻاهر هليو ويو، ۽ اليڪساشي منهنجي مئنيجر ڏانهن منهن ڦيري، چوڻ لڳو، ”انهن ۾ مقابلي جي قوت ئي، ڪانهي! ائين غائب ٿي ٿا وڃن جيئن باهه مان نڪرندڙ دونهون.“

مئنيجر هن ڏانهن ٽيڏيءَ اک سان نهاريو ۽ رکائيءَ سان چيائينس، ”مان اهڙين ڳالهين تي خيال ئي نه ڪندو آهيان.

”ڇا ! تون چوين ٿو ته اهڙين ڳالهين تي خيال ئي نه ڪندو آهين! پر هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي !“

هن جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو، تان جو هنن ٻن پوڙهن وري هن کي سڏ ڪيو ۽ٽيئي ڄڻا گڏجي هليا ويا.

هيءُ اوپرو جوان منهنجي اڳيان ائين اڀري رهيو هو، جيئن اونداهيءَ ۾ باهه جو مچ هوندو هو، جڏهن هو ماٺ ٿيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته هن جي ڳالهين ۾مون کي هڪڙو سچ ڏسڻ ۾ آيو –دنيائي ڳالهين کان هن جي انڪار ۾.

شام جي وقت موقعو تاڙي، وڏي ڪاريگر آون لاريونچ کي سمورو حال ٻڌايم. منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ هن مون کي سمجهائيندي چيو.” هن جو ’سرگردان فرقي‘ سان تعلق آهي، جيڪي ڪنهن کي ڪونه مڃيندا آهن.“

”تڏهن هوڪيئن رهندا آهن ؟“

”اُهي ائين، جيڏانهن ايندو اٿن اوڏانهن رلندا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي هنن کي ’سرگردان‘ يعني ’سدائين هلندڙ‘ڪري چوندا آهن. اُهي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ تي جيڪو ڪجهه آهي، اُن جي برخلاف آهن. انهيءَ ڪري پوليس هنن کي خطرناڪ سمجهي، لاڪپ ۾ بند ڪندي آهي.“

مون پنهنجي عمر ۾گهڻيئي ڏک ڏاکڙا ڏٺا هئا، پر اِها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيم ته ماڻهوءَ ڇا جي ڪري مزي ۽ ميٺاج ڏيندڙ شين کان ڀڄي ٿي سگهيو، منهنجي چوگرد زندگي جا عجيب ۽ غريب لقاءَ لڳا پياهئا، ۽ جن مان مون کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مزو اچي رهيو هو، تنهن ڪري جلد ئي اليڪساشيءَ جو نقش منهنجي دل تان مٽجي ويو.

انهيءَ هوندي به، ڪنهن نه ڪنهن وقت، اونداهين گهڙين ۾ مون کي هن جو خيال ايندو هو، مان محسوس ڪندو هوس ته هو ٻاهر کليل ٻنين مان وڃي رهيو آهي يا ڪٿان ڪنهن ٻنيءَ جو پيچرو ڏيئي مون ڏانهن اچي رهيو آهي ۽ پنهنجن سفيد هٿن سان پنهنجي ٽوپي گهڙيءَ هيٺ ڪري رهيو آهي، ۽ گهڙيءَ مٿي ڪري رهيو آهي. ۽ هوريان هوريان ڀڻ ڀڻ ڪري چئي رهيو آهي –”مان بلڪل سڌي راهه وڃي رهيو آهيان، منهنجو هن تاريڪ دنيا سان ڪو به واسطو ڪونهي، مون ان سان سڀ لڳ ۽ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا آهن.“

هن جي خيال سان گڏ مونکي منهنجو پيءُ اهڙي ريت ياد اچي ويندو هو، جهڙي ريت نانيءَ هن کي خواب ۾ ڏٺو هو، ته رستي سان وڃي رهيو هو، هن جي هٿ ۾ اکروٽ جي وڻ جو لڪڻ هو، ۽ هڪڙو چٽڪمرو ڪتو زبان لڙڪايو، هن جي پيرن سان لڳو، هن جي ڪڍ وڃي رهيو هو.

باب تيرهون

مجسمي سازي جو ڪارخانو ٻن ڪمرن جو ٺهيل هو، جيڪي اڌ تي پٿر جا ٺهيل هئا، هڪڙي ڪمري کي چار دريون هيون، جن مان ٽن جو منهن اڱڻ ڏانهن ۽ هڪ جو منهن باغ ڏانهن هوندو هو ۽ ٻئي ڪمري کي ٻه دريون هونديون هيون، دريون ننڍيون ۽ چورس هونديون هيون ۽ انهن جا پراڻا مر چڙهيل شيشا مشڪل سان سياري جي جهڪيءَ روشنيءَ کي اندر لنگهڻ ڏيندا هئا، ميزن سان سڄو ڪمرو ڀريو پيو هوندو هو، ۽ ڪاريگر انهن تي جهڪي، ڪم کي لڳي ويندا هئا، ڇت ۾رسين سان پاڻي جا ڀريل شيشا ٽنگيا پيا هوندا هئا، بتين مان نڪرندڙ روشني پوڻ ڪري انهن مان سفيد ۽ وڻندڙ ڪرڻا نڪري، اچي مجسمن جي چورس ڪاٺولن تي پوندا هئا.

انهن گرم ۽ گندي هوا سان ڀريل ڪمرن ۾ پاليخ، خوليا ۽ مسترا شهرن جا اٽڪل ويهه کن ڪاريگر ڪم ۾ رڌل رهندا هئا. انهن مان هر هڪ کي بت تي سوٽي قميص جا ڳچي وٽ کليل هوندي هئي ۽ سادي پتلون پهريل هوندي هئي، ڪن کي پيرن ۾ جوتا هوندا هئا، ۽ ڪي پيرين اگهاڙا هوندا هئا، هو هلڪيون سستيون ٻيڙيون ڇڪيندا رهندا هئا، ۽ انهن مان نڪتل دونهون هنن جي مٿن مٿان نيري ڌنڌ وانگر پڙي لڳايو بيٺو هوندو هو، سريش، وارنش ۽ آنن جي سڙيل زرداڻ ڪري هوا ۾ بدبو پکڙيل هوندي هئي، هوريان هوريان هنن جي گلي مان هيٺيون گيت مغموم سر ۾ نڪرڻ لڳندو هو:

ماڻهو ڪهڙا نه بي غيرت بنجي ويا آهن !

جوان ڇوڪرا لڪي لڪي ڇوڪريون پيا ڀڄائن !

هونءَ ته هو ٻيا به ڪيترائي مغموم گيت ڳائيندا هئا، پر هيءُ انهن کي خاص طرح پسند هو، انهيءَ گيت جي سر ۽ تار جي ڪري نه ته خيالن ۾ رخنو پوندو هون، نه ئي تصويرن چٽڻ ۽ مجسمن جي شڪلين ۾ رنگ ڀرڻ وقت سندن هٿن ۾ جهليل برش جي چرپر ۾ڪو ڦيرو ايندو هو. دريءَ وٽ نشي ۾ ٻڏل، سڄيل نيري نڪ وارو پوڙهو گولوفيف پنهنجي هٿوڙيءَ سان ويٺو ٺڪ ٺڪ ڪندو هو، هن جي هٿوڙيءَ مان نڪرندڙ اداس آواز گيت کي وڌيڪ مغموم بنائي ڇڏيندو هو. هن جي هٿوڙيءَ جو آواز دل ۾ اهڙو اثر ڪندو هو، ڄڻ ڪو جيت وڻ جي پاڙن کي ٽڪي رهيو هجي.

ڪنهن شيطان جهڙي ماڻهوءَ مجسمن ٺاهڻ جي ڪم جي اهڙي ورڇ ڪري ڇڏي هئي، جو هر ڪاريگر کي ٻيو ٻيو ڪم ڪرڻو پئي پيو، جنهن ڪري مجسمن کي نفاست سان ٺاهڻ وارو سندن شوق ۽ چاهه قائم رهي نه پئي سگهيو . هڪڙو چيڙاڪ ٽيڏيءَ اک وارو ڊکڻ جنهن جو نالو پـَئنفل هو، سرو ۽ شمشاد جي ڪاٺ جي ٽڪرن کي ماپ مطابق مختلف ٽڪرن ۾ڪٽي وارنش لڳائيندو هو، سلهه ۾ ورتل، نوجوان ڊئوڊوف انهن تي رنگ جو پهريون هٿ هڻندو هو، ۽ ان جو ساٿي سورو ڪِن انهن تي شڪل جو خاڪو بنائيندو هو، ملياشن وري اُنهن تي پينسل سان زيبائش جا ليڪا ڪڍندو هو، پوڙهو گولوفيف سموري نقشي ۾سون جي تند هٿوڙيءَ سان کـُپائيندو هو، اُن کان پوءِ ڪي ان ۾ نظارو چٽيندا هئا ۽ ان تي لباس جا نشاس ڪڍندا هئا. انهيءَ کان پوءِ تصوير کي ڀت ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئا، ته منهن ۽ هٿ بنائيندڙ ڪاريگر اچي ان کي آخري شڪل ڏين.

ڪنهن وڏي مجسمي کي، جو چرچ ۾وڃي ڪٿي منبر تي يا گهرن ۾ ڪنهن عبادت جي مسند تي جاءِ وٺڻ وارو هو، بغير منهن، هٿن ۽ پيرن جي، رڳو چوغن ۽ دستار سان ڀت ۾ٽنگيل ڏسي، ڏاڍي ڪوفت ٿيندي هئي. مون کي اهي مختلف رنگن ۾ رنگيل تختا موت جو مظهر لڳندا هئا، انهن ۾جان پيدا ڪندڙ شيءَ جي ڪمي هوندي هئي، ائين لڳندو هو ته ڪڏهن انهن ۾ به جان هئي، پر اها ڪنهن ڪرامت سان صرف پنهنجو ٻا هريون خاڪو ۽ ڪپڙن جو ڍير ڇڏي، ڪيڏانهن هلي ويئي هئي.

ڪم جي ورڇ جي اصول مطابق، مختلف خدائن جي مختلف مجسمي سازيءَ جو سڄو ڪم مختلف نمونن ۽ مختلف ڪاريگرن کي ورهائجي مليو هو. انهن سڀني ڪاريگرن جو مـُک ڪاريگر ٿور ڳالهائو آون واريونچ هو، هو ڪڻڪ رنگو هو، هن جي ڏاڙهي جا وار پشم جي ڌاڳن وانگر نرم ۽ ڀورا ناسي هئا ۽ هن جون عجيب ۽ اداس ڪنهن غم ۾ ٻڏل اکيون ڀوريون هيون. هن جي مرڪ قرب ڀري هوندي هئي، پر ان جو جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن سبب ڪري ان ڏانهن نهارڻ سان ماڻهوءَ کي مونجهه ٿيڻ لڳندي هئي، هنجي شڪل درويش سائمن لڪڙائيءَ جي مجسمي سان مشابهت رکندي هئي، ۽ هو انهيءَ وانگر ئي سڪل سڙيل ۽ ڊگهو هوندو هو، هن جو اکيون انهيءَ سائمن جي اکين وانگر ماڻهن ۽ ڀتين کان پري ڪنهن ڏورانهينءَ شيءَ ڏي پيون واجهائينديون هيون .

مون کي ڪارخاني ۾آئي اڃا ڪجهه ڏينهن مس گذريا هئا، ته ڪارخاني جو مک رنگساز، شڪل جو سهڻو ۽ بت جو سگهارو قزاق، جنهن جو نالو ڪاپين ڊوخين هو، هڪڙي ڏينهن نشي ۾مست ٿي صبح جو ڪارخاني ۾ آيو. هن جا ڏند پيلا ٿي ۽ اکيون ڪاراٽجي ويون هيون، ۽جيڪا به شي هٿ تي لڳيس ان کي ڀڃڻ ۽ ڀورڻ لڳو، جيتوڻيڪ هو قد جو پورو پنو هو، پر بدن ۾ جانٺو هو، ۽ شين کي ائين ٿي جهٽ وڌائين، جيئن ٻلي ڪئي کي وجهندي آهي. ڪارخاني جا سڀئي ڪاريگر هراسجي ويا، ۽ ڏڪڻ لڳا، هڪ ٻئي کي واڪو ڪري پئي چيائون ، ”اڙي هن کي دسيو !“

نيٺ اُستانوف ،جيڪو مجسمن جا منهن چٽيندو هو، هن نشي ۾ ٻڏل مواليءَ کي ڪيرائڻ ۾ڪامياب ٿي ويو، ڇا ڪيائين، جو موقعو وٺي، مٿي وارو اسٽول کڻي ٺڪاءُ ڪيائينس. پوءِ ته ٽوالن سان کڻي سوگهو ٻڌائونس. پوءِ هو جانورن وانگر ٽوالن کي چڪن سان پٽڻ لڳو. استانوف اهڙو جوش ۾ اچي ويو، جو ٽيبل تي چڙهي ڪاپين ڊوخين جي ڇاتيءَ جي مٿان ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، استانوف قد جو ڊگهو ۽ بت جو ڳورو هو، جي هو ائين ڪري ها، ته ڪاپين ڊوخين جي ڇاتيءَ جا هڏا ٽڙڪي ٽڪر ٽڪر ٿي وڃن ها، ايتري ۾ لاريونچ اچي نڪتو، استانوف کي ٻانهن کان وٺي هيٺ لاٿائين ۽ ڪاريگر کي حڪم ڪيائين ”هن کي ٻاهر ڪمري ۾ کڻي وڃو. ته ڀل اتي سامت ۾ اچي.“ ۽ ڪاريگرن هن جي حڪم جي ائين پيروي ڪئي، ڄڻ اُهو ڪم به سندن ڪم جو هڪ حصو هو.

هو هن کي ڇڪي ٻاهر کڻي ويا، پوءِ ڪرسيون ۽ ميزون ساڳيءَ ريت ٺاهي، ڪم کي لڳي ويا، هو پوءِ پنهنجي سنگتيءَ جي طاقت بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ پيشنگوئي ڪيائون ته هيءُ ڪنهن ڏينهن ضرور جهيڙي ۾ مرندو.

”هن کي مارڻ ڏکي ڳالهه آهي.“ استانوف، نيڪ خيال، جهڙي آواز ۾ائين چيو، ڄڻ پنهنجي آزمودي مان چوندو هجي .

لاريونچ ڏانهن نهاري مان عجب ۾ پئجي ويندو هوس ته ههڙا راٺوڙ ۽ جهڳڙالو ماڻهو هن جي امر ۾ڪيئن ٿي رهيا! هو هر ڪنهن کي هدايتون ڏيندو رهندو هو، پر سٺي ۾سٺي ڪاريگر کي به هن جي ڳالهه تي مٺيان نه لڳندي هئي، هو سڀ کان وڌيڪ پنهنجو ڌيان ڪاپين ڊوخين تي ڏيندو هو .

”ڪاپين ڊوخين تون سچ پچ نقاش آهين، مان چاهيان ٿو ته تنهنجي ڪم ۾ زندگيءَ جي جهلڪ هجي ۽ تنهنجي نقاشي اٽليءَ واري ڍنگ جي هئڻ گهرجي، روغني چتر ڪاريءَ ۾ رنگ تيز هئڻ گهرجي، تو رنگ ۾سفيدي ايتري ملائي آهي، جو مريم جون اکيون برف جهڙيون سفيد ٿي ويون آهن، ۽ جيڪي هن جا صوفن جهڙا ڳاڙها ڳل بنايا اٿيئي، اهي اهڙين اکين سان ٺهڪي نٿا اچن، اکيون پنهجين پورين جاين تي به ڪين آهن– هڪڙي نڪ تي چڙهي بيٺي آهي ته ٻيءَ لوندڙي ورتي آهي. چهرو پاڪ ۽ صاف هئڻ بجاءِ مڪار ۽ بي رحم پيو لڳي، پنهنجو ڪم ٿورو وڌيڪ دل لڳائي ڪر .“

قزاق منهن بڇڙو ڪيو بيٺو هوندو هو، پنهنجون عورتن جهڙيون اکيون خار ۾ ڇنڀي پنهنجي قدرتي طور مٺي پر پيڻ ڪري کهري آواز ۾ چوڻ لڳو، ”منهنجا بابا سائين! هي ڪم منهنجي ڏانءَ جو ناهي. مان گَويـَي ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيو هوس، پر پادرين جي پلئه پئجي ويس.“

”دل لڳائڻ سان هر ڪو ڪم سکي سگهجي ٿو .“

”نه سائين، مون کان زور آهي! انهيءَکان ته بهتر هو ته مان چئن گهوڙن واريءَ گاڏيءَ جو سوار هجان ها، ڇا خيال آهي؟“ پوءِ هن هڪڙو گيت ڏاڍيان چوڻ شروع ڪيو: ”او ڪاش! مون وٽ ڪتا ۽ گهوڙا هجن ها،- پوءِ اداس ۽ سرد رات جو – پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ نڪري پوان ها !“

آون، مرڪي پنهنجي نڪ تي عينڪ درست ڪري، ٻاهر هليو ويو، پوءِ ڪيترن ئي، آوازن ڪاپين جي سـُر سان ساٿ ڏنو، ۽ ترنم جو اهو طوفان برپا ٿيو جو ائين ٿي لڳو ته سـُرَ ۽ تار جي انهيءَ طوفان ۾ ڪارخانو هوا ۾ مٿي کڄي ويو هو ۽ آواز جي لئي تي پورو لـُڏي لمي رهيو هو –”گهوڙن جو رستو ڏٺل هجي ها – اهي پاڻمرادو اتي هلي نڪرن ها ــــ “

سيکڙاٽ اودنستوپاشڪا، جيڪو آنن جي زرديءَ کي ڪڍي رهيو هو، پنهنجو ڪم ڇڏي، آنن جون کلون هٿن ۾ جهليو، وڏيءَ ڪاريگريءَ سان سڀني جي آواز کان پنهنجو آواز مٿي ڪيو بيٺو هو، هو سڀ راڳ جي نشي ۾اهڙا ته مست ٿي ويندا هئا جو ائين لڳندو هو ته انهنن جي گلن مان هڪ آواز ٿو نڪري ۽ هنن جي دلين ۾ ساڳيو هڪ جذبو سمايل آهي. سڀني جون اکيون ڪاپين ڊوخين قزاق ۾کتل هونديون هيون، راڳ ڳائڻ ۾ هو هنن جو مڃيل اڳواڻ هوندو هو، سڀ راڳ ۾هن جي آواز سان گڏ پنهنجو آواز اهڙو ته ملائيندا هئا، ڄڻ ته انهن تي جادو ڪيو ويو هو، هن جا هٿ پکيءَ جي پرن وانگر کلي ويندا هئا، ۽ ائين لڳندو هو، ته هو ڄڻ اڏامڻ لاءِ هاڻي تيار بيٺو آهي. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هو اوچتو راڳ بند ڪري رڙ ڪري ها، ”اچو ته جاءِ ڪيرايون! ته وڌ ۾ وڌ فرض شناس ۽ ماٺيڻو ڪاريگر به هن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها، ۽ منٽن ۾جاءِ ڊٺي پٽ ٿي پيئي هجي ها.

هو ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو هو پر جڏهن ڳائيندو هو ته سڀني کي تابع ڪري ڇڏيندو هو. ائين لڳندو هو ته هن جي ساٿين جو خمير ڄڻ ڪک پن مان تيار ٿيل هو، جنهن ۾هو باهه ۽ روشنيءَ پيدا ڪري ٿي سگهيو. هن جي زوردار آواز جي گرم سرحدن ۾جيڪا به شيءَ ايندي هئي ته انهيءَ ۾نرمي پيدا ٿي ويندي هئي.

مون کي هن جا راڳ ٻڌي ۽ هن جي ماڻهن کي تابع ڪرڻ واري قوت ڏسي، هـُن تي ريس ٿيندي هئي. منهنجي دل جذبن سان اهڙي ڀرجي ويندي هئ، جو مان محسوس ڪندو هوس، ته اِجها ڦاٽي پوندي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا ۽ دل ۾ جنون ايندو هوم ته انهن راڳ ڳائڻ وارن کي چوان ، ”منهنجا ڪاريگر ڀائرو ! مون کي اوهان سان پيار آهي !“

جڏهن ڊئوڊوف، جيڪو سلهه سببان سڄو سڪي ويو هو، راڳ ڳائڻ لاءِ عجيب نموني وارن سان ڍڪيل وات پٽندو هو ته هو ڪانـَو جي نئين ڦٽل ٻچي وانگر لڳندو هو .

اهو پرشور راڳ رڳو قزاق جي اڳواڻيءَ هيٺ ئي ڳائي سگهندا هئا، نه ته ”هاءِ هاءِ، هي سنگدل ماڻهو جهنگل مان ويندي ڪيڏانهن وڃان!“ وارا اداس ۽ ڏک ڀريا گيت، ۽ شهنشاه اليگزينڊر پهريئن جي موت وارو گيت – ”الا ڪيئن اسان جو اليگزينڊر پنهنجي فوج ڏسڻ آيو هو !“ ڳائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڪارخاني جي بهترين روپ ساز ذخاريف جي چوڻ تي ڪليسا جون مناجاتون به ڳائيندا هئا، پر انهن ۾هو ڪوبه مزو پيدا ڪري نه سگهندا هئا، ذخاريف مناجاتن ۾ هڪ خاص تاثر چاهيندو هو ۽ ائين گهرندو هو ته سڀ هڪ ئي لئي ۽ تار ۾ هجن تنهن ڪري گهڙيءَ گهڙيءَ وچ ۾ ڳالهائي، ڳائڻ ۾ رخنو وجهي ڇڏيندو هو .

ذخاريف جي عمر پنجيتاليهن جي لڳ ڀڳ هئي، هن جي وارن کسڻ ڪري ٽڪڻ گنجي ٿي ويئي هئي، هن جا بچيل وار مٽيءَ لتل خانه بدوشن وانگر ڪرڙوڍ ۽ گهنڊيدار هئا، هن جا ڀرون هن جي مڇن وانگر ٿلها هئا. هن جي سانوري منهن تي هن جي گهاٽي ڏاڙهيءَ ڏاڍي ٺاهوڪي لڳندي هئي، پر هن جي وڏن ڀرن جي موجودگيءَ هن جون سيٽيل مڇون هن جي وڏي نڪ جي هيٺان اجايون لڳنديون هيون، هن جي نيرين اکين ۾فرق هو کاٻي پاسي واري اک ٻيءَ اک کان ڪافي ڪجهه وڏي هوندي هئس.

مون سان گڏ ڪم ڪندڙ سيکراٽ اودنستو کي سڏ ڪري چوندو هو: ”پاشڪا، هاڻي شروع ڪر، ’تعريف‘... توهين سڀ ٻڌو .“

پاشڪا پنهنجا هٿ پنهنجي چوغي سان اگهندي، شروع ڪندو هو – ”تعريف...“

۽ ٻيا ڪيترائي آواز هن جي پٺيان چوندا هئا، -” تو خدا جي...“ پر اهي ڪڏهن به ذخاريف کي خوش ڪري نه سگهندا هئا – ”يوجين ! ٿورو هوريان تنهنجو آواز تنهنجي دل مان نڪرڻ گهرجي ،“

استانوف ڦاٽوڙي دهل وانگر رڙ ڪندو هو - ”پنهنجي ٻانهن جي صدا...“

”ائين نه، اهڙيءَ طرح جو زمين آسمان لڏي وڃي، در درين ۾ٽڙڪو پئجي وڃي !“

ان وقت ذخاريف جنهن جوش ۾ هوندو هو، ان جو بيان ڪري نٿو سگهجي. هن جا حيرت ۾وجهندڙ ڀرون هيٺ ۽ مٿي ٿيڻ لڳندا هئا، هن جو آواز گڙ گڙ ڪرڻ لڳندو هو ۽ هن جون آڱريون ائين چرڻ لڳنديون هيون ڄڻ خيالي ستار کي وڄائينديون هجن.

”’پنهنجي ٻانهن جي صدا!‘ سمجهو ٿا؟“ هو ڳنڀير ٿي چوندو هو، ”توهين سچ پچ پنهنجو اهڙو حال بنايو، اها ڳالهه ويچاريو ته ٻانها الله جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، مون کي سمجهه ۾نٿو اچي ته توهان کي اها ڳالهه ڇو سمجهه ۾ نٿي اچي ؟“

”جيئن تون چاهين ٿو ائين اسين ڳائي نٿا سگهون“ استانوف آهستي چيس .

”چڱو کڻي ڇڏيوس!“ ذخاريف ناراض ٿي، پنهنجي جاءِ تي واپس وڃي ويهي رهيو.

هو اسان جي ڪارخاني ۾روپ سازيءَ جو استاد ڪاريگر هو، هن کي چهرن چٽڻ ۾ بزنطيني ۽ جديد اطالوي طرزن ۾ڪمال حاصل هو. لاريونچ کي جڏهن ديول جي منبر لاءِ ڪنهن مجسمي بابت ڪو ڪم سونپيو ويندو هو، ته هن سان پهرين مشورو ڪندو هو، هن کي مجسمن جي روپ تيار ڪرڻ جي هرڪا ڄاڻ هوندي هئي.

قديم قيمتي مجسمن جا نمونا به هن جي نظرن مان گذري چڪا هئا، ڪڏهن ڪو قديم مجسمو ڏسندو هو ته ڏند مروٽي چوندو هو ، ”هنن اسان جي فن جو بنياد اهڙو سوگهو جهلي بيهاريو آهي، جو ان کان ڪيڏانهن پري ٿيڻ اسان جي وس ۾ ئي ناهي .“

انهيءَ هوندي به، جو هو ڪارخاني جو چوٽيءَ جو ڪاريگر هوندو هو، هن ۾ ٻين وانگر سيٽ ڪانه هوندي هئي، ۽ پنهنجن شاگردن خاص طرح مونسان ۽ پاشڪا سان ڏاڍو سهڻو سلوڪ ڪندو هو، هو اسان کي ڪم سکڻ جو ن اهڙيون اهڙيون هدايتون ڏيندو هو، جي ٻيا نه ڏيندا هئا، پر هن جي ڳالهه کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، هن ۾ خوشي بنهه هوندي ئي ڪانه هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هفتن جا هفتا وات مان هڪ اکر به نه ڪڍندو هو ڄڻ ته گونگو هو. هو ماڻهن سان اهڙي نموني پيش ايندو هو ڄڻ ته اهي سڀ اجنبي هوندا هئا، ۽ هو انهن سان ان کان اول ڪڏهن مليو ئي ڪين هو، جيتوڻيڪ هن کي راڳ ۾ مزو ايندو هو، پر اهڙي ڪيفيت ويل به هو راڳ ۾شامل نه ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ هو راڳ ٻڌي ئي نٿو. ٻيا هن ڏانهن نهاري هڪ ٻئي کي اکيون ڀڃندا هئا .

هو مجسمي کي ميز ۽ گوڏن تي ليٽائي ان ۾ جيئن ئي ڪو سانورو يا ڀورو چهرو بنائڻ شروع ڪندو هو، ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙي وٺي رڙ ڪندو هو ڄڻ ته چڙ وٺي ويئي هجيس، پوءِ پنهنجي ليکي ڀڻ ڀڻ شروع ڪندو هو ان وقت ڪارخاني ۾موت جهڙي ماٺ پئجي ويندي هئي، سڀ ڪاريگر چور نگاهن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳندا هئا ۽ چـُپن ئي چپن ۾ پيا مرڪندا هئا. پوءِ خاموشي ۾هن جي واتان عجيب لفظ ٻڌڻ ۾ايندا هئا. ”هن کي رڍ جي کل پائي ۽ پر وجهي روپ چٽڻ گهرجي .“

اهڙي هڪڙي موقعي تي مون پڇيومانس،”ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين ؟“

مون کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنائين منهنجي ڳالهه يا ته ٻڌائين نه ٿي، يا ته جواب ڏيڻ نٿي گهريائين ، وري خاموشيءَ ۾هن جا لفظ گونجڻ لڳا، - ”اسان کي درويشن جي حياتين بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي. پر اسان کي ڪابه خبر ڪانهي، اسان جي زندگي بي روح آهي، مجسما ته موجود آهن، پر روح اڻ لڀ آهي.“

هن جي اهڙيءَ ريت ڏاڍيان سوچڻ تي ٻيا ته ڇڏيو پر استانوف به ٽهڪ ڏيئي کلندو هو، پوءِ کل ڀري سس پس شروع ٿي ويندي هئي –”هـِن ڇنڇر تي ضرور گتي ۾دُنگ چاڙهيندو .“ انهيءَ تي قداور مضبوط جسم وارو استانوف، جنهن جي عمر ٻاويهه سال، منهن گول ۽ بنان ڏاڙهي جي هو ملول ٿي ڪنڊن ڏانهن نهارڻ لڳندو هو.

مونکي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري جڏهن ذخاريف بيبي مريم جي هڪڙي قديم مجسمي جهڙو ٻيو مجسمو بنايو هو تڏهن ان کي ميز تي رکي جوش ۾ چوڻ لڳو هو،”آخر پورو ٿي ويو! مقدس ماءُ! تون اهڙو ٻاجهه جو درياءَآهين، جنهن سان انسانن جي دلين مان نڪرندڙ ڳوڙها وهي وڃي ملن ٿا !“

پوءِ، اٿي جنهن جو آيس تنهن جو اوور ڪوٽ پائي، شراب خاني ڏانهن هليو ويو. نوجوان ڪاريگر کلڻ ۽ سيٽيون وڄائڻ لڳا، ۽ ٻڍا ڪاريگر رشڪ مان ٿڌا ساه کڻڻ لڳا، استانوف تيار ٿيل مجسمي کي ڏسڻ لاءِ ويجهو ويو ۽ چوڻ لڳو،”يقيناً! هن کي نشو پيئڻو ئي ٿو پوي! پنهنجي ڪم کي ائين وڪامندو ڏسي، هن جي دل ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ٿي، اهڙي قسم جو غم سڀني کي نه ٿيندو آهي.“

ذخاريف جي ميڪشي هميشه ڇنڇر تي ٿيندي هئي، هن جي پيئڻ جو انداز ٻين ڪاريگرن کان نرالو هو، ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو پاشڪا کي ڪنهن ماڻهوءَ کي چٺي لکي ڏيندو هو، منجهند جو لاريونچ کي چوندو هو، ”اڄ مان حمام تي وڃان ٿو.“

”وري ڪڏهن موٽيندين؟“

”اهو ڪوئي...“

”مهرباني ڪري اڱاري جو موٽجانءِ.“

ذخاريف پنهنجي گنجي کوپڙي لوڏي ۽ اکيون ڇنڀي، انجام ڪندو هو حمام کان موٽي صاف ۽ سٺا ڪپڙا پائيندو هو، ٽاءِ ٻڌي ريشمي واسڪوٽ پائي ان جي کيسي مان چانديءَ جي زنجير ڪڍي ٻاهر لڙڪائي ڇڏيندو هو . ان کان پوءِ ٻئي ڪنهن سان به ڪين ڳالهائيندو هو، رڳو مون کي ۽ پاشڪا کي حڪم ڏيئي ويندو هو ته ڪارخاني کي شام تائين صاف ڪري ڇڏجو ۽ ميز تان مٽي لاهي ڌوئي ڇڏجو !“

پوءِ ته هر ڪاريگر عيش جي موج ۾اچي ويندو هو، هرڪو حمام مان ٿي ڪپڙا پهري، ماني کائڻ هليو ويندو هو، شام جو دير سان ذخاريف شراب ڪباب ۽ نان کنيو، اچي نڪرندو هو، هن جي پٺيان هڪڙي ڊگهي ۽ متاري عورت به هوندي هئي، جا ديو وانگر پئي لڳندي هئي، ان عورت جو قد ساڍا ڇهه فوٽ هوندو هو، ان جي اڳيان اسان جو قداور استانوف ٻار ۽ اسٽول، ميزون ۽ ڪرسيون رانديڪن وانگر ڏسڻ م ايندو هيون هونئن ته قد آهر سندس جسم پورو پنو هو، پر هن جي ڇاتي جبل جي ڏارن وانگر هن جي کاڏي ڏانهن اڀريل هوندي هئي، هن جي هلڻ جي ٽور سست ۽ بي ڍنگي هئي. هوءَ چاليهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي، پر هن جي گهوڙي جهڙين وڏين اکين واري نرم چهري ۾ اڃا به ڪو گهنج پيل ڪونه هو ۽ اهو تازو وڻندڙ پيو لڳندو هو. هن جو وات بازار ۾ وڪامندڙ سستين گڏين وانگر ننڍڙو هو، هوءَ سڀني سان ڏند شيڪيندي هئي، ۽ واهيات ۽اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳندي هئي –” ڪهڙو حال آهي؟ اڄ ته سچ پچ سيءُ آهي. هتي ڪهڙي ته بدبوءِ آهي! شايد وارنش ۽ رنگ جي بوءِ آهي. طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“

عام طرح ان عورت کي ڏسندي حرض ٿيندو هو، هوءَ ائين لڳندي هئي ڄڻ ته ڪا چپ چاپ وهندڙ ڪشادي ندي آهي، پر ڳالهائڻ ويل اهڙي بي معنيٰ ۽ اجائي گفتگو ڪندي هئي، جو هن جا مـِٽاگول مول ڦوڪجي ويندا هئا. انهيءَ تي نوجوان کلڻ لڳندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي ڪن ۾چوندا هئا ”انجڻ!“- ”نه چرچ جو منارو !“

پنهنجا چپ بندڪري ۽ پنهنجا هٿ ڇاتيءَ تي رکي، سماوار جي ويجهو ميز تي ويهي رهندي هئي ۽ پنهنجن گهوڙي جهڙين وڏين اکين مان دوستاڻي نموني اسان مان هر هڪ ڏانهن واري واري سان ڏسندي ويندي هئي. اسين سڀ هن سان عزت سان پيش ايندا هئاسين. ننڍن جا ته هن کي ڏسندي اوسان ئي خطا ٿي ويندا هئا، اهي هن جي پهاڙ جهڙي جسم کي چاهه مان نهارڻ لڳندا هئا، پر جي انهن جون اکيون هن جي اکين سان ملي وينديون هيون ته هڪا ٻڪا ٿي، اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندا هئا. ذخاريف به هن سان ادب سان پيش ايندو هو، ۽ هن کي ”پاريسرڻ “ ڪري سڏيندو هو. هو هن جي خوشامد ۾ کٿو نه پڄندو هو ۽ گهڙي گهڙي پيو هن جي اڳيان جهڪندو هو. انهيءَ تي هوءَ مٿين دل سان اعتراض ڪرڻ لڳندي هئي، ”ڏس منهنجي لاءِ ايڏي تڪليف جي ضرورت ناهي، نه ئي پاڻ کي ايترو هلاڪ ڪر .“

هن کي وڃڻ جي ڪڏهن به تڪڙ نه هوندي هئي، هن جي ٺونٺ جتي رکيل هوندي هئي، اتي رکي رهندي هئي ۽ رڳو هن جا هٿ ڪم سانگي چر پر پيا ڪندا هئا، جن جي جسم مان سينٽ جي گرم خوشبوءَ تنور مان تازيءَ نڪتل مانيءَ وانگر اچڻ لڳندي هئي، هڪڙي پوڙهي ڪاريگر هن جي حسن جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ هوءَ به اها واکاڻ اهڙي ريت ٻڌڻ لڳي، ڄڻ ته هن جي اڳيان ڪو پادري منبر تي وعظ ڪري رهيو هو، جڏهن هو اچي منجهيو، ته هوءَ مٺڙي نموني مرڪي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي، ”سچي ڳالهه ته اها آهي ته مان ننڍ پڻ ۾ڪا اهڙي سهڻي ڪانه هيس، پر جڏهن ٽيهن ورهين جي ٿيس، ته منهنجي سونهن اهڙي سرس ٿي، جو وڏا وڏا امير به منهنجي عشق جو دم ڀرڻ لڳا، هڪڙي ڪپتان ته مون کي ٻن گهوڙن واريءَ بگي ڏيڻ جي آڇ ڪئي .“

انهيءَ وچ ۾ ڪاپين ڊوخين تي نشي جو پورو اثر ٿي ويو، هن ڏانهن خار ۾ نهاري کهري نموني پڇيائين ،”ڇا جي لاءِ توکي ٻن گهوڙن واري بگي پئي ڏنائين ؟“

”محبت لاءِ .“

”محبت لاءِ ؟“ڪاپين ڊوخين گهڙي لاءِ منجهي ويو...”ڇا مطلب ؟“

عورت سادگيءَ سان وراڻيو ،”تو جهڙي سهڻي جوان کي ته محبت جي معاملي جي خبر هئڻ گهرجي!“

ڪارخانو ٽهڪن سان گونجڻ لڳو، استانوف قزاق کي هوريان چيو ”هيءَ رن بيوقوف آهي– اُن کان به ڪجهه وڌ ماڻهوءَ جو انڌو جوش آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي هن ڏانهن مائل ٿو ڪري، نه ته ...“

نشي ڪري هن جو رنگ زرد ٿي ويو هو، هن جي لوندڙين وٽ پگهر جا قطرا موتين وانگر چمڪي رهيا هئا. هن جي جذباتي اکين مان وحشت ڀريل اُلا نڪري رهيا هئا.

پوڙهي گولونيف پنهنجي آڱرين سان اکين مان ڳوڙها اگهي، نڪ سڻڪي، هن کان پڇيو، ”توکي ڪيترا ٻار آهن ؟“

”صرف هڪڙو “

هڪڙي بتي ميز جي مٿان ٻي تنور جي مٿان ٻري رهي هئي. انهن بتين جي روشني جهيڻي هئي. ڪنڊن ۾اونداها پاڇا نچي رهيا هئا، جن مان بنا چهرن جي نامڪمل مجسما هيبتناڪ نموني نهاري رهيا هئا، انهن جي نامڪمل چهرن، هٿن ۽ پيرن جي مٿان چڙهيل ميرانجهڙا خول ڀوائتا ۽ بي ڊولا ٿي لڳا. مون کي پنهنجو وهم ياد اچي ويو ته درويشن جا روح انهن چٽيل مجسمن مان ڪو چورائي ويو آهي، شيِشي جا گول پيالا اُهي ئي ڇت مان رسين سان ٽنگيا پيا هئا، ۽ دونهين جا بادل انهن جي چوگرد ڦري رهيا هئا، جنهن ڪري انهن مان نيري رنگ جي روشني نڪري رهي هئي.

ذخاريف ميز جي چوگرد چڪر لڳائي هر ڪنهن ماڻهوءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ گذارش ڪري رهيو هو. هن جو تراکڙو گنجو مٿو هر هڪ جي اڳيان لڏندو پئي ويو، ۽ هن جون ڪاٺين جهڙيون سڪل آڱريون لڳاتار چري پري رهيون هيون. هن هيڻي مڙس جو نڪ شڪاري پکيءَ جي چهنب وانگر ٻاهر نڪتو بيٺو هو. جڏهن ان تي روشني ٿي پيئي، ته ان جو پاڇو هن جي ڳل تي پکڙجي پئي ويو . هو پنهنجي کڙڪيدار آواز ۾ ور ور ڪري چئي رهيو هو، دوستو! کائو ۽ پيئو !“

”پاريسري، پاڻ کي تڪليف نه ڏي،“ عورت گفتو ڪڍيو،”هر ڪنهن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجو پيٽ آهي، ۽ جي ڪو چاهي ته به پيٽ ڀرڻ کان وڌ کائي نٿو سگهي !“

”دوستو، هاڻي صبر سان ويهو،“ ذخاريف بلند آواز ۾ رڙ ڪري چيو ”اسين سڀ خدا جا ٻانها آهيون، اچو ته گڏجي ڳايون –تعريف ان خدا جي !“

شراب ڪباب ماڻهن جا مٿا ڦيري ڇڏيا هئا، تنهن ڪري مناجات مزو نه ڪيو.ڪاپين ڊوخين هٿ ۾ مونيڪا جهليو ويٺو هو،نوجوان وڪٽر سلاتين جيڪو ڪانوَ وانگر ڪارو ۽ سنجيده هو، تنبورو ڳچي ۾ وجهيو بيٺو هو ۽ پنهنجن هٿن سان ان کي وڄائي رهيو هو.

”هاڻي روسي ناچ شروع ٿيڻ گهرجي.”ذخاريف فرمائش ڪئي ”پاڙيسرڻ! ڇا، مان توسان نچي سگهان ٿو!“ عورت کي گذارش ڪندي چيائين.

”آه !“ عورت وڏو ساه کڻندي چيو، ”تون پاڻ کي ڪيڏو نه تڪليف ۾ٿو وجهين !“

ميدان صاف ڪيو ويو، ۽ هوءَ سنتريءَ وانگر وچ ميدان ۾ اٿي بيهي رهي، هن کي ويڪرو ناسي گهگهرو ۽ ان تي ڦڪو گج پهريل هو ۽ مٿي تي ڳاڙهو رومال ٻڌل هو. مونيڪا کي هٿ لڳندي ئي اُن جا آواز لرزش ۾ اچي ويا ۽ ڏک ڀريل آلاپ شروع ڪري ڏنائون. تنبوري اُنهن سان سـُر ۾ سـُر ملايو، ۽ اُن جي تارن ٿڌا شوڪارا ڀرڻ شروع ڪيا، پر موسيقيءَ به ڪو مزو نه ڪيو، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو جنون ۾ اچي پنهنجو مٿو ڀت سان ٽڪرائي رهيو هجي.

ذخاريف کي ته ناچ ايندو ئي نه هو، ٻڪريءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن ٺينگ پئي ڏنائين. هن جا پير سازن جي سرتار تي ڪڏهن به پورا فرش تي نه پئي پيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڄنگهون هن جون هيون ئي نه، ۽ هن جي جسم اهڙي بڇڙي نموني پئي ور وڪڙ کاڌا، جيئن ڏينڀو ڪوريئڙي جي ۽ مڇي مهاڻي جي ڄار ۾ کائيندي آهي. جيتوڻيڪ اهو نظارو وڻندڙ نه هو، تڏهن به سڀ ماڻهو، پيتل ۽ اڻ پيتل، هن جي هٿن ۽ منهن جي چرپر ۽ رنگن کي ڏسي رهيا هئا. هن جي منهن جا نمونا پئي مٽيا سٽيا، ڪڏهن اُهو مٺڙو ۽ پيارو پئي ٿي ويو، ڪڏهن ان ۾ هيٺ ۽ غرور جي جهلڪ اچي ٿي ويئي. ۽ ڪڏهن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اڀامي ٿي ويو. پوءِ ٿڌا ساهه کڻي، پنهنجون اکيون بند ڪري، اُهي اهڙيءَ ريت ٿي کوليائين، جو سڄو غم جي بار سان جهڪيل ٿي محسوس ٿيو. پنهنجون مٺيون بند ڪري ٻليءَ پير هن عورت ڏانهن ٿي وڌيو، پر جڏهن ان جي ويجهو ٿي پهتو، تڏهن زمين تي لت هڻي پنهنجي گوڏن تي ويهي، پنهنجا هٿ ڊگها ۽ اکيون مٿي ڪري، هن ڏا نهن مرڪي نهارڻ ٿي لڳو. جواب ۾ هن به مرڪي ۽ مٺڙي نموني ٿي چيس – ”مهربان، اٿي کڙو ٿي!“ هن جون اکيون چاهينديون هيون ته ٻوٽجن، پر هن جي ڇپرن کان گهڻيون وڏيون هونديون هيون، جنهن ڪري هن جي شڪل اڻ وڻندڙ ٿي ويندي هئي.

پاڙيسرڻ پاڻ به ناچ ۾ الهڙ هئي، رڳو هيڏانهن ۽ هوڏانهن پيئي جانٺا هڻندي هئي، ۽ پنهنجي وزني بت جي بار کي هڪ ڄنگهه کان ٻيءَ ڄنگهه تي پيئي اڇلائيندي هئي، هن جي کاٻي هٿ ۾رومال هوندو هو، جيڪو هوءَ وڏي مشڪل سان لوڏي سگهندي هئي، ۽ هن جو سڄو هٿ هن جي چيلهه تي اهڙي ريت رکيل هوندو هو، جو هن جي شڪل پيرن کان مٿي تائين هڪڙي وڏي ڪوزي جهڙي نظر ايندي هئي.

جڏهن ذخاريف هن ڀڪ جهڙيءَ عورت جي چوگرد ڦيرا پائيندو هو ته هن جي منهن جا رنگ پيا لهندا چڙهندا هئا، ائين لڳندو هو ته هڪ نه آهي پر ڏهه ماڻهو آهن، جي نچي رهيا هئا، جيڪڏهن هن جي هڪ شڪل ۾نوڙت ۽ نياز هو ته ٻيءَ ۾ مغروري ۽ بي رخي ۽ ٽئين ۾هو اهڙو ڊنل ۽ هيسايل لڳندو هو، ڄڻ انهيءَ خوفناڪ بلا کان کسڪي ڀڄي وڃڻ گهرندو هجي، پوءِ هن جي ٻي شڪل نمودار ٿيندي هئي، جنهن ۾ موچڙن لڳل ڪتي وانگر هن جا ڏند ٻاهر نڪري ايندا هئا، ۽ بت پيو وٽ سٽ کائيندو هوس، هن اڻ وڻندڙ ۽ بي مزي ناچ کي ڏسي مون کي پنهنجي پاڙي ۾ ڏٺل سپاهين، اردلين ۽ کٽياڻين جا ڪڌا ڪرتوت ياد اچي ويا هئا.

انهيءَ مهل مون کي سوڊوروف جا سرد لفظ دل تي تي آيا، ”اهڙن معاملن ۾ هر ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندو آهي- انهيءَ راند جو اهو قانون آهي، محبت وغيره ڪجهه ڪانهي سڀ دل کي وندرائڻ جون ڳالهيون آهن .“

مون کي ان ڳالهه تي ويساهه ئي نه ايندو هو ته انهن معاملن ۾ هر ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇا، ملڪ مارگاٽ به ائين ڪندي هئي؟ ۽ اها به پڪ هوندي هيم ته گهٽ ۾ گهٽ ذخاريف سچو هو، مون کي پتو هو ته هڪڙيءَ گهٽين جي رولاڪ ڇوڪريءَ جنهن سان استانوف عشق ۾ڦاسي پيو هو، استانوف کي ڌوڪو ڏنو هو. انهيءَ هوندي به هن دوستن جي راءِ رد ڪري هن کي مارڪٽ ڪانه ڪئي هئي، پر پاڻ هن سان وڌيڪ قرب سان پيش آيو هو.

هوءَ ڀڪ جهڙي عورت ڦيرا پائي رهي هئي، هن جي چپن تي مردن جهڙي مرڪ هئي ۽ هر هر هٿ سان رومال لوڏي رهي هئي. ذخاريف به هن جي چوگرد اهي ئي ٺينگ ڏئي رهيو هو .

چهرن لٿل مجسما ڀتين تي پنهنجا اونداها پاڇا وجهي رهيا هئا، رات جي تاريڪي در درين ۽ ڀتين جي اوٽ مان لياڪا پائي رهي هئي موم بتين جي روشني جهڪي ٿي ويئي هئي ۽ ڪارخانو گندي هوا سان ڀرجي ويو هو، جيڪڏهن ڪو ڪن لائي ٻڌي ها ته ٽامي جي نلڪي مان ڪاٺ جي ٽپ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڦڙن جو آواز انهيءَ گوڙ شور ۾ به صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ڪتابن ۾ پيش ڪيل زندگي کان اهو سڀ ڪجهه ڪيڏو نه مختلف ۽ ڪيڏو نه الم انگيز هو. آخر ڪار سڀ ماڻهو انهيءَ تماشي مان تنگ ٿي پيا ۽ ڪوپين ڊوخين هارمونيڪا سلانين کي ڏيندي، چيو ، ” اچو ته گڏ جي ناچ ڪريون !“

هن کي ڏسي، مون کي سگنوڪ ياد اچي ويو، هي به ان وانگر ائين نچي رهيو هو، ڄڻ هوا ۾ ڦيريون پائيندو هجي. پاشڪا ۽ سوروڪن به هن جي پٺيان ڏاڍي ذوق مان تيز تيز قدم کڻڻ لڳا. سلهه وارو ڊئوڊوف به فرش تي پير هڻي، شروع ٿي ويو، ۽ سڄو وقت، مٽيءَ، دونهين، ووڊڪا ۽ سڙيل چمڙي جهڙي ڪباب جي بوءِ جي ڪري پئي کنگهيو. هو نچڻ، ڳائڻ ۽ رڙيون ڪرڻ ۾ مشغول هئا، هنن ڄاتو پئي ته اُهو ڏينهن هنن جي موڪل ۽ خوشيءَ جو ڏينهن هو، تنهن ڪري هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ پنهنجي فن ۽ ڪمال جو مظاهرو پئي ڪيائون.

استانوف نشي ۾بنهه چور هو . هن جي منهن مان ئي ٿي لڳو، ڄڻ اِجهو ٿو روئي، هر ڪنهن کان هو پڇي رهيو هو،”ڇا، ڪو ماڻهو اهڙيءَ عورت سان پيار ڪري سگهي ٿو؟“

لاريونچ پنهنجا ڪلها ڌوڏي،”عورت مڙيئي عورت آهي، توکي ٻيو وڌيڪ ڇا گهرجي؟“

هيءُ جوڙو جنهن بابت بحث هلي رهيو هو، چپ چاپ ڪيڏانهن کسڪي ويو. اهڙي موجي ڏينهن کان پوءِ ذخاريف ٻن ٽن ڏينهن تائين ڪارخاني ۾ ڪين موٽندو هو، ۽ موٽڻ کانپوءِ وري وات ۾مڱ وجهي، پنهنجي ڪنڊ وٺي، پنهنجي ليکي ماٺ ڪيو، پندرهين ڏينهن تائين پيو ڪم ڪندو هو .

”هليا ويا ڇا؟“ استانوف پنهنجين روئڻهارڪين نيرين اکين سان ڪارخاني جي چئن ئي ڪنڊن کي چڪاسي، پاڻ کان پڇيو. هن جو منهن پڪو هوندو هو، جو پنهنجيءَ عمر کان وڌيڪ وڏو لڳندو هو . پر هن جو ن اکيون قرب ڀريون ۽ سهڻيون هونديون هيون. هن جي مون سان سنگت هوندي هئي ۽ ان جو خاص سبب منهنجو اهو نوٽبڪ هو، جنهن ۾ مون شعر نقل ڪري ڇڏيا هئا، هن جو خدا ۾اعتبار ڪونه هوندو هو. حقيقت ۾لاريونچ کان سواءِ ڪارخاني ۾ ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه هو، جنهن جي لاءِ ائين پڪ سان چئي سگهجي ته هن کي خدا ۾ اعتبار يا ان سان محبت هئي، هو سڀ خدا جو ذڪر ڪجهه اهڙي رکي نموني ڪندا هئا، جيئن ڪي ڪارخاني جا مزور ڪارخاني جي مالڪ جو ڪندا آهن. اُنهيءَ هوندي به ماني کائڻ ويل هو پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندا هئا، رات جو سمهڻ ويل دعا گهرندا هئا، ۽ آچر ۽ ٻين ڏينهن تي چرچ ڏانهن ويندا هئا، البت استانوف ائين ڪين ڪندو هو جنهن ڪري کيس دهريو سمجهيو ويندو هو.

”خدا آهي ئي ڪونه، “ هو ڳالهه تي ڳت ڏيئي چوندو هو .

”پوءِ اسين ڪيئن پيدا ٿياسين ؟“

” مون کي پتو ڪونهي .“

”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خدا آهي ئي ڪونه؟“ مون هن کان پڇيو، هن پنهنجي ٻانهن پنهنجي مٿي کان ڊگهي ڪندي چيو، ”توکي پتو هوندو ته خدا اعليٰ آهي.“ پوءِ پنهني ٻانهن ٿلهي کان هيٺ ڪندي چيائين، ”۽ انسان ادنيٰ آهي!“ ٺيڪ آ ؟

پر بائيبل ۾لکيل آهي ته انسان خدا جي شڪل ۾پيدا ڪيو ويوآهي.

اها ڳالهه مون کي منجهائي رکندي هئي. هـُن ڇيڳري، گدلي مواليءَ پوڙهي ۾ ايڏي عمر هوندي به انيڪ برايون هونديون هيون. هن کي ڏسي وياتڪن وارو سپاهي، ارموخن، ۽ نانيءَ جي ڀيڻ ياد اچي ويندا هئم -

”توکي پتو آهي ته سڀ انسان بـُرا آهن .“

استانوف فتويٰ ڏني، پوءِ منهنجي دلجوئي ڪندي چيائين،”پر الڪسي، سچ پچ ڪجهه چڱا ماڻهو به موجود آهن .“

استانوف سان گڏ گذارڻ سولو هو، ڇا لاءِ ته هو دل جو صاف هو، جيڪڏهن هن کي ڪنهن ڳالهه جي خبر نه هوندي هئي، ته هو صاف چئي ڏيندو هو. انهيءَ ڳالهه ۾هو بي مثال هو، هن سان ملڻ کان اڳ جن به ماڻهن سان مليو هوس، اُهي همه دان هئا، ۽ هر ڪنهن موضوع تي بحث ڪرڻ لڳندا هئا.

مون کي اِها ڳالهه ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته استانوف جي بيانن ۾ اهڙن اعليٰ شعرن جي انتخاب سان گڏ، جي پڙهڻ سان دل ۾ گهر ڪري وڃن، اهڙا بيهودا شعر به لکيل هوندا هئا، جن جي پڙهندي لڄ اچي ويندي هئي. جڏهن مون هن سان پشڪن جي ڳالهه ڪئي ته هن پشڪن جو نظم ”گئريلاڊا“ ڏيکاريو، جيڪو هن جي بياض ۾نقل ڪيل هو .

”پشڪن؟ هو ته هلڪو آهي، ها، باقي بينڊڪٽوف جي ڳالهه ڪر .“

پوءِ اکيون ٻوٽي مدهوشي جي عالم ۾، بينڊڪٽوف جا شعر ٻڌائڻ شروع ڪندو هو:

”ڏس هن نوجوان ننگريءَ جي

جياريندڙ ڇاتيءَ ۾

ڪهڙو نه جادو آهي !“

هيٺيون سٽون خاص هن جي دل وٽان هونديون هيون، ۽ اهي هو وڏي اڌمي بلڪ جنون سان ٻڌائيندو هو:

”عقاب جي تيز اک به منهنجي محبوب جي لڄاريءَ

دل جي گهراين تائين پهچي نٿي سگهي .“

هو انهيءَ ڳالهه تي بلڪل وائڙو ٿي ويو، جڏهن مون کيس چيو ته مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته هن کي ان شعر ۾ڇو ٿي مزو آيو .

باب چوڏهون

منهنجو ڪم بلڪل سولو هوندو هو. مان صبح جو سوير ان وقت اٿندو هوس، جڏهن ٻيا بسترن ۾ ستا پيا هوندا هئا ۽ انهن لاءِ سماوار گرم ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيندو هوس، جڏهن هو بورچيخاني ۾چانهه پيئڻ لڳندا هئا، ته مان ۽ پاشڪا ڪارخاني کي صاف ڪري، رنگ ٻاهر ڪڍي رکندا هئاسين. ان کان پوءِ مان دڪان ڏانهن هليو ويندو هوس، شام جي وقت مون تي اهو ڪم رکيل هوندو هو ته مان رنگ ملائڻ سکان ۽ ڪاريگرن کان سکان ته هنن رنگ ڪيئن ٿي لڳايا، ڪجهه ڏينهن تائين ته مونکي انهن ڪمن جي ڏسڻ مان مزو ايندو هو، پر جلد ئي مون کي معلوم ٿيو ته ننڍن ننڍن ڪمن جي ورڇ ڪري ڪاريگرن کي پنهنجي پنهنجي ننڍي ڪم مان ڪو به مزو ڪونه ٿي آيو ۽ هو ان مان جهٽ ۾ ڪڪ ٿي پوندا هئا.

گهڻو، جو ڪم ڪونه هوندو هوم، سو جلد ئي مان پنهنجي شام جو وقت مزي سان گذارڻ لڳس، ڪاريگرن کي پنهنجا جهاز جا آزمودا ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنم ۽ ائين مان انهن جو ڄڻ چارڻ ڀٽ ٿي پيس، مون جلد ئي محسوس ڪيو ته هنن دنيا جو سير ۽ سفر مون کان گهٽ ڪيو هو – ڇاڪاڻ ته هو ننڍي هوندي کان وٺي ڪارخانن جي قيدن ۾ بنديا پيا هئا، انهن سڀني مان ذخاريف ماسڪو ڏٺو هو، جنهن بابت هو چوندو هو. ”ماسڪو ۾ روئڻ رڙڻ جي يا ڪنهن شڪايت ڪرڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي، اتي هر ماڻهو کي اکيون کولي هلڻو پوي ٿو ۽ اٽڪل سان زندگي گذارڻي پوي ٿي.

باقي ٻين ڪاريگرن ويجهن شهرن جهڙوڪ شويا ۽ لدمير کانسواءِ ڪجهه ڏٺو ئي ڪين هو، ڪازان جي ڳالهه نڪرندي هئي ته مونکان پڇندا هئا، ”اتي روسي آهن ؟ اتي ديوليون به آهن؟“ جي خيال ۾ پرم جو شهر سائبيريا ۾ هو ۽ هنن کي انهيءَ ڳالهه تي ويساهه ئي نه ايندو هو ته سائبيريا يورال جبل جي پريان آهي اهو چوندا هئا، ته سامونڊي مڇي يورال مان ايندي آهي –”ڀلا کڳا ڪٿان ٿا اچن ؟ ڪئسپين سمنڊ مان ؟ انهيءَ جو مطلب ته يورال سمنڊ جي ڪناري تي آهي !“جڏهن هو چوندا هئا،ته انگلينڊ سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي ته مان اهو سمجهي نه سگهندو هوس ته اهي چرچو ٿا ڪن يا ساڀيان ٿا چون. هو نيپولين جو شجرو ڪالوگا جي اميرن سان وڃي ملائيندا هئا.

هو مونکي چوندا هئا، ته”پنهنجي اکين ڏٺو احوال ٻڌاءِ!”۽ جڏهن کين ٻڌائيندو هوس ته اعتبار ئي نه ايندو هون، هو سنسني خيز تاريخي ڪهاڻيون ٻڌڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا، پوڙهن کي به سچين ڳالهين کان وڌيڪ ڏند ڪٿائن مان مزو ايندو هو. جيتري قدر ڪا ڳالهه حقيقت کان پري ۽ ڪوڙ بدوڙ سان مليل هوندي هئي اوترو ئي هو اها وڌيڪ چاهه سان ٻڌندا هئا. هنن کي اهڙين خيالي ڪهاڻين ۾ پنهنجي ڏکن ۽ غربت گڏيل حقيقي حياتيءَ بجاءَ آئنده جي اميدن جي هوائي قلعا ڏسڻ ۾ايندا هئا.

انهيءَ تي مون کي پاڻ وڌيڪ تپرس لڳندو هو، ڇا ڪاڻ ته مون کي اهو احساس پيدا ٿي ويندو هو ته ڪتابن ۾عام رواجي زندگي جي سچي تصوير چٽيل ئي ڪانه هوندي آهي ڪتابن ۾مون کي هيڊ بورچي سماوري
آگ مئن جئڪ گهومو اليڪساشي ذخاريف ۽کٽياڻي لتاليا جهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪٿي به نظر ڪين آيو هو.

ڊئوڊوف پنهنجي پيتيءَ مان مونکي ”گولتسنڪي “ جي افسانن جو هڪڙو پراڻو ڪتاب ڪڍي ڏنو، مان جڏهن انهن کي ڪو به ڪتاب ڏاڍيان پڙهي ٻڌائيندو هوس ته هنن کي ڏاڍي موج ايندي هئي، لاريونچ چوندو هو، ”ڏاڍو سٺو، انهيءَ ڪري اسان ۾جهڙو جهٽو گهٽ ۽گوڙ شور بنهه بند ٿي ٿو وڃي.“



مان ڪٿان نه ڪٿان ڪتاب ڳولهي هٿ ڪندو هوس ۽ هر روز شام جو اسان جي ڪچهري لڳندي هئي، ۽ اهو وقت ڏاڍو پر لطف گذرندو هو، ڪارخاني ۾ان مهل اڌ رات جهڙي ماٺ ٿي ويندي هئي. ميزن جي مٿان شيشن جا فانوس سياري جي سرد ستارن وانگر پيا چمڪندا هئا ۽ انهن مان نڪرندڙ ڪرڻا ڪاريگرن جي گنجن ۽ڊگهن وارن وارَن مٿن تي پيا پوندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن وچ وچ ۾ڪتاب جي ليکڪ يا سورهيه جي واکاڻ شروع ٿي ويندي هئي. انهيءَ وقت اهي سڀ عام رواجي نموني کان ٻئي نموني ڏاڍو وڻندڙ دلچسپ لڳندا هئا. مان هنن سان پيار ڪندو هوس ۽ هو مون سان سهڻو سلوڪ ڪندا هئا ۽ مان اتي رهڻ ۾خوشي محسوس ڪندو هوس.

هڪڙي ڏينهن استانوف چيو ”ڪتاب پڙهڻ وقت ائين لڳندو آهي ته بهار اچي ويو آهي ۽ اسان جي آجيان لاءِ سياري جون بند ڪيل دريون کولي ڇڏيون آهن.“

ڇاڪاڻ ته اسين ڪتابن جي مسواڙ ڀري نه سگهندا هئاسين، تنهن ڪري نون نون ڪتابن جو ملڻ اسان لاءِ مشڪل هو، مان ڪٿان پني يا اڌارا وٺي ڪيئن نه ڪري پڙهڻ لاءِ اهي وٺي ايندو هوس، هڪڙي ڏينهن ائين باهه وسائڻ واري آفيسر کان ”لومونٽوف “ جو ڪتاب ملي ويم، انهيءِ ڪتاب جي ڪري مونکي پهريون ڀيرو ماڻهن تي شعر جي اثر جو پتو پيو، هاڻي مون کي چٽي ريت ياد ٿو اچي ته جيئن ئي مون ان ڪتاب مان شيطان جي عنوان واري نظم جو پهريون باب پورو ڪيو هو، ته استانوف گهڙيءَ ڏانهن پئي نهاريو ۽گهڙيءَ ڪتاب ڏانهن، پوءِ پنهنجي هٿ وارو برش ڦٽو ڪري پنهنجي ٻنهي گوڏن کي ٻانهن سان ڀاڪر وجهي، سرهائيءَ مان پينگهي وانگر گهڙيءَ هيڏي گهڙيءَ هوڏي پئي لڏيو.

”ڀائرو! خدا جي واسطي ماٺ ڪري ويهو!“ لاريونچ چيو ۽ پنهنجي ڪرسي استانوف جي ميز ڀرسان جتي مان ڪتاب پڙهي رهيو هوس، ريڙهي ويهي رهيو، انهيءَ شعر اسان جي دل کي خوشي ۽ غم ٻنهي سان ائين ڀري ڇڏيو هو جيئن ڪا وهندڙ اڏ ٻنيءَ جو ٻارو ڀري ڇڏيندي آهي ۽ ان مان پاڻي ٻاهر پيو اٿلندو آهي، منهنجو آواز ڀرجي آيو هو. اکين مان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳا هئا، تان جو مان ڪتاب پڙهي نه پئي سگهيس. مون کي اهو ڏسي وڌيڪ اثر ٿيو ته سڀ ڪاريگر ڪتاب ٻڌڻ ۾محو هئا ۽ ائين ٿي لڳو ته هر ڪا شيءَ پنهنجي دستور محور کان ٻاهر نڪري مقناطيسي اثر هيٺ مون ڏانهن ڇڪجي آئي آهي، جڏهن مون ڪتاب جو پهريون ڀاڱو پورو ڪيو هو ته هر ڪو ماڻهو ميز جي چوگرد سرڪندي پئي آيو، ۽ هڪ ٻئي جي ڪلهن تي ٻانهن رکي بيهي پئي رهيا، انهن مان هر ڪو يا ته مرڪي رهيو هو يا ته خيال ۾ گم ٿي ڏٺو. زخاريف منهنجو ڪنڌ ڪتاب ڏانهن ڪندي چيو ”اڳتي پڙهه. “

جڏهن مون ڪتاب پڙهي پورو ڪيو، تڏهن ڪتاب مون کان وٺي، ڪتاب جو نالو پڙهي کڻي ڪڇ ۾ ڪيائين.۽ چوڻ لڳو، ”وري ٻيهر سڀاڻي پڙهنداسين.مان هن کي سانڍي رکان.“

ڪتاب کي ڪلف ۽ڪنجيءَ سان بند ڪري هو ميز ڏانهن موٽي آيو، هر ڪو ماڻهو پنهنجن جاين ڏانهن موٽي رهيو هو، تڏهن به ڪارخاني ۾سانت لڳي پئي هئي، استانوف دريءَ جي ويجهو وڃي شيشي سان اهڙيءَ ريت منهن لڳائي بيٺو ڄڻ ته برف جيان ڄمي ويو هو، ذخاريف پنهنجو برش وري هيٺ رکندي سنجيده ٿي چيو، ”خدا جا ٻانها – ها چئبو زندگي اهڙي آهي! هن ڪنڌ ڌوڏي ۽ منهن هيٺ ڪر وڌيڪ چيو، ”مان جي شيطان بنائڻ تي اچان ته اهو ڪارو ڪٺ ۽بو جرو، ان جا پر باهه جي الن جهڙا ، ۽ منهن هٿ ۽ پير هلڪي نيري رنگ جا هوندا، جيئن چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ ميرانجهي برف هوندي آهي.“

جيستائين رات جي ماني کائڻ جو وقت ٿيو تيسين هو عجيب ڪيفيت ۾ اسٽول تي بي آرامي سان ويٺي لڇيو ۽پڇيو ۽ ميز تي پنهنجن آڱرين سان پئي ٺڪ ٺڪ ڪيائين، پوءِ پنهنجي ليکي شيطان، عورت، بيبي حوا، بهشت ۽ دوزخ گناهن ثوابن ۽ درويشن تي مٿو هنيائين ۽ آخر هيٺين لفظن سان پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪيائين،”اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن درويش بڇڙين عورتن جي ڄار ۾ ڦاسي سگهن ٿا، ته شيطان به نيڪ دلين کي خراب ڪرڻ تي هرکي سگهي ٿو.“

سڀ ماڻهو چپ ڪيو هن کي ٻڌي رهيا هئا، مون وانگر شايد ٻين جي دل به ڳالهائڻ نه ٿي گهريو. سڀئي بي دليو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ گهڙي گهڙي پئي پنهنجن واچن ڏانهن ڏٺائون، هوڏانهن ڏهن جا ڌڪ لڳا، هوڏانهن هنن ڪم بند ڪري ڇڏيو، استانوف ذخاريف ۽ مان ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آياسين. ستارن ڏانهن نهاريندي استانوف هيٺيون شعر پڙهيو :

اُهي ائين چمڪي رهيا هئا

۽ ائين ٿي لڳا ڄڻ بيابان ۾ڀٽڪندڙ قافلو

انهيءَ کان پوءِ چيائين،”اها اهڙي ڳالهه آهي جا رواجي اک نٿي ڏسي ۽ رواجي لفظ به نٿا بيان ڪن.“

سردي ۾ ڏڪندي ذخاريف چيس،” مونکي لفظ ياد نه آهن، مون کي ڪجهه ياد ڪونهي، پر آءٌ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهيان. هيءُ ڪهڙو عجب آهي!هيءُ ماڻهو شيطان تي به ڪهل کائي ٿو ! ۽اسان کي به شيطان لاءِ افسوس ۾ وجهي ڇڏيائين! ڇا، ائين ناهي؟“

”برابر ! “ استانوف هن سان ها ۾ ها ملائي.

در وٽ مونکي بيهاري تاڪيد ڪيائين، ” دڪان تي ان ڪتاب جي ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجانءِ. ٿي سگهي ٿو ته ان ڪتاب تي بندش هجي.“

مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽خيال ڪيم ته شايد هيءُ انهن ڪتابن مان هڪ هجي جنهن جو ذڪر گناهن جي قبوليت وقت پادريءَ مون سان ڪيو هو.

کاڌي مهل هرڪو ماڻهو پنهنجي خيال ۾ٻڏو پيو هو، هر روز وارو گوڙ شور ۽چرچو ڀوڳ بند هوائين ٿي لڳو ته ڪنهن تازي پيش آيل حادثي تي سڀ ويچار ۾پئجي ويا هئا، جڏهن اسين بسترن ۾ سمهڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين ته ذخاريف ڪتاب ڪڍي فرمائش ڪئي، ”هان هي وٺ !وري پڙهي ٻڌاءِ. آهستي، تڪڙ نه ڪر !“

ڪيترا ڪم ڪندڙ بسترن مان اٿي، منهنجي چوگرد پنهنجن سمهڻ وارن اڌوگابرن ڪپڙن ۾ڄنگهون ڄنگهن تي چاڙهي گول ٺاهي ويهي رهيا.

جڏهن مون ٻيهرڪتاب پورو ڪيو ته ذخاريف جون آڱريون ميز تي ٻيهر ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳيون، ۽هو چوڻ لڳو، ”زندگي انهيءَ کي چئبو آهي.هون شيطان.شيطان... پر اهو ته ٻڌاءِ منهنجا ڀاءُ هيءَ ويڌن توسان ڪيئن ٿي ؟...“

استانوف منهنجي ڪلهي وٽان ڪتاب ۾ نهاري ڪجهه چرچي واريون سٽون پڙهي ٽهڪ ڏيئي چيو.”مان اهي پنهنجي بياض ۾نقل ڪندس.“

ذخاريف ڪتاب کڻي تڪڙيون تڪڙيون وکون وجهندو، پنهجي ميز ڏانهن ويو پوءِ موٽي آيو، ۽ چڙ ۾چوڻ لڳو، ” اسان جي زندگي به انڌن گلرن جهڙي آهي. اسان کي اهو پتو ئي ڪونهي ته ڇاجي لاءِ جي رهيا آهيون، اسان جي نه خدا کي نه شيطان کي ڪا ضرورت آهي. اسين وري خدا جا ڪهڙا ٻانها آهيون؟ موسيٰ به خدا جو ٻانهو هوخدا هن سان ڳالهايو ۽ هن لاءِ فرمايائين، ”هي منهنجو آهي –مهنجو پيارو بندو !“ پر اسين ڪهڙي باغ جي موري آهيون ؟“

ڪتاب پيتي ۾ رکي گهمڻ جا ڪپڙا پائيندي استانوف کي چيائين ”هلين ٿو شراب پيئڻ ؟“

”مان وڃان ٿو پنهنجيءَ محبوبڙيءَ وٽ،“ استانوف نرمائيءَ سان چيس.

جڏهن هو هليا ويا، ته مان پاشڪا جي ڀرسان ليٽي پيس، مون هن کي پاسا ورائيندو، ڪجهندو ۽ڪڻڪندو ڏٺو، ۽ ائين ڪندي ڪندي سڏڪن ۾پئجي ويو.

”ڇا هي ؟“

”مون کي هنن تي ڏاڍي ڪهل ٿي اچي.“ هن سمجهائيندي چيو.”مان هن سان چار سال گڏ رهيو آهيان، ۽ هنن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو.“

مون کي پڻ هنن تي ترس اچي ويو، اسين پوءِ ڪافي وقت تائين جاڳندا رهياسين، ۽ پاڻ ۾ هوريان هنن بابت ڳالهيون ڪندا رهياسين، هڪ هڪ ٿي،هنن جون سڀ چڱايون اسان کي ياد اينديون رهيون ۽ هنن لاءِ اسان جي دل جيئن پوءِ تيئن قياس ۽ همدرديءَ جي اڌمن سان ڀربي ويئي.

پاشڪا ۽ مان ٻيئي گهرا دوست ٿي ويا هئاسين. پوءِ هو سٺو ڪاريگر ٿي ويو هو، پر گهڻو وقت ڪم ڪري نه سگهيو. ٽيهن سالن جي عمر تائين رسيو ئي نه ته هو بيحد شراب پيئڻ لڳو، پوءِ مون هنکي ماسڪو ۾خترو مارڪيٽ وٽ ٿڳڙين ۾ڏٺو ۽ هاڻي ويجهو ٻڌو اٿم ته هو مدي جي بخار ۾ تازو مري ويو آهي، مون کي هن ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، ته ڪيترن ئي چڱن ماڻهن جون زندگيون منهنجي سانڀر ۾ائين بي مقصد برباد ٿي ويون، ته هر هنڌ ڪيترائي ماڻهو ٿڪجو ٽٽيو پون ٿا، ۽ مري ٿا وڃن ۽اها فطري ڳالهه به آهي پر دنيا ۾ ڪٿي به جهڙي ريت روس ۾ماڻهو پٽجي کوهجي ۽ ايتري تيزي سان ٿڪجي ختم ٿي وڃن ٿا، تيئن ڏسڻ ۾نه ايندو.

انهيءَ زماني ۾هو مونکان عمر ۾سال کن وڏو هو. هو کل مک جوان ذهين ايماندار ۽ پنهنجي فن ۾ هوشيار هو، هو ڪتن ٻلين ۽پکين جون شڪليون ڏاڍيون چڱيون ڪڍندو هو ۽ خاص طرح ڪارٽون ڪڍڻ جو ڏاڍو ماهر هو. ڪارخاني جي سڀني ڪاري گرنجا مختلف نموني ۾ڪارٽون ڪڍيا هئائين، استانوف جو ڪارٽون ڪاٺ ڪٺي وانگر ڪڍيو هئائين جيڪو پنهنجن پورن ۾ هڪ ٽنگ تي بيهي ڪاٺ ڪٽي رهيو هو، ذخاريف اهڙي ڪڪڙ وانگر بنايو هئائين، جنهن جي ڪلنگي کسي ۽ کنڀ ڇڻي ويا هئا،بيمار ڊئوڊوف کي منڊي ٽيٽيهر جي شڪل ۾ پيش ڪيو هئائين، انهن سڀني کان وڌيڪ بهتر شاهڪار گولوفيف جو ڪارٽون هو، جنهن ۾ هن کي ڊگهي نڪ سان ڌاڙهيءَ وارو چمڙو بنايو هئائين، جنهن کي ڇهن آڱرين وارا ننڍڙا ننڍڙا چنبا هئا، انهيءَ چمڙي جو منهن گول ۽ ڪارو بنايو هئائين جنهن مان ٻڙين جهڙين مائڪين سان سفيد گول اکيون گهوري رهيون هيون. انهيءَ کان سواءِ اهي اکيون اهڙيون ٽيڏيون بنايون هئائين ، جو هن جي شڪل ڏائڻ جهڙي ٿي ڏٺي.“

ڪاريگرن کي پنهنجا ڪارٽون ڏسي ڪا بخيلائي ڪان لڳي پر گولوفيف جو قيءَ ڏيندڙ ڪارٽون ڏسي، سڀني کي درو ڙي وٺي وئي، هن کي ڇينڀ ڪڍندي چيائون ”خيريت انهيءَ ۾آهي ته ان کي ڦاڙي ڇڏ، جيڪڏهن پوڙهي مڙس جي ان تي اک پئي ته موت ڏيئي ڇڏيندءِ !“

هي گندو بدعاتو ۽ هميشه نشي ۾ ٻڏل پوڙهو ڏينهن رات پاڪائي جو ڍونگ رچندو هو ۽ ٻين جي برائيءَ ۾اهڙو رڌل رهندو هو جو توبهه. هي پنهنجي ساٿي ڪاريگرن جون چغليون ُوڃي دڪان جي مئنيجر کي هڻندو هو، ڪارخاني جي مالڪياڻي پنهنجيءَ ڀائٽيءَ جو مڱڻو ان مئنيجر سان ڪرائي ڇڏيو هو ، جنهن ڪري هن اڳيئي پاڻ کي ڪارخاني جومالڪ سمجهڻ شروع ڪيو هو، ۽ڪاريگرن کي حڪم پيو هلائيندو هو، ڪاريگر هن کان نفرت به ڪندا هئا، ۽ ڊڄندا به هئا، انهيءَ ڪري هن جي هن چغلخور ڇاڙتي کان به ڪن هڻندا هئا.

پاشڪا ان مردود پوڙهي کي هردم ڪنهن نه ڪنهن نموني تنگ ڪندو هو، اصل ائين جيئن هن ڪا گهڙي چين جي نصيب نه ٿئي. انهيءَ ڪم ۾مان به پاشڪا سان ٻٽ ٿي بيهي رهيس، اسان جي حرڪتن ۽ شرارتن تي ڪاريگر خوش به ٿيندا هئا، ۽ اسان کي سمجهائيندا به هئا - ڇوڪرو ! اهي شرارتون توهان کي آويءَ ۾ آڻينديون، ڪزمي – چيلاٽ جو چڪ اوهان جي کل لاهي ڇڏيندو.” اسين سڀ دوڪان جي مئنيجر کي ڪزمو – چيلاٽ ڪري سڏيندا هئاسين.

اسان تي انهن سمجهاڻين جو ڪو به اثر نه ٿيو، گولوفيف هر وقت نشي ۾ جڳ جهان کان بي خبر هوندو هو، تنهن ڪري اسان کي هن سان شرارت ڪرڻ جو موقعو آساني سان ملي ويندو هو.هڪڙي ڀيري نڪ تي اهڙو پڪو سونهري ٻورو ملي ڇڏيوسين جو ٽن ڏينهن جي مهٽ سهٽ کان پوءِ وڃي لٿس. جڏهن به اسين هن سان شرارت ڪندا هئاسين، ته مون کي پنهنجو پهريون آگبوٽ ۽ اُن جو خلاصي وياتڪن وارو سپاهي ياد اچي ويندو هو ۽ منهنجي دل بيقرار ٿي ويندي هئي، گولوفيف پوڙهو هوندو هو ته به اڪثر اسان کي لڪي لڪي پڪڙي ويندو هو، ۽ خوب اسان کي مارون ڪڍندو هو ۽ هر ڀيري اسان کي مار ڪڍي سڌو وڃي مالڪياڻيءَ کي اسان جي خلاف دانهن ڏيندو هو.

اها ٻڍي عورت.پاڻ به عادتي شرابڻ هئي، پرشراب هن کي وڌيڪ کل مک ۽ صاف دل بنائي ڇڏيندو هو. هوءَ اسان کي ڌمڪائڻ ۾ڪسر نه ڇڏيندي هئي، ميز تي مڪ هڻي رڙ ڪري چوندي هئي، ”شيطانو ! وري شرارت! هو پوڙهو آهي، هن جي اوهان کي عزت ڪرڻ گهرجي. ٻڌايو مون کي، توهان مان ڪنهن هن جي شراب جي گلاس ۾رنگ وڌو هو ؟“

”اسان ٻنهي.“

مائي عجب مان واڪو ڪري چوندي هئي، ”خدا جي پناه ! ايڏي ارڏائي،لعنتيو، ڪجهه ته پاڻ وڏن لاءِ عزت ڌاريو، نڪرو هتان ، کائو نه کلا !“

هڪڙي ڀيري اسان کي ائين ٻاهر ڪڍي دڪان جي مئنيجر کي اسان جي سمجهائڻ لاءِ چيائين، هن مونکي ڪاوڙ مان چيو ، ”تون ڪتاب پڙهين ٿو، مقدس بائيبل به پڙهندو آهين. توکي ته خيال ڪرڻ گهرجي، منهنجا دوست، آئنده ائين نه ٿيڻ کپي.“

اسان جي مالڪياڻي تنها ۽ اداس رهندي هئي ، ڪڏهن ڪڏهن شراب جي چڪي چاڙهڻ کان پوءِ پنهنجي دريءَ وٽ ويهي ڳائڻ لڳندي هئي:

منهنجو نڪو همدرد آهي ۽ نڪو غمخوار آهي

ڪنهن سان پنهنجي دل جا سور سليان

اڪيلي غمن ۾ پئي جهڄان ۽ جهران

ڪير آهي جنهن کي پنهنجو چوان !

پوءِ ڏک ڀريل آواز ۾پيرسنن وانگر ڪوڪارڻ لڳندي هئي، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ماٺ ٿي ويندي هئي.

هڪڙي ڀيري مون ڏٺو ته هوءَ هٿ ۾ گرم کير جو منگهه کنيو، ڏاڪڻ تان پئي لٿي، ته اوچتو هن جون ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳيون ۽ ويهي. گسڙيون ڏيندي، هيٺ لهڻ لڳي، پر هٿن مان منگهه نه ڇڏيائين هر ڏاڪي تان هيٺ لهڻ کان پوءِ کير ڇلڪي هن جي ڪپڙن تي هارجي پئي ويو، منگهه کي پاڻ کان پري جهليندي چوڻ لڳي، ”اڙي بدبخت، توکي ڇا ٿيو آهي ؟ تنهنجي نيت ڪهڙي آهي ؟“

هو بت ۾ڀريل نه هئي، پر ڦيڦي هئي، هن جي حالت انهيءَ ٻلي جهڙي هئي جا پنهنجي جواني ۾خوب کائڻ پيئڻ ڪري سست ۽ ٽوٽي ٿي پيئي هجي، ۽ هاڻي سندس شڪار جا ڏينهن پورا ٿي ويا هجن، تنهن ڪري رڳو پنهنجي گذريل عيشن ۽ مزن کي ياد ڪري ويٺي ميڪندي هجي.

استانوف هڪڙي ڏينهن خيال ۾ ٻڏي چيو، ”ڪنهن زماني ۾هي دڪان گهڻي چلتي وارو هو،هي شهر جو مشهور دڪان هوندو هو ۽ هن تي بهترين ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، پر جڏهن کان ڪزمي- چيلاٽ جو هتي پير پيو آهي تڏهن کان هيءَ دڪان ترين تي وڃي پيو آهي، سڄي ڪمائي هن جي پيٽ ۾ پيئي وڃي. هيڏانهن اسين آهيون جو ائين پيا ڳهون. جڏهن ماڻهو ائين محسوس ڪرڻ لڳي ته هو ٻين جي لاءِ پيو وهي،تڏهن هن جي دل ڪم کان بيزار ٿي پوي ٿي ۽ طبيعت ائين چاهي ٿي ته گهمجي ڦرجي ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪٿي وڃي نوڪري ڪجي، نه ته به گرميءَ جا ڏينهن ڇت تي سمهي آسمان ڏانهن نهاريندي آرام سان گذارجن، ۽ سياري جا ڏينهن چلهه جي آڏو ويهي هٿ سيڪي گذاري ڇڏجن.“

پاشڪا تي به استانوف جي خيالن جو اثر پئجي ويو هو، هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪاريگر جي ڏنل سگريٽ کي سوٽو هڻندي فلسفيانه انداز ۾ خدا، شراب، ۽ عورت جو ذڪر ڪرڻ لڳو، محنت ۽ مزدوريءَ جو ذڪر ڪندي چوڻ لڳو، ”ڪي ماڻهو محنت ڪري ڪي شيون تيار ڪن ٿا، ۽ ٻيا جنکي شين جي نه سمجهه نه پروڙ، اهي انهن کي ناس ڪندا ٿا رهن.“ اهڙين وڏين ڳالهين ڪرڻ وقت هن جو وڻندڙ چهرو ڪاراٽجي ۽ پوڙهن وانگر ٿي ويندو هو پوءِ فرش تي وڇايل هنڌ تي ويهي دريءَ جي شيشي مان هيٺ ڇاپري تي ڪريل برف ۽مٿي آسمان جي ستارن ڏانهن نهارڻ لڳندو هو.

ڪاريگرن جو سمهڻ به گوڙ وارو هوندو هو. ڪي کونگهرا پيا هڻندا هئا ۽ ڪي وري ننڊ ۾پيا ڳالهائيندا هئا، هڪڙو ڪاريگر ته سڄي رات ننڊ ۾ پيو وڦلندو هو، ڊئوڊوف پنهنجي زندگي جون گهڙيون کنگهي پيو گذاريندو هو، ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان ”خدا جا ٻانها“ ڪاپين ڊوخين، سوروڪن ۽ پرشين شراب جي نشي ۽ موت جهڙي ننڊ ۾ سڪل بنڊن وانگر پيا هوندا هئا، ڀتين تي ٽنگيل نامڪمل چهرن وارا مجسما پيا انهن کي گهوريندا هئا، فرش جي وٿين مان سڙيل آنن ۽ گندي روغن جي اهڙي بدبوءِ ايندي هئي جو جاڳيلن جي نند حرام ٿي ننڊ هئي.

”او خدا ! هنن جي حالت ڪهڙي نه رحم جوڳي آهي !”پاشڪا آهستي چوندو هو.

مون کي پنهنجي لاءِ توڙي ٻين لاءِ اهڙا قياسي جملا ڪوفت ڏيندا هئا جيئن مان اڳي چئي آيو آهيان، اسين ٻيئي ڪاريگرن کي چڱا ماڻهو سمجهندا هئاسين، پر اهي سچ پچ پنهنجون زندگيون ڏاڍي بڇڙي نموني ۽ گناهن ۽ تڪليفن ۾ گذارينداهئا، سياري جي سرد طوفاني هوائن ۾جڏهن هر ڪا شيءِ وڻ ٽڻ، گهر گهاٽ ۽ زمين ۽ آسمان ڏڪڻ ۽ ڏک ڀريل ورلاپ ڪرڻ لڳندا هئا، ۽ ناتال جي مقدس مهيني ۾جڏهن چرچ جي گهنڊن جو آواز ماتم ڀريو ٿي ويندو هو تڏهن مايوسي ۽ افسردگيءَ جي لهر شيهي جي ڳوراڻ وانگر سڄي ڪارخاني کيوڪوڙي ويندي هئي ۽ اها ڪاريگرن کي مُردن وانگر بيجان ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هو پنهنجي غم ۽ ڏک کي وسارڻ لاءِ شراب خانن ڏانهن ۽ عورتن ڏانهن جيڪي انهن جي خدمت شراب وانگر ڪنديون هيون وڃڻ شروع ڪندا هئا.

اهڙين راتين جو ڪتابن جواثر بيڪار هو، تنهن ڪري پاشڪا ۽ مان وندر لاءِ ٻيو طريقو اختيار ڪندا هئاسين، مسخرن جهڙا ڪپڙا پهري منهن کي رنگ لڳائي اٻاڻڪائيءَ جي ديو سان وڙهڻ لاءِ مختلف طريقن مان ان تي حملا ڪندا هئاسين تان جو اسان جي ساٿين جا ٽهڪ ۽ سڏ اسان کي فتح جي مبارڪ ڏيندا هئا، مون پنهنجي حافظي مان ”سپاهي جنهن پيٽر اعظم جي حياتي بچائي“ واريءَ ڪهاڻي کي ڊرامي جي شڪل ڏني. ڊئودوف جو پلنگ اسان جي اسٽيج هو اسان جو اهو مسخري ڀريو ڊرامو ڏسي، هو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا، ”سنگ – يو – ٽانگ چيني شيطان“ وارو ڊرامو به ڪاريگرن کي ڏاڍو پسند آيو،پاشڪا شيطان جو ڪردار ڏاڍي ڪاريگري سان ادا ڪيو هو باقي ٻيا پارٽ هارين، ماڻهن جي ميڙن ۽ نيڪ روح جا مان ادا ڪندو هوس،۽ پوءِ جڏهن شيطان دنيا ۾چڱي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿي مغموم ۽ اداس پنهنجي آستانن تي موٽي اچي ٿڪ پٽيندو هو ته چوڌاري خوشيءَ جا ٽهڪ ٻري ويندا هئا.

اسان جي انهن کيلن تي هو دل کولي کلندا هئا، مونکي انهيءَ ڳالهه تي حيرت ۽ چڙ لڳندي هئي، ته ننڍڙيءَ ننڍڙيءَ ڳالهه تي هو ايترو وات پٽي، ڇو ٿا کلن –”واهه مسخرا، واه “ ”واه شيطان، واه “ هو اسان کي واڪو ڪري چوندا هئا، انهن کي مان جيترو زياده ائين ڪندي ڏسندو هوس اوترو زياده مون کي اهو محسوس ڪري ڏک ٿيندو هو ته دراصل هو خوشيءَ کان وڌيڪ غم جا شائق هئا. خوشيءَ جو انهن جي زندگي سان ڪو به واسطو ڪونه هوندو هو، انهيءَ ڪري هن جي نگاه ۾خوشي جو قدر ۽ قيمت به ڪان هوندي هئا، اها خوشي جيڪا ائين هو ڪڏهن ڪڏهن ڏيکاريندا هئا اها ڏکن ڀريل اداس روسي زندگي جي بلڪل ابتڙ هئي، ۽ صرف گهڙيءَ سواءِ هنن جي غمن جو بارگهٽائي سگهندي هئي، انهيءَ خوشيءَ ۾ پنهنجي ڪيتري قوت ۽ سگهه ٿي سگهي ٿي جنهن کي نه پنهنجي اصلي زندگي هجي ۽ نه اها پنهنجي ليکي جي سگهي، پر جا رڳو ٿوري دم لاءِ ماڻهن جا ڏک ۽ سور ڀلائي ڇڏيندي هجي؟ گهڻو ڪري روسي خوشي اوچتو ئي اوچتو ڪروڌ ۽ رنج جو روپ اختيار ڪري ڇڏيندي آهي عموماً ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجن غمن ۽ ڏکن جي زنجيرن کي ٽوڙي، خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ايندو آهي ته اوچتو ئي اوچتو هن جي اندر ۾ وحشيانو جذبو بيدار ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ غم جي چريائپ ۾ جيڪو به هن جي سامهون ايندو آهي انهيءَ سان وڙهڻ لڳندو آهي ۽ ان کي ڪيرائڻ. ڏاڙهڻ ۽ ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

انهن جي اها نمائشي خوشي جيڪا هن کي پنهنجي دل کان ٻاهر جي ڳالهين مان حاصل ٿيندي هئي مون کي وياڪل ڪري ڇڏيندي هئي تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه جو خيال نه ڪندي ته مون بابت هو ڇا خيال ڪندا،، مون اهڙا خيالي کيل تيار ڪيا، جي هنن جي دلين ۾ صحيح ۽سچي خوشي پيدا ڪن. مان پنهنجي ترڪيب ۾ڪجهه ڪامياب ٿيس، هو منهنجي انهن ڪارنامن تي حيرت ۾ پئجي ويندا هئا، ۽منهنجي واکاڻ ڪرڻ لڳندا هئا، پر اداسائي ۽ غم جنهن کي مان سندن دلين مان هيڪر ٻهاري ڪڍي ڇڏيندو هوس هنن وٽ وري موٽي ايندا هئا، ۽ سندن دلين کي پنهنجي اشڪنجي ۾ ٻيهر سوگهو جڪڙي ڇڏيندا هئا.

لاريونچ مونکي چوڻ لڳو، ”الله وڏي حياتي ڏيئي ! تون ڏاڍو زنده دل آهين، ۽ ذخاريف هن سان سر ملائي چوڻ لڳو، ”اسان جا وڏا نصيب آهن جو تون اسان وٽ آهين، الڪسي تون ڪنهن سرڪس يا ٿيٽر ۾شريڪ ٿيءُ. سچ ٿو چوان تون ڪامياب مسخرو ثابت ٿيندين.“

سڄي ڪارخاني مان ٻه ڄڻا ڪاپين ڊوخين ۽ اسٽانوف ناتال يا ٻين ڪن چڱن ڏينهن تي ٿيٽر ڏسڻ ويندا هئا، انهن جي موٽي اچڻ تي ڪارخاني جا پوڙها ڪاريگر هنن کي نيڪ نيتيءَ سان مشورو ڏيندا هئا ”وڃو وڃي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ جارڊان جي مقدس پاڻيءَ سان غسل ڪيو، ”استانوف مونکي هر وقت پيو چوندو هو، ”بهتر آهي ته هيءُ ڪم ڇڏي،ائڪٽر ٿي ءُ ۽ مون کي هر کائڻ لاءِ ياڪولوف ائڪٽر جي پهرين تڪليفن واري ۽ پوءِ جي سک واريءَ حياتيءَ جو مثال ڏيئي چوندو هو، ”تون به هن جي درجي تي پهچي سگهين ٿو.“

ان لاءِ هو مون کي ميري اسٽوئرٽ جنهن کي هو ”عياش رن“ سڏيندو هو ۽ ”اسپين جي بهادر ڊان سيزر ڊي بازان“ جا قصا ۽ٻيون اهڙيون مزيدار ڳالهيون ٻڌائي چوندو هو، ” انهن سڀني کيلن ۾ تون هيري جو پارٽ ادا ڪري سگهين ٿو.اليڪسي، ڊان سيزر ڊي بازان سچ پچ جوڌو ۽ زنده دل انسان هو.“

استانوف پاڻ به سچ پچ “اسپين جي بهادر “جهڙو هيرو هو، هڪڙي ڀيري ٽن باهه وسائڻ واري هڪڙي غريب هاريءَ کي وچ بازار ۾هروڀرو پئي ماريو اٽڪل چاليهه کن ماڻهو ميڙ ڪيو اهو تماشو ڏسي رهيا هئا، استانوف ماڻهن کي چيري اندر گهڙي پيو، ۽ ٻانهون کنجي باهه وسائڻ وارن کي ماري کڻي ڍير ڪيائين، هاريءَ کي ٻانهن کان وٺي ماڻهن ڏانهن ڌڪي زور سان رڙ ڪري انهن کي چوڻ لڳو، وٺي وڃو هاڻي هن کي !“

باهه وسائڻ وارا ٽي هئا، سندن آفيس بلڪل ويجهي هئي، جيڪڏهن هو پنهنجن ٻين ساٿين کي سڏي وجهن ها ته استانوف اتي جو اتي مئو پيو هجي ها، پر هن جي بي ڊپائي هنن جا اهڙا حوصلا خطاڪري ڇڏيا هئا، جو هو اٿي وٺي ڀڳا، ۽ هيءُ پٺيان رڙڪري هنن کي للڪارڻ لڳو، ”بزدل ڪتا، ڪاڏي ٿا ڀڳا وڃو ! “

نوجوان ڪاريگرن لاءِ آرتوار جي وندر مڪي بازي به هوندي هئي. مڪي بازيءَ جو ملاکڙو پيٽر پال چرچ جي پٺيان ٽائستي ميدان ۾ ٿيندو هو، جتي ويجهن ڳوٺن وارا گاڏر ۽ هاري ۽ نجنيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزور پنهنجن پنهنجن بهادرن جو مقابلو ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. انهن گاڏرن جو هڪڙو مشهور بهادر مارڊون نالي هوندو هو. هن جو بت ديو جهڙو، مٿو ننڍو ۽ اکيون بيحد وڏيون هونديون هيون. هيءُ جوان پنهنجي ڌر جي اڳيان ڄنگهون ڦاڙي بيهندو هو ۽ پنهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي پنهنجي گندي ڪوٽ جي ٻانهن سان اگهي، للڪارڻ لڳندو هو، ”آهي ڪو، جو ميدان تي اچي! ڇا ڳالهه آهي؟ ڊڄي ويؤ؟“

اسان جو بهادر ڪاپين ڊوخين هميشه هارائيندو هو. هو هميشه اڌ مئو، رت ۾ ٻڏل، ميدان مان نڪرندو هو ۽ چوڻ لڳندو هو، ”منهنجي حياتي هلي وڃي ته وڃي، پر خدا جو قسم! مارڊون کان هڪ ڀيرو ضرور کٽندس.“ ۽ اهو ارادو هن جي حياتيءَ جو مقصد ٿي ويو. انهيءَ ڪري هن ووڊڪا پيئڻ ڇڏي ڏني ۽ سمهڻ کان اول پنهنجي بت کي برف سان مالش ڪرائڻ لڳو، گوشت کائڻ وڌائي ڇڏيائين ۽ پنهنجن پٺن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روز ورزش ڪرڻ لڳو. مگر سڀ بي سود. آخر هن ڇا ڪيو، جو پنهنجي دستاني ۾ شيهي جو ٽڪر لڪائي ڇڏيائين ۽ استانوف کي خوش ٿي چيائين، ”هاڻي انهيءَ مارڊون جو انت آڻيندس.“

”اهو ڦٽو ڪر!“ استانوف چتاءُ ڏيندي چيس، ”نه ته مان ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏيندوسانءِ.“

ڪاپين ڊوخين کي هن جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه آيو، پر جڏهن مقابلو شروع ٿيڻ وارو هو، تڏهن استانوف مارڊون کي چيو، ”مهرباني ڪري ٿورو پري ٿجان، پهرين مان ڪوپين ڊوخين سان وڙهندس.“

قزاق جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”هليو وڃ! مان توسان وڙهڻ نٿو گهران.“

”توکي وڙهڻو پوندو!“ استانوف هن ڏانهن جوهه ڪري ڏٺو ۽ اُلري هن ڏانهن وڌي ويو.

ڪاپين ڊوخين زمين تي لت هڻي، پنهنجا دستانا لاهي، کڻي ڪوٽ جي گيدي ۾ وڌا ۽ ميدان ڇڏي هليو ويو.

ٻنهي ڌرين ۾ لڙ مچي ويو ۽ هڪڙي معتبر ماڻهوءَ، جو مقابلي جي گول ڀرسان بيٺو هو، استانوف کي واڪو ڪري چيو، ”منهنجا دوست، اهو قاعدي جي خلاف آهي، جو مقابلي جي گول ۾ پنهنجا خانگي جهيڙا بيهي نبيرجن.“

هر ڪنهن پاسي کان استانوف تي الزامن جو وسڪارو ٿي ويو. نيٺ هو پنهنجي خاموشي ٽوڙي، اُن معتبر ماڻهوءَ کي هڪ پاسي نيئي، چيو ”ڇا، مان بس ڪري، ڪنهن کي ناحق خون ٿيندو ڏسان ها؟“

انهيءَ اشاري مان اُهو معتبر ماڻهو سموري حقيقت سمجهي ويو ۽ احترام مان پنهنجي ٽوپي لاهيندي، هن کي چيائين، ”انهيءَ حالت ۾ اسين تنهنجا نهايت شڪر گذار آهيون.“

”چاچا، مهرباني ڪري هيءَ ڳالهه دل ۾ رکجانءِ ۽ ماڻهن کي واءِ واءِ نه ڪجانءِ.“

”مان ائين ڇاجي لاءِ ڪندس؟ ڪوپين ڊوخين پهلوان ويڙهو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته لڳاتار هارائڻ ڪري هو هوش کان نڪري ويو هو. پر آئينده مقابلي ٿيڻ کان اڳ هن جي دستانن جي چڪاس ورتي ويندي.“

”جيئن توهان جي مرضي.“

جڏهن معتبر ماڻهو پري هٽي ويو، تڏهن اسان جي ڌر استانوف تي اچي متي ”تو هڻي اسان جي ستياناس ڪري ڇڏي. هن ڀيري اسان جو قزاق ضرور کٽي، ها، پر تون چاهين ٿو ته اسين هميشه هار ۾ هجون.“

انهن جي وات کي اوستائين ماٺ نه آئين، جيستائين هن دانهن ڪري چين، ”توهين سڀ گڏهه آهيو.“ ۽ پاڻ مارڊون کي مقابلي لاءِ للڪار ڪري، سڀني کي وائڙو ڪري ڇڏيائين. مارڊون هوا ۾ مڪون هڻندي، چرچو ڪري، چيس، ”اَچ اَچ، ته هڪ ٻئي کي موت ڏيون.“

ماڻهو هٿن ۾ هٿ ڏيئي، وڏو گول ٺاهي، بيهي رهيا. مڪي باز هڪ ٻئي جي سامهون سڄو هٿ ٻاهر ۽ کٻو هٿ ڇاتيءَ تي جهلي بيهي رهيا. جيڪي مڪي بازيءَ جا ڄاڻو هئا، انهن اها ڳالهه تاڙي ورتي ته استانوف جي ٻانهن مارڊون جي ٻانهن کان ٿورو ڊگهي هئي. چوطرف ماٺ ٿي ويئي. رڳو مڪي بازن جي پيرن هيٺان برف جي ڀرڻ جو آواز پئي آيو. هڪڙي بي صبر تماشائيءَ وٽ کائي، رڙ ڪئي، ”وارو ڪيو!“

استانوف پنهنجي ساڄي هٿ سان وار ڪيو ۽ مارڊون پنهنجو کاٻو هٿ ڏيئي ان کي روڪي ڇڏيو، ته استانوف چالاڪيءَ سان مارڊون جي ساڄيءَ ٻانهن جي هيٺان کاٻي مڪ وهائي ڪڍي. مارڊون کان چنگهه نڪري ويئي. مارڊون جيئن پوئتي هٽيو ته چيائين، ”آهي اڃا ننڍو، پر اناڙي ناهي.“

هاڻي ٻئي مڇرجي ويا ۽ هڪ ٻئي جي ڇاتين تي مڪن جو وسڪارو لڳائي ڏنائون. جلد ئي خود ٻيءَ ڌر جي ماڻهن به استانوف کي همٿ ڏياريندي، چوڻ شروع ڪيو، ”مجسمي ساز، واهه جو هنيئيس! وارو ڪر، ٻي وهائينس.“

مارڊون بت ۾ ڳرو ۽ حملي ۾ ڍلو هو. جڏهن استانوف جون ٻه ٽي مڪون هن کي پئي لڳيون، تڏهن هن جي هڪ مڪ وڃي پئي استانوف کي لڳي. پر هو وڌيڪ سگهارو ۽ آزمودگار هو، تنهن ڪري هن تي ڪو خاص اثر نه پئي ٿيو ۽ پاڻ کليو ۽ مذاق پئي ڪيائين. اوچتو ئي ٻانهن لوڏي استانوف کي ڪلهي واري اهڙي مڪ وهائي ڪڍيائين، جو هن جي ساڄي ٻانهن ڪلهي کان نڪري ويئي.

”ٻيئي برابر ٿيا، فيصلو ڪو نه ٿيو- الڳ ڪيونِ، الڳ ڪيون!“ تماشائي رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ گول ڀڃي مقابلي وارن جي چوگرد مڙي ويا، مارڊون خوشدليءَ سان چوڻ لڳو، ”جيتوڻيڪ مجسمي ساز کي ايتري طاقت ڪانهي، تڏهن به چست آهي. مان دنيا کي وڏي واڪي چوان ٿو ته هيءُ ڪڏهن وڏو مڪي باز ثابت ٿيندو.“

انهيءَ کانپوءِ ٻيا ماڻهو ننڍن ننڍن مڪي بازن جي مقابلن ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويا، پر مان استانوف کي هڏن جوڙيندڙ ڏانهن وٺي ويس. هن جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اُنهيءَ ڪري هن جي عزت منهنجي نظرن ۾ وڌي ويئي هئي. هڪڙي سنئين سڌي ۽ آبروءَ واري ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن اهو ڪجهه ڪيو هو، جيڪو پنهنجو فرض پئي سمجهيائين. کُنڊيءَ دل واري ڪاپين ڊوجين هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو، ”ٽرڙا! پنهنجي اندر کي وڏي ڏڻ جي سماوار وانگر مهٽي مهٽي پيو چمڪائين ۽ ٻٽاڪون پيو هڻين- ڏسو، منهنجو اندر ڪيئن نه چمڪي پيو! پر توکي پتو هئڻ گهرجي ته تنهنجو اندر پتل جو آهي، جنهن کي اڄ نه ته سڀاڻي ڪٽ ڪارو ڪري ڇڏيندي.“

استانوف هن جون کُنڌڪون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري، پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو ۽ جي وقت بچندو هوس ته پنهنجي بياض ۾ لَرمونٽوف جا شعر پيو نقل ڪندو هو.

مون پڇيس، ”توکي پئسا آهن، پوءِ ڪتاب ڇو نه ٿو خريد ڪرين؟“

جواب ڏنائين، ”مون کي پنهنجن هٿن سان لکيل شعر وڌيڪ پسند آهن.“

جڏهن پنهنجن صاف ۽ سهڻن اکرن سان صحفو لکي پورو ڪندو هو، تڏهن جيستائين مس سڪي، تيستائين، هوريان هوريان شعر جهونگارڻ لڳندو هو؛

هتي نه دنيا سان دل لڳائجي نه ڏک پرائجي،

دنيا کي غور سان ڏسو

هتي خوشي اڻ لڀ ۽

حسن چئن گهڙين جو چٽڪو آهي

پنهنجون اکيون پوري چوڻ لڳندو هو، ”ڪيترو نه سچ آهي! هو ماڻهو ڪيترو نه حقيقت شناس هو.“

استانوف جنهن نموني ڪاپين ڊوخين جا تنڪا سهندو هو، مون کي حيرت وٺي ويندي هئي. جڏهن قزاق پيئندو هو ته هيڪاري هن سان وڙهڻ لڳندو هو. استانوف هن جون کنڌڪون سهڻن لفظن سان ٽاري ڇڏيندو هو- ”ڪافي ٿيو، مون کي هٿ نه لڳاءِ.“

ڪڏهن ڪڏهن جڏهن استانوف آپي کان ٻاهر نڪري، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، نشي ۾ ٻڏل قزاق تي اچي مٽبو هو، ته ڪاريگر، جن کي رواجي طرح اهڙن جهيڙن ڏسڻ ۾ مزو ايندو هو، اچي وچ ۾ پوندا هئا ۽ چوڻ لڳندا هئا، ”جيڪڏهن استانوف کي نه جهلينداسين ته ڪاپين ڊوخين ڇا، ڪو به هن جي اڳيان ايندو ته ان کي هو ماري رکندو ۽ پوءِ اُن لاءِ هو ڪڏهن به پاڻ کي معاف نه ڪندو.“

جڏهن استانوف سنجيده حالت ۾ هوندو هو ته ڪاپين ڊوخين سواءِ جهل پل جي پيو هن کي ڇيڙيندو هو. ڪڏهن هن جي شعر جي شوق تي چٿرون ڪندو هو، ته ڪڏهن هن جي ناڪامياب عشق ڏانهن اڻ وڻندڙ اشارا ڪندو هو. استانوف ماٺ ڪيو، پيو سڀ ڪجهه ٻڌندو هو ۽ ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن سان ملي، پاڻ تي پاڻ کلڻ لڳندو هو.

هو ٻيئي هڪ ٻئي جي ڀرسان سمهندا هئا ۽ رات جو ڳپل حصو هڪ ٻئي سان هوريان هوريان پيا ڳالهيون ڪندا هئا ۽ مون کي به انهيءَ اڻ تڻ کان ننڊ نه ايندي هئي ته هنن ٻنهي جي طبيعتن جي اختلاف هوندي به اُها ڪهڙي ڳالهه هئي. جنهن تي هو ٻيئي ايڏي دلچسپيءَ سان ڳالهيون ڪندا رهندا هئا پر جڏهن مان هنن جي ويجهو سرڪي ويندو هوس، ته قزاق مون کي پري ڌڪو ڏيئي، چوندو هو، ”اڙي توکي ڇا گهرجي؟“ ۽ استانوف ته مون ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏيندو هو.

پر هڪڙي ڀيري هنن مون کي پاڻ وٽ سڏي پڇيو، ”جيڪڏهن توکي ڪافي دولت هجي، ته جيڪر تون ڇا ڪرين؟“

”مان هوند ڪتاب خريد ڪيان.“

”ٻيو ڇا؟“

”چئي نٿو سگهان.“

ڪاپين ڊوخين ٻوٿ چٻو ڪري پاسو ورائي ڇڏيو، پر استانوف چوڻ لڳو، ”سچ آهي، جوان توڙي پوڙهو اول ڪجهه به چئي نٿو سگهي ته هٿ آيل پئسو ڪيئن خرچ ڪندو. حقيقت ۾ پنهنجي ليکي پئسو وڏي ڳالهه نه آهي پر وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪيئن خرچ ڪيو ٿو وڃي.“

مون پڇيومانس ته، ”اوهين ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو؟“

”اسين سمهڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهيون.“ قزاق ٿورن لفظن ۾ جواب ڏنو.

جڏهن هنن جون وڌيڪ ڳالهيون ٻڌيم، تڏهن ڏٺم ته اهي ساڳيون ئي ڏينهن واريون ڳالهيون هونديون هيون. هو هميشه خدا، سچ، خوشيءَ، عورتن جي مکڙن ۽ بيوقوفين، دنيا وارن جي حرصي حوس، زندگيءَ جي رازن ۽ مونجهارن تي بحث ڪندا رهندا هئا. پوءِ مان هنن جون ڳالهيون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو هوس، ڇا ڪاڻ ته انهن جي ٻڌڻ سان مون ۾ اتساهه پيدا ٿيندو هو. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿيندي هئي ته هو انهيءَ تي متفق هئا ته حياتي وبال هئي، ان کي بهتر بنائڻ گهرجي. مون هن ڳالهه جو به مشاهدو ڪيو ته هنن جي بهتر زندگيءَ واري اُها خواهش بي سود هئي، ڇا ڪاڻ ته هو نه ان ۾ ڪو عملي طرح سڌارو آڻيندا هئا، نه ئي هڪ ٻئي سان سهڻو سلوڪ ڪندا هئا. هنن جي بحث مباحثن مان، جن جي ڪري مون کي منهنجي چوگرد پکڙيل زندگيءَ جو اونهو اڀياس ٿيندو هو، مون کي اهو ئي معلوم ٿيندو هو ته هنن جو ماحول هڪڙي کوکلي ۽ ڏک ڀريل خلا مثل هو، جنهن ۾ هوا ۽ اڏامندڙ مٽيءَ جي ذرڙن وانگر، هو ڪنهن مقصد ۽ مطلب کان سواءِ، ڦيراٽيون کائيندا رهندا هئا ۽ هو پاڻ به پنهنجي انهيءَ بي مقصد ڦيراٽين کي ننديندا هئا ۽ اُن مان ناراض هئا.

ائين هي سڀ ٻين بابت راءِ زني ڪندا رهندا هئا، ٻين کي ذليل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا، پاڻ بابت وڏيون ٻٽاڪون هڻندا هئا، ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي پوندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. هو انهيءَ ڳالهه تي وڏي ۾ وڏو بحث ڪندا رهندا هئا ته مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو، پر هنن کي انهيءَ جي ڳڻتي نه ٿيندي هئي ته جنهن هنڌ بيهي ڪم ٿا ڪريون، انهيءَ جي مٿان پيل پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ کي جو سوراخ ٿي پيو آهي، تنهن مان پاڻيءَ جي سمهڻ ڪري پوسل ٿئي ٿي ۽ پوسل جي ڪري ڪني بدبوءِ ۽ بدن کي يخ ڪندڙ سردي ٿئي ٿي. پاشڪا ۽ مون اڳڙين ۽ پلال جي موئن سان سوراخ کي بند ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر سوراخ بند نه ٿيو، تنهن ڪري جڏهن هوا لڳندي هئي ته ان مان ڪني بوءِ ايندي هئي. هر ڪنهن اها ڳالهه قبول پئي ڪئي ته ان جي مرمت ٿيڻ گهرجي، پر جيستائين ان جي مرمت ٿئي ئي ٿئي، تيستائين سڀني کي نزلي ۽ زڪام اچي ورايو. انهيءَ کانپوءِ ڇا ٿيو، جو روشندانن جا اسڪرد ڍلا ٿي پيا ۽ چيڪٽ ڪرڻ لڳا، جنهن تي وري ڪاريگرن شڪايتون شروع ڪري ڏنيون پر جڏهن مون انهن کي ٺاهي، تيل ڏيئي، انهن جو اُهو چيڪٽ بند ڪري ڇڏيو، ته ذخاريف شوڪجي چيو، ”روشندانن جي ماٺ ٿيڻ سان پاڻ مزو هليو ويو آهي.“

”حمامن“ مان ٿي اچڻ کانپوءِ هڪدم ميري بستري تي ڦڙها ٿي ڪري پوندا هئا. هنن مان ڪنهن کي به ڪڏهن انهيءَ مٽيءَ ۽ گند کان بڇان نه ٿيندي هئي. اتي گهڻيون ئي اهڙيون ننڍيون ننڍيون شيون پيون هونديون هيون، جي گڏجي گهڻي غلاظت ڦهلائينديون هيون. اهي جيڪر ٿوريءَ ئي ڪوشش سان صاف ٿي سگهن ها، پر ڪنهن کان به اهڙي تڪليف نه پڄندي هئي ۽ مان هنن کي سدائين چوندي ٻڌوندو هوس، ”ڪنهن کي انسان جو خيال ڪونهي! نه خدا کي نه وري ماڻهن کي!“

جڏهن مان ۽ پاشڪا ڊئوڊوف کي، جيڪو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي وڃي پهتو هو ۽ جنهن جي بت کي مَر ۽ مٽي کائي رهي هئي، وهنجارڻ لڳاسين، ته ٻيا اسان تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ پنهنجون قميصون لاهي اسان کي ڏيڻ لڳا ته ٿوريون انهن مان به جون ڪڍي ڇڏجو! هُنن جون ٽوڪون ۽ ٺٺوليون اهڙيون هيون ڄڻ اسين ڪو ڪڌو ڪم ڪري رهيا هئاسين، جنهن لاءِ اسان کي شرم اچڻ کپندو هو.

ناتال کان وٺي لينٽ جي مقدس مهيني تائين ڊئوڊوف کي کنگهه ۾ رت جا کانگهارا ايندا رهيا. اُهي هو اهڙي خيال سان هيٺ اڇلائيندو هو، جو اڪثر سڌا وڃي ناليءَ ۾ پوندا هئا. هو رات جي وقت اهڙيون ڀوائتيون رڙيون ڪندو هو، جو اسان مان ڪن جي سڄي رات اکين ۾ گذري ويندي هئي. صبح جو سڀ هڪ وات ٿي چوندا هئا، ”هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ گهرجي.“ پر ان ڳالهه ۾ تڪليف اها هئي ته هن جي پاسپورٽ جو مدو خارج ٿي ويو هو ۽ ان کي نئين سال لاءِ بحال ڪرائڻ جي ضرورت هئي. هن جي حالت ڪجهه سڌري، ته سڀ چوڻ لڳا، ”اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اوچتو ئي اوچتو هي ڪنهن ڏينهن مري ويندو.“ ڊئوڊوف پاڻ به چوندو هو، ”مان هتان جلد هليو ويندس.“ هو چرچي گهٻي جو عادتي هو ۽ اُن حالت ۾ به پنهنجن ٽوٽڪن سان آسپاس جي اداس فضا کي دور ڪري ڇڏيندو هو. پنهنجو سڪل ۽ هڙٻاٺن نڪتل منهن ڪنهن شيءِ تي رکي، هيٺيون راڳ ڳائڻ لڳندو هو؛

”ٻڌو، اي انسانو، ٻڌو!

انهيءَ جو آواز جو عرش جو رهڻ وارو آهي

منهنجو گهر گدام آهي،

منهنجو ڏينهن سوير شروع ٿو ٿئي،

مان ستل آهيان توڙي جاڳيل

ڪاڪروچ منهنجي خون تي پلجن ٿا.“

ٻڌندڙ کلي چوندا هئا، ”همٿ ڪا نه هاري اٿس.“

جڏهن مان ۽ پاشڪا هن وٽ وڃي ويهندا هئاسين، ته پنهنجي تڪليف جو خيال نه ڪري، هو اسان سان چرچا ڪرڻ لڳندو هو ”منهنجا معزز مهمانو، اوهان جي خاطر تواضع ڪيئن ڪجي، حڪم هجي ته ننڍڙي ڪوريئڙي جو طعام آڻي حاضر ڪجي!“

موت هن ڏانهن دير سان آيو ۽ هيءُ بيماريءَ مان بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن خفي ٿي چوندو هو، ”وڏو عذاب آهي! مان شايد انهيءَ لائق به ناهيان جو موت اچي.“

هن جي موت کان بي پرواهي ڏسي، پاشڪا هراسجي ويندو هو. هڪڙيءَ رات ڀڻ ڀڻ ڪري، پاشڪا مون کي ننڊ مان جاڳايو- ”الڪسي، شايد هو مري رهيو آهي! جيڪڏهن هو بلڪل اسان جي مٿن کان مري ويو ته! خدا جو قسم مون کي مئل ماڻهن کان ڏاڍو خوف ٿيندو آهي.“

ڪڏهن ڪڏهن پاشڪا چوندو هو، ”هو ڄائو- پر ڇا لاءِ؟ هو اڃا ٻاويهن ورهين جي عمر تائين ئي نه پهتو آهي ۽ مري رهيوآهي!“

هڪڙيءَ چانڊوڪي رات پاشڪا اٿي ويٺو. هن جون اکيون خون کان پٽجي ويون ۽ مون کي رڙ ڪيائين. ”ٻڌ!“

ڊئوڊوف پڇٽيءَ تي ڪڻڪي رهيو هو- ”مون کي ڏي، مون کي-“ ۽ پوءِ کنگهه ۾ ٻڏي ويو.

پاشڪا ڏڪندي چيو، ”خدا جو قسم، هو مري رهيو آهي.“

مون سڄو ڏينهن اڱڻ ۾ ڪريل برف کي ڀڃي ٻاهر پئي ڦٽو ڪيو، تنهن ڪري ڏاڍو ٿڪل هوس. پاشڪا ايلاز ڪندي چيو، ”خدا جي واسطي، مهرباني ڪري، ننڊ نه ڪر.“ اوچتو ئي اوچتو ٽپ ڏيئي، اٿي بيهي رهيو ۽ چرين وانگر رڙ ڪري چيائين، ”اٿي اٿي! ڊئوڊوف مري ويو.“

ڪي ڪاريگر ننڊ مان جاڳي پيا ۽ ڪي بسترا ڇڏي ٻاهر نڪري آيا، ڪن ڪاوڙجي مختلف سوالن جي وارو وار شروع ڪئي. ڪاپين ڊوخين پڇٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ حيرت مان چيائين، ”هن جو روح پرواز ڪري ويو آهي، مگر جسم اڃا گرم اٿس.“

ڪجهه دير خاموشي پکڙجي ويئي. ذخاريف بلئنڪيٽ ويڙهندي چيو، ”هاڻي هو جنت ۾ وڃي پهتو.“

ڪنهن رٿ ڏني ته هن کي اتان لاهي، ورانڊي ۾ رکجي. ڪاپين ڊوخين پڇٽيءَ تان هيٺ لهي، چيو، ”ويچارو ڀل صبح تائين اُتي پيو هجي، پنهنجي حياتيءَ ۾ هن ڪنهن سان به نه ڦٽائي هئي.“

پاشڪا پنهنجو منهن ويهاڻي ۾ هڻي، سڏڪا ڀريندو رهيو. ايتري گوڙ ۾ به استانوف بيخبر ننڊ ۾ ستو رهيو.

باب پندرهون

ميدانن ۾ ڪريل برف رجڻ لڳي. سياري جا بادل آسمان جي پچر ڇڏي راهي ٿي رهيا هئا ۽ ويندي ويندي زمين تي آليءَ برف مٿان پنهنجا آخري ڦڙا وسائيندا پئي ويا. سج پنهنجي ڏينهن جي سفر پوري ڪرڻ ۾ ڪجهه ڊيگهه ڪندو ٿي رهيو. ائين ٿي لڳو ته بهار شهر ۾ اچي منهن ڏيکارڻ کان اڳ سر سبز ٻنين ۽ ٻارن ۾ ڪجهه دير لڪي ويٺو هو. گهٽيون گپ سان ميريون ٿي ويون هيون ۽ نالا وهڻ لڳا هئا. انهن وڻن تان جن تان برف رجي ويئي هئي، جهرڪيون ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳيون. جهرڪين وانگر ماڻهن ۾ به زندگيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. مقدس لينٽ جي گهنڊن جي آوازن بهار جي ٻين سڀني آوازن کي لَٽي ڇڏيو هو. اُهي پراڻا سکڻا گهنڊ ڪنن ۾ ٻري رهيا هئا. انهن گهنڊن جي آواز ۾ عمر رسيده بزرگن جي لهجي وانگر نصيحت سمايل هئي ۽ اداسائيءَ مان اُهي چئي رهيا هئا- ”گهڻي وقت جي ڳالهه آ، گهڻي وقت جي ڳالهه آ!“

منهنجي نالي واري ڏينهن تي ڪاريگر دعوت ڪئي ۽ هنن مون کي ”الڪسي، خدا جي مقبول ٻانهي“ جو مجسمو تحفي طور ڏنو. ان موقعي تي ’ذخاريف، جا سنجيده تقرير ڪئي سا اڃان تائين ياد اٿم. ”تون ڇا آهين؟“ هن پنهنجون آڱريون ميز تي هڻندي ۽ ڀرون مٿي ڪندي، تقرير شروع ڪئي- ”بلڪل ٻار، تيرهن سالن جو يتيم ڇوڪرو ۽ مان، تو کان عمر ۾ اٽڪل چئوڻو آهيان. انهيءَ هوندي به تنهنجي تعريف ڪيان ٿو ڇا ڪاڻ ته تون زندگيءَ جي تڪليفن کان منهن نٿو موڙين، پر انهن سان مڙس ٿي مقابلو ڪرين ٿو ۽ اصل ڳالهه اها آهي؛ هميشه مشڪلاتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪندو رهج!“

پوءِ هو صالح بندن ۽ خدا جي ٻانهن بابت ڳالهائڻ لڳو، پر مون کي ’خدا جي ٻانهن‘ ۽ ’صالح بندن‘ ۾ ڪو فرق سمجهه ۾ نه آيو ۽ مان سمجهان ٿو ته هن کي به ڪو فرق سمجهه ۾ نه آيو هوندو. هو تقرير ڪندو رهيو. ماڻهو هن تي کلندا رهيا ۽ مان هٿ ۾ مجسمو جهليو هن جي تقرير ٻڌندو رهيس ۽ خوشيءَ جي جوش ۾ ڳاڙهو ۽ پريشان بيٺو رهيس. آخر ڪاپين ڊوخين ڪاوڙ مان چيس، ”هاڻي اها ڊيگهه بند ڪر! ڪنهن جي موت تي دعا پنڻ ڪو نه آيو آهين! تنهنجي اها واکاڻ ٻڌي، هن جا ڪن ئي پچي پيا آهن!“

پوءِ منهنجي پٺي ٺپري، هو پاڻ منهنجي تعريف ۾ شروع ٿي ويو، ”تنهنجي وڏي خوبي اها آهي ته تون سڀني سان قرب سان پيش ايندو آهين. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند آهي پر انهيءَ ڪري جڏهن توکان ڪا ڪوتاهي ٿي ويندي آهي ته توکي ڇينڀڻ يا مارڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.“

اُهي سڀ مون ڏانهن قرب جي نظرن سان اهڙيءَ ريت نهاري رهيا هئا، ڄڻ ته انهن کي منهنجي پريشانيءَ جو پتو پئجي ويو هو. هنن جي نظرن ۾ پنهنجي ايتري عزت ڏسي، خوشيءَ کان منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ساڳئي ڏينهن صبح جو دڪان جي مئنيجر ٻڍي پيٽر کي پئي چيو، ”هيءُ بيحد شرارتي ڇوڪرو آهي- نه ڪم جو نه ڪار جو!.“

انهيءَ ڏينهن صبح جو دستور موجب دڪان تي ويو هوس، ته مئنيجر مون کي چيو، ”گهر موٽي وڃ. اُتي بهار جي ڇت ۽ سامان واري ڪوٺي تان برف ميڙي صاف ڪري ڇڏ.“

هن کي خبر ڪا نه هئي ته اهو منهنجي نالي وارو ڏينهن هو ۽ مون کي اهو به پتو ڪو نه هو ته ٻين کي ڪا انهيءَ جي خبر آهي. جڏهن ڪارخاني وارو جشن پورو ٿيو، ته مان ڪم جا ڪپڙا پهري، ڊوڙي ٻاهر نڪتس ۽ بهار جي ڇت تي چڙهي ويس ۽ سياري جي ڄميل برف پاهوڙي سان هيٺ ڦٽي ڪندو ويس. جوش ۾ مون کان سامان جي ڪوٺيءَ جو در بند ڪرڻ وسري ويو، تنهن ڪري ڪيتري برف ان ۾ وڃي ڪري هئي. جڏهن مان هيٺ لٿس، تڏهن ڏٺم ته سامان جي ڪوٺي برف سان ڀرجي ويئي هئي. مان جهٽ پٽ سامان جي ڪوٺيءَ مان برف ڪڍڻ کي لڳي ويس. ڄميل برف ڳري هئي ۽ اسان وٽ ڪو به لوهه جو پاهوڙو ڪو نه هو ۽ مون وارو پاهوڙو ڪاٺ جو هو، تنهن ڪري ڪم آهستي ۽ ڏاڍي تڪليف سان پئي ٿيو. عين اُن وقت جڏهن مئنيجر در کولي اڱڻ ۾ داخل پئي ٿيو ته مون کان ڪاٺ جو پاهوڙو ڀڄي پيو ۽ ائين ”مصيبت يڪ نه شد دو شد“ واري ڳالهه سچي نڪتي.

”هان!“ مئنيجر گوڙ ڪندي چيو، ”واه جو ڪم ٿو ڪرين! گڏهه، بيهه ته تنهنجي لاک ٿو لاهيان!“ ۽ هن ڀڳل پاهوڙي جو ٽڪر کڻي مون تي الر ڪئي.

پٺتي هٽندي، مون وراڻيس، ”مون کي مزدورن جي ڪم لاءِ ڪو نه بيهاريو ويو آهي.“

هن اهو پاهوڙو منهنجي گوڏن ۾ ڇاپڙ ڪري هنيو ۽ مان وري هن کي برف جو ڳنڍو ٻوٿ وارو وهائي ڪڍيو. هو گجندو ۽ گڙندو هليو ويو. مان به پاهوڙو اتي ڦٽو ڪري، ڪارخاني ڏانهن هليو ويس. گهڙي نه گذري، ته هن جي محبوبه، جنهن جو منهن مائيءَ جي داغن سان چٽيو پيو هو، آئي ۽ رڙ ڪري چيائين، ”هل توکي مٿي سڏين ٿا!“

”مان نٿو هلان.“ مون جواب ڏنس.

”نٿو وڃين!“ لاريونچ عجب مان پڇيو. ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟“

مون هن کي سموري ڳالهه ٻڌائي ۽ هو مون تي وٽ سٽ کائيندو، پاڻ مٿي چڙهي ويو- ”اڙي بابا، هيءَ ته گستاخيءَ جي ڳالهه ٿي!“

هيٺ ڪارخانو مئنيجر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي آوازن ۾ ڀرجي ويو. ڪاپين ڊوخين چوڻ لڳو، ”هو توکي هاڻي ضرور ٽپڙ ٻڌائيندا.“

مون کي اُنهيءَ جي ڪا به پرواه نه ٿي. منهنجا تعلقات مئنيجر سان اول ئي خراب ٿي چڪا هئا. هن جي دشمني مون سان ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي ويئي ۽ هو ان کي کليو کلايو بيان ڪندو هو. منهنجي دل ۾ به هن جي لاءِ ڪافي ڌڪار پيدا ٿي ويئي هئي. هن جي واهيات هلت مون کي حيران ڪري ڇڏيندي هئي.

هو ڇا ڪندو هو، جو مون کي چور ثابت ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا سڪا پٽ تي ڦٽا ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن مان ٻوهاري ڏيڻ ويندو هوس، ته اُهي سڪا کڻي فقيرن کي خير ڏيڻ واري، دخل تي رکيل ڪشڪول ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڀيري چيومانس، ”آخر تنهنجو منهنجي اڳيان ائين پئسن ڦٽي ڪرڻ مان ڪهڙو مقصد آهي؟“

هو اڀامي چوڻ لڳو، ”تون ڪير آهين جو مون کي ٿو سمجهائين؟ مان پنهنجن ڪمن کي وڌيڪ ٿو ڄاڻان.“ پر يڪدم پنهنجي غلطي درست ڪندي چيائين، ”اڙي تون ڇا ٿو چوين ته مان ڄاڻي واڻي ٿو پئسا ڦٽا ڪيان؟ پئسا اتفاق سان ڪري پوندا هوندا.“

مون کي دڪان ۾ ڪتابن پڙهڻ جي منع ڪري ڇڏيائين- ”اهو تنهنجو ڪم ناهي، اجايو پنهنجو مٿو خراب نه ڪر. اڙي لوفر، ديول جو وڏو پادري ٿيڻ ٿو گهرين ڇا؟“

هو لڳاتار اها ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪيئن نه ڪيئن مون تي پئسن جي چوريءَ جو الزام مڙهي سگهي. مان اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهندو هوس ته جيڪڏهن مون ڪنهن ڦٽي ڪيل سڪي کي ٻهاري، ڪنهن ڪنڊ ۾ پاسيرو ڪري ڇڏيو ته يڪدم هو مون کي چور ڪري وٺندو. انهيءَ ڪري مون هن کي چيو، ”پنهنجي اها چال ختم ڪر، توکي اها ڪم ڪا نه ايندي!“ انهيءَ ئي ڏينهن جيئن هوٽل مان گرم پاڻي کڻي واپس وريس، ته هن کي ڀر واري دڪان جي نئين وڪري ڪندڙ ملازم کي چوندو ٻڌم، ”اٽڪل ڪري هن کان جيڪي نوان ڪتاب اچي رهيا آهن، اُنهن مان هڪڙو هٿ ڪري وٺ!“

مان جيئن اوچتو اندر آيس ته هنن جي منهن جو رنگ ئي لهي ويو ۽ ککا وکا ٿي ويا. هاڻي پاڻ اها ڳالهه وڌيڪ ظاهر ٿي پيئي ته اهي منهنجي برخلاف گهاٽ گهڙي رهيا هئا.

حقيقت ۾ اهو وڪري وارو اتي ڪو نئون به ڪو نه هو. اڳي به اُتي هُن نوڪري ڪئي هئي. هو پنهنجي ڪم ۾ وڏو چالاڪ ۽ تريناڪ سمجهيو ويندو هو پر هن ۾ شراب پيئڻ جي ڪمزوري هئي، انهيءَ ڪري هن جي مالڪ هن کي دڪان تان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ وري ويجهو ئي واپس نوڪري ڏني هئائينس. هن جو بت ڏٻرو، نپوڙيل، رت کان خالي هو ۽ هن جون اکيون حرفتي هيون. هو پنهنجي مالڪ جي حڪم جي تابعداري ٻڌن ٻانهن وانگر ڪندو هو. هو سدائين چپن ۾ چالاڪن وانگر پيو مرڪندو هو ۽ طنز ڀريا جملا پيو ڳالهائيندو هو. جيتوڻيڪ هن جا ڏند صاف ۽ ٻٽيهي سلامت هئي، ته به هن جي منهن مان گندي قسم جي هڪ بدبوءِ پيئي ايندي هئي.

هڪڙي ڏينهن هن جي عجيب حرڪت منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون. هو پيار سان مرڪندو، منهنجي ويجهو آيو ۽ اوچتو ئي اوچتو منهنجي ٽوپي لاهي، مون کي ڄنڊن کان کڻي سوگهو جهليائين. مون پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو ته هن جي پڪڙ مان جند ڇڏان، پر هو مون کي دڪان اندر ڪنڊ ۾ گهلي ويو، جتي هن مون کي رکيل مجسمن جي مٿان ڌڪي ڏيڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. جيڪڏهن هو ان ۾ ڪامياب ٿئي ها، ته شيشا ڀڄي پون ها ۽ دڪان جي ڪيترين شين کي نقصان پهچي وڃي ها. پر هو ڪمزور هو، تنهن ڪري جلد ئي مون هن کان پاڻ ڇڏائي ورتو. منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جو هو هڪدم فرش تي ويهي، پنهنجي زخميل نڪ کي هٿ لائي، اوڇنگاريون ڏيئي، روئڻ لڳو.

ٻه ٽي ڏينهن پوءِ صبح جو جڏهن هو اڪيلو هو ۽ پنهنجي زخميل نڪ ۽ سڄيل اک جي ٽاڪور ڪري رهيو هو، ته مون کي دوستاني نموني چيائين، ”ڇا، تون سمجهين ٿو ته مون پاڻ تو تي حملو ڪرڻ پئي گهريو؟ مان اهڙو بيوقوف ڪين آهيان. مون کي پتو هو ته تون مون کان زور آهين. مون کي طاقت آهي ئي ڪا نه، مان ته پنهنجي ساه ۾ پيو مران. اهو سڀ تنهنجي مئنيجر جي چوڻ تي ٿيو. هن چيو هو، ’اهڙي ڪا ترڪيب ڪر، جو توهين دڪان ۾ وڙهو ۽ هن کان ڪا شيءِ ڀڄي پوي، پوءِ ڏس ته آءٌ ڇا ٿو ڪريان!‘ نه ته مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو، جو مان پاڻمرادو ائين ڪيان ها! ڏس، منهنجي ٻوٿ تي ڪهڙا چٽ چٽيا اٿئي!“

مون کي هن جي ڳالهه تي اعتبار آيو ۽ هن جي لاءِ ڏاڍو افسوس ٿيم. مون کي اهو به پتو هوندو هو ته هو سدائين اڌ بکيو رهندو هو. هو هڪڙيءَ اهڙيءَ عورت سان رهندو هو، جيڪا به سدائين پيئي هن جي ٽپڻ ڪٽيندي هئي. مون هن کان پڇيو، ”جيڪڏهن هو توکي چوي ته ڪنهن کي زهر ڏي ته پوءِ؟“

”هو ائين به ڪرائي سگهي ٿو.“ هن ڦڪي کل کلندي چيو، ”اها هن جي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي چيائين، ”مان صفا سڃو ٿي ويو آهيان، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪڻو به ڪونهي. منهنجي سريت وات ڦاڙيو ويٺي آهي. ڇا، تون مون تي ايتري مهرباني نه ڪندين، جو دڪان مان ڪو ڪتاب يا مجسمو تڳائي ڏين ته ڪٿي وڪڻي، پيٽ گذر ڪيان؟ اها تنهنجي هڪ غريب دوست تي مهرباني ٿيندي.“

انهيءَ تي مون کي بوٽن جي دڪان ۽ چرچ واري پوڙهي جي ڳالهه ياد اچي ويئي- ڇا، هي مون کي پڪڙائيندو؟ پر مان هن کي انڪاري نه سگهيس ۽ هن کي هڪڙو هلڪيءَ بها وارو مجسمو آڻي ڏنم. مون کي قيمتي ڪتاب چورائي ڏيڻ وڏو ڏوه پئي لڳو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه عجيب لڳي ٿي، پر اها حقيقت آهي ته اسان جي اعليٰ اخلاقيات تي به هميشه سوداگريءَ جي ماپ ۽ تور جو معيار حاوي رهي ٿو. اسان جي ڪرمنل ڪوڊ جا قانون پنهنجي ٻاهرينءَ پاڪائيءَ ۽ انصاف جي ڍڪ هوندي به انهي ننڍڙي راز کي سدائين ظاهر ڪندا رهن ٿا، جنهن جي پٺيان خانگي ملڪيت جي احساس جي پليتائي ۽ معاشري ۾ ان جو بي انداز ظلم اسان جي نظرن کان لڪو ٿو رهي.

سو جڏهن مون پنهنجي مالڪ کي هاڻي هن کي ائين چوندو ٻڌو ته هن کان ڪتاب جي چوري ڪراءِ، ته مون کي اچي ڦڦڙي پيئي ته ٿي سگهي ٿو ته هُن کي منهنجيءَ پهرينءَ سخا جو به پتو هجي ۽ ٿي سگهي ٿو هو بکرو وڪري وارو هن سان مجسمي جي ڳالهه واڦي ويٺو هجي. جڏهن مون کي پرائي مال تي پنهنجي سزا جي بيوقوفيءَ جو احساس ۽ اُنهن جي منهنجي پڪڙڻ لاءِ ان ڪميڻائيءَ واري ڄار پکيڙڻ جي خبر پئي، تڏهن مان پاڻ کان ۽ هنن سڀني کان بيزاري محسوس ڪرڻ لڳس.

منهنجو وقت اتي ائين لاڳيتي عذاب ۾ گذري رهيو هو تان جو ڪتاب جا پارسل اچي پهتا. جڏهن مان ان کي سنڀالي رکي رهيو هوس، ته هو بد عادت وڪري وارو به اچي وارد ٿيو ۽ هيٺانهن وٺي، چوڻ لڳو، ”مهرباني ڪري، هڪڙي ڪتاب جي عنايت ڪر!“

”تو منهنجي مالڪ سان مجسمي جي ڳالهه ڪئي آهي يا نه؟“ مون پڇيس.

”ها“ هن روئڻهارڪي نموني وراڻيو، ”منهنجي دل ۾ ڪا به ڳالهه نه ٽڪندي آهي.“

مان سمجهي ويس ته منهنجو کنڌو اڳ ئي کڄي ويو هو. هيٺ ويهي وائڙن وانگر هن کي گهوري نهارڻ لڳس. هن به پريشان ۽ مايوسيءَ ڀرئي نموني ۾ سڄي حقيقت مون کي ٻڌائي- ”ڳالهه هيئن آهي، تنهنجي مالڪ، منهنجو مطلب آهي منهنجي مالڪ کي شڪ پيو ۽ هن تنهنجي مالڪ کي ڳالهه ٻڌائي-“

مون سمجهيو ته هاڻي منهنجو خير ڪونهي. مان پنهنجي مئنيجر جي سازش جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي چڪو هوس ۽ سمجهيم پئي ته هاڻي منهنجو ٺڪاڻو جيل آهي. تنهن ڪري سوچيم ته جي ٻڏڻو ته ننڍو وڏو پاڻي وري ڪهڙو پڇڻو؟ مون ڪتاب کڻي وڪري واري جي هٿ ۾ ڏنو. هو ان کي ڪوٽ جي ٻانهن ۾ هڻي هليو ويو. پر وري اوچتو ئي اوچتو موٽي آيو ۽ ڪتاب کي منهنجن پيرن تي ڦٽو ڪندي، ائين چوندو هليو ويو، ”نه نه! جيڪڏهن مان ڪتاب کڻي ويس، ته تنهنجو الله واهي آهي.“

مون کي انهيءَ ڳالهه منجهائي رکيو ته منهنجو الله واهي ڪيئن آهي؟ پر انهيءَ ڪري ٿورو سامت ۾ آيس ته نيٺ به هو ڪتاب پاڻ سان کڻي نه ويو هو. انهيءَ واقعي کانپوءِ ته منهنجو مئنيجر منهنجي دشمنيءَ تي لاهي پائي بيهي رهيو.

جڏهن لاريونچ منهنجي پاسخاطري ڪرڻ لاءِ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو ته مون کي اُهي سڀ ڳالهيون دل ۾ هريون پئي. هو اتي ٿورو وقت ترسيو ۽ جلد ئي خاموش ۽ نا اميد ٿي واپس وريو. رات جي مانيءَ کان ٿورو اول هو مون کي پاسيرو وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته تون سڄو وقت هت ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو رهه ۽ دڪان تي نه وڃ، پر ڪُزمي چيلاٽ هڪ نه ٻڌي. هو پير کوڙي، تنهنجي پويان پيو آهي.“

حقيقت هيءَ هئي ته اُتي منهنجو هڪڙو ٻيو به ويري هو. اُها اسان جي مئنيجر جي منهن- ڪنئري محبوبه هئي. ڪارخاني جا سڀ نوجوان ڪاريگر هن سان هٿ چراند ڪندا هئا. هوءَ جڏهن هال مان اچي لنگهندي هئي ته هو هن کي وٺي ڀاڪر پائڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ اڌ دليو اعتراض ڪندي، ننڍڙي گلر وانگر خوشيءَ مان دانهون ڪرڻ لڳندي هئي. هوءَ سڪڻي هوندي هئي ۽ سڄو ڏينهن چرندي رهندي هئي. هن جا کيسا مٺاين سان ڀريا پيا هوندا هئا ۽ هن جي هوڙ سدائين پيئي هلندي هئي. هن جي اڻ وڻندڙ مهانڊي تي ڀوريون رولاڪ اکيون ڏسي، مون کي بڇان ٿيندي هئي. هن پاشڪا ۽ مون کي ڳجهارتن سان بيزار ڪري ڇڏيو هو. اهي ڳجهارتون وري اهڙيون هونديون هيون، جن جا جواب ٺهي ٺهي، خراب لفظ بنجي پوندا هئا. هوءَ هميشه اهڙا جملا چوندي ۽ چورائيندي هئي، جي جڏهن تڪڙا چيا ويندا هئا، ته گندا جملا بنجي پوندا هئا.

هڪڙي ڏينهن هڪڙي پوڙهي مڙس هن کي چيو، ”تون ته ڪا ڇيڳري آهين! ڪو شرم ڪر!“ تنهن تي ٺهه پهه جواب ڏنائين، ”ڇوڪريءَ جنهن ڪيو شرم- ته انهيءَ جو اونڌو ڪرم!“

مون کي اهڙي قسم جي ڇوڪريءَ سان پهريون ڀيرو واسطو پيو هو. هن جي بي حيائيءَ وارا ٺينگ ٽپا مون کي اداس ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا هئا. هن جي اهڙي ڍنگ ڊول کان مون کي بڇان ايندي هئي. انهي ڪري هن جو اچي مون سان ساڙ پيو. هڪڙي ڏينهن پاشڪا ۽ مان تهخاني ۾ هن سان گڏجي شراب جي پيپن کي صاف ڪري رهيا هئاسين، ته هوءَ چوڻ لڳي، ”ڇوڪرو! اچو ته مان اوهان کي چمي ڏيڻ جا طريقا سيکاريان.“

پاشڪا جواب ڏنس، ”مان توکان وڌيڪ ڄاڻان.“ مون وري سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي صاف چئي ڏنس ته، ”پنهنجي مڙس کي سيکارجانءِ.“

هن کي باه لڳي ويئي. ڪاوڙجي چوڻ لڳي، ”گڏهه ڪنهن جاءِ جا! هڪڙو ته ڇوڪري توهان تي مهربان ٿي ٿئي ۽ توهين ان کان ٻوٿ ٻئي پاسي ٿا ڪريو!“ ۽ مون کي پنهنجي آڱر سان چتاءُ ڏيندي چيائين، ”مون کي تنهنجا لفظ هميشه ياد رهندا.“

پاشڪا منهنجو پاسو کڻندي چيس، ”جيڪڏهن تنهنجي گهوٽ کي پتو پئجي وڃي، ته تنهنجا ڪهڙا ڪارناما آهن ته پوءِ...“

منهن چٻو ڪري چوڻ لڳي، ”مان ڪا هن کان ڊڄان ٿي ڇا، مون کي پنهنجو مال ملڪيت آهي. هو خاندان جي لحاظ کان به اسان کان گهٽ آهي. انهيءَ کانسواءِ شاديءَ کان اول ڇوڪريءَ کي جهل پل ڪانهي، ڀل جيئن وڻيس تيئن ڪري.“

اُنهيءَ ڏينهن کانپوءِ هوءَ پاشڪا سان وڌيڪ دل لڳي ڪرڻ ۽ مون ڏانهن دل ۾ ڪينو رکڻ لڳي.

دڪان ۾ هوريان هوريان مون لاءِ زندگي مصيبت ٿيندي ويئي. جڏهن دل گهرندي هيم، تڏهن مذهبي ڪتاب کڻي پيو پڙهندو هوس، پر انهن جي مذهبي بحثن مان اڳيون مزو نه ايندو هوم. هر بحث ۾ ساڳيا ساڳيا دليل پيا سامهون ايندا هئا. هٺ ڌرم پوڙهن مذهبي جنونين جي ڳالهين مان به ڪڪ ٿي پيو هوس. صرف پوڙهو پيٽر اڃا تائين منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز هوندو هو. هن انساني فطرت جو گهرو مطالعو ڪيو هو. ان کانسواءِ هو هر ڳالهه کي وڻندڙ ۽ سهڻي انداز ۾ بيان ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مان ائين سمجهندو هوس ته هو حضرت الياس هو جو دنيا ۾ ٻيهر آيو هو ۽ پنهنجي هيڪلائيءَ جي ڪري هر ڪنهن کان بيزار ٿي پيو گهمندو هو.

جڏهن به مان هن کي کليءَ دل سان ڪا پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي ڳالهه ٻڌائيندو هوس ۽ پنهنجن خيالن کان واقف ڪندو هوس، ته هو اُهي ڳالهيون منهنجي مئنيجر کي ٻڌائي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري مون تي دڙڪو داٻ ٿيندو هو.

هڪڙي ڏينهن مون کي چيو ته مون هن جا ڪيئي قول پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪري ڇڏيا هئا. انهيءَ ته هو هراسجي ويو، چپ چاپ، منڊڪ منڊڪ ڪندو، مون وٽ آيو ۽ سوالن جي وارو وار شروع ڪري ڏنائين- ”پٽ، ڇاجي لاءِ نقل ڪيا اٿيئي؟ اجايو وقت ٿو وڃائين. ياد ڪندين ڇا؟ تون به ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهين! جيڪي لکيا اٿئي، اهي مون کي ڏيئي ڇڏ.“

هن ڪيترا ڀيرا نوٽبڪ ڏيڻ لاءِ مون کي چيو- ”نه ته انهن قولن کي ساڙي ڇڏ.“ پوءِ هن اُنهيءَ ڳالهه جو ذڪر وڃي منهنجي مئنيجر سان ڪيو، جنهن هڪڙي ڏينهن گهر ڏانهن موٽندي، مون کي چيو، ”تنهنجا اهي قول لکڻ بند ٿيڻ گهرجن. سمجهين ٿو!؟ اهو ڪم ته جاسوسن جو آهي!“

مون بي خياليءَ مان چيس، ”استانوف به ائين ڪندو آهي؟“

”اهو بيوقوف بنڊ به؟“

ٿوريءَ ماٺ کانپوءِ غير رواجي نرميءَ سان چيائين، ”ڏس، جيڪڏهن تون پنهنجو ۽ استانوف جو بياض اهڙيءَ ريت ڏيکارين، جو هن کي پتو نه پوي، ته توکي مان اڌ روبل ڏيندس.“

هن شايد ائين سمجهيو ته مان هن جي خواهش پوري ڪندس، تنهن ڪري وڌيڪ ڪجهه به چوڻ کانسواءِ پنهنجين بندرين ٽنگن تي تيز تيز وکون وجهندو، اڳتي هلڻ لڳو. جڏهن گهر پهتس ته استانوف کي سمورو قصو ٻڌايم، ته مئنيجر ڪهڙي رٿا رٿي هئي. استانوف منهن ۾ گهنڊ پائي چوڻ لڳو، ”تون سڌو سادو آهين. اهو سڀ انهيءَ جو نتيجو آهي. هاڻي هو ضرور ڪنهن نه ڪنهن جي هٿان اهي اسان جا ٻيئي ڪتاب کڻائيندو. تون پاڻ وارو ڪتاب به مون کي ڏي ته ٻيئي لڪائي ڇڏيان. ڏسجانءِ، هو جلد ئي تنهنجا ٽپڙ هتان گول ڪرائيندو.

مون کي پنهنجي لاءِ ته اڳئي پڪ هئي، ۽ پڪو ارادو هوم ته جڏهن ٻئي ڀيري ناني شهر ۾ ايندي، ته مان اُتان هليو ويندس. هن کي اُنهيءَ سياري ۾ بلخانا شهر ۾ ڇوڪرين کي ستارن جڙڻ ۽ ڀرت سيکارڻ جي نوڪري ملي ويئي هئي. نانو وري ڪناوان گهٽيءَ ۾ اچي رهيو هو، پر مان ان سان ملي نه سگهيو هوس ۽ هو جڏهن به اسان جي رستي تان لنگهندو هو ته مون تي نظر پوندي به هيس ته به ملڻ کانسواءِ هليو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن ائين رستي تي ملي ويم. هن کي ڏاڍو ڳرو ڪوٽ پيل هو ۽ هو ڏاڍي طمطراق سان هوريان هوريان هلندو پئي ويو. جڏهن مون وڌي هن کي سلام ڪيو، ته مون کي چڱيءَ طرح سان سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي اکين جي مٿان هٿ رکي، ڪجهه وقت تائين مون کي گهوري ڏسندو رهيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ چوڻ لڳو، ”اڙي تون آهين! هاڻي ته مجسمي ساز بنجي ويو آهين! ڏاڍو چڱو! چڱو، پنهنجو رستو وٺ!“ ۽ مون کي هٿ سان هڪ پاسي ڪري، ساڳيءَ طرح آهستي ۽ آڪڙ سان هلي ويو.

ناني مون کي مشڪل سان ملندي هئي. هوءَ ناني ۽ مامي ميڪائيل جي تڙيل ٻارن جو ڀڀ ڀرڻ لڳا، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر، پيئي وهندي هئي. نانو پيريءَ سبب ڏاڍو هيڻو ٿي ويو هو. مامي ميڪائيل جي ٻارن مان ساشا جو خاص خيال رکڻو پوندو هوس. هو ٺاهوڪو ڳڀرو ٿي پيو هو پر ڪتابن سان انڌو عشق ٿي پيو هوس. هو رنگ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو هو. ڪڏهن هتي ڪڏهن هُت پيو ٿاٻا کائيندو هو ۽ بيڪاريءَ وارن ڏينهن ۾ نانيءَ جي مٿان بار هوندو هو. انهيءَ ڪري هن جي نوڪريءَ جي ڳولا به نانيءَ کي ڪرڻي پوندي هئي. ساشا سان گڏ ساشا جي ڀيڻ به نانيءَ جي مٿان چٽي هئي. هن هڪڙي شرابيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن هن کي موچڙا هڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو.

جڏهن به مان نانيءَ سان ملندو هوس ته هميشه هن جي شخصيت جي جادوءَ کان متاثر ٿيندو هو پر مان اها ڳالهه محسوس ڪندو هوس ته هن جي شاندار دل خيالي وهمن جي دز ۾ ڍڪجي ويئي هئي، جنهن ڪري هن جي من جي نظر صاف نه رهي هئي ۽ هوءَ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي سمجهي نه ٿي سگهي. انهيءَ تي هن سان پنهنجي بيقراريءَ ۽ خوف جو اظهار ڪندو هوس ته هوءَ منجهي پوندي هئي. جڏهن مان هن کي پنهنجي آسپاس رونما ٿيندڙ ملڪ جي بدتر حالتن ۽ ماڻهن جي مصيبتن ۽ تڪليفن جو بيان ٻڌائيندو هوس، جن کي ڏسي مون کي حيرت ٿيندي هئي ۽ منهنجو خون ٽهڪڻ لڳندو هو، ته ان جي جواب ۾ هوءَ چوندي هئي. ”صبر، الڪسي“ صبر!“

مان انهن صبر ڪرڻ وارن مان ته ڪو نه هوس، پر ڪن وقتن تي ڍورن، وڻن ۽ پٿرن واريءَ اُن خصوصيت تي عمل به ڪندو هوس. اهو وقت منهنجي لاءِ پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ يا پنهنجي قوت برداشت جي آزمائش جو هوندو هو. پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪي ڇوڪراٽ پاڻ کان وڏن پهلوان مڙسن جي مقابلي ۾ جي پنهنجي ٻل ۾ ڏيهان ڏهه مشهور هوندا آهن، ريس وچان اهڙا ڪرتب ڪندا آهن، جو سندن هڏا ضربجي ۽ مشڪون ڇڪجي پونديون آهن. مون ۾ به اُها ڪمزوري هوندي هئي- زندگيءَ جي ناموافق ڳالهين کي سهڻ لاءِ مان پنهنجي سمورين جسماني ۽ روحاني قوتن جو انتهائي زور لڳائيندو هوس ۽ اها قسمت جي ڳالهه آهي، جو مون کي ڪا خاص ضرب نه رسي ۽ منهنجي زندگيءَ کي اهڙي ڪا جهڙپ نه پهتي، جنهن ۾ ڪا دائمي پنگلائي منهنجي مٿي ۾ لڳي وڃي ها. ڇا ڪاڻ ته انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جڏهن انسان پنهنجي قوتن کي آسپاس ۽ ماحول جي ناموافقت جي ڪري ايترو گهڻو گهٽي ۽ ٻوساٽي ٿو، ته ان گهٽ، ٻوسٽ ۽ صبر کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ زندگيءَ لاءِ ضرر رسان ٿي ئي نٿي سگهي.

۽ جيڪڏهن آخر عمر ۾ آءٌ، هار کائي، اهڙو پنگلو ٿي، وڃي قبر ۾ داخل به ٿيس، تڏهن به مان فخر سان چئي سگهندس ته زندگيءَ جي اڳ وارن پورن چاليهن سالن تائين، جيڪا هينئر منهنجي عمر آهي، ڪيترن زهد ۽ پاڪائيءَ ۾ ورتل ماڻهن منهنجي ضمير کي، صبر ۽ شڪر جي تلقين يعني برائيءَ ۽ ظلم جي اڳيان پنهنجي هر امڪاني احتجاج کانسواءِ مٿي ٽيڪڻ جي تبليغ سان گدلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هو انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.

منهنجي اها خوش نصيبي هئي جو منهنجي دل ۾، کل مسخري ڪرڻ، ماڻهن کي ماڻهن جا عيب ڏيکاري وندرائڻ ۽ انهن کي پنهنجي پاڻ تي کلائڻ جي خواهش جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي ۽ مان اُنهي ڳالهه ۾ ماهر ٿيندو ويس. مان انهيءَ بازار جي واپارين، دلالن ۽ ساده دل ڳوٺاڻن جون نقلون ڪري، اها ڳالهه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ته اُنهن ڪيئن نه پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ڪارخانو ٽهڪن سان ڦاٽڻ لڳندو هو ۽ ڪيترا ڪاريگر پنهنجو ڪم ڇڏي منهنجو تماشو ڏسڻ لاءِ سري ايندا هئا. هر ڀيري تماشي پوري ٿيڻ کانپوءِ لاريونچ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، چوندو هو، ”مهرباني ڪري پنهنجي تماشي کي وات جي مانيءَ تائين ترسائي رکندو ڪر، نه ته اسان جي ڪم جو ٿيو ڀلو.“

جڏهن مان کيل ختم ڪندو هوس، ته طبيعت هلڪي محسوس ڪندو هوس. ائين سمجهندو هوس ڄڻ منهنجي دل تان وڏو بار لهي ويو هو. ڪلاڪ سوا تائين منهنجو دماغ صاف ۽ هلڪو رهندو هو پر جلد ئي ننڍڙيون چُهنبدار ميخون چم کي چيرينديون اندر وينديون محسوس ڪندو هوس ۽ مان ائين سمجهندو هوس ڄڻ ته ڪنهن بدبودار گند جي ڍڳ ۾ هوريان هوريان رجهي رهيو آهيان. مون کي عجب لڳندو هو ته هيءَ به ڪا حياتي آهي؟ ڇا منهنجو انت به انهن ماڻهن وانگر ٿيندو؟ ڇا، مان هن زندگيءَ کان سواءِ ٻي ڪا زندگي نه ڏسي سگهندس، ڪنهن اوچيءَ منزل تي نه رسي سگهندس؟

ذخاريف هڪڙي ڀيري اهڙيءَ حالت ۾ مون ڏانهن نهاري چيو، ”ڪهڙين پورن ۾ گم آهين؟“ ۽ استانوف چوڻ لڳو، ”توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟“ مون وٽ هنن جي سوالن جو ڪو جواب ڪو نه هو.

زندگيءَ جي پرشور ۽ مسلسل حملي ڪندڙ لهرين منهنجي دل تي نڪتل ڪيترن ئي لطيف جذباتي نقشن کي ميساري ڇڏيو هو ۽ ان جي بجاءِ اُتي بي معنيٰ اميدون اُڀيون ڪري ڇڏيون هيون. مان غصي ۽ ثابت قدميءَ سان اُنهن جي اهڙي ڊاهه ڊوهه کي روڪيندو رهيس. اسين سڀ ڪاريگر اُنهيءَ ساڳئي وهڪري ۾ لڙهي رهيا هئاسين پر فرق هيءُ هو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻي منهنجي لاءِ زياده سرد ۽ برداشت کان ٻاهر هو، ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن مان محسوس ڪندو هوس ته مان هيٺ تحت السرا ۾ ٻڏندو ٿو وڃان.

اها ڳالهه ڪا نه هئي ته مون سان خراب برتاءُ ڪيو ويندو هو، نه مون اسان سخت لهجي ۾ ڳالهايو ويندو هو نه ئي پاشڪا وانگر مون کي تنگ ڪيو ويندو هو. مون کي هر وقت نالي وٺي سڏڻ بجاءِ خانداني لقب سان سڏيو ويندو هو، جيئن اهو پتو پوي ته هُنن جي دلين ۾ منهنجي لاءِ گهڻي عزت ۽ وقعت آهي. اُها ڏاڍي چڱي ڳالهه هئي، پر مون کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ته هيترا ماڻهو بي انتها شراب پيئندا هئا، نشي ۾ چور ٿي وڃڻ کانپوءِ هو ڪيترا ڀيانڪ ۽ بڇان ڏيندڙ ٿي پوندا هئا ۽ عورتن سان بڇڙا تعلقات قائم ڪندا هئا ۽ انهن کي ٺڳيندا هئا ۽ انهن کان ٺڳبا هئا ۽ ساڳئي وقت اها ڳالهه به محسوس ڪندو هوس ته شراب ۽ عورت ئي اهڙي وندر هئي، جيڪا هنن جي رکاين ۽ مايوسين ڀريل زندگي هنن کي ڏيئي سگهي ٿي.

مون کي اهو خيال ڪري ڏاڍو رنج رسندو هو ته نتاليا ڪوزلووسڪي جهڙيءَ بي ڊپيءَ، مهربان ۽ صاف دل عورت کي به بدچال عورت ڪري سمجهيو ويندو هو. ته پوءِ ناني ڪير هئي؟ ۽ منهنجي ملڪه مارگاٽ ڪير هئي؟

جڏهن مون کي هوءَ ياد ايندي هئي ته مون تي هڪ نامعلوم خوف طاري ٿي ويندو هو. هوءَ منهنجي لاءِ هاڻي خواب جي ڪهاڻيءَ وانگر ٿي ويئي هئي.

حقيقت هيءَ هئي ته عورت جو بي انتها خيال منهنجي دل ۾ رهڻ لڳو هو ۽ مان انهيءَ سوال تي غور ڪرڻ لڳو هوس ته ڇا، مون کي ٻئي واري پنهنجن ساٿين سان گڏجي عشق جي بازار ۾ وڃڻ گهرجي؟ انهيءَ سوال سان جسماني خواهشن جو لاڳاپو نه هو. مان تندرست ۽ طاقتور هوس، پر منهنجي دل ۾ اُهي اُڌما اٿندا هئا ته ڪا اهڙي هستي هجي، جا ماءُ وانگر قربائتي ۽ منهنجن جذبن کي سمجهي سگهندڙ هجي ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي، پنهنجي سيني جا سور ٻڌائي سگهان.

پاشڪا هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ سان جيڪا رستي جي پرئين پاسي واريءَ جاءِ ۾ ڪم ڪندي هئي، عشق ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن جون ڳالهيون منهنجي دل ۾ ريس پيدا ڪنديون هيون- ”يار، مزيدار ڳالهه آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي بلڪل وڻندي ئي ڪين هئي، مان هن کي برف جا ڳنڍا هڻندو هوس ۽ هاڻي اسين ٻيئي بينچ تي گڏجي ويهندا آهيون. مان هن کي ڀاڪر پائيندو آهيان ۽ دنيا جي سڀني شين کان وڌيڪ پيار ڪندو آهيان!“

”توهين ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو؟“

”دنيا جي سڀني شين جون، هوءَ مون کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي، مان هن کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان. پوءِ اسين هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا آهيون. يار هوءَ ڏاڍي سٺي آهي. توکي سچي ڳالهه ٻڌايان، تون سمجهي نه سگهندين ته هوءَ ڪيتري سٺي آهي... پر تون ته يار ويٺو موالين وانگر سگريٽ جا سوٽا هڻين.“

مان تماڪ ڏاڍو ڇڪيندو هوس. انهيءَ کان منهنجي پريشان خيال ۽ بيقرار جذبن ۾ سڪون پيدا ٿي ويندو هو. ووڊڪا پيئڻ سان مون کي ڏاڍي ڪوفت ٿيندي هئي. ان جي بدبوءِ سان منهنجي دلي زوق کي صدمو پهچندو هو. البت پاشڪا ڌڙا ڌڙ ووڊڪا پيئندو هو. جڏهن هو نشي ۾ چور ٿيندو هو ته واڪا ڪرڻ لڳندو هو، ”مان گهر وڃڻ ٿو گهران، مون کي ڇڏيو ته مان گهر وڃان!“ جيتري قدر مون کي پتو هو ته هو يتيم هو، ۽ نه ئي ڪو ڀاءُ ڀيڻ هوس. هن جي پيءُ ماءُ کي مُئي ڪَئي سال ٿي ويا هئا ۽ اٺن سالن کان وٺي هو ڌارين ماڻهن سان گڏ رهندو هو.

هن بي چينيءَ ۽ بي اطمينانيءَ واريءَ حالت ۾ بهار جي آمد به منهنجي دل جي مکڙيءَ کي ڪا خوشي ڪا نه ڏني. مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته وري جهاز تي نوڪري ڪجي ۽ پوءِ جڏهن جهاز استرا خان ۾ وڃي لنگر هڻي، ته ايران ڀڄي وڃجي.

ايران وڃڻ جو ڪيئن خيال آيم، سو هاڻي ياد نٿو اچيم. شايد انهيءَ ڪري، جو نجنيءَ جي واپاري ميلي ۾ ايراني سوداگرن کي ڏسي اُنهن کان متاثر ٿيو هوس. هو سنگمرمر جي چمڪندڙ بتن وانگر چپ چاپ ويهي، پنهنجون خضاب لڳل ڏاڙهيون کنڊيري، حقا ڇڪي رهيا هئا ۽ پنهنجي چوگرد، پنهنجن وڏين ڪارين تيز فهم اکين سان، واجهائي رهيا هئا.

مان يقيناً ڪنهن نه ڪنهن پاسي ڀڄي هليو وڃان ها پر ايسٽر جي هڪڙي ڏينهن، جڏهن ڪي ڪاريگر موڪل تي هليا ويا هئا ۽ ڪي ڪاريگر شراب خانن ۾ مست هئا، ۽ مان اوڪا نديءَ جي ڪناري تي تڙڪو کائي رهيو هوس ته منهنجو جهونو مالڪ، منهنجي نانيءَ جو ڀاڻيجو، اچي اتان نڪتو. هن کي بادامي رنگ جو ڪوٽ پيو هو، هن جا هٿ کيسي ۾هئا، چپن ۾ سگريٽ ۽ ٽوپي پٺتي هٽيل هئس. مون کي ڏسندي، هن جي وڻندڙ چهري تي قرب ڀري مرڪ پکڙجي ويئي. هن جي منهن مان خوشيءَ ۽ غمن کان بي فڪريءَ جا آثار پئي بکيا ”پيشڪوف، توکي حضرت عيسيٰ جي مبارڪ هجي!“ هن منهنجي مرحبا ڪندي چيو.

هڪ ٻئي کي ايسٽر جي دستوري چمي ڏيڻ کانپوءِ هن مونکان حال احوال پڇيو. مون به هن کي لڪ لڪاءُ کانسواءِ، ٻڌايو ته ”مان پنهنجي نوڪريءَ ۽ هن شهر جي هر شيءِ کان بيزار ٿي پيو آهيان، انهيءَ ڪري رٿ رٿي اٿم ته ايران هليو وڃان.“

هُن مون کي سمجهائيندي چيو، ”پنهنجي دل مان اهي اجايا خيال ڪڍي ڇڏي. توکي ايران ۾ ڇا ملندو؟ مان تنهنجن جذبن کي سمجهي سگهان ٿو. تنهنجي عمر ۾ مون کي به ائين ڪيڏانهن نڪري وڃڻ جو جن اچي لڳو هو.“

مون کي هن جو اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ ڏاڍو وڻندو هو. هن جي فطري سٺائيءَ ۾ بهار جي اثر ڪري پاڻ وڌيڪ تازگي پيدا ٿي ويئي هئي. هو ٻين سڀني کان مختلف هو.

”ڇڪيندين!“ هن چانديءَ جو سگريٽ ڪيس ڪڍي، منهنجي اڳيان وڌايو. انهيءَ ڳالهه منهنجي دل کي هيڪاري موهي ڇڏيو.

”بهتر ائين آهي ته وري مون وٽ هليو آءُ!“ هن نوڪريءَ جي آڇ ڪندي چيو. ”هن سال ميلي جي لاءِ نون دڪانن ٺاهڻ جو ٺيڪو مليو اٿم. مان توکي اُتي اوورسيئر ڪري مقرر ڪندس. توکي صرف وصوليءَ وقت مال کي چڪاسڻو پوندو، ان کي سنڀالي رکڻو پوندو ۽ اُن جي استعمال لاءِ ننڍن ٺيڪيدارن تي اک رکڻي پوندي، جيئن اُن سان ڪنهن قسم جي هٿ چراند نه ڪن. چؤ، ڇا ٿو چوين؟ مان ماهوار توکي پنج روبل ۽ روزانو پنج ڪوپيڪ مانيءَ لاءِ ڏيندس. توسان رنن جي ڪر ڪر ڪا نه ٿيندي. توکي صبح جو وڃڻو پوندو ۽ رات جو موٽي اچڻو پوندو. هنن جو توسان واسطو ئي نه رهندو. ها، پر هنن کي ڪجهه ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. آرتوار جي ڏينهن فونان گهٽيءَ ۾ هليو اچجان- بس، مان سمجهان ٿو، اها چڱي ڳالهه ٿيندي.“

اسان پراڻن دوستن وانگر هڪ ٻئي سان هٿ ملائي موڪلايو ۽ جڏهن مون ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺو ته، هو پنهنجي ٽوپي لوڏي مون کي موڪلاڻيءَ جو سلام ڪري رهيو هو.

مون جڏهن ڪارخاني وارن کي ٻڌايو ته مان جلد ئي انهن کان جدا ٿي ويندس ته گهڻن ئي ڪاريگرن ڏاڍو ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پاشڪا ته پنهنجي وس کان ئي نڪري ويو. هُن مون کي پنهنجي ارادي تان باز آڻڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي- ”اسان کي ڇڏي وڃي ڄٽن سان رهندين! انهن ۾ هوندا ڪير؟ ڊکڻ، لوهر، واڍا! تو تي ڏاڍو عجب ٿو لڳي! اهو ته کڏ مان نڪري کوهه ۾ ڪرڻ ٿيو!“

ذخاريف ڪر ڪندي چيو، ”جواني به مڇيءَ وانگر تر ڳوليندي آهي.“

مون کي پوءِ ڏاڍي افسوس ۽ ڏک سان رخصت ڪيو ويو.

”انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ماڻهوءَ کي هر هنڌ قسمت آزمائڻ گهرجي.“

ذخاريف چيو، جو شراب جي نشي ۾ ساڻو ٿيو بيٺو هو. ”پر چڱي ڳالهه اها آهي ته شروع کان هڪ ڳالهه ۾ هٿ وجهجي ۽ آخر تائين اُن سان واڳيو رهجي.“

”۽ هميشه ۽ هر صورت ۾ اُن کي سوگهو جهلجي.“ لاريونچ آهستي چيو.

مان محسوس ڪري رهيو هوس ته اهو ڪجهه انهيءَ ڪري چئي رهيا هئا، جو ڪجهه چوڻ پنهنجو فرض پئي سمجهيائون. اهو ڌاڳو، جنهن اسان کي هڪ لڙهه ۾ قابو رکيو هو، اوچتو ئي اوچتو ڪمزور ٿي، ٽٽي پيو هو.

مٿي پڇٽيءَ تي شراب جي نشي ۾ چور گولوفيف پئي پاڻ کي پٽيو ۽ کوهيو ۽ پنهنجي ليکي پئي هو وڦليو- ”مان هنن سڀني کي جيل جي حوالي ڪرائيندس! مان انهن سڀني کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هنن مان ڪو به خدا کي نه مڃيندو آهي. ها ها-!“

هر روز وانگر نامڪمل مجسما ڀتين مان بغير چهرن جي گهوري رهيا هئا. پاڻيءَ ڀريل گولا ڇت ۾ لڙڪي رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن کان اسان قدرتي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تنهن ڪري انهن تي مٽيءَ ۽ دونهين جا تهه چڙهي ويا هئا. مون کي اُهو سمورو نقشو اهڙيءَ ريت چٽو ياد آهي، جو اڄ به، پنهنجون اکيون بند ڪري، سموريون شيون ڏسي سگهان ٿو. هو وڏيون ميزون، ڪنڊن ۾ رکيل رنگ ۽ روغن جا دٻا، ننڍڙا ننڍڙا برش، رنگ برنگي عجيب غريب مجسما، گند جي ٽوڪري جا پاڻيءَ جي نلڪي ڀرسان باهه وسائيندڙ جي ٽوپ وانگر چمڪي رهي هئي ۽ گولوفيف جون اگهاڙيون ٽنگون، جي پاڻيءَ مان ڪڍيل لاش وانگر زرد هيون، پڇٽيءَ تان لڙڪي رهيون هيون.

مون چاهيو پئي ته الوداع کي مختصر ڪيو وڃي، پر روسين کي غم جي موقعن کي اينگهه ڏسڻ پسند ايندي آهي. انهن جا الوداعي جملا بلڪل اهڙا هوندا آهن، ڄڻ هو باقاعدي ڪا غم جي مجلس بيهي منعقد ڪندا هجن.

ذخاريف پنهنجي ڀرن کي ڇڪي، مون کي چيو. ”اهو ڪتاب- شيطان وارو ڪتاب- مان توکي موٽائي نه ڏيندس. ان جي بجاءِ مان توکي پيسا ڏيان ٿو.“

ڪتاب منهنجو هو، باه وسائيندڙ عملدار مون کي سوکڙيءَ طور ڏنو هو ۽ مون چيو پئي ته لرمونٽوف کي پاڻ سان کنيو وڃان. پر جڏهن مون پئسن وٺڻ تي ارهائي ڏيکاري، تڏهن ذخاريف ماٺ ڪري پئسا پنهنجي کيسي ۾ وجهندي، چيو، ”پئسا وٺين يا نه وٺين، باقي ڪتاب مان توکي موٽائي نه ڏيندس. اِهو تنهنجي لاءِ چڱو ناهي. اهڙو ڪتاب توکي گناهن جي رستي تي گهلي ويندو.“

”مون ڏٺو آهي ته اِهو ڪتاب بازار ۾ وڪامي ٿو.“

انهيءَ تي پاڻ هو ضد ڪري بيٺو- ”پوءِ ڇا ٿيو؟ دڪانن تي ته روالور به وڪامن ٿا.“ ۽ مان هن کان لرمونٽوف واپس وٺي نه سگهيس.

مالڪياڻيءَ کي الوداع ڪرڻ لاءِ مٿي ويندي ڏاڪڻ تي هن جي ڀائٽيءَ سان ڊهو ڊهه ٿيس.

”ڇا، جيئن مون ٻڌو آهي، تون وڃي رهيو آهين؟ اِهو سچ آهي؟“

”ها.“

”جيڪڏهن تون پاڻ نه وڃين ها، ته توکي لت هڻي ڪڍيو وڃي ها.“ هن، بجاءِ ڪنهن قرب يا نرمائيءَ جي، صاف لفظن ۾ ائين چئي ڏنو.

شراب پيتل مالڪياڻيءَ چيو، ”خدا حافظ! شرير، گستاخ ۽ بڇڙا ڇوڪرا، ڌڻي تنهنجو نگهبان آهي! مون توکي پاڻ ته ائين ڪين ڏٺو آهي، باقي ائين چوندا آهن.“

ائين چئي، هوءَ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي، ”جيڪڏهن منهنجو مڙس جيئرو هجي ها، ته توکي چڱيءَ ريت سڌاري ها. هو تنهنجي خوب ڇنڇري لاهي ها ۽ اسين توکي وڃڻ نه ڏيون ها. اسين توکي ڪڏهن به نوڪريءَ مان نه ڪڍون ها پر هاڻي ڳالهه ئي ٻي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڳالهه نٿي وڻي ته ٽپڙ ٻڌيو هليو ٿو وڃي. پر ڇوڪر، پٽ، اهو ته ٻڌاءِ ته تون ڪيڏانهن ويندين؟ آخر، هنڌ هنڌ ڀٽڪڻ مان ڪهڙو فائدو؟“

باب سورهون

مان پنهنجي مالڪ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ميلي واري ميدان ۾ ڦيرا پائي رهيو هوس، نديءَ جي اٿل جو پاڻي جاين جي درين تائين پهچي ويو هو. منهنجي هٿن ۾ چپو هو ۽ مالڪ سکان سنڀاليو ويٺو هو. ٻيڙيءَ جي سکان چڱيءَ ريت ڪم نه پئي ڪيو، تنهن ڪري بيٺل ميري پاڻيءَ جي مٿان خاموش گهٽين ۾ ٻيڙي ور وڪڙ کائيندي پئي هلي.

”خدا جي مار پويس، پاڻي اڃا چڙهيو پيو اچي! انهيءَ ڪري اسان جو ڪم ئي روڪجي ويو آهي.“ مالڪ سگريٽ کي، جنهن مان نڪرندڙ دونهين جي بوءِ سڙيل ٿڳڙين جي ڌپ جهڙي هئي، ڪش هڻندي، خار مان چيو، ۽ اوچتو خوفزده ٿي، رڙ ڪيائين، ”خيال سان، ٻيڙي ٿنڀي سان ٿي ٽڪرائجي!“

ٻيڙيءَ جو منهن ڦيرائيندي چوڻ لڳو، ”حراميءَ جي پٽ، اسان کي ڪهڙي نه ٻيڙي ڏني آهي!“

هن مون کي اهو هنڌ ڏيکاريو، جتي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻو هو. هن جي صفا چٽ ڏاڙهيءَ، هن جي ڇنڊيل مڇن ۽ وات ۾ جهليل سگريٽ کي ڏسي، مشڪل سان اعتبار پئي آيو ته هي ڪو ٺيڪيدار هو. هن کي چمڙيءَ جو جئڪيٽ پاتل هو. پيرن ۾ مرن تائين بوٽ هوس. ڪلهي مان شڪاري ٿيلو پئي لڙڪيس ۽ گوڏن جي ڀرسان مشهور برشڪا ڪمپنيءَ جي قيمتي دونالي پيئي هيس. هو بيقرار ٿي ڏٺو. گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجي چمڙي جي ٽوپي پنهنجي اکين ڏانهن لاهي، چپ ڀيڙي، خبرداريءَ سان چؤطرف پئي نهاريائين ۽ پوءِ پنهنجي ٽوپي مٿي تي پٺتي ڪري، ائين مرڪڻ پئي لڳو، ڄڻ ڪا ٻي وڻندڙ ڳالهه ياد اچي ويئي هيس. هو پنهنجي عمر کان ڪيترا سال ننڍو پئي لڳو. هن کي ڏسي، ڪو به ائين نه سمجهي ها ته هن ماڻهوءَ تي جوابدارين جا ايترا بار آهن، يا اٿل جي پاڻيءَ جي نه لهڻ ڪري، هن کي پنهنجي ڪم جي ناڪاميابيءَ جي ڪا ڳڻتي آهي. اِها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي ته هن جي دل ۾ جيڪي خيال آيا وياپئي، انهن جو ڪاروبار سان ڪو واسطو نه هو.

۽ مان، حيرت ۾ ماٺ ڪيو ويٺو هوس. اها عجب جهڙي ڳالهه هئي، جو چو طرف موت جهڙي ماٺ لڳي پيئي هئي، جايون پنهنجي بند درين سميت ٻڏيون پئي ويون. ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل شهر ائين ٿي لڳو، ڄڻ پاڻيءَ تي تري رهيو هو. سج قرمزي رنگ جي ڪڪرن ۾لڪو پيو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن هِتان هُتان ليئو پائي، سياري جهڙي چانديءَ جي روشني پکيڙي پئي ڇڏيائين.

پاڻي به ميرو ۽ سرد هو. اُن ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر ئي نه پئي ٿي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هڪ هنڌ بيهي رهيو هو، بلڪه هڪ هنڌ ائين ڄمي ويو هو، جيئن دڪانن جي پٺيان سکڻا گهر. جڏهن زرد سج ڪڪرن مان جهاتي پئي پاتي، ته هر ڪا شيءِ چمڪڻ پئي لڳي. ڳاڙهه سري پاڻيءَ تي ڳاڙهسري آسمان جو پاڇو پئي پيو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان جي ٻيڙي ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿي بيٺي هئي. پٿر جون ٺهيل عمارتون به ائين پئي لڳيون، ڄڻ وولگا ۽ اوڪا نديءَ ڏانهن ترنديون پئي ويون. ٻيڙي جي چوطرف ڀڳل کوکا، ٽوڪريون، پيتيون، ڪاٺ جا تختا ۽ ڪک پن پئي تريا. ڪاٺ جون لٺيون ۽ بانٺا، جي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پئي هيٺ مٿي ٿيا، مئل نانگن وانگر ٿي نظر آيا.

ڪٿي ڪٿي کليل دريون ڏسڻ ۾ پئي آيون. جاين جي ڇتين تي ڌوتل ڪپڙا ۽ ڪنهن هنڌ نوان ٺهيل بوٽ ٽنگيل ڏسڻ پئي آيا. هڪڙيءَ کليل دريءَ مان هڪڙي عورت ميرانجهڙي پاڻيءَ ڏانهن نهاري رهي هئي. هڪڙي ٻڏل لوهي ٿنڀي سان هڪڙي ڳاڙهي ٻيڙي ٻڌي بيٺي هئي، جنهنجو پاڇولو پاڻيءَ ۾ سڻڀ لڳل گوشت جي ٽڪر وانگر پئي پيو.

زندگيءَ جي انهن نظارن ڏانهن نهاريندي، منهنجو مالڪ چوڻ لڳو، ”هيءُ اُهو هنڌ آهي، جتي بازار جو چوڪيدار رهندو آهي. دريءَ مان ڇت تي چڙهي ويندو آهي ۽ ڇت تان ٻيڙي۾ چڙهي بازار ۾ چڪر لڳائي، چورن کي ڀڄائيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو به نه هوندو آهي ته پاڻ چوري ڪرڻ لڳندو آهي.“

هن جا لفظ ڍلا ٿيندا ويا ۽ هو ڪنهن ٻئي خيال ۾ گم ٿي ويو. اسانجي چوگرد هر ڪا شيءِ خاموش، ويران ۽ غير حقيقي پئي لڳي. ڄڻ ته سموري خواب جي دنيا هئي. جتي وولگا ۽ اوڪا نديون پاڻ ۾ پئي مليون، اتي هڪڙي وڏي ڍنڍ بڻجي ويئي هئي. مٿانهن ميدانن تي شهر مختلف رنگن ۾ چمڪي رهيو هو. باغ اڃا اجڙيا پيا هئا، پر وڻن غنچا ڪڍڻ شروع ڪيا هئا. تنهن ڪري گهر ۽ ديوليون سبز چادرن ۾ ڍڪيل ڏسڻ ۾ پئي آيون. پاڻيءَ جي مٿان ايسٽر جي گهنڊن جا گهٽيل آواز نچندا پئي ويا. هتي شهر مان ايندڙ آواز ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪي ماڻهو قبرستان ۾ ڳالهائي رهيا هئا.

هاڻي اسان جي ٻيڙي ڪارن وڻن جي جهڳٽن مان لنگهي رهي هئي. اسين چرچ وارو وڏو رستو ڏيو پئي وياسين. هوا اسان جي سامهون پئي گهلي، تنهنڪري مالڪ جي سگريٽ جو دونهون موٽي هن جي منهن ۽ اکين کي پئي لڳو. اتفاق سان هن جي هٿن مان سکان ڇڏائجي ويو، جنهن ڪري ٻيڙيءَ وڃي هڪڙي وڻ سان ٺڪاءُ ڪيو. هن حيرت ۽ چڙ مان چيو، ”ڪهڙي نه واهيات ٻيڙي آهي!“

”توهين به ته چڱيءَ طرح سکان نٿا جهليو!“

”مان ڇا ڪيان؟“ هن شڪايتي لهجي ۾ چيو، ”جڏهن ٻيڙيءَ ۾ ٻه ماڻهو هوندا آهن، ته هڪ چپو هلائيندو آهي ۽ ٻيو سکان سنڀاليندو آهي پر جي هو سنڀالي سگهي. هوڏي ڏس، هوءَ چينين جي بستي آهي.“

مون کي انهيءَ حصي جي ذري پرزي جي خبر هئي. خاص طرح اُهي واهيات جايون، جن جي عجيب ڇتين جي مٿان مٽيءَ جا ٺهيل چيني بت پلٿي ماريو ويٺا هوندا هئا. ڪيترائي ڀيرا مون ۽ منهنجي دوستن انهن بتن کي پٿرن سان چُٽيو هو ۽ منهنجي پٿرن سان ڪيترن جا منهن ۽ مٿا ڀڄي پيا هئا پر هاڻي اهڙين شرارتن سان منهنجي ڪا به دلچسپي نه رهي هئي.

انهن جاين ڏانهن اشارو ڪندي، منهنجي مالڪ چيو، ”ڪهڙيون نه واهيات آهن! جيڪڏهن انهن جي اڏاوت... مونکي...“ هن سيٽي وڄائيندي، پنهنجي مٿي تان ٽوپي هيٺ لاٿي. پر مون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن انهن پٿر جي اڏاوت جو ڪم هن جي سپرد ڪيو وڃي ها ته به انهن جو اهڙو ئي حشر هجي ها ۽ هر سال ندين جو پاڻي انهيءَ کي ائين ٻوڙي ۽ ڳاري ڇڏي ها.

سگريٽ کي پاسي ڦٽو ڪندي ۽ ان جي مٿان ٿڪ اڇلائيندي، هُن چيو، ”زندگي، وبال آهي! پيشڪوف، وبال! ڪي به سليقي وارا ماڻهو ڪين آهن، جن سان ڳالهائجي. تون پنهنجي قابليت ڏيکارڻ چاهين ٿو- پر ڪنهن جي اڳيان؟ هتي ڪير آهن؟ ڊکڻ، سربند، مٽيءَ وارا...“

هن هڪڙيءَ سفيد مسجد ڏانهن نهاريو، جيڪا هڪڙي ننڍڙي ٽڪريءَ جي مٿان ڪر کنيو بيٺي هئي. هن اهڙي ريت ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ پنهنجي دماغ ۾ ڪنهن وسريل ڳالهه کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

”مون انهيءَ زماني ۾ سگريٽ ۽ بير پيئڻ شروع ڪيو، جڏهن هڪڙي جرمن وٽ ڪم ڪندو هوس. انهيءَ قوم ۾ عمل جي وڏي قوت آهي. بير ٺيڪ آهي پر سگريٽن جو عادي نه ٿيو آهيان. سگريٽ ڇڪجي ٿو ته زال رڙ ٿي ڪري، ’اها ڇا جي بدبو آهي؟ تو مان ته ڍيڍن جهڙي بوءِ ٿي اچي!‘ منهنجا ڀاءُ، مان توکي ٿو ٻڌايان ته جيترو اسين وڌيڪ زنده رهون ٿا، اوترو وڌيڪ ٺڳ ٿيندا ٿا وڃون. پر- چڱيءَ طرح چپو هلاءِ.“

پنهنجو سکان ڇڏي، بندوق کڻي، هڪڙي چيني بت کي وهائي ڪڍيائين. ڌڪ نشاني تي نه لڳو، ڇرا ڇت ۽ ڀتين ۾ گهڙي ويا، جن مان ٿوري ڌڌڙ اٿي.

”مان گسي ويس.“ هن سواءِ هٻڪ جي قبول ڪيو ۽ وري بندوق کي ڀريائين. ”ڇوڪرين سان تنهنجا تعلقات ڪيئن آهن؟ ڪنهن جو پيڇو ڪندو آهين؟ مان ته تيرهن ورهين جي عمر ۾ عشق ۾ ڦاسي پيو هوس.“

جيئن ڪو خواب جو قصو ٻڌائي، تيئن هو مون کي پنهنجي پهرئين عشق جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو ته ڪيئن هو انهيءَ عمارت ساز جي نوڪرياڻيءَ سان جنهن وٽ هو ڪم سکندو هو، دل لڳائي ويٺوهو. ميرانجهڙو پاڻي جاين جي ٻاهر نڪتل پاسن سان هوريان هوريان اچي پئي ٽڪريو. چرچ جي پريان پاڻيءَ جي اڇ لڳي پيئي هئي، جنهن ۾ ڪاريون ٽاريون پئي لڙهيون. مون کي هڪڙو راڳ ياد اچي ويو،جيڪو اسين گهڻو ڪري ڪارخاني ۾ ڳائيندا هئاسين: ”او طوفاني، نيرا سمنڊ...“ اُهو نيرو سمنڊ به انهيءَ راڳ جهڙو ئي بي مزو هوندو.

”منهنجي راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي.“ منهنجو مالڪ قصو چوڻ لڳو، ”ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي هنڌ مان اٿي، هن جي دروازي جي اڳيان وڃي بيهندو هوس ۽ ڪتي جهڙي ڏڪڻي اچي وٺندي هيم. اُهو گهر ڪيترو نه ٿڌو هوندو هو. منهنجو مالڪ رات جو اڪثر هن وٽ ايندو هو. ٿي سگهيو ٿي ته هو مون کي پڪڙي وجهي ها، پر ان ڳالهه جي مون کي پرواهه نه هوندي هئي.“

هو اهڙي خيال ۾ ٻڏل انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن پراڻي ڪوٽ کي جانچي ڏسندو هجي ته آيا اُهو هن سال به ڪم ڏيندو يا نه ڏيندو. ”مون کي هن ڏٺو ۽ ڏاڍو مون تي قياس اچي ويس. پوءِ مون کي سڏ ڪري چيائين، ’ننڍڙا بيوقوف، هلي آءُ!‘

مون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون هيون، ۽ اُهي سڀ بلڪل رواجي ۽ خسيس هونديون هيون، پر ته به انهن ۾ هڪ خوبي هوندي هئي ته پهرين عشق جي ڪهاڻين جي بيان ۾ نه اجائي ٻٽاڪ هوندي هئي نه نفس پرستيءَ جو اظهار. اُهي اهڙي مغمورم انداز ۾ پيش ڪيون وينديون هيون، جو مان ان نتيجي تي پهچندو هوس، ته ”پهرئين عشق“جا قصا ماڻهن جي زندگيءَ جا واقعي بهترين افسانا هئا.

کلندي ۽ ڪنڌ ڌوڏيندي، منهنجي مالڪ عجب کائيندي چيو، ”ڀلا اهڙيون ڳالهيون زال کي ٻڌائي سگهجن ٿيون؟ نه. پر ان ۾ هرج به ڪهڙو آهي! تڏهن به ٻڌائي نٿيون سگهجن. اِهي اهڙيون ڳالهيون آهن...“

هو مون کي نه پر پاڻ کي ٻڌائي رهيو هو. جيڪڏهن هو دم کڻي ها، ته مان ڳالهائڻ شروع ڪريان ها. اهڙيءَ خاموشيءَ ۽ هيڪلائيءَ ۾ انهيءَ کان سواءِ چارو ئي نه هو ته ڳالهائجي، ڳائجي، هارمونيڪا وڄائجي- ورنه اُنهيءَ سرد ۽ پاڻيءَ اندر ٻڏل شهر جي وچ ۾ گهريءَ ۽ ڪنهن هميشه جي ننڊ جي گهيري ۾ گم ٿي وڃڻ جو خطرو هو.

”سؤ ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته ننڍيءَ عمر ۾ شادي ڪرڻ نه گهرجي.“ منهنجي مالڪ مون کي سمجهائيندي چيو ”شادي زندگيءَ تائين ماڻهوءَ کي قابو ڪري ٿي ڇڏي. هاڻي تون ڇڙو آهين- جيئن تون چاهين، تيئن، پنهنجي مرضيءَ مطابق، رهي سگهين ٿو. تون ايران ۾ مسلمان ٿي رهه، يا ماسڪو ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏ. مطلب ته پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ موجب ٺاهه ۽ ڊاهه. نه جهل نه پل. پر منهنجا ڀاءُ جڏهن تون پرڻجندين، تڏهن سمجهه ته تنهنجو طوفان سان واسطو پيو. زال کي تابع ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي ۽ زال مان پراڻي جوتي وانگر جند آزاد به نه ٿي ڪري سگهجي!“

هن جي منهن ۾ ڦيرو اچي ويو هو. منهن ۾ گهنج وجهي، ميري پاڻيءَ ۾ نهارڻ لڳو. پنهنجو ڊگهي نڪ کي کنگهي، وري چوڻ لڳو، ”هائو، سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم اهو آهي، جو ڪم ڪرڻ کان اول ان تي سوچي. سمجهه ته توکي چئن ئي پاسن کان خطرا ويڙهي ويا آهن، تڏهن به توکي مضبوطيءَ سان بيهي رهڻ گهرجي. پوءِ تون پنهنجي دل ۾ ائين سمجهڻ لڳندين ته تون خطري کان ٻاهر نڪري آيو آهين ۽ سچ پچ به ٻاهر نڪري ايندين. پر، منهنجا ڀاءُ، زندگيءَ تنهنجي ڦاسائڻ لاءِ ۽ توکي ڪيرائڻ لاءِ، خاص ڄار وڇايو آهي. اسان سڀني لاءِ اهڙو هڪڙو ڄار وڇايل آهي.“

هاڻي اسان جي ٻيڙي ميشڪر سڪي ڍنڍ جي وولگا نديءَ سان مليل حصي جي سرن مان هلي رهي هئي. ”ش- ش“ مالڪ هوريان چيو ۽ پنهنجي بندوق ٻوڙن تي سڌي ڪيائين. جڏهن هن ٻن ٽن بک ۾ پاه ٿيل پکين کي شڪار ڪيو، تڏهن چيائين، ”هل ته ڪناوان گهٽيءَ ڏانهن هلون، مان اُتي رات رهندس ۽ تون گهر وڃي ٻڌاءِ ته مون کي ٺيڪيدارن رهائي ڇڏيو آهي.“

هو گهٽيءَ جي ٻاهرئين حصي ۾ لهي پيو، جتي به ٻوڏ جو پاڻي پهچي چڪو هو. مان ٻيڙيءَ کي ميلي واري پٽ طرف ڪاهي آيس ۽ ٻيريءَ کي ٻڌي، ان ۾ ويهي ان طرف نهارڻ لڳس، جنهن هنڌٻن ندين جو ميلاپ پئي ٿيو ۽ پوءِ جهازن آسمان ڏانهن اساسائيءَ سان ڏسڻ لڳس. آسمان هڪڙي وڏي پر وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن ۾ سفيد کنڀن جهڙا ڪڪر ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺا هئا. بادلن جي نيرين وٿين مان سج چمڪي رهيو هو. ان جي تجلي زمين ۽ ان جي هر هڪ شيءِ کي نئون روپ ڏيئي ٿي ڇڏيو. منهنجي چؤطرف هر ڪنهن شيءِ ۾ تيز رفتاري هئي. درياءَ جي وهڪري تي سوين شهتير سينو سيني سان ملايو لهوارا تري رهيا هئا. انهن جي مٿان ڳوٺاڻا، پير مضبوط جهليو، بيٺا هئا. چَپوئن بجاءِ انهن جي هٿن ۾ وڏا وڏا بانس جا لڪڙا هئا. هڪ ٻئي کي ۽ ويندڙ کي واڪا پئي ڪيائون. هڪڙو آگبوٽ هڪڙي خالي وڏي بيري کي اوڀارو گهلي رهيو هو. درياءَ ان کي پٺتي پيئي ڌڪيو ۽ هيٺ مٿي پئي ڪيو پر آگبوٽ جو اڳيون حصو لهرين کي چيريندو، اڳتي وڌندو پئي ويو.ٻيڙي تي چار ڳوٺاڻا پاسن کان پير لڙڪايو، پاسو پاسي سان ملايو، گڏيا ويٺاهئا. انهن مان هڪ کي ڳاڙهي قميص پهريل هئي. اهي ڪو راڳ ڳائي رهيا هئا، جنهن جا لفظ نه باقي سُر سمجهه ۾ پئي آيو.

مون ائين محسوس پئي ڪيو ته هن روان دوان نديءَ جي هر چيز کان واقف آهيان، هر چيز سان ڄاڻ اٿم، هر چيز کي سمجهي سگهان ٿو. منهنجي پٺيان ٻوڏ جي گهيري هيٺ آيل شهر گندي خراب مثل هو، يا منهنجي ملڪ جو وهمي خيال، جنهن جو بيان ڪرڻ هن جي شخصيت وانگر ناممڪن هو.

جڏهن مان وولگا جي سڄي نظاري کي ڏسي ڍائس، تڏهن مان گهر ويس، ۽ ائين محسوس ڪرڻ لڳس ته مان هاڻي جوان ٿي ويو آهيان ۽ پنهنجوڪم چڱيءَ طرح پورو ڪري سگهان ٿو. موٽندي، رستي تي ڪرمان ٽڪريءَ وٽ بيهي، اتان وولگا نديءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لڳس. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان زمين وشال ۽ بي انت پئي لڳي ۽ ائين ٿي لڳو ته ان ۾ هر خواهش کي پوري ڪرڻ جو سامان موجود هو.

هاڻي گهر ۾ مون وٽ ڪتاب موجود رهندا هئا. ملڪه مارگاٽ جي جاءِ ۾ هڪڙو وڏو ڪٽنب اچي وسيو هو. ان ڪٽنب ۾ پنج ڪنواريون، سڀ هڪ ٻئي کان سهڻيون ۽ ٻه اسڪولي شاگرد هوندا هئا، جن کي مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي ايندو هوس. ”ترجنيف“ ته مون کي موهي رکيو هو. هن جي بيان جي سادگيءَ، هن جي سمجهه، هن جي بيان جي صفائيءَ هن جي ڪردارن جي بلنديءَ ۽ هن جي مشاهدي جي گهرائيءَ مان مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو.

مون پاميالو وسڪيءَ جو ناول ”تعليم گاهه“ پڙهيو. عجب جي ڳالهه هئي، جو ان ۾ جنهن زندگيءَجو نقش چٽيو ويو هو، اُها هوبهو مون واري مجسمي ساز ڪارخاني جهڙي هئي. انهيءَ جي پڙهڻ سان، اُتي جا غليظ چرچا، خسيس ڳالهيون ۽ اتان جي دم گهٽيندڙ بيزاريءَ واري زندگي، جا هر ڪنهن کي آپي کان ڪڍي ڇڏيندي هئي، ياد اچي ويئي. روسي ڪتابن جي پڙهڻ مان مون کي ڏاڍو مزو اچڻ لڳو. انهن ۾ اهڙي اداسائي سمايل هوندي هئي، جنهن جو مون کي ئي پتو هوندو هو. ڪتاب کولڻ سان مون کي ڄڻ مقدس ايسٽر جي ڏڻ تي وڄندڙ گهنڊن جو گهٽيل آواز انهن ۾ لڪل ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو.

مون کي ”مرده روح“ ۽ ”مردن جو گهر“ پرهڻ ۾ ڪو خاص مزو نه آيو. ”مرده روح“، ”مردن جو گهر“، ”موت“، ”ٽي موت“، ”جيئرو لاش“- جيئن انهن جي نالن مان ئي ظاهر هو، انهن سڀني ۾ هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پئي نظر چڙهيون ۽ اُهي ڪتاب پڙهندي اُنهن کان بيزار پيو ٿيندو هوس. نه ئي وري مون کي ”دنيا جا دور“، ”قدم بقدم“، ”هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي“، ”سيمورن جي هئمليٽ جو قصو“ ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب ئي ڪي وڻندا هئا.

پر ’چارلس ڊڪنس‘ ۽ ’والٽر اسڪاٽ‘ جي ڪتابن پڙهڻ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيم ۽ انهن جا ڪتاب ور ور ڪري پڙهندو هوس. اسڪاٽ جاناول اثرائتا پر ڪنهن دولتمند ڪليسا ۾ ٿيندڙ جشن وانگر اينگهه وارا ۽ ٿڪائيندڙ هوندا هئا. ڊڪنس لاءِ منهنجي دل ۾ اڃا به اهڙي ئي عزت ۽ احترام آهي. هُن حيرت ۾ وجهندڙ سادگيءَ سان قصي نويسيءَ جي فن ۾ ڪمال ڪري ٿي ڇڏيو ۽ هن جي هر سٽ مان بيحد محبت ڀرئي جذبي سان انساني فطرت کي سمجهڻ جي ڪوشش پيئي بکندي هئي.

رات جي وقت دارلان ۾ ڪچهري لڳندي هئي. انهيءَ ۾ ملڪه مارگاٽ واريءَ جاءِ جا ڀائر ۽ انهن جون جوان ڀينرون ۽ مني نڪ وارو اسڪولي ڇوڪرو يا ڪيسلاسماشڪوف هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مس تنزين هڪڙي وڏي آفيسر جي ڌيءَ به اسان سان شريڪ ٿيندي هئي. گفتگو گهڻو ڪري ادب تي ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. ڇا ڪاڻ ته منهنجو انهن سڀني کان وڌيڪ مطالعو ڪيل هو، تنهن ڪري اُهي ڳالهيون منهنجي آڱرين تي هونديون هيون. جڏهن اسڪول ۽ ماسترن جي سختيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن مان پاڻ کي انهن سڀني کان خوش نصيب سمجهندو هوس، مون کي حيرت ٿيندي هئي ته هو اهڙي مارڪٽ ماٺ ڪري ڪيئن ٿي برداشت ڪندا رهيا. ساڳئي وقت هنن جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي ريس به ايندي هيم.

جيتوڻيڪ منهنجا ساٿي مون کان عمر ۾ وڏا هوندا هئا، پر مان پاڻ کي وڌيڪ بالغ نظر ۽ پختو سمجهندو هوس. مان محسوس ڪندو هوس ته هنن کان وڌيڪ آزمودگار ۽ ڦڙت هوندو هوس. مون کي پنهنجي اُن احساس کان تڪليف ٿيندي هئي. مان چاهيندو هوس ته منهنجي جيڪر هنن سان موافقت هجي. مان مٽيءَ ۽ ڌوڙ سان ڀريل دير سان گهر موٽندو هوس ۽ پاڻ سان گڏ هنن کان مختلف زندگيءَ بابت ڀيانڪ تاثرات کنيو ايندو هوس. هو نوجوان ڇوڪرين جي محبت ۾ گرفتار هجڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ انهن ڏانهن شعر لکي موڪليندا هئا، جنهن ۾ منهنجي مدد وٺندا هئا. مان وڏيءَ خوشيءَ سان هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هوس. تڪبندي ڪرڻ منهنجي ڏائي هٿ جو کيل هو پر منهنجي شعرن تي هميشه چرچي جو رنگ غالب ٿي ويندو هو ۽ مان خاص طرح مس تنزين کي، جيڪا گهڻو ڪري اُنهن شعرن جو موضوع هوندي هئي، ميون ۽ ڀاڄين سان تشبيهه ڏيئي، پيش ڪندو هوس.

هڪڙي ڀيري سماشڪوف چيو، ”ڇا، هي شعر آهي؟ هي ته گند آهي.“

مون به فيصلو ڪيو هو ته ٻين کان ڪنهن ڳالهه ۾ پٺتي نه پوندس. تنهن ڪري مس تنزين سان محبت جو اظهار ڪرڻ لڳس. مون کي ياد نٿو اچي ته هن سان محبت جي ابتدا ڪيئن ڪئي هيم. باقي اُن جي پڇاڙي سهڻي نموني نه ٿي. شهر جي ويجهو واردين نالي بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ هڪڙو بنڊ پيو ترندو هو. هڪڙي ڀيري مون مس تنزين کي چيو ته اچ ته ان تي چڙهي سير ڪيون. مان بنڊکي ڪناري تي ڪاهي آيس. مان جڏهن بنڊ تي چڙهيس ته بنڊ منهنجو بار سهي ويو پر جڏهن فئشنبل مس تنزين ان تي چڙهي ۽ مان لڪڙي سان بنڊ کي اڳتي ڌڪيو ته بنڊ بولاٽي کاڌي ۽ مس تنزين چوٽيءَ ڀر پاڻيءَ ۾ چڀڙڪ وڃي ڪيو. مان به مردانه وار پاڻيءَ ۾ وٺي ٽپو ڏنو ۽ هن کي جهٽ پٽ ٻاهر ڪڍي آيس. حادثي جي اثر ۽ پاڻيءَ تي ڄميل سينور هن جي سڄي حسن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. پنهنجي آلي مڪ مون کي اولاريندي، چيٽ ڪري، چوڻ لڳي، ”تو ڄاڻي واڻي مون کي پاڻيءَ ۾ ڪيرايو آهي.“ هن منهنجي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ منهنجي کُلي کُلائي دشمن ٿي پيئي.

مون کي انهيءَ شهر جي زندگيءَ ۾ ڪجهه به مزو نه پئي آيو. هُن پوڙهيءَ رن جي ساڙ ۾ ڪمي ڪا نه آئي هئي ۽ ننڍي مالڪياڻي به مون کي ڪروڌ ڀريءَ نگاهه سان ڏسندي هئي. وڪٽر، جنهن جي بت تي ڪيترائي نوان تر نڪري آيا هئا، سڀني کي پيو ڏاڙهيندو هو، ڄڻ ته هر ڪنهن کان ازلي وير وٺندو هجي.

منهنجي مالڪ وٽ ايترو گهڻو ڪم هوندو هو، جو هو ۽ ان جو ڀاءُ ان کي پورا پئجي نه سگهندا هئا. تنهن ڪري هنن کي منهنجي ماٽيلي پيءُ کي پاڻ وٽ ملازم رکڻو پيو. هڪڙي ڏينهن جڏهن سوير گهر موٽي آيس ته ڏٺم ته هي ماڻهو، جيڪو منهنجي زندگيءَ مان نڪري ويو هو، منهنجي مالڪ جي ڀرسان ميز وٽ ويٺو هو. هن ملڻ لاءِ پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايو- ”ڪيئن آهين؟“

مان پٺتي هٽي ويس. گذريل وقت جي باه منهنجي سيني ۾ ڀڙڪي اٿي ۽ منهنجي دل کي ساڙڻ لڳي. هن جي خوف جهڙي لٿل چهري تي، جنهن ۾ اکيون اڳي کان به وڏيون ڏسڻ ۾ پئي آيون، مرڪ پکڙجي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي جواني ختم ٿي ويئي هئي. مون نيٺ پنهنجو هٿ هن جي گرم هڏائين هٿ سان ملايو.

”سو، وري مليا آهيون!“ هن کنگهندي چيو.

مان اتان ٻاهر ائين ٿيڙ کائيندو هليو ويس، ڄڻ ڪنهن زور سان پٺيءَ تي ڦٽڪو وهائي ڪڍيو هوم.

اسين هڪ ٻئي کان دور دور رهندا هئاسين. هو مون سان اهڙيءَ ريت ڳالهائيندو هو، ڄڻ پاڻ جهڙي ۽ پاڻ جيڏي سان ڳالهائيندو هجي.

”جڏهن تون دڪان ڏانهن وڃين، ته مهرباني ڪري منهنجي لاءِ تماڪ، سگريٽن جا پئڪيٽ ۽ اٻريل گوشت وٺي اچجانءِ.“

هو جيڪي پئسا ڪڍي ڏيندو هو، اهي هن جي هٿن جي اثر ڪري گرم هوندا هئا. هن کي سلهه اچي پاسو ڏنو هو ۽ هو هن دنيا مان ٽپڙ ٻڌڻ وارو هو. هن کي ان جو پتو هو. پنهنجي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي، پنهنجي اندر مان نڪتل سانتيڪي آواز ۾ چوندو هو، ”مان بلڪل لا علاج آهيان. انهيءَ هوندي به، جي جهجهو گوشت مليم، ته چاڪ ٿي سگهان ٿو.“

۽ هو بي انتها کائيندو هو. هن جي وات مان سگريٽ سواءِ کاڌي جي وقت جي ٻاهر نڪرندو ئي نه هو. مان هر روز هن کي اٻريل حلواڻ جو گوشت، سوئر جو لوڻيل گوشت ۽ مڇي خريد ڪري آڻي ڏيندو هوس. انهيءَ تي پوڙهي موڙو ڏيئي، دل جي ساڙڻ جهڙا فقرا ڪڍندي هئي- ”ڇا، کاڌن سان موت کي ٽاري ڇڏيندا! توهين موت کي ٺڳي نٿا سگهو.“

ننڍي مالڪياڻي منهنجي ماٽيلي پيءُ سان روبرو همدرديءَ جو اظهار ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته هن کي فلاڻي يا فلاڻي دوا کائڻ گهرجي پر هن جي پرپٺ هن تي چٿرون ڪندي، چوندي هئي، ”ڪهڙو نه صفائيءَ وارو مڙس آهي! چوي ٿو ته کاڌي جي ڪمري مان مانيءَ جا ڀورا به صاف ڪري ڇڏجن، ورنه مکيون ٿينديون!“

انهيءَ تي پوڙهي سُر جهلائيندي هيس- ”سچ پچ صفائيءَ وارو مڙس آهي! ڪوٽ ته ڏسينس! کُسي ويو اٿس، ته به سڄو ڏينهن پيو برش هڻيس. ڏاڍو ڪو نازڪ آهي. مٽيءَ جو ذرو به نٿو سهي! اجهو ٿا مٽيءَ جا مڻ وسندس، پوءِ ڀل اُتي ويٺو ڇنڊ ڦوڪ ڪري!“

مالڪ انهن کي تڙي ڏيئي چوندو هو، ”جهنگلي ڪٻريون! ماٺ ڪريو. قبر ۾ ڪير وڃڻو ڪونهي؟“

هُن جي هڪ وڌيڪ چڱي ۽ سمجهو فرد هئڻ ڪري، هُن کان هُنن جي وچولي طبقي وارن ماڻهن واري انڌي حقارت، منهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ مون کي هڪ ٻئي جي قريب ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي. سڙيل کُنڀي صحيح سلامت بيٺي هوندي آهي ته اکين کي پيئي وڻندي آهي.

اُنهن ماڻهن جي گندي ماحول ۾ منهنجي ماٽيلي پيءُ جو اهڙو حال هو، جيئن ڪا اَڌ مُئي مڇي اتفاقن بورچيخاني جي ڪني پاڻيءَ ۾ ڪري پوي. جيتوڻيڪ اِها تشبيهه معقول ناهي، پر اُتي زندگي ئي هڪ نامعقول شيءِ بنجي پيئي هئي.

مان هوريان هوريان ڏسڻ لڳس ته هن ۾ ۽ ”نيڪ خيال“ ۾ ڪجهه هڪجهڙائي هئي. مان ”نيڪ خيال“ کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو هوس. ڪتاب پڙهڻ سان منهنجي دل ۾ جيڪي چڱا تاثر ٿيندا هئا، اهي مان ”نيڪ خيال“ ۽ ”ملڪه مارگاٽ“ ڏانهن منسوب ڪندو هوس. ڪتابن جي پڙهڻ سان جيڪي پاڪ خيال ڇڻي ڇنڊجي منهنجي دل ۾ پيدا ٿيندا هئا، اهي مان هنن جي يادگيرين تي نڇاور ڪري ڇڏيندو هوس.

منهنجو ماٽيلو پيءُ گهر ۾ ”نيڪ خيال“ وانگر ڌاريو سمجهيو ويندو هو ۽ ڪو به هن سان پيار نه ڪندو هو. هن جو سڀني سان سلوڪ سهڻو هو، ڪنهن جي ڳالهه ۾ به دخل نه ڏيندو هو. جڏهن هو منهنجي مالڪ کي نقشن ۾ ڦير ڦار جا مشورا ڏيندو هو، ته مون کي خوشي ٿيندي هئي. ميز جي مٿان ٿلهن ڪاغذن جا وڏا وڏا نقشا پکڙيا پيا هوندا هئا. هيءُ انهن جي مٿان جهڪي، منهنجي مالڪ کي چوندو هو، ”توکي ڪماڻ جي ٻنهي پاسي ڪجهه وڌيڪ پٿر ڏيئي، ڪماڻ کي اوچو ڪرڻو پوندو، جيئن بار جو زور گهٽجي وڃي، نه ته وچ ۾ ٿنڀو ڏيڻو پوندو.“

”واقعي، ائين ٺيڪ آهي!“ مالڪ حيرت مان چوندو هو. جڏهن منهنجو ماٽيلو پيءُ ٻاهر هليو ويندو هو، ته منهنجي مالڪ جي زال هن سان کهري پئجي ويندي هئي- ”اڙي تون هن کي ائين ڪيئن ٿو ڇڏين، جو هو توکي ڄڻ استادن وانگر پيو سيکاري!“

خاص طرح ماني کائڻ کانپوءِ منهنجي ماٽيلي پيءُ جا ڏند صاف ڪرڻ ۽ گرڙا ڪرڻ، جنهن جي ڪري هن جا دوڏا ٻاهر نڪري ايندا هئا، منهنجي مالڪياڻيءَ کي بالڪل نه وڻندا هئا.

”مان سمجهان ٿي ته ايتري قدر پٺتي ڪنڌ جهڪائڻ تنهنجي لاءِ چڱو ناهي.“ هڪڙي ڀيري ترش ٿي، هن کي چئي ڏنائين.

”ڇو؟“ هن نرميءَ سان مرڪندي چيس.

”ڇا ڪاڻ ته... بس مان ائين سمجهان ٿي.“

ان کان پوءِ هو پنهنجا ميرا نُهن صاف ڪرڻ لڳندو هو. اُن تي پر پٺ هوءَ چرڪو ڪندي هئي-”وري پنهنجانهن صاف ٿو ڪري! مري ٿو پر صفائي کان نٿو مُڙي“.

”اڙي جهنگلي ڪٻر!“ مالڪ ٿڌو ساه ڀري چوندو هوس، ”مون کي ٻڌاءِ ته تون ايتري بيوقوف ڇو ٿيندي ٿي وڃين!“ انهيءَ تي مالڪياڻي وائڙي ٿي ويئي ۽ ڇڙٻ ڏيندي چيائينس، ”ڇا ٿو بڪين؟“

رات جي وقت پوڙهيءَ خدا جي اڳيان شڪايت جو دفتر کڻي کوليندي هئي. ”او خدا، منهنجي مٿان مرض ۾ ورتل اچي ڪڙڪايون اٿائون، ۽ وڪٽر کي پاسيرو ڪري ڇڏيو اٿائون...“

وڪٽر منهنجي ماٽيلي پيءُ جي اٿڻيءَ وهڻيءَ، هن جي هلڻيءَ چلڻيءَ، هن جي هٿن جي اشارن، نيڪ ٽائن جي ٺاهوڪين ڳنڍين ڏيڻ، کاڌي جي ميز تي فضيلت ڀرئي ويهڻ ڪرڻ جو نقل ڪرڻ لڳندو هو.

ويٺي ويٺي وڪٽر هن کان پڇندو هو، ”ڀلا ٻڌاءِ ”گوڏي“ کي فرانسي زبان ۾ ڇا چوندا آهن؟“

هو هن سان ڪجهه هلڪي نموني مخاطب ٿيندو هو، جنهن تي منهنجو ماٽيلو پيءُ هن جي غلطي ننڍڙي ٻار وانگر درست ڪندي، هن کي سمجهائيندو هو ته ماڻهن سان ڪيئن مخاطب ٿجي.

”چڱو،“ وڪٽر چوندو هوس، ”ڀلا ”ڇاتيءَ“ کي ڇا چئبو؟“

ڪڏهن ڪڏهن وڪٽر، پنهنجي فرانسي ٻوليءَ جي علم ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ماءُ سان فرانسي ٻوليءَ جا اکر ڳالهائڻ لڳندو هو.

ماڻس کِل کِل ڪري چوندي هيس، ”اڙي، او فرانسي.“

منهنجو ماٽيلو پيءُ ماٺ ڪريو، ويٺو کائيندو هو، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ڏٺي يا ٻڌي ئي نه هئائين.

هڪڙي ڀيري منهنجي مالڪ اهڙي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ کي چيو، ”چئبو تون فرانسي سکي ويٺو آهين! هاڻي توکي عشق بازي به ڪرڻي پوندي!“

منهنجو ماٽيلو پيءُ مرڪيو ۽ اُهو پهريون ڀيرو هو، جو مون هن کي مرڪندي ڏٺو هو.

مالڪياڻيءَ ڪاوڙ مان چمچو ميز تي ڦٽو ڪندي چيو، ”ڪهڙي نه بي شرميءَ جهڙي ڳالهه منهنجي روبرو ٿو ڪرين!“

منهنجو ماٽيلو پيءُ گهڻو ڪري ڏاڪڻ جي پٺيان ڀانڊي جي ڀرسان جتي منهنجو هنڌ پيو هوندو هو، مون وٽ اچي ويهندو هو. گهڻو ڪري مان دريءَ جي هيٺان ڏاڪڻ تي ويٺو پڙهندو هوس.

هو منهن مان سگريٽ جو دونهون ڪڍندو هو، ته ان سان گڏ سوسڙيءَ جي سڙڻ جهڙو آواز هن جي نڙيءَ مان نڪرندو هو.

هڪڙي ڀيري هن اچڻ سان پڇيو، ”پڙهين پيو؟ ڪهڙو ڪتاب آهي؟“

پوءِ ڪتاب جي نالي ڏانهن نهاري، چيائين، ”مان سمجهان ٿو مون اهو ڪتاب پڙهيو آهي. اچي سگريٽ ڇڪ.“

اسين گڏجي سگريٽ ڇڪڻ لڳاسين. دريءَ کان ٻاهر گندي صحن ڏانهن نهاريندي، چيائين، ”ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي جو تون ڪاليج ۾ ڪو نه آهين. تو ۾ لياقت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“

”مان پڙهان ٿو، اهو ئي ڪافي آهي.“

”نه، اهو ڪافي ناهي. توکي اسڪول ۾ داخل ٿي، باقاعدي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي.

منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته هن کان پڇان، ”چڱا مڙس، تو به ته اهڙي تعليم حاصل ڪئي هئي، پر اُن جو نتيجو ڇا نڪتو؟“

پر مان انهيءَ خيال کي کائي ويس. هن ڄڻ منهنجي دل جي خيال کي پروڙي چيو، ”اسڪول جي تعليم به انهيءَ ماڻهو کي فائدو ڏئي ٿي، جو ان مان فائدو وٺي ٿو. سٺيءَ تعليم سان ماڻهو نالو روشن ڪري سگهي ٿو ۽ هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“

هڪڙي ڀيري مون کي صلاح ڏنائين، ”توکي هن ڪَهَڄَر مان نڪري وڃڻ گهرجي. تنهنجي هتي رهڻ ۾ مون کي ڪو فائدو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“

”مان ڪم ڪريان ٿو.“

”اُن جو مقصد!“

”مون کي ڪم وڻي ٿو، هي مزور ۽ ڪاريگر وڻن ٿا.“

”ڇا ۾ توکي وڻن ٿا؟“

”هي بيڪار ۽ سست نه آهن.“

”ممڪن آهي ته تون ٺيڪ چوندو هجين.“

هڪڙي ڀيري مون کي چيائين، ”اسان جا مالڪ به ڪهڙا نه خسيس ماڻهو آهن- جهڙا جانور!“

مون کي ياد اچڻ لڳو ته منهنجي امڙ هڪڙي موقعي تي اهي لفظ هُن لاءِ ئي استعمال ڪيا هئا. ۽ اهو ياد ڪري، دل کي ڌڌڪو اچي ويم.

”ڇا، تون ائين نٿو سمجهين؟“ مرڪندي هن پڇيو.

”هائو، آءٌ اِهو سمجهان ٿو.“

”واقعي، اها ڳالهه ته صاف پيئي آهي.“

”پر، اِن هوندي به، مان پنهنجي مالڪ کي پسند ڪندو آهيان.“

”هائو، هو واقعي لائق انسان آهي، پر الائي ڇو! آهي کل جهڙو!“

مون چاهيو پئي ته ڪتابن بابت هن جو رايو پڇان، پر ٻاهرينءَ طرح هو ڪتابن ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاريندو هو. هڪڙي ڀيري چيائين، ”ڀنڀلجي نه وڃجانءِ. ڪتابن ۾ خيالي ڳالهيون هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اُهي غلط نموني به پيش ڪيون وينديون آهن. ڪيترائي ليکڪ خود اسان جي مالڪن وانگر گهٽ درجي جا ماڻهو هوندا آهن.“

اهڙي قسم جا خيال مون کي وزني لڳندا هئا ۽ انهن جو مون تي ڏاڍو سٺو اثر پوندو هو.

ڳالهه ڪندي پڇيائين، ”گانشروف“ پڙهيو اٿئي؟

”ها، هن جو ’پالادينوف جهاز‘ پڙهيو اٿم.“

”اهو تمام خشڪ ڪتاب آهي، پر ”گانشروف“ اسان جو سڀ کان هوشمند ليکڪ آهي. توکي هن جو ”اوبلوموف“ پڙهڻ گهرجي، جيڪو هن سڀ کان وڌيڪ صداقت ۽ بي باڪيءَ سان لکيو آهي. اهو ڪتاب روسي ادب جو بهترين شاهڪار چئي سگهجي ٿو.“

ڊڪنس جي ناولن بابت پنهنجي راءِ پيش ڪندي، چيائين، ”هو بلڪل معمولي آهي. جيڪڏهن مون تي اعتبار ڪرين ته. ها، اڄڪلهه ”نيوٽائيمس“ ۾ هڪڙو ڪتاب ”درويش انٿونيءَ جا گناهه“ ڇپجي رهيو آهي. اُهو ضرور پڙهج. مون کي خبر آهي ته توکي مذهبي معلومات سان دلچسپي آهي. انهيءَ ڪري منهنجو خيال آهي ته اُهو توکي وڌيڪ پسند ايندو.“

هو منهنجي لاءِ ”نيو ٽائيمس“ رسالي جا اڳيان پرچا وٺي آيو. اُنهن ۾ مون لائق ”فلابير“ جو اهو ڪتاب پڙهيو. ان جي پڙهڻ سان ”خدا جي ٻانهن ۽ صالح بندن“ جون جيڪي ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون هيم، اُهي ياد اچي ويم. ”فلابير“ جي اُن ڪتاب، بهرحال، منهنجي دل تي گهڻو اثر نه ڪيو.

منهنجي اها راءِ ٻڌي. منهنجي ماٽيلي پيءُ چيو، ”تنهن جو مطلب ته تون اڃا انهن ڪتابن سمجهڻ جهڙو نه ٿيو آهين. انهيءَ ڪتاب کي نه وسارجانءِ. ڪنهن ٻئي وقت اِهو ضرور پڙهجانءِ.“

ڪڏهن ڪڏهن هو مون وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو ويٺو هوندو هو. سگريٽ پيو ڇڪيندو هو ۽ پيو کنگهندو هو. هن جي خوبصورت اکين جي پٺيان هن جي حياتيءَ کي ساري رک ڪندڙ باهه مون کي صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. منهنجون اکيون هن ڏانهن، جيڪو موت جي منهن ۾ چپ چاپ ۽ سواءِ ڪنهن شڪوه شڪايت جي وڃي رهيو هو، چوريءَ چوريءَ گهورينديون رهنديون هيون. ان وقت هن جو منهنجي امڙ سان رشتو ۽ ان سان سختيءَ واري هلت وارو خيال منهنجي ذهن مان ميٽجي ويندو هو. مون کي پتو هو ته هو هاڻي هڪڙيءَ درزياڻيءَ سان رهندو هو، جنهن جي ڏسڻ لاءِ دل ۾ سڌ هوندي هيم. مان خيال ڪندو هوس ته هن هڏائين پڃري کي هوءَ ڪيئن ڀاڪر پائيندي هوندي ۽ هن جون چميون، جنهن ۾ هن جي فنا جي بوءِ ايندي هوندي، ڪيئن برداشت ڪندي هوندي.

”نيڪ خيال“ وانگر منهنجو ماٽيلو پيءُ به عجيب غريب ڳالهيون ڪندو هو- ”مون کي شڪاري ڪتن جو ڏاڍو شوق آهي. اُهي بيعقل آهن، پر بهرحال مون کي وڻندا آهن. هو ڏاڍا سهڻا ٿين ٿا. سهڻيون عورتون اڪثر ڏاڍيون بي عقل ٿين ٿيون...“

مون فخر سان دل ۾ خيال ڪيو، ته چوانس، ”ڪاش، تو ملڪه مارگاٽ ڏٺي هجي ها.“

هن جي هڪڙي راءِ جيڪا مون پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏي هئي، اها هيءَ هئي: ’جڏهن ماڻهو هڪ گهر ۾ گهڻو وقت ڪٺا رهن ٿا ته انهن جو مَنُ ۽ مهانڊا به اڪثر ساڳي ڏِکَ ڏيڻ لڳن ٿا.‘

مون کي هن جي اهڙين ڳالهين جي ٻڌڻ جو اهڙو انتظار رهندو هو، جهڙو ڪنهن کي رڻ پٽ ۾ پاڻيءَ جو. اُنهيءَ هنڌ، جتي ڳالهه ٻولهه سدائين ڪريل زبان ۾ ٿيندي هجي، اُتي غير رواجي ۽ مهذب گفتگو ٻڌي، روح کي تازگي حاصل ٿي ويندي آهي.

منهنجي ماٽيلي پيءُ ڪڏهن به منهنجي امڙ جو مون سان ذڪر نه ڪيو. انهيءَ ڪري مان هُن جي پاڻ وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳس.

مون کي ياد ناهي ته ڳالهه ڪيئن ڇڙي، پر هڪڙي ڏينهن مان هن کان خدا بابت سوال ڪري ويٺس. هن اکيون کڻي، مون ڏانهن نهاريو ۽ سنجيده ٿي چيائين، ”مون کي پتو ڪونهي. پر آءٌ خدا کي ڪو نه ٿو مڃان.“

هن جي ان ڳالهه تي مون کي استانوف ياد اچي ويو ۽ مون هن کي ان جي ڳالهه ٻڌائي. ساڳئي ئي نموني وراڻيائين. ”ها، پر هو ان لاءِ دليل ڏيندو آهي. جيڪي ماڻهو ڳالهين لاءِ دليل ڏيندا آهن، اُهي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه کي مڃيندا آهن. منهنجو ڪنهن به ڳالهه ۾ ايمان ڪونهي.“

”پر، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

”ڇو نه؟ تون اهڙي ماڻهوءَ کي ڏسي رهيو آهين، جو ڪنهن کي ڪو نه ٿو مڃي.“

مون کي سواءِ مرڻينگ ماڻهوءَ جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ هن کي ڏسي، جيڪي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا، اهي شايد قياس جا جذبا نه هئا، پر هي پهريون ڀيرو هو، جو پنهنجي هڪ همجنس جي موت جو ڳجهو راز منهنجي دل جي پاڙن کي ايترو ڌوڏي رهيو هو.

هو ماڻهو منهنجي ويجهو ويٺو هو. اسان جا گوڏا هڪ ٻئي سان گسي رهيا هئا. هو غور ۽ فڪر وارو انسان هو ۽ ٿڌيءَ دل سان ماڻهن بابت پنهنجي تعلقات جي بنا تي پنهنجا رايا پيش ڪري رهيو هو. هو اهڙي نموني اهي خيال پيش ڪري رهيو هو، ڄڻ هو اُنهيءَ لائق هو، جو ماڻهن بابت پنهنجا قطعي رايا رکي سگهي. مون کي هن ۾ پنهنجي لاءِ ڪا ضروري يا فائدي واري ڳالهه ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جا هن جي ٻين اهڙين ڳالهين سان رليل مليل هئي، جن ۾ سڌيءَ طرح منهنجي لاءِ ڪو خاص فائدو نه هو.

هن مليل جُليل، خود پاڻ لاءِ به غير محرم شخصيت واري انسان ۾ خيالَ آتش فشان وانگر ڦاٽ کائي نڪرندا هئا. هن بابت منهنجا ڪهڙا به احساس ۽ جذبا هئا، پر مان سمجهندو هوس ته هو منهنجو جزو آهي ۽ هن جي جاءِ منهنجي اندر ۾ آهي. خيال ايندو هوم ته هو ٻن چئن ڏينهن ۾ مري ويندو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سڄو ڪٺو ڪيل خزانو، جنهن جو هن جي سهڻين اکين ۾ مطالعو ڪندو هوس، پاڻ سان کنيو هليو ويندو. جڏهن هو مري ويندو، تڏهن مون کي دنيا جي رشتي سان ڳنڍيندڙ هڪڙو ٻيو ڌاڳو به ٽٽي پوندو. پوءِ رڳو هن جي ياد باقي وڃي رهندي ۽ اُها ياد منهنجي سيني ۾ ته جيئن تيئن سلامت رهندي، پر هو زنده انسان، تبديلين جو گهر، گرما گرمين جو مرڪز، هتان هليو ويندو...

اُهي اهڙا جذبا آهن، جن جي اندر ڪا اهڙي شيءِ لڪل آهي، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي ۽ جيڪا خيالن کي اُڀاري ٿي ۽ جنم ڏئي ٿي. اهڙي شيءِ جيڪا اسان کي زندگيءَ جي حقيقت تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اسان کان اِهو پڇڻ گهري ٿي ته ائين ڇو ٿو ٿئي؟

هڪڙي برسات واري ڏينهن منهنجي ماٽيلي پيءُ چيو، ”شايد جلد ئي مان بستري داخل ٿيان، هاڻي ڪمزوري کائي ويئي آهي، ڪنهن ڪم تي دل ئي نٿي لڳي.“

ٻئي ڏينهن چانهه پيئڻ کانپوءِ هو ميز تان ۽ پنهنجن ڪپڙن تان ڪريل ڀورا چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ لڳو. ائين ٿي ڏٺو ڄڻ ڪو ڏسڻ ۾ نه ايندڙ تنڪو به اُتان صاف ڪري ڇڏڻ چاهيندو هجي. پوڙهيءَ عورت، وهمي نگاهه سان هن ڏانهن نهاريندي، پنهنجيءَ ننهن کي هوريان چيو:

”هن ڏانهن ته ڏس، ڪيئن نه پيو ڇنڊ ڦوڪ ڪري!“

ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ڪم واريءَ بينچ تي ڏسڻ ۾ آيو. ٽئي ڏينهن پوڙهيءَ مون کي هڪڙو وڏو سفيد لفافو ڏيندي چيو، ”اچي! توکي ڏيڻ وسري ويو هوم. ڪالهه منجهند جي وقت آيو هو. هڪڙي ڇوڪري کڻي آئي هئي. ٺاهوڪي ۽ جوان هئي. توسان هن جو ڪهڙو ڪم؟ تون ته هاڻي منهنجي سمجهه کان ٻاهر ٿيندو وڃين!“

مون لفافي کي کولي پنو ڪڍيو. ان تي اسپتال جي مهر لڳل هئي. جنهن تي ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ هيئن لکيل هو: ”توکي وقت ملي ته مون وٽ اچجانءِ. مان مارٽينو وسڪي اسپتال ۾ آهيان- اي. ايم“

ٻئي ڏينهن صبح جو مان اسپتال ويس ۽ پنهنجي ماٽيلي پيءُ جي پلنگ جي ڀرسان ويهي رهيس. هو پلنگ کان ڊگهو هو. هن جا پير جن تي موڪرا جورابا پيا هئا، پلنگ کان ٻاهر نڪتل هئا. هن جون سهڻيون اکيون ڏاڍيون بيقرار هيون. هن جون پريشان نگاهون ديوار تان ڀٽڪنديون، ڪڏهن منهنجي چهري تي ۽ ڪڏهن هڪڙيءَ نوجوان ڇوڪريءَ تي پئجي رهيون هيون. هوءَ هن جي سيرانديءَ کان اسٽول تي ويٺي هئي. هُن رکي رکي پنهنجا هٿ جڏهن هُن جي ويهاڻي تي ٿي رکيا، تڏهن منهنجي ماٽيلي پيءُ، کليل منهن سان، پنهنجا ڳل هن جي هٿن سان پئي مهٽيا. هوءَ بت ۾ ڀريل جوانڙي هئي ۽ کيس ڪارو ريشمي وڳو پهريل هو ڳوڙها هوريان هوريان ٽمي هن جي بيضوي چهري تي پئي پيا. هن جي ڀنل نيرن نيڻن منهنجي ماٽيليءَ پيءُ جي چهري ڏانهن نهارڻ کان بس نه پئي ڪئي- انهيءَ چهري تان، جنهن تي انتهائي ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ سبب نستائيءَ جي پيلاڻ ڇانيل هئي.

”پادريءَ جو هجڻ ضروري آهي.“ هن هوريان چيو، ”پر هي انڪار ڪري رهيو آهي، ڳالهه سمجهي ئي نٿو.“ ۽ پنهنجا هٿ ويهاڻي تان کڻي پنهنجي ڇاتيءَ تي اهڙي ريت رکيائين، ڄڻ دعا گهرندو هجي.

منهنجو ماٽيلو پيءُ ڪجهه هوش ۾ آيو ۽ منهن ۾ گهنج وجهي ڇت ڏانهن نهارڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڳالهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. هن پنهنجو سڪل هٿ مون ڏانهن وڌايو:

”تون آهين؟ مهرباني. ڏسين ٿو... هاڻي ته... هوش به ڇڏي ويو اٿم...“

ڪمزوريءَ جي ٿڪ سببان اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مان هن جي سرد وڏن نُنهن وارين آڱرين کي هٿ لاتو. ڇوڪريءَ هوريان چيس، ”يوجين، موڪل ڏي ته پادري...“

”توکي ضرور هِن سان واقف ٿيڻ گهرجي.“ هن چيو، ”هيءَ منهنجي پياري...“

هو ماٺ ٿي ويو، هن جو وات کلي ويو، پوءِ اوچتو هن کان ڪانوَ جي آواز جهڙي دانهن نڪتي ۽ بلئنڪيٽ هڪ پاسي هٽي ويس، گاديلي کي کڻي زورائتو مٺ ۾ جهليائين- ۽ هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو. ڇوڪريءَ بي قابو ٿي پاڻ کي کڻي پلنگ تي اڇلايو، ۽ پنهنجو منهن گهنجيل ويهاڻي ۾ هڻي، رڙڻ ۽ روئڻ لڳي.

منهنجي ماٽيلي پيءُ جو دم ائين پل ۾ نڪري ويو ۽ مرڻ کان فوراً پوءِ هن جي چهري تي سڪون ۽ سونهن جي رونق پکڙجي ويئي.

مان ان ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان جهلي، اسپتال کان ٻاهر نڪتس. هوءَ روئي رهي هئي ۽ هن جا پير بيمارن وانگر پئي وچڙيا. هن جي هٿ ۾ جيڪو رومال هو، سو هُن ويڙهي ويڙهي ڳوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو هن گهڙيءَ هن اک تي ۽ گهڙيءَ هُن اک تي پئي رکيو ۽ جيئن پوءِ تيئن اُن کي مٺ ۾ چيڀاٽيندي سوڙهو ڪندي ٿي رهي ۽ وري وري اُن کي ڏسندي ٿي رهي، ڄڻ اُها ئي هن جي آخري ۽ پياري ۾ پياري ملڪيت باقي وڃي رهي هئي.

هوءَ اوچتو بيهي رهي ۽ منهنجي ويجهو ايتري قدر ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن خطري کان بچاءُ ڳوليندي هجي ۽ پنهنجي آواز ۾ اٿاهه ڏک ۽ بيوسي آڻي، چوڻ لڳي، ”۽ هو سياري تائين به زنده رهي نه سگهيو! او خدا، پيارا خدا! ائين آخر به ڇو ٿيڻو هو؟“

پوءِ پنهنجو ڳوڙهن ڀنل هٿ مون ڏانهن وڌائيندي، چوڻ لڳي، ”خدا حافظ. هو تنهنجي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو. سڀاڻي هن جي جنازي جو ڪفن دفن ٿيندو.“

”مان توکي گهر ڇڏي اچان؟“

”نه. رات ناهي.“

مان رستي جي ڪنڊ وٽ بيهي، هن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جا قدم اهڙي ماڻهوءَ وانگر هوريان کڄي رهيا هئا، جنهن جي هن جهان ۾ ڪا به دلچسپي نه هجي.

اُهو آگسٽ جو مهينو هو. وڻن جا پن ڇڻي رهيا هئا.

مان ٻئي ڏينهن جنازي ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس ۽ اُها ڇوڪري وري مون ڪا نه ڏٺي.

باب سترهون

منهنجو ڪم ميلي جي ميدان تي صبح جو ڇهين وڳي کان شروع ٿيندو هو. مان اتي ڪافي دلچسپ ماڻهن سان ڪم ڪندو هوس-سفيد وارن وارو اوسِپ، جيڪو ڊکڻن جو مهندار ۽ ’درويش نڪولس‘ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو. هو هوشيار ڪاريگر ۽ وات جو ٺڪائي هو، ڪٻو ايفوسن جيڪو ڇت جو ڪم ڪندو هو ۽ زاهد پيٽرڪ جيڪو سربندن تي حڪم هلائيندو هو. هو طبيعت جو سنجيده هوندو هو، تنهن ڪري هو به مون کي ڪو درويش لڳندو هو. هرڪو هن کي ’خدا جو ماڻهو‘ سڏيندو هو. پلستر هڻڻ وارو گريگوري شِشلين، جيڪو شڪل جو سهڻو هو ۽ هن جا وار گهنڊيدار هئا، هن جي شڪل مان سدائين چڱمڙسي پيئي بکندي هئي.

مان جڏهن پنهنجي مالڪ، نقشي نويس، وٽ ٻيو ڀيرو ڪم تي اچي بيٺو هوس، تڏهن ئي آءٌ هِنن سڀني سان واقف ٿي ويو هوس. هر آرتوار تي هو کاڌي جي ڪمري ۾ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. مان هنن جي ڏيک ويک، عادتن ۽ گفتگو کان، جنهن ۾ منهنجي لاءِ نئون سواد هو، گهڻو متاثر ٿيو هوس. اهي راٺوڙ ڳوٺاڻا سنوان سڌا ۽ رڄ چڱا مڙس هوندا هئا، ۽ ڪُناوين گهٽيءَ جي چور، پرپٺ غيبت ڪندڙ ۽ شرابي ۽ خسيس دڪاندار کان گهڻو مختلف هوندا هئا.

اُنهن ڏينهن ۾ مان خاص طرح پلستر هڻندڙ ششلين گريگوريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس، ايتري قدر جو سندس شاگرد ٿيڻ جو به ارادو ڪيو هوم. هن پنهنجي سنهري ڀـِرن کي پنهنجي سفيد آڱرين سان کنهندي، نرمائيءَ سان منهنجي خيال کي رد ڪري ڇڏيو هو، ”اڃا نه، ڪم ڏاڍو سخت آهي. ڀل هڪ سال گذري.“ ۽ پنهنجي سهڻي ڪنڌ کي لوڏيندي چيو هئائين، ”ڇا، جنهن ڪم تي هينئر آهين، اُهو توکي پسند ناهي؟ پر، ائين نه سوچيندو ڪر. پنهنجي ڪم سان شوق رک، همت ڪر. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“

مان چئي نٿو سگهان ته هن جي انهيءَ سمجهه ڀريءَ صلاح تي مون ڪيترو عمل ڪيو، پر مان اڄ به ان کي شڪر گذاريءَ سان ياد ڪيان ٿو.

هاڻي به هو سڀ اُنهيءَ ساڳيءَ طرح هر آرتوار تي صبح جي وقت منهنجي مالڪ سان ملڻ لاءِ ايندا هئا. منهنجي مالڪ جي انتظار ۾ هو بورچيخاني جي بينچن تي ويهي هڪ ٻئي سان مزيدار چرچا ڀوڳ ڪندا رهندا هئا. منهنجو مالڪ اچڻ سان وڏي واڪي هنن جو آدرڀاءُ ڪندو هو، ۽ سڀني سان هٿ ملائڻ کان پوءِ ميز جي هڪڙي مٿي کان ويهي رهندو هو. ڪاريگر پنهنجون ڦاٽل چوپڙيون ۽ ياداشت ناما پنهنجن کيسن مان ڪڍي، ميز تي رکندا هئا، ۽ هفتي جو حساب ڪتاب شروع ٿيندو هو.

وڻندڙ کل ڀوڳ واري نموني هنن جي حساب ڪتاب تي جهڳ جهڳ شروع ٿي ويندي هئي، جي ورلي ترشي اختيار ڪندي هئي، نه ته هميشه هنن جي وچ ۾ دوستانا ٽهڪ لڳا پيا هوندا هئا. منهنجو مالڪ ۽ هو هڪ ٻئي جي حساب مان غلطيون ڪڍيو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا.

”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي، جو تو جهڙو چڱو مڙس ۽ ايڏي اٽڪل بازي!“ هڪڙو ڪو کلي، منهنجي مالڪ کي چوندو هو.

مالڪ ڦڪيءَ کل سان وراڻيندو هو، ”اڙي اُلو، تون پنهنجي چالاڪيءَ لاءِ ڇا ٿو چوين؟ سمجهئي ڦَٻي وينديئه!“

”ٻيو اسان ۾ رهيو به ڇا آهي؟“ ايفوسن ڪنڌ ڌوڏيندي، ڳالهه کي لئي وٺائي.

’خدا جي ماڻهوءَ پيٽرڪ کان به رهيو نه ٿيو-”ماڻهو ٻيو ڪري به ڇا؟ جيڪي ٿو ڪمائي، سو آهي خدا ۽ زار جي حوالي، پيٽ پالڻ لاءِ به ڪي ته گهرجي!“

”اِنهيءَ ڪري ته مون وٽ اوهان جي ڏاڙهين ڪوڙڻ جيترا ڏوڪڙ به ڪين رهيا آهن!“ مالڪ ٽهڪ ڏيئي چيو.

”ڏاڙهين ڪوڙڻ لاءِ يا اسان جي کل لاهڻ لاءِ!“

گريگوري پنهنجي اڏامندڙ ڏاڙهي کي هٿ وجهي، سيني تي بيهاري، وعظ واري نموني چيو، ”منهنجا ڀائرو، منهنجو خيال آهي ته اسان کي پنهنجو ڪم ٻين کي ٺڳڻ کان سواءِ ڪرڻ گهرجي. اسان کي هن جهان ۾ سچائي ۽ ايمانداريءَ سان رهڻ گهرجي. ڇا، اوهان پوءِ اندازو ڪري سگهو ٿا ته اسين ڪيتري نه سک ۽ مزي سان رهنداسين! يارو، دوستو، توهان جو ڇا خيال آهي؟“

اُنهيءَ وقت هن جي اکين ۾ وڌيڪ چمڪ پيدا ٿي ويئي، ۽ هو وڌيڪ پرڪشش نظر اچڻ لڳو. هن جي گذارش ٻين ڪاريگرن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ هو وڏي مشڪل سان پنهنجون اکيون هن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري سگهيا.

”ڳوٺاڻا هونئن به گهڻي ٺڳي نه ڪندا آهن.“ درويش صورت اوسپ ٿڌو شوڪارو ڀري چيو، ڄڻ انهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندو هجي.

پيٽرڪ، سانوري سربند، ميز تي جهڪي، ٿلهي آواز ۾ چيو، ”گناه ڌٻڻ مثل آهي، جيئن ڪو اڳتي ويو تيئن هو وڌيڪ ڦاٿو.“

مالڪ جوابي لهجي ۾ چيو، ”برابر، ائين آهي! پر ڌٻڻ ۾ ڌڪجي ڪو اچي ته اچي، نه ته پاڻمرادو ته ڪو اُن جي ويجهو به ڪونه ويندو.“

اِئين پنهنجي فلسفي جي گفتن کي پورو ڪري، هو وري ليکي جي جهڳ جهڳ کي لڳي ويندا هئا. نيٺ جڏهن اهو رڳڙو پورو ٿيندو هون، ۽ حساب ڪتاب صفا ڪري لاهيندا هئا، ته ميڙ ڪري، مالڪ کي پنهنجو مهمان بنائي، چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ هليا ويندا هئا.

منهنجي سپرد اهو ڪم هو ته اُنهن ڪاريگرن تي نظر داري رکان، جيئن هو ڪاٺ، سرون يا ڪوڪا وغيره چورائي کڻي نه وڃن. منهنجي مالڪ وٽ ڪم ڪرڻ کان سواءِ هو ٻين ٺيڪيدارن وٽ به ننڍو ننڍو ڪم ڪندا هئا، جتي اهو سامان ڪتب آڻي سگهيا ٿي، ۽ اِنهيءَ طرح منجهانئن ڪي ڪي ته منهنجن اکين جي اڳيان سامان تڳايو ويندا هئا.

هنن منهنجو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو. گريگوريءَ اڳين واقفيت ياد ڏياريندي چيو، ”اڙي، تون ته مون کي ايلاز ڪندو هئين ته مون کي پنهنجو شاگرد ڪر؟ ۽ هاڻي تون اسان جي مٿان اوورسيئر مقرر ٿيو آهين!“

اوسپ چرچو ڪندي چيو، ”تون پيو پاڻيءَ جو وهڪرو ڏسج، خدا پاڻهي پيو ٻيڙي هلائيندو.“

پر پيٽرڪ ڪجهه تِک مان چيو ”پوڙهن ڪوئن کي پڪڙڻ لاءِ پونگڙو موڪليو اٿن.“

منهنجو ڪم مون کي عذاب وانگر لڳندو هو. مان هنن ماڻهن جي اڳيان منجهي پوندو هوس. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پنهنجي ڪم جا ڪاريگر هوندا هئا. ۽ مان انهن جي مٿان ائين چوڪيداري ڪري رهيو هوس ڄڻ ته هو چور ۽ ٺڳ هئا! پهرين مون کي اُهو ڪم اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو اوسپ، جنهن منهنجي دل جي ڳالهه کي تاڙي ورتو هو، مون کي ٻانهن کان هڪ پاسي وٺي چوڻ لڳو، ”ڪجهه سمجهه ڌار، جيڪڏهن اِهي افعال اٿئي ته ڪنهن جاءِ جو نه رهندين، سمجهين ٿو؟“

حقيقت ۾ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. پر اها ڳالهه محسوس ڪندي ته هن کي منهنجي نازڪ جوابداريءَ جو پتو هو، اسان پاڻ ۾ کلي دل سان ڳالهايو.

”ڌيان ۾ رکجانءِ، جنهن ماڻهوءَ تي توکي اول اول اک رکڻي پوندي، اُهو اهو ’خدا جو ماڻهو‘ سربند پيٽرڪ آهي. هن کي اهڙيءَ هٿ چراند جي عادت به آهي. ڪابه شيءِ هٿ لڳيس ته نه ڇڏيندو. چاهي اها ڪيتري ئي خسيس هجي، مثلاً ڪوڪن جو اڌ سير، سرن جو ڊزن کن، چُن جي ڇٻي اڌ. هو آهي ته معقول ماڻهو، پڙهيل ۽ نيڪ خيالن وارو، ته به هن ۾ ٻين جي ڀلي خاطر، يعني پنهنجي ڪهول ڪارڻ، اها هڪ ڪمزوري آهي. ۽ انفوسن عورتن جهڙو آهي، مرنجان مرنج، توکي ان جو اونو نه ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ڪُٻ نڪتل سڀ ماٺيڻا چالاڪ ٿيندا اٿئي. ۽ هيءُ عورتن پٺيان ته بنهه خوار اٿيئي. هوڏانهن گريگوري ششلين آهي، هن جي خاصيت هيءَ آهي ته هو ٿلهي مغز جو آهي، پاڻ کي ئي مس ٿو سنڀالي سگهي، ڪوبه هن کي ٺڳي سگهي ٿو. گهڻو ڪو حرص هوس به ڪونهيس، ته به اِها ٿوري هٿڙيءَ جي عادت الائي ڇو پئجي ويئي اٿس!“

”ڇا، اِهو چڱو ماڻهو آهي؟“

اوسپ مون ڏانهن اِئين گهوريو ڄڻ پري کان نهاريندو هجي، ۽ پنهنجو رايو پيش ڪيائين، جيڪو اڃا تائين منهنجي دل ۾ سوگهو آهي-”هو چڱو آهي، اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي. سست ماڻهوءَ لاءِ چڱي ٿيڻ کان وڌيڪ ٻيو سولو ڪم ڪونهي. چڱي هجڻ لاءِ دماغ جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي آهي.“

”پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“ مون پڇيس.

اوسپ کلندي چيو، ”مان؟ مان ان جو جواب ڪنواريءَ ڇوڪريءَ وانگر ڏيندس. صبر ڪر ته مان ڏاڏي ٿيان، پوءِ توکي پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندس. تيستائين پنهنجي دماغ کان ڪم وٺ ۽ مون کي ڳولي لهه، اهو تنهنجو ڪم آهي.“

ائين هُن بابت ۽ ٻين ڪاريگرن بابت جيڪي منهنجي دل ۾ خيال هئا، سي هُن ڊاهي آڻي هيٺ پٽ تي سٽيا. هن جي ڳالهه تي شڪ ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ايفوسن، پيٽرڪ ۽ گريگوري به اُن ٻڍي کي سمجهو ۽ زماني جو پختو ماڻهو سمجهندا هئا. هو هن وٽ، سعيو ڪري، صلاح ڏيڻ ايندا هئا ۽ هن کي وڏي عزت ڏيندا هئا-”مهرباني ڪري اسان کي هي ته ٻڌاءِ.“ انهن لفظن سان پنهنجي ڳالهه شروع ڪندا هئا، ۽ ڏاڍي ڌيان سان هن جو هر گفتگو ٻڌندا هئا.

اِنهيءَ هوندي به هن کي ويندو ڏسي، هڪ ڀيري پيٽرڪ گريگوريءَ کي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو-”ڪافر!“ ۽ گريگوري ٽهڪ ڏيئي چيو، ”مسخرو.“

گريگوريءَ مون کي دوستانو چتاءُ ڏنو هو-”جڏهن اِنهي ٻڍي سان هجين، ته پنهنجو خيال رکجانءِ. توکي پتو ئي نه پوندو، جو توکي هو پنهنجي آڱرين تي نچائڻ شروع ڪري ڏيندو. خدا توکي هن جي نقصان کان پناه ڏئي.“

”ڪهڙو نقصان؟“

سهڻي پلسٽر واري اکيون ڇنڀيندي چيو، ”مون کي پتو ئي نٿو پوي ته توکي ڪيئن ٻڌايان.“

هاڻي مان انهن سڀني بابت وڏي مشڪل ۾ پئجي ويس. ٻاهرئين ڏيک ويک مان سربند پيٽرڪ سڀني کان وڌيڪ نيڪ ۽ ايماندار ٿي لڳو. هن جون ڳالهيون مختصر ۽ سمجهه ڀريون هونديون هيون. هن جي دل هميشه خدا، موت ۽ مرڻ کان پوءِ زندگيءَ جي خيال ۾ لڳل هوندي هئي-”اڙي منهنجا ٻچڙو، ڀائرو، اهڙا بي خيالا نه ٿيو! اوهان اها ڳالهه ڪيئن وساريو ته توهان جو حشر ڪهڙو ٿيڻو آهي؟ هر ڪنهن کي اڳي پوءِ قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي.“

هن کي پيٽ جي تڪليف هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو کائڻ صفا بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ جي ڀل کان هڪڙو گرهه به وڌيڪ کائي ويهندو هو ته هن کي اهڙو سور جو دورو پوندو هو، جو حشر مچي ويندو هو. ڇت جو ڪم ڪندڙ ڪٻڙو ايفوسن جيتوڻيڪ پورالو هو، ته به بلڪل ايماندار لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي اهڙيون حماقتون ڪندو هو، جو هن جي پاڳل هجڻ جو شڪ پيدا ٿيندو هو. هو هميشه عورتن جي عشق ۾ گرفتار رهندو هو ۽ هر عورت جي تعريف ۾ ساڳيو جملو ڪتب آڻيندو هو-”مان پٽ توکي سچ ٿو چوان، هوءَ عورت ته ناهي مَکڻَ آهي!!“

جڏهن ڪانوين محلي جون موهيندڙ عورتون فرش ڌوئڻ لاءِ اينديون هيون، ته ايفوسن ميان، ڪٻ کي لوڏا ڏيندو، ڇت تان هيٺ لهي ايندو هو ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهي خوشيءَ مان پيو ڦوڪارا هڻندو هو. هن جون وڏيون ڀوريون اکيون پيون ڦڙڪنديون هيون ۽ واڇون کلي وڃي ڪنن سان لڳنديون هيس ۽ چپن ۾ چوڻ لڳندو هو، ”خدا پنهنجي مهر ڪري ڪهڙي نه بلبل موڪلي آهي! اڄ ته منهنجو نصيب ڦاٽي پيو آهي! هن ڏانهن ته نهار-جهڙو مکڻ، جهڙي ماکي! مان پنهنجي ههڙي خوش نصيبيءَ تي شڪرانو نه ڪريان ته ڇا ڪريان! ههڙو حسن مون کي جوان ٿو بنائي ڇڏي، باهه ٿو لڳائي ڇڏي!“

شروعات ۾ عورتون هن تي کلڻ لڳنديون هيون-”اڙي ٻڌ ته ڪٻڙو ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪري! شل خدا مٿس رحم ڪري!“

هو هنن جي کل کي اڻ ڏٺو اڻ ٻڌو ڪري، هنن ڏانهن پيار ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳندو هو. هوريان هوريان هن جون هڏائون منهن ننڊاکڙو ٿي ويندو هو ۽ هن جي وات مان گلن جهڙا مٺا لفظ بهيرون ڪري نڪرڻ لڳندا هئا، جي عورتن کي نشو ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪڙيءَ وڏيءَ عورت پنهنجي ساٿياڻيءَ کي چيو، ”هن ماڻهوءَ جون ڳالهيون ته ٻڌو! هرو ڀرو شڪل جو خراب نه ناهي!“

”هن جو آواز پکين جي گيتن جهڙو آهي.“

منجهانئن هڪڙي مغرور عورت چيو، ”تنهنجو مطلب آهي ته ڪو فقير چرچ جي دروازي وٽ سئن هڻي رهيو آهي.“

پر ايفوسن فقيرن کان گهڻو مٿي هو. هن جا پير اونهين پاڙن وانگر مضبوط هئا. هن جي آواز ۾ رس هو، هن جي لفظن ۾ جادو هو، جو عورتن کي لولي ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ هو ماٺ ۾ اچي وينديون هيون. سچ پچ ته ائين لڳندو هو، ڄڻ هن جي هستي هن جي مٺڙي طلسمي آواز سان گڏ نديءَ جي وهڪ وانگر هنن ڏانهن وهندي ويندي هئي.

آخرڪار پنهنجي موڪري مٿي کي ائين لوڏي، ڄڻ ڪنهن حادثي هن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هجي، پنهنجي ڪاريگر ساٿين کي، کاڌي جي ميز تي يا ڪنهن سومر جي ڏينهن صبح جو ڪم تي چڙهڻ کان اڳ ٻڌائيندو هو.... ”هوءَ ننڍڙي جوانڙي واهه جي مٺي هئي، واهه جي ماکي هئي! ههڙي مکڻ سان ملاقات! سچ پچ ته بهشت هو بهشت!“

پنهنجي اهڙيءَ فتح جي بيان ڪرڻ ويل ايفوسن ٻين عشقبازن وانگر نه ته پنهنجي اٽڪل بازيءَ جي ٻٽاڪ هڻندو هو، نه ئي عورت کي پنهنجو شڪار سمجهي ڦونڊ ۾ ڀربو هو. هن جي کليل ۽ عجب ڀريل اکين مان رڳو خوشيءَ ۽ شڪر گذاريءَ جو اظهار ٿيندو هو.

اوسپ، نفرت مان ڪنڌ ڌوڻي، چوندو هوس، ”تون ته ويلُ آهين. تنهنجي ڪيتري عمر ٿيندي؟،

”چوئيتاليهه، پر اُن سان ڇا ٿيندو آهي! اڄ مان پنج سال وڌيڪ جوان ٿي ويو آهيان. ائين پيو سمجهان ڄڻ آب حيات ۾ ٽٻي هنئي اٿم. منهنجي دل خوش آهي ۽ رڳ رڳ ۾ تازگي پيو محسوس ڪيان. ڪن ڪن عورتن ۾ اهڙو اثر ٿيندو آهي.“

خار ۾ ڀرجي پيٽرڪ هن کي وعظ ڪرڻ لڳندو هو، ”پنهنجا پير سنڀال، پنجاهه کي پهتين، ته انهن خراب ڪمن جو پاڻيهي نتيجو ڏسندين.“

هوڏانهن ڀيري ڀيري سان گريگوري ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو، ”ايفوسن، تون ڏاڍو بيشرم آهين!“ ۽ مان اها ڳالهه محسوس ڪندو هوس ته اُهو سهڻو جوان، هُن ڪٻڙي تي رشڪ ڪندو هو.

پوڙهو اوسپ پنهنجي چانديءَ جهڙن ڀرن مان هن کي سڌو گهوري، ٽهڪ ڏيئي چوندو هو، ”هر ڪا ڇوڪري دام ۾ ڦاسي ٿي پوي. ڪنهن کي لذيذ کاڌو کپي، ڪنهن کي لٽو ۽ زيور کپن، پر اِهي تنهنجون سڀ ماکيون ۽ مٺايون ڪڏهن ته نانيون به ٿينديون!“

گريگوريءَ کي زال هئي، پر اها ڳوٺ ۾ رهندي هئي. هيءُ جوان به ٻهاري وارين اُنهن عورتن ۾ اکيون وجهيو هلندو هو. ۽، اُنهن مان ڪنهن کي به پنهنجي ڪمائيءَ ۾ اضافي ڪرڻ خاطر ڪنهن سان رستي رکڻ ۾ ڪو عار ڪونه ٿيندو هو. هو ائين سمجهنديون هيون ته ههڙن غريباڻن حالن ۾ اُهو به سندن هڪ روزگار هو. پر سهڻو پلستر وارو پاڻ کي هنن جي ديدار بازيءَ سان ئي خوش رکيو ايندو هو. هن جي گهور ۾ پاڻ رحم هوندو هو، ڄڻ ته هن کي پاڻ تي يا هنن تي ڏک ٿيندو هجي. جڏهن اُهي وک وڌائي پاڻ هن سان اشاري بازي ڪنديون هيون، ته هو لڄ ڀريو ٽهڪ ڏيئي، اتان هليو ويندو هو-”آهه، اوهين نياڻيون-“

”اڙي اناڙي، توکي ڪهڙي ڳالهه ٿي روڪي؟“ ايفوسن وائڙو ٿي هن کان پڇندو هو.

”مون کي زال آهي.“ گريگوريءَ هن کي ياد ڏياريو.

”پوءِ ڇا ٿيو؟ هن کي پتو ٿورو ئي ڪو پوندو!“

”جيڪڏهن مان بيوفا ٿيندس، ته هن کي پتو اوس پئجي ويندو. هن کان ڪا ڳالهه لڪي نه رهندي.“

”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“

”مان اهو ته چئي نٿو سگهان ته ڪيئن، پر جيستائين هوءَ پاڪدامن آهن، تيستائين هن کي منهنجي بيوفائيءَ جو پتو پئجي ويندو، ۽ جيستائين مان پاڪدامن آهيان، تيستائين هن جي بيوفائيءَ جو مون کي پتو پئجي ويندو.“

”پر، اُهو به ڪيئن؟“ ايفوسن ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.

”مان چئي نٿو سگهان.“ گريگوريءَ ورائي چيو.

ڇت جوڙيندڙ ايفوسن، ڪاوڙ ۾ مڪ الاريندي، چيس، ”پاڪدامن هئڻ ڪري ٻئي ڪنهن جو ڇا پتو هوندو؟ پنهنجو منطق ته ڏس! تنهنجو مغز پورو ته ناهي!“

ششلين گريگوريءَ جي ٽولي ۾ ست ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، جن هن کي پنهنجو جمعدار نه پر پاڻ جهڙو ۽ پاڻ منجهان ڪري سمجهندا هئا، ۽ هن جي پرپٺ هن کي ”پاڏو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. جڏهن هو ڏسندو هو ته هن جا ڪاريگر سست ٿيا ويٺا آهن، ته پاڻ ڪم ۾ جنبي ويندو هو، ۽ ٿورو سهڻو ڪم ڪري، هنن کي وڻندڙ نموني چوندو هو، ”شاباس جوانو! ڪم ڪي هلائيندا هلو.“

هڪڙي ڀيري مالڪ جو ڪاوڙ ڀريل پيغام هن کي پهچائيندي، مون چيو، ”ڪهڙا نه ڪم جا ٽوٽي آهن، اِهي تنهنجا ڪاريگر!“

”سچ پچ!“ هن ظاهري عجب کائيندي چيو.

”جيڪو ڪم هو هاڻي پيا ڪن، اُهو هنن کي ڪالهه پورو ڪرڻ کپندو هو، پر اِهو ڪم ته اڄ به پورو ٿي نه سگهندو!“



”بلڪل ٺيڪ ٿو چوين.“ هن قبول ڪندي چيو، ”اڄ به پورو ڪري نه سگهندا.“

هو گهڙيءَ تائين ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”مان ڄاڻان ٿو ته انهن کي لت هڻي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، پر ڇا ڪيان؟ پنهنجا آهن، منهنجي ڳوٺ جا آهن. انهيءَ کان سواءِ خدا اسان کي سزا ڏيئي هن دنيا ۾ موڪليو آهي ته اسان کي پنهنجي پگهر جو پورهيو کائڻ گهرجي، ۽ اها ڳالهه توسان ۽ مون سان به لاڳو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته تون ۽ مان هنن کان گهٽ پورهيو ٿا ڪريون. انهيءَ ڪري هنن کي ڪڍندي لڄ ٿي اچيم.“

هو ڏاڍو سوچيندو هو، ننڊ ۾ گهمندڙ ماڻهوءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن هيلو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ميلي جي سڃين گهٽين مان چڪر هڻندو، ڪنهن واهه جي پل جي مٿان ڪٽهڙي وٽ بيهي رهندو هو، ۽ ڪڏهن هيٺان وهندڙ پاڻيءَ ۾، ڪڏهن مٿي اڏامندڙ ڪڪرن ڏانهن ۽ ڪڏهن اوڪا نديءَ جي وهڪري کي ڏور تڪيندو رهندو هو. جيڪڏهن ڪو هن وٽ پهچي هن کان پڇندو هو- ”هت ڇا پيو ڪرين؟“ ته هو ڇرڪ کائي، جواب ڏيندو هو، ”ڇا؟“ ۽ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ. منجهيل نموني مرڪي، چوندو هو، ”ڪجهه نه، پاڻيءَ ڏانهن پيو نهاريان.“

هو گهڻو ڪري چوندو هو، ”ڌڻيءَ پنهنجيءَ دنيا کي اهڙيءَ ريت بنايو آهي جيئن اها هئڻ گهرجي. هو آسمان، جنهن تي سج، چنڊ ۽ تارا پيا چمڪن، ۽ هيءَ زمين، جنهن تي نديون پيون وهن. اُنهن تي وري ٻيڙيون ۽ جهاز پيا هلن. ڪنهن به ٻيڙيءَ تي چڙهي جيڏانهن دل چوي، اوڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ريازان، رائبنسڪ، پرم، استراخان. هڪڙي ڀيري سير ڪرڻ لاءِ ريازان ويو هوس، خراب ناهي، پر اسان جي نجنيءَ جهڙي چهل پهل ان ۾ ڪانهي. ۽ استرا خان ته پاڻ وڌيڪ بي رونق آهي. سڄو ’ڪالمڪن‘ سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪالمڪ مون کي وڻندا ناهن. مون کي اهي سڀ ڌاريا ماڻهو-اِهي مارڊون، ڪالمڪ، ايراني ۽ جرمن ڏٺا ڪين وڻن.“

هن جي گفتگو هميشه هوريان هوندي هئي، ۽ ائين لڳندو هو، ڄڻ هن جا لفظ ڪنهن همدردانه تائيد جي تلاش ۾ هوندا هئا، ۽ هميشه اُها تائيد هن کي سربند پيٽرڪ وٽان حاصل ٿيندي هئي.

”اِنهن ماڻهن ڪٿي به رهائش اختيار نه ڪئي آهي، ڄڻ ته رول آهن.“ پيٽرڪ اهڙيءَ سختيءَ سان چيو ڄڻ ته انهن تي ڪنهن سزا جي فتوا ڪڍندو هجي. ”حضرت عيسيٰ جي آمد کان اول هت آيا هئا، ۽ هن جي ٻيهر ظهور کان اول هتان هليا ويندا.“

گريگوريءَ جي منهن ۾ رونق اچي ويئي، ۽ هن جي آواز ۾ جوش پيدا ٿي ويو-”چئبو، اها ڳالهه آهي! ائين آهي نه؟ انهيءَ ڪري ئي مون کي روسي قوم سان الفت آهي. هو خالص روسي آهن ۽ انهن سان ٻي ڪنهن قوم جو ميل ڪونهي. مون کي يهودي به پسند ڪين آهن. مون کي دل ۾ کٽڪو جاڳندو آهي ته اِهي ڪتاب وارا ڪيئن ٿيا، پر مان سمجهان ٿو ته انهيءَ ۾ به قدرت جو راز هوندو.“

مبهم لفظن ۾ سربند سُر وٺايس، ”هائو، انهيءَ ۾ راز آهي-پر ڪيتريون ڳالهيون آهن، جي بي تڪيون به لڳن ٿيون.“

اوسپ وچ ۾ دخل ڏيندي، ست سُري ٻڌاين-”هائو، گهڻيون ئي ڳالهيون بي تـُڪيون آهن. مثلاً اِهي توهان جون ڳالهيون. اڙي واتوڙي، رڳو پيا ڄاڙيون هڻو، اوهان جون ته چهبڪن سان چمڙيون لاهجن.“

اوسپ گهڻو ڪري، ماٺ ڪيو پيو هنن جون ۽ ٻين جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هو. هن جي لاءِ اها اول اڳڪٿي ڪرڻ ته ڳالهه جو ساٿ ڏيندو يا مخالفت ڪندو ناممڪن هو. ڪڏهن ڪڏهن هو هنن جي خيالن جو ساٿ ڏيندو هو، ته به اها ڳالهه ظاهر هئي ته جيڪڏهن هو هنن کي بيوقوف نه، ته به ڇسو ضرور سمجهندو هو. پيٽرڪ، گريگوريءَ ۽ ايفوسن کي ڪڏهن ڪڏهن رڙ ڪڍي چوندو هو، ”اڙي، سوئر جا ٻچو! پنهنجي بڪ بڪ بند ڪريو!“ انهيءَ تي هو کلي ڏيندا هئا، ڦڪائيءَ کان ئي سهي پر کلندا ضرور هئا.

منهنجو مالڪ جيڪي پنج ڪوپيڪ روزانو کاڌي لاءِ مون کي ڏيندو هو. سي منهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي نه هوندا هئا. تنهن ڪري آءٌ اڌ بکيو هلندو وتندو هوس. اهو حال ڏسي ڪاريگر مون کي پاڻ سان گڏ کاڌو کارائيندا هئا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن چانهه پيئڻ لاءِ به پاڻ سان گڏ هوٽل تي وٺي ويندا هئا. مان سواءِ ڪنهن هٻڪ جي انهن جي آڇ قبول ڪندو هوس. مون کي هنن سان گڏ ويهڻ، هنن جي اوڀارين لهوارين ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ڪهاڻين ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. جواب ۾ مان هنن کي مذهبي ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هوس، جي هنن کي پسند ايندا هئا.

”تو ڪتابن سان پاڻ کي ڀري ڇڏيو آهي، هاڻي تنهنجي گُجي انهن سان ڦاٽڻ تي اچي پهتي آهي.“ اوسپ پنهنجون نيريون اکيون، جن جو خيال پروڙڻ ڏکيو هو، مون ۾ کپائيندي، چيو، هن جي اکين جون ماڻڪيون ڄڻ سفيديءَ ۾ گم ٿينديون پئي ويون-”بهتر آهي ته ٿورو ٿورو ڪري پڙهه. جڏهن وڏو ٿين، تڏهن راهب ٿجانءِ. ۽ پنهنجي دعائن سان ماڻهن جا دک دور ڪجانءِ ۽ مالدار ٿجانءِ.“

”مالدار نه خدمتگار.“ پيٽرڪ هن کي درست ڪندي، اهڙي لهجي ۾ چيو، جنهن ۾ ڪاوڙ سمايل هئي.

”ڇا؟“ اوسپ سوال ڪيو.

”مون چيو، تنهنجو مطلب ’خدمتگار‘ آهي نه! آخر تون ٻڌين ڇو نه ٿو، ٻوڙو ٿي ويو آهين ڇا؟“

”چڱو خدمتگار ئي سهي. پوءِ ڪافرن کي ڪوڙو ثابت ڪجانءِ. يا خود پاڻ ئي انهن سان ملي وڃجانءِ-اُهي به ڪو گهٽ ڪونه ٿا ڏين. جيڪڏهن سمجهه کان ڪم وٺندين ته ڪفر مان به پيو ڪمائيندين.“

گريگوري کلڻ لڳو، ۽ پيٽرڪ پنهنجي ڌاڙهيءَ کي کنهي چوڻ لڳو، ”ڏائڻيون ۽ ڀوپا به پنهنجو وقت مزي سان پيا ڪاٽين، ۽ خدا کان ڦريل ماڻهو به.“

اوسپ چوڻ لڳو، ”ڏائڻيون ۽ ڀوپا پڙهيل نه هوندا آهن، هنن کي ڪتابن جي تعليم جو ضرور ئي نه هوندو آهي.“

۽ هو مون کي چوڻ لڳو، ”هيءَ ڳالهه خيال سان ٻڌجانءِ ۽ ان تي ويچار ڪجانءِ. هڪڙو هاري، جنهن جو نالو تشنيڪوف هو، سو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. غريب هو پر ڪنهن نه ڪم جو. کنڀ وانگر هوندو هو-جيڏانهن جي هوا لڳي اوڏانهن هليو ويندو هو. ڪم ڪار کان پري ڀڄندو هو، پر لـُفنگو به نه هو. هڪڙي ڏينهن بيڪار کان بيگار ڀلي، سو زيارتن تي هليو ويو. ٻن سالن تائيم گم هو. ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اچي نڪتو. هاڻي هن جو حـُليو ئي ٻيو هو. وار ڪلهن تائين لڙڪيل، مٿي تي ڏاس جي ٽوپي، ڀوري رنگ جي چمڙي جي کل ڪلهي تي، ڪاري ۽ ڊگهي لٺ هٿ ۾، اسان سڀني ڏانهن حقارت سان نهاري وٺي رنڀ ڪيائين-’اڙي نابڪارو، توبهه ڪريو!‘ ماڻهن کي ڀلا توبهه کان ڪير ٿو روڪي سگهي؟ خاص ڪري عورتن کي؟ هن جو ڌنڌو کلي پيو. هن کي کاڌو ملڻ لڳو. هن کي شراب ملڻ لڳو. هن کي دلپسند عورتون ملڻ لڳيون.....“

ڪاوڙ ۾ سربند هن جي ڳالهه کي اڌ ۾ وڍندي چيو، ”اسان جو هن جي کائڻ پيئڻ جي ڳالهين سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

”نه ته ٻيو ڇا سان آهي؟“

”اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته هو ڇا ٿو چوي.“

”هو ڇا ٿو چوي؟ انهيءَ تي ڪير ٿو پنهنجو مٿو کپائي! چوڻ ڪاڻ ته هر ڪنهن وٽ پنهنجو ئي گهڻو آهي.“

”اسان کي تنهنجي تشيڪ بابت جيڪي ٻڌڻو هو، سو ٻڌوسين.“ پيٽرڪ گجگوڙ ڪندي چيو. پر گريگوري ماٺ ڪيو ويٺو هو ۽ ڪنڌ جهڪايو پئي گلاس ڏانهن ڏٺائين“

”بحث جي ڪابه ڳالهه ڪانهي.“ اوسپ صفائي پيش ڪندي چيو، ”مون ته الڪسيءَ کي ٻڌائڻ پئي گهريو ته ماڻهو ڳڀي ٽڪر لاءِ ڪهڙا رستا پيا اختيار ڪن-“

”ڪي رستا ته سڌو جيل ڏانهن وٺيو ٿا وڃن.“

”ڪيترائي.“ اوسپ قبول ڪندي چيو، پر ڪي ٿورا آهن، جي ماڻهوءَ کي ديول ڏانهن ۽ خانقاهه ڏانهن به وٺي ٿا وڃن. جنهن کي جتي ڳڀي جي ڳولا نـِئي!“

هن کي پلستر واري ۽ سربند جهڙن مومنن متقين تي مذاق ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. ٿي سگهي ٿو ته هو انهن کي پسند نه ڪندو هجي، پر هن جي اهڙي روش هوندي هئي، جو اهڙيءَ ڪنهن ڳالهه کي لڪائي ڇڏيندو هو. عام طرح ماڻهن سان هن جي هلت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

هو ايفوسن سان ٻين جي ڀيٽ ۾ نهايت مهربانيءَ ۽ قرب سان پيش ايندو هو. ڇت بند ايفوسن ڪڏهن به خدا، انسان جي مصيبتن ۽ مصيبتن عقيدن جي بحثن ۾ حصو نه وٺندو هو، جيڪي هن جي ساٿين جا دلپسند موضوع هوندا هئا. ميز جي ڀرسان پاسيري ڪرسي وجهي، جيئن هن جي ڪٻ ڪرسيءَ جي پٺيءَ سان نه لڳي، هو ماٺ ڪيو ويٺو پنهنجو چانهه جو ڪوپ پيئندو هو. اوچتو ئي اوچتو هو کڙو ٿي، تماڪ جي دونهين جي ڪڪرن مان پري نهاري، آسپاس جو گوڙ مان ڪو خاص آواز ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳندو هو، ۽ پوءِ جهٽ پٽ اٿي، اک ڇنڀ ۾ هوا ٿي ويندو هو. اُنهيءَ جو اِهو مطلب هوندو هو ته هن جو ڪو لهڻيدار اچي ويو هو. هن جا لهڻيدار جهجها هئا. ڪن لهڻيدارن کي هٿ اچي ويندو هو ته مار به ڪڍندا هئس. تنهن ڪري هنن کي اهڙي موقعي ڏيڻ کان اول ئي هو ٽرڪي ويندو هو.

”آپي کان ٻاهر ٿا نڪري وڃن،“ هو عجب جو اظهار ڪندي چوندو هو، ”اهو ته سمجهن ته جي مون وٽ پئسا هجن ها، ته ڪڏهوڻڪو وٽن پهچي ڪين وڃن ها!“

”واهه ڙي ايماندار، واه!“ اوسپ هن جي پٺيان چوندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ايفوسن پنهنجي خيالن ۾ اهڙو گم ٿي ويندو هو، جو هن کي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي ۽ نه ڪجهه ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اهڙن وقتن تي هڪ قسم جي مٺڙي رونق، جيڪا هن جي وڻندڙ اکين کي وڌيڪ وڻندڙ بنائي ڇڏيندي هئي، هن جي منهن تي پکڙجي ويندي هئي.

”ڇا پيو سوچين؟“ هن کان پڇندا هئا.

”مون سوچيو پئي ته، خدا جو قسم، جي مان شاهوڪار هجان ها، ته ڪڏهن وڏ گهراڻيءَ ڇوڪريءَ سان، بلڪه سچ پچ اُن ڪرنيل جي ڌيءُ سان شادي ڪيان ها. ڌڻي ٿو ڄاڻي ته ان سان ڪيڏو نه پيار ڪيان ها! ڀائرو، ڳالهه هينئن آهي ته هڪڙي ڀيري هڪڙي ڪرنيل جي جاءِ جي ڇت پئي وڌيم-“

”هائو، اسين ان جي رنڙ ڌيءُ بابت سڀ ڪجهه ٻڌي چڪا آهيون.“ پيٽرڪ وچ ۾ روڪ ڪندي چيس.

پر ايفوسن، پنهنجي گوڏي تي هٿ رکي، پاڻ کي زوم مان لوڏيندي، اصل ائين جو هن جي ڪُٻ هوا ۾ ڦيراٽيون پئي ڏنيون، چوندو هو، ”هوءَ ڪهڙي نه شاندار هئي! مون هن کي ڇت تان ڏٺو ۽ ائين سمجهيم ڄڻ سج لڳي ويم. اُهي سفيد ڪرڻا ڪٿان اچي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪي سفيد ڳيرا زمين کان مٿي پرواز ڪري رهيا هئا! بس مکڻ هئي، اصل ماکي! اهڙين عورتن سان گهارڻ لاءِ ڏينهن بدران ڪي راتيون ۽ راتيون ئي هجن!“

”پوءِ توهان جو پيٽ گذر ڪيئن ٿئي ها؟“ پيٽرڪ شوخيءَ سان چيس.

پر، ايفوسن، سواءِ ڪنهن غصي جي، چيس، ”اسان کي گهڻي جو ضرور ڪونه هو. انهيءَ کان سواءِ هوءَ مالدار جا هئي؟“

”اڙي بدمعاش، تنهنجي هيءَ ٺينگ مستي ڪڏهن توکي ڏاڍي مهانگي پوندي.“ اوسپ کلي چيس.

ايفوسن عورتن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر نه ڪندو هو. هو محنتي ڪاريگر به نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو ڪم تمام ٺاهوڪي نموني پورو ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو هو، ڄڻ اُهو ساڳيو ايفوسن ئي نه هو، مالهي گهمائڻ مهل بي خيالي ۽ ۽ بي پرواهي ڪندو هو، جنهن ڪري پلستر ۾ خال رهجي ويندا هئا. هن جي بت مان سدائين چيروليءَ جي بوءِ نه، ته به ڪنهن تازي چيريل ديال جي ڪاٺ جي ٻُوري جهڙي ڪجهه ڪجهه وڻندڙ خوشبوءِ پيئي ايندي هئي.

اوسپ ڊکڻ سان هر ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري سگهبو هو. پر هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪو تيک ڪونه هوندو هو، ۽ اُن مان اِهو به پتو پئجي نه سگهندو هو ته هو چرچو ڪري رهيو هو يا سنجيدو ٿي ڳالهائي رهيو هو.

گريگوريءَ جو پسنديده موضوع خدا هوندو هو، جنهن بابت هو وڏي يقين سان ڳالهائيندو هو.

”توکي پتو آهي ته ڪي ماڻهو خدا کي نه مڃيندا آهن؟“ مون پڇيس.

”ڇا ٿو چوين؟“ هن نرميءَ سان کلندي چيو.

”هنن جو خدا جي هستيءَ ۾ اعتبار ڪونهي.“

”اها ڳالهه آهي، مون کي اُنهن جو پتو آهي.“ ۽ ڄڻ ڪن غائب جيتن کي هڪليندي، چوڻ لڳو، ”ياد اٿئي ته حضرت دائود گهڻو وقت اڳ ڇا چيو هو-’بيوقوف پنهنجي دل ۾ چون ٿا ته خدا ڪونهي!‘ پوءِ توکي خبر آهي ته اهڙن جاهلن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ اڙي چريا، جي خدا نه هجي، ته هيءَ ڪائنات ڪيئن هلي؟“

ڄڻ هن جي تائيد ڪندي، اوسپ چيو، ”پيٽرڪ جو خدا مان يقين ڪڍو ته توهان کي پتو پئجي وڃي ته باقي ماڻهو ڇا آهي.“

گريگوريءَ جو سهڻو چهرو ڳنڀير ٿي ويو. چن سان لتل آڱرين سان ڏاڙهيءَ کي کنهندي، شاندار نموني چوڻ لڳو، ”هر ڪنهن ساهه واريءَ شيءِ ۾ خدا آهي. ضمير ۽ روح خدا جون عطا ڪيل نعمتون آهن.“

”۽ گناهه؟“

”گناه جو واسطو جسم سان آهي ۽ شيطان ان جو اپائيندڙ آهي. ماتا جي داغن وانگر گناه به هڪ ٻاهرين شيءِ آهي. جي ماڻهو ويهي گناهن تي ويچار ڪندو ته وڌيڪ گنهگار ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو گناهن جو خيال ئي نه ڪندو ته گناه به نه ڪندو. اسان جا گناهن وارا خيال اسان جي غليظ جسم جي حڪمران، اُن غلط تربيت ڏيندڙ شيطان جا پيدا ڪيل آهن.“

اُنهيءَ تي سربند پئٽرڪ بحث ڪرڻ لڳندو هو، ”اِها تون غلط ڳالهه ٿو ڪرين.“

”بلڪل نه! خدا گناهه کان پاڪ آهي. ۽ هـُن انسان کي پنهنجي پاڇي جهڙو ۽ پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي. گناهه پاڇي کان سرزد ٿئي ٿو. يعني جسم کان، صورت گناهه کان بالاتر آهي. انسان ۾ خدا جي صورت هن جو روح آهي.“

اُنهيءَ هوندي به پيٽرڪ ڀڻڪيو، ”تون غلط آهين.“

”مان سمجهان ٿو تنهنجو چوڻ آهي.“ اوسپ وچ ۾ چيو، ”ته گناهه کان سواءِ توبهه ڪانهي ۽ توبهه کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونهي؟“

”هائو، هائو، بلڪل ائين. جيئن اسان جي مقدس عيسيٰ چيو آهي، ’شيطان جي خوف ڪري خدا سان محبت قائم رهي ٿي‘.“

گريگوري پياڪ نه هو. ٻه گلاس چاڙهيندو ته مست ٿي ويندو هو، ڳٽا ڳاڙها ٿي ويندا هئس، اکين ۾ ٻاراڻي جهلڪ اچي ويندي هيس، ۽ ڀريل آواز ۾ چوندو هو: ”دوستو، اسين ڪهڙي نه سٺي زندگي گذاري رهيا آهيون! ٿورو ڪم ڪيون ٿا، پيٽ ڀري کائون ٿا، اچو ته خداوند قدوس جا ڳڻ ڳايون! هيءَ زندگي ڏاڍي سٺي آهي!“ ۽ ڳوڙها ٽم ٽم ڪري هن جي اکين مان وهڻ لڳندا هئا، جي موتين جي داڻن وانگر هن جي ڏاڙهيءَ ۾ اٽڪي بيهندا هئا. هو جنهن ڏک ۽ وياڪلتا سان حياتيءَ جي واکاڻ ڪندو هو. سا مون کي ڏاڍو ڏکوئيندي هئي. منهنجي ناني جيڪا حياتيءَ جي تعريف ڪندي هئي، اها وڌيڪ ٻاجهاري ۽ محبت ڀري هوندي هئي ۽ منهنجي دل کي پيئي وڻندي هئي.

ان قسم جا سوال جواب به مونکي پريشان ڪري ڇڏيندا هئا. اُهي منهنجي دل ۾ اهڙا منجهيل جذبا پيدا ڪندا هئا، جيڪي مان سمجهي ڪين سگهندو هوس. اوسيتائين مون ڪتابن ۾ ڳوٺاڻن جي حياتيءَ بابت گهڻو ڪجهه پڙهيو هو، ۽ انهن ڪتابن وارين ڳالهين ۾ هنن جي حقيقي زندگيءَ ۾ مون کي ڪابه نسبت نظر نه آئي هئي. ڪتابن ۾ خدا، مذهب ۽ چرچ جو ذڪر گهٽ، ۽ حڪومت جو، سندن جاگيردارن جو، قاعدي قانون ۽ زمين جو ذڪر زياده هوندو هو، ڪتابن ۾ عورتن سان هنن جي ناتي جو ذڪر به گهٽ هوندو هو ۽ اهو به ايترو بڇڙو ۽ ڪروڌ ڀريو ڪونه هوندو هو. پر عام رواجي زندگيءَ ۾ عورتون ڳوٺاڻن لاءِ وڏي ڪشش جون شيون هونديون هيون، اُنهن جي اُها ڪشش هو پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجهندا هئا، ۽ اُنهيءَ ڪري سدائين پيا هنن کان ڊڄندا هئا، هنن کي گهٽ ڪندا هئا ۽ هنن سان حرڪتون ۽ چالاڪيون ڪندا هئا. جيڪڏهن اُن ۾ ڪنهن طرح هو ناڪام ٿيندا هئا، ته اُن کي هو پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حادثو سمجهندا هئا. ڳوٺاڻن بابت ڪو ڪتاب چڱو هجي يا برو، پر ان ۾ انهن جي سڄي زندگي چڱي ته سڄي چڱي، ۽ بُري ته سڄي بـُري چٽيل هوندي هئي. دراصل ڳوٺاڻا نه صفا چڱا آهن نه صفا بـُرا، پر هو سڀ ڏاڍا مزيدار آهن. اُنهن مان هرڪو مزيدار شخصيت جو مالڪ آهي. ڳوٺاڻو ڳالهائيندو به گهڻو ئي آهي، پر ائين پيو سمجهبو آهي ته اڃا ڪجهه لڪائي رهيو آهي. ۽ جو ڪجهه هو لڪائي ويهي ٿو ۽ هزار ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ به ظاهر نٿو ڪري، سچ پچ ته اُها هن جي لڪايل ۽ اڻ بيان ڪيل ڳالهه ئي هن جي اصل شخصيت جي سمجهڻ جي ڪنجي هوندي آهي.

ڪتابن ۾ ”واڍن جو ڪتاب“ نالي ناول منهنجو پڙهيل هو. اهڙن ڪتابن ۾ آيل ڳوٺاڻن جي ڪردارن ۾ سڀ کان وڌيڪ اُن ڪتاب ۾ ’پيٽر واڍي‘ جو ڪردار مون کي وڌيڪ وڻندو هو. هڪ ڀيري مان اهو ڪتاب ميلي ۾ کڻي ويس ته پنهنجن دوستن کي اُتي پڙهي ٻڌايان. منهنجي عادت هوندي هئي ته گهڻو ڪري رات جو ڪنهن نه ڪنهن ڪاريگر جي دڪان ۾ سمهي پوندو هوس، خاص طرح انهيءَ ڪري، جو ڏينهن جي ڪم ڪري اهڙو ٿڪجي ٽٽجي پوندو هوس، جو ايڏو پنڌ ڪري، گهر ورڻ تي دل ئي نه ٿيندي هيم. جڏهن هنن کي پتو پيو ته مون وٽ ڊکڻن بابت ڪتاب آهن، ته ڏاڍو شوق ڏيکاريائون. خاص طرح اوسپ ته منٿن ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هڪدم مون کان ڪتاب وٺي، تڪڙا تڪڙا پنا اٿلائيندي، ڪنڌ ڌوڏي مون کان پڇڻ لڳو، ”ڇا، سچ پچ اسان بابت آهي؟ وڏو بدمعاش آهين! لکندڙ ڪير آهي؟ ڪو چڱو ماڻهو هوندو؟ مون به ائين سمجهيو، چڱا ماڻهو ۽ آفيسر ڪنهن ڳالهه کان گسن ئي ڪونه ٿا. جتي مالڪ خيال نه پهچندو، اُتي به انهن جو مغز پهچي ٿو وڃي. انهن جي زندگيءَ جو مقصد ئي اِهو ٿو ڏسجي!“

اسان جي پيٽرڪ رهڙ ڏيندي چيس، ”تون مالڪ جو اهڙيءَ ريت ذڪر ڪري، مالڪ جي شان ۾ گستاخي ڪري رهيو آهين.“

”سڀ ٺيڪ آ، مالڪ کي اسان جي ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه آهي؟ اسان کي ته مينهن جي ڦڙي به نقصان رسائي سگهي ٿي، پر اسان جي لفظن مان مالڪ کي ڇا ٿو ٿي سگهي! اجايو وهلور نه وڃ. تون ۽ مان مالڪ کي ڪجهه نٿا ڪري سگهون.“

بس، ائين اوچتو ئي اوچتو، چقمق جي چڻگن جهڙا ساڙيندڙ ۽ ڪينچيءَ جهڙا ڪٽيندڙ لفظ هن جي وات مان نڪرڻ لڳندا هئا، ۽ جن به ڳالهين لاءِ هن کي بڇان هئي، انهن تي هو خوب دل جا بخار ڪڍڻ لڳندو هو.

ڏينهن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا مون کان پڇندو هو، ”ڪيئن ميان الڪسي، ڪجهه پڙهندين؟ ڇا خيال آهي!“

هڪڙي ڀيري اوسپ جي دڪان ۾ ماني کائڻ کان ٿورو وقت پوءِ. پيٽرڪ پنهنجي مددگار اردلان ۽ گريگوريءَ ۽ هڪڙي فوما نالي ڇوڪري سان گڏجي آيو. هڪڙي ڇاپري ۾، جتي ڪاريگر سمهندا هئا، بتي ٻاري ويئي ۽ مون پڙهڻ شروع ڪيو هو. هو سواءِ ڪنهن ڪڇڻ جي ماٺ ڪيو ويٺا هئا، تان جو اردلان ڪڪ ٿي چيو، ”مون گهڻو ٻڌو آهي.“ ائين چئي، هو ٻاهر هليو ويو. گريگوريءَ جي اک لڳي ويئي، وات ائين پٽجي ويس، ڄڻ اوچتو ننڊ اچي گهٽيو هوس. هڪ هڪ ڪري سڀ ڪاريگر اٿندا ويا. پر پيٽرڪ، اوسپ ۽ فوما، سرڪندا منهنجي ويجهو ايندا ويا، ۽ مون ۾ جوهه وجهيو ڪتاب ٻڌندا رهيا. جڏهن ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، تڏهن اوسپ بتي وسائي ڇڏي. رات جي تارن مان اسين سمجهي سگهياسون، ته رات لڙي ويئي هئي.

اونداهيءَ ۾ پيٽرڪ سوال ڪيو، ”هي ڪتاب ڇو لکيو ويو هو؟ ۽ ڪنهن جي خلاف؟“

”هاڻي ته سمهڻ جو وقت ٿيو آهي. ”اوسپ پنهنجا بوٽ لاهيندي چيو.

پيٽرڪ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”مان پڇان ٿو، اهو ڪنهن جي خلاف لکيل آهي؟“

”اهو انهن کي پتو.“ اوسپ تختي جي مٿان ليٽندي چيو.

”جيڪڏهن اهو ماٽيلي مائن جي خلاف لکيل آهي، ته پوءِ اجايو آهي، ڇو ته اُهي سڌرڻ کان مٿي آهن.“ پيٽر سربند چيو، ”۽ جيڪڏهن ويچار ’پيٽر‘ جي خلاف لکيل آهي ته به واهيات آهي. هن جا گناه ان جو جواب آهن. خونين کي سائبيريا جي سزا ملندي، بس-اهوئي ته ڪتاب ۾ آهي ٻيو ڇا؟ ڇا، ڪتاب اهڙن ڏوهن کي بند ڪرائي سگهن ٿا؟.“

اوسپ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ سربند ڌَوَندو رهيو-”هنن ليکڪن کي پاڻ کان ته ڪجهه ڪم پڄي ڪونه ٿو، انهيءَ ڪري ٻين ماڻهن جي ڪمن ۾ وتندا ٽنگ اڙائيندا. چڱو. شب بخير، سمهڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“

هو اٿي، در وٽ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ بيهي، پڇڻ لڳو، ”اوسپ، ننڊ وٺي ويئه ڇا؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“

”ڇا؟“ اوسپ ڊکڻ ننڊا کڙي آواز ۾ چيس.

”چڱو، چڱو، ننڊ ڪر.“

گريگوري پنهنجي پاسي تي ليٽي پيو هو، ۽ نوما منهنجي ڀرسان پيل لتاڙيل ڪکن تي سڌو ٿي پئجي ويو. آسپاس ننڊ جو راڄ هو. پري کان ريل جي لنگهڻ جا آواز اچڻ لڳا. مشين جو ڌڌڪو ۽ ريل تي ڦيٿن جو کڙڪو صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ڪاريگر مختلف سـُرن ۾ کونگهرا هڻي رهيا هئا، مان بيقراري محسوس ڪري رهيو هوس. مون کي اميد هئي ته ڪتاب ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه خيال آرائي ٿيندي، پر مون کي ڏاڍي نا اميدي ٿي.

اوچتو اوسپ هوريان ۽ صاف لفظن ۾ مون کي چوڻ لڳو، ”پٽ، ڪابه ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ. تون جوان آهين ۽ اڃا زندگي تنهنجي اڳيان آهي. رڳو پنهنجن خيالن کي وڌائيندو رهجانءِ. جيڪو تون پاڻ محسوس ڪرين ٿو ته ٻين جي ٻڌايل ڳالهين کان سو ڀيرا سٺو آهي. فوما، توکي ننڊ وٺي ويئي ڇا؟“

”نه،“ فوما چاهه مان وراڻيو.

”سٺو! توهان ٻنهي ايتري تعليم حاصل ڪئي آهي، جو پڙهي سگهو ٿا. پڙهندا رهجو. پر جيڪي ڪجهه ڇپيل آهي، ان تي ڳنڍ نه ٻڌجو. توهين سمجهي سگهو ٿا ته هر ڪا ڳالهه ڇپجي ته سگهي ٿي، ڇپائي کي ماڻهن ڌنڌو ڪري ورتو آهي.“

هو اٿي ويٺو ۽ پنهنجن هٿن سان تختي جي پاسي کي جهلي، اسان ڏانهن نوڙي، چوندو رهيو، ”ڪتاب“-آخر ڪتاب ڇاهي؟ هڪ سونهون.... جيڪو ڄڻ ٻڌائيندو هجي: ڏسو. اجهو هي آهي عام رواجي ماڻهو، جيئن.... ڊکڻ، يا ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو. ۽ هيڏي ڏسو هي آهن شريف زادا.... ڄڻ اُهي باقي ٻين انسانن کان بلڪل علحدا آهن. ڪتاب مقصد کان سواءِ ڪونه لکبو آهي، اُهي ڪنهن نه ڪنهن جي بچاءَ ۾ لکيو ويندو آهي.“

گهگهي آواز ۾ فوما چيو، ”’پيٽر‘ کي حق هو ته ان ٺيڪيدار جو خون ڪري.“

”نه. ڪنهن کي به حق ڪونهي ته ڪنهن انسان جو ساهه وٺي. اِئين کڻي سمجهون ٿا ته تون هِن کان يا هـُن کان ۽ ڪنهن ڳالهئين خود گريگوريءَ کان، مون کان يا ممڪن آهي ته الڪسيءَ کان نفرت ڪندو آهين، پر اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، ته توکي اُن لاءِ ڪنهن کي ماري ڇڏڻ گهرجي. اسان مان ڪوبه امير ڪونهي. اڄ مان مالڪ آهيان، سڀاڻي مزدور ٿي سگهان ٿو.“

”چاچا اوسپ، مان تنهنجي ڳالهه نٿي ڪئي.“

”ساڳي ڳالهه آهي.“

”تون ته مصنف—“

”ماٺ ڪر. بيهه ته مان توکي ٻڌايان ته اِهو ڪتاب ڇا بابت آهي؟“ اوسپ فونا جي ڳالهه کي روڪيندي چيو. ”اِهو ڪتاب مڪاريءَ سان ڀريل آهي. اِنهيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪڙي امير وٽ هاري نه هو ۽ هڪڙي هاريءَ کي امير جي ضرورت هئي. پوءِ ٻيئي ڄڻا مصيبت ۾ ڦاسي ٿا پون-امير ڪمزور ۽ سست ٿيندو ٿو وڃي ۽ هاري خرابين ۽ نشن پتن تي لهي ٿو پوي. امير جي پناهه گاهه ۾ وري به امن ۽ سلامتي آهي، ۽ هو هاريءَ کي اجهو ڏئي ٿو. ۽ هاري امير جو خيرخواه ٿئي ٿو. هو ٻيئي اهڙيءَ طرح مزي ۾ زندگي گذارين ٿا، کائين پيئن ۽ صلح سان خوش گهارين ٿا. اِنهيءَ ۾ اميرن جي هٿن ۾ هارين جي ٻانهپ کي پڏايو ويو آهي. هاري جيڪو، بيحد ڀينگيو ۽ رول هو، سو مالڪ لاءِ ڪارگر نه هو، اُها هن جي فائدي جي ڳالهه هئي ته هاري سمجهدار ۽ مانيءَ ٽڪر وارو هجي. اهو پوءِ ائين ٿيو ڄڻ امير پاڻ کي هڪڙي بهتر ۽ سڌريل اوزار سان هٿيار بند ڪيو هجي. مون کي پنهنجو پتو آهي. چاليهه سال هڪڙي امير جي زمين تي هن جو ٻيلي ٿي گذاريا اٿم. منهنجي کل چهبڪن جي وسڪاري جو چڱو آزمودو حاصل ڪيو آهي.“

مون کي انهيءَ گاڏر، پيٽر، جون اميرن بابت ڳالهيون ياد اچي ويون. جنهن پنهنجي نڙي وڍي، خودڪشي ڪئي هئي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڏک ٿيڻ لڳم ته اوسپ به ان هولناڪ دل واري وانگر ساڳيون ڳالهيون نه سوچيندو هجي!

اوسپ پنهنجو هٿ منهنجي گوڏن تي رکندي چيو، ”توهان کي هر ڪنهن قسم جي ڪتابن ۽ مضمونن جي منجهه پروڙڻ جو پتو هئڻ گهرجي. ڪابه ڳالهه ڪنهن مقصد کان سواءِ ڪانه ٿيندي آهي. ڪتاب ماڻهن کي رڳو حيرت ۾ وجهڻ لاءِ يا ائين اجايا ڪين لکيا ويندا آهن. سڀ ڪنهن انسان کي دماغ هلائڻ جي قوت عطا ڪئي ويئي آهي. اُن کان سواءِ ماڻهو رڳو ڪاٺيون به وڍي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو موچڪو ڪم ئي ڪري سگهي ٿو—“

اهڙيءَ ريت ڪافي وقت تائين ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ هو سمهي پيو، پر جلد ئي اٿي ويهي رهيو. هن جا صاف ۽ سهڻا جملا خاموش اونداهيءَ ۾ گونجڻ لڳا-

”چوندا آهن ته اميرن ۽ هارين ۾ وڏو فرق آهي، پر ائين ناهي. اسين به اميرن جهڙا انسان آهيون، پر فرق هيءُ آهي ته اسين غريبن جي جهوپڙين ۾ پيدا ٿيا آهيون. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هنن کي اِهو موقعو مليو آهي ته ڪتابن ذريعي علم سکن، پر اسان کي رڳو پنهنجي کوپڙيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، ۽ ڏک جهلي ۽ زخم کائي سکڻو پوي ٿو. ۽ ٻيو ته هنن جي پٺيءَ جي چمڙي اسان جي چمڙيءَ وانگر سخت ناهي، بلڪ اُها اسان جي چمڙيءَ کان وڌيڪ ڪنئري ۽ اڇي آهي. بس، انهيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ۽ هنن ۾ ٻيو ڪو فرق ڪونهي. اڙي ڇوڪرا، سچ پچ ته هاڻي وڌيڪ وقت وڃائڻو ناهي. هيءُ زندگيءَ جي نئين دور جو وقت آهي. بس اُن لاءِ ئي ڪم ڪرڻو آهي. توکي هاڻي انهن پنهنجن ڪتابن کي اڇلائي ڇڏڻ گهرجي. اسان مان هر ڪنهن کي پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي: ’مان ڇا آهيان؟‘-’انسان.‘ ’زميندار ڪير آهي؟‘-’انسان‘ پوءِ فرق ڪهڙو ٿيو؟ ڇا، امير ماڻهو خدا کي پنج پئسا وڌيڪ ڏئي ٿو؟ هرگز نه. ۽ جڏهن ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته ڪير ڪنهن کي وڌيڪ ڏئي ٿو، سا ڳالهه ته خدا ئي ٿو ڄاڻي. ڇا به هجي، پر ائين ته هرڪو چئي سگهي ٿو ته ماڻهوءَ جو ڌن خدا جي اڳيان ڪا حيثيت ڪانه ٿو رکي. اسين سڀئي هن جي اڳيان هڪجهڙا آهيون.“

ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هو اچانڪ چپ ٿي ويو. اُنهيءَ ويل پرهه ستارن جي ڏياٽين کي وسائڻ شروع ڪيو هو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ اوچتو هُن چيو، ”ڏس، مان ڇا ڳالهائي ويس؟ مان اهو ڪجهه چئي ويو آهيان، جنهن بابت اڄ تائين ڪجهه سوچيو ئي نه اٿم. پر منهنجي ڳالهه کي اهميت نه ڏج. مون انهيءَ ڪري پئي ڳالهايو، جو ننڊ نه پئي آيم. انهيءَ ڪري ڪونه ٿي ڳالهايو ته انهن ڳالهين ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو خاص مطلب هو. ليٽي ٿو پئجي ته ڪيتريون ئي عجيب عجيب ڳالهيون دل کي ورائي ٿيون وڃن-’هڪڙي ڀيري هڪڙو ڪانءَ هوندو هو، جو ٻنين تان ۽ ٽڪرين جي چوٽين جي مٿان ملڪان ملڪ اڏامندو رهندو هو ۽ ائين پنهنجو وقت گذاريندو هو. هن جا ڏينهن اچي پورا ٿيا ۽ خدا هن جو ساهه ڪڍي ورتو. پوءِ ويچارو ڪانءُ مري ويو ۽ هن جا هڏا ڪنا ٿي، سڙي، کامي، خاڪ ٿي ويا....‘ اهڙين ڳالهين جي نيٺ معنيٰ ڇا، مراد ڇا؟ ڪابه نه، ڪابه ڪانه....هاڻي ٿوري ننڊ ڪريو، اجهو ٿو ڪم جو وقت ٿئي.“

باب ارڙهون

جهڙيءَ ريت جهاز جو آگ مئن جئڪ شوموف منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي ويو هو، اهڙيءَ ريت اوسپ جي عزت منهنجي نگاهن ۾ وڌندي وئي، تان جو ٻئي هر ڪنهن جي ڳالهه کي اُن منهنجي دل تان ذري گهٽ ميساري ڇڏو. هو جئڪ سان گهڻين ڳالهين ۾ ملندو پڻ هو، پر ساڳئي وقت هن ۾ منهنجي ناني، مجسمن جي سودي ڪرائيندڙ تعصبي پوڙهي پيٽر ۽ هيڊ بورچي سماوريءَ واريون ڪي ڳالهيون پڻ هونديون هيون. جيڪي ماڻهو هيسائين منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيا هئا، انهن مان هِن هڪڙي به ائين جاءِ والاري هئي جيئن پتل تي ڪو تيزاب ڪِرڻ سان ان ۾ گهاءُ ڪري ڇڏيندو آهي. اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته هو ٻن طريقن سان سوچيندو هو-ڏينهن جي وقت ڪم تي ۽ ماڻهن سان هو صاف ۽ سنيون سڌيون ڳالهيون ڪندو هو، جي انهن ڳالهين جي ڀيٽ ۾ بلڪل ٻئي قدر هونديون هيون، جي هو رات جو ننڊ نه اچڻ ويل يا جڏهن هو ۽ مان سندس ڪيڪ وڪڻندڙ سريت ڏانهن ويندا هئاسين تڏهن مون سان ڪندو هو. هن جا خيال رات جو بتيءَ جي ڄڀيءَ وانگر پيا شڪليون بدلائيندا هئا. اهي ڏسڻ ۾ ته ڏاڍا روشن ايندا هئا، پر انهن جي اصل صورت ڪهڙي هئي. ۽ انهن مان ڪهڙين ۾ هو پنهنجو دل جو صحيح احوال بيان ڪندو هو. تنهن جو پتو نه پوندو هو.

جيڪي به ماڻهو مون سان اوسيتائين مليا هئا، هيءُ انهن ۾ مون کي سڀ کان هوشيار نظر ايندو هو. مان آگ مئن جئڪ وانگر هميشه هن جي قدمن سان ٻڌو وتندو هوس، ۽ هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هوس. پر هو وٺ ئي نه ڏيندو هو. جيڪڏهن هن ۾ ڪابه اصلي ۽ نج ڳالهه هئي ته اها نيٺ به ڪٿي لڪل هئي؟ هن جو ڪهڙو اهو پهلو هو، جنهن کي مان اصلي ۽ نبار سمجهان ها؟ مون کي هن جا لفظ ياد ايندا هئا-”مان؟ اُهو توتي آهي ته تون مون کي سمجهه ۽ مون کي ڳولي لهه.“

اِها منهنجي خوديءَ کي للڪار هئي. حقيقت ۾ اِهو منهنجي لاءِ موت ۽ زندگيءَ جو سوال ٿي پيو هو ته هن ڳجهڙي ڪمزور پوڙهي کي، جو انهيءَ هوندي به بيحد سخت ۽ پختو هو، ڳولي لهان. هو پنهنجي شخصيت کي تڪڙو تڪڙو ڦرندڙ گهرندڙ ماڻهن جي وچ ۾ به اهڙيءَ ريت قائم رکندو هو، جو مون کي محسوس ٿيندو هو ته هن ۾ سون سالن تائين به ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي. هـُن ڪٽر پوڙهي پيٽر ۾ به مون کي ساڳي پختائي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اوسپ جي پختائي ٻئي نموني جي هئي، جنهن کي مان ڪن تـُز اکرن ۾ بيان ڪري ئي نٿي سگهيس.



ماڻهن ۾ جلد جلد واقع ٿيندڙ تبديليون يڪدم ڌيان ڇڪائي وٺن ٿيون. مون کي ماڻهن جي هڪڙي حال کان ٻئي حال ڏانهن اهڙا ٽپا حيران ڪري ڇڏيندا هئا. ماڻهن جي اهڙن ٽپن تي حيرت کائي کائي، مان اهڙو ڪڪ ٿي پيو هوس، جو ماڻهن سان منهنجي دلچسپي ۽ محبت به گهٽجڻ لڳي هئي. ڇو جو انهن جي اهڙين ڦيرين گهيرين کي ڏسي، منهنجي دل بي آرام ۽ پريشان ٿي ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڍنگهر جهڙي گاڏي اسان وٽ اُتي اچي بيٺي، جتي اسان جو ڪم هلي رهيو هو. گاڏيءَ وارو، جنهن جي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي، مٿو اگهاڙو هو. هو نشي ۾ ٻڏل هو، هن جو چپ تازو وڍيل هو ۽ هڪلڻ واريءَ گديءَ تي ويٺي، ان مان رت پئي ڳاڙهيائين. گاڏيءَ ۾ اندر گريگوري ششلين نشي ۾ هڪڙي ڳاڙهن ڳٽن واريءَ بت ۾ ڀريل عورت جي ٻانهن تي آهليو پيو هو. ان عورت جي مٿي تي ڪکن جي ٺهيل ٽوپي، هٿ ۾ نازڪ اُس جي ڇٽي ۽ پيرن تي رٻڙ جا جورابا پيل هئا. پنهنجي ڇٽيءَ کي ڦيرائيندي ۽ چيلهه کي لوڏيندي، کلندي ۽ کجڪندي، چوڻ لڳي، ”شل وٺ پوين! ميلو لڳو ئي ڪينهي، نه ڪو ميلي جو نشان ئي ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ هي وري مون کي ميلو گهمائڻ وٺي آيو آهي.“

گريگوري جهومندو، جهولندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، گاڏيءَ مان هيٺ لٿو ۽ ميدان تي ويهي، وڏي واڪي، ڳوڙها ڳاڙيندي، بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳو، ”مان پنهنجا گناهه مڃان ٿو! مون اڄ به گناهه ڪيو آهي! مون کي گناهه ڪرڻ جي سڌ هئي، ۽ مون گناهه ڪيو آهي! ايفوسن چيو’گريگوري، هل ته هلون!‘ ۽ هن به سچ چيو، سو اميد ته توهين مون کي معاف ڪندا، اچو ته گڏجي ڪجهه پيئون! ها، ها، منهنجي بِلي. ايفوسن برابر ٿو چوي-اسان جي هيءَ زندگي صرف هڪ ڀيرو آهي.....بس، ڳالهه اِها آهي، ڳالهه جو مطلب اهو آهي.“

عورت کل ۾ ٻڏي ويئي ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي، پنهنجون ٽنگون لوڏڻ لڳي، ۽ پنهنجن جورابن کي پيرن سان لاهي کڻي ڦٽو ڪيائين. گاڏيءَ واري رڙ ڪئي، ”هاڻي اچ ته هلون گهوڙو بيهي ئي نٿو!“

پوڙهو ۽ ڏٻرو گهوڙو وات مان گجي هاري رهيو هو ۽ ائين بيٺو هو ڄڻ پـَٽ ۾ کـُپي ويو هو. سمورو نظارو عجب ۽ کل جهڙو هو. گريگوريءَ جا ساٿي ڪاريگر ۽ ڪمي پنهنجي هِن اڳواڻ ڪاريگر، هن جي يارڙيءَ ۽ بگيءَ واري کي ڏسي، کل ۾ ڦاٽا پئي. رڳو فونا ماٺ ڪيو بيٺو هو. هو منهنجي ڀرسان دڪان جي دروازي وٽ بيٺو هو ۽ چپن ۾ چئي رهيو هو، ”سوئر! شيطان پاسو ڏنو اٿس! ۽ هن جي زال آهي جا لکن ۾ هڪ آهي. ۽ هوءَ گهر ۾ ويٺي در ۾ ڏسي رهي آهي!“

گاڏيءَ وارو هنن کي هلڻ لاءِ هر هر چئي رهيو هو. عورت ٻاهر نڪري، ڇڪي، گريگوريءَ کي بگيءَ ۾ ويهاريو، ۽ ڇٽيءَ جي اشاري سان گاڏيءَ واري کي رڙ ڪري چيائين، ”هاڻي، هڪل!“

ڪاريگر کلڻ لڳا. هنن جي چهرن مان ريس ۽ رقابت ڏسڻ پئي آئي. فوما جي هڪل تي سڀ وري وڃي ڪم کي لڳا. فوما کي گريگوريءَ جي اهڙي کل جهڙي حالت ڏسي، جڪ وٺي ويا.

”ڇا، هي اُهوئي ڪارڪِرت وارو مڙس آهي!“ فوما خار مان چيو. ”هن ڪم پوري ڪرڻ ۾ مهينو کن لڳي ويندو. پوءِ مان پنهنجي ڳوٺ هليو ويندس. هي ڳالهيون منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهن.“

مون کي پاڻ گريگوريءَ تي خار اچي رهيا هئا، هوءَ عورت هن جي ڀيٽ ۾ بيحد واهيات پئي لڳي.

مون کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو هو ته ڪهڙيءَ ريت گريگوري مک ڪاريگر بنيو هو ۽ فوما تچڪوف هن جو ٻيلي ڪاريگر هو. فوما بت جو جانٺو هو، هن جا وار گهنڊيدار، نڪ چهبنڊار ۽ اکيون تيز ۽ ڀوريون هيون، جي هن جي چهري کي چمڪائي بيهنديون هيون. فوما پنهنجي شڪل صورت مان ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. سٺن ۽ صاف ڪپڙن ۾ هو ڪنهن چڱي خاندان ۽ سکر واپاريءَ جي ڇوڪري جو ڏيک ڏيندو هو. سو سنجيدو، ٿور- ڳالهائو ۽ عملي ماڻهو هو. هو پڙهيل لکيل هو، تنهن ڪري گريگوريءَ جو حساب ڪتاب به هن جي حوالي هو. جيتوڻيڪ هي پاڻ بي دليو ڪم ڪندو هو، پر هن کي ٻين ڪاريگرن کان ڪم وٺڻ جو ڍنگ هو. ”توهين ڪم کي قيامت تائين اينگهائي ٿا ڇڏيو. ائين نه ڪريو...“ هو مِٺي پر سرد لهجي ۾ ڪاريگرن کي چوندو هو.

هو ڪتابن کان نفرت ڪندو هو-”جيڪي وڻين سو ڇپين، پر مان پنهنجي ليکي سوچيندو آهيان. ڪتاب ته ڪچرو آهن. مغز کي لنبي ٿا ڇڏين.“

هن کي هر ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي هوندي هئي. جڏهن هڪ ڀيري هن جو ڪنهن شيءِ ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويندو هو، ته هو ان جو پيڇو ڪندو هو ۽ ان بابت معلومات ۾ ويندو هو اضافو ڪندو. پر هر ڳالهه کي هو پنهنجن خيالن مطابق رنگ ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو هو.

جڏهن مون کيس چيو ته هن کي پاڻ مُک ڪاريگر ٿيڻ گهرجي، ته جواب ڏنائين، ”ها، جيڪڏهن هزارين جو ڌنڌو هجي! پر ٻن چئن سڪن لاءِ پاڻ پٽ کوهه ۾ وجهڻ منهنجي شان وٽان ناهي. مان موقعي جي تاڙ ۾ آهيان. چاهيان ٿو ته اورنڪا جي خانقاه ۾ وڃي داخل ٿيان. شڪل جو ٺاهوڪو ۽ بت جو سٽروٽر ته آهيان. من اُتي ڪنهن مالدار مومنياڻيءَ رن کي ڦاسائي وجهان. اهڙيون ڳالهيون ٿين پيون. مون کي سرگاستڪ شهر جي هڪڙي نوجوان جي خبر آهي، جيڪو هڪڙيءَ اهڙيءَ شهري عورت سان شادي ڪري، ٻن ٽن سالن اندر وڏو مالدار ٿي ويو هو. اهو جوان ان عورت جي گهر ڪو پاڪ مجسمو ڏيڻ ويو هو، ۽ موٽ ۾ هن جي دل پاڻ سان کڻي آيو هو. پوءِ ته اک ڇنڀ ۾ هن جا سڀ ڏولاوا لهي ويا ۽ هو جنت جي هندورن ۾ لڏڻ لڳو هو.“

بس، هن جي دماغ ۾ اِهو اُٺ ويٺل هو. هن کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ياد هيون ته ڪيئن ماڻهن خانقاه ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايئن مذهب جي مولائڻين رنن زالن سان پيچ پائي پنهنجون زندگيون سکيون بنايون هيون. اهڙين آکاڻين ۽ فوما جي اهڙن دلي اڌمن تي مون کي اُٻڙڪا ايندا هئا. مون کي پڪ هوندي هئي ته هو ڪڏهن ڪنهن خانقاه ۾ هليو ويندو. پر جڏهن ميلو شروع ٿيو ته هو گريگوريءَ جو رازڪو ڪم ڇڏي، هڪڙي هوٽل ۾ وڃي بيري جو ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن کي ڏسي، سڀ وائڙا ٿي ويا، ۽ هن جا سڀ ساٿي ڪمي ڪاريگر هن تي چٿرون ڪرڻ لڳا. جڏهن ڇوٽيءَ جو ڏينهن ٿيندو هو، ته هو سڀ گڏجي، ائين چئي. هوٽل ۾ چانهه پيئڻ هلندا هئا ته ’هلو ته پنهنجي فوما کي چار ڏوڪڙ کٽايون!‘ ۽ جڏهن هوٽل ۾ پهچندا هئا، ته ويهڻ سان رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳندا هئا- ”او زلفن وارا، ڪجهه اسان جي ڳالهه به ٻڌا“

هو پنهنجو ڪنڌ تاڻي، اچي وٽن بيهندو هو-”حڪم!“

”اسان جي مهانڊن کي نٿو سڃاڻئين ڇا؟“

”مان ڏاڍو رڌل آهيان.“

هن کي پتو هو ته هن جي ساٿين جي ڳالهائڻ ۾ ٽوڪ ۽ خندو هو ۽ هن جي منهن مان مجبوري پيئي ظاهر ٿيندي هئي. هن جي ڳالهائڻ مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هنن کي چئي رهيو هو-”جلدي ڪريو، کلڻو اٿو ته کِلي وٺو!“

”ڇا، هن کي بخشيش ڏيڻ گهرجي؟“ ۽ پوءِ هروڀرو پنهنجا ٻٽون کولي، هن کي ڪجهه ڏيڻ کان سواءِ اٿي ويندا هئا.

هڪڙي ڀيري مون فوما کان پڇيو، ”خانقاه ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ بيري جي ڪم ۾ ڪيئن لڳي ويئين!“

”مون خانقاه ۾ وڃڻ جي ڳالهه ته ڪڏهن به ڪانه ڪئي هئي، ۽ نه ئي مان سدائين بيرو ٿي رهندس.“

چئن سالن کان پوءِ مان جڏهن کيس مليس، تڏهن به هو اڃا بيرو هو، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته فوما تچڪوف کي کاٽ هڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

مون کي پيٽرڪ جي جهوني، چاليهن سالن جي عمر واري، بهترين سربند، اردلان، جي رام ڪهاڻيءَ به ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن جُنگ جوان جي ڏاڙهي ڪاري، ۽ شڪل کلمک هئي. هن کي ڏسي، انهيءَ ڳالهه تي تعجب لڳندو هو ته پيٽرڪ بجاءِ سربندن جو هيءُ جمعدار ڇونه هو؟ هو ورلي ووڊڪا کي هٿ لائيندو هو، ۽ جي لائيندو هو ته به حد اندر. هو پنهنجي ڪم جو ماهر هو ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ هن جو ڪم سان عشق هو. سرون هن جي هٿن مان جهليل پکين وانگر ڦٿڙائينديون، پاڻ ڇڏائينديون وينديون هيون. هن جي مقابلي ۾ سڪل ۽ مرضيل پيٽرڪ پنهنجي ٽوليءَ جي ڪاريگرن اڳيان ڪابه حيثيت نه رکندو هو. پيٽرڪ ڪم لاءِ چوندو هو، ”ٻين لاءِ سرن جا گهر ٿو جوڙيان ۽ پنهنجي لاءِ ڪاٺ جو ڪفن.“

ان جي ڀيٽ ۾ خوش جيئڙو اردلان سرن جوڙڻ ويل مون کي چوندو هو، ”پٽ، ڪم خدا جي شان ظاهر ڪرڻ لاءِ آهي.“

”آئيندي بهار جي رت ۾،“ هڪڙي ڏينهن هو مون کي چوڻ لڳو، ”مان سائبيريا هليو ويندس. جتي منهنجي ڀيڻوئي هڪڙيءَ ديول جوڙڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. مون پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي دويلين جوڙڻ ۾ مزو ايندو آهي.“ ۽ پوءِ مون کي هر کائڻ لڳو-”تون به هل. سچ پچ ته سائبيريا آهي ئي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ. جنهن کي ڪجهه تعليم هجي، اُتي وڌڻ جا وڏا موقعا آهن.“

جڏهن مون هن جي ڳالهه قبول ڪئي ته خوش ٿي چوڻ لڳو، ”واعدو ٿيو! مان چرچو نٿو ڪريان!“

پيٽرڪ ۽ گريگوريءَ سان هو اهڙي نموني پيش ايندو هو، ڄڻ ڪو وڏو ٻارن سان پيش ايندو آهي. هڪ ڀيري اوسپ کي هنن بابت چيائين، ”ٻيئي ٻٽاڪي مڙس آهن. رڳو هڪ ٻئي سان ڳالهين جون پيا شرطون پڄائين-هڪڙو چوندو ’مون وٽ سون آهي.‘ ته ٻيو چوندو، ’مون وٽ پارس آهي.‘“

اوسپ جهٽ هنن جو بچاءُ ڪندي چيو، ”ان ۾ ڪهڙو اعتراض آهي؟ اِهو ته زماني جو دستور آهي. ڏسندو ناهين، ڇوڪريون پنهنجي ڇاتي ڪيئن تاڻي هلنديون آهن. ڌڻيءَ هنن جا بـُبا نه ته هنن جي سيني تي ڇو رکي ڇڏيا آهن!“

”ههڙن ماڻهن جي زبان تي هر ڳالهه ۾ خدا هوندو آهي، پر پئسا ائين ميڙيندا وتندا آهن، ڄڻ خدا کان هنن کي جو گهربل آهي، سو کين پئسن سان ئي ملندو!“ ناراض ٿيندي، اردلان چيو.

”گريگوريءَ لاءِ پئسن ميڙڻ جي ڳالهه چئي نٿي سگهجي.“

”آهه-مان گريگوريءَ لاءِ ائين ڪونه ٿو چوان. اِها پئسن جي ڳالهه مون کي هـُن ٻئي لاءِ ڪئي. پر خدا جي تلاش ۾ هو ڇو نٿا جهنگ منهن ڪري ڪيڏانهن هليا وڃن. اُتي هنن کي هو اڪيلو ملي ويندو. آءٌ ته ڌڻيءَ جو سـُنهن هِتي بيزار ٿي پيو آهيان. ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي وڻيم. بهار جي موسم ۾ آءٌ ته سائبيريا هليو ويندس.“

اردلان سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ٿڌا ساهه کڻندي چيو، ”اسان کي به جي اهڙو ڪو ڀيڻيويو هجي، ته جيڪر اسان به ڪڙو مـُنهن ڪري سائبيريا هليا وڃون.“

پوءِ اوچتو ئي اوچتو اردلان غائب ٿي ويو. آرتوار ڏينهن پنهنجي ڪارخاني ڇڏڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين هن جو ڪو پتو نه پيو.

”هن کي ڪنهن ماري ته نه وڌو!“

”متان درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيائين!“

اسين سڀ ايئن فڪر ۾ انومان تي انومان ڪڍي رهيا هئاسين، ته ايفوسن اچي ٻڌايو، ”هو شراب خاني ۾ آهي!“

”هو زور شور سان پي رهيو آهي. ۽ نشي ۾ هن کي پنهنجو به پتو ڪونه ٿو پوي. ٿي سگهي ٿو هن جي پياري زال گذاري وئي آهي.“

”ڇاجي لاءِ ٿو ڪوڙ ڳالهائين؟“ پيٽرڪ عجب مان پڇيو.

”هو ته ڪڏهوڻڪو رنڙ آهي. پر آهي ڪٿي؟“

پيٽرڪ، خار کائيندي، هن کي شراب خاني مان وٺڻ ويو، پر هن جي هٿان ڏاڍي مار کائي موٽيو.

پوءِ اوسپ محڪم ارادي سان چپن کي ڀيڙي ۽ ٻيئي هٿ کيسن ۾ وجهي، چيو، ”مان پاڻ وڃي ٿو ڏسان ته ڇا ڳالهه آهي. اهڙي جوان ڪاڻ مصيبت به سهبي.“

مان به هن سان گڏجي ويس. رستي تي اوسپ مون کي چيو، ”ڏس ڪهڙو نه سانتيڪو ۽ سٺيءَ چال وارو مڙس هو. سالن جا سال شراب خاني ڏانهن منهن به نه ڪيو هئائين، ۽ هاڻي جو اوچتو تنگ ڇنايو اٿائين، ته آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. الڪسي، ڳوڙهو غور ڪر، اِن ۾ تنهنجي لاءِ سبق آهي.“

اسين پڇائون ڪندا، ڪناون گهٽيءَ جي سستي ۾ سستي چڪلي ۾ پهتاسين، جتي اسان کي هڪڙي پوڙهي رهزن عورت ملي. اوسپ هن سان ڪن ۾ ڪي ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ هوءَ اسان کي هڪڙي سکڻي ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪمرو گهوڙن جي ڪڙهه کان به اونداهو ۽ گندو هو. اُتي کٽ تي هڪڙي ٿلهي عورت ستي پيئي هئي، ۽ ننڊ ۾ پاسا ورائيندي ٿي رهي. پوڙهيءَ عورت هن کي پاسي واري مڪ وهائي ڪڍي، ۽ واڪو ڪري چيائين، ”اٿ، حرامزادي، اٿ!“

عورت هراس مان ٽپ ڏئي اٿي ۽ اکيون مهٽيندي چوڻ لڳي، ”او خدا! ڪير آ؟ ڇاهي؟“

”جاسوس!“ اوسپ رڙ ڪئي. عورت ڪـُوڪ ڪري، ٻاهر گم ٿي ويئي. اوسپ هن جي پٺيان ٿڪ اڇلائي، مون کي سمجهايو، ”هي شيطان کان وڌيڪ جاسوسن کان ڊڄنديون آهن.“

پوڙهيءَ عورت پهرين ڀت تان هڪڙو ننڍڙو آئينو لاهي پري ڪيو، پوءِ ڀت تي لڳل ڪاغذ هٽائي، چوڻ لڳي، ”جهاتي پائي ڏسو ته اِهو توهان جو ماڻهو آهي؟“

اوسپ ڀت جي انهيءَ پيدا ٿيل سوراخ مان اندر نهاريو ۽ چوڻ لڳو، ”ها، اهو آهي. ڇوڪريءَ کي ٻاهر ڪڍيو.“

مون به اندر جهاتي پائي ڏٺو. اندر هڪڙي اهڙي ئي اونداهي ۽ گندي ڪوٺي هئي، جهڙيءَ ۾ اسين بيٺا هئاسين. هڪڙي ننڍڙي چمني بند ٿيل دريءَ جي ڪانس تي ٻري رهي هئي. هڪڙي ٽيڏي تاتار ڇوڪري، اگهاڙي اگهاڙي، هڪ پاسي پنهنجي انگي سُبي رهي هئي. هن جي پٺيان بسترو هو، جنهن جي وهاڻن تان اردلان جو سـُڄيل منهن اُن جي کنڊريل ۽ سخت وارن واريءَ ڪاريءَ ڏاڙهي سميت ڏسڻ ۾ پئي آيو.

تاتار ڇوڪري ڇرڪ ڀري اٿي، ۽ قميص پائي، بستري وٽان لنگهي، اوچتو اوچتو اچي اسان وٽ بيٺي.

اوسپ هن کي ڏٺو، ٿڪ اڇلايائين ۽ رڙ ڪري هن کي چيائين، ”ٿو هجي توتي، ڏاڍي ڪا بيحيا ڇوري آهين!“

کلندي هن وراڻيو، ”ٿو هجي توتي پوڙها گڏهه.“

اسين پاسو ڪري، اُن ڇوڪريءَ جي ڪوٺيءَ ۾ هليا وياسين. اوسپ هنڌ جي پيرن کي ٿي ويٺو ۽ اردلان کي نشي مان بيدار ڪرڻ ۾ هن کي چڱو وقت لڳي ويو.

ڪيتري دير هو ائين ئي چپن ۾ ڀڻڪندو رهيو-”بس ڪريو....بس ڪريو....ٿورو بيهو....مٿو نه کائو....منهنجي جند ڇڏيو.“

آخر هو اٿي ويٺو ۽ اسان کي وحشياني نموني گهورڻ لڳو، ۽ پنهنجون رت جهڙيون ڳاڙهيون اکيون وري بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ هورڙيان چوڻ لڳو، ”چڱو ڀلا، پوءِ ڇا؟“

”اڙي، هي توکي ڇا ٿيو آهي؟“ اوسپ اهڙي لهجي ۾ پڇيس، جنهن ۾ ٻاجهه وڌيڪ ۽ ڇنڀ گهٽ هئي.

”مون کي هِت اچڻو ئي پيو،“ اردلان کنگهندي چيو.

”ڪيئن؟“

”بس ڪا اهڙي ڳالهه هئي.“

”مان سمجهان ٿو، شايد تون.....“

”ڪهڙو فائدو!“

۽ اردلان ووڊڪا جي ٻوچ لٿل بوتل ميز تان کنئي ۽ ڳٽ ڳٽ ڪري پيئڻ لڳو، اوسپ کي آڇ ڪندي چيائين: ”ٿورو چڪو؟ هتي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو.“

اوسپ ڍڪ ڀريو، ۽ جيئن شراب نڙي اندر وڃڻ لڳس ته مـُنهن کڻي بڇڙو ڪيائين، ۽ روٽيءَ جي ڀور کي چٻاڙيندي. هو ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويو. اردلان پنهنجي يخيءَ ۾ اچي ڇٽو، ”سو مون هن تاتاري ڇوڪريءَ سان ناتو ڳنڍيو آهي. چِند تاتاري آهي-ايفوسن جي چوڻ موجب، جوان ۽ نڌڻڪي. ڪاسيموف جي رهاڪو آهي. ميلي تي ڪمائڻ جي ارادي سان آئي هئي.“

ڀت جي ٻئي پاسي کان ڇوڪري ڀڳل روسي زبان ۾ چوڻ لڳي، ”تاتارين جو ڪو مثال ڪونهي. ننڍڙن چوزن وانگر. ٻڍي کوسٽ کي ڊوڙائي ڪڍ-تنهنجو اِهو پيءُ ته ڪونهي.“

”اِها آهي!“ اردلان ڀت ڏانهن گهوريندي چيو.

”مون ان کي ڏٺو آهي،“ اوسپ چيو.

اردلان مون کي چوڻ لڳو، ”منهنجا ڀاءُ، هاڻي تو ڏٺو، مان ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.“

مون خيال پئي ڪيو ته اوسپ هن کي اهڙيون ست سريون ٻڌائيندو، جو اردلان هڪدم ڀان ڪرڻ لڳندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. ٻيئي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو ٿي ويٺا، جو هنن جا ڪلها پئي گٺا، ۽ پاڻ ۾ نرم لهجي ۾ پئي ڳالهايائون. ڄڻ ڪي ٻه اڌ مغزي هئا، جي انهيءَ گندي ڪمري ۾ اچي مليا هئا. ڇوڪريءَ ڀت جي پريان ڀڳل ٽٽل روسي ٻوليءَ ۾ ڄاڙي پئي هنئين، پر ڪنهن به هن ڏانهن ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. اوسپ ميز تان اکڙوٽ کڻي، کڙيءَ جي هيٺان ڏيئي، ڀڳو. پوءِ ان جو گورو ڪڍي، کلون ڦٽيون ڪندي، پڇڻ لڳو، ”پئسا سڀ چٽ ڪري ڇڏيئه، ڪين ڪي اٿئي؟“

”نه، پيٽرڪ وٽ ڪجهه آهن.“

”سائبيريا وڃڻ لاءِ تيار آهين نه؟“

”ڇا لاءِ؟“

”چئبو تو خيال بدلائي ڇڏيو آهي.“

”جيڪڏهن اُهي منهنجا مائٽ نه هجن ها، ته....“

”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين؟“

”منهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو اُتي آهن.“

”سو ڇا؟“

”پنهنجن مائٽن وٽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ڪونهي.“

”ٻين وٽ وري ڪهڙو مزو آهي؟“

”مڙيئي ساڳي ڳالهه آهي.“

انهن جون ڳالهيون جيتوڻيڪ سنجيده هيون، ۽ اهڙيءَ مٺ محبت ۾ پئي ٿيون، جو تاتاري عورت وات هڻڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ اندر اچي پنهنجا ڪپڙا کڻي هلي ويئي.

”جوان آهي.“ او سپ راءِ ڏني.

اردلان هن ڏانهن نهاري، وڻندڙ نموني چوڻ لڳو، ”اها سڀ ايفوسن جي ڪرڻي آهي. هن جي دماغ ۾ عورت کان سواءِ ٻي ڪائي ڳالهه ڪانهي. پر تاتاري عورت راحت آهي راحت. رڳ رڳ ۾ باه لڳائي ٿي ڇڏي.“

”سنڀالجانءِ، نه ته ان جي ڄار مان ڪڏهن به نڪري نه سگهندين.“ اکروٽ کائڻ کان پوءِ هن اردلان کان موڪلايو.

رستي تي موٽندي، مون اوسپ کان پڇيو، ”تون اوڏانهن ڇو هليو هئين؟“

”رڳو ڏسڻ. مان هن کي سالن کان سڃاڻان، پر هي پهريون شخص ناهي، جو پاڪدامن رهڻ کان پوءِ اوچتو ترڪي پيو هجي، پر اهڙا ڪيترائي آهن.“ ۽ اوسپ اڳيون چتاءُ دهرائيندي، مون کي چيو. ”ووڊڪا کان پاڻ بچائجانءِ.“ گهڙي رکي، چوڻ لڳو، ”جيتوڻيڪ ان کان سواءِ، گهاڻي ۾ ڳهندي، حياتي اڪثر بي مزي ٿي پوندي آهي.“

”ووڊڪا کان سواءِ؟“

”هائو هڪ ڀيرو اُن جي پيئڻ جي دير آهي. ماڻهو هڪدم وڃيو ٻيءَ دنيا ۾ پهچي.“

انهيءَ کان پوءِ اردلان اُهو ساڳيو اردلان نه رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن هو ڪم تي آيو پر وري هليو ويو. بهار جي موسم ۾ مون کي بندرگاه تي ڪم ڪندي مليو. هو اُنهيءَ ٽوليءَ سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. جيڪا اتي ٻيڙن جي چوڌاري ڄميل برف ڀڃي رهي هئي. اسين ڏاڍي دوستاڻي نموني هڪ ٻئي سان ملياسين، ۽ هڪڙيءَ هوٽل ۾ وڃي گڏجي چانهه پيتيسين، جتي هو ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ”ياد اٿئي، مان ڪهڙو نه ڪاريگر هوس-پهريون نمبر! چاهيان ها ته دنيا جو ڍڳ ڪٺو ڪري وٺان ها.“

”پر تو ڪجهه به نه ڪيو.“

”نه، مون ڪجهه به نه ڪيو،“ هن فخر سان قبول ڪندي چيو. ”ڪم؟ ان تي ته منهنجي اک به نه ٻڏندي آهي.“

اسان جي ڀرسان جيڪي ماڻهو ويٺا هئا، سي هن جي ڳالهه کان ڏاڍا متاثر ٿي لڳا.

”توکي ياد آهي ته ڪم جي لاءِ مڪار پيٽرڪ ڇا چوندو هو؟ ’ٻين جي لاءِ پٿرن جا گهر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفن.‘“

مون چيومانس، ”پيٽرڪ بيمار ماڻهو آهي ۽ موت جو خيال هن جي دل ۾ گهر ڪري ويو آهي.“

”مان به بيمار آهيان ۽ منهنجي دل به خوش ناهي.“

موڪل جي ڏينهن تي مان نديءَ جي ڪناري واري پاسي ”لکاپتي“ گهٽيءَ ڏانهن، جتي گهٽ درجي جا ڪم ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، هليو ويندو هوس، ۽ اهو ڏسي عجب لڳندو هوم ته ڪهڙو نه جلد اردلان انهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويو هو. هڪ سال اڳ هو خوشدل ۽ سنجيدي قسم جو هڪ ٻهراڙيءَ جو اڻ گهڙيو ماڻهو هوندو هو. پر هاڻي هو وڏن واتوڙين شهري چالاڪڙي قسم جي ماڻهن مان هڪ ٿي پيو هو، اُنهن وانگر هو لـُڏي هلڻ جي ٽور سکيو هو، منهن تي انهن وانگر جهڳڙالو ۽ شوخ رونق اچي ويئي هيس، ۽ ڊاڙ هڻي، پنهنجن ساٿي مزدورن ڏانهن نهاري چوندو هو، ”ڏسين ٿو هي ڪيترو منهنجي سڳي ڌاڳي ۾ آهن! مان هتي جو دادا آهيان!“

هو پئسي ۾ هٿ ڦاڙ هو. جڏهن به ڪجهه هوندو هوس. ته لـُٽ لڳائي ڏيندو هو ۽ اوباش ماڻهن جا ڀڀ ڀريندو رهندو هو. جهيڙي ۾ هميشه هار کاڌل جو پاسو کڻندو هو، ۽ هميشه هن جي اها ڏاڍيان رڙ پئي پوندي هئي-”اِها انصاف جي ڳالهه آهي. نه، اِها انصاف جي ڳالهه ناهي. انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي.“ انهيءَ ڪري هن تي پنهنجي سنگت ۾ نالو ئي ”انصافي“ پئجي ويو هو، ۽ هو اُنهيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

مان انهيءَ گنديءَ، گوڙ ۽ گهمسان ڀريءَ گهٽيءَ جي رهاڪن جو گهڻي ڌيان سان مطالعو ڪرڻ لڳس. انهن ماڻهن سڀني روايتي رستن کان منهن موڙي، ٻين جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجون خوشيءَ ڀريون راهون پاڻ ڳولي ڪڍيون هيون. اهي بهادر ۽ بي پرواهه هوندا هئا. انهن کي ڏسي، ناني جي ڳالهين وارا وولگا نديءَ جا ناکئا ياد اچي ويندا هئا. جڏهن ڪم ڍرو هوندو هونِ، ته هي به اُنهن ناکئن وانگر ٻيڙين ۽ بتيلن تان چورين ڪرڻ کان به نه هٻڪندا هئا. مون کي انهيءَ تي ڏک نه ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته، جيتري قدر مون ٿي ڏٺو، زندگي-نه رڳو هنن جي پر زندگيءَ جو چوغو هرهنڌ ۽ هر قسم جو-چوريءَ جي ڌاڳي سان اهڙيءَ طرح چٿيو پيو هو، جيئن ڪنهن پراڻي اڇي ڪوٽ کي ڪاري راڳي جون چتيون ۽ ٽوپا لڳل هجن. مون اهو به ڏٺو ته هو سڀ، سواءِ ڪن ضروري موقعن جهڙوڪ باهه لڳڻ، ندين جي برف ڀڃڻ وغيره جي، جنهن وقت پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪين گهٽائيندا هئا، گهڻو ڪري ڪم جا ٽوٽي هوندا هئا. انهيءَ هوندي به هنن جون حياتيون ٻين ماڻهن جي حياتين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موج ۽ مزي ۾ گذرنديون هيون.

اوسپ، اهو ڏسي ته منهنجي اردلان سان ڪيتري نه گهرائپ ٿي ويئي هئي، پيءُ وانگر مون کي نصيحت ڪندي چيو، ”پٽ، ڌيان ڪر! ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ۾ دوستي ڳنڍڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ ڏسجانءِ متان پاڻ کي نقصان نه رسائي ويهين!“

مون هن کي پنهنجي پاران ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي اهي ماڻهو ڏاڍا دلچسپ ٿي لڳا، ڇوته اهي ڪم نه هوندي به آزاد ۽ خوشدل ٿي نظر آيا ۽...

”پکين جيان آزاد!“ هن کلندي، منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ روڪيندي چيو، ”ائين ڇو نه ٿو چوين ته سست ۽ بيڪار، جن جي لاءِ ڪم وڏو آزار آهي.“

”پر آخر ڪم ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي؟ ’ڪنهن به ماڻهوءَ ايمانداريءَ جي پورهئي مان ڪڏهن ڪو محل ڪو ڪونه جوڙايو آهي!‘“ منهنجي واتان اها چوڻي نڪري ويئي، جيڪا تمام گهڻي ٻڌي هيم ۽ جا مون کي بالڪل سچي لڳندي هئي.

انهيءَ تي اوسپ اچي بگڙيو-”تو اها ڳالهه ڪٿي ٻڌي آهي؟ بيوقوفن يا ٽوٽين کان! تو جيڏيءَ عمر وارن کي اهڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان ئي ڏيڻ نه گهرجي. ناڪام ماڻهو ئي ساڙ وچان اهڙيون واهيات ڳالهيون ڪندا آهن. منهنجا پٽ، کنڀن ڄمڻ کان اول اڏامڻ ڇڏي ڏي. مان سمجهان ٿو ته تنهنجن نون دوستن جي خبر تنهنجي مالڪ کي ٻڌائڻ منهنجو فرض آهي.“

هـُن واقعي پوءِ ائين ڪيو، ۽ مالڪ مون کي چتاءُ ڏيندي، چيو، ’لکاپتي‘ گهٽيءَ جو نالو به نه وٺندو ڪر. اِهو بدمعاشن ۽ رنڊين جو اڏو آهي، انهيءَ گهٽيءَ جو ٻيو دروازو جيل ۾ يا اسپتال ۾ کلي ٿو. مان توکي چوان ٿو ته ايڏانهن نه ويندو ڪر.“

اُنهيءَ کان پوءِ ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ واري ڳالهه پهرين لڪ ۾ رکندو هوس، ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ منهنجو اوڏانهن وڃڻ مرڳوئي بس ٿي ويو.

هڪڙي ڏينهن مان اردلان ۽ هن جي سنگتي روبيناڪ سان هنن جي رهڻ واريءَ جاءِ جي ڪوٺي تي ويٺي ڳالهيون ڪيون. روبيناڪ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن هن ماسڪو تائين پيادل سفر ڪيو هو. هو ڪنهن زماني ۾ سپاهي هو ۽ گهوڙي سوارن ۽ انجنيئرن جي پلٽڻ ۾ ڪم ڪيو هئائين. ترڪيءَ سان لڙائي واري زماني ۾ گوڏي وارو ڌڪ لڳو هوس، جنهن ڪري حياتيءَ تائين منڊو ٿي پيو هو. هن کي ٻانهن ۾ بي انتها طاقت هوندي هئي، پر اها ايتري ڪارائتي ٿي نه سگهي هيس، جو هن کي اڃا تائين ڪٿي ڪا نوڪري ملي ڪانه سگهي هئي. اُن وچ ۾ بيماريءَ ڪري هن جا وار ڇڻي ويا هئا، ۽ هن جو مٿو کـُسي بنهه هڪ نئين ڄاول ٻار جهڙو ٿي پيو هو.

جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته هن جي ڀورين اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي-”سرپوخوف جي شهر ۾ هڪڙو پادري سليج ۾ ويندو مليم. مون چيس، ’سائين، ترڪي جنگ جي بهادر کي ڪجهه خير ڏيو‘.....“

”اهو ڪوڙ آهي،“ اردلان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

”مان ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس؟“ ڪاوڙجڻ کان سواءِ روبيناڪ چوڻ لڳو.

اردلان هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو، ”تون صفا چٽ آهين. توکي ٻين لنگڙن وانگر چوڪيداري ملي سگهي ٿي، پر تون رلڻ ۽ ڪوڙ هڻڻ تي هري ويو آهين.“

”مان جيڪي ڪجهه ڪيان ٿو، ماڻهن کي وندرائڻ جي لاءِ ڪيان ٿو، مان ڪوڙ انهيءَ لاءِ هڻان ٿو ته هو کلن، خوش ٿين!“

آسمان ۾ سج چمڪي رهيو هو، هوا خشڪ لڳي رهي هئي، پر جنهن هنڌ اسين ويٺا هئاسين، اُتي اونده ۽ پوسل هئي. اوچتو هڪڙي عورت اچي لنگهي، جيڪا پنهنجن هٿن ۾ هڪڙو ڪپڙو لوڏيندي چئي رهي هئي، ”پيٽي ڪوٽَ ويڪائو، پيٽي ڪوٽَ!“

عورتون پنهنجن چـُرن مان ٻاهر نڪري آيون ۽ وڪري واريءَ جي چوگرد جنهن جي آواز مان ائين ٿي لڳم، ڄڻ اُها کٽياڻي نتاليا هئي، ميڙ ڪري بيهي رهيون.

هن اهو پيٽي ڪوٽ پهرينءَ واڪ ڏيندڙ کي ڏيئي ڇڏيو. جيستائين مان ڇت تان هيٺ لٿس، تيستائين هوءَ اتان هلي ويئي. مان کيس در وٽ وڃي پهتس، ۽ کيس سڃاڻندي، ڏاڍي اتساهه مان چيو مانس، ”ڪيئن آهين؟“

”بس ايترو ئي چوڻو اٿئي!“ هن جواب ۾ اکين مان پاسيرو نهاريندي چيو. هڪدم مون ڏانهن ڏسندي، پوءِ هو بيهي رهي، ۽ ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ”يا خدا! پر تون هتي ڪيئن آيو آهين؟“

هـُن جي اِن وراڻيءَ مون کي منجهائي ڇڏيو. اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي ته هن کي منهنجي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو هو. هن جي سمجهه ڀرئي چهري تي عجب ۽ اومان جون ريکائون چٽيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. مون هن کي ٻڌايو ته مان هتي رهندو ناهيان، پر رڳو گهمڻ ۽ تماشو ڏسڻ لاءِ ايندو آهيان.

”گهمڻ ۽ تماشو ڏسڻ!“ غصي ڀريل لهجي ۾ چٿر ڪندي، هن چيو، ”هيءُ وري ڪهڙي گهمڻ ۽ تماشي ڏسڻ جو هنڌ آهي؟ ضرور تون عورتن جي پٺيان خوار آهين!“

هن جو منهن ڪومائجي ويو هو. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون، ۽ هن جا چپ لڙڪي پيا هئا. هوٽل جي دروازي وٽ پهچندي چيائين، ”اچ ته چانهه پيئون. مون کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي. جيتوڻيڪ تنهنجي پوشاڪ هتان وارن ماڻهن کان مختلف آهي.“

هوٽل ۾ ويهندي، منهنجي سلسلي ۾ هن جو شڪ ۽ خوف گهٽجي ويو. گلاسن ۾ چانهن وجهندي چوڻ لڳي، ”ٿوري گهڙي ٿي، جو ننڊ مان اٿي آهيان ۽ اڃا تائين نيرن نه ڪئي اٿم. گذريل رات نشي ۾ چور ٿي، ستي هيس. مون ڪٿي پئي پيتو ۽ ڪنهن سان پئي پيتو، اهو به ياد ڪين اٿم.“

مون کي هن سان گڏ ويهڻ خراب ٿي لڳو، پر هن کي ڏسندي منهنجي دل کي ڏاڍو جهٻو پئي آيو. مون کي اِها اڻ تڻ هئي ته هن کان هن جي ڌيءُ جي خبر پڇان. ٿوري چانهه ۽ ووڊڪا پيئڻ کان پوءِ هن جي ڳالهائڻ ۾ هِن گهٽيءَ جي عورتن واري خنڪي ۽ گهرائپ پيدا ٿي ويئي، پر جڏهن مون هن کان هن جي ڌيءَ بابت سوال پڇيو، ته هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي.

”توکي ايترو اونو ڇا جي لاءِ آهي؟ نه، منهنجا پٽ نه، هوءَ تنهنجي ور چڙهي نه سگهندي. پنهنجي دل مان اهڙو خيال ڪڍي ڇڏ.“

جڏهن هن وڌيڪ شراب پيتو، ته چوڻ لڳي، ”منهنجي ڌيءُ ۽ منهنجو پاڻ ۾ ڪوبه واسطو ڪونهي. آخر مان ڪير آهيان؟ هڪڙي کٽياڻي-اُها هڪڙي پڙهيل ڇوڪريءَ جي ماءُ ڪيئن ٿي ٿي سگهي! اهي آهن هن جا احوال! هوءَ ماسترياڻي ٿيڻ لاءِ هلي ويئي آهي ۽ هڪڙيءَ شاهوڪار ساهيڙيءَ سان گڏ رهندي آهي.....“

پوءِ پنهنجي ڳالهه کي پورو ڪندي چوڻ لڳي، ”ڪير آهي، جو هڪ کٽياڻيءَ کي پنهنجو ڪري سگهي ٿو! هڪ بازاري عورت کي وري به ڪونه ڪو قبولي.....“

هن جي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهه پڌري هئي. هوءَ بازاري عورت ٿي ويئي هئي. ٻئي ڪنهن به قسم جي عورت انهيءَ گهٽيءَ ۾ ڪانه ايندي هئي. پر جڏهن هن پاڻ کي بازاري عورت ڪوٺيو، ته شرم ۽ همدرديءَ کان منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. منهنجي دل کي نتاليا جي انهيءَ ڳالهه، جيڪا ڪڏهن همٿ ڀري، هوشيار ۽ خوددار هئي، باهه جي اُلن وانگر ڏنڀي ڇڏيو. مون ڏانهن گهڻي وقت تائين گهوڙي نهارڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳي، ”مان توکي عرض ٿي ڪريان ته هاڻي هن هنڌان هليو وڃ. مهرباني ڪري هن هنڌ کان پري رهندو ڪر، نه ته پاڻ کي ڪڏهن آويءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندين.“ ۽ مٺڙي پر ٽٽل آواز ۾-اصل اِئين ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي هجي-ڪنڌ جهڪائي ۽ آڱرين سان طشت تي نهنڊون پائيندي، چوڻ لڳي، ”پر مان ڪهڙي اميد رکي ٿي سگهان ته تون منهنجي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيندين، چاهي مان توکي ڪيترا به ايلاز ۽ منٿون ڪيان. جڏهن منهنجي سڳي ڌيءُ منهنجي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي. مون هن کي روئي چيو هو، ”تون پنهنجي ماءُ کي ائين ٿي ڇڏي ڏين؟ تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟“ – مان پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇڏيندس!“ هن وراڻيو. اِهو هو هن جو جواب، ۽ هوءَ ڪازان ڏانهن وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هلي ويئي پر هتي منهنجو ڪير هو؟ مان ڇا ڪيان؟ ۽ نيٺ هن حالت تي پهتي آهيان، ۽ هڪ بازاري عورت آهيان، جا بيشرم بني تنهنجي اڳيان ويٺي آهيان.“

پوءِ هوءَ گهڻي وقت تائين ماٺ ڪري ويهي رهي، جيتوڻيڪ هن جا چپ هن جي خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ سان پئي ڦڙڪيا. اهو صاف ظاهر هو ته هن کان منهنجو ڌيان ئي لهي ويو هو. هن جي ڦڙڪندڙ چپن ۾ هن جي چهري جي مڙيل گهنجن ڏانهن، جيڪي ڪنهن دل ٽٽل ٻار جي حالت وانگر ٿي ڏسڻ ۾ آيا، نهارڻ عذاب کان گهٽ نه هو. هن جي وارن جون چڳون جيڪي هن جي مٿي سان ويڙهيل رومال مان کسڪي آيون هيون، سي هن جي چهري ۽ ڪن جي مٿان لڏي رهيون هيون. جڏهن هن ڏٺو ته هن جي اکين مان ڳوڙها وهي، چانهه جي پياليءَ ۾ پئي ڪريا، ته هن چانهه جي پيالي پري ڪري، اکين کي زور سان بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اُنهن مان پاڻ ڳوڙها وڌيڪ ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳا. پوءِ هن پنهنجي رومال سان منهن اگهيو. مون کي وڌيڪ ڏٺو نه پئي ٿيو، تنهن ڪري اٿي کڙو ٿيس، ۽ هن کي ’خدا حافظ‘ چيم.

”ڇا؟ اوه! وڃ، نڪر، وڃي کڏ ۾ پئه!“ هن مون ڏانهن نهارڻ کان سواءِ هٿ لوڏيندي چيو. هن کان شايد اهو خيال ئي لهي ويو هو ته هوءَ ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئي.

مان اردلان ڏانهن موٽيس، جنهن سان گڏ مڇيءَ جي شڪار لاءِ وڃڻو هوم، ۽ چاهيم پئي ته هن سان نتاليا بابت ڪجهه ڳالهايان. پر هو ۽ روبيناڪ ٻئي ڇت تان لهي ويا هئا. مان اڃا هنن کي انهيءَ گهٽيءَ ۾ ڳولي رهيو هوس، ته جهيڙي جون رڙيون، جي انهيءَ گهٽيءَ ۾ عام هونديون هيون، ٻڌڻ ۾ آيون.

مان جيئن دروازي مان ٻاهر نڪتس ته ذري گهٽ نتاليا سان اچي ٽڪريس، جيڪا روئي رهي هئي ۽ پنهنجي رومال سان منهن تي پهتل زخمن کي اگهي رهي هئي. هوءَ ٿڙڪي ۽ ٿاٻڙجي رهي هئي، ۽ پنهنجا کنڊريل وار ٺيڪ ڪري رهي هئي. هن جون اکيون ايتري قدر بند هيون، جو ذري گهٽ رستي جي ڪناري تي وچڙي ڪري ٿي پيئي. هن جي پٺيان اردلان پئي آيو ۽ ان جي پٺيان روبيناڪ هو، جو هن کي هشي ڏيئي چئي رهيو هو-”وارو ڪر، هڪڙو ٻئي جو به مزو چکائينس.“

نتاليا کي سوگهو جهلي، اردلان هن تي مڪ اولاري. نتاليا ڪنڌ مٿي ڪري، هنن ڏانهن نهاريو. هن جي ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. هن جو منهن ڀوائتو ٿي ويو ۽ هن جي اکين مان حقارت ڀريل الا نڪري رهيا هئا. هن رڙ ڪري چيو، ”هڻو مون کي ڌڪ هڻو!“

مون اردلان کي کڻي ٻانهن کان سوگهو جهليو. هن حيرت مان مون ڏي نهاريو چيو، ”توکي ڇا ٿيو آهي؟“

منهنجي وات مان مشڪل سان هي اکر نڪتا، ”هن کي هٿ نه لاءِ.“

هو اچي ٽهڪن ۾ پيو، ”هان، اها آهي تنهنجي محبوبه! نتاليا، توتي خدا جي مار هجي، تو اسان جي ساڌوءَ کي به ڦاسائي ڇڏيو!“

روبيناڪ پيٽ تي هٿ ڏيئي، هن سان کلڻ ۾ شامل ٿي ويو. مان هنن جي اڳيان هنن جي واهيات چرچن جو مرڪز بنيو بيٺو هوس. هو انهيءَ کشٽ ۾ هئا، ته نتاليا اتان کسڪي هلي ويئي. جڏهن ڏٺم ته هو بنهه ليڪا لنگهي بيٺا هئا. تڏهن روبيناڪ کي پيٽ واري مڪ هڻي، ڪيرائي، انهن وٽان ڀڄي ويس.

انهيءَ کان پوءِ مان ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن اردلان پتڻ تي ملي ويندو هو، ته خوشيءَ سان مرحبا ڪري چوندو هو، ”ڪاٿي ٿو گزارين؟“

جڏهن مون کيس ٻڌايو ته هن جي نتاليا سان ظالمانه روش ۽ مون سان واهيات چرچن مون کي ڪيڏو نه گهاءُ رسايو هو، ته هو دل کولي کلڻ لڳو. ”چئبو ته تو ان ڳالهه کي دل ۾ رکيو آهي؟ اسان ته توکي چرچي طور چيڙائي رهيا هئاسين. باقي جي هن رنڊيءَ کي مار ڏنيسين، ته ڪهڙي ڳالهه ٿي پيئي؟ ماڻهو پنهنجين زالن کي ڪٽيندا آهن. جي اسان هِن قسم جي ڪنهن عورت کي ٿڦا ٿوڦي ڪئي، ته ڇا ٿي پيو؟ پر اِها سموري ڳالهه ته مسخري هئي. موچڙن سان ڪنهن کي ٿورو ئي ڪو سڌو ڪري ٿو سگهجي! ايتري مون کي به خبر آهي.“

”توهين ڪير آهيو، جو هن کي سڌو ڪرڻ ٿا چاهيو؟ ڇا، توهان پاڻ هن کان سٺا آهيو؟“

هن پنهنجا هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي، مون کي ڌوڏو ڏيندي، زور سان مون کي چيو، ”ڪير ڪنهن کان بهتر ڪونهي. مون کي اِهو خوب معلوم آهي. هر طرح معلوم آهي. آءٌ توهان جي ٻهراڙيءَ جي ڄٽن مان ناهيان، جي ’ادا ادا، ڀائو ڀائو‘ ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجن دشمنن کي به سائين سائين ڪندا. پوڄيندا رهندا آهن.“

هن کي پيئڻ جو چسڪو پئجي ويو هو، ۽ اصل آنڊن کان ٻاهر نڪري ويو هو. البت هن جي ان معاملي ۾ مون سان هلت اهڙي هئي، ڄڻ هو هڪ همدردانه استاد وانگر مون کي دنيا جي ڪٺورتا جي اُهي گـُر سيکاري رهيو هو.

ڪڏهن ڪڏهن پاشڪا سان به ملاقات ٿي ويندي هيم. هو اڳي کان وڌيڪ وڻندڙ ۽ خوش پوش لڳندو هو. مون سان هن جي رويي ۾ البت هڪ نموني جي هڪ چٿر لڪل هوندي هئي-”اهڙي واهيات ڪم ۾ پنهنجو وقت پيو وڃائين! جهنگلين سان پيو رهين.!“

پر جڏهن ڪارخاني جو احوال ٻڌائڻ لڳندو هو ته اداس ٿي ويندو هو-”زخاريف اڃا پنهنجيءَ وهڙيءَ تي مري رهيو آهي. استانوف اُهو ئي پنهنجي حال تي ناخوش آهي، تنهن ڪري هاڻي ته پاڻ وڌيڪ بوتل سان نيهن لاتو اٿائين. گولوفيف بگهڙن جو لقمو ٿي ويو. هو سوياتڪا مان نشي ۾ چور وڦلندو پئي آيو ته بگهڙ چٽ ڪري ويس......“

جيئن هو اُهو واقعو وڌيڪ بيان ڪرڻ لڳو ته اچي کل ۾ ڇٽڪو-”جڏهن بگهڙ هن کي سڄو کائي ويا، ته هنن تي به نشو چڙهي ويو. هو پنهنجن پونين ٽنگن تي، رانديگر ڪتي وانگر اڀا ٿي، اچي پلٽن ۾ پيا ۽ پنهنجون راڳڻيون وٺي شروع ڪيائون، پر پوءِ پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنائون- ۽ ڏينهن ٿيڻ کان اڳ هڪ ٻئي جو ماس پٽي هڪ ٻئي کي به اُتي ئي پورو ڪري ڇڏيائون.“

مان به هن سان گڏ کلڻ لڳس، پر پنهنجي دل جي اونهاين مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪارخانو ۽ اتي جون رهاڻيون هينئر منهنجي لاءِ ماضيءَ جا اُهي ورق هئا، جي ڪڏهن ڌوپي ويندا هئا، ۽ ڪڏهن ڦاٽي ذريون ذريون ٿي ويندا آهن. اِنهيءَ خيال ايندي ئي، منهنجي آڏو اداسي ڇانئجي ويئي.

باب اوڻيهون

سياري جي موسم ۾ ميلي جي ميدان تي ڪوبه ڪم ڪونه ڪندو هو، تنهن ڪري گهر جا سوين سنها ٿلها ڪم منهنجي حوالي ٿي ويا، جنهن ڪري منهنجو سڄو ڏينهن انهن ۾ صرف ٿيڻ لڳو. باقي شام جو سو واندڪائي هوندي هيم، اُن ۾ وري گهر جي ڀاتين کي ”مصور“ ۽ ”ماسڪو گزيٽ“ رسالن ۾ شايع ٿيل قسطن وارا ناول پڙهي ٻڌائيندو هوس. رات جو پنهنجي ننڊ ڦٽائي، دير دير تائين، پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهندو هوس ۽ شعر لکندو هوس.

هڪڙي ڏينهن عورتون چرچ هليون ويون هيون ۽ منهنجو مالڪ بيماريءَ سبب بستري ۾ ليٽيو پيو هو. هو مون کان پڇڻ لڳو، ”ڇا، اهو سچ آهي ته تون شعر لکين ٿو؟ وڪٽر تنهنجي شعر جون ڳالهيون ڪندو آهي! چڱو. ڪو شعر پڙهي ٻڌاءِ.“

مان انڪار ڪري نه سگهيس، تنهن ڪري هن کي ٻه چار شعر پڙهي ٻڌايم. جن جو ظاهري طرح هن تي ڪو اثر نه ٿيو. ته به مون کي چوڻ لڳو، ”دل سان لکندو رهجانءِ. ٿي سگهي ٿو تون ڪڏهن پـُشڪن ٿي پوين. تو ان کي پڙهيو هوندو؟“ پوءِ پشڪن جي شعر جي هڪڙي مصرع پڙهي ٻڌائڻ لڳو:

ڇا، ڪڏهن ڏائڻيون به شادي ڪن ٿيون.

ڇا، جنڙا ڪڏهن مرندا به آهن؟

پوءِ چوڻ لڳو، ”هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ڏائڻين ۽ جنن ۾ اعتبار ڪندا هئا، پر آءٌ نٿو سمجهان ته هن جو پنهنجو اُنهن ۾ ڪو اعتبار هو. هن انهن جو ذڪر رڳو چرچي طور ڪيو آهي.....منهنجا ڀاءُ، اها حقيقت آهي ته توکي تعليم ملڻ کپندي هئي، پر مون لاءِ ته تنهنجي مدد ڪرڻ جو هاڻي وقت گذري ويو آهي....مان جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي هجان ها ته پنهنجي شعري بياض کي عورتن جي نظرن کان لڪائي رکان ها. ڇو ته جيڪڏهن انهن جي اِ نهيءَ تي اک پئجي ويئي ته توکي خوب چيڙائينديون. منهنجا ڀاءُ، مان توکي ٻڌايان ٿو ته عورتن کي شل نه ڪنهن جي ڪا ڪمزوري هٿ اچي، پوءِ ان کي ڦٿڪائي ڇڏينديون.“

ڪجهه ڏينهن کان مالڪ ڪنهن خيال ۾ گم ڏسڻ ۾ ايندو هو. هو بار بار پنهنجي متعلق اداسائيءَ ۽ پريشانيءَ سان سوچڻ لڳندو هو. در جي گهنٽي وڄڻ سان ڇرڪ ڀري، اُڀو ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي چهڙون ڏيڻ لڳندو هو ۽ هر ڪنهن مان وڏون پيون ڪڍندو هو. گهر مان ڪاوڙجي هليو ويندو هو ۽ دير سان نشي ۾ چور واپس ورندو هو. ائين پيو ڀانئبو هو ته هو ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه کي لڪائي رهيو هو، جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ اوچتو پيش آئي هئي ۽ جنهن هن جي دل کي پائمال ڪري ڇڏيو هو، ۽ هاڻي هن جي روزمره واري زندگي بي رس ۽ بي چس ٿي پيئي هئي، جنهن کي هو رڳو زوريءَ گذاري رهيو هو.

هر آرتوار جو منجهند جي مانيءَ کان پوءِ رات جو نائين بجي تائين مون کي موڪل هوندي هئي. مان پنهنجو اهو وقت هيڏانهن هوڏانهن رلڻ ۽ شام جو يامڪسي گهٽيءَ ۾ هڪڙي قهوه خاني ۾ گذاريندو هوس. انهيءَ قهوه خاني جو مالڪ بت ۾ ڀريل هو ۽ راڳ جو شوقين هو. چرچ ۾ مناجاتن ڳائڻ وارا انهيءَ ڳالهه کان واقف هئا، انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو قهوه خاني ۾ هليا ايندا هئا، جتي هنن جي خوشامد چانهه ۽ بير سان ڪئي ويندي هئي، جنهن جي عيوض ۾ هو راڳ ٻڌائيندا هئا. مون کي انهن جو راڳ بي مزي لڳندو هو، ڇاڪاڻ ته هو دل سان نه پر شراب ڪباب واسطي ڳائيندا هئا. ۽ هنن جا گيت گهڻو ڪري اُهي ئي چرچ جون مداحون ۽ مناجاتيون هونديون هيون. انهن عارفانه راڳ ڳائڻ وارن ۾ ڪيترا اهڙا به هوندا هئا، جي عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ پسند نه ڪندا هئا، تنهن ڪري قهوه خاني جو مالڪ انهن کي پردي جي پٺيان ويهاريندو هو ۽ ٻڌندڙن کي رڳو انهن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. گهڻو ڪري ڪي نه ڪي ڳوٺاڻا ۽ ٻهراڙيءَ جا راڳيندڙ ئي اُتي اچي راڳ ڳائيندا هئا. دڪان جو مالڪ سوداگريءَ واري ڏينهن تي جڏهن ٻهراڙيءَ جا ماڻهو سودو سامان وٺڻ ايندا هئا، ته هو انهن مان ڳولي، چڱي آواز وارن کي پنهنجي دڪان ۾ آڻي، راڳ ڳارائيندو هو.

ڳائيندڙ کي شراب جي دخل اڳيان ووڊڪا جي پيپ ڀرسان اسٽول تي ويهاريو ويندو هو. گهڻو ڪري هو سڀ سٺا ڳائيندڙ هوندا هئا، پر انهن سڀني ۾ ڪلشڪوف وڌيڪ سٺو هوندو هو. هن جي مٿي تي ڳاڙهن وارن جا ڇڳا هوندا هئا. هن جو نڪ مردن وانگر سڪل، سندس اکيون سنجيده ۽ ننڊاکڙيون هونديون هيون، جي سدائين هڪ پاسي ئي پيو گهورينديون هيون. هو پنهنجون اکيون پوري ۽ ڪنڌ کي پٺتي ڪري، جيئن سندس مٿو ووڊڪا جي پيپ سان گسڻ لڳندو هو، ۽ ڇاتي ڪڍي، پنهنجي مٺڙي آواز سان هيٺيون گيت ڳائڻ شروع ڪندو هو:

آه، ڪيئن نه ڪوهيڙو پکڙي وڃي ٿو!

صاف زمين ميري ۽ رستا اونداها ٿي وڃن ٿا!

ٿورو دم پٽي، وڌيڪ پٺتي آهلي، ڇت ڏانهن منهن ڪري، چوڻ شروع ڪندو هو:

”آه، پوءِ مان ڪاڏي وڃان! هاڻي مان ڪيئن ڪيان؟

ڪٿان شاهي سڙڪ مليم! ڪهڙي پاسي نڪري وڃان!

هن جو آواز سنهو پر لاڳيتو ۽ اڻٿڪ هوندو هو. هو قهوه خاني جي فضا کي پنهنجي اداس گيتن ۽ ستار جي غمگين نغمن سان ڀري ڇڏيندو هو. هن جا سنوان سڌا گيت هر ڪنهن تي جادو ڪري ڇڏيندا هئا. ٻيا ته ڇڏيو، پر جيڪي نشي ۾ بيخبر هوندا هئا، سي به انهن کي ٻڌڻ لاءِ ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي ويهي رهندا هئا. منهنجي دل ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان جذبن جون اٿلون ۽ اڇلون اچڻ لڳنديون هيون، ۽ ائين سمجهدو هوس ته اُهي مٺيءَ موسيقيءَ جو سحر انگيز اثر هيٺ روح جي گهراين مان ڦٽي اٿندا هئا.

پوءِ قهوه خاني ۾ چرچ جهڙي چپ ٿي ويندي هئي ۽ راڳ ڳائيندڙ هڪ اهڙي دياوان پادريءَ وانگر لڳندو هو، جيڪو وعظ بجاءِ پنهنجي سموريءَ دل سان انسان ذات لاءِ دعا ۽ سڄيءَ ڏکن ڀريل انساني زندگيءَ لاءِ بخشش گهرندو هجي. سڀني طرفن کان ڏاڙهين وارا مڙس هن ڏانهن گهورڻ لڳندا هئا، هنن جي سخت چهرن ۾ سندس اکيون ٻارن جي اکين وانگر چمڪڻ لڳنديون هيون. هنن جي ٿڌن ساهن مان مٿن راڳ جي اثر جو پتو پوندو هو. انهيءَ وقت مان محسوس ڪندو هوس ته ماڻهو هونئن پنهنجي روزمره جي زندگي ڪيتري قدر نه ڪجسي ۽ بناوتي گذارين ٿا! سچو پچو زندگيءَ جو رنگ ۽ اُن جو لطف شايد هنِن ئي هنڌن تي ۽ اهڙين ئي گهڙين ۾ هي وٺن ٿا. نه ته ايترا اُن جي سر ۽ ميٺاج ۾ مٺجي پنهنجي پاڻ کي غافل ڇو ٿي وڃن ها!

هڪڙي ڪنڊ ۾ ليزا، پراڻا ڪوٽ وڪڻندڙ، بدچال ۽ بڇان جهڙي عورت، پنهنجن ڪلهن ۾ ڪنڌ جهڪايو، اڪيلي اڪيلي ويٺي هوندي هئي. هن جي گستاخ پر هيڻين اکين مان ڳوڙهن جون بوندون ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳنديون هيون. اُن جي ويجهو اُٻاڻڪو متروپولسڪي، چرچ جي ٽوليءَ ۾ راڳ ڳائيندڙ نوجوان، ويٺو هوندو هو. هن جي بت تي گهڻا وار هوندا هئا ۽ هن جون اکيون نشي جي ڪري لٿل، منهن ۾ گول ۽ اندر پيٺل پيون لڳنديون هيون. هو سندس ڏيک مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هو هڪ پادري آهي، جنهن کي رڳو جبو پاتل نه هو. هو پنهنجي ووڊڪا جي گلاس ڏانهن پيو گهوريندو هو، ۽ ان کي کڻي، چپن تي آڻي وري خيال سان رکي ڇڏيندو هو-سواءِ ڪنهن ڍڪ پيئڻ جي، چپ چاپ، ڄڻ پيئڻ اُن کان پڳو ئي ڪونه ٿي.

پنهنجو راڳ پورو ڪري، ڪلشڪوف پنهنجي ڪرسيءَ تي سـُري، ٽيڪ ڏيئي، آرام سان ويهي رهندو هو، ۽ قهوه خاني جو مالڪ هن جي اڳيان شراب رکي، راضپي سان مرڪي چوندو هو، ”واه واه، وڻ وڄائي ڇڏيئه! اهو راڳ ته نه هو، روح هو! تون بيشڪ ڳائڻو آهين. ڪوبه ان کان انڪار ڪري نه سگهندو.“

ڪلشڪوف شراب جي سرڪي ڀري، کنگهي، نڙي صاف ڪري، پوري يقين سان چوندو هوس، ”جنهن کي به آواز آهي اهو راڳ ڳائي سگهي ٿو. پر راڳ راڳ ۾ فرق آهي. راڳ وڏي ڳالهه آهي. راڳ جي روح کي پيش ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. انهيءَ لاءِ ئي چيو اٿن ته راڳ ڏات آهي. راڳ سکجي نٿو، پر راڳ ملي ٿو!“

”ڊاڙ مان ڇا فائدو؟“

”سچ ۾ ڊاڙ ڪهڙي!“ ڪلشڪوف وڌيڪ خود اعتماديءَ سان چيو.

”ڪلشڪوف، تون ڪيڏو نه غرور ٿو ڪرين!“ ميزبان کي خار وٺي ويو.

”جيڪو منهنجو اندر مون کي چوي ٿو. مان انهيءَ کان وڌ ڪابه ڳالهه نٿو ڪريان.“

ڪنڊ مان مترو پولسڪيءَ رڙ ڪئي، ”اوه، توهان رڍن کي هن راه وڃايل گدلي فرشتي جي راڳ جي ڪهڙي خبر؟ توهين ته ٺلها ڍونڍ آهيو، ڍونڍ!“

متروپولسڪي هر ڪنهن جو ازلي مخالف هوندو هو. هر ڪنهن سان پيو ڏند ڏيندو هو. هر ڪنهن جا پيو نقص ڪڍندو هو. ۽ هر آرتوار تي ڪنهن نه ڪنهن جي هٿان اُنهيءَ پنهنجيءَ وچڙندڙ طبيعت سبب موچڙا به کائيندو هو.

قهوه خاني جو مالڪ ڪلشڪوف جي راڳ سان محبت ۽ خود هن سان نفرت ڪندو هو. هو ڪلشڪوف جي گهٽتائي ڪرڻ کان به نه گسندو هو، ۽ ڪو موقعو ملندو هوس ته هن جي بي عزتي ڪري يا ڪرائي وٺندو هو. اها ڳالهه هن جي گراهڪن ۽ خود ڪلشڪوف کان به لڪل ڪانه هئي.

”اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هو سٺو راڳ ڳائي ٿو.“ قهوه خاني جي مالڪ هڪ ڀيري اعتراف ڪندي چيو، ”پر حد کان وڌيڪ مغرور آهي، انهيءَ ڪري هن جي مٿي مان ڪجهه هوا ڪڍڻ گهري.“

ڪيترائي قهوه خاني ۾ ويٺل ماڻهو ڪنڌ ڌوڻي، هن سان ها ۾ ها ملائڻ لڳا-”برابر، ڏاڍي آڪڙ اٿس.“-”هن کي پنهنجي درجي تي رهڻ گهرجي.“

”آڪڙ به ڇا تي ٿو ڪري؟ آواز تي نه؟ اهو ته هن کي خدا وٽان مليو آهي. اُن ۾ هن جو پنهنجو ڪهڙو ڪمال ٿيو؟- ۽ آواز به ته اهڙو کليل ڪونهيس!“ قهوه خاني جي مالڪ چيو.

ڪنهن وڌيڪ هن کي ٽيڪو ڏيندي، چيو، ”برابر، هن جو آواز به ڪو ايڏو کليل نه آهي، پر هو اُن کي ڪم ڏاڍي سٺي نموني ٿو آڻي.“

هڪڙي ڀيري جڏهن ڪلشڪوف راڳ ڳائڻ کان پوءِ شراب پي هليو ويو، تڏهن قهوه خاني جو مالڪ ليزا کي پٻيون ڏيڻ لڳو، ”ڪلشڪوف سان ٿوري ڇيڙڇاڙ ٿي وڃي، ٿورو ڪپڙن کان ٻاهر ڪڍونس. اهو ته تنهنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي!“

”ها، پر جي ڪجهه سال ننڍي هجان ها.“ هن ٽهڪ ڏيئي چيو.

قهوه خاني جو مالڪ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”ننڍيون نيٽيون ڪهڙي ڪم جون آهن؟ مون کي پڪ آهي ته هو تنهنجي ئي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندو، ۽ تنهنجي ئي آڱرين تي نچڻ لڳندو. جڏهن تون هن کي نيچو نوائيندينءَ تڏهن ڏسجانءِ ته ڪيئن ٿو ڏک ڀريا گيت ڳائي ۽ هن جو راڳ سچ پچ ته راڳ پوءِ ٿيندو. پوءِ جي هتي سڀني کي روئاري نه ڇڏي ته منهنجو نالو لاهي ڪتي تي رکي ڇڏيو. بس، تون رڳو اِها مهرباني ڪر، هن کي ڪنهن ريت پنهنجيءَ ڄار ۾ هڪ وار ڦاساءِ ضرور!“

پر ليزا انڪار ڪيو. گهنجن پيل، هِن وهيءَ کان موٽيل عورت هيٺ نهاريو، ۽ پنهنجي ڇاتيءَ ۾ لڳل رومال کي هڪڙي هٿ سان اٿلائيندي پٿلائيندي، چوڻ لڳي، ”اهو ڪنهن جو جوانڙيءَ جو ڪم آهي. جيڪڏهن مان ڪجهه سال ننڍي هجان ها، ته ان ۾ هوند پل جي به دير نه ڪيان ها.“

گهڻا ئي ڀيرا قهوه خاني جي مالڪ ڪوشش ڪئي ته ڪلشڪوف کي نشي ۾ چور ڪري ڇڏجي، پر هو به راڳ ڳائي، هر راڳ کان پوءِ گلاس شراب جو پي، پنهنجي نڙيءَ جي چؤڦير گرم مفلر ويڙهي، مٿي ۾ ٽوپي وجهي، هليو ويندو هو.

ڪلشڪوف کي نيچو نوائڻ لاءِ قهوه خاني جو مالڪ ٻيا ڳائڻ وارا ڳولي ڪڍندو هو. جنهن رات ڪلشڪوف جو راڳ نه لڳندو هو، ته قهوه خاني جو مالڪ وڏي اميد سان ئي راڳ واري کي پيش ڪندو هو، ”اچو ته هن ٻئي ڳائيندڙ کي به ٻڌون! مهربان دوست، اچ ۽ اچي پنهنجو جوهر ڏيکار!“

ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ ته ڪو سٺو نئون آواز ٻڌڻ ۾ اچي ويندو هو، پر مون کي اهڙو ڪوبه موقعو ياد ناهي جڏهن مقابلي وارو ڪلشڪوف جي مٽ ٿي سگهيو هجي.

”هون! هون!“ نراس ٿيل قهوه خاني جو مالڪ چوندو هو، ”خراب ناهي. تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، پر ان ۾ جان ناهي.“

ٻڌندڙ، ٺٺولي ڪري چوندا هئا، ”ڏسجي ٿو ته هـُن ڏٻري گهوڙي کان ڪير کٽي نه سگهندو!“

اهڙي هڪڙي ڀيري، ڪلشڪوف پنهنجن وڏن ڀِرن مان هنن ڏانهن نهاري، سرد لهجي ۾ چوڻ لڳو، ڇوٿا پنهنجو وقت وڃايو؟ توهان کي منهنجو مـَٽ ُ ڪوبه نه ملندو. مون کي خدا جي ڏات آهي. منهنجي دل ۾ ازل جي آگ پيئي ٻري!“

”اسين سڀ به ته خدا جا آهيون.“

”ها، تون ڀل ايستائين شراب پيئاريندو رهه، جيستائين تنهنجو ڏيوالو نڪري، پر توکي منهنجي مقابلي جو ماڻهو نه ملندو.“

قهوه خاني جو مالڪ ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو-”چڱو، چڱو، ڏٺو ويندو.“

”هيءَ راڳ آهي، ڪڪڙن جي ويڙهه ناهي.“ ڪلشڪوف زور ڏيندي چيو.

”ٺيڪ آهي. پر پنهنجون مرليون وڄائڻ بند ڪر.“

”هي مرليون ناهن، پر توکي سمجهايان ٿو. اُهو راڳ، جيڪو رڳو وندر لاءِ آهي شيطاني شيءِ آهي ۽ جيڪي راڳ کي رڳو وندر لاءِ ٻڌن ٿا، سي پاڻ به شيطان کان گهٽ ناهن!“

”چڱو، چڱو، ڳالهائڻ بند ڪر! هاڻي ڪو ٻيو راڳ ٻُڌاءِ“

”مان راڳ ڳائڻ لاءِ سدائين تيار هوندو آهيان-پوءِ کڻي ننڊ ۾ ڇونه هجان.“ هو گلو صاف ڪري ڳائڻ لڳو.

هڪدم لفظن جي ڏي وٺ، جهڳ جهڳ، هٺ ۽ وڏائي سڀ ڳالهيون دونهين وانگر غائب ٿي ويون. هڪدم اسان جي مٿان ٻئي قسم جي زندگيءَ جون تازگي بخشيندڙ، خيالن ۾ غلطان ڪندڙ، پيار ۽ ڏک ڀريل لهريون ڇائنجي ويون. مون کي هن سان ۽ هن جي ڏات سان. جنهن جو اسان سڀني تي ايترو قبضو هو، ڏاڍي ريس ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ مان چاهيندو هوس ته اُن ڏٻري گهوڙي سان واقفيت پيدا ڪريان ۽ گهڻي وقت تائين ويهي ڳالهيون ڪيان، پر اُن لاءِ همت ٻڌي نه سگهندو هوس.

پنهنجي زرد اکين سان هو ماڻهن ڏانهن اهڙيءَ ريت نهاريندو هو، ڄڻ ته انهن جي هستي هن جي اڳيان ڪابه حقيقت نه رکندي هئي. هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هوندي هئي، جا مون کي به ڪانه وڻندي هئي ۽ منهنجي دل ۾ جيڪي هن ڏانهن ڪشش هوندي هئي، ان کي اُها گهٽائي ڇڏيندي هئي. هن جي شخصيت اهڙي هوندي هئي، جنهن جي واکاڻ، هن جي راڳ کي خيال ۾ نه آڻيندي به، ڪرڻ چاهيندو هوس، پر ڪري نه سگهندو هوس. هو جنهن نموني پوڙهن وانگر پنهنجي مٿي تي ٽوپي ٺاهي رکندو هو ۽ جنهن خاص انداز سان پنهنجي ڳچيءَ کي ڳاڙهي مفلر سان ويڙهي چوندو هو، ”هيءُ مفلر منهنجيءَ ننڍڙي محبوبڙيءَ مون لاءِ بنايو آهي!“ ان کان مون کي بڇان ٿيندي هئي.

جڏهن هو راڳ ڳائي بس ڪندو هو، ته سهڪڻ لڳندو هو ۽ پنهنجي مردن جهڙي نڪ کي پنهنجين ٻن آڱرين سان مهٽڻ لڳندو هو، ۽ ماڻهن جي سوالن جا جواب بي دليءَ سان ڏيندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن مان کانئس ڪو سوال پڇڻ ويس، ته مون ڏانهن بي مروت نموني نهاري، چوڻ لڳو، ”ڀڄي وڃ هتان، ڇورا!“

مان مترو پولسڪيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هوس. هو جڏهن قهوه خاني ۾ داخل ٿيندو هو ته هن جو بت ڪنهن ڳوري بار کنيل مڙس وانگر پيو لڏندو هو. پنهنجي پير سان ڪرسيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، پنهنجون ٺونٺيون ميز تي ۽ پنهنجو ٿلهو جهنڊولو مٿو هٿن ۾ جهلي، ويهي رهندو هو. ٻه ٽي گلاس چپ چاپ چاڙهڻ کان پوءِ گجگوڙ ڪندڙ اوڳرائي ڏيندو هو. عجب مان هرڪو هن ڏانهن نهارڻ لڳندو هو. جواب ۾ هو به لاپرواهيءَ سان هنن ڏانهن گهورڻ لڳندو هو. هن جا اڻ سنواريل ڄنڊا هن جي ٻاهر نڪتل زرد چهري جي چوگرد پِڙي هڻي بيهي رهندا هئا.

”اڙي اوهين ڇا ٿا ڏسو؟“ هو دانهن ڪندو هو.

”جنڙي ڏانهن ٿا ڏسون!“ ڪڏهن کيس جواب ملندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن هن جي سڄي شام ماٺ ۾ گذري ويندي هئي، جهڙيءَ ريت هو چپ چاپ ۾ پيئندو هو، اهڙيءَ ريت پير گهليندو، چپ چاپ ۾ هليو ويندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن هو غصيباز مست فقير وانگر ماڻهن تي ڦٽڪار جو وسڪارو شروع ڪري ڏيندو هو-”مان خدا جو بَدِينِ کان بَري ٻانهو اوهان تي لعنت ڪيان ٿو. اي گنهگارو، اي بڇڙاين سان ڀريل انسانو، اي مڪارو، اي پنهنجي گناهن جي گپ ۾ غوطا کائيندڙ شيطانو، خبردار ٿيو! حيف آهي دنيا جي انهن مزن ۽ موجن تي، جيڪي اوهان کي گناهن جي غار ۾ ڌڪي رهيا آهن. اي شرابن جا دنگ چاڙهيندڙ مواليو! اي پيٽ کي ڏلهي ڀريندڙ پيٽوڙيئو! اي هن ڌرتيءَ جي غلاظت جي پيدائش، توهان جا اڃا ڏينهن پورا نه ٿيا آهن. توهان جيئرا آهيو ڇاڪاڻ ته ڌرتي توهان جهڙن لعنتين کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وٺڻ کان ڇرڪي رهي آهي.“

هن جو آواز اهڙو ته گجندڙ هوندو هو، جو درين جا تاڪ کڙڪڻ لڳندا هئا، ۽ هن جي آواز ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جو ٻڌندڙ اوٿڪ ۾ اچي ويندا هئا. هو ٽهڪ ڏيندا ’مست درويش‘ جي هيٺين لفظن سان عزت افزائي ڪندا هئا: ”بوجرو ڪتو، ڪيئن نه ڀونڪي ٿو!“

هن سان واقفيت ڪرڻ تمام سولي هئي. صرف ووڊڪا جي بوتل ۽ ڀڳل گوشت جو خرچ سهڻو پوندو هو.

هڪ ڀيري مون سوال ڪيس ته مون کي ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن!

جواب ۾ هن ڪاوڙ ۾ ڀرجي، رهندو مون کان سوال ڪيو، ”ڇا لاءِ ٿو پڙهين؟“

پر پوءِ مون کي منجهيل ڏسي، نرم ٿي پڇڻ لڳو، ”تو مذهبي ڪتاب پڙهيا آهن؟“

”هائو“

”ته پوءِ اُهي پڙهندو ڪر. اُنهن کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه ڪانهي، جيڪا توکي پڙهڻ گهرجي. سڄيءَ دنيا جو علم اُنهن ۾ آهي. پر رڍن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. انهيءَ جي معنيٰ اها ته ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. ڀلا، تون ڪو راڳ ڳائي سگهين ٿو؟“

”نه.“

”ڇونه؟ توکي ڪجهه ڳائڻ گهرجي. وقت کي انهيءَ کان وڌيڪ واهيات نموني گذارڻ جو ٻيو ڪو طريقو ڪونهي.“

ڀر واريءَ ميز تان ڪنهن چيو، ”تون به ته ڳائيندو آهين!“

”چڱو، مان واهيات آهيان، پوءِ ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه به نه.“

”اها ’ڪجهه به نه‘ ته نئين ڳالهه ناهي. سڀني کي پتو آهي ته تنهنجي ڪُند مغز ۾ ڪجهه به ڪونهي ۽ خدا ڪندو ته اُن ۾ ڪڏهن ڪجهه هوندو به ڪونه-آمين!“

هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان، ۽ مون سان به، اهڙيءَ ئي ڇتڪتائيءَ سان پيش ايندو هو. پر جڏهن مون کيس ٻه چار ڀيرا ووڊڪا ۽ پڪل جيرا کارايا، ته مون سان ڪجهه نرميءَ سان پيش اچڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين-چوڻ لڳو، ”جڏهن به مان توکي ڏسندو آهيان تڏهن سوچيندو آهيان ته تون ڪير آهين، ڇا آهين ۽ ڇو آهين ؟...پر پنهنجو رستو وٺ، جيڪي هجين سو هجين، منهنجو انهيءَ ۾ ڇا!“

ڪلشڪوف سان هن جو سلوڪ مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو-هن کي وڏي چاهه سان ٻڌندو هو، ۽ هن جي راڳ تي خوش ٿيندو هو. ته به هن جي ويجهي وڃڻ کان پوءِ نٽائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن بابت سخت ناپسنديءَ جا رايا بيان ڪندو هو. ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جو! هن کي پنهنجي آواز تي قبضو آهي، ۽ اها ڄاڻ اٿس ته ڇا ڳائي رهيو آهيان. باقي انهيءَ کان سواءِ گڏهه آهي گڏهه.“

”ڇو؟“

”پنهنجيءَ ٻيءَ برادريءَ وانگر.“

جڏهن هو سنجيدو هوندو هو، تڏهن مان هن سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندو هوس، پر اهڙيءَ ويل هو پيو رنڀندو هو ۽ پنهنجن گندين اکين سان ٻاهر پيو نهاريندو هو. مون کي ٻڌايو ويو هو ته هو ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ دينيات جو طالب علم رهي چڪو هو. مون کي اُن ڳالهه ۾ شڪ هوندو هو، پر هڪڙي ڏينهن ڳالهيون ڪندي مون بشپ ڪرسنتوف جو نالو ورتو. ڪنڌ لوڏي چيائين، ”ڪرسنتوف؟ مان هن کي سڃاڻندو آهيان. ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ مان هن جو شاگرد هوندو هوس. ڪرسنتوف معنيٰ ’سون جو گل‘. پال برينڊا صحيح هو جڏهن هن لکيو هو، ’ڪرسنتوف سچ پچ سون هو‘!“

”پال برينڊا ڪير آهن؟“

مون پڇيس، پر متروپولسڪي منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي چيو، ”منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟“

اُن ڏينهن جڏهن مان گهر پهتس، تڏهن پنهنجي نوٽ بـُڪ ۾ لکي ڇڏيم: ”مون کي پال برينڊا ضرور پڙهڻ گهرجي.“ خبر نه آهي ته ڇو. پر مون ائين ئي سمجهيو ته منهنجي روح کي جيڪي سوال ستائيندا ٿي رهيا، انهن جي جواب مون کي اُن پال برينڊا کي پڙهڻ مان ملي ويندا.

متروپولسڪي ڪڏهن ڪڏهن چڙ ڏياريندڙ نموني اهڙا نالا کڻندوهو، جي منهنجا ڪڏهن ٻڌل نه هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ائين هو پنهنجا لفظ به ٺاهي بيان ڪندو هو.

”زندگيءَ جو ’انيسو‘ ختم ٿيندو ٿو وڃي.“ هن چيو.

”انيسو‘ ڇاهي؟“

”مزو!“-آءٌ جو منجهي پيس ته هن کي اُن تي مزو اچي ويو ۽ مون کي پنهنجي اُن سوال جي جواب جي عنايت ڪيائين.

هن جي نڪته آميز ٽوٽڪن ۽ هن جي وسيع علم مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته هو عالم هو، پر مون کي انهيءَ ڳالهه تي مٺيان لڳندي هئي ته هو پنهنجي علم کي ٻين اڳيان بيان ڪرڻ ۾ بخل ڪندو هو ۽ ان کي اڪثر غير فهم نموني پيش ڪندو هو. يا ائين هو، ته مون کي هن مان انهيءَ قسم جي اميد نه رکڻ کپندي هئي! ڪجهه به هجي، پر هو انهن ماڻهن مان ضرور هو، جن منهنجي دل تي پنهنجو اثر ڇڏيو هو. مون کي هن جي مست درويشانه نموني جي ڦٽڪارن ٻڌڻ مان مزو ايندو هو-”اي پليت ۽ ذليل انسانو!“ هو گجگوڙ ڪندو هو، ”توهان ۾ جيڪي نالائق آهن، انهن کي مان ۽ مرتبو آهي ۽ جيڪي لائق آهن سي ذليل ۽ خوار آهن. پر قيامت جو ڏينهن ويجهو اچي رهيو آهي. تڏهن توهان پڇتاءُ ڪندؤ، پر پڇتاءُ ۽ توبهه جو وقت گذري ويو هوندو ۽ توهين اُلن وانگر پيا هٿ مهٽيندؤ!“

هن جي طنز ڀري تقرير ٻڌي، مون کي ’نيڪ خيال‘، نتاليا ڌوٻياڻي جيڪا غير متوقع تباهيءَ جي ڀوائتيءَ کڏ ۾ ڪري پيئي هئي، ۽ ملڪه مارگاٽ جنهن بابت گندا افواه پکڙندا رهندا هئا، ياد اچي ويندا هئا. سچ پچ، ڪهڙيون نه ڳالهيون منهنجي دل ۾ سانڍيل هيون!

هڪڙي عجيب حادثي منهنجي هن عجيب انسان سان گهرائپ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هڪڙي بهار جي ڏينهن هو مون کي فوجي حاطي سان لڳل ٻنين ۾ گڏيو. هو اُٺ وانگر داڦوڙا هڻي هلي رهيو هو. هن جو ٻاهر نڪتل مٿو وڃڻي وانگر هڪ پاسي لڏي رهيو هو. هو اڪيلو ٿي ڏٺو.

”گهمڻ ٿو وڃين؟“ هن مون کان کهري نموني پڇيو، ”مان به توسان گڏ ٿو هلان. مان به گهمڻ لاءِ نڪتو هوس. دوست، مان هڪڙو بيمار ماڻهو آهيان، سچ پچ ته ڏاڍو بيمار!“

اڃا ڪجهه قدم ڳالهائڻ کان سواءِ مس کنيائون، ته اسان هڪ کڏ جي مٿان اچي بيٺاسون. نوڙي کڏ ۾ ڏٺوسين ته هڪڙو ماڻهو هيٺ اُن جي هڪ پاسي ويٺل نظر آيوسين. ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ڀڪ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. هن جو ڪوٽ هن جي هڪڙي ڪن جي مٿان ڇڪيل هو، ڄڻ هن ان کي لاهي ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر لاهي نه سگهيو هو، ۽ اُن کي اُتي ئي ڇڏي ڏنو هئائين.

”نشي ۾ آهي.“ متروپولسڪيءَ بيهندي چيو.

انهيءَ ماڻهوءَ جي ويجهو تازي ڄاول سبز گاه جي مٿان پستول پيو هو ۽ ان جي ويجهو ٽوپي ۽ ووڊڪا جي بوتل به پيئي هئي، جنهن مان مشڪل سان هڪ ٻه ڍڪ پيتل هئا ۽ جنهن جو ٻوچ پري وڏي گاه ۾ پيل هو. مٿي ڇڪيل اوورڪوٽ هن جي منهن کي اهڙيءَ ريت لڪائي ڇڏيو هو، ڄڻ شرم کان منهن ڍڪيندو هجي. گهڙي پلڪ اسان ٻيئي بت بڻيا بيٺا هئاسون، پوءِ متروپولڪسي، پنهنجون ٻيئي ٽنگون کولي، کڏ جي ڪپ تي پختائيءَ سان بيهي، چوڻ لڳو، ”هن پاڻ کي گولي هنئين آهي!“

مون جڏهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ماڻهو نشي ۾ چور نه پر مئل آهي، ته مون کي اُنهيءَ ڳالهه تي ڄڻ ويساهه ئي نه پئي آيو. مون کي ياد ٿو اچي ته مون کي اُن ماڻهوءَ جي صفا ڪوڙيل مٿي ۽ زرد ڪن ڏانهن نهاريندي نه خوف ۽ نه افسوس ئي ٿي رهيو هو. مون کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو ته ههڙي بهار جي شاندار ڏينهن تي ڪو ماڻهو پنهنجي حياتي ختم ڪري ٿي سگهيو.

متروپولسڪي پنهنجي ڳلن کي اهڙيءَ ريت مهٽيندي ڄڻ ته هن کي ٿڌ لڳي ويئي هجي، ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”پڪيءَ عمر جو آهي. جوڻس ڀڄي ويئي هوندي يا ڪا پئسن جي گهوٻي هنئين هوندائين.“

هن مون کي موڪليو ته پوليس وٺي اچان، ۽ پاڻ کڏ جي ڪناري تي ٽنگون لڙڪائي ۽ پنهنجو ٿڳڙيون ٿيل اوور ڪوٽ چڱيءَ ريت ويڙهي، انتظار ۾ ويهي رهيو. مان پوليس کي اطلاع ڏيئي، تڪڙو تڪڙو واپس وريس، ته رستي تي مون کي متروپولسڪي مليو. هن مئل ماڻهوءَ جي ووڊڪا پي ڇڏي هئي ۽ سکڻي بوتل لوڏيندي، چيائين. ”هن ئي هـُن کي تباه ڪري ڇڏيو هو!“ ۽ پوءِ بوتل کي پٽ تي اهڙو زور سان اڇلايائين، جو بوتل ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي.

پوليس وارو، جيڪو منهنجي پٺيان آيو هو، وڌي کڏ ڏانهن ويو، ۽ جهڪي، اُن ۾ اندر ڏسي، پهريائين ٽوپي لاهي هٿ ۾ ڪيائين ۽ پوءِ پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍيائين. پوءِ هو موٽي اسان وٽ آيو ۽ متروپولسڪيءَ کان پڇڻ لڳو-

”تون ڪير آهين؟“

”تنهنجو ان سان ڪهڙو واسطو!“

ٿوري گهڙي ماٺ ڪرڻ کان پوءِ پوليس واري ٿوريءَ نرميءَ سان چيس، ”ڀلا، ان لاءِ تون ڇا ٿو چوين. هتي هڪڙو ماڻهو مئو پيو آهي ۽ تون نشي ۾ ٻڏل آهين؟“

پنهنجي ڇاتي ٺوڪيندي، متروپولسڪيءَ آڪڙ مان وراڻيس، ”مان ويهن سالن کان نشي ۾ ٻڏل رهان ٿو.“

مون کي اچي خوف ورايو ته هن کي نشي جي حالت ۾ هجڻ ڪري گرفتار ڪندا. ايتري ۾ ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو. هڪڙو شوخ پوليس انسپيڪٽر، جيڪو گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو هو، کڏ ۾ هيٺ لهي ويو ۽ مئل ماڻهوءَ جو اوور ڪوٽ مٿي ڪري، ان جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو-

”هن کي پهرين ڪنهن ڏٺو؟“

”مون“ متروپولسڪيءَ دعويٰ ڪندي چيو.

انسپيڪٽر هن ڏانهن گهوري نهاريو، ۽ طنز ڀريءَ ڌمڪيءَ سان چيائين، ”سائينءَ منهنجي کي مبارڪ هجي!“

اٽڪل ٻارهن کن ماڻهو ۽ پوليس وارا انهيءَ کڏ جي مٿان گهيرو ڪيو بيٺا هئا، ۽ هيٺ پئي نهاريائون ۽ جوش مان پئي سهڪيا. انهن مان هڪ رڙ ڪري چيو، ”مان هن کي سڃاڻندو هوس! اسان جي گهٽيءَ ۾ رهندو هو ۽ خانگي نوڪري ڪندو هو.“

متروپولسڪي انسپيڪٽر جي اڳيان مٿي اگهاڙو جهومي رهيو هو، هن سان ڏند پئي ڏنائين ۽ کهرو پئي ڳالهايائين. انسپيڪٽر هن کي ڇاتيءَ واري مڪ هڻي، هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. پوليس واري جيڪا رسي پاڻ سان آندي هئي، سا ڪڍي، ۽ زور ڏيئي مترو پولسڪيءَ جون ٻانهون ويڻيءَ وٽان سوگهيون ٻڌي ڇڏيائين. مترو پولسڪيءَ سواءِ ڪنهن چون چران جي پنهنجون ٻانهون پٺيءَ جي پوئتان اهڙي ريت ٺاهي جهليون، ڄڻ ته انهيءَ تي اڳ ئي هريل هو. انسپيڪٽر ”وڃو، هليا وڃو!“ جون رڙيون ڪري، ماڻهن کي اُتان ڊوڙائي ڀڄائي ڇڏيو.

هاڻي هڪڙو ٻيو پوڙهو سپاهي اڳتي وڌيو. هن جون اکيون ڳاڙهيون هيون، جن مان پاڻي پئي وهيو ۽ هن جو وات ٿَڪ کان پٽيو پيو هو. هن مترو پولسڪيءَ جي هٿن ۾ ٻڌل رسيءَ کي جهليو ۽ خاموشيءَ سان هن کي شهر ڏانهن وٺي ويو. مان به ان هنڌان اداس هليو آيس. ان وقت ڪلشڪوف جو اداس نغمو منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مون کان اهو ڏک ڀريو منظر وسريو ئي نه پئي ته ڪيئن سپاهيءَ هوريان پنهنجي کيسي مان رسي ڪڍي هئي ۽ گجندڙ درويش فرمانبرداريءَ سان پنهنجون بوجريون ٻانهون پٺيءَ جي پوئتان ويڻي ويڻيءَ تي چاڙهي، بيهي رهيو هو، ڄڻ ته اها هن جي عادت هئي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي پتو پيو ته ان مست درويش کي شهر نيڪالي ملي ويئي هئي. ڪلشڪوف به اتان غائب ٿي ويو. ڪنهن بيٺل گهر ۾ هن جي شادي ٿي هئي، تنهن ڪري اُهو پاڙو ڇڏي، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي گهوڙن جي سنجن ٺاهڻ جو دڪان ڪڍيو هئائين.

پر هن جي ائين وڃڻ کان اڳ، مون ڪلشڪوف جي واکاڻ جا گيت پنهنجي مالڪ جي اڳيان ايترا ته ڳايا هئا، جو منهنجو مالڪ چوڻ لڳو، ”مون کي هن جو راڳ ضرور ٻڌڻ گهرجي.“ هڪڙيءَ رات هو مون سان ڪلشڪوف جو راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏجي هلڻ لڳو. جڏهن ميز تي راڳ ٻڌڻ ويٺاسون، ته هن جون اکيون کلي ويون، ۽ سڄو وقت هو وائڙن وانگر چپ چاپ اُتي ويٺو رهيو.

قهوه خاني ڏانهن ايندي، سڄي واٽ، هو مون کي چيڙائيندو آيو هو، ۽ پهرين اُن ۾ گهڙياسين، ته اُتي ويٺل ماڻهن ۽ اتان جي دم گهٽيندڙ فضا تي لاڳيتيون چٿرون ڪندو رهيو. جڏهن ڪلشڪوف راڳ شروع ڪيو، ته به هن جي چپن تي حقارت ڀريل مرڪ کيڏي رهي هئي. پر ڪلشڪوف جڏهن راڳ ڳايو، تڏهن هن تي راڳ جو اهڙو اثر ٿيو، جو گلاس ۾ بير وجهندي، اڌ ۾ بس ڪري، حيرت مان چوڻ لڳو، ”ڪهڙو نه جادو آهي!“

لڏندڙ هٿن سان هن بير جي بوتل هيٺ رکي، ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويو.

”منهنجا ڀاءُ، واقعي لاجواب آهي.“ جڏهن ڪلشڪوف راڳ ختم ڪيو، تڏهن هن ٿڌو ساهه کڻي قبول ڪندي چيو، ”بيشڪ ڳائي ڄاڻي! سڄي ڪمري ۾ گرمي پيدا ڪري ڇڏي اٿائين.“

ڪلشڪوف پٺي پٺتي ڪري، ۽ اکيون ڇت ۾ کپائي، وري راڳ ڳائڻ شروع ڪيو:

”ٻنين مان هڪڙي هيڪلي ڇوڪري ويندي ٿي رهي،

هوءَ ڪنهن ڌنوان جي گهران ڪم تان موٽي هئي....“

”واقعي ڳائي ڄاڻي.“ منهنجي مالڪ مرڪي، ڪنڌ سان ها ها ڪندي، پنهنجي ڳالهه کي دهرائيندي چيو.

بين جي باهه لڳائيندڙ سُرن وانگر هن جو آواز صاف نڪري رهيو هو.

”نماڻيءَ نورڀريءَ نينگر هڪڙي واٽهڙوءَ کي ٻڌايو

’مان لاوارث آهيان، ڪنهن کي منهنجي گهرج ڪانهي....‘“

”ڪهڙو نه دل کي گهائيندڙ راڳ آهي هيءُ!“ منهنجي مالڪ پنهنجون اکيون ٻوٽيندي چيو.

مون کي انهيءَ ڳالهه مان خوشي ٿي رهي هئي ته هن کي مزو اچي رهيو هو. انهيءَ راڳ ۾ اهڙو سوز ڀريل هو، جو اُهو سڄي قهوه خاني تي ڇائنجي ويو. اُن جي هر هڪ مصرع کان پوءِ ان جو اثر ۽ گهرائي ۽ غم وڌندو پئي ويو:

”مان ساري ڳوٺ ۾ اڪيلي آهيان،

افسوس جو مان غريب آهيان، منهنجا ڪپڙا سادا آهن،

ڪوبه مون ڏانهن پيار مان نٿو نهاري،

ڪوبه بانڪو جوان مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،

هڪڙو ٻڍو رنڙ مون کي جهلڻ گهري ٿو،

پر اهڙي قسمت اڳيان هار مان ڪيئن هار مڃان!“

منهنجو مالڪ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. نڪ سان سـُڻ سـُڻ پئي ڪيائين. اکين مان ڳوڙها ٽمي، هن جي پيرن ۾ پئي پيا، هن انهن کي روڪڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي. راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو اداس ۽ غمگين ٿي ويو ۽ حيرت مان چوڻ لڳو، ”هل ته گهر هلون، مان هن ڪُڙهه ۾ ٻوساٽجي مري ويندس. مان وڌيڪ ويهي نٿو سگهان.“

پر جڏهن اسين قهوه خاني مان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن چوڻ لڳو، ”پيشڪوف، گهر نٿا هلون، هل ته ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائون.“

پوءِ هن هڪڙيءَ بگيءَ کي بيهاريو ۽ ڀاڙي ٻولائڻ کان سواءِ اُن تي چڙهي ويٺو ۽ سڄي واٽ ماٺ ۾ رهيو. هوٽل ۾ هڪڙي ڪنڊائتي ميز تي ويهي رهياسين. هن ڪاوڙ ۾ پر هوريان راڳ واري کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون:

”هن حرامزادي منهنجي طبيعت ئي ٻيءَ طرح ڪري ڇڏي آهي. مون کي صفا چريو بنائي ڇڏيو اٿس. تون گهڻو پڙهندو ۽ گهڻو سوچيندو آهين....چڱو، مون کي ٻڌاءِ ....هن جو مطلب ڇاهي؟ ته ڪو ماڻهو زندگيءَ جي گهاڻي ۾ وهندڙ ٿو رهي، هن جي زندگيءَ جا چاليهه سال گذري وڃن ٿا، هو شادي ڪري ٿو، هن کي ٻار ٿين ٿا، پر دنيا ۾ اهڙي ڪابه دل ڪانهي جنهن سان هو پنهنجو سور سلي! ڪڏهن ڪڏهن چاهيندو آهيان ته پنهنجي دل جو ڏک ڪنهن سان ونڊيان، جيڪي منهنجي دل ۾ آهي سو ڪنهن کي ٻڌايان، پر منهنجو ڪوبه ڪونهي. منهنجي زال؟ هن کي پنهنجي گهر ۽ ٻارن کان واندڪائي ڪانهي. منهنجي دل ۾ جيڪي آهي، اُهو هوءَ سمجهي نه سگهندي. ماڻهوءَ جي پنهنجي زال سان دلچسپي تيستائين قائم رهي ٿي، جيستائين پهريون ٻار پيدا ٿئي. حقيقت هيءَ آهي ته هوءَ –خير، مان سمجهي نه ٿو سگهان ته توکي هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٻڌايان-هوءَ مون لاءِ ڪجهه ڪانهي-رڳو هڪ جسم. اڙي منهنجا ننڍا ڀاءُ، ڪنهن جي دل جو زخم ڪير ٿو ڏسي!“

تپيل ماڻهوءَ وانگر ڏڪندي، ٿڌو ۽ ڪڙو بير يڪ ساهيءَ پي ويو. ٿوري گهڙي ماٺ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون آڱريون پنهنجن ڊگهن وارن ۾ وجهندي، چيائين، ”منهنجا ڀاءُ! ماڻهو سڀ حرامزادا آهن. منهنجي ٺيڪيدارن کي ئي وٺ. تون به انهن سان ڪچهريون ڪندو آهين. پر مون کي پتو آهي ته ڪهڙي نه هٿ چراند ٿئي ٿي، اهي سڀ چور آهن! ڇا، تون سمجهين ٿو ته تنهنجون ڳالهيون هنن تي اثر ڪنديون هونديون؟ نه! جيڪي ڪجهه تون هنن کي چوندو آهين، اهو هو مونکي ٻڌائي ويندا آهن-سڀ جا سڀ، پيٽرڪ ۽ اوسپ سميت. اِهي سڀ بدمعاشن جو ٽولو آهن، هو منهنجي بابت ڳالهائيندا آهن-تون منهنجو پاسو کڻندو آهين، منهنجي خلاف ڳالهائيندو آهين-پر منهنجا ڀاءُ، اهو سڀ ڇو؟“

مان هن کي ائين ڳالهائيندي ٻڌي، ايتري قدر منجهي ويس، جو اکر نه پئي اُڪليم.

”ها پنهنجي ڳالهه وٺ،“ منهنجي مالڪ اوچتو مرڪندي چيو، ”ڇا تنهنجو ايران وڃڻ وارو خيال عجيب نه هو! تون، اتي جيڪي ڪجهه اتان جا رهاڪو چون ها، سمجهي نه سگهين ها، ڇاڪاڻ ته تو انهن جي زبان ڪانه ٿي سمجهي-تون ائين سمجهين ها ته هو توکي گاريون پيا ڏين!“

”ڇا اوسپ به توهان کي منهنجي بابت ڪجهه ٻڌائيندو رهيو آهي!“

”هان-هائو! پر انهيءَ تي توکي حيرت نه لڳڻ گهرجي. منهنجا ڀاءُ، هو ته سڀني ۾ واتوڙي آهي، پورو بڪ بڪيو. نه، پيشڪوف نه، تون انهن کي پنهنجن لفظن سان متاثر نه ڪري سگهندين. سچ؟ ڪير آهي، جو سچ ٻڌڻ ٿو گهري؟ اُهو هنن لاءِ سرءُ جي برف مثل آهي، جا گپ ۾ ڪري رجي ويندي آهي. بهتر آهي ته ماٺ ۾ رهه.“

هو هڪ ٻئي پٺيان ويو بير جا گلاس چاڙهيندو. جيتوڻيڪ هن جي ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ خنڪي وڌندي ويئي، پر هن تي نشي جو نالو ئي نه هو-”تو اهو ته ٻڌو هوندو ته ’ڳالهائڻ چاندي ۽ ماٺ سون آهي.‘ هائو، منهنجا ڀاءُ، زندگي عذاب آهي! هن سچو راڳ پئي ڳايو: ’مان ساري ڳوٺ ۾ اڪيلي آهيان.!‘“

پنهنجي چوگرد چور نگاهن سان نهاري مون کي هوريان هوريان ٻڌائڻ لڳو، ”مون کي به ڪجهه وقت ٿيو ته هڪڙو دوست مليو هو، سچو پچو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. اهو دوست هڪ عورت هئي، ذري گهٽ رنڙ هئي، هن جي مڙس کي ڪوڙن سڪن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ عمر ڀر قيد ڏيئي، سائبيريا موڪليو ويو هو. منهنجي هن سان واقفيت ٿي. هن وٽ کوٽو پيسو به ڪونه هو. پيسي لاءِ ئي هن اهو ڪجهه ڪيو. پر ڀاءُ، ڪهڙي نه مٺڙي عورت هئي!-واه جي جوان ۽ سهڻي-سچ پچ ٺاهوڪي عورت هئي. مان هن سان ٻه چار ڀيرا مليس ۽ مون هن کي چيو، ’تنهنجو مڙس چڱو ماڻهو ناهي. تون پاڻ به هي ڏينهن گهاري رهي آهين. تون هن جي پٺيان سائبيريا وڃي ڇا ڪندينءَ؟‘ پر پهرئين ڏينهن ئي هن جو فيصلو هڪ هو: ’هو ڪهڙو به هجي، مان هن کي پيار ڪيان ٿي. هو مون سان ڏاڍو سٺو هلندو هو. لاشڪ هن منهنجي ڪري ئي اهو ڏوه ڪيو هو ۽ هن جي خاطر ئي مان توسان هيءُ گناه ٿي ڪريان. مون کي هن جي لاءِ پئسن جي ضرورت آهي. هو چڱو ماڻهو آهي، چڱي نموني رهڻ تي هريل آهي، جيڪڏهن مان پرڻيل نه هجان ها، ته مان هي گناهه اصل نه ڪريان ها. تون به چڱو ماڻهو آهين، توسان به چاهه ٿي ويو اٿم. پر وري مهرباني ڪري اها منهنجي ڳالهه مون سان نه ڪج.‘ افسوس، منهنجا ڀاءُ، افسوس-منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي! بهرحال مون وٽ جيڪو هو، سو هن کي ڏيئي ڇڏيم-اٽڪل اسي روبل يا ڪجهه گهٽ وڌ-۽ مون هن کي چيو، ’مون کي معاف ڪجانءِ. مان توسان آئينده ملڻ نه ايندس، ملي ئي نه سگهندس، ڪڏهن به نه!‘ ۽ مان هليو ويس- ۽ اهڙي ريت-“ هو ماٺ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون ڏٺو ته هو نشي ۾ الوٽ هو. هن بيحال ٿيندي چيو، ”هن وٽ منهنجو ڪل ڇهه ڀيرا وڃڻ ٿيو هو-پر اُهو ڇا هو، اِها ڳالهه تون سمجهي نه سگهندين! اُن کان پوءِ مان شايد ٻيا به ڇهه ڀيرا هن سان ملڻ هن جي گهر تائين ويس، پر مون کي همت ئي ڪانه ٿي، جو در اُڪري هن وٽ اندر وڃان، ۽ هاڻي هوءَ هلي ويئي آهي.“

هن پنهنجا هٿ ميز تي رکيا، آڱرين سان ان کي وڄائڻ لڳو ۽ هوريان چوڻ لڳو، ”مان خدا کي سوال ڪندو آهيان ته مون کي وري هن سان نه ملائجانءِ! الله ڪندو منهنجو اهو سوال اگهندو. ورنه آءٌ، پاڻ وڃائي ويهندس.....اٿي، هل ته گهر هلون.“

جيئن هو ٿيڙ کائي هلڻ لڳو ته چيائين، ”منهنجا ڀاءُ، اهي اٿئي منهنجا حال!“

هن جي ڳالهه تي مون کي ڪو عجب نه لڳو. مون کي گهڻو اڳ ئي شڪ هو ته هن سان ڪا نئين ڳالهه ٿي رهي آهي. ته به زندگيءَ بابت هن جي قائم ڪيل خيالن ۽ راين مون کي اداس ڪري ڇڏيو. سڀ کان وڌيڪ انهيءَ ڳالهه، جيڪا هن اوسپ بابت مون کي ٻڌائي هئي.

باب ويهون

مون پنهنجي جوانيءَ جا پورا ٽي سال انهيءَ مردار ۽ سڃي شهر ۾ ڪاريگرن تي سندن ڪم ۾ نظرداري ڪندي گذاريا، جڏهن اُهي سرءُ ۾ بازار جي پراڻين جاين کي ڊاهيندا ۽ بهار ۾ انهن کي وري نئين سر جوڙيندا هئا. منهنجو مالڪ منهنجي ڪم جي سلسلي ۾ پوري تسلي ڪندو هو ته هو جيڪي پنج روبل مونکي ڏئي ٿو، اُن کان ٻيڻ مان هن کي ڪمائي ڏيان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن دوڪان ۾ نئون فرش وجهڻو هوندو هو، ته اهو منهنجو ڪم هوندو هو ته مان ان جي ٻن فوٽن تائين هيٺ کوٽائي ڪيان. جيڪي ڪمي روز تي مقرر ٿيندا هئا، انهن کي اهڙي ڪم لاءِ هڪ روبل ملندو هو پر مون کي اِن جو معاوضو ڪجهه به نه ملندو هو. اِن کان سواءِ سندن ٻين به اهڙن سنهن ٿلهن ڪمن جي جوابداري منهنجن ڪلهن تي هوندي هئي.

ڪاريگر ۽ ٺيڪيدار هر ڪنهن قسم جي حرفت هلائي، مون کي ٺڳي، شين کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اُن ۾ هو ايترا ته تيز هوندا هئا، ڄڻ ته اهو شين جو تڳائڻ به اِنهن جي ڪم جو حصو هوندو هو. جيڪڏهن مان انهن کي ڪجهه چوندو هوس ته هنن کي ڪاوڙ بجاءِ حيرت لڳندي هئي-”اڙي، تون به عجيب انسان آهين! ٽڪي جي شيءِ لاءِ آسمان کڻي مٿي تي کنيو اٿئي!“

مون مالڪ کي چيو ته منهنجي ٻئي ريزڪي ڪم ڪرڻ ڪري جيڪا هن کي بچت ٿئي ٿي، انهيءَ کان ڏهوڻي قيمت جون شيون منهنجي غير حاضريءَ ۾ کڄي وڃن ٿيون، پر هن اکيون ڇنڀي، منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي، چيو، ”ڪم کي لڳو پيو هج! تون اجايا خيال پيو ڪرين.“

مون محسوس ڪيو ته منهنجي مالڪ کي شڪ آهي ته مان به هنن سان ٻڌيءَ ۾ آهيان. مونکي انهيءَ ڳالهه ڪري دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ هن کان اوپرائپ محسوس ڪرڻ لڳس، پر اِن هوندي به مون کي هن تي ڪاوڙ نه آئي. جنهن دنيا ۾ مان رهيس ٿي، اُن دنيا ۾ چوري هڪ قسم جي رواجي ڳالهه هئي، منهنجو مالڪ به لاوارث شين کي هضم ڪرڻ کان نه رهندو هو. جڏهن ميلو پورو ٿي ويندو هو ۽ منهنجو مالڪ دڪانن جو معائنو ڪرڻ لڳندو هو، جن کي وري نئين سر جوڙڻو هوندو هو، ته اُتي ماڻهن جون ڇڏيل شيون، جهڙوڪ سماوار، ٿالهه، تڏا، ڪئنچيون يا ٻيو ڪو اهڙو ڪم جو سامان ڏسي، مرڪي، حڪم ڏيندو هو، ”شين جي فهرست جوڙي گدام ڏانهن کڻي هل.“ اتان پوءِ انهن مان ڪيتريون شيون گهر کڻي هلندو هو ۽ چوندو هو ته ”اِهي شيون فهرست مان ڪڍي، نئين فهرست جوڙي ڇڏا!“

مون کي ڪنهن ملڪيت بنائڻ جي هوس ڪانه هئي. نه ئي شين جي ڪٺي ڪرڻ جي ڪا طمع هوندي هيم. ٻيون شيون ته ڇڏيو، پر پاڻ وٽ ڪتاب ڪٺا ڪرڻ به ڏکيا لڳندا هئم. مون وٽ رڳو ’برينجر‘ جو ننڍڙو جلد ۽ ’هائني‘ جي نظمن جو ڪتاب هوند هئا. مان جيڪر انهن ۾ پشڪن جي ڪتاب جو اضافو ڪريان ها، پر پوڙهي لالچي ڪتب فروش ان جي ڳاٽي ڀڳي قيمت پئي گهري، منهنجي مالڪ جي گهر ۾ فرنيچر، آئينن ۽ ڪمبلن جا ڍڳ لڳي ويا هئا، مونکي انهن ۾ ڪابه دلڪشي ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، الٽو انهن بيڪار شين مان نڪرندڙ وارنش جي ڪنيءَ بوءِ کان بيزار پيو ٿيندو هوس. گهر جي سڀني ڀاتين مان بڇڙو ڪمرو منهنجي مالڪياڻيءَ جو هوندو هو. انهيءَ کي ڏسي، مون کي گندين شين سان سٿيل ڪنهن ڳوٺاڻيءَ عورت جي صندوق خيال ۾ ايندي هئي. مون کي مالڪ جي اها ڳالهه به ڪراهت جهڙي لڳندي هئي جو هو گدام مان پراڻيون شيون کڻي، پنهنجو گهر ڀريندو ويندو هو. ملڪ مارگاٽ جي ڪمري ۾ به شين جي ڪمي ڪانه هوندي هئي، پر اهو ڪمرو ڏاڍو سوڀيا وان ۽ شاندار هوندو هو.

دراصل مون کي اُها سڄي زندگي بي مزي لڳندي هئي، اُها ڪيترين ئي اجاين شين، ڪيترين ئي نامعقول ڳالهين سان ڀريل هوندي هئي. هيڏانهن اسان بازاريون ۽ دڪان پيا ٺاهيندا هئاسين، هوڏانهن بهار جي موسم جي ٻوڏ فرشن کي ٻوڙي، درن جا تختا ڪڍي، ۽ ٿنڀن کي ڳاري، کائي چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. لڳاتار ڏهن سالن کان ميلي جو ميدان ٻڏندو رهيو هو، پر ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رخ ڦيرائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه ٿي کنيو ويو، ڄڻ ته اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته پاڻي هو، ڀلي جيڏانهن وڻيس تيڏانهن منهن ڪري وهي، اُن کي آڏو بند ڪهڙا ڏبا! لکن جو نقصان ٿيندو رهندو هو، ۽ هر ڪنهن کي خبر هئي ته ٻوڏ از خود ته ڪڏهن بند ٿيڻي ڪانه هئي.

ساڳيءَ ريت هر ڪنهن بهار جي موسم ۾ برف رجڻ ويل بتيلن ۽ ٻيڙين جا تختا ٽڙڪي پوندا هئا، انهن ۾ سير پئجي ويندا هئا، ۽ ماڻهو روئي پٽي وري نوان بتيلا ۽ نيون ٻيڙيون جوڙيندا هئا، جن کي وري آئينده بهار ۾ برف زبون ڪري ڇڏيندي هئي. انهن ماڻهن جي حالت انهيءَ چوڏول وانگر هئي، جنهن جو هر خانو لوڏي کان پوءِ ساڳيو ترو اچي وٺندو هو.

جڏهن مون اوسپ سان ان جو ذڪر ڪيو، ته هو کلي، عجب مان چوڻ لڳو، اڙي ٻگهه، تنهنجو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ توکي ڳڻتيءَ ڇو اچي ورايو آهي؟“

پوءِ جيتوڻيڪ هن جي اکين ۾ اڃا چرچي واري چمڪ هئي، پر هن جو آواز سانتيڪو ٿي ويو، ۽ چوڻ لڳو، ”اهڙيون ڳالهيون تون ڏاڍي دلچسپيءَ سان جانچين ٿو. جيتوڻيڪ انهن ڳالهين سان تنهنجو ڪو واسطو ڪونهي. پر ٿي سگهي ٿو ته اهڙين ڳالهين کي جانچڻ تنهنجي لاءِ ڪڏهن فائدي واري ٿي به پوي. اچ ته آءٌ ٿو توکي ٻڌايان ته ڳالهه ڇا آهي. پوءِ لفظن جي وهڪري، پهاڪن جي اٿل، تشبيهن ۽ سياڻپ ڀريل چوڻين جي روانيءَ سان شروع ٿي ويو-”بهار ۾ وولگا جي اٿل زمين کي پائي ٿي ڇڏي ۽ پاڻ سان اُها مٽي کڻي، وڃي ٿي سير ڪري، ۽ ٻئي هنڌ يا ٻئي پاسي وڃيو ريٽن جا ريٽ ڪڍيو ڇڏي. اُهي ڪڏهن ڪڏهن واريءَ جا دڙا بنجي وڃن ٿا ۽ ڪيتريون آباد لٽاشي زمينون غير آباد ٿي وڃن ٿيون، ۽ وولگا آهي، جا ائين ٿي بودلي بهار وانگر وهندي ٿي رهي....“

هو اهو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ مصيبت زدن سان همدرديءَ جو ڪو نشان ئي نه هو، بلڪ ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ اهو به ڪو زندگيءَ جو راز هو، جنهن کي بيان ڪندي هن کي خوشي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ هو جو ڪجهه چئي رهيو هو، اهو منهنجي ئي خيالن جي تائيد ڪري رهيو هو، پر آءٌ اهو سڀ ٻيءَ طرح سوچيندو هوس.

”جڏهن باهيون لڳن ٿيون....“

مون کي اهو ڪو اونهارو ياد نٿو اچي، جنهن ۾ ٻيلي کي باهه نه لڳي هجي. باهه جو ميرانجهڙو ڦڪو دونهون آسمان جي منهن تي نقاب وانگر پيڙهي ويندي هو، جنهن مان سج هڪ اُٿيل اک وانگر پيو هيٺ واجهائيندو هو، ڄڻ اُن جي روشني جهڪي ٿِي ٿِي، اُجهامڻ تي اچي بيهندي هئي.

”پر ٻيلن جي ڪنهن کي پرواهه آهي؟“ اوسپ چوڻ لڳو.

”اهي بادشاهه جي ملڪيت آهن يا اميرن جي ملڪيت آهن. غريب ماڻهن جو انهن ۾ حصو پتي ڪونهي. جيڪڏهن شهر کي باهه لڳي وڃي. ته به ڪا خطري جهڙي ڳالهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ شاهوڪار رهن ٿا، انهن تي افسوس اجايو آهي. پر جي ڳوٺ کي باهه لڳي ته ٻي ڳالهه آهي، هر اونهاري ۾ ڪيترا ڳوٺ به سڙي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو هڪ به نه پر گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن-البت اُها ڪجهه ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي....“ ۽ هو هوريان کلڻ لڳو.

”ڪي ماڻهو جن کي ملڪيت آهي. اهي پنهنجي ملڪيت جي پوري سنڀال ڪري نٿا سگهن، تون پاڻ ئي ڏسين ٿو ته ماڻهوءَ جي محنت جو ڦل هن کي ملڻ بجاءِ هِنن ٻوڏن ۽ باهين جو نذر ٿي وڃي ٿو.“

”پوءِ تون کلين ڇو ٿو؟“

”ڇا ٿي پيو؟ منهنجي ڳوڙهن سان نه باهه وسامندي نه ٻوڏن ۾ ڪو ڦيرو ايندو.“

مون کي يقين هو ته جن به ماڻهن سان مان مليو هوس، انهن سڀني کان هي پوڙهو وڌيڪ عقلمند هو. پر هو ڪهڙيءَ شيءِ سان محبت ۽ ڪهڙيءَ شيءِ کان نفرت ڪري ٿو؟ اهو سوال هميشه انهيءَ وقت جڏهن هو پنهنجي ڳالهين سان منهنجي معلومات جي خزاني ۾ اضافو ڪندو هو، منهنجي دل تي پيو ترندو هو.

”ڏس ته ماڻهو پنهنجون ۽ ٻين ماڻهن جون قوتون ڪيئن نه برباد ڪن ٿا. تنهنجو مالڪ تنهنجي قوت برباد ڪري رهيو آهي ۽ ووڊڪا سان ڏس ته ماڻهو پنهنجو ڪهڙو حال ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن ڳالهه جو ڪو حساب آهي؟ اچي ٿو ڪو توکي ڏسڻ ۾؟ تو کڻي ڪيترا به ڪتاب پڙهيا هجن، تنهنجو ذهن ڪيڏو به تيز ڇونه هجي! جيڪڏهن ڪا جهوپڙي سڙي ٿي پوي ته وري جڙي به سگهي ٿي. پر جي ڪو چڱو ماڻهو خود ئي برباد ٿي پوي، ته اُن کي ڪيئن ٿو ٺاهي سگهجي! سمجهه ته ڪو انڌو ٿي ٿو پوي، ته هن کي نيون اکيون ڪٿان ملنديون. اردلان ۽ گريگوريءَ جو ئي مثال وٺ. اردلان ته بيوقوف آهي، پر گريگوري سمجهو ماڻهو آهي، پر هن کي ڀُتي ڀاڻ وانگر باهه لڳي ويئي، ۽ هن جي مٿان رنن جو ائين مارو ٿيو، جيئن جهنگ ۾ پيل ڍونڍ جي مٿان جيتن جو.“

ڪاوڙ نه پر پڇا جي خيال کان مون هن کي چيو، ”تنهنجي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي تون منهنجي مالڪ کي ڇو ٻڌائيندو آهين!“

هن ششدر ٿيڻ کان سواءِ ڏاڍي ٿڌي نموني وراڻيو، ”انهيءَ لاءِ ته هن کي پتو پوي تي تنهنجي دماغ ۾ خطرناڪ خيال پچي رهيا آهن. هن کي پتو پوڻ گهرجي ته جيئن هو تنهنجي چڱيءَ ريت اصلاح ڪري، هُن کان سواءِ هتي ٻيو ڪير تنهنجي سڌارڻ وارو آهي؟ مان هن کي انهيءَ لاءِ اُهي ڳالهيون ڪين ٻڌايون هيون ته توکي تڪليف پهچي، پر انهيءَ لاءِ ته تنهنجو ڀلو ٿئي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته تون بيوقوف ڪونه آهين پر تنهنجي دماغ تي شيطان جو قبضو آهي. جيڪڏهن چوريءَ يا شراب يا ڪنهن رن روڳڙيءَ جي ڳالهه هجي ها ته کڻي ماٺ ڪيان ها، پر تنهنجي واتان اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌندس، جنهن ۾ باهه جي ڄڀي يا وولگا جي اٿل هوندي، ته اُها ضرور تنهنجي مالڪ کي ٻڌائيندس-اُن جي توکي به خبر هجڻ گهرجي.“

”ته پوءِ مان توسان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس.“

هو ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ پنهنجي هٿ جي تريءَ تي دور آسمان جي ڪنهن تاري جو عڪس جهٽيندي، ۽ پوءِ مون ڏانهن هڪ وار پيار ڀرين نظرين سان نهاريندي، چوڻ لڳو، ”هائو، تون ڳالهائيندين. نه ته ٻيو ڪير آهي جنهن سان تون ڳالهائيندين؟ ڪم از ڪم هتي ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ئي ڪونهي.“

اوسپ کي ڏسي ڪڏهن مون کي مجسمن وارو هٺ ڌرمي پيٽر ۽ ڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ وارو پوڙهو پيٽر، جيڪو ناني وٽ گاڏي وهائيندو هو، ياد اچي ويندا هئا، هن کي ڏسي، ڪڏهن خود نانو ياد اچي ويندو هوم. سچ پچ ته هن کي ڏسي، جن به پوڙهن کي مان ڄاڻندو هوس، سي سڀ ياد اچي ويندا هئم. اهي سڀئي ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا، پر اُنهن جي ويجهو مان محسوس ڪندو هوس ته انهن سان گڏ زندگي گهارڻ ڏاڍي ڏکي ۽ عذاب جهڙي ٿي سگهي ٿي. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو سدائين پنهنجن عقلمند سبقن ۽ نصيحت سان ماڻهوءَ جي روح ۽ دل کي تڪيندا ۽ ڳاريندا ٿي رهيا. ’ڇا، اوسپ چڱو ماڻهو هو؟‘ نه. ’ڇا، هو خراب ماڻهو هو؟‘ نه. پر مون کي هڪڙيءَ ڳالهه جي پڪ هئي ته هو ڏاهو ۽ ڄاڻو هو، پر جڏهن هن جي اُن ڏاهپ ۽ ڄاڻ تي عجب کائيندو هوس، تڏهن اِهو به محسوس ڪندو هوس ته هن جي ڏاهپ جا اُهي خيال ۽ هن جي اُن بي برڪتيءَ ڄاڻ جا اُهي نُڪتا منهنجي دل کي بيجان مڙهه وانگر نستو بنائي رهيا هئا، ۽ اُهي منهنجي سمجهه ۽ منهنجي دل جي ويچارن جي ابتڙ هئا.

هن کي ٻڌندي ٻڌندي، منهنجي دل ۾ پليت خيال پيدا ٿيڻ لڳا هئا-’اِن جي باوجود، جو انسان هڪ ٻئي کي سهڻن لفظن ۾ کيڪار ڪري ملن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان مٺڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، هو هڪ ٻئي اجنبي آهن، هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اُن کان به وڌ، اسين قدرت کان الڳ رهون ٿا ۽ ان لاءِ ڌاريا آهيون، جنهن لاءِ ڪن ٿورن جي دل ۾ محبت جو جذبو آهي. رڳي ناني ئي اهڙي هئي، جنهن کي زندگيءَ ۽ ماڻهن سان سچ پچ پيار هو-ناني ۽ ملڪه مارگاٽ.‘

اهڙي قسم جي خيالن جو ڌنڌ مون کي وڪوڙي ۽ ٻوساٽي رهيو هو. جنهن ڪري زندگيءَ مان منهنجي خوشي ختم ٿيندي ٿي ويئي، ۽ منهنجو روح ٻوساٽجڻ لڳندو هو. ’ڀلا مان ٻي ڪهڙي قسم جي زندگي گهاري سگهان ٿو؟ ۽ مون کي اها ڪٿي ملي سگهي ٿي؟‘ اوسپ کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪوبه نه هو، جنهن کي مان پنهنجي دل جا راز ٻڌايان. تنهن ڪري جيئن پوءِ تيئن هن سان وڌيڪ دل جون ڳالهيون ڪندو رهندو هوس. هو منهنجون اهي ڳالهيون ڏاڍي خيال سان ٻڌندو هو، سوالن پٺيان سوال پڇندو هو، آخر ڪنهن نتيجي تي پهچي چوندو هو. ”ڪاٺ ڪٽو اورچ ۽ ضدي پکي آهي ۽ پاڻان وڏي وڻ کي ٽُڪيندو رهندو آهي، پر ان مان نه وڻ کي ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ڪو خوف ٿيندو آهي! مان پنهنجيءَ سچيءَ دل سان توکي صلاح ڏيندس ته تون ڪنهن چرچ ۾ وڃي داخل ٿيءُ-جيستائين وڌي، وڏيءَ عمر جو ٿين. اُتي ڌڻيءَ جي پاڪ ٻانهن جون ڳالهيون تنهنجي دل کي صاف ڪري ڇڏينديون ۽ توکي دل جو اطمينان حاصل ٿيندو، اتي رهڻ جي ڪري تون هنن تي ڪا چٽي به ڪانه بنبين، ڇو ته تون انهن کي سندن وعظ ۽ تبليغ جي ڪم ۾ مدد به ڏيئي سگهندين. اِها منهنجي توکي نيڪ صلاح آهي. منهنجو خيال آهي ته تون هِن دنيا جو ناهين ۽ هيءَ دنيا تنهنجي لاءِ ناهي.“

جيتوڻيڪ پاڻ کي دنيا جي هن گورک ڌنڌي ۾ اٻاڻڪو ۽ اداس محسوس ڪندو هوس، ته به مون کي خانقاهي حياتيءَ لاءِ ڪابه ڪشش ڪانه هوندي هئي. مان هِتي اهڙي زندگي گهاري رهيو هوس، ڄڻ ته سرءُ جي ماريل ڪنهن ٻيلي ۾ رهندو هجان، جنهن ۾ گل ختم ۽ ٻُٽا ٿي ويا هجن ۽ چؤطرف ڪابه چڱي شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي.

مون کي نه شراب پسند هو نه عورت. مون کي انهن ٻنهي جو مزو ڪتابن مان ملندو هو. ڪتابن جي مطالعي ڪري پنهنجي آسپاس جي سڃي ۽ بيڪار زندگي منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿيندي پئي ويئي.

مون هاڻي اٽڪل پندرهن ۾ پير وڌو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي پوڙهو سمجهڻ لڳندو هوس. ڏسندي ڏسندي، پڙهندي پڙهندي ۽ سوچيندي سوچيندي منهنجو دماغ ٿڪجي پيو هو.

جڏهن مان پاڻ بابت خيال ڪندو هوس، تڏهن محسوس ڪندو هوس ته مون زماني جون ڳالهيون ائين ڪٺيون ڪيون آهن، جو اهي ڪٻاڙ خاني ۾ اڇليل گند ڪچري ۽ ٺڪرن ٺوٻن وانگر ٿي ويون آهن، جن جو ڇنڊڻ ڇاڻڻ ۽ صاف ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. انهن ڳالهين مون کي يڪجا، اڏول ۽ پختي ارادي وارو بنائڻ بجاءِ بيحد ڦلهڙو ۽ بي اثر ڪري ڇڏيو هو.

مون کي مصيبتن، بيمارين ۽ ناانصافين کان نفرت هئي. جهيڙن جهٽن، خونريزين ۽ ڪنهن به قسم جي ظلم، ٻيو ته ڇڏيو لفظي ’تون ڇا تون ڇا‘ جا نظارا به منهنجي جيءَ ۽ جان ۾ طوفان مچائي ڇڏيندا هئا. ۽ مون کي اهڙي باهه وٺي ويندي هئي، جو مان ڇتي جانور وانگر جهيڙي ۾ ڏاڍي شرمساري محسوس ڪندو هوس. ڪڏهن ڪنهن ظالم کي ظلم ڪندو ڏسندو هوس ته چرين وانگر بنان ڪنهن سوچ ويچار جي اُن جي مٿان وڃي ڪڙڪندو هوس. اڄ ڏينهن تائين مون کي پنهنجون اهڙيون ڳالهيون ياد آهن.

منهنجي اندر ۾ ٻه شخصيتون لڪل هيون. ان مان هڪڙيءَ بيحد بڇڙايون ۽ برايون ڏٺيون هيون، جنهن ڪري چيڙاڪ ٿي پيئي هئي. زندگيءَ جي غلاظتن ان کي منڪر ۽ شڪي بنائي ڇڏيو هو ۽ اُنهيءَ ۾ مون کي ٻين سان ۽ پاڻ سان بيڪسي ڀريل همدردي ٿيڻ لڳندي هئي. اُنهيءَ شخصيت جي اِها تمنا هوندي هئي ته ماڻهن ۽ شهرن کان ڪناره ڪش ٿي، سانتيڪي حياتي گهارجي. اُها شخصيت ايران وڃڻ، خانقاه ۾ شريڪ ٿيڻ، ڪنهن جهنگ ۾ اڪيلي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ يا شهر جي ڪنهن ڪنڊائتي حصي ۾ چوڪيدار ٿيڻ جا خواب لهندي هئي. ان کي ٿورن ماڻهن ۽ ڏورانهين هنڌ جي تصور مان وڌيڪ مزو ايندو هو.

منهنجي ٻي شخصيت عظيم الشان ڪتابن جي مطالعي جي پيدائش هئي. مان محسوس ڪندو هوس ته زندگيءَ جي روزانه گندگين جي طاقت انسان جي دل جي سگهه کي جهڪائي، پنهنجن گندن پيرن هيٺان پائمال ڪري ٿي ڇڏي. مان انهيءَ جي مقابلي لاءِ ٻانهون کنجي، سندرو ٻڌي، تيار ٿيو بيٺو هوندو هوس. انهيءَ ۾ محبت ۽ همدرديءَ جو رخ عملي قسم جا هئا. مان ڪنهن روماني قصي جي بهادرن وانگر جنگ لاءِ تيار لڳو وتندو هوس. پهرئين ئي موقعي تي منهنجي تلوار مياڻ مان ٻاهر نڪري ايندي هئي.

انهيءَ زماني ۾ منهنجو هڪڙو جاني دشمن هو، جو پوڪروسڪايا چڪلي جو دربان هو. هڪڙي ڏينهن صبح جو ميلي جي ميدان ڏانهن ويندي ڏٺم ته هڪڙي گاڏي چڪلي جي شاهي دروازي اڳيان اچي بيٺي، ۽ هيءُ اُنهيءَ گاڏيءَ مان نشي ۾ بي خبر هڪڙيءَ ڇوڪريءَ کي هيٺ لاهي رهيو هو. ڇوڪريءَ جي ٽنگن کي هُن اهڙو بي درديءَ سان ڇڪيو، جو هوءَ چيلهه تائين اگهاڙي ٿي ويئي، ۽ پوءِ هُن زور سان ٽهڪ ڏيئي، اُن جي اگهاڙي جسم تي ٿڪ وهائي ڪڍي. پوءِ ان کي زور سان اهڙو وٺي ڊوهيائين، جو هوءَ، گاڏيءَ جي پائدان سان ٽڪربي، اچي هيٺ رستي تي ڪري، ۽ مٿو وڃي پٿرن سان لڳس.

گاڏيءَ وارو ته پنهنجي گاڏي هڪلي هليو ويو. دربان ڇا ڪيو، جو ڇوڪريءَ جا ٻيئي پير پنهنجي هٿن ۾ جهلي، اهڙيءَ ريت هن کي ڇڪڻ لڳو ڄڻ ته هوءَ بُنڊ هئي. مون کي اهڙو غصو آيو، جو لُوهه ڪري هن تي چڙهي ويس. اِها منهنجي خوش نصيبي هئي، جو جيڪا رنبي منهنجي هٿ ۾ هئي، سا مون پاڻ ڦٽي ڪري ڇڏي يا اُها اتفاق سان منهنجي هٿ مان ڪري پيئي هئي-نه ته هو توڙي آءٌ ٻيئي وڏي نقصان هيٺ اچي وڃون ها. زور سان، جو ڊوڙي وڃي هن تي ٽٽو هوس، تنهن ڪري هيڪر هن کي ڪيرائي وڌم، ۽ پوءِ ڏاڪي تي پير رکي، گهنڊ کي ڌڙا ڌڙا وڄائڻ لڳس، جنهن ڪري ڀوائتا مهانڊا چوڌاري درن ۽ درين مان منهن ڪڍي بيهي رهيا، جن کي ڏسي، آءٌ هيڪاري ڊڄي ويس، ۽ لُوهه ڪري، پنهنجي رنبي پٽ تان کڻي، اُتان گولي ٿي، ڀڄي ويس. رستي ۾ ٿورو پري اُهو گاڏيءَ وارو بيٺو هو، جيڪو پنهنجي گديءَ تان ويهي تماشو ڏسي رهيو هو-”واه واه، ڦيرائي کڻي پٽ تي هنيئيس!“

مون پنهنجو ڇوهه هن تي ڇنڊيو-”تو دربان کي هن ڇوڪريءَ سان اهڙو ظلم ڪرڻ ڇو ڏنو!“

هن ڇڙٻ ۽ سخت جواب ڏيندي چيو، ”منهنجي لاءِ سڀ وڃي جهنم ۾ پون. مون کي ڀاڙو مليو، ته ڇوريءَ کي هتي پهچايان. منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو ته ڪير ڪنهن کي ٿو ماري.“

”جيڪڏهن هو هن کي خون ڪري وجهي ها، ته!“

”اهڙيون رنون اڄ نه سڀاڻي هونئين ئي خون ٿي وينديون.“ گاڏيءَ واري اهڙي نوع ۾ چيو، ڄڻ ته نشي ۾ چُور ڇوڪرين کي خون ڪرڻ هن جي ڪا روزمره جي عادت هئي.

انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اهو دربان هر روز مون کي ملندو هو. هو چڪلي جو رستو صاف ڪندو رهندو هو يا ڏاڪڻ تي اهڙي ڍنگ سان ويٺو هوندو هو، ڄڻ ته منهنجي ئي انتظار ۾ ويٺل هو. جڏهن مان اتي اچي بيهندو هوس ته، اٿي بيهي پنهنجون ٻانهون کنجي،مون کي چوڻ لڳندو هو، ”توکي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس.“ هو مڙس چاليهن کان مٿي هو، هن جو قد بندرو، ڀڀ ٻاهر نڪتل ۽ ڄنگهون ڦڏيون هيس. هو جنهن نموني سان مون ڏانهن ڏند ڪرٽي نهاريندو هو، اهو ڏاڍو ڀوائتو هوندو هو. هو مقابلي ۾ منهنجو مٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته قدر آور هئڻ ڪري منهنجا هٿ هن تائين سولائيءَ سان پهچي سگهيا ٿي، ۽ بندري هئڻ ڪري هو مون تائين پهچي نه ٿي سگهيو. ٻه ٽي ڀيرا مون سان هٿ به ڳنڍيائين، پر واري واري سان دسجي پوندو هو، ۽ پوءِ مون مان هٿ ڪڍي، چوندو هو، ”اڙي ڦڙتي باز، متان من وڌايو اٿئي، مان توکي ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو سبق سيکاريندس، جو ياد ڪندين.“

آخر، روز روز جي جهڳ جهڳ کان ڪڪ ٿي، چيو مانس، ”اڙي اُلو، تون مون کي تنگ ڇو تو ڪرين؟“

”تون مون سان ڇو وڙهيو هئين؟“

جواب پڇيومانس، ”تو هن عورت سان اهڙو بڇڙو برتاءُ ڇو پئي ڪيو؟“

”تنهنجو ان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا، توکي هن تي رحم پئي آيو؟“

”بيشڪ.“

هن چپ کڻي ڀيڙيا، ۽ ٿورو دم ماٺ ۾ رهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو، ”ڇا، توکي ٻليءَ تي به رحم ايندو؟“

”هائو.“

”اڙي بدمعاش، چئبو تون بيوقوف آهين.“ هن چيو، ”مان توسان پڄي پوندس.“

ٻيو ڪو اتان وڃڻ جو اهڙو رستو ڪونه هو، تنهن ڪري جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ مان صبح جو سوير اٿندو هوس، ۽ هن جي اُتي پهچڻ کان اڳ اُتان نڪري ويندو هوس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏٺم ته هڪڙيءَ ڀوريءَ ٻليءَ کي گوڏن تي ويهاريو، منهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي. اڃا مان هن کان ٽي چار قدم پري هوس، ته هن ڇا ڪيو، جو ٻليءَ جي مٿي کي پٿر جي ڪٽهڙيءَ سان ڦيرائي، اهڙيءَ ريت ٺڪاءُ ڪرايائين، جو ٻليءَ جو مٿو ڀڄي پيو، ۽ ان جو وهندڙ گرم رت جون ڦنگون اچي منهنجي بت تي پيون، پوءِ ٻليءَ کي منهنجي پيرن ۾ اڇلائيندي چيائين، ”ڏسان، هاڻي ڪهڙو ٿو آڱوٺو پٽين؟“

اسين ٻيئي ڇتن ڪتن وانگر هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وياسين. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ آءٌ ساڻو ٿي پيس ۽ پري ڇٻر تي ڪري پيس. هن جو ڇا حال ٿيو، تنهن جو پتو نه پيم، پر هو اُتي ويجهو ڪٿي ڪونه ڏٺم. منهنجي دل کي ايڏو ايذاءُ ٿيو، ڄڻ اُن کي ڪنهن ڇريءَ سان وڍ ڏيئي ڇڏيو هجي. انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ لڳس ته پاڻ کي اهڙن جهيڙن جهٽن کان ڪيئن پري رکان. هاڻي جڏهن اها ڳالهه ياد اچيم ٿي ته منهنجي بت کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي، ۽ عجب لڳندو اٿم ته ان وقت مان ڇتو ڇونه ٿي پيو هوس، ۽ ڪنهن کي قتل ڇونه ٿي ڪري وڌم.

مان اهڙين ڌڪار ڀريل ڳالهين جو ذڪر ڇو ٿو ڪيان؟ منهنجا پيارا پڙهندڙو، انهيءَ لاءِ جيئن اوهان کي پتو پوي ته اِهي ماضيءَ جون ڳالهيون ناهن. اوهان کي هيبت ناڪ افسانا ۽ خوني ڪهاڻيون پسند هونديون آهن. پر مان انهن کان وڌيڪ ڀوائتيون ۽ خوفناڪ روز مره جون سچيون ڳالهيون بيان ڪري سگهان ٿو، ۽ بهتر ائين ٿو سمجهان ته اهي اوهان کي ٻڌايان ته توهان کي محسوس ٿئي ته اسين ڪيئن رهون ٿا ۽ ڪهڙين حالتن هيٺ زندگي گهاري رهيا آهيون. سچ چوڻ ۾ لڄ ڪهڙي آهي! اسان جي زندگي سچ پچ ته ذليل زندگي آهي!

مان انسان سان پيار ڪيان ٿو، ۽ ڪنهن کي ڏک ڏيڻ منهنجو مذهب ناهي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ جذباتي نه ٿيڻ گهرجي، نه ئي تلخ حقيقتن کي حسين لفظن ۽ سهڻين سٽن ۾ لڪائڻ گهرجي. اسان کي زندگيءَ کي ائين پيش ڪرڻ گهرجي. جيئن سندس صحيح روپ آهي. اسان جي دلين ۽ دماغ ۾ جيڪا چڱائي ۽ نيڪي آهي، ان کي هر وقت حقيقتن جي علم سان تازگي ملڻ گهرجي.

ان وقت، جا ڳالهه مون کي سڀ کان زياده رنج رسائيندي هئي، اها مردن جي عورتن سان روش هوندي هئي. ڪتابن جي مطالعي مان اهو محسوس ڪندو هوم ته عورت اها شيءِ آهي، جا زندگيءَ کي حسين ۽ معنيٰ بخشي ٿي. ناني جيڪي ”مئڊونا“ ۽ ”واسيليتسا“ جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، انهن به منهنجي دل ۾ ساڳيا خيال ويهاريا هئا. بدقسمت نتاليا ڌوٻڻ سان ملڻ ۽ عورتن جي سون پيار ڀرين مهانڊن ۽ مرڪن کي ڏسي، منهنجو اهو يقين اڃا به پختو ٿي ويو هو.

ترجنيف جي ناولن ۾ عورتن جي واکاڻ جا گيت ڳايل هئا، مون کي عورتن جي جن به خوبين جو علم ٿيندو هو، اهي سڀ ملڪه مارگاٽ ڏانهن منسوب ڪندو ويندو هوس. هيني ۽ ترجنيف جي ڪتابن مان عورتن جي خوبين جي چڱي ڄاڻ پيئي هيم.

شام جي وقت ميلي جي ميدان کان موٽڻ وقت اها منهنجي عادت ٿي ويئي هئي ته ٽڪريءَ تي بيهي وولگا نديءَ ۾ ٻڏندڙ سج ڏانهن نهاريندو هوس. باهه جا الا آسمان ۾ پکڙجي ويندا هئا، ندي ۽ زمين قرمزي ۽ آسماني رنگ جي آميزش ۾ ٻڏي ويندا هئا. اهڙن وقتن تي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هوم ته ڌرتي قيدين سان ڀريل بتيلو آهي، جو ڪنهن رسيءَ سان ڪنهن جهاز ۾ ٻڌل آهي ۽ اهو جهاز ان کي ڪيڏانهن گهليندو اڳتي ڪاهيندو ٿو وڃي.

منهنجي دل ۾ ٻاهريان ملڪ، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ پڙهيو هوم، اُهي ۽ اتي جي ماڻهن ۽ انهن جي مختلف ريتن رسمن جا خيال پيا ڦرندا هئا. ٻاهرين ملڪن جا ليکڪ پنهنجن ڪتابن ۾ جنهن زندگيءَ جو ذڪر ڪندا هئا. اُها مهنجي چوگرد ڦهليل بيڪار زندگيءَ کان وڌيڪ وڻندڙ هوندي هئي. انهيءَ ڪري منهنجي دل کي ڪجهه آٿت ملندو هو ته هن مرده زندگيءَ کان بهتر زندگي به ڪا ٿي سگهي ٿي، ۽ مان يقين سان دل ۾ اها اميد رکندو هوس ته ڪنهن ڏينهن ڪنهن اهڙي سياڻي ۽ سٻاجهي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿينديم، جيڪو انهيءَ بهتر زندگيءَ ڏانهن ويندڙ شاهراهه جو مون کي ڏس ڏيندو.

هڪڙي ڏينهن جيئن ٽڪريءَ تي پيل بينچ تي ويهي نظارو ڏسي رهيو هوس، ته مامو جاڪوف اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. مون هن کي ايندي ڪين ڏٺو هو، ۽ نه ئي هن کي ڏسڻ سان هڪدم سڃاڻي سگهيو هوس. جيتوڻيڪ اسان ساڳئي شهر ۾ رهندا هئاسين، پر اسان جو هڪ ٻئي سان ملڻ ڪو ورلي ٿيندو هو-اُهو به رسمي کيڪار ۽ خوش خوش کان وڌيڪ نه.

هن چرچو ڪندي چيو، ”اڙي تون ته وڌي وڻ ٿي ويو آهين!“ ان کان پوءِ اسين پاڻ ۾ اهڙن ماڻهن وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين، جي پاڻ ۾ عزيز نه پر گهڻي وقت جا واقفڪار هجن.

نانيءَ جي ڳالهين مان پتو پيو هوم ته مامو جاڪوف ويجهڙائيءَ ۾ بيروزگار ٿي رهيو ۽ جهيڙاڪ ٿي پيو هو. اهو پتو به پيو هوم ته ڪنهن وقت هو ننڍو جيلر مقرر ٿيو هو، پر ان عهدي تان بي آبرو ٿي نڪتو هو. وڏو جيلر ڪو بيمار ٿي پيو هو، تنهن ڪري جيل جي چارج مامي جاڪوف جي حوالي ڪئي ويئي هئي. پر ان جي هلائڻ ۾ ايترو ته حد اُڪري ويو هو، جو قيدين کي پنهنجي خانگي ڪمرن ۾ دعوتون ڏيندو هو. جڏهن هن جي خلاف جانچ هلي، ته ٻين الزامن سان گڏ وڏو الزام، جو هن جي مٿان لڳايو ويو هو، اُهو اِهو هو ته هن قيدين کي جيل جي ديوارين کان ٻاهر گهمڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. انهن قيدين مان ڪو ڀڄي ته ڪونه ويو هو، پر هڪڙو قيدي ٻاهر شهر ۾ هڪڙي پادريءَ کي گهٽو ڏيندي پڪڙجي پيو هو! جانچ ته تمام گهڻو وقت هلي، پر مقدمو ڪورٽ تائين پهچي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته جيل جي جمعدارن ۽ قيدين اهڙا بيان ڏنا، جو مقدمو بيهي نه سگهيو. بهرحال هاڻي هو بيروزگار هو ۽ پٽ جي ڪمائيءَ تي، جيڪو چرچ جي سنگيت منڊليءَ ۾ ملازم هو، پيو وقت گذاريندو هو.

مون سان هو پنهنجي اُن پٽ جون عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو-”اڄ ڪلهه ڏاڍيءَ آڪڙ وارو ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته چرچ جي سنگيت منڊليءَ ۾ ڪم ٿو ڪري! جيڪڏهن هن جي حڪم مطابق سماوار گرم ناهي يا هن جي ڪپڙن کي برش هڻندي، ڪٿي ٿوري مٽي رهجي ٿي وڃي، ته مڙس اڀامي ٿو وڃي. ڪپڙي لٽي، ۽ بت جي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال ٿو رکي.“

مامو جاڪوف پنهنجي عمر کان اول پوڙهو ٿي ويو هو. منهن ۾ لٿل ۽ بت ۾ ڏٻرو ٿي ويو هو. هن جي وارن جون اڳيون چڳون بلڪل گم ٿي ويون هيون، جنهن ڪري هن جا ننڍڙا ڪن بلڪل هيڪلا ۽ عجيب ٿي لڳا. هن جي اکين جي سفيد ڪٽورين ۽ ڳلن جي کَلن ۾ ڳاڙهيون نسون نظر پئي آيون. جيتوڻيڪ هن جي ٻٽيجي سلامت هئي، پر چرچي ڀوڳ وقت هن جو آواز روڪجي ٿي نڪتو.

مون موقعي کي غنيمت ڄاتو، جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيو هوس، جنهن زندگيءَ جا چڱا ڏينهن ڏٺا هئا ۽ جنهن کي ندي جو چڱو آزمودو هو. مون کي هن جا قديم راڳ ۽ نانيءَ جو هن بابت رايو ياد اچي رهيو هو-”راڳ ۾ حضرت دائود جو مٽ آهي، باقي ڌنڌي ۾ شيطان واريون سازشون سٽي ڄاڻي.“

ويٺي ويٺي، اسين ڏسي رهيا هئاسين ته ٽڪريءَ تي هوا خوريءَ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۾ سٺن ۽ فئشنيبل ڪپڙن ۾ معزز شهري، مليٽري آفيسر ۽ سرڪاري عملدار هئا. مامي جاڪوف کي ليڙن لٿل ڪوٽ، ڦاٽل ٽوپي ۽ چتين لڳل بوٽ پيو هو، جنهن ڪري هو پنهنجي دل ۾ شڪي ٿي رهيو هو. انهيءَ ڪري ترت ئي اسين ٻيئي اٿي، ويجهو هڪڙي هوٽل ۾ هليا وياسين، جتي دريءَ جي ڀرسان پيل هڪ ميز تي ويهي رهياسين. اتان ميلي وارو ميدان صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو.

”توکي ياد هوندو ته تون ڪيئن هڪڙو گيت ڳائيندو هئين:

’هڪڙي پينوءَ پتلون سڪڻ ڪاڻ ٽنگي ڇڏي،

ٻيو پينو آيو ۽ اُها چورائي ويو......‘“

جڏهن مون اهي لفظ چيا، تڏهن مون کي انهن لفظن ۾ لڪل طنز پهريون ڀيرو سمجهه ۾ آئي ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ٿيو ته مامو ٻاهران ته خوش باش ڏسبو هو، پر اندر ۾ هو ڪيڏي نه تلخي لڪائي پئي گهميو.

گلاس ۾ ووڊڪا اوتيندي، ڄڻ منهنجي اُنهيءَ ۽ ٻين اهڙن اڻ پڇيل سوالن جو جواب ڏيندي، چوڻ لڳو، ”حقيقت هيءَ آهي ته مان پوڙهو ٿي رهيو آهيان، ۽ مون کي پتو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو پورو لطف ڪيئن حاصل ڪيو اٿم. اهو راڳ منهنجو نه هو، پر ان راڳ جو بنائيندڙ هڪڙو اسڪول ماستر هوندو هو. ها، هن جو نالو ڇا هو؟-اسين گهرا دوست هئاسين، پر هينئر ياد نٿو اچيم. هو مري ويو آهي. هو ڇڙو ڇانڊ هو. ۽ هڪڙي ڏينهن هو پي وڃي سمهيو هو ۽ وري نه اٿيو. ڪيترا نه منهنجا واقفڪار پيئندي پيئندي مري ويا آهن-بيشمار! تون ته نه پيئندو آهين نه؟ ڏاڍو چڱو. ان کان پري رهندو ڪر. بابي سان اڪثر ملندو هوندين؟ هن جو ٻڍاپو به سولو ڪونه ٿو بسر ٿئي. ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هن جو دماغ سالم نه رهيو آهي.“

ووڊڪا هن ۾ تازگي ۽ جوش پيدا ڪيو. هو کڙهو تڙو ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجي جوانيءَ واري ڏِک ڏيڻ لڳو ۽ هن جي ڳالهين ۾ مزو پيدا ٿي ويو. مون، موقعي جو فائدو وٺي، هن کان قيدين واري ڳالهه پڇي.

”چئبو تو به اِها ڳالهه ٻڌي آهي؟“ هن چيو، ۽ چؤطرف خبرداريءَ سان نهاري، آواز کي هوريان ڪري چوڻ لڳو، ”قيدي؟“ مان ڪير هوس، جو ويهي انهن بابت فيصلا ڏيان! منهنجي لاءِ اهي سڀ انسان هئا، ۽ مون انهن کي چيو، ’اچو ته هتي خوشيءَ جون گهڙيون گهاريون ۽ هڪ ٻئي سان قرب محبت ’رهون.‘ هڪڙو راڳ آهي ته-

”پنهنجي قسمت ڪهڙي به هجي، اچوته خوش گذاريون،

اچو ته خوش گذاريون، جيسين پنهنجي حياتيءَ جو سفر پورو ٿئي،

اُهي بيوقوف آهن، جي غم ۽ ڏک اڳيان سر جهڪائين ٿا.

اسين جيسين جيئنداسين، کِل خوشيءَ ۽ مزي لاءِ جيئنداسين.“

هو کليو، ڏاڙهيءَ کي کنهيائين ۽ ٻاهر رستي جي مٿان شام جي ڪرندڙ پاڇن ڏانهن نهارڻ لڳو.

”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته اُهي جيل ۾ رهي رهي بيزار ٿي پيا هئا، رات جي حاضريءَ کان پوءِ مون وٽ هليا ايندا هئا. پوءِ شراب ڪباب جو دور هلندو هو، جنهن جو بندوبست ڪڏهن مان ڪندو هوس ۽ ڪڏهن هو ڪندا هئا. مان راڳ ۽ ناچ جو شوقين ته آهيان ۽ انهن ۾ به ڪيترائي راڳ ۽ ناچ جا ماهر هوندا هئا. توکي ته شايد ويساهه ئي نه ايندو! انهن مان اڌ کان وڌيڪ قيدين کي زنجير پيل هئا، زنجيرن سان ڀلا ڪير ٿو نچي سگهي! پوءِ مون هنن کي چيو ته زنجير لاهي ڇڏيو. هائو، اهو سچ آهي. پر توکي حيرت لڳندي ته هنن لوهر جي مدد کان سواءِ پنهنجو پاڻ زنجير لاهي کڻي پري ڦٽا ڪيا. اِهي ماڻهو ڏاڍا حرفتي ٿا ٿين. پر جيڪي ماڻهو چون ٿا ته مان هنن کي ڇڙواڳ ڇڏيندو هوس ته وڃي ماڻهن کي ڦرين، اهي واهيات ٿا بڪن، اهڙي قسم جي ڪابه شاهدي ڪانه ملي هئي.“

هو وري ماٺ ٿي ويو ۽ دريءَ مان ٻاهر هڪڙي دڪاندار کي، جو دڪان بند ڪري رهيو هو، ڏسڻ لڳو. ڪڙن جو ٺڙڪو، ڪلفن جو کڙڪو ۽ تاڪن جو سٽڪو صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پوءِ اک ڀڃندي، وري ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويو، پر اڃا به هوريان آواز ۾-”ايمان جي ڳالهه ته هيءَ آهي ته هڪڙو قيدي ٻاهر ويو هو، پر اهو به هٿڪڙين وارن مان نه هو، اهو قيدي شهر جو ئي رهاڪو هو ۽ آسپاس جون چوريون ڪندو هو. هن جي سريت نزديڪ رهندي هئي، ۽ پادريءَ سان هن جي معاملي واري ڳالهه اتفاقي هئي. دراصل هن پادريءَ کي واپاري سمجهيو هو. برفاني رات هئي ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي بنڊل بنائي پئي هليو. هو ترنگ ۾ هو. هن کي تڪڙ ۾ پادريءَ ۽ واپاريءَ جو پتو ئي نه پيو.“

اها ڳالهه مون کي کِل جهڙي لڳي ۽ هو به مون سان کلڻ ۾ شريڪ ٿي ويو-”خدا جو قسم! پوءِ ان تي ڪهڙي نه قيامت مچي ويئي....“

پر اِتي منهنجي مامي کان ڪاوڙ جي جوجڪي اچي ويئي. پنهنجي اڳيان پيل کاڌي کي پري کڻي ڦٽو ڪيائين، هن جي منهن ۾ گهنڊ پئجي ويو، ۽ خار ۾ اکيون ڪاراٽجي ويس. پنهنجي سگريٽ کي سوٽو هڻندي، چوڻ لڳو، ”ماڻهو اول هڪ ٻئي کي ٺڳين ٿا، پوءِ هڪ ٻئي کي پڪڙن ٿا ۽ پوءِ هڪ ٻئي جيلن ڏانهن، سائبيريا ڏانهن ۽ کاڻين ڏانهن موڪلين ٿا. منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مان انهن سڀني ڳالهين کي ٿڪ ٿو هڻان. پوءِ کڏ ۾. مان پنهنجي جان جو فڪر ڪندس.“

ان وقت هو مون کي آگ مئن جئڪ جي ٻيءَ صورت وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن کي به ”هڻين کڏ ۾“ چوڻ جي عادت هوندي هئي.

”ڇا پيو سوچين؟“ مامي آهستي پڇيو.

”ڇا، توکي قيدين تي افسوس ٿيندو هو؟“

”هنن سان همدردي ٿيڻ لازمي آهي، توکي عجب لڳندو ته هو ٻارن وانگر آهن. ڪڏهن ڪڏهن مان هنن مان ڪنهن ڏانهن نهاري خيال ڪندو هوس ته ’مان هنن جي بوٽ صاف ڪرڻ جي به لائق ڪين آهيان، پر مون کي هنن تي حڪم هلائڻ جو اختيار مليل آهي!‘ سچ پچ ته اهي پيارا شيطان ڪهڙا نه چالاڪ ۽ ڏاها هوندا هئا!“

شراب جي نشي ۾ گذريل زماني جي يادگيرين هن جي طبع کي تازو ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٺونٺ دريءَ جي ڪانس تي کڻي رکيائين. پنهنجي آڱرين ۾ سگريٽ دکائي جهليائين، ۽ گجندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو، ”انهن ۾ هڪڙو نوجوان هو، هو واچن ٺاهڻ ۽ ڀترن تي رنبيءَ جي ڪم ۾ ماهر هو، هن کي ڪوڙن سڪن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ قيد اماڻيو ويو هو. هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. ’توهين، جي سمجهائي سگهو ته سمجهايو‘، هو چوندو هو، ’خزاني وارا ته پئسا ٺاهين، باقي مان ڇونه ٺاهيان؟ ٻڌايو؟‘ ۽ ڪوبه هن کي اها ڳالهه سمجهائي نه سگهيو. ٻيو هڪڙو ماسڪو جو مشهور ڳنڍي ڇوڙ هوندو هو. هو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ صاف سٿرو هوندو هو. پنهنجي ٺاهوڪي نموني چوندو هو، ’ماڻهو ڪم ڪري ڪري، ڊهي ٿا پون، مان ائين ڪرڻ نه چاهيندس. مون ائين ڪري به ڏٺو آهي. ڪم ڪري منهنجون آڱريون ئي گسي ويون، پر اُن مان مون کي ڇا مليو؟ اهي ٻه چار ڏوڪڙ. ڪجهه شراب جو گلاس اڌ پيتو نه پيتي جهڙو، ٻه ٽي پيسا رميءَ ۾ هارائجي وڃن، ٻه ٽي ٽڪا ڪنهن جوانڙيءَ کي ڏنا ته ڏيڻ جهڙا-پئسا خلاص، کيسا خالي ۽ ماڻهو اُهو ئي گهٽين جي حوالي ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، ساڳي بک، ساڳيو نشو، ساڳي جسم جي سڌ. ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي! نه ته، مون کان ائين نه ٿيندو.‘ اِهو هن جو تڪيو ڪلام هوندو هو-’مون کان ائين نه ٿيندو‘.“

مامو جاڪوف بينچ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺو. هن جو منهن هن جي ننڍن ڪنن تائين سرخ ٿي ويو هو، جي هن جي باقي جسم وانگر جوش ۾ پئي ڏڪيا.

”منهنجا ڀاءُ اهي قيدي بيوقوف ۽ جاهل ڪين آهن. هنن کي هر ڪنهن ڳالهه جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. وڃي کڏ ۾ پون! مون ڏانهن نهار. مان توکي پاڻ بابت ڇا ٻڌايان؟ جڏهن مان پنهنجي ماضيءَ ڏانهن نهاريان ٿو ته ڏاڍي اداسائي ٿي ٿئيم. ان ۾ خوشيون گهٽ هيون. مون کي ڏک کليو کلايو ملندا هئا ۽ خوشيون مان چوريءَ چوريءَ حاصل ڪندو هوس. هڪڙي پاسي منهنجو پيءُ، ٻئي پاسي منهنجي زال، پيا رڙيون ڪندا هئا-’هيئن ڪر! ۽ هيئن نه ڪر!‘ مون کي ايتري همٿ نه ٿيندي هئي، جو پاڻ تي کڻي هڪ روبل خرچ ڪريان. اهڙيءَ ريت منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گذري ويا، ۽ هاڻي ڇاهي؟ مان پنهنجي پٽ جو ٻانهو آهيان. سچ هيءُ آهي ته مان نوڪرن وانگر هن جي خدمت ڪندو آهيان ۽ هو مالڪن وانگر مون تي حڪم هلائيندو آهي. هو مون کي ’بابا‘ ڪري سڏ ڪندو آهي، ۽ مان غلامن وانگر وڃي هن جي اڳيان بيهندو آهيان. ڇا، انهيءَ واسطي ئي مون کي هيءَ حياتي ملي هئي؟ ڇا، انهيءَ لاءِ مان جيئرو آهيان ته پٽ جي چاڪري ڪيان؟ ڀلا، اِنهيءَ ڳالهه کي کڻي ڇڏ. تون مون کي ٻڌاءِ ته مان پيدا ڇا لاءِ ٿيس؟ مون کي زندگيءَ مان ڇا مليو؟“

منهنجا خيال ٻئي پاسي ڏي ڦري ويا هئا. جڏهن هن پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، تڏهن مون پڇيس، ”نه ڄاڻان منهنجي زندگيءَ جو انت ڪهڙو ٿيندو؟“

هو اچي ٽهڪن ۾ پيو-”ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙو پتو؟ مون کي ته اڃا اهڙو ماڻهو ڪونه مليو آهي، جنهن کي اِهو پتو هجي. بس، ماڻهو پيا زندگي گهارين ۽ جهڙو واءُ ٿو لڳي تهڙو پيا اُن کي منهن ڏين—“

وري هن جو لهجو خار ۽ چڙ ۾ ڀرجي ويو—”قيد ۾ اوريل شهر جو هڪ خانداني ماڻهو هوندو هو. زوريءَ زنا جي ڏوهه ۾ هن کي جيل اماڻيو ويو هو. مگر هو ڏاڍو لاجواب ناچ ڪندو هو. هو اسان کي پنهنجي هڪڙي راڳ سان وندرائيندو هو، جنهن کي هو ’معشوق جو گيت‘ ڪري سڏيندو هو—

’معشوق، تون قبرستان مان ته هليو وڃين ٿو،

پر قبر کان ڪاڏي هليو ويندين....‘

اهو راڳ هاڻي ته مون کي مزيدار نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته اها بلڪل حقيقت آهي ته انسان کي نه ئي پنهنجي ويل حياتي واپس ملي سگهي ٿي، نه ئي قبر کان نجات، سڀ سان ساڳيو حساب لاڳو آهي، چاهي قيدي هجي، چاهي جيلر.“

ڳالهيون ڪندي ڪندي، هو ٿڪجي پيو، ووڊڪا ختم ڪري، پکين وانگر اکيون چنجهيون ڪري، شراب جي خالي بوتل ڏانهن گهورڻ لڳو. سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو. دونهون هن جي مڇن جي وارن ۾ پکڙجي ويو.

”ڪشمڪش بيڪار آهي. ڪنهن شيءِ جي توقع رکڻ اجائي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي—“ اهي لفظ اوستي پيٽرڪ وٽان ٻڌا هئم، پر هو منهنجي مامي کان بلڪل مختلف هو. مون کي انهيءَ قسم جا ڪيترا عام ٻول اڃا تائين ياد آهن.

مون کي مامي سان وڌيڪ ڪي به ڳالهيون ڪرڻيون نه هيون. اهڙي ماڻهوءَ جي صحبت ۾ ويهڻ، جنهن تي رحم ايندو هجي، البت نراسائي ٿو ڏيئي ڇڏي. منهنجي دل هن جي خوشيءَ ڀرين گيتن ۽ ستار جي سرن کي ياد ڪري، غمگين ٿي پئي ويئي. پر مون کي کلمک سگنوڪ به وسري نه ويو هو. نه، هو مون کان وسري ڪونه ويو هو. اُن وقت جڏهن مامي جي زماني هٿان لپاٽن لڳل منهن ڏانهن پئي نهاريم، ته منهنجي دل ۾ وري وري خيال پئي آيو ته ’الائي هن کي اهو ياد هوندو به يا نه هوندو ته هُن سگنوڪ کي صليب جي هيٺان ڪيرائي ماري ڇڏيو هو.‘

منهنجي دل اهو نه گهريو ته هن کي اها ڳالهه ياد ڏياريان. مان ٻاهر سڙڪ ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن جي مٿان آگست جو ميرانجهڙو ڪوهيڙو ڪري رهيو هو. اتي پڪل صوفن ۽ گدرن جي خوشبوءِ پکڙجي پيئي هئي. شهر جي گهٽين ۾ بتيون روشن ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. انهيءَ وقت جهازن جي روانگيءَ جو بگل وڄڻ لڳو هو.

”هلڻ گهرجي!“ مامي چيو. جڏهن هوٽل جي دروازي وٽ هڪ ٻئي سان هٿ ملائي، موڪلائڻ لڳاسين، ته مامي چرچي طور چيو، ”اجاين پورن ۾ نه رهندو ڪر. تون البت اداس ٿو رهين. تون جوان آهين، ۽ اها ڳالهه ياد رکجانءِ ته قسمت ڪهڙي به هجي، ان کي کڏ ۾ هڻي، زنده رهجي ۽ خوش رهجي.“

ائين چئي، منهنجو خوش مزاج مامو، مون کي وڌيڪ پورن ۾ وجهي، ويندو رهيو.

مان شهر لتاڙي، ٻاهر کليل پوکن وٽ اچي پهتس. اڌ رات جو وقت هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، جن جي پاڇي ۾ منهنجو پاڇو ڏسڻ ۾ ئي نه ٿي آيو. هلندي هلندي مان وولگا نديءَ جي ڪناري تي اچي پهتس، جتي سڪل ڇٻر جي مٿان ليٽي، نديءَ، پوکن ۽ بي حرڪت زمين ڏانهن نهارڻ لڳس، هوريان هوريان ڪڪرن جو قافلو وولگا جي ٻئي پاسي ڏانهن وڌندو پئي ويو. ۽ جڏهن اتي پئي پهتو تڏهن ائين ٿي چمڪيو ڄڻ ته وولگا ۾ ٽٻي هڻي نڪتو هجي. هرڪا شيءِ ننڊاکڙي ٿي لڳي، هر ڪا چرچر بيدلي ۽ مجبور ٿي لڳي، ۽ ان ۾ اهو جوش ۽ اتساهه جيڪو دلي شوق جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، ڏسڻ ۾ نٿي آيو.

ان وقت منهنجي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿي ته ڪاش مان پاڻ سميت اُن بيٺل زمين کي اهڙو ڪو ڏٽو هڻي سگهان، جو سڄي دنيا ۽ اُن جي هر شيءِ. مون سميت، خوشيءَ ۽ مستيءَ ۾ نچندڙ اُنهن ماڻهن وانگر ننهن کان چوٽيءَ تائين امنگ ۽ تحرڪ ۾ اچي وڃي، جيڪي هڪ ٻئي سان پيار ڪن ٿا، زندگيءَ سان پيار ڪن ٿا. هن زندگيءَ سان، جيڪا هڪ ٻيءَ زندگيءَ لاءِ گذارجي ٿي-آئينده زندگي، هن ئي جهان جي آئنده زندگي، هڪ وڌيڪ حقيقت زندگي، هڪ وڌيڪ حسن ۽ همت ڀري زندگي.

پوءِ مان سوچڻ لڳس ته ’مون کي واقعي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جي مون ڪجهه نه ڪيو ته مان تباهه ٿي ويندس.‘

ڪڏهن ڪڏهن سرءُ جي اداس موسم ۾، جڏهن سج جو ڪو نشان پتو ئي نه هوندو هو، ۽ نه ئي سج جي گرمي محسوس ٿيندي هئي، جڏهن ماڻهن جي دلين تان اهو خيال به لهي ويندو هو ته ڪا سج جي روشني به ٿيندي آهي، مان ڪيترائي ڀيرا پري جهنگل ڏانهن هليو ويندو هوس-وڏو رستو ڇڏي، اونداها پيچرا لتاڙيندو هوس، تان جو ايترو ٿڪجي پوندو هوس، جو مون کي اُهي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا هئا. پوءِ پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي، مٺيون ڀيڙي، نڪ سامهون هلڻ شروع ڪندو هوس، ۽ سڙيل بنڊن، ڌٻن ۾ آيل پيچرن، ۽ گپ چڪ ڀريل ميدانن کي لتاڙيندو، ۽ انهن تان اڪرندو، آخرڪار اچي ٻاهر، شاهي سڙڪ تي پهچندو هوس.

انهيءَ سرءُ جي مند ۾ مان ڪازن هليو ويس، دل ۾ اها ڳالهه ڳجهي رکيم ته اتي وڃي ڪنهن طرح تعليم حاصل ڪندس.



1914ع