شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر۽ محقق مير حاجن مير جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”سيوھڻ جون  تاريخي درگاھون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.
ھي ڪتاب سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي پاران ساحل پرنٽرز وٽان 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.co

ڪتاب جا حق ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

موضوع: تاريخ

ليکڪ: مير حاجن مير

ڇاپو پهريون: 2019ع 

ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر

ڪمپوزنگ: اظهر سولنگي

ڇپائيندڙ: اوقاف کاتو حڪومت سنڌ

ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650

قيمت: -/400 روپيا

ارپنا

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
ڊاڪٽر سيد نور محمد شاھ
ڊاڪٽر اسحاق سميجو
ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
۽
ڊاڪٽر مخمور بخاري جي نالي

مھاڳ

سنڌ ۾ درگاهن جو بنياد اسلام اچڻ جي دؤر کان پيو. جڏهن کان مزارون ٺهيون ته ڪن مزارن مٿان ڇٽيون، ۽ چوڪنڊيون ٺاهيون ويون پوءِ آهستي آهستي مقبرا (درگاهون) ٺهڻ شروع ٿيون. سنڌ ۾ آڳاٽي (درگاھ) عبدالله شاھ غازي ڪراچيءَ واري جي چئي وڃي ٿي. سنڌ کان پهرين مقبرا سعودي عرب، عراق، شام، ايران ۾ پڻ ٺاهيا ويا هئا. سعودي عرب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو مقبرو صحابن ڪرامن، خليفن ۽ ٻين بزرگن جا مقبرا ٺاهيا ويا. عراق ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ٻين امامن ۽ عالمن جا مقبرا ٺاهيا ويا. اهو سلسلو هلندو رهيو. سنڌ ۾ آڳاٽا مقبرا عبدالله شاھ غازي، حضرت قلندر لعل شهبازرحه، پير پٺو ۽ ٻيا آهن. ويهين صدي ۾  ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ جڏهن خلافت عثمانيه ٽٽي وئي، حجاز مقدس تي سعود خاندان قبضو ڪري ان کي سعودي عرب جي نالي سان هڪ آزاد رياست جو بنياد ڏنو. تڏهن سعودي عرب ۾ وهابي فرقي وڌي وڃڻ ڪري اڪثر مقبرا مسمار ڪيا ويا. هن وقت سعودي عرب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقبرو ناهي، پر پاڪستان، هندستان، ايران، عراق، مصر، شام ۽ ٻين ڪجهه ملڪن ۾ مقبرا آهن، مسلمانن جي عقيدي موجب مقبرن ۾ دفن ٿيل بزرگ روحاني فيض ڏين ٿا. سنڌ ۾ مندر به ٺهندا رهيا آهن ته، مقبرا به ٺهندا رهيا آهن. سڀ ڪو پنهنجي عقيدي مطابق پوڄا ڪري ٿو. ڪنهن به شخص کي ڪا پابندي ناهي. هر شخص آزاد آهي. هو ڪهڙو به مذهب اختيار ڪري، پاڪستان ۾ غير مسلم مذهب مٽائي مسلمان به ٿيندا رهن ٿا. هندستان ۾ وري مسلمان مذهب مٽائي غير مسلم به ٿيندا رهن ٿا. 

اُنهن لفظن جي معنيٰ ڏجي ٿي. جيڪي درگاھ ۽ فقيرن سان لاڳاپيل آهن .

درگاھ ڇاکي ٿو چئجي؟

جنهن مزار مٿان مقبرو ٺهيل هجي ان کي درگاھ چيو وڃي ٿو. آستانو، درٻار، خانقاھ بارگاھ به چيو وڃي ٿو.

مقبرو:

قبو، روضو، درگاھ

زيارت گاھ:

زيارت ڪرڻ جي جاءِ، مقدس جڳهه، درگاھ، آستانو.

زيارت ڪرڻ:

ڪنهن مقدس جاءِ يا بزرگ جو ديدار ڪرڻ.

مُجرد:

اڪيلو ڇڙو، پاڪ صاف، غير شادي شده.

ڪافي :

فقراءِ جي رهڻ لاءِ جاءِ، سيوهڻ ۾ گهڻيون ڪافيون هيون جن ۾ پانڌيئڙا اچي رهندا هئا. هاڻ سيوهڻ ۾ ريسٽ هائوس ٺهي ويا آهن، هاڻ ڪافيون گهٽجي ويون آهن. 

اوتارو:

منزل جي جاءِ، منزل، اوطاق، فقيرن جي بيٺڪ جو خاص هنڌ، مڪان، دائرو، آستانو.

بيٺڪ: 

ويهڪ، نشت، ويهڻ جو هنڌ

مجاور:

دکپال، رکوالو، نگهبان، سنڀال ڪندڙ، مسجد يا قبي جو سنڀاليندڙ، درگاھ جو رکوالو. قبرستان جي سنڀال ڪندڙ،

فقير: 

مسڪين.کٽل، محتاج، بکاري، پينو، پنندڙ، سوالي، گداگر، منگتو، سائل، الله لوڪ، درويش.

سجاده نشين:

ڪنهن بزرگ جي گاديءَ تي ويٺل شخص، سنڀاليندڙ. (جيڪو ان بزرگ جي اولاد مان نه هجي)

ننگر:

خيرات ڪرڻ، خيراتي کاڌي جي ملڻ جو هنڌ، ثواب لاءِ لنگر ورهائڻ، رڌل پڪل شئي، کاڌو ننگر وغيره

معتقد:

اعتقاد رکندڙ، ڀروسو رکندڙ، ويساھ رکندڙ، يقين رکندڙ، پيروي ڪندڙ، نوڪر، خادم، تابعدار، ٻانهو، غلام، ٻالڪو.

نَذرُ:

خدا جي نالي تي باسيل صدقو، خدا جي راھ ۾ ڪيل ختمو، بخشش، تحفو، سوکڙي.

نذرانو:

تحفو، سوکڙي، عقيدت ڀريو تحفو، مريد پنهنجي مرشد کي پئسن جو نذرانو ڏيندو آهي.

پڙُ:

چادر يا ڪپڙو، ڪنهن قبر مٿان وجهجي، غلاف. 

نوبت:

وڏو نغارو، ڀيڙ، نقارو، ڌمامو، طبل.

گنبذ:

عمارت جي مٿان گولائين ديوار، گول ڇت واري عمارت، قبو، برج.

دعا گهرڻ:

 بزرگ کان ڀلائي گهرڻ، مراد گهرڻ، مدد گهرڻ، 

دعا لڳڻ:

دعا جو اثر ٿيڻ، مراد پوري ٿيڻ.

رياضت:

عبادت، زهد جوڳ، بندگي، سادگي، محنت.

سُکا ڏيڻ:

مرشد تي حاضري ڏيڻ، اميد پوري ٿيڻ کان پوءِ پڙ ڏيڻ، خير خيراتون ڪرڻ، باس ڏيڻ، نذرانو ڏيڻ.

مرشد:

هادي، رهبر، چڱي واٽ ڏيکاريندڙ، الله جو رستو ڏيکاريندڙ.

مريد:

پيروي ڪندڙ، عقيدت مند، مرشد جو تابعدار، خادم، پوئلڳ.

طالب:

شاگرد، مريد، سالڪ، فقير.

پِٽَ:

پاراتو، بددعا، هڪ چوڻي ته (مرشد جو پٽيل آهي)

ڌاڳو ڏيڻ:

تعويذ ڦل ڪرڻ، دعا ڪرڻ، سڳو (ڌاڳو) پڙهي ڏيڻ، مريد اهو پڙهيل ڌاڳو ڳچيءَ ۾ يا ٻانهن ۾ ٻڌندو آهي.

باس باسڻ:

ڪوبه شخص ڪنهن به بزرگ تي باس باسيندو آهي، ۽ دل ۾ چوندو آهي ته منهنجي ڦلاڻي دعا قبول ٿي ته آءٌ هي شئي خيرات ڪندس، اچي حاضري ڏيندس.

ذڪر ڪرڻ:

خدا جو نالو وٺڻ، وظيفو پڙهڻ، الله الله ڪرڻ.

گادي نشين:

مسند تي ويٺل، تخت تي ويهڻ، وارث  (بزرگ جي خاندان مان  هجي)

متولي:

نگران ڪار، نگهبان، رکپال، رکوالو، خانگاھ، مقام يا مسجد، درگاھ جو رکپال.

فقراءَ:

فقير جو جمع فقراءَ (جمع) فقيرن جو ٽولو، گهڻا فقير.

چڳ وڍائڻ:

وار ڪپائڻ، مريد ٿيڻ.

دستار:

پَڳ، منهن مٿان پيل پڳ (جا خاص مٿان لاءِ ٺاهي ويندي آهي.)

درويش:

بزرگ، سالڪ، ولي الله، مست، نيڪ، مسڪين، سادو،ڪم فهم، ٻي معنيٰ پينون، گداگر، بيکاري، منگتو.

ڪلنگي:

بادشاهي ڇٽ، پکين جي کنڀن جو گل، دستار جي وچ ۾ لڳڻ وارو گل.

بزرگ: 

نيڪ، عالم، پڙهيل، عظيم، وڏي عمر وارو، عزت مند، معزز، الله وارو.

تِلِ:

ڪنهن اولياءَ جو ٻارهين مهيني خيرات ڪيو ويندو آهي. ان کي تِل به چئبو آهي. عرس

اولياءُ:

الله جو دوست، الله وارو، پهتل شخص، درويش، ولي 

ولي :

خدا جو خاص بندو، اولياءَ ، پاڪ انسان، والي، وارث، آقا، پرهيزگار، عارف، خدا رسيدو، صابر، شاڪر،

ولي الله:

خدا کي ويجهو، نيڪ بندو، عابد، زاهد، مالڪ، مجذوب، عارف بالله.

مجذوب:

ياد الاهي ۾ غرق، جذبو، مست، بيهوش، پاڳل، چريو.

عرس:

ڪنهن اولياءَ يا بزرگ جي نالي ڪيل کاڌو، ڪنهن پير يا ولي جي ياد ۾ سندس وفات واري ڏينهن ياد ڪرڻ، وصال وارو ڏينهن .

تارڪ الدنيا:

گوشئه نشين، دنيا کان فارغ، آجو، آزاد، دينوي معاملن کي ترڪ ڪري ڇڏيندڙ.

تڪيو: 

فقيرن جي ويهڻ جي جاءِ، مڪان، ماڳ، آستانو، 

”تڪيا سڀ تڪيام، نوريءَ تڪيو ناھ ڪو“ (شاھ)

ڪندري:

لوهي لڪڻ جيڪو اڪثر فقير کڻندا آهن.

چلو:

عبادت يا وظيفي جو مقرر ڪيل مدو (جو اڪثر چاليهه ڏينهن جو ٿئي).

ڌمال:

نچڻ، هٿ مٿي ڪري رقص ڪرڻ

نفيل:

فقيرن جي وڄائڻ جو سڱ، توتارو، نفيري، ناد.

ناد:

وڄائڻ ۾ ڪم ايندڙ هڪ ساز، سنک، مينهن جو سڱ ، ڦوڪ سان ڊگهو آواز ڏيندو آهي.

پانڌيئڙو:

پانڌي، واٽهڙو، زيارتي، چوندا آهن ته هي شخص قلندر جو پانڌيئڙو آهي، زيارتي آهي. ڪنهن منزل لاءِ سفر تي نڪتل.

صوفي:

سلوڪ وارو فقير، شراب يا ٻئي ڪنهن نشي کان پرهيز ڪندڙ، سالڪ، پرهيزڪار، پاڪباز، پارسا، طريقت وارو سالڪ دنيا کان ڪٽيل

صوم صلوات:

نماز، روزو رکندڙ.

موالي:

دوست، نوڪر، غلام، چاڪر، مستيءَ وارو، مست، نشو واپرائيندڙ، نشي جو عادي فقير.

مست:

خماريل، الوٽ، مجنو، ديوانو، سرمست، مجذوب، بي پرواھ، وجدان ۾ گم ٿي وڃڻ. ( مين ته اڪ خيال هان ملسان خيال نال)

سماع: 

صوفياڻي راڳ جي محفل، روحاني ڪيفيت وارو راڳ

عقيدو: 

اعتبار، مذهبي يقين، ايمان، ڀروسو، پوئلڳي.

ڪشتو (ڪستو):

فقيرن جي پنڻ جو ٿانءُ (ڪشڪول)

بيراڳي:

ويراڳي، سنياسي، تارڪ، اداس، ملول، عاشق، فقير.

مستانو:

مست، چريو، پاڳل، ديوانو، متوالو، نشئي، عاشق، ڪام ارٿي فقير. با الله واصل، الله لوڪ، درويش.

پيرُ:

پهتل شخص، بزرگ، ولي الله، مرشد، هادي.

نقارو:

وڄائڻ جي ساز جو هڪ قسم، نغارو، ڌمال مهل اهو نقارو وڄايو ويندو آهي.

گلوبند:

هڪ پٿر جو قسم، جو قلندر لعل شهباز جي ڳچي ۾ پيل هوندو هو.

رقص:

ناچ، نرت، اڇل، ٽپ، ڌمال ۾ نچڻ کي رقص چيو ويندو آهي. 

رقص و سرود:

(سرو، واجد) راڳ، ناچ، ڳائڻ، وڄائڻ.

روحانيت:

دل جي صفائي، دل جي سچائي، من جي پاڪائي.

گهُنڊ:

وڏو گهنڊ، وڏو چڙو، وڄائڻ جو هڪ ساز.

الله لوڪ:

خدا وارو، اهل الله، درويش، پهتل، سڌو سادو. 

قلندر لعل شهباز کان سواءِ، سيوهڻ جي تاريخ ۽ سيوهڻ جي قلعي، بابت تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. هن کان اڳ به ’ڪتاب‘ سيوهڻ جون ادبي شخصيتون مون آندو هئو. اهو نجو ادبي شخصيتن تي هو. هي نجو سيوهڻ جي درگاهن تي آهي. تذڪره مشائخ سيوستان کان سواءِ ٻيو ڪو به تذڪرو سيوهڻ جي بزرگن جو مڪمل نه ٿو ملي. جيڪو مڪمل درگاهن تي هجي.اميد ته هي منهنجو پورهيو اوهان کي ضرور پسند ايندو. پنهنجي قيمتي راين کان نوازيندا. 


مير حاجن مير
15 جنوري 2019ع  

مقدمو

سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستيءَ جي پنهنجي تاريخ آهي، سيوهڻ جا قديم مقبرا ۽ مزارون، ماڳ، جايون، تاريخي حيثيت رکن ٿيون. انهن جي اڏاوت حُسن، سينگار، گُل چٽ، مينار سنڌڙي جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. انهن مقبرن جي قدامت تاريخ جو حصو آهي. سنڌو ماٿري جي انسان جي تاريخ به قديم آهي. هتان جي تهذيب جنهن کي دنيا موهن جي دڙي جي تهذيب سان سڃاڻي ٿي. هر دور ۾ انسان پنهنجي ڪار گذاريءَ جا نشان ڇڏيندو آيو آهي ۽ وڃڻ کانپوءِ کيس مختلف طريقن سان مٽيءَ ماءُ يا خاڪ درياءَ بادشاھ جي حوالي پئي ڪيو ويو آهي. جڏهن کان هتي اسلام آيو ته مري ويندڙ مرد توڙي عورت کي اسلامي قاعدن موجب ڪفن جي بندوبست سان مٽيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. نه رڳو ايستائين پر هڪ مختصر نشان طور ”نشان قبر“ ٺاهي سندس نانءَ نشان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهڙن سلسلن جي ڪري هاڻي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اڻ کٽ مقبرا انساني سماج لاءِ هڪ تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي قديم قبرستانن ۽ مقبرن ۾ چوڪنڊيءَ جون مزارون، مڪليءَ جا مقبرا ۽ سيوهڻ جا قديم روضا اڄ به يادگار حيثيت رکن ٿا. جن ۾ عام مسڪين ماڻهن کان سواءِ وقت جي نوابن، اميرن، فقيرن، سالڪن ۽ عالمن جون مزارون ۽ مقبرا انساني هٿ چراند جي ڊاھ ڊوھ کان پاڻ بچائي پنهنجي وجود کي برقرار رکيو بيٺا آهن. جڏهن ته اڪثر اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جا شاندار تاريخي ماڳ مٽجندا ختم ٿيندا ٿا وڃن. ٻئي پاسي هن ڪتاب ۾ اهڙين مزارن ۽ مقبرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي انسان جي عبرت ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ڪري کين قلمبند ڪرڻو ٿو پوي. 

 

سيوهڻ جي بزرگن جا تاريخي قديمي ۽ جديد ماخذ:

تاريخ معصومي :

مير محمد معصوم بکريءَ فارسي زبان ۾ هي ڪتاب 1009ھ ڌاري لکيو. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1953ع ۾ سنڌي ترجمي ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگ قلندر لعل شهباز، سيد مير ڪلان، مخدوم محمود فخرپوٽو، مخدوم بلاول، مولانا عبدالعزيز ابهري قاضي ڏتو سيوستاني، قاضي قاضن، مخدوم ميران ولد يعقوب جو ذڪر ملي ٿو.

حديقة اولياءُ:

سيد عبدالقادر ٺٽوي نصرپوري 1016 ھ ، 1607ع ۾ لکيو. سنڌ جي اوليائن بابت هي پهريون تذڪرو آهي. جيڪو سنڌ جي بزرگن تي ئي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن قلندر لعل شهباز، مخدوم بلاول، قاضي ڏتو سيوهاڻي جو احوال موجود آهي. هي ڪتاب به پهرين فارسي ۾ لکيو ويو، سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو.

تاريخ طاهري:

سيد طاهر محمد نسيانوي ٺٽوي (ٺٽي شهر جي تاريخ) 1030ھ، 1621ع ۾ لکي. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ سيوهڻ جي بزرگ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو تذڪرو ڪيو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو اهو پهريون تذڪرو چيو وڃي ٿو. 

تذڪره مشايخ سيوستان:

مخدوم عبدالغفور ولد حيدر سيوستاني، 1039ھ، ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ شهر جي چوڏهن بزرگن جو احوال ملي ٿو. 

تذڪري ۾ (1) قلندر لعل شهباز، (2) مخدوم ڇٽو آمراڻي، (3) مخدوم قاضي برهان الدين، (4) شيخ نخرج، (5) سيد محب، (6) شيخ حاجي سوڍو، (8) شيخ دودو، (9) قاضي ادريس، (10) شيخ ٽوپڻ، (11) مخدوم سڪندر بودلو، (12) سيد سالار غازي، (13) شيخ احمد سنداڻي، (14) ميان جلال خاموش شامل آهي. 

افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهن چوڏهن بزرگن مان 7 بزرگن جا مقبرا هن وقت موجود آهن. جڏهن ته مخدوم قاضي برهان الدين، شيخ نخرج، شيخ حاجي سوڍو، شيخ دودو، قاضي ادريس، سيد سالار غازي جون مزارون ميسارجي چڪيون آهن. گهڻي  ڳولا باوجود به هٿ نه اچي سگهيون آهن. 

تاريخ مظهر شاھجهاني:

يوسف ميرڪ 1044ھ ۾ لکي، يوسف ميرڪ ڪيئي صفحا هن ڪتاب جا سيوهڻ ۾ ويهي لکيا هئا، هي ڪتاب سيوهڻ جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. تمام گهڻو مواد هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي باري ۾ آهي.

مقالات الشعراء:

مير علي شير قانع ٺٽوي 1174ھ ۾ لکيو هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي فارسي شاعري شامل ڪئي وئي آهي.

تحفته الڪرام:

مير علي شير قانع ٺٽوي 1181ھ ۾ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي لکيو. تاريخ سان گڏ بزرگن جو به احوال ڏنو ويو آهي. قلندر لعل شهباز، شيخ مکڻ، مير صلاح الدين، سيد پير شاھ، سيد نور شاھ، سيد حيدر شاھ، نذر شاھ، اسد شاھ، سيد نهال شاھ، مير خضر شاھ، سيد موج دريا، قاضي ابو سعيد، قاضي قاضن، قاضي نصر الله، شيخ محمود، مخدوم زاهد، قاضي ڏتو سيوستاني، قاضي سائينڏنو شيخ مير محمد (ميان مير لاهور وارو، اصل سيوهڻ جو آهي) مير سيد ڪلان، مير عبدالله سطان، سيد عبدالطيف، ڇٽو آمراڻي، ملا دائود سيوستاني، ابوبڪر سيوستاني، وجيھه الدين، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، جو احوال تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو. 

معيار سالڪان طريقت:

 مير علي شير قانع ٺٽوي 1202ھ ۾ لکيو. سيوهڻ جي بزرگن قلندر لعل شهباز، مخدوم ڇٽو امراڻي، شيخ مکڻ، سيد مير ڪلان، شيخ ميان مير لاهوري، مخدوم بلاول، مخدوم ميران ۽ ٻين جو احوال آهي. هي مڪمل اوليائن تي ڪتاب لکيل آهي. 

رسالا حبيبيه يا المڪتوب حبيب:

1332ھ ۾ لکيو ويو، هن ڪتاب جو ليکڪ محمد قاسم غازياڻي ڀٽي آهي. محمد قاسم غازياڻي، ڀٽي مخدوم حبيب الله صديقي پاٽائي، سيوهاڻي جو مريد هو. هن ڪتاب جو اڪثر حصو مولوي ميان قاضي هدايت الله مٽياريءَ جي رد ۾ لکيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ 2006ع ۾ ڇاپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيل آهي. 

انتساب مشائخ سيوستان :

مخدوم حسن الله شاھ پاٽائي جو تحرير ٿيل آهي. مخدوم حسن الله صديقي جي وفات 1339ھ ٿي. هيءُ ڪتاب پهرين فارسي ۾ لکيو ويو سنڌي ادبي بورڊ 2008 ۾ فارسي سان گڏ سنڌي ترجمي ۾ ڇپايو آهي. هيءُ ڪتاب سيوهڻ جي قاضي خاندان جي شجرن (قصن) بابت آهي. 

لُب تاريخ سنڌ:

خان بهادر خدا داد خان 1900ع ۾ لکيو. لب تاريخ سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز ۽ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خدا داد خان لکي ٿو ته : 

”سيوهڻ جي باري ۾ تمام ٿورو لکيو ويو آهي. سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز رونق افروز آهي. جو سنڌ جو بادشاھ آهي، هاڻي هن موقعي تي سندس احوال ضرور لکڻ گهرجي.“ 

هي ڪتاب به فارسي ۾ لکيو ويو هئو. سنڌي ادبي بورڊ ترجمو ڪرائي 1989ع ۾ سنڌي زبان ۾ ڇپايو. 

قلندر نامو:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1904ع ۾ لکيو. هي ڪتاب قلندر لعل شهباز تي پهريون سنڌي زبان ۾ لکيل ڪتاب ملي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون نالو تذڪره لعل شهباز عرف قلندر نامو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح، طريقت،سيرت، پيدا ٿيڻ جو احوال جامع آهي. هي ڪتاب قلندر لعل شهباز تي (نجو) چيو وڃي ٿو. 

قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو:

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 1925ع ۾ لکيو. قلندر لعل شهباز ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. بزرگن جو احوال، مرزا قليچ بيگ، تحفته الڪرام تان اڪثر نقل ڪيو آهي. 

حياته نامه قلندر:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو لکيل آهي. جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو. 

ڀٽ جو شاھ Shah Abdul Latif of Bhit,:

ايڇ ٽي سورلي 1938ع ۾ لکيو هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ايڇ ٽي سورلي، شاھ لطيف تي لکيو آهي. ان سان گڏ سنڌ جي تاريخ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. 

جنت السنڌ:

رحيم داد خان مولائي شيدائي، 1958ع ۾ لکيو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي آهي. قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. رحيمداد مولائي شيدائي جو هڪ ٻئي ڪتاب تاريخ، تمدن سنڌ ۾ به، قلندر لعل شهباز جو ذڪر ڪيو آهي. 

الشهباز: 

جليل سيوهاڻي جو هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ ڇپيو . حضرت عثمان مروندي قلندر لعل شهباز ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن تي لکيو ويو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح شجري، طريقت، جو اهم ذڪر ڪيو ويو آهي. 

جليل سيوهاڻي قلندر لعل شهباز جو عثمان نالو مٽائي ’شاھ حسين‘ رکيو آهي. قلندر لعل شهباز کي اهل تشيع فرقي جو زوريءَ قرار ڏنو آهي. جيڪو بلڪل غلط آهي. قلندر لعل شهباز کي 750 سال گذري ويا آهن. ڪنهن به عالم، اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي. سڀني عالمن، محققن حضرت شيخ ’عثمان‘ نالو لکيو آهي. تاريخ معصومي، تحفته الڪرام، حديقة اولياءُ، قلندر نامو ۽ ٻين ڪتابن ۾ جيڪي سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ليکيا وڃن ٿا ۽ ٻيا به ڪيترائي ليکڪ ’عثمان‘ نالي تي متفق ٿيا آهن ۽ تسليم ڪيو آهي ته، قلندر لعل شهباز جو اصل نالو ”عثمان“ آهي.اهو ئي درست سمجهڻ گهرجي . افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جليل سيوهاڻي پاڻ اهل تشيع فرقي سان تعلق رکندڙ وڏو مذهبي شخص هو، جنهن پنهنجي فرقي کي اهميت ڏني آهي. ليکڪ جو ڪم نه آهي ته هرو ڀرو ڪنهن تسليم شده ڳالهه کي بنا دليل جي رد ڪري ۽ پنهنجي راءِ زوريءَ مڙهي. قلندر لعل شهباز جو اصل نالو مخدوم شيخ ”عثمان“ آهي.ست سال گذرڻ کان پوءِ ڪنهن شخص جو نالو مٽائڻ لاءِ ڪو سگهارو دليل هئڻ گهرجي ،پر جليل سيوهاڻيءَ  ڪو مستند حوالو نه ڏنو آهي.ائين اچانڪ نالو تبديل ٿيڻ عجيب ٿو لڳي.  شيخ جي اڳوڻي دؤر ۾ معنيٰ معزز، عزت وارو، بزرگ طور چئي وئي آهي. جليل سيوهاڻي جو ڪتاب الشهباز اردوءَ ۾ به سنڌي وارو ساڳو ترجمي ۾ ڇپيل آهي. 

تذڪره شهباز: 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 1964ع ۾ لکيو. قلندر لعل شهباز سان گڏ سيوهڻ جي بزرگن ۽ قلندر لعل شهباز جي معتقدن، مريدن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

گلزار قلندر: 

ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي جو لکيل آهي، هي ڪتاب 1972ع ۾ ڇپيو، قلندر لعل شهباز جي سوانح طريقت، ميندي، ريتن رسمن ۽ ڌمال جي حوالي سان هي اهم ڪتاب آهي، وڏي محنت سان لکيل آهي. ٻولي به شاندار استعمال ٿيل اٿس. 

تذڪره مشاهير سنڌ: 

مولانا دين محمد وفائي 3 جلدن ۾ لکيو ، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن، آوليائن ۽ درويشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جن ۾ مخدوم قلندر لعل شهباز، ڇٽو آمراڻي، بي جمال خاتون سيوهاڻي، خضر سيوستاني، دين محمد صديقي، مخدوم بلاول، عبدالواحد صديقي، مبارڪ شيخ، محمد سيوستاني، محمد عارف سيوستاني ۽ ٻين بزرگن جو  ذڪر موجود آهي. 

عظيم سنڌي انسان: 

ميمڻ عبدالغفور سنڌي 1980ع ۾ لکيو. ڪتاب ۾ ابوفضل سيوهاڻي، سيد ثابت علي شاھ، شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمددائود پوٽو، قاضي قاضن، قلندر لعل شهباز سيوهاڻي، جمن جتي ستي، مخدوم بصر الدين سيوهاڻي، ملا فيضي ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

تذڪره اولياءَ سنڌ: 

علامه مولانا قاضي محمد اقبال حسين نعيمي جو ڪتاب1987ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز.جمن جتي ستي، شيخ خضر ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ آهي. 

مخدوم نوح سرور جا سيهوڳي: 

پروفيسر محبوب علي چنه لکيو آهي. هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ ۾ 1964ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ 1991ع ۾ ڇپيو، هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪي ويو آهي. جن ۾ مخدوم جعفربوبڪائي، قاضي قاضن، قاضي ڏتو، شيخ خضر سيوستاني، شيخ ميان مير، سيد ميرڪلان، ملا داؤد سيوستاني، ملا نور الحق مشتاق، عبدالعزيز ابهري ۽ ٻين بزرگن جو احوال ڏنو ويو آهي. 

سوانح حضرت لعل شهباز قلندر: 

ڊڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب 1995ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به قلندري سلسلي جي طريقت شريعت، تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن ۽ قلندر جو احوال آهي. 

سنڌي جي تاريخ جو جديد مطالعو: 

پروفيسر عبدالله مگسي 1994ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ به قلندر لعل شهباز تي لکيو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل آهي. 

سنڌُ جا بَرَ، بحرَ ۽ پهاڙَ: 

سنڌيءَ جي يگاني ليکڪ غلام رباني آگري جو لکيل آهي. هي ڪتاب 1997ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽن اوليائن پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاؤالدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز تي لکيو ويو آهي. غلام رباني آگري عثمان مروندي قلندر لعل شهباز تي تمام گهڻو لکيو آهي. جيڪو اهم مستند احوال آهي. 


حياتِ قلندر شهباز: 

پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ لکيو آهي 2006ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي. 

سوانح حضرت قلندر لعل شهباز: 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب آهي. هي اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي. 2007ع ۾ ڇپيو. 

سيد عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز قلندر: 

حياتِ افڪار ۽ تعليمات، مولانا پير محمد عامر چشتي جو لکيل آهي. 2008ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري: 

سيد حاڪم علي شاھ بخاري جي لکيل آهي. 2008ع ۾ پهريون دفعو ڇپي. قلندر لعل شهباز، ڇٽو آمراڻي، بودلو بهار، سيد ثابت علي شاھ ۽ ٻين سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

سيوهڻ صدين کان: 

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2009ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب سيوهڻ جي بزرگن، اوليائن، شاعرن، درويشن، سياستدانن حڪمرانن جي حوالي سان اهم آهي. سيوهڻ جي هر بزرگ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. روايتي انداز مطابق لکيل آهي. سيوهڻ جي تاريخ جي حوالي سان هيءُ پهريون (جامع) ڪتاب آهي. هن کان اڳ ڪو اهڙو جامع ڪتاب نظر نٿو اچي. تمام ڄاڻ وارو ڪتاب آهي. 

قلندر صوفي ۽ ملامتي: 

ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي. 2011ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مقالا آهن. مقالا قلندر شهباز تي لکيل آهن. 

منڇر، گورک، گاج دنيا: 

بدر ابڙي جو لکيل آهي. 2011ع ۾ ڇپيو بدر ابڙو سياح جي حيثيت ۾ سنڌ گهميو آهي. هي ڪتاب کير ٿر سلسلي جي سفر جو آهي. ڪتاب ۾ سيوهڻ جي درگاهن، قلندر لعل شهباز، مخدوم ڇٽو آمراڻي، بودلو بهار ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

ديوان قلندر: 

مشتاق مسرور باريچو لکيو آهي. سوانح سان گڏ فارسي شاعري، اردو ترجمي ۾  ڪئي آهي. هي ڪتاب 2012ع ۾ ڇپيو.

حضرت لعل شهباز قلندر: 

سوانح حيات،ڪرامات ۽ ڪلام، مشتاق مسرور باريچي اردو زبان ۾ تصنيف ڪيو. 2012 ڇپيو.

تاريخ اولياءُ سنڌ: 

آفتاب ابڙي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي قلندر لعل شهباز مروندي، ميان مير قادري، مخدوم بلاول جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 2012ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي.

قلندر لعل سيوهاڻي: 

ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. 2012ع ۾ ڇپيو آهي. مقالا قلندر لعل شهباز بابت آهن. 

قلندر ۽ قلندري مشرب: 

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. قلندر ۽ قلندري مشرب هڪ بهترين ڪتاب آهي.

شان قلندر: 

عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. قلندر لعل شهباز سان گڏ سيوهڻ جي تاريخ ۽ ٻين بزرگن تي لکيل آهي. 

سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر مع شاعري: 

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي.

سيوهڻ جون ادبي شخصيتون:

هي ڪتاب هن مقالي لکندڙ(راقم)  جو آهي 2014ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب خاص ڪري ادبي شخصيتن لاءِ لکيل آهي. جن شخصيتن ادبي ڪم ڪيو هجي. جهڙوڪ شاعري، مذهبي ڪتاب ڪهاڻي، ناول، قصو لکيل هجي، انهن شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. مخدوم جعفر بوبڪائي، قلندر لعل شهباز، مخدوم عبدالواحد، سيد ثابت علي شاھ سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شيخ مبارڪ، قاضي قاضن، عمر بن محمد دائود پوٽو، پروفيسر فتح الله صديقي قاضي عبدالمجيد عابد، انور پنهور، پروانو سيوهاڻي ۽ ٻيون ڪيئي شخصيتون شامل آهن. 

قلندر ۽ قلندري فڪر :

ڊاڪٽر مخمور بخاري جو لکيل آهي. 2014 ۾ ڇپيو. 

لعل شهباز ڪي 100 واقعات:

سيد غلام مصطفيٰ جو لکيل آهي. 2015ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

سيوستان کان سيوهڻ تائين:

قاضي آفتاب جو مرتب ۽ مصنف ٿيل آهي. 2015 ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪو خاص نه آهي. ٻين ڪتابن تان گهڻو الٿو ٿيل آهي. 

پرواز قلندر:

جو مؤلف صوفي شوڪت رضا آهي، 2018ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

حضرت عثمان مروندي لعل شهباز قلندر:

سيد ارتظيٰ علي ڪرماني لکيو آهي. ڇپائي جو سال لکيل نه آهي. ڪجهه سال ٿيا آهن ته ڇپيو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. ان کانسواءِ به ڪيترائي ڪتاب مرتب ٿيل آهي، رسالن ۽ مئگزينن ۾ قلندر لعل شهباز جو احوال ملي ٿو.


سيوهڻ جي ڪجهه غير معروف بزرگن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

سيد مدار علي شاھ:

سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي ويجهو هڪ بزرگ تي نالو ”مدار شاھ“ لکيل هيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ويس ته ان ساڳي بزرگ جو نالو مزاري شاھ لکيل هئو. مجاور سان ملاقات ٿي جنهن پنهنجي عقيدي جون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي مڃڻ جوڳيون نه هيون. افسوس ٿيو. ماڻهن بزرگن کي ڪمائي جو طريقو بنائي ڇڏيو آهي. اصل ۾ هيءَ مزار سيد ثابت علي شاھ سيوهاڻي جي والد  مدار علي شاھ جي مزار آهي. 

سيد قائم علي شاھ:

اها سيوهڻ جي تاريخي قلعي ويجهو اوڀر ڏکڻ ۾ هڪ مقبرو ٺهيل آهي بورڊ تي سيد قائم علي شاھ لکيل آهي. هي مقبرو ويجهڙائي واري دور ۾ ٺهيو آهي. فرشبندي ۾ ٽائيل جون خوبصورت سرون استعمال ٿيل آهن. هن جاءِ تي قبرستان هيو هاڻ ان جاءِ تي قائم علي شاھ جي مزار مٿان مقبرو ٺهرايو ويو آهي. وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي. 

اسماعيل شاھ بخاري:

اسماعيل شاھ بخاري جي مزار ڀٽي محلا ۾ آهي ٻه ٻيون به مزارون آهن تن مان هڪ گل محمد ولد ميڙائو لاکو جي آهي، گل محمد لاکو جنم 1914ع وفات 1990ع آهي. ٻي مزار عبدالقيوم جي آهي وفات 1970ع ڌاري  ٿي، قيوم سيوهڻ جو نه هئو، لعل جو مجاور هو، پاسي واري مسجد ۾ اچي رهندو هو. وفات کان پوءِ ان جاءِ تي دفنايو ويو.

سيد نور علي شاھ:

سيوهڻ جي تاريخي قديمي قلعي جي چوٽيءَ تي سيد نور شاھ بخاري جي مزار آهي. ان مٿان به مقبرو ٺهيل آهي. مقبري جي پاسي ۾ 3 ٻيون به مزارون آهن. بورڊ تي لکيو ويو آهي (سيد نور شاھ قلندر لعل شهباز جو قاصد.) قلندر لعل شهباز جا گهڻا قاصد هئا؟ نور شاھ کي قلعي مٿي ڪيئن دفن ڪيو ويو، ڇا نور شاھ جي رهائش قلعي جي مٿان هئي؟ نور شاھ جي باري ۾ ڪابه معلومات نه ٿي ملي. قلندر لعل جو ڪوبه قاصد ڪونه هئو. 

فقير بچل چانڊيو:

بچل چانڊيو کي بچل شاھ سڏيو وڃي ٿو. هن جي مزار سيوهڻ جي قديمي بندر محلي ۾ واٽر سپلاءِ جي تلائن جي اولهه ۾ آهي. پاڙي جي رهواسي، شير رند سان ملاقات ٿي. هو ان وقت مڪان ۾ موجود هو. مون سوال ڪيو ته سائين بچل شاھ جي وفات ڪڏهن ٿي. چيائين ته آنءَ سترهن ارڙهن سالن جو هئس، ته هن بزرگ جي وفات ٿي هئي ته هن وقت منهنجي عمر 50 سال آهي. معلوم ٿيو ته هن بزرگ جي وفات 1987 ڌاري ٿي آهي. سندس والد جو نالو به ڪونه ٻڌايو ويو. هڪ ٻي فقير ڏاڏي چانڊيي ٻڌايو ته بچل ماني گهٽ کائيندو هو. چرس ۽ چانهه تمام گهڻي پئيندو هو. شير رند وچ ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته مونکي پنهنجي والد ٻڌايو هو ته سائين سيد ڪونه هو. چانڊيو ذات جو هئو مون اکين سان ڏٺو هو. هن وقت مزار جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. مٿان مقبرو ٺهيل ناهي. فقير بچل سيوهڻ جو رهواسي نه هئو. خبر ناهي ته ڪهڙِي شهر کان آيو هئو. 5 ذوالحج تي ميلو لڳندو اٿس. 

سيدجمال شاھ:

سيد جمال شاھ جي مزار سيوهڻ جي قديمي ”چوٿنڀي“ جي اوڀر ۾ هڪ جبل جي ٽڪري تي آهي. پٿرن سان ديوار ٺهيل آهي ڇت ۾ لوهي پرڇ پيل آهي. جمال شاھ جي مزار جي اوڀر ۾ هڪ ٻي ٽڪري آهي. جنهن تي نماز پڙهي ٿي وڃي اتي ڪا مزار نه آهي. چيو وڃي ٿو ته قلندر لعل شهباز ان ٽڪري تي نماز پڙهندو هئو. جمال شاھ بابت ڪا معلوم وڌيڪ نه ٿي ملي ته هي بزرگ ڪهڙي دور جو آهي. ان بزرگ جي ٽڪريءَ تي مزار ڇو ٺاهي وئي، جبل جي ٽڪري تي جڏهن چڙهجي ٿو ته سيوهڻ جو شهر چڱي طرح نظر اچي ٿو. منڇر به نظر اچي ٿو، درياءَ به نظر اچي ٿو، ڀڳوٽوڙهو جبل به نظر اچي، خوبصورت منظر آهن. 

سيد قربان علي شاھ:

سيد قربان علي شاھ عرف طمان شاھ. سيد قربان شاھ جي مزار سيوهڻ جي عيد گاھ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ موجود آهي. ان جي پيراندي کان هڪ ٻي مزار به موجود آهي. قربان علي شاھ جي فقيرن کان پڇا ڪيم ته سائين قربان علي شاھ ”طمان شاھ“ ڇو ٿو چيو وڃي. جواب ڏنائون ته سائين بابا هر دل جي تمنا پوري ڪري ٿو. ان ڪري هن بزرگ کي طمان شاھ سڏيو وڃي ٿو. مون ٻيو سوال ڪيو سائين جي وفات ڪڏهن ٿي آ. ته ڪو جواب نه مليو. خبر نه پئجي سگهي آهي ته بزرگ ڪنهنجو فرزند هو. ڪڏهن وفات ڪيائين وغيره. اڏاوت ٻيهر تازي ٿي آهي. هن جي مٿان مقبرو ناهي. ڪمري نِما درگاھ آهي. 

سيد عابد علي شاھ:

هي مزار ڪاليج روڊ تي کوسه محلا ۾ واقع آهي. جنهن تي ٻاهران سيد عابد علي شاھ بخاري لکيل آهي. هن مزار جي پاسي ۾ دڪان آهن مين روڊ سيوهڻ بوائز ڪاليج ڏي ويندڙ روڊ آهي. 

سيد نورمحمد شاھ بخاري:

هي مزار سيوهڻ مختيار ڪار آفيس جي ڏکڻ اوڀر ۾ بندر محلي ڏي ويندڙ رستي تي مسجد جي اولهه ۾ آهي. چوڌاري ڪوٽ ڏنل اٿس، وڌيڪ ڪم هلندڙ اٿس. 

سيد يعقوب علي شاھ لڪياري:

سيد يعقوب علي شاھ لڪياري ولد سيد گنبل (مير محمد شاھ لڪياري) ٽلٽيءَ وارو (گنبل شاھ لڪياري جو احوال ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ ڏنل آهي) هيءَ مزار شيخ محلا سيوهڻ موجوده ايريگيشن بنگلو جي ڏکڻ ۾ آهي. نواب ابڙي تي الزام هئو ته هن سيد يعقوب علي شاھ کي قتل ڪيو هو. سيد يعقوب علي شاھ جي وفات 1975ع ۾ ٿي. سندن فرزند ڀر ۾ سيد اسماعيل علي شاھ مدفون ٿيل آهي.

ٻڍل شاھ:

هن بزرگ جي مزار درگاھ نادر شاھ جي اولهه ۾ سبز واري محلي ۾ آهي. هن سان گڏ ٻيون به مزارون آهن.

شيخ عالي:

شيخ عالي جي مزار کوسه محلا ۾ جمن پنهور جي گهر اندر چئي وڃي ٿي. ڪا پختي راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي. شيخ عالي لاءِ روايت آهي ته قلندر لعل شهباز کي غسل ڏيندڙ شخص شيخ عالي ئي آهي. سيوهڻ جي قريشي خاندان وارن جو چوڻ آهي ته شيخ عالي اسان جي خاندان جو هئو.

ڇتن شاھ:

ڇتن شاھ سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي دروازي تي مزار آهي. جنهن جي مٿان ڪمرو نما ڪوٺي ٺهيل آهي. هي انگريزن جي دور جو بزرگ ٿي سگهي ٿو. ان جي ڀر ۾ ٻيون چار پنج مزارون آهن. جيڪي بودلي جي فقيرن جون آهن. هي مزارون 1970ع کان پوءِ جون آهن. جڏهن به بودلي جو ڪو فقير گذاري ويندو آهي ته ان کي ان جاءِ تي (قلعي جي ڀر ۾) مدفون ڪيو ويندو آهي. 

مائي ڀنڀي:

مائي ڀنڀي جي مزار بندر محلا ۾ آهي. ڪا فقيرياڻي ڪانه هئي عام گهرو عورت هئي. 1994ع ڌاري وفات ڪيائين. ذات جي ملاح هئي، هن مقالي لکندڙ اکين سان ڏٺي هئي ڪنهن سبب جي ڪري قبرستان کيس جي بدران گهٽي ۾ رکيو ويو. 

ان کان سواءِ سيوهڻ شهر ۾ ڪيتريون ئي مزارون آهن، جيڪي گهٽين، رستن، چوڪن، پاڙن ۾ موجود آهن، پر سندن جو ڪو احوال نه ٿو ملي، نه ڪنهن ڪتاب ۾ تذڪرو ملي ٿو نه ئي، پاڙي جي رهاڪن کي ڪا خبر آهي.


سيوهڻ جي ڀرپاسي جي بزرگن جو مختصر احوال

سيد عالم شاھ شيرازي:

سيد عالم شاھ شيرازي ولد سيد محمد بچل شاھ جو جنم ڳوٺ ڪرمپور ۾ ٿيو. 1904ع ۾ ڄائو، ۽ 1975ع ۾ وفات ڪيائون، سندس مزار ڳوٺ ڪرمپور ۾ آهي. مزار جي مٿان ڪوٺي نما ڪمرو آهي. وڌيڪ احوال هن بزرگ جو اڳيان سيد خان شاھ شيرزاي جي احوال ۾ موجود آهي. 

سيد نظر علي شاھ جيلاني:

سيد نظر علي شاھ جيلاني جو مقبرو سيوهڻ جي ڳوٺ بچل چنه جي اتر ۾ آهي. 1926ع ۾ نظام الدين بستي انڊيا ۾ ٿيو. 1989ع ۾ وفات ڪيائين. سيد نظر علي شاھ جيلاني جو وڌيڪ احوال منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. 

حسين شاھ بخاري:

هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ پڪا چنه ۾ انڊس هاءِ وي روڊ جي ڀرسان آهي.جنهن تي  14 ربيع الاول تي هڪ ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي. 

ميان موٽڻ:

ميان موٽڻ جو مزار ڳوٺ بختيار پور ۾ اوڀر اتر پاسي ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي بزرگ قلندر لعل شهباز کان اڳ جو آهي. ان لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي. هن بزرگ جو سال ۾ هڪ دفعو 5 ربيع الاول جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. 

سيدگنبل شاھ لڪياري، معروف سيد ميرمحمدشاھ:

جنم 1897ع ۾ ڳوٺ علي آباد لڳ ٽلٽي ۾ ٿيو. هن وقت هن بزرگ جي مٿان مقبرو ٺهيو آهي. وڌيڪ سيد گنبل شاھ جو احوال منهنجي ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ موجود آهي. 

محبت شاھ:

سيوهڻ شهر جي ٻاهران اڙل جي ڀرسان محبت شاھ جو مقبرو آهي. 

ابراهيم شاھ :

هاءِ وي روڊ تي سبيل اسٽاپ (جيڪو بوبڪ ڏي رستو وڃي ٿو) جي اوڀر ۾ ابراهيم شاھ جو مقبرو آهي.

سيد سليمان شاھ:

سيد سليمان شاھ جو مقبرو ڀان سعيد آباد ۾ آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. 

بخاري سائين:

بخاري سائين جو مقبرو ڳوٺ لعل بخش جتوئي ۾ موجود آهي. 

سخي دلير جو مقبرو:

سخي دلير جو مقبرو جهانگارا شهر جي اولھه ۾ آهي. هي بلوچستان جو رهاڪو هو. ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ آيو، سندس مٿان مقبرو به ڪلهوڙو دور جو ٺهيل آهي. 

درگاھ پير آري:

جهانگارا شهر جي ڏکڻ ۾ ڪجهه ڪلوميٽرن پري هي درگاھ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي بزرگ به قلندر جي دور جو آهي. ليڪن اهڙو ڪو ٺوس ثبوت نه مليو آهي. هن درگاھ تي غير مسلم گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا. هر مهيني جي 14 تاريخ به ملهائي وڃي ٿي. سال ۾ هڪ دفعو ميلو به لڳي ٿو. نالي يا ذات، به خبر نه پئجي سگهي آهي. ته هي اصل ڪير هو؟

سيدنجف شاھ لڪياري:

سيد نجف شاھ لڪياري ولد سيد سومر شاھ 1926ع ۾ ڳوٺ باجارا ۾ ڄائو. سيد نجف شاھ لڪياري صوفي صفت، ڪامل ولي، الله لوڪ انسان، بزرگ ۽ بهترين شاعر هو. 1976ع ۾ وفات ڪيائين. وڌيڪ احوال ۽ شاعري منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. سندس مزار باجارا شهر جي اوڀر ۾ آهي. مٿان مقبرو ٺهيل آهي. 

سيد شهاب الدين شاھ بخاري:

سيد شهاب الدين شاھ بخاري سنڌ جي نامياري بزرگ مخدوم بلاول سمون جو مرشد هو. سندس مقبرو شهر ٽلٽي جي ٻاهران ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. 

ببر شير:

ببر شير جي مزار باجارا جي شهر کان 1 ڪلوميٽر اتر طرف آهي.

درگاھ ويهڙ شريف:

درگاھ ويهڙ شهر ۾ سائين روضي ڌڻي ۽ سندس پٽ سائين مصلي ڌڻي جو مزارون جي مٿان مقبرو ٺهيل آهي. هي بزرگ مخدوم ملڪاڻين جا مريد آهن. غلام محمد ملڪاڻي جنم 1860ع وفات 1935ع ۾ ٿي. 

درگاھ ويهڙ شريف جا بزرگ هن وقت به مدرسو هلائين ٿا. ڪيئي طالب ۽ شاگرد اٿن. استاد العلماءُ خليل جان اشرفي هن مقالي لکندڙ سان گڏ حج جي سعادت 2005ع ۾ ماڻي آهي. سائين خليل احمد جان اشرفي مصلي ڌڻي جو فرزند آهي. 

عبدالرحمان ملاح:

بوبڪ شهر کان ٻاهر ڏکڻ ۾ حاجي عبدالرحمان ملاح جو مقبرو آهي. حاجي عبدالرحمان جي وفات 1943ع ڌاري ٿي ان ئي سال مقبرو ٺهرايو ويو. حاجي عبدالرحمان جي پٽ ادو احمد جي وفات 1980ع ڌاري ٿي محمد صالح ولد محمد موسيٰ جو فرزند وفات 1983ع ڌاري ٿي. سندس ڀاءُ محمد موسيٰ وفات 1973ع ڌاري ٿي . مقبرو هاڻ ٻيو دفعو ٺهيو اٿس. حاجي عبدالرحمان ملاح ۽ محمد موسيٰ ملاح پاڻ ۾ ڀائر هئا.


مخدوم جعفر بوبڪاڻي:

مخدوم جعفر بوبڪاڻي سنڌ جو وڏو بزرگ آهي. مخدوم نوح جو همعصر آهي.ولادت 930ھ وفات 1002ھ آهي. مخدوم جعفر جا ڪافي ڪتاب لکيل آهن. مزار بوبڪ پير ’مبو‘ جي قبرستان ۾ آهي. وڌيڪ احوال منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. 

سيد صدرالدين شاهه لڪياري:

سيد صدر الدين شاھ لڪياري جو مقبرو سيوهڻ کان 17-18 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ حيدرآباد ويندڙ روڊ تي آهي. سندس نالي ڳوٺ لڪي شاھ صدر مشهور آهي، مقبرو 2007 ڌاري نئون ٺهيو آهي. جيڪو تمام بلند ۽ خوبصورت آهي. 

خواجه معين الدين چشتي اجيمري جي ملفوظات (جيڪا سندس مريد خواجه  بختيار ڪاڪي 614ھ 1217ع ۾ مرتب ڪئي هئي) دليل العارفين ۾ شاھ صدر لڪياري جو احوال ملي ٿو. سنڌ جي تاريخي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ به احوال ملي ٿو. 

سيد بچل شاھ:

سيدبچل شاھ جي مزار ڳوٺ آراضي ۾ آهي. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي. سندس مٿان مقبرو ٺهيل آهي. 

سيدقاسم علي شاھ:

سيد قاسم علي شاھ جي مزار ڳوٺ آراضي ۾ آهي. سيد نجف علي شاھ لڪياري باجارن وارو سندن دوست هيو اڪثر ڪچهريون ڪندا هئا. سندن مٿان مقبرو ٺهيل آهي.  وفات 2000ع ڌاري ٿي آهي.

ويجهڙائي ۾ سيوهڻ شهر ۾ کوڙ نوان بزرگن جا مقبرا ٺاهيا ويا آهن. انهن بزرگن جي وفات به ويجهڙائي ۾ ٿي آهي. جن ۾ سيد ڪرم شاھ ابدال، فقير نيشان علي، بابا احمد علي قريشي، فقير رسول بخش ملاح، سيد خان شاھ شيرازي، سيد نبن شاھ بخاري، فقير لعل داس، زنجيرن وارو پير، فقير رمضان باريچو وغيره شامل آهن. سيوهڻ شريف بزرگن جو آڳاٽو ذخيرو تذڪره مشائخ سيوستان ئي آهي. ان کان پوءِ ڪيئي ڪتاب آيا آهن. ليڪن ڪتابن ۾ ساڳيو ورجاءَ آهي. سائنسي تحقيق مطابق تمام گهٽ لکيو ويو آهي. يا ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي آهي. 

مون سيوهڻ جي گهٽي گهٽي گهمي آهي ته هڪ هڪ درگاھ تي پنج ست چڪر به ويو آهيان. سيوهڻ شهر جي عمر رسيده ماڻهن سان ملاقاتون به ڪيون آهن. وڏي کان وڏو جيڪو مون وٽ ريفرنس آهي. اُهي ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ بابت به آهن، ته بزرگن ۽ اوليائن بابت به آهن. 

هن ڪتاب لکڻ ۾ ڪافي ڏکايون به مليون آهن. پر مونکي سيوهڻ جي بزرگن تي لکڻو هيو سو مون ڪوشش ڪئي آهي. ته هر بزرگ جو احوال ٿورو گهڻو ضرور ڏيان. سيوهڻ شريف ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کان جڏهن به ڪنهن ٿوري آڳاٽي بزرگ بابت پڇيو ويندو ته بنا هٻڪ جي ٻڌائيندا ته اُهو بزرگ قلندر لعل شهباز سان گڏ آيو هئو؟ پوءِ ڀلي ان کي وفات ڪئي 50 سال مس ٿيا هوندا! وري درگاهن تي ويٺل مجاور ته هڪڙا گهٽ پڙهيل ٻيو وري اهڙيون اوهان کي عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا جو اوهان خد حيران ٿي ويندا. 

سيوهڻ جي بزرگ جمن جتي جو احوال ڪتابن ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، تحفته الطاهرين جي مؤلف شيخ اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي لکيو آهي ته: 

”شيخ جمن جتي شاھ درويش جي خدمت مان فيض پرايو، صاحب حال ۽ وڏي ڪمال جو صاحب هو، سڄي زندگي اڪيلو ۽ ڇڙو رهيو.“ تحفته الطاهرين جي مترجم جو خيال آهي ته اهو احوال جمن جتي سيوهڻ واري جو ٿي سگهي ٿو. ليڪن ان تي به ڪو ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪيترن ئي ماڻهن کي بزرگن جي احوال جي خبر ئي نه آهي. هو عقيدي مطابق درگاهن تي اچن ٿا. ليڪن اچڻ واري کي ايتري ڄاڻ هئڻ گهرجي، هيءُ بزرگ ڪير آهي. ڪهڙي دور جو آهي. هن ديني ڪم ڪهڙا ڪيا، انساني ڀلائي لاءِ ڇا ڪيو. يا پاڻ بزرگ چڱائي جي راھ تي هيو، حياتي ۾ ڪهڙا نيڪي جا ڪم ڪيائين سندن تعليم ڪيتري هئي.

درگاهن تي ويٺل مجاورن کي کپن پيسا اهي، ابتيون سبتيون ڳالهيون زيارتن کي ٻڌائيندا آهن. بزرگن جو احوال پرکڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي. بزرگ هڪ وڏي هستي آهن. جن کي دنيا ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. 

هن ڪتاب ۾ سيوهڻ شهر جي انهن بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جن اوليائن، بزرگن جون مزارون يا مقبرا سيوهڻ شهر ۾ موجود آهن، سيوهڻ جي ڀرپاسي ۾ مقبرا ۽ مزارون آهن، انهن جو هن مقدمي ۾ مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سيوهڻ شهر City جي بزرگن تي لکيل آهي. سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو احوال به ڪتابن ۾ ملي ٿو. قاضي ڏتو، محمد عارف سيوستاني، ميان مير محمد صالح صوفي سيوستاني، مولوي عبدالقادرسيوستاني، سيد مرتضيٰ سيوستاني، محمد وفا سيوستاني، وهب الله صديقي، محمد انس سيوستاني، مخدوم عبدالحليم سيوستاني، شير محمد مريد سيوستاني، شيخ محمد محفوظ سيوستاني، مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري، قاضي نصرالله سيوستاني، مولانا ضيائي شاعر سيوستاني ۽ ٻيا ڪيئي آهن، ليڪن انهن جي مزارن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. وقت جي لهرن ۾ ميسارجي ويون آهن. هن ڪتاب ۾ صرف موجود مزارن (مقبرن) تي لکيو ويو آهي. 

مون تاريخي ڪتابن جا ڪيئي ورق اٿلايا پٿلايا آهن. سيوهڻ تمام قديم شهر آهي، هي شهر ڪڏهن آباد ته ڪڏهن برباد، وقت جي حڪمرانن طرفان ٿيندو رهيو آهي. سيوهڻ جي بزرگن تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حقيقي احوال تمام گهٽ ملي ٿو، جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، اُهي اڪثر عقيدي جي بنياد تي لکيا ويا آهن. رڳو ڪرامتون يا روايتي قصا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن. ذهن تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. 

ڪجهه ٻين ڪتابن ۾ به سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. 

برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري لکيو. هن ڪتاب ۾ به سيوهڻ ۽ ڀرپاسي جي بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مولانا محب سنڌي، حڪيم عثمان بوبڪائي، مولانا شيخ موسيٰ بوبڪائي ۽ ٻين بزرگن جو احوال ملي ٿو. 

گلزار ابرار: هي ڪتاب محمد غوثي شطاري لکيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم جعفر، قاضي قاضن، مخدوم رڪن الدين، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم بلاول ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر آهي. 

تذڪره اولياءَ پاڪ و هند ڊاڪٽر ظهور الحسين شارب 1965 ۾ لکيو آهي، سيوهڻ جي بزرگ ميان مير جو ذڪر آهي، جو لاهور ۾ مدفن آهي. ان ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪونهي. 


تذڪره اولياءَ:

شيخ فريد الدين عطار جو لکيل جو بزرگن جي حوالي سان هي ڪتاب گهڻو مشهور آهي. ليڪن سيوهڻ جي ڪنهن به بزرگ جو هن ڪتاب ۾ احوال ناهي. ڪتاب ۾ ڪي غلطيون ٿيون هجن ته ڄاڻ ڏيندا، آءُ اوهان پيارن پڙهندڙن جو بيحد ٿورائتو آهيان. جو اوهان منهنجا ڪتاب چاھ سان پڙهو ٿا.  آخر ۾ آءٌ پنهنجي محبوب دوست انور ساگر ڪانڌڙي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي اوهان تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.

اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ

)شاھ)


مير حاجن مير

سيوهڻ شريف

15 فيبروري 2019ع

سيوهڻ شهر جي آڳاٽي تاريخ

سيوهڻ شهر جي آڳاٽي تاريخ

سيوهڻ شريف شهر جي تاريخ تمام قديم آهي. سڀ کان آڳاٽي يا پهريون ڌرتي جوڙ (پري ڪئمبرين) جڳ ساڍا ٽي ارب سال اڳ يا اڃا به اڳي ننگر پار جي ٽڪرين جو جڙڻ چيو وڃي ٿو. ايم ايڇ پنهور لکي ٿو، ان وقت سينور ۽ ڪائي يا ڪل کان سواءِ زندگي جو ڪو وجود نه هو. هاڻ ڪجهه سائنسدانن جي راءِ آهي ته انهن جبلن جي ڄمار 5 بلين سال آهي. (1)

ٻيو ڌرتي جوڙ (پئليو سينڪ) جُڳ (دور)
48،000،000،62،000،000. سال اڳ سن مانجهند ۽ ٻڍاپور وغيره جي سامهون رني ڪوٽ سلسلي جو جڙڻ، جنهن ۾ پٿرائجي ويل (پنڊ پهڻ ٿي ويل) وڻ آهن. حيواني زندگي جو قسم جيڪو پهرئين ڌرتي، جوڙ جڳ وارن جبلن کان وٺي سرجيو هو ۽ اڃا هليو پئي. تنهن ۾ جيت ۽ هڏائن پڃرن ۽ ڪنڊن واريون مڇيون شآمل هيون. پکي اڃا سر جياپي ٿڻن وارا جانور پوري طرح سرجيل هجڻ واري ڏاڪي تي نه رسيا هئا. ماڻهو اڃا پيدا نه ٿيو هو. ٻوٽن ۾ کنڀي/ ڦنگي،، مختلف قسمن جا سينور، ڪائي، ڪل، بنا ڏانڊيءَ وار ٻوٽا، ڦڙهڻ وارا ٻوٽا، سامونڊي گاھ ۽ کجيءَ جهڙي پن وارا ڦڙهي ٻوٽا (بنا کوپي ٻج وارا) پر کوپي بند يا ڍڪيل ٻج وارا ٻوٽا اڃا ان وقت سرجڻ شروع ٿيا هئا. (2)

ٽيون ڌرتي جوڙ (ايئوسين) ڌرتيءَ جي ٽئين طبقي جو هيٺيون تھه جڙڻ.
47،000،000- 39،000،000 ٽي ڪروڙ، 90 لک، چار ڪروڙ ستر لک، لڪيءَ جي سامهون کان جهمپير وغيره تائين چوني پٿر واري لڪي سلسلي جو جڙڻ، زندگي ساڳي رني ڪوٽ سلسلي قسم واري هلندي آئي سواءِ ان جي ته هڏائين مڇين ۽ پکين ۾ وڌيڪ اوسر ٿي. ٿڻن وارا جانور به (سرجڻ) جي اڳڀرن ڏاڪن تي اچي پهتا. رني ڪوٽ سلسلي وانگر ڪجهه قسم جي ساوڪ موجود هئي. پر کل يا کوپي ۾ بند يا ڍڪيل ٻج وارن ٻوٽن ۾ اوسر جو عمل هلندو رهيو. (3)



سيوهڻ انسان جي ارتقائي پٿر واري دور ۾:
هي شهر انسان جي ارتقائي، دور جو وجود رکندڙ ٿي سگهي ٿو. هڪ ته هي شهر سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي. ٻيو منڇر جي ويجهو آهي، ٽيون جبلن ته جڏهن مينهن پوندو آهي ته اهو پاڻي دريا، منڇر ۽ ڀرپاسي ۾ بيهندو آهي. انسان جي رهائش لاءِ پاڻي اهم ضرورت آهي. اڳي ڪا سائنس ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي، انسان جو معاشي گذر، مال ۽ زراعت هو. جڏهن انسان پنهنجي پنهنجي رهائشلاءِ رهڻ جون جايون ٺاهيون جهنگلي جانورن کان بچڻ، بارش کان لڪڻ، حفاظت سان رهڻ لاءِ غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. اهڙا غار سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ تائين ملن ٿا. سيوهڻ ۾ چوٿنڀي وارو غار، لڪيءَ جي چشمن وارو غار، (ڪائي) ۽ نيئنگ جي جبلن جا غار، زنده مثال آهن. اهو ساڳيو سلسلو، انسان پنهنجي پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ، درياءَ ۽ منڇر مان مڇي مارڻ، جهنگلن مان شڪار ڪري ، زندگي گذراڻ لڳو. سيوهڻ شهر ۽ ڀرپاسي قدرتي چشما وهندا هئا. تن مان ڪي سڪي ويا آهن نه ڪي اڄ تائين وهندا رهن ٿا.
رحيمداد مولائي شيدائي لکي ٿو:
ويدڪ جي زماني ۾ سيوهڻ موجود هو. سندس حدون مهراڻ پريان هاڪڙي کان شروع ٿي، لڪيءَ جبل ۽ لاڙ تائين هيون. سندس قديم، نالو، (سنڌو سوارنا) هو. هن بيان موجب موهن جي دڙي کان پوءِ، سنڌ جو ٻيو نمبر قديم شهر هو.(4)
سنڌ ۾ فقط ٽي شهر هئا. ’الور‘، جو اڳ نيرون ڪوٽ وانگي (پٽالا) سڏبو هو. ٻيو سنڌو سوارنا، (سيوهڻ) ۽ ٽيون مينا ننگر، جو پوءِ ساموئي، يا سما ننگر سڏجڻ لڳو. قدامت جي لحاظ کان سيوهڻ جو شهر هتناپور، ٽئڪسيلا، سيالڪوٽ، ملتان، جهونا ڳڙھ، دوارڪا جو همعصر هو. اسڪندر يوناني جي ڪاھ کان گهڻو اڳ (سيوي) قوم شهر نيمروز (زابلستان) ۽ سنڌ تي قبضو ڪري ٽي تخت گاھ قائم ڪيا هئا. سيوهڻ جو اڳ (سنڌوسوارنا) سڏبو هو. سوهن قوم جي ڪري سيوستان سڏجڻ لڳو. زوب ۽ لورالائيءَ کي گڏائي مٿن سيوستان نالو رکيو سندس تخت گاھ سيوي هو جو هينئر سبي(Sibi) سڏجي ٿو. ٽيون سيوا جو هينئر قلات سڏجي ٿو. مٿيان ٽئي شهر قلعا ۽ قافلي سرائون (مسافرن جي رهڻ جي جاءِ) هئا. (5)

1750 ق . م:
جهُڪر کان پوءِ جهانگار جڳ آيو، جنهن جا ڪنڀارڪا ٿانو، ڪوريل بي رنگ ٿانو ۽ سادي چٽساليءَ وارا ٻه رنگا ٿانو آهن، جيڪي بي رنگ ٿانون جا همعصر آهن. جهانگارا جڳ (دور) جا ٿانو چانهو جي دڙي ماڳ تي گهڻو مٿي پڻ لڌا هئا. لڌل نمونن ۾ هڪ مخصوص قسم جي ٽه مٽي شاهي تُمپ، سيالڪ vi ۽ ايران ۾ شاھ تپي تان لڌي آهي، جنهن جو هتي اچڻ ڪاھ سان جوڙيو وڃي ٿو. (6)

1100 ق . م:
جهانگار ثقافت، جيڪا گهڻو ڪري 100 سال اڳ شروع ٿي. منڇر جي آس پاس پير ڄمائي ورتا. هن تي اهو نالو پاڙي جي جهانگارا نالي ڳوٺ تان پيو. (7)

900 ق . م:
900 ق م کي مهاڀارت ۽ رامائڻ جي لکڻ جو دور چيو وڃي ٿو. قدامت جي لحاظ کان هي شهر مهاڀارت ۽ رامائڻ کان به گهڻو اڳ موجود هو. جڏهن اڃا نيرون ڪوٽ، ديبل، ڀنڀور، برهمڻ آباد يا ساموئي جو وجود ئي ڪونه هو. (8)

519 ق . م:
ايران جي اشڪاني فرماوانن مان 519 ق. م، ڌاري درا سنڌ جي الهندي حصي تي قبضو ڪيو. اٽڪ کان وٺي سکر، لاڙڪاڻو ۽ سمنڊ تائين علائقو سندس قبضي هيٺ رهيو. بحري واپار کي زور وٺرائڻ لاءِ مهراڻ مان ٻيڙا پار ڪرائي سمنڊ تائين پهتو. سندس امير البحر اسڪائليڪس سيوهڻ جي بندر گاھ تي لنگر اندوز ٿيندا هئا. جتان سندس مصنوعات پرڏيھه رواني ٿيندي هئي. ان وقت سنڌ کي (هندش) ۽ سنڌو نديءَ جو علائقو سڏيندا هئا. انهن ڏينهن کي مشهور تاريخ نويس ”هيروڊٽس“ سنڌ کي نهايت دولتمند سڏيو آهي. دارا کان پوءِ ايران جي ٻئي شهنشاھ ”ڪسر“ جي هٿ هيٺ ساڳي حڪومت رهي. ايران جي بادشاھ نوشيروان جي زماني ۾ سندس خاص درٻاري حڪيم ”برزويه“ سيوستان ۾ آيو. هو پاڻ سان ڪتاب (پنج تنتر) کڻائي ويو. جنهن جو نوشيران فارسي ۾ ترجمه ڪرايو. (9)

325 ق .م:
يونان جي بادشاھ سڪندر اعظم مقدوني کي اچي خيال پيدا ٿيو ته آئون سڄي دنيا تي پنهنجي حڪومت جا قدم ڄمايان، انهي ارادي سان يونان مان نڪري، ايٿيا ڪوچڪ، شام، فلسطين، مصر، ايران، وچ ايشيا، ۽ افغانستان کي ختم ڪندو، خيبرلڪ ٽپي، بياس ندي پار ڪري ٻيڙين وسيلي ملتان اچ فتح ڪري پنهنجا قدم سنڌ ڏانهن وڌايائين. واٽ تي مخالف راجا پوس ۽ ٽئڪسيلا جي راجه ائمڀ (Omphoios) کي پنهنجي راھ مان هٽائي سنڌ ۾ داخل ٿيو. ان قت اروڙ فتح ڪري روهڙيءَ کان ٿيندو، ماهوٽا ڳوٺ واري علائقي ۾ يعني موجوده لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پهتو. اتي سنڌي قوم مان جوان چونڊي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪيائين. ساهي پٽي، سيوهڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سيوهڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، مئڊونيا جي فوجي جوانن سيمت ٻه هزار ٻيڙين ۾ سوار ٿي سنڌي نديءَ ذريعي سفر ڪري سيوهڻ جي اوڀر ۾ ٻيڙيون لنگر انداز ڪري سيوهڻ (سنڊيمانا) تي حملو ڪيو ان وقت سيوهڻ ۾ حاڪم راجا سمابا/سامبس (Sambos)هو. (10)
سڪندر اعظم ملڪ جو هڪ شهر به سلامت ڪون ڇڏيو، سڀني کي ڦري لٽي ڀينگ ڪرڻ کانپوءِ ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان ڪري ڪوبه ڀريو تريو شهر هن جي ڪيس (ظلم) ۽ قهر کان بچي ڪونه سگهيو. اوسي پاسي وارا ماڻهو سندس اهڙي ڏاڍ ۽ ظلم جي (ڀوَ) کان ڏهڪائجي ويا هئا. بعد ۾ هن راجا سامبوس (Sambos) جي ساري ملڪ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڀريا تريا شهر ڀڙ ڀانگ ٿي ويا. سندس ڏمر ۽ ڏاڍ کان برهمڻ به آباد ڪونه رهيا. ڇاڪاڻ ته سندس خيال موجب هنن برهمڻن عام ماڻهن کي سندس خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائي باھ ڪري ڇڏيو هو. باقي ماڻهن کيس ٻاجهه ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو. تنهن تي هن بي ڏوهن کي بخشي آجو ڪري ڇڏيو. پر جيڪي کيس ڏوهي نظر آيا تن کي قتل ڪيو ويو. راجا سامبس ٽيھه هاٿي ساڻ ڪري سنڌ اڪري ڪيڏانهن نڪري هليو ويو. (11)

سيوهڻ ۾ ان وقت جو مذهب
سڪندر اعظم جي حملي وقت سيوهڻ ۾ (جين مت) مذهب جي اڪثريت هئي. جين مت پنهنجي سڄي تاريخ ۾ سدائين هندستان تائين محدود رهيو آهي، جيتوڻيڪ ان مذهب جا مڃيندڙ اڪثر پئسي وارا ۽ ڏيھه توڙي پرڏيھه سان واپار ڪندڙ شاهوڪار آهن. شروع ۾ هن مذهب جو مگڌ (بهار) ۾ چڱو زرو هو. چندر گپت موريا (اشوڪ اعظم جو ڏاڏو) وڏي عمر ۾ تخت ڇڏي جين مت جو پيروڪار ٿي ويو هو. موريا حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جين مت (اجين) گجرات ۽ مٿرا ڏانهن زور پڪڙيو. اُجين وارن ڏينهن ۾، اتان جو کتري شهزادو پوتري (وڪرما جيت جو ڀاءُ) جلاوطن ۽ سنياس اختيار ڪري (سيوهڻ آيو) ۽ جوڳ مت (جين مت، ٻڌ مت يا ناٿ پنٿ) جو پرچار ڪيائين (12)
جيت مت جا پوئلڳ گوشت ڪونه کائن، ڪو ساھ وار جانور مارڻ ته ٺهيو، زخمي ڪرڻ کان به ڊڄندا آهن. ايتري قدر جو جيت جڻن جو وڏو خيال رکندا آهن، ڪنهن ماڻهو جو رت وهائڻ پنهنجي مذهبي عقيدي موجب ناجائز سمجهندا آهن. خون ريزي کان پري ڀڄندا آهن، ڇو ته انهن جي مذهب ۾ رت وهائڻ ڪنهن کي مارڻ، ڪنهن کي ڏکائڻ سخت گناھ آهي.
جين مت جا پوڄاري اڳئين دور ۾ مورتيون ڪونه پوڄندا هئا.پوءِ آهستي آهستي مورتين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.
سيوهڻ قلعي جي مضبوطي سبب سڪندر اعظم جي فوج اڙل واھ کان سرنگهه هڻي پوءِ قلعي ۾ داخل ٿي هوندي. ڇاڪاڻ ته حملي وقت اتر طرف واري حفاظتي ديوار شاھي معاملات کي ٻين برجن کي تمام گهڻو نقصان رسيو هو. جن جي مرمت سڪندر اعظم ڪرائي هئي. (13)
سڪندر اعظم سيوهڻ جي رکوالي لاءِ پنهنجي ساٿي (پيٿان) کي رکوالو مقرر ڪيو ۽ ٻين کٽيلن علائقن لاءِ ”سبليوڪيس“ کي سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين (پيٿان) پيٿان ايراني هو. جو ان وقت سنڌ تي گورنر مقرر ٿيل هو. سندس حڪومت سيوهڻ ۾ اٽڪل ٽي سال رهي، ان وقت سيوهڻ سنڌ جي ڪجهه حصي جو دارلحڪومت هو. ۽ ان جا صوبا ”جنڪان“ ”ڪوھ پايا“ ۽ روجهاڻ هئا. سڪندر اعظم سيوهڻ جي فتح کان پوءِ پٿالا (نيرون ڪوٽ) تي قابض ٿيو. (14)

نتيجو
سيوهڻ شهر ڪيترائي ارتقائي، مرحلا طئي ڪري جوان ٿيو آهي. سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ماڻهن جو غارن ۾ رهڻ، قديم دور جون پڪيون پختيون نشانيون آهن. هي شهر منڇر جي ڀر ۾ درياءَ جي ڪناري هئڻ ڪري آباد رهندو آيو آهي. انسان جي اهم ضرورت پاڻي آهي. چشما وهندا رهيا آهن جيڪي اڄ به وهندا رهن ٿا. سنڌ جي موهن جي دڙي جيتري قدامت رکندڙ شهر سيوهڻ شريف آهي. موهن ته برباد ٿي ويو ليڪن سيوهڻ پنهنجي قدامت سان گڏ پنهنجو وجود زنده رکيو پيو اچي. سيوهڻ جو قديمي تاريخي قلعو وقت جي حڪمرانن هٿان ڪڏهن آباد ته ڪڏهن برباد ٿيندو رهيو آهي. هن مقالي ۾ عيسوي سن کان اڳ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ قديم تاريخ رکندڙ شهر جن ۾ اروڙ، برهمڻ آباد، چانهوءَ جو دڙو، ڀنڀور، ديبل، وغيره پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن. پر سيوهڻ اڄ به زنده آهي. وقت جي وهڪرن کي منهن ڏئي، پنهنجو مثال قائم ڪندو پيو اچي. هر دور ۾ ظالم بادشاھن سيوهڻ جي رهاڪن تي ظلم ڪيو آهي، ۽ شهرن تي قبضو ڪيو آهي.
سڪندر اعظم جي دور ۾ جيت مت جي ماڻهن نه ٿي چاهيو ته ڪو ته رت وهي. ڇو ته ان جي مذهب رت وهائڻ ناجائز هو. ان ڪري هنن جنگ نه ڪئي هوندي. ۽ (سامبو) ٻاهر نڪري ويو هوندو.
سيوهڻ، منڇر، جهانگارا جي هڪ ئي تهذيب هئي. 1100 ق م ۾ مشهور هئي. هن ديس جا رهواسي امن پسند به هئا ته ترقي پسند به هئا. جيئن هنن جي تهذيب جي تاريخ زنده رهندي پئي آئي ته هنن جا شهر به زنده رهندا پئي آيا.


حوالا ۽ مددي ڪتاب
(1) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، عمر سومرو اڪيڊمي ڪراچي. 2011ع صفحو 19.
(2) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19
(3) پنهور ايم ايڇ پيرائتي سنڌ ڪٿان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19.
(4) شيدائي، رحيمداد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 2018ع صفحو 79.
(5) شيدائي رحميداد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 80.
(6) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 72
(7) پنهور ايم ايڇ پيرائتي سنڌ ڪٿا. حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 76
(8) شيدائي رحيم داد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 79
(9) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع صفحو 49
(10) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 45
(11) ڀنڀرو عطا محمد، سنڌ تي سڪندر جي ڪاھ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2013ع صفحو 391.
(12) ابڙو بدر، سنڌ ۾ جين مت، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 2018ع صفحو 15
(13) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل صفحو 46
(14) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 46.

قلندر لعل شهباز رح

قلندر لعل شهباز رح

حضرت مخدوم عثمان قلندر رحه علم عرفان جا آفتاب عالمتاب به آهن. جن ڇهين ۽ ستين صديءَ هجريءَ ۾ نه رڳو پنهنجي اباڻي وطن ۽ ان جي آس پاس کي فيضياب قلندري مشرب کان متعارف ۽ روشناس ڪيو. پر ننڍي کنڊ جي هڪ پاسي خطي سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن پرڳڻن کي پڻ علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو. قلندري مشرب، ڦرهيءَ جو علم ۽ عرفان سان اڇو ۽ اجرو هجڻ، دل وارن ۽ اوليائن سان ساٿ ۽ سنگت هجڻ تمام ضروري آهي. (1)
شاھ عثمان قلندرمروندي حسيني، شهباز لقب، اشرف ذات ۽ پاڪ نسبت آهي، لاهوت جو رهاڪو شهباز، ملڪوتي ملڪ جي تخت جو بادشاھ آهي. اهل دل ۽ حق جي معرفت جو ڄاڻو، وجد جو صاحب، دنيا کان صفا تارڪ آهي. عرفان جو بحر، دانائيءَ جو خزانو، يقين جو چنڊ ۽ ديد جو چراغ آهي. محبت ۽ شوق جي شراب خاني جو سرمست آهي. عالمِ ذوق جي گلستان جي بلبل آهي. حال جو صاحب، ڪامل ابدال ۽ وصال جي حرم جو رازدان آهي. (2)

قلندر لعل شهباز عثمان مروندي جو شجرو
قلندر لعل شهباز جو 538ھ مروند ۾ جنم ٿيو. سيد عثمان مروندي (1)ڪبير الدين لقب سيد ابراهيم، (2) ولد شمس الدين (3) ولد سيد نور شاھ (4) ولد سيد محمود شاھ (5) ولد سيد مهدي شاھ (6) سيد منتخب شاھ (7) ولد سيد غالب شاھ (8) و لد سيد منصور شاھ (9) ولد سيد اسماعيل شاھ (10) ولد سيد امام جعفر رضه
لقب
عام طرح کين قلندر لعل شهباز سڏيو ويندو آهي، سندن اصل نالو سيد عثمان آهي، ٻيا سمورا نالا سندن لقب آهن. جي هن طرح بيان ڪيا ويا آهن.
(1) لعل (2) شهباز (3) قلندر (4) سيف السان (5) شمس الدين (6) مهدي (7) مخدوم.
جيئن ته پاڻ ڳاڙها ڪپڙا اوڙهيندا هئا. تنهن ڪري کين لعل سڏيندا هئا. سندن دوست حضرت جلال بخاري کي وري ڳاڙهن ڪپڙن پائڻ ڪري ”سرخ“ لقب سان سڏيو ويندو هو. جئين ته پنهنجي مرشد وٽ ٻين سڀني مريدن کان مٿي ۽ ولايت ۾ فائق هئا. تنهن ڪري کين مرشد کان ”شهباز“ جو لقب مليو. (4)

قلندرن جي دنيا
هر قلندر ۾ جا خاص خوبي هوندي آهي، سا هيءَ هوندي آهي، ته هو ڪنهن جي گهر ۾ وڃي کاڌو نه کائيندو آهي. خواھ هو سفر ۾ هجي يا حضر ۾.پر جيڪڏهن ڪو سندس رهائش واري هنڌ تي ڪو کاڌو يا ڪا ٻي شئي خلوص سان پيش ڪندو آهي ته اها قبول ڪندو آهي. بشرطيڪ صدقو، نياز، زڪوات يا خيرات مان نه هجي، بلڪه خاص نذراني پيش ڪرڻ جي نيت سان آندو هجيس. کاڌو اڪثر سادو کائيندو آهن. ”جوَن جي ڪش“ کچڻي، ماکي، ڌونئرو،کٽاڻ، سائي ڀاڄي ۽ دال کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن.
قلندرن جي مجلس ۾ دنيا جون فضول ڳالهيون قطعي نه ٿينديون آهن. هو نهايت پاڪ باز، خوددار ۽ غيور هوندا آهن. شرڪ، فسق، بدعت، نفاق ۽ اختلاف کان بلڪل پري ڀڄندا آهن. سياسي خواھ، غير سياسي، تحريڪن، منافقانا، سرگرمين ۽ فرقه بندين جي الجهنن سان هنن جو ڪو واسطو ڪونه رهندو آهي. نفاق ۽ اختلاف کان بلڪ پاڪ هوندا آهن. تعويذن ۽ اهڙين ٻين ٽڪساٽن کان پري هوندا آهن. (5)
قلندر ڪنهن مذهبي متڀيد، بحث مباحثو، ڇڪتاڻ، دل آزاري، نه ڪندا آهن. پنهنجي مستي ۾ مست رهندا آهن. ڪنهن جي هيٺائين نه ڪندا آهن. مفاد، لالچ، منافقت کان پري رهندا آهن. سادا هوندا آهن. مٿين سڀني بيان ڪيل ڳالهين کان قلندر لعل شهباز مٿانهون هو. قلندر هو، مست هو، بهادر هو، غيور هو، سچو هو، قلندرانا زندگي ۾ رهندو هو. صابر هو، شاڪر هو.
قلندر وڏا صابر، شاڪر ۽ باهمت هوندا آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو دست سوال دراز نه ڪندا آهن. هر حال ۾ خوش نظر ايندا آهن. هنن جي زندگي نهايت ئي خاموش ۽ پر سڪون هوندي آهي. هنن جي صحت سان انسان جي قلب کي راحت نصيب ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته هي وڏا صادق ۽ عابد هوندا آهن. قلندر اڪثر ڪري جسم جي هيٺين حصي، ڍڪڻ لاءِ ڊگهو ۽ ويڪرو پهراڻ پائيندا آهن ۽ مٿي تي فقيراڻي ٽوپي پائيندا آهن. پاڻ کي سينگارڻ ۽ پنهنجي نمائش کان سخت نفرت ڪندا آهن. (6)
قلندر لعل شهباز ٺڳين ٺوڳين،ڪوڙ، دشمني کان پري رهندو هو. قلندر قلب صاف رکندو هو. قلندر لعل شهباز سان لاڳاپيل ڳالهيون جن ۾ سيوهڻ جو قلعو ”اونڌو ڪرڻ“ ماڻهو مارڻ واريون ڳالهيون غلط آهن. اهي روايتي قصا آهن،جيڪي قلندر لعل شهباز سان لڳايا ويا آهن.
سيوهڻ جو قلعو اونڌو ٿيو ئي ڪونهي. جايون هيٺ ويهي ويون آهن. انهن جو سبب قلعي جي ڀرسان درياءَ وهندو هيو درياءُ جڏهن چڙهندو آهي ته قلعو تباھ ٿيندو رهيو آهي. قدرتي زلزلي سبب به قلعو تباھ ٿيو هوندو. زلزلو درياءَ جا رخ مٽائي ٿو ڇڏي. ڪيئي جبل ڏاري ٿو وجهي ته ڪٿي جبل ظاهر به ٿيا آهن. زلزلي ۾ زمين ۾ کڏا پئجي وڃن ٿا. قلندر جيڪي ڪنهن جي دل آزاري به نه ڪندا آهن، اهي ماڻهو ڇو ماريندا؟ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون اڪثر بزرگن سان لڳايون ويون آهن، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن. قلندرن جي زندگي ڪنهن انسان کي تڪليف نه پهچائيندي آهي. نه مذهبي جنونيت ۾ رهندا آهن. هو سرمستي ۾ گم رهندا آهن. قلندر لعل سيوهاڻي ته قلندرن جو اڳواڻ آهي. هو ڪڏهن به غلط ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته قلندر وسيع نظري رکندا آهن.
جديد سنڌي شاعري جو تمام وڏو عظيم شاعر شيخ اياز لکي ٿو ته:
زي عشق دوست هرساعت درون نارمي رقصمه
گهي برخاڪ رقصم گهر بردار مي رقصم
بار بار اهي لفظ ”درون نار مي رقصم“ (مان باھ جي وچ ۾ نچان پيو) منهنجي ذهن ۾ اڀري اچن ٿا مون سوچيو ته هر اهل دل زندگي جي ڪيفيت سان دوچار ٿيو آهي. هر اهل صفا کي انهي باھ مان اجرو ٿي نڪرڻو آهي، اها باھ جا انساني، زندگي کي گهيري ۾ رکندي آئي آهي اها باھ آهي. جا حرص جي باھ آهي، ڪيني جي باھ آهي، جا دنيا جي مادي خواهشات سان حد کان زياده لڳاءُ جي باھ آهي. جا خد غرضيءَ ۽ خد پرستي جي باھ آهي. انهيءَ باھ ۾ هر صوفي منش انسان کي سڄي زندگي رقص ڪرڻو آهي ۽ فقط انهي کي ئي اها باھ جلائي ڀسم ڪري نه ٿي سگهي، باقي ٻيا انسان جيڪي پنهنجي خودي جي زنجير ۾ پابند آهن، جيڪي رقص ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي جڪڙيل آهن، انهن سڀني کي جلائي ’رک‘ جو ڍير ڪري ڇڏي ٿي. اهائي عظمت آهي تصوف جي انهيءَ رقص اسلامي دنيا جي هر شهر هر ڳوٺ ۾ انسان جي دل تي ”مهرو وفا“ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي. اُهي انسان ڪنهن خاص خطي، ڪنهن ديس، ڪنهن خاص شهر مان مخصوص نه آهن. انهن جي زندگي روايت، قوميت، رنگ مذهب جي فرق کان سواءِ هو پنهنجي خوشبوءِ پوري انسان ذات تائين پهچائين ٿا. (7)

قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جي باري ۾
حضرت مخدوم حافظ عثمان شهباز قلندر مروندي سيوهاڻي بلند پايي جو هڪ فارسي شاعر، جيد عالم ۽ صوفي بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ توحيد، رسالت، وحدت الوجود، صوفياڻو رنگ ۽ انسان ذات جي هدايت لاءِ ذڪر فڪر جي لاءِ روشن راهون نظر اچن ٿيون. قلندر جو ڪلام عارفاڻو ۽ عشقيه آهي. هڪ بحر بيڪران،عميق ۽ گهرائي وارو آهي. (8)
ڊڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي شاهڪار انگريزي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhitt ۾ مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري زماني ۾ سنڌي تعليمي نظام جو ذڪر ڪندي قلندر لعل شهباز جي لکيل ڪتابن جا نالا کنيا آهن ۽ لکيو آهي ته (ايڇ ٽي سورلي جو ڪتاب 1938ع ۾ ڇپيو).
In the primary course the student had already learnt the simple form of the Arabic conjugations. The works studied were the mizan-i-sarf by lal shahbaz. The famous scholar and saint of Sehwan. Then Followed study of the (Ajans) or munshaib rules for the formation of the increased derivatives, and the kisim-i-doyyum for the irregular verbs. Both these works were by lal shahbaz but were written in Persian. The next book to be read was akd. Also by Lal Shahbaz, In Arabic and Persian mixed, dealing with the permutation of letters. (9)
ايڇ ٽي سورلي مٿي ٻن ڪتابن جا حوال ڏنا آهن. قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جا وڌيڪ ٻه نالا (1) ’عقد‘۽ ’صرف صغير‘ ملن ٿا.
حقيقت ۾ قلندر لعل شهباز هڪ عظيم اديب عالم ۽ ليکڪ پڻ هو. جيئن ته سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب ان وقت ۾ مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا. جيڪو شاعر ليکڪ آهي اهو شاعر به ٿي سگهي ٿو. قلندر لعل شهباز ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هو فارسي ٻولي ۾ شاعري پڻ ڪندو هو ۽ سندس شعر تمام گهڻا مقبول آهن. ڇاڪاڻ ته سندس شعر گهڻن ماڻهن کي برزبان ياد آهن ۽ اڄ تائين ماڻهو قلندر جي شاعري دل سان ياد ڪن ٿا، ۽ ٻڌن ٿا. (10)
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ تي الوحيد اخبار جي نڪتل خاص نمبر ۾ ميرن جي ڏينهن ۾ ”مسلماني تعليم“ عنوان هيٺ پنهنجي عالمانه مضمون ۾ لکيو آهي ته :
” شاگرد اڃان مڪتب ۾ ئي هوندو هو، ته کيس صرف جا ابتدائي قائدا پڙهائبا هئا. پهريون پهريون ڪتاب جو پڙهائبو هو، سو هو ”ميزان صرف“ اهو مشهور ولي الله ۽ عالم شخص قلندر لعل شهباز جو ٺهيل آهي. اهو ۽ ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ”اجناس“ يا ”منشعب“ گهڻو ڪري ياد ڪيا ويندا هئا. ٻئي ڪتاب مٿين ڀلاري نالي واري بزرگ جا لکيل آهن. ٽيون ڪتاب عقد جي نالي سان به پڙهايو ويندو آهي. سو به مخدوم لعل شهباز جو لکيل آهي. (11)
قلندر لعل شهباز اڄ کان ڪيئي صديون اڳ سنڌ آيو. وچ جيڪو زمانو گذريو، تنهن ۾ سونهاري سنڌ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا الئي ته ڪيترا گوهر پيدا ڪيا. پر، سندن ڪتابن هوندي به سنڌ جي درسگاهن ۾ جو گرامر جي موضوع تي قلندر لعل شهباز جا لکيل نصابي ڪتاب ئي رائج رهيا. ته ان جو ته اهو ئي مطلب ٿيو، ته هو ايڏو ته وڏو عالم هو. جو سندس علم صدين تي حاوي هو. مير تقي مير جي لفظن ۾ هيئن چئجي ته:
مستند ہے میرا فرمایا ہوا (12)
قلندر لعل شهباز 650ھ ۾ وفات ڪئي. ڪي چون ٿا 673ھ ۾ وفات ڪئي. قلندر لعل شهباز حضرت عثمان مروندي جو هر سال 18-19-20 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) قاسمي علامه غلام مصطفيٰ، قلندري مشرب، ثقافت کاتو سنڌ 2013ع صفحو (25)
(2) نصرپوري ٺٽوي عبدالقادر، حديقته اولياءَ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع صفحو 97
(3) مير حاجن مير، سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2014ع صفحو 31
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، تذڪره شهباز، ثقافت کاتو سنڌ 2012ع صفحو 24-25
(5) سيوهاڻي سولنگي محمد پريل ماستر، ”گلزار قلندر“ قلندر شهباز اڪيڊمي 1972ع صفحو 5
(6) سيوهاڻي سولنگي محمد پريل ماستر، گلزار قلندر، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 5
(7) دم مست قلندر مئگزين سيوهڻ شريف 2015ع صفحو 6
(8) سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر معه شاعري سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو 2018 صفحو 73
(9) سنڌ جا بر،بحر ۽ پهاڙ، غلام رباني آگرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع صفحو 359.
(10) عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي، ”شان قلندر“، الشهباز فوٽو اسٽيٽ سيوهڻ 2013ع صفحو 100.
(11) سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ، غلام رباني آگرو، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 360.
(12) سنڌ جا بر بحر پهاڙ، غلام رباني آگرو، حوال اڳ آيل آهي. صفحو 360.

مخدوم ڇٽو آمراڻيرح

مخدوم ڇٽو آمراڻيرح

مخدوم ڇٽي آمراڻي جي پيءَ جو نالو عمران هو، ان ڪري کيس آمراني سڏيو ويندو هو. عمران ٿهيم قوم مان برهمڻ آباد جو حاڪم هو(1). دلوراءِ اروڙ شهر جي ويراني کان پوءِ انهيءَ شهر (برهمڻ آباد) ”ڀانڀرا“ ۾ رهڻ لڳو هو. کيس ڇٽي نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو لقب آمراڻي هو، (2) ڇٽو ولد ”آمر“، دلوراءِ جو ننڍو ڀاءَ هو، راھ هدايت جي طلب ۾ مجاز مقدس روانو ٿيو ۽ اتي هڪ قاريه خاتون جيڪا صاحبه جمال هئي ان سان نڪاح ڪيائين پوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو. سندس ڀاءُ، جيڪو نهايت ظالم هو، تنهن پنهنجي، هن ڀاءُ جي زال تي طمع جي نظر وڌي، ڇٽي کي ڏاڍو ڏک ٿيو صدمو پهتو، نيٺ پاڻ ۽ پنهنجي پاڪ دامن گهر واريءَ سميت ، سندس شهر کي ڇڏي سيوهڻ وڃي رهائش اختيار ڪيائين (3) ڇٽو آمراڻي اصل ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي جو امير هو (4) ڇٽو فطرتن نيڪ طبع شخص هو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ عباسي خاندان جي گورنرن جي حڪومت هئي، جنهن سبب ڪري هن اسلامي عقائد سکي ورتا، ۽ پوءِ هو مخفي طور مسلمان ٿي ويو (5) سندس والده جو نالو ”آمره“ هو جنهن پٺيان آمراڻي سڏ جي ٿو (6)
معلوم ٿئي ٿو ته ڇٽو آمراڻي پهرين غير مسلم شخص هو. ننڍي عمر ۾ ئي اسلام ڏي راغب ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيائين، قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪيائين، سعودي عرب به ويو، اُتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين، شادي به اتي ڪيائين پوءِ واپس سنڌ آيو.
جڏهن ته عالمن فاضلن، ’تحفته الڪرام‘ ۾، امراني،’معيار طريقت سالڪان’ ۾ امراني، تاريخ طاهري ۾ ، امراڻي، ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ امراني، ’تذڪره مشايخ سيوستان‘ ۾ عمراڻي، ’سيوهڻ صدين کان‘ آمراڻي لکيو ويو آهي. ڇٽي جي والد صاحب جو نالو ”آمر“ هو ان ڪري ٿي سگهي، آمراڻي سڏيو ويو. مخدوم ڇٽي جي والد صاحب اسلام قبول ڪيو هوندو، ان کانپوءِ ان کي عمران سڏيو ويو هوندو، لفظ آمراڻي صحيح آهي وقت جي حالتن، جي ڦير گير ڪري هاڻي عمراڻي ٿي ويو آهي. هاڻ سڀڪو ان کي عمراڻي ئي سمجهي ٿو. پر اصل لفظ آمراڻي ئي آهي.
هتي ڪڏهن (دلو راءِ ڇٽي جو ڀاءُ) جي حڪومت هوندي هئي. جيڪو ايڏو ته ظالم ۽ زاني هو، جو هر رات سهڻي ڇوڪري پاڻ وٽ ٿي رهايائين. هندستان جا سوداگر (واپاري) جڏهن ٻيڙي ۾ هتان اڪرندي ديبل بندر ڏانهن وڃڻ جي ڪندا هئا ته دلوراءِ جي حڪم مطابق راهداري جي بهاني زوري انهن کان مال جو اڌ حصو وصول ڪيو ويندو هو. انهيءَ زيادتي جي ڪري سوداگر ڏاڍي آزار ۾ هوندا هئا. (7)
دلوراءِ کي بڇڙن افعالن ڪري، سندس زندگي ۾ ننگ ۽ عار جو چٽو سندس پيشاني تي لڳو، اروڙ جي ويراني ۽ ڀانڀرا جي بربادي سندس ظلم جي هٿان ۽ سندس ذات بد نهاد جي نحوست کان ٿي جنهن جي صورت ۾ ٻئي احوال عبرت جا نشان آهن. (8)
”عباسي دور 132ھ 749ع ڌاري شروع ٿيو، هنن جو مرڪز بغداد هو ۽ پاڻ کي عباسي خليفا چورائيندا هئا. شروع کان وٺي ساداتن ۽ هنن جو جنگيون ٿينديون هيون ۽ رعيت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي عباسين اروڙ مان گادي جو هنڌ مٽائي منصوره ۾ قائم ڪيو ۽ سيوهڻ ان جي ماتحت رهيو سيوهڻ جا رکوالا منصوره کان مقرر ٿيڻ لڳا. (9)
دلوراءِ پنهنجي دور جو ظالم حڪمران هيو، هر عام ماڻهو کي انصاف ملڻ مشڪل هيو. ”ظلمن کان تنگ ٿي ڇٽي آمراڻي عباسي خليفي کي دانهن ڏني جنهن سندس درخواست قبول ڪندي سامراه (عراق) ۾ رهندڙ بزرگ سيد علي مڪي کي هڪ سئو عالمن ۽ حافظن سميت سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو، بزرگ تبليغ ڪندو ، جبل جو لڪ پار ڪري اچي سيوهڻ جي قريب لٿو، جنهن جاءِ تي ويٺو اتي ڪجهه ٻيا ماڻهو سندس تبليغ مان نصيحت پرائي گهر ٺاهي ويهي رهيا. اها لڪ جي نسبت سان لڪعلوي ۽ بعد ۾ لڪي شاھ صدر جي نالي سان مشهور ٿي. (10)
راجا دلو راءِ ان ڏينهن ۾ سيوهڻ ۾ آيل هو. ان کي سيد علي مڪيءَ تبليغ ڪري نصيحت ۽ هدايت ڪئي ته ظلم ڪرڻ چڱو ناهي بادشاھ کي عدل ۽ انصاف سان هلڻ گهرجي. دلوراءِ ته اهڙو اثر ٿيو، جو هن توبهه ڪري ظلم ترڪ ڪيا. پنهنجي ڌيءَ مسلمان ڪري سيد علي مڪيءَ کي پرڻائي ڏنائين. سيد علي مڪيءَ کي ان بيبي مان ڪافي اولاد پيدا ٿيو، جن مان پڻ بزرگ ٿيا جيڪي لڪياري سادات جي نالي سان مشهور آهن. (11)
سيد جي اولاد مان چار قبيلا ٿي ويا هڪ قبيلو ڳوٺ آمر ۾ رهڻ لڳو جو دلوراءِ جي پيءُ آمر جي نالي سان منسوب هو (12). اهو ڳوٺ اڃا تائين آمري سڏجي ٿو. آمريءَ جو دڙو تمام قديم آهي. جنهن مان لڌل شيون موهن جي ڌڙي جيتريون قديم چيون وڃن ٿيون.
مخدوم ڇٽي آمراڻي پنهنجي ڀاءُ جي ظلمن کان تنگ هو، ان ڪري علي مڪيءَ ولد عباس موسوي کي سنڌ وٺي آيو، ۽ سيد علي مڪيءَ دلوراءِ کي هدايت ڪئي ته ظلم نه ڪر، انصاف ۾ ڪنهن سان نا انصافي نه ڪر، دلوراءِ اها ڳالهه مڃي ۽ ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
اروڙ جي بربادي جو سبب ڪو ٻيو هوندو، اهو سراسر غلط آهي ته، دلوراءِ جي ظلمن ڪري شهر ويران ٿيو. ٿي سگهي ٿو دريائي ٻوڏ سبب، بارش، زلزلي يا ٻي ڪنهن سبب ويران ٿيو هوندو.
عباسين اروڙ جي گاديءَ جو هنڌ ختم ڪري. منصوره مقرر ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو ان ئي دور ۾ دلوراءِ اروڙ ڇڏي برهمڻ آباد وسايو هجي. ان کان پوءِ ئي سيوهڻ آيو هوندو. سيوهڻ يا لڪي ۾ سيد علي مڪيءَ سان ملاقات ٿي هوندي. پنهنجي نياڻي جو سڱ علي مڪيءَ کي ڏنو، جيڪو اولاد سڄي سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو وڌيو ويجهيو. ڇٽي آمراڻي سان روايتي قصا ڳنڍيا ويا آهن. جن تي حيرت ٿئي ٿي. عقلي دليلي، نه آهن، عقيدي جي بنياد تي قصا ڳنڍيا ويا آهن. مخدوم ڇٽو آمراڻي هڪ نيڪ بزرگ هڪ معزز گهراڻي جو شخص هو. جنهن نياز نوڙت پيار محبت جو سبق ڏنو، نيڪي چڱائي، جي راھ تي هلندڙ هو. پنهنجي ڀاءَ دلوراءِ کان مختلف هو.

مخدوم ڇٽي آمراڻي جي تذڪرن جا ماخذ
مخدوم ڇٽي آمراڻي ۽ سندس ڀاءُ دلوراءِ جو احوال ڪتابن ۾ گڏ لکيل آهي، ٻنهي جو گڏ تذڪرو ٿيندو رهيو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو تذڪرو تاريخ طاهري ۾ ملي ٿو.
تاريخ طاهري سيد محمد طاهر نسياني ٺٽوي 1030ھ مطابق 1621ع تي لکي. هيءَ تاريخ سنڌ جي قديم شهر ٺٽي تي لکي وئي آهي. مصنف پنهنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو آهي. تاريخ طاهري 1030ھ 1621ع تي فارسي ۾ لکي وئي. 1988ع تي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ترجمو ڪرائي سنڌيءَ ۾ ڇپائي.
’تذڪره مشايخ سيوستان‘ غفور بن حيدر سيوستاني 1039ھ ۾ فارسي زبان ۾ هي اهم ڪتاب لکيو. هي ڪتاب سيوهڻ جي 14 بزرگ شخصيتن تي لکيو ويو. انهن چوڏهن بزرگن ۾ مخدوم ڇٽو آمراڻي به شامل آهي. تذڪره مشايخ سيوستان جو سنڌي ۾ ترجمو نياز همايوني ڪيو ان کي ايڊٽ پير حسام الدين راشدي ڪيو. پهرين ترجمو سنڌي ۾ 1979 ۾ شايع ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب ”تحفته الڪرام“ مير علي شير قانع ٺٽوي 1181ھ ۾ فارسي زبان ۾ لکيو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ترجمو 1975ع ۾ ڇپيو. مير علي شير قانع ٺٽوي ڇٽي آمراڻي ۽ دلوراءِ جو چڱو خاصو ذڪر ڪيو آهي. تحفته الڪرام ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو به احوال شامل آهي.
مير علي شير قانع ٺٽويءَ هڪ ٻئي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ علي مڪي بن عباس موسوي جي احوال ۾ ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب فارسي ۾ مير علي شير قانع 1202ھ ۾ لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پهريون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپايو.
’لب تاريخ سنڌ‘سنڌ جي ناليوار محقق خدا داد خان لب تاريخ سنڌ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جو احوال بهترين نموني قلمبند ڪيو آهي. لب تاريخ سنڌ جي ضميمي ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال ڏنو ويو آهي. اهو احوال تذڪره مشايخ سيوستان، تان نقل ڪيو ويو آهي. لب تاريخ سنڌ 1900ع ۾ فارسي ۾ لکيو ويو. سنڌي ۾ ان جو پهريون ترجمو 1989ع ۾ ڇپيو.
جنت السنڌ، رحيم داد خان مولائي شيدائي ، جو ڪتاب 1958ع تي ڇپيو. هي سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جي ڀاءُ دلوراءِ جو احوال هن ريت ڏنو آهي.
”برهمڻ آباد جو شهر شهدادپور تعلقي ديھه ٻانڀڻا ۾ ’دلوراءِ‘ جو دڙو سڏجي ٿو. ان جا کنڊر نون ڪوهن ۾ آهن جن ۾ جايون پڪين سرن وارين جاين مان اهو انومان مان ڪڍي سگهجي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ مينهن گهڻو پوندو هو. ڪن مؤرخن جو بيان آهي ته هي شهر بهن ايرانيءَ گستاشپ جي زماني ۾ جوڙايو هو.“ (3)
تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي. 1974ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن سان گڏ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال به لکيو ويو آهي.
سنڌي ادب ۾ ثقافت تي اسلامي اثرات هي ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مهر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. وفات 305ھ ڏيکاري وئي آهي.
’سيوهڻ صدين کان‘ هي ڪتاب خيرمحمد ٻرڙي سيوهاڻي 2009ع ۾ لکي ڇپايو، هي ڪتاب سيوهڻ جي تاريخ تي لکيو ويو. سيوهڻ جي تاريخ تي هي پهريون ڪتاب چئي سگهجي ٿو. سيوهڻ جي بزرگن، عالمن، حڪمرانن، سياحن، سياستدانن ۽ شهر جي قدامت تي بهترين لکيو ويو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
’منڇر، گورک گاج دنيا‘ هي ڪتاب بدر ابڙي 2011ع ۾ لکيو آهي. بدر ابڙي ’کيرٿر جو سفر سلسلو‘ ۾ ٻيا به ڪتاب لکيا آهن. منڇر گورک گاج دنيا ۾ سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، ان ۾ مخدوم ڇٽو آمراڻي به شامل آهي. بدر ابڙي ڇٽي آمراڻي جي حوالي سان روايتن کان ڪم ورتو آهي. ليڪن روايتون، هاڻ ختم ٿي چڪيون آهين. هڪ ليکڪ کي سائنسي تحقيق مطابق لکڻ گهرجي، هٿ ٺوڪين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
’شان قلندر‘ عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي جو هي ڪتاب لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
”سيوستان کان سيوهڻ تائين“ هي ڪتاب قاضي آفتاب رضا مغل مصنف ڪيو آهي. هن ۾ به مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال تحفته الڪرام تان نقل ڪري جئين جو تيئن لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ڪو خاص ناهي. 2015ع ۾ هي ڪتاب ڇپيو.
سومرن جي هڪڙي حاڪم دلوراءِ کي تاريخ ۾ وڏو ظالم ۽ بدڪردار حاڪم ليکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سومرن حاڪمن جي شجري ۾ ڪٿي به هن جڳ مشهور راجا جو نالو موجود ناهي. ڪيترن جو خيال آهي ته هيءَ 1212ع ۾ ٿي گذريو آهي اروڙ ۾ سندس حڪومت هئي. ڪي چون ٿا ته دلوراءِ نالي ٻه حاڪم ٿي گذريا آهن. جن مان پهريون 729ع ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪمران هو. ٻي روايت موجب انهيءَ دلوراءِ جي حڪومت جي حد ۾ اتر ۾ موجود ٻڌائي وڃي ٿي. سندس گادي جو هنڌ اروڙ هو. (14)
سنڌ جي اوائلي شاعري مضمون پروفيسر محرم خان، سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مخزن پورب 68-1969ع ص 106 تي لکيو آهي ته :
” ظاهر ٿئي ٿو ته، يا ته دلوراءِ جو وجود ئي ڪونه هو، يا وري هئو، ته ان حالتن ۾ سندس ظلم ۽ بدڪردار هئڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي“. (15)
تاريخ طاهري جو مترجم ناميارو محقق نياز همايوني ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم ڇٽي آمراڻي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سيوهڻ شريف آيا هئا. نياز همايوني تعليقات ۾ تاريخ طاهري ۾ لکيو آهي ته اسان کي سيوهڻ شريف مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مجاور هڪ مُهر ڏيکاري هئي. جنهن تي هيءَ عبارت لکيل هئي؛
حضرت قطب رباني غوث صمداني
شيخ شاھ چهوته نسبا عمراني
مرقد، يوسفاني قدس سره الاقدس
سن 305 ھ (16)

مخدوم ڇٽي آمراڻي جو دؤر
مخدوم ڇٽي امراڻيرحه لعل شهباز قلندر جي سيوهڻ اچڻ کان گهڻو عرصو اول سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. (17) هي بزرگ سن چار سؤ هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. (18) ڇٽو آمراڻي حاجي حافظ، ۽ عارف هو. سيوهڻ ۾ چوٿين صدي هجري جي آخر، پنجين صدي جي اوائل ۾ وفات ٿي هوندي. (19) دلو راءِ سومرن جي زماني جو سردار هو. (20) مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب معيار طريقت سالڪ ۾ پنجين صدي هجري جو ڄاڻايو آهي. جڏهن ته قلندر لعل شهباز جو جنم پنجين صدي هجري کانپوءِ ٿيل آهي، قلندر لعل شهباز جو جنم 538ھ ڄاڻايو ويو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي کي ڪن محققن چوٿين صدي ۽ پنجين صدي جي اوائل جو ڄاڻايو آهي. اها حقيقت صحيح به ٿي سگهي ٿي. جيڪا مهر مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مجاور کان ملي آهي. ان تي 305ھ لکيل آهي. عباسين جو دؤر 132ھ ملي ٿو. ان ائي دؤر ۾ اروڙ جي تباهي جو قصو ملي ٿو، ٿي سگهي ٿو. عباسين جي پڇاڙي جي حڪومت وارن سالن ۾ حڪمران رهيو هجي.

اڏاوت، صحن، مقبرو
”پهريان هن مزار تي ننڍو قبو هو، پوءِ ڪنهن شخص ان جي مٿان وڏو قبو ۽ ويڪرو اڱڻ اڏايو. ليڪن هتي مسجد خانگاھ، دروازي احاطي جي عمارت تيار ڪرايائين. جنهن ۾ ڪاشيءَ جون رنگين سرون، ڪتب آنديون ويون، مسجد ۽ خانگاھ تي چٽسالي ٿي ۽ ٻنهي جي وچ تي فرش لڳايو ويو. ان جي تياري جي تاريخ هيءَ آهي“. (21)
به دور شهنشاھ شاھ جهان
خديو خرد مند صاحب قران
چو خلد برين روضه شاھ چهته
بنا ڪرد نواب ديندار خان
زسال بنايش طلب داشتند
بهشتي به روي زمين گفت عيان
1042ھ
معنيٰ: شهنشاھ شاهجهان جي زماني ۾ نواب ديندار خان ڇٽي درويش جو بهشت جهڙو مقبرو تيار ڪرايو آهي. ان جي تاريخ بابت گهر ڪيائون: زمين جي سطح تي هڪ بهشت پڌرو ٿيو آهي. پهرين مصرع مان ابجد جي حساب سان انهيءَ مقبري جي ٺهڻ جو سال 1042ھ ثابت ٿئي ٿو. (22)
ڪامپليڪس ٻن گنبذي ڪمرن هڪ ورانڊي پڌر ۽ قبرن جي چوديواري تي ٻڌل آهي. فرش ۾ ٿلهن تي فيروضي ٽائلون پنهنجو اصل روپ ۽ چمڪ وڃائي چڪيون آهن. ٻن مان هڪ گنبذ هيٺ ڇٽي آمراڻي جي مزار (اڪيلي) آهي. جيڪو روايتن موجب سنڌ جي بدنام راجا دلوراءِ جو ڀاءُ هو. ٻئي ننڍي ۽ فيروضي گنبذ هيٺ بيبين جون قبرون آهن. ان ۾ ڪنهن نامحرم کي وڃڻ جي اجازت نه آهي. فقط هڪ مقرر خادم اندر وڃي ٻهاري، صفائي ۽ سنڀال جو ڪم ڪندو آهي. (23) اندرين دروازي جي ڀر ۾ مخدوم ڇٽي امراڻي جي گهر واري بي بي فاطمه جي مزار آهي.
مخدوم ڇٽي آمراڻي جي چوڌاري قبرستان هو، هاڻي ماڻهو قبرستان تي قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا اٿن هن قبرستان ۾ مغل ۽ ترخان دور جون يڪ پٿري تعويذ واريون ڪافي قبرون هيون. جيڪي وقت جي لهرن ۾ دز ٿي ويون آهن. هن وقت مخدوم ڇٽي آمراڻي جي احاطي ۾ ڪجهه مزارون بچيل آهن، جنهن مان هڪ مزار تي
(نام مرحوم بختاور وصال سن 135) لکيل آهي. ٻي مزار تي (نام پکه سلطانم وسال 135) لکيل آهي. ان لکت کي پڙهجي ٿو ته 135ھجري ته پوءِ قبرون مخدوم ڇٽي آمراڻي کان به اڳ جون آهن. ان دؤر ۾ پٿر تي اُڪر وارو ڪم شاندار نموني مزارن تي ٿيندو هو. هي مزارون ڪن اهمه شخصيتن جي خاندان جون لڳن ٿيون .اسان جي عالمن انهن ڪتبن کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هنن مزارن تي قرآني آيتون لکي آهن، هنن کي تعويذي پٿر واريون مزارون چئجي ٿو. جيڪي خوبصورت ڪاريگرن جي هٿان ٺهرايون ويون آهن. مزارن تي گلن جي اُڪر، سال، مرحوم جو نالو، سال، چڱي طرح لکيل آهي. اُهي مزارون تاريخ جو حصو ٿي ويون آهن. اهڙيون تعويزي پٿر واريون سوين مزارون هيون جيڪي ماڻهن ڊاهي ان مٿان گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو روضو زبوني حالت ۾ آهي.
مخدوم ڇٽي آمراڻي، پنهنجي دؤر جو نيڪ عالم، درويش صوفي، اخلاقي عاجزي نوڙت وارو شخص هو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ دلوراءِ کي به براين بڇڙاين کان روڪيندو هو، هي نيڪ ٻانهو، سچار، حق تي هلندڙ شخص نظر اچي ٿو.
دلوراءِ حڪمران هو، جيڪو پنهنجي ڏاڍ ظلم سان حڪومت هلائيندو هوندو. مخدوم ڇٽي امراڻي جو مقبرو موجود سيوهڻ باءِ پاس جي لڳ قديم دور کان موجود آهي.
سنڌي لوڪ داستان سسئي پنهون جو مصنف محمد صالح کهڙو لکي ٿو ته:
سسئي پنهون جو داستان انهيءَ دور جو آهي، جڏهن سنڌ جي مٿان راجا دلو راءِ حڪومت ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آبدا هو. راجا دلوراءِ هڪ وڏو ظالم حاڪم هو. جنهن جا قصا تاريخ ۾ ڀريل آهن. هن کي ڪيترائي وزير هئا. مگر انهن منجهان خاص وزير (نائون) هوندو هو. جنهن کي ڌن دولت تمام گهڻي هئي. ليڪن اولاد جي دولت کان محروم هو. هن کي ان جو گهڻو ئي فڪر هوندو هو. هن ڪيترائي هيلا هلايا ليڪن قادر کي جو ڪرڻو هوندو هو، اهو ئي ڪندو. ڳالهه ٿا ڪن هن کي نجومي اڳ ڪٿي ڪري ٻڌايو هو ته توکي نياڻي جو اولاد ٿيندو. ليڪن ان جي شادي هڪ مسلمان سان ٿيندي. جيئن ته هي هڪ برهمڻ هو تنهنڪري مسلمان ته ڇا هندن کي به پاڻ جهڙو نه پيو سمجهي. (24)
دلو راءِ آخرڪار وزيرن سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد ڇوڪري کي مارڻ بدران ڪاٺ جي صندوق ٺهرائي. درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا ڀنڀور جي هڪ ڌوٻيءَ کي اها صندوق هٿ آئي جنهن جو نالو سسئي رکيو ويو ۽ پنهل سان ان جو عشق ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:
جنهن کي اسان ڀنڀور سڏيون ٿا، سا عام روايت موجب سسئي ۽ پنهون جي محبت جو ماڳ آهي. اهو مشهور آهي ته سسئي جنهن کي صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياءَ ۾ وڌو ويو هو. (25)
لوڪ قصي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ليک ۾ صاف نظر اچي ٿو ته محبت جو لازوال ڪردار سسئي سيوهڻ جي هئي.



حوالا۽ مددي ڪتاب
1. مشائخ سيوستان، غفور بن حيدر سيوستاني، ضلعي حڪومت ڄامشورو 2010ع 63.
2. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع ص 132.
3. ٺٽوي مير علي شير قانع، معيار سالڪان طريقت، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع ص 233.
4. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع (اردو) ص 233.
5. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع (اردو) ص 233.
6. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع ص 62.
7. ٺٽوي محمد طاهر نسياني، تاريخ طاهري. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1995ع ص 36.
8. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، حوالو اڳ آيل آهي. ص 131.
9. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو،سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 58.
10. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63
11. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63.
12. ٺٽوي مير علي شير قانع ، معيار سالڪان طريقت، حوالو اڳ آيل آهي. 318
13. شيدائي مولائي رحيم داد خان، جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2015ع ص 41
14. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 348
15. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 49-348
16. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 292
17. ڀٽو عنايت الله سيوهاڻي، شان قلندر، ڇپائيندڙ الشهباز اسٽيٽ سيوهڻ شريف 2013ع ص 121
18. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63.
19. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 234
20. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، حوالو اڳ آيل آهي. ص 131
21. غفور بن حيدر سيوستاني، مشائخ سيوستان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 64
22. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 62
23. ابڙو بدر، ’منڇر گورک گاج دنيا‘، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 2011ع ص 105.
24. سنڌي لوڪ داستان، سسئي پنهون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2005ع صفحو 3.
25. عبدالقادر منگي، (سهيڙيندڙ) ڀنڀور ۽ ديبل، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع صفحو 17.

حضرت سيد علي سرمست بخاري

حضرت سيد علي سرمست بخاري

قلندر لعل شهباز جي ساٿين ۽ مريدن مان هڪ بزرگ شخص هو. قلندر لعل شهباز جي سياحت واري زماني ۾ ان جو رفيق ۽ هم سفر جو ساٿي هو. آخر ۾ قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ هي به هميشه لاءِ سيوهڻ ۾ رهي پيو (1). سيد علي سندس ”وزير“ سڏبو هو (2). قلندر لعل شهباز جي خليفن جو ذڪر ڪتابن ۾ اڻ چٽو آهي، جيڪي سندس گڏ هيا. سندس 3 دوست ته مشهور آهن، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ اڪثر آهي. انهن دوستن ۾ بهاؤالدين زڪريه ملتاني، بابا فريد شڪرگنج پاڪ پتن وارو ۽ جلال الدين سرخ بخاري اُچ شريف وارو، سندس هي خليفو دوست جو پٽ هيو.
”سيد علي سرمست حضرت جلال الدين حيدر سرخ پوش جو فرزند ارجمند هو، ۽ قلندر شهباز جو وزير ليکجي ٿو. سيد جلال الدين حيدر قلندر شهباز جي چئن يارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ پنهنجي وقت جو عارف ڪامل ۽ اهل الله هو. سندس ولادت 595ھ 1198ع ۾ بخارا ۾ سيد ابوالمويد بخارا جي گهر ٿي. سندن والد نقوي سادات هجڻ باوجود بخاري سڏرائيندو هو. سيد علي پنهنجي وقت جو اهل علم ۽ اهل فضيلت شخص هو“ (4). سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.
سيد علي سرمست شاھ بخاري ولد سيد جلال الدين حيدر سرخ پوش ولد سيد علي ابوالمويد، ولد سيد جعفر ابوتراب، ولد ابو الفتح، ولد محمود ولد احمد ولد عبدالله (جِد سادات بخاري) ولد علي الاشقرياعلي، اصغر ولد جعفر الزڪي ولد امام علي نقي ولد امام محمد تقي، ولد امام علي رضا، ولد امام موسيٰ ڪاظم، ولد امام جعفر صادق ولد امام باقر، ولد امام زين العابدي ولد سيد الشهداءَ امام حسين عليه السلام ولد حضرت علي عليه السلام ولد ابو طالب. (5)
سيد علي سرمست بخاري 1612ھ 1218ع ڌاري ڄائو هوندو. قلندر لعل شهباز سان سير سياحت ۾ گڏ هوندو هو. جواني جي دور ۾ قلندر لعل شهباز جو ساٿي ٿيو. قلندر لعل شهبازرحه جي وفات کان پوءِ قلندر شهباز جو عرس سيد علي سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) 18 شعبان 657ھ ۾ ملهايو“. (6) اهو سلسلو اڄ تائين هلندو رهي ٿو. سيد علي سرمست قلندر لعل شهباز جي مزار مبارڪ مٿان پهرين هڪ چبوترو ٺهرايو هو. جيڪو اڳتي هلي مقبري ۾ تبديل ٿيو. قلندر لعل شهباز جي فيض کي جاري رکيائين.
”ڏھين صدي هجري ۾ شاھ حسن ارغون جي حڪومت تائين شيخ علي سرمست جو اولاد قلندر لعل شهبازرح جو متولي رهيو ان کان پوءِ درگاھ تي کابڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو ٿيو. جو اڄ تائين قائم آهي، پر موجوده گادي نشين سيد علي سرمست جي خاندان مان نه آهن. (7)

سيد علي سرمست جي تعليم
خدا جو نيڪ ٻانهو، توڪل تي ڀروسو ڪرڻ وارو، سچو سالڪ، بزرگ فقيري کي سنڀالڻ وارو، قلندر جا طالب وڌائڻ وارو ”سيد علي سرمست جي ابتدائي تعليم تربيت پنهنجي والد ڪامل اهل الله حضرت جلال الدين حيدر سرخ پوش بخاري وٽ ٿي. ان کان پوءِ هن يقيناً حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ۽ فريدالدين گنج شڪر وٽان به فيض حاصل ڪيو هوندو. پر مستقل روحاني تربيت حضرت قلندر لعل شهباز وٽان ئي حاصل ڪري روحاني ڪمال ماڻيو. تنهن ڪري ئي قلندر شهباز پنهنجي ڪن عزيزن خليفن جي هوندي به قلندري سلسلي بابت هدايتون فقط سيد علي سرمست کي ڏنيون ۽ هن عارف شخص ان سلسلي کي پنهنجي روحاني ڪماليت سان سنڌ ۽ هند ۾ وڌيڪ عام ڪيو.“ (8)
مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ سيد علي سيوستاني 2 دفعا لکيو آهي، مولانا دين محمد وفائي رسالا سير قلندر (مصنف خضر سيوهاڻي) تان احوال کنيو آهي. رسالا سير قلندر هن وقت ناياب آهي. جڏهن ته ٻنهي بزرگن جو احوال ٿوري ڦير گير سان ساڳيو آهي، ٻئي قلندر جا خليفا آهن ٻئي، قلندر سان گڏ آيا آهن ٻئي قلندر سان سير سياحت ۾ گڏ آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اها هڪ ئي شخصيت سيد علي سرمست بخاري آهي. خضر سيوستاني کان ڀل ٿي آهي. قلندر لعل شهباز جي هن پياري طالب جي وفات جي تاريخ نه ملي آهي. ”هن بزرگ جي مزار درگاھ جي اندر قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران اوڀر واري دروازي جي ڀر ۾ دفنايو ويو. جتي هن وقت سندس نالي جي تختي لڳل آهي. جنهن تي لکيل آهي

سيد علي سرمست (وزير) جو چبوترو
7 رجب 757ھ 1356ع تي فيرزو بادشاھ جي طرفان سيوهڻ جي حاڪم ناظم ملڪ اختيار الدين قلندر لعل شهباز جو روضو جوڙايو جنهن جي ستن مهينن بعد 7 صفر 758ع تي سيد علي سرمست جو روضو چبوترو) جوڙايو. جنهن جي تياري جي تاريخ هنن بيتن مان ملي ٿي.
شد بناءِ گنبذ عالي به عهد شهر يار
شاھ فيروز انگ بگرفت است گيتي زوقرار

مي سزد مر بنده درگاھ شاھ شهر را،
گر ڪند در سرفرازي بر سلاطين افتخار

بر سر قبر ولي الله، علاءُ الحق علي
بود از بغداد و اندر صف پاڪان شهسوار

اين بزرگ و با ڪرامت هر ڪرا باشد عزيز
هر زمان بادا به قبرش رحمت ايزد نثار

هفتم از ماھ صفر مبني شد اين مرقد به سال
هفصد و پنجاھ و هشت از هجرت احمد شمار

ڪرد بنيادش ملڪ سيرت ملڪ ارشد ک او
هست اندر عدل و بذل و خلق و احسان نامدار

چونڪ ذات اور در اين شهر سيوستان آمده
تازه از سرگشت آن بقع بسان نو بهار.

--------------------------1

ترجمو:
جهان پناه بادشاھ فيروز شاھ جي دور ۾
جنهن جي درگاھ جي غلامن کي
بادشاهن تي فوقيت حاصل آهي.
بغداد کان آيل پاڪن جي صف جو شهسوار
سيد علي جو مقبرو
تاريخ 7 صفر 758ھ ۾ تيار ٿيو
هر گهڙي خدا جون مٿس رحمتون هجن
ملڪ اختيار الدين
جيڪو عدل ۽ خلق کان مشهور آهي
جڏهن سيوهڻ ۾ آيو
ته هي مقبرو تيار ڪرايائين (9)


مددي ڪتاب ۽ حوالا
1. وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 1-2 سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ص 16 (اردو)
2. آگرو غلام رباني، ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 350
3. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ”سيوهڻ صدين کان“، مرداپبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 111.
4. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 70-71
5. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 73
6. مير حاجن مير، ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت حيدرآباد 2014ع ص 33
7. وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 1-2 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 16 ڇاپو اردو
8. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 76
9. غفور بن حيدر سيوستاني، تذڪره مشائخ سيوستان، ضلعا حڪومت ڄامشورو 2010ع ص 59-60.

مخدوم سڪندر بودلورح

مخدوم سڪندر بودلورح

مخدوم سڪندر بودلو خدا جو ولي، وڏي علم وارو هو. حال جي شروعات ۾ ديني علوم جو درس ڏيندو ٿي رهيو. ان کان پوءِ جذبي ۾ اچي بودلو ٿي ويو ۽ سدائين اگهاڙو گهمندو هو. (1)
هن بزرگ جي طبيعت شاهانه هئي، تنهن ڪري کيس سڪندر جي لقب سان سڏيندا هئا. حالانڪه سندس اصل نالو سيد (شاھ مردان) هو. (2) سندن اصل نالو سيد شاھ مردان شاھ هو. پاڻ بخاري ساداتن مان اچ جا ويٺل هئا. (3)
حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جو خاص خدمتگارن مان، ملتاني درويش مخدوم بودلو، سڪندر عرف بودلو بهار ولد ديندار خان چنيهو، وڏو عالم ۽ متقي انسان ٿي گذريو آهي. سندس جنم 602ھ 1238ع ۾ اچ شريف ملتان ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت ۾ رهندي، الله وارن جو طالب رهيو، جواني ۾ سندس ملاقات سيد محمد عثمان مروندي سان ٿي. (4)
هي مزار قلندر جي مزار کان هڪ فرلانگ جي فاصلي تي آهي. هي بزرگ پڻ قلندر کان اڳ سيوهڻ ۾ آيو ۽ ساڻس گڏ رهيو. مقامي روايتن موجب سندس نالو سڪندر ۽ سندس پيءُ جو نالو ديندار ذات چانهيون لکي وئي آهي. (5)
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿه مخدوم بودلي جو نالو سڪندر ئي آهي. ۽ بودلو سندن لقب آهي. اڄ به سنڌ ۾ درويشي رکندڙ کي بودلو چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لغت ۾ بودلو جي معنيٰ ڄاڻائي ٿو ته: عقل جو سادو، ڀورڙو، چوڳو، ڇرڙيو، دادلو، چاڳلو، لاڏلو، سک جو پاليل، ارڏو، هٿ هيرو، الله لوڪ، مستانو، نهٽو، ماٺيڻو، غريب، ڌيرج وان، بردبار.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي بودلي کي ذات جو چينهو، لکيو آهي، سيد حاڪم علي شاھ بخاري ذات جو چانهيون، لکيو آهي ٻنهي لکيڪن ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ته هن اهو حوالو ڪٿان کنيون آهي. جيئن ته هي ٻئي ليکڪ هاڻي جي دور جا آهن. هنن ڪو پختو دليل نه ڏنو آهي. جو انهن تي اقرار ڪري سگهجي. سو آئون هن راءِ جو حق رکان ٿو ته بودلو اچ جو رهائش پذير ٿي سگهي ٿو. اڪثر محققن اچ جو هن بزرگ کي ڄاڻايو آهي. تذڪره مشائخ سيوستان واري ڪا ذات يا، والد جو نالو نه ڄاڻايو آهي. ان معتبر ڪتاب کان سواءِ ڪو ٻيو اهم ڪتاب نه مليو آهي. جنهن ۾ سڪندو بودلي جي ڄاڻ هجي. اڪثر محققن هڪ ٻئي تان مواد کنيو آهي. بودلو بهار، به ان ڪري سڏيو وڃي ٿو، ته لفظ سهڻو ٺهي پوي ٿو. تجنيس حرفي جي استعمال سان ان ڪري بودلي بهار ۾ ٻه دفعا (ب) جو استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري هن بزرگ کي بودلو بهار به سڏيندا آهن.
پنهنجي مرشد جي مهربان هئڻ ڪري ۽ پنهنجي انتهائي درجي جي عقيدت سبب قلندر لعل شهباز جي آڏو هر وقت البيلائي سان پيش ايندو هو ۽ اهڙي نموني انگل ڪندو هو. جهڙي نموني هڪ سعاتمند پنهنجي وڏي سان حجت رکي ڪنهن ڪم لاءِ ضد ڪندو آهي ۽ اهو سندس نيڪ خصلتن جو احساس ڪندي، هر حالت ۾ سندس فرمائش پوري ڪندو آهي. جيئن ته قلندر لعل شهباز جو ننڍپڻ کان ئي، رقص ۽ سرود سان ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهنڪري بودلي به پنهنجي مرشد جي دل وندرائڻ خاطر، پرواني وارو رقص ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري بودلي بهار جا فقير، سندس روايت کي زنده رهڻ خاطر اڄ تائين وڏين راتين تي درگاھ شريف تي ڌمال ۾ ڳاڙهو لباس پائي اچي فقيراڻو رقص ڪندا آهن. (6)
قلندر لعل شهباز معتقد اڪثر ڳاڙهو ويس پائيندا آهن، قلندر لعل شهباز جي خيالي پورٽريٽ (تصويرون) جي ٺهيون آهن. انهن ۾ قلندر لعل شهباز کي ڳاڙهو ويس پاتل ڏيکاريو ويو آهي. قلندر لعل شهباز جا طالب، شاگرد، معتقد، ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ڳاڙهو ويس پائن ٿا. قلندر لعل شهباز جي درگاھ سان جيڪي لاڳاپيل درگاهون آهن، انهن جا فقير، مريد، ڳاڙهو ويس ئي پائيندا آهن، سڪندر بودلي جا فقير، پڻ ڳاڙهو ويس پائيندا آهن. اڪثر فقير وڏا جبو، پهريندا ۽ سلوار پائيندا آهن، بودلي جا فقير وار وڏا ڇڏائيندا آهن، ڪي گوڏا به ٻڌندا آهن.
بودلو بهار لعل شهباز جو هڪ وڏو طالب هو ۽ لعل شهباز جي آمد جو هر وقت منتظر رهندو هو. سندس اچڻ جي سڪ ۾ گهٽيون پيو ٻهاريندو هو. (7) ۽ چوندو هو ته (منهنجو مرشد ٿو اچي) منهنجو مرشد ٿو اچي، آخر ڪار سڪندر بودلي جي اميد پوري ٿي قلندر لعل شهباز سيوهڻ پهتو.
سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو لکي ٿو ته مخدوم سڪندر بودلي بهار جي سڪ نيٺ پوري ٿي ۽ پنهنجو مرشد اکين سان ڏسي، ان جو مريد، خليفو ۽ طالب ٿيو. (8)
بودلو بهار، ڦوھ جواني ۾ سيوهڻ شريف پهتو، شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو. پر پوءِ حال کان بيحال ٿي دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي. راتيان ڏينهان روحاني رهبر جو متلاشي رهيو. انهي ذڪر فڪر واري ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهيو. (9)

بودلي بهار جي دور ۾ سيوهڻ ۾ مذهب
جڏهن قلندر لعل شهباز سيوهڻ آيو تڏهن ٻڌ مت زوال پذير ٿي چڪو هو. ۽ ٻڌ مت جون خانقاهون جن کي سنڌي ۾ (وهارا بهار) چون ٿا. انهن جي حيثيت ۽ مذهب به بدلجي ويو ٻڌمت مڪمل ختم نه ٿيو هو پر آخري ڏينهن ۾ هو. بلڪه ڪي شاهديون اهڙيون به آهن ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زردتشي مذهب به هلندڙ هو. ٻڌن جو اثر يا ٻڌيه سمن جي دور تائين قائم رهيو آهي. يعني سمن تائين هي ملتان جي شيخ بهاءُ الدين زڪريا، اچ تي شيخ جلال الدين سرخ پوش، بابا فريد شڪر گنج ۽ قلندر لعل شهباز منگهو پير، پير پٺو، شيخ جميل ڏاتار ۽ پير پٿوري وغيرج جي اثر جا ڏينهن آهن. يعني سنڌ ۾ تصوف جو سلسلو پکڙجي رهيو هو. تصوف جو قلندراڻو صوفي ملامتي طريقو ملنگن ۽ ڀڪشوئن کي ويجهو هئڻ ڪري ٻوڌي طريقي کي ويجهو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا هندو لوڪ قلندر شهباز ۾ ’راجا ڀرت هريءَ‘ جو اولڙو ڏسندا آهن. ۽ کيس راجا ڀرتري (راجا ڀرت هري) جو اوتار سمجهندا آهن. راجا (ڀرتري) چوٿين صدي عيسوي ۾ اُجين جي راجا (وڪرما جين) جي ديس گجرات جي اوڀر مان جلاوطن ٿي آيو. جنهن لاءِ روايت آهي. ته هن عمر جي آخري حصي ۾ ٻڌمت اختيار ڪيو. سيوهڻ ۾ اچي ان مت کي زور وٺايو هو.
ان سڄي پسمنظر ۾ سيوهڻ ۾ ٻڌمت توڻي شِومت، جون علامتون وهارا، مڙهيون، يا آشرم ضرور هئا. (10)
بدر ابڙو لکي ٿو: بودلو بهار اصل ۾ ٻڌ جو وهارو آهي. ٻڌ کي آڳاٽي لهجي ۾ بودو (Boddo) چيو ويندو هو بودلو معنيٰ ٻڌ جو بهار معنيٰ بهالا سڄي هندستان ۾ هر هنڌ وهاري کي بهالا چون ٿا. ”وهارو“ معنيٰ ويهڻ جي جاءِ يا بيٺڪ جنهن کي انگريزي ۾ (Monostry) چئبو آهي. اڄ به واهي پانڌي لڳ نئه نريءَ ۾ بود و مڪان ماڳ موجود آهي. (11)
سيوهڻ شهر تاريخي، قديمي شهر آهي. اسلام کان اڳ به هي شهر آباد هيو. ان ڪري هن شهر ۾ رهڻ وارن ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا ٿي سگهن ٿا. ٻڌ مذهب جا پيرو ڪار سيوهڻ به هوندا. ليڪن بودلي بهار واري جاءِ (ٻڌ جو وهارو ناهي) ٿي سگهي ٿو، ان جي اوسي پاسي ۾ ڪو وهارو هجي. ليڪن، وهاري جو ذڪر ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿو ملي. نه ئي ڪو ثبوت آهي. ته ان جاءِ تي وهارو هئو.
سڪندر بودلو سان ڪيئي قصا لاڳاپيل آهين. روايت آهي ته بودلي بهار هڪ هندو ڇوڪري سان پيار ڪندو هو. اها هندو ڇوڪري بادشاھ راجا جير جي ڌي هئي، آخر ڪار بادشاھ کي خبر پئي ته منهنجي ڌيءَ تي بودلو عاشق آهي سو راجا جيسر ان وقت جي مشهور ڪاسائي (حنود/ انود) ڪاسائي کي حڪم ڪيو ته بودلي کي ڪهي ڇڏ، حنود ڪاسائي بودلي کي ڪهي گوشت ڪري کپائي ڇڏيو. اچانڪ قلندر لعل شهباز سڏ ڪيو بودلا، بودلا، بودلا، سڏن تي ٻوٽيون ٿيل بودلو زنده ٿي ويو.
اهو هڪ روايتي قصو آهي. اهڙا قصا هر درويش سان لاڳاپيل آهن جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي. هڪ شخص ڪٺل، ٻيو وري ٻوٽيون ٿيل کي زنده ڪرڻ ڪو آسان نه آهي. پر عقيدي ۾ اعتبار ڪيو ٿو وڃي. ان قصي ۾ سچائي گهٽ آهي. هڪ درويش جيڪو هڪ وڏو عالم آهي. اهو ڪيئن غلط ڪم ڪندو. هڪ هندو ڇوڪري سان سر عام عشق... سنڌ جي حڪمرانن ۾ راجا جيسر نالي شخص جو ڪو اتو پتو ناهي. ان قصي کي تسليم ڪيئن ڪجي؟
غفور بن حيدر سيوستاني لکي ٿو ته سڪندر بودلي هڪ لفظ جون 70 معنائون ممبر تي خطاب ڪندي مهمانن کي ٻڌايون هيون. ان مان معلوم ٿيو ته بودلو هڪ جيد عالم بزرگ، نيل شخص هو. جيڪو قلندر سان بي انتها پيار ڪندو هو. قلندر جو عاشق هو. قلندر به سندس جو گهڻو احترام ڪندو هو. قلندر جو هي سچو سالڪ هو.

بودلي جي ڏاچي
بودلي جي ڏاچي ان شخص کي چيو ويندو آهي. جو هر روز سيوهڻ شهر جي گهرن (بودلي جي ويجهو رهندڙ گهرن) مان ماني، دال، کير، چانور، ڀاڄي وغيره خيرات ۾ (پنندو) وٺندو آهي. ان فقير کي ڏاچي جي ڏند ڪٿا ڏنل آهي. ان فقير کي ڳالهائڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. جيڪو به ملندو اٿس، سڀ گڏ ڪري بودلي جي درگاھ تي کڻي ايندو هو. اتي پهچڻ سان سلامي ڏئي پوءِ فقراءَ ۾ مليل خيرات ورهائيندو آهي. ان فقير کي هڪ چنگ به هوندو آهي. اهو هو وڄائيندو آهي. وڄت جي آواز تي محلي جي رهواسين کي خبر پئجي ويندي آهي ته بودلي جو فقير پهچي ويو آهي ۽ جلدي ۾ هو ان کي دروازي تي خيرات ڏيڻ ايندا آهن. فقير کي محلي وارن کان ڪا شئي گهر ڪرڻ جي اجازت ناهي.
بودلو بهار پنهنجي دور جو هڪ اهل علم شخص آهي. مدرسي ۾ درس به ڏيندو هو، هو هڪ جيد عالم هو. جنهن جي ڪري سندس عقيدت ڪرڻ وارا اڄ به وڌندا پيا وڃن. سندس وفات قلندر لعل شهباز جي وفات کان ٽيھه سال کن پوءِ ٿي هوندي. سندس وفات جي تاريخ پڪي معلوم نه ٿي سگهي آهي.
بودلي بهار جي مقبري ۾ ٻه ٻيون به مزارون آهن پير اختر حسين انهن مزارن جا نالا پارل شاھ، شعبان شاھ ٻڌايا. هي انگريز دور جا چيا وڃن ٿا.
مقبري کان ٻاهر احاطي ۾ 5 مزارون آهن. اولھه کان شفيع محمد، ۽ حبيب الله جون مزارون آهن. حبيب الله، شفيع محمد جو چاچو ٿئي. ان کان پوءِ بودلي بهار جا ٻه ٻيا فقير مدفون ٿيل آهن. جڏهن ته پنجون اوڀر ۾ ڍڳي فقير جي مزار آهي. ڍڳي فقير جي اصل نالي جي خبر نه پئجي سگهي آهي. هي فقير به بودلي جي درگاھ سان لاڳاپيل آهي. ڍڳي فقير جي وفات 1960ع ڌاري ٿي آهي. ٻيون چار مزارون به ان دور جون آهن.
بودلي بهار جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٻه مزارون آهن جن کي ’جوڙيدار‘ چيو وڃي ٿو. ٻڌائن ٿا ته هي پاڻ ۾ اڪثر گڏ هوندا هئا. ان ڪري هنن کي جوڙيدار چيو وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو هي دوست هجن يا ڀائر هجڻ. هي انگريز دور جا آهن. چون ٿا هي قابل کان هتي آيا هئا.
بودلي بهار جي مقبري جي ويجهو اتر ۾ سيد غفور جي مزار آهي. مزار هڪ ڪمري ۾ آهي. ڪو مقبرو ٺهيل نه آهي. غفور شاھ جي دروازي وٽ مظهر علي شاھ جي مزار آهي. مظهر شاھ جي وفات 1965ع ڌاري ٿي آهي.
سڪندر بودلي جي مٿان هڪ خوبصورت مقبرو ٺهيل آهي جنهن جي اندر شيشي جو ڪم ٿيل آهي. اوڀر ۾ ۽ ڏکڻ ۾ دروازا اٿس. مقبري جي ڏکڻ اولهه ۾ هاڻي پير اختر حسين امام بارگاھ ٺهرائي آهي. اڳ ۾ اها امام بارگاھ ڪانه هئي. بودلي جو هن وقت سجاده نشين پير اختر حسين عرف نور شاھ آهي. مقبرو هن وقت مڪمل نئون ٺهيل آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) عبدالغفور بن حيدر سيوستاني، 2010ع صفحو 74 تذڪره مشايخ سيوستان ضلعا حڪومت ڄامشورو.
(2) سيوهاڻي محمد پريل سولنگي ماستر، 1972ع صفحو 169، گلزار قلندر، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.
(3) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، 2009ع صفحو 114، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف.
(4) سنڌي ميمڻ عبدالغفور، 1980ع صفحو 26، عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو.
(5) سيد حاڪم علي شاھ بخاري، 2017ع صفحو 50، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.
(6) محمد پريل سولنگي ماستر، 1972ع صفحو 169، گلزار قلندر، حوالو اڳ آيل آهي.
(7) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو 2009ع صفحو 114، سيوهڻ صدين کان حوالو اڳ آيل آهي.
(8) ساڳيو.
(9) سنڌي ميمڻ عبدالغفور 1980ع صفحو 26 عظيم سنڌي انسان حوالو اڳ آيل آهي.
(10) ابڙو بدر 2011ع صفحو 3-102، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
(11) ابڙو بدر 2011ع صفحو 103، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.

سيد جمن شاھه جتي ستيرح

سيد جمن شاھه جتي ستيرح

سيوهڻ جي مشهور درويش سيد جمن جتي ستي، جي مزار مبارڪ سيوهڻ شهر جي اوڀر طرف سنڌو درياءَ جي ڀرسان آهي. هن درويش سڄي ڄمار شادي ڪانه ڪئي ۽ مجرد رهيو تنهن ڪري کيس جتي ستي سڏيو ويندو آهي. (1)
سيد جمن شاھ ولد سيد امام علي شاھ، عراق جي بخارا شهر ۾ غالباً 657ھ مطابق 1258ع ڌاري ڄائو هو. پاڻ بخاري سيد هو. جنهن ڪري قادري طريقت اختيار ڪئي هئائين، سندس جد امجد خدر سيده بزرگ هئا، جن جي خدا پاڪ وٽ دعا مستجاب هئي. سيد جمن شاھُ پنهنجي والد جي وفات بعد سيروسياحت جي خيال کان سنڌ ۾ اچي نڪتو، پهريائين ٽٺي پهتو ۽ پوءِ سيوهڻ شريف ۾ باقاعده سڪونت اختيار ڪيائين (2)
تاريخي تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد جمن شاھ لعل شهباز قلندر کان ست سال اڳ 688ھ 1289ع ڌاري سيوهڻ ۾ آيو هو. جڏهن سيوهڻ ۾ آيو هو ان وقت سندس ڦوھ جواني هئي. سيد عثمان مرونديءَ جي آمد جي جڏهن کڙڪ پئي، تڏهن ڊوڙي وڃي سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين. (3)
مٿيون حوالو لکندڙ ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ کان تمام وڏي غلطي ٿي آهي. جمن جتي تي لکندي ڌيان نه ڏنو آهي.
ميمڻ صاحب جمن جتي جو جنم 657ھ ڄاڻايو آهي، ۽ قلندر لعل شهباز سان ملاقات ڏيکاري آهي. قلندر لعل شهباز جي وفات 650ھ ملي ٿي، ته سيد جمن جتي قلندر لعل شهباز جي وصال کان 7 سال پوءِ ڄائو آهي. ڪن عالمن قلندر لعل شهباز جي وفات 673ھ ڄاڻائي آهي. ان حساب سان جمن جتي سرڪار15- 16 سالن جو آهي، ان قلندر لعل شهباز ملاقات پهرين ڪٿي ڪئي ۽ ڪهڙي هنڌ ڪئي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي وري لکي ٿو ته قلندر لعل شهباز کان 7 سال اڳ سيوهڻ ۾ 688ھ 1289ع ڌاري سيوهڻ ۾ آيو. قلندر لعل شهباز جي وفات 673ھ آهي، اهو قلندر لعل شهباز سان پهرين ڪيئن مليو. ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي لکت موجب جمن جتي قلندر لعل شهباز کان 15 سال پوءِ 688ھ ۾ سيوهڻ ۾ آيو هئو ۽ قلندر لعل شهباز کان 7 سال پهرين آيو. ان وقت جمن جتي جي عمر ست اٺ سال هوندي. ٻي طرف ميمڻ صاحب لکي ٿو ته جمن جتي ڦوھ جواني ۾ سيوهڻ پهتو. جڏهن ته ست سال جواني ناهي، ننڍپڻ آهي. ان حوالي سان ميمڻ عبدالغفور جي جنم واري احوال کي تسليم ڪري سگهجي ٿو، ليڪن قلندر لعل شهباز کان سيوهڻ ۾ پهرين اچڻ، ان سان ملاقات ڪرڻ، ان جو معتقد ٿيڻ، قلندر لعل شهباز سان لاڳاپيل قصي کي رد ڪجي ٿو.
سيد جمن شاھ جتي ستي پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سيد سياحت ڪندي ٺٽي کان پوءِ سيوهڻ پهتو، اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جمن شاھ جتي ستي جي والد ڪڏهن، ڪهڙِي سال وفات ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ طرف آيو..
سيد جمن شاھ جتي ستي جو مقبرو حڪمران شاھجهان جي دؤر ٺهيو هيو. اهو قدامت ڪري ڊهي ويو هاڻ ٻيهر مقبرو تيار ٿيو آهي. مقبري اندر سيد جمن شاھ جتي ستي سان 3 ٻيون به مزارون آهن. انهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ڪنهنجون مزارون آهن. مقبري جي احاطي ۾ ڪجهه ٻيون به مزارون آهن.
هن مقالي لکندڙ کي قياس آهي ته سيد جمن جتي ستي، قلندر لعل شهباز کان پوءِ جو آهي. جڏهن سيوهڻ جي هڪ اهم ڪتاب مشائخ سيوستان غفور بن حيدر سيوستاني ۾ جمن شاھ جو احوال نه آهي. جڏهن ته ان ڪتاب ۾ سيوهڻ جي قديم چوڏهن بزرگن جو احوال آهي جيڪي قلندر لعل شهباز کان اڳ يا پوءِ ٿي گذريا آهن.
ميمڻ عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته؛
”باقي حياتي جا ڏينهن سيوهڻ ۾ گهاريائين جتي 72 ورهين جي عمر غالباََ 731ھ مطابق 1330ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس شهر جي اوڀارين طرف درياءَ جي ڪنڌي تي دفنايائون“. (4)
سيد جمن شاھ جو جنم 657ھ وفات 731ھ آهي حساب ڪنداسين ته سندس عمر 74 سال آهي. جمن جتي ستي جي عمر 72 سال نه بيهي ٿي. ان حساب ۾ به ميمڻ عبدالغفور کان غلطي ٿي آهي.
سيد جمن جتي ستي اهل علم شخص هوندو، ضرور ڪو نيڪ ٻانهو آهي. جو مٿان سندس مقبرو ٺهيل آهي. سيد جمن شاھ جتي ستي جو احوال ڪتابن ۾ گهٽ ملي ٿو. ڪو خاص احوال ڪٿان ملي پوي ته جيئن ڄاڻ حاصل ڪجي.
سيد جمن شاھ جتي ستي جو مقبرو سيوهڻ جي قديم شاهي بازار جي اختتام وٽ قديم دور کان موجود آهي. اڳ درگاھ ڀرسان درياھ وهندو هو. پر هاڻ ٿوري وٿيءَ تي وهندو رهي ٿو.
هي بزرگ سمن جي دور جو ٿي گذريو آهي. شاھُ درويش جو معتقد هو. ان جي مزار سيوهڻ ۾ آهي.(5)


حوالا
1. سيوهاڻي عنايت الله ڀٽو، شان قلندر الشهباز فوٽو اسٽيٽ سيوهڻ شريف 2013ع ص 121
2. ميمڻ عبدالغفور سنڌي، عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو 1980ع ص 47
3. ميمڻ عبدالغفور سنڌي عظيم سنڌي انسان ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو 1980ع ص 47
4. ميمڻ عبدالغفور سنڌي عظيم سنڌي انسان حوالو اڳ آيل آهي. ص 48
5. حضرت علامه مولانا، قاضي محمد اقبال حسين نعيمي علمي ڪتاب گهر ڪراچي 1997ع ص 125

شيخ احمد سنداڻي

شيخ احمد سنداڻي

سيوهڻ صوفين جي سرزمين آهي. اسلامي دور کان صوفين پنهنجو بيٺڪون ٺاهيون سيوهڻ ۾ به ان دور کان سلسلو هلندڙ آهي. شيخ احمد سنداڻي، ٽلٽي جو رهندڙ ، گهڻن مريدن ۽ ڊگهي اولاد وارو هو. جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته پنهنجي اولاد ۽ مريدن کي وصيت ڪيائين ته مونکي سيوهڻ ۾ دفن ڪيو وڃي. پوءِ ائين ئي ٿيو. شيخ احمد سنداڻي جي وفات عيد ڏينهن ٿي. شيخ احمد سنداڻي جي مزار مبارڪ مشايخ سيوستان ۾ آهي ته ڇٽي امراڻي جي ڀرسان آهي. مخدوم ڇٽي امراڻي جي چوڌاري هاڻ رهائش ٿي وئي آهي. شيخ احمد سنداڻي جي مزار مبارڪ سيوهڻ شريف جي ڪربلا واري ميدان جي اولهه ۾ ڪوٺي نما جڳهه ۾ آهي. سندس ڀر ۾ هڪ ٻي مزار به آهي، پر ان جي معلومات ناهي. ٽلٽي سيوهڻ تعلقي جو مشهور ڳوٺ آهي. شيخ احمد سنداني جو اباڻو ڳوٺ ٽلٽي هو. هن بزرگ جون ڪيئي ڪرامتون به مشايخ سيوستان ۾ لکيون ويون آهن. جن تي اعتبار ڪرڻ مشڪل آهي.

ميان جلال خاموش

ميان جلال خاموش

ولي الله ميان جلال خاموش ملتان جي سيدن مان هو. قرآن پڙهڻ جي شوق ۾ ”ڪات بابران“ واري رستي ڏانهن ٿي ويو ته واٽ تي ميان حسن موذن وٽ ترسي پيو، هن پڇيس ڪهڙي ڪم سان نڪتو آهين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين. ته چيائين ته ’قرآن‘ پڙهڻ لاءِ ”ڪات بابران“ جي وستيءَ پيو وڃان. جيئن ميان نندي وٽان قرآن جي قرعت سکي اچان. ان سوال پڇڻ تي ئي خدا جي وحدانيت ۾ گم ٿي ويو ۽ بيهوش ٿي ويو. ميان جلال خاموش، ديني تعليم حاصل ڪئي هوندي هو پنهنجي دور جو وڏو بزرگ هو. ميان جلال خاموش جون ڪيئي ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن. فقيري رنگ ۾ رهندو هو. ”ڪڏهن ڪنڊ ۾ ويهي آرام سان گودڙي ٿي سبيائين ته ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ان کي ساڙي ٿي ڇڏيائين. معلوم ٿئي ٿو ته سادي طبيعت جو مالڪ هوندو. ڪڏهن جلال ۾ اچي گودڙي ٿي ساڙيائين ته ڪنهن مهل ٽٽل گودڙي کي ڳنڍ ٽوپا ٿي ڏنائين. سچو سلاڪ صوفي درويش، پرهيزگار نيڪ بزرگ هو. صديون گذرڻ باوجود به سندس مان مٿيرو آهي. سندس مزار مبارڪ سيوهڻ اسٽيشن روڊ واٽر سپلا گهٽي جي سامهون روڊ سان گڏ آهي. سندس ڀر ۾ هڪ ٻي مزار به آهي، جنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. شيخ ٽوپڻ جي مزار به هن بزرگ جي ويجهو آهي.

مزار شيخ ٽوپڻ

مزار شيخ ٽوپڻ

سيوهڻ جي بزرگن مان خدا جو پيارو ٻانهو ٿي گذريو آهي. واهيءَ واري چشمي تي جيڪو شهر کان ٽن ڪوهن تي جبل اندر آهي. ذڪر ۾ مشغول رهندو هئو. مخدوم راهو سندس پٽ قاضي ڏتو ۽ قاضي ادريس هن بزرگ جا همعصر هئا. شيخ ٽوپڻ 10هين صدي هجري جو بزرگ ٿي گذريو آهي. تذڪره مشايخ سيوستاني عبدالغفور حيدر سيوستاني 1039ھ ۾ لکيو. سيوهڻ جي بزرگن جي تاريخي ڪتاب ۾ شيخ ٽوپڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪافي ڪرامتن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. هن بزرگ جي مزار اسٽيشن روڊ واٽر سپلا جي گهٽي جي سامهون واري قبرستان ۾ موجود آهي. مقبرو ڊٺل آهي. چارائي پاسا ديوراون بيٺل آهن. شيخ ٽوپڻ، ميان جلال خاموش جي مزار جي ويجهو آهي.

شيخ مڱڻ

شيخ مڱڻ

هن بزرگ کي شيخ ”مکڻ“ ۽ شيخ ”مڱڻ“ به سڏيو ويندو آهي. هي بزرگ قلندر لعل شهباز جي موجوده درگاھ جي ڌمال واري جاءِ جي ڏکڻ اوڀر ۾ مدفون ٿيل آهي. جتي مزار تي شيخ مڱڻ لکيل آهي. ”قديمي شيخن مان درگاھ جو متولي ۽ ڪنجي بردار هو. مٿس پير جي ڏاڍي مهرباني هئي. چون ٿا ته سادات جي شيخن جا ڏوهٽاڻ آهن، تن جڏهن سجاده نشيني جي هٿ ڪرڻ پوءِ درگاھ جي ڪنجي جي لالچ رکي ۽ مقابلي جو ست نه ساري ڪنجي ڏئي ڇڏي، تڏهن سيدن ڪيتري به ڪوشش ڪئي پر در نه کليو. لوهار کي ڪلف ڀڃڻ لاءِ وٺي آيا، ته ڌڪ هڻڻ سان هٿ سڪي ويو. هن عجيب ڳالهه ڏسڻ تي سيد پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ ڪنجي شيخن حوالي ڪيائون“. ان قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ مڱڻ ڪا اهم شخصيت آهي ، ڪنجيدار جو ڪم درگاھ قلندر لعل شهباز دروازو وقت تي کولڻ ڪرڻ ۽ ٽائيم تي دروازو بند ڪرڻ هو. درگاھ جو ڪم ڪار صفائي پڙ لاهڻ چاڙهڻ ۽ سار سنڀال هيو. سنڌ جو ناميارو محقق مير علي شيرقانع ٺٽوي پنهنجي اهم ڪتاب معيار سالڪان طريقت ۾ شيخ مڱڻ کي 1200ھ جو ڄاڻايو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ مڱڻ، ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان ئي دور ۾ ”ڪنجيءَ ۾ سيد جي ڪابه دست اندازي ڪانه آهي ۽ ٻه گاديون ٿي پيون“. ان دور ۾ سبز واري سيدن جو نهال شاھ نوري پهريون سجاده نشين قلندر لعل شهباز جو ٿيو.

حضرت محب شاھه

حضرت محب شاھه

سيد محب شاھ ولد حسين شاھ، ”هي افغانن جي ملڪ جو هو جتي هن جو ڪيئي ڪرامتون مشهور هيون. اتي هن جي خانگاھ به هئي. جنهن تي گهڻي ۾ گهڻا نذرانا پوندا هئا. چون ٿا ته ست گهر خانگاھ جي مجاورن جا هئا، جن جو خرچ نذراني مان پورو پئي ٿيو.
هڪ روايت ٻڌائي ويندي آهي ته محب قلندر لعل شهباز جي مقبري اڏاوت جو ڪم ڪندو هو. رازو هيو، اڏاوتي ڪم ڪندي ڪري پيو ۽ وصال پاتائين. هي مزار قلندر لعل شهباز جي مقبري جي اوڀر واري پاسي آهي جٿي هن وقت، قلندر لعل شهباز جي ڌمال لڳندي آهي. پهرين هن مزار تي مقبرو ٺهيل هو پر قلندر لعل شهباز جي اڏاوتي ڪم وڌيڪ (دائرو وڌائڻ) ڪري قبو ڊاٿو ويو. هن مزار تي (محب) نالي جي تختي لکيل هوندي هئي. هاڻي محب شاھ جو ڪتبو لڳل آهي. گهڻن ڪتابن کي اٿلائڻ کان پوءِ به وڌيڪ احوال ڪنهن ڪتاب مان نه ملي سگهيو آهي. قلندر لعل شهباز جي وقت کان هي پوءِ جو بزرگ آهي. محب شاھ جو پهريون احوال تذڪره مشايخ سيوستان ۾ ئي ملي ٿو، سو به نهايت مختصر آهي. معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته افغانستان جي ڪهڙي شهر جو هو، ڪهڙي دور ۾ سيوهڻ پهتو.

سيد عبدالوهاب شاھه

سيد عبدالوهاب شاھه

هيءُ بزرگ ظاهري توڙي باطني علوم جو جامع هو. سندس اوصاف بلڪل نرالا هئا. سدائين نياز ۽ نوڙت ۾ رهندو هو. پنهنجي مرشد شهباز سائينءَ جي حاضري به اهڙي ڏنائين جا پنهنجي جاءِ تي، هڪڙو نرالو فن هئي، هن صاحب لعل سائين جي وصال کان پوءِ ڪچهري واري هنڌ تي جدا ڪافي ٺاهي جنهن کي ڪچهريءَ واري ڪافي سڏيو وڃي ٿو، سيد عبدالوهاب شاھ جي مزار مٿان مقبرو ٺهيل هو. هن وقت مقبرو ڊهي ويو آهي صرف اولهه پاسي واري ديوار بچي آهي. جيڪا ڪلهوڙن جي دور جي اڏاوتي سلسلي جي آهي. سيد عبدالوهاب شاھ جي مزار قلندر لعل شهباز جي مقبري جي ڀرسان اتر ۾ آهي.

سيد ابرهيم شاھه جتي ستي

سيد ابرهيم شاھه جتي ستي

حضرت ابراهيم شاھ جتي ستي، جو هڪ وڏو درويش صاحب ڪرامتن جو مالڪ هو، هي فقير هڪ جدا تڪيي ۾ رهندو هئو. هو نهايت سخي طبيعت وارو صاحب هوندو هو. پاڻ لعل شهباز جي فقيري کي اهڙو ته روشن ڪيو هئائون ۽ اهڙا ته قلندري سنت تي پابند هئا جو ڪيترائي درويش امامتن وارا سندن هٿ تي فقير ٿيڻ کي پنهنجو فخر سمجهي ڏينهن جا ڏينهن سندن حاضري ۾ ويٺا هوندا هئا(1).
”سيد ابراهيم شاھ جتي ستي اول ۾ شهباز قلندر جو پانڌيئڙو ۽ طالب هو شهباز جي وصال بعد سيد علي سرمست جي خدمت ۾ رهي سندس طالب ٿيو(2). هي بزرگ صاحب ڪرامت ۽ تمام ڪشاده دل درويش هو. جنهن مرشد جي وصال کان پوءِ جدا تڪيو ٺاهي، مريدن کي شهباز سائين جي طرز عمل تي هلڻ جي تلقين ڏين شروع ڪئي. پاڻ زندگي ڀر مجرد رهيو. رحمدل ڏاڍو هوندو هو. جنهن سندس فيض مان ڪيترن ئي فائدو ورتو (2).
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀني عالمن هڪ ٻئي تان اقتباس ورتو آهي. ڪنهن چٽي طرح نه لکيو آ، هي شخص ڪنهنجو فرزند هو ڪٿان آيو؟، طالب ڪڏهن ٿيو، سندس علمي فقهي ڪي ڪم به هيا! ڪڏهن جنم ٿيو، وفات ڪڏهن ڪيائين. سيوهڻ جي ڪجهه ماڻهن ۾ اها روايت پئجي وئي آهي، ته جنهن کي گذاري 50 سال مس ٿيا هوندا چوندا ته اهو بزرگ لعل شهباز سان گڏ آيو هئو. (3)
حضرت ابراهيم شاھ جتي ستي جو احوال سنڌ جي ڪنهن به اهم ڪتاب ۾ نه ملي سگهيو آهي. اڳين محققن روايتن جي اعتقاد تي لکيو جو قبول ڪري به سگهجي ٿو ته رد به ڪري سگهجي ٿو. حضرت ابراهيم شاھ جتي ستي پنهنجي دور اهل الله بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزار جي مٿان هن وقت مقبرو ٺهيل آهي. هي مقبرو قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي اتر ۾ موجود آهي. جتي ڪيئي عقيدتمند ايندا رهن ٿا.


مددي ڪتاب ۽ حوالا
1. سيوهاڻي جليل ”الشهباز“ ثقافت کاتو سنڌ 2012ع ص 96
2. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 117
3. سيوهاڻي سولنگي محمد پريل ”گلزار قلندر“ شهباز اڪيڊمي 1972ع ص 172

مير سيد صلاح الدين لڪياري (لڪياري خاندان جو احوال)

مير سيد صلاح الدين لڪياري (لڪياري خاندان جو احوال)
(اولادي امير)

سنڌ ۾ پهريون سيد لڪياري، سيد علي بن عباس موسوي سيوهڻ ويجهو لڪي شاھ صدر، جنهن کي اڳ ۾ لڪعلوي، چيو ويندو هو، اُتي اچي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ جي لڪياري خاندان جو وڏو هيو، جنهن مان سيد صدرالدين عرف شاھ صدر مشهور آهي، ان مان پاڳارا، راشدي، ٻيا لڪياري سيد وڌيا ويجهيا جيڪو سلسلو اڃان تائين هلندڙ آهي. سيد علي ولد عباس چوٿين صدي هجري ۾ عربستان کان اچي سنڌ ۾ وَسيو، پنهنجو ٺڪاڻو لڪي شاھ صدر ۾ ٺاهيائين، سيد علي ولد عباس جي اولاد مان سيد صدر الدين لڪياري آهي.سيد صدرالدين جو اولاد سڄي سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو.
سيد صدر الدين معروف (شاھ صدر) ولد سيدد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي زماني جي مشائخن جو سردار، سيدن جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه خاندان سيوهڻ ۾ رهي ٿو (1).
مير سيد صلاح الدين اصل لڪعلوي (لڪيءَ) جي سيد سڳورن مان آهي. پنهنجي ذاتي صلاحيت جي وسيلي، دين خواھ دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري نالو ڪڍيائين ۽ درگاھ جي سجاده نشيني جي دولت نصيب ٿيس. سندس وجود پنهنجي پير جي نظر فيض اثر جي برڪت سان مريدن ۽ متعلقن جي هر طرح جي سڌاري جو باعث ٿيو. (2)
سيد صلاح الدين هي بزرگ شاھ صدر الدين لڪعلوي جو پوٽو آهي(3). هي صدر الدين شاھ لڪياري جو ڀائيٽو هيو، لعل شهباز سان گڏجي سيوهڻ پهتو ۽ ان جو خليفو ٿيو. مريد، خدمتگار ۽ طالب ٿيو. لعل شهباز جي وصال بعد سندس سند جو وارث ۽ سجاده نشين ٿيو.(4) هي سيد ابراهيم شاھ جو جتي جو طالب ٿيو، سيد ابراهيم شاھ جتي وري قلندر لعل شهباز جو معتقد هو (5)
مٿئين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير سيد صلاح الدين شاھ صدر جي خاندان مان آهي. ليڪن ڪو عالم لکي ٿو ته پوٽو هيو ڪو لکي ٿو، ته ڀائيٽو هيو. انهن محققن به ڪو مستند حوالو نه ڏنو آهي. صرف روايتن ۽ عقيدي جي بنياد تي لکيو ويو آهي، سائنسي تحقيق مطابق اُڪن ڌڪن کي رد ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين مير صلاح الدين جو احوال تحفته الڪرام ۾ موجود آهي. ان کي ئي اهميت ڏيڻ گهرجي. اڪثر محققن ان جو ئي ورجاءَ ڪيو آهي. مير سيدصلاح الدين، لڪياري خاندان جو اهل علم شخص هو.

مير سيد صلاح الدين تي اولادي امير جو نالو ڪئين پيو.
مير صلاح الدين کي نرينه اولاد نه ٿيندو هو، ”شاھ صلاح الدين جنهن جي هٿ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي خدمت هئي، حضرت لعل شهباز جي درگاھ ۾ گهڻي التجا ڪيائين آخر ۾ حضور مان آواز ٻڌائين ته تنهنجو نالو شاھ صلاح الدين اولادي (گهڻي اولاد وارو) رکيوسين. ان ڏينهن کان وٺي ڪري، شاھ صلاح الدين کي اولاد بيشمار ٿيو. (6)
سيد صلاح الدين کي سيد ابراهيم جتي اولادي ٿيڻ لاءِ پڻ دعا ڪئي هئي ۽ پوءِ کيس گهڻو اولاد ٿيو (7)، ان کان پوءِ اولاد گهڻي هئڻ ڪر اولادي امير سڏجڻ لڳو، سندس مقبري واري جاءِ اولادي امير جي ڪافي سڏجي ٿي.
مير علي شير قانع تحفته الڪرام ۾ مير سيد صلاح الدين جي پشت بابت لکي ٿو ته،
سندس فرزند رشيد سيد پير شاھ پيءَ جي قائم مقامي ۽ درگاھ جي سجاده نشني سان سرفراز ٿيو. هو رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ڪندو هو. سياري خواھ اونهاري ۾ نفل جي سڀ ڪنهن ٻارهين رڪعت کان پوءِ نئون غسل فرمائيندو هو. سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي پر هن قبول نه ڪئي. نيٺ هو سندس خدمت ۾ آيو تنهن تي ٻين سيدن ۽ خادمن کيس ڏاڍي تڪليف سان ٻاهر ڪڍيو. ڏسڻ سان چيائين ته هن کان پوءِ دنيا ۾ رهڻ چڱائي نه آهي ۽ جلد ئي گذاري ويو. (8)

سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور ۽ سيوهڻ جون حالتون
”ميان يار محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ نورمحمد ڪلهوڙو پنهنجي علاقي جو 1131ھ ۾ حاڪم ٿي ويٺو، ۽ خداباد جي تخت گاھ واري حيثيت برقرار رکيائين. هندستان جو حاڪم رفيع الدول مغل ڪمزور بادشاھ هو. جنهن ذوالقعد 1131ھ 1719ع تي وفات ڪئي، 15 ذوالقعد 1131ھ 18 سيپٽمبر 1719ع تي روشن اختر محمد شاھ هندستان جي تخت جو وارث ٿيو. هن پنهنجي موت 1161ھ 1748ع تائين ڊگهو عرصو حڪومت هلائي ميان نور محمد پنهنجي جان نشينيءَ جو اطلاع دهلي درٻار تائين پهچايو ته:
هي (ميان نورمحمد) پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي فرمانبرداريءَ لاءِ تيار آهي. اطاعت ۽ فدا ڪاري جا واجبات پورا ڪري رهيو آهي. حڪمن جي جي پورائي لاءِ ڪوشان آهي. ايراني سرحدن جي قلعن، سبي، گنجابه ۽ ان کان سواءِ ٻين علائقن ۽ سيوستان جي لڪن جي نگهبانيءَ جا فرائَض ادا ڪري رهيو آهي. 1736ع ۾ سِبي، بکر ۽ سيوهڻ ڪلهوڙن جي حڪم هيٺ هئا، ٿوري عرصي ۾ ٺٽو حڪومت ۾ سندن حوالي ٿي. مخدوم دين محمد کي سيوستاني کي سيوهڻ جي فتويٰ ۽ قضا تي مقرر ڪيائين. 1143ھ 1730ع ڌاري مير غلام علي آزاد واقع نويس مقرر ٿي آيو. انهيءَ دور ۾ ظالم بادشاھ نادرشاھ سنڌ تي ڪاهي آيو. جنهن شهر اجاڙي ڇڏيا. ۽ سنڌ ملڪ 1152ھ 1739ع کان مغل سلطنت بجاءِ نادري بادشاھ (ايران) جو حصو بنيو، ميان نورمحمد جي بهتر رويي سبب نادر خان هن کي شاھ قلي خان جو لقب ڏنو. نادرشاھ جي وفات 1160ھ / 1747ع ۾ ٿي. ان بعد وري مغل سنڌ جا وارث ٿي ويٺا. سيوهڻ حڪومت ميان نورمحمد جي هٿ هيٺ رهي. جيڪو احمدشاھ ابداليءَ ميان نورمحمد کي شاھنواز خان لقب ڏنو ۽ وعدو ورتائين ته جيترو خراج نادشاھ کي ڏنو ويندو هو. اوترو خرچ هر سال قنڌار جي درٻار ۾ موڪلڻ گهرجي. ميان نورمحمد جي ٻن پٽن بروهين شهزادين سان شاديون ٿيون. ميان نورمحمد جيسلمير ۾ 12 صفر 1167ھ 9 ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي. (9)
معلوم ٿئي ٿو ته مير صلاح الدين جو فرزند سيد پير شاھ سنڌ جي نامياري حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور جو آهي. سندس والد سيد صلاح الدين شاھ نور محمد ڪلهوڙي جي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر جو هوندو يا ڪجهه سال اڳ جو سمجهڻ گهرجي. جنهن محققن لکيو آ ته قلندر لعل شهباز مير صلاح الدين گڏ آيو، انهن کان به غلطي ٿي آ جيڪا نظر اچي ٿي. ميان نورمحمد جي حڪومت 1131ھ شروع ٿي. قلندر لعل شهباز جي وفات 650ھ ۾ ٿي. اندازن 400 سالن جو فرق آهي. مير سيد صلاح الدين ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ حال حيات ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سندس پٽ پير شاھ ميان نور محمد جي دور ۾ حال حيات آهي. سيد صلاح الدين نيڪ بزرگ خدا جو ٻانهو، قلندر لعل شهباز خدمتگار. اهل علم هو.
مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هڪ راوي لکي ٿو ته سيد صلاح الدين کي اولاد لاءِ دعا ابراهيم جتي ستي ڪئي ٻيو لکي ٿو، قلندر لعل شهباز اشارتن حڪم ڪيو هو اولاد جو. ”مرشد جي وفات کان پوءِ قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي خدمت ڪندو هو“ (10)
تاريخي اعتبار کان ڏسجي ته قلندر لعل شهباز جي وفات مهل سيد صلاح الدين جو وجود ئي نه هو. ان شخص کي قلندر لعل شهباز گڏ ڪيئن ڏيکارجي ؟. مير سيد صلاح الدين جي مزار ڀرسان ٻه ٻيو مزارون به آهن، قياس آهي ته هڪ مزار سندس پٽ پيرشاھ ۽ ٻي مزار ڀائٽي جي ٿي سگهي ٿي. هن ٽنهي مزارن جي مٿان مقبرو آهي، پاسي ۾ (8) مزارون ٻيون به آهن جن مان هڪ سيد ولي محمد شاھ لڪياري ٻي سيد گل محمد شاھ لڪياري جي آهي. ٻيون مزارون سيدن جي خاندان جون چيون وڃن ٿيون. ٻه ٻيون مزارون جيجين جون آهن، اهي هاڻوڪي دور جون آهن، مير سيد صلاح الدين جو مقبرو قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي ويجهو اوڀر ۾ جامع اهلسنت مسجد جي ڀر ۾ آهي.
سيد صلاح الدين پنهنجي دور جو اهل علم، نيڪ درويش، صوفي، سچو سالڪ، قلندر لعل شهباز جو خدمت گار، خدا جو سخي ٻانهو هو. پير شاھ کانپوءِ سيد نور شاھ سيد حيدر شاھ، نظر شاھ، اسد شاھ به هن خاندان جا شخص هئا، جن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي پڻ ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن جون مزارون به مير صلاح الدين جي ڀرپاسي ۾ هجن.

سيد ولي محمد شاهه لڪياري

سيد ولي محمد شاهه لڪياري

سنڌ جي سرزمين تي ڪيئي نيڪ انسان، مدبر، درويش، زميندار، علم وارا پيدا ٿيندا رهيا آهن. اهڙن شخصن ۾ سيد ولي محمد شاھ لڪياري به هڪ هيو. شاھ صاحب جو جنم سيد محمد مراد جي گهر 1868ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. لڪياري ساداتن جي يعقوب پوٽي شاخ مان،سيد صلاح الدين شاھ جي اولاد ۾ هو. جو قلندر شهباز جي درگاھ جي سچي دل سان خدمت ڪرڻ ڪري، هر طرح نوازيل هو. کيس گهڻو اولاد هڪ طرف پيدا ٿيو ته ملڪيت به اڪيچار اچي وٽس ڪٺي ٿي، چڱي زمينداري، هٿ ڪري ويا سيوهڻ تعلقي ۽ آسپاس ۾ خاص اوج ۽ اثر حاصل ڪري ويا هئا. (11) سيد ولي محمد شاھ کي انگريزن جي دور ۾ وڏيون جاگيرون مليون هيون. ”سيوهڻ جي پسگردائي ۾ لڪياري ساداتن سان ڀرپور هوندي هئي. سائين ولي محمد شاھ قلندر لعل شهبازرح جو سجاده نشين به هيو ۽ سردار حبيب الله شاھ جي وفات بعد لڪيارين جو پڳدار به ليکيو ويندو هيو. ڏاڍو اثر ۽ ڌاڪو هيس. سيوهڻ جي وچ شهر ۾ هڪ ڪکائين اوطاق اندر ڪچهري ڪندو هو. قالين تي طول وهاڻن سان پٺي ٽيڪي ويهندو هو. مهمانداري ۽ مهمان نوازي ۾ سنڌ جي اعليٰ روايتن جو رکپال هو. پر خيال، سنڌي چوڻي وانگر ”بادشاهي“ هيس. (12)
”سيوهڻ- تعلقي جو هيڊڪوارٽر هو. اُتي سيد ميان ولي محمد شاھ قلندر لعل شهباز جي درگاھ سان واسطي هئڻ ڪري خاص حيثيت رکندو هو. ان ڪري هن سڀني تعلقي جي لڪياري سيدن کي ان جي اڳواڻي هيٺ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. اها سندس ڪوشش ذري گهٽ ڪامياب ٿي وئي.“ (13)
قلندر لعل شهباز جي خدمت هر روز، بناناغي، ٽيھه چاليھه ورهيه نهايت صداقت ۽ دل سان ڪندو رهيو. هر روز صبح جو پرھ ڦٽڻ کان اڳ موسم آهر، ٽي کان پنجين تائين اٿي درگاھ تي وڃي، پنهنجي هٿن سان ڪلف کولي، مزار جي صفائي ڪري نون گلن جي دستار پهرائي، دعائون گهري، سج اڀرڻ مهل ٻاهر نڪرندو هو. پر جي اتفاقاً بيمار ٿيندو هو ته به پاڻ کڻائي ويندو هو. درگاھ تي باوضو، صاف ڪپڙن سان، پوريءَ پابندي سان ورهين جا ورهيه هر روز وڃڻ ڪو معمولي ڪم نه هو. (14)

سيد ولي محمد شاھ ۽ سياست .
شاھ صاحب تعلقه لوڪل بورڊ جو صدر به رهيو هو. ”هڪ دفعي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ بطور اميدوار اٿي کڙو ٿيو. سامهون جي ايم سيد هو. سندس ڪاميابي جي بنھه اميد ڪانه هئي. پاڻ نه ووٽن لاءِ ڪنهن ڏانهن وڃڻ جي قابل هو، نه آئيني يا هنگامي سياست جي پرجهه پروڙ هئس. سيوهڻ کان ٻاهر نڪري ئي ڪونه ٿي سگهيو ڇو ته انهن ڏينهن جي رواج مطابق کيس هر صبح جو چئين بجي وڃي قلندر لعل سائين جي مقبري جو قلف کولڻو ۽ شام جو بند ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ئي سبب ڪري انگريز سرڪار به کيس عدالتن يا آفيسن ۾ حاضر ٿيڻ جي پابنديءَ کان قانوني طرح آجو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين حالتن ۾ سائين جو اليڪشن لڙڻ ۽ چونڊجڻ کان پوءِ ڪراچي رهڻ (سنڌ اڃان هاڻ بمبئي صوبي کان جدا ٿي هئي) قياس کان ٻاهر هو. پر سندس ڪن خليفن کي اليڪشن جي بهاني شايد (شيري ميري) ڪرڻ جو ارادو هو. تنهن ڪري خواھ مخواھ چاڙھ ڏئي کڻي سائينءَ کي بطور اميدوار بيهاريائون. جي ايم سيد نه ٿي گهريو ته اهڙو بزرگ اليڪش جي پيڙا ۾ اچي. يا سندس مقابلي ۾ هارائي پنهنجي سجاده جي گهٽتائي ڪري ويهجي. تنهنڪري هڪ وفد وٺي کيس هٿ کڻائڻ لاءِ التجا واسطي هليو. (آءٌ پير علي محمد راشدي) ان وفد ۾ شامل هوس. خوش خير عافيت بعد سائين ولي محمد شاھ احوال پڇيا. ملڪ سڪندر خان جو نومڙين جو سردار ۽ ڪوهستان جي علائقي جو مکيه ماڻهو هو ۽ اسان سان وفد ۾ شامل هو. اسان جي پاران احوال ڏنا. احوال ڏيندي ملڪ صاحب عرض ڪيس ته جي ايم سيد انگريزي ڄاڻي ٿو ۽ ڪائونسل جي ڪارروائي به انگريزي ۾ هلي ٿي. تنهن ڪري کيس چونڊي موڪلڻ ئي بهتر ٿيندو. سائين ولي محمد شاھ ڪاوڙجي پيو فرمايائين اوهين چئو ٿا ته جي ايم سيد انگريزي ڄاڻي ٿو. ڀلا هينئر ٻڌائي ته انگريزي ۾ ”ڦوسي“ کي ڇا چئبو آهي؟ جي ايم سيد کي بدبخت ”ڦوسيءَ“ جي انگريزي ڪانه آئي، ۽ سائين ولي محمد شاھ التجا کي رد ڪري ڇڏيو. پر سڀني کي ماني کارائي موٽائي ڇڏيو اليڪشن جو نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو نڪرڻو هو، جي ايم سيد کٽيو (15). ۽ سائين ولي محمد شاھ لڪياري هارايو.
سيد ولي محمد شاھ لڪياري وڏي هاڪ وارو ماڻهو هيو. وڏو جاگيردار هيو. سيوهڻ کان لڪي شاھ صدر تائين جاگيرون هيس. انگريز سرڪار جي خاص مهرباني هئس. قلندر لعل شهباز جو به سجاده نشين هيو. پنهنجي سادات برادري جو به اڳواڻ رهيو، چڱي هلت چلت وارو انسان هيو. پيري مريدي جام هيس. سياسي سماجي اڳواڻ هيو سنڌ جي مفڪر سائين جي ايم سيد سان سٺا لاڳاپا هئس. سائين جي ايم سيد سان اليڪشن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ 1937ع ۾ لڙيو. ان وقت عمر رسيده هيس اليڪشن لڙڻ مهل 69 سال عمر هيس.

اولاد ۽ وفات
وڏن شاهن جي گذاري وڃڻ پوءِ ساري آڪهه مان صرف ميان ولي محمد شاھ وڃي بچيو هو. باقي ٻين کي اولاد ڪونه ٿيو. اول ۾ هن کي به اولاد ڪونه هو، جنهن ڪري سندس سالي، ميان ناٿن شاھ جو فرزند، محمد وارث کي پٽ ڪري نپايائين. ليڪن آخري عمر ۾ خليفي محمد زمان عباسي جي نياڻي سان شادي ڪيائين.(16) مولوي عبدالغفور همايوني سندس معتقد هو. هو اهل الله وارو هو، جنهن الله رب العزت کان سيد صاحب جي لاءِ نرينه اولاد واسطي دعا گهري. (17) کيس پيري ۾ هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيد گل محمد شاھ لڪياري رکيائون. سيد ولي محمد شاھ 1357ھ مطابق 26 آڪٽوبر 1938ع تي وفات ڪئي، (سيد صلاح الدين اولادي امير) جي مقبري جي پاسي ۾ مدفن ڪيو ويو.

سيد گل محمد شاھه لڪياري

سيد گل محمد شاھه لڪياري

سيد گل محمد شاھ وڏي هاڪ وارو مڙس، پنهنجي والد سيد ولي محمد شاھ کان به اڳتي ويو. اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي ۽ پوشاڪ چوٽ چڙهيس هئس. سندس جنم 1338ھ 25 جون 1917ع ۾ سيوهڻ شريف ٿيو.
“گل محمد شاھ لڪيارن جو گل هو. اڃان وڃڻ جي ويل ڪانه هيس پر ڏاڍي جي سڏ کي ڪيئن موٽائي ها؟ سائين ولي محمد شاھ جو اڪيلو فرزند، پيءُ کان پوءِ جوانيءَ ۾ ئي قلندر لعل شهباز جو سجاده نشين بڻيو. سو به اهڙي سمي ۾ جڏهن اڃان قلندر تي اوقاف وارن جو قبضو ڪونه هو. هونءَ به وڏين درگاهن جا سجاده نشين اڃا (گهور جا ڏوڪڙ) ڪونه بڻيا ها. وڏي ٺٺ ٺانگر سان رهندا هئا. هت ته قلندر سائين جي درگاھ هئي، ان جو سجاده نشين سيد گل محمد شاھ جهڙو سهڻو جوان! (ڏاڍو عياش( ڏاڍو مهمان نواز ڏاڍو هٿ جو کليل، ڏاڍيءَ همٿ وارو ۽ پنهنجائي ۾ ڏاڍو غيرت وارو، ڏک سک ۾ پنهنجن کي هيڪلو نه ڇڏيندو، دوست ٿيو ته ڀيرو ڀڃندو، ڪٿي هڪل ٿي ته منهن نه موڙيندو“. (18)
سيد گل محمد شاھ لڪياري هڪ سخي انسان هو جيري لاءِ ٻڪري ڪُهندو هو. سندس دسترخوان تي سڄي ملڪ خصوصن سنڌ جا امير هر وقت موجود هوندا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڪيئي سياستدان سندس دوست هئا. (19)

سياست ۽ تعليم
ان زماني جي اميرن جي پٽن وانگر لکڻ پڙهڻ سان ڪانه پئي هئس. پر ان هوندي به ورهين جا وريهه سيوهڻ ميونسپالٽي ۽ دادو ضلعو لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽي هلائيندو رهيو. سنڌ اسميبلي جو ميمبر به ٿيو (20) اهڙن ڀلن ماڻهن کان به ڪي غلطيون ٿي وينديون آهن. سنڌ کي وڏو نقصان ڏيندڙ ون يونٽ هيو، افسوس جو گل محمدشاھ به ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
”ون يونٽ ٺهڻ وقت اسيمبلي جا ٽوٽل 110 ميمبر هئا، جن مان اٺ ميمبر غير حاضر يا حڪومت طرفان نظر بند ڪيا ويا هئا. 11 ڊسمبر 1954ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ 98 ميمبر ون يونٽ جي حق ۾ 4 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. (21) گل محمد شاھ به انهن 98 ميمبرن ۾ شامل هو. جن ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو.
”ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو ٻيو دوست آشنا وچ ۾ اميدوار بيهجي ويو ته پاڻ هٿ کڻي ان لاءِ جاءِ خالي ڪري ڏيندو هو. دوستن وٽان هر وقت گهمرو ڪندو رهندو. بي وقت در کڙڪيو ته سمجهو سائين گل محمد شاھ اچي ويو ٻه گهڙيون ويهندو ٻه ڍنگ ڳالهين جا ڪندو ۽ روانو ٿي ويندو. ڪنهن اليڪشن ۾ دوست يا مٽ مائٽ جو طرف ورتائين ته پٿر جو انسان بڻجي آنجهيءَ مانجهيءَ چوويھه ڪلاڪ پيو هلندو. ڪم دوست جو ٿيندو. (22) ۽ خرچ پنهنجو پيو ڪندو.
سيوهڻ جي هن مڙس مٿير جو ڪو جواب نه هو، ”سيوهڻ جي ريلوي لائن سان ڪو يار دوست ٽرين ۾ لانگهائو ٿيو ته سندس گهران قسما قسم مانيءَ جا ٿالهه ڀرجي اسٽيشن تي ايندا هئا. گهڻو ڪري ماني سان گڏ لانگهائو مهمانن سان ملڻ لاءِ به هليو ايندو هو. وڏي رسائي وارو مڙس هو، سندس خاطر انگريز جي ڏينهن جا ريلوي بابو به گاڏي سيوهڻ اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيندا هئا. جيستائين گل محمد شاھ موڪل نه ڏئي. تيستائين گارڊ جهنڊي نه ڏيکاريندو هو“. (23)
سيوهڻ جو بادشاھ ته قلندر آهي، پر بادشاھ جي باغ جو ”مور“ گل محمد هو، اڄ بادشاھ به موجود ۽ سندس باغ به، پر مور جنت ۾ پيو ٽلي (24) سيد گل محمد شاھ جي وفات 2 شعبان 1387ھ 1967ع تي حيدرآباد ۾ ٿي، کيس سيوهڻ والد جي پيرن ۾ (سيد صلاح الدين اولادي امير) جي ڪافي ۾ مدفن ڪيو ويو. کيس ٽي پٽ ٿيا؛
(1) سيد محمد مراد شاھ جنم 1934ع وفات 2015ع.
(2) سيد صادق شاھ معروف سيد حاجن شاھ، جنم 1947ع.
(3) سيد الله بخش شاھ جنم 1963ع
۽ 5 نياڻيون هيون. سندس وڏو پٽ سيد محمد مراد علي شاھ 6 مارچ 2015ع تي وفات ڪري چڪو آهي. ان کي سيد صلاح الدين شاھ جي ڪافي ۾ ٻاهرئين دروازي وٽ مدفون ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سيد حاجن شاھ ۽ سيد الله بخش شاھ حال حيات آهن.


مددي ڪتاب ۽ حوالو
(1) ٺٽوي مير علي شير قانع، ”تحفته الڪرام،“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع ص 299.
(2) ٺٽوي مير علي شير قانع، حوالو اڳ آيل آهي. ص 291
(3) سيوهاڻي ماستر محمد پريل سولنگي، گلزار قلندر، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد 1972ع ص 172
(4) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان ، مراد پبليڪشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 116
(5) ڀٽو عنايت الله، ”شان قلندر“، الشهباز پبلشر فوٽو اسٽيٽ سيوهڻ شريف، 2013ع ص 97
(6) سيوهاڻي ماستر محمد پريل سولنگي، حوالو اڳ آيل آهي. ص 173
(7) ڀٽو عنايت الله، شان قلندر، حوالو اڳ آيل آهي. ص 97
(8) ٺٽوي مير علي شير قانع، حوالو اڳ آيل آهي. ص 291
(9) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ”سيوهڻ صدين کان“، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 295
(10) ڀٽو عنايت الله، ”شان قلندر“، حوالو اڳ آيل آهي. ص 97
(11) سيد جي ايم، جنب گذاريم جن سين، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع ص 497.
(12) راشدي پير علي محمد، اُهي ڏينهن اُهي شينهن، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع ص 497
(13) سيد جي ايم، جنب گذاريم جن سين، حوالو اڳ آيل آهي. ص 502
(14) سيد جي ايم، جنب گذاريم جن سين، حوالو اڳ آيل آهي. ص 498
(15) راشدي پير علي محمد، اُهي ڏينهن اهي شينهن، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2010ع ص 354-355
(16) سيد جي ايم، جنب گذاريم جن سين، حوالو اڳ آيل آهي. ص 497
(17) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 384
(18) راشدي پير علي محمد ”اُهي ڏينهن اهي شينهن“ حوالو اڳ آيل آهي. 377
(19) مغل آفتاب رضا قاضي، سيوستان کان سيوهڻ تائين“ اداره شهباز حيدرآباد 2015ع ص 251
(20) راشدي پير علي محمد راشدي اُهي ڏينهن اُهي شينهن حوالو اڳ آيل آهي. 377
(21) سنڌي يوسف ”هڪ سنڌ ٻه نظام“ سچائي اشاعت گهر دڙو 2013ع ص 272
(22) راشدي پير علي محمد، حوالو اڳ آيل آهي. ص 377
(23) راشدي پير علي محمد، حوالو اڳ آيل آهي. ص 377
(24) راشدي پير علي محمد، حوالو اڳ آيل آهي. ص 377

شيخ عبدالرزاق جيلاني ”سخي پاڻ سلطان“

شيخ عبدالرزاق جيلاني ”سخي پاڻ سلطان“

حضرت سخي پاڻ سلطان جو اصل نالو حضرت شيخ عبدالرزاق جيلاني هو. پاڻ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني ”ثاني“ جا فرزند آهن. شيخ عبدالقادر جيلاني ثاني، جي والد جو نالو حضرت شيخ حسن جيلاني المعروف شيخ محمد حسيني هو، جيڪي پيرن پير حضرت سيد عبدالقادر جيلانيرح جا فرزند هيا، حضرت شيخ عبدالرزاق جيلاني سخي پاڻ سلطان ڏهين صدي هجري جي شروعاتي دور ۾ سيوهڻ ۾ آيا1.
سيوهڻ ۾ هن وقت سخي پاڻ سلطان جي نالي سان پورو محلو آهي. سخي پاڻ سلطانرح جي ڪري، هن محلي تي اُهو نالو پئجي ويو آهي. جڏهن ته سندس اصل نالي کان گهٽ ماڻهو واقف آهن. جڏهن سخي پاڻ سلطان نالو مشهور آهي. سخي پاڻ سلطان جو 7-8-9 ذوالحج تي ميلو لڳايو ويندو آهي.
سخي پاڻ سلطان پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا عالم دين هيا، ۽ صاحب ڪرامت هئا. اڪثر سخاوت تمام گهڻي ڪندا هئا. سخاوت جي شاهانه انداز ڪري کين سخي پاڻ سلطان سڏيو وڃي ٿو. سندن آستاني تي هيمشه سرد و سماع جون محفلون ٿينديون هيون، سندن محفلن ۾ فقراءَ توڙِي وقت جا امراءِ شريڪ ٿيندا هئا2.
سخي پاڻ سلطان جو مقبرو سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي ڏکڻ ۾ شهر ۾ موجود آهي. سندن مقبري ۾ اڪيلي مزار آهي، مقبرو ويجهڙائي دور جو ٺهيل آهي. سخي پاڻ سلطان جي مقبري ڀرسان هڪ ٻيو مقبرو به آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته، هي فقير سخي پاڻ سلطان جو مريد هيو، اصل وڏا ان جا انڊيا جا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي لڏي آيا. سيد مشتاق احمد چشتي3، وصيت ڪئي هئي، جي منهنجو موت ٿي پئي ته مونکي سيوهڻ ۾ دفنايو وڃي. سيد مشتاق احمد جو روڊ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو زخمن جا سور نه سهندي وصال پاتائين،سندس ڪراچي جي هڪ قبرستان ۾ مدفون ڪيو ويو، سيوهڻ ۾ تبرڪ طور سيد مشتاق احمد جا ڪپڙا ۽ هڪ آڱر مدفون ڪري مزار ٺاهي وئي آهي، ان مٿان مقبرو به ٺهيل آهي. سندس مزار مبارڪ تي هي ڪتبو لکيل آهي.
سيد مشتاق احمد چشتي
ولد سيد حافظ احمد حسين چشتي
وفات 27 رمضان 1391ھ
7 نومبر 1971.
سخي پاڻ سلطان جي مقبري جي احاطي ۾ ڪيتريون ئي ٻيون مزارون به آهن.

معصوم شيخ محمود ۽ شيخ احمد (پير پوٽا)

معصوم شيخ محمود ۽ شيخ احمد (پير پوٽا)

هن درگاھ جي چوڌاري قبرستان آهي، سنڌ جي ناليواري بزرگ سبزواري سيدن جي وڏي سيد ميرڪلان جي مقبري جي اولهه ۾ هي مقبرو موجود آهي.
شيخ محمود ۽ شيخ احمد جون ننڍيون مزارون آهن، جئين ٻارن جو عام مزارون ننڍيون هونديون آهن. ان ڪري هنن کي ”معصوم“ سڏيو وڃي ٿو. معصوم جي نالي سان سيوهڻ ۾ محلو آهي، ڀرپاسي جا رهواسي ۽ پاڻ کي معصومن جا رهائشي سڏائيندا آهن.
”هنن معصومن لاءِ روايت ملي ٿي ته هي معصوم پنهنجي پيءَ سان گڏ تبليغ لاءِ هتي آيا هئا، پر ڪافرن هٿان شهيد ٿي ويا، هي قادري طريقي سان واسطو رکن ٿا جنهن جي ڪري قادري طريقي سان واسطو رکندڙ اڪثر ماڻهو هن درگاھ جا مريد آهن. هيءَ درگاھ مغليه اڏاوت جو شاهڪار آهي“1.
چيو وڃي ٿو ته هي ٻئي ڀائر آهن، سيد عبدالقادر جيلاني بغدادي جي خاندان جا چيا وڃن ٿا. معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هي ڪهڙي دور ۾ سيوهڻ آيا؟ والد صاحب جو نالو ڇا هو؟ ننڍڙا معصوم هئا؟ ڪنهن ڪتاب يا ڪنهن وٽان معلومات نه ملي سگهي آهي، شيخ محمود ۽ شيخ احمد جي احاطي ۾ ڪيتريون ئي ٻيون مزارون به آهن.

سيد عبدالله شاھه علوي

سيد عبدالله شاھه علوي

هي بزرگ به قلندر لعل شهباز جو طالب هو. ابدالن واري ڪافي انهي بزرگ جي نالي سان مشهور آهي. ڪافيءَ ۾ لعل سائينءَ جي روٽ پچائڻ وارو رواج آهي(1). هيءَ ڪافي چهل ابدال ڪافي به سڏجي ٿي. جڏهن ته ابدال سبزواري سيد آهن. جڏهن ته عبدالله شاھ علوي، سبزواري ناهي. روايت آهي ته هي بزرگ به قلندر لعل شهباز جي دور جو آهي. ليڪن ان ڳالهه ۾ ڪا صداقت نظر نه ٿي اچي. ڪو پختو احوال نه ملي سگهيو آهي. جنهن تي اعتبار کڻي ڪجي. سيد عبدالله شاھ علوي جي مزار چهل ابدال ڪافي ۾ موجود آهي.

سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي

سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي
(مير ڪلان ۽ سندس خاندان جو احوال)

سيد مير ڪلان ڪربلا جي عظيم القدر ساداتن مان آهي، سندن وڏا انهيءَ مبارڪ سرزمين کان آيل هئا، سيد ميرڪلان جڏهن قنڌار پهتو تڏهن مير شير قلندر جنهن جون ڪرامتون ۽ مناقب مشهور آهن. جنهن جي مزار قنڌار کان ٽي فرسخ (9ميل) الهندي طرف اشڪلچه ۾ آهي، اتان سندس لنگهڻ ٿيو، سنڌ جي فتح کان پوءِ ميرڪلان قنڌار کان سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، سيوستان (سيوهڻ) جي پسگردائي ۾ رهجي پيو ۽ گهڻو ڪري قدوت الواصلين مخدوم شهباز قلندر جي مزار پُر انوار تي گذاريندو هو. زهد ۽ عبادت ۾ سندس مٽ ڪونه هو. فقيرن ۽ مسڪين جي ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ پٺيان گهڻو ئي اولاد ڇڏيائين. (1)
مير ڪلان پهريائين سيوهڻ جي پسگردائي (کبڙوٺ) نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. لعل سائين سان لاڳاپي جي ڪري درگاھ جي گاديءَ ۾ سندس اولاد جو حصو رهيو. (2)
سيد صاحب ڪربلا جا رهاڪو هئا. اتان لڏي اچي قنڌار ۾ رهيا. مرزا شاھ بيگ جو سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ آيا ۽ سيوستان جي ڀرسان اچي رهڻ لڳا. سندن گهڻو وقت حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي گذرندو هو. عبادت ۽ پرهيزگاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. (3)
سيد مير ڪلان امن پسند، صلح پسند، نيڪ بزرگ، امين ۽ صادق هيو، ديندار، نيڪ دار، پرهيزگار، پنهنجي دور جو هڪ بهترين شخص هيو. پنهنجي عبادتن سان گڏ سياسي، سماجي ڀلائي جي ڪم حصو وٺندو هيو. (4) مير ڪلان جو شجرو هن ريت ملي ٿو:
سيد مير ڪلان ولد سيد ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر ولد سيد مغفور، ولد سيد محمد ولد علي، ولد ابي طالب محمد ولد علي، ولد هيبت الله ولد ثعلب، ولد محمد ولد علي، ولد احمد ولد حسن محمد ولد ابراهيم ولد محمد، ولد موسيٰ ڪاظم، ولد جعفر صادق، ولد محمد باقر، ولد امام زين العابدين ولد حضرت سيدنا حسين ولد علي رضه ولد ابي طالب.(5)
مير ڪلان سيد بابا ابراهيم ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر،ولد سيد مغفور، ولد سيد محمد، ولد سيد علي، ولد سيد ابي طالب، ولد سيد محمد، ولد سيد علي، سيد هيبر الله ولد يعلب، ولد سيد محمد ولد سيد احمد، ولد سيد ولي، ولد سيد محمد حسن، ولد سيد محمد ابراهيم ولد سيد امام موسيٰ ڪاظم . (6)
ميرڪلان شاھ ولد سيد ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر ولد سيد مغفور ولد سيد محمد، ولد سيد علي، ولد سيد هيبر الله ولد سيد يعلب، ولد سيد محمد (محمد علي) ولد سيد احمد ولد محمد حسن ولد سيد ابراهيم ولد سيد امام موسيٰ ڪاظم. (7)
ٽنهي شجرن ۾ گهٽ وڌائي نظر اچي ٿي، پير حسام الدين (محمد) کي حضرت موسيٰ ڪاظم جو پٽ ڄاڻايو آهي. الشهباز واري ۽ شجرو سادات مروندي سبزواري ۾ ابراهيم کي حضرت موسيٰ ڪاظم جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي.

سيد مير ڪلان جو سڀ کان پهرين ڪتاب ۾ احوال
سيد مير ڪلان جو سڀ کان پهريون احوال سنڌ جي اهم تاريخي ڪتاب، تاريخ معصومي ۾ موجود آهي. تحفته الڪرام واري ليکڪ ۽ ٻين سڀن محققن ان ڪتاب تان احوال کنيو آهي. ان کان پهرين مير ڪلان جو احوال ڪنهن به ڪتاب مان نه ٿو ملي. مير معصوم بکري واري تاريخ معصومي ۾ سيد مير ڪلان جو ذڪر ڪيو . مير محمد معصوم بکري جي والد سيد صفائي، شادي مير ڪلان جي نياڻي سان ڪئي هئي، خانداني حوالي سان مير معصوم بکري وارو، سيد مير ڪلان جو ڏوهٽو ٿئي. مير محمد معصوم بکري 7 رمضان المبارڪ سومر ڏينهن 944ھ (1543) ۾ پيدا ٿيو. وفات 1014ھ. مير معصوم ’تاريخ سنڌ‘ عرف ’تاريخ معصومي‘ 1009ھ ڌاري لڳ ڀڳ لکي آهي. سيوهڻ شريف مير معصوم جو ناناڻو شهر آهي.

سيد مير ڪلان جي شخصيت
”سيد مير ڪلان فضيلت، زهد ۽ تقويٰ جي ڪري بي نظير هو، مسڪينن فقيرن ۽ دل وارن لاءِ سندس دل ۾ بي انتها ڪاڍو هيو. انهي پرهيز گاري، فقير دوستي ۽ مسڪين نوازيءَ هنن نون ماڳن ۾ کيس جلد ئي اهڙي ريت مقبول ۽ مشهور ڪري ڇڏيو سندس اوطاق اوڙِي پاڙي جي ڏکويل ۽ آزايل انسان لاءِ مرڪز ۽ مرجع ٿي ويئي. (8)
سيد مير ڪلان پنهنجي دور جو نيڪ انسان، بزرگ، سچو، محبت ڏيڻ وارو شخص هو، جنهن پنهنجي دور ۾ وڏي عزت ۽ نالو ماڻيو، سندس واسطا اميرن، نوابن، نيڪ ٻانهن سان هئا.

سيد مير ڪلان جي دور جا حڪمران ۽ سياسي حالتون
شاھ بيگ ارغون شاھ حسن ارغون 896ھ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان (اول) مير معصوم بکريءَ، تاريخ معصومي ۾ سيد مير ڪلان کي شاھ حسن ارغون جو همعصر لکيو آهي. جيڪا هڪ حقيقت آهي. مرزا شاھ حسن ارغون مرزا شاھ بيگ جو فرزند ارجمند هئو. مرزا شاھ حسن ارغون 12 ربيع الاول 962ھ 1555ع تي وفات ڪئي. 34 سال حڪومت ڪيائين. مير محمد معصوم بکري حڪمران شاھ حسن ارغون ڪجهه ديني علم سيوهڻ جي مشهور عالم قاضي ڏتي سيوهاڻي جي مدرسي ۾ پڙهيا هئا. اهو ذڪر مير محمد معصوم پاڻ تاريخ معصومي ۾ لکيو آهي، ان وقت مير ڪلان زندھ هو، شاھ حسن ارغون ۽ سيد مير ڪلان همعصر هئا.
”همايون بادشاھ جمادي الاول 948ھ 1541ع ۾ بکرجي مهم يادگار ناصر مرزا جي حوالي ڪري پاڻ سيوستان تي اچي ڪاھ ڪيائين، قلعي جي جاين جڳهن کي اڳ ۾ ئي شاھ حسن برباد ڪري ڇڏيو هو. سو همايوني قلعي جو گهيرو ڪيو ويٺو رهيو. اها خبر جڏهن شاھ حسن کي پئي ته ”سن“ آيو ۽ کاهي کوٽي ٻيڙيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين.
مير عليڪا، شاھ حسن جي حڪم سان سيوستان پهتو ۽ ڪنهن طريقي سان قلعي اندر داخل ٿي ويو. جڏهن همايون کي ان جي خبر پئي ته قلعي ۾ کاٽ هڻن جو حڪم ڏنائين. سپاهين انهيءَ مهل هڪڙي ڀت ڪيرائي وڌي پر قلعي وارن مڙسي ڪري وري جلدي ٺاهي ورتي. جنهن سان همايون جا حوصلا پست ٿي ويا (9). شاھ حسن جي هوشياري ڪري همايون بادشاھ سيوهڻ جي قلعي تي قبضو نه ڪري سگهيو ۽ واپس موٽي ويو. شاھ حسن جي وفات کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان سنڌ جي واڳ سنڀالي.
مرزا شاھ حسن جي وفات کان پوءِ سندس پويون وقت ڏسي لا ولد مرڻ سبب ٻن اميرن، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ سنڌ جي قبضي ڪرڻ لاءِ سخت اختلاف پيدا ٿيا. (10)
”سلطان محمود به هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي لاءِ تيار ٿي آيو. طرفين ۾ جنگ ٿي. ٻه ٽي دفعا جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ طرفين جا سپاهي قتل ٿيا. سلطان محمود کي جڏهن مقابلي جي باقي طاقت نه رهي تڏهن هو بکر جي قلعي ۾ قلع بند ٿي ويٺو ۽ هوڏانهن مرزا عيسيٰ ترخان قلعي کي مضبوط گهيرو ڪري، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو جنهن سان قلعي ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۾ مشڪل ۽ خلل پيا. لاچار سلطان محمود، مير معصوم بکري جي ناني سيد مير ڪلان کي مرزا عيسيٰ ترخان ڏي موڪليو. جنهن کيس حقوق آشنائي، دوستي ۽ اخلاص کان آگاھ ڪري التماس ڪيو ته بکر سلطان محمود کي ڏي، جو هندستان جي سرحد تي واقع آهي ۽ حقيقت ۾ آهي به هن جو، باقي سيوستان ماتحت نوڪرن ۽ رشتي دارن سميت مرزا عيسيٰ ترخان جو آهي*. (11)
اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جو ٺاھ سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي ڪرايو هو. جنهن سان علائقي ۾ امن رهيو نه ته جنگ ۽ تڪرار ۾ ڪيئي جانيون ضايع ٿين ها. ڪيئي خاندان برباد ٿين ها.
ٿي سگهي ٿو سيد مير ڪلان سبزواري کٻڙوٺي ڪي ٻيا به صلح ڪرايا هجن پر وڌيڪ ڪو (ٺاهن) جو احوال نه ملي سگهيو آهي، ليڪن سيد مير ڪلان سيوهاڻي، امن پسند انسان هيو. چڱائي هن جو پيشو هيو. ضرور ڪي ٻيا به صلح (ٺاھ) ڪيا هوندائين. ان دور جي حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته جنگيون، تڪرار، ظلم حڪمران جا پاڻ ۾ اڪثر رهيا آهن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا ظلم به ڪندا هئا. پر سيد مير ڪلان سيوهاڻي جو ڪردار صاف، سچو، خدا جي نيڪ ٻانهي وارو آهي، جيڪو هميشه امن ۽ محبت، چاهيندو هو.

سيد مير ڪلان جو اولاد
سيد برڪو (برڪ)
سيد محمد
سيد محمود
سيد طالب . (12)
سيدحسام الدين راشديءَ مير معصوم بکري واري ڪتاب ۾ سيد مير ڪلان جي وڏي پٽ جو نالو بَرڪو لکيو آهي. جڏهن ته شجره سادات مروندي سبزواري ۾ (برڪ) لکيل آهي. جڏهن ته ابدالن واري شجري ۾ برڪت لکيل آهي. اهو شخص هڪڙو ئي آهي، جنهن جو نالو (برڪو) ئي آهي. سيد مير ڪلان سيوهاڻي کي پهرئين پٽ مان ڪو اولاد نه ٿيو.
سيد مير ڪلان سيوهاڻي کي ٽنهي پٽن مان گهڻو اولاد ٿيو، جيڪو وڌندو رهيو، هن وقت تائين سيوهڻ ۾ چار خاندان سيد مير ڪلان جي خاندان مان آهن ڪجهه ٻيا به گهر آهن، جيڪي چون ٿا اسان به سيد مير ڪلان جي اولاد مان آهيون.
سيد مير ڪلان جي ٻئي نمبر پٽ سيد محمد مان هن وقت هڪڙا کٽ ڌڻي ۽ ٻيا ابدال سڏائن ٿا.
ٽئي نمبر پٽ سيد محمود مان سيد حاجي موٽيل شاھ سبزواري جو خاندان آهي. جن وٽ شجرو سادات مروندي سبزواري موجود آهي.
چوٿين نمبر پٽ سيد طالب مان سيد وريل شاھ سبزواري جو خاندان موجود آهي.

ڳوٺ تي کٻڙوٺ جو نالو ڪيئن پيو
سيد مير ڪلان سيوهاڻي هڪ گهاٽي کٻڙ هيٺان عبادت ڪندو هيو. اتي ٻيا به ڪجهه گهاٽا کٻڙ هوندا هيا. کٻڙ هڪ گهاٽي وڻ جو قسم آهي جنهن ۾ سنهيون سنهيون ٽاريون ٽاريون ٿينديون آهن. هن ۾ پن به گهڻا ٿيندا آهن. اڪثر اُس کان بچڻ لاءِ ماڻهو هن وڻ جي هيٺان ويهندا آهن، ڳوٺ (کٻڙوٺ) تعلقو سيوهڻ ۾ منڇر جي ويجهو سيوهڻ شهر جي اتر اولهه ۾ هن وقت به موجود آهي. کٻڙن جي ڪري ڳوٺ جو نالو کٻڙوٺ پيو ۽ ڳوٺ جا رهاڪو کٻڙوٺي سڏجڻ لڳا.

سيد مير ڪلان جي وفات
”مير معصوم پنهنجي تاريخ 1009ھ جي آسپاس لکي پوري ڪئي آهي. مير ڪلان جي سلسلي ۾ سندس لکيل عبارت مان اندازو ٿئي ٿو ته ترخانن جي دور ۾ مير موصوف انتقال ڪيو هوندو. قياس آهي ته مير ڪلان عيسيٰ ترخان جي آخري سالن (962-973ھ ۾ لاڏاڻو ڪيل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته ميرزا عيسيٰ جي اولاد ۾ جيڪو جنگ و جدل ٿيو، يا مرزا باقي پنهنجن خواھ پروان مٿان مامرا مچايا ۽ خون خرابا ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ مير ڪلان جو ڪِٿي به نالو ڪونه آيو آهي“. (13)
سيد مير ڪلان جو مقبرو ۽ قبرستان
سيد مير ڪلان جو مقبرو سيوهڻ شهر ۾ پير پوٽن جي قبرستان ۾ موجود آهي، هن مقام کي سبزواري سيدن جو قبرستان به چوندا آهن. ان جي پاسي ۾ معصومن جو قبرستان به موجود آهي. سيد مير ڪلان جو مقبرو پهرين ڊهيل هوندهو هو، هن وقت سيد آصف علي شاھ سبزواري مير ڪلان جو مقبرو ٻيهر تعمير ڪرايو آهي. سيد مير ڪلان جي ٿوري مفاصلي تي 6 مقبرا ٻيا به آهن جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور جا چئي سگهجن ٿا. وڌيڪ احوال هن نقشي ۾ ڏنو ويو آهي.

نتيجو
سيد مير ڪلان قلندر لعل شهبازرح سان گڏ نه آيو هئو جن به ڪتابن اهو لکيو آهي ته سيد مير ڪلان لعل شهباز سان گڏ آيو هئو انهن کان ڀل ٿي آهي. انهن ليکڪن ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ته انهن اهو حوالو ڪٿان ورتو آهي. رڳو ڌڪن کان ڪم ورتو اٿن، جڏهن ته سڀ کان اول احوال تاريخ معصومي ۾ موجود آهي، اهو ليک مير معصوم جو ڏهٽو ٿئي. مير معصوم لکي ٿو ته سيد مير ڪلان مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود جو (ٺاھ) ڪرايو. جڏهن ته قلندر لعل شهباز جي وفات 650ھ ۾ ٿي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت 962ھ کان 973ھ تائين رهي. جڏهن ته قلندر جي وفات 673ع آهي. هاڻ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مير ڪلان قلندر لعل شهباز کان گهڻو پوءِ سنڌ ۾ آيو.
سيد مير ڪلان جي شخصيت ايمانداري، سچائي، نيڪ بزرگ واري آهي. صلح پسند، امن ۽ پيار جو پيروڪار هو، قلندر لعل شهباز جو وڏو عقيدت مند هو، نيڪ نمازي صوم صلوات ۽ عبادت جو پابند هو، سندس (ٺاهن) ڪري ڪيئي جانيون بچيون هيون، ڪيئي گهر بربادي کان بچي ويا هئا. آخري وقت ۾ سيوهڻ اچي وسايائين. سندس خاندان هن وقت تائين قلندر لعل شهباز جا خادمين آهن. سندس جي شخصيت سياسي ۽ سماجي ۽ درويش واري هئي.

حوالا ۽ مددي ڪتاب
1. بکري ميرمحمد معصوم، ”تاريخي معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2006ع ص 192
2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”حضرت لعل شهباز قلندر“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع ص 200
3. قدوسي اعجاز الحق، سنڌ جي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي 2017ع ص 274
4. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ”سيوهڻ صدين کان“، مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع ص 115
5. راشدي سيد حسام الدين، مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ص 37
6. سيوهاڻي جليل الشهباز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع ص 37
7. ”شجره سادات مروندي سبزواري“، خانداني شجرو.
8. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 33-32
9. قدوسي اعجاز الحق، سنڌ جي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي 2017ع ص 264
10. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 33
11. ٺٽوي سيد مير محمد بن جلال، ”ترخان نامو“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 63
12. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 36
13. راشدي سيد حسام الدين، ميرمحمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 35

سيد ڀورا بادل شير

سيد ڀورا بادل شير

”سيوهڻ صدين کان ولين درويشن جو ديرو رهيو آهي. هن سرزمين ۾ جتي سلطان اولياءَ حضرت قلندر شهبازرح آرامي آهن، اتي سندن کان اڳ توڙي سندن دور جا همعصر ۽ پوءِ جا سچا سالڪ به مدفون به آهن. انهن سچن سالڪن ۾ کانئن فيض حاصل ڪندڙ ۽ قلندري رنگ ۾ رنگيل فقيراڻي سالڪ حضرت ڀورا بادل شير جو شمار سندن پيارن ۾ ٿئي ٿو“1. ”سيد ڀورا بادل شير ميرڪلان جي فرزند محمد جي خاندان مان ڪامل فقير ٿي گذريو آهي“2. افغانستان جي علائقي قنڌار کان آيل هن درويش جو واسطو قنڌار جي وڏي درگاھ بابا شير قلندر سان به هو3. ڀورا بادل شير جي حوالي سان هي چوڻي سيوهڻ ۾ مشهور آهي:
”ڀورا بادل شير، دشمن نون ڏنڊا ڦير“

سيد ڀورا بادل شير کي کٽ ڌڻي جو لقب ڪيئن مليو
ڀوري بادل شير جو خاندان هن وقت تائين کٽ ڌڻي سڏرائيندو آهي. ”هي درويش طالبي قبولي قلندر لعل شهباز جي روضي جي اوڀر واري دروازي کان سامهون ’سر‘ تي ويهي رياضت الاهي ڪندو هو. هڪ دفعي ”اولادي“ جي خاندان جي هڪ شخص ٿڏو هڻي اها سر ڪڍي ورتي ۽ چيائين ته اسان جي مرشد جي اڳيان سر تي ڇو ويٺو آهين. ان کان پوءِ شاھ اولادي جي گادي نشين کي لعل سائين طرفان روحاني حڪم ٿيو ته ان گستاخي جي ڪري بادل شير کي کٽ ٺهرائي ڏني وڃي، ان درويش، فقير کي کٽ ٺهرائي ڏني وئي. سر جي بجاءِ کٽ تي ويهي طالبيءَ جي سڪ پوري ڪندو هيو4. ان کان پوءِ هي سيد کٽ ڌڻي سڏجڻ لڳا.
سيد ڀورو بادل شير سير سياحت ڪرڻ وارو شخص نظر اچي ٿو. ملتان، انڊيا، قنڌار ۽ ٻين جاين جا ديدار نصيب ٿيس. خانداني مرشد شير قلندر قنڌاري هئس. سندس کي ڪافي لقبن سان سڏيو ويندو آهي. جن ۾ ”شيربادشاھ“ ”ڀورا بادشاھ“ بادل شير وغيره مشهور آهن، هي اهل الله شخص نيڪ بزرگ خدا جو ٻانهو هيو، ۽ قلندر لعل شهباز جو سچو سالڪ هو.
”سخي ڀورا بادل شير سنڌ جي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور جو آهي(5)5. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وفات 1130ھ آهي. ڀورا بادل شير جي مزارقلندر لعل شهباز جي دروازي جي اوڀر ڏکڻ واقع آهي. هن وقت ڀورا بادل شير سان 2 مزارون ٻيون به آهن (1). موج درياءَ شاھ (غلام نبي شاھ اول) ٻيو خضر علي شاھُ، ٽي ٻيون مزارون ٿوري مفاصلي تي آهن جي ويجهڙ واري دور جون آهن.
سيد معدن درياءَ شاھ ولد موج درياءِ شاھ 4 جنوري 1985ع تي وفات ڪيائين معدن درياءَ شاھ کي ٽي پٽ هئا. سيد موج درياءُ شاھ ثاني وفات 1996ع، سيد غلام نبي شاھ ثاني جي وفات 2002ع. جڏهن ته سندس ڀاءُ حسن درياءَ شاھ جي وفات 2015ع تي ٿي آهي.

نتيجو
سيد ڀورا بادل شير پنهنجي دور جو هڪ نيڪ بزرگ هو. سيد مير ڪلان جي پٽ محمد جي اولاد مان آهي. افغانستان کان نه آيو آهي. ليڪن سير سياحت جو شوقين رهيو آ. ملتان، انڊيا، قنڌار سياحت لاءِ ويو آهي. محترم نظير حيات سيوهاڻي پنهنجي مقالي ۾ حوالو ڪونه ڏنو آهي ته هن اهو احوال ڪٿان ورتو آهي ته ڀورا بادشاھ افغانستان کان آيو آهي. بنا حوالي جي اهو احوال رد ڪري سگهجي ٿو.
نوٽ
سيد حاڪم علي شاھ،سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ڇپائيندڙ سنڌ لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2017ع جي پيج 295 تي لکيو آهي ته مير ڪلان جي قبرستان ۾ ڀورا بادل شير جو روضو آهي. اها سائين جن کان ڀل ٿي آهي. مير ڪلان جو قبرستان ۾ ڀورابادل شير جو مقبرو نه آهي، ڀورا بادل شير جو مقبرو درگاھ قلندر لعل شهباز جي دروازي وٽ موجود آهي. (مير حاجن مير)

سيد نهال شاھه نوري سبزواري

سيد نهال شاھه نوري سبزواري

”کاٻڙوٺي جي سيدن مان آهي، جو سيوهڻ سان تعلق رکندڙ هڪ ڳوٺ آهي. اصلي متولي شيخن کان زبردستي مخدوم عليه رحه درگاھ جي سجاد نشينيءَ جو مالڪ ٿيو. پير جي گهڻي فيض سبب مٿي ذڪر ڪيل لڪ علوي سيد جي اولاد جي سجاده نشينن کان وڌي ويو، ۽ درگاھ جي دروازي جي ٻاهران تخت تي ويهڻ جي خصوصيت عطا ٿيس“(1)، ”سندس مٿان وڏو مقبرو اڏيل آهي“ (2)، جيڪو هن وقت زبون واري حالت ۾ آهي. سيد نهال شاھ نوري سيد مير ڪلان جي خاندان مان آهي. ”سبزواي کاٻڙوٺي سيدن مان هي پهريون قلندر لعل شهباز جو سجاده نشين هو“ (3). سيد نهال شاھ نوري ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو قلندر لعل شهباز جي مقبري جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود چوديواري کان ٻاهران ڀر ۾ آهي.

حوالا
1. علي شير قانع ٺٽوي تحفته الڪرام سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع ص 290.
2. ٻرڙو خير محمد سيوهاڻي ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 308
نوٽ
درگاھ جي ٻاهران ويهڻ واري خصوصيت هن وقت ختم آهي.

سيد ڏاڏو بيگن شاھه سبزواري

سيد ڏاڏو بيگن شاھه سبزواري

سيد نهال شاھ نوري ۽ ڏاڏو بيگن شاھ سبزواري به مير ڪلان جي خاندان مان ٿي گذريا آهن1. سيد ڏاڏي بيگن شاھ جي مزار قلندر لعل شهباز تي ويندڙ رستي پراڻي گيٽ واري پاسي اوڀر ڏکڻ ۾ قديمي سيد، سيد مظفر علي شاھ سبزواري جي گهر جي اولهه ۾ (چوڪ وٽ) آهي. هي درويش ميرن جي دور جو ٿي سگهي ٿو، ليڪن پڪو احوال ڪٿان معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ڏاڏي بيگن شاھ سبزواري جي مٿان پهرين مزار مبارڪ ڪانه هئي. هاڻ ڪجهه سال ٿيا آهن ته هن مزار جي مٿان پاڙي جي مختلف برادرين گڏجي مقبرو ٺهرايو آهي. هن مقالي لکندڙ پنهنجي اکين سان مقبرو ٺهندي ڏٺو. مقبري جي ٺهڻ کي پنج سال کن ٿيا آهن. سبزوارين جي شجري ۾ به ”بيگن شاھ“ جو نالو موجود آهي.

سيد غضنفر علي شاھه معروف (غازن شاھه) کٽ ڌڻي

سيد غضنفر علي شاھه معروف (غازن شاھه) کٽ ڌڻي

سيد غضنفر علي شاھ ولد غلام علي شاھ جي گهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندن کي هڪ پٽ هيو جيڪو 17-18 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته سندن ٻيو ڪو اولاد ڪونه هو. سيد غضنفر علي شاھ ڀورا بادل شير جي خاندان مان آهي. سندس مقبرو سيوهڻ ۾ سبزواري محلي جي وچ ۾ آهي. ڪيئي مريد، فقير، سالڪ ايندا رهن ٿا زيارت ڪن ٿا.۽ دلي سڪون حاصل ڪن ٿا. غضنفر جي وفات 1920ع ڌاري سيوهڻ ۾ ٿي. سندس مقبري تي خوبصورت پينٽنگ ٿيل آهي جيڪا ڏسڻ وٽان آهي.

سيد حاجي موٽيل شاھه سبزواري

سيد حاجي موٽيل شاھه سبزواري

سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾ عالم،زاهد، عابد، شاعر، اديب، بزرگ، درويش نيڪ ٻانهاپيدا ڪيا آهن. اهڙن نيڪ بزرگن ۾ سيد موٽيل شاھ سبزواري به هڪ هيو. سيد حاجي موٽيل شاھ جو جنم 1901ع تي سيد جيئندل شاھ جي گهر سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.
سيد حاجي موٽيل شاھ، ولد سيد جيئندل شاھ (اول) ولد سيد رکيل شاھ ولد سيد علي رضا شاھ ولد سيد حيدر شاھ، سيد گل محمد شاھ (اول)، ولد سيد شير يزدان شاھ ولد سيد علي بخش شاھ، ولد سيد ذوالفقار علي شاھ ولد سيد عادل شاھ (اول) ولد سيد علي مراد شاھ ولد سيد علي محمد شاھ (اول) ولد سيد رکيل شاھ (اول) ولد سيد علي رضا شاھ (اول) ولد سيد گل محمد شاھ (اول) ولد شير يزدان شاھ ولد سيد عيدن شاھ ولد سيد مير زمان شاھ ولد سيد محمود شاھ ولد سيد مير ڪلان شاھ (1).
سيد حاجي موٽيل شاھ ديني تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. پاڻ قرآن شريف جي قرئت وڏي آواز ۾ ڪندو هيو. ڳوٺ نيرو ٻلال تعلقو سعيدآباد ۾ پنهنجي آستاني تي چلا ڪٽائيندا هئا. قلندر لعل شهباز جو وڏو عقيدت مند هيو. قلندر لعل شهباز تي ٻه دفعا ڏينهن ۾ زيارت لاءِ ويندو هيو. پاڻ نيڪ نمازي اهل دل انسان، عالم، صوفي، درويش اخلاقي قدرن جو مالڪ هيو.
سيد حاجي موٽيل شاھ هڪ درويش صفت، خدا وارو، سخي مرد ۽ صوم و صلوات جو پابند هو. هميشه نيڪيءَ جي ڪمن جي تلقين ڪندو هيو. مهمان نواز به هو، سدائين سندس آستاني تي پيرن، فقيرن، مريدن ۽ مهمانن جون محفلون متيون پيون هونديون هيون. ادب سان گهڻو چاھ رکندو هيو سنڌ جو مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به اڪثر ڪري وٽن ايندو هيو ۽ خط و ڪتابت پڻ ڪندو هو. (2)
سيد حاجي موٽيل شاھ، سعودي عرب به ويو هئو، ڌڻي مالڪ ۽ محبوب مٺي جي زيارت ڪري، حج جا فرائض انجام ڏئي واپس سيوهڻ موٽي آيو، سند والد صاحب سيد جئندل شاھ انگريز دور ۾ پوليس صوبيدار هيو، سيد جيئندل شاھ ملازمت دوران ڪافي سٺا ڪم ڪيا جنهن ڪري انگريز سرڪار تمغن ۽ انعامن سان نوازيندا هئا.
سيد حاجي موٽيل شاھ پنهنجي دور ۾ هر مهيني جي سنڌي / اسلامي 21 تاريخ تي ننگر خيرات ڪندا هيا. اهو خيرات جو سلسلو خاندان ۾ اڃا تائين جاري آهي. 21 تاريخ تي اها ڳالهه ڏسڻ وٽان هوندي آهي، مرشد پنهنجي هٿن سان مريد کي ننگر کڻي ڏيندو آهي. مريد کائيندو آهي، مرشد بيٺو هوندو آهي، مريد ويٺي ننگر کائيندو آهي.
سيد حاجي موٽيل شاھ جي والد سيد جيئندل شاھ جون ٻه شاديون هيون، پهرين شادي سيد رکيل شاھ سيد رشيد علي شاھ مان سيد اسد الله شاھ ۽ ٻي شادي مان اڪيلو سيد حاجي موٽيل شاھ هيو.
سيد حاجي موٽيل شاھ کي چار فرزند ٿيا
(1) سيد عزت علي شاھ
(2) سيد غلام حيدر شاھ
(3) سيد احمد علي شاھ
(4) ڊاڪٽر منور علي شاھ
سيد حاجي موٽيل شاھ جي شادي سيوهڻ جي قاضي خاندان قاضي جان محمد صديقي جي نياڻي سان ٿيل هئي، سيوهڻ شريف ۾ هي قاضي خاندان قديمي رهاڪو آهي. مذهبي ۽ حڪمت جي حوالي سان اڄ به اهم ڪردار آهن. سيد موٽيل شاھ پنهنجي دور جو هڪ درويش انسان هيو، جنهن انسانن ۾ محبت ورهائي، اخلاق جا سبق ڏنا، حق سچ چيو. هن ڀلاري بزرگ 1962ع تي هن دنيا کي ڇڏيو. سندس کي سيوهڻ شهر جي وچ ۾، سبزواري محلا ۾ پنهنجي اباڻي مسجد جي احاتي ۾ مدفون ڪيو ويو. پيري مريدي پوري سنڌ ۾ ڇڏيائون جن ۾ مختلف برادرين جا ماڻهو آهن سندن ٻلال ذات وارا گهڻا فقير آهن جن جي گهڻائي سعيد آباد ضلعو مٽياري ۾ ساڪن آهي. ٻلال ذات وارن جو چوڻ آهي سندن ذات مرشد طرفان مليل آهي.

سيد عزت علي شاھه سبزواري

سيد عزت علي شاھه سبزواري

سيد عزت علي شاھ ولد سيد حاجي موٽيل شاھ سبزواري جي گهر ۾ 16-11-1939 تي سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم سيوهڻ شريف مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هالا ويو، سروري ڪاليج هالا مان انٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين. مخدوم امين فهيم هالا وارو، ناليوارو شاعر ۽ سياستدان سندن ڪلاس ميٽ هيو. پاڻ سوشل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر پڻ رهيو.
سيد عزت علي شاھ پنهنجي والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي هر مهيني جي ايڪيهينءَ جي خيرات کي جاري رکيو. غريبن ۽ بيواهن جي مدد ڪندا هئا، ۽ انهن جا همدرد پڻ هئا. درگاھ تي روزانو حاضري پنهنجي والد وانگر ڀريندا هئا ۽ خدمت ڪندا هئا. (3)
سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ سيد عبدالله شاھ سندن ويجهو دوست هيو. اڳتي هلي سندن دوستي عزازت ۾ تبديل ٿي وئي. شاھ صاحب پنهنجي سياست پيپلزپارٽي کان ئي شروع ڪئي. هو سيوهڻ ۾ پيپلزپارٽي جو اهم اڳواڻ هيو. وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاھ اڪثر وٽن ايندو هو. هن ڪافي بيروزگارن کي نوڪريون مفت ۾ وٺي ڏنيون، ڪيترائي گهر خوشحال ڪيا. هو غريبن کي پڙهائڻ لاءِ به همٿائيندو هيو. خير خيراتون ڪندو هيو 1988ع تي پيپلز پارٽي کيس ايم پي اي جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر سيد صاحب قبول نه ڪئي. سيد عزت علي شاھ يارن جو يار خوش اخلاق ۽ سخي انسان هيو. سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان گهڻي ڄاڻ رکندڙ شخص هو.
سيد عزت علي شاھ صاحب ٽائيم جو وڏو پابند هيو، صبح جو اٿي نماز پڙهي ان کان پوءِ قرآن شريف جي تلاوت ڪري قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي ويندو هيو، پاڻ درگاھ تي ٻهاري به ڏيندو هيو. اتان موٽي ننگر ورهائيندو هيو. شاھ صاحب جي خاندان وٽ ٽي وقت ننگر جي رسم اڄ به جاري آهي. هن ننگر جو سلسلو اڄ به هلندو رهي ٿو، سون جي تعداد ۾ مسافر، زيارتي، عقيدتمند ۽ شهر جا غريب کائيندا آهن ۽ سنڌي مهيني جي 21 تاريخ تي وڏو ننگر ٿيندو آهي. هن سخي انسان 2000-11-15 تي فاني دنيا کي ڇڏي راھ رباني ورتي، سندس اباڻي قبرستان مير ڪلان جي مقبري ويجهو مدفون ڪيو ويو.
مير ڪلان جو قبرستان 100 کن ايڪڙن تي مشتمل هيو، پر هاڻي ان جو گهڻو حصو ماڻهن قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، هن وقت هي ٽن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. هڪ حصو معصومن جو مقام ، ٻيو ميرڪلان سبزواري جو قبرستان ٽيون موجوده سبزواري سيدن جو قبرستان هن قبرستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ مزارون موجود آهن، جن ۾ مختلف ذاتين وارا به مدفون آهن.

سيد غلام حيدر شاھه

سيد غلام حيدر شاھه

سيد غلام حيدر شاھ ولد سيد حاجي موٽيل شاھ سبزواري جي گهر ۾ 1944ع-3-4 تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم سيوهڻ، ميٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان ۽ بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سيد غلام حيدر شاھ صاحب ٿوري وقت لاِءِ سرڪاري نوڪري ڪئي بعد ۾ نوڪري ڇڏي ڏنائين. پوءِ زمينداري سياست ڪيائين. پاڻ کليل دل انسان هيو. 2006-07-13 تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويا، مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ سيد عزت علي شاھ جي ويجهو مدفون ڪيو ويو. سندءِ ٻه فرزند ٿيا.
سيد شهزاد حيدر شاھ ۽ سيد ذيشان حيدر شاھ.

سيد احمد علي شاھه

سيد احمد علي شاھه

سيد احمد علي شاھ ولد سيد حاجي موٽيل شاھ جي گهر ۾ 26-11-1949 تي جنم ورتو. پاڻ پيري فقيري هن وقت سنڀالي ٿو. درگاھ قلندر لعل شهبا ز تي روزانو زيارت لاءِ وڃي ٿو. سيد احمد علي شاھ پنهنجي والد صاحب جي نقش قدم عين تي اڄ به هلي رهيا آهن. سندن فقيري سلسلي جي ڪري مريد ڌاڳي ڦيڻي لاءِ گهڻا راغب آهن.

ڊاڪٽر سيد منور علي شاھه

ڊاڪٽر سيد منور علي شاھه

ڊاڪٽر سيد منور علي شاھ جو جنم 1958-10-22 تي سيد موٽيل شاھ جي گهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سيد منور علي شاھ صاحب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس جي ڊگري 1983ع ۾ حاصل ڪئي. گهڻو وقت (لمس) ڄامشورو جي اهم عهدن تي فائض رهيو پاڻ سرجري ۾ ماسٽرس ڪئي هئائين. اي ڊي او هيلٿ ضلعو ڄامشورو جي پوسٽ تي به رهيو، سندس هٿ ۾ وڏي شفا هئي، ڪيئي مريضن کي شفاياب بنايائين، جڏهن يونيورسٽي ۽ ڪوٽڙي ۾ پوسٽ تي هيو، ته سيوهڻ مان جيڪو مريض ٿي ويندو هو، ته ان کي وڏو عزت ڏيندو هيو. ڪيترن ئي غريب مريضن جي مدد پڻ ڪيائين. هن مسيحا پيشي سان لاڳاپيل شخص 2014-10-03 تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هن کي اباڻي قبرستان، سبزواري سيدن جو مقام ۾ مدفون ڪيو ويو. سندس خدمت تي سيوهڻ اسپتال سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ (جيڪو هاڻي وجود م آيو آهي) ان ۾ ڊائلاسز سينٽر سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ سيوهڻ ۾ ٺهڻ سندن خواب هو. سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ سيوهڻ شريف ۾ ٺهيو. سيد عبدالله شاھ اسنٽيٽيوٽ ۾ هن وقت هزارين مريض شفاياب ٿين ٿا.

حوالا
(1) شجره سادات مروندي سبزواري.
(2) سيوهاڻي ٻرڙو خيرمحمد ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف ص 398
(3) سيوهاڻي ٻرڙو خير محمد ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 428
(4) انٽرويو سيد آصف علي شاھ صاحب

سيد وريل شاھه سبزواري

سيد وريل شاھه سبزواري

سيد وريل شاھ سبزواري ولد سيد مظفر شاھ سبزواري جو جنم 1901 ڌاري سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪيائين بعد ۾ مختلف شهرن مان تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ جي ساداتن مان پهريون گريجوئيٽ هو.
”شاھ صاحب درگاھ قلندر لعل شهباز جو سجاده نشين هو، سندس عزت ڀريو مقام هو. زمينداريءَ سان گڏو گڏ سياست به ڪندو هو. سيوهڻ ۽ پسگردائي جي ماڻهن جو ڀرجهلو ۽ ڪم ايندڙ شخص هو. جنهن ڪري پاڻ ٽي دفعا ٽائون ڪاميٽي (ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ کي 2016 ۾ درجو مليو آهي) جو چيئرمين پڻ رهيو. (1)
سيد وريل شاھ هڪ قتل سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاھ لڪياري جنم (1934ع وفات 2007ع) جي والد سيد مراد علي شاھ واهڙ واري کي ڪيو هو. ڪتاب ”سيوستان کان سيوهڻ تائين“ جو ليکڪ قاضي آفتاب رضا مغل لکي ٿو ته:
”سيد وريل شاھُ سبزواري پستول کنيون، جيڪو چمڙي ڪور سان کٽ جي پائي ۾ لڙڪيو پئي. ان مان پستول ڪڍي پٺي ڀر ٿي پستول جي چرخي مان گوليون ڇنڊيائين پنج نڪري ويون ڇهين رڪجي وئي نشي ۾ سائين کي خبر ڪانه پئي سائين نوڪر کي ڊيڄاريندو رهيو، پستول جا خالي ٺڪاءَ ٿيندا رهيا. پستول ۾ اُن گولي جو نمبر آيو ته سائين وريل شاھ جي کٽ جي سامهون سيد مراد علي شاھ ويٺو هو. هن ڀيري جيڪو ٺڪاءُ ٿيو سو خالي نه هو. پستول مان گولي نڪتي جيڪا سڌي سائين مراد علي شاھ سينئر جي پيشاني ۾ لڳي. سائين کٽ تي ڪريو (2)، ڪجهه سال سيد وريل شاھ جيل ۾ رهيو بعد ۾ آزاد ٿي آيو. 1958ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ اڳئين وچ واري مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. (ياد رهي ته ٽي مقبرا اڳين صف ۾ آهن)
سيد وريل شاھ کي چار فرزند ٿيا.
(1) سيد صادق علي شاھ
(2) سيد ارشاد علي شاھ سبزواري جنم ڊسمبر 1947ع وفات 28 آڪٽوبر 2015ع
(3) سيد فتح محمد شاھ عرف سيد حاجن شاھ سبزواري جنم 1944ع وفات آڪٽوبر 2015ع.
(4) سيد مظفر علي شاھ
سيد صادق علي شاھ سبز واري
سيد صادق شاھ سبز واري، هڪ قابل ۽ ڪامياب وڪيل ۽ شهر سيوهڻ جو سڀ کان اعليٰ تعليم يافته شخص هو. پاڻ ڪجه وقت سيوهڻ ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين پڻ رهيو. بلند خيال، خدمت ۽ ڪرڻ جي اعليٰ ظرف کيس سيوهڻ جي ماڻهن ۾ دلعزيز بنايو (3). سندس ٻه پٽ هئا. سيد علي رضا شاھ1960ع ۾ ڄائو، 1980ع ۾ ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٻيو نمبر پٽ ڊاڪٽر مهدي رضا شاھ حال حيات آهي. سيد صادق علي شاھ 2000ع ڌاري وفات ڪري چڪو آهي. اباڻي قبرستان ۾ اڳئين اولهه واري مقبري ۾ مدفون ڪيو ويو. اندر مقبري ۾ ٻيون مزارون به آهن، پر انهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. صادق علي شاھ جا ٻه ڀائر سيد ارشاد علي شاھ ۽ سيد فتح محمد شاھ عرف سيد حاجن شاھ به دنيا ڇڏي چڪا آهن. باقي سيد مظفر علي شاھ حال حيات آهي.

حوالا ۽ مددي ڪتاب
(1) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو سيوهڻ صدين کان مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009 صفحو 387
(2) سيوستان کان سيوهڻ تائين قاضي آفتاب رضا مغل ادره شهباز 2015 صفحو 30
(3) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو حوالو اڳ آيل آهي. ص 428

سيد ڪرم شاھه ابدال سبزواري

سيد ڪرم شاھه ابدال سبزواري

سيد ڪرم شاھ ابدال ولد سيد عدل درياءَ سبزواري سيوهڻ سڙيف ۾ ابدال حويلي ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيا. سندن والد سيد عدل دريا شاھ. سبزواري سيوهڻ جي چهل ابدال ڪافي ۾ مدفن آهي. سيد ڪرم شاھ ابدال ديني تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. سندس کي قرآن شريف ياد هوند هو. وڌيڪ تعليم دادو مان حاصل ڪيائين پاڻ ست درجا پڙهيل هئا. ان وقت جا جنهن کي سنڌيءَ ۾ فائنل پاس چيو ويندو هو. سندس ڪلاسي بابا احمد علي قريشي (لعل باغ) غلام حيدر سولنگي (سيوهڻ جو اديب) سيد حاجن شاھ سبزواري عرف (فتح محمد شاھ) ۽ ٻيا هئا. سيد ڪرم شاھ وارا چار ڀائر هئا.
(1) سيد ڪرم شاھ ابدال
(2) سيد راجن شاھ، سيد راجن شاھ جي مزار گولڊن گيٽ جي اوڀر ۾ درگاهه ڪرم شاھ ابدال جي ويجهو ٿوري مٿاهين تي موجود آهي. سندس وفات 2008ع ۾ ٿي.
(3) سيد مير محمد شاھ، ننڍي جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
(4) سيد غلام محمد شاھ. ابدال
سيد ڪرم شاھ ابدال قلندر لعل شهباز جو سجاده نشين ۽ قلندر لعل شهباز جو تمام وڏو معتقد هو. پاڻ درويشي، فقيري صفت انسان هئا. وڏي پيري مريدي هئس. پوري پاڪستان ۾ ماڻهو سندس وٽ ايندا ويندا هئا. سندس مزار پهرين هڪ ڪوٺي نما جاءِ ۾ هئي. 2008ع کان پوءِ جڏهن قلندر لعل جي صحن سنڌ حڪومت طرفان وڌايو ويو ته سندس مزار صحن ۾ اچي وئي اتي هاڻ خوبصورت ننڍڙو مقبرو ٺاهيو ويو آهي جنهن کي چئني پاسن کان دروازا آهن ۽ خوبصورت دريون به لڳل اٿس. ٽائيل جي فرشبندي ٿيل اٿس.
سيد ڪرم شاھ ابدال جا ڀاڳ ڀلا جو هن وقت قلندر لعل شهباز تي جيڪو زيارت ڪرڻ اچي ٿو. ته سندن مزار جي به زيارت ڪري ٿو، سندن زندگي قلندر لعل شهباز جي عشق ۾ گذري. فقيري درويشي اپنايائون، مريدن جو هڪ وڏو سلسلو هوندو هئن. 19 صفر 5 جولاءِ 1996ع تي هن دنيا کي ڇڏي راھ رباني ورتائون. مدفن قلندر لعل شهباز جي مقبري ”گولڊن گيٽ“ جي ڏکڻ ۾ پيراندي کان ڪيو ويو.
سيد ڪرم شاھ ابدال کي 6 پٽ ٿيا.
(1) سيد مير محمد شاھ جنم 1963ع
(2) سيد عدل دريا شاھ جنم 1965ع
(3) سيد پريل شاھ جنم 1967ع وفات 2013ع سندس مزار ڀٽي محلا سيوهڻ شريف ۾ آهي.
(4) سيد امداد علي شاھ جنم 1973ع
(5) سيد ثابت علي شاھ جنم 1976ع
(6) سيد ذوالفقار علي شاھ جنم 1980ع
سيد ڪرم شاھ ابدال، سيد مير ڪلان جي خاندان مان هو.سندن شجرو سيد مير ڪلان سان ملي ٿو. سيوهڻ جا کٽ ڌڻي سيد به سندن عزيز آهن. سيد ڪرم شاھ ابدال ڏيک ويک جو سهڻو، قداور شخص، ڪڏهن ٽوپي ته ڪڏهن پٽڪو ٻڌندو هو. شهپر وڏا هوندا هئس. فقيرن مريدن سان ورتاءُ سٺو هوندو هئس.
(نوٽ) سيد ڪرم شاھ ابدال جي معلومات سندن فرزند سيد امداد شاھ کان ورتي وئي.

سيد ثابت علي شاھه ڪربلائي سيوهاڻي

سيد ثابت علي شاھه ڪربلائي سيوهاڻي

سنڌي ٻوليءَ ۾ سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي سيوهاڻي سنڌي مرثيه جو وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو. ”سيد ثابت علي شاھ ملتان جي موسوي ساداتن سان تعلق رکندڙ هو. سندس ڏاڏو سيد نور محمد شاھ روحاني رنگ ۾ رنگجي سنڌ پهتو. جنهن کان پوءِ پنهنجي فرزند ۽ ثابت علي شاھ جي والد سيد مدار علي شاھ کي سنڌ ۾ گهرايائين. سيد ثابت علي شاھ جو جنم 1153ھ /1740ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿيو“. (1)
سيد ثابت علي شاھ جي ابتدائي مذهبي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي. والد صاحب کيس توحيد، رسالت ۽ امامت جي تعليم ڏني. پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته کيس آخوند عبدالرحمان جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. فارسي جي تعليم آخوند الياس محمد صوفيءَ وٽ ورتائين. مخدوم احسان وٽ عربي جا قاعدا پڙهيو ۽ محمد مراد وٽ عربيءَ جي تحصيل مڪمل ڪيائين ڪلام جي اصلاح غلام علي مداح کان ورتائين. (2)
سنڌ جو نامياروحڪمران ميان سرفراز ڪلهوڙو به ڪلاس ميٽ هيو. ميان سرفراز ڪلهوڙو به غلام علي مداح جو شاگرد هو.
مرثيو خاص ڪري ان نظم کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾حضرت امام حسين اسلام ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي ڏک/غم جو اظهار ڪيو وڃي ٿو (3). مرثيو پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد صنف سخن آهي. عرب ايران ۽ هند سنڌ ۾ ڪيترائي بلند پايه شاعر هن صنف ۾ طبع آزمائي ڪري چڪا آهن. انهن ۾ عرب جي خاتون شاعره خنساءِ (وفات 24ھ)، جنگ قادسيه ۾ چئن ڀائرن جي شهيد ٿيڻ تي صدمي ۾ مرثيا چيا. خنساءِ جي مرثيي جو زور بيان ۽ شدت غم مثالي آهي. عربي ۾ اڪثر شاعرن محبوبائن جي وفات تي به مرثيا چيا آهن. مهتمم بن نويره پنهنجي ڀاءُ مالڪ جي قتل ٿيڻ تي مرثيو لکيو. حضرت عمر ان کي پنهنجي شهيد ٿيل ڀاءُ بابت مرثيو لکڻ لاءِ چيو پر اُهو مرثيو اهڙو نه لکي سگهيو. ائين امرءُ القيس ۽ ايام جاهليت جي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ غم واندوه جو بيان گهڻو آهي. ائين شيخ سعدي بغداد جي تباهي تي مرثيو شهر آشوب لکيو. پر مرثيو جنهن حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو سو آهي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ قضيه ڪربلا جو ذڪر ڪرڻ ۽ شهادتن تي غم ڪرڻ، مري ويلن جي باري ۾ ذڪر ڪرڻ ۽ اُن جا ڳڻ ڳائڻ عربيءَ ۾ هن صنف کي رثا ٿو چئجي. يورپ جي شاعرن به مرثيا نما لکيا آهن. انهن کي (Elegy) سڏيو ويو آهي. اُهي هي آهن چهرو يا مکڙو ماجرا، سراپا، رخصت يا موڪلاڻي، آمد، رجز، جنگ، شهادت ۽ پار ڪڍڻ. ان کان پوءِ مرثئي جا اهم ڪردار ۽ حسيني جماعت ۽ يزيدي گروھ جو بيان به مرتبي مطابق ايندو آهي. (4)

سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو مرثيه نگار شاعر
قديم دور ۾ سنڌي شاعري ڇند وديا تي ڪئي ويندي هئي. ڇند وديا هندستان جو هڪ قديم عروض آهي. عربستان ۾ وري علم عروض تحت لکيو ويندو آهي، ان جا ڪيئي بحر آهن. جيڪي شاعري جي وزن ۾ ڪتب ايندا آهن. سنڌي شاعري ۾ علم عروض جو بنياد 1700 عيسوي ڌاري پيو. جنهن ۾ سچل سرمست ۽ سيد ثابت علي شاھ علم عروض تي لکيو. جنهن ۾ سچل ڇند وديا تي به لکيو آهي ليڪن سيد ثابت علي شاھ علم عروض تي لکيو آهي. ”اهو صحيح آهي ته هن کان گذري ويل ڪيترن شاعرن جو ڪلام بيت وائي ڪافي سان گڏ علم عروض تي به موزون آهي، جن ۾ مناجات (جمن ۽ سرفراز) مولود (عبدالرؤف) ۽ ڪافيون به ڪيترن ئي شاعرن جون عروض موجب آهن. انهن جي خبر ناهي ته علم عروض جي ڄاڻ سبب شعوري طور پنهنجو ڪلام عروض تي موزون هو يا ٻين جو ڪلام پڙهي اُنهن جي تتبع ڪيائون. انهن جي ڪلام ۾ مرثيا، غزل، قصيدا، رباعيون، قطعا، مثنويون ۽ فرد وغيره اچي وڃن ٿا. هن باب ۾ گهڻا شاعر صاحب ديوان به آهن.
دور جي لحاظ کان انهن ۾، جو شاعر، پهرين آهي، اهو ثابت علي شاھ آهي ۽ مرثيه گو شاعر آهي(5). مرثيه جو خاص شاعر سيد ثابت علي شاھ آهي. هن شاعر ئي مرثيي جي صنف تي باقاعده طبع آزمائي ڪئي ۽ ان کي مقبول بنايو. انهيءَ ڪري کيس جديد مرثيه نگاري جو باني چيو وڃي ٿو. (6)
حالات زندگي
دهلي جي مغل شهنشاھ طرفان ڪو نواب1 سنڌ جو مقرر ٿيو هو. سو ٺٽي اچڻ لاءِ جڏهن ملتان مان اچي لنگهيو، تڏهن خوشقسمتيءَ سان سيد ثابت علي شاھ جو ان سان ملڻ ٿيو. نواب کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي ٺٽي وٺي آيو. نوڪري جي مشغوليءَ سبب هو سيوهڻ وڃي نه ٿي سگهيو، پر جڏهن اهو نواب موصوف ٿيو، تڏهن ثابت علي شاھ سيوهڻ ۾ آيو. سيد ثابت علي شاھ نواب جي نوڪريءَ مان پئسو به چڱي طرح ڪمايو هو ۽ سيوهڻ ۾ سکيو آسودو پيو گذاريندو هو. سيد ثابت علي شاھ جي مشهوري روزمره وڌندي وئي. ڪلهوڙن جي صاحبي وارن ڏينهن ۾ تمام سکيو ستابو گذاريائين. پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ اڳئين کان به وڌيڪ مان ۽ عزت نصيب ٿيس. ٽالپرن ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي ته سيد ثابت علي شاھ هڪدم ٽالپرن جي تعريف جا قصا ٺاهڻ شروع ڪيا. ”فتح نامه“ ۽ ”ظفر نامه“ واريون تعريفون مير صاحبن کي اهڙيون پسند آيون جو ميرمراد علي خان ٻين انعامن ڪرامن سان گڏ کيس ماهانه لوازما ۽ نذرانه گهر ويٺي موڪليندا هئا. (7)
شاعري
”سيد ثابت علي شاھ جي مرثين ۾ فصاحت ۽ بلاغت کان سواءِ، مرثيي گوئيءَ وارو حقيقي سوز گداز ۽ درد سمايل آهي. پاڻ سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ شاعر، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي هن جهان ڇڏڻ کان ٻارهن سال پوءِ پيدا ٿيا. ان زماني ۾، عام شاعري ۾، سنڌي زبان اُهائي ڪم ايندي هئي. جيڪا لطيف سرڪار جي رسالي ۾ لکيل آهي. سيد ثابت علي شاھ اُهو باڪمال شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعري جي صنفن مرثيه گوئي غزل گوئي ذريعي پنهنجن همعصرن شاعرن، اديبن عالمن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي. هن سڌي ٻولي ۾ ڪيترائي نوان لفظ، نوان اصطلاح، نيون ترڪيبون، نيون تشبيهون ۽ نوان استعارا ڪم آڻي، سنڌي زبان جي لغت کي ايتري قدرت وسعت ڏني ۽ اُن کي، اُن زماني ۾ ايتري قدر ته معياري بنائي ڇڏيو جو سيد ثابت علي شاھ جي مرثين جي ٻولي غير سنڌي به آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهندا آهن. اهو سندس ئي ڪمال آهي. (8)
اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين،
مصطفيٰ جا ساھ نيڻن ٺار دلبر يا حسين
مرتضيٰ سنهنجو نپايئي جيءَ برابر يا حسين
ظالمن ناحق رنجاڻيءَ واءُ ٻر ٻر يا حسين.

تنهنجو نالو مصطفيٰ سردار جمله مُرسلن
مرتضيٰ پيءُ تنهنجو شير حق امام انس و جن
قدر تنهنجو ڪربلا ۾ ڪين ڄاتو ڪافرن
وئي مڙي چؤڌاري قهري ڪار لشڪري يا حسين.

هڪڙي ڏينهن توکي نبي پنهنجي ڪُلهي تي چاڙهيو
منجهه مديني ٿي گهميو تو شاھ کئون دلشاد ٿيو
جابر انصاري ڏسي هن حال ۾ توکي چيو
وھ ڀلي گهوڙي چڙهئين اي نيڪ نينگر يا حسين.

تنهنجي وڇڙڻ کئون مديني ۾ قيامت ئي قيامت
روڄ پيو گهر گهر ۾ غمگين ٿيا مڙئي خاص و عام
جڏهن اچي روضي ۾ ناني جو ڏنوءِ روئنيدي سلام
مصطفيٰ چو آءُ دل جا دوست دلبر يا حسين.


اي جگر جاني خدا جا لاڏلا پيارا پسر
وير سئون ويرن جي ويچارا مسافر خون جگر
دشمنن جي دؤر ۾ تو سر لکايو هي سفر
مڙس تي محنت ۾ رهج صابر يا حسين.

نور نيڻن، ٺار ناني ٿي نپايئي ٿي ناز سين
رات ڏينهن تنهنجو رضائون ٿي رکئي سڀ رازيين
ظالمن جي ظلم کئون سنڀرين سفر ساز سين
الوداع هئي هئي نبي جا پٽ يا حسين. (9)
معلوم ٿئي ٿو ته سيد ثابت علي شاھ جو شعر تمام گهڻو چيل آهي، سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
(1) رد الخوارج
(2) شهاب ثاقب
(3) رد المواث
(4) زيارت نامو ( منظوم سفرنامو)
(5) چڻنگ
(6) ڪليات سيد ثابت علي ڪربلائي
(7) جنگ ناما
(8) لڪڙو
(9) چندر بن و مهيار (منظوم داستان) فارسي ،سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ علامه نبي بخش دانش شر
رد الخوارج، شهاب ثاقب، رد لمواث هي ٽئي ڪتاب چيا وڃن ٿا ته فارسي ۾ هيا. پر اهي ڪتاب ناياب آهن. چڻنگ ۽ لڪڙو ۾ ٽوڪ بازي وارو شعر آهي. محمد صديق ميمڻ خانبهادر لکي ٿو :”ته سيد امام علي شاھ صاحب (مرحوم ثابت علي شاھ جي اولاد مان) جنهن اسان کي سيد ثابت علي شاھ جو گنج ڏسڻ لاءِ مليو. تنهنجي به اها مرضي نه آهي ته چڻنگ مان ڪي شعر درج ڪجن. سنڌي هجويه ڪلام جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن. تنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن تي ٽوڪبازي وارو شعر آهي، جنهن جو هتي تفصيلوار ذڪر ڪرڻ ئي خود شاھ صاحب جي شان وٽان ناهي.“ (10).
”زيارت نامو“ سيد ثابت علي شاھ جو ايران جي زيارتن تي وڃڻ جو منظوم سفرنامو آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون منظوم سفرنامو چيو وڃي ٿو.
فضل سين ذوالفضل جو ڪلي جميعت ٿي درست
مون مصمم ڪيو به دل عزم طواف ڪربلا
همر ڪاب خسرو دوران به تقريب شڪار
شاھ بندر ڏي ڪشش ڪئي قسمت آب وهوا

منزل اول تي مون سرتي عجب احوال پيو
جن ڏٺو تن کي ٿي حيرت مونتي جهڙا جوش ٿيا
عشق جي آتش اٿي عاشق سمندر ٿيا سندس
برھ جو دونهو دکيو ۽ مچ محبت جا متا.
زيارت نامو (11)
سيد ثابت علي شاھ جو ڪليات هن وقت موجود آهي. جنهن ۾ سنڌي شاعري (مرثيو) فارسي شاعري زيارت نامون به گڏيل اٿس. ڪليات سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي سيوهاڻي جي نالي سان مشهور آهي. شاھ صاحب جي شاعري الف اشباع ته اڪثر آهي. الف اشباع ان شاعري کي چئبو آهي جنهن جي سٽ جي آخر ۾ الف جو استعمال هجي.
امام پيارا
لنگهائي وارا
نعرا
خدارا
جيئن مٿي آخر ۾ الف (ا) جو استعمال آهي. ان کانسواءِ وڏن بندن تي شعر چيو اٿس، هڪ قصيدو 516 سٽن جو چيو اٿس جنهن جا 129 بند آهن. هر بند ۾ چار سٽون آهن. ”سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ سيد ثابت علي شاھ نه رڳو مرثيي جو حقيقي رواج وڌو پر مرثيي کي معراج ڏنو ان جا سڀ لوازمات، اوصاف، اخلاقيات، شجاعت، دليري، بيباڪي، برداشت، صبر و رضا، جنگ جو نظارو، مناظر، قدرت، جز خواني، گھوڙي سواري تلوار، زرھ، هجر، غزليات، مطلب ته رڪ وهندي راند ۾ سمورو نظام بهترين، مناسب ۽ موزون لفظن ۾ ڏنو ۽ سنڌي زبان کي لفظي مفعولي، موتين سان مالا مال ڪيو، سندس مرثيا نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ثابت ٿا، بلڪ واقع ڪربلا جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ سندس مرثيا اڃان تائين سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مجلس توڙي ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. (12)
ڪربلا ۾ هاءِ يارو هاءِ هاءِ
ٿي قيامت دوستدارو هاءِ هاءِ
چئي علي جو پيارو حيدر هاءِ هاءِ
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ

ڪربلا ۾ شاھ ماريو هاءِ هاءِ
ڪربلا ۾ شھه سڌاريو هاءِ هاءِ
روئي عابد جڳ رئاريو هاءِ هاءِ
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ

واھ ثابت ڪربلائي تنهنجا بخت
ڪربلا شهر جا ڏٺا تو تاج و تخت
مرثيا تنهنجا به سڀ دل سوز سخت
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ
(13)
سيد صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي سندس مرثين ۾ واقع نگاري ۽ ڪردار نگاري جا تمام سٺا مثال ملن ٿا. جن ۾ وڏيون ادبي خوبيون سمايل آهي. مير خليل ٺٽوي کيس نازڪ بياني جو سمنڊ سڏيو آهي (14). سيد ثابت علي شاھ جي وفات 1225ھ 1810ع تي سيوهڻ شريف ٿي، سندءِ سيوهڻ جي ڪربلا واري ميدان ۾ دفنايو ويو، شاھ جي مٿان مقبرو ٺهيل آهي، سندس ڏاڏي نورمحمد شاھ جي مزار سندس مزار جي چند قدمن تي اولهه طرف آهي. سيد ثابت علي شاھ جي مقبري جي اندر مزار سيد پريل شاھ جي آهي. سيد پريل شاھ دودائي ضلع لاڙڪاڻي جو اصل رهاڪو هيو، شاھ صاحب جي شاعري جو معتقد هو.
جڏهن ڪنهن جي زبان تان سيد ثابت علي شاھ جو شعر ٻڌندو هو ته زارو زار روئيندو هو ۽ وصيعت ڪئي هئائين ته مان جڏهن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته مونکي سيد ثابت علي شاھ جي ڀر ۾ رکيو وڃي. سندس وفات 63-1962ع ڌاري ٿي آهي. آخر ۾ وصيعت موجب شاھ صاحب کي ڀر ۾ مدفون ڪيو ويو. (15)
ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان
ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان

هي خدا جا قطب تارا عرش ڪرسي جُڙاءُ
هي رسول الله جا شمس و قمر اي آسمان

مرتضيٰ مولا جا هي سر ساھ هي منهن نور عين
فاطمه زهرا جا هي جاني جگر اي آسمان

هي سرن کي نت نبي صلوات جا بخشا ثواب
هن جي پارت ڪيائين جا جن و بشر اي آسمان

هن منهن تي مرتضيٰ مصعف پڙهي دم ڪيو مدام
هي علي شير خدا جا شير نر اي آسمان

فاطمه فردوس ۾ اڄ تن جي ماتم ماتمي
منهن پٽيا ملڪن ۽ حورن ڪيا حشر اي آسمان

فاطمه فريادي ماريا اڄ يزيدن قهر ڪيا
فاطمه فريادي اڄ دوار جي در اي آسمان

جڏهن علي اصغر ڏٺئي ٿي تير سين تڙلين ترڇو
ڇو نه ان جي تير جي تون ٿين سير اي آسمان .(16)
شاھ صاحب جي شاعري هڪ مذهبي فرقي سان لاڳاپو رکي ٿي. ڪنهن به شاعري لاءِ اهو نه ٿو جڳائي ته ڪنهن کي گهٽ ڪري ڪنهن کي وڌ ڪري. شاعري کي دنيا جي سڀني انسانن جو خيال هئڻ گهرجي، سڀني کي هڪجهڙو سمجهڻ گهرجي.
شاھ صاحب جي شعر ۾ ٻولي جي لساني آهي. سنڌي ٻولي جو خدمتگار نظر اچي ٿو، ان دور ۾ فارسي جو رواج گهڻو هئو. ان کان ٿورو ئي اڳ لطيف سرڪار چيو هو ته :
”جي تو پارسي پڙهئين ته تون گولو ۽ غلام“
سيد ثابت علي شاھ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي، فارسي سان گڏ سنڌي لکي، هن وقت فارسي وارو شعر اهميت وڃائي چڪو آهي ۽ سنڌي شاعري سيد ثابت علي شاھ کي اڄ به جيئرو رکيو ويٺي آهي. وقت جي حڪمرانن سان شاھ صاحب جا گهر تعلقات رهيا. انهن جي درٻار ۾ حاضريون ڏيندو رهيو، مرثيو جو سوز، ڏک، احساس، جذبات سان ڀريل آهي. اهو مومنن جون دليون ٺاريندو رهي ٿو.

مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) بخاري مخمور ڊاڪٽر،”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 50
(2) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2004ع ص 273
(3) چانڊيو ميان مير، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2007ع ص 118
(4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد2004ع ص 274
(5) حوالو ساڳيو ص 272
(6) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2002ع ص 109
(7) ميمڻ محمد صديق خانبهادر، ”سنڌي جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2014ع ص 157/158/159
(8) مرزا انجم الحسن (مرتب)، رڻ گجيو راڙو ٿيو ڪليات سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 2000 صفحو3
(9) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 71-72
(10) ميمڻ محمد صديق خانبهادر، سنڌ جي ادبي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2014ع ص 160
(11) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 322
(12) سيوهاڻي ٻرڙو خير محمد، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 320
(13) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 254
(14) وگهيو نياز، (مرتب) سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾، سرجڻهار پبليڪيشن 2011ع ص 186
(15) مير حاجن مير، ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2004ع ص 68
(16) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 269

حضرت نادر علي شاھه

حضرت نادر علي شاھه
(پٺاڻ ڪافي)

سيد نادر علي شاھ جي مقبري کي پٺاڻ جي ڪافي به سڏيو ويندو آهي. هيءَ درگاھ پهرين ڪافي ”سخي سرور“ جي نالي سان سڏبي هئي ۽ مشهور هئي. هاڻ حضرت سيد نادر علي شاھ ۽ ”پٺاڻ جي ڪافي“ جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ ڪافي سيوهڻ شهر جي وچ ۾ آهي، درگاھ قلندر لعل شهباز جي ويجهو آهي. قلندر لعل شهباز جي مقبري کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو مقبرو سيد نادر علي شاھ جي مزار مٿان ٺهيل آهي.
هيءَ ڪافي 1800ع کان پوءِ وجود ۾ آئي. روشن علي شاھ جي وفات 1826ع دربان علي شاھ وفات 1841ع امان علي شاھ وفات 1853ع هي ٽي مزارون ڪوٺي نما ڪمري ۾ آهن، ڪوٺي کي شيشي جا دروازا لڳل آهن.
سيد خاڪي شاھ وفات 1869ع محبوب علي شاھ وفات 1900ع قطب علي شاھ وفات 1914ع شمشير علي شاھ وفات 1926. هي ٻه ٻه مزارون گڏ آهن ڪمري جي، پڪي ڇت ٺهيل آهي، مزارن مٿان اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا آهن. هي مزارون سيد نادر علي شاھ جي مقبري جي اولهه ۾ آهن.
سيد ديدار علي شاھ وفات 1931ع سيد نادر علي شاھ وفات 1974ع ۾ ٿي. سيد نادر علي شاھ جي مقبري ۾ چار مزارون آهن، اوڀر کان سيد ديدار علي شاھ، ان سان گڏ سيد نادر علي شاھ، ان کان پوءِ هڪ خالي تخت ٺهيل آهي. ان جي ڀرسان سيد عبدالوڪيل شاھ، آخر ۾ سيد نادر علي شاھ جي والده مدفون آهي.عارف علي شاھ وفات 2022ع. هن درگاھ جي طريقت هيٺين نموني جي آهي.
”هتي هي ڳالهه به ياد رهي ته فقراءِ جي قاعدي موجب گادي نشيني ڪنهن جو ورثو يا موروثي حق نه آهي، هن لاءِ وقت جو سرگروھ پنهنجي آخري عمر جي ڏينهن ۾ يا ان بيماري جي دور ۾ جنهن مان صحتياب ٿيڻ جي هن کي گهٽ اميد هوندي آهي ته ان لاءِ هو پنهنجي فقراءَ مان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي هڪڙي فقير کي منتخب ڪري ڇڏيندو آهي. جو ان جي وصال کان پوءِ گاديءَ تي ويهندو.“ (1)

نادر علي شاھ عرف پٺاڻ ڪافي ڪئين وجود ۾ آئي؟
سيد نادر علي شاھ هڪ ڪامل فقير ٿي گذريو آهي. هيءَ درگاھ ڀورا بادل شير جي طالب ”گل شاھ“ شاھ جو طالب هو، ڏاڍو زاهد ۽ عابد هو، سندس ڪيترائي فقير هئا. جي گهڻو ڪري ”پٺاڻ“ هئا، جن کان قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي ٻهاري ۽ صفائي جو ڪم وٺندا هئا. انور شاھ جي وفات کان پوءِ سندس اولاد انهن فقيرن کي تڪيو ٺهرائي ڏنو جيڪو ”سخي سرور جي ڪافي“ پٺاڻ جي ڪافي(2) ان کان پوءِ سيد نادر علي شاھ جي ڪافي ”معروف پٺاڻ جي ڪافي“ مشهور آهي.

سخي سرور جو نالو ۽ اختتام
هي ڪافي پهرين سخي سرور جي نالي سان سڏبي هئي. سرور نالي هڪ شخص هن ڪافي سان لاڳاپيل هيو. سندس خيرات مشهور هيو. ان ڪري سخي سرور جي نالي سان مشهور ٿيو، بعد ۾ مرشد جي حڪم تي ان فقير کي ڊيرا غازي خان موڪليو ويو. ٻڌائن ٿا ته اتي رهائش اختيار ڪيائين اتي ئي وفات ڪيائين. سخي سرور جي نالي کان پوءِ سيد نادر علي شاھ جي نالي سان مشهور ٿي. هن درگاھ جا فقير پنهنجي مرشد جي حڪم تحت اڪثر غير شادي شاده مجرد رهندا آهن، هي فقير دنيا جي ڪمن کان ڪٽيل رهندا آهن، پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڏيندا آهن، اڪثر سادگي ۾ رهندا آهن. درگاھ جي ڪم ۾ خاص حصو وٺندا آهن.
هيءَ ڪافي سنڌ جي وڏين ڪافين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن ڪافيءَ جي خيرات پوري پاڪستان ۾ مشهور آهي. هن وقت سيوهڻ شريف جي ڪجهه شهرين، ٻهراڙي ۽ مسافرن جو هن ڪافيءَ تي گذر آهي. هن وقت صبح جو چانهه جي سبيل ۽ ٻه ٽائيم ماني جو ننگر ڪن ٿا. منجهند جي ٽائيم ۾ 7 ديڳيون چانور 7 ديڳيون دال ۽ 20 ڪٽا اٽي جا پچائي نان جي صورت ۾ تقسيم ڪن ٿا. هنن وٽ امير فقير هڪ صف ۾ ماني کائيندو آهي، شهر جا ماڻهو ماني وٺي پنهنجي گهر وڃي کائيندا آهن. هنن وٽ هڪ برف جو ڪارخانو به آهي، جنهن جي سڀ برف سبيل ۾ ڪم آڻيندا آهن ۽ پيسن تي هڪ ٽڪرو به نه وڪڻندا آهن. هن درگاھ جي مدد سان شهر جي مختلف چونڪن تي سبيلون لڳل آهن جن مان هزارين ماڻهو پاڻي ڀرين ۽ پيئن ٿا. هن در تان سوين ماڻهو پنهنجي روز بک اُجهائن ٿا، هن ڪافي ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ڪمرا ٺهيل آهن، جن ۾ مسافر رهندا آهن. هن ڪافي ۾ رهڻ وارا اڪثر پٺاڻ ئي هوندا آهن. هن وقت هي ڪافي سيد نادر علي شاھ جو ڀائيٽو سيد عارف شاھ سنڀالي ٿو. هن مقالي لکندڙ سيد عارف شاھ سان کوڙ ملاقاتون ڪيون آهن ۽ درگاھ جي باري ۾ مواد گهريو آهي، ليڪن افسوس... ڪوبه مواد ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن درگاھ سان لاڳاپيل ٻه ٻيون به درگاهون سيوهڻ ۾ آهن، (1) رمضان فقير واري ڪافي جيڪا شاهي بازار سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ آهي ٻي معصومن واري درگاھ جيڪا ميرڪلان جي مقبري جي ويجهو آهي. هن قبرستان ۾ تمام گهڻيون مزارون آهن، جيڪي فقير سيد نادر علي شاھ جي درگاھ سان لاڳاپيل رهيا آهن. وفات کانپوءِ انهن کي ان جاءِ تي دفنايو وڃي ٿو. سيد نادر علي شاھ کي ڪوبه اولاد نه هئو. عارف شاھ ڀائيٽو اٿس.

حوالا
1. سيوهاڻي سولنگي محمد پريل گلزار قلندر، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ 1972ع ص 183
2. ٻڙڙو خير محمد سيوهاڻي، سيوهڻ صدين کان مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 308

فقير باقر نانگو

فقير باقر نانگو

فقير باقر نانگو جي مزار قديم شاهي بازار سيوهڻ شريف جي وچ واري حصي کان پٺئين پاسي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. جتي سندن ڀر ۾ ٻه ٻيون مزارون آهن. (1) اسلم شاھ (2) فقير رمضان باريچو. هي ٽئي مزارون گڏ آهن، فقير باقر نانگي جي جو احوال ڪنهن ڪتاب ۾ نظر نه نٿو اچي، شهر جو ڪوبه ماڻهو فقير بابت معلومات نه ٿو ٻڌائي. صرف اهو ٻڌائين ٿا ته فقير باقر نانگي جي مزار قديم آهي. هن درگاھ سان گڏ مختصر مقام به آهي، هن قبرستان کي باقر نانگي جو قبرستان ٿا سڏن. هن درگاھ جا خدمت گار پٺاڻ، نادر شاھ جا خليفه آهن. صرف هڪ پٽي لڳل آهي جنهن تي اسلم شاھ وفات 1371ھ لکيل آهي. اسلم شاھ پٺاڻ هو، درگاھ نادر شاھ جو خليفو هو ڪمري نما ۾ ٽئي مزارون هڪ ٻئي جي ڀرسان آهن.

فقير رمضان باريچو مجذوب

فقير رمضان باريچو مجذوب

”اصل جهانگارن جي ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ ذات جو 1باريچو هيو. (1) قلندر جي عشق ۾ غرق هوندو هيو. هن کي فيض قلندر لعل شهباز قلندر وٽان مليو. ”ڪتن ٻلن سان گڏ کاڌو کائيندو هو“ (2) هي سادي طبيعت جو شخص هو. مذهبي جنونيت ۾ نه هئو، صوفي درويش هيو. هن مقالي لکندڙ کي پنهنجي پياري دوست سيوهڻ جي محقق نظير حيات سيوهاڻي فقير رمضان باريچو جي تصوير ڏيکاري هئي. سنهڙو شخص هيو مٿي تي رومال ٻڌل هئس. اڌ اگهاڙو شخص نظر پئي آيو. هلڪيون مڇون ننڍا وار ڪڻڪائون رنگ سادگي پسند شخص نظر پئي آيو.
”هي بزرگ بدن کي تيل گهڻو هڻندو هيو ۽ ڪپڙن جي بجاءِ اڳڙيون بدن کي ٻڌندو هيو، سڄو وڳو يا قيمتي ڪپڙا ڪير کيس پارائيندو هو ته پاڻ وري ٻين سان انهن ڪپڙن تي سودو ڪري ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا وٺي ڍڪيندو هو. گهڻو ڪري خاموش ويهندو هو“. (3)
فقير رمضان باريچو مجذوب سچو سالڪ هيو. پنهنجي درويشي ۾ گم هوندو هيو. باريچا ذات وارا قديم دور کان قلندر لعل شهباز جا فقير سڏائن ٿا. 14-15 سالن جي عمر ۾ فقير رمضان قلندر جي عشق ۾ رنگجي ويو، ڳوٺ ڇڏي پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. 25 جمادي الثاني 1359ھ 1938ع ۾ وفات ڪيائين. فقير رمضان باريچو کي سيوهڻ شريف ۾ باقر نانگي جي مزار جي ڀر ۾ دفنايو ويو.


حوالا
(1) سيوهاڻي محمد پريل سولنگي ”گلزار قلندر“ قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد 1972ع ص 192
(2) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع ص 110
(3) سيوهاڻي محمد پريل سولنگي ”گلزار قلندر“ قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد ص 193

مخدوم بصر الدين صديقيرح سيوهاڻي

مخدوم بصر الدين صديقيرح سيوهاڻي

حضرت ابوبڪر صديقرضه جي نسبي سلسلي مان رڪن الدين عرف مخدوم بصر الدين ولد مخدوم بصرالدين ولد مخدم احمد صديقيرحه 29 رمضان المبارڪ 1282ح مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو، جنهن جو سلسله عمل ۽ فيض دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم هو (1).
تعليم
حضرت بصر الدينرح ابتدائي تعليم ۽ عربي فارسي پنهنجي ڏاڏي ”محمد“ کان حاصل ڪئي. جڏهن ته ان علم جي تڪميل پنهنجي عزيز، مجدد ۽ محقق، مفتي اعظم، قاضي القضاه شيخ الوقت، فقهه الفقهاءِ في السند حضرت مخدوم حسن الله پاٽائي الصديقي (رحمت الله المتوفي 1920) کان ڪئي. پاڻ انگريزي تعليم بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سندس ذهانت ته پينگهي ۾ ئي پڌري ٿي چڪي هئي. سڀاءُ جو حليم هجڻ جي باوجود طبيعت ۾ تجسس گهڻو هوندو هئس. ذهين هئڻ ڪري هميشه ذهن کوجنا ۾ رڌل رهيس ٿي، منجهس اجتهادي قوت به اتم درجي جي موجود هئي. سرڪاري ملازم به رهيا. ڪجهه عرصو مختيار ڪار ٿي رهيا. کيس (Evidence act) گهڻي ڀاڱي ياد هوندو هو. (2)
سنڌ جو ناميارو اديب قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته: ”ڪيترائي ماڻهو سندس علمي گفتگو ٻڌڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. آءُ به هڪڙو هوس. مون سان گهڻي محبت هوندي هيس. مون کيس ٻه ٽي دفعا عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته سياسي مها ڄار مان نڪري حق جي راھ ڳولڻ طرف راغب ٿيان، هن دفعي اهو جواب ڏنائين ته تنهنجي سياسي زندگي به عبادت آهي. تنهن ڪري ان مان نڪرڻ نه گهرجئي“. (3)
معلوم ٿئي ٿو ته موصوف نه فقط ديني علوم جي فاضل شخصيت ۽ علم و عرفان ۾ يگانو هو. پر ان سان گڏو گڏ هو جديد علوم جو پڻ ڄاڻو هو. سندس انگريزي ٻوليءَ جي صلاحيت ايتري ته سرس هئي جو فرنگي ٻولي ۾ شاعري به ڪندو هو. انگريزي ۾ سندس چيل ڪيئي سوَ شعر موجود آهن. مخدوم صاحب جي هڪڙي ٻي اهم وصف جنهن ۾ هو پنهنجي همعصر شخصيتن کان نمايان هو. ان موضوع تي سندس لکيل البصائر ڪتاب فلسفي جي دنيا جو اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو. (4)
سنڌ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: ” سنڌ ۾ مخدوم بصر الدين پهريون عالم هو جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ آءِ قاضي کي عطا ٿي“. (5)
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته : ”حاجي مولابخش سومرو (شهيد الله بخش سومرو جو ڀاءُ) مونکي ٻڌايو ته حڪيم بصر الدين عربي ۽ انگريزي جو وڏو عالم هو. اهو ٻڌي شوق ٿي پيم ته سندس ڪتاب پڙهان. سيوهڻ ۾ حڪيم بصرالدين جي اولاد مان حڪيم محمد مراد سان وڃي مليس پاڻ قرب ڪري، حڪيم بصر الدين جو هڪ عربي ڪتاب مون کي ڏنائين. عربي مون کي ڪانه اچي سو مون اهو ڪتاب حيدرآباد ۾ عربي ۽ سنڌي ڄاڻندڙ هڪ بوري بزرگ کي ترجمي لاءِ آڇيو، ته مهراڻ ۾ ڇپائيندس، بوري بزرگ جيڪا رقم گهري ان جي ادا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه هئي. حڪيم صاحب جي ڪتاب پڙهڻ جي حسرت دل ۾ رهجي وئي. اوچتو مونکي ياد آيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ خدا جي وحدانيت تي انگريزي ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ مقالو ڏٺو هئم. اهو مقالو مون لاءِ هميشه ڪشش ۽ مونجهاري جو باعث رهيو، ڇو ته مٿس مصنف جو نالو لکيل ڪونه هو، ”حاجي صاحب جي ڪاپي“ مونکي اچي شڪ جاڳيو ته اها پڪ ئي پڪ حڪيم بصر الدين جي تحرير هئي ۽ حاجي صاحب مان مراد حاجي مولابخش سومرو هو. اڃا جو جانچ لڌم ته منهنجي گمان جي سورنهن آنا تصديق ٿي، پر ان وچ ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي آيو هئس. ائين ڀانيم ته حڪيم صاحب جي تحرير پڙهڻ جي سعادت منهنجي قسمت ۾ ڪانه هئي. (6)
حڪمت
مخدوم بصر الدين سيوهاڻي مخدوم صاحب پنهنجي ڏاڏي وانگر علاج در حق بعضي ڪڏهن اهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو، جو هر ڪو حيرت ۾ پئجي ويندو هو. تاريخ ۽ سياست جو به وسيع مطالعو ڪيو هئائين، ديني، روحاني ۽ طبي علوم کان علاوه علم جفر، نجوم ۽ ڪيميا سيميا جو به وڏو ماهر هو. اهڙي طرح تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ سندس عربي ڪتاب شاندار حيثيت رکن ٿا. (7)
مخدوم صاحب کي طب سان فطري لڳاءُ هو. ڪن حالتن ۾ سندس علاج ڪرامتن جهڙا ڪرشما ڏيکاريا، ”زمرد اخضر“، ”طب اڪبري“ ۽ ”مفروات سودي“ جهڙا ناياب ۽ ڪامياب نسخا وٽس موجود هئا. جنهن جي وسيلي لاعلاج مريض به وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا. انهيءَ نيڪيءَ مخدوم صاحب جو نالو ڏيهان ڏيھه پڌرو ڪيو، ڪوڙھ، بگُ، گردي جي سور جو وٽس بي مثال علاج هو. (8)
حيڪم بصر الدين وٽ ڪيئي غريب امير، حڪمران دعا ۽ دوا لاءِ ايندا رهندا هئا. سستو علاج ڪندو هئو، سندس حڪمت سنڌ کان ويندي بلوچستان تائين به ڇانيل هئي. سردار بهادر خان گولو به بلوچستان مان اچي دعا ۽ دوا وٺندو هئو.
مخدوم بصر الدين صديقي وٽ سردار واحد بخش ڀٽو، سائين جي ايم سيد، حاجي مولابخش سومرو، ڪريم بخش چنا، مير علي نواز علوي لاڙڪاڻوي، سرشاهنواز ڀٽو (شهيد ذالفقار علي ڀٽو جو والد) ٻيا ڪيئي دعا لاءِ سيوهڻ ايندا هئا.
سندن همعصر ويجهڙا تعلقات رکڻ وارو به کوڙ هئا. تاج محمد امروٽي، مفتي عبدالغفور همايوني مفتونرح، مولوي غلام احمد ملڪاڻي، مرحوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي ٻين ڪيترن بزرگن، عالمن، علمائن سان واسطا هئا. جي ايم سيد لکي ٿو ته:
”پاڻ هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي هئائين، جنهن جي کائڻ سان زندگي تمام وڏي ٿي ويندي ، پر کيس خيال آيو ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهن کي موت جو خوف لهي ويندو ۽ وڏي عمر جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون ڏسڻيون پونديون ۽ بيروزگاري وڌي ويندي. ان ڪري اها دوا، اڇلائي ڇڏيائين ۽ نسخو ڦاڙي ڇڏيائين. چيائين اها ڳالهه (مشيت ايزدي) جي خلاف آهي“. (9)

ڪتاب ۽ شاعري
البصائر
مصنف هن ڪتاب جو نالو ”البصائر“ پنهنجي نالي بصر الدين جي مناسبت سان رکيو. بصائر جمع آهي ”بصيرة“ جنهن جو بنيادي ”اشتقاقي“ مادو ”بصر“ ئي آهي. بصيرت جي معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڄاڻن جي نرت، نظر ۽ پروڙ آهي. (10)
سندس ڪتاب ”البصائر“ مان جيڪو فلسفيانه نظريات جي ڪليات جو تت ۽ مختصر خلاصو لکيو اٿن، سندن فلاسافي جو معيار جو اندازو ٿئي ٿو ۽ اها به ڄاڻ ٿي ته کين قديم فلسفانيه نظريات ۽ معقولات متعلق ڪيتري نه معلومات هئي. ان کان علاوه ابن سينا جي ڪتاب تي سندس حاشيا وڏا قيمتي آهن، جئين ”القانون“ الجزءُ الاول ۽ الثالث تي لکيل سندس حاشيا اڄ به موجود آهن. (11)
مخدوم بصرالدين سيوهاڻي انگريزي ٻولي جو به ڄاڻو هو. سندس کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ شيڪسپيئر جي شاعري سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. شيڪسپيئر جي شاعري جي طرز تي پاڻ انگريزي زبان ۾ به شاعري ڪيائون، ان کان علاوه انگريزي ۾ ڪيئي مضمون به لکيائين. عربي زبان تي به عبور هئس، پنهجو مشهور ڪتاب البصائر به عربي زبان ۾ لکيائين. سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪيائون.

مٺو محمد مرسل، معراج ٿيس مان،
رب مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهنجو شان،
کيڪاريو خوشيءَ مان، کيس مالڪ مهربان
ٿيون ڳجهه اندر ڳالهڙيون ڪل پئي ڪنهن ڪانه
دان گهران ٿو تو دان، ڏي تون ئي ڏي دان
ٿيو احمد تي احسان، ڪهڙو بصرالدين بيان ڪري (12)
”مخدوم بصر الدين هن پويئن زماني جو، جنيد بغدادي، امام غزالي، ابن رشد اندلسي ۽ شاھ ولي الله دهلويرح جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع هو، سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو پڇاڙيءَ تائين ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، پر صفحا به برزبان ياد هوندا هيس. (13)
سنڌ جي ناليوار ليکڪ محمود مغل جو والد صاحب نورمحمد مغل مخدوم بصر الدين جي خدمت ڪندو هو، هر وقت ان وٽ ويٺل هوندو هئو. مخدوم بصر الدين صديقي، عربي، انگريزيءَ سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. البصائر مان لکت جو نمونو ڏجي ٿو:
”اما بعد! هي منهنجي مقالي جو ٽيون مسودو آهي، جيڪو مون هن نظريي جي سمجهائڻ لاءِ لکيو آهي ته علاج معالجي ۾ اصل شئي عارضي جي سبب جو خاتمو آهي، جيئن ته مقالو طويل هو. ان ڪري هينئر ان کي مختصر ڪري پيش ڪيو اٿم، جيڪو الله تعاليٰ جي مدد سان پنهنجي (پڙهندڙن) سان ڪتاب جو نالو ”البصائر“ رکيو اٿم. منهنجو رب ئي سئين واٽ توفيق ڏيندڙ آهي. آءٌ ان کان ئي مدد پنان ٿو.
بصيرت: توهان کي ڄاڻ آهي ته هر شئي جو وجود سندس ذات کان آهي، يا ان جو وجود سندس ذات کان نه آهي، پهرئين قسم جو وجود ظاهر به آهي ته باطن به آهي ۽ هر شئي کي ڄاڻندڙ به آهي ۽ جيڪا شئي ائين نه آهي، ان جي ذات يا ته عدم ۽ فنا جي تقاضا ٿي ڪري. ان صورت ۾ ان جو وجود يا ته ممڪن نه هوندو يا ان جو وجود ممڪن هوندو. يعني ان جي وجود ۽ ان جي عدم وار ٻئي پاسا هڪجهڙا هوندا.
بصيرت: مٿي جيڪو (اصول) ڄاڻايوسين، ان ۾ اوهان غور ڪندا ته هن حقيقت تائين پهچي ويندا ته جنهن ممڪن شئي جي ذات وجود ۽ عدم ۾ هڪجهڙائي آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن ترجيح ڏيڻ واري سبب جي ضرور محتاج آهي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پاسن ۾ برابري يعني عدم کان بعد ۾ وجود يا وجود کان بعد ۾ عدم اهڙو معاملو آهي، جيڪو محال ۽ مشڪل آهي.
بصيرت: ڪنهن ممڪن شئي جي ٻن هڪجهڙن پاسن مان هڪ پاسي جو ٻئي پاسي جي ڀيٽ ۾ رائج هجڻ، بلڪل اهوئي ”سبب“ آهي ۽ ان کي ”سبب“ هن ڪري چئجي ٿو ته جو ان جو وجود ٻي شئي راءِ لام ملزوم جي حيثيت رکندو آهي ۽ وري ان شئي کي ”مسبب“ يا ”معلوم“ ٿو. (يعني اها شئي جيڪا ڪنهن ڪارڻ يا سبب ڪري وجود ۾ آئي هجي.“ (14)
هن مقالي جو لکندڙ حيران آهي ته هن کان اڳ ڪنهن مولوي صاحب جو اهڙو فلسفانه بيان ڪٿ نه پڙهيو آهي. ڪائنات يا مالڪ حقيقي جو ڪنهن سبب جي ڪري ظاهر ٿيڻ. وجود ۾ اچڻ فلسفيانه انداز ۾ سمجهايو ويو آهي.

وصال
سيد قطب الزمان، باعمل فاضل بزرگ، حڪيم، صالحين جو صالح جاءِ نشين، پرهيزگار، خليق، خوش مزاج، سخي، سچار، ايماندار، نيڪ نيت ۽ خدا ترس 73 سالن جي ڄمار ۾ اڱاري جي آڌيءَ رات 8 ذالقعد 1356ھ 11 جنوري 1938ع تي قاضي محلا سيوهڻ وفات ڪري ويو. سندس تربت اباڻي قبرستان (لڳ ڇٽو امراڻي) سيوهڻ ۾ آهي. (15) اباڻي قبرستان ۾ ٻيا خاندان جا بزرگ مدفون ٿيل آهن، مخدوم محمد، مخدوم عارف، قاضي محمد مراد، پروفيسر فتح الله صديقي جي وفات 2016ع پڻ هن قبر قبرستان ۾ مدفن آهي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته :
”نهايت دلي درد ۽ قلبي قلف سان هي خبر معلوم ڪئي ويندي ته علوم اسلاميه جو آفتاب عالمتاب سنڌ مان غروب ٿي ويو، يعني حضرت بابرڪت قطب الزمان مخدوم دوران عالم باعمل فاضل بي بدل، مخدوم قاضي ميان بصرالدينرح گذريل هفتي سيوهڻ شريف ۾ وفات فرمائي. پنهنجي پسماندن ۽ متعلقين کي داغ مفارقت ڏيئي ويو. حضرت مخدوم صاحب جو وجود مسعود نادره روزگار هو. پاڻ فنون مشرقيه و مغربيه جا بي نظير فاضل ۽ علوم عقليه و نقليه جا بي مثل عالم هئا. سندن زندگي جو وڏو حصو خلوت ۽ ياد الاهي ۾ گذريو، پاڻ وڏا حڪيم ۽ زبردست فيلسوف هئا. پاڻ انگريزي جا زبردست ماهر هئا. پاڻ عربي جا صاحب تصانيف عالم هئا. سندن بزرگ هستي مجسم فيض و برڪت هئي، سندس صحبت زنگ باطل لاءِ هڪ صيقل هئي. پاڻ هن زماني ۾ سلف صالحين جو بهترين نمونو هئا. پاڻ اجتهادي قوت ۽ استنباطي ملڪ جا ماهر هئا. پاڻ صاحب الراءِ ۽ صاحب راءِ هوندا هئا. سنڌ ۾ ته سندين صفات جو ڪو بزرگ ڪونه هو پر هندستان ۾ ڪو شاذو نادر هوندو. (16)
مخدوم بصرالدين وٽ فلسفي جي وڏي ڄاڻ هئي. پاڻ علمن جو ماهر هو، حڪمت ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هئو. سنڌ جو جيد عالم هو. قلندر لعل شهباز جي شهر جو رهواسي هو. هي به هڪ قلندر هو جنهن سرڪاري نوڪري ڏي، ملڪيت کي به ڌڪاريو، سادي طبيعت جو مالڪ هو، دعا به ڪندو هوته، دوا به ڪندو هو. هن ماڻهوءَ تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي.

حوالا ۽ مددي ڪتاب
(1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي، عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو، 1980ع صفحو 289
(2) مخدوم سليم الله صديقي، (مرتب) مخدوم بصرالدين صديقي جي سوانح ۽ رسالو، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد 2003ع صفحو 25
(3) جي ايم سيد، ”جنب گذاريم جن سين“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع صفحو 34
(4) مخدوم سيلم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين صديقي حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19
(5) مخدوم سيلم الله صديقي، مرتب مخدوم بصر الدين صديقي حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 4
(6) آگرو غلام رباني، حصو ٻيو جهڙا گل گلاب جا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2007ع صفحو 309
(7) مخدوم سليم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 45
(8) مخدوم سليم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 46
(9) جي ايم سيد، جنب گذاريم جن سين، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 34
(10) مخدوم سيلم الله، (مرتب) مخدوم بصرالدين حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 5
(11) مخدوم سليم الله (مرتب) مخدوم بصرالدين رسالو حوالو اڳ آيل آهي. 30
(12) سيوهاڻي ٻرڙو خير محمد ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع سفحو 380
(13) ميمڻ عبدالغفو سنڌي، عظيم سنڌي انسان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 291
(14) سيلم الله صديقي، مخدوم بصرالدين جي سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي صفحو 2
(15) سيوهاڻي ٻرڙو، خيرمحمد سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 382
(16) سيلم الله صديقي مرتب مخدوم بصرالدين جو رسالو صفحو 49.

بابا احمد علي قريشيرح

بابا احمد علي قريشيرح

¬بابا احمد علي قريشي ولد جان محمد قريشي ڳوٺ ”ٽڳا“ (ڳوٺ ٽڳا پيارو شگر مل جي ويجهو آهي)ضلعي دادو ۾ ڏينهن آچر 11 جمادالثاني 1351ھ بمطابق 01 آڪٽوبر 1933ع تي پيدا ٿيا. سندن والده ماجده جو نالو بي بي مريم رحمت الله عليه هو. سندس اصل نالو مير محمد معروف بابا احمد علي قريشي قلندري هو.
پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽڳا مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ٽنڊو جان محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ ماسٽرس جي ڊگري برطانيا مان حاصل ڪيائين. پاڻ ڊبل ايم اي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ برطانيا جي يونيورسٽي آف ريجننگ مان ايڊوانس ايجوڪيشنل اسٽڊيز ۾ ڪرڻ فرمايائون.

ملازمتون
پوليس کاتي ۾ ڪلارڪي
پرائمري استاد
هيڊ ماستر (تقريباً 10 سال هاءِ اسڪول سيوهڻ جا هيڊ ماستر رهيا)
ڪاليج ۾ پروفيسر
نيشنل بوڪ فائونڊيشن
سيڪريٽري UGC
پرائمنسٽر انسپيڪشن ڪميشن
بابا احمد علي قريشي 1993ع ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيو. ”هي بزرگ، زماني جو اويس، عارف حق، عاشق رسول، مرشد شهباز قلندر جو مستانو (لاهوتي لعل، باطني ۽ روحاني فيض قلندر لعل شهبازرح ۽ حضرت مرشد علي ڪرم الله وجهه جن کان حاصل ڪيو. (1)
سندن خاص ورد درود شريف هوندو هيو، 1952ع کان درود جي ورد جي شروعات ڪيائين. 1988ع 12 مارچ تي انجمن غلامانِ قلندري جو بنياد وڌائين فقيري جو سلسلو وڏي تعداد ۾ هوندو هيس، سنڌ ليول تي درود جي محفل ڪرائيندو هيو. (هن مقالي لکندڙ) ڪافي ڀيرا پڻ درود جي محفل ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پري پري کان مريد ڪهي سيوهڻ ايندا هيا. ڪروڙن جي تعداد ۾ درود پڙهيو ويندو هو.

شادي
1962ع تي سيٺ بهاول خان جي نياڻي سان شادي ڪيائين جنهن مان 3 پٽ 2 نياڻيون ٿيون. پهريون نمبر فرزند صفدر علي قريشي ٻيون نمبر فرزند اصغر علي قريشي ٽيون نمبر اڪبر علي قريشي آهي. هن وقت گادي ۽ مريدي سلسلو سندس وڏو فرزند صفدر علي قريشي سنڀالي ٿو.

ادبي خدمتون
(1) شاهدات قلندر (حضرت قلندر لعل شهباز مروندي)
. Shah Abdul Latif, A Great Sufi sent(2)
(3) مولان جلال الدين رومي
(4) Arbic contribution to words civilization of Sindh
ان کانسواءِ شاعري جو به شوق رکندو هو. بابا احمد علي قريشي گهڻي شاعري ڪانه ڪئي هڪ ٻه منقبت چيون اٿس جنهن ۾ ميرل تخلص استعمال ڪيو اٿس.

نيهين رمز رلايا نال
مست و مست قلندر لال

مرشد ميڏا ڪهان مين ڪامل
علم عمل دا عالم عامل
ڀلي ڪِتي هنس ڀال
مست و مست قلندر لال

عشق الله دا ميڪون سکايس
رمز رندان دي ميڪون وکايس
وھ وھ واھ ننگي ننگ پال
مست و مست قلندر لال

اوکيان راهان پار ڪرايس
بار بندي دا سر تي چايس
ڪيها تنهن ڪڻ ڪال
مست و مست قلندر لال

”ميرل“ مرشد آپئين آيا
سگها ڪيتا تنهن سهڻي سايا
جيئڙا جس هونئين جال
مست و مست قلندر لال
(بابا احمد علي قريشي)
بابا احمد علي قريشي فن جا وڏا قدردان هئا. سندن نياڻي paintings ڪندي هئي، هميشه ان کي همٿائيندا هئا. نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو چوندا هئا. پکين جو شڪار، هرڻ جو شڪار، مڇيءَ جو شڪار دل سان ڪندا هئا. دوستن سان گڏ شڪار ڪندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلا به شڪار تي نڪري ويندا هئا.


ميوزڪ
”ميوزڪ لاءِ عام طرح چيو ويندو آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي. ڪجهه بزرگن سماع ۽ راڳ کي پسند ۽ ڪجهه ناپسند ڪيو آهي، پر پاڻ جن کي ڪڏهن جي وقت ملين ته صوفياڻو ڪلام، قواليون، نعت ۽ غزل به ٻڌائون ٿي. خاص ڪري ميڊم عابده پروين، مائي ڀاڳي، استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد يوسف جا ڳايل ڪلام شوق سان ٿي ٻڌائون. يوڪي برطانيه ۾ تعليم دوران ڪڏهن ڪڏهن اُتي جي دوستن يعني Native Fellows کي مرشد قلندر لعل شهبازرح جن جي ڌمال ٻڌرائي مست ڪري ٿي ڇڏيائون. (2)
سنڌ جو ناميارو شاعر حسن درس به سندس مريد هيو، اهڙو اظهار حسن درس پنهنجي شاعري ۾ به ڪيو آهي؛
بندا بابا قريشي سان اچي جنهن باغ ۾ لهندا،
سجايل سيج سيوهڻ جي، تڪيا تن جا اتي ٺهندا.
ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي وسيلا واھ جيئن وهندا،
اسان جا اندر اورانگهي اتي رمتا اچي رهندا،
هوا جي هٿ تي ڏيئا اسان جا پاٽ ۾ ٻرندا،
ڪُنن مان تون اُڪاريندي توانا تار ۾ ترندا
اسان جا ڇيڪ ٿي ڇيلا سدائين چاندني چرندا
اونداهي گُگھه مان گهوڙا اسان جا خير سان ورندا،
قلندر قافلا تنهنجا پُري تو وٽ اچي ٺرندا،
صدين جا پنڌ سوگها ٿيا لڏائون لال لمحي ۾. (3)
بابا احمد علي قريشي صوفي درويش انسان هو، مجازي عشق کان حقيقي عشق تي پهتو. هڪ دفعي پروفيسر فتح الله صديقي مونکي ٻڌايو هو ته بابا احمد علي قريشي جواني ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ڪندو هيو، ان ڇوڪريءَ جي سونهن جي تعريف ڪندو هو. پوءِ قلندر جي عشق ۾ رنڱجي ويو. بابا احمد علي قريشيرح جون ڪيئي ڪرامتون ۽ قصا ٻڌايا وڃن ٿا.

روحاني طريقو
اويسي قلندري
پاڻ جن حضرت غوث بهاءَ الحق ملتانيرح جي خانداني لڙي جا اولاد آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪافي ڪو غزل گنگنائيندا هئا، آخر تائين زندگي ۾ صفا سڌا سنوان سادڙا صاحب شريعت نه رڳو ٻين مان ڪڏهن وٿون ڪڍندا ۽ ٽوڪيندا رهيا، نه ڪڏهن به نه. ان کانسواءِ حضرت قلندر لعل شهباز جي فڪرانگيز شاعري هجي يا ڀٽائي جو رسالو، سچل جو رسالو هجي يا بيدل جابيت مسلم هسٽري هجي يا جنرل هسٽري ۽ مذهبن جو گهرو Comprative تقابلي مطالعو ٿيل رهيو. مجذوبن، ملنگن، مستن، عالمن جي سڄي دنيا جي ڄاڻ سان گڏو گڏ ڪڏهن ڪڏهن رهاڻ ۾ شڪار جا به داءُ پيچ ٻڌائيندا هئا.
موجوده دور جي ايجاد ڪمپيوٽر جي ڄاڻ سان گڏ يورپ ايشيا، آفريڪا ۽ حجاز مقدس جو مطالعو پڻ ڪيل، گهڻي قدر سنڌ پنجاب بلوچستان ۽ سرحد جي ندين، نالن ۽ ڍنڍن ڍورن چولستان کان ٿر تائين ٿاڻي بولا خان کان خانس پور جي گهاٽن ٻيلن تائين جي جاگرافي کان پڻ واقف هجڻ باوجود سندن وردن وظيفن تي ذڪرن تي مختلف درود پاڪن نمازن روزن تي ڪڏهن به سندس دسترس ڍري نه ٿي. (4)
بابا احمد علي قريشي 6 جولاءِ 2001ع مطابق 14 ربيع الثاني 1422ھ جي رات 1:30 وڳي هن فاني دنيا کي ڇڏي راھ رباني اختيار ڪيائون. سندس آخري آرامگاھ لعل باغ سيوهڻ شريف جهانگارا ڏي ويندڙ روڊ تي ڇنڊڻ جي ڪپر تي آهي. هن وقت سندس مٿان عاليشان مقبرو ٺهيل آهي. مقبرو سندس وڏي فرزند صفدر علي قريشي ٺهرايو آهي.

بابا پير ”زنجيرن وارو“ (اقبال شيخ)

بابا پير ”زنجيرن وارو“ (اقبال شيخ)

سندس اصل نالو محمد اقبال ولد احمد الدين شيخ 1950ع ڌاري لاهور ۾ ڄائو، پر سيوهڻ ۾ خادم حسين شاھ ولد يوسف شاھ سڏرائيندو هيو. ٽيھه ٻٽيهه سال سيوهن شريف ۾ رهيو. قلندر لعل شهباز جو وڏو عقيدت مند هيو. محمد اقبال کي لوهي زنجيرون پاتل هونديون هيون، ان ڪري هن کي زنجيرن وارو پير سڏيو ويندو هو. هن فقير هڪ جڳهه سيوهڻ ۾ ورتي هئي، جا حافظ صالح سولنگي جي گهر جي پاسي ۾ آهي. وصيعت موجب فقير ان جاءِ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس وفات 18 جولاءِ 2006ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي ان وقت سندس ڀاءُ محمد الياس شيخ سيوهڻ آيو هئو. ان ٻڌايو ته اسان ذات جا شيخ آهيون، ڪپڙي جو واپار ڪندا آهيون ۽ لاهور ۾ رهندا آهيون. (هي مقالو لکندڙ) محمد اقبال کي اکين ڏٺو هيو اڪثر خاموش ويٺو هوندو هيو، زنجيرن ۾ ويڙهيل هوندو هئو. وار وڏا هوندا هئس. اڪثر ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو، صوفي ماڻهو هيو ڪڏهن نماز پڙهندي يا مذهبي پرچار ڪندي نه ڏٺو.

فقير بابا نيشان علي آرائين

فقير بابا نيشان علي آرائين

فقير بابا نيشان علي اصل گجرانوالا جو رهاڪو هيو، پاڻ ذات جو آرائين هيو. ڪيترائي سال قلندر لعل شهبازرح تي حاضريون ڀريندو رهيو ڪافي سال سيوهڻ شريف رهيو. سندس هڪ ڀاءُ به هيو، اولاد ۾ هڪ نياڻي ٻڌائي وڃي ٿي.
فقير نيشان علي درويشي ۾ رهندو هيو. فقير نيشان علي هڪ پلاٽ جو ٽڪرو ورتو هيو، جنهن تي پنهنجو آستانو ٺاهيو هئائين دفن به ان جاءِ تي ئي ٿيل آهي. سندس مقبرو قلندر لعل شهباز ڏي ويندڙ پراڻو گيٽ واري رستي تي قديم سبزواري مسجد ويجهو ڏاڏو بيگن شاھ سبزواري جي مقبري جي ڀرسان آهي، اهل تشيع مسجد هن جي ڀرسان ٺهيل آهي. وفات کان پوءِ مقبرو سندس خليفن ٺهرايو آهي. (هي مقالو لکندڙ) هن فقير کي روبرو ڏٺو هيو، ڪڏهن درويشي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن وات کليل هوندو هيس. عمر اٽڪل 80 سال کن هيس، مقبري تي ٽائل ۽ شيشي جو ڪم ٿيل آهي، لعل سائين تي ايندڙ ويندڙ زيارتي هن درويش جي زيارت ڪن ٿا. هن مقبري سان گڏو گڏ بازار آهي جتي هر روز رش لڳي پئي آهي.

فقير رسول بخش ملاح ”ٻيڙي وارو“

فقير رسول بخش ملاح ”ٻيڙي وارو“

فقير رسول بخش ملاح ولد محمد بچل ملاح ولد محمد اسحاق ملاح سيوهڻ شريف جي بندر محلا ۾ ڄائو، صرف قرآن شريف مدرسي ۾ پڙهيو هو. ٻي ڪا تعليم حاصل نه ڪيائين. پاڻ چار ڀائر هئا. پهريون وريام فقير، ٻيو صالح فقير، ٽيون فقير رسول بخش ملاح (ٻيڙي وارو“ چوٿون پيرل ملاح، پاڻ اڪثر ڪري درياءَ تي ٻيڙيءَ ۾ ويهي عبادت ۾ مشغول هوندا هيا. ان ڪري هن فقير تي نالو ”فقيررسول بخش ملاح ٻيڙي وارو“ پيو جيڪو مشهور ٿي ويو. سندس مرشد محمد يوسف شاھ (مسوڀرڳڙي) لڳ حيدرآباد جن هيو.
سندس وٽ اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاھ بابا احمد علي قريشي ۽ ٻيا ڪيئي دعا وٺڻ ايندا هيا. سندس وٽ هڪ دفعو محترمه شهيد بينظير ڀٽو به آئي هئي. آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن فقير رسول بخش ملاح بيمار هيو ۽ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هيو ته اڳوڻي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاھ سندس علاج ڪرايو هو. سندس مقبرو سندس پوٽي فقير علي گل ملاح ٺهرايو آهي. علي گل ملاح جو چوڻ آهي ته هي جيڪو مقبرو مون ٺهرايو آهي ان ۾ جديد دور هوندي به لوھ جو استعمال نه ڪيو ويو آهي. مقبري جي ديوارن ۽ اڏاوت ۾ چن، کيرولي، ڏاچي جو کير، سيمينٽ، اڇي واري درياءَ جي وادي ۽ سرون استعمال ڪيون ويون آهن. ڪاريگر غلام قادر ملاح دادو واري گنبذ بيهاريو آهي ۽ بنيادي ڪم استاد علي نواز ملاح ڪيو آهي.
فقير رسول بخش ملاح ٻيڙيءَ واري جي وفات 17 ربيع الثاني 1416ھ بمطابق 14 سيپٽمبر 1995ع تي ٿي سيد عبدالله شاھ جي چوڻ موجب کيس لعل باغ سيوهڻ جهانگارا ويندڙ روڊ ڇنڊڻ جي ڪناري مدفون ڪيو ويو، جتي سندس مٿان عاليشان مقبرو ٺهيل آهي. مقبرو بابا احمد علي قريشي جي مقبري سان گڏو گڏ آهي1. (هي مقالو لکندڙ)
هن فقير کي روبرو ڏٺو هيو، مٿي کي رومال ٻڌندو هيو، چاپاهي ڏاڙهي هوندي هيس، ڏاڙهي کي ميندي هڻندو هيو، نيڪ انسان صوفي منش درويش هيو، ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏکايائين نه ڪنهن کي برو ڀلو چيائين.


حوالا
(1) خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي سيوهڻ صدين کان مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 429
(2) عبدالرحيم لغاري سهيڙيندڙ حضرت بابا سائين احمد علي قريشي قلندري ميرل اڪيڊمي حيدرآباد 2016ع ص 76
(3) رسالو حسن درس جو انڊس فائونڊيشن حيدرآباد 2001ع ص 37
(4) عبدالرحيم لغاري سهيڙيندڙ حضرت بابا سائين احمد علي قريشي قلندر ميرل اڪيڊمي حيدرآباد 2016ع ص 176- 175

فقير بابا يوسف

فقير بابا يوسف

فقير بابا يوسف ولد غلام قادر چڪوال جي ڳوٺ ”ڀين Bheen“ ۾ 1922ع ڌاري ڄائو، ذات جو اعواڻ هو. تعليم 7 درجا هئس. 20 سالن جي عمر ۾ سيوهڻ آيو، قلندر لعل شهباز جي درگاھ جو ڪجهه وقت پاڻي ڀريندو هو. پاڻ شادي نه ڪيائين مجرد هو. بابا يوسف وارا 5 ڀائر هئا. (1) بابا يوسف، (2) محمد انور، (3) محمد فاضل (4) محمد بنارس، (5) لال خان. وفات 27 فيبروري 2011ع بابا يوسف جي والدغلام قادر کي سندس ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مدفون ڪيو ويو1.
بابا يوسف قلندر لعل شهبازرح جو وڏو معتقد هو. بابا يوسف جي مزار مخدوم ڇٽو امراڻي جي ويجهو آهي. مزار کي چوديواري ڏنل آهي. هن وقت مٿس مقبرو ٺهيل نه آهي. سندس ڀر ۾ سومر سوائي جي مزار ٻڌائي وڃي ٿي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي مزار بابا يوسف کان اڳ جي آهي. ليڪن ان بابت ڪا معلومات نه ٿي ملي. فقير بابا يوسف 3 جمادالثاني 1413ھ، 29 نومبر 1992ع تي وفات ڪئي. مشهور درگاھ ڇٽي آمراڻي جي اتر اولهه سيوهڻ دفنايو ويو.

سيد خان شاھه شيرازي

سيد خان شاھه شيرازي

سيد خان شاھ شيرازي ولد سيد عالم شاھ شيرازي ولد سيد محمد بچل شاھ شيرازي تعلقه سيوهڻ جي ڳوٺ ڪرمپور ۾ 1951ع ڌاري پيدا ٿيا. سندس تعليم ميٽرڪ هئي، سيد خان شاھ کي سيد خان شاھ لاهوتي به سڏيو ويندو هئو، سندس اُهو نالو مشهور به هئو ۽ هن وقت به مشهور آهي.
”پاڻ سيوهڻ ۾ اچي پنهنجي هڪ الڳ بيٺڪ ٺاهي، فقيري رنگ ۾ اچي ويهي رهيو، کيس قلندر سائين جي فيض مان عاجزي ۽ انڪساري جو ونڊ مليو، کيس قلندر سائين جي درگاھ سان گهڻو پيار هو. پاڻ سيوهڻ جي هر امير توڙي فقير، ساداتن سميت عام ماڻهن سان نياز مندي ۽ عاجزي سان پيش ايندو هو(1). سندن چوڻ هو ته قلندر جي شهر جي هر ماڻهو توڙي جانور جو احترام ڪرڻ گهرجي، سيد خان شاھ شيرازي وارا ڇھه ڀائر هئا.
سيد احمد علي شاھ
سيد بچل شاھ
سيد علي بخش شاھ
علي اصغر شاھ اصغر شيرازي
سيد خان شاھ شيرازي
سيد خان شاھ شيرزاي جو والد صاحب سيد عالم شاھ شيرازي 1904ع ۾ ڳوٺ ڪرمپور تعلقه سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيا. پاڻ پنهنجي وقت جا تمام وڏا نيڪ بزرگ هئا. تعليم جي حصول لاءِ شروع ۾ ڪاٺيا ڪيريا موجوده نوان ڀلائي تعلقا سيوهڻ ۾ پڙهڻ ويٺا. جتان پوءِ ڳوٺ ڪٻرن لڳ قاضي احمد ضلعي نوابشاھ ۾ علامه مولوي عبدالله يمشي ڪٻر وٽ علم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيا. (2)
سيد عالم شاھ شيرازي سعودي عرب به ويا هئا جتان حج جي سعادت ماڻي واپس آيا. ”پاڻ بذات خود ڪنهن کي به مريد نه ڪيائون، ليڪن سندن خاندان جي وڏڙن جا جيڪي مريد هئا. تن کي بخوبي ٻچن وانگر سنڀاليندا هئا. قد بت ۾ پورا پنا، نه ٿلها نه سنها، اکيون وڏيون ڀرون جاڙا سفيد هئا، سندن منهن مبارڪ ۾ هشمت ۽ نور پيو نظر ايندو هو. لباس ۾ اڇو پهراڻ ۽ اڇي شلوار اوڍيندا هئا. اڇي ململ جي پڳ ۽ اڇي چادر زيب تن ڪندا هئا. پيرن ۾ موچڪي جتي پائيندا هئا، هلڻ جا مور ۽ قدم کڻڻ ۾ محبوب لڳندا هئا. (3) 5 رمضان المبارڪ 1395ھ مطابق 1975-8-12 تي هيءَ دنيا ڇڏيائون.
سيد خان شاھ شيرازي الله لوڪ انسان هئو، چرس تمام گهڻو واپرائيندو هئو. هن مقالي لکندڙ هن فقير شخص کي روبرو ڏٺو هو. طبيعت جو سادو جڏهن ته خان شاھ جو والد صاحب اهل سنت جي فرقي سان تعلق رکندو هو، ته سائين خان شاھ شيرازي ۾ اهل تشيع جي فرقي سان محبت رکندو هو. آءٌ جڏهن احوال لکڻ لاءِ خان شاھ شيرزاي جي درگاھ تي ويس ته مٿان مقبرو خوبصورت ٺهيل هئو. ڪيئي زيارتي اچن وڃن پيا. ٻاهرين ديوار تي هي شعر اردو ۾ لکيل هئو،
سائين خان شاھ دولها
تيرا جنت ۾ جهولا
جو تجهه ڪو بهولا
وه در در رولا
سيد خان شاھ شيرازي شادي ڪانه ڪئي هئي. ان ڪري کيس دولها گهوٽ چيو وڃي ٿو. سيد خان شاھ جو مقبرو چوٿنبي ڏي ويندڙ رستي تي ريل ۽ روڊ جي وچ ۾ موجود آهي. سيد خان شاھ جو وصال ناگياني واقعي سبب ٿيو. خان شاھ پنهنجي رهائش تي ستل هئو، ڪکائون ڇپرو ٺهيل هو رات جو ڇپر کي اوچتو باھ لڳي وئي. سائين خان شاھ به ان ۾ سڙي شهيد ٿي ويو. 29 شوال 1418ھ 27 فيبروري 1998ع تي وفات ڪيائين.

حوالا
(1) دم مست قلندر مئگزين 2010ع اگسٽ صفحو 14
(2) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع صفحو 406
(3) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 407

فقير لعل داس ڏيئي وارو

فقير لعل داس ڏيئي وارو

فقير لعل داس جو اصل نالو ٻيو هو، پر قلندر لعل شهباز جي خدمت ڪري( سيد ولي محمد شاھ لڪياري جنم 1868ع وفات 1938ع) هن ديوان جو نالو لعل داس رکيو، (معنيٰ لعل جو ٻانهو). فقير لعل داس ولد ساون سنگهه جي گهر ۾ موجوده آزاد ڪشمير (ديوا بٽالا) ۾ 1901ع ڌاري ڄائو. لعل داس وارا پنج ڀائر هئا، فقير لعل داس ٽيون نمبر هو. 1920ع ڌاري سيوهڻ شريف آيو، قلندر لعل شهباز جي ڏيئي ٻارڻ جي ڊيوٽي 1930 کان شروع ڪئي هئي. هي روزاني شام جو حضرت قلندر سائين جي مزار تي وڃي درگاھ جي ٻين مشعالچين فقيرن وانگر ڏيا ٻاري جوتون جلائيندو هو. سندس ٻاريل ڏيئن ۾ هيمشه کوپري جو تيل استعمال ڪندو هو. هن اها ڊيوٽي پنهنجي مرڻ (وصال ڪرڻ) تائين ادا ڪئي. سردي توڙي گرمي ۾ شام جو جوت جلائڻ ۽ روزانو فجر جو درگاھ ۾ اچڻ هن ڪڏهن به ڪونه وساريو، درگاھ جا سڀ مجاور ۽ سادات کيس ڀائيندا هئا. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ سيوهڻ مان هندن جي لڏي وڃڻ ڪري (قانون گو) هندن جي ميلي واري ميندي کي نهايت عقيدت سان کنيو1. قلندر لعل شهباز جي ٽي ڌمال واري ميندي فقير لعل کڻندو هيو. هاڻ اها ڊيوٽي سندس پٽ لعل گل ڏئي ٿو.
فقير لعل داس ٻه شاديون ڪيون، پهرين شادي مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو. ٻي شادي مان عمر جي آخري حصي ۾ کيس 2لعل گل 1988ع ۾ ڄائو. فقير لعل داس وٽ فلمي دنيا جا فنڪار، اداڪارائون ۽ اداڪار تمام گهڻو ايندا هئا. سندن وٽ اڪثر راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. خيرات جو سلسلو هلندو رهي ٿو، روزاني شام جو نياز ننگر ڪيو ويندو آهي. فقير لعل داس 1993ع ۾ هن دنيا کي ڇڏي راھ رباني ورتي. کيس سيوهڻ ۾ دفنايو ويو مٿان ڪمرو نما جڳهه ٺهيل آهي. جنهن تي ڪيترائي زيارتي ايندا رهن ٿا. سندن مريد هندن سان گڏ، سک ۽ مسلمان به گهڻا اٿس. سندس مقبرو مير صلاح الدين لڪياري جي ويجهو اوڀر ڏکڻ ۾ موجود آهي. جنهن تي فقير لعل داس چراغي لکيل آهي. هي اردو زبان ڳالهائن ٿا.

عالم چنو

عالم چنو
دنيا ۾ ڊگهي قد وارو شخص

عالم چنو ولد محراب خان چنو 1956ع تي ڳوٺ بچل چنا تعلقو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو(1). عالم چنو پهرين هڪ عام شخص هو سندس تعليم به ڪا خاص ڪانه هئي، اوچتو فطري طور سندس قد وڌي ويو، دنيا جي وڏي قد وارن شخصن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، چنا ذات سيوهڻ جي قديمي رهاڪو آهي. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان وقت چنا ذات وارن اسلام قبول ڪيو هو.
عالم چني کي دنيا جو سڀ کان ڊگهو انسان هجڻ جو اعزاز 1985ع ۾ حاصل ٿيو. ان کان اڳ اهو اعزاز بنگلاديش جي شهر ڍاڪا جي رهاڪو (پنٽرا برمن) کي حاصل هو. جنهن جو قد اٺ فوٽ ٽي انچ هو، جنهن جي وفات کان پوءِ 7 فوٽ 8 انچ ڊگهو قد رکندڙ عالم چني کي دنيا جو سڀ کان ڊگهو انسان قرار ڏنو ويو. (2)
عالم چني ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻي پر زندگي ۾ کيس ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. بسن ۽ ويگنن ۾ سفر نه ڪري سگهندو هيو. 1986ع ۾ صدر ضياءَ الحق کيس هڪ ٽويٽا ڪار سوکڙي طور ڏني هئي. پر ان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ اڳين سيٽ ڪڍڻي پوندي هئس ۽ چيلهه چٻي ڪري ويهڻو پوندو هئس. جنهن ڪري کيس چيلهه ۾ سور پئجي ويندو هو، تنهن کانسواءِ گاڏي ۾ چڙهڻ لهڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي مدد حاصل ڪندو هو. سندس پيرن ۾ ٻاويهين نمبر جا بوٽ يا چپل پورا ايندا هئا. جيڪي هو خاص آرڊر تي تيار ڪرائيندو هو. سندس وڳو پندرهن ميٽرن مان تيار ٿيندهو هو. سمهڻ لاءِ هن ڏھ فوٽ ڊگهو پلنگ ٺهرايو هو. (3)
پهريائين ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ جو ملازم هو بعد ۾ اوقاف کاتي ۾ ملازم ٿيو. حضرت قلند رلعل شهباز تي اڪثر حاضريون ڏيندو هيو. ٻهاري به ڏيندو هيو. صفائي به پنهنجي هٿ سان ڪندو هيو. کيس مالي مدد اوقاف کاتو، ريڊيو پاڪستان،پاڪستان ٽيليويزن، پي آءِ اي، حبيب بئنڪ، حڪومت سنڌ، حڪومت پاڪستان ۽ ٻين ڪمپنين ۽ ادارن طرفان ڪئي ويندي هئي. عالم چنه ٿوري وقت ۾ سٺي ملڪيت ٺاهي ۽ سٺي زندگي گذاريندو هيو، ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيائين جن ۾ سعودي عرب، آمريڪا، برطانيه ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
عالم چنه پهرين شادي هڪ خوبصورت پٺاڻي عورت سان ڪئي، پر جلدي ٻنهي وچ ۾ جدائي ٿي ويئي، 1988ع ۾ ٻي شادي سيوهڻ مان نسيم عرف نصيبا نالي عورت سان ڪيائين جنهن مان کيس هڪ پٽ عابد چنا ڄائو. عالم چنه کي چار ڀائر ۽ پنج ڀينرون هيون، عالم چنو سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو هيو. سياست ۾ به سيوهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽي سان لاڳاپيل هوندو هو.
هڪ ڀيرو ڌاڙيلن طرفان هڪ چٺي مليس، جنهن ۾ کيس ڳري رقم ڏيڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر پاڻ اها ڳري رقم ڏيڻ جي سگهه ساري نه سگهيو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سميت ڪراچي وڃي رهڻ لڳو، هر سال، پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن ملهائڻ آمريڪا، ويندو هو. جنهن جو انتظام پاڪستاني سفارخاني طرفان ڪيو ويندو هو. عالم چنه آمريڪا جي هڪ اشتهاري ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ڳري رقم سان گڏو گڏ آمريڪا جي ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي. عالم چنه جي وزيٽنگ ڪارڊ تي سندس نالي کانپوءِ گهمندڙ ڦرندڙ سفير، لکيل هوندو هو. پاڻ ڪيترن ئي فلاحي ادارن لاءِ فنڊ گڏ ڪيائين، کيس سنڌ جي قديم آثارن سان تمام گهڻي محبت هئي، هن جاپان جو دورو ڪري موهن جي دڙي لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ته جيئن پنهنجي شاندار ماضي کي محفوظ رکي سگهون. (4)
عالم چنو سماجي ڪم ڪندي هڪ وڏي بلڊنگ سيوهڻ ۾ (سگا) سماجي تنظيم کي ڏني. عالم چني جي گڙدن ۾ خرابي ٿي پئي، حڪومت طرفان آمريڪا موڪليو ويو، جتي هن 2 جولاءِ 1998ع تي نيويارڪ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. سندس جسد خاڪي کي سيوهڻ ۾ آڻي شهباز ڪالوني جي مسجد جي احاتي ۾ مدفون ڪيو ويو. شهباز ڪالوني واري مسجد جو بنياد پاڻ رکيو هئائون، ان مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا. هن مقالي لکندڙ به سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي.


حوالا
(1) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو ،سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 432
(2) وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ مرتب سرجڻهار پبليڪيشن دادو 2011ع ص 244
(3) وگهيو نياز ،”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ حوالو اڳ آيل آهي. ص 244
(4) وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ حوالو اڳ آيل آهي. ص 245

سيد نظر علي شاھه عرف نبن شاھه

سيد نظر علي شاھه عرف نبن شاھه

سيد نظر علي شاھ عرف سيد نبن شاھ ولد سيد نور علي شاھ جو جنم خيرپور ميرس جي محلي ”سعيده“ ۾ ٿيو. پاڻ ٻه ڀائر هئا. سيد نبن شاھ سيوهڻ ۾ اچي دودا مرد حقاني وار ڪافي وسائي.. هن ڪافي جي فقيرن جو سرگروھ هيو. سيد نبن شاھ قلندر لعل شهباز جي رسمن ڌمالن، ميندين، ميلن ملاکڙن ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هيو. فقراءُ کي سنڀاليندو هيو. پيري مريدي سنڌ سان گڏ پنجاب ۾ به گهڻي ڪيائين. سيد نظر علي شاھ عرف نبن شاھ جي وفات 1983ع سيوهڻ شريف ۾ ٿي، کيس دودا مرد حقاني ڪافي ۾ مدفون ڪيو ويو. پهرين سيد نظر علي شاھ جي مٿان مقبرو ٺهيل هو پر سادي نموني هو، هن وقت نئين مقبري جو خوبصورت شاندار، گلن چٽن درين ۽ درن تي ڪم هلندڙ آهي.
دودا مرد حقاني جي ڪافي ۾ اندر جڏهن تحقيق لاءِ پهتس ته سيد نظر علي شاھ جي پوٽي ڪرم الله شاھ سان ملاقات ٿي، پڇا ڪيم ته دودا مرد حقاني مزار ڪٿي آهي، ٻڌايو ويو ته اها مزار پنجاب ۾ آهي آءٌ حيرت ۾ پئجي ويس، مون کي خيال هو ته تذڪره مشايخ سيوستان ۾ ذڪر ٿيل بزرگ شخص شيخ دوده جي مزار هوندي. ليڪن مون کي اها مزار نظر نه آئي، 4 مزارون هيون، جيڪي هن وقت جي بخاري سيدن جون آهن، ان مان هڪ جو بيان مٿي ٿي چڪو آهي. 3 جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو شايد شيخ دودي جي مزار ميسارجي وئي افسوس.! معمور شاھ عرف سيد گدا حسين شاھ بخاري ولد سيد نبن شاھ بخاري پيدائش 1946ع وفات 2006ع سيوهڻ شريف مدفن ڪافي دودا مرد حقاني، سيد هاشم شاھ وفات 2010ع مدفن دودا مرد حقاني، سيد امير حيدر شاھ، پيدائش 1967ع وفات 2014ع مدفن مرد حقاني.
مٿي ذڪر ڪيل چئن شخصيتن جون مزارون انهيءَ روضي جي اندر آهن. دودا مرد حقاني ڪافي، سيوهڻ ڪاليج روڊ کوسه محلا جي سامهون اولهه ۾ آهي.

مير حاجن مير جا ڇپيل ڪتاب

مير حاجن مير جا ڇپيل ڪتاب
رنگ، خوشبوءِ ۽ گل شاعري 2008ع
نيرا خواب شاعري 2012ع
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون تحقيق 2014ع
سڄڻن ياد ڪيوم خط 2016ع
موتي ميڙيا مون (تحقيق) 2018ع
سيوهڻ شهر جون تاريخي درگاهون ( تحقيق) . 2019 ع

ڊاڪٽر عابد مظهر ( فن ۽ شخصيت) (مرتب ) 2022ع