سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ تان جان گهوريندڙ صوفي سنت ڪنور رام جي شخصيت تي لکيل ڪتاب ”سنت ڪنور رام“ اوھان سان شيئر ڪجي ٿو جنھن جو ليکڪ ڪنعيا لعل ايم تلريجا آھي.
سنت ڪنور رام مڌر ۽ رسيلي آواز ۽ نياز ۽ نوڙت سان لکين دلين کي موھي ڇڏيو. راڳ سندس عبادت ھئي. ھو سخي ماڻھو ھيو ۽ ھن کي جيڪو ڪجه راڳ جي بدلي ملندو ھيو سو سفيد پوش محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. محبتي ماڻھو ڀڳت ڪنور رام ھندو مسلم فسادن واري نفرتن جي ور چڙھي گوليءَ جو شڪار ٿي سنڌ کان وڇڙي ويو.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ سنت ڪنور رام شيوا منڊل، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ادي سورٺ دوڏيجا جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي