ٻاراڻو ادب

سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد پھريون)

ھن اھم تحقيقي ڪتاب جي پھرين جُلد ۾ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل شعري ۽ نثري ادب جو جائزو ورتو ويو آھي. ڪتاب ۾ ترجمن جي دور، ٻارڙن لاءِ لکندڙ اوائلي ليکڪن، قصن، ڪھاڻين، ورھاڱي کان اڳ جي ٻاراڻي گيتن جي دور، ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي دور ۽ ليکڪن ۽ شاعرن، ورھاڱي کانپوءِ ھندستان ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جي دور بابت تحقيق شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد آزاد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد پھريون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ خالد آزاد جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد پھريون)“  اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن اھم تحقيقي ڪتاب جي پھرين جُلد ۾ سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ لکيل شعري ۽ نثري ادب جو جائزو ورتو ويو آھي. ڪتاب ۾ ترجمن جي دور، ٻارڙن لاءِ لکندڙ اوائلي ليکڪن، قصن، ڪھاڻين، ورھاڱي کان اڳ جي ٻاراڻي گيتن جي دور، ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي دور ۽ ليکڪن ۽ شاعرن، ورھاڱي کانپوءِ ھندستان ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جي دور بابت تحقيق شامل آھي.
ھي ڪتاب 2016ع  ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي،، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي