تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

سنڌ سلامت پاران

ھي ڪتاب ”ادبي تاريخ (تعلقي لکيءَ جي)“  پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومري جو تعلقي لکيءَ جي ادبي تاريخ تي مشمتل آھي. ھِي ڪتاب 2017ع ۾ 

ٿورائتا آھيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنھن ھِي سنڌسلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ گڏوگڏ سافٽ ڪاپِي ايميل وسيلي مول

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر 83

حق ۽ واسطا محفوظ

 

ڪتاب جو نالو:  ادبي تاريخ  (تعلقي لکيءَ جي)

موضوع: تاريخ

ليکڪ:  محمد شريف “شاد” سومرو

ڇاپو پهريون:  نومبر 2017ع

ڪمپوزنگ: جبران علي سومرو، شڪارپور، سنڌ

ٽائيٽل ڊزئين:         شاهزيب ميمڻ

ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” اڪيڊمي شڪارپور

ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن 

سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد

03003513966

 

مُلهه: -/600

 

ADABI TAREEKH (TALUKE LAKHEE JE)

(History)

By: Mohammad Sharif “Shad” Soomro

Sambara Publication Hyderabad 

03003513966


انتساب

الحاج ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو

جنم 01 جولاءِ 1934ع وفات 10 جون 2011ع

سنڌ جي مشهور عالم فاضل، محقق، اديب، صاحب ديوان شاعر، تاريخ نويس، ڊرامه نويس، افسانانگار، مقالا نگار، تنقيد نگار ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو جي نالي، جنهن سنڌي پڙهائڻ سان گڏ ادبي ميدان ۾ به رهنمائي ڪئي.                                                            

 محمد شريف “شاد” سومرو شڪارپور

پبلشر پاران:

پبلشر پاران:
سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ارتقا جا مرحلا توڙي جو مختلف وقتن تي مختلف شڪلين جي صورت ۾ اسان سامهون ايندا رهيا آهن، خاص طور ڪنهن مخصوص علائقي جي ادبي تاريخ جو نچوڙ ۽ مختلف زاوين کان پرکي يڪجا ڪرڻ جهڙو اوکو ڪم تمام گهٽ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو پر سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومري ” ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نه فقط پنهنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾ ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان به ملن ٿا ته هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو به ملندو، جنهن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد به شامل آهي.
پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو بغير ڪنهن هام جي خاموشيءَ سان سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪو خاموشيءَ سان پورهيو ڪيو آهي، ڀل جا ان کي اها مڃتا نه ملي هجي پر شڪارپور ضلعي جي محققن لاءِ سندن تاريخ سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي ذڪر بنا اڌوري يا اڻپوري ئي محسوس ٿيندي.جهڙي طرح پاڻ هن ڪتاب ” ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنهن جو به ٿورو حصو رهيو آهي ته ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي ۽ اهائي خوبي کيس گهڻن کان منفرد ڪري بيهاري ٿي. اميد ته سمبارا پبليڪيشن جي هيءَ سوکڙي پڻ پڙهندڙن لاءِ ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي.
ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

مهاڳ

مهاڳ
سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي تذڪرا ۽ تاريخون موجود آهن، اُن کان سواءِ مقالن جي صورت ۾ به، جائزا آهن اهڙا جائزه، اڪثر ايم اي سنڌي جي مونوگراف جي صورت ۾ آهن. اهڙو ذخيرو سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي. اهي مقالا ۽ مونو گراف ايراضيءَ وار لکيا ويا آهن. زير نظر مقالو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن مقالي بعنوان: “ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي” ۾ محمد شريف “شاد” سومرو ابتدا ۾ تعلقي لکي جو مختصر تاريخي پس منظر لکڻ کان پوءِ قديم شاعرن کان وٺي ادبي تاريخ لکڻ شروع ڪئي آهي. هن تاريخ ۾ پهريون شاعر محمد طالب، قاضي قادن جو همعصر آهي. ان دؤر جو لساني، ادبي ۽ سياسي پس منظر به بيان ڪيو ويو آهي. هن تاريخ ۾ چند ابتدائي دؤر جا شاعر اُهي آهن، جيڪي اڳ به بيان ٿيا آهن انهن کي بذريعه پروفيسر لطف الله بدويءَ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي بيان ڪيو ويو آهي. شاعرن جي سوانح عمري ۽ انهن بابت ٻيو مواد هٿ ڪرڻ ۾ ليکڪ جوڳي محنت ڪئي آهي. اڪثر ايم. اي لاءِ لکيل مونو گراف مواد جي لحاظ کان اڻ پورا هوندا آهن، پر جناب محمد شريف “شاد” ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ مواد هٿ ڪيو آهي. اُن سان گڏ هر دور جو پس منظر ۽ ادبي جائزو پيش ڪيو اٿس. هيءَ هڪ طالب علم جي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي، تڏهن به هن جو معيار نهايت اعلى آهي. هن ڪاوش تي آءٌ ليکڪ کي داد ڏيان ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هي مونو گراف طباعت جي زيور سان آراسته ٿي رهيو آهي. يونيورسٽين ۾ اڃان به ڪيترائي مونوگراف قلمي صورت ۾ پيا آهن. يونيورسٽيون يا ليکڪ انهن جي اشاعت جو انتظام ڪن ته ادب ۾ گهڻو واڌارو ٿيندو.
9 فيبروري 2009ع ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بدين

پنهنجي پاران:

پنهنجي پاران:
لکيءَ تعلقي جي سر زمين قديم زماني کان وٺي وڏي اهميت جي حامل رهي آهي. هن خطي جو قديم ترين شهر لکي ئي آهي ۽ قديم ترين ڳوٺ ماڙي، رستم، مزارجو، محمد آباغ وغيره آهن، لکي جتان بولان لڪ وارن جو گذر ٿيندو هو ۽ هر ڌاريو سامراج هن خطي مان ئي سڄي سنڌ تي قبضو ڪندو هو. تنهن زماني ۾ اڃا شڪارپور شهر جو وجود ڪونه هو. ان زماني ۾ اڪثر ڪري ڳوٺ سنڌ جي سنڌونديءَ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا ۽ پنهنجن زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ان مان پاڻي ڪتب آڻيندا هئا.
سمن ڄامن جي دور ۾ هن خطي ۾ مزارجو جو بندرگاهه مليو آهي. جتان مال اروڙ ۽ بکر جي بندرن تي ويندو هو. ان زماني کان وٺي اسان کي هن خطي جو سنڌي ادب ملي ٿو. ان زماني جو هڪ طالب نالي شاعر مليو آهي جنهن گهڻ مصراعو بند يا نظم چيو، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃا ٻين شهرن يا ڳوٺن مان ان دور جو گهڻ مصراعو بند يا نظم ملي نه سگهيو آهي. ان مان ثابت ٿيو ته هن خطي ۾ بلند پايي جا شاعر قديم زماني کان وٺي پيدا ٿيندا اچن ٿا، جن سنڌ جي ٻين شاعرن جي اڳواڻي ڪئي آهي، ۽ نوان طور طريقا ۽ گهاڙيٽا گهاڙيا آهن. ارغوني دور جي پير محمد لکوي ۽ عثمان احساني به مليا آهن. جن مان پير محمد لکوي الف اشباع جو پهريون شاعر مليو آهي ۽ عثمان احساني گهڻ مصراعوبيت جو شاعر مليو آهي. ان مان واضع ٿئي ٿو ته ان زماني کان وٺي يعني سمه دور کان وٺي گهڻ مصراعو شعر چوڻ جو رواج پئجي ويو هو.
ان کان پوءِ ڪيترائي اهڙا شاعر مليا آهن جن جي شاعري ۾ نواڻ آهي. هن خطي مان سمه دور کان وٺي ويندي اڄ تائين شاعرن جو تفصيل ملي سگهيو آهي انهن کي هن ڪتاب ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ان سموري وقت ۾ ڪي اهڙا به شاعر مليا آهن جن جي ٺيٺ مذهبي اثر هيٺ اوسر ٿي، وري ڪي اهڙا مليا آهن جن صوفيت جو علم کڻي تحريڪ شروع ڪئي آهي، مطلب ته هر مڪتبه فڪر جا شاعر مليا آهن.
1986ع ۾جڏهن ايم.اي (سنڌي) ڪرڻ جو خيال ٿيو ته ڪاليج ۾ داخلا وٺي ايم.اي جي تياري ۾ لڳي ويس ۽ جڏهن سيلبس جو مطالعو ڪيو، ڏٺم ته چوٿين پيپر بجاءِ اها اجازت آهي ته وڻي ته مونو گراف لکو،وڻي ته چوٿون پيپر ڏيو. سو آءُ ان وقت پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو، ته مونو گراف ضرور لکندس، چاهي ڪيتري به جاکوڙ ڪرڻي پوي جڏهن ايم.اي پهريون سال جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو ته هڪدم سنڌي شعبي جي چئرمين کي درخواست لکي عرض ڪيو، (جنهن جو چئرمين محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب هو.) ته مون کي مونوگراف لکڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر جواب ڪونه آيو مجبورن پاڻ کي اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اڃان سنبت ۾ هوس ته ڊاڪٽر صاحب جو ليٽر اچي مليو، ته اوهان ڏانهن اجاز نامو، بورڊ آف اسٽديز جي فيصلي کان پوءِ موڪليو ويندو. سو ان کان پوءِ ڪم کي هلائيندو آيس، ٻن ٽن مهينن کان پوءِ به اجازت نامو نه آيو، سو 4 آڪٽوبر 1987ع تي روبرو وڃي ڊاڪٽر صاحب سان مليس ۽ پنهنجي ڪم کان به آگاهه ڪيو ۽ پنهنجو شوق به ڏيکاريو ته مان پوري تعلقي تي لکڻ چاهيا ٿو. ڊاڪٽر صاحب چيو صرف لکي شهر تي لکو پر مان چيو ته ڊاڪٽر صاحب آءُ لکي تعلقي تي لکڻ چاهيان ٿو. سو ڊاڪٽر صاحب زباني طور حڪم ڏئي ڇڏيو ته اوهان وڃي ڪم ڪيو باقي اجازت نامو ڪڏهن به اسان اوهان ڏانهن موڪلي ڏينداسين، سو ڊاڪٽر صاحب عنوان ڏنو “ ادبي تاريخ تعلقو لکي” ان کان اڳ آءُ درخواست ۾ صرف تعلقي لکيءَ جي شاعرن جي لاءِ لکيو هو ته آءُ “تذڪره شعراءُ تعلقو لکي” عنوان سان لکڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر صاحب چيو باقي اديب ڪاڏي وڃن؟ سو آءُ ته ڊاڪٽر جي فيصلي کي ترجيح ڏئي تياري شروع ڪئي. ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن ايم.اي (فائينل) جا فارم پئي ڀريا ته يونيورسٽي تبديل ٿي ويئي ۽ اسان جو رابطو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور سان ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي خط لکيو. جنهن جواب ۾ ليٽر موڪليو ته اوهان خيرپور يونيورسٽي سان رابطو قائم ڪريو. پوءِ ته شاهه عبداالطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي انچارج سائين پروفيسر ملڪ نديم صاحب سان مليس جنهن کي پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪيو جنهن تمام سٺو مشورو ڏنو ۽ منهنجي هڪدم مدد ڪري اجازت نامو ڏيئي ڇڏيو اهڙي طرح آءُ “ادبي تاريخ تعلقو لکي” لکڻ شروع ڪيو. ان لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پئي ڪيترن ماڻهن سان ملي انٽرويوز ورتا ۽ پراڻن شاعرن بابت معلومات هٿ ڪئي،جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ان لاءِ انهن مهربانن جو ٿورائتو آهيان جن وقت به وقت سٺا مشورا رايا ۽ ڪتابي مدد ڪئي ۽ انهن مان ڊاڪٽر محمد انور”فگار”هڪڙ، ڊاڪٽرعبدالخالق”راز”، رحيم داد راهي، آزاد بخاري، رشيد احمد چڪوي، هارون چنو، غلام علي چنو ، وحيد محسن، الهڏنو صبا سومراڻوي، غلام محمد “غازي”، ضيا شاهه، ۽ اهي اديب ۽ شاعر جيڪي ان وقت زنده هيا انهن ۾ اختر اديب “عرف بابو شاهه” سيد لعل شاهه بخاري، مائي سڀائي، سيد همٿ علي شاهه بخاري، حسين شاهه بخاري، فقير سلطان سومرو، ۽ ٻين دوستن جو شڪر گذار آهيان جن هر قسم جي مدد ڪئي ۽ مون کي اهڙي فضا قائم ڪري ڏني. ان کان علاوه پروفيسر شمس “صابر” ۽ شاهنواز “شاد” (مرحوم) جو به ٿورائتو آهيان جن مفيد مشورن سان نوازيو ۽ پنهنجي ڪاليج جي استادن، پروفيسر غلام رسول سومرو سکر جو نهايت تهه دل سان شڪر گذار آهيان جن پنهنجا قيمتي رايا ڏنا.
پنهنجي شفيق ۽ مهربان استاد پروفيسر ملڪ نديم صاحب جو شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي ٿيسز کي چڱيءَ طرح ڏٺو. اهڙي طرح محترم ملڪ نديم صاحب جي رهبري هيٺ هي مقالو لکي پورو ڪيو. ان کانسوءِ سائين مونس اياز صاحب جو به ٿورائتو آهيان. اميد ته هن ناچيز جي هيءُ تحقيق سنڌي ادب جي تاريخ ۾ واڌارو آڻيندي بقول شاهه لطيف سائين جي وَکَرُ سو وِهاءِ،جو پئي پُراڻو نه ٿئي!
(هن ڪتاب ۾: پنجانوي هزار ست سوءٌ پنجهتر لفظ ڪتب آيا آهن).

محمد شريف “شاد” سومرو
رستم ضلعو شڪارپور
18 فيبروي 1988ع

ڀاڱوپهريون

---

تعلقي لکيءَ جومختصر تاريخي پسمنظر:

تعلقي لکيءَ جومختصر تاريخي پسمنظر:
هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيترائي اهڙا خطا موجود آهن جن جي تاريخ ۽ تهذيب نهايت پراڻي آهي، جيڪي پنهنجي الڳ تهذيب ۽ تمدن رکن ٿا، جن جو مقام نهايت اوچو آهي ۽ جداگانا حيثيت جا حامل آهن. اهڙي طرح سنڌ جي سر زمين به هڪ آهي سنڌ ۾ وري اهڙا خطا ۽ حصا موجود آهن جيڪي هڪ شاندار اهميت جا حامل آهن.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ملڪي حيثيت ختم ڪري بمبئي صوبي سان ملايو ويو هو، پر سنڌي ماڻهن تحريڪون هلائي سنڌ جي بمبئي کان آزادي حاصل ڪئي پر وري به سنڌ کي هڪ صوبائي حيثيت ڏني ويئي. انگريزن جي خلاف هلندڙ تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان ۽ هندستان ٻه جدا ملڪ وجود ۾ اچي ويا.
پاڪستاني حڪومت پنهنجي انتظام خاطر ملڪ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. هڪ مشرقي پاڪستان ۽ ٻيو مغربي پاڪستان 1970ع کان پوءِ مشرقي پاڪستان هڪ جدا ملڪ جي حيثيت سان بنگلاديش جي نالي سان وجود ۾ آيو. باقي مغربي پاڪستان، پاڪستان رهجي ويو، جنهن پنهنجو انتظامي ڍانچو چئن صوبن تي مشتمل رکيو. اهڙي نموني سنڌ کي وري به صوبائي حيثيت ڏني ويئي.
صوبو سنڌ پنهنجو اندوروني ڍانچو يا بيهڪ ضلعن ۽ تعلقن تي رکي انهيءَ نئي جوڙ جڪ مطابق شڪارپور کي هڪ دفعو وري پهرين جولاءِ 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني ويئي. شڪارپور کي چئن تعلقن ۾ ورهايو ويو: شڪارپور، ڳڙهي ياسين، خانپور ۽30 جنوري 1979ع ۾ لکي کي تعلقي جي حيثيت ڏيئي شڪارپور جو چوٿون تعلقو شمار ڪيو ويو. سڄي ضلعي کي ٻن سب ڊويزن ۾ ورهايو ويو. ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور. اهڙي طرح تعلقو لکي ڳڙهي ياسين سب ڊويزن سان ملايو ويو.
تعلقو لکي ضلعي شڪارپور جو اهم واپاري مرڪز آهي تهذيب ۽ تاريخ جي لحاظ کان شڪارپور کان به قديم آهي. ضلعو شڪارپور سنڌ صوبي ۾ هڪ اک جي حيثيت رکي ٿو هتي اسان موجوده تعلقي لکيءَ جو مختصر تاريخي پسمنظر پيش ڪنداسين پر سڀ کان پهريائين لکيءَ جو ذڪر ڪنداسين. هن تعلقي ۾ ڪيترائي اهڙا شهر ۽ ڳوٺ آهن جيڪي قدامت جي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن. اهڙن شهرن مان لکي، رستم، چڪ ، باگڙجي سر فهرست آهن. باقي قديم ڳوٺن مان: مزارجو، محمدآباغ، ٽنڊو علي شير، کاهي، هوٿي، صرفو، عبدو، ڀرڪڻ، ٻورڙي، کبڙي، طيب، وزيرآباد، بيجلو وغيره. باقي جيڪي،ٻوڏن ۾ بلڪل تباهه ٿي ويا. درانپور، ڌارناپور،خانڻ لوءِ، سون مياڻي، عزت پور، ردي، مهرو ماڙي، لوڊڪي، روپاهه وغيره ڳوٺ سر فهرست آهن. ٻيا به اهڙا ڪيترائي ڳوٺ هئا جيڪي مهراڻ جي موجن جو بَکُ ٿي ويا ۽ هميشه لاءِ انهن جا نالا تباهه ۽ برباد ٿي ويا. مٿيان ڳوٺ يا شهر پنهنجي اناج ۽ هٿ جي هنرن جي ڪري ۽ پيداري شين جي ڪري تمام گهڻو مشهور هئا، ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم حيثيت رکندڙ هو.
قديم زماني ۾ ماڻهو اڪثر ڪري درياءَ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا. ۽ اتي ئي پنهنجا ڳوٺ ٻڌي، پاڻيءَ جي سک جي ڪري، پنهنجو گذران ڪندا هئا. ۽ واپاري سلسلو به درياهي رستن ذريعي ڪندا هئا. ان ڪري درياهي رستن کي وڏي اهميت حاصل هئي. ماڻهن جو گذر سفر مهراڻ جي پاڻيءَ تي هوندو هو، جنهن جي ذريعي زمينون آباد ڪندا هئا. ان اپائي ٻين شهرن تائين پهچائيندا هئا. اهڙيءَ طرح قديم مزار جو ڳوٺ درياهه جي ڪناري آباد هو ۽ سندس هڪ پتڻ/ درياهي بندر هو جنهن جي ذريعي پنهنجو مال اروڙ ۽ بکر جي بندرن تائين پهچائيندا هئا. اهڙيءَ طرح وري اتان مال ڀنڀور جي بندر تي پهچندو هو. جتان وري سامونڊي رستن ذريعي وڏا واپاري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليندا هئا.
“قديم بابل جي شهر “ار” جون قومون هتي آيون، ۽ شهر آباد ڪري ويهي رهيون هي قومون عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ هتي پهتيون ۽ پنهنجي رهڻ لاءِ جيڪي شهر آباد ڪيائون، انهن جي پويان پنهنجي وطن جي يادگار طور “ار” پچاڙي ۾ ڳنڊيائون،سنڌ جي اهڙن قديم شهرن مان ڪشمور،الور،يا اروڙ، جهڪر ۽ ڀنڀور قابل ذڪر آهن. انهن ڏينهن ۾ موجود شڪارپور جو شهر ته ڪونه هو، پر ان جي ڀرسان ماڙي نالي شهر موجود هو، جيڪو هيئنر به ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ قائم آهي. بولان لڪ کان رستو “ماڙي” تائين ايندو هو. اتان به رستا ڦٽندا هئا، هڪ رستو “لکي” ۽ “فراش ڳوٺ” کان ٿيندو سکر ويندو هو. ساڳيو رستو درياهه ٽپي اورڙ تائين ويندو هو، جتان وري هڪ رستو مٿي ملتان ويندو هو، ۽ ٻيو هيٺ ڀنڀور تائين ويندو هو. ماڙي وٽان ٻيو رستو جهڪر، موهن جو دڙو،سيوهڻ ۽ آمري کان ٿيندو ديبل يا ڀنڀور تائين ويندو هو.” (1)
اهڙيءَ طرح “لکي” جو شهر مرڪزي شهر هوندو هو، جتان ٻيا به رستا نڪرندا هئا. هڪ رستو اتر ۽ اوڀر جي ڪنڊ کان نڪرندو هو، جيڪو سڌو رستم شهر ۾ اچي پوندو هو. وري ساڳيو رستو اتان شهر رستم کان نڪري اتر طرف ويندو هو ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪ حصو ڪشمور واري رستي “سنڌو شاهراهه” سان وڃي ملندو هو. ۽ ٻيو خانپور شهر سان وڃي ملندو هو. رستم شهر کان اوڀر طرف هڪ طرف رستو ويندو هو، جيڪو قديم ڳوٺ مزارجو سان مليل هو، جنهن سان واپاري آمدرفت ٿيندي هئي ۽ سمورو مال مزار جي واپاري بندر تي پهچايو ويندو هو. جتان اهو مال سنڌو درياءَ جي رستي ٻيڙين وسيلي، بکر ۽ اروڙ جي بندرگاهن تائين نيو ويندو هو.(2)
خشڪ رستن وارو سلسلو ٻين ڳوٺن سان به مليل هو، ماڙي ڳوٺ وٽان ڪيترائي رستا نڪرندا هئا. اهڙي طرح جڏهن چڪ شهر وجود ۾ آيو، ته رستي کان جيڪو رستو عزتپور (هن وقت اهو ڳوٺ موجود نه آهي، جيڪو مهراڻ جي موجن جو کاج بڻجي ويو) ويندو هو جتان هڪ رستو نڪرندو هو ۽ جيڪو ور وڪڙ ڪندو چڪ شهر سان وڃي ملندو هو.
چڪ شهر مان ٻه رستا ڦٽندا هئا. هڪ اولهه طرف کان نڪرندو هو. ۽ ٻيو رستو اوڀر طرف کان نڪرندو هو. جيڪو قديم ڳوٺ صرفو کان ٿيندو وڃي مزارجو ڳوٺ سان ملندو هو. انهن رستن جي ذريعي ان وقت آمدرفت ٿيندي هئي. چڪ وارو رستو جيڪو عزت پور سان ملندو هو، ان مان وري ڪيترائي رستا ڦٽندا هئا ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندا هئا. چڪ واري رستي سان، جيڪو لکي واري عظيم شاهراهه سان ملندو هو، ان سان آسپاس ۽ ڪناري تي ڪيترائي قديم ڳوٺ آباد هئا، جيڪي اڄ تائين پنهنجي تاريخي عظمت برقرار رکيو اچن، جن مان زماني جي لاهن چاڙهن سان ڪيترائي انقلاب ڏٺا، ۽ ڪيترائي دفعا ته سنڌو درياءَ جي بي لغام لهرن جو بَکُ بڻجي ويا، پر وري وري آباد ٿيڻ لڳا، جيڪي ڳوٺ سنڌو درياءَ کان تمام گهڻو دور هئا، انهن جي آبادي کوهن جي پاڻي ءَ ذريعي ٿيندي هئي. پر ان وقت گهڻا ڳوٺ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا. جيڪي درياءَ جي ويرن اچڻ سبب ٻڏي ويندا هئا، ۽ وري وري آباد ٿيندا هئا. ان سبب ڪري ڳوٺن جي بناوٽ ڪچي هوندي هئي، ڪاٺ ۽ ڪانن جا گهر ٺهيل هوندا هئا. اهو انهيءَ ڪري ته جڏهن به اوچتو ٻوڏ اچي ته ماڻهو انهن ڪاٺن ذريعي ٻاهر پڪي تي نڪري سگهي، تنهن ڪري ڪکانوان گهر ٺاهيندا هئا، نه ته گهڻو ڪري اوڏڪيون ڀتيون اوساري پوءِ مٿان ڪاٺين سان ڍڪي اجهو ٺاهيندا هئا. پر جيڪي ڳوٺ وري ٿورو پر ڀرو هوندا هئا ته انهن کي سڄي ڳوٺ جي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هوندو هو. جهڙيءَ ريت “لکي” شهر کي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هوندو هو. عزت پور کي ڪچو قلعو ڏنل هو، ماڙي ڳوٺ جي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هو. جڏهن شڪارپور جو شهر وجود ۾ آيو هن تعلقي جي رستن ۾ نئين واڌ آئي. شڪارپور جو هڪ رستو لکيءَ سان ڳنڊيو ويو، ۽ بولان لڪ سان ملايو ويو. ٻيو رستو رستم کان ڪڍيو ويو، جيڪو وڪڙ ڪندو وڃي شڪارپور شهر سان ملندو هو. جيڪو بولان لڪ واري رستي سان پئي مليو. اهڙي ريت خانپور شهر جو رستو به تعمير ڪيو ويو جيڪو شڪارپور سان ملايو ويو. انهن نون رستن سبب شڪارپور شهر ۾ آمد رفت وڌڻ لڳي ۽ شهر ترقي ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري ٿوري عرصي ۾ ترقي ڪري سٺو شهر ٿي ويو. شڪارپور شهر ٺهڻ ڪري اپت ۽ واپاريءَ جي لحاظ کان لکيءَ جي شهر کي وڏو ڌڪ رسيو، جنهن ڪري شهر ويو اجڙندو ۽ پٺتي پوندو. ڏينهون ڏينهن آمدرفت وئي گهٽبي. تقريبا سمورن شهرن ۽ ڳوٺن جو مال شڪارپور ۾ ڪٺو ٿيڻ لڳو، ان سب ڪري هڪ واپاري مرڪز بڻجي ويو. شڪارپور شهر جي خبر کٽوريءَ وانگر پوري هندستان ۾ پکڙجي ويئي، جنهن ڪري شهر بين الا قوامي حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو. ان دور ۾ شڪارپور کي سنڌ جو پئرس ڪوٺيو ويندو هو. ان مشهور عظيم شاهراهه بولان لڪ رستي ٻاهران سياح هن شهر ۾ آيا ۽ هن شهر جي ساراهه ڪندي نه پئي ڊاپيا، جن پنهنجن سفرنامن ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
ان وقت ۾ شڪارپور هڪ جداگانه رياست بڻجي چڪي هئي، جنهن ۾ سندس پنهنجو سڪو هلندو هو. ان طرح تعلقو لکي به شڪارپور رياست سان ڳنڍيل رهيو. پر سندس ڪجهه حصو بکر سرڪار جي زير نظر رهيو. رستم جا اڪثر هندو لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺا جن وڏو نالو ڪمايو.
جڏهن سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽائي تمام پري هليو ويو ته اتان وارا ڳوٺ ويران ٿي ويا. مزارجو ڳوٺ وارو بندر به ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڳوٺ کي ڪچو قلعو تعمير ڪيو ويو هو. پوءِ کوهن رستي آبادي ڪرڻ لڳا. تقريبن 1620ع ڌاري درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽايو هو، ۽ تمام پري هليو ويو. جنهن ڪري مزارجو واري علائقي جو سمورو مال رستم واري رستي ذريعي شڪارپور ۽ لکيءَ وڃڻ لڳو، پر شڪارپور نزديڪ هئڻ ڪري گهڻو مال ايڏانهن موڪليو ويندو هو، جنهن ڪري شڪارپور مرڪزي واپاري منڊي جي حثيت سان اڀري آئي هئي. رستم جا هندو ۽ مزارجي جا هندو لڏي وڃي شڪارپور شهر وسايائون.
مزار جي واري بندر جو ذڪر ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. البت مقامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته مزارجو ڳوٺ کي هڪ قديم بندرگاهه يا پتڻ هوندو هو. جڏهن کان وٺي مهراڻ پنهنجو وهڪرو مٽايو ته ماڻهن پنهنجا ڳوٺ، مکيه وڏن رستن جي ڀرسان اڏڻ شروع ڪيا. ۽ کوهن ذريعي پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لڳا هئا. ان سبب ڪري ڪيترائي کوهه هن تعلقي مان مليا آهن، جن جو تعداد لکن ۾ آهي. پر پوءِ جڏهن آبپاشي نظام کي سڌاريو ويو ۽ نوان واهه ۽ نهرون کوٽايون ويون، ۽ زرعي نظام کي سڌاريو ويو ۽ کوهن وارو طريقو ختم ٿيڻ لڳو. پر ڪٿي ڪٿي اڄ به کوهن تي زمينون آباد ٿين ٿيون. پر اتي گهڻو ڪري سبزي ڪئي وڃي ٿي . ان زماني ۾ کوهن رستي ٽپال جو نظام هلندو هو.
لکي تعلقي ۾ هٿ جا هنر مشهور آهن. ۽ ڪيتريون ئي شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: واڻ، ڀرت جو ڪم، واڍڪو ڪم، لوهارڪو ڪم وغيره.
لکيءَ جو شهر ڪيترو پراڻو آهي ۽ ڪڏهن آباد ٿيو ان لاءِ محقق جدا جدا رايا ڏين ٿا. تاريخ جي ورقن مان لکيءَ جي اڏاوت جو سن ڪٿان به ڪونه مليو آهي. البت ايترو چيو ويو آهي، ته لکي عرب دور حڪومت کان اڳ قائم هئي. ۽ لکومل جي نالي پٺيان شهر لکي سڏجڻ لڳو، جيڪو هندن جو ٻڌايل شهر آهي.
رستم : رستم شهر جو سن ڪٿانبه ڪونه مليو آهي پر چيو وڃي ٿو ته لکيءَ ۽ خانپور شهرن جو همعصر شهر آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته قديم شهر آهي. جيڪو رستم نالي هندوءَ آباد ڪيو هو. جنهن جي نالي پٺيان رستم نالو پيو ڏسجي ٿو. هندن جي گهڻائيءَ سبب هن شهر کي مسلمان ڪافر قلعو ڪري ڪوٺيندا هئا.
چڪ : چڪ شهر جيڪو ڪلهوڙا دور حڪومت جي آخر ۾ ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ آباد ٿيو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ هن شهر جي آدمشماري وڌندي رهي. هن شهر لاءِ ٽي روايتون مشهور آهن. پهرين ته هي ڪنڀرن شهر آباد ڪيو، جن کي چڪ هوندا هئا، جنهن تي ٺڪر جا ٿانو جوڙيندا هئا. ٻي روايت آهي ته: ڪنهن زميندار کي اهو زمين جو ٽڪرو “چڪ” يعني ورڇ ۾ مليو هو. اتي ماڻهو رهندا ويا ۽ نالو ساڳيو چڪ ئي قائم ٿي ويو. ٽي روايت آهي، ته: هتي ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ چاچڪ ذات جا ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا، جنهن ڪري چڪ نالو پئجي ويس.(3)
ماڙي: ماڙي ڳوٺ به لکي ءَ جو همعصر ڳوٺ هو. سندس بنياد جو سن وغيره ڪٿي به نه ٿو ملي، البت تاريخن ۾ صرف مختصر احوال ملي ٿو.
مزارجو: هي ڳوٺ سمن ڄامن جي دور ۾ ڄام نظام الدين جي دور جو ٻڌايل آهي سن 1435ع ڌاري آباد ٿيو هو. مزار نالي هڪ ماڻهو اچي هتي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيو هو، جنهن جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. سندس چوڌاري هڪ ڪچو قلعو به تعمير ٿيل هو ۽ هڪ درياهي بندر هن ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو.(4)
چنڊ ڳوٺ: هي ڳوٺ به لکيءَ ڳوٺ جو همعصر آهي، جتي دائودپوٽن ۽ مهرن جي وچ ۾ لڙائي سن 1414ع جي شروعات ۾ لڳي هئي. هن ڳوٺ کي چنڊ نالي ڪنهن ماڻهوآباد ڪيو هو، جنهن ڪري سندس نالي پٺيان پيو سڏجي.(5)
باقي ٻيا ڳوٺ به تاريخي لحاظ کان قديم آهن. جيڪڏهن هتي هر هڪ ڳوٺ جو ذڪر ڪبو ته تمام گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي، لکي تعلقي ۾ هڪ وڏو ٻيلو آهي، جنهن ۾ هر قسم جا وڻ بيٺا آهن. جنهن ۾ ڪيترائي جهنگ جا جانور به رهن ٿا. هن ۾ ڪيترائي پکي به آباد آهن. پکين جو شڪار ڪري ڪيترائي نسل تباهه ڪيا ويا. جهڙوڪ هرڻ جو نسل هن ٻيلي مان ختم ڪيو ويو. تتر جو نسل ختم ڪيو ويو. ان جهنگل ۾ هن وقت ڪافي ڳوٺ آباد آهن. هن جهنگل ۾ ڪيتروئي قيمتي ڪاٺ موجود آهي. لکي تعلقي جي ڳوٺ مان ڪونه ڪو سامان ضرور ٺهي ٿو. ان ڪري ڳوٺ پنهنجي فن جي لحاظ کان مشهور آهي. مثلا: لکي مان سوسيون، انگوڇا ۽ کير پيڙا مشهور آهن. رستم مان ٺڪر جا ٿانو، سنڌي گيهه، پتران (ڪانن جون ٺهيل) ۽ ڀرت وغيره تمام گهڻو مشهور آهي. پراڻي زماني ۾ ته مرچ، تماڪ، پٽاٽا،ٺڪر جا ٿانو ۽ گيهه وغيره پوري هندستان تائين مشهور هو. سکن جي گهڻائي سبب لوهارڪو ڪم به گهڻو مشهور هو.
مجموعي طور معاشي لحاظ کان هن تعلقي جي ماڻهن جو گذر سفر مويشي،زراعت ۽ واپار تي مبني هو. هن وقت به گهڻو دارمدار ان تي ئي آهي. واپاري مرڪز تمام گهڻا آهن، جن ۾ اناج جا گودام به آهن. ستر سيڪڙو ماڻهو زراعت تي دارومدار رکن ٿا. ۽ 20 سيڪڙو ماڻهو واپار تي ۽ 10 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري ملازم آهن.
انگريزن جي وقت ۾ هن خطي جو قديم روپ مٽائي ڇڏيو ۽ ڪيترائي نوان رستا تعمير ڪرايا ويا ۽ ريلوي لائين وڇائي ويئي. جنهن ڪري پراڻا پيچرا ختم ٿيندا ويا. ڪٿي ڪٿي ته انگريز فوجن، مرڪزي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجون ڪئمپون لڳايون ۽ ننڍيون ننڍيون فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون هيون. ۽ نئون سرشتو قائم ڪيو هو. آمدرفت لاءِ ڪافي سهولتون پيدا ڪيون. سنڌو درياءَ کي به بچاءُ بند تعمير ڪرايو. جنهن ڪري ٻوڏيون. هن علائقي مان آئينده لاءِ ختم ٿي ويون. هن خطي ۾ هونءَ تمام گهڻيون ٻوڏيون آيون پر هڪ 1700ع ڌاري ٻوڏ آئي هئي ۽ ٻي 1739ع ۾ ۽ ٽين 1800ع ڌاري ۽ چوٿين 1836ع ۾ آئي ۽ پنجين 1843ع ۾ آئي ۽ ڇهين 1930ع ۾ آئي ۽ ستين10 جولاءِ 1942ع تي آئي، جنهن تمام گهڻي تباهي مچائي ۽ هن خطي جو تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ورثو هميشه لاءِ لوڙهي ڇڏيو. ۽ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا. 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ انگريز سرڪار هڪ تمام وڏو منصوبو تيار ڪيو هو ته وڏو بچاءُ بند تعمير ڪيو وڃي. جنهن جي پلاننگ 1843ع واري ٻوڏ کان پوءِ ڪئي ويئي. مگر عمل ٿي نه سگهيو هو.1943ع کان پوءِ اهو حڪم عمل هيٺ آيو ۽ وڏو بند تعمير ڪيو ويو. ۽ ننڍا ننڍا گودا (خال) ٺاهيا ويا ته جيئن، جيڪڏهن پاڻيءَ جو زور به پوي ته آهستي آهستي ڪري اهي گودا ڀرايا وڃن. اهڙي طرح پاڻيءَ جو زور ٽوري سگھجي ٿو ۽ پاڻيءَ کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائي طاقت کي ختم ڪري سگهجي ٿو.10 جولاءِ 1942ع واري ليٽ (ٻوڏ) ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙيندي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو هو. سنڌو درياءَ کي 10 جولاءِ 1942ع ۾ 9 بجي رات جو اوچتو محمدآباغ جي لڳ آرائين لوپ بند کي نئين آرائين جي اتر پاسي کنڊ پيو. ان وقت پاڻي اٽڪ ۾ 26 فوٽ هو. مگر ان کان اڳ جيڪو موجود هو سو پنجاهه فوٽ هو. بند جي مٿان پاڻي ڪراس ڪري ويو هو ۽ اڌ ڪلاڪ جي اندر کنڊ وڌي ويو هو. هن ٻوڏ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. جنهن جي مختصر رپورٽ 1980ع واري ماهوار پيغام رسالي ۾ ڏني ويئي. ان کان پوءِ ڪابه ٻوڏ نه آئي، جنهن ڪري ڪيترائي پڪا ڳوٺ تعمير ٿيڻ لڳا. هن ٻوڏ کان پوءِ ڄڻ هن خطي جي نئين سر تعمير ٿيڻ لڳي هئي ۽ معاشي لحاظ کان تمام ڪمزور ٿي ويو هو، ٻوڏ بعد تمام گهڻيون بيماريون پيدا ٿيون جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ان ڪري انهيءَ سال کي ماهي وارو سال به ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. ان وبا کي روڪڻ لاءِ حڪومت به فيل ٿي ويئي هئي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي قلت شدت سان محسوس ڪئي ويئي. پر جوڳو بندوبست ٿي نه سگهيو، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا پر ڪيترا ته ٻوڏ ۾ ئي مري ويا. مال متاع ۽ ڍور ڍڳا به ان ۾ لڙهي ويا هئا. مطلب ته نقصان جي تلافي ڪرڻ ممڪن نه هو.
ڏٺو وڃي ته هر دور ۾ هن خطي ۾ اهڙا به حڪيم،شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن سنڌ جي حڪيمن شاعرن ۽ عالمن جي اڳواڻي ڪئي آهي، ۽ نوان رستا گهڙيا ۽ اڳتي لاءِ اتساهيو. مزار جي ڳوٺ مان “طالب” (اول) نالي شاعر مليو آهي، جنهن جو جنم سمن جي دور ۾ ٿيو. جنهن سڀ کان پهريائين گهڻ سٽا بند (نظم) چيا، پر سندس ذڪر ڪنهن به تاريخ يا تذڪري ۾ ڪونه ٿو ملي. ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ به شاعر مليا آهن، جن جو ذڪر تذڪرن ۾ ملي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ به شاعر مليو آهي، جنهن جو صرف ٻن سٽن جو هڪ بيت مليو آهي. اهو طالب (اول) جي خاندان مان طالب (ٽيون) ٿي گذريو آهي.
ٽالپر دور ۾ تمام گهڻا شاعر پيدا ٿيا مگر ٻارهن شاعرن جو احوال ۽ ڪلام مليو آهي. ڪن جو ته تاريخن ۾ تذڪرو اچي ٿو پر ڪن جو وري نالو به ڪونه ٿو ملي.
انگريز دور ۾ شاعر گهڻا مليا آهن، ڪن جو احوال ملي سگهيو آهي ته ڪن جو وري ملي نه سگهيو آهي. ڪن شاعرن جو احوال تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ملي ٿو پر ڪن شاعرن جو احوال ڪونه ٿو ملي. انگريز دور جا اهي شاعر ۽ اديب به آهن جن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. هن دور ۾ نهايت پختا ۽ سٺا شاعر ۽ اديب مليا آهن، جن ۾ تمام گهڻيون ادبي خوبيون هيون. لکي تعلقي ۾ ڪيترائي قديم ڪتب خانه موجود هئا جهڙو، ڳوٺ سومراڻي، رستم، چڪ، عبدو، باگڙجي،لکي،وزيرآباد، ماڙيءَ ۾ قديم ڪتب خانه هوندا هئا، جن مان صرف سومراڻي وارو پنهنجو وجود برقرار رکندو اچي، باقي سڀ زماني جي گردش ۽ لاهن چاڙهن سبب ختم ٿي ويا. سومراڻي وارو ڪتب خانو به مدرسي سان گڏ هئڻ ڪري بچندو آيو. جنهن جي سنڀال وقت به وقت مدرسي ۾ زير تعليم طالب العلم ڪندا آيا آهن. هونءَ ته ذاتي ڪتب خانن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، طوالت سبب هت انهن جا نالا به ڏيئي نٿا سگهجن.
ان کان سواءِ پوري تعلقي ۾ ادبي ۽ سماجي تنظيمون به آهن. جهڙوڪ، لکي،رستم،چڪ،عبدو، ُوغيره ۾ قائم آهن. انهن شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت جا يونٽ به قائم آهن. محمدآباغ،لکي،باگڙجي،ڀرڪڻ،ڄامڙا وغيره ڳوٺن ۾ به سماجي تنظيمون قائم آهن. ان کان سواءِ ثقافتي تنظيمون به قائم آهن، جن جون سرگرميون به پنهنجي وقت تي ٿينديون رهن ٿيون. تنهن کان سواءِ هن تعلقي ۾ ڪيترائي قديم مدرسه قائم آهن. جن ۾ ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. هن دور ۾ ته هيڪاندا وڌي ويا آهن. پر ديني تعليم وٺڻ وارا اڳ واري زماني کان هن دور ۾ تمام گهڻا آهن.
موجوده دور ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو احوال ملي سگهيو آهي انهن کي هن ادبي تاريخ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه موجود دور ۾ زنده شاعر به مليا آهن. هتي جن جو احوال مليو آهي، تن کي هت شامل ڪيو ويو آهي.
موجوده تعلقي جي، سال 1981ع جي ڳڻپ مطابق آدمشماري هڪ لک اٺهتر هزار ست سو ٽيتاليهه آهي. موجود تعلقي ۾ ڪل چار سو ٽيويهه ڳوٺ آهن ۽ (4) ٽائون ڪاميٽيون آهن،۽ اٺ (8) يونين ڪائونسل آهن.
موجوده دور ۾ ڪيترائي نوان رستا تعمير ڪيا ويا آهن. جنهن ڪري تعلقي جو پراڻو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڪافي رستا پڪا ڪيا ويا آهن. جنهن سبب آمدرفت جي سهولت ٿي پئي آهي. ڳوٺ ۽ شهر پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن.

حوالا ڀاڱو پهريون:

حوالا ڀاڱو پهريون:

(1) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. “عظيم شاهراهه” اللطيف مخزن. شاهه لطيف ڊگري ڪاليج شڪارپور سال 82 ـــ 1981ع ص 13 +شڪارپور (ماضي حال) مرتب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ جشن شڪارپور 1984ع جي موقعي تي ـــ مطبوعه ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور سال 1984ع مهاڳ ص 9 ، 10.
(2) ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ ج. (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو سال 1982ع.
(3) ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ ج 1(قلمي) محمد شريف “شاد، سومرو سال 1982ع.
(4) ايضاً.
(5)ايضاً.
*** 

ڀاڱو ٻيو دور وار لکي تعلقي جي ادبي تاريخ:

---

باب پهريون سمه دور (1351ع ـــ 1520ع)

باب پهريون سمه دور (1351ع ـــ 1520ع)
(الف) مختصر سياسي، ادبي ۽ لساني پس منظر:
سومرن جي دور حڪومت ۾ آخري وقت ۾ سنڌ جي هيٺائين حصي وارن علائقن ۾ سمن جون سرداريون موجود هيون ۽ انهن ڏينهن ۾ سما زور وٺڻ لڳا هئا. سومرن سردارن جي بي توجهه سبب سندن حڪومت ڪمزوري ٿيڻ لڳي هئي. آخر ڪار سومرن جي آخري حاڪم همير سومري کي ڄام انڙ جي اڳواڻي هيٺ سن 1351ع مطابق 71هه ڌاري شڪست ڏيئي، ٺٽي ۾ سمن جي خود مختيار حڪومت جو پايو وڌو. سمن جي حڪومت پوڻا ٻه سو سال کن هلي ۽ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪري ٺٽو شهر قبِضي ڪيو : (ان وقت ٺٽو سنڌ جي گاڌيءَ جو هنڌ هو.) ۽ سمه دور جي آزاد مملڪت جو خاتمو ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پوري سنڌ تي ارغون جو قبضو ٿي ويو سنڌ جي آزاد حڪومت جو ڦڙ ڪندڙ جهنڊو لاٿو ويو ۽ هڪ دفعو وري سنڌ غيرن جي ور چڙهي ويئي.
ان وقت سمن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪئي. ايتريقدر جو پنهنجي ملڪ جون حدون اورانگي پري تائين پکڙجي ويئي. تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪاٺياواڙ، ماناوار، ڀاڳناڙي علائقن ۾ ڦهلي، ان کانسواءِ لس ٻيلو، ڪيچ مڪران، بهاولپور ۽ ملتان تائين پکڙجي ويئي، ۽ سنڌي ٻولي ٻين ٻولين تي پنهنجا سٺا اثر ڇڏيا.
هونءَ ته سومرن جي دور ۾ ئي فارسي زبان سرڪاري زبان ٿي چڪي هئي. هن دور ۾ فارسي جو رواج اڃان به وڌيو ۽ فارسي ٻوليءَ جا ڪيترائي مصنف ۽ مؤلف هن دور ۾ پيدا ٿيا. جن ۾ اسلامي علمن جي ترقي ٿي ۽ ڪيترائي مدرسا کوليا ويا. هن دور ۾ ماڻهن جو علمي، ادبي، شوق گهڻو وڌيو. هن ئي دور ۾ اسمائيلي تحريڪ زور ورتو هونءَ ته سومرن جي وقت ۾ ئي اسمائيلي فرقي جي شروعات ٿي هئي. هن دور ۾ فارسي زبان جي شاعرن جا نالا ملن ٿا. ان دور ۾ ڪجهه فارسي زبان ۾ لکيل ڪتبا به مليا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ فارسي زبان جو تمام گهڻو اثر هو ۽ فارسي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو رواج پئيجي چڪو هو.
هن دور ۾ عشقيه رومانوي داستان ڳايا ويا. جهڙوڪ سسئي پنهون، مومل راڻو، عمر مارئي، وغيره. سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمثيلي شاعري جا قصا بڻجي ويا. ان کان سواءِ ڄام لاکو، نوري ڄام تماچي، جهڙا قصا تمام گهڻا مشهور آهن.
اهڙي طرح اپر سنڌ جو هي علائقو ضلعو شڪارپور، جيڪو سنڌ جي سرزمين جي اک جي حيثيت رکي ٿو. ان ئي ضلعي ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو تاريخ ۾ ذڪر نالي ماتر به ڪونه ٿو ملي. تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان هي علائقو هڪ جداگانه ۽ سٺي حيثيت رکي ٿو. ان ئي ضلعي ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو تاريخ ۾ ڪو ذڪر نالي ماتر به ڪونه ٿو ملي. تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان جداگانه ۽ سٺي حيثيت رکندڙ علائقو آهي. هن سرزمين تي اهڙا به شاعر پيدا ٿيا، جن سنڌي ادب ۾ رهنمائي جو ڪم ڏنو. ۽ ايندڙ نسلن کي نوان رستا ڳولي ڏنا ۽ شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي شاعر، اڃا به ملي سگهن، ڇاڪاڻ جو هن دور ۾ اهڙو هڪ بلند پائي جو شاعر مليو آهي: جنهن سنڌي شاعري جو سمن جي دور ۾ محل تعمير ڪيو هو.
تاريخ جي حوالي سان سمن جي دور حڪومت ۾ جن شاعرن جا نالا ملن ٿا، انهن ۾ هن علائقي جو ڪوبه شاعر نه آهي، ۽ نه ئي ان جو ڪو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ ماموئي بزرگ جا بيت مليا آهن، ان کان علاوه شيخ حماد جمالي، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، راڄو ستيو دل، شيخ پراڙ، قاضي قاضن، جهڙا هن دور ۾ نامور شاعر ٿي گذريا آهن. ان دور ۾ لکيءَ جو علائقو هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت رکندو هو. ۽ ٻيا قديم ڳوٺ جن ۾ سٺا شاعر ٿي گذريا، مگر مرڪزي ۽ شاهي رستي کان تمام گهڻو اندر هئڻ سبب هن علائقي جا شاعر تاريخ جي ورقن کان وانڍا رهجي ويا. في الحال هن علائقي مان هڪ شاعر ملي سگهيو آهي جنهن جو هڪ اڳڪٿي ڪندڙ شعر مليو آهي. جنهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
محمد طالب (اول) (1460ع ــ 1520ع):
سنڌي ادب جي شاعريءَ جي ٻئي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن گمنام شاعر جو تذڪرو، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. بزرگ محمد طالب سومرو ڳوٺ مزارجو(1) تعلقي لکي ۾ اچي ويٺو، اصل عمر ڪوٽ جو هو. 1460ع ڌاري تولد ٿيو. سمن جي آخري دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو اڳڪٿي وارو شعر مليو آهي. جيڪو هڪ ڊگهو ۽ گهڻ مصراعو بند آهي. هن بزرگ جي وفات سمن جي تخت اونڌي ٿيڻ وقت 1520ع ڌاري ٿي.
سمن جي آخري دور جو هي پهريون شاعر آهي جنهن جو گهڻ مصراعو بند مليو آهي نه ته اڪثر ٻن يا ٽن سٽن وارو بيت مليو آهي. جنهن ۾ اسحاق آهنگر، شيخ حماد جمالي ۽ ماموئي بزرگ جا بيت مليا آهن.


1 ــ هـاڪ وهـنـدو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بـهـه مـڇـي ۽ لـوڙهـه، سمي ويـنـدا سوکڙي.
2 ـــ نــيـرا گـهـڙا ڏٻـرا، اتـر کـئون ايـندا،
گـهـا گـهـيـريـون گـسـن تي، ورهائي ويندا.
3 ـــ لــڳندي لاڙن، سونڪو ٿيندو سري ۾،
جـــڏهــن ڪــڏهــن سـنـڌڙي، اوڳـاڻـان وڻـاهه.
4 ـــ ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مـــر مـــچي مـــاري، ســک وسنـدي سـنـڌڙي.
5 ـــ مـــر مــچـي مـاري، مـر مـچي ڪـهڙا پـار،
هـيـٺـن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.(2)

مطلب ته اهڙا ٻيا به بيت مليا آهن، جن جو ذڪر سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ موجود آهي. پر هي بزرگ طالب پهريون شاعر آهي، جنهن جو گهڻ مصرعو بند مليو آهي، جنهن ۾ مٿين بيتن وانگر پيشن گوئي ڪيل آهي. بزرگ طالب جو بند اسان کي زباني روايتن طور، سيني به سيني مليو آهي.
هونءَ ته سکر ڊويزن جي سرزمين مان قديم بيت به مليا آهن، جيڪي 13 صدي عيسوي جي شروعات جا آهن.
بند نموني طور هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو سترهن مصرعن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن دور کان چار صديون پوءِ جو نقشو چٽيو آهي.

ايـــنـــدو ســـنـــڌ، اتـــر کـــئــون خـاصـو کَـلَـيـدار،
ڏيــــنــــدو ســـڀـــن کــــــي، ڀــــــــلــي ڀـــت مـــــــار،
ڪــــيـــن ڪــڇـــنــدو ڪـو، کــڻـنــدو نه خــمــاَر،
ٿــيـنــدو نه ڪـــوئــي هـــنــن جـو ســاڻـــن يـــار،
لهـنـدو”طالب” ڪين ڪوئي، ڪنهن جي سار،
وجـــهـــنـــدو هـــر هــڪ تــي ڳـــرو بـــــــــــــار،
روڪــينـدو جــل، ڪــيـن وهــنـدو سـنـڌو تــــار،
هــــرڪـــو چــــونــدو، آئـي بــلا تــون ٽــــار،
هـــــڻــــنــــدو ڪــــان ٿـــيـــنـــدو سـســيءَ آرپـــــــــــار،
چــــالـــــن جــــو چــــائـــيـــنـــدو چــوءطــــرف ڄـــــــار،
ڌوڪــــي ڪــــڍنــدو سـڀـن، ڄـڻ هــڪــلـي جــهـار،
ڌاريـــــــو رهــــنـــــدو ديــــس ۾ صــــديـــون چـــــــار،
هـــــڪ ويـــنـــــدو. ايــــنـــــدو ٻـــيـــو، اوڀـــــر پـــــــار،
ڪــــڍنـــدو جــــنــهــــن کــي دودو ديـــس جـــــو دار،
ايــنــدو ٽــيـون اولـهه کـنـئـون، ڪندو ڌارون ڌار،
پـــوندو ٽـاڪـوڙو ٽئين ۾، هر ڪـو ڪـنـدو وار.
چوٿون ايندو چاچو بڻجي، ٻڌائيندو ٻول چار.(3)


چوندا آهن ته “شاعر جي نظر مستقبل ۾ کتل هوندي آهي.” جيئن شيڪسپيئر چيو آهي، ته شاعر جون نظرون ماضي ۽ مستقبل ۾ کتل هونديون آهن.” ۽ اهو اڄ کان ٻه ٽي صديون ايندڙ وقت واري دنيا جو نقش چٽيندو آهي. بزرگ طالب جي گهڻ سٽي بند ملڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شاعر جي نظر مستقبل ۾ کتل هوندي آهي، جيڪو پنهنجي ڪلام ۾ اشارا ڏئي ويندو آهي ۽ پنهنجي قوم کي ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪندو آهي. جيئن جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب: پيغام لطيف ۾ لکيو آهي ته “ هڪ سياستدان کان اڳ هڪ شاعر پنهنجي قوم کي ايندڙ خطرن ۽ خدشن کان آگاهه ڪندو آهي.”
اهڙي طرح بزرگ به پنهنجي قوم کي سنڌ تي ڌارين جي قابض ٿيڻ جو اڳواٽ ئي ٻڌائي ويو آهي. تيز فهم ۽ زندهه دل بزرگ شاعر اسان کي سمن جي دور ۾ ٻيو ڪونه ٿو نظر اچي. بزرگ طالب جي بند ۾ اسان کي اهي پيشن گويون نظر اچن ٿيون، جيڪي تقريباَ پوريون ٿي چڪيون آهن. مثلا: “ ايندو سنڌ اتر کئون، خاصو کليدار.” اها ته چٽي طرح واضع ڳالهه آهي ته اتر کان سنڌ ۾ ايراني به آيا افغاني به آيا. جيئن ماموئي بزرگ چيو آهي: نيرا گهوڙا ڏٻرا، اتر کئون ايندا” مطلب ته ٻنهي جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿي. ۽ اولهه کان انگريز آيا. جن سنڌي ماڻهن کي ٽڪرن ٽڪرن ۽ ذات پات ۾ ورهائي ڇڏيو ننڍ وڏائي جو بنياد وڌو. ۽ چوٿين جو اشارو غالباَ موجود دور ڏانهن آهي.
مطلب ته هن بزرگ جي پيشن گوئي، يا اڳڪٿي، سورهن آنا، بلڪه ارڙهن آنا پوري ثابت ٿي آهي.
بزرگ کان پوءِ ارغوني دور ۾ عثمان احساني گهڻ مصرعن وارو بيت لکيو هو، جيڪو پاڻ ارغوني دور جي آخر ۾ (1572ع) ۾ پيدا ٿيو هو.
عثماني احساني لکي وارو به هن ئي تعلقي لکيءَ سان واسطو رکي ٿو. جنهن کي گهڻ مصراعو بيت چوڻ وارن ۾ پهريون شاعر ڪوٺيو ويو آهي.
جنهن “ا” جي قافيه کان هٽي تجربو ڪيو”. پر بزرگ طالب جي بند ملڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته سمن جي آخري دور ۾ به سٺا تجربا ٿيا، بلڪه روايتي ٻن سٽن واري بيت کان هٽي، هن بزرگ بند جو پهريون تجربو ڪيو. فني لحاظ کان ڏنو وڃي ته الف اشباع جي نظم وانگر طويل آهي، ڏوهيڙي جي نموني تي گهڻ مصرعن وارو آهي. مصرعون ڏوهيڙي جي ٽيڪنڪ تي آهن، پر الف اشباع واري قالب وانگر ساڳئي الحان تي ٻڌل آهن. قافيو به ڏوهيڙي وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ ڪونهي، يعني هر مصرع جو قافيه آخر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته الف اشباع واري نظم جي قالب تي اهو پهريون بند (نظم) تي تجربو هو: جو “ا” جي قافيي کان هٽي صحيح قافيو استعمال ڪيو ويو هو. ان دور جو هي پهريون تجربو هو: جنهن ۾ بزرگ طالب بخوبي ڪامياب ويو. سندس بند، هڪ ئي مليو آهي، جيڪو سادي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ چيل آهي.
عثمان احسان جي بيت لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب هن ريت لکيو آهي. ته: “ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هن صاحب “ا” جي قافيه کان هٽي صحيح قافيه سان گهڻ مصرعن واري بيت جو تجربو ڪيو هو. هي پهريون ئي شاعر آهي: جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ چئن سٽن کان مٿي سٽن واري بيت جو پهريائين پهريائين تجربو ڪيو، جيڪو قديم سنڌي شعر حاصل ٿيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته کائنس اڳ ڪنهن به شاعر، چئن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارو بيت نه چيو آهي. سندس بيت هندي ڇند وديا تي نه آهي، پر هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي نئون تجربو ڪيو آهي.”(4)
هونئن ته الف اشباع جي قافيه واري صنف تي پهريائين مخدوم پير محمد لکوي جو شعر مليو آهي، جنهن جي ٽيڪنڪ تي مخدوم ابوالحسن ۽ ضياءُالدين، محمد هاشم ۽ ميين عيسيٰ وغيره جن طبع آزمائي ڪئي آهي. ائين يقين سان چئي نٿو سگهجي، ته هن فن کي مخدوم پير محمد لکوي شروع ڪيو. مخدوم صاحب کان علاوه ٻين طبع آزمائي ڪئي آهي، مگر هن جيتري دسترس حاصل ڪري نه سگهيا آهن. بزرگ طالب جي بند ۾ وزن جي پابندي نظر نٿي اچي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سمن جي آخري دور جو هي پهريون شاعر آهي: جنهن گهڻ سٽن واري: ايتري طويل بند تي تجربو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته بزرگ جا ٻيا به بند هجن. کوجنا سان ملي سگهن ٿا. اڃا به يقين سان چئي نٿو سگهجي ته بزرگ طالب کان اڃان به اڳي، هن خطي ۾ ڪي شاعر نه هوندا! پر هن وقت تائين چئي سگهجي ٿو ته بزرگ طالب پهريون شاعر هو، جنهن گهڻ سٽن وارو بند چيو. هاڻي اهو چوڻ غلط آهي، ته عثمان احساني ئي پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻ مصرعن واري بيت تي تجربو ڪيو”. سمن جي دور جو ڪو گهڻو ڪلام ڪونهي پر ڪلام سان سنڌي شاعري جي، عمارت جي اوسر ٿي، جنهن ۾ گونا گون مضمون آيا ڏسجن ٿا. پر بزرگ طالب جي بند کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري جي عمارت تعمير ٿي چڪي هئي. بعد ۾ انهيءَ اڏيل عمارت ۾ مختلف رنگ ۽ ڍنگ ڀريا ويا.
بهرحال اڃان به ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهي ته ڪي فقير طالب کان اڳ اهڙا شاعر نه هوندا. قديم زماني ۾ لکت جو رواج گهٽ هوندو هو، ان ڪري اسان کي لکت جي صورت ۾ ڪو پراڻو شعر يقين جوڳو نه مليو آهي. ان جو واحد سبب تعليم جي ڪمي هئي تعليم نه هئڻ ڪري ڪابه شيءِ لکت ۾ نه ملي آهي. پر سينن ۾ محفوظ ڪرائي ويندي هئي. اهو ئي وڏي ۾ وڏو سبب آهي، جو اڄ اسان کي سواءِ زباني طور جي ٻيو ڪجهه به ملي نه سگهيو آهي. جيڪي سنڌ ۾ سگهڙ يا شاعر ٿي گذريا آهن انهن کي پنهنجو ڪلام ياد هوندو هو ۽ هو پنهنجي اولاد يا مٽن مائٽن کي ياد ڪرائيندا هئا، اهڙي طرح سنڌي شعر، جو ٻين ماڻهن جي دلين تائين پهچندا هئا تعلقي لکيءَ مان مزار جو ڳوٺ جو هڪ شاعر بزرگ طالب مليو آهي، جيڪو اصل عمر ڪوٽ جو هو، پر پوءِ لڏي اچي اتي ويٺو هو. بزرگ کي ڪافي اولاد ٿي، جيڪي اڄ تائين سندس نالي پٺيان “طالباڻي” پاڙي سان مشهور آهن.


(ب) ادبـــــي جــــائـــزو:
سمن جو دور سنڌي ادب ۾ تعميري دور ليکيو وڃي ٿو. هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ جا شاعر به ملن ٿا. پر سنڌي عالمن هن دور ۾ سنڌي شاعري سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيا هيا. هن دور جو جيڪو به ذخيرو مليو آهي، اهو اسان تائين سيني به سيني واري سند طور مليو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ هن طرح لکيو آهي ته: سمن جي حڪومت واري زماني ۾ ڪن شاعرن جا بيت ملن ٿا. انهن بيتن مان نه رڳو شاعرن جي فڪر ۽ فن جي پروڙ پوي ٿي، اها به خبر پوي ٿي ته سنڌي شاعري هڪ اهڙي گس تي پئجي رهي هئي، جيڪو گس پوين شاعرن ورتو ۽ سنڌي شعر هڪ پختي پايي تي پهتو. هنن شاعرن وٽ الاهيات جو فلسفو ۽ تصوف ملي ٿو. سندس ڪلام ٿورو هٿ آيو آهي، پر ان مان فڪر جي پروڙ چڱي ريت پئي ٿي. جيڪي بيت مليا آهن، سي زباني روايتن ۽ تذڪرن جي سند سان اسان تائين پهتا آهن. سومرن جي صاحبيءَ واري ڪلام کان پوءِ جي ڪلام هڪ لحاظ کان هڪ قدم اڳتي آهي، جو هن ۾ فڪري انداز سان شاعرن پنهنجو تجربو ۽ مشاهدو پيش ڪيو آهي”.(5)
بزرگ طالب کان علاوه ٻيو ڪوبه تعلقي لکيءَ مان اهڙو شاعر ڪونه مليو آهي، جيڪو سمن جي دور جو هجي . هن بزرگ گهڻ مصرعن واري بند تي طبع آزمائي ڪئي ۽ الف اشباع واري نظم کان هٽي پورو قافيو استعمال ڪيو، پر ڏٺو وڃي ته الف اشباع واري نظم جو دور، ارغوني دور ليکيو وڃي ٿو. جيئن ته هي بزرگ ان کان اڳ ٿي گذريو آهي، پر الف اشباع واري نطم جي شروعات به هن تعلقي لکيءَ جي شاعر پير محمد لکوي ڪئي. جنهن سنڌ جي شاعرن کي ان قسم جي شاعري جو پيڙهه جو پٿر رکي ڏنو. اهڙيءَ طرح هن سمه دور ۾ به سنڌ جي شاعرن لاءِ بزرگ طالب گهڻ سٽو بند جو بنياد رکيو ۽ انهن لاءِ نئون رستو گهڙيو. سنڌ جو هي پهريون شاعر هو جنهن گهڻ سٽن واري ٽيڪنڪ تي طويل بند جوڙيو ۽ ايندڙ شاعرن لاءِ نئون دڳ گهڙيو، پر بزرگ طالب جي هن بند کي ڏسي چئي سگهجي ٿو، ته الف اشباع واري ٽيڪنڪ سمه دور جي پهرين دور جي صنف آهي. ۽ هن دور ۾ ئي اها صنف وڌي ۽ ويجهي، جنهن ڪري سمه دور جي آخري دور ۾ اهڙو شاعر ملي ٿو،پر سمه دور جي ڪنهن به شاعر جو الف اشباع واري گهاريٽي تي سواءِ هڪ مصرع جي، ڪوبه مڪمل شعر يا نظم ملي نه سگهيو آهي، پر گمان غالب آهي ته ڪو اڳ ۾ شاعر ٿي گذريو هجي ۽ اسان تائين نه پهتو هجي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو، ته “الف اشباع وارو قافيو پهريون ڀيرو سمن جي دور ۾ سن 891 / 1471ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٺوي جي چيل دعائيه، مگر موزون مصرع “ الله، اوڀاتي! ڏيئي وڏي ڄمارا” ۾ ملي ٿي، جنهن جي معنيٰ ته سمن جي دور ۾ ئي اِن جي شروعات ٿي”.(6)
پير مراد شيرازي جي الف اشباع تي جوڙيل مصرع ملڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو، ته الف اشباع جي نظم جي تحريڪ سمن جي دور کان شروع ٿي. پر سمن جي آخري دور ۾ پوري قافيي سان هڪ نظم يا بند مليو آهي. جيڪو بزرگ محمد طالب جو آهي. هونئن به گهڻ مصرعن واري شاعري جي شروعات هن تعلقي مان ٿي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عثمان احساني لکوي کي پهريون گهڻ سٽو بيت چوندڙ شاعر لکيو آهي.
عثمان احساني به لکيءَ جو هو. مطلب ته هن قسم جا شاعر سنڌ جي ٻين حصن ۾ ڪونه ٿا ملن، جيڪي گهڻ سٽن واري پوري قافيي سان شاعري ڪئي هجي. ٿي سگهي ٿو ته عثمان احساني ۽ بزرگ طالب جي اهڙي قسم جي شاعري کان متاثر ٿي چئي هجي، بزرگ طالب سنڌ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻ مصراعو بند چيو. هن کان اڳ هن قسم جي شاعري جو ثبوت ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. تنهن ڪري اهو سهرو تعلقي لکيءَ تي آهي، جنهن ۾ اهڙا عظيم بزرگ شاعر پيدا ٿيا. تعلقو لکي سنڌ جي شاعري ۽ ادبي دنيا ۾ سرواڻ جي حيثيت رکي ٿو.
طالب جيڪو بند ۾ خيال پيش ڪيو آهي يا تصور ڏنو آهي، اهو هڪ اڳڪٿيءَ تي مبني آهي.
اهڙا خيال رکندڙ بزرگ ماموئي جا بيت ئي آهن جن ۾ بزرگ طالب ۽ ماموئي بزرگ جي خيال ۾هم آهنگي پيدا ڪن ٿا. اهڙا اشارا ماموئي بزرگن ڪيا آهن. باقي ٻيو ڪوبه سنڌ جو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن ۾ اهڙا خيال سمايل هجن. بزرگ طالب ۽ ماموئي بزرگ هڪ ٻئي جي خيالن جي ترجماني ڪن ٿا، پر اهڙا چٽا ۽ صحيح اشارا ڪنهن به شاعر ڪونه ڪيا آهن، جن جو خيال سورهن آنا صحيح ثابت ٿيو هجي.
هن دور ۾ مقفيٰ نظم پهچي چڪو هو. ۽ سنڌي شاعريءَ جو محلات جڙي چڪو هو. هن دور ۾ تمثيلي ۽ اشاراتي شعر جو پختو پايو پيو. هن دور ۾ سنڌي بيت عام مشهور ۽ مقبول ٿيو.
ان کان علاوه سمه دور ۾ نثري مواد ملي ٿو، پر تعلقي لکيءَ مان ڪونه مليو آهي، جنهن ڪري ڪابه راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي.
مجموعي طرح نظر وجهنداسين اسان کي سنڌ جي ٻين علائقن کان هن خطي، ۾ سنڌي شاعري وڌيڪ پختي نظر ايندي ۽ پهرين پهرين هن خطي، هن قسم جي شاعري جو رواج وڌو ۽ سنڌي شاعري کي بلند پايي تي پهچايو ۽ سنڌ جي شاعرن جي اڳواڻي ڪئي.

ڀاڱو ٻيو
باب پهريون حوالا ۽ وضاحتون:
(1)ڳوٺ مزارجو هڪ قديم ڳوٺ جيڪو ڄام نظام الدين جي وقت سن 1435ع ڌاري آباد ٿيو هو. جنهن کي ڄام مزار نالي آباد ڪيو هو. جنهن جي نالي پٺيان مزارجو ڳوٺ سڏجڻ ۾ آيو. بحوالا (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي، محمد شريف “شاد” ــــ 1982ع).
(2) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ـــ چاپو ٻيو 1983ع ــ ص 52.
(3) “ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ” (قلمي) محمد شريف “شاد” جلد پهريون: 1982ع نوٽ “مٿيون بند هڪ جهوني سگهڙ سلطان احمد سومري، ان وقت لکرايو هو جڏهن راقم ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ پئي لکي.
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون ــــ اپريل 1965ع ـــ ص، ص 28، 29 مطبوعه: سنڌي ادبي سوسائٽي ڪاليج سکر.
(5)جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ سنڌي ادب جي تاريخ ـــ ڇاپو ٻيو 1983ع ص 50 مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
(6) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ـــ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ـــ ڇاپو ٻيو 1980ع ص 193 مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.

باب ٻيو : ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1718ع ــــ 1521ع) :

باب ٻيو : ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1718ع ــــ 1521ع) :
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني، مختصر پس منظر:
ڄام فيروز جي حڪومت جي وقت ۾ ڄام صلاح الدين بغاوت ڪئي هئي، جنهن ڪري پوري ملڪ ۾ خانه جنگي جي شروعات ٿي چڪي هئي. ڄام فيروز جي ناقص حڪومت ۽ بيرون ملڪن سان صحيح رابطو نه هئڻ سبب ۽ سرحدن تي فوج جي لاپرواهي سبب شاهه بيگ ارغون موقعي ڏسي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ 1521ع ۾ ٺٽو فتح ڪري ورتو ڇاڪاڻ جو ٺٽو سمه دور حڪومت ۾ گاديءَ جو هنڌ هو. تنهن ڪري ارغون مرڪزي ۽ حڪمران جي شهر کي پهريائين قبضو ڪرڻ لازمي سمجهيو ۽ ٺٽي جي شهر تان آزاد سنڌ جو جهنڊو لاهي، ارغوني حڪومت جو جهنڊو جهولايو ويو. اهڙي طرح سنڌ هڪ دفعو وري غير جي چنبي ۾ اچي ويئي، ۽ سمورو ديس ڌارين جي غلامي ۾ گرفتار ٿي ويو. جڏهن ارغوني هت آيا هئا ته پهريائين هنن بلوچستان واري رستي مان اچي سبي کي مرڪز بنايو هو ۽ پوءِ هن ئي علائقي يعني ضلعي شڪارپور واري بولان لڪ رستي هنن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو. اهو شاهي رستو لکيءَ مان گذري ٿو. هن ئي دور ۾ همايون بابر شير شاهه سوري هٿان شڪست کائي سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ۽ ان وقت شاهه حسن ارغوني کيس رهڻ نه ڏنو هو ۽ هتان مايوس ٿي ايران هليو ويو هو. ان وقت ۾ بکر پرڳڻي جو سلطان محمود بکري هن اتر سنڌ جو گورنر هو. مرزا شاهه بيگ ارغون کي ڪابه نرينه اولاد ڪونه ٿي ۽ 1554ع ۾ وفات ڪئي. اهڙي طرح سنڌ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ هي اسان جي تعلقي لکيءَ وارو حصو بکر پرڳڻي سان ڳنڍجي ويو. ۽ لوئر سنڌ مرزاعيسيٰ ترخان جي ور چڙهي وئي. اهڙي طرح ترخان حڪومت قائم ٿي.1591ع ۾ همايون جو پٽ اڪبر بادشاهه (جيڪو سنڌ ۾ ئي امر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو هو) پاران مرزا عبدالرحيم خانخانان سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ فتح ڪئي. ۽ غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو ويو. ان بعد سنڌ مغليه حڪومت ۾ شامل ٿي ويئي ۽ ان جو حصو شمار ٿيڻ لڳي. وقت بوقت نوان نواب گورنر جي حثيت سان موڪليندا رهيا. محمد شاهه جي زماني ۾ مغل حڪومت ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙا اڀرڻ لڳا هئا. آخر 1719ع ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو راڄ قائم ٿيو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري سنڌي حڪمران جي نگرانن جي نگراني هيٺ آئي.
هن دور ۾ سڄي سنڌ ۾ انتشار ڦهليل رهيو. ارغون جي ڦر لٽ مار ڌاڙ سبب سنڌ جو امن امان تباهه ٿي چڪو هو. وڏي ۾ وڏو ۽ ڀاري نقصان اسان جو اهو ٿيو جو جيڪو سنڌي ادب تيزي سان اڀري رهيو هو ۽ هن جي اوسر ٿي رهي هئي، ان سبب اها اوسر بند ٿي ويئي. ڪيترائي سنڌ جا عالم فاضل ۽ اديب شاعر هجرت ڪري مختلف ملڪن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا. ان دور ۾ به ٻين ملڪن کان ڪي عالم هجرت ڪري هت اچي رهيا. ۽ هن دور ۾ لقب، اقطاب حاصل ڪيا. ۽ هن ئي دور ۾ اردو ادب سنڌ ۾ ڦهلجڻ لڳو هو. اسان جا ڪيترائي سنڌي شاعر به ان ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا هئا. هونءَ هن دور ۾ فارسي پنهنجي عروج تي پهتي، جيڪا حڪمرانن جي زبان هئي. هن ئي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ هن ئي دور ۾ سنڌي ٻارڙن کي فارسي زبان ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ۽ نه ڳالهائڻ تي زبانون ڪٽيون ويون هيون. هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا خاص ڪري سنڌ جون تاريخون جوڙيون ويون. ايتري وٺ وٺان واري ماحول ۾ به سنڌي شاعري زندهه رهي ۽ سنڌي شاعر موجود رهيا. حالانڪه سنڌي ٻوليءَ جو تاج ڪري پيو هو. ۽ ان کي گهٽائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون. ان سبب ڪري سنڌي ٻولي گهڻي ترقي ڪري نه سگهي هئي ۽ نه وري ان ۾ ڪو خاص واڌارو اچي سگهيو هو. حالانڪه هن دور ۾ صنف ڪافيءَ جو پايو پيو ان کان اڳ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪافيون چيون وينديون هيون پر انهن جو ثبوت ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. هن دور ۾ سنڌي شاعر گهڻا پيدا ٿيا، پر انهن جو مواد خانه جنگي سبب زماني جي گردش جي حوالي ٿي ويو.
ان دور ۾ اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ چڱا شاعر پيدا ٿيا، سنڌ جي ٻين حصن ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا اهي هي آهن: مخدوم نوح هالائي (1505ع ـــ 1590ع)، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو (1537ع ـــ 1622ع)، سيد علي ثاني ٺٽوي (وفات 1573ع)، درس علاوالدين سومرو، خيرالدين جيلاني (وفات 1617ع)، شاهه لطف الله قادري(1611ع ـــ 1679ع) شاهه عنايت رضوي وغيره جهڙا نامور شاعر پيدا ٿيا، جيڪي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪندا رهيا. ۽ سنڌي علم وَ ادب جي چراغ کي روشن رکندا آيا ۽ هن کي وسامڻ نه ڏنو. ان دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ به ڪجهه شاعر پيدا ٿيا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف صنفن جو پايو وڌو ۽ ان کي عروج تي پهچايو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي شاعرن جي، هن خطي اڳواڻي ڪئي. هن دور ۾ ڳوٺ ماڙيءَ ۾ هان فقير، ڀرپور شاهه، حفيظ، ڪالو فقير ۽ لکيءَ شهر مان مخدوم پير محمد لکوي (1520ع ـــ 1600ع) ۽ عثمان احساني (1572ع ـــ 1664ع) جهڙا شاعر پيدا ٿيا.
ارغونن جي خوني حڪومت ڪيترن ئي باغي شاعرن کي جنم ڏنو، پر افسوس جو اڄ اهو سمورو اسان تائين پهچي نه سگهيو. ارغونن جي قتل و غارت گري ۽ گهرن کي باهين ڏيڻ سبب اسان وٽان اهو ادب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو، جنهن رک مان نئين دور ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا جن سنڌي علم ادب جو علم اوچو ڪيو ۽ سڄي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي قوم انهن حالتن مان گذرندي به پنهنجي علم ادب کي سنواري سگهي ٿي. مجموعي طرح هن خطي سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيو آهي. پرافسوس اهو آهي جو لکڻ جو رواج نه هئڻ سبب اهو مواد اسان تائين لکت ۾ پهچي نه سگهيوآهي. خاص طور تي هن خطي مان اسان کي لکت ۾ مواد ڪونه مليو آهي باقي سيني به سيني سند طور، جو ڪجهه مليو آهي اهو ادبي تاريخن ۽ تذڪرن جي حوالي سان مليو آهي. جن جو اڳتي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويندو.

هان فقير
مقامي روايتن موجب هان فقير ارغونن جي شروعاتي دور ۾ ڳوٺ ماڙي ۾ پيدا ٿيو. سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي. سندس شاعري پٽ پاراتي۽ واقعاتي مواد تي مشتمل آهي. سندس وڌيڪ ڪو اعتبار جوڳو احوال ڪونه ٿو ملي. هن فقير جي باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب: “ تذڪره شعراء سکر” ۾ لکي ٿو ته : “ قديم شاعر آهي، شاهه لطيف کان گهڻو اڳ ٿي گذريو آهي. روايت ۽ سندس بيت جي بيهڪ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هو شاهه ڪريم کان اڳ جي دور جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ جو بيت دوها ڇند تي آهي، جو سنڌي شاعريءَ جو بالڪل ابتدائي تجربو آهي. جيها ذات جي آزار کان تنگ ٿي کين پٽيندي هي بيت چيائين:
جي جـيـهـا آهـن جوءِ ۾، هردن(1) ههڙا حال،
يـــا جـيـهـا وڃــن جــوءِ مـان، يـا مـريـن مـــال.
واقعاتي بيت جو هي هڪ اعليٰ مثال آهي، ۽ قدامت جي لحاظ کان اهميت رکي ٿو.”(2) مٿين بيت مان معلوم ٿئي ٿو، ته شايد هي شعر ارغونن جي دور کان به اڳ جو هجي. هن جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي ۽ نه وري ٻين ادبي تاريخن ۾ ڪو ذڪر آهي.

ڀرپور شاهه:
ڀرپور شاهه ڳوٺ ماڙي ۾ ارغونن جي دور ۾ پيدا ٿيو. هي به هڪ سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي ۽ هان فقير جو همعصر هو. سندس شاعري به هان فقير جي شاعري وانگر، پٽ پاراتي ۽ واقعاتي مضمون تي مشتمل آهي. مقامي روايتن مان فقط ايترو ئي معلوم ٿي سگهيو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ۾ هن طرح لکيو آهي، ته : “هن بزرگ جو به فقط هڪ بيت مليو آهي، جو بيهڪ ۽ مضمون جي لحاظ کان”هان” جي بيت جهڙو آهي، ڇاڪاڻ جو فني لحاظ کان دوهي جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ مضمون جي نڪته نگاه کان واقعاتي بيت چئي سگهجي ٿو.
چــــنــــدو چــورن مـــاريــو، اٽــل مـــاريــو اڃ،
ويـا جـيـئـنداڻي جوءِ مان، ٽنڊو ٿيڙوسڃ (3)
هي بيت ٽيڪنڪ ۽ فني لحاظ کان هان فقير جي بيت جهڙو آهي. تنهن ڪري انهن بيتن کي قديم بيت چئي سگهجي ٿو. ان جهڙو هڪ بيت خلجي دور حڪومت جو به مليو آهي:
جــي ڪــٺـئه ته مـٺـيـن، جــي وئــيــن تـه واءِ،
ٻنهي منجهان هڪڙي، هڪ نه آئيه ڪاءِ. (4)
مٿيان بيت به هن بيت سان ٺهڪندڙ آهن تنهن ڪري انهن کي خلجي دور جو ڪوٺي سگهجي ٿو. جنهن کي 14صدي عيسوي جو بيت قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

ڀارو ۽ حفيظ :
مقامي روايتن موجب، ڀارو ۽ حفيظ ڳوٺ ماڙي ۾ ارغونن جي آخري دور حڪومت ۾ پيدا ٿيا. ماڙي جا سگهڙ هنن شاعرن کي تمام قديم ترين سگهڙ چون ٿا، ۽ سندن چوڻ آهي ته لوڪ ادب جي فن ڏٺ جو بنياد هنن سگهڙ شاعرن رکيو ۽ هي پهريان سگهڙ شاعر آهن جن “ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڳجهارت ٺاهي هئي. ان کان پوءِ ان تي ڪيترن شاعرن (سگهڙن) طبع آزمائي ڪئي. سندن باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. هنن جي باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب: “تذڪره شعراء سکر”۾ هن طرح رقمطراز آهي.
“هو هڪ ٻئي جا همعصر هئا. البت ڀارو عمر ۾ وڏو هو. سندس استاد هو ۽ نابين هو. حفيظ ڪم ڪار سان لنگهندي پائيندي ڪا شيءِ يا واقعو ڏسندو هو، ته ٺهه پهه ان تي ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏيندو هو: ۽ هو ان کي بيتن ذريعي ڀڃندو هو هڪ دفعي حفيظ ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀن جو مانارو ڏسي، هيٺين ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏني:
“گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا.”
ڀارو ٺهه پهه چيو، “ چٻيندي چڻا ڏينڀو ڏٺا هوندءِ ڏار ۾ ” ڀارو ۽ حفيظ جا اهڙا گڏيل ڳجهارت تي بيت ڪيترائي ملن ٿا.(5)
مٿين شاعرن جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه ئي انهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جو سن وغيره معلوم ٿي سگهيو آهي، پر هنن شاعرن لاءِ ڪيترن ڪتابن ۾ روايتون ملن ٿيون. عطا حسين شاهه موسوي پنهنجي ڪتاب سڳنڌ ۾ هن ريت لکي ٿو، ته: مامي ۽ ڀاڻيجي جون “ڏٺ پروليون” هڪ دفعي پنهنجي نابين فقير مامي کي سندس ڀاڻيجي ڪنهن ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀو ويٺل ڏسي گجهارت ٺاهي ڏني.
گــهـر ۾ گــهــر، تـنـهـن ۾ گــهـر گــهڻـا،
کڻي اک کڻان نه ناهي بس بهير کي. (6)
مٿين ڏٺ پرولي جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب به ڪيو آهي. پر عطا حسين شاهه موسوي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي لکيل پرولي ۾ فرق آهي، پر مطلب ٻنهي جو ساڳيو آهي. موسوي صاحب سڳنڌ جي “سنڌي ڏوهيڙا” ۾ پرولي جي ٺاهيندڙن جا نالا نه ڏنا آهن. پر انهن جو رشتي وارو ذڪر ڪري، “ ماموــ ڀاڻيجو” لکي خاموش ٿي ويو آهي. پر مقامي روايتن مطابق انهن جا نالا “ڍارو ۽ خفيف ٻڌايا وڃن ٿا. ۽ انهن جو رشتو پاڻ ۾ ڀائر ٻڌايو وڃي ٿو، مگر سڳنڌ ۾ موسوي صاحب مامو ڀاڻيجو لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تذڪره شعراء سکر ۾ استاد شاگرد ڪري لکيو آهي. پر مان (راقم) انهن ٻنهي محققن جي راءِ سان اتفاق نٿو رکان، ڇاڪاڻ جو اڪثر سگهڙن انهن ٻنهي کي ڀائر ڪري سڏيو آهي.
ذاتي تحقيق موجب ڪيترن سگهڙن کان انٽرويو دوران پڇا ڪئي ويئي ته انهن جا نالا “ڍارو ۽ خفيف” ٻڌايا ويا، ۽ سندن رشتو ڀائر ڪري ليکيو وڃي ٿو، تنهن ڪري آءُ انهن سگهڙن جي اڪثريت راءِ کي نظر ۾ رکي انهن سان اتفاق ڪريان ٿو. ۽ مقامي روايتن کي وڌيڪ موزون سمجهان ٿو. “ ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڏٺ پرولي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. اها پرولي خفيف ڏني ۽ ڍاري ڌڪا هڻي، شاعراڻي انداز ۾ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڳجهارت جو نمونو هن ريت هو.
هڪ ڀيري ڀاڻج (خفيف) ڳوٺ ۾ پنندي ڏٺو ته هڪ زال ڪٽيءَ جو وٽو کنيون ٿي ويئي ته گهٽيءَ ۾ ڪتي سٽ هنيس: جنهن ڪري وٽو ڪري پيس ۽ ڪٽي هارجي ڌوڙ ۾ گڏجي ڌوڙ ٿي ويس. ان تي ارمان ۾ مٿو پٽيندي ۽ ڪرم ڪٽيندي گهر ڏي موٽي، اها واردات ڏسي ڀاڻج (خفيف) مامي (ڍارو) کي اچي ڳجهارت ٺاهي ڏني، ته ڪٽيون ويٺي ڪٽي”.(7)
۽ ان پرولي کي ڍاري (جيڪو اکين کان نابين هو ۽ هڪ هنڌ ويٺو هوندو هو.) ڀڃڻ جي ڪوشش هن ريت ڪئي.
مـــــنـــڌ پــرائــي مـــعــرڪــي وڃــــــي نــار بـيـٺـي نـــچـــي،
مــلاحــظـي مــاڻــهـن جي بـــيـٺو مـڙس پڙ ۾ پــاڻ پــچـي،
آئـي گــهـر ته مـار ڏئـي ڪـڍيــائــيـنـس دٻــڙ دونـس دسـي،
مـتـان تـيلـهه ڪٽيون ڪٽي، چي، اڃا ڪٽيون ڪٽي!(8)
پـــــنـــهـــون نــــاهــي هـــنـــڌ تـــي، ڏٺـــائـيـن اک پــٽي،
جـــاڳـــي ڪـــيـــن جـــتـــن لاءِ، صـــبـــح ٿــيــس ســتــي،
جــاڳــي لــڳــس ٻــاڻ ٻــروچ جــو اورڻ جــتـي ڪٿي،
ڪــــــيــــــن جـــــتـــــن لاءِ صـــــبـــــح ٿــــــيـــــس ســـتــي،
کـنـيــو پــيــر پـــنــهــونءَ جــو ونــــدر ۾ ٿــــي وتـــــي،
مــــــــتــــــان تـــــــيـــــلـــــهـــه ڪـــــٽـــــيــــون ڪـــٽـــــي،
چـــــــــي، اڃـــــــــا ڪـــــــــــٽيــــــــــون ڪــــــــٽــــــــــي!
عــــمــــر آنـــدي مـــارئــي مـــٿان جـــهــنــگ جــهٽــي،
ويــــــهـــي ڪـيـن مـــاڙيــن ۾ جــاٿــي روئــي پـٽـــي،
مـتان تيلهه ڪٽيون ڪٽي،چي، اڃا ڪٽيون ڪٽي!
ســــاز رکي سـرنــدي کـي ٿــي ڳــوٺ مــٿــان ڳــٽــي،
وڍي ســر راجــا جــو ٿــي چــائـــنـــٺ مـــٿي چـــــٽــي،
مـــــــتـــــان تــــيــــلــــهــــه ڪـــــٽــيــون ڪـــٽـــــي،
چــــــــي، اڃـــــــا ڪـــــٽـــــــيـــــــون ڪـــــٽــــــي!

مامي : هتي مامي جو مطلب ڍارو سمجهڻ گهرجي جنهن کي عبدالحسين موسوي صاحب نابين ڪري لکيو آهي.
ٽـــوئي سـنـدو جنگ پـڪـائين مـکـڻ وڌائين وٽــي،
کــــنــيــــو ٿي ويـئي مڙس ڏي، جــهـلي ڏاٻڙ ڪــتي،
مـاريـا ڪــتــا ائين نه ڪرين ها! وڃڻ ڏين هـــا اتي،
مــڙس مـنـهنجـو پيهي تي ويٺو بک ۾ پــچي.
مـتـان تــيـلـهــه ڪــٽــيـون ڪـٽـي،
چـي! مـامـا! مــون به ڏنــــي هــــئي اتــــــي،
تـــه ائــيـن پـئــي ڪـٽـيـو ڪٽي.(9)

مٿي ڏنل پرولي جا ٻيا به ڏوهيڙا بيان ڪيا ويا آهن، عطا حسين شاهه موسوي صاحب، پنهنجي ڪتاب سڳنڌ جلد پهريون ۾ ڪل ڏهه ڏوهيڙا ڏنا آهن. مگر هتي صرف نموني طور پنج ڏوهيڙا ڏنا آهن. آخري ڏوهيڙو پرولي جي ڀڃڻي آهي جنهن ۾ خفيف قبول ڪيو ته اهو واقعو ائين ئي هو. ان کان سواءِ هنن ٻنهي ڀائرن جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڏٺ پروليون بيان ڪيون ويون آهن. جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ملي ٿو.
ٻئي ڀائر (سگهڙ) ڏٺ جو بنياد وجهندڙ ڀائر لکيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب “ پروليون، ڏٺون، معنائون ۽ ٻول” ۾ مٿين سگهڙن بابت هيٺيون روايتون نقل ڪيون آهن. دارو ۽ خفيف، ڀارو ۽ حفيظ دارا ۽ ڪفيل لکيو آهي.(10)۽ انهن نالن سان مختلف روايتون لکيون آهن. وري ٻئي هنڌ انڌو ۽ سڄو ڪري،(11) انهن متعلق ساڳئي ڪتاب ۾ روايت نقل ڪئي آهي. پر وري هڪ هنڌ احمد ۽ ولو،زال ۽ مڙس ڪري لکيو آهي.(12)
ان کان سواءِ ماهنامه “نئين زندگي” فيبروري 1955ع واري پرچي ۾ به اهڙي روايت نقل ڪئي ويئي آهي. “ ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڏٺ انهن مٿين سڀني نالن پٺيان منسوب ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ ولو چاچو ته احمد ڀائيٽيو آهي.

ڪالو فقير:
ڪالو فقير لاءِ مقامي روايتن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته: ڳوٺ “ماڙي” ۾ ارغونن جي پڇاڙي ۾ يا ترخانن جي حڪومت جي پهرين ٻن سالن اندر پيدا ٿيو. ان دور جو ڪافي جو شاعر چيو وڃي ٿو. ۽ ان کان علاوه بيت جو به سٺو شاعر ليکيو وڃي ٿو. بيت سڀئي ڏور جا چوندو هو. سندس ڏور جي بيتن جو پهريون مؤجد چئي سگهجي ٿو. هن ئي شاعر ڏور بيت جو بنياد وڌو ۽ پوءِ بعد ۾ ٻين شاعرن سندن ٽيڪنڪ تي تتبع ڪئي.
هن جي لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن طرح بيان قلمبند ڪيو آهي: “تمام قديم چيو وڃي ٿو، سندس تفصليوار حالات نه ٿا ملن. البت ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ملتان جي غوث بهاولحق جي درگاهه جو مريد ۽ پانڌيئڙو هو. ماءُ جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ ان جي حڪم کان ٻاهر نه ويندو هو شادي به ڪانه ڪيائين، سندس هڪ مولود مليو آهي، جو وائي جي رنگ ۾ سسئي جي سر ۾ آهي. مولود جي بيهڪ، ٽيڪنڪ ۽ مضمون مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مخدوم عبدالرئوف ڀٽي جي مولودن کان اڳ جو آهي”.(13)سندس نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
جيڏيون مون جانب لائي ويو، آءٌ ڏوريان پئي ڏونگر،
ٻڌي سچ جو سندرو، پئي آهيان پٺيءَ پيغمبر،
نالي نانءِ الله جي، هن کي دوست مليو دلبر،
اول نور نبيءَ جو جيڪو پيدا ڪيو پرور،
اهڙو ڪن فيڪون هو، جيڪو الله ڪيو اڪبر،
ڪرڙا اٺ ڪيچين جا، هي ڀوري ڪيئن لنگهي بر،
پيڪن ڏاج ڳڻايو، هن کي ڏکيءَ لاءِ ڏونگر،
وئڙي منجهه وڻڪار ۾، هي بي بي ڏسي بر،
پنهل ساڻ پريت هئي، جن کي جيءَ لڳي آهه جر،
ڪلمو پاڪ رسول تي، جن هت پڙهيو هيڪر،
جڙين جاءِ جنت ۾، جن کي ڏيواري ڏاتر،
“ڪالو” چوي ڪارڻي، منهنجي ساراهه سرور،
عرشن مٿي ڪارڻي، ٿيندين حامي منجهه حشر. (14)

مٿين مولود کي ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب وائي جي ٽيڪنڪ وارو مولود سڏيو آهي، پر هي وائي نه بلڪه سنڌي ڪافيءَ جو شروعاتي نمونو آهي. ڪافيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ مولود جو مضمون سمايو ويو آهي. حالانڪه هن دور کان اڳ ڪافي جو رواج پئجي چڪو هو، پر افسوس جو ان جو نمونو اڄ اسان وٽ ڪونه آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ وڏو فرق آهي. وائيءَ ۾ وراڻي ايندي آهي جڏهن ته ڪافيءَ ۾ وراڻي ڪونه اچي. مٿي ڏنل مولود جي آخري بند جي پهرين مصرع ۾: “ڪالو چوي ٿو ڪارڻي، منهنجي ساراهه سرور” لکيو ويو آهي. پر اها سٽ هن طرح ٻڌائي وڃي ٿي. “ ڪالو چوي ٿو ڪارڻي، منهنجي پت رکج پرور.” موضوع جي لحاظ کان اها پوئين مصرع صحيح ٿي لڳي.
ان کان سواءِ ڪالو فقير جي بيتن جو نمونو به مليو آهي جيڪو ڏور جي فن تي ٻدل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان جي مرتب ڪيل لوڪ ادب جي سلسلي جي پندرهين ڪتاب ڏور ۾ هڪ بيت ڏنو آهي.

مولا جي ملڪ ۾ هئي هڪ زمين،
سج ڏٺائين هڪ ڏهاڙي، قدرت ساڻ ڪريم،
وري ڏسندي ڪين، قيامت تائين “ڪالو” چوي.(15)

مولا= حضور جن، ملڪ=بدن مبارڪ
زمين= مهر نبوت، سج= مهر نبوت ڏسڻ ظاهر ٿيڻ.
مراد: حضور ﷺ جن جي جسم مبارڪ تي مهر نبوت جو لڳل نشان عڪاسه اصحابيءَ، جي پنهنجي عيوضي وٺڻ جي بهاني سان، هڪ ڀيرو ظاهر ٿيو ۽ وري قيامت تائين نه ظاهر ٿيندو.(16)
ارغون ۽ ترخان دور ۾ ئي علامتي شاعري زور ورتو. هونئن ته علامتي شاعري سمن جي دور ۾ ئي شروع ٿي چڪي هئي. هن دور ۾ علامتي شاعري جي ترقي ان ڪري ٿي جو ڌاري سامراج جي خوف کان ماڻهن علامتي نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته جيئن ڌاريو سامراج اسان جي مام کي پروڙي نه سگهي. سمجهه وارا، ته سمجهي ويندا هئا پر ڌاريا سمجهي ڪين سگهندا هئاعلامتي شاعري ۾ ڪيترائي موضوع سمائجي چڪا هئا. مٿيون بيت به علامتي شاعري جو نمونو آهي.
ڪالو فقير جو وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي ۽ نه وري ڪو ادبي تاريخن ۾ ان ڪو تفصلي يا حوالي طور ذڪر ملي ٿو.
مخدوم پير محمد لکوي (1520ع ــ 1600ع) :
مخدوم پير محمد لکوي ولد محمد هارون بن محمد الياس پنهنجي اصل شهر ٺٽي ۾ 1520ع ڌاري تولد ٿيو. پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فاضل ماڻهو هو. غالبا 1550ع ڌاري لکيءَ جي شهر کي اچي پنهنجو مسڪين بڻايو. هي نه صرف عالم فاضل هو پر هڪ تمام سٺو حڪيم به هو. لکيءَ جي سادات حڪيمن جو نالو ٻڌي کين دوستي ٿي ۽ پوءِ لڏي اچي هميشہ لاءِ لکي جو شهر وسايائين. وفات به لکيءَ ۾ ڪيائين، سندس مزار مبارڪ لکيءَ جي ٻاهران ٺهيل آهي. تذڪره لطفي جي لکت موجب 1590ع يا 1600ع ڌاري وفات ڪيائين.(17)
الف اشباع جي قافيي تي نظم چوندڙ، پهريون شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ نظم جو پهريون پهريون مخدوم صاحب ئي بنياد وڌو. مخدوم صاحب جي باري ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ لکي ٿو، ته: “قاضي قاضن کانسواءِ ارغوني دور جو ٻيو سنڌي شاعر آهي: مخدوم پير محمد لکوي. مخدوم صاحب سنڌي زبان جو اعليٰ درجي جو شاعر آهي، سندس هڪ طويل نظم مليو آهي، جو الف اشباع جي قافيه تي آهي. سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ قديم صنف تي پهريائين مخدوم صاحب جو شعر مليو آهي. کائنس پوءِ انهيءَ ٽيڪنڪ تي مخدوم ابوالحسن، ضياء الدين، محمد هاشم، ميين عيسيٰ وغيره طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ هوندي به ائين چئي نه سگهبو ته هن فن کي مخدوم پير محمد شروع ڪيو. فن جي لحاظ کان مخدوم صاحب جو شعر ايترو ته پختو ۽ برجستو آهي جو ان صنف جي ترقي يافته صورت چئي سگهجي ٿو. هن قسم جي نظم کي اسان “نظم معريٰ” چئون ته بيجا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ نه قافيه جي پابندي آهي، ۽ نه وزن جي پابنديءَ جو ئي ڪو خاص لحاظ رکيو ويو آهي. البته ايترو آهي، ته هڪ ماڻ ضرور رکيو ويو آهي، جيڪو جڏهن شاعري ڀري کڻي ٿو ته ڪڏهن ان ۾ ڪڻا داڻا وڌيڪ ٿا اچن ته ڪڏهن گهٽ. قافيه جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هن ۾ فقط پويان آ جو اضافو ڪيو ويو آهي. هن صنف تي جن پوين طبع آزمائي ڪئي آهي انهن جي نظم کان مخدوم پير محمد جو نظم وڌيڪ سپڪه، سلوڻو ۽ سادو آهي. منجهس هڪ سوز ۽ درد کان سواءِ بلا جي رواني پڻ آهي. سه حرفي جو استعمال به ڪثرت سان ڪيو اٿس. هن نظم ۾ هو صبا کي حضورﷺ جن ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو، ۽ پيغام ۾ رسول اڪرم ﷺ جن جي روضي اقدس جي ديدار جو ڏاڍو اشتياق ڏيکاري ٿو.”(18)
مخدوم صاحب جي طويل نظم مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جي والد جو نالو “هارون” ۽ ڏاڏي جو نالو “الياس” هو. مخدوم صاحب جو طويل نظم بياض خادمي (امام بخش خادم بدوي) مان نقل ٿي تذڪره لطفيءَ جي جلد پهرين ۾ آيو آهي، تنهن کان پوءِ ٻين ادبي تاريخن ۾ تبصري هيٺ آيو ۽ مختلف محققن هن جي نظم تي پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا آهن. مخدوم صاحب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب هن ريت ذڪر ۽ تبصرو ڪيو آهي.
“هي بزرگ هڪ طويل نظم جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ اهم آهي. هن جو نظم، جنهن کي بدوي صاحب “آزاد نظم” سڏي ٿو. حقيقت ۾ الف اشباع تي آڌاريل آهي نظم ڪبت، جي دفعي ۾ اچي ٿو. پير محمد کان پوءِ جي ڪن عالمن انهيءَ طرز جا شعر لکيا، جن کي ڪبت يا عالمن جون “ سنڌيون” سڏجي ٿو. جيئين ابوالحسن جي سنڌي وغيره نظم جو هي نمونو آهي، جيڪو ڪن قديم عالمن پنهنجي خيالن جي اظهار جي لاءِ اختيار ڪيو. پير محمد انهن ۾ پهريون آهي. هن نظم جي سٽاءَ ڇند تي بيٺل آهي. هن صنف کي آزاد نظم نه چئبو. آزاد نظم ته ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي. پير محمد “ آ ” سان ۽ مروج زبان ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ نظم جو هي آسان نمونو ڪم آندائين، جيڪو پوءِ ٻين اختيار ڪيو.”(19)
هيٺ مخدوم صاحب جو طويل نظم ڏجي ٿو.
اي صـــبـا واءُ صـبوح جــا خاطـي خـيــر هــٿــا،
تـون ريـٻـارو رحـمـان جـــو ۽ قـاصـد قريـــبــا،
تـون مــيـاجي محبوبن جو پــيڪ سندو پـريـا،
تون پـــانــدي پــــيـــارن جـــو اَولـــي اَکــــڙيــــا،
تـون ســاٿــي سـڪــايــن جـو مـاهـــر مــشـتـاقـا،
آڻــــي عــجــيــب جـون خـبـرون خــوشــحــالا،
نــــــي نـــيــاپـــــا نـــيـــهـــن جـــــا واڍوڙن وٽـــــا،
ڦـــــڪــي ڦــــوڙايــــن جـــي تــــوکـــي آهــــه ادا،
اَچـــــي اوڀــــر ڏيــهــه ڏهــــون اُســـهـه اولاهـــــــا،
نـه مــــون ســـڪـــڻ ســـاهه ۾، ڏکــڻ جي ڏيـــهــا،
نـه مــــون اور اتــــرســيــن، پـــرت نه پـــچـــــارا،
اولـــهـــنـــدي آهـــيــن مــون دلـــبــر دل گـهريـــا،
“آنـا اَمـُـلـحُ” قــول جــنـيـن سـلـــوڻـا سـڄـڻــــــا،
حـــــب جــنــيــن جــي هــيــريـو، هـنيون حيرانا،
سـڪ تنـيـن جـي سـاهه کـي سـڪايـو سوڪــا،
وَن تـــــون مـــــٺـــا واؤڙا واقــــــف واٽــــــڙيــــــا،
هــــل هــتـــون هــيـــج پــئــي لالـــن لـــکـي کــــا،
ويـــلـو ڪـج مَ واٽ تـــي ويــــرمَ ڪــنـهـن ويـرا،
ســــــــڌي واٽ ســـڌاءِ تـــون ڳـــلــــي کــــان ڌارا،
واڍوڙن جــي واٽ تـون، لـــــڪــــون لــنـگـهـيـجـا،
ڪـشتيـون ڪـرائـي ڪــيــون آهــن او بــيـٺــا،
تـنـهـنـجـي اچڻ آسري، ٿـا چـون حب مـنـجـهـا،
قه قـادر ڪشتي آڻ تـون سـڻـايـون سـنـهـنـجـا،
ســورت کـــان ســمـونــڊ ڏي هـلي گــهــڙيــجــا،
ٻــيـڙا ٻــيــڙيـون، دنـگيـون، جي جـنگ غرابـا،
سي سـڀ سـلامـت مـيـڙئـيـن، منزل مقـصودا،
مــڪـي کـان مــيـــڙج تــون مــديــنـي مـهـنـدا،
وڻـــن اُتــون واڪائــيــــو، هــلــيــو وڃ هــوتــا،
پــريــــنــدي پـسـيــن جـڏهــن مــديــنـي مــنـارا،
ڪـــــج فريادون فغان گهڻيون هڻي تنهن هنڌا،
دانـــهـــڙيــــا ڌوڙ کــــڻــــي، اوتـــج پــــــاڻ اُتــــا،
روضـــي پــــيـــش رسـول جــي اڀــج سين عــجزا،
ته پـــــــيـــرو پـــــٽ هـــارون، جو پوٽو الـــيـــاسـا،
ســـنـــڌي ســـاڪــن ســـنـــڌو شـائــق شـفــيـقــا،
جـــنـهــن قــسـمــت قـيـد ڪيو لکي جي لاما،
ورهـه ويـــڙهـــيـــو آهـــيــان، مــٿــي پــيــرن لا،
ويـــلو وجـــــهـــه مَ وچ ۾ ســـــٻـــڙ سـاٿـيـــڙا،
“پـــيـــرو” جـــا پــهچائـيـن ســلامت ساٿا.(20)

مخدوم صاحب سنڌي زبان سان گڏ فارسي زبان به ڄاڻندو هو، پر سنڌي زبان جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس طويل نظم، جنهن ۾ مناجات جو مضمون سمايل آهي: جيڪو “ آ “ جي قافيي تي مشتمل آهي. هيءَ سنڌي “نظم” جي قديم صنف آهي، ۽ سنڌي “نظم” جو پهريون پهريون “ نظم” آهي. مخدوم صاحب جو وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي. ٿي سگهي ٿو ته مخدوم صاحب کان اڳ ڪنهن هن نموني جي نظم جي شروعات ڪئي هجي پر انهن جو ڪو اسان وٽ ثبوت هٿ ٿي نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي فن ۾ ڏاڍو پختو نظر اچي ٿو، ائين ٿو محسوس ٿئي جو ڄڻ اها صنف اڳ وجود ۾ آيل هجي ۽ مخدوم صاحب ان تي طبع آزمائي ڪئي هجي، ۽ ان طبع آزمائي ۾ مخدوم صاحب نهايت ئي سهڻي انداز ۾ نڀايو آهي. هن مصرع ۾ پنهنجو نالو لکيو آهي ۽ پيءُ جو نالو هارون ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي جو نالو الياس ٻڌايو اٿس.
عثمان احساني (1572ع ــ 1664ع ):
محمد عثمان متخلص “ احساني” پنهنجي آبائي شهر “ ڀاڳ ناڙي” ۾ 1572ع ڌاري پيدا ٿيو. پنهنجي وقت جو سٺو حڪيم هو. کيس عربي ۽ فارسي جي به ڄاڻ هئي. عالم فاضل ماڻهو هو. حڪمت جي حوالي سان لکيءَ جي ساداتن سان سنگت ٿيس، ان ڪري، تذڪره لطفي موجب 1640ع ڌاري لڏي اچي لکيءَ جي شهر کي پنهنجو ماڳ بڻايو. تذڪره شعراء سکر جي لکت موجب هو شاهه ڪريم کان ٿورو پوءِ ۽ شاهه لطيف کان اڳ ٿي گذريو، ڇاڪاڻ جو شاهه جي ولادت 1690ع ۾ ٿي.(21)
قاضي قاضن کان پوءِ هي ٽيون نمبر شاعر آهي: جنهن جي نظم جو ڪتاب “ وطن نامه” لکت جي صورت ۾ مليو آهي.
“احساني صاحب سنڌيءَ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس نظم جو ڪتاب “ وطن نامه” اڏوهي کاڌل حالت ۾ “ تذڪره لطفيءَ “ جي مصنف جي نظر مان گذريو آهي، جو 12 صدي هجريءَ جو لکيل آهي ۽ ڪنهن ٻي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. ان ۾ موت جو ذڪر نهايت پراثر ۽ درد انگيز نموني ڪيل آهي.
ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هن صاحب “ آ “ جي قافيه کان هٽي، صحيح قافيه سان گهڻين مصراعن واري بيت جو تجربو ڪيو آهي. هي پهريون ئي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ چئن سٽن کان مٿي سٽن واري بيت جو پهريائين پهريائين تجربو ڪيو، جيڪو قديم سنڌي شعر حاصل ٿيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته کائنس اڳ ڪنهن به شاعر، چئن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارو بيت نه چيو آهي. سندس بيت هندي ڇند وديا تي نه آهن، پر هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي نئون تجربو ڪيو آهي. سندس ابيات الف اشباع جي نظم وانگر طويل نه آهي، بلڪه ڏوهيڙي جي نموني محدود مصرعون وري ڏوهيڙي جي ٽيڪنڪ تي نه آهن، پر الف اشباع واري قالب وانگر ساڳي الحان تي آهن. قافيو به ڏوهيڙي وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ ڪونهي. يعني هر مصرع جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو.
ان مان معلوم ٿيندو ته هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي اهو تجربو ڪيو آهي، جو صحيح قافيو ڪتب آندو اٿس، ۽ مصرعن جو تعداد ڏوهيڙي وانگر پنجن ڇهن تائين محدود ڪيو اٿس.
ان وقت جي لحاظ کان سندس تجربو انوکو ۽ نئون هو.”(22)
عثمان احساني صاحب جا شاهه ڪريم، ۽ مخدوم نوح سندس همعصر بزرگ ۽ شاعر هئا. انهن جا بيت وڌ ۾ وڌ ٽن سٽن تائين آهن. انهيءَ دور جو هڪ ٻيو بزرگ سيد علي ثاني ٺٽوي به ٿي گذريو آهي، جنهن 92 ورهين جي عمر ۾ 981هه ۾ وفات ڪئي. ان بزرگ جو هڪ ڏوهيڙو “ معارف الانوار “ جي صاحب نقل ڪيو آهي جو چئن سٽن وارو آهي. ان مان معلوم ٿيندو ته اهو عثمان احساني ئي هو، جنهن پنجن، ڇهن سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو. جئين ته انهيءَ قسم جو سندس پهريون تجربو هو، تنهن ڪري پوئينءَ سٽ جو قافيو اڌ ۾ آڻي نه سگهيو.(23)
عثمان احساني صاحب کي سنڌ جو پهريون گهڻ سٽو بيت جو موجد چيو وڃي ٿو. جنهن “ آ “ جي قافيي کان هٽي صحيح قافيو استعمال ڪيو آهي. پر هن کان اڳ بزرگ طالب، جيڪو سمن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي جنهن جو اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون. جنهن جو شعر ملڻ کان پوءِ ائين چئي نٿو سگهجي ته احساني صاحب پهريون گهڻ سٽو بيت چوندڙ شاعر هو. جڏهن ته هن کان اڳ طالب فقير جو بند جيڪو 17 مصرعن تي مشتمل آهي. ۽ احساني صاحب جو ڇهن سٽن تي مشتمل ڏوهيڙا مليا آهن. بزرگ طالب جي شعر وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيو ملائي نه سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيه ملائڻ جو رواج نه هجي. بهرحال بزرگ طالب سنڌ جو سڀ کان پهريون گهڻ مصراعو شاعر هو. عثمان احساني صاحب جا ڪجهه ڏوهيڙا هيٺ پيش ڪن ٿا، جن ۾ ڇهن سٽن سان گڏ پنجن ۽ چئن سٽن وارا به آهن.
اٿي ويـهه مَ ويـلـو، اٿـــي دنـيـا ڪــوئي دم،
ســــانـــبــاهه جــو سـاٿـيـا، فـڪـر ڪــر فــهـم،
تــون وڻـجـارو آهـين، کـٽـي وجـــهه م خــم،
سسـتـي ڇــڏ سعيو ڪري دل جو ڪـر اُدم،
روپ پــسي تون پنهنجو گــوندر لاهه غم.
ڳـالهه اڻـانـگي گــورجي، ويهه مَ ساروهــي،
تـرس مَ ويـهـه تــيار ٿي، سـاٿيئڙا سنـبــهي،
هــيءَ حــد هـيـبـت جهڙي، ويندءِ گـور ڳـهي،
سپون وڇون سهنس، ٽنڊڻ نانگن ساڻ نهي،
ڏنـــگــي جــا ڏنــگــن ســان، ويــنــدءِ ڏيــل ڏهـي،
ڳــــري ويـــنـــدءِ گـــور ۾ لــڱــيــن لــحــم لـهـي.
وهـــاء ِ ڙي وسيـلـو ٿـي، اٿـي بـــنـــدا جــاڳ،
جـــنــهــن مــحــمــد مــڃــيــو سـدا تـــن ســـهــاڳ،
“ احــساني” عـثـمـان چـوي ڀـريـو تن جو ڀاڳ،
ڪـلـمــي جـي قـرارسين، لـطـفـون لـهـنـدا لاڳ.
جــن سـفـر سـاٿــيــو، سـي ڪن سـمر جي سـار،
اُٺ ڳـــچــي ۾ گــهــنـــڊ جــو وڄـي ٿو وڻــجــار،
وهــائڻ جو ويـلو اٿـئـي بندا ٻـڌ سفـر جو سار،
ساٿــيــڙا ســمــجــهه تــون اِهــا نـنـڊ تــنـــوار.(24)


(ب) ادبي جائزو:
ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي جيڪڏهن هڪ نظر وجهي ڏسنداسين ۽ ادبي جائزو وٺنداسين ته سموري پروڙ پئجي ويندي. جيئن ته هتي صرف اسان کي تعلقي لکيءَ جي ادب جو جائزو وٺڻو آهي، تنهن ڪري ان جو ئي ذڪر ڪنداسين.
هن دور ۾ حڪمرانن جي زبان فارسي هئي، تنهن ڪري هنن سنڌي زبان کي نظر انداز ڪري فارسي زبان جي ترقي ۽ ان جي واڌاري لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي. جنهن ڪري هن دور ۾ ڪيترائي ٻاهران آيل اديب ۽ مقامي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا، جن فارسي ادب تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن دور ۾ نه صرف سنڌ جو سنڌي ادب تباهه ٿيو پر ان سان گڏ سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي ڍانچو به تباهه ۽ برباد ٿي ويو. سڄي سنڌ ۾ قتل، خون ۽ لٽ مار جي بازار گرم هئي. ان ڪري ماڻهن جو سڪون تباهه ٿي ويو هو، جنهن ڪري خاص ادب تخليق ٿي نه سگهيو. ان دور ۾ ڪافي باغي شاعر به پيدا ٿيا جن صرف انهن جي خلاف عوام کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ پاڻ به هڪ گوريلي جي حيثيت سان ڪم ڪيو. پر افسوس جو اهڙن شاعرن جو مواد محفوظ ٿي نه سگهيو ان جو واحد سبب اهو ئي هو ته ان وقت لکڻ جو رواج گهٽ هو، ۽ وري دشمنن جي مٿان حملو، ان خوف ۾ ماڻهن ڪابه شيءِ لکڻ جي بجاءِ زباني روايت کي قائم رکندي جاري رکيو. ۽ پنهنجو حال احوال مختصر لفظن ۾ شاعريءَ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ علامتي طور هڪ ٻئي ڏي موڪليندا رهيا. ان وقت صوفي شاعرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ عوام کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهن جو سمورو ڪلام قلمبند ٿي نه سگهيو. هن دور ۾ فارسي شاعري تمام گهڻو زور ورتو. ۽ سنڌي شاعري ان سبب ڪري گهڻو وڌي ويجهي نه سگهي.
هن دور ۾ ڪيترائي هنڌ ساڙيا ويا جن ۾ سنڌ جا ڪتب خانا ۽ اهم جايون شامل هيون جن ۾ رکيل سمورو مواد سڙي رک ٿي ويو. پر ان هوندي به اهڙن حالتن هجڻ جي باوجود به اسان جي سنڌي شاعرن جا نالا ملن ٿا، جن وَسان ڪين گهٽايو آهي. اهڙي طرح سان اسان جي تعلقي لکي به پاڻ ملهايو آهي. جن ۾ ڇهن شاعرن جو احوال ۽ شاعري ملي آهي، ڪن جو احوال گهٽ مليو آهي ۽ شاعري به نموني طور هڪ يا ٻه شعر ملي سگهيا آهن. جن جا نالا ملن ٿا اهي هي آهن: هان فقير جيڪو ماڙيءَ ۾ ڄائو ڀرپور شاهه جيڪو هان فقير جو همعصر هو ۽ هڪ ئي ڳوٺ جا هئا. ڀارو ۽ حفيظ جيڪي اهي به ماڙي ڳوٺ جا هئا، ۽ ٻئي ڀائر هئا جن کي ڪيترن نالن سان سڏيو وڃي ٿو ۽ انهن جا ڪيترائي رشتا ٻڌايا وڃن ٿا. جن ڏٺ پرولي جي فن جو بنياد وڌو ۽ علامتي انداز ۾ پنهنجو فن پيش ڪيائون مخدوم پير محمد لکوي جيڪو ان وقت جو سٺو عالم ۽ فاضل هو نه فقط عالم فاضل هو پر سنڌي شاعري جو هڪ بلند پايي جو شاعر هو جنهن الف اشباع واري شاعري جو طويل نظم جو بنياد وڌو. نظم جو موجد چئجي ته بيجا نه ٿيندو. هن جي شاعري کان متاثر ٿي ٻين شاعرن طبع آزمائي ڪئي پر مخدوم صاحب جهڙي دسترس حاصل ڪري نه سگهيا ۽ نه ئي ان جهڙي ڪلام ۾ رواني ۽ سادگي رکي سگهيا.
هن دور ۾ بيت سان گڏ ڪافي عام مقبول صنف هئي جنهن جي شروعات سمه دور ۾ ئي ٿي چڪي هئي پر ان وقت جي ڪافي جو نمونو نٿو ملي.
باقي ارغوني دور جي ڪا ڪافي نٿي ملي پر هن تعلقي لکي ۾ ڪالو فقير جي هڪ ڪافي ملي آهي، جنهن کي وائي چيو ويو آهي، پر اها ڪافي آهي ۽ ڪافي جي شورعاتي شڪل آهي، جنهن ۾ مولود جو مضمون سمايل آهي. اهڙي قسم جون ڪافيون جن ۾ مولود وارو مضمون هجي، پوئين دور جي شاعرن جي ڪلامن ۾ ملن ٿيون. جهڙي طرح شاهه عنايت رضويءَ واري رسالي ۾ مثال ملن ٿا.
عثمان احساني لکيءَ وارو به هن تعلقي جو اهو شاعر آهي جنهن گهڻ سٽا بيت چيا. جيڪي فني لحاظ کان، سمه دور کان ڪنهن قدر سڌريل لڳن ٿا. اهڙا بيت عام ملن ٿا، جن جو قافيو پوئين سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو. پر اڌ ۾ ملائي نه سگهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ قافيو پوئين سٽ جي اڌ ۾ ملائڻ جو رواج نه هجي، جهڙيءَ طرح سمه دور ۾ اهڙو رواج ڪونه هو. جو قافيو سٽ جي اڌ ۾ ملائن. سمه دور جا جيڪي به شعر مليا آهن انهن جا قافيا سٽ جي آخر ۾ اچن ٿا. اسان وٽ عثمان احساني صاحب ان قسم جو شاعر ملي ٿو.
مضمون جي لحاظ کان هن دور جي شاعرن ۾ تصوف جو رنگ به ملي ٿو، ته حسن وَ عشق، هجر ۽ وصال جو ذڪر ڪثير تعداد ۾ ملي ٿو. ان سبب جي ڪري اڳين دور جي بيتن جي ڀيٽ ۾ هن دور جي بيتن ۾ وڌيڪ رچاءُ، رنگيني ۽ شگفتگي ۽ سادگي ملي ٿي.
ڏٺو وڃي ته ٻوليءَ جي لحاظ کان شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڪم آندا ويا آهن. حالانڪه فارسي ادب جو ان وقت گهوارو هو، پر حڪمران ٽولي جي زبان هئڻ سبب ۽ ڌاري سامراج جي ٻولي هئڻ سبب ان کان نفرت ڪئي ويئي. شاعرن جي شاعريءَ مان ئي نفرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. عربي، فارسي جي لفظن جو استعمال اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
هن دور جي شاعريءَ ۾ مخدوم پير محمد لکوي جي شاعري ۾ نعتيه رنگ نظر اچي ٿو، سندس هڪ طويل نظم جو الف اشباع جي قافيي تي هڪ مناجات آهي، ۽ قالو فقير جي ڪافي ۾ حضورﷺ جن جي صفت آهي، پر ڪالو فقير جي بيت ۾ علامتي انداز آهي: جنهن ۾ حضورﷺ جي مهر نبوت جو ذڪر آيل آهي. جنهن کي اسان ڏور جو بيت چئي سگهو ٿا، ڪالو فقير کي ڏور جو پهريون پهريون شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو.
هن دور جي شاعريءَ ۾ دنيا جي بي ثباتي جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي عثمان احساني صاحب تمام اثرائتي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ نا اميدي جي ڪيفيت نظر اچي ٿي. اها ڪيفيت ان وقت جي ملڪي حالتن، خراب هئڻ سبب پيدا ٿي هئي. ڌاري سامراج جي قبضي جي ڪري ڪجهه وقت مايوسي ڇانيل رهي هئي. مجموئي طرح هن دور تي نظر وجهنداسين ته اسان کي سنڌ جي، هن خطي ۾ ڇهه شاعر مليا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اڃان به وڌيڪ شاعر هجن نثر جو به ڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي هن تعلقي ۾ ڪهڙن ماڻهن نثر لکيو؟ پر لکت جو رواج گهٽ هئڻ سبب مواد محفوظ ٿي نه سگهيو. وري به شڪر آهي جو سيني به سيني واري سَنَدَ تحت، ڪجهه نه ڪجهه مليو آهي.



باب ٻيو
حوالا:
(1) هرد: هندي لفظ “اڙد” جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مانهن، جنهن جي دال ٿيندي آهي.
(2) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ اپريل 1965ع مطبوعه سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر ص: 18 .
(3) ايضاً ص: 19.
(4) ايضاً ص 16.
(5) ايضاً ص 20.
(6) موسوي عبدالحسين شاهه ــ سڳنڌ ـــ جلد پهريون ڇاپو ــ 1958ع ــ ص 108.
(7) ايضاً ص 109.
(8) ايضاً.
(9) ايضاً ص،ص،ص، 110، 111، 112 .
(10) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) “پروليون ڏٺون، معمائون ۽ ٻول” ڇاپو ٻيو 1983ع ص 139 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(11) ايضاً ص 142.
(12) ايضاً ص 182.+¬ لغاري ايم قليچ بيگ ـــ “ڪچي جون ڪچهريون” (مضمون) نئي زندگي ڪراچي فيبروري 1955ع ص 21.
(13) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون اپريل 1965ع ص 20. 21
(14) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــ تذڪره شعراء سکرـــ اپريل 1965ع ص 21.
(15) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب)، ڏور ـــ ڇاپو پهريون سال 1970ع ص 542.
(16) ايضاً.
(17) بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي جلد پهريون ڇاپو ٽيون ــــ 1963ع ص ـــ 155 مطبوعه: آر ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
(18) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون ـــ اپريل ـــ 1965ع ص ص ــ 25 ـــ26.
(19) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ــــ سننڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٻيو 1983ع مطبوعه زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ص ص65، 66.
(20) بدوي لطف الله ـــ تذڪره ـــ لطفي ـــ ج 1 ڇاپو ٽيون سال 1963ع ص ص 156، 157 مطبوعه: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
(21) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ــــ ڇاپو پهريون ــ اپريل 1965ع ص 28.
(22) ايضاً ص ص 28، 29.
(23) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــــ “لکيءَ جا شاعر” (مقالو) ماهوار نئين زندگي ڪراچي ــــ جنوري 1972ع ص 29.
(24) بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي جلد پهريون ڇاپو ٽيون سال 1963ع ص ص ص 213،214،215. (تذڪره لطفي جي جلد پهرين ۾ 12 بيت ڏنل آهن. جن ۾ قافيو مصرع جي آخر ۾ ڏنو آهي. بيت جيان، ۽ ان جي دستور موجب قافيو سٽ جي اڌ ۾، آخري سٽ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي).

باب ٽيون : ڪلهوڙا دور (1719ع ــ 1782ع)

باب ٽيون : ڪلهوڙا دور (1719ع ــ 1782ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني، مختصر پس منظر:
ارغون، ترخان جي حڪومت کان پوءِ مغلن زور ورتو هو، مرزا عيسيٰ خان ترخان جي حڪومت کان پوءِ 1591ع ۾ اڪبر جي طرفان مرزا عبدالرحيم خان خانا سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ ترخانن کي شڪست ڏيئي سنڌ پنهنجي قبضي ڪري ورتي هئي. اهڙي طرح سنڌي وقت بوقت مغل انتظاميه پاران گورنر ايندا رهيا انهيءَ طرح حڪومت زور وٺي ويئي. محمد شاهه جي زماني ۾ مغل حڪومت جو دهليءَ جي حڪومت کان رابطو ٽٽڻ لڳو هو، ان وقت ڪلهوڙن پنهنجي ديس جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي. ڪلهوڙا ڏينهون ڏينهن زور وٺندا ويا.
مغل حڪومت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي طاقت مظبوط ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه عنايت رح کي، ڪوڙيون فتوائون ڏياري، شهيد ڪرايو ويو. ان وقت واقعي ۾ سنڌ جا زميندار وقت جا قاضي، ۽ مفتي جو وڏو هٿ هو. اهڙي طرح سنڌ جي عظيم سپوت سوشلسٽ ۽ سيڪولر انسان جو سر قلم ڪيو ويو.
جيئن ته ميان يار محمد ڪلهوڙو دهليءَ جي حاڪم جو خاص ماڻهو هو، جنهن ان معاملي ۾ هن جو ساٿ ڏنو هو، ان ڪري هن کي “ خدايار” جو لقب عطا ٿيو. اهڙي طرح هن سنڌ حڪومت حاصل ڪري ورتي هئي، سندس وفات 1718ع ۾ ٿي. تنهن کان پُوءِ سندس ميان نور محمد حڪومت سنڀالي. جنهن سڄي سنڌ فتح ڪئي، ۽ مغلن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 1719ع ۾ هن ڪلهوڙن جي خود مختياري حڪومت جو پايو وڌو ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
هن دور ۾ شاهه عنايت جي شهادت کان سواءِ ٿر جي علائقي ۾ سوڍن شورش مچائي هئي. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪارپور سوڌو لکيءَ وارو سمورو علائقو قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان کان پوءِ 1753ع ۾ احمد شاهه ابدالي به سنڌ تي هن ئي علائقي، شڪارپور ۽ لکيءَ واري قديم شاهراهه رستي سنڌ ۾ داخل ٿي، سنڌ تي حملو ڪيو. تنهن بعد سنڌ وري افغان حڪومت جي ڏن ڀرو ٿي پئي. پر وري مدد خان پٺاڻ سنڌ تي چڙهائي ڪري، وڏي پئماني تي لٽ ڦر شروع ڪئي. مدد خان به بولان لڪ واري قديم شاهراهه ذريعي جيڪب آباد کان ٿيندو شڪارپور، لکي، خانپور، سکر، بکر، اروڙ ۽ ڀنڀور تائين هن پنهنجي دهشت جي واويلا مچائي ڇڏي هئي. هن ئي دور ۾ “ گهوڙا” ۽ “گهل ڙي گهل” جهڙا اصلاح وجود ۾ آيا. ان ڪري تمام وڏي پئماني تي شڪارپور ۽ لکيءَ جي علائقن ۾ پٺاڻ اچي آباد ٿيا. جيئن سلطان ڪوٽ، لکي، ڳڙهي ياسين، شڪارپور شهرن ۾ ڪافي پٺاڻ اڄ به آباد آهن. هالاڻي واري جنگ ۾ 1782ع ۾ ڪلهوڙن جي هار ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مغلن واري ئي زماني ۾ فارسي ٻولي حڪومت جي حڪمرانن جي ٻولي هئي، ۽ فارسي ٻوليءَ جو ساڳيو شان قائم رهيو. جنهن سبب “ فارسي گهوڙي چاڙهسي” وارو محاورو عام مروج ٿيو هن دور ۾ مذهبي عالمن، عام ماڻهن کي مذهبي مسئلا سيکارڻ لاءِ سنڌي زبان جو استعمال ڪثرت سان ڪيو ۽ الف اشباع واري قافيي جي ٽيڪنڪ استعمال ڪندي، مذهبي مسئلن تي ڪافي مذهبي ڪتاب تحرير ڪيا.
هن دور ۾ الف اشباع واري نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا جن کي “ سنڌيون” سڏيو ويو. هن زماني ۾ جيڪي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شاعر پيدا ٿيا اهي هيٺ ڏجن ٿا. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661ع ــــ 1700ع)، مخدوم ضياءُ الدين (1671ع ــــ 1757ع)، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع ــــ 1760ع)، مولوي عبدالخالق ٺٽوي، مولوي محمد حسن ٺٽوي، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، محمد شريف راڻيپوري، قاضي عبدالڪريم، مخدوم عبدالله “واعظم” (وفات 1763ع)، مخدوم عبدالله نرئي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع ــــ 1778ع)، مخدوم غلام محمد بگائي، ميون عيسيٰ، مخدوم سليمان هنڱورجن وارو، حضرت شاهه عبدالطيف (1689ع ـــ 1752ع)، خواجه محمد زمان لنواري (1780ع ـــ 1874ع)، سيد محمد بقا (1722ع ـــ 1783ع)، روحل فقير، صاحبڏنو فاروقي (وفات 1788ع)، جلال کٽي، صابر موچي، جمن چارڻ (وفات1738ع)، ميان سرفراز ڪلهوڙو، نور محمد خشته ٽکڙائي، مرزا تقي، حافظ عالي، ميان ڇتن وغيره جهڙا نامور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن.
هن دور ۾ الف اشباع سان گڏ، سنڌي بيت پنهنجي ارتقائي منزل طئي ڪري عروج تي رسيو. جنهن کي فڪر ۽ فن جي لحاظ کان بلند پايي جي لافاني صنف بڻائي ڇڏيو، ۽ وائي جهڙي هڪ شاندار صنف وجود ۾ آئي، هن زماني ۾ مڪمل طرح سنڌي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو رواج پيو، هونئن ته اڳ ئي رواج هو پر اسان تائين صرف هن وقت تائين جيڪو ڪجهه مليو آهي اهو ڪلهوڙن جي دور جو تمام گهڻو مواد مليو آهي، ۽ هن ئي وقت ۾ واقعاتي ۽ رزميه شاعريءَ جو رواج پيو، ان کان علاوه مولود (جيڪو ٺيٺ سنڌي صنف آهي) به هن ئي دور ۾ وجود ۾ آيو. جنهن جو بنيادي شاعر مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هو. تنهن بعد ڪيترن طبع آزمائي ڪئي ۽ مولود پنهنجي عروج تي پهتو. ان کان سواءِ سنڌي معجزا، مناقبا، مداحون، مناجاتون، به هن دور ۾ ملن ٿيون. مناقبن جو پهريون شاعر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو.
عروضي شاعري جو به وراج هن زماني ۾ پيو. ڇاڪاڻ جو فارسي ٻولي واري وزن تي غزل جا اهڃاڻ مليا آهن.
اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ به هن دور ۾ ڪافي شاعر پيدا ٿيا، جن جو مڪمل تفصيل نه مليو آهي ۽ نه ئي سندن ڪو شعر وغيره مليو آهي. باقي ڪجهه شاعرن جا نالا مليا آهن جيڪي هن دور جا شاعر هئا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ رستم ۾ هندن جي هڪ ثقافتي سوسائٽي قائم هوندي هئي، جيڪا صرف هندن جي ڀلائي تائين محدود هوندي هئي. هن سوسائٽي جو ڪم هوندو هو ته ثقافتي پروگرام سڏائي ۽ منڊليون مچائي. جن ۾ وڏا وڏا ڀڳتي،مزاحيه شاعر ۽ قصه گو ڪوٺيندا هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ان زماني ۾ ٻه رستم جا هندو، شاعر مشهور هوندا هئا. جن جا نالا جکڻ مل ۽ اوٽڻ مل ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي ڀڄن شبد ۽ ڀڳتي مزاحيه شاعري ڪندا هئا. پر هنن شاعرن جو ڪلام ملي نه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪا وڌيڪ معلومات ميسر ٿي سگهي آهي.”(1)
ان کان علاوه صرف هڪ شاعر جو تفصيل ملي سگهيو آهي، جنهن جو نالو “ طالب “ سومرو (ٽيون) ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو اصل “طالب” (اول) سمن جي دور واري جو اولاد مان هيو. جنهن جو هڪ بيت دوهي واري ٽيڪنڪ تي مليو آهي. جنهن ۾ بحر وزن به نظر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو دوهو نه بلڪه ڪنهن قطعه جو هڪ بند هجي. وڌيڪ مصرعون مهيا ٿي نه سگهيون آهن، ان ڪري ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهجي.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا. پر ڪي شاعر صرف هن دور ۾ پيدا ٿيا آهن ۽ شاعري ٽالپرن جي دور ۾ شروع ڪئي آهي، تنهن ڪري اسان انهن کي ٽالپرن جي دور جو شاعر ڪري لکيو آهي. تن جا هتي صرف نالا وٺي سگهون ٿا لکيءَ شهر مان سيد محمد وفا لکوي ۽ سيد محمد شجاع (ثاني) لکوي، وزير آباد مان مخدوم محمد صالح، ڌاران پور مان پيرل سومرو ۽ اسماعيل سومرو ۽ ٽنڊو علي شير مان خير محمد “خيرو” شامل آهن. انهن شاعرن جو ذڪر ٽالپرن دور ۾ ڪيو ويندو.
هي ئي اهو دور آهي جنهن ۾ لکيءَ جا شاعر گهٽ پيدا ٿيا آهن. جي کڻي پيدا به ٿيا هوندا ، انهن جو ڪوبه بيت يا ٻيو ڪو شعر وغيره ڪونه مليو آهي، پر جي ڪن جهونن ماڻهن کي بيت، هن دور جا ياد به هوندا هئا، سي هن دنيا مان ڪجهه وقت اڳ وفات ڪري ويا، جن سيني به سيني ياد ڪيا هئا. اهڙن ڪئين شاعرن جو ڪلام هميشه لاءِ گم ٿي ويو. هن سر زمين ڪيترن ئي عظيم شاعرن کي جنم ڏنو آهي. سنڌ جي سرزمين ۾ اهڙي ڪشش رکيل آهي جو سنڌ جو اهوخطو خالي ناهي جتي شاعر نه پيدا ٿيا هجن. پر افسوس اهو آهي، جو ان دور جو ڪلام يا مواد محفوظ ٿي نه سگهيو. ان جو واحد سبب تعليم جي ڪمي هئي. ماڻهو معاشي لحاظ کان پٺتي هئڻ سبب تعليم تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. معاشي حالات ، ڌارين جي يلغارن ۽ آبادڪاريءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيندي رهي آهي ان سبب ڪري ڌاريا سمورو مال متاع ڦري کڻي ويندا هئا ۽ سنڌ جا رهاڪو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويا. هن دور ۾ ئي مدرسن قائم ڪرڻ جو رواج پيو جنهن ۾ فارسي، عربي تعليم عام ٿيڻ لڳي. هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن ۽ ماڳن تي مدرسن جي اڏاوت جا نشان مليا آهن. خاص ڪري هن دور ۾ مذهبي تعليم زور وٺڻ لڳي هئي ۽ هن علائقي ۾ عام جام هئي. جنهن سبب ڪري هن دور ۾ هٿ سان کليل قرآن مجيد جا نسخا ملن ٿا. ان مان ثبوت ملي ٿو ته هن دور ۾ لکڻ جو رواج تمام گهڻو هو. چيو وڃي ٿو ته هن دور ۾ تمام بي انداز لکيو ويو. پر سنڌو درياهه جي بي لغام آويڙن هن خطي جي مواد کي لوڙهي ڇڏيو وقت به وقت ٻوڏيون اچڻ سبب تمام گهڻو ادبي ذخيرو ٻڏي ويو.
هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ فارسي ٻولي باقاعده پڙهائڻ جو بندوبست هو، پر ان هوندي به ڪيترائي عالم ۽ شاعر سنڌي زبان کي عام ماڻهوءَ تائين پيغام رسائڻ لاءِ پنهجي مادري ٻولي کي نه ڇڏيو. ۽ ان دور ۾ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ ظلمن کي ننديو آهي ۽ وقت جي پيرن کي به ننديو آهي جن نشي جا اڏا کولي موالي پئي پيدا ڪيا آهن. هن خطي ۾ اهڙي قسم جو باغي شاعر ملي ٿو، پر افسوس جو سندس ڪلام لکت جي صورت ۾ ملي نه سگهيو آهي. صرف زباني روايتن مان هڪ دوهو مليو آهي. جنهن ۾ موالي ۽ مرون کي هڪ ڪري سڏيو آهي. هن دور ۾ سنڌي زبان پنهنجي ارتقائي منزل طئي ڪري عروج تي پهچي چڪي هئي، ۽ پنهنجا اثر ويجهن پاڙيسري ملڪن تي به ڇڏيا، ۽ انهن جا اثر قبول ڪري پاڻ ۾ مروج ڪري ڇڏيا.
مجموعي طور ڏٺو وڃي ته هن دور ۾ به تعلقو لکي سنڌ جي ٻين خطن وانگر وسندو نظر آيو آهي جنهن ادبي دنيا ۾ پاڻ کي پٺتي نه رکيو آهي. اها هن خطي جي بدقسمتي، جو هن دور جو بهترين مواد ليٽ ۾ لڙهي ويو، نه ته اڄ سڄي سنڌ ۾ هتان جي شاعرن تي تبصرو ضرور ملي ها! هتي هن وقت جو جيڪو شاعر مليو آهي جيڪو سومره خاندان سان واسطو رکي ٿو.


محمد طالب (ٽيون) (1700ع ـــ 1799ع) :
اصل محمد طالب (اول)(2) جي خاندان مان ٽيون محمد طالب ٿي گذريو آهي. سندس والد صاحب جو نالو بليل خان (اول) هو. محمد طالب (ٽيون) مغليه دور جي آخري دور ۾ سن 1700ع ڌاري تولد ٿيو هي بزرگ ڪلهوڙن جي دور جو سٺو شاعر هو. پاڻ هڪ صوفي خيالن جو ماڻهو هو. هارپي جو ڪم ڪندو هو. هي پنهنجي وقت جو هڪ بلند پائي جو شاعر ٿي گذريو آهي. ان وقت جي شيطان نما موالين کي ڏاڍو ننديو آهي. سماج جي براين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪيو هو، کيس ديني علم جي تمام سٺي ڄاڻ هئي. اسلامي تصوف جي اصولن مطابق تمام وڏا وڏا شرعي مسئلا حل ڪري ڇڏيندو هو. سندن وڏا سون مياڻي(3) جا ويٺل هئا. ۽ پاڻ به سون مياڻي ۾ 1700ع ۾ جنم ورتو.
“پاڻ هڪ سٺو شاعر هو، سندس ڪافي ڪلام هو، پر چيو وڃي ٿو ته 1832ع واري ليٽ ۾ پوين جي سنڀال نه ٿيڻ سبب ضايع ٿي ويو. سندس هڪ شعر مليو آهي. جيڪو تمام گهڻو مشهور آهي. جنهن تي موالي مڇريا هئا. خاندان ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن. شاعري سندن ورثي ۾ مليل هئي.”(4) سندس وفات جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ميرن جي چوياري واري پهرين حڪومت قائم ٿي هئي، يعني ميرن جي شروعاتي دور ۾ 99 ورهين جي ڄمار ۾ 1799ع ۾ وفات ڪيائين. بزرگ طالب شاعريءَ ۾ پنهنجي نالي جو پهريون اکر “ط” تخلص طور ڪم آندو آهي. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته سڄو نالو پنهنجو ڪتب نه آندو آهي ۽ راز ۾ رکيو آهي. يا وري وزن جي پورائي خاطر صرف پهريون اکر آندو آهي. هي پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي نالي جو پهريون اکر تخلص طور آندو آهي. سندس مثنوي مڪمل ملي نه سگهي آهي مگر هڪ بند مليو آهي جيڪو سنڌي مثنوي جي تاريخ ۾ پهريون ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو انهيءَ ڪري سندس ذڪر ادبي تاريخ ڪرڻ ضروري آهي.
سندس همعصر شاعر : روحل فقير مراد فقير، سيد محمد بقا، جلال کٽي وغيره جهڙا همعصر هئا. جڏهن شاهه لطيف رح وفات ڪئي ان وقت سندس عمر 22 سال کن هئي.
سندس هڪ شعر مليو آهي، جيڪو هت ڏجي ٿو.
مــوالـي، مـرونءَ جـو مـڙوئـي مـانُ هــيــڪـــڙو،
وسي جن تي لـعـنت خـدائـي “ط” سيڪـڙو.(5)
سندس ڪلام مان صاف ظاهر آهي ته ان وقت جي موالن کي ڏاڍو ننديو آهي. ۽ انهن تي لعنت وڌي آهي. ۽ سماج جي براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ هن گهڻو ڪجهه چيو آهي. پر افسوس جو سندس هڪ شعر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ملي نه سگهيو آهي. سندس شعر کي فني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته بزرگ طالب جي مثنوي جو هڪ بند آهي. شعر جو بحر متقارب مثمن سالم آهي. لڳي ٿو ته بزرگ طالب فارسيءَ کان متاثر آهي. جنهن ڪري سندس ڪلام علم عروض مطابق آهي.
“سندس خاندان مان ڪافي سالڪ، شاعر، عالم ۽ اديب ٿي گذريا آهن.
سندس پوٽو آخوند محمد دائود (1759ع ـــ 1854ع) به سٺو سالڪ ماڻهو هو، جنهن جو پٽ مولوي محمد ڄام سومرو (1844ع ـــ 1925ع) هڪ نالي وارو عالم ٿي گذريو آهي. جيڪو امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو هم سبق هو.
محمد طالب (ٽيون) کي ٻه پٽ ٿيا: 1 ـــ محمد ڄام چنيسر (1730ع ـــ 1830ع) 2 ـــ صاحبڏنو (اول) (1740ع ـــ 1860ع) ڄام چنيسر کي ٻه پٽ پيدا ٿيا 1 ـــ آخوند محمد نوح (1758ع ـــ 1850ع) 2 ـــ آخوند محمد دائود. آخوند محمد دائود مان محمد ڄام سومرو پيدا ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل هو. صاحبڏنو مان: 1 ـــ بليل خان (ٻيو) 2 ـــ محمد ڪامل (اول) 3 ـــ بکر فقير بکر فقير جيڪو سٺو سالڪ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. هن ئي خاندان مان بليل خان “ٻيو” جي اولاد مان، صاحبڏنو ۽ محمد طالب (چوٿون) به پنهنجي وقت جا نامور شاعر ٿي گذريا آهن. بکر فقير ري اولاد وفات ڪري ويو.”(6)
هن بزرگ جو تمام گهڻو ڪلام 1832ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو ۽ ختم ٿي ويو. سندس مزار مياڻيءَ ۾ هئي. پاڻ سندس زندگي بابت ڪو تفصيلي ذڪر نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪو سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ ڪو نالي ماتر حوالو ملي ٿو. اڄ ڏينهن تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن انهن جو بنياد صرف اهو رکيو ويو ته جن شاعرن جو احوال ڪنهن ڪتاب ۾ ملي ٿو ته واهه، نه ته نئين کوجنا ڪري ڪنهن کي به تاريخ ۾ داخل نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن کي شاعرن جي سرزمين سڏجي ته بيجاد نه ٿيندو، جتي اهڙي سرزمين هجي اتي اهڙا گونا گون ۽ گمنام شاعر، اديب عالم، ۽ فاضل ته الائي ڪيترا پيدا ٿيندا هوندا، پر افسوس جو اسان انهن تي تحقيق ڪرڻ کان لنوايون ٿا. صرف ڪتابن تان حوالا ورتيون هڪ ڪتاب جوڙيون ويٺا آهيون. اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ تيستائين مڪمل ٿي نٿي سگهي جيستائين اسان کي سنڌ جي سمورن شاعرن ۽ اديبن جي خبر يا ڄاڻ نٿي پوي، ته انهن ڇا لکيو ۽ ڇا چيو؟ تنهن ڪري خطي وار تاريخون لکي ڇپرايون وڃن ۽ پوءِ سنڌي ادب جي جامع ادبي تاريخ تصنيف ڪئي وڃي.
(ب) ادبي جائزو:
ڪلهوڙن جي دور جو، جيڪڏهن ادبي جائزو وٺنداسين ته اسان کي تعلقي لکيءَ ۾ تمام ٿورا شاعر مليا آهن. جن جو ذڪر اسين اڳ ئي ڪري آيا آهيون. سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسين ته اسان کي هن دور ۾ تعلقو لکي تمام پٺتي پيل نظر ايندو. پر هتي پٺتي پوڻ جو سبب اسين هيٺ معلوم ڪنداسين ۽ جاچي ڏسنداسين ته ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ هن دور ۾ حڪمران ٽولي جي سرڪاري زبان، ارغوني ۽ مغليه دور واري فارسي زبان قائم رهي، پر ان هوندي به سنڌي زبان تمام گهڻي وڌي ويجهي وڃي عروج واري منزل تي رسي. جنهن ۾ فڪر ۽ فن بلند درجي تي پهتو. پر اسان هتي هن علائقي تي نظر وجهنداسين ته هن دور ۾ ڪافي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا جن جا صرف نالا ملي سگهيا آهن، پر انهن جو تفصيل ۽ مواد وغيره ڪونه مليو آهي، پر مقامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن جو مواد ڪافي هو، جيڪو ويجهي دور ۾ هٿن کان نڪري ضايع ٿي ويو. ضايع ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب مهراڻ جون بي لغام موجون ۽ آويڙون هيون، جن جي حوالي ٿي ويو. هن علائقي ۾ ٻه زبردست ٻوڏيون آيون هڪ 1832ع ۾ ۽ ٻي 1942ع ۾ جنهن تقريبن تعقلي جا سمورا ڳوٺ پنهنجي لپيٽ ۽ لهرن جو بک بڻائي ڇڏيا. هونءَ به ننڍيون ننڍيون ٻوڏيون اينديون رهنديون هيون. هڪ 1937ع ۾ به آئي جنهن ڪافي نقصان ڪيو. جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ هن علائقي جو ادبي ذخيرو به ختم ٿي ويو. جنهن جو مختصر ذڪر به ٿي نه سگهيو. هن دور جا لکيل مذهبي مسئلن،ديني هدايتن، تعويزن ۽ نقشن تي مشتمل ڪافي ڪتاب نظر مان گذريا، گهڻو تعداد قرآن شريفن جو آهي: جيڪي تمام سهڻي خوش خطي ۾ تحرير ٿيل آهن. جديد دور جي تقاضائن مطابق سڀني کي چئني طرفن کان حاشي ڇڏيل نظر آئي جنهن ڪري مواد ضايع ٿيڻ کان بچي ويو آهي، باقي چوداري حاشي کاڄي چڪي هئي ڪيترن کي ته اڏوهي وچان ئي وچان کائي ختم ڇڏيو هو. ڪجهه ڪتاب ته سٺي حالت ۾ مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي واري ڪتب خاني ۾ به نظر آيا ۽ ڪجهه ڪتاب ذاتي طور تي ڪن ماڻهن وٽ به نظر آيا جيڪي اڃان سنڀاري رکندا اچن، جن تبرڪ طور تي سنڀالي، رکيا آهن، باقي ڪيترن ماڻهن کان انٽرويو دوران معلوم ٿيو ته هن دور ۾ ته مياڻي جو ڳوٺ، مزار جو، ٽنڊو علي شير، محمد آباغ، رستم لکي، ماڙي، چنڊ ڳوٺ، پراڻو چيمن، جهڙا ڳوٺ شاعرن سان ڀريا پيا هوندا هئا. انهن ڳوٺن ۾ رات خالي نه هوندي هئي: جو بيت بازي، هنر ڏور ۽ ڳجهارت جي ڪچهري نه لڳندي هئي. ان وقت اهي وڏا مرڪز هوندا هئا. وري مذهبي طور تي ماڙي، محمد آباغ ، لکي قبوجامي ، رستم، سومراڻي شريف جهڙا وڏا ڳوٺ ۽ تاريخي ڳوٺ قائم هوندا هئا جن ۾ ديني علم جو خاص گهوارو هوندو هو. ديني علم مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. جتي قرآن شريف، صرف وَ نحو،فقه، حديث، فلسفو، منطق، ۽ طب وغيره جهڙا خاص مضمون پڙهيا ويندا هئا. اهو سمورو علم فارسي ۽ عربي زبان ۾ پڙهايو ويندو هو. هن وقت به انهن ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو، پر گهڻو ڪري اردو ۽ سنڌي ترجمن سان گڏ پڙهايا وڃن ٿا. پر مٿين مضمونن مان، فلسفو، منطق ۽ طب جهڙا اهم ۽ خاص مضمون ڪڍيا ويا آهن ۽ انهن کي غير ضروري سمجهي خارج ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح سان هتي ڪافي علم جو گهوارو رهيو آهي. ۽ ان جي پکيڙ لاءِ به ڪيترن ڪوششون ڪيون، ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هن علائقي ۾ صرف هڪ شاعر “طالب” جي مختصر سوانح ۽ هڪ دوهو مليو آهي. جنهن ۾ موالي ۽ مرونءَ کي هڪ ڪري سڏيو آهي ۽ ٻنهي تي خدائي لعنت وڌي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بزرگ طالب ان وقت جو هڪ نهايت زبردست شاعر هو. ان کانسواءِ ٻن شاعرن جا نالا مليا جيڪي رستم شهر جا رهواسي هوندا هئا. جکڻ مل، ۽ اوٽڻ مل هوندا هئا. جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي.
هن دور ۾ هڪ اهڙي باغي شاعر جو ملڻ هڪ عجب جهڙي ڳالهه ٿي لڳي سو ٻه هڪ ڪچي واري ڳوٺ مياڻي جو، جنهن جو اڄ ڪو به ثبوت ڪونهي ته اتي ڪو اڳ وسندڙ هڪ ڳوٺ به هو. اهڙي شاعر جو سنڌ جي ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ ذڪر ڪونه ٿو ملي. بزرگ طالب جو فن وَ فڪر اعليٰ قسم جو هو. سندس دوهو بحر وزن تي ٺهيل آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس عروضي علم جي مڪمل ڄاڻ هئي.
هن دور ۾ هن علائقي ۾ عروضي شاعري جو رواج پيو، پر سنڌ جي ڪن قديم گهاڙيٽن ۾ به لکيو ويو. هن دور ۾ به مولود به چيا ويا پر انهن جو اسان وٽ ڪو خاص نمونو ملي نه سگهيو آهي، جنهن جو سبب اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون.
هن دور ۾ فارسي ۽ عربي نثر تمام گهڻو لکيو ويو ۽ ڪن ڪتابن تان نقل ڪيو ويو ۽ ترجمو به ڪيو ويو. باقي سنڌي زبان ۾ ڪو خاص ڪتاب وغيره ڪونه لکيو ويو، ٿي سگهي ٿو ته لکيو ويو هجي، پر هن وقت تائين ڪابه اهڙي تحرير نه ملي آهي. جيڪا سنڌيءَ ۾ لکيل هجي. باقي ڪجهه ديوناگري ۽ هنديءَ ۾ لکيل ڪتاب مليا آهن جن ۾ علم نقوش ۽ جادو جهڙن موضوعن تي مليا آهن.
هن دور جا لکيل ڪافي قلمي ڪتاب، جيڪي ڪن قديم مدرسن جي ڪتب خانن ۾ پيل هوندا هئا، پر اهي هن دور ۾ ڪجهه وقت اڳ ماضي قريب ۾ سمورا ڪتاب کڻي کوهن ۾ ڦٽا ڪرايا ويا ۽ ڪن کي ته باهه ڏئي ساڙيو ويو. ان ڪري تمام گهڻو نثري مواد ضايع ٿي ويو.
ان کان سواءِ هن دور ۾ سگهڙ تمام گهڻا پيدا ٿيا جن حضورﷺ ۽ انهن جي اصحابن جا معجزا پنهنجي انداز ۾ بيان ڪيا. هن دور ۾ هتي ڏور جي فن تمام گهڻي ترقي ڪئي. پر افسوس جو اهي سڀ ڳالهيون صرف مقامي روايتن مان ملن ٿيون. باقي انهن جو ڪو ٺوس ثبوت ڪونه ٿو ملي.
مجموئي طور تي اسان چئي سگهون ٿا ته هن دور ۾ مڪمل ڪتابن لکڻ ۽ نقل ڪرڻ جو رواج عمل ۾ آيو.


باب ٽيون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1) سومرو محمد شريف شاد ـــ رستم جي ادبي تاريخ (قلمي مقالو) 1983ع .
(2) محمد طالب (اول) جنهن جي نالي پٺيان طالباڻي پاڙو سڏبو اچي، جنهن جو ذڪر سمه دور ۾ ڪري آيا آهيون.
(3) “ڳوٺ مياڻي سومرا تعلقو لکي ضلعو شڪارپور، مياڻي سومرا ڳوٺ به درياهه جي ڀر تي واقع هو، جنهن کي سيلاب جو خطرو کين رهندو آيو هر سال سانوڻي جي موجن، مهراڻ جي خوف کان آزاد نه هو. هڪ سال اهڙو به آيو، جنهن ۾ مهراڻ جي موجن ۽ بي لغام آويڙن جي لپيٽ ۾ وڪوڙجي ويو. ۽ سيلاب جي گرفت کان بچڻ ناممڪن ٿي پيو سال 1937ع ۾ هي وسندڙ ڳوٺ جتي ٽي سوءُ گهر آباد هئا، سو مهراڻ جي موجن جي نذر ٿي ويو” (بحوالا: ماهوار پيغام ڪراچي ڊسمبر 1980ع ص 31).
(4) محمد شريف شاد سومرو ـــ ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) جلد پهريون 1982ع.
(5) ايضاً.
(6) سومرو محمد شريف “شاد” ـــ شجره طالب (قلمي) 1980ع .

باب چوٿون : ٽالپر دور (1782ع ــ 1843ع)

باب چوٿون : ٽالپر دور (1782ع ــ 1843ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني مختصر پس منظر:
جڏهن ميان سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان کي قتل ڪرايو هو، جنهن ڪري ٽالپرن بغاوت ڦهلائڻ شروع ڪئي هئي. ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ ڦڙڦوٽ پوڻ شروع ٿي. نيٺ ان هنگامي کي روڪڻ لاءِ ميان عبدالنبي 1775ع ۾ ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو پر پوءِ ميرن جي ڪڍ به ڪات ڪهاڙا بڇي ڇڏيائين ان نتيجي ۾ هالاڻِي وٽ جنگ ڇڙي پئي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت تمام ڪمزور ٿي ويئي نيٺ هنن جي هار ٿي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو. 1782ع ۾ فتح علي خان سنڌ ۾ ٽالپر راڄ قائم ڪيو. جنهن پنهنجن ڀائرن کي، هر هڪ مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مراد علي به پنهنجي حڪومت جي ڪاروبار ۾ شامل ڪيو . جيڪا چوياري واري حڪومت” جي نالي سان مشهور هئي. 1802ع ۾ مير غلام علي، 1812ع ۾ مير ڪرم علي خان، 1828ع ۾ مير مراد علي خان تخت تي ويٺو 1830ع ۾ انگريز سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو اليگزينڊر برنس سنڌوندي جي رستي سموري سنڌ گهمي ۽ جاسوسي ڪندو وڃي پنجاب نڪتو. 1832ع ۾ انگريزن ۽ ميرن جو پاڻ ۾ هڪ معاهدو ٿيو. 1831ع ۾ مير مراد علي وفات ڪئي، تنهن بعد وري چوياري قائم ٿي. ان ۾ مير نور محمد، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان شامل ٿي ويا. هڪ دفعو وري انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن جو سن سنڌ جي تاريخن ۾ 1834ع ڄاڻايو ويو آهي. اهو عهدنامو پهرين معاهدي کان تمام گهڻو سخت هو. ان معاهدي کان پوءِ انگريزن سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون اهڙي طرح سان اهي سنڌ جي صورتحال کي چاچيندا رهيا ۽ رپورٽون برطانيه سرڪار کي موڪليندا رهيا. اهڙي طرح انگريز سنڌ تي ڇائنجي ويا. نتيجي ۾ انگريز ۽ ميرن جي وچ ۾ 1743ع ۾ مياڻيءَ واري ميدان ۾ جنگ ٿي، جنهن ۾ ڪونڌر هن ڌرتيءَ تان سر قربان ڪري امر ٿي ويا. هن لڙائيءَ کان پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ “دٻي” وٽ انگريزن سان هڪ دفعو وري سنڌين ٽڪر کاڌو. هن ئي جنگ ۾ هوش محمد شيدي بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو، پر هن جي زبان تي آخر دم تائين اهوئي نعرو رهيو. “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” تنهن کان پوءِ 1845ع ۾ سموري سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويئي.
هن دور ۾ پهريائين امن امان رهيو، حڪومت کي سيڪيولر بنايو ويو هو، مير پاڻ علمي ۽ ادبي ماڻهو هئا. جنهن ڪري ادب سان گهڻو چاهه هو خاص ڪري شعر و شاعري هنن جو خاص مشغلو هو. هنن وٽ عالمن ۽ اديبن جي تمام گهڻي عزت هئي. هن دور ۾ فارسي ادب جو به سٺو چهچٽو رهيو. ڪيترائي فارسي گو شاعر پيدا ٿيا. اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ به فارسي جا سٺا ۽ نامور شاعر پيدا ٿيا.
سيد محمد وفا لکوي سيد، محمد شجاع (ثاني) لکوي ۽ مخدوم محمد صالح وزير آبادي جهڙا بلند پايي جا شاعر پيدا ٿيا. مخدوم محمد صالح ته صاحب ديوان شاعر هو.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ تعلقو لکي، سنڌي ادب ۾ پٺتي ڪين رهيو. بلڪه هن دور ۾ تمام اعليٰ ۽ شاندار شاعر پيدا ٿيا، جن پوري سنڌ خواهه ٻاهرين ملڪن ۾ به نالو ڪڍيو. مٿي ذڪر ڪيل ٽيئي شاعر فارسي جا شاعر ٿي گذريا آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي آخري دور حڪومت ۾ پيدا ٿيا ۽ ٽالپرن جي دور ۾ شاعري ڪئي. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ به هي تعلقو پٺتي ناهي رهيو. سنڌي جا به تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا، ايتريقدر جو سگهڙ زالن به سنڌي ادب ۾ پاڻ ملهايو. انهن مان مائي نوران، خير محمد “خيرو” جهڙا شاعر پيدا ٿيا ٻئي ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخر ٽن سالن اندر پيدا ٿيا. جنهن ۾ مائي نوران جي عمر تمام گهڻي ٿي، هڪ سو ٻن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، جنهن ٽالپرن جي حڪومت جو سمورو لڪاءُ ڏٺو ۽ انگريزن جي حڪومت به چڱو وقت ڏٺائين ان کان علاوه ٽالپرن جي شروعات واري سال کان ٻئي سال تي سيد غلام مصطفيٰ لکوي جهڙو فارسي ۽ سنڌيءَ جو تمام سٺو شاعر پيدا ٿيو. ان کان پوءِ محمد طالب (ٽيون) بکر فقير، نبي بخش رنگريز ۽ محمد يوسف تنيو جهڙا تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا. پر مٿين مان ڪي اهڙا به شاعر هئا جن جو اڳ ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ ذڪر نه آهي.
هن دور ۾ سنڌي عروضي شاعري تمام سٺي ترقي ڪئي. عروضي شاعريءَ جو رواج عام جام هو. عروضي شاعريءَ جي ٻيگهي متل هئي. هن دور ۾ ڪافي تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ پنهنجي عروج تي پهتي. ان وقت جن جو سنڌ ۾ تمام گهڻو نالو مشهور ٿيو، اهي آهن. سچل سرمست (1739ع ـــ 1839ع) جنهن کي سرتاج الشعراء جو لقب حاصل آهي. روحل فقير (1726ع ـــ 1804ع)، مراد فقير (1743ع ـــ 1796ع)، فتح فقير (وفات 1843ع)، پير محمد اشرف (وفات 1860ع)، دلپت (وفات 1841ع) ۽ صديق فقير سومرو، جيڪي ڪافيءَ جا اعليٰ پايي جا شاعر هئا. ان کانسواءِ ڪافي ۽ بيت جا به عظيم شاعر ٿي گذريا آهن. حمل خان لغاري (1810ع ـــ 1878ع)، خليفو نبي بخش لغاري (1776ع ـــ 1863ع)، پير محمد راشد (1756ع ـــ 1817ع)، ڀائي چين راءِ سامي (1750ع ـــ 1850ع)، آخوند محمد بچل “انور” (وفات 1861ع)، ملا صاحبڏنو شڪارپوري (وفات 1834ع)، صدرالدين چارڻ، مخدوم عبدالله نرئي (وفات 1736ع)، مولوي احمد سيد ، خير شاهه، سيد ثابت علي شاهه (1740ع ـــ 1810ع)، آخوند محمد عالم (1800ع ـــ 1870ع)، ۽ مرزا ٻڍل بيگ وغيره جهڙا نامور شاعر پيدا ٿيا.
مطلب ته پوري سنڌ جي شاعرن سان گڏ تعلقي لکيءَ ۾ به ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا، جن جي شاعري ملي سگهي آهي، انهن جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي.
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ادب گهڻي ترقي ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون به وڌڻ لڳيون هن دور ۾ نثر جا ڪي لکندڙ ڪونه ٿا ملن. اسان تائين هن دور جي تعلقي لکيءَ مان سنڌي نثر جو ڪوبه لکت ۾ ثبوت ڪونه مليو آهي. البت مذهبي ڪتابن جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو آهي. هٿ سان لکيل قرآن شريف تمام گهڻا مليا آهن ۽ مذهبي طور طريقن ۽ تعويزن جي باري ۾ لکيل ڪتاب تمام گهڻا نظر مان گذريا آهن. ڪن تي نالا لکيل هئا ته ڪن تي لکندڙن جو نالو به ڪونه هو. ٽالپرن جي مادري ٻولي بلوچي هئي سنڌي زبان گهڻي ترقي ڪئي، خاص ڪري هن دور ۾ غزل جي صنف ته گهڻي اڀري آئي ۽ وڏي درجي تي پهتي پر ٽالپر حڪمرانن جي ايرانين سان دوستي هوندي جنهن ڪري فارسي زبان جا دادلا هئا. ان ڪري هنن تي ٻنهي ٻولين جو اثر هو. ڪي ته ٽالپر حڪمران فارسي ۽ سنڌيءَ جا سٺا شاعر ٿي گذريا آهن. پر اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ صرف هڪ غزل گو شاعر راهي نالي ملي ٿو، جنهن جو هڪ غزل مليو آهي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب سڀ رنگ ۾ ڏنو آهي. باقي هتي بيت جا تمام سٺا شاعر ٿي گذريا آهن ڪي ته ڏور بيت جا شاعر آهن. مطلب ته مجموعي طور تي ارغوني دور کان وٺي ڪلهوڙن تائين چند شاعر مليا آهن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ صرف ٻن شاعرن جا نالا مليا آهن. انهي دور کان ٽالپر دور ڪنهن حد تائين تمام سٺي ترقي ڪئي اڃا ته ڪيترائي شاعر هن دور جا ٿي گذريا آهن، جن جا صرف نالا مليا آهن. پر انهن جي شاعري ۽ سندن تفصيل نه ملڻ ڪري هتي شامل نه ڪيو ويو.
تعلقي لکيءَ جو ٽالپرن جي دور جو تمام گهڻو ادب سنڌو درياهه پنهنجي موج مستيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح گهڻو مواد شاعري جو هو جيڪو ليٽ ۾ لڙهي ويو باقي رهيو سهيو به 1942ع واري ليٽ ختم ڪري ڇڏيو. نه ته هن دور جي شاعري گهڻي قدر لکت ۾ موجود هئي.

سيد محمد وفا لکوي (1753ع ــ 1833ع):
سيد محمد وفا ولد عبدالغني شاهه 1753ع ۾ لکيءَ شهر ۾ پيدا ٿيو فارسي زبان جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي نه صرف شاعر هو، پر سندن ورثي ۾ آيل پنهنجن وڏن کان مليل حڪمت ۾ به ڀڙ هو. سندن خاندان، لنواري واري بزرگ جا مريد هئا. پر پاڻ حاجي فقير الله علويءَ جو مريد هو ۽ خاص شاگرد هو. پاڻ فارسي، عربي جو تمام بلند پايي جو عالم هو. فارسي ٻوليءَ جو رواج ته سومرن جي دور کان وٺي پئجي چڪو هو. هنن جي خاندان جو شجرو وڃي سيد علي مڪي جي شجري سان ملي ٿو، جيڪو سومرن جي شروع واري زماني ۾ سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو هو. کيس تمام گهڻو اولاد ٿيو، جيڪو وڌيو ويجهو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن ڏانهن پکڙجي ويا، جن مان هڪ شاخ لڏي اچي لکيءَ کي پنهنجو مسڪن بنايو هو. تنهن زماني ۾ لکي هڪ تمام وسندڙ شهر هو. پنهنجي استاد وَ مرشد جي وفات تي هڪ قطع لکيو آهي، جيڪو حاجي فقير الله علويءَ جي مقبري تي لکيل آهي. تعليم وَ ترتيب به پنهنجي استاد وَ مرشد کان ورتائين.
“سيد وفا پنهنجي مرشد کان مڪتوبات جي ذريعي به علمي نڪتا ۽ تصوف جا راز پڇندو هو. هڪ دفعي اسمائي حسنيٰ پڙهڻ جو طريقو پڇيائين، جو هن نهايت وضاحت سان سمجهايس سيد صاحب وڏو عالم ۽ تصوف جو ماهر هو. “مڪتوبات حضرت فقير الله” مان سندس بلند مرتبي جو اندازو ٿئي ٿو. محمد صالح وزير آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ سندس ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. سيد صاحب وڏو نامور طبيب هو. سندس علاج معالجي جون ڪيئي ڳالهيون مشهور آهن. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، فارسيءَ جو شاعر به هو. سندس شعر سادو، پر اثر ميٺاج وارو آهي.”(1)
سيد محمد وفا لکوي جو پنهنجو هٿ سان لکيل هڪ اوراد تي مشتمل قلمي نسخو غلام محمد شاهه عرف بابو شاهه ولد باغ علي شاهه لکوي وٽان نظر مان گذريو. نهايت خوشخط لکيل آهي ۽ مٿس سون جو پاڻي چڙهيل اٿس. هي قلمي نسخو 120 صفن تي مشتمل آهي هڪ مشهور وظيفو، “الحزب اليماني” . جيڪو دعا سيفيءَ جي نالي سان مشهور آهي، حضرت شاهه فقير الله علوي جي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي ۽ اها سَنَد هن طرح نقل ٿيل اٿس: “اجازلي بهه الشيخ العلامه محمد هاشم التتوي غفر الله تعليٰ قال اجازلي شيخنا عبدالقادر مفتي مکه عن شيخه العلام ابي البقاعه حسن بن علي العجيمي ..... الخ ص 10 کان 12 . سيد وفا لکويءَ جو عبارت سان گڏ فارسي ترجمو به لکيل آهي. جيڪو صفي 14 کان 79 صفحي تائين آهي. سيد محمد وفا لکوي ان جي اجازت حضرت مخدوم محمد ٺٽويءَ جي پوٽي حضرت مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (1162ع ـــ 1225ع)، کان ورتي.”(2) سيد محمد وفا لکوي رح پنهنجي وقت جو مشهور طبيب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جدا جدا ڪتابن ۾ سندس نسخن جا نالا موجود آهن.
سيد محمد وفا لکوي ڪيترائي رسالا طب جي موضوع تي تحرير ڪيا، پر افسوس جو زماني جي گردشن جي ڪري اهي گم ٿي ويا. سندس هڪ رسالو “نسيم الصبا” جي نالي سان احقر کي ملي سگهيو آهي. جيڪو پڻ “مخطوطات مير حامد علي ۾ نقل ٿيل آهي. هي رسالو ازدواجي زندگي گذارڻ بابت لکيل آهي. فارسي زبان ۾ ڇهن صفحن تي مشتمل رسالو آهي. هي رسالو مير حامد الحق علوي رجب 1251 هجري سن ۾ نقل ڪيو هو. اهڙي طرح سندس طبي نسخا بياض مير عبدالاحد علوي قلمي “جميع الفوائد” تصنيف ميان محمد امين ولد ميان سومر وغيره ڪتابن ۾ تحرير ٿيل آهي. طب جي لحاظ کان حڪيمن جيڪو ڪجهه اهل النساء جي عمر نسبت لکيو آهي. ان کي سيد محمد وفا لکوي فارسي شعر ۾ نهايت عمدگي سان نظم ڪيو آهي. ڪل 18 شعر آهن. هنن اشعارن ۾ 10 ورهين عمر کان 100 ورهين جي عمر تائين عورتن جي صفت بابت دلچسپ نموني ۾ بيان ٿيل آهي. اهي اشعار “مخطوطات” مير حامد الحق علوي جي 381 ــ 382 صفن تي تحرير ٿيل آهن.(3)
سيد محمد وفا لکوي جي شاعري، سادي سليس ۽ سلوڻي آهي. حضرت مولانا مير فخرالدين علويءَ، حضرت پير نظام الدين سرهندي رح ۽ ملا صاحبڏني سان ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي.
ايتري قدر جو مير فخرالدين علوي پنهنجي اشعار ۾ به سندس ذڪر ڪيو آهي ته فخرالدين جي شعر جو طرز وفا جي نظم لاءِ زيور آهي:
طـــرز شــعـر فخرالـدين، نـظـم وفا راز يورست،
گـرز روئي حسن دانش حرف حرفش بنگري.(4)
سيد محمد وفا جي شادي خانه آبادي سيد محمد فاضل بن سيد محمد احسان بکري جي دختر نيڪ اختر سان ٿي، (جيڪا تاريخ معصومي جي مصنف مير معصوم بکري جي ڀائٽي هئي. محمد فاضل صاحب ڏهين صدي هجري جو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي). جنهن مان کيس پنج پٽ تولد ٿيا. سيد غلام مصطفيٰ سيد غلام مجتبيٰ سيد غلام مهتديٰ سيد غلام منتقيٰ سيد غلام مزڪيٰ سندس پنج ئي فرزند پنهنجي دور جا عالم، وڏا حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن.(5)
هيٺ سندس نموني طور ڪجهه شاعري ڏجي ٿي.
غــــــزل
جامِ شراب ڪهنم آرزو است، گـفتن شـيـريـن سخنم آرزوا ست،
چـنـد زد شـنـام ڪـنـي تلح ڪلام، بوسئه شيرين دهنم آرزواست،
بــلـبـل ايــن گــلـشــن ڪـثـرت مـنم، وحدت جنت چمنم آرزواست،
باش “وفا” حاضر چون گفت بار، طوطئي شعر شڪنم آرزواست.(6)

قــصيــدو
وعدها ميڪني، و وفا نه ڪني، اي پرير وچرا حيا نه ڪني،
مــن پئي بــوسه آمــد هـيـهـات، بـازبـان خشڪ مرحـبانه ڪني،
بـا “وفـا” مـيـڪـنـي هـزار جــفا، ادب آلِ مـصـطفيٰ نه ڪني.(7)

غـــــزل
کـجــام معيت جـان است چــون جـانـان نـمـي بـيـنـم،
قـرار قـلـب ڪي گـردد چـون جـان جان نـمي بــيــنــم،
بــچاهـهِ هـجـر مــهــجــورم ز مصر وصل وي دورم،
بــقــيــد درد رنــجــورم مــههِ کــنعــان نــمــي بــيــنــم.
بـــروحِ روح افـــزا گـــل شـــده مـــحـفــوظ هر بـلـبـل،
بــروح کي رســد راحــت گــلِ ريــحـان نــمـي بـيـنـم،
“وفـا” بـا درد مـهـجــوري کـنـد حـق دل به سـروري،
اگـرچه ازچنين دوري درين امـڪان نـمـي بــيـنـم.(8)

ٽالپر دور جو غزل جو تمام عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سموري شاعري يا طبي نثري ادب يا مذهبي نثري ادب جيڪو به مليو آهي اهو عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ مليو آهي. سندس تصنيفون تمام عمديون آهن خاص ڪري طب تي جيڪي به آهن نهايت ئي شاندار آهن. لکي شهر جو تمام وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. سيد محمد وفا اسي سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان 1253هه مطابق 1833ع ۾ وفات ڪئي سندس مزار مٿان هڪ ڦٽل ٽڪيل حالت ۾ ڪتبو لڳل آهي جنهن تي “قطب محمد وفا” لکيل آهي پر سن وارو حصو ختم هو. پر پوءِ سندن خاندان مان احوال ۽ ڄم موت جا سال معلوم ٿي ويا.
پيرل سومرو (1762ع ـــ 1820ع):
محمد پيرل ولد ساٿي (ٽيون) سومرو، ڳوٺ ڌاران پور(9) ۾ 1182هه مطابق 1762ع ۾ احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ پيدا ٿيو، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کانپوءِ ٿي گذريو آهي. شاهه عبداللطيف رح جي وفات کان ڏهه (10)سال پوءِ پيدا ٿيو، پنهنجي شاعري ۾ پيرل تخلص استعمال ڪيو آهي.
هي اصل وڏي ساٿي (اول) جي خاندان مان ئي گذريو آهي، جنهن جي نالي پٺيان ساٿاڻي پاڙو سڏبو اچي ٿو. ميرن جي دور جو هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس وفات مير ڪرم علي خان جي دور ۾ٿي. مير ڪرم علي خان جي وفات کان اٺ سال اڳي وفات ڪيائين اڻونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1820ع ڌاري هن فاني دنيا مان وفات ڪئي. سندس ڪجهه بيت مليا آهن، هڪ ته مڪمل بيت آهي، پر ٻه بيت اهڙا آهن جيڪي الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي آهي. الف اشباع واري ٽيڪنڪ ارغوني دور کان اڳ جي ايجاد ٿيل صنف آهي پر ارغوني دور پير محمد لکوي جو شعر مليو آهي جنهن کي الف اشباع جو موجد چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن جي دور ۾ اها صنف عام جام هئي پر ڪلهوڙن جي دور ۾ بيت تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، فني ۽ فڪري لحاظ کان ڪاميابين جي چوٽيءَ تي رهيو.
هن شاعر به ڪلهوڙن جي زوال وقت شاعري شروع ڪئي، پر افسوس جو سندس ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي جنهن ڪري پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو البته جيڪي بيت مليا آهن اسين انهن بيتن کي قديم مرثيو ڪوٺي سگهون ٿا. مرثيي لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ لکي ٿو ته “مرثيو انهيءَ نظم کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي وفات تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو وڃي ۽ فوتيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون نروار ڪيون وڃن”(10)
سندس ٽي بيت مليا آهن، جيڪي پنهنجي پيءُ جي وفات تي چيا آهن، ان ۾ پنهنجي دلي جذبات جو اظهار ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهي سنڌي مرثيي جا شروعاتي نمونا آهن.
چيو وڃي ٿو ته پيءُ جي وفات تي رڙيو يا رنو ڪونه هو، پر هن رڙڻ ۽ روئڻ بجاءِ پنهنجو اظهارِ غم، بيتن جي (مرثين) صورت ۾ ڪيو هو، پر افسوس جو سڀ بيت ملي نه سگهيا آهن، جيڪي بيت مليا آهن اهي به زباني روايتن مان مليا آهن، جيڪي سندس خاندان مان هڪ سگهڙ زال مائي سڀائي ٻڌايا آهن، جنهن سيني به سيني ياد ڪيا هئا.
مرثيي جي شروعات ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ چئي وڃي ٿي، ان دور ۾ ڪن شاعرن ڪيڏاري جا بيت چيا آهن، ان کان سواءِ ابوالحسن واري سنڌيءَ جي الف اشباع واري قافيي ۾ شعرن ۽ بيتن ۾ حضرت امام حسين جي شهادت تي چيل ملن ٿا، اهڙي طرح شاهه لطيف جي بيتن ۾ به اهڙو مضمون ملي ٿو. نموني طور بيت ڏجن ٿا:
ســــــاٿـــــي مـــئـــيـــن ســــاجـــهـــر، جـــــو ڪـــيـــئـــه ســـــڏا الله،
ادا ســـنــــگـــتـــي ڪـــونه ٿـــيـــئـه، جـــو هــيــکــلـن ســاڻــا الله،
ڀـــونــگــيــون ٺــاهــيــون يـــار بــهـشــت ۾، اتـي مـليـسـا الله،
ســــلامـــن ســاڻ يــار “پــيــرل” چــئـي لــڏاينداسين لڏسا الله.
وڃــڻ وايـــــــون ڪــــــن، هــــلـــڻ هــــــاڻـــــا ســــــپـــــرنــــيـــــا،
سـوڙهـي گـهـٽـي هـئـي سڄڻا، مون کي گونگا ٿي م گڏيا،
مـاڻــهــن جــي مـهـلاز کــان، مــون کــي ڳــالــو ڪـيـن لــڳا،
“پــيــرل” اهــو سـانـگـو ئـي ٻـل، جـيـڪي سـانگ لڏا سڄڻا.
ســـکـــــر بــــکــــــر شـــهــــر جــــا نـــهــــاريــــــم ســـــڀ ســـيــــــر،
ڀــــائـــــن ڀــــڳــــو ڀـــيـــرو، مـــنــجــهــن ادن ڪـــــيــــم اويــــــر،
هــــيءَ نه هـــيءَ ويـــــر، “پـــيـــرل” اڄ ســــڀ نـــهـــاريـم سـڄـڻـا.

اسماعيل سومرو (1765ع ــ 1820ع):
محمد اسماعيل ولد ساٿي (ٽيون)(11) سومرو، ڳوٺ ڌاران پور ۾ 1765ع ۾ پيدا ٿيو، هي محمد پيرل جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس وفات جو سن به محمد پيرل وارو ٻڌايو وڃي ٿو، پنهنجي شاعري ۾ “اسمائيل” تخلص استعمال ڪيو آهي. اسماعيل ڪلهوڙن جي زوال ۽ ميرن جي عروج واري زماني جو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس سموري عمر پنجونجاهه سال هئي، سندس ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي مائي سڀائي (جيڪا سندس خاندان مان هڪ پيرسن عورت آهي) کان زباني طور مليا آهن، سندس گهڻو ڪلام ياد هو پر گهڻو وقت گذرڻ سبب وسري ويو آهي، جيڪي به بيت مليا آهن، سندن والد بزرگوار ساٿي (ٽين) جي وفات تي چيل آهن، جن کي اسين شروعاتي قديم مرثيه چئون ته بيجا نه ٿيندو.
سندس ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، سمورو ڪلام ياد هوندو هوس ۽ ياد چوندو هو. لکت ۾ ڪو به اسان تائين بيت يا شعر ڪونه مليو آهي، لکڻ جو هنر نه هئڻ ڪري پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو، سندن خاص مشغلو رات جو سڀ گڏجي ڪچهري ڪرڻ ۽ انهن ۾ بيت بازي ڪرڻ هو، اهڙين ڪچهرين کي اسين مشاعري سان ڀيٽ ڏئي سگهون ٿا. ڪچهري جو ڪوڏيو محفل جو مور هوندو هو. سندس بيت تمام گهڻا مشهور هئا پر پشت به پشت ياد نه ڪرڻ ڪري هميشه لاءِ دفن ٿي ويا.
“سنڌي شاعريءَ ۾ مرثيي جي ابتدا ڪڏهن ٿي، اهو يقين سان چئي نٿو سگهي، البت سنڌي ادب رزميه ڪلام يا قديم مرثيه قريب قريب ڪلهوڙن جي دور ۾ (سن 1700ع ـــ کان 1783ع) ملي ٿو، انهي سبب جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ مرثيي کي ٻن دور ۾ ورهائي سگهجي ٿو.هڪ سنڌي مرثيي جو قديم دور ٻيو سنڌي مرثيي جو جديد دور”(12)
اسماعيل جي بيتن کي قديم مرثيي جي دور ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، يا کڻي هنن کي نوحه جو ابتدائي نمونو سڏي سگهجي ٿو. اسمائيل جا همعصر سيد محمد وفا لکوي، ۽ پنهنجو وڏو ڀاءُ پيرل سومرو هئا، اسمائيل ۽ پيرل ٻئي هاري هئا‏، سندن خاندان مان ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا آهن، ساٿي (اول) ته هڪ بلند پايي جو شاعر هو پر افسوس جو سندس ڪو، هڪ به بيت ڪونه ٿو ملي. سندس نموني طور ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي هن پنهنجي والد ساٿيءَ جي وفات تي چيا آهن.
اسلام عليڪم ساٿيءَ جي قبر، توکي ڏيانءِ ٿو سنهيڙو،
اهي ڪن ڪڙڪا نه ڪجاءِ، متان يار ٿئي درهڙو،
پڄاءِ جانءِ پهچ ساڻ، جتي داخل آهي درڙو،
واهر ٿيندس وسيلڙو، “سماعيل” چوي پهچانجاءِ پرينءِ کي.
ميلو هوندو محبوبن جو، جاٿي ساٿي هوندو کڙو،
حسن حسين جي هنج ۾، يار کي مان پهچايان پرو،
“سماعيل” چوي تون ڪر صبرو، پاڻهي يار وڃي پهچندو.
اڙي “پيرل” چپ ڪر، ابي کي ڪفن ڏنو ته سي کٿوريءَ جو،
توڙي لڏيه لوءِ ته به هوري هوءِ “سماعيل” چوي ساجهر.(13)

سندس ڀيڻ لعلان جي شاديءَ تي چيل بيت جنهن ۾ پنهنجي ڀيڻ کي هدايت ڪري ٿو.
پيرل پٺ ڀر لعلان جي، متان لعل وڃئه لوئي،
پٽ ڄمندس ٽي ئي، پوءِ ورهائي کڻندا ڪيئي،
عمر، سومر، سانولو، هوندا دودا ديهي،
پيرل چپ ڪر تون هاڻي سدا ويهي،
ڏئي بيت ڀيڻ تي پوءِ صبر ڪر سهي “سماعيل” چوي.
لعل تون لوءِ چڱي، پنهنجي گهر ۾ چڱيءَ طرح گهر،
مڙس ڏنو آٿسئي مينڌرو، تون راڻي ڪاڻ نه رڙ،
متان چڙهين ڪاڪ، تي ڪرين ڪو قهر،
اٺ اوٺي، اوٺار اوٺي، اهي سنگتي نه ٿيندءِ سر،
پوءِ سڪ منجهه مر، “سماعيل” چوي ساريان ويٺي سانئڻ(14)

سيد شجاع (ثاني) (1773ع ــ 1846ع):
سيد شجاع (ثاني) ولد پير محمد شاهه لکوي 1193هه مطابق 1773ع ۾ لکي شهر ۾ تولد ٿيو، هن خاندان ۾ وقت به وقت وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ نامور حڪيم ٿيندا آيا آهن. محمد شجاع (ثاني) به هن خاندان جو مشهور عالم، اديب ۽ فارسي زبان جو اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي، شعر تمام سٺا چيا اٿس جنهن ۾ سٺي رواني آهي ۽ اثر ڇڏيندڙ شعر آهن، عروضي شاعري جو ماهر هو، پاڻ هڪ غزل گو شاعر هو هن دور جو هي تمام وڏو غزل گو شاعر هو، ۽ صاحب ديوان شاعر هو. سندس تعليم وَ تربيت پنهنجي والد بزرگوار جي سرپرستي هيٺ ٿي، جيڪو هڪ تمام وڏو حڪيم هو، سندس خانداني شجري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: “سيد محمد شجاع پنهنجي والد بزرگوار سيد پير محمد جي ٻي گهرواريءَ مان ڄايو جيڪا قاضي فيروز ٺٽويءَ جي دختر نيڪ اختر هئي”(15)
هي صاحب پيدائشي شاعر هيو، طب ۾ به سندس گهراڻو اڳ ۾ ئي مشهور هيو، هن ڪل ٽي شاديون ڪيون، “پهرين شادي سيد غلام مصطفيٰ بن سيد محمد وفا لکوي جي نياڻيءِ سان ٿيس جنهن مان هن کي ٻه پٽ مير اڪبر ۽ مير ظفر علي ڄايا ۽ هڪ نياڻي پڻ ڄايس، ٻي گهر واريءَ مان احمد علي شاهه پيدا ٿيو ۽ ٽين گهرواري نورالدين خان جي نياڻي هئي جنهن مان حسن علي شاهه پيدا ٿيو، آخر الذڪر لکيءَ جي موجود سيدن جو ڏاڏو آهي”(16)
تذڪره لطفي ۾، مرحوم لطف الله بدوي صاحب لکيو آهي ته “علم حڪمت ۾ سندس پري پري تائين شهرت هئي، ايتري قدر جو وقت جا تاجدار به سندس سلامي هئا”(17)
سندس مهر تي هيٺيون فارسي شعر لکيل آهي:
غنچئه بوستان نبيءَ متاع، هست گل مير محمد شجاع(18)
سندس شعر تمام سادو ۽ سليس آهي، پڙهڻ سان هڪدم اثر ٿيو پوي، سندس تخلص “شجاع” آهي
“يار ڪر دم دل بيقرار نيست، عالم تمام گشتم مثل تو يار نيست”
فارسي جي شاعرن وانگر سندن ڪلام ۾ ساقي، مئي، جام ۽ دلبر جو داستان جام آهي: سندن هڪ رباعي هن طرح آهي:
ويس است عقد مهر جهان باکنار ريخته،
نقشي دگر نه برد دم دل گنج دوست،
خوش آنکه ساقي و مئي جام صراحي او،
پيو ست کرده درلعل گسار دوست(19)

شجاع جي ڪلام ۾ نصيت و اخلاق ۽ حضور صلعم جي محبت ملي ٿي ۽ خداوند ڪريم جي تعريف و ثنا به موجود آهي. سندس شعر ۾ لذت ۽ شيرني تمام گهڻي آهي ۽ ڪلام نهايت بلند پايي جو اٿس، مير عبدالاحد (1819ع ـــ 1890ع) حامدالحق بن شاهه فقيرالله علوي رحه جي تولد جي تاريخ به لکي اٿس.
شجاع جي ڪلام ۾ سوز و گذار ۽ فراق جون ڳالهيون گهڻيون آهن، سندس شعر گهڻو ڪري عشق و عاشقيءَ سان پر ۽ رواني وارو آهي.(20)
شجاع هڪ غزل ۾ پنهنجي محبوب لاءِ لکيو آهي ته سندس زلفن جي بند، هزارين انسانن کي قيد بڻائي حيران و پريشان ڪيو آهي، جتان به سندس گذر ٿئي ٿو، ته هڪ وڏو حشر برپا ٿي وڃي ٿو، سندس تابان جي اڳيان ڪنهن کي مجال آهي جو اک کڻي ڏسي، شجاع جي دل ۾ تباهي آڻي ڇڏي اٿائين ۽ عابدن جون عبادتون وسري ويو آهن ۽ سندس جلوي انسانن جي لشڪر ۾ غارتگري آڻي ڇڏي آهي، چوي ٿو:
زلـــــف تـــو زنـــجـــيـــر عـــشــقــت درگــلـو انـــداخـــتــه،
بـــســـت طـــوق بــنــدگــي درگـــر دنـــم چـــون فــاخــتــه،
تـــيـــز مـــزگــانـــت سـنــــان عـــشـــق تـــو در ســيــنــرام،
تـــاقـــيـــام حــــشــــر در صــــحــــن دلــــم افــــــراخـــــــتــه،
مــهــــر تـــابـــان تـــو در بـــرج دلـــم شــــد خــــائـــگــيـــر،
خـــــاور خـــس اغـــيـــار از قـــيـــصــــر دلــم پــر داخـــته،
چــشـم بـيـمـار بيمار تو پر افسون و غـارتـگـر جهان،
زاهـــــدان رارخــــنــه انـــــدر ديـــــــن و ايـــمـــان تـــاخـــته،
عـــــشــــق م نــــازو کــــرشــــمــه، غـــمـــزه هــــنــــدوتـــــو،
بـــر “شـــجـاع” از هـر طـرف لـشـڪر بغاوت تاخته.(21)

نموني طور هڪ غزل ٻيو به ڏجي ٿو، جنهن ۾، جڏهن فراق ۽ انتظار حد کان وڌي وڃي ٿو ته شجاع پنهنجي محبوب کي جلد اچڻ لاءِ چوي ٿو، ته خدارا جلد اچ، مان توکان سواءِ هڪ گهڙيءَ به گهاري نٿو سگهان، ۽ توکان سواءِ منهنجو سڀ ڪجهه حرام آهي.
اي يــــار خـــوش خـــرام، خـــدارا بــــيــــا بــــيــــا،
مـــــهــه پــــاره تـــــمـــــام، خـــــدارا بــــيــــا بــــيــــا،
مـطـرب مـي و ڪـبـاب و گـل مولانا ميسراند،
بـــي تـــو مــــرا حــــرام، خــــدارا بـــــيـــــا بــــيــــا،
از تـــشـــنـــگـي فراق تـو جانــم بــلــب رسيــد،
بــــرڪــــف نــــهــــاد جـــام، خـــدارا بـــيـــا بـــيـــا،
اي شـــهــســوار تــومــن نــڪره بــڪــشــتـگان،
ازدســت ڪـــش لــگـــام خـــدارا بــيــا بــيــا.(22)

ان کان سواءِ هڪ غزل ٽيون به نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ سوزو گداز ۽ فراق جون ڳالهيون آهن، جنهن ۾ درد ۽ هجر سمايل آهي.
صبا بلطف زان روشنم آگهي آورد،
چه مڙه است کر آن ما فرومي آورد،
به رخصت فصل خزان و گزشت عهد،
فراق بهار شد زگل وصل آگهي آورد،
تن ضعيف من ازصحت به جزطبيب،
نگر چه تازگي و نيڪ فربهي آورد،
به عيش باش دلا روز وصل گشته وار، شب فراق نگر يک روز شهي آورد، “شجاع” بيدل مسکين جزبن بود کنون،
ازوصل دلبر دل راز غم تهي آوردِ(23)

سندس ڪلام مان خبر پوي ٿي ته هو بلند پايي جو شاعر هو، پر افسوس جو سندس ديوان زماني جي گردش سبب گم ٿي ويو ۽ ڪي گل ۽ شهپارا باقي وڃي بچيا، جيڪي اسان کي ملن ٿا.(24)
شجاع نه صرف وڏو فارسيءَ جو شاعر هو پر حڪمت ۾ به نهايت حد تائين دسترس حاصل هئي، مخدوم محمد صالح وزير آباديءَ سان سندس شاعرانه ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي، طبي علاج ۾ ڪمال حاصل هيس ۽ ان ڪري ملڪان ملڪ مشهور هيو، غريبن جي علاج لاءِ پيسو اصل نه وٺندو هو. سنڌ توڙي پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻهو ڪهي وٽس علاج لاءِ ايندا هئا. هڪ ڪتاب “دستور العلاج” طب جي علم ۾، جو قلمي نسخو احقر کي سيد حاڪم علي شاهه صاحب وٽ نظر آيو، جيڪو لاهور ۾ 1148هه سن ۾ لکيو ويو هو، اهو ڪتاب 1254هه ذالقعد ۾ سيد محمد شجاع ڇهين رپئي ۾ خريد ڪيو هو. ڪيترن ئي قلمي ڪتابن تي سندس طبي نسخا نقل ٿيل آهن، حضرت امام غزالي رحه جي ڪيميائي سعادت جو قلمي جزء اول پروفيسر ظهور احمد سومرو جيڪو شڪارپور جي مشهور خليفن جي خاندان جو هڪ فرد آهي، وٽ احقر کي نظر آيو، جيڪو نهايت خوشخطيءَ سان لکيل هو، جيڪو حڪيم شجاع لکوي جي ڪتب خاني جو هو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شجاع کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به وڏو شوق هو ۽ ڪافي وڏو ڪتب خانو گڏ ڪيو هو. نه ائين پر افسوس جو هن وقت ناپيد آهي، جو اهو ڪتب خانو سندس پوٽي حڪيم سيد غلام محمد شاهه (1265هه ــــ 1342هه)، 1942ع واري ٻوڏ ۾ لکيءَ مان کڻائي لنواري، پنهنجي مرشدن وٽ رکيائين افسوس جو هينئر ان مان ڪوبه مستفيض ٿي نٿو سگهي.(25)
سيد محمد شجاع نه صرف فارسي جو بلند پايي جو شاعر هو بلڪه سنڌيءَ جو به هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ٻيو ڪلام ته ڪونه مليو آهي پر هڪ مولود زباني روايتن مان مليو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
مـــــولــــــود
حـــال چـــئـــجــو هــي، مـنـهـنـجـو مـيـر مــڪـي شـاهه کـي،
او ادا! اي ميان حاجيو!
رحمت آهي رسول تي، ڪيئن ٻاجهه گهران کئون ٻئي،
او ادا! اي ميان حاجيو!
مـــــيـــــلاپــــي جــــا مـــيـــنـــهـــڙا مــــر ســــدا وســــن ســـــي،
او ادا اي ميان حاجيو!
ســلـيــان ســورن ڳـالــهـڙيــون آءُ جــانـــب پـنـهـنـجي کـــي،
او ادا اي ميان حاجيو!
شــافــي شــاهه “شــجـــاع” کــي، اچــي دوســت دلاســو ڏي،
او ادا اي ميان حاجيو!(26)
مٿيون مولود جيڪو وائيءَ جي گهاڙيٽي تي آهي، جنهن ۾ مضمون حضورﷺ ڏانهن ويندڙ حاجين کي چئي ٿو ته منهنجو حال مير مڪي شاهه کي چئجو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، سيد محمد شجاع پنهنجي آبائي ڳوٺ لکيءَ ۾ 1266هه مطابق 1846ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾ آهي، جنهن تي ڪتبو وغيره لڳل ته آهي، بلڪه خسته حالت ۾ اجڙيل هو. راقم خود سندس مزار تي وڃي ڏسي آيو پر پوءِ خاندان جي هڪ فرد غلام محمد شاهه عرف بابو شاهه جيڪو پاڻ شاعر ۽ اديب هو. جنهن کان جنم ۽ وفات جو سن مليو. سندس مولود به ان جي مدد سان ڪن ماڻهن کان انٽرويو دوران مليو.

مخدوم محمد صالح وزير آبادي (1778ع ــ 1851ع):
مخدوم محمد صالح وزير آبادي ڳوٺ وزير آباد ۾ 1198هه مطابق 1778ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ نقشبندي طريقي جو ماڻهو هو، عربي ۽ فارسي علمن جو وڏو ڄاڻو هو، نهايت ئي هڪ نيڪو ڪار بزرگ هو، نقشبندي طريقي ۾ خواجه نظام الدين مجدد شڪارپوري جو مريد هو، نه صرف هڪ بزرگ ۽ بهترين انسان هو، پر ان سان گڏ اعليٰ درجي جو حڪيم به هو. فارسي زبان جو بلند پايي جو صاحب ديوان شاعر هو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي مقالي “ لکي جا شاعر” ۾ هن طرح رقم طراز آهي، “ لکيءَ جي ڀر سان وزير آباد جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، نهايت متقي، زبردست عالم ۽ بلند پايي جو پارسي شاعر هو، حڪيم محمد شجاع لکويءَ ۽ خواجه نظام الدين جو همعصر هو، خواجه نظام الدين جو بيحد معتقد هو، ان جي شان ۾ ڪيترو ئي شعر چيو اٿس، جو سندس ديوان ۾ موجود آهي، پنهنجي مرشد جي وصال جون تاريخون به ڪيتريون ئي چيون اٿس، سندس ٽي تصنيفون معلوم ٿيون آهن، نعتيه ديوان، گلشن معجزات ۽ ديوان درقطعات”(27)
تذڪره مشاهير سنڌ جو مصنف هن طرح لکي ٿو، ته “مخدوم محمد صالح ٻين انساني خوبين سان گڏ فارسي جو نهايت عمدو ۽ قادر الڪلام شاعر هو، سندس نظمون گهڻي حد تائين نعت النبي ۾ آهن. مخدوم محمد صالح جهڙو فيض بخش ۽ فيض رسان، عاشق رسول هن فاني دنيا مان سن 1268هه مطابق 1851ع ۾ وفات فرمائي دارجاوداني ۾ وڃي آراميو ۽ عشق جي طفيل پنهنجي محبوب جي جوار ۾ جاءِ لڌائين سندس تاريخ وفات جو قطعه ميان نور محمد پيرزاده عبدوي هن ريت فرمايو آهي”.(28)
زهي واصل حضرت ذوالجلال، پسنديده مصطفيٰ در حضور،
وسيله جهان رهبر خاص و عام، از و فيض حق گشت هر جا ظهور،
عجب خاور آفتاب علا، که رخشان کند سينه راز نور،
چو آهنگ ترحيل دنيائي دون، نموده بحڪم خدا، باسر
و زهاتف شيندم صداي بگوش، از و گشت راضي خدا اي غفور.

سن 1268هه(29)

مخدوم صاحب وزير آباد ڳوٺ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي، سندس مقبري ۾ ميان نور محمد وارو چيل ڪتبو لڳل آهي، سندس هيٺ نموني طور ڪلام ڏجي ٿو، جنهن کي فارسي دان ئي داد ڏئي سگهن ٿا.
نعتيه ديوان مان هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو.
ســاغــر به مـــي و مــي بـحـريـفـان مـــزه دارد،
بــلــبــل به گــل و گــل به گــلستـان مــزه دارد،
بـــاعــشــق چــون حـيـوان بود انـسـان سـراپــا،
طـــــارم به مه و مه بـــشـــبــتـان مــــزه دارد،
درهم مڪش آن روئي زنا صح ڪم خدارا،
ڪــشــور بـه شـه و شـه بـه احــــســان مــزه دارد،
پــايــان به ڪـــنـي “صـــالـــح” بــــجــــز عــشــق،
وه شــوي بـجانان وجـان بـــجـانــان مـــزه دارد.(30)

گلشن معجزات مان هڪ مناجات:
خـــدايــا ز لــطــف امـــيـــد م قــــوي،
مــجـيـب دعــايــم بــلاشــڪ شـــوي،
مـڪـن رد دعايـم ز درگاهه خويش،
بـــه ايـــن هــمـــه آلِ شـــاهِه قــــريـــش،
دگـــر آرزوئــــي دلــــم هــــر زبـــــان،
مــراهــســت اي خــالــق انـس وجان،
مــــرا در مـــديــنــه مـــبــارڪ رســـان،
زاحــســان و ازمــنــت بــــيــڪـــران،
به بينم به اين چشم خود درحيات،
خـوش آن روضـئه سرور ڪـائـنـات،
بــه مــزگــان بــرويــم حــريــم حــرم،
ســيــم ســر بــران عـتـبـئه مـحـتـرم،
بـــر آرام زدل الـــغــيـــاث و درود،
بـــگــويـــم ڪه اي مــجــتــبــيٰ ودود،
قـدم نـهه ز روضـه برون در حريـم،
به بـيـن درحـرم عـاشـقـانِ سـقـيم.(31)


ديوان قطعات ۾ 79 قطعا آهن، جن مان هر قطعو سندس مرشد خواجه نظام الدين جي وفات جي تاريخ تي آهي، انهن مان ڪي تاريخون ڏجن ٿيون.
جـسـت “صـالــح” چــو سال تاريـخش،
عـقـل گـفـت “ آهه بـود او مــرغــوب”
“بــصالح” خـرد گــفـــت تــاريـــخ وي،
ڪه “هي بود قطبِ معظم عجيب”(32)



خير محمد “خيرو” (1781ع ــ 1840ع) :
خير محمد “خيرو” ولد صابر (اول) سومرو، سندن اصل ماڳ “دڳ”(33) هو پر پوءِ لڏي اچي ٽنڊي علي شير(34) ۾ ويٺا، سندس جنم جو سال هن ريت ٻڌايو آهي وڃي ٿو ڪلهوڙن جي زوال جي آخري سال ۾ پيدا ٿيو، يعني جڏهن هالاڻي واري جنگ ٿي هئي، جيڪا ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ ٿي هئي، ان مطابق 1781ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اڻهٺ سالن جي ڄمار ۾ 1840ع ۾ وفات ڪيائين. سندس خاندان اڃا تائين نالي پٺيان “خيراڻي” پاڙي(35) سان سڏبو اچي ٿو.
ميرن جي دور جو هي هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو لکت ۾ ڪلام، بياض يا قلمي مواد وغيره ڪونه مليو آهي، پر هڪ بيت “انتخاب احمد” ۾ نقل ٿيل آهي، ڪجهه وقت اڳ ڪن پوڙهن کي بيت ياد هوندا هئا پر انهن جي وفات سبب زباني مواد به هميشه لاءِ دفن ٿي ويو.
سندس بيت ۾ ديس جي خوشحالي ۽ ديس واسين جي خوشيءَ جو اظهار آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪافيون به چوندو هو، جنهن جو نمونو اسان تائين نه پهتو آهي ۽ ڪوشش جي باوجود به ٻيو مواد ملي نه سگهيو آهي، نهايت بهترين شاعر هو، پنهنجي ڪلام ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڪتب آندا آهن.
سندس شاعري ۾ جمالياتي عنصر نظر اچي ٿو، پرافسوس جو سندس وڌيڪ ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو.
خير محمد جي ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، پر سندس ڪلام ياد هوندو هوس، سيني به سيني واري طريقي ذريعي ڪافي ڪلام پري پري ڦهلجي ويو، سندن خاندان جي پوين مان ڪنهن کي به ڪلام ياد ڪونه آهي.
خيرو صاحب حضرت سچل سرمست جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي، سچل سائين جي وفات کان هڪ سال پوءِ وفات ڪيائين، سندس مزار ٽنڊي علي شير ۾ آهي. سندس وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي، نموني طور هيٺ بيت ڏجي ٿو:
اڄ پـــــڻ اتـــــر ڏانـــــهـــــن آيـــــو ڪـــــري گـــــوڙ گــــــجـــي،
وسـي واهه وهـــائــيـنــديــون، ويــون ڀـــٽـــان ئــي ڀـــرجـــي،
خـــوش ٿــــيــــا هـــن “خــــيـــرو” چـــوي عـــالـــم آهــــر جــي،
پـو جڏهن والي ڪيئهِ ورجي، ٿي سڻائي سڀ ديس ۾(36)


سيد غلام مصطفيٰ لکوي (1783ع ــ 1843ع):
سيد غلام مصطفيٰ ولد سيد محمد “وفا” لکوي بن حضرت عبدالنبي (جنم 1130هه، وفات 1180هه) پنهنجي آبائي شهر لکيءَ ۾ 1783ع ۾ تولد ٿيو. پاڻ هڪ فارسي زبان جو بلند پايي جوشاعر ٿي گذريو آهي. ميرن جي دور جو نهايت اعليٰ درجي جو شاعر هو، چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجي هٿن سان لکيل هڪ مڪمل بياض هو، پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽ حاصل ڪيائين، شعرشاعري جي سکيا به پنهنجي والد سڳوري کان ورتائين، تمام وڏين خوبين جو مالڪ هو، هن پنهنجي والد کان حڪمت جي تعليم ورتي ۽ ان جي هوندي ئي هڪ نامور حڪيم ٿي ويو هو، سندس والد صاحب محمد وفا لکوي به فارسي زبان جو بلند پايي جو شاعر هو ۽ تمام وڏو حڪيم هو.
غلام مصطفيٰ لکوي صاحب شعر و شاعري ۾ پنهنجو ساڳيو نالو غلام مصطفيٰ ئي استعمال ڪندو هو، مرثيي ۽ نعت جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. فارسي غزل تي تمام سٺي طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ محبت، درد، هجر ۽ فراق جون ڳالهيون نهايت لذيذ انداز ۾ بيان ڪيون آهن، سندس همعصر محمد شجاع، مخدوم محمد صالح، طالب ٽيون بکر سومرو، خير محمد “خيرو” جن هئا ۽ پاڻ لنواري شريف جي بزرگن جو مريد هو.
سيد محمد وفا لکوي جو وڏو فرزند ارجمند آهي. سيد محمد وفا، جيئن ته حضرت حاجي فقيرالله شاهه علوي جو وڏو معتقد ۽ ارادتمند هو، ان ڪري هن اهڙن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي فرزند ارجمند سيد غلام مصطفيٰ لکوي جو رشتو حضرت حاجي فقيرالله علوي جي دخترنيڪ اختر بيبيءَ سان ڪرايو، سيد غلام مصطفيٰ لکوي کي هن بيبي سڳوريءَ مان پٽ سيد صفي الله ۽ سيد قدرت الله ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، سيد غلام مصطفيٰ نه صرف حڪيم هو پر هڪ سٺو شاعر به هو، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سندس شعر زماني جي گردش سبب باقي نه رهيو، سندس اولاد مان صرف سيد صفي الله کي ٻه پٽ سيد ولي الله ۽ سيد علي مراد نالي ڄايا پر اهي ري اولاد رهيا.(37)
غلام مصطفيٰ لکوي جي شاعريءَ تي مذهبي رنگ تمام گهڻو رچيل آهي، ان جو واحد سبب ماحول جو اثر آهي، علوي خاندان سان رشتيداري ڪري ۽ والد صاحب جو به ان خاندان ڏي لاڙو هئڻ سبب، مذهبي رنگ چڙهيل آهي، سندس هڪ نعت ملي آهي. جنهن کي مولوي عبدالڪريم صاحب “درس” ڪراچي واري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو اصل ڪلام نه ملڻ سبب هتي اهو ئي نموني طور ڏجي ٿو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه لکوي صاحب سٺ سالن جي ڄمار ۾ سن 1843ع ۾ لکيءَ ۾ وفات ڪئي سندس قبر مبارڪ پنهنجي آبائي قبرستان لکيءَ ۾ موجود آهي. نعت 12 ٻارنهن بندن تي مشتمل آهي، جيڪا ڪتاب “گلشن وحدت “ ۾ 1940ع ۾ ڇپي.
اي وجـود انـور سـندءِ ٿــيـو رحــمــت رب ســلام،
مـعرفـت جي خانقه کي تـو کان مضبوطي تمام،
روضه عالي تي تنهنجي ٿيو طواف خاص و عام،
هر گهـڙي ماڻهو مـلـڪ ڪـن ٿا طواف و سلام،
عرشين ۽ فـرشـيـن جـي وات هـي اطـهـر ڪلام،
الـــســلام اي اولــيــا جــا شــاهه ســـلــطان اســـلام.
ســرور عــالــم امــانــت ڪـئـي عـطا صـديـق کـي،
ڏس ته سـو گـنـج امانت ڪيئن هٿون هٿ تو ملي،
مـشڪ سـلـمـان ساري دنـيـا تي ويو پهرين ڇٽي،
ويــو بـخـارا واســجـي سـرهــنــد دارالـفــيـض ٿـي،
آخــــر آخــــر ســـا لـــواريءَ ۾ امـــانـــت ٿـــي اتــي،
الـسـلام اي اولــيــا جــا شــاهه ســلــطــان الـسـلام.
ڏس لـــواريءَ نــــور ســو شـــاهه نــبــيـــان آئـــيـــو،
نــــور آدم نــــور نــــوح ونــــور رحـــمـــان آئـــيـــو،
ڏس لـقـا جــي طــور تـي مـوسيٰ بن عمران آئيو،
ڏس لــبــاس بـنـدگـي ۾ پـــاڪ ســـلـطـــان آئـــيـــو،
سـاهه جـي سـج ڪـاڻ هـر ذره کـي جــولان آئــيــو،
الــســلام اي اولـيـا جــا شــاهه سـلـطــان الــســلام.
اي مـــقـــلـــب ســـان مــحـمــد ســيــد شــاهه زمـــان،
اي امـام الــرسـل مـظـهـر حـق آهـيـن تـاج شـهـان،
ســـيـــد اولاد آدم ســيــد هــــر انــــــس وجــان،
تنهنجي پيشاني جي سج کان روشن آهن ٻئي جهان،
سـوز دل ســان چــون عــاشــق پـتـنـگن وانـگيـان،
الــســلام اي اولــيــا شــــاهه ســـلـــطـــان الــســلام.
خـاتـم الاولـيـا ٿــئــيــن اي ســڀـئـي ان جـا دلــيــل،
ٿي ڳلي تنهـنجي سبيل ڪعبه هر نعم السبيل،
تـنـهنجي دريائي سخا جـو ٿـيـو اڃايل رود نـيـل،
تنهنجي درجـو ڏئـي ٻـهارو مالڪ سـو سلسبـيل،
تنهنجي رحمت ڪاڻ منهنجي آهه هي سڀ قال قيل،
الـســلام اي اولـــيـــا شـــاهه ســـلــطــان الــســلام.
آ هـئـيـن محـبـوب حـق الحـق، سـنـدءِ عزو اعليٰ،
لامڪان تنهنـجو مڪان اي شمس بــرج اعــتــلا،
اوج رفـعـت جـو ٿئين سـج شـاهه سـلـطـان اولـيـا،
نور وحدت جي سندو مـلـک تـقـا جـو ٿيئن شها،
حــق کـان نازل مٿي تو سوءِ صلواتـون مـرحــبــا،
الــســلام اي اولــيــا جـا شـاهه سـلـطـان الــســلام.
خلـق ۾عـهــد ازل کان جنهن جي قسمت ٿئي نصير،
تـنـهـن اچـي يــڪـدم لــواري ۾ ڏٺو مـاهه مـنـيـر،
عــاجــزن ۽ اڙيـــن جـــو آهـــه بــيـشــڪ دسـتـگـيـر،
ذات حـق جــو آئــيـنـه ســـر تــا قـــدم نـــور قـــديـــر،
اولـيـا ان جـي اڳيان مـشـغـول بـاعـجـز وڪـثـيـر،
الـــســلام اولــيــا جــــا شــاهه ســـلـــطـــان الــسـلام.ٿـي مـريــدن کـي مــبــارڪ شــاهه شــاهــان آئــيــو،
اولــيـــا جـو شـاهه سـلــطــان راز ســبــحــان آئــيــو،
وارث ورث نـــــــبـــــــوت ۽ ولايــــــــت آئـــــــيـــــــو،
نــــور بــــاقــي دار فـــانــي ۾ مــجـــســم آئـــيـــو،
خــلــق جــي قـطـيـن اچـي اڳيانس هــنــپــر گـائـيـو،
الـــســـلام اي اولــيـــا جــا شـاهه سـلـطـان السـلام.
شـڪر حــق هــر دم ڪريـان ٿـو مـرشـد جان آئيو،
والــئـــي راهه خـــدا شـــاهه ولــيــان آئـيـو،
حــاڪــم مــلـڪـوت يـعـنـي غـوث رحـمـان آئــيـو،
وارث تــخــت نــبــي ۽ ديـــن بـــرهـــان آئـــيـو،
ان جـــو نــائــب تــاقـيـامـت صـاحـب شــان آئــيـو،
الـســلام اي اولــيـا جــا شـــاهه ســلــطــان الـسلام.
تنهنجي در جو شاهه خادم آهه سو شمس الهديٰ،
شـل هـجـون جيئري مـُئي خــادم تنهنجا اي شها،
سر تي سڀني جي هـجي، سايه شـها تنهنجو سدا،
توکان پيالا نزع ۾ پيون شل صحو ۽ سڪر جا،
قـــبـر ۾ مـنـڪـر نـڪيـر آيا ته چـونداسون صـفـا،
الـسـلام اي اولــيـــا جــا شــاهه سـلـطـان الــسـلام.
ڏيـنـهـن قيامت جو سٽاڻو سخت ٿيندي دارگير،
ٿيندي خلقت جي اتي بي شبو شڪ حالت تغير،
بعض هوندا ناز نعمت هوندا ڪئي غم ۾ اسير،
ٿــي پــسـنـدي انـبـيـا تـنـهـنـجو لــقـا اي دل پـذيـر،
مـان به حاضر ٿـي چـوان شـاهه بــا عـجــز ڪـثـيـر،
الــســلام اي اولــيـا جــا شــاهه سـلـطــان الــسـلام.
گـهـورو آهي لـطـف تـنـهـنـجي جـو “غـلام مـصطفيٰ”
تـنـهـنـجـي درد عـشـق مـان ذروئـي ڪر ان کي عطا،
دل کان مـنـهـنـجي محو ٿئي، اي شاهه نـقش ما سوا،
جيڪي تنهنجي درجا خادم ٿئي، مڙن لطف و رضا،
منهنجي هڪ هڪ وار مان نڪري، اها سهڻي سـدا،
الــســلام اي اولــيـا جــا شــاهه ســلـطـان الــسـلام.(38)
بکر فقير (1787ع ــ 1845ع) :
بکر فقير ولد صاحبڏنو (اول) (1760ع ـــ 1890ع) سومرو پنهنجي آبائي ڳوٺ ڌاران پور(39) ۾ پيدا ٿيو، سندس والد سڳورو مياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو پر، پوءِ پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي لڏي اچي ڳوٺ ڌاران پور ۾ ويٺو هو ۽ اتي ئي بکر ڄايس، کيس ٻه پٽ ٻيا به هيا. محمد بليل، محمد ڪامل انهن ٻنهيءَ کان بکر ننڍي ۾ ننڍو هوس.
درياءَ کي ڪوبه جوڳو بچاءُ بند نه هئڻ سبب ڪچي وارا ڳوٺ سدائين خطري ۾ رهندا هئا، ان سبب ڪري ٽيئي ڀائر لڏي اچي وري ڳوٺ مياڻي ۾ ويٺا، جتي سندن ٻيا خاندان جا ماڻهو آباد هئا. بکر اصل طالب (اول) جي خاندان مان هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد صاحب به هڪ سٺو شاعر هو جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر ليکيو وڃي ٿو.
1837ع واري ليٽ کانپوءِ لڏي اچي ڳوٺ ٽنڊو علي شير وسايو،سندس ٻيا ٻئي ڀائر به گڏجي اچي ٽنڊي علي شير ۾ويٺا، ان وقت سندس هڪ پٽ سوٽ آخوند محمد دائود(40) پنهنجي دور جو فقير تن اهل الله بزرگ هو، جيڪو اصل مهرن جي ٻنڊي تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر ۾ ويٺو هو، پر پوءِ 1792ع ۾ لڏي اچي حاجي خان ڪلهوڙو جي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير ٿيو. پر پوءِ 1792ع ۾ لڏي اچي حاجي خان ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو.
بکر فقير به اهل الله ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو سالڪ ماڻهو هو، سندس ولادت باسعادت 1787ع مطابق 1207هه ۾ ٿي ۽ اٺونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1845ع مطابق 1265هه ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هڪ ڳنوار ماڻهو هو، سندس ڳئن جو جو ڌڻ هوندو هو جنهن کي جهنگل ۾ چاريندو هو، سمورو وقت الله جي عبادت ڪندي گذاريندو هو، چيو وڃي ٿو ته سندس ڪفن سدائين سر سان ٻڌل هوندو هو، جيڪي لفظ زبان مان ڪڍندو هو، سي پورا ٿيندا هئا، سندس ڪافي ڪرامتون ٻڌايون وڃن ٿيون، سندس ڪجهه بيت مليا آهن.
جن ۾ پٽ پاراتي وارو مضمون ملي ٿو. ٽنڊي علي شير(41) ۾ ئي وفات ڪيائين، سندس مزار مبارڪ به اتي ئي آهي پاڻ وصيت ڪري ويو هو ته منهنجو نالو خاندان جي ڪنهن به فرد تي نه رکندا، ان مطابق عمل ڪيو ويو، نتيجي ۾ سڄي خاندان ۾ اڄ تائين ان نالي سان ڪوبه فرد نه آهي، پاڻ شادي ئي نه ڪيائين، سڄي ڄمار ائين گذاري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ڪجهه بيت سيني به سيني واري انداز ۾ مليا آهن. نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

ســـاجــن تــنــهــنــجــي ســـاهه جــو ســوهــو نــاهي ســڀــاءُ،
راڻــــــا ايـــــنــــديــــن رات جـــــو، اٿـــــي ويـــــهه الله،
آهـــي مـــنـــجـــهه الله، ڏيــــان ڌري پـــهه پـــچـــاءِ،
راڻــا “بــکــر” چـــوي ســنــجــهــاءِ، ويـنـدو سـاءِ سـپـريــن.
ســمــهـــڻ، پـــيـــر ڊگـــهـــا ڪـــرڻ اهـــو ڪـــم ڪـمـيـنـن،
نــــنــــڊ نـــــڀـــــاڳــــي گــــهــــوريــــو، اولا نـــــڀـــــا به اچـــــن،
اهي پرين ڪيئن پسن، جيڪي سڄي رات سمهي پيا.
هـــــــلائــــــــيـــــــن ته هــــــــلاءِ، بــــــــهــــــــاريــــــــن ته بــــــس،
واڳ پــــريــــن وس، جــــيــــڪــــي آل پــــاڻ وهـــيـــڻـــيـن.

سندس ڏور جي بيتن مان به هڪ بيت مليو آهي، جيڪو دوهي جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ اسان کي دوها ڇند تي ٻڌل چئي سگهون ٿا.
اوڀاريون ٿي اڀريو، حـڪمت ڀريو سج،
ٻارهن هٿ ٿيو گدرو، تيرهن هٿ هو ٻج.
سندس شاعريءَ ۾ اسان کي شاهه لطيف رحه جي بيتن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، مٿي بين ڪيل ٽنهي بيتن ۾ خاص ڪري پوين ٻن ۾ ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ جو مضمون نظر اچي ٿو. سندس چار بيت ٻيا به مليا آهن جيڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
حـج جـا حـاجـي کــوڙ، پرڪي ڪي ڏٺم حاجي،
پر هاڻي نه ويندي گاجي، ڪرم سان “بکر” چوي،
ساڳيو بيت هن طرح به ٻڌايو ويو.
پـرڪي ڪي ڏٺـم حـاجي، حـج جا حاجي کوڙ،
ڪرم سـان “بـکـر” چوي هاڻي نه ويندي گاجي.
اسان ان کي دوها سورٺا وارو بيت چئون ٿا، جنهن ۾ وزن ۽ ٽيڪنڪ جون سڀئي خوبيون منجهس موجود آهن، وري ٻيا بيت مليا آهن، جيڪي ٽن ٽن مصرعن تي مشتمل آهن.
زمــونءَ جــي کـــوهه تـــي اچ ته پـــٽــيــون پــٽ،
ڪاري نه بچي ڪٻريءَ کي، ڍور نه بچي ڍڪ،
پــاڻــي نه بــچــي ســـٽ، زمـــونءَ جــي کــوهه ۾.
من مـــهنجو محمد آباغ ۾، ٽـنـڊي ڪين ٽڪي،
سـنـهــڙو به شــهــپــر ۾، اونـــڌل ڪـــوٽ وســي،
راڻـا ڪـيــئــن رسي، سڄي رات سمهين پئين.
درانـــپــور(42) دڙو ٿــيــو، کـريــو خــانــڻ لــــوءِ(43)
اٿي شـاهـو روءِ، جو ڪوران تنهنجو ڪلر ٿيو.

آخري بيت، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ “قبا جامي” جي هڪ انڍڙ فقير جو ڄاڻايو آهي، جنهن جو نالو وغيره ڪونه ڏنو اٿس، حقيقت ۾ اهو بيت بکر فقير جو آهي، جنهن ۾ هن خانڻ لوءِ ۽ شاهو وڏيري کي ۽ درانپور ڳوٺ ۽ خانڻ لوءِ ڳوٺ کي پٽيو آهي.
درانپور ۾ شاهو نالي جتوئي ذات جو هڪ ظالم ماڻهو رهندو هو جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس هو، خانڻ لوءِ ۾ انڍڙ وڏيرو رهندو هو، جن فقير بکر کي تنگ ڪيو هو، سندن پنهجي زمين جي حصي ۾ مال چارڻ نه ڏيندا هئس. ان ڪري هن بيت ۾ کين پٽيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو پٽ پاراتو پورو ٿيو. درانپور ختم ٿي دڙي جي صورت اختيار ڪئي ۽ خانڻ لوءِ هڪ وسندڙ ڳوٺ ويران ٿي ويو.
بکر فقير جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه وري ڪنهن ادبي تاريخ ۾ ڪو نموني طور يا نالي ماتر ذڪر ملي ٿو. ڏٺو وڃي ته بکر فقير کي بيت جي فن جي پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي. جنهن دوها ڇند، سورٺا ڇند ۽ دوها سورٺا ميل جي هيئت تي بيت چيل آهن. ان کان سواءِ چندرايڻ جي ماترائن تي به بيت ملي ٿو، ان مان صاف ظاهر آهي، ته فقير صاحب انهيءَ فن کان چڱيءَ ريت واقف هو ۽ ڀلي ڀت پروڙ حاصل هئس. هونءَ ڏٺو وڃي، ته اهي قديم صنفن واري هيئت تي ٻڌل بيت آهن. هي ٽالپرن جي دور جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي شاعري ۾ اهو فن ملي ٿو. نه ته اڪثر ڪري هن دور ۾ بيت جي صورت تبديل ٿي چڪي هئي.
جنهن ۾ قديم بيت وانگر ٻه مصرعون نه رهيون، پر ٻن کان وڌيڪ مصرعن جو استعمال ڪثرت سان ٿيو آهي. اڪثر ڪري هن دور ۾ ٽن مصرعن جي بيت ڪاميابي حاصل ڪئي.
بکر فقير جي سموري شاعري ڪونه ٿي ملي پر ڪجهه بيت مليا آهن، جيڪي اهي زباني طور مائي سڀائي کان مليا آهن.


مائي نوران (1778ع ــ 1880ع):
مائي نوران ڌيءَ حضرت محمد ڄام چنيسر سومرو (1759ع ــ 1854ع) سندس مڙس جو نالو محمد ڪامل هو، جيڪو صاحبڏنو جو ٻيون نمبر پٽ هو، جيڪو آخوند محمد دائود جو سوٽ هو، آخوند وقت جو بزرگ ۽ اهل الله هو. بکر سومري جي ڀاڄائي هئي، جنهن جو ذڪر اڳي ڪري آيا آهيون، اصل ڳوٺ “ مهرن جي ٻنڊي” تعلقو پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو هو، جتان سندس والد ڪچي واري علائقي کي چڏي اچي پڪي علائقي ۾ ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي(44) تعلقو خانپور ۾ سڪونت پذير ٿيا. مائي نوران حضرت مولانا مولوي محمد ڄام (1844ع ـــ 1925ع) سومري جي پڦي هئي، جيڪو مولانا عبدالله سنڌي جو هم ڪلاسي هو.
مائي نوران ڪلهوڙن جي دور ۾ تڏهن ڄائي جڏهن ٽالپرن بغاوت ڪئي، ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري ٻن سالن ۾ هن دنيا ۾ قديم رکيا، ان مطابق سندس جنم 1771ع ٿئي ٿو، مائي نوران ٽالپرن جو عروج ۽ زوال چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ انگريز جو اوج به ڏٺو، سن 1880ع ڌاري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي هن بکر جي مال کي پٽيندي پاراتو ڏنو اٿس، چيو وڃي ٿو ته اهو پاراتو پورو ٿيو هو، نهايت ئي تمام سٺي سگهڙ زال هئي.
هڪ بيت ته سورٺا ڇند تي ٻڌل آهي، جيڪو انهيءَ هيئت تي پورو لهي ٿو. چوي ٿي:
بکر باهه لڳئه، جو نوران آهي نپٽي،
پوءِ سور پوءِ، گابن کي جو ڪل وڃئه مري.
سندس هڪ ٻيو بيت جنهن ۾ بکر کي مهڻو ڏيندي چوي ٿي ته پٽن کان سواءِ مان پنهنجو ور ڪاڏي ڪيا، (جڏهن ته بکر نوران کي پاراتو ڏنو هو، جنهن ۾ کيس پٽن کي پيٽيو هئائين، جيڪي مري ويا هئا، اهو بيت ملي نه سگهيو آهي، باقي نوران وارو بيت مليو آهي) چوي ٿي:
بکر ڪيئه بر، سڃا پٽن کان سواءِ ڪاڏي ڪيان ور،
“ڪــــامــــل” “نــــوران” گــــهــر ۾ ڪيهو ڀــڃــن ڪر،
ڏٺــــئــــــه نه يـــــونـــــس(45) کــــــي پــــــو ويــــــو اهـــــو ور،
بـکر هـاڻــي تنهنجو آ ڪم ڪهڙو، ڪـيـئه اهڙو قهر،
چــوءِ ٿـي “نـوران” ڪر واهـر، هـاڻي ڪجهه تون وهه.
بکر جي وفات تي هڪ بيت چيو:
بـــکـــر بـــس ڪـــر پــاڻ ئـي ايـنـداءِ الله،
لــڏيــو اڃا لڏ سان، توڙي وڃيئه درياهه،
ته قدرت سان الله، تاري وڃي تر ٿيئـن
سندس وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي، شاعري تي بکر جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، بکر سندس همعصر شاعر هو، سندس شاعري مائي سڀائي کان زباني طور ملي آهي.

نبي بخش “ رنگريز” (1802ع ــ 1853ع):
نبي بخش سومرو متخلص “رنگريز” (کٽي) “نبي بخش” ڳوٺ ڌارانپور ۾ تولد ٿيو، ڄمڻ جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته ميرن جي دور ۾ مير فتح علي خان جي وفات وقت ۽ مير غلام علي خان جو تخت تي ويٺو. ان مطابق سندس ڄمڻ جو سن 1802ع ٿئي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، اصل طالب (اول) خاندان مان ٿي گذريو آهي.
ميرن جي دور جو تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جا ڪافي شعر مشهور آهن، پر سنڌي ادب جي تاريخ جي ورقن کان وانڍ رهجي ويا آهن، محققن هن عظيم شاعر کي وساري ڇڏيو آهي، اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ ڄڻ ته اڌوري ٿي محسوس ٿئي، اهڙا شاعر تعلقي لکيءَ ۾ مليا آهن، جن جو ذڪر ته ڇا پر ڪٿي ڪو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نالو به ڪونه آهي، اهڙا شاعر سدائين گمنامي جي گوشي ۾ رهندا آيا آهن، انهن گمنام شاعرن مان نبي بخش سومرو به هڪ هو، سندس وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي، البت ايترو چيو وڃي ٿو ته هي ڪپڙن کي رڱائي جو ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري رنگريز نالي سان مشهور هو.
سندس 9 بيت کن مليا آهن، جيڪي اڪثر چئن مصرعن تي مشتمل آهن، پر ڪي پنج مصرعن وارا به مليا آهن ۽ ڪي ٽن مصرعن وارا به مليا آهن، جن ۾ بيت جون سموريون خوبيون سمايل آهن، سندس بيت ۾ رنگيني ۽ چاشني موجود آهي، فني ۽ فڪري لحاظ کان به اعليٰ درجي جا بيت آهن. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس شاعري جو ڪو رسالو هجي.
جيڪي به بيت مليا آهن سي، پشت به پشت ۽ سيني به سيني واري روايت ۾ مليا آهن ۽ ڪي شعر اهڙي انداز ۾ حاجي احمد بخش سومري پنهنجي مرتب ڪيل قلمي ڪتاب “انتخاب احمد” ۾ نقل ڪيا آهن، سندس ڪلام تمام گهڻو چيو پر ڪٿي به سندس ڪو لکت جي صورت ۾ نه مليو آهي، جنهن کي اسان نبي بخش جو رسالو چئي سگهون.
هونءَ هن دور جي لکت جا تمام گهڻا نمونا مليا آهن ۽ هن دور ۾ لکڻ جو رواج عام هو، پر سنڌي شاعر ۾ لکڻ جي عادت تمام گهٽ هئڻ سبب گمنامي جي باب ۾ شمار ٿيندا ويا، اڪثر ڪري سنڌي شاعرن کي پنهنجو ڪلام سمورو ياد هوندو هو، پوءِ اهو پنهنجي سڄي علائقي ۾ ته مشهور هوندو هو پر علائقي جي سرحدن کان ٻاهر وڃي نه سگهندو هو.
“رنگريز” نبي بخش صاحب حمل فقير لغاريءَ جو همعصر هو، پر حمل فقير سندس عمر ۾ ٿورو ننڍو هو “رنگريز” بيت جو هڪ اعليٰ پايي جو شاعر گذريو آهي، سندس ڪلام ۾ مختلف رنگ ڀريل آهن، پر افسوس جو چند بيتن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪلام ڪونه ٿو ملي.
نبي بخش“رنگريز” “کٽي” جي وفات جو سن هن طرح ٻڌايو وڃي ٿو “جنهن سال انگريز ۽ ميرن جي وچ ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ لڳي ان کان ڏهه سال پوءِ وفات ڪيائين ۽ مير نصير خان جي وفات کان اٺ سال پوءِ وفات ڪيائين، سندس ڪل ڄمار 51ورهيه هئي، ان مطابق سندس وصال جو سن 1853ع ٿئي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، سندس اصلي آبائي ڳوٺ درياءَ جي سپرد ٿيڻ کانپوءِ ٽنڊي علي شير ۾ رهڻ لڳو، ۽ وفات به ٽنڊي ۾ ڪيائين، سندس مزار مبارڪ ٽنڊي علي شير آهي. سندس مليل بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ســاجــن آيــم ســامــهــون، مــنــهــنــجــا ســرهــا ٿـيـڙم سير،
قـدم ڪـول قـريـب جــو، گــهــوٽ لـنـگـهـائـيـنـدم گــهــيـر،
اونــدهه انــهــيءَ ويـــر، نــگاهـه ســان “ نــبــي بـخـش” چوي.(46)
نــــمــــن مـــــٿــــان نــــور، ســــدا وســــي ســــبــــحــــان جـــــو،
نـــــــــــدا مــــاڻــــيــــن نـــوح جـــو، مـــديـــنـــي ۾ مـــذڪــــور،
مديني جا مير، ڀريون ڏي ڀرپور، نگاهه سان “نبي بخش” چوي.(47)
بـــــرتـــــي چــــڙهــــي بــــام، ڪــــري ســــڏ ســـاٿـــيـــن کـي،
هـــلـــي وڃــــي ٿــــي حــــب مــــان، پـــنــــهـــل ڪــارڻ ڄــام،
روهـــــن تـــــي “رنـــــگـــــريـــــز” ڏاڍا ڏيــــنـــهـــن ڏگــــهــــام،
نه ڇـڏج نــنــگ “نــبـي بـخـش” چوي، سـيـد تنهنجي سـام،
لـــــڙهه لـــــڳـــــيءَ جـــــا لام، هــــوت نه ڇــــڏج هـــيــکــلـــي.

هــوت نه ڇــڏج هـــيـــکـــلـــي، ڪـــج ولـــهـــيءَ جــي واهـــر،
مـن جـا ســاٿــي ســاويــرا، ويــا هـلـيـا، پـهـريـن ئـي ته پـهـر،
نٻـر سـٻر ننگ “نبي بخش” چوي، گهوٽ تنين جي گهر،
پـــرور پـــــڙدو ڪـــــر، روهـــــن تــــي “رنـــگـــريــــز” چـــوي.

بـــــــاقــــــا ڀـــــڙڪــــائـــــي، آڌيءَ رات آڳ اچــــــي مـــــيـــــان،
لاڏا لائــــــي تـــــنــــهـــــن جــــــا، لــــهــــڪــــڙ لــــهــــڪــــــائــــي،
تــوريءَ کاڄ “کـٽـي” چـوي، ڪين ســگـــهــان مــان کــائــي،
ســــانـــــوڻ ســـــدائـــــي، اکـــيـــون انـــهـــيءَ پـــار ڏي مــيــان.

مـــــون ۾ ســـــڀ گـــــهـــــٽ، تــــوڏي حــــرف نه هـــيـــڪــڙو،
مــــولــــج مــــڙر مــــٿــــانــــدرا، گــــهــــارج گــــهـــوريءَ وٽ،
جـيـڪي حـــرف حـسـاب جـــا، سـي ڪاڪ مـٿائـون ڪــــٽ،
مـــاڏانـــهـــن مــِهَـر نه مـــٽ، کـــلـــنـــدي کــوءِ “کــٽي” چــوي.

اديــــون ڪـــنـــدس آج، جــي تـــون مــيــنــڌرا مــوٽــي اچــي،
مــيــر ته مـــن جــا مــنـهــنــجـا پـــريـــن، تـــوڪـــي راڻــا راڄ،
ور تــو مـــٽ وهه ڀــانــيــان، کـــائـــڻ “کـــٽــي” چـــوي کـــاڄ،
تــنـهـن جي محبـت آهـي، مـٺـاڄ، مـنـد مـاکـيءَ کان ڀـانـيان.

جـــا تــــو وجــــهــــي جــــاراڻــــي، مـــوســــان مــــون ڪـــيــــو،
هــــنــــن نــــهـــاريــــو هـــيـــکـــلا ٿـــي، روءِ زارون زار،
ڪـــامـــڻ ڪــــانــــگ اڏاريـــــا، پـــــارس تـــنـــهـــنـــجـــي پـــار،
ورنـــهـــن ڪــيــن وســار، ڪــيـــئه خــريـــد “کـــٽــي” چـــوي.
ســــوداگـــــر ســــــاٿ ڀـــــــري، ڏس آراڻـــــــيءَ ڏي آيـــــــو،
ڏي پـــنــهـــون پــٽ پـنـهـنـجـن، ٿــئــيــن سـونـهـون سـجـايـو،
لـعـل لــنــگـائـيـنـدم لــڪــيــون، ٿــيــنــدو بــرمــان بــورائـــو،
سـاٿـين جو سايو، ڪندو “کٽي” تي، مير محمد مصطفيٰ ﷺ(48)
فقير محمد يوسف تنيو (1805ع ــ 1855ع):
فقير محمد يوسف تنيو جيڪو خاڪل فقير(49) جو پيءُ هو، ڳوٺ ڌارانپور ۾ ڄائو، جيڪو هڪ وسندڙ ڳوٺ هو، جنهن کي سنڌو درياءَ پنهنجي آغوش ۾ سمهاري ڇڏيو. نبي بخش “رنگريز” سومري جو يار ۽ همعصر هو، جنهن سان پنهنجن ڀاتين وانگر رهندو هو، نبي بخش کان عمر ۾ ٽي سال ننڍو هو، سندس جنم جو سن 1805ع ٻڌايو وڃي ٿو، پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ سن 1855ع ۾ وفات ڪيائين، سندس قبر پنهنجي آبائي ڳوٺ ڌارانپور ۾ هئي، درياهه جي آويڙ ۾ اچي وڃڻ سبب ڳوٺ جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، سندس پويان خاندان جا ماڻهو مهرو ماڙي تعلقو خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ويٺا آهن، سندس اصل وڏا مهرو ماڙيءَ جا ئي هئا.
ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، فقير صاحب بيت جو تمام زبردست شاعر هو، پاڻ بيت جي فني خوبين کان چڱيءَ طرح واقف هو، سندس بيت جو فن و فڪر اعليٰ درجي جو آهي، شاعري ۾ “يوسف” تخلص استعمال ڪيو آهي. سندس پنج کن بيت مليا آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
مــون تــي هــن مــيــار، ڪــامــل تــنــهــنــجــا ڪـيـتـرا،
اڱـــــڻ عــــبـــيـــدار جـــــي، ڀــــيــــرو ڪـــــج ڀــــــوتـــــار،
مـون تـان وڃـن مـوءِ ٿـي، تـوڙي هـجن حـرف هــزار،
هـاڻـي “يـوسـف” چَــوءِ يــار، وجـهه نه ويچـوها وچ ۾.

ســـــوڍا ڏئــــي ســـــاءُ ســـکـــيـــن ريــــــت رســـــڻ جـــي،
کـــرن جــي کـــاهه پــئــي، ڪــــايـــل هـــيـــري ڪــــواءُ،
يـــاري جـــو “يـــوســـف” چـــوي، تـــپـــي ڪَـــجُ نهَ تـــاءُ،
هــاڻـي الله ڪــارڻ آءُ، هــن جــوشــن جــيــرو جـلايــو.
جــيءُ جــيـــئــان ٿـي جــڳ ۾، ســوڍا تـنـهـنـجـي ســاءِ،
يـــاري جـو “يـوسـف” چـوي، مـون تـئـون مهر نه چـاءِ،

قــــــــادر ڪــــارڻ ڪـــاڪ تـــي، وري واڳ وراءِ،
ســــانـــدهه ســـانـــوڻ آءِ، اکــــيــــون انـــهـــيءَ پـــــار ڏي.

راڻــــــا رُســــــامــــــو نه ڪــــر هــــيــــڪــــر هــــيــــڏي آءُ،
پـــــڇـــــي پـــــاڙي واريــــون، ســــوڍا لـــهـــج ســـمـــاءُ،
خون کٿوري نه لڪي، نه لڪي ڇپر ۾ شمس شعاءُ،
تـــوڙيءَ ڀــايــان ڀــاءُ، مــڙس نه هــئــيــن مـن مــيـنــڌرا.

جي جـند جـوشـن هـياس، هـونـد نه ڪـريـن هـا اهـڙي،
پــنـــڌ ڪـــشــالا ڪــانــڌ جــا، ڏکــيءَ ڪــيــئــن ڏنــاس،
يــاري جــو “يــوســف” چــوي، تــو حق ڪيئن ڀڳاس،
ڏاهـــــون ڏم لـــــڳـــــاس، ڏاتـــــا ڏم ڏهـــــاڳ جـــــا.(50)

فقير صاحب جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سروار بيت چيا آهن، مٿيان بيت سر مومل راڻي ۽ سسئي مان آهن، چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجو مڪمل ڪلام هو جيڪو رسالي جي صورت ۾ موجود هو، ان رسالي ۾ نبي بخش “رنگريز” جا به ڪافي بيت موجود هئا. فقير صاحب جو ڪلام ۽ احوال زندگي تمام ٿورو ملي سگهيو آهي.
فقير يوسف ميرن جي آخري دور جو شاعر هو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ علمي ۽ معاشرتي حالت سٺي هئي، حڪومت جا دروازا مسلمانن خواهه هنڌن لاءِ کليل هوندا هئا، مير پاڻ به سٺا علم دوست هئا، شعر و شاعري سندن خاص مشغلو هو، ان وقت سندس همعصر شاعر، فتح فقير (وفات 1843ع)، پير محمد اشرف (وفات 1860ع)، دلپت (وفات 1841ع)، صديق فقير سومرو، حمل فقير (1810ع ـــ 1878ع)، آخوند محمد عالم (1800ع ـــ 1870ع)، نبي بخش “رنگريز” (1802ع ـــ 1853ع) هئا.
مٿي ذڪر ڪيل شاعر ڪافيءَ سان گڏ بيت جا به سٺا شاعر ليکيا ويندا هئا، فقير يوسف به ڪافيون چيون پر سندن سمورو ڪلام درياءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو، ڪجهه بيت مليا آهن، جيڪي مٿي ڏئي آيا آهيون، “انتخاب احمد” تان نقل ڪيا آهن، جيڪڏهن اهڙو قلمي مواد نه ملي ها ته شايد هن شاعر جو نالو هميشه لاءِ مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ها، چيو وڃي ٿو ته سندس سمورو ڪلام ابوالحسن واري صورتخطي ۾ لکيل هو، جيڪو سندس جيئري ئي 1843ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو.

(ب) ادبي جائزو:
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ادب چڱي ترقي ڪئي، هن دور ۾ شاعري جيڪا ترقي ڪئي اوتري نثر نه ڪئي، هن دور ۾ شاعري جو تعداد تمام گهڻو ملي ٿو، پر هتي اسان کي صرف تعلقي لکيءَ جي شاعرن اديبن جو جائزو وٺڻو آهي ۽ ان دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو ان جو ئي جائزو وٺڻو آهي.
هن تعلقي ۾، هن دور ۾ تمام گهڻا شاعر پيدا ٿيا پر جن جو تفصيل ملي سگهيو آهي انهن جو جائزو ڏجي ٿو. هن دور ۾ چند شاعر اهڙا مليا آهن، جڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ پيدا ٿيا، انهن ۾ سيد محمد وفا لکوي (1753ع ــ 1833ع)، پيرل سومرو (1762ع ــ 1820ع)، اسماعيل سومرو (1765ع ــ 1820ع)، سيد محمد شجاع لکوي (1773ع ــ 1846ع)، مخدوم محمد صالح وزير آبادي (1778ع ــ 1851ع)، خير محمد “خيرو” (1781ع ــ 1840ع) جا نالا ملن ٿا.
ان کانسواءِ ٽي شاعر اهڙا آهن جيڪي ٽالپرن جي دور ۾ پيدا ٿيا ۽ انگريزن جي شروعاتي دور ۾ وفات ڪري ويا، اهي آهن، بکر سومرو (1787ع ــ 1845ع)، نبي بخش “رنگريز” (1802ع ــ 1853ع)، محمد يوسف تنيو (1805ع ــ 1855ع)، سيد غلام مصطفيٰ لکوي (1783ع ــ 1843ع) ٽالپرن جي دور ۾ ڄائو ۽ ان ئي دور ۾ وفات ڪري ويو، ان کان علاوه مائي نوران، جيڪا ٽالپرن دور ۾ ڄائي ۽ انگريزن جي دور ۾ وفات ڪيائين، ان کان علاوه مخدوم محمد صالح ۽ سيد محمد شجاع لکوي به انگريزن جي دور ۾ وفات ڪري ويا.
هن دور ۾ فارسي شاعر به پيدا ٿيا، جن فارسي ادب لاءِ شه پاره تخليق ڪيا ۽ فارسي ٻولي کي به ديوان ڏنا، هتي چار فارسي شاعر ٿي گذريا، جن مان ٽن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي، جيڪي لکيءَ شهر جا سادات آهن ۽ چوٿين جو واسطو به ان خاندان سان گڏيل رهيو جيڪو لکيءَ جي ڀرسان وزير آباد جو هو، جنهن فارسي ادب کي هڪ ديوان ڏنو، اسين سنڌي ادب ۾ انهن شاعرن کي شمار ڪري نٿا سگهون پر پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي علائقي جي شاعر جي حيثيت سان اسين انهن کي پنهنجي ڳاڻيٽي ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، انهن شاعرن مان هڪ سيد محمد شجاع (ثاني) لکوي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ به هڪ مولود مليو آهي، جنهن کي اسان ٻنهي ٻولين جو شاعر ڪوٺي سگهون ٿا، سندس هڪ مولود جيڪو وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهي.
هتي جي شاعرن، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ڪثرت سان ڪيو آهي، پر اتي هن دور ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪندڙ شاعر به مليا آهن، هتي ڪي اهڙا شاعر مليا آهن جن جو ذڪر ڪنهن به ڪتاب يا ادبي تاريخ ۾ ڪونهي. تنهن ڪري اسان انهن کي گمنامي جي گوشي مان ڪڍي ادبي تاريخ ۾ شمار ڪريون ٿا
پيرل سومري جي شاعري ۾ الف اشباع واري قافيي ۾ ڇپيل بيت مليا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته هن دور ۾ الف اشباع عام جام صنف هئي. اسماعيل ۽ پيرل جا چيل بيت مليا آهن جن کي اسان سنڌي ادب جا پهريان مرثيا چئي سگهون ٿا.
خير محمد بيت سان گڏ ڪافي جو به شاعر هو صرف ان جو بيت مليو آهي. سيد غلام مصطفيٰ مسدس جو بلند پايي جو شاعر مليو آهي. جنهن جي شاعري جو سنڌي ترجمو مليو آهي، هونئن هي فارسي ٻوليءَ جو شاعر آهي.
بکر اهو شاعر هو جنهن جي شاعري هندي دوهي ڇند ۽ سورٺا واري هيئت تي آهي. هي پهريون شاعر آهي جنهن پراڻي انداز واري هيئت تي طبع آزمائي ڪئي آهي، دوها سورٺا ميل جو به تجربو ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ٽن سٽن وارا بيت به ملن ٿا جنهن ڪري کيس بيت جي فن جو هڪ اعليٰ شاعر سڏي سگهون ٿا.
ان کان سواءِ عورتن ۾ به هي علائقو پٺتي پيل ناهي، اهڙي طرح مائي نوران جنهن جو واسطو هڪ علمي گهراڻي سان هو، جنهن جي شعر ۾ به پراڻي بيت وارو وزن هندي ڇند وارو ملي ٿو، هن سورٺا ڇند تي ٻڌل بيت چيا آهن. پر انهن کان هٽي ٻن مصرعن کان وڌيڪ به بيت چيا آهن.
نبي بخش “رنگريز” جهڙو بيت جو بلند پايي جو شاعر مليو آهي، جنهن جي شعر ۾ لست، رنگيني ۽ چاشني آهي، گمنامي واري باب جو شاعر آهي، هن جو ئي هڪ دوست فقير يوسف تنيو به مليو آهي، جنهن جي شاعري ۾ سر مومل راڻي ۽ سر سسئي ۾ چيل بيت ملن ٿا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو ڪو مڪمل رسالو هو، سندس بيتن ۾ دلڪشي آهي.
باقي نثر ۾ ديني ادب مليو آهي جيڪو اڪثر عربي ۽ فارسي ٻولي ۾ ملي ٿو، باقي سنڌي نثر جا نشان تمام گهٽ مليا آهن. مجموعي طور هن علائقي ۾ نظمي ادب ٻين دورن کان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. هن ۾ ڪن اهڙن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو ذڪر سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ ڪونه ٿو ملي.


باب چوٿون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1)ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “لکيءَ جا شاعر” (مقالو) نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص 30.
(2)علوي امين الله پروفيسر ـــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ايڊيٽر: غلام مصطفيٰ قاسمي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 14.
(3)علوي امين الله پروفيسر ـــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص ص ص 15، 16،17.
(4) ايضاً.
(5) ايضاً ص 19.
(6)بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي( جلد ٻيو) ـــ ص 163 + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 30.
(7) ايضاً.+ماهوار الرحيم سنڌي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص، ص، 18، 19.
(8) ايضاً.
(9) هي قديم ڳوٺ موجوده تعلقي لکيءَ جي حدن ۾ ڪچي طرف آباد هو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ڳوٺ ۾ اَنَ جي ٽوئي جيتريون ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. محمد آباغ ڳوٺ کان گهڻو اندر درياءَ جي پراڻي وهڪري واري ڪپ تي آباد هو جيڪو درياهي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيو.
(10) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽرــــ سنڌي ادب جو تاريخي جائزوـــ ڇاپو ٽيون 1976ع ـــ ص 121.
(11) ساٿي (اول) جي خاندان مان ٿي گذريو آهي جيڪو ساٿاڻي پاڙي سان مشهور آهي.
(12) بلوچ غلام رسول ـــ سنڌي ـــ مرثيه نويسي ــ ڇاپو پهريون 1970ع ص 29 مطبوعه انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
(13) مائي سڀائي کان زباني طور مليا.
(14) ايضاً.
(15)شجره طيب سادات لکوي (قلمي) فارسي.
(16) ايضاً.
(17)بدوي لطف الله تذڪره لطفي ـــ (ڀاڱو ٻيو) ڇاپو ـــ 1946ع ص 164.
(18) بياض باغ علي شاهه لکوي (قلمي) فارسي.
(19) بياض باغ علي شاهه لکوي (قلمي) فارسي.
(20) علوي امين الله پروفيسر “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ــــ مارچ اپريل 1975ع ـــ ص 44.
(21)بدوي لطف الله، تذڪره لطفي ــ (جلد ٻيو) ڇاپو ـــ 1946ع ص 144.
+ ماهوار نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31 + ماهوار الرحيم سنڌي مارچ ـــ اپريل 1975ع ص 46.
(22) بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي ــ ڇاپو: 1946ع ص + نئين زندگي جنوري 1972ع ـــ ص، ص 30، 31.
(23) بياض مير باغ علي شاهه لکوي (قلمي) + ماهوار الرحيم سنڌي مارچ، اپريل 1975ع ص 43.
(24) ماهوار الرحيم سنڌي مارچ اپريل 1975ع ص 45 ـــ پروفيسر امين الله علوي جو مقالو.
(25) ايضاً ص 47.
(26)راقم جي ذاتي تحقيق.
(27) ماهوار نئين زندگي جنوري 1972ع ص 32 ـــ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو مقالو.
(28)وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1985ع مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد ص 96، 98.
(29) وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1985ع ص 96، 98. مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد.
(30)بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) 194ع ص 172 + ماهوار نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص32.
(31) بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) ڇاپو 1946ع ص 174. + ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ لکيءَ جا شاعر (مقالو) نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص 32.
(32) ايضاً.
(33)ڍڳ تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ڪشمور روڊ کان اندر طرف آهي.
(34) ٽنڊو علي شير، تعلقي لکيءَ ۾ محمد آباع ڳوٺ کان اتر ۾ چئن فرلانگن تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي.
(35)“خيراڻي پاڙو” جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب سومرن جو دور ۾ ذڪر ڪيو آهي (سومرن جا موجوده پاڙا ۽ راڄ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پنهنجن جدا ڳوٺن ۽ توڙي ٻين سان گڏ سومرا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. ضلعو شڪارپور، خيراڻي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو تعلقو شڪارپور، پوئين ويجهي دور جو پاڙو) (سومرن جو دور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1980ع ص 371) ان کان علاوه بچل شاهه مياڻي ۾ به آباد آهن جيڪي حاجي خان ڪهوڙن جي ڳوٺ کان لڏي ويل آهن. ڊاڪٽر صاحب تعلقو شڪارپور غلط ڄاڻايو آهي، پر اهو تعلقو خانپور آهي.
(36) سومرو احمد بخش حاجي (مرتب)، انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(37) علوي امين الله پروفيسر ـــ“لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ايڊيٽر غلام مصطفيٰ قاسمي، جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 19.+ شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي (قلمي).
(38)گلشن وحدت (سلسله مظهريت جو ٻيو ڪتاب) مرتب ۽ پبلشر حاجي باغ علي شاهه لکوي، (ايڊيٽر اخبار “پيغام ڪل” ٽنڊو جان محمد) سال 1940ع ص 2 کان 6 تائين.
(39)ڌاران پور هڪ ڳوٺ هو جو ڪچي جي طرف درياءِ جي ڪناري تي آباد هو. هي هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪو محمد آباغ کان تمام گهڻو اندر جي طرف ٻڌل هو. هي ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو ان جي باري ۾ ڪابه خبر ناهي ، البت ايترو ٻڌايو وڃي ٿو ته 1837ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو.
(40)حضرت آخوند محمد دائود صاحب سن 1845ع مطابق 1256هه ۾ وفات ڪئي. سندس ڳوٺ واري قبرستان “حاجي مستقيم” ۾ واقع آهي، آخوند صاحب جي ولادت 1759ع مطابق 1179هه ۾ ٿي هئي. سندن عمر 95 سال هئي، آخوند صاحب کي نرينه اولاد ٻه فرزند ۽ پنج نياڻيو هيون، آخوند صاحب ڳوٺ موٽاڻي مهر (مهرن جي ٻنڊي) تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر مان سن 1792ع مطابق 1212هه ۾ هجرت ڪري حاجي خان ڪلهوڙه تعلقو خانپور ضلعو شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو.
(ماهوار پيغام ڪراچي ڊسمبر 1980ع ص 28 کان 31). مقالو ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو.
(41) ٽنڊو علي شير سومره خاندان جو ٻڌايل هڪ قديم ڳوٺ جيڪو محمدآباغ کان ٻن ٽن فر لانگن تي اتر طرف آباد آهي، محمد آباغ جيڪو رستم شهر کان اٺ ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي سومره خاندان مان علي شير نالي فرد هو جنهن اهو ڳوٺ ٻڌايو هو ۽ آباد ڪيو. ننڍي واهڻ هئڻ ڪري کيس ميرن جي دور ۾ ٽنڊو سڏيو ويو.
(42) درانپور: هڪ قديم ڳوٺ هو، جيڪو 1837ع واري ٻوڏ ۾ مهراڻ جي موجن جو بک ٿي ويو. اهو ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو؟ ان لاءِ ڪو ٺوس ثبوت ڪونه ٿو ملي. هن ڳوٺ ۾ ٻروچ (بلوچ)، انڍڙ ۽ مهر ذات جا ماڻهو آباد هئا. اهو ڳوٺ محمد آباغ ڳوٺ کان گهڻو اندر درياءَ جي ڪناري تي آباد هو.
(43)خانڻ لوءِ: هڪ قديم ڳوٺ هو، جيڪو درانپور جي ويجهو هو، ٻنهي جي وچم جهنگل جو حصو هوندو هو. جيڪو بعد ۾ درانپور ڳوٺ سان گڏ تباهه ٿيو. هن ڳوٺ ۾ خانڻ نالي انڍڙ ذات جو چڱومڙس رهندو هو جنهن جي نالي پٺيان خانڻ لوءِ پئي سڏجي. جيئن صاحبن جي لوءِ ميرن جي لوءِ نالي اڄ به ڳوٺ آباد آهن.
(44) حاجي خان ڪلهوڙو “ هي ڳوٺ دريا ءَ جي ڪپ کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي اولهه طرف چوٽي شاخ جي ڪناري واقع آهي، شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ روڊ لائين جي ڀرسان آهي، شڪارپور کان 14 ميلن ۽ خانپور کان اٺن ميلن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آهي” (ماهوار پيغام ڊسمبر 1980ع ص 31). مقالو ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو.
(45) يونس مائي نوران جو پٽ جيڪو وفات ڪري ويو هو.
(46) مائي سڀائي کان زباني طور مليو.
(47)ايضاً.
(48) سومرو احمد بخش انتخاب (قلمي) 1956ع.
(49) خاڪل فقير هڪ سٺو سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو ميرن جي دور ۾ ڄائو هو ۽ انگريزن جي دور ۾ وفات ڪري ويو هو. پر افسوس جو ان جو ڪلام ڪٿان به ملي نه سگهيو آهي.
(50) سومرو احمد بخش حاجي ــــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.

باب پنجون : انگريزن جو دور (1843ع ــ 1947ع)

باب پنجون : انگريزن جو دور (1843ع ــ 1947ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني مختصر پس منظر:
مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن جي هار ٿي ۽ انگريزن جي فتح ٿي، 12 مارچ 1843ع تي لارڊ ايلنبرو اعلان ڪري سنڌ تي انگريز راج قائم ڪيو، ٻي جنگ “دٻي” وٽ ميرن انگريزن سان وڙهي جنهن ۾ هوش محمد شيدي شهيد ٿي ويو. جنهن جو نعرو هو “ مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون “ ان آخري لڙائي کان پوءِ مڪمل طور سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي ويئي. ان کان پوءِ انگريزن ملڪ ۾ مڪمل رابطي لاءِ ۽ چڱي طرح ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان وڏا وڏا پراجيڪٽ تيار ڪيا، جنهن ۾ خاص طور، ٻولي، مواصلات، زراعت، آبپاشي، ٽپال ۽ ريلوي جهڙا وڏا وڏا منصوبا تيار ڪيا ويا
ان هوندي به سنڌ جي عوام انگريزن کي سڪون ۽ چين سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني، انگريزن سنڌ ۾ پهريائين گورنري راڄ قائم ڪيو ۽ سنڌ صوبي کي بمبئي سان لاڳو ڪري ڪمشنري بڻايو ويو، جون 1936ع ۾ سنڌ، وڏي جدوجهد ۽ تحريڪ کان پوءِ ڌار ڪئي ويئي، ان دوران انگريزن خلاف زير زمين تحريڪون زور وٺي چڪيون هيون ۽ وري پوري هندستان مان انگريزن کي ڪڍڻ لاءِ جدوجهد جاري هئي، جنهن ۾ مسلمان ۽ هندن گڏجي ڪم ڪيو پر پوءِ 1946ع ۾ مسلمانن جي آزاد حڪومت لاءِ مطالبو ڪيو جنهن ۾ تحريڪ هلائي آزاد ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون. 1940ع ۾ قرارداد لاهور وارو ٺهراءُ بحال ڪرئڻ لاءِ مسلمانن ويهن ئي آڱرين جا زور لاتا، نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد مملڪت “پاڪستان” نالي قائم ڪئي ويئي ۽ سنڌ کي صوبائي حيثيت سان پاڪستان سان ملايو ويو.
هن دور ۾ سنڌي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي، هن دور ۾ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا، نظم خواهه نثر ۾ درسي ڪتاب باقاعده مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچڻ لڳا، هن دور ۾ سنڌي صحافت تمام گهڻي ترقي ڪئي، باقائده اخبارون نڪرڻ لڳيون ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جون خبرون باقاعده ڇپجڻ لڳيون ۽ ماڻهو ذهني طور هڪ ٻئي جي قريب اچڻ لڳا، هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مستقل صورت ملي، اترادي ۽ لاڙوي ٻولي ۾ جيڪو فرق هو اهو ختم ڪري ٻنهي کي سامهون رکي سنڌي ٻوليءَ کي باقائده ساهتي ٻولي ڪيو ويو، جنهن بعد سنڌي ٻوليءَ جا باقاعده گرامر جا ڪتاب لکيا ويا.
هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪيترائي شاعر مليا آهن ڪن جو ذڪر ته ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ملي ٿو پر ڪي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن جن جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿو ملي، جن جو تفصيل هٿ ڪري ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، انگريزن جي دور ۾ ڪي اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جيڪي پاڪستان جي دور ۾ وفات ڪري ويا آهن، انهن جو تفصيل هت ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي هن دور ۾ شمار ڪيو ويو آهي، هونءَ ته هن علائقي ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي ۽ نه وري انهن جو ڪلام مليو آهي، جنهن ڪري انهن کي هت شمار نه ڪيو ويو آهي.
هن دور ۾ ٽي شهر مرڪزي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ شمار ٿيڻ لڳا (1) لکي (2) چڪ (3) ماڙي. انهن ٽنهي ۾ بي انتها ادب تخليق ٿيڻ لڳو، پر افسوس جو اسان جي بي قدري ۽ لاپرواهي سبب بي بها ۽ قيمتي ۽ نادر نسخا اسان کان هميشه لاءِ هٿن کان نڪري ويا، اڄ اسين سواءِ هٿن مهٽڻ جي ڪجهه ڪري نٿا سگهون، تنهن ڪري اسان کي ماضيءَ مان پورو پورو سبق وٺڻ گهرجي ۽ مستقبل جي ادبي ذخيري کي هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ کپن.
هن دور ۾ ٻه وڏيون ٻوڏيون آيون جنهن ڪري تمام گهڻو زخيرو مهراڻ جي لهرن جي حوالي ٿي ويو، هن دور ۾ ڪيترائي ڳوٺ يا شهر مهراڻ جي آويڙن ۾ اچي ويا، جنهن ڪري ادبي ذخيري جي حفاظت ٿي نه سگهي. پهرين ٻوڏ (ليٽ) 1843ع ۾ ٻي 1942ع ۾ پر ڪي ننڍيون ٻوڏيون به آيون، 1942ع واري ٻوڏ جو مختصر تفصيل ماهوار پيغام مارچ، اپريل 1981ع ۾ شايع ٿيو هو پر تفصيلي رپورٽ شايع نه ٿي، باقي انگريزن جي دور ۾ تيار ڪيل انگريزن جي رپورٽ قلمي صورت ۾ اڄ به محفوظ آهي. هن دور ۾ ڪيترائي عالم فاضل شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا، هتي ڪجهه شاعرن ۽ اديبن ۽ عالمن جو ذڪر ڪجي ٿو جن جو تفصيل ملي سگهيو آهي، انهن کي هتي شمار ڪيو ويو آهي.
لساني لحاظ کان جائزو وٺنداسين ته اسان کي هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي ترقي ٿي، 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن ۾ مختلف هنڌن جا عالم اديب ويهاريا ويا، ڏهه رڪني ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن جي سرپرستي سربارٽل فريئر کي سونپي ويئي، سنڌي ٻوليءَ جي سڀني لهجن وارن عالمن کي هڪ جاءِ ڪٺو ڪري انهن جي صلاح سان سنڌي ٻولي کي مستقل شڪل ڏني ويئي ۽ ان صورتخطي ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا ويا، 1853ع ۾ پهريون منشي ننديرام جو ٻاراڻو درسي ڪتاب “بابنامو” ڇپيو، تنهن بعد علم ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا ۽ وقت به وقت ڇپجندا رهيا، نظم ۾ پهريون 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جرمني مان “شاهه جو رسالو” شايع ڪرايو، هن دور ۾ سنڌ جا اديب نين صنفن کان آگاهه ٿيا، جهڙوڪ، ناول، افسانو يا ڪهاڻي ۽ ڊرامو، اڳ سنڌ ۾ داستان جي صورت ۾ سنڌي نثر موجود هو جنهن کي اسان ناول جو نمونو ڪوٺي سگهون ٿا. ٻوليءَ کي مڪمل ۽ مستقل شڪل ملڻ سبب هن دور ۾ سنڌي صحافت جو دور شروع ٿيو، ڪيتريون ئي اخبارون نڪرڻ لڳيون.
مجموئي طور تي هن دور ۾ ادبي لساني ترقي ٿي ۽ باقاعده سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن جو بنياد وڌو ويو ۽ تعليم کي عام ڪيو ويو، اڳ جڏهن ته مدرسن ۾ صرف ديني تعليم ڏني ويندي هئي ۽ گهڻو ڪري فارسي ۽ عربي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندا هئا، جڏهن ماڻهن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ملڻ لڳي ته ماڻهن جو هڪدم توجهه اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ مُدَرِسَنِ کي آهستي آهستي ماڻهو ڇڏڻ لڳا، پر ان هوندي به مدرسن پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ انگريزي تعليم پرائڻ تي فتوائون جاري ڪيائون ته اهڙي تعليم پرائڻ، ڪفر کان گهٽ نه آهي، پر پوءِ گهڻو پوءِ عالمن پڇتايو ته اسان اها فتوى ڏئي وڏي غلطي ڪئي، بعد ۾ هنن محسوس ڪيو، ته اهڙي تعليم پرائڻ تمام ضروري هئي. بحر حال ٻين دورن کان وڌيڪ هن دور ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي، اهڙي طرح تعلقي لکيءَ جي ڪن قديم ۽ اهم شهرن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا. جيڪي شاعر ۽ اديب مليا آهن، انهن جو مختصر ذڪر ۽ شاعري وغيره ڏجي ٿي.
عبدالعزيز سومرو (1816ع ــ 1920ع):
عبدالعزيز ولد محمد ابراهيم سومرو سون مياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، ميرن جي دور ۾ ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن مير ڪرم علي خان جي حڪومت قائم هئي، سندس سن 1816ع ٻڌايو وڃي ٿو، سندس عمر هڪ سو چوڏهن سال هئي، سن 1920ع ۾ وفات ڪيائين، پاڻ هڪ هاري ماڻهو هو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي پر قرآن شريف پڙهيل هو، صوم صلوات جو نهايت پابند هو، سهروردي طريقي جو ماڻهو هو.
مير علي نواز علوي ۽ مولوي عبدالغفور همايوني سندس همعصر هئا، اڪثر ڪري پاڻ گوشه نشيني ۾ گذاريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو سڄو ڏينهن ۽ سڄي سڄي رات الله جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو، سچي رسول الله جو عشق سندس سيني ۾ رهندو هو.
حضور اڪرم ﷺ جن جي چئني يارن سان وڏي عقيدت هوندي هيس، ان عشق ۽ خيال سبب سندس جيڪا به اندر جي آلاپ نڪتي اها حضور ﷺ ۽ چئن يارن جي شان ۾ چئي آهي، سندس هڪ مولود “انتخاب احمد” مان مليو آهي، سندس باقي ڪلام لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1942ع واري ٻوڏ ۾ لهرن ۾ لڙهي ويو، ڪلام پوين وٽ محفوظ هو پر ٻوڏ سبب بچائي نه سگهيا. هڪ مولود مليو آهي جنهن ۾ هن رسول ڪريم ﷺ جي شان ۾ دل کولي تعريف ڪئي آهي، نموني طور هيٺ ڏجي ٿو :
جــــيءُ بـــســـم الله، بــــســـم الله، بـــســـم الله،
يـا رسـول الله، يـا حـبـيـب الله، يـا شـفـيـع الله،
ڄـــايـــو ڄـــام عــــرب ۾ ســيــد ســـبـــحـــان الله،
اڀـريـو سـج اسـلام جــو ڪــريــا ڪــفــر قــلــعــا،
پــرڻــي رات رســـول جــي حـــورن پـهـريـا هـلا،
مـلڪن گـهـوران گـهـوريـون مـوڙ ٻـڌا مـرسـلا،
جـتـيءَ ســان جــانــب کــي عــرش گــهرايــو الله،
صاحب صلواتون پڙهيون صلي الله صلي الله،
چـــارئـــي يـــار رســـول جـــا ڀـــلارا ڀـــر جـــهـــلا،
روءِ نه پـسـنـدا رسول جي، جـيـڪي ڪـندا گلا،
عاشـق “عبدالعـزيـز” کٽي کي مان ڏجو مرسلا،
ڪلـمــو پـــاڪ پـــڙهـــي مــــران لاالله الاالله (1)

عبدالعزيز سومرو ميرن ۽ انگريزن جي دور جو هڪ تمام سٺو مولودي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس مولود واريون خوبيون سڀ موجود آحن، پر افسوس جو ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو.

فقير الهه رکيو (1820ع ــ 1915ع):
فقير الهه رکيو بن محمد عثمان بن الهه رکيو مهر، ڳوٺ صادق وانڍ(2) (عيسيٰ جي وانڍ) ۾ تاريخ 22 مئي 1820ع ۾ ڄائو، سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي، سندس خاندان ساڳئي پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ اڄ به موجود آهي. سندس لکت ۾ ڪلام وغيره ڪونه ٿو ملي پر جيڪو ڪجهه مليو آهي سو زباني روايتن مان مليو آهي، چار بيت مليا آهن جيڪي سندس پڙپوٽي فقير محمد بخش مهر (جيڪو هڪ خود سگهڙ شاعر هو) ٻڌايا آهن، سندس بيت هندي ڇند وديا واري وزن تي ملن ٿا، جن ۾ ٻه دوها ڇند تي ٻڌل آهن ۽ هڪ سورٺو ڇند تي ٻڌل آهي، باقي چوٿون بيت چئن مصرعن تي مشتمل مليو آهي، جنهن کي اسان ڏوهيڙو چئي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته آخري مصرع (سٽ) جي اڌ ۾ قافيو ملي ٿو، سندس بيتن ۾ جيڪو مضمون سمايل آهي، اهو پٽ ۽ پاراتي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن کي وقت جي وڏيرن سالار ۽ شهلي کان رنجش پهتي، جنهن ڪري هن پٽ پاراتو ڏنو آهي، چئن مصرعن واري ڏوهيڙي ۾ 1842ع واري ليٽ (ٻوڏ) جو ذڪر ڪيو آهي. سندس شاعري ۾ استاد، بکر سومرو هوس، جنهنجو اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون، هن سالڪ جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه وري لکت ۾ ڪو ڪلام ميسر ٿي سگهيو آهي، فقير صاحب 3 مارچ 1915ع ۾ وفات ڪئي، چيو وڃي ٿو ته هن ڪافي ڪلام چيو هو، پر افسوس جو اهو قلمبند ٿي نه سگهيو، جنهن سبب محفوظ رهي نه سگهيو.(3) جيڪي بيت مليا آهن اهي ڏجن ٿا.
تـــون ســـالار مـــهـــر جــو کـوهه ڀـانــوڻـي کـان ڀِڪَ،
ته ڏانـــــد پــــٽــــيــــلــــو پــــاڻ ، ريـــــٻـــــڙي ۽ رِڪَ.

واڌو وَڃَـــرُ، لـــڳـــس پَـــڃَـــرُ، مــــر مــــر ان کــــائـــي،
هـــڪ اٿـــس ڌيءَ ســـابه ، رکـــيـــي کــي پـــراڻــائــي،
شـهـلـي پَــوءِ ڇــائــي، ڪـلــر لـــڳـــنــدءِ ڪـــوٽ کــي،
ايــنــدءِ پــرديــس ڦــاهــي، پــر ويــنـديـن مــفــت مـري،

ويــــهــــن مـــان واڪـــو ڪــري نــڪــتــو دُٻ دريــاءُ،
چَڪَ کان چوران ماري، کاهيءَ سان رکيائين کاهُه،
وڪـــڙ ڏئـــي وزيـــر آبــاد کــي، ســمــي پــيــو ســاههُ،
زور ڀريائين گهڻو، وڃي لاهه ڪيائين منڇر ۾.(4)

انگريزن جي دور جو هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري تي هڪ نظر وجهنداسين ته اسان کي فني لحاظ کان پختي نظر ايندي، پراڻي ٽيڪنڪ تي چيل شاعري آهي، پهريون ۽ ٻيون بيت ته دوها ڇند جي وزن تي ٻڌل آهي، قديم شاعرن وانگر دوهو چيو آهي، ٽيون وري سورٺا ڇند واري وزن تي ٻڌل آهي ۽ چوٿون مڪمل بيت آهي، جيڪو فني لحاظ کان به ٺيڪ ٺاڪ آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير صاحب هڪ سٺو شاعر هو، کيس فن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس شاعري تي بکر سومري جي شاعريءَ جو رنگ نظر اچي ٿو.

ميان نور محمد پيرزادو (1820ع ــ 1902ع):
ميان نور محمد پيرزادو پنهنجي آبائي ڳوٺ عبدو ۾ 1820ع ڌاري پيدا ٿيو، جنهن ڪري عبدوي به سڏائيندو هو، مخدوم شاهه عثمان (1170ع ـــ 1243ع) فراشن واري جي خاندان مان ٿي گذريو آهي، تمام سٺو عالم فاضل ماڻهو هو، سندس تعليم پنهنجي خانداني استادن وٽ ٿي، جتان هن عربي، فارسي علمن تي دسترس حاصل ڪئي، پاڻ نقشبندي طريقت جو ماڻهو هو. سندس باري ۾ مولانا دين محمد وفائي هن طرح لکي ٿو، ته : “شاهه عثمان جي اولاد کي پيرزاده سڏيو ويندو آهي، هي ميان نور محمد صاحب به عثمان چوٿون پيرزادو آهي، مگر جئين عام پيرزاده شيخ ملتاني جي خلافت ڪري سهروردي طريقي جا مريد رهندا آيا آهن تئين ميان نور محمد نه هو، پر هو صاحب لکي جي ساداتن جي علمي سنگت سبب لنواري واري بزرگن سان بعيت ڪري نقشبندي طريقي جو فقير ٿيو ۽ ذڪر اشغال ۾ پوري ڪماليت حاصل ڪيل هوس، مگر بي حد بي نفس ۽ خاموش زندگي گذاريندو هو.
ڄمار به وڏي حاصل ڪيائين، هن سنڌ ۾ انگريزن جو قبضو ۽ ميرن جو زوال به ڏٺو، فارسي شاعري ۾ خاص قطعات تاريخ جو ڏاڍو ماهر هو، هن پنهنجي خاندان جي ڪيترن بزرگن جي وفات جون نظمون فارسي ۾ لکيون آهن، ٽالپرن جي زوال ۽ مير صاحبن جي گرفتاري جي تاريخي واقعي کي جنهن انداز ۾ نظم ڪيو اٿس سو هيٺ ڏجي ٿو”.(5)
چــون بــيــفــتــاد ار مـراتـب جـاهه، صـوبـيـدار ولـد غـلام علي،
ديــگــر مـــيـــر مـــحـــمـــد خــان، پـــور عـالــي تــبــار فــتــح علي،
مــيـر شــهــزاد خـــان، مـيـر نــصــيــر، ابـن الابـن بـن مراد علـي،
حيدرآباد و ملڪ سنـدهه تمام، هـم زانـصاف سان مدام جلي،
هـمـه حـسـن آهــمــان کــرده، مـــلـــڪ شــان رادگـــر نــمــود ولي،
سـال تـاريــخ يــکــهــزار دوصـــد، چهل دو ونه زي اســت جلي،
گفت هـاتـف زسـال آن مردان، ڪه کنار بکشت سيل علي رضه(6)

“تاريخ وارو مصرعو ميان نور محمد جي بياض تان اڏوهي کائي چڪي هئي، جنهن ڪري پوري سمجهه ۾ نه آيو”.(7)
ميان نور محمد جي وفات 13 محرم الحرام سن 1322هه مطابق 22 اپريل 1902ع اڱاري ڏينهن ٿي، سندس ڪنهن عقيدتمند شاگرد شاعر مرتيي تي مرثيو لکيو آهي، جنهن جا بند هيٺ ڏجن ٿا، ميان صاحب جا ڪافي شاگرد هئا، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي فيض ڦهلائي رهيا آهن، سندن خاندان جا وڏا، توڙي پاڻ ڳوٺ جي پيش امامي ڪندا هئا، عيد نماز به اهي ئي پڙهائيندا هئا، سندن سمورو خاندان علمي خاندان هو، سندس پويان اڃا عبدو ڳوٺ ۾ ويٺا آهن پر اهو علمي مقام ماڻي نه سگهيا آهن.
آن ڪه بُـــد خـــلـــق را امــــام زمــــان،
صــاحـــب شـــرع هـــم يـــگـانه زمـــان،
چـون ڪه رقـت ازجـهـان بجنت خلد،
جــســتــم از سـال انــتــقــال نـــشــان،
نــــاگـــهه ازهــــا تــــفـــم رســيــد آواز،
ڪه به جنت الخلـد شدا مام زمان.(8)

سيد غلام مجتبيٰ لکوي (1823ع ــ 1885ع):
سيد غلام مجتبيٰ ولد سيد محمد وفا لکوي، پنهنجي آبائي ڳوٺ لکيءَ ۾ 1243هه مطابق 1823ع ۾ تولد ٿيو، سندس والد سڳورو پنهنجي وقت جو بهترين فارسي گو شاعر ٿي گذريو آهي، کين شاعري خانداني ورثي ۾ مليل آهي، سندس وڏو ڀاءُ غلام مصطفيٰ به تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، ان کان سواءِ سندس ننڍو ڀاءُ غلام مهتديٰ به فارسي جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي، مطلب ته سمورو خاندان ئي شاعر هو.
پاڻ فارسي جو شاعر هو، سندس داد فارسي دان ئي ڏئي سگهن ٿا، نه صرف فارسي جو شاعر هو پر سنڌي جو به شاعر هو، سندس هڪ قصيدو مرشد لنواري واري بزرگ جي شان ۾ چيل مليو آهي.
مخدوم ابراهيم “خليل” ٺٽوي صاحب پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب “تڪمله مقالات الشعراءِ” ۾ سندس لقب سيادت رتبت نجابت منقبت تحرير ڪيو آهي.(9)
هي لنواريءَ وارن بزرگن جو معتقد ۽ مريد هو، حضرت پير محمد سعيد لنواري جي ڪتاب “صقال الضمائر والمسامرت للسرائر” مان ائين خبر پوي ٿي ته لکيءَ وارا بزرگ سيد لواري شريف جا پراڻا معتقد هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو رستو سيد عبدالنبي لکوي کان شروع ٿيو هجي.(10)
“سيد غلام مجتبيٰ جي شادي خانه آبادي سيد محمد حنيف بن سيد محمد عارف ساڪن آريجا جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن ۾ کيس ٻه نياڻيو تولد ٿيون ۽ نرينه اولاد ڪين هيس” (11)
سيد مجتبيٰ لکوي ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾، 1305هه مطابق 1885ع ۾ وفات ڪئي، پاڻ نظم ۽ قصيدي جو بهترين شاعر هو، سندس ڪلام ۾ غزل به ملي ٿو، پر تقريبن ڪلام پنهنجي مرشد جي شان ۾ مدح ڪيو
آهي، سندس همعصر شاعر، غلام مهتديٰ شاهه، سيد احمد علي شاهه ۽ ميان نور محمد هئا، سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
هڪ نظم، مخدوم خليل صاحب پنهنجي ڪتاب تڪمله مقالات الشعرا ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ مرشد جي شان ۾ ساراهه ٿيل آهي.

چون نمازت نيست الا با حضور،
در حضور پير رو، کانجا حضور،
پير مباشد، وسيلہ سوي دوست،
مرترا ساکن کند، درکوي دوست،
و ابتغوا امرست در قرآن بخوان،
ايـن طـلـب از پـيـر بـاشد بـيگمان،
از ڪلام، اوشفا يا بدسقيم،
از نگاه اوست احياءَ الرميم،
ايــن چـنـيـن سـيـرت اگـر مطلوب هست،
در “لـواري” روکـہ، آن محبوب هـست.(12)

سيد غلام مجتبيٰ فارسي جو وڏو شاعر هو، پر ان سان گڏ سنڌي جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس هڪ قصيدو، جيڪو لنواري واري بزرگ جي شان ۾ چيل آهي، جيڪو ڪتاب گلستان، طريقت، سلسله مظهريت جي ٽين ڪتابن ۾ ڏنل آهي، جنهن کي هفتيوار اخبار پيغام ڪل، ٽنڊو جان محمد جي ايڊيٽر مرتب ڪيو آهي.
طويل سنڌي قصيدو نموني طور هيٺ ڏجي ٿو، پر هتي صرف قصيدي جو پهريون بند (جيڪو اڙهن مصرعن تي مشتمل آهي) ۽ آخري بند (جيڪو سورهن مصرعن تي مشتمل آهي) ڏجي ٿو. ڪل اٺ بند آهن.(13)
(1)
حـمـد هـمـيـشه هــادي کـي جــو قــادر آ هه ڪــريــم، قــديــر،
والـــي واحـــد مـــولـــو مـــاجـــد خـــالـــق رزاق رب خــبــيــر،
پـيـدا ڪـيـو جـنـهـن پـاڪ پـيـغـمـبـر مير محمد مهر منير،
عــربــي احـمـد ارحـم اجـود بـخـشــش جـو سـوبـحر بـشـيـر،
آل تـنـهـيـن جـو اعـلـيٰ افـضـل صحب سڀئي صاف سرير،
وارث تـنـهـنـجـو پـارس پـيـرن لـعـل لـواري شـاهه شـهـيـر،
تاج طريقت شمس شريعت حامي حـضـرت ڪرم ڪـثـيـر،
نــافــع نــرمــل عـــارف اڪــمــل عــالــم عـــامـــل آهه امــيــر،
راســخ رهـبـر داڙو دلــبــر صــاحــب صــفـــدر نـيـڪ نـظـيـر،
شــوڪـت شــاهــي اٿــس الاهــي لا يــتــنــا هـي فـيـض وفير،
جــلــوه تـنـهـنـجـو حـالـي جـسـمـن انـدر اَسـود جـو اڪـسـيـر،
هـاتــف حــامــي حـاضـر هــر دم حـبـر حبيب نـڪـو نـحـريـر،
مـلڪ مـريـد مـدامـي تـنـهـنـجـا سـڀ صـبـوحـي عشق اسيـر،
جان فـدا ٿـا جـن پـريـون ڪــن ديــو ســڀــڪــو دامــن گــيــر،
آهه ڪـلام تـنـهـيـن جــو اعـلـيٰ شـيـريـن شافي شڪر شير،
بــهــتــر بـــالا عـــارف اعــلــيٰ مــهــر مــعــلــيٰ مــهــدي مــيـر،
مـرشـد مـشـفـق غوث غـضـنـفـر لـعـل لـواري قـطب ڪبير،
پــيـر تــنـهـنـجـا پـيـر چــمــن ٿــا، پـيـر اســان جـو پـيرن پــير،

(2)
نــيـهه تـنـهـنـجـو نـاسـو تن کي، ملڪو تي ٿيا مست مدام،
جـبـرو تـن کي جـوش تنهن جــو لاهوتي سڀ تنهنجي لام،
هــاهــوتــن کــي هــوءِ هــمــيـشه تـنـهـنـجـي آهـه طـلـب تـمــام،
پــيــر سـڀـئـي پـيـرو تـنـهـنـجـا، سنجهي صـبـح ڪـن سـلام،
قـــطــب جــهـان قـيـوم زمان سوڪلي تنهين تي آهه قوام،
عـــالــم آبــاد ان تـنـهـيـن سـان غـوث غـريـبـن نـور نــظــام،
“مــجــتــبــيٰ” مـشـتـاق مـدامـي گـولـو تـنـهـنـجـو آهه غـلام،
مهـر ڪـنـدو شـل مــيــر عـربـي پـڄـنـدا مـقـصـد سڀ مرام،
والـد مـنـهـنـجـي کي ٿـئي، وهندو ابدي صحبت جو انعام،
تينون هشت بهشت تهين جو نيڪ رکيو مون نوري نام،
قربـي وٽ قـبـول پـوي شـل شـعـر شـڪـسـتـو خـامـي خام،
پـيرن پـيـر پـسـنـد ڪــري هــي ڪــچــو تــوڙي آهه ڪــلام،
جــوهـر ســـڀ جــيــاري جـــانـــب عـــارج فـــرمـــائـــي عـــلام،
واصـــل والــــيءَ وٽ ڪــــري ســــو آگــــي وٽ ڏئــــي آرام،
مرشد مـشـفـق غـوث غـضـنـفـر لـعـل لـواري قـطـب ڪبير،
پير تنهنجا پير چمن ٿا، پير اسان جو پيرن پير.(14)

سيد غلام مجتبيٰ لکوي، پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ غلام مصطفيٰ لکوي جي زير نگراني تعليم ۽ ترتيب ٿي، عربي فارسي جو علم پرايائين، پنهنجي وقت جو سٺو عالم هو، سندس ميان نور محمد جي سنگت هوندي هئي، ٻئي همعصر شاعر هئا، لنواري جي بزرگن جو مريد هو، تنهن ڪري نقشبندي طريقو اختيار ڪيو، ميان نور محمد به نقشبندي طريقي جو هو.

سيد غلام مهتديٰ لکوي (1825ع ــ 1900ع):
سيد غلام مهتديٰ ولد سيد محمد وفا لکوي پنهنجي آبائي شهر لکي ۾ سن 1825ع ۾ پيدا ٿيو، سيد غلام مجتبيٰ جو ننڍو ڀاءُ ۽ محمد وفا لکوي جو ٽيون نمبر فرزند هو، وقت جو وڏو حڪيم ۽ شاعر هو، هي به پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر فارسي گو شاعر هو.
هي صاحب به پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، “جمع الفوائد” ۾ سندس ڪيترائي نسخا تحرير ٿيل آهن، سيد محمد وفا لکوي جي هٿ اکرين لکيل اولاد جي ڪتاب تي پڻ سندس مهر مثبت ٿيل آهي، خانقاهه لنواري جي بنياد رکندڙ حضرت محمد زمان لنواري شريف جي وفات تي قطعات پڻ لکيا اٿس.(15)
سيد غلام مهتديٰ انگريز دور جو فارسي جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري ۽ حڪمت خانداني ورثي ۾ مليل هئي، لنواري واري بزرگ سان عقيدت هئڻ ڪري نقشبندي طريقو اپنايائين، سندس تعليم و تربيت پنهنجي ڀاءُ غلام مصطفيٰ ۽ غلام مجتبيٰ جي زير نظر ٿي، حڪمت جو علم به اتان ئي پرايائين، سندس ڪيترائي ڪيميائي ۽ طبي نسخا مشهور آهن، شعرو شاعري جي سکيا پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد غلام مجتبيٰ شاهه کان ورتائين، پاڻ پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، سن 1900ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين، تقريبن سمورو ڪلام مرشد جي شان ۾ چيل آهي، ان جي شان ۾ قصيده ۽ مرثيا ۽ قطعات لکيا آهن. نموني طور هيٺ فارسي ڪلام ڏجي ٿو :
شاهه محمد زمان حبيب خدا، مرشد است و مجدد ثاني، بود مظهر زنور ذات الله، آمده در لباس انساني،
باز خواهش ز اصل خويش نمود، زانکه اوبود نور سبحاني،
ماهه ذيقعده را چهارم بود، خواست نزغ لباس جسماني، آمد هاتفي زعنيب پديد، گفت اي شاهه جان جاناني،
هر دو عالم شده است غرض بتو، کن قبول ازيکي که به داني.
گفت اورا جواب وهم تاريخ، بده زهذا وصال عريافي.
“مهتدي” سائل است برد رتو، از وصول مقام عرفائي.(16)

سيد غلام مهتديٰ لکويءَ جي شادي سندس سوٽ، يعني پير محمد لکوي جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس اولاد ڪابه ڪانه ٿي.(17)
سندس همعصر شاعر سيد احمد علي شاهه، سيد غلام مجتبيٰ، ميان نور محمد پيرزادو، تڳيل فقير، فقير الهه رکيو مهر، عبدالعزيز سومرو ۽ عبدالله سومرو جهڙا شاعر هئا، جيڪي پنهنجي وقت جا تمام سٺا شاعر هئا، مگر افسوس جو انهن جو ادبي تاريخ ۾ ڪٿي ڪو حوال نموني طور، يا حوالي طور ڪونه مليو آهي. سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾اڄ به موجود آهي.

تڳيل سومرو (1828ع ــ 1888ع):
محمد تڳيل سومرو ولد احمد بخش سومرو وڏي گُهريي(18)جي خاندان مان مينهون(19)نالي جي اولاد مان هو، جيڪي ڪي گهرياڻي سڏجن ٿا ته ڪي وري مينهاڻي پاڙي سان سڏجن ٿا، اصل سندن وڏا ڳوٺ شيخ صاحب انڍڙ جي ڪوٽ ۾ رهندا هئا، جيڪو ڪچي ۾ اندر هڪ وسندڙ ڳوٺ هو، پر پوءِ بعد ۾ سندن وڏا لڏي اچي “ردي” نالي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا، جيڪو ڪچي ۾ اندر موجود محمد آباغ ڳوٺ کان ڪافي اوڀر طرف اندر واقع هو، هن وقت اهي ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن ۽ سندن نالو نشان ئي نه رهيو آهي.محمد تڳيل سومرو “ردي” ڳوٺ ۾ ڄائو سندس ڄمڻ جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت مير ڪرم علي خان وفات ڪئي هئي ۽ مير مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو هو، ان مطابق سندس سن 1828ع ٿئي ٿو.
“مـيـنهون چئي مختيار ٿيو، درياهه منجهه دڙي،
نـه جـــهــــولــــي هــــنــــيـــو ٺــــاهـــهه ٺــهــيــن ٿــڙي،
اهـــو تـــار مــنــجـــان تــري، جــو ٽــپـي پـار پـئـي”
(مينهون فقير)
جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، پاڻ سٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، ان مطابق سندس سن 1888ع بيهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته غوث بهاول الحق ملتان واري جو مريد هو، ايتريقدر جو سندس سڪ ۾ پيرين پنڌ ملتان ويندو هو، سندس ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، راهڪ ماڻهو هو ۽ کٽڪو ڪم به ڪندو هو، ڪپڙن کي رڱائي ڪرڻ ڪري کٽي ذات سان سڃاتو ويندو هو، سندس ٽي بيت مليا آهن، هڪ بيت ته زباني روايتن مان مليو آهي باقي ٻه بيت “انتخاب احمد” (قلمي) ڪتاب تان مليا آهن. تڳيل فقير جو بيت فڪري ۽ فني لحاظ کان پختو نظر اچي ٿو، انگريزن جي دور ۾ بيت جو هڪ شاندار شاعر آهي، سندس شاعري ۾ جمالياتي عنصر موجود آهي، سندس شاعري تي شاهه لطيف جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، روايتي انداز ۾ ٽن مصرعن وارا بيت مليا آهن، جنهن ۾ چڱيءَ طرح پاڻ نڀايو آهي، سندن وڌيڪ ڪا معلومات نٿي ملي، چيو وڃي ٿو ته هن جو پنهنجو بياض هو جيڪو پوين جي لاپرواهي سبب اڏوهي جو کاڄ ٿي ويو. نموني طور بيت ڏجن ٿا :
مــون جــهــڙ ڏٺــو اڀ ۾ ڪـــڪـــر ڪــئـي چـوٽــي،
مــيــنــهــن مــانــڊاڻ ڪـــيـــــا، کــــنــــوڻ نه کــــوٽــــي،
آءُ لالــڻ تـــون مـــوٽــي، ته گـــڏ گـــذاريـــون ڏيــنــهــڙا.

اڄ پــڻ اتــر پــار ڏانــهــن ڪــڪــر ڪــئي ڪڪور،
مــيــنــهــن مــانـڊاڻ ڪـيـا، جـهـڙن ڪـئي جـهـڪور،
سـارنگ ٿي موڙ، جـو وڃـن گهوران گهوريون.(20)

مـــان جـــيـــهــي سـاتــيــهــي، ٻـانـهـي ٻـاروچــل جـي،
هــو جــا پــائــن پــيــر ۾، آتــڻ مــان جـتـي جــيـهـــي،
اڄ وسـاري ويهي، تن ڪچين کي ڪيئين ويهان.(21)

سيد احمد علي لکوي (1830ع ــ 1900ع):
سيد احمد علي ولد سيد محمد شجاع (دوم) بن حضرت پير محمد بن حضرت عبدالنبي پنهنجي آبائي شهر لکيءَ ۾ 1830ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ فارسيءَ جو تمام سٺو عالم شاعر هو، شاعري ۾ غزل، قطع ۽ قصيده ملن ٿا، سندس تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ ٿي، شعر و شاعري جي سکيا به پنهنجي والد صاحب کان ورتائين، پاڻ نه صرف هڪ سٺو شاعر هو پر بهترين حڪيم به هو، پنهنجي وقت جو عالم فاضل انسان هو، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل هيس، ٻنهي ٻولين تي دسترس حاصل هئي، پاڻ عربيءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي. مخدوم “خليل” صاحب (وفات 1317هه) پنهنجي ڪتاب “تذڪره تڪمله مقالات الشعراءِ” ۾ سندس لاءِ لکيو آهي، ته هو لنواري وارن بزرگن جو مريد ۽ معتقد هو. ۽ احمد تخلص ڪري لکيو آهي. احترام وچان هنن لفظن سان لکيو آهي “سيادت، مرتبت، نجابت، منقبت” تنهن کانپوءِ نالو مير سيد احمد علي صاحب ڪري لکيو آهي.(22)
سيد احمد علي ستر ورهين جي ڄمار ۾ 9 رمضان 1320هه مطابق پهرين جنوري 1900ع ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾ موجود آهي، سندس نموني طور غزل هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي “خليل” صاحب تذڪره ۾ نقل ڪيا آهن.
دف بدســت نگار مــيــزيـبـد، يـار انـدر کـنـار مـيـزيـبـد،
بـوسه چـنـد هـر صبـاح ومـسـا، ازلـب لـعـل يـار مـيـزيـبـد،
همـچـو انجم بگرد ماهه رخش، خال مشک تتار ميزيبد،
کــاکـل اوســت خــم بــخـم آري، سنبل پيچيدار ميزيبد،
بـادههُ نـاب دريــهـار خوش است، ليک با گلعذار ميزيبد،
“احـمـد” حرف حرفِ نظم تو، چون گهر شاهوار ميزيبد. (23)
ديدهه ام دوش پري پيکر حوري عجبي، ماهه مظهر عجبي، مهر ظهوري عجبي. کَي شود تا بکشم ازکني آن شاهِه جهان، پر سريري عجبي جام سروري عجبي.
عشق يا قوت سرپنجہ بہ يکپاي نهاد،
دست زيري عجبي بازوري زوري عجبي.
“احمدا” هرکه رسد روشن پيدا بيند،
با حضاري عجبي شمع حضوري عجبي.(24)

سيد احمد عليءَ جي شعر جو بياض (قلمي) محترم سيد حسام الدين راشدي مرحوم وٽ موجود هو.(25)
ان کان سواءِ هڪ بياض “انتخاب ابيات احمد” نالي سان مرحوم مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي جي ڪتب خاني ۾ موجود هو، جنهن جو ذڪر پاڻ پنهنجي ڪتاب تذڪره تڪمله ۾ حاشيه ۾ ڪيو آهي، سندس اولاد نرينه ٻه پيدا ٿيا، عالم شاهه ۽ امين شاهه.

عبدالله سومرو (1844ع ــ 1908ع):
عبدالله ولد پيرل سومرو پنهنجي ڳوٺ سون مياڻي ۾ 1844ع ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل وڏا “دڳ” ڳوٺ تعلقو ڪنڌڪوٽ جا ويٺل هئا، پر پوءِ بعد ۾ لڏي اچي سون مياڻي ڳوٺ وسايائون، پاڻ راهڪي ڪندو هو، سندن تعليم ڪا خاص ڪونه هئي، البت قرآن شريف ناظره پڙهيل هو، پاڻ سهروردي طريقت جو هو ۽ ملتان واري بزرگ شيخ غوث بهاءُالدين ذڪريا جو مريد هو، سندس نصرپور جو مصري شاهه رضوي (وفات 1906ع) جو همعصر هو. مصري شاهه کان ٻه سال پوءِ وفات ڪيائين ۽ بچل شاهه (وفات 1906ع) به همعصر شاعر هو شاعري ۾ عبدالله تخلص استعمال ڪيو آهي.
عبدالله هڪ سٺو مولودي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس حضورﷺ جن جي سڪ سيني ۾ تمام گهڻي هوندي هئس، جنهن ڪري هن تقريبا سڄو ڪلام ان جي نذرانه عقيدت ۾ چيو آهي، سندس پنهنجو لکيل ڪوبه ڪلام لکت ۾ نه مليو آهي، البته هڪ مرثيو “انتخاب احمد” مان مليو آهي، عبدالله جا مولود ڪيترن ئي ماڻهن کي ياد هئا، پر افسوس جو اڄ اهي دنيا ۾ موجود ڪين آهن، سندس زندگي بابت، وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نموني طور هيٺ مرثيو پيش ڪجي ٿو.
هــئـي هئـي ڙي جـيـڏيـون وتـــــن ڇـڏيو ويـچـارن،
امــر مــڃــيــائــون الله جــو، رضــا مـــنـــجــهـه رهـن،
ڪـربــلا جـــي پــــڙ ۾، ٻــــاڏايــــو مــــعــــصــــومــــن،
دانــهـــون ڪــيــائــون درد مـــان نـــانـــون نــوڪــن،
بـــيـبـي پـئـي دهــمــان ڪـيـو، حـوران رت روئــن،
اچـي واهـر ٿيڙءِ وسيلا، منهنجا گوشا گام گسن،
ســڏڙا ســڻـي “عـبـدالله” جـا مـن سـيـد سـار لهن،
حــشـر ڏينهن قيام جي، منهنجا امتي امتي ڪن،
نيڻ ڀرجي آئيا، اتي رت روئن،
باري آ بي پرواهه، ته منهنجا جاني جدا ٿا ٿين.(26)

سن 1908ع ۾ وفات ڪئي ۽ چوهٺ وريهه ڄمار ماڻي، هن دنيا کي الوداع چئي هليو ويو. مزار مبارڪ ڳوٺ ۾ ئي هئي پر اهو ليٽ جي اچڻ سبب سڄو مقام لَٽجي ويو.
عبدالله انگريزن جو اوج پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏنو ۽ ان ئي دور ۾ وفات ڪري ويو، سندس شاعري مولودن، قصيدن ۽ مرثين تي مشتمل هئي، شاعري ۾ بحروزن جو خيال ڪونه ڪندو هو، جئين جو تيئن ئي چئي ڏيندو هو، نه ته هن دور ۾ بحروزن جي شاعري جو چرچو هلي رهيو هو. ان سبب ڪري مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي شاعري جيڪا ڇند تي ٻڌل هئي، تنهن کي بحر وزن تي نه ڏسي جهنگلي شاعري ڪوٺيو آهي. حقيقت ۾، عوام ۾ مقبول شاعري پنهنجي ديسي وزن واري ڇند تي آڌاريل آهي.



صاحبڏنو “صابو” (1845ع ــ 1905ع):
صاحبڏنو متخلص “صابو” (ٻيو) ولد بليل (ٻيو) (1780ع ـــ 1880ع)، محمد طالب (ٽيون) (1700ع ــ 1799ع) جو پڙپوٽو هو. آخري محمد طالب (چوٿون) (1862ع ــ 1942ع) جو وڏو ڀاءُ هو، سندس خاندان جا ڪافي فرد شاعر ٿي گذريا آهن، سندس جنم جي روايت هن طرح ٻڌائي وڃي ٿي، ته “اُن وقت پيدا ٿيو جڏهن، مير نصير خان وفات ڪئي ۽ انگريزن جي شروعاتي ٻن سالن اندر جنم ورتو.” ان مطابق سندس سن 1845ع بيهي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي.
ڪوي “صابو” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊو علي شير(27)لڳ محمد آباغ ۾ جنم ورتو. ۽ ان ئي ساڳي ڳوٺ ۾، سال 1905ع ۾ سٺ سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پاڻ سٺو شاعر ۽ عالم هو، عربي ۽ فارسي علم جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئس. پاڻ مدرسي ۾ معلم طور ڪم ڪندو هو. قرآن جي تعليم ڏيندو هو. هن دستاربندي ڪونه ڪئي هئي، ان ڪري مولوي ٿي نه سگهيو. هن عربي فارسي جي تعليم محمد آباغ جي جهوني مدرسي ۾ ورتي هئي. انگريز دور جو بهترين بيت گو شاعر ٿي گذريو آهي. غلام محمد شاهه “گدا” جو همعصر شاعر هو، جيڪو غزل جو تمام وڏو شاعر هو. سندس شاعري جو بياض وغيره ڪونه ٿو ملي پر زباني طور بيت مليو آهي ۽ ساڳيو بيت “انتخاب احمد” ۾ به نقل ٿيل آهي. سندس زندگي بابت وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي. نموني طور هيٺ بيت ڏجي ٿو.
نـــفــس نه جــاڳــيــو نــنــڊ مــان، پـر ته نه رهـئـيـن پــل،
صراط الذين “صابو” چوي، وٽ ڪاف پنهونءَ جي ڪل،
پــيــر گــهــمـايـا هـا بـادشاهه، مير مـڪـي جـي مـرسـل،
مــيــر مـڪي جـي مـلُ، ته ڪـئـي جــاري واٽ جــبــل،
ايـــڏا خـــوف خـــلـــل، لـــٿــا شـــهـــر ڀـــنـــڀـــور تـــان.(28)

صوفي سيد هاشم شاهه بخاري (1859ع ــ 1939ع):
سيد هاشم شاهه ولد سيد ٻڍل شاهه بخاري، متخلص “هاشم شاهه”، ڳوٺ الياس(29) تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ تاريخ 27 جولاءِ 1859ع ۾ والادت ٿي. تنهن بعد سندن وڏا اچي هميشه لاءِ ڳوٺ ماڙي(30) تعلقي لکي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندس تعليم فقط قرآن ناظره ۽ فارسي ۾ ڪريمه تائين، مولوي حافظ نور محمد ڳڙهي ياسين واري کان حاصل ڪيائين.پاڻ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو هو، صوم صلوات جو پابند ۽ تهجد نماز ۽ اشراڪ پڙهندڙ هو، زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو وقت قضا نه ڪيائين. سندس ڪافي مريد هوندا هئا، ان سان گڏ پاڻ محنت ۽ مزدوري به ڪندو هو. انگريزن جي دور جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪجهه ڪلام مليو آهي، جيڪو پاڻ قلمبند ڪيو هو، جيڪو قلمي صورت ۾ سندن پوين وٽ محفوظ آهي. قلمي ڪتاب ۾ نقش وظائف، طبي نسخا، دعائون ۽ سندس ڪجهه ڪلام جيڪو قافين تي مشتمل آهي. جنهن جو موضوع صوفيانه آهي ۽ همه اوست جي پرچار ڪري ٿو. ان ۾ صوفيانه نڪتا نهايت ئي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. سمورو ڪالام ڪيترو چيو ۽ لکيو، ان لاءِ يقن سان چئي نٿو سگهجي، ته ڪلام ڪيترو هو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. جيڪو ڪلام مليو آهي، سو سنڌي ٻوليءَ ۾ سليس لفظن ۾ ادا ٿيل آهي.
سيد هاشم شاهه اسي ورهين جي ڄمار ۾ 27 مارچ 1939ع مطابق 5 صفر 1358هه سومر ڏينهن ڳوٺ ماڙي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مرقد درگاهه حضرت نهال شاهه بخاريءَ (جيڪو سندن وڏو ڏاڏو هو) جي مقام ۾ آهي، جيڪو الياس جي سامهون مونگر واهه جي ڪناري تي آهي.
سندس نموني طور هيٺ ڪافي ڏجي ٿي:
آئـي مــوج مــنـصـوري مــدام، درد ونــد دل کـي دام،
سـر ڏيـڻ سـوليءَ چـڙهـڻ، اصل هـو مـنـهـنـجـو انجام.
ان الا الــحـــق الايـــــم، ســــولـــيءَ پـــاڻ ســــلـــهـــايـــم،
مــحـبــت مــچ مـچــايـم، ٻـاريـو عـشق آتش جو حمام،
مـــن خــدا، مــنـصـور ٿـي مــوج ۾، مــون چــيــو هــــو،
تـــو مــلان ســان مــقــابـلو ٿـئـي، جـن ڀـانـيو ٿي خام،
وري شـمـس الـحـق ٿـي آيـس اتـي، پـنـهنجو کيل کلايم،
بـيـخـوديءَ جـو بـار اٺـايـم، ڪاٿي گـولـن جــو غـلام،
بــيـرنـگ دي وچ رنـگـڙا لايم، هـر مظهر وچ پاڻ ڇپايم،
“هـاشـم” شاهه پنهنجو اسم ڌرايم، ڪاٿي عشق ها امام.(31)

صوفي سيد هاشم شاهه جي ڪافي تمام بلند پايه جي آهي. گمان غالب آهي ته هيءُ ڪافي سندس شروعاتي زماني جي هجي. جنهن ڪري فني لحاظ کان پختي نه آهي.
هونءَ به ڪي شاعر، جن تي قدرتي شعرالهام ٿيندو هو انهن ۾ خيال جو خاص خيال رکيو ويندو هو. باقي بحر وزن کي ثانوي حيثيت ڏئي ڇڏيندا هئا. سنڌي شاعرن وٽ ته پنهنجا وزن بحر ۽ گهاڙيٽا آهن. جن اهڙيون شيون چيون ۽ ٺاهيون آهن، جيڪي ٻين قومن جي ادب ۾ ڪونه ٿيون ملن يا جيڪڏهن ٻين ڌارين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ته به ان ۾ اهڙو رنگ ۽ ڍنگ ڀريو آهي، جو اصل شيءِ جو مزو ڏيندي، ائين محسوس نه ٿيندو ته هيءَ ڪا ڌاري صنف آهي. هونءَ ڪافيءَ جو موجد بابا بلهي شاهه کي چيو وڃي ٿو. جنهن بعد ڪافيءَ کي سچل سرمست (1739ع ــ 1839ع) اوج تي رسايو. مصري شاهه کي ڪافي جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. تنهن بعد بيدل ۽ ٻين شاعرن ڪافي کي نئون رنگ ۽ نئون موڙ ڏنو. سچل سرمست کي ڪافي کي بهترين انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کيس سرتاج الشعراءَ جو خطاب مليو، جنهن نه صرف سنڌي ۾ ڪافيون چيون پر ٻين ٻولين ۾ به چيون. صوفي هاشم شاهه کي نرينه اولاد، هڪ پٽ نالي احمد علي شاهه ڄائو، جنهن جو اولاد ۽ سندس وڏو فرزند سيد حاڪم علي شاهه مرحوم جو اولاد وڌيو. نرينه اولاد : چار پٽ (1) سيد ممتاز علي شاهه، (2) سيد انور علي شاهه، (3) سيد شرف الدين شاهه، (4) سيد اعجاز علي شاهه موجود آهن. سندس معتقدن ۽ مرادمندن جو چڱو حلقو هو، جيڪي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن ۽ ڪي گذاري ويا آهن. جن کي ڪافي ڪلام ياد هوندو هو.

حافظ هادي ڏنو (1860ع ــ 1917ع):
حافظ هادي ڏنو ولد حافظ عبدالرحيم ميمڻ ڳوٺ ماڙي تعلقه لکي ضلعي شڪارپور جو هو. تقريباً 1860ع ۾ سندس والادت ٿي ۽ 1917ع ۾ سندس وفات ٿي. سندس وڏا عالم، فاضل ۽ حافظ هوندا هئا، ۽ درس و تدريس جو سلسلو هلائيندا رهندا هئا. حافظ صاحب پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن حڪيم حفظ ڪيو ۽ پارسيءَ جي مڪمل تعليم حاصل ڪئي. ڦوهه جوانيءَ ۾ مجازي عشق جي چڻنگ چولي ۾ پيس، جنهن کيس مست بڻائي ڇڏيو. فراق جي ڦوڙائي دنياوي ڌنڌن تان دل کڻائي ڇڏيس، خانداني ليڪا لنگهي ۽ حياءَ شرم جا پردا لاهي ڦيريدار ٿي ڦرڻ لڳو. ماڻهن جي ۽ مائٽن جي ميارن، طعنن ۽ تنڪن مٿس ڪوبه اثر نه ڪيو. پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ محو ٿي عشق جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو. “المجاز قنطرت الحقيقت” مطابق مجاز جي منزل مان مستيءَ جي موج ۾ آيو ۽ طريقت جي تابع ٿي معرفت جي منزل ماڻيائين، سندس طريقت جو رهبر، ڳوٺ لونگاڻي تعلقي ڳڙهي ياسين جو پير حاجن شاهه هو. پر ٻين به ڪيترن ئي درگاهن تي حاضري ڏنائين. خاص طرح حضرت بيدل جي درگاهه تي گهڻو ويندو هو، موج ۽ مستيءَ ۾ کائنس عجيب ڳالهيون سرزد ٿيون.
فقير صاحب راڳ جو ڏاڍو شوقين هو. پنهنجي محلي جي ڀرسان واري مسجد جي اڳيان مڪان کڻي ٺاهيائين، جتي راڳ رنگ جي محفل گرم رهندي هئي، جمعي رات ته ٻيا راڳيندڙ به پري پري کان ڪهي، وٽس ايندا هئا ۽ چڱي چوڪڙي لڳندي هئي، فقير صاحب شعر چوندو هو ۽ پنهنجو ڪلام ڳائي به ٻڌائيندو هو.
حافظ صاحب سنڌي سرائڪي ۽ پارسيءَ جو اعليٰ درجي جو شاعر هو. سندس عزيزن جو چوڻ آهي ته سندس ڪلام جو هڪ ضخيم بياض هو، جو 1942ع جي ٻوڏ ۾ ضايع ٿي ويو، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ تمام ٿورو ڪلام هٿ آيو آهي، جو بينظير شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ دلڪش ۽ اثر انگيز نوع ۾ عرفان ۽ ايقان جا مسئلا سمجهايل آهن، منجهس عام صوفين جيان قال نه آهي، پر شاعر جي دل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، جيڪي جذبات اندر مان اٿيا اٿس، جيڪي قلبي وارداتون مٿس وارد ٿيون آهن ۽ جيڪي ڪيفيتون مٿس طاري ٿيون آهن، انهن کي سليقي سان شاعريءَ جو ويس پهرايو اٿس. اهوئي سبب آهي جو سندس شعر حضرت سچل سرمست ۽ حضرت بيدل جي شعر جون سڪون ٿو لاهي. هو سوز ۽ ساز جو صاحب هو سندس دل ۾ درد هو: سندس دل محبت آخرين واردات ۽ ڪيفيات جو آماجگاهه هئي. مٿس ذوقي ۽ وجداني ڪيفيتون جلوه ريز هيون، انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ اثر انگيزي آهي. دلڪشي آهي، درد آهي، رواني آهي ۽ رنگيني آهي. سندس ڪلام ۾ فصاحت آهي ۽ زبان ۾ سلاست آهي لطافت ۽ نزاڪت آهي ۽ سندس انداز بيان ۾ رس رچاءُ ۽ ميٺاڄ آهي. وڻندڙ ۽ انوکين تشبيهن استعارن سان ڪلام کي مزين ڪيو اٿس، اندروني قافين سان ترنم ۽ رواني پيدا ڪئي اٿس. فقير صاحب جي ڪلام تي بيدل ۽ سچل جي ڪلام جو اثر غالب آهي. بيدل فرمايو آهي:
ٿيءُ عيـب ۾ تـون عـيـب، لنگهي عيب ثوابون،
طــالـب نه ٿـي تــقــويٰ سـنـدو پيءُ شوق شرابون.
سچل سرمست طالب کي تلقين ڪري ٿو:
“ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو،
پاڻ بـيـگـانـو مـور نه ڄـاڻـيـن آهـيـن يـار يـگـانــو،
و نـفـخـت فــيـه مــن روحــہ، بــلـڪـل ڇـڏ بـهـانـو،
وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.

حافظ صاحب ساڳئي رنگ ۾ فرمائي ٿو:
مــلامــت لاڳ مـردانـا، سـمـجـهـن ڇـا مام ملوانا،
بنا هن نـيـنـهـن نادانا، توڙي بيحد بزرگ بڻجن.
حافظ صاحب پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ آهي، کيس شرم ۽ حياءَ جي پرواهه ڪانهي:
لام لڄ آسان نون نهين آوندي جڏان عشق ڪيتا اظهار،
برسر آيا بديان دا، ڪوئي برهـيـن ولا بار،
شــــرم حـــيـــا ويــوســيــن، لـغو ڪيتا لاچـار،
“حـافـظ” غـم انهانتون ڪيها، جنان عشق ڪيتا اختيار،
سچل پڻ اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي:
طـعـني تـنـڪي لـک لـک بديان، سانون سئنيان،
آکـين سـيالين تا هئي سياڻي، مئن اياڻي ٿئيان،
شرم حيا سڀ ڇوڙڳيوسي، عشق رانجهو دي کئيان،
سيني تي برهه بوراق دوڙائي، نيڻن وهنديان نئيان،

حافظ صاحب انهيءَ سلسلي ۾ منصور جو مثال پيش ڪري ٿو:
برهه بـدنـام جن چـايـو، حــلاجــي حــال تــن پـايـو،
قـرب مان ڪنڌ جن ڪپايو، صفا سورهيه سي سڏجن.
نه فقط ايترو، پر اڳتئي وڌي ڪفر کي به معرفت جي منزل جي ڪڙي سمجهيو اٿس.
ڪفر ڪماوين بهر پاوين ايوين پير، مغان پر جهايا،
شيـخ صــنــعــان جــهــڙي زاهــد طـالـع تــلــڪ لــڳــايــا،
ملڪان وچ مـشـهـور هـو يـا جو ڪامل ڪفر ڪمايا،
حافظ بن ڪفردي نه حاصل ٿيوي، توڙي ڪري سير سبحانا،
ڪفر ڪمائڻ مان مطلب آهي، پنهنجي وجود جي نفي ڪرڻ، صوفين جو خيال آهي ته نفي کان پوءِ ئي اثبات تي اچي سگهبو، سڀني صوفي شاعرن “نفي” يا “لا” کي وڏي اهميت ڏني آهي، سچل فرمائي ٿو:

لااِلله جــي شـيـشـي ڪـولـون مــاهــي مــک وکــا ويــگــا،
حافظ صاحب جي نظر ۾ عشق جو ئي مذهب ٿي الڳ آهي،
ديـن مـذهـب جـهـڙا دور نه اتهين، جـو سـيـر هـو يا سلطاني

عارف رومي فرمايو آهي:
مـلت عشق از همہ دينها جد است،
عاشقان را مذهب و ملت خد است،
حضرت سچل سرمست چوي ٿو:
مـذهـبـن مـلڪن ۾ ماڻهو منجهايا،
حضرت بيدل جو ارشاد آهي:
مذهب جو مونجهارو ڇڏي، ذاتي ڪنهن ڏي ڪاهه ڪر.
تصوف جي تلقين کانسواءِ سندس ڪلام ۾ جماليات جو جلوو به ملي ٿو، محبوب جون اکيون نئون نينهن لائي، چوريءَ يا
زوريءَ ســـنـدس دل ڦــــــري وٺـــــــن ٿــــــيـــــون،
“چشمان چوري ڪن زوري نئون لائي نينهڙو”.
انهيءَ چوريءَ يا زوريءَ ڪرڻ لاءِ پهريائين محبوب جا زلف کيس چڱيءَ طرح قيد ڪن ٿا:
“زوري زلـــف تـــنـــهـــنـــجي قــابو قيد ڪيڙو”
چوري يا زوري ٿي وڃڻ کان پوءِ ضرور آهه وفغان ڪرڻي پوندي، سو ويچارو حافظ به رات ڏينهن ٿو ڪري:
“راتيان ڏينهان ڪيان ريهان، وس ويچاريءَ ويڙو.”
فني لحاظ کان حافظ صاحب جا بيت ٽن قسمن جا آهن، پهريون قسم اهو آهي جو عام مروج آهي، جن جي پوئين سٽ جي وچتي قافيو ايندو آهي،مثلاَ حافظ فرمائي ٿو:
عــشــق جــنــيــن وٽ آئــيــو، نــانــگــا ٿيا نيهي،
حــســن ســڃــاڻــي حــق جــو، پاڻ منجها پيهي،
حافظ ڳالهه ڪريان ڪيهي، عشق جي هن عام سان.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ٻيا ورق مڙئي وار،
پنو پڙهي پريت مئون، ڪي اندر کي اجار،
اڳيان سخت ٻجهي سرڪار ڇڏ “هادي ڏنا” حرص کي.
اشـــرف تــون، انــســان ڀــلــو آهــيــن ڀــت تــي،
ڀـــلـــو آهـــيـــن ڀـــت تـــي، ڏســـي طـــبـــق تـــال،
رکـــــي دل دردن تــــي لـــوڙهـــي ڇـــڏيــــئه لال،
اهي عوشاقي احوال، ڪو پروڙيندو ڪِٿهين.

بيتن جو ٻيو قسم اهو آهي جن ۾ قافيو سڀني سٽن جي پويان اچي ٿو ۽ بيت چئن سٽن جو ٿئي ٿو، هي تجربو هندي سلوڪ جي بنا تي آهي، ۽ تمام ٿورن سنڌي شاعرن هن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، حافظ صاحب جو اهڙو بيت هيٺ ڏجي ٿو، هڪ بيت اڳ ۾ به اچي چڪو آهي:
نال ڪفردي جو ئي جالي، سو وٺندا رنگ رحماني،
ســارا ســر ســڃــاڻي اپــنــا، اصل هـويـا انساني،
دين مذهب جهڙا دورنه اتهين، جو سير هويا سلطاني،
حـافـظ بن ڪفردي نه حاصل ٿيوي، رندي راز رباني.

ٽيون قسم آهي لاڳيتن بيتن جو، يعني بيتن جو هڪ سلسلو آهي، جنهن جي سڀني بيتن جي پهرين سٽن جو پهريون اڌ هڪ جهڙو آهي، باڪمال شاعرن جهڙوڪ: حضرت شاهه عبدالطيف ۽ بيدل انهيءَ قسم جا مسلسل بيت چيا آهن، حافظ صاحب جو مسلسل بيت ملاخطه فرمايو:
عــشــق جــنــيــن وٽ آئيو، ســي نـانـگـا ٿـيـا نروار،
صـحـيـح صـورت ۾ ڏسـي، دوســت ســنــدو ديــدار،
وساريي وجوف کي لنگهيا گرد غبار،
“حافظ” جت چشمن ڪيو چمڪار، تت ڪوپن ڪنڌ ڪپائيو.
عـــشــق جنـيــن وٽ آئـيـو، سـي نـانگا ٿي نچن،
چـشـمـن جـي چــوغــان ۾ ســارو ســر ســٽــيــن،
طعني تنڪي لـوڪ جـي مانـجـهـي ڪين مڙن،
“حافظ” اوري ڪين اچن، بنا حسرت حسن جي.

هن سلسلي جو ٽيون بيت اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن سلسلي جا ٻيا به بيت هجن، پر اسان کي هٿ نه آيا آهن، حافظ صاحب سه حرفي چئي آهي، اسان کي سه حرفيءَ جو فقط هڪ “م” وارو بيت ملي سگهيو آهي، جو اڳ ۾ اچي چڪو آهي، حافظ صاحب جون ڪافيون به نهايت پخته آهن ۽ فني لحاظ کان، ٻه ٺپيء کان چوٺپيءَ تائين آهن، ٻه قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.(32)
پـــايــو جــن طـوق لـعـنـت جـو، اصـل عــاشــق اهــي چــئــجــن،
بــــــرهه بـــــدنـــــام چــــايــــو، حـــــلاجـــــي حـــــال تـــــن پـــــايـــــو،
قــرب ۾ ڪــنــڌ جــن ڪــپــايــو، صــفــا ســوره اهــي ســڏجــن،
بــــرهه جـــو بـــار ســـر بـــاري، طـعـنــا تــنــڪــا خــلــق خــواري،
اتــي ڪــئــي عـشـق اظــهــاري، مــلامــت لــئه نه مـلـهه مـڙجـن،
مـــلامــــت لاڳه مـــردانـــا، ســــمـــجـــهـــن ڇــــا مــــام مـــلـــواڻـــا،
بــنــا هــن نــيــنــهـن نــادانــا، تــوڙي بـــيـــحــد بـــزرگه بــڻــجــن،
“حافظ” سڻ عشق دي ڳالهيان، وحدت دا جام وصل واليان،
عـشـق دي الـٽـيـان چـالـيـان، سوريءَ سر چوٽ نه چڙهجن.(33)

مٿين ڪافي چئه ٺپي آهي، هيٺين ڪافي ٻه ٺپيءَ جو نمونو پيش ڪري ٿي، ۽ وائي جي ٽيڪنڪ ۾ نباهيل آهي :
پـــــخـــــتـــــو پــــنــــهــــل يـــــار تــــو ســــان پـــيـــچ پـــيـــڙو،
زوري زلــــــف تـــنـــهـــنـــجـــي، قــــابـــو قـــيـــد ڪـــيـــڙو،
چــشــمــان چــوري ڪــن زوري، نـئـون لاهـي نـيـنـهـڙو،
راتــيــان ڏيــنــهـان ڪـيـان ريـهان، وس ويچاريءَ ويڙو،
“حــافــظ هـادي” اڳيون مهدي، گهوريان جان جيئڙو.(34)

ميان عبدلله “راهي” لکوي (1860ع ـــ 1940ع):
حڪيم مولوي عبدالله “راهي” ولد ڌڻيءَ ڏنو مهر، پنهنجي آبائي تاريخي شهر لکيءَ ۾ 1860ع ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم لکيءَ ۾ ئي ورتائين، 1878ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان شڪارپور سينٽر مان پاس ڪيائين 1880ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو، عربي فارسي جي ڪجهه تعليم پنهنجي مرشد خواجه محمد سعيد مڪي لنواري واري وٽ حاصل ڪيائين ۽ ڪيترن ئي عالمن وٽ درس حاصل ڪيائين، 1900ع ڌاري هن دستاربندي ڪئي.
زندگي جو تمام گهڻو حصو لنواري شريف ۾ گذاريائين ۽ نوڪري به اتي ئي ڪيائين، لکيءَ جي ساداتن سان دوستي هئڻ ڪري حڪمت جي فن ۾ ڀڙ ٿيو، مرحوم غلام شاهه لکوي جو همعصر هو، جيڪو وقت جو تمام وڏو حڪيم هو، جتان هن حڪمت سکي، سندس خاص مشغلو حڪمت ۽ شعرو شاعري هو، پنهنجي ڪلام ۾ “عبدالله ۽ راهي” لکوي جي نالي سان تخلص استعمال ڪندو هو، جڏهن هن جي عمر 35 ورهيه ٿي تڏهن کان هن شعر چوڻ شروع ڪيو، هن پهرين پهرين مدح لکي جنهن ۾ پنهجي مرشد جي تعريف ۽ ثنا خواني ڪئي آهي، پوءِ هن جي شاعري جي ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. هن “ڪافي، حمد، سه حرفي، غزل، قصيدو، مدح، مولود، مرثيو” جهڙيون صنفون لکيون آهن.
سندس قلمي بياض اڄ به پوين وٽ محفوظ آهي، جيڪو راقم خود ڏٺو، سندس همعصر شاعر امام بخش خادم ۽ رکيل شاهه آهن، امام بخش خادم سان ته رهاڻيون به ٿينديون هيون ۽ پنهنجو ڪلام هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا، جنهن ڪري ڪجهه ڪلام امام بخش خادم پنهنجي بياض (قلمي) ۾ ڏنو آهي، پاڻ عربي، فارسي جا لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيا آهن.(35)
ميان صاحب جو گهڻو ڪلام پنهنجي مرشد جي شان ۾ چيل آهي، سندس ٽي تصنيفون مليون آهن (1) مدح حضرت سلطان الاولياءِ خواجه محمد زمان لنواري”(2) مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي بيتن جي شرح” (3) خطبات نماز، (4) بياض عبدالله ملن ٿا.
ميان عبدالله جو ڪافي ڪلام، مرحوم باغ علي شاهه لکوي پنهنجي اخبار هفتيوار “پيغام ڪل” (جيڪا ٽنڊي جان محمد مان نڪرندي هئي) ۾ ڇپيو آهي، ان کان سواءِ حڪيم باغ علي شاهه لکوي صاحب ڪتابي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ شاعري ڏني اٿس، اڪثر ڪري ميان صاحب جي شاعري لنواري وارن بزرگن جي شان ۾ چيل آهي، ڇاڪاڻ جو باغ علي شاهه به لنواري وارن بزرگن جو مريد هو.
سيد باغ علي شاهه، چار ڪتاب سلسلي وار ڪڍيا ان ۾ مختلف شاعرن جي شاعري ترتيب ڏئي، مرتب ڪري پريس هيٺ آڻي پڌرا ڪيا، پر ان ۾ سموري شاعري لنواري وارن بزرگن جي شان ۾ چيل آهي.
ميان صاحب شاعري سان گڏ هڪ سٺو نثر نگار به هو، جنهن ۾ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي بيتن شرح لکي آهي، سندس شاعري ۾ ڪيترائي شاگرد ٿيا جن مان شفيع محمد لکوي، حافظ حاجي سومرو لکوي قابل ذڪر آهن.
حڪيم ميان غلام شاهه (اول)، حڪيم آدم ميمڻ لکوي، همعصر هئا. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، سٺو سماجي ورڪر به هو، غريب ماڻهن جا ڪيترائي ڪم ڪيائين، غريبن بيمارن جو علاج مفت ڪندو هو، ان کان علاوه روزي نماز جو سخت پابند هو، زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو وقت قضا نه ڪيو، سندس شاعري تي نظر وجهبي ته اسان کي قصيدو، مولود، مرثيه، مدح، سه حرفي ۽ ڪافيءَ جو پختو شاعر نظر ايندو. سندس رچنائن تي مذهبي رنگ رچيل آهي، حمد، خدا جي ثنا سان گڏ مرشد جي ثنا به وڏي عقيدت سان دل کولي ڪئي آهي.
سندس اولاد نرينه، هڪ پٽ لطف الله نالي، جيڪو سکر ۾ ملٽري روڊ تي حڪمت جو ڌنڌو ڪندو هو، ميان صاحب کي ٻه گهرواريون هيون پهرين مان ڇهه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، جيڪي سڀ فوت ٿي ويا، ٻئي گهر مان ٻه پٽ ڄاوا پر هڪ فوت ٿي ويو باقي هڪ زندهه آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو. پاڻ اسي ورهين جي ڄمار ۾ 30 آڪٽوبر 1940ع مطابق 27 رمضان 1359هه بروز اربع هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس نموني طور ڪجهه شاعري هيٺ ڏجي ٿي.
ميان عبدالله لکوي جو والد صاحب ڌڻي ڏنو ميرن جي دور ۾ قاضي هو، ان وقت قاضي کي منشي به چوندا هئا، ان ڪري اڄ ڏينهن تائين هن خاندان تي منشي جو لقب پئجي ويو، پاڻ شعر شاعري جي سکيا به پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان لنواري شريف جي ڇهين گادي نشين خواجه محمد سعيد مڪي(36) کان ورتائين، پاڻ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جا شاعر هئا بلڪه عربي، فارسي جا به سٺا شاعر هئا، سندس هڪ عربي شعر جو نمونو مليو آهي، باقي فارسيءَ جو نمونو ملي نه سگهيو آهي، سندس فارسيءَ جو سمورو ڪلام ضايع ٿي ويو آهي، جيڪو پوين وٽ محفوظ رهي نه سگهيو، حضور اڪرمﷺ جن جي شان ۾ به ڪافي ڪلام چيو آهي.
ڪــــافــــي
مـانـجهي اچيو ميخان ۾، سورهيه سوين سرٿا ڏين،
پـنـهـنـجـو پـڌر ڳـجهه پاڻ ڪيو، آگي اچي انسان ۾،
پـــانـــوَ انـــهـــيءَ پــهــه پـُورجي جـلنـدا وتن جولان ۾،
سـي ڪيئن جڏا جڳ ۾ جين.
بـيـٺـا سـڄـڻ سـي سـامهون، محبت سندي ميدان ۾،
مــڃــئــون شـهــادت شــوق مـان، عـاشـق آيا ايمان ۾،
پـڙ کان نه سي پاسي ٿين.
صـاحــب لکين صـفـتون سندن قادر ڪيون قرآن ۾،
ڪــنــڌ قــتــل کــان نـا ڪـڍن، فـائـق آهــن فــرمــان ۾،
پُـر جــام هــو پـلـپـل پـيـن.
“عـبـدالله” اها عبرت ڏسي، هر ڪو پوي حيران ۾،
مـشـتـاق ٿـيـا مـحبـوب جا، سدا نيهن جي نيشان ۾،
حب ڪا اٿن اندر هِيَنِ.(37)
ميان عبدالله لکوي، امام بخش “خادم” شڪارپور جو همعصر هو، امام بخش خادم سان سندس دوستي 1881ع ۾ ڪشمور ۾ ٿي، جنهن سندس ڪلام، پنهنجي بياض ۾ قلمبند ڪيو، سندس مٿين ڪافي ڪليات خادم ۾ ڏنل آهي.(38)
سه حرفي جو نمونو:
الف: الوف گـذاريـان هـر تـو حق تـعا لـيٰ جـا،
خـالـق مـالـڪ ڪـل، خـلائـق مـالـڪ مـحـالا جـا،
نرمل نور نبيءَ سڳوري، اڪرم امجد عالاجا،
مرشد مشفق لال لواري الرحم الرحم عالا جا،

ب: بي عام مدام وتان ٿو ڦرندو خولرن خوف خيالن ۾،
ابتر آءُ اچي ٿيو آهيان، اقبح عيب افعالن ۾،
جال ٿيا جنجال وڌي ويو ور وير وبالن ۾،
ان کان آءُ اوهان در آهيان، صبح و شام سوالن ۾،
مهر هينئر ڪيو مون تي نور رکيو نقابن ۾.

ت:ترس وڃايو هرس هوا هن دنيا دونگي جي،
ڪارو سارو قلب ڪيو آهن ڪسنگ ڪرنگ ڪرنگي جي،
نياز نماز وساريم سڀ آ گداز ڍنگي جي،
ان کان آءُ اوهان در آهيان ننگو پر و زندگيءَ جي.(39)



انسان کي عبادت جي هدايت ڪري ٿو، هڪ ڪافي ڏجي ٿي:
غفلت اندر غافل ستل، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح، ڇڏ ڪاهلي ڪاهل ادل، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح. هي وقت جاڳڻ جو اٿئي، اُٿ ننڊ جو ويلو نه ٿي،ڪر ياد قادر کي اٿي، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڏس جـــو پــکــي به پــرجـهه سـڀ، جـاڳــي ڪــرن ٿــا يــارب،
تـون نـنـڊ ۾ هَئي هَئي عجب، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڪيئن وار ڪارا ٿيا اڇا، ڪيئن موت ماريندءِ نه ڇا؟
ٿيندي نه تو کان ڇا پڇا؟ اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڇـڏ نـنـڊ ٿـي دادا سـجـاڳ، هـي نــنــڊ نــســوري ٿــي نـڀـاڳ،
ڪـر بـنـدگـي تـان لـڳـئـه ڀـاڳ، اُٿ جـاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
شيطـان جــادو ورتــئــي چـيـو، بـيـزار رب تــو کــان ٿـيـو،
هي ڪيس تو ڪيڏو ڪيو، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح..
شيطـان جــادوگــر اٿــئـي، جــنــهــن زهـر ڦـيـري کـنـڊ ڪئي،
نـنـڊ کـنـڊ نه ڀـائـج زهـر ٿـي، اُٿ جـاڳ جـو ٿـيـو ٿـي صبح.
الـنـوم اخـدالـمـوت ٿـي، يـعـنـي سڳي ڀيڻ موت جي،
هيءَ ننڊ پيرن جي پٽي، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
آيـــو صـبـح جـــو گـــل ٽـــريـــو، خـوشـبـو سـان سـارو ڀـريـو،
وٺ واس، نه ته ويــنــدءِ وريـو، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
جـاڳـي صـبـح جــو بــاغ ڏس، مـيـوا پـڪـل ان جــا به پَــسُ،
ميون سنڌي چک چاس چس، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڌرتيءَ تي جيڪو سر ڌري، سجدا سچيءَ سچي رب ڪري،
سـوڀ لهي جيڪي گهري، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.(40)

هيٺ هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ “راهي” صاحب سٺو رنگ ڀريو آهي:
غـــــزل
عــشــق آتـش ٿـي انـدر ڌونـڪـي ڌپي،
صـبـر سامان ٿو سڙي چوءنڪي چپي.
آســمـان دل جـي تـي اُڀـريو سـور سج،
تــاو تـنـهـيـن جي کان سدا ٿو تن تپي.
عـــشـــق جــو دريــاءُ آ اونـهـون گــهـڻـو،
ڪـو مـــاڻـــهـــو نـاسـگـهـي مـاپـي مَپي.
راهه ۾ گـــپ چـــڪ اڻــاوا لاهه چــاڙهه،
رهــنــمـا ريءَ ســوار جــو گهوڙو گپي.
چيٺ سان هـل پــڻ چڱي پرچُست ٿي،
آرســي اوراق رک ٺـــهـه ڦــــهـه ٺـــپـــي.
يـار گـل رخـسـار جـي مـون وٽ اچــي،
دل ٽــپــي جــيــئــن گـل اتي بلبل ٽـپي.
“لطف” مصرع تو سنڌي دل سان لڳي،
رُمز رانجهن جي نه ڪنهن ڇند سان ڇپي.
“راهـــيـــا” الــــفــــت رکــــي الله ســــان،
جهد ڪرڪي وٺ جواني ۾ جهپي.(41)





فيض درياهه شاهه (1863ع ــ 1907ع):
سيد فيض محمد شاهه عرف فيض درياهه شاهه ولد سيد پيرل شاهه جيلاني رحه هنباهه (انباهه) ڳوٺ جو ويٺل هو، جو تعلقو لکي ضلعي شڪارپور ۾ چڪ شهر جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، سندس ولادت 1283هه مطابق 1863ع ۾ ٿي ۽ 11 شوال 1327هه مطابق 18 نومبر 1907ع بروز سومر تي وفات ڪيائين، سندس والد بزرگوار نوشهري جي نقشبندي بزرگ شاهه نصير جو طالب هو، پاڻ به ان درگاهه تان فيض پرايائين، ظاهري تعليم به نوشهري جي سيد ڏنل شاهه(42) کان حاصل ڪيائين، جو پڻ نوشهري جي نقشبندي درگاهه جو طالب هو، استادن کان سنڌيءَ کان سواءِ فارسي به پڙهيو، فارسيءَ ۾ شعر به چيو اٿس.(43)
“ڪيترن ئي الله جي ٻانهن کي روحاني فيض سان مستفيض ڪيائين، ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس مريد هئا، سندس خاص طالبن مان ميرل فقير، رکيل فقير، لونگ فقير ۽ شيرل فقير جا نالا قابل ذڪر آهن، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داتا ولايت علي شاهه کي سندس طالبين مان ڪري لکيو آهي. حالانڪه ولايت علي شاهه سندس وفات کان چار سال پوءِ پيدا ٿيو. ميرل فقير، سندس تمام پيارو طالب هو. ان تي ايترو ته راضپو هوس جو پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي نالي بدران ميرل جو نالو آندو اٿس.”(44)
“سندس ڪلام سچل ۽ بيدل جي تتبع ۾ رندي ۽ سرمستيءَ جو ترجمان آهي، هو سچل سرمست جيان همه اوست ۽ اناالحق کي کلم کلا بيان ڪري ٿو ۽ هيڏي هوڏي، اندر ٻاهر هڪ ئي پسي ٿو، پير مغان جي رهبريءَ ۾ هو شريعت جي حد کان اڳتي وڌي معرفت جي منزل ماڻي ٿو، جنهن ڪري هو پنهنجو پاڻ سڃاڻي اناالحق جو نعرو هڻي ٿو، هڪ ڪافيءَ ۾ اهو مضمون هن طرح آندو اٿس:”(45) سيد ڏنل شاهه اصل تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ “عظمت” جو ويٺل هو ۽ شاهه نصير جو طالب هو.
هــوڏانـهـن هـلـي اسـلام کـئــون، ڪـفـر ۾ ڪــاهـي آيــاســي،
ســـچـــي سـتـگـر بـــات بــتــائــي انــحــد واري ڦــوڪ ســنــائــي،
انـــدر ٻــاهــر هـــڪ هـــڪـــائـــي، جـــڻــيــا تـــلــڪ لـــڳـــايــاســي.
دين مذهب ڇڏياسين ٻوڙائي، قرآن ڪتاب سڀ ئي لوڙهائي،
مــٿــي عـرشـن تـنـهـنـجـا خـيـال اڏائـي، پـيـر پـريـت ۾ پاياسي.
رمــز رنـديءَ جـو ورتــو سـي چـارو، نـاس ڪــيــو ســي هي جڳت سارو،
انــاالــحــق جــو مــاري نــعــرو، ســـولـــيءَ ســـر چـــڙهـــايـــاســـي.
جام پريم جو ساقي پلايو، ترڪ ڪيو سي ڪايا جو ڪائو،
الانساني سڀ نور سمايو، “ميرل” کيل کلاياسي.(46)


ٻـي ڪافيءَ ۾ انـالـحق جو مفهوم هن طرح بيان ڪيو اٿس:

“انالحـق جو ماريان نعرو، اڳي ڪيان ٿو پـــڙلاءُ، هن دن رين کئون،
رمان ٿو وري راهه ازلي، اڳي ڪيانٿو لقاءُ، قرب ڪونين کئون”.(47)
“زبان جي لحاظ کان ڏسبو ته سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ ويدانت جي هندي اصطلاحن جو حسين امتزاج نظر ايندو، هندي لفظن ۽ اصطلاحن کان سواءِ سنڌي شعر ۾ سرائڪي لفظ ۽ ترڪيبون به استعمال ڪيون اٿس، فن جي لحاظ کان سندس ڪافيون ٻيڻيون ۽ ڏيڍوڻيون به آهن، ته وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي به ٻڌل آهن، سندس ڪافيون، رس، رچاءَ ۽ روانيءَ کان خالي نه آهن، آخر ۾ سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي، جيڪا گهڻي مشهور آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس رس ۽ رچاءُ گهڻو آهي، منجهس رنگيني ۽ رواني آهي ۽ تجنيس حرفيءَ جو سهڻو استعمال به آهي، ٽيڪنڪ جي خيال کان وائيءَ جي فن جي موجب آهي”(48)
لـنـو لـنـو ۾ لـوري لائـي ويـا، جـانـب جـوت جــاڳـائــي ويــا،
ونـــحـــن اقـرب ويــجــهــڙو، بــرهــيــن بــابــت بــتــائــي ويــا، مــرلـــيــون ســرلـيـون نــاد نـفـيـلا، ويـراڳـي ته وڄـائـي ويـا،
پـــاڻ پــيــهــي ويـــا پــورب ۾، لاحـــد خــيــال لـــڏائـــي ويـــا.
“فـيـض شاهه”، سائينءَ فيض رسايو، ناچو نينهن نچائي ويا.
“مـيـرل” مــون مـاڙيــچــن، گـهـورن سـان دل گــهــائــي ويــا.(49)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ فيض دريا شاهه جي ولادت جو سال 1280هه ۽ وفات جو سال 11 شوال 1325هه سن ڄاڻايو آهي، مگر عيسوي سن ڪونه ڏنو آهي.
پر پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ 1279هه ولادت جو سال ڄاڻايو آهي، انهن ٻنهي مصنفن جي لکڻين ۾ هڪ سال جو تضاد نظر اچي ٿو، پر راقم الحروف، ڊاڪٽر مجيد سنڌي جي ڏنل سن کي صحيح سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ جو راقم پاڻ فيض درياهه جي درگاهه تي وڃي سندس ولادت جي سن متعلق وضاحت طلب ڪئي، جن ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب وارو 1280هه سن ٻڌايو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي.
“فيض درياهه شاهه صاحب پنهنجي وقت جي عالمن ۽ فقيرن سان ملاقاتون ڪيون، مختلف درگاهن تي به ويو جتي هن فيض پرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن سان هن جون روح رهاڻيون ٿيون، تن ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻي (1809ع 1877ع) ۽ فقير موهن آهوجا (1845ع 1925ع) نالا قابل ذڪر آهن، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽان قرآن پاڪ ناظران پورو ڪيو، سيد صاحب جو ڪلام جهجهو آهي، جيڪو سچل سرمست درازيءَ ۽ بيدل روهڙائيءَ جي تتبع تي رنديءَ ۽ سرمستيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو جيڪو “همه اوست” ۽ “اناالحق”(50) جي ساک ڀري ٿو، سخن جي سلسلي ۾ سندس ڪافيون، جهولڻا، بيت ۽ مولود ملن ٿا، جيڪي سنڌي زبان کان سواءِ فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ به قلمبند ٿيل آهن “زليخان سر” ۾ 73 مصرعن تي مشتمل هڪ طويل فراق نامو به آهي، جيڪو حالانڪه عروضي اعتبار کان پورو نه آهي، تاهم به ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت ئي سپڪ ۽ سوادي معلوم ٿئي ٿو، منجهس جوش ۽ جذبي سان گڏ رس، رچاءُ ۽ رواني به ججهي نظر اچي ٿي، مطلب ته سندس ڪلام ۾ صوفيانه نڪتن کان علاوه رندي رمز به سمايل معلوم ٿئي ٿي، سيد صاحب، سچ پچ “فيض جو درياهه” هو، سندس هندو خواهه مسلمان طالبن ۽ عقيدتمندن جو ڳاڻيٽو به جهجهو هو.”(51)
سر شام ڪلياڻ مان هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي جيڪا وائي جي ٽيڪنڪ تي آهي:
عــاشــق پـنـهـنـجـي خيال کي مٿي عرش امـاڻـيـون امـاڻ.
فـاذ ڪروني اَذ ڪُرڪُـم، روح وحـدت ۾ ورڻـيـون واڻ.
مُـــــوتـــــوءَ واريءَ مــــــوج ۾ هــــمــــت ڪــــر ڪــــا هــــاڻ.
هُــوَ الـحق انـاالـحـق، چـئـي ڪـري رَههُ اصل جي اُهڃاڻ.
اِنَ الله يــــــــــــا مُــــــــــرُکُــــــــــم، چـــــئـــــي پــــــاڻ نه آڏو آڻ.
رايــتُ ربــي بـــعـــيـــن ربـــي، ڪـــانـــهـــي تــوکــي ڪــاڻ.
انـتـم الــفــقــراءِ الــي الله، وٺ ســچ صـفـائي جــي کــاڻ.
هـوالاول ڪــمــاهُــوَ فِـي الازل، ريـجـهـي ڪرتـون رهاڻ.
يـــهـــد الله لِــنــورهِ مـَن يَــشــاءُ، وڃـي مــوج الاهـي مـــاڻ.
سَر سِـري، اَن ساڳيو ئي، “ميرل” طرف ميخاني تاڻ.(52)

هيٺ ٻي ڪافي به ڏجي ٿي، جيڪا به وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ ڪافي روپ جهنگلو مان آهي، سڄي ڪلام ۾ اناالحق جو آواز ٿاريو آهي، سچل سرمست کان پوءِ هن ئي کلم کلا انالحق جو آواز بلند ڪيو آهي.
مٿي اُڏاڻو باز، ڪپي، ڪپي مُردان ڪُلئي.
اچـي اندر مئون پـيـدا ٿيو، انالحق جو آواز.
ثابت نينهن نفي ڪيو، سڙيو هئڻ جو ساز.
بـيـخودي جـي بـحـر ۾، شـوق ٿـيـو شـهـبـاز.
“مـيرل” هــن مـسـڪـيـن تــي ٿــيـو الاهي راز.(53)

راقم جڏهن فيض درياهه صاحب جي پوين سان مليو ته سندس رسالي بابت پڇيو جن چيو ته مڪمل سهڙيل ۽ ترتيب ڏنل رسالو هو جيڪو ميلي جي وقت ڪوئي چورائي ويو هو، ان سبب ڪري درگاهه تي رسالو موجود نه آهي، البت شاهه عبدالطيف لائبريري چڪ شهر ۾ سندس ڪلام موجود آهي جيڪو اتان جي نوجوان، رشيد احمد چڪوي ۽ نذير “ناشاد” سومرو جهڙن سهيڙيو هو پر مڪمل سهيڙي نه سگهيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ قلمي رسالو موجود آهي، جيڪو پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي سيهڙيو هو. 1934ع ۾ قلندري خطاب (داتا فيض درياه جو ڪلام) جي نالي سان محمد هدايت علي نجفي تارڪ تنيو سهيڙيو هو، جنهن کي عبدالغني اياز ڀٽي سوڌي سنواري 2002ع ۾ ڇپايو 192 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 103 ڪافيون ڏنل آهن جن مان 12 ڪافيون سرائڪيءَ ۾ آهن. 17 جهولڻا ڏنل آهن. ان کان سواءِ 3 کن ڏوهيڙا ۽ مڪتوبات ڏنا ويا آهن. ۽ فارسي غزل کي سنڌي روپ ۾ آندو آهي.

محمد طالب (1862ع ــ 1942ع):
محمد طالب (چوٿون) بن بليل خان (ٻيو) (1780ع ـــ 1880ع) بن صاحبڏنو (اول) (1760ع ـــ 1890ع) بن محمد طالب (ٽيون) (1730ع ــ 1799ع) پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو، سندس خانداني شجري مطابق ولادت باسعادت 1862ع ۾ ٿي، صاحبڏنو “صابو” (1845ع،1905ع) سندس وڏو ڀاءُ هو، سندن وڏا اصل ڪچي جي ڳوٺ سون مياڻي ۽ ڌاران پور جا هئا، جتان مهراڻ جي بي لغام لهرن سبب لڏي اچي ٽنڊي ۾ ويٺا هئا، هي “طالب” به اصل وڏي طالب (اول) جي خاندان مان هو.
انگريزن جي دور جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، کيس شاعري جو ڪافي مطالعو هو، کيس عربي ۽ فارسيءَ جي به ڄاڻ هئي، شاهه لطيف جي شاعري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ڪي ڪي بيت ته شاهه لطيف جي بيتن جو مفهوم بيان ڪن ٿا، ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي سر وار آهن، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس ڪو شاعري جو مڪمل رسالو هجي، جيڪي به بيت مليا آهن اهي سيني به سيني زباني طور مليا آهن، جڏهن راقم ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ پئي قلمبند ڪئي ان وقت، جيڪي به ملي سگهيا انهن کي سهيڙي هڪ جدا رسالي جي صورت ڏني ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪل ڇٽيهه بيت آهن جيڪي مختلف سرن تي ٻڌل آهن. سندس بيتن ۾ لفظّ تمام سادا سلوڻا استعمال ڪيا آهن، پاڻ صوفي خيالن جو ماڻهو هو، جنهن جو ثبوت سندس ڪلام مان ملي ٿو، سندس مڪمل ڪلام جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويو؟ ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته درياهه جي ليٽ (ٻوڏ) ۾ لڙهي ويو، بيت هڪ جهوني سگهڙ شاعر فقير سلطان احمد سومري کان مليا جنهن انٽرويو دوران ٻڌايا هئا. محمد طالب واڍڪو ڪم ڪندو هو پنهنجي فن ۾ تمام گهڻو ماهر هو ۽ بهترين ڪاريگر هو. سيد گل محمد “گل” ٽنڊائي، جمن شاهه ماڙي واڙو ۽ فيض درياهه شاهه هنباهه وارو ۽ ميان عبدالله لکويءَ جو همعصر شاعر هو، سندس شاعري ۾ وڏو ڀاءُ صاحبڏنو “صابو” استاد هوس، پاڻ 10 ڊسمبر 1942ع مطابق 1 ذولحج 1361هه خميس ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
جيڪي شعر مليا آهن انهن جو سروار تفصيل هن ريت آهي سر “ڪلياڻ” مان ستاويهه بيت ۽ سر “يمن ڪلياڻ” مان چار ۽ سر “نوري ڄام” مان هڪ ۽ سر “سارنگ” مان چار مليا آهن جن مان ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. راقم سندس ڪلام کي سهيڙي مقدمو لکي ڇپرايو آهي. جيڪو “ڪلام طالب” جي نالي سان 1985ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم شايع ڪرايو. سر ڪلياڻ مان بيت ڏجن ٿا:
سر ڪلياڻ
آهي اصل کان اول اعلى،
قادر جي قدرت ڳڻجي ڪين مالها،
اٿي “طالب، هڻ ڀالا شري شيطان کي.
*
ڪريان ساراهه سچي ڌڻيءَ جي ڪهڙي،
جنهن جوڙ جوڙي جهان جهڙي،
ڇا چوان ههڙي، ڪريم جي ڪرامت.
*
هيڪڙائي جو مالڪ آهي پالڻهار،
هر دم لهي سڀن جي سار سنڀار،
لکين لائق انبار، جنهن جوڙيو انسان کي(54).
*


سر يمن ڪلياڻ
آءٌ آهـــــــــــيان ازل کــــــــان عليل،
منھنجي درد جـــــــو دارون سڀ جليل،
ويـــــــڄن جـــــــا دارون آهـــــن دلـــــــيل،
اهڙوئي آهي خليل، جو مھر ڪندو مريضن تي.
*
شرڪ مـــان شفا ڪـــــنھنجي نــــــه ٿئي،
ســـــــور ســــــــدا ڪين ڪنھنجو لھي،
اهڙو جام جنت جو پيئي، جو مرض وڃي مري.
*
“طــــــــــــــالب” جــــــــــــــــي تـــــــــــــــنوار،
ســــــــــڻ مـــــنھنـــــــجا ســــــــــــتـــار،
آهـــــــــــيان گهــــــــــــڻو گـــــنهـــــــگار،
ڏيندين شفادار، شفا پنهنجي مھر سان(55).


سيد جمن شاهه “يقين” (1874ع ــ 1924ع) :
سيد جمن شاهه ولد اُڀن شاهه بخاري پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙي ۾ سن 1874ع ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي، سنڌي لکي پڙهي ويندو هو، سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي فقيري طرف هو، سندس ڪافي مريد خادم هوندا هئا، سندس ڪرامتن جي وڏي لسٽ آهي، پڇاڙي واري عمر ۾ مست ٿي ويو هو، سڀ لوڙها لتاڙي وڃي معرفت جي ماڳ تي رسيو هو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي، سندس فقيريءَ جو نالو “يقين شاهه” يا يقين فقير” هو جان محمد شاهه سيوهاڻي جو مريد هو ۽ سندس طريقت جو سلسلو حامد شاهه لڪيءَ واري سان وڃي ملي ٿو، سندس ڪيترائي مريد ۽ طالب ٿيا، جن مان جمن شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي: جنهن جو مريد وري سندس فرذند غلام محمد شاهه مست ٿيو، سائين جمن شاهه اٽڪل 1924ع ۾ 50 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، چڱو شاعر هو سندس ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون.(56)
ڪـــافـــي
شـــهـــر شــڪــارپــور جــو گـــهــمــن بــازاري،
وڃـي ڪانـگ اڳــتــئـــون ڪجــاءِ ڪــا زاري،
ڪن کي ڪوٺا ڪوٽ، ڪن کي بنگلا ۽ ماڙيون،
ڪي ائـيــن ويــٺــا آهــن، مــولا تــي ڀــاڙيــون،
اهي هـل هنگامه ٻڌون ٿا ڏهاڙيون، خاوند خير گذاري،
ڪي ٿــا ڪن ڪاٺيون، ڪن کي سوڻن جو ساءُ،
ڏوٿــــي ڏورن ڏٿ، گـــــاهــــي آڻــــــن گـــــاهــــه،
ســولـي ڪـنــدو شـــاهه، بــار کـنـيائـون بــاري،
ڪـوس ڪــاســائـــن جـــا، نـــاهـــي يـــار مــٿــو،
ٿــي مــڇـي ســســتــي ڀــري ڏيــــن ٿـــا جــٿـــو،
ٿــيــــو آ اٽـــو ســســتـــو، ســنــڌ آ ســــوڀــــاري،
چـوي “يـقـيـن” فـقـيـر، سـويـن لک اٿس پير،
ڪـيني موچي ڪاسبير، نيرولي ٻوڙين نير،
ســويــــن اٿـــس ســـريـــر، ڪــيــئــي پـــســاري.

ڪافي
شعر چوڻ تي ناهي فقيري، وڍي ڇڏ وڻ وڏائيءَ جو،
شيطان کي تڪبر ڪيو خوار هو، پوءِ پيس ٻڪ ڇائيءَ جو،
راڳي شاعر ٿيڻ سنهنجو، فقيري آ ڦل ڪمائيءَ جو،
“يقين شاهه” ياد رکيو، حيدر نام حقائيءَ جو.(57)

سيد جمن شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ “يقين شاهه” تخلص طور استعمال ڪندو هو، سندس ڪافي ڪلام هو پر پوين جي لاپرواهي سبب باقي تي ڪجهه به نه رهيو کيس ڪافي تي تمام سٺي مهارت حاصل هئي، انگريز دور جو هي ڪافيءَ جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، سندس مٿي ڏنل ڪافي پهرين فني لحاظ کان ٽيڻي ڪافي آهي، پر ان ۾ ڪٿي ڪٿي وزن جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪافي سندس شروعاتي دور جي هجي، ٻي ڪافي فني لحاظ کان وائي جي ٽيڪنڪ تي آهي، سندس همعصر شاعر حافظ هادي ڏنو، محمد طالب سومرو (چوٿون) فيض درياهه شاهه جهڙا نهايت بلند پايي جا شاعر هئا، سندس وڌيڪ ڪو تفصيل ڪونه ٿو ملي. ماڙيءَ ڳوٺ ۾ شاندار مقبرو جوڙيل اٿس، جيڪو سندن پوين جوڙايو آهي، هر سال ميلو به لڳندو اٿس، جنهن ۾ پري پري جا فنڪار ۽ عقيدتمند ڪهي ايندا آهن.

ابو شوڪت حمزو (1894ع ـــ 1945ع) :
ابو شوڪت حمزو ولد محمد خان مهر ڳوٺ هنباهه (انباهه) لڳ چڪ شهر تعلقي لکي ضلعي شڪارپور جو ويٺل هو، سندس ولادت ڏهين جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هه آهي، سندس تعليم سنڌي ست درجا هئي، جنهن کي فائينل جو امتحان چيو ويندو هو، ٽي سال ماستريءَ جي ٽريننگ به حيدرآباد مان پوري ڪئي. پوءِ شهدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر ٿيو، ان سان گڏ پوسٽ ماستريءَ جو به ڪم هلائندو هو، ان وقت دوران هن ٻه خط پڪڙيا هئا، جيڪي دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن جي مفاصلي تي محمد پور ڳوٺ ۾، حضرت مولانا امروٽي صاحب جو خليفو عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو، جيڪو هڪ بياڪ ۽ حق گو انسان هو، ان جي رويي تي سندس ڳوٺ جو زميندار، اڍن جو سردار ناراض رهندو هو، تنهن تي هن هڪ سازش هيٺ مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردارن طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪرايا هئا، جن ۾ مولوي صاحب کي وري اچڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي، ۽ هٿيارن جي آڇ ڏني وئي هئي ۽ ان سازش ۾ مارائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ اهي خط وڏيرو پنهنجي هٿ ڪري گورنمينٽ کي ڏيڻ پئي چاهيا ته جيئن مولوي صاحب کي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي سندس گرفتار ڪرايو وڃي، پر اهي خط دوداپور پوسٽ معرفت محمد پور وڃڻا هئا ۽ وڏيري جو ماڻهو حمزي صاحب وٽ آيو هو اهي ٻئي خط وڏيري جي حوالي ڪرڻ تي سندس راضي ڪري رهيو هو، پر اهي خط وري حمزي خان هٿ ڪري مولوي صاحب کي پاڻ وڃي ڏئي آيو جنهن جي خبر مولانا امروٽيءَ کي به پئي، تنهن کان پوءِ اهي خط سي آءِ ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا ۽ ان تحت زميندار کي گرفتار ڪرايو ويو، ان معاملي ۾ حمزي صاحب کي پنج سو رپيا روڪ ڏيڻ جي آڇ به ڪئي ويئي هئي ته اهي خط وڏيري حوالي ڪرائي پر هن بيباڪ ۽ لالچ کان پاڪ انسان ان آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو.
مرحوم لاءِ پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “هوڏو ٿي هو ڏينهن” ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
“چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو سنڌ جي قومي ورڪرن ۾، اهو به املهه ماڻڪ هو، نج سون، مٺ جي رتي به ڪانه ۽ زبان تي هميشہ وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن، ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري جو اهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پٺو ۽ پشتي بان هئا، مرحوم جي محاوري مطابق اهي سڀئي “لغور” هئا، جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب هو، مولانا شوڪت عليءَ سان خاص عقيدت هيس، پٽ ڄايس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪنيت ئي “ابو شوڪت ڪري ڇڏيائين، جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جو جز بڻجي وڃي، تقرير جو چست ۽ قومي خبرن خواهه زميندار جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪه “الوحيد” ۽ ان جي پيدا ڪيل دائوي جو هڪ اهم بلڪه مرڪزي ڪردار هو.(58)
پير علي محمد راشدي مرحوم پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ سندس هن ريت ذڪر ڪيو آهي: “چڪ جو ويٺل هو سندس ماستري ڇڏي ٿلهو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ کڻي اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو، سندس اصول هو هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ، جڏهن به سکر ايندو هو ته غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواست سان پنهنجا کيسا به پر ڪري ايندو هو، ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو، ڪجهه اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو هو، سندس تقرير هڪ سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي ڪامل خود اعتماديءَ ۽ يقين محڪم تي مبني حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو ۽ “فوري جبري قدم” کڻڻ لاءِ بالا عملدار کي، نه ته پبلڪ کي آرڊر ڏيندو هو، فيل مست فرنگيءَ کي ڦوسڙيءَ ۽ لال کٽياڻيءَ سان تشبيهه ڏيندي به ڪونه گسندو هو، جو دم جيئرو هو جهاد ۾ مصروف رهيو، جو قدم کنيائين، ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف!(59)
ابو شوڪت حمزو هڪ بهترين سياستدان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ماڻهو هو. پاڻ هڪ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هو. 1924ع ڌاري مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي چوڻ تي ۽ زور ڀرڻ تي سياست ۾ گهريو ۽ خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين. سياست ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي سڀني سياستدانن سان ملاقاتيون ٿيون ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ۽ پسند ڪيو ويو. اخبارن ۾ سياسي مضمون شايع ٿيندا رهندا هئس. ان ڪري مرحوم کي سڄي سنڌ چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هئي. ۽ ان جا ڪالم ۽ مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهائيندا هئا. پاڻ چڪ شهر ۾ هاري جماعت جو بنياد وڌو هو. اهو پهريون شخص هو جنهن هاري جماعت جو پهريون بنياد رکيو جيڪا بعد ۾ حيدربخش جتوئي صاحب سنڀالي ۽ ان پروگرام کي سڄي سنڌ اندر ڦهلايو، جيڪا بعد ۾ وري سنڌ هاري ڪاميٽي جي شڪل اختيار ڪئي، جيڪا هن وقت به موجود آهي.
مرحوم پاڻ تحريڪ خلافت ۾ رهي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اڻٿڪ جدوجهد جاري رکي. پر سندس حياتي وفا نه ڪئي. ۽ پروگرام اڌورو رهجي ويس. جنهن کي ٻيا سياستدان عملي جا موپهرائي نه سگهيا. سياست سان گڏ هن کي سنڌي علم ادب سان به بيحد لڳاءُ هو، سندن سنڌي ادب جي تمام سٺي ڄاڻ هئي. پاڻ نثر خواهه نظم ۾ ڀڙهو وقت جا آفيسر ۽ ماستر هن کان ڪن هڻندا هئا هن جي روبرو استاد توڙي آفيسر چڱيءَ طرح ڳالهائيندا هئا، ته متان حمزو خان ڪا غلطي نه ڪڍي وجهي.
کيس گرامر جي گهڻي ڄاڻ حاصل هئي. جيتري خداتعاليٰ هن کي تقرير ۾ رواني عطا ڪئي هئي، اوتري ئي هن کي قلم ۾ به رواني عطا ڪئي هئي. ان قلمي پورهئي جي ڪري هن سنڌي ادب کي بي بها چار شعري ادب جا ڪتاب ڏنا. جن مان ٻه ته پڌرا به ٿيا، باقي قلمي صورت ۾ رهجي ويا. اهي چار ڪتاب هي آهن: (1)انقلابي ڏنڊو،(2) انقلابي ڪهاڙو حصو 1، (3) انقلابي ڪهاڙو حصو 2 ۽ (4) انقلابي بم گولو.
پهريون ڪتاب انقلابي ڏنڊو 1939ع ۾ ڇپيو. ليٿو پريس فريئر روڊ ڪراچي ۾ ڇپيو. پرنٽر آدم علي غلام حسين هو. ٻيو ڪتاب انقلابي ڪهاڙو1 به ڇپجي منظر عام تي اچي ويو. باقي انقلابي ڪهاڙو2 ۽ انقلابي بم گولو جو مواد به پوين جي لاپرواهي سبب محفوظ رهي نه سگهيو. خبر ناهين ته ان جو مواد ڪٿي آهي؟ سندس نثري مواد پوين وٽ نموني طور به ڪونه ٿو ملي. باقي نثر ۾ بهترين مضمون نگار هو. هتي هڪ وضاحت ڪندو هلان ته: ماهوار پيغام ڪراچي ۾ مارچ اپريل واري پرچي ۾ “سيد محبوب علي شاهه بخاريءَ جون يادگيريون مرتب پيغام جو ايڊيٽر، ڪريم بخش خالد هو.
جنهن ۾ لکي ٿو، ته: “ابو شوڪت خان حمزو جو، ميان عبدالرزاق پيرزادو(60) خاص رفيق هو ۽ سندن پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي.ابو شوڪت وقت به وقت جن خيالن جو اظهار ڪندو هو، ميان عبدالرزاق انهن کي شعرن جو روپ ڍڪائيندو هو. اهڙي طرح نظمن جا ٻه ڪتاب تيار ٿي ويا. هڪ انقلابي ڏنڊو جيڪو سرڪار شاگردن کي انعامي ڪتاب طور ڏيڻ منظور ڪيو هو. ٻئي ڪتاب جو نالو انقلابي بم گولو هو جيڪو ڇپجي نه سگهيو.”(61)
اها ڳالهه سراسر غلط آهي، ته شعر ميان عبدالرزاق جوڙيندو هو. خود حمزو صاحب پاڻ شعر جوڙيندو هو.
باقي حمزي خان وٽ وقت جي ڪمي هئڻ سبب ۽ سياسي ڪمن سبب هن کي فيئر ڪرڻ جو وقت نه ملندو هو سو تنهنڪري هن ٻنهي ڪتابن جا مسودا ميان عبدالرزاق کي فيئر ڪرڻ لاءِ ۽ ڇپائي لاءِ ڏنا هئا، ڇاڪاڻ جو ميان عبدالرزاق هڪ سٺو خوشنويس هو. هن عمر جو گهڻو حصو ڪتابن جي مشغلي ۾ گذاريو هو، ان سبب ڪري هن کي پنهنجو نظمي قلمي مواد ڏنو هو. ۽ ڇپائي جو سمورو مرحلو ميان صاحب طئي ڪيو هو. اهو چوڻ بلڪل نا انصافي ٿيندي، ته اهو شعري مواد ميان عبدالرزاق جو هو. ميان عبدالرزاق جي شاعري ۽ حمزي صاحب جي شاعري ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي، ميان عبدالرزاق جي شاعري مولودن ۽ قصيدن تي ٻڌل آهي ۽ حمزي صاحب جي شاعري ۾ سماجي اپٽار آهي هارين جي حالات تي چيل آهي.
ڪتاب انقلابي ڏنڊي ۽ انقلابي ڪهاڙي 1 ۾ حمزي صاحب هارين جي عڪاسي ڪئي آهي، جنهن ۾ اخلاقي، معاشي، سياسي، تعليمي ۽ مفلسيءَ تي روشني وڌي آهي، ان کان علاوه وڏيرن، زميندارن ۽ ڪامورن جي ظلمن ۽ چالبازين کان تمام سهڻي انداز ۾ پردو هٽايو آهي ۽ اهڙن معزز چهرن جو نقاب لاٿو آهي جن تي ماڻهو شايد اعتبار نه ڪن ته اهو به ائين ٿي سگهي ٿو ۽ ڪري سگهي ٿو، ٻنهي ڪتابن جي شاعري ۾ سماجي اپٽار آهي، سماجي براين خلاف آواز آهي شاعري ٽيڪنڪ جي لحاظ کان سنڌي مثنوي نظم جو شاندار نمونو آهي.
حمزي خان پنهنجي شاعري ۾ اهڙي ته انداز ۾ ڳالهه ڪئي آهي، جو پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي وڃي ٿي، ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ به سندس شاعري زندهه آهي ۽ اڄوڪي ماحول سان ٺهڪي اچي ٿي، اڄ به زميدارن جو ظلم ساڳيو قائم آهي ۽ اڄ به هاري ويچارو ڪاٺ ۾ آهي ۽ معاشي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي.
هن هارين جي اصلي، حقيقي ۽ بنيادي حالتن تي نظر وڌي آهي، ان کي اهڙي ته نموني شاعري جو ويس ڍڪايو آهي ۽ رنگ ڀريو آهي جو ڄڻ زنجير جيان ڪڙي، ڪڙي سان ملائي آهي، اهڙي طرح اها ڪڙي ڪڙي سان ملي هڪ تاريخي داستان کي جنم ڏئي ٿي. سندس شاعري ۾ لفظ عام سادا ۽ آسان استعمال ڪيا آهن، جنهن ڪري شاعري کي چار چنڊ لڳي ويا آهن ۽ اها ئي شاعري عوامي شاعري چئبي آهي، جنهن کي گهٽ تعليم وارا به چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا، تقريباَ سڄي مجموعي ۾ ڌاري ٻوليءَ جو لفظ نه ملندو، حالانڪه پاڻ کي عربي فارسي جي تعليم مليل هئي، جيڪا هن پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ شاعر ۽ عالم فيض درياهه شاهه کان ورتي ۽ انگريزي تعليم به پنهنجي مطالعي لاءِ چڪ جي استاد محمد سچل سومري کان پرائي جنهن ۾ ڪافي عبور حاصل ڪيو. شعرو شاعري جي سکيا ڪنهن کان به ڪونه ورتائين، پر اظهار لاءِ پنهنجو رستو طويل نظم وارو اختيار ڪيائين. نه ڪافي چيائين ته بيت چيائين صرف مثنوي نظم چيو. اهوئي سبب آهي جو هن پنهنجي ڪتابن تي انقلابي نالو رکيو، انقلاب پسند ماڻهو هو، هر وقت تبديلي چاهيندو هو، پراڻي ۽ سماج دشمن عناصر جو دشمن هو، ان وقت، وقت جا سمورا ڪاٽڪو هن مان تنگ هوندا هئا ۽ هن کان اک رکندا هئا، مطلب ته حمزي صاحب جي شاعري وقت جي تاريخ آهي، سماجي ۽ عوامي تاريخ آهي، هارين جي مفلسي ۽ بدحالي، انهن تي زميدارن جو ظلم ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ جو ۽ ڪامورن جي ڪڃرائپ جو هڪ بهترين، دل ڏاريندڙ داستان آهي.
ابو شوڪت حمزي صاحب جو سياسي ڪردار به اهم رهيو آهي. تقريبن 1923ع ڌاري امام انقلاب حضرت مولانا تاج محمد امروٽي رح سان روحاني رشتو ڳنڍيو ۽ سياسي ڳانڍاپو رکيو. جنهن ڪري نوڪري به ڇڏي ڏنائين.۽ خلافت تحريڪ جو روح روان رهيو. ايتري قدر جو خلافت تحريڪ سکر ضلعي جو خزانچي ۽ صوبي سنڌ ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر ٿيو. تحريڪ خلافت جي خاتمي کان پوءِ 1931ع ۾ آزاد سنڌ جماعت جو سيڪريٽري ٿيو. اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ ۽ ڪانگريس ڪاميٽيءَ سان به گڏ ڪم ڪيو. پر پوءِ 1939ع ۾ انڊين مسلم ليگ، سکر ضلعي جو ذراع ابلاغ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ 1943ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ صوبي سنڌ لاءِ ضلعي سکر جو ميمبر طور چونڊيو ويو. جمعيت علماءِ صوبو سنڌ طرفان هاري جماعت ٺاهي ويئي ته ان جو کيس جوائنٽ سيڪريٽري طور رکيو ويو. 1937ع ۾ چڪ شهر ۾ هاري جماعت جو اڳواڻ رهيو. 1939ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي لاءِ آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ بيٺو جنهن ۾ کيس تلوار جو نشان ڏنو ويو هو.
ان وقت جي ڪانگريسي مولوين، پيرن ۽ عالمن سندس حمايت ڪئي هئي ۽ ان جي پروپيگنڊا لاءِ اشتهار به شايع ڪيا هئا، پر زمينداري ۽ جاگيرداري جي اوج ۽ راڄ سبب اليڪشن کٽي نه سگهيو، ان وقت جي جاهل عوام هن عظيم بيباڪ انسان کي نه سڃاتو ۽ اهي جاهل هاري زميندار جي داٻ دڙڪي ۾ اچي ووٽ وڏيرن جي چوڻ تي ڏنو، حمزو صاحب ان وقت ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش خان مهر جي مقابلي ۾ بيٺو هو، کيس نمونيا ٿي پئي ان ڪري ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ 31 ڊسمبر 1944ع مطابق 15 محرم 1364هه ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس تربت آبائي قبرستان پير يوسف علي شاهه واري مقام ۾ آهي، سندس نرينه اولاد ۾ ٽي پٽ آهن، شوڪت علي (رٽائرڊ پرائمري استاد) (1925ع ـــ 2015ع)، ڊاڪٽر محمد علي (وفات 1 ڊسمبر 2014ع)، ظفر علي ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس شخصيت ۽ شاعري تي چڪ جي شاعر ۽ اديب آزاد بخاري منهنجي ئي مدد سان ايم اي (سنڌي) ۾ مونوگراف طور مقالو لکيو جيڪو 2008ع ۾ ڇپيو آهي نموني طور، سندس شاعري هيٺ ڏجي ٿي.
خدا پاڪ تون کان مدد ٿو گهران،
تـهـان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان،
لـکــان حال هارين غربين سندو،
دنــيــا جي وڏن بدنصيبن سندو،
سهـن ٿــا اهي ظلم جي سر مٿان،
وڏيـــرن هٿان، سود خورن هٿان.
وڏي ڊيگهه آهي، انهيءَ ڳالهه کي،
نه طاقت قلم کي، لکي ڇا لکي؟
هجي عمر حضري ڪريان جي بيان،
نه پــورو ٿـــئي ان جـــو داسـتـان.
اکـــيــن ۾ هــــجـــــي آب تـــــالاب جـــان،
وڃي خـشـڪ ٿي جـي انهن تي روئان.
نــــڪــــو ديــــن تـــن وٽ نه دنـــيـــا وٽــــــن،
جــــهـــالــــت ڪــــيــــو آبــــروحــــال تــــن.(62)

وڏيـــرن جـــا پـــرڪـــار
ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهجو ڪرم،
ته مـــان قــــوم خــــاطـــر هــــلايـــان قـــلــــم،
وڏيـــرن جــــا پـــرڪـــار مـــان کـولي لـکان،
ٻه ٽــي لـــفـــظ تـــن کـــي نــصـحــت چــوان،
گــــهــــڻــــائــــي وڏيــــرا نـــــيـــــڪ بـــــخــــت،
شــريــعـت جـــي ڪــمـــن جـا پــابــنــد سخت،
مـــگــر ڪـــي ته جـــاهـــل ابـــوجــهــل جـــان،
زيـــــادهه تــــڪــــبــــر ۾ فــــرعـــــون کــــــان،
ڏســـڻ ۾ چـــڱـــا مــــڙس الـــبـــت عـــيـــاش،
حـــقــــيـــقـــت ۾ ظــــالــــم وڏا بــــدمـــعـــاش،
ڇــڏي جـــهــل کــي شـــايـــد ســــڌري پــــون،
سـڌارو اهـي قــوم پــنــهــنــجــيءَ جـو ڪـن،
ڇــــــڏن ظــــــالــــم زوري ۽ رشــــوت زنـــــا،
وهــائــن نه ڪـنـهـن کـــي مــــزدوري بـــــنـــا،
غــــريــــبــــن مـــٿـــان ڪــيـــس ڪـوڙا ڪـن،
نه ڪــــوڙي گـــواهــي ڪـــڏهــن ڪــا ڏيــن،
اجـــائـــي خــوشــامـد ڪــنــهــنــجـي نه ڪــن،
عـــــمــــلــــدار تـــوڙي آفـــيـــســـر هـــــجـــــن،
پــــــراڻــــــا خـــــيــــــالات بــــلــــڪــــل ڇــــــڏن،
زمــــــاني ته رفـــتـــار مـــوجــــب هـــــلــــن.(63)

ابو شوڪت حمزو مرحوم پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جي حقيقي منظر ڪشي ڪئي آهي، نه صرف هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لکيو آهي، بلڪه انهن جي اخلاقي، معاشي ۽ ذهني سوچ ۽ سندن غلط رسمن جي به نشاندهي ڪئي آهي، انهن ۾ جيڪي بداخلاقيون يا بدرسمون آهن انهن کي به هن چٽيءَ طرح ڪري سڄي سنڌ جي عام ماڻهن توڙي هارين کي ٻڌايو آهي.
انقلابي ڏنڊي ۾ هن “هارين جي عام اخلاقي حالت” “هارين جي شاديءَ وغيره رسمن جو بيان” “هارين جي عام مذهبي حالت”، “زميندارن جا ظلم هارين تي”، “زميدارن جو نقل”، سنڌ واهه جو کنڊ ٻنڌڻ ۽ ڇيڙ جو بيان” (جيڪو جون 1938ع ۾ پيو هو)، “سرڪار گورنر جي درٻار”، ووٽ جو بيان”، “هارين جي ذلت جو سبب” “علم جي فضيلت”، “هارين کي نصيحت”، “هارين جي دعا ڌڻيءَ جي درٻار ۾”، جي موضوع تي پنهنجي شاعري ڏني آهي، جيڪا مثنوي جي ٽيڪنڪ تي آهي، اهڙي طرح انقلابي ڪهاڙي ۾ به اهڙا ئي موضوع ڏنا آهن ۽ ڪجهه نوان موضوع به آهن، ٻين مجموعن ۾ به ٽيڪنڪ ساڳي ۽ خاص نڪتو هارين تي آهي. جيڪڏهن اسان مرحوم حمزي صاحب جي شاعري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي ان ۾ ماهر نظر ايندو، سندس شاعري جي پوري پوري ڄاڻ هئي ۽ ان جي اصولن کان واقف هو ۽ انهن تي دسترس حاصل هئس، سندس شاعري بحروزن تي ٻڌل آهي، ڪا به مصرع اسان کي ڇڙواڳ يا غير موزون نظر نه ايندي، کيس بحروزن جي وڍ ڪٽ کان به با خبر هو، تقطيع يا لفظن جي جوڙجڪ نهايت شاندار آهي، سموري شاعري ۾ هن ٻه بحر ڪم آندا آهن، هڪ بحر متقارب ۽ ٻيو بحر هزج، انقلابي ڏنڊي ۾ صرف هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾” ٻه نظم آهن جيڪي بهر هزج مثن سالم تي ٻڌل آهن، نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو:
ڌڻـي تـون دانـهن ٻڌ منهنجي، ٻيو ڪونهي ٻڌڻ وارو،
نه آهــي تــو بــنــا ڪــو مِـهِـرَ سـان مون ڏي ڏسڻ وارو،

ٻئي نظم جو پهريون بند:
ڌڻـي تـون دانـهـن ٻڌ منهنجي، سوين ظالم ستائين ٿا،
وڏيــرا خــواهه ڪـامــورا، اسـان جـو خـون چـوسـيـن ٿــا.
باقي سڄي ڪتاب ۾ بحر متقارب استعمال ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي هڪ رڪن يا پورو کٽايو آهي، جنهن ڪري بحر متقارب مثمن مقصور يا مخدوف ٿئي ٿو، اهڙيءَ طرح انقلابي ڪهاڙي حصو1 ۾ به ساڳيو وزن استعمال ڪيو ويو آهي، باقي ٻه ڪتاب گم آهن، هڪ انقلابي ڪهاڙو حصو ٻيو الائي ڪير کڻي ويو ۽ ٻيو انقلابي بم گولو، هن ڪتاب جو مسودو سندن پوين وٽ به ڪونه آهي. مطلب ته سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي، سنڌي سماج لاءِ اڄ به آئيني جي حيثيت رکي ٿي. سندس شاعري وقت جي تاريخ آهي ۽ سنڌي معاشري جي براين، ظلمن، سياسي، اخلاقي، بک، مفلسي، معاشي، حالتن جو جائزو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي، جو سندس شاعري جا مجموعا هن وقت ناياب آهن جن جي هن وقت منظر عام تي اچڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ اڄ به ساڳيا ظلم قائم آهن ۽ هارين جي حالت ساڳئي آهي.

سيد “مسڪين” حاجن شاهه بخاري (1898ع ـــ 1937ع):
سيد حاجن شاهه متخلص “مسڪين” ولد عارب علي شاهه (وفات 1341هه مطابق 1921ع) بخاري پنهنجي آبائي ڳوٺ کاهي ۾ سن 1898ع ۾ پيدا ٿيو، کيس ديني تعليم مليل هئي، عربي ۽ فارسي علم جو تمام سٺو ڄاڻو هو، تقريباَ دستاربندي، مولويت جا ڪتاب پورا ڪيا هئائين، پر مڪمل ڪري نه سگهيو، جنهن ڪري مولويت جي سند حاصل ڪري نه سگهيو، هونءَ ته چڱو ڀلو مولوي سندس مقابلو ڪري نه سگهندو هو، پاڻ هڪ مدرسو قائم ڪيو هو، سندس خاص مشغلو تعليم ڏيڻ هوندو هو. هن وقت جيڪو مدرسو قائم آهي سو سندس ڪوششن جو نتيجو هو، هن مدرسي کي وسايو ۽ ديني علم عام ڪرڻ لاءِ درس وَ تدريس جو ڪم شروع ڪيو هو. ان ڪري سندس ڪافي مريد خادم هئا، عقيدتمندن جو چڱو تعداد آهي.
پاڻ 19 جولاءِ 1937ع مطابق جمادالاول 1356هه، سومر ڏينهن هن دنيا مان رحلت فرمائي، سندس مزار مبارڪ ڳوٺ جي اتر ۾ هڪ وڏو مقام نالي “سومر شاهه” ۾ آهي. انگريزن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي، ٽيهن ورهين جي ڄمار جو هو ته شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، سندس ديني علم ۾ عربي فارسيءَ جا ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.
مرحوم “مسڪين” پنهنجي بياض ۾ ٻين شاعرن جو به ڪلام قلمبند ڪيو آهي، سندس بياض ۾ دوها، بيت ۽ ڪافيون ملن ٿيون، سندس شاعري ۾ درد فراق ۽ هجر جو نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي، ان کان علاوه بياض ۾ حڪمت جا نسخا به لکيل آهن ۽ ڪجهه تعويزات جا نقشا ۽ ڪجهه ڪيميائي نسخه لکيل آهن، ان کان سواءِ سندس خاندان جي ماڻهن جي ڄم ۽ موت جون تايخون نوٽ ٿيل آهن. سندس شاعري ۾ رومان گهڻو ملي ٿو، نموني طور هيٺ ڪجهه شاعري ڏجي ٿي، وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي.
دوهـــا
آهـيان ٻـانـهـون اصـل کـان يـار تـنـهـنـجـو،
ڏســـي هـــي حـــال ڪــرڪــو دار مـنهنجو.

ڇڏيان ڪيئن مان ياد کي، دل تؤن وساري،
سـدائــيــن مـحـبـوب مــون ســان گـڏ گــذاري.(64)
بـــيـــت
جانـب وڏي جاکوڙ مُون، رکيم يار توسان ياري،
دلبر نانءُ ڌڻيءَ جي تون گهوٽ زوجم گهاري،
دم دم تون يـار سڄڻ، دوست درج دلداري،
تڏهن ٿيندم قلب قراري، جڏهن ملندو محب “مسڪين” چوي.
سـڪ تـنـهـنـجـي سـهـڻـا ڪيـا دل انــدر ديـرا،
ڏســي ڦـــٽ فـــراق جـــا، جــــلــــي ويــا جــيـرا،
گـونـدرن جا گـهـيرا، اچي ڏس مٺا، “مـسڪين” چوي.(65)

ڪـــافـــي
ســـڄـــڻ ســهــڻــا ســرت وارا عـــاشــقــن کي ســتــائين ڇو؟
ڪــــري زور زبــــــــردســــتــــي ڏئـــي دري دٻـــائـــيـــن ڇـــو؟
سچ ريءَ نه پاڙيس سـبـق سڪ جو، پيارا پريت وارن کي،
نـــــخـــــتـــــو نـــــروار ڪـــــري ايـــــــــڏو تــــپــــائــــيــــن ڇـــــو؟
ڪـڏهـن ڪـاوڙ لاهـي پـنـهـنجي، رکي راحيما رفاقت سان،
ڪـڏهـن رنـجـڙو رکي، پـنـهـنـجـو وري منهڙو مٽائين ڇو؟
هــــــڪ ســــــوزن اچـــــــي ڪـــــيـــــو آهــــي حـــــال هــــيـــڻـــو،
ٻــــيــــو ڏکـــــڙا ڏکــــي ڏاڍا، ڏکــي کـــي ڏکــــائـــيــــن ڇـــــو؟
“مــســڪــيــن” آهـي اصـل گــولــو، تنهنجي در جــو تـڏهـن،
دعــوا رَکـــي ايــــڏي، مـــحـــبــــت پــنــهـنـجـي هـلائـيـن ڇو؟(66)

بـــيـــت
لـکـان ته لـکـي نه سـگـهـان، مـحـبـوبـن ڏي ڪلام،
مـــحـــڪـــم مـنـجـي مـــَن ۾ دلــبــر وڌو آهـــي دامُ،
اکــيــن مــئــون عـجـبـيـن لـئـيـه، جـروهـي ٿــو جــام،
آهي نيڻ ننڊ حرام، محبت بنا “مسڪين” چوي.(67)

ڪـــافـــي
مـــــٺــــڙو يــــار دلــــبــــر دلــــڙي کـــــٽـــــي ويـــو،
بــڻـجـي بـاز بـحـري جـهـپـڙ ڏئـي جـهـٽـي ويــو،
پــائــي پـيـچ پـخـتـا ڪـري، ڪيئه دل کي قابو،
ڏسي ميٺ محبت جو، سورن سان سٽي ويو،
زخـــم جـــيـــڪـــي ســــري ســـا آڳ جــــا ڪـري،
تـــــازو تـــــــن کـــــــي ڦــــــٽــــــڙا ڦــــــٽـــــي ويـــــو،
ڏنــــل تــــــاڪ تــــــن جـــــــا، ڏيـــــــل بـــــــرهــــيـــــا،
جــــو جــــوڙيــــل در پـــاڻـهــي، پــرتـو ٽـپـي ويـــو،
“مسڪين شـاهه” درد دل جا، هيا جيڪي سارا،
مــــڙي مــــشــــڪـــل، قـــرب نه ڪــٽــي ويــــو.(68)

سيد جمال شاهه بخاري (1907ع ـــ 1942ع):
سيد جمال الدين شاهه ولد سيد صالح محمد شاهه بخاري متخلص “جمال شاهه” ڳوٺ الياس تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ 9 جون 1907ع مطابق 23 ذوالقعد 1327هه اربع ڏينهن تولد ٿيو، تنهن بعد وڏا لڏي اچي هميشه لاءِ ڳوٺ ماڙي تعلقي لکي ۾ ويٺا، سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ماڙيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌي فائينل تائين حاصل ڪئي، ان کان علاوه ناظره قرآن به پڙهيائين، جتي مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتي، ان کان علاوه هن کي اردو ۽ انگريزي زبان جي به چڱي ڄاڻ هئي، اردو ۽ انگريزي تعليم ڪٿان ورتي؟ ان جي ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي. اردو ۽ انگريزي جي تعليم جي خبر، سندس ذاتي لائبري ۾ رکيل ڪتابن مان پئي ٿي، ته هن کي انهن ٻولين جي به سٺي ڄاڻ هئي جو انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، سندس ذاتي ڪتب خانو اڄ به پوين وٽ محفوظ آهي پر ڪي ڪي ڪتاب ۽ قلمي نسخا پوين جي گهري دلچسپي نه هئڻ سبب کڄي ويا آهن.
کيس شعر وشاعري سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پاڻ پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، سندس استاد ڪير هو؟ ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، پاڻ هڪ سٺو ڪافي گو شاعر هو، انگريزن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، سندس هڪ ڪافي ملي آهي جيڪا سندس پٽ پروفيسر سيد لعل شاهه بخاري کان ملي آهي، باقي ٻئي ڪلام جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويو، سندس ڪتب خانو به گهڻو تباهه ٿي ويو آهي.
پاڻ صوفي خيالن جو ماڻهو هو ۽ قادري طريقي جو پيروڪار هو، سندس ڌنڌو پيري مريدي هو، پر ان طرف توجع گهٽ ڏنائين ڪجهه وقت ناڪي منشي ٿي رهيو پوءِ اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين، پاڻ محنت مزدوري به ڪيائين ۽ وري روهڙي واري ڪپڙي جي مل ۾ مزدوري به ڪيائين.
سندس پوين جو چوڻ آهي ته ڪجهه قلمي نسخا کڻي وڃي کوهه ۾ اڇلايا هئا، جن ۾ خانداني شجرو، حڪمت جا نسخا ۽ ٻيا معلوماتي نسخا به موجود هئا، اهو ان ڪري ڪيائين، جو ڪجهه وقت مٿس مستي جي ڪيفيت طاري رهي، جڏهن اها ختم ٿيس ته پوءِ شادي به ڪيائين،سندس نرينه اولاد مان هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، جيڪو هڪ سٺو شاعر هو ۽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ٿي رهيو.
سيد جمال شاهه 1 فيبروري 1942ع مطابق 22 محرم الحرام سن 1361هه ۾ سومر ڏينهن وفات ڪيائين، سندس مرقد مبارڪ، درگاهه حضرت سلطان شاهه بخاري واري مقام ۾ آهي، سندس هڪ ڪافي ملي آهي جنهن ۾ مجازي عشق جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جيڪا فني جوڙجڪ جي لحاظ کان ٻيڻي ڪافي آهي جنهن ۾ تمام سٺي رواني آهي، جيڪا موسيقيءَ جي تندن تي ڳائي سگهجي ٿو سندس ڪافي مان معلوم ٿئي ٿو، ته شعر وَ شاعري جي اصولن کان باخبر هو، سندس ڪيتريون ئي ڪافيون مريدن کي به ياد هيون جيڪي هن وقت خبر نه آهي ته ڪٿي آهن، ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ شاعري ڏيڻ کان قاصر آهيان، پاڻ ڪافيءَ جي فن ۾ تمام گهڻو ماهر هو، ڪيتريون ئي ڪافيون، ڏيڍوڻيون، ٻيڻيون ۽ ٽيڻيون، چيون آهن اسان کي جيڪا ڪافي ملي آهي اها سندس شروع واري زماني جي ڪافي آهي ڇاڪاڻ جو پاڻ مجاز واري اسٽيج ٽپي آخري معرفت واري ماڳ تي رسيو هو، جنهن ۾ معرفت جا گفتا سمايا هئا ۽ مڪمل صوفي طريقت جو ٿي ويو هو ۽ سچل وانگر کلم کلا ان الحق جو نعرو هنيو هو، پر افسوس جو سندس عمر جي پوئين حصي واري شاعري ملي نه سگهي آهي. هتي ڪافيءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ درد فراق جو مضمون سمايل آهي:
ڪـــافـــي
مـــٺــا دوســـت دلــبــر، رُســـو پــيـا ســدائــي،
مـــنـــاسب نه آ تــوکي، ڪـرڻ هيئن جدائي.
اســان نــيــنــهــن لاتـو، اوهــان ڪــونه ڄـاتـو،
نـــڀـــايــــو ته نــــاتـــو ڪَــيَــوَ بــــيــــوفـــائـــي.
ڦــٽــي دل پـــڪــــاري، وِڌُءِ مــحــب مــاري،
جـــدائــي ٿــي ڳــاري، ڪــيــو ڪــا ڀــلائـي.
“جمال شاهه” سان جالڻ، پنهنجا قول پاڙڻ،
ڏکــيــا ڏيــنــهــن گـذارڻ، عـمـر ٿَوَ اجائي.(69)

سيد هدايت الله شاهه (1914ع ـــ 1942ع):
سيد هدايت الله شاهه ولد حاجن شاهه بخاري (1898ع ـــ 1937ع) پنهنجي آبائي ڳوٺ کاهي ۾ 4 اپريل 1914ع مطابق 7 جماد الاول 1333هه ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتائين، 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، کيس عربي ۽ فارسي جي چڱي ڄاڻ هئي، جيڪا پنهنجي والد بزرگوار کان ورتي. پاڻ هڪ سٺو ڪافي گو شاعر هو. سندس قلمي بياض پوين وٽ محفوظ آهي، سن 1936ع ڌاري شعر چوڻ شروع ڪيو، سندس شاعري ۾ استاد پنهنجو والد صاحب ئي هو، جيڪو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر اڳي ٿي چڪو آهي.
هدايت علي شاهه 13 مئي 1932ع کان 25 آگسٽ 1932ع تائين پي ڊبليو ڊي ڊپارٽيمنٽ ۾ اوئرسيئر ٿي رهيو ۽ اتان ڇڏي اچي والد صاحب سان گڏ درس و تدريس ۾هٿ ونڊايائين، پنهنجي والد صاحب جي وفات کان پوءِ باقاعده درس و تدريس جو ڪم جاري رکيو ۽ والد مرحوم جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، سندس آواز ۾ خداتعاليٰ ميٺاج رکيو هو، تقرير ڪرڻ مهل ماڻهن تي خاص ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، ان ڪري سندس ڪيترائي مريد هئا
شاهه صاحب کي مجازي عشق لڳو تنهن کان پوءِ هن جي دل جي دري کلي پئي ۽ اندر اجرو ٿيو ۽ ڪلام چوڻ شروع ڪيو ۽ ڪلام ۾ “هدايت” تخلص استعمال ڪرڻ لڳو، سندس هڪ قلمي بياض مليو آهي جنهن ۾ “ڪافيون” مليون آهن، جن ۾ گهڻو ڪري رومانوي، مجازي، درد وَ فراق ۽ هجر جون ڳالهيون سمايل آهن.هن دور ۾ ڪافيءَ تي تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.
سيد هدايت علي شاهه 2 فيبروري 1942ع مطابق 15 محرم الحرام سن 1361هه، سومر ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس اولاد ۾، ٻه فرزند ٿيا، (1) سيد همت علي شاهه (.........) (2) سيد مدد علي شاهه (1936ع ـــ 1958ع) سندس بياض مان ڪجهه نموني طور ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون، هن جي شاعري تي پنهنجي والد صاحب جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، مرحوم هدايت شاهه صاحب صرف ڪافيون چيون آهن ۽ ڪافين جو تمام سٺو شاعر هو.
ڪـــافـــي
يـــا خــدا آبـــاد ڪـر محبــوب مــنــهــنــجــي کـي ســدا،
پــل نه ٿـئـي مـون کـان پـري ۽ نه ٿـئـي مــون کـان جـدا.
مـــــون گــــذاري آهــــي ســــاري عـــــمــــر هــــــن آزار ۾،
ڪــر مـــدد مــون ســان اچــي، تون آن ضعيفن جو خدا.
رات ڏيــنـهـان روڄ ريــهـان، درد جـون دل ۾ ڪـيـهـان،
قـــيـاس ڪــنــهــن کـي نه پـيـو، جو پڇيو مون کان ادا.
هـونـدي حـيـاتـي اي “هـدايـت” عرض هي اگر ڪندس،
تـون مـلائـج محب مـون سـان، هـي آهي منهنجي صدا.(70)

ڪـــافـــي
نـــمـــاڻــي نـظـر سـان مـوهـيـو يـار مــون کــي،
ڪــري مـسـت مـجـنـون ويــو يــار مــون کــي،
جـــــڏهــــن جــــانــــب ڏٺــــم ڏور کـــــان مـــــون،
تــڏهــن هـوش هـڪـدم ڇـڏيـو يـار مـون کــي،
ڪونهي حال محرم منجهه منهنجي من جو،
سـدا تــو ســڄــڻ جـي آهـي دلــدار مــون کــي،
راتـيان ڏيـنـهان روئندي سڄڻ کي سنڀاريان،
انــهــيءَ سـور سـهـڻا ڪيـو بـيـمـار مون کي،
ڪـنـدي ڪـيـئـن “هـدايـت” اثـر ڪا اسـان تي،
جـــانـــب جـــي جـــدائـي جـــو آزار مــون کـــي.(71)

ڪـــافـــي
مـلـنــديــن ڪــيــن مـٺـا، ويندين مفت مري،
اهــــا ڳــــالـــــهــــه ڏســــــڻ ۾ آهــــــي ڳـــــــري،
دلـــبـــر دلـــڙي ڏنـــم ڳـــڻ ڪـــانه ڪـــڍيـــم،
ڏک ڏسڻـو پـيـم، ڪـنـهـن کي ڪين چيم،
ويـڙهي وهـم ويــم، سڀئي سـر تـي سـٺـم،
ڪـنــديــن قـرب مـون سـان يـا ڪـيـن وري،
ويـــم يــــارُ پــري، مـنـهـنـجـي ڪــانه سَــري،
ســڄـــڻ جــــلــــد وري، الله ائـــيـــن ڪـــري،
مـانــدي هـــت ٿـي مــري، قـلـم ڪـيـن ٽـري،
مــون کــي بــــاهه بــــرهه جــــي آهــــي ٻــــري،
مــــحـب ايـنـديـن وري، خـبـرلـهـنـديـن کري،
آهيان مان ته چـري، کـولـيـم دل جـي دري،
ســـيـــد ڪــانه ســري، “هــدايــت” جــي وَري،
ســـــاريــــــان هــــــــر دم ٿــــــو، دلــــــدار وري.(72)

ڪـــافـــي
دل روز ٿـــــــي يـــــار ســـــنـــــڀـــــاري،
ڪڏهن مـاڳ پنهنجي ايـنـديـن واري،
دل ســخــــت ڪـــيـــئه تــو ڇــا کـئـون؟
جـــدا جــانــب ٿــي وئــيـن مـــاکـــئـــون،
تــنــهــن ڳــڻــتـــي ۾ وئـــيـــن ڳـــــاري،
هـــيـــکـــل يــار رهـــڻ آهـــي اهــنــجــو،
جـــدا نه ٿـــي شـــل يــــار ڪــنـهــنــجــو،
تـنـهـن کـان مـوت ڀــلي وڃــي مــاري،
هــــــــت “شــــــاهه هــــــدايــــــت” آهـــــــي،
ٿـــــــو صـــــوفـــــي صـــــاف ســــڏائــــي،
پـــــــيــــــــو غــــمـــــن ۾ ته گـــــذاري.(73)





(ب) ادبي جائزو:
انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ سٺي ترقي ڪئي ۽ ارتقا جي طرف گامزن رهي. انگريزن مقامي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن تي مستقل حڪومت ڪرڻ لاءِ، هنن سنڌي ٻوليءَ کي اجتمائي صورت ڏني پوري هندستان ۾ هنن مقامي ٻولين کي اوليت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ مقامي ماڻهن سان انهن جي ٻولين ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، انگريزن پان به سکڻ شروع ڪئي جيئين اسين اصل باشندن تي لساني لحاظ کان به مٿن قابض رهون، بهرحال انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي ۽ باقائده ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ صحافتي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شمار ڪرايو، پوءِ هنن جا مقصد کڻي ڪهڙا به هئا، انهن پنهنجن مفادن خاطر ئي سنڌي زبان جي نشونما ڪئي ۽ ان ۾ ئي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪرايو. هن دور ۾ لکي تعلقو به پٺتي ڪين رهيو، ادبي دنيا ۾ هن تعلقي اهم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ هن تعلقي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو، ٻين دورن کان هن ۾ شاعر ۽ اديب تمام گهڻا پيدا ٿيا پر افسوس جو اهي تاريخي ورقن کان وانڍا رهيا ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهجي ويا، پرڪي ڪي ته سنڌي ادب توڙي فارسي ادب جا روشن ستارا رهيا، جن جا حوالا توڙي احوال ملي سگهيا انهن کي هنن تاريخي ورقن ۾ محفوظ ڪيو. ڪافي اهڙا شاعر مليا آهن جن جي شاعري شاندار رهي آهي، پر ڪي ته اهڙا شاعر به ٿي گذريا جن سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فني توڙي فڪري لحاظ کان هنن سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪيا پر ڪي اهڙا به شاعر مليا جن پراڻن گهاڙيٽن ۽ قديم شاعري واري ٽيڪنڪ تي طبع آزمائي ڪئي، اچو ته هيٺ ڏسون ته هن دور ۾ اسان کي ڇا ڇا مليو؟ شاعر عبدالعزيز سومرو (1816ع ـــ 1920ع) جنهن جو مولود اڄ به مقبول عام آهي، سندس هڪ مولود مليو آهي.
فقير الهه رکيو (1820ع ـــ 1915ع) جا بيت جيڪي قديم ٽيڪنڪ تي ٻڌل، آهن، جنهن ۾ بکر سومري ٽالپر دور واري جو اثر پيل ٿو ڏسجي، سندس چار بيت مليا آهن، جنهن ۾ مضمون پٽ پاراتي وارو سمايل آهي، فارسي شاعر جيڪو قطع تاريخ ڪڍڻ جو ماهر هو، اهو ميان نور محمد پيرزادو هو، جنهن جا تاريخي قطعا مليا آهن. فارسي ادب جو ٻيو شاعر سيد غلام مصطفيٰ لکوي جنهن جا فارسي زبان ۾ نظم مليا آهن ۽ ان کان سواءِ سندس سنڌيءَ جو طويل قصيدو مليو آهي، جنهن ۾ هڪ هڪ بند 18 مصرعن تي مشتمل آهي، فارسي ادب جو ٽيون شاعر سيد غلام مهتديٰ لکوي جنهن فارسي ادب کي زبردست تاريخي قطعات ڏٺا آهن، تڳيل سومرو جنهن جا جمالياتي رنگ ۾ رنڱيل 3 بيت مليا آهن.
سيد احمد علي شاهه لکوي، فارسي زبان جو شاعر جنهن فارسي ادب کي زبردست غزل ڏنا جنهن جو تذڪرو فارسي ادب جي تاريخ ۾ ملي ٿو. عبدالله سومرو جو هڪ مولود مليو آهي، صاحبڏنو “صابو” وڏي طالب اول جي خاندان مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو هڪ بيت مليو آهي، جيڪو پنجن مصرعن تي مشتمل آهي. صوفي سيد هاشم شاهه بخاري ڪافيءَ جو بهترين شاعر هو، جنهن جي ڪافين تي مشتمل قلمي مواد مليو آهي. حافظ هادي ڏنو، شاهه لطيف، سچل ۽بيدل جي شاعري جي تتبع ڪئي، صوفي شاعر جنهن جا ٽن قسمن جا بيت ۽ ڪافيون مليون آهن.
ميان عبدالله لکوي جنهن ڪافيون قصيده ۽ سه حرفيون چيون، جنهن جو مڪمل بياض ملي ٿو، جنهن ۾ ٻيون صنفون به شامل آهن، جهڙوڪ مولود، مرثيو، مدح ۽ غزل وغيره.
سنڌي ادب جو روشن ستارو فيض درياهه شاهه جنهن سچل جي تتبع ڪندي اناالحق جو نعرو بلند ڪيو ۽ صوفيت جي تحريڪ کي هٿي ڏني، جنهن جون ڪافيون وائي جي ٽيڪنڪ تي به مليون آهن، سومرو محمد طالب (چوٿون) جا اعليٰ قسم جا بيت مليا آهن جن ۾ وحدت الوجود سمايل آهي، ۽ سر سارنگ ۾ ته شاهه لطيف وانگر سنڌ جو دعاگو رهيو آهي، مطلب ته فقير طالب، شاهه لطيف جواثر تمام گهڻو قبول ڪيو هو، ڪل 36 بيت مليا آهن جيڪي مختلف سرن تي ٻڌل آهن.
سيد جمن شاهه “يقين” جون ڪافيون مليون آهن جيڪي فڪري لحاظ کان شاندار آهن جن مان ته وائي واري ٽيڪنڪ تي به ڪافي ملي آهي.
ابو شوڪت حمزو سوشلسٽ شاعر، جنهن جي شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي، جنهن نظم جا چار ڪتاب لکيا جن مان ٻه ڪتاب ڇپيل ملن ٿا، پر ناياب آهن جن ۾ ساڳئي ئي انداز ۾ نظم قلمبند ڪيا ويا آهن، پاڻ هڪ زبردست اديب به هو، جنهن جي لکڻيءَ ۾ انفراديت هئي، سندس شاعري ۾ به انفراديت قائم رکي ۽ ڪنهن به شاعر جو اثر قبول نه ڪيو، سيد مسڪين شاهه بخاري جنهن جا دوها، بيت ۽ ڪافيون ملن ٿيون منجهس مضمون رومانوي سمايل آهي، سندس قلمي بياض مليو آهي. سيد جمال شاهه بخاري جنهن جي هڪ ڪافي ملي آهي جنهن ۾ مجاز وارو مضمون سمايل آهي، سيد هدايت الله شاهه بخاري، حاجن شاهه مسڪين جو فرزند هو، جنهن جو ڪافين تي مشتمل بياض مليو آهي.
مجموعي طور هن دور ۾ ڪافيءَ جا گهڻا شاعر مليا آهن، جن شاندار ڪافيون لکيون، بيت جا به شاعر مليا آهن ۽ ٽن قسمن جي بيتن لکڻ وارو هڪ شاعر ٿي گذريو آهي، ان کان علاوه پٽ پاراتي وارو قديم نوع جي بيت تي طبع آزمائي ڪندڙ به هڪ شاعر مليو آهي، دوهي جو به هڪ شاعر مليو آهي، وائي واري ٽيڪنڪ تي ڪافيون چوندڙ ٻه شاعر مليا آهن ۽ اهڙين ڪافين جو نمونو به مليو آهي.
مولود چوندڙ ٽي شاعر مليا آهن، جن جا مولود به ڏنا آهن، سه حرفي لکندڙ هڪ شاعر مليو آهي، جنهن جون شاندار سه حرفيون آهن، ساڳئي شاعر جو مرثيو به مليو آهي جنهن جو طويل قصيدو مليو آهي جنهن جيترو اڳ ڪنهن به طويل قصيدو نه لکيو آهي. نظم جو هڪ ئي شاعر مليو آهي، جنهن جي انفراديت ئي ظاهر آهي ۽ طويل نظم لکيا آهن، فارسي ادب مان غزل، نظم ۽ قطعات جا ماهر شاعر مليا آهن.
مطلب ته انگريزن جي دور ۾ ٻين دورن کان تعلقي لکيءَ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ ڪافي ۽ بيت جا شاندار شاعر پيدا ٿيا، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ ڪافي بيت مقبول عام صنف هئي.
هن دور ۾ شاعر گهڻا پيدا ٿيا باقي هن دور ۾ ٻه اديب ٿي گذريا آهن، هڪ ميان عبدالله لکوي ۽ ٻيو ابو شوڪت حمزو هنباهي، جنهن مان ميان عبدالله جا نثري نمونا مليا آهن، باقي ابو شوڪت جو ڪوبه نمونو ملي نه سگهيو آهي، ان جو واحد سبب پوين جي سار سنڀال نه هئڻ ڪري ضايع ٿي ويو، باقي “هوڏو ٿي هو ڏينهن” ۽ “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ سندس نثر لکڻ جو ثبوت ملي ٿو، جنهن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. هن دور ۾ ميان عبدالله لکوي جو عربي زبان ۾ به هڪ شعر مليو آهي. مطلب ته سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي زبان به رائج رهي. جنهن ۾ تخلقيون ۽ تصنيفون ملن ٿيون.

باب پنجون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(2) ڳوٺ صادق جي وانڍ رستم شهر کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف ۽ چڪ شهر کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف واقع آهي. 1780ع ڌاري محمد عيسيٰ مهر ۽ محمد صادق مهر (جيڪي ٻئي ڀائر هئا جن جو واسطو مهر ذات سان هو) آباد ڪيو، وانڍ لوئي، يعني ننڍڙو ڳوٺڙو. هي خاندان رستم شهر کان لڏي اچي مال سانگي آباد ٿيو هو. ڪيترائي ڀيرا مهراڻ جي موجن جو بک ٿيو پر وري آباد ٿيڻ لڳو ۽ اڄ تائين وسندو اچي، (بحواله ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو 1982ع.)
(3) ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو 1982ع.
(4) ايضاً.
(5) وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ ڀاڱو ٻيو ڇاپو ٻيو 1985ع ص 99.
(6) ايضاً ص 100.
(7) ايضاً.
(8) ايضاً.
(9) مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي ـــ تذڪره تڪمله مقالات الشعرا ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 544.
(10) علوي امين الله پروفيسر ــــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 19، 20.
(11) علوي امين الله پروفيسر ــــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوا الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص ص 19، 20.¬¬¬-+شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي (قلمي).
(12) مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي ــ تذڪره تڪمله مقالات الشعرا ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 544، 545. + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(13)طويل سنڌي قصيدو جيڪو اٺن بندن تي مشتمل آهي، پهريون بند 18 مصرعن تي، ٻيو ۽، ٽيون 17 مصرعن تي، چوٿون 14 مصرعن تي، پنجون ۽، ستون 17 مصرعن تي، ۽ اٺون 16 مصرعن تي مشتمل آهن، هتي صرف ٻه بند ڏنا ويا آهن هڪ پهريون ۽ ٻيو اٺون. طوالت جي لحاظ کان سڀ ڏئي نٿا سگهجن.
(14) لکوي باغ علي شاهه حاجي ـــ (مرتب) گلستان طريقت: (سلسله مظهريت جو ٽيون ڪتاب) ڇاپو پهريون ـــ 1956ع مطبوعه محمد اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور.
(15) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 20. مقالو پروفيسر امين الله علوي.
(16) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ ـــ آگسٽ 1973ع ص: 20 .
+ابيات سنڌي مترجم و ممهد شمس العماءِ عمر بن محمد دائود پوٽو افتتاح ص (ڪ)
(17)ايضاً ص 21 + شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي.
(18) گهريو، هن بابت ڊاڪٽر بلوچ به لکيو آهي ۽ عثمان کٽيءَ جي روايت نقل ڪئي آهي، عثمان کٽي به ساڳئي خاندان مان آهي جن جو پاڙو الڳ آهي باقي اصل ڏاڏو هڪ هون، ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته :” ڪو¬ڙو، بچو، گهريو ۽ آهيو چار ڀائر هئا، جن جو اولاد ٿيو، ڪوڙي جا ڪوڙاڻي، بچي جا بچاڻي، گهريي جا گهرياڻي، آهيي جا آهياڻي، پاڙا سڏجن ٿا”. (سومرن جو دور ڇاپو پهريون 1980ع ص 367،سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل) گهربي جو پويون خاندان ڪنڌڪوٽ، سکر، ڪرمپور، پنوعاقل ۽ رستم ۾ موجود آهي، گهريو پاڻ هڪ سٺو شاعر هو.
(19)مينهون هي به گهريي جي خاندان مان هو پر پوءِ هن جي نالي پٺيان پاڙو الڳ سڏجڻ لڳو، سندس پويان رستم تعلقي لکي، پنوعاقل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهن ٿا، ميهاڻي پاڙي نالي سڏجن ٿا، انتخاب احمد جو مرتب حاجي احمد بخش سومرو هن پاڙي منجهان هو، مينهون خود هڪ سٺو شاعر هو، مينهون سومرو جو بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي سندس هڪ بيت مليو آهي، جيڪو مائي سڀائي حاجاڻي (سگهڙ زال) کان زباني طور مليو آهي. سندس زندگي بابت ڪو تفصيل ملي نه سگهيو آهي، ان ڪري هتي مليل بيت ئي ڏيڻ مناسب آهي.
(20) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(21) هي بيت مائي سڀائي سگهڙ زال حاجي احمد بخش سومرو جي گهرواريءَ کان زباني طور مليو.
(22) مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي ــــ تذڪره تڪمله مقالات الشعراء ڇاپو پهريون 1958ع ص 31 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
(23) مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي ــــ تذڪره تڪمله مقالات الشعراء ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 31. + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(24)ايضاً.
(25) ماهوارنئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(26) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(27) ڳوٺ ٽنڊو علي شير: هي ڳوٺ 1600ع ڌاري سومره خاندان جي هڪ فرد علي شير نالي آباد ڪيو، جنهن جي نالي پٺيان سڏبو اچي، هن ڳوٺ کي چوڌاري هڪ ڪچو قلعو تعمير ٿيل هو، پر اهو 1843ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو ۽ مهراڻ جي موجن جو بک ٿي ويو. (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ جلد پهريون (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو (سال 1982ع).
(28) “انتخاب احمد” (قلمي) ـــ مرتب حاجي احمد بخش سومرو 1956ع.
(29) ڳوٺ الياس: هڪ قديم تاريخي ڳوٺ آهي الياس نالي ڪنهن شخص ٻڌايو هو جنهن نالي پٺيان سڏجي ٿو.
(30) ڳوٺ ماڙي هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو شڪارپور شهر کان اڳ آباد هو، چيو وڃي ٿو ته جنهن زماني ۾ جهڪر، اروڙ، ڀنڀور ۽ موئن جو دڙو آباد هئا ان وقت کان وٺي آهي. قديم شاهراهه به هن ڳوٺ مان ڪراس ڪري اروڙ شهر ويندي هئي. (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ جلدـــ 1 (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو) 1982ع.
(31) صوفي سيد هاشم شاهه ـــ بياض هاشم شاهه ـــ سال؟
(32) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون اپريل 1965ع ص 115 کان 121.
(33) ايضاً 122.
(34) ايضاً +بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (مرتب) قافيون جلد ٻيو ڇاپو پهريون 1987ع مطبوعه : سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 653.
(35) بدوي لطف الله ـــ (مرتب) ڪيات خادم ڇاپو پهريون 1958ع ص ــ 10 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
(36) خواجه محمد سعيد پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضِل ـــ با شريعت با طريقت انسان خواجه ميان محسن جو فرزند هو، (جنم 1264هه وفات 1324هه) فارسيءَ جو بلند شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ڪافي ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، مشهور ڪتاب “صقال الصماثر” شرح آهي، هن جو ذڪر مخدوم محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب “تذڪره مقالات الشعراء” ۾ 337 صفحي تي ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس فارسي ڪلام به ڏنو آهي.
(37) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ـــ قافيون، جلد پهريون 1985ع ص 500. +بدوي لطف الله (مرتب) ـــ ڪيات خادم ـــ ڇاپو پهريون ـــ ص 10 1958ع.
(38) ايضاً.
(39) لکوي عبدالله ميان “مدح حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواري” (قلمي).
(40) لکوي عبدالله ميان ـــ بياض عبدالله لکوي (قلمي).
(41) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ــــ سڀ رنگ ــــ ڇاپو پهريون 1968ع ص : 213 مطبوعه مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
(42) سيد ڏنل شاهه اصل تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ “عظمت” جو ويٺل هو ۽ شاهه نصير جو طالب هو.
(43) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽرـــ تذڪره شعراء سکرـــ ڇاپو پهريون 1965ع مطبوعه سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکرـــ ص 125.
(44) ايضاً.
(45)ايضاً ص 126.
(46) ايضاً ص 127.
(47) ايضاً.
(48) ايضاً ص،ص، 126، 127.
(49)ايضاً.
(50) اصل ۾ اناالحق جو يا همه اوست جو نعرو حضرت بايزيد بسطاني رحه ڏنو تنهن کي منصور الحلاج نئين رنگ ۾ پيش ڪيو. تنهن کان پوءِ سچل ۽ بيدل وغيره جهڙن برزگن نعرو بلند ڪيو.
(51) ميمڻ عبدالغفور سنڌي پروفيسر ـــ عظيم سنڌي انسان ڇاپو پهريون 1981ع ص ص ص 163، 165، 166.
(52) خاصخيلي صوفي قربان علي قربان تارڪ ـــ صوفي ساڃاهه ـــ ڇاپو پهريون 1983ع ص 149 مطبوعه: مومن پبليڪيشن نوان جتوئي. +نجفي محمد هدايت علي تارڪ علامه (مرتب) ڀٽي عبدالغني اياز (سنواريندڙ) قلندري خطاب (داتا فيض درياهه جو ڪلام) ڇاپو پهريون 2002ع مطبوعه: اياز ڀٽي ص 108.
(53) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ــــ قافيون (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1987ع ص 667 مطبوعه: س.ا.ب حيدرآباد.
+نجفي محمد هدايت علي تارڪ علامه (مرتب) ڀٽي عبدالغني اياز (سنواريندڙ) ــــ قلندري خطاب (داتا فيض درياهه جو ڪلام) ڇاپو پهريون 2002ع ص 86.
(54) سومرو محمد شريف “شاد “ ـــ ڪلام طالب ــــ ڇاپو پهريون 1985ع ص 14.
(55) ايضاً ص 20.
(56) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون 1965ع ص 258.
(57) ايضاً ص ص 258، 259.
(58) راشدي سيد حسام الدين ــ هوڏو ٿي هو ڏينهن ــ ڇاپو پهريون 1977ع ص 249. مطبوعه س. ا. ب ڄامشورو.
(59) راشدي علي محمد ـــــ اهي ڏينهن اهي شينهن جلد پهريون ڇاپو پهريون 1965ع ص : 189، 190.
(60) ميان ماستر عبدالرزاق پيرزادو (1874ع ـــ 1969ع) 15 سال نوڪري ڪري، ترڪ موالات جي تحريڪ دوران استعيفا ڏنائين ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جو مبلغ ٿيو. ابو شوڪت حمزو جو رفيق هو. مخدوم شاهه عثمان جي اولاد مان هو. اصل ويٺل ڳوٺ فراش تعلقو سکر جو هو. سٺو خوشنويس هو. عمر جو گهڻو حصو ڪتابت جي مشغلي ۾ گذاريائين اٽڪل 85 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. (ماهوار پيغام ڪراچي مارچ اپريل 1981ع ص 71، 72).
(61) ماهوار پيغام ڪراچي ــــ مارچ اپريل 1981ع ص 74.
(62) ماهوار پيغام ڪراچي ــــ مارچ اپريل 1981ع ص 74.
+ ابو شوڪت حمزو ـــ انقلابي ڏنڊو ــــ ڇاپو پهريون 1939ع مطبوعه هاري جماعت چڪ.
(63) ابو شوڪت حمزو خان ــــ انقلابي ڪهاڙو (عرف وڏيرن جا پرڪار) حصو پهريون ــــ ڇاپو پهريون 1940ع مطبوعه هاري جماعت چڪ.
(64) بخاري سيد مسڪين حآجن شاهه ــــ بياض مسڪين شاهه (قلمي)، 1930ع .
(65) ايضاً.
(66) ايضاً.
(67) ايضاً.
(68) ايضاً.
(69) هيءَ ڪافي سندس فرزند مرحوم سيد لعل شاهه بخاري پروفيسر سنڌي شعبو گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور کان ملي.
(70) بخاري سيد هدايت شاهه ــ بياض هدايت شاهه (قلمي) ــ 1930ع.
(71) ايضاً.
(72) ايضاً.
(73) ايضاً.

باب ڇهون :

باب ڇهون :
(الف) انگريز دور جي لکيءَ جي ادبي تاريخ جو جائزو جنهن ۾ اهي شاعر ۽ اديب اچي وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ وفات ڪئي:(1880ع ـــ 1967ع):
هن حصي ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جو ذڪر ڪجي ٿو جن انگريزن جي دور ۾ جنم ورتو ۽ انگريزن جي دور ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ نثر خواهه نظم ۾ لکيو.
ورهاڳي کان پوءِ ويهن سالن اندر جن، هن دور ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن وفات ڪئي انهن کي هن باب ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ٻولي ترقي ته ڪئي پر ورهاڱي سبب لڏ پلاڻ جا اثرات مرتب ٿيا. ۽ سنڌ ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن جو هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. جنهن ڪري ادب جي ارتقا جو سفر سخت متاثر ٿيو.
سياسي طور وڏو بحران رهيو. سنڌي ٻولي سرحد پار به ٿپي ويئي پر وڇوٽيءَ سبب طاقت کي ڇيهو رسيو. سماج جي حوالي سان به سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيو. ۽ انا رڪيءَ جنم ورتو. جنهن ڪري ادب ۾ مزاحمت جو عنصر وڌيو ۽ ادب ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ۽ هجر وَفراق جون ڳالهيون، ۽ صوفيانه انداز فڪر وڌيڪ پختو ٿيو. ڪافيءَ جي صنف گهڻي ترقي ڪئي، جنهن ۾ سوز و گداز آهي.

سوامي گنگارام (1860ع ــ 1950ع):
سوامي گنگارام پٽ شري ڀاونداس پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 22 جون 1860ع ۾ پيدا ٿيو، سندس ٻه ڀائر شري سهجرام ۽ شري بيکچند به هئا، جيڪي زميداري جو ڪم ڪندا هئا، سندن هڪ دڪان به هو، جنهن تي شري گنگارام کي ننڍي هوندي ئي ويهاريو ويو هو، سندس ماءُ جو نالو اڱڻ ٻائي هو، پر هن جي دل ڌنڌي سان نه لڳي هئي، ننڍي هوندي ئي هن جو لاڙو سنتن ڏانهن تمام گهڻو مائل رهيو. جنهن سبب ڪاروبار تي ايترو ڌيان نه ڏنائين، هن کي سدائين لنو ۽ لوري پرڀوءِ جي هوندي هئي، جيئن جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن نام جي راهه ۾ وڌيڪ وڌيو ۽ جيءَ ۾ جهوري وڌندي ويس.
گنگارام صاحب کي جڏهن رسمي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي تڏهن شري گنگارام صاحب انهن ٻنڌڻ کان نابري واري، پر پوءِ والدين جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي هن اها ڳالهه قبول ڪئي، کيس صرفو ڳوٺ لڳ چڪ مان هن جي شادي مائٽن مان ڪرائي ويئي، سندس گهرواري جو نالو ڌرمي ٻائي هو، کيس ٽي پٽ ڄايا.
هڪ دفعي بهاولپور جو سنت چانڊورام جو اچڻ ٿيو ان سان ملي کائنس گر اپديش وٺي سندس شش ٿيو، پوءِ ته گنگارام صاحب ڏاڍي شرڌا ۽ لگن سان گروءَ جي سيوا ڪندو رهيو، گروءَ جي سيوا ۽ سنگ ۾ سندس رام جو رنگ لڳو، سندس اندرين اک کلي پيئي، پوءِ ته دنيوي ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي تارڪ الدنيا ٿي ويو ۽ سائين جي سمرڻ جو سچو ڌنڌو اختيار ڪيائين.
سندس ڀائرن تمام گهڻو ستايو ته سنسار کان ايڏو ڪنارو نه ڪر، پر هن سچيکنڊ درٻار قائم ڪئي، ان درٻار ۾ پريمين کي نام جو امرت پيئاريو، هن سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي نام جو پرچار ڪيو، دکي دلين کي روحاني راحت ڏني، شرڌا وچان پريمين کيس سوامي گنگارام ڪري سڏڻ لڳا ۽ “سوامي” جو اعزاز ۽ لقب ماڻيو.
سوامي صاحب لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ لکي ٿو ته “چڱو شاعر هو ڪيترو ئي شعر چيو اٿس، جو سلوڪن، ڀڄنن، سه حرفين، 35 اکريءَ، ڪافين، هفتي جي ڏينهن ۽ مهينن جي سلسلي وارن بيتن تي مشتمل آهي، سندس سکيا جو مطلب آهي ته پنجن دشمنن يعني، ڪام ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار کي جيتي، من کي صاف ڪري، نامي روپي امبرت جو پيالو پيئڻ گهرجي، سندس ڪلام مضمون توڙي لفظن جي سلوڻائيءَ ۽ سوڌائيءَ جي ڪري نظم جو چڱو نمونو پيش ڪري ٿو.”(1)
ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سنت” ۾ لکي ٿو ته “سوامي گنگارام هڪ سچو ساڌڪ هو، ساڌڪ مان سنت ٿيو، ڀڳتي ساڌنا جي پٿ تي پنڌ ڪندي. جي ويچار هن جي من ۾ پيدا ٿيا تن کي هن صاحب سلوڪن ۽ ڀڄنن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي”.(2)
ڪوي سوامي صاحب 40 سال پرچار ڪرڻ بعد 2 جون 1950ع مطابق 15 شعبان 1369هه مطابق 20 ڄيٺ 2007 بڪرمي، جمعي رات، هن دنيا کي هيشه هميشه لاءِ ڇڏي وڃي ڀڳوان جي نگري ۾ داخل ٿيو.
سوامي گنگارام صاحب تمام بلند پايي جو شاعر هو، سندس سلوڪ، سامي چين راءِ لنڊ شڪارپوري کان پوءِ ٻئي نمبر جي حيثيت رکن ٿا، سندس مضمون به ساڳيو ئي سامي صاحب وارو شامل ڪيو آهي. جيئن سامي صاحب چيو آهي:
مــايــا مــنــجــهه مـستـان، مُـورکَ رهن ڪيترا،
ڪال نه ڏسن ڪنڌ تي، ڪـشـيـو بـيـٺـو ڪــانُ.
ورتــن ويــد ويــچــار ســان، نـيـهــي نــر اَڀـمـان،
ڀڳت ڏنـي ڀـڳـوانُ، جـن کـي پـرچـي پانهنجي.(3)
اهڙي ئي انداز ۾ گنگارام صاحبه به چيو آهي :
مـــــايـــــا ۾ مــســـتــان، ســـڀــئــي جـــيءَ جـــهـــان جـــا،
ٿـــــورو ٻـــــل پــــائي ڪــــري، انــــڌا ڪـــن اڀــــمـــان،
ٻـــوڙا ٻــــڌن ڪــيــنــڪــي، ٿــيــنــدو ڪــوچ مـڪـان،
سـڀـنـي جـو جـهـان، “گـنـگـارام” مڃي ويٺو مت ري.(4)
ڪوي گنگارام صاحب کي شاعري جي فن ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هئي، کيس وڍڪٽ ۽ لفظن جي ڀلي ڀت پروڙ هئس، سندس شاعري صوفيانه رنگ ۾ رڱيل آهي، تنهن ڪري هن کي سنت سوامي ڪوي ڪري سڏيندا هئا، سندس شاعري تي سامي صاحب جو اثر نمايان نظر اچي ٿو، سندس همعصر شاعر تيجومل هو جيڪو چڪ جو ويٺل هو ٻنهي جي زندگي گڏ گذري، سندس ڪجهه شاعري هيٺ نموني طور ڏجي ٿي.
پــر پـيـتـو سـي جـام، انـڀـئـي آب حـيـات جــو،
جـوت سـڃـاڻي جـوت ۾، رڳ رڳ ٻولي رام،
مست ٿياسي مئخاني ۾، ڪٽي ڪلپت ڪام،
ڪـــهــي “گـنگارام” اسـتـت رهـون آڪاس ۾.
چـکـي بــيــحــد بــونــد، عـاشـق اڏاڻـا عـرش ۾،
لا غــــرض لــڳـا لــک ۾، مـنـي ســڀ فــرمــود،
دريـــا ٽــــپــــي ســـمــــونــــڊ، گــنگـارام پـار پـيـا.
ادب ســــان ٿــــي آءُ، اڳـــيــــون عـجــيــبــن جـي،
مــــڪــــر مـــــوڙا مـــــن جــــا، ڪــڍي ديــتـا ڀــاءُ،
هـيڪـڙائيءَ جـي هـل ۾، تــون مـري ٿـي ماهه،
“گـنگارام،” گـنـاهه، عيب نه رهـي هيڪڙو.(5)

سوامي گنگارام صاحب جا پويان لڏي، هندستان هليا ويا ۽ اتي ئي وڃي ويٺا، تنهن ڪري سندس شاعري جا لکيل مجموعا هتان کڻي ويا.
شـــبـــد
بـنـا مـلـي مـحـبـوب جـــي، روئـــــڻ زارون زار،
سـسـئي کـي سـڪ پنهل جي ڏاڍي برهه ڪئي بيزار.
زلـيـخــا يــوســف لــئــي، ڇــوڙ ديــو گــهــر ٻــار،
عـاشـق مـجـنـون لـيـلان، سـرجـي نـانـهـه سـنـڀـار.
سـهـڻـي گهري سـير ۾، لڳس ميهڙ جي تنوار،
هـير مئي رانـجـهـوءَ لـئـي، مـائـٽـن جي نه ميار.
نـوبـت وڳـي نـيـهـن جـي، اچي عاشق پاڻ اجار،
بلـوچـوي بـرهه آهـي اڻـانـگـو، پل پل پري پچار.(6)

سندس نالي هڪ ننڍو مندر چڪ شهر ۾ رٽائرڊ ماستر ڪوڙومل جي گهر ۾ اڄ به موجود آهي. سندس چڪ جي ششن ۾ ڪوي تيجومل، ڀائي شوترام مست نڙائي، ڪشنچند نيوندرام، پهلاج راءِ، وغيره هئا. انڊيا ۾ چترڀڃ موٽومل پرياڻي 1990ع ۾ (امرت واڻي) نالي هڪ ڪتاب ، ليکڪ ڪشنچند نيوندرام پرياڻي جو ڇپرايو جنهن ۾ سوامي گنگارام جي شاعري پڻ ڏنل آهي. جيڪا راڳن جي سرن، سر پرڀاتي ڪوهياري، آسا، سورٺ، سارنگ، حسيني، جوڳه، ڌناسري وغيره تي آڌاريل آهن.

تيجومل (1865ع ــ 1950ع):
تيجومل پٽ ورندرام پٽ ٻڍارام، تيجومل پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1865ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي هڪ پاٺ شالا ۾ حاصل ڪئي. جتي سنڌي ۽ هنديءَ جي تعليم ورتائين. گيتا جو گهرو مطالعو ڪيو جنهنجو برزبان ڪيترو ئي حصو ياد هوندو هو. ڌرمي تعليم ملڻ ڪري هن جو خيال سنتن طرف ڇڪجي ويو. سنتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ ساڻن سنگت رکيائين. دنيا جا سڀ ڪاروبار ڦٽا ڪري ڌرمي پرچار شروع ڪيائين پاڻ سوامي گنگارام صاحب جو شش بڻيو ۽ ان جو پيروڪار ٿيو. سوامي گنگارام صاحب جي سنگت ۾ اچڻ ڪري هن جي دل جي دري کلي پيئي ۽ ٽين اک، شعور واري نظر عطا ٿي. ان نظر سان هن جيڪو ڪجهه ڏٺو ان کي هن سلوڪن ۽ ڀڄنن جي صورت ڏني. سندس شاعري ۾ گنگارام صاحب استاد هو ۽ مٿس ان جو گهرو اثر هو. نهايت ئي عمدا ڀڄن لکيا آهن. تيجومل ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ پنجا اسي ورهين جي ڄمار ۾ 1950ع ڌاري وفات ڪيائين.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب هن ريت لکيو آهي:
چڪ جو ويٺل هو، ۽ چڪ جي سوامي گنگارام صاحب جو شش هو. گهڻو ڪلام پنهنجي سوامي جي ساراهه ۾ چيو اٿس. سندس والد جو نالو ورندرام هو، چڪ جي مکي ٻڍارام جو پٽ هو. ويجهڙائيءَ واري دور جو آهي. گنگارام کانسواءِ وسڻ رام، ۽ ڪنوررام جي ساراهه ۾ ڀڄن چيا اٿيس. ان کان سواءِ عشقيه ڪلام به چيو اٿس، ۽ سماجي اوڻاين جو ذڪر به ڪيو اٿس مثلاَ: ڏيتي ليتيءَ جي رسم کي هن طرح ٿو نندي”ڏيتي ليتي گهر گهاٽ وڃائي، جا وير وروڌ ڇڏي وڌائي، ڇو ڦندي پاڻ ڦاسايو، اها ڏيتي ليتي هٽايو”.(7) فني لحاظ کان “ڀڄن” ڪافيءَ جو ئي هڪ نمونو آهي. نموني طور سندس هڪ ڀڄن هيٺ ڏجي ٿو:
لعل عيبن ڀريل آهيان، مان ڪهڙو حال سڻايان.
عـــمـــر ســــاري مـــون ويــهــي،
وشــــــيـــــن ۾ ته وڃــــــــائــــــــي،
ڪـيـئـي کـوٽـا ڪـرم ڪمايان.
راتــيــان ڏيــهـان ڪـچ ڪمايم،
ڪوڙ ڪـپــت ۾ عـمـر وڃايم،
تـوکي بـديـون ئـي بـخـاشـايـان.
در تـنـهـجـي “تيجو” آيم ڪاهي،
وشـيـن کـان تـون وٺ بـچائي،
نــت ڳــڻ تـــنـهـنــجـا ٿي ڳـايـان.(8)

ڪوي تيجومل صاحب گهڻو ڪلام چيو سندس همعصر شاعر ابوشوڪت حمزو ۽ گنگارام هو جيڪو کيس استاد به هو، سندس پويان هندستان هليا ويا پر سندس مائٽ ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ٻڍاڻي ۽ ٻيا هن وقت به چڪ ۾ آهن. تيجومل جي اولاد انڊيا جي شهر اجمير ۾ رهي ٿي.

قادر بخش فقير (1881ع ــ 1951ع:
فقير قادر بخش ولد محمد بخش ميمڻ پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ سن 1881ع ڌاري تولد ٿيو. غريب خاندان جو ماڻهو هو، شاهه لطيف چواڻي: “ڏٿ ڏهاڙي سومرا آڻين ۽ چاڙهين” واري ڪار هئي. پاڻ اڃان پنجن سالن جو مس هو جو مٿي جي ڇانو ۽ شفقت کان محروم ٿي ويو سندس والد سڳوري هميشه لاءِ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. اوڙي پاڙي جي ٽڪرن تي پلجي وڏو ٿيو. غربت سبب تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. سندس ننڍي هوندي کان ئي لاڙو فقيريءَ طرف هوس. پاڻ هيڻائي واري حال ۾ ڇڙي زندگي گذاري ستر سالن جي ڄمار ۾ 1951ع مطابق 1370هه ڌاري رحلت فرمائي.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن طرح لکي ٿو ته: “پاڻ اڃا ننڍو ئي هو،ته سندس والد وفات ڪئي، جنهن ڪري سندس پرورش چڱي طرح ٿي نه سگهي. هڪ اڳي ئي هو نٻل ٻيو وري ننڍي کان ئي ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺائين انهيءَ ڪري بدن ۾ ڀرجي نه سگهيو. بدن جي هيڻائيءَ جي ڪري ڪرت ۾ به ڪمزور هو: جنهن ڪري سندس ڪمائي ٿوري هئي، اهڙي هيڻي حال جي ڪري مائٽن کيس سڱ ڪونه ڏنو، جنهن ڪري سڄي حياتي شاديءَ کان محروم رهيو، اهوئي سبب آهي، جو سندس ڪلام ۾ سوز ۽ درد آهي. هو هڪ بي پرواهه ۽ خوددار انسان هو. ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو ٿورو کڻڻ ۽ مفت کائڻ عيب سمجهندو هو. هڪ وڏو ناصح غريبن ۽ ڏکولين جو همدرد هو. ڪنهن کي مصيبت ۽ ڏک ۾ ڏسي سندس هڏ پيو ڪرڪندو هو. سندس تڪليفون دور ڪرڻ ۽ سندس مدد ڪرڻ لاءِ پڄنديءَ وارن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي کين امداد لاءِ جتن ڪندو هو. ننڍي هوندي کان ئي راڳ ٻڌڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق هوندو هوس. سگهڙن ۽ سپورنجن جون ڪچهريون شوق سان ٻڌندو هو. فقير هو، راڳ جو شوقين هو، پر عالمن جو صحبتي ۽ شريعت تي هلندڙ به هو. جيتوڻيڪ صفا اڻ پڙهيل هو، پر عالمن جي صحبت جي ڪري چڱيءَ ٻڌ وارو هو. سندس حافظو تمام تيز هو. پاڙي جي مسجد جو بانگو به هو: ۽ بانگ ڏيڻ فخر جو باعث سمجهندو هو. آزاد خيال وري اهڙو هو جو هندن جي مندرن ۾ وڃي ڪٿا به ٻڌندو هو. مطلب ته فقير صاحب ڪيترن ئي صفتن ۽ خوبين جو مالڪ هو. ڍ
چڱو شاعر هو، سندس ڪلام سادو پر رس ڀريو ۽ پاڪيزه ۽ پراثر آهي. شاعري نه ڪنهنکان سکيائين ۽ نه ڪنهن شاعر جي شعر جو مٿس اثر پيو، جو ڪجهه پرايائين، سو طبع جي توانائي ۽ فهم جي تيزيءَ سان سندس شعر سادو، سلوڻو ۽ سندس دل جو آواز آهي. نهايت حساس طبع هو: انهيءَ ڪري جڏهن به ڪو اڻ سهائيندڙ واقعو ڏسندو هو ته هڪدم ان تي ڪافي جوڙيندو هو: يا جيڪا ڳالهه دل کي نه آئڙندي هئس ته هڪدم ان کي منظوم ڪري ويندو هو. سندس ڪافيون مشهور هيون، ۽ ڪيترا بند چوڻيون ٿي ڪتب ايندا هئا. سندس ڪلام ۾ تصوف متعلق به ڪجهه قدر اشارا ملن ٿا. هيٺين ڪافيءَ ۾ پنهنجو اصلي ماڳ ۽ مڪان، ساٿي ۽ ڏوٿي ياد ڪندو نظر اچي ٿو، جنهن کي صوفي “عالم الارواح” چوندا آهن.”(9)

ڪـــافـــي
سرتـيـون سـانـگين لئي سڪان، ويٺي ساريان،
عـــمـــر هــيءَ پــنــهـنـجـي، ڏکـــن ۾ گــــذاريــــان.
اديــــــــون ابـــــــاڻـــــــــا، ٿـــــــيــــــــم ڏور ڏوٿـــــــي،
جـيــئــڻ ڪـهـڙو مـنـهـنـجـو، پـريـنءَ جي پڄاڻان.
قـســمــت آهه مــون کــي، ڪــيــو هــتــڙي قـابـو،
روئـان رات ڏيــنــهـان، وطـن ڪئـين وسـاريــان.
مـون کي تـات مــارن جـي، طــلــب تـات تــن ۾،
پــنـهـنـجـو ساهه سـارو، ڳـڻـتـيـن ۾ ٿي ڳـاريـان.
“قــادر بـــخــش” آهــــن، امــــيـــــدان، الله¬¬¬¬¬¬¬¬¬ ﷻ ۾،
ڪري سـوال سـڪ مــون، پـريـنءَ کي پڪاريان.(10)

واحد جي واکاڻ هن طرح ٿو ڪري:
وڏائي تيري سائين، وڏائي تيري ديکيم دل سان دلبر.
جِــنَ، انــســان، حــيــوان هــزاريــن،
سڀ ساراهه ڪن ٿا سدائي تيري.
عـــرش، زمــيــن بــاري تــو بـنـايـو،
خــــوب بــــڻــــي آ خـــدائـــي تــيـري.
دولــــت دنــيـــا ڪــن کــي مـــلــي آ،
عـاشـــق ڪـن ٿــا گــدائــي تـــيـــري.
“قادر بخش” سان ڪر محب ملڻ جي،
جــانـــب مــاري ٿـي جـدائـي تـيـري.(11)

فقير صاحب ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام تمام گهڻو چيو پٺيان ڪو وهي وارث نه هئڻ سبب شاعري جو بياض محفوظ رهي نه سگهيو، خبر ناهي ته سندس ڪلام ڪٿي آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي ۽ ڪهڙي حالت ۾آهي؟ فقير صاحب زندگي جي پڇاڙي ۾ صفا صوفي ٿي ويو هو. سندس ڪلام ۾ اهوئي رنگ ڀريو هو. ۽ ڪافيءَ جي فن ۾ ڀڙ هو پر افسوس جو سندس پڇاڙي وارو ڪلام ملي نه سگهيو آهي. فقير صاحب جي قبر مبارڪ ڳوٺ ماڙي واري قبرستان ۾ آهي.

عبدالعزيز شاهه بخاري (1883ع ــ 1953ع):
عارف با الله فقير مولوي سيد عبدالعزيز شاهه ولد مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)(12) بخاري عرف يعقوب علي شاهه بخاري ولد سيد گل محمد شاهه بخاري چڪ جي اهلبيت عالم فاضل گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا ڪنهن زماني کان وٺي چڪ شهر ۾ سڪونت پذير هئا. ائين کڻي چئجي ته ستين پيڙهي کان آباد آهن. مولوي عبدالعزيز شاهه جو والد سڳورو مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) عرف يعقوب علي شاهه بمبئي جي دارالعوم ديوبند ۾ مُدرس به ٿي رهيو، ۽ اتي مقيم ٿي ٻه حج ڪيائين، جت مولوي عبدالعزيز شاهه 1883ع ڌاري پيدا ٿيو، جڏهن ٻارهن ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته چڪ ۾ موٽي آيا. ٿوري عرصي کا پوءِ سندس والد صاحب هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ وڃي حقيقي مالڪ الاهي سان مليو. ان کان پوءِ مولوي عبدالعزيز شاهه، پنهنجي وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاهه جي زير نگرانيءَ ۾ سومراڻي شريف واري مدرسه ڪنزالعوم لڳ رستم ۾ عربي، فارسي جي تعليم ورتائون، سندس وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاهه سومراڻي واري مدرسي ۾ ئي دستاربندي ڪئي، پر مولوي عبدالعزيز شاهه ٽيهن سالن جي عمر ۾ اتان نڪتو، ۽ نڪري بنگل ديري ضلع لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. اتان واپس وري پنهنجي شهر چڪ جي هڪ مسجد ۾ مدرسو کوليائين. اٺن ورهين جي درس و تدريس کان پوءِ مدرسو ڇڏي پنهنجي گهر ۾ تصنيفات جو ڪم شروع ڪيائين، ويندي مرڻ گهڙيءَ تائين گهر کان ٻاهر نه نڪتو. پاڻ علم ابجد جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن جي سکڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئا. پر ڪيترا ماڻهو وٽن ايندا هئا ته اسان جي چوري ٿي ويئي آهي ان جو حساب لڳائي ٻڌائيندا ته ڪنهن ڪئي آهي؟ يا وري ٻين ڪمن ڪارن لاءِ اچڻ ٿيندو هو. جن جو علم ابجد وسيلي حل ڳولي ڏيندو هو.
عبدالعزيز شاهه هڪ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات مان هڪ شاعري جو بياض مليو آهي باقي تصيفن جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويون؟ ڇاڪاڻ جو پوين کي ايتري سرت ڪونه هئي جو سنڀاري رکن، چيو وڃي ٿو، ته هڪ ڪتاب: شرعي مسئلن تي لکيو هو جنهن ۾ منجهيل مسئلن تي روشني وڌل هئي. ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي تصنيفات هيون مگر انهن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي. سندس لکڻيءَ ۾ زبردست رواني هئي پر افسوس جو سندس شاعري کان علاوه ٻي ڪابه ڪاوش اسان تائين پهچي نه سگهي آهي. سندس شاعري ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتيون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا چيا آهن. سندس ڪتاب “علم ابجد جا اصول” جنهن ۾ علم ابجد تي تفصيلي روشني وڌل هئي، جيڪو به گم آهي. پوين وٽ به سواءِ شاعري جي بياض جي ٻيو ڪجهه به موجود نه آهي. باقي سندس لکيل خط ۽ ٻيون تحريرون هيون ۽ خطن جا جواب آيل هئا، جيڪي اُن وقت جي عالمن ڏانهن لکيا هئا. اهي سڀئي پوين تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيا. ڪيڏي نه ستم ظرفي چئبي جو سندس نچوڙيل نور مان اڄ ڪوبه مستفيض ٿي نٿو سگهي.
مولوي صاحب ستر ورهين جي ڄمار ۾ سن 1953ع مطابق 1372هه ۾ رحلت فرمائي. هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ خبرباد چئي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو ۽ ابدي آرمي ٿيو. پٺيان هڪ پٽ ڇڏي ويو، جنهن جو نالو انور علي شاهه (1917ع ـــ 1972ع) هو. جيڪو هڪ ڪلاسيڪل فنڪار ۽ شاعر هو.
مولوي عبدالعزيز شاهه نهايت هڪ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. پاڻ شروع ۾ هن مولود لکيا پر پوءِ سندن خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ شاعري تان مذهبي رنگ کڄندو ويو. تان جو وڃي صوفين واري منزل تي رسيو، سندس شاعري سٺن شاعرن جي صف ۾ ليکي وڃي ٿي. سندس شاعري جي اصولن ۽ پابندين جي پوري ڄاڻ حاصل هئي، ۽ صنفن جي گهاڙيٽن کان به باخبر هو. کيس تمام وسيع مطالعو هوس.
سندس نالي پٺيان چڪ شهر ۾ ستين جولاءِ 1975ع ۾ “العزيز ادبي انجمن” قائم ڪئي ويئي هئي. جنهن جو بنياد وجهندڙ دوست،غلام علي چنو، نذير “ناشاد” سومرو، رشيد سومرو،هارون چنو ۽ شوڪت سيٺارهئا. پر افسوس جو اها ڪجهه وقت هلي بند ٿي ويئي. ادبي انجمن قائم ٿيڻ ڪري ادبي ماحول وڌڻ لڳو. ۽ انجمن جي عهديدارن، پهرين ڪم، “عبدالعزيز شاهه جي شاعري” هٿ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو . نتيجي ۾ ڪجهه ڪلام ڪٺو ڪيو ويو پر مڪمل ٿي نه سگهيو. جيڪو ٿيو سو اهو سنگت وٽ محفوظ آهي. تنهن بعد وري “چاس” چڪ ادبي سنگت وجود ۾آئي. عبدالعزيز شاهه جا همعصر شاعر: فقير قادر بخش ماڙي وارو، سوامي گنگارام، تيجومل، مهر عيسو فقير وانڍائي جن هئا. پاڻ مولانا همايوني واري بزرگ مولانا عبدالغفور صاحب جو مريد هو، ۽ ان جي ئي خيالن جو پيروڪار هو ۽ ان جو ئي شاگرد هو. سندس وصيت مطابق ڪارو ڪفن ڏئي چڪ جي وٽنري اسپتال ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙو اظهار پنهنجي هڪ ڪافي ۾ ڪيو هو. سندس ٽي ڏوهيڙا ماهوار رسالي اديون ۾ استاد غلام علي چنو صاحب جن موڪليا هئا، جيڪي شايع ٿيا. ان کان سواءِ مولوي صاحب مرحوم سنڌيءَ سرائڪي ۽ فارسي ۾ به شاعري ڪئي آهي. هن هيٺ سندس شاعري جو نمونو ڏجي ٿو:
آتـــــڻ جــن اجـــاريـــو، ســــگــــهــــڙ ان ســـي ســـڏجـــن،
مــيــڙي مــيــر مــحــمــد جــي، مــنــڌان ســي مــرڪــن،
جــــنـــــت ۾ جـــــرڪـــــن ائــــــٽ تـــــنـــــي جــــــا اجـــــرا.
ڪـوڙي ڪـتـيـن نه پــاءُ، تــون سير ٻڌائين سڀ کي،
اٿــئــيــن نه اســر ويــل جــو تــوکي ســمـهـڻ ڏنـو سـاءُ،
ســـڀـــنـــي ســــرتــــيـــــن کـــــان اٿـــــي آتـــــڻ تـــــــون آءُ،
متان وٺي وڃيهءِ واءُ، انهيءَ آرس “عبدالعزيز” چئي.
ويــٺــي چـــرخــــو چــور، تــــون ابـــرو عــجـيــبــن جــو،
ســنـهـــو ٿـــلـــهـــــو ســـفــرو، ســڳــڙو ويــٺـــي ســـــور،
مـــتـــان ڇـــنـــيـــن ڏور، ته تـــوکـــي آتـــڻ اچـــڻ نه ڏي.(13)
سرائڪي بيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
گــهــو نـگـهـٽ مـار مـسـلـي ٻـهـنـدي وچ مـسـجـد ملان قاضي،
عـــلـــم ابــلــيـــس شــر شــيــطــانــي، ظـــاهـــر نـــيـــڪ نـــمـــازي،
اتا مرو نناس بل بروتنسئون انفسڪم يارو ويکو طلسم بازي،
نـــمـــرودي شــيــطــانــي ٽـولـي رکـنـدي نـال نـبـي دي نـاسـازي،
رب هوسئي هردم راضي، “عزيز” انهان نون ڇوڙي منهن جا موڙي.(14)

ڪـــافـــيون
ڪيـئــن باب ب ـــ ت جـو پــڙهــن، جـيـڪـي مـحـدث عشق جا،
هـو حـق پڙهيل آهن اصل کان هيءُ اٿو پڙهيل رنج عشق جا.
تـــوحــيــد جـــي تـخـتـي پــڙهـي جـــن الــف کـي اثـبـات ڪــيــو،
سـي وري ڪــاڏنــهــن ســکــيــا ڦــيــريــون، ڦــڏا، ڦـنـد فـشـق جـا.
عـــــالــــمـــــن ۽ عـــــشـــــاقـــــن وچــــــم، آهـــــي وڏو ڏاڍو فـــــرق،
تـــوڙي گـــلابـــي گـــل جـــون ڪـــاڏي مـــراتـــبـــا مـــشــڪ جـــا.
ســاقي هٿان ساغر پيتو، جنهن اهل دِل “عبدالعزيز”
سـي وري ڪاڏنهـن پـيـئـن، ڪامل پيالا ڪشڪ جا.(15)

طالب تـوکـي سـالـڪ صوفي ويهه ته سر سمجهايان ٻول ٻڌايان.
وفــي انــــفــــڪــســم ڳـول ڳـجـهـارت روح الله بــرهه بــشـــارت،
رنـــدي رمــــز رلايـــــان، ســـــر ســــمـــجـــهـــايــــان ٻــــول ٻــــڌايــــان.
عــابــد به تـون مـعـبـود به تون آن، طالب تون مطلوب به تون آن،
ان الــــحـــق اَلايــــــان، ســــــر ســــمـــجـــهـــايـــان ٻــــول ٻــــــڌايـــــــان.
“عـبـدالـعـزيـز”سـڪي ٿـو سـڪ ۾، نـوڪـر چـاڪـر آهي چڪ ۾،
تـــوڙي کـــل کــــلايـــان، ســـرســـمــجــهــايـــان ٻــــول ٻــــڌايــــان.(16)

غـــزل
هــــن بــــاغ ۾ مــــان پــــنــهــنــجـــو گـــل نـــٿــو ڏســان،
ٻـــيــا گــــل ســڀــئــي ڏســان ٿـــو ســنــبــل نــٿــو ڏسان.
ڪـٻريون ڪن ٽرين ٽرين، هيڙها فوسيون هـزاريـن،
ڀــــنــــورڀـــــلارو عـــــاشـــــق بـــلـــبـــل نــــٿــــو ڏســــــان.
چــلــمــان چــروٽ، ٻــيــڙيــون لــکــيــن ٿــا پين دنيا ۾،
خـــون شـــراب ســــاقــــي ڪــــل ڪــــل نــــٿـــو ڏســــان.
ســڌڙيـا سـويــن ڏســان ٿــو، عاشق سون ۾ ڪو ڪو،
وئــــي آ بــــازار ڀـــرجـــي، هــــلــــچــــل نــــٿــــو ڏســـان.
“عــبـدالـــعـــزيـــز” ڇـــا گـــل وڃــي، بــاغ پـاڻ بـڻـجـي،
هـــــڪ آ قــــصــــور تـــــوم، تـــوڪــل نـــــٿـــــو ڏســــان.

سندس شاعري ۾ تصوف جا نڪتا ۽ صوفيت جا نڪتا سمجهايل آهن. غزل ۾ ڪٿي ڪٿي ڪچايون نظر اچن ٿيون. غزل تي سندس دسترس حاصل نه هئي. هڪ الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي غزل مليو آهي. سندس الف اشباع وارو غزل هتي ڏجي ٿو:
هــر رنـگ وچ وهــيــن تـون، رنگي بـادشـا،
ڪــنــهـن جــاءِ شـهـنــشـاهه، ڪنهن جـاءِ گـدا.
عــجــب آ جــو آذر قــديــمــيــن هــو ڪــافــر،
ڪــيـــئـــن نــــاز گــــلـــــزار خــــلـــيـــلا تـــشــا.
ڪڏي جمنا ڪناري ڪڏي ڪاسي کي دواري،
ڪــڏي مــنــزل مـديـنـه ڪـڏي بـيـت الـعـضـا.
عبراني توڙي عربي گيراني توڙي غربي،
ڪن سـاراهه صـفـت تــنـهـنـجـي جـــاءِ بــجــا.
مـولـوي نـاهـيـن مـحـال رنـدي ڪيل مقال،
بـــس ڪــر بــــس “عـــبــدالــعــزيــز” عـاجــزا.(17)

عيسو فقير (1889ع ــ 1954ع):
فقير جو اصل نالو محمد عيسيٰ ولد نظر محمد بن سچيڏنو بن محمد عيسيٰ (اول) مهر آهي. سندس وڏا اصل رستم جا رهاڪو هئا. پر پوءِ رستم شهر مان لڏي وڃي ٿوري پنڌ تي جهنگ ۾ نئون ڳوٺ رستم کان پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف ٻڌي وڃي ويٺا.جيڪو اڄ به “صادق جي وانڍ” جي نالي سان مشهور آهي. پر هن ڳوٺ جو اصل نالو “عيسيٰ جي وانڍ” آهي.
فقير صاحب سهروردي طريقت جو هو. سندس جنم 17 جنوري 1889ع مطابق سن 1309هه آهي. پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق جي وانڍ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم تمام ٿوري هئي. مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي شريف ۾ حضرت مولانا عبدالقادر صاحب جن وٽ تعليم ورتي. جنهن ۾ قرآن شريف ناظره پڙهيو ۽ هڪ فارسي جو به ڪتاب پڙهيو. پر پوءِ وڌيڪ تعليم ڪونه پرائي ان جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس والد صاحب کي ڪافي چوپايو مال هوندو هو، ان ڪري هن کي انهن جي چارڻ لاءِ وقف ڪيو ويو. ۽ تعليم کان منع ڪئي ويئي. پوءِ ته فقير صاحب سڄو ڏينهن جهنگ ۾ پيو لين لاڻين، ٻوٽن ٻارن، ڍنڍن ڍورن واهن، لاهن سان پيار ڀريون رهاڻيون ڪندو رهندو هو. فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي با اخلاق ۽ بهترين گفتار جو مالڪ هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي درويشي خيالن ڏانهن لاڙو هوس. کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي، جنهن سبب فقير صاحب جي دل ۾ شڪتي پيدا ٿي، جنهن سندس ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏيو. پوءِ فقير صاحب ان اندر جي آلاپ کي شاعري جو روپ ڍڪايو. پاڻ ڪافيءَ جو قلندر شاعر هو.
فقير صاحب ٻڍل فقير جو همعصر هو، ۽ شاعري، هٻڪئي کي ٻڌائيندا هئا. فقير صاحب 18 ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. مرندي دم تائين شاعري ڪندو رهيو. پڇاڙي واري وقت ۾ مستي ۾ اچي ويو هو، پوءِ خبر نه پوندي هيس ته مان ڇا چوان ٿو. اهو سڄو ڪلام سندس عزيزن ۽ پاڻ لکيو. آخري گهڙين ۾ فقير صاحب شريعت، طريقت ۽ حقيقت جا ماڳ لتاڙي وڃي معرفت جي ماڳ تي رسيو. ان جي ثابتي سندس ڪلام مان به ملي ٿي. فقير صاحب جي شروعاتي شاعري تي ديني رنگ رچيل هو. پر بعد ۾ صفا صاف صوفي ٿو نظر اچي. جيئن پاڻ هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:
پنهنجي سرکي سالڪ سڃاڻ، اهو ڄاڻي ڄاڻ،
پـــرزاڪــــري پـــاڻ، وڃـــائـــي ڇــڏ وجــود کــي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
عــشــق جــنــيــن ســر آيــو، نـانـگـن هنيو نعرو،
غــازي گــم ٿـي وڃــن،وٺــي دڳ حـسـن وارو،
الله ڏي “عــيــسـو” چـوي، سـامـن خيال سارو،
هڻي هل هوڪارو، اهي گرسين گڏيا ڪاپڙي.

ان کان سواءِ فقير صاحب پڇاڙي واري وقت ۾ مذهبي فرقن ۽ دنياوي معاملن کي دور ڪري ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو:
عـشـق جن سر آيو، ڪل ڪٺا ڪڇن ٿا ڪين،
هــادي ســان وڃـي هـڪ ٿيا، وساري دنيا دين،
عـرش روءِ زمـيـن، عاشق پسن “عيسو” چوي.

وري هڪ هنڌ چوي ٿو:
جــي سـڃـائـيـن پـاڻ کـي، آءُ نـسـوروئـي نـور،
تــو ۾ ڪــعبــو تـو۾ قـبـلـو، توم حج حضور،
تـــو ۾ تـــجــلــوطــور جـــو، تــو ۾ آهــي طــور،
مـحـبــت جـو مــذڪور انـدر ۾ “عيسو” چوي.

فقير صاحب هڪ تمام سٺو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري ۾ اها ڪيفيت رکيل آهي. جيڪا هر وقت محسوس ڪئي وڃي ٿي. فقير صاحب پنهنجي وقت جي ترجماني سان گڏ هن وقت جي به ترجماني ڪري ٿو. محنت ۽ مشفقت جو درس ڏئي ٿو، جنهن جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
اٿـــي اســــرويـــــل جــــو، ڪـائـنر تون ڪـتُ،
ســـٽ ســنـهـي سـهـڻـي تـي، هـريل هـجهءِ هٿُ،
اٺـئي پـهـر “عـيسو” چوي، سچو ٻڌ تون ستُ،
چـــرخـــو چــور چــاهه مــان، روز رڙ تــون رتُ،
ڏاتار ڪنـدءِ ڏتُ، اگـهـاڙي ٿيندينءَ نه عيد تي.

مطلب ته فقير صاحب جي شاعري ۾ آفاقي پيغام آهي. سندس شاعري ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جواستعمال نالي ماتر ملي ٿو. ڪوشش ڪري پنهنجي زبان جا ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. جنهن ڪري فقير صاحب جو ڪلام ادبي لحاظ کان توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي. نون اصطلاحن، تشبيهن ۽ لفظن سان ٽمٽار آهي. سندس ڪلام ڳايو ويندو هو، خاص ڪري ٻڍل فقير جي درگاهه تي.
فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ تشبيهن جو استعمال اعليٰ نموني ڪيو آهي، ۽ تشبيهن سان گڏ تجنيس حرفي جو استعمال به بهتر انداز ۾ ڪيو آهي: مطلب ته سندس ڪلام ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت آهي. مثلا:
“اک الـــٽـــيـــري جــن جي، سـي ڪـيــئــن ٻــارن شـمع”،
“اک الــٽـيـري جــن جــي، ســي ڪـيـئـن ٻــارن لالـٽين”،
“چـــشـــم چــــراغ جــــن جــو، سي ڪـيـئـن ٻــارن ڏيـئـا”.
“سڪ سدائين سانگين، ساهه سدائين سنگهارن ساري”
جــيءَ ۾ جهـوري جـيـڏيـن جي، مون کي محبت ماري.

فقير صاحب جي ڪلام ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعر ۾ هونديون آهن. فقير صاحب سر وار، ۽ متفرقه بيت، ڪافيون، لاڏا، سه حرفيون، مولود، نظم ۽ هفت روزي وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. فقير صاحب جي نظم جي ٽيڪنڪ هڪ جداگانه ٽيڪنڪ آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جو اثر ڪونه ٿو نظر اچي. جنهن ۾ هن چيو آهي:
ســوءُوار قـربـان وڃـان انـهـن تـان، جــن ڪـيـا فڪر دنيا جاڦٽي،
هــــزاروار قــــربـــان وڃــــان انــــهـــن تـان جــن لامــڪــانــي ڏٺــي،
لــک وار قــربــان وڃــان انـــهـن تـان جيڪي، حضورون وٺن ٿا چٺي،
ڪروڙوار قربان وڃان انهن تان، عيسيٰ جيڪي هجن سون سڏائين مٽي.

مٿيون نظم نون (9) بندن تي مشتمل آهي، جنهن جو هر بند چئن مصرعن تي مشتمل آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل چوءُ سٽو آهي. فقير صاحب جون قافيون، ڪي ته بحروزن تي به ملن ٿيون، پرڪي موسيقيءَ جي فن تي ملن ٿيون. مطلب ته فقير صاحب کي شاعري جي اصولن جي پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي. ان کان علاوه نڙ جا بيت به ملن ٿا، جيڪي سر سورٺ ۾ موجود آهن. فقير جا بيت، روايتي بيت کان مختلف آهن، جيڪي گهڻ مصرعن تي مشتمل آهن. ڪي ته ڏهن سٽن جا به ملن ٿا. جيئن سانوڻ فقير جا بيت.
فقير صاحب جو ڪافي ڪلام، پوين جي لياني سبب ضايع ٿي ويو، پر جيڪو ڪجهه مليو آهي اهو هڪ سنڌي ادب لاءِ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. فقير صاحب کي ڪافيءَ تي تمام سٺي دسترس حاصل هئي. پر افسوس جو ايڏي وڏي شاعر جو اڄ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿو ملي.
عيسو فقير 23 شوال 1373هه مطابق 25 جون 1954ع تي ڇنڇر رات هن فاني دنيا کي الوداع چئي، هميشه لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿيو. فقير جي قبر مبارڪ مينهون پير مقام لڳ رستم ۾ آهي.(18)
سندس نموني طور ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون جنهن ۾ زبردست رواني آهي.
ڪـــافـــي
تـو مـيـخ مـاري، عــشـق واري، بيقراري، اي صنم،
ڏي ڏيــکاري، ٿـئـي بـهـاري، ڪر تـيـاري، اي صنم.
آب هــاريـان ڳوڙها ڳاڙيان، نت روز روز نهاريان،
نــيــڻ جـاري روئـــان زاري، ڳـــل ڳــاري اي صـنــم.
امــڙ ٻـــرن ڌوڌ دکــــن، ســــوزســيــنــي کــي ســاڙن،
بـرهه باهه ٻاري آڳ اٿاري، ٿي چمڪاري اي صنم.
لائـي نــيـنــهــن نـــاتـــو پــــاڻ، اڳ نه ڄــــاٿــــم ڄـــاڻ،
ڳڻتين ڳاري وو جان ساري، ڏي دلداري اي صنم.
سڪ ۽ سـور گــهـائـن گـهـور، پـون پـريـنءَ جا پور،
دل ويـچـاري ڏکـن ڏاري، مرضن، مـاري اي صـنـم.
ڪري “عـيـسو” آهون درد دانهون، روئي نهاري روز راهون،
ڏي خبر ساري هيڪواري، وجهه نه گهاري اي صنم.

ڪـــافـــي
جـنـهـن مــهـل مـارن جـا پـون خـيـال عـمـر،
وهــي ٿـــو نــيــڻــن مـــان جَــل جــال عــمــر.
ڪـــــوٽ گـــــهـــــاٽ ۾ نه گـــــهـــــاريــــــنــــــدس،
قــــيــــد جـــــيـــــل ۾ نه جــــالــــيــــنــــدس مــــان،
نه ته پـــــاڻ کـــــي پـــــاڻ ڪــــهــــنــــدس مـــــان،
ڏي مـــوڪـــل مـــلـــيـــر، ســـڻ ســوال عـــمــر.
ســـــڃـــــيءَ ســــــراءِ ۾ نه رهــــــنــــــدس مــــــان،
مــــــــارن ريءَ مــــــــري ويــــــــنــــــــدس مـــــــــان،
جـــــيـــــڏيـــــن بـــــنـــــا نه جـــــيـــــئــــنــــدس مــــان،
ڪــــري قــــيــــاس ڏس، هـــيـــڻـــا حــال عــمــر.
مـــــٺـــــن مـــــارن ڏي ڏاڍا مـــــيـــــنــــهــــن وٺــــا،
ســرتــيــون ســاهــيــڙيــون کــائــن کــيــر مــٺــا،
ونــــــڊن ورهــــــائـــــن ڀــــــري ڀـــــيـــــنـــــر وٽـــــا،
پــيــئــن ڌنــؤرا دکـن مـان، نـــنـــڍا ٻـال عـمـر.
سـکـين سانگهين ڏي ٿيون وطن واسيون،
جـهـنـگ جـهر نڪتيون کنڀيون خــاصيــون،
جـــيـــڪــــي مــــان هــــت بــــاســــان بــاســيــون،
ورهـائـيـنـدس ويـڙهـيـچـن سُکان شـال عـمـر.
“عــيــســو” چــوي ســنــگــهــار ســاريــان ٿــي،
ڳــــــوڙهــــــا ڳـــــلـــــن تئـــــون ڳــــاريــــان ٿــــي،
روز نـــــيــــــڻ کــــــڻــــــي نــــــهــــــاريــــان ٿــــي،
ٿــيــا ســـڪــنـــدي مـــون کـــي ســال عــمــر.(19)


سنت رگهورام/ رگهو (مل) (1889ع ــ 1966ع):
مهاشيه رگهورام پٽ شري چوهڙ مل ايشرا مينگهاڻي جو جنم پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1889ع ڌاري ۾ ٿيو. پنهنجي شهر چڪ ۾ ئي شروعاتي ٻن درجن جي تعليم ورتائين ۽ هندي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين، سنتن جي سنگت ۾ اچي لعل ٿي ويو. ساڌو ٿي رهڻ کان ساڌڪ ٿي رهڻ ئي وڌيڪ پسند ڪندو هو. شري رگهورام تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڻ ڪيترا ڀيرا جيل ۾ به ويو. 1919ع جي جليا نوالا ڪوس سبب سندس رڳ رڳ روئي اٿي. 1921ع ۾ تحريڪ ترڪ موالات (عدم سهڪار) ۾ حصو ورتائين. جنهن ڪري کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو، جيل ۾ رهندي هن روحاني علم جو اڀياس ڪيو، پنهنجي ديس سان اٿاهه پيارهوس. ان بعد 1930ع ۾ لوڻ جي قاعدا ٽوڙ هلچل ۾ ڪافي بهرو ورتائين. ٻيا قومي ڪارڪن آزاد ٿيا، مگر هن کي آزاد نه ڪيو ويو. 1947ع تائين سرڪار کيس نظر بند رکيو.
پاڻ طبعيت ۾ سادو هوندو هو ۽ سادگي کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ايتري قدر جو کاڌيءَ جا ڪپڙا پهريندو هو ۽ هڪ وڳي کي الائي ڪيترا سال هلائيندو هو. هن وٽ صرف ٻه وڳا هوندا هئا جنهن ۾ گذارو ڪندو هو. ۽ جوئر جي ڍوڍي ۽ هڪ سبزيءَ کان سواءِ ڪوبه کاڌو ڪونه کائيندو هو. سندن چوڻ هوندو هو، ته “هڪڙا جيئن ٿا کاڌي لاءِ ۽ ٻيا کاڌو کائن ٿا جيئڻ لاءِ” پاڻ اڍائي روپين مان سڄي مهيني جو گذر ڪندو هو.
سنت رگهورام گهڻو وقت شاهپور چاڪر ضلعي نواب شاهه ۾ رهيو. هاري سجاڳ تحريڪ ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو. سماجي براين کي دور ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ابو شوڪت حمزي صاحب جو ساٿاري هو. هندستان جي ورهاست کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي هندستان جي سميه جئه پور ڪجهه وقت سميه سوامي ٽيئولرام آشرم الهاس نگر پنج ۾ رهيو. سوامي ليلا شاهه ۽ سوامي شانتي پرڪاش سان سندس گهاٽو نينهن هو. جيڪو کيس ڏاڏو ڪري سڏيندو هو.
سنت رگهورام صاحب ويدن، اُپنشدن، گيتا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڌرمي گرنٿن جو گهرو اڀياس ڪيائين. ويهن ورهين جي عمر ۾ گيتا سولي سنڌي ۾، چوپائين ۽ ڇهه پائين ۾ لکيائين جيڪا لکت پوين وٽ محفوظ آهي. ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب : “سنڌ جا سنت “ ۾ رگهورام صاحب لاءِ لکي ٿو، ته : “هو صاحب گيان گلزار هو. سندس واڻي ٻڌي من پرسن ٿيندو هو. تياڳي به مهان درجي هو. سادگي، سيوا، سچائي، حليمائي، ڀڳتي گيان اڪيچارگڻن جو مجسم هو”. ۽ 16 فيبروري 1966ع مطابق 24 شوال 1385هه مطابق 5 ڦڳڻ 2022 بڪرمي ۾ وفات ڪري ويو.(20) رگهورام صاحب جي عقيدت ۾ ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي عقيدت جو اظهار هن شعر ۾ ڪيو آهي.
رشـي رگـهـورام هـو سنت سچو گياني،
ڀڳتي، ڪرم ويراڳه جي صورت لاثاني،
ڇـڏي جــڳ فــانـي، پـريـو پــورب پــارڏي.(21)

گيتا اڌويا جو ڪجهه حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس جيڪو “سٿتي پرگيه” ارٿات آدرشي انسان (گيتا اڌويا 12 شلوڪ 54 کان 72 )نالي ڇپيل آهي جيڪو پهرين ڀيرو جون 1943ع ۾ شري ڀراتري منڊل شهدادپور وارن ڇپائي پڌرو ڪيو، مذڪوره ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي. سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي ۽ افسوس جو اڄ اسان وٽ هن جو ڪلام نموني طور به ڪونه آهي، جو هت پيش ڪجي. سنت رگهورام هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ سٺو شاعر به هو.

قاضي گل محمد (1895ع ــ 1967ع):
قاضي گل محمد پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ علمي ادبي ۽ عالم فاضل گهراڻي ۾ 10 رمضان 1312هه مطابق 2 جنوري 1895ع تي تولد ٿيو. گهڻي وقت کان سندس گهراڻو ڳوٺ ۾ درس وَ تدريس جو سلسلو روان رکيون اچي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين. شڪارپور جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ به پاس ڪئي. ان کان اڳ 1911ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيو هو. ۽ ٻه سال تپيداريءَ جو ڪورس ڪري نوڪري ۾ گهريو. تپيدار ٿي رهيو، پوءِ سپروائيزر به ٿي رهيو. نهايت هوشيار ۽ تيزفهم ماڻهو هو. ڪيتروئي ڪلام چيو. ڊگهي نظر رکڻ وارو انسان هو. کيس مطالعو وسيع هوس. خاص طور تي شاهه لطيف رحه جو گهرو اڀياس ڪيائين. کيس پنهنجو ڪتب خانو به هو. شعرو شاعري خاص مشغلو هو.
پاڻ نوڪريءَ تان رٽائرڪري با قائده اچي شعرو شاعري کي لڳي ويو. تنهن بعد ڪافي ڪلام لکيو. جيڪو سندن پوين وٽ ڪجهه محفوظ رهيو باقي خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويو. پاڻ ٽيهتر ورهين جي ڄمار ۾ 5 فبروري 1967ع مطابق 24 شوال 1386هه آچر ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، بعد ۾ سندس پويان لڏي اچي شڪارپور شهر ۾ ويٺا. سندس پٽ جو نالو شير محمد هو.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جن پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن ريت لکيو آهي: ته چڱو شاعر هو. بيت ۽ ڪافيون چيون اٿس، سندس گهڻو ڪلام مدحيه ۽ دعائيه آهي، البت ڪجهه واقعاتي بيت به چيا اٿس. شاهه لطيف جي ڪلام کان متاثر آهي” سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.(22)
دهشت ڌوم درياهه جي، جتي واڳن جا ولر،
مڇيون مانگر ڪيترا، ٻيا سوين آهن سيسر،
ٻيڙي هلاءِ ٻاجهه سين، تون پاڻ ڌڻي پرور،
اچي سولي ڪج سرور، لانگهو لنگهائج لطف سان.
ڏسي دهشت درياهه جي، اچي جيءُ جهريو،
ڪو جو قهر ڪن ۾، جتان ويو ڪونه وريو،
ٻـــيـــڙو ڪڍي ٻـاجـهه سان، ڪـنـڌيءَ ڀـر ڪـيو،
هن نڌر کي نيو، سلامتيءَ سان سيَدا.(23)

1962ع ۾ سارين کي اچي ڪيئون لڳو، جنهن ڪري فصل مارجي ويا. ماڻهن ڏاڍا حيلا هلايا، پر ڪيئون ختم نه ٿيو. اها مصيبت معاف ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب متلجي آهي.
ٻــڌ اسـان جـي دانــهـن، تـون آن خـلـق جـو خـاونـد،
اسـان جـي روزيءَ ۾ ٿـيـا، ڪئـيـان اچـي پـيـوند،
فـصل کــاڄــي نــاس ٿــيــو، گـاهه سـڄـوئـي گــنــد،
تنهنجو نام آ بلند، تون راحم پنهنجو رحم ڪر.
ڪڍ ڪيـئـن کـي ڪـريـم تـون، ٿـي مـولا مهربان،
حڪم تـنـهـنـجو هٿ ۾، تنهنجو فائق ٿيو فرمان،
ته سـڀ گـوڙ گهمسان، لحظي منجهه لهي وڃي.(24)

(ب) ادبي جائزو:
هن دور ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جو جائزو وٺنداسين جيڪي انگريزن جي دور ۾ پيدا ٿيا ۽ ان ئي دور ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. يعني انگريز دور جا اهي شاعر جن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. هتي 1880ع کان 1967ع تائين جائزو وٺڻو آهي. هن دور ۾ ڪل ست شاعر ملي سگهيا آهن. جن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.
سوامي گنگارام صاحب جنهن جا سلوڪ ملن ٿا. جيڪي اعليٰ درجي جا سلوڪ آهن سامي کان پوءِ ٻئي نمبر تي حيثيت رکن ٿا. تيجومل جنهن جا ڀڄن ملن ٿا جڪي ڪافيءَ واري ٽيڪنڪ تي آهن. هونئن ڀڄن به ڪافي واري ٽيڪنڪ تي لکيا ويندا آهن پر فرق اهو هوندو آهي جو انهن جو مضمون، جدا جدا هوندو آهي. هندو شاعرن جو لهجو ۽ مضمون هڪ عليده حيثيت رکي ٿو.
قادربخش فقير ڪنهن به شاعر جو اثر قبول نه ڪيو. سندس ڪافيون مليون آهن. ڪافين جو تمام بهترين شاعر هو. سندس ڪافين ۾ تصوف جا نڪتا ملن ٿا. عبدالعزيز شاهه بخاري صوفي شاعر جنهن جو شاعري جو بياض مليو آهي. جنهن ۾ شاعري کان علاوه نثر به لکيو، پر نثري ادب جي ڪتابن جا نالا ملي سگهيا آهن. هڪ “شرعي مسئلن تي” ٻيو “علم ابجد جا اصول”.شاعري ۾ هن ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا لکيا آهن ان کان علاوه الف اشباع جي نوع تي هڪ غزل به لکيو آهي. عبدالعزيز شاهه اڪيلو شاعر هو. جنهن الف اشباع تي غزل لکيو. ۽ هڪ دفعو وري پراڻي صنفن کي سنڌي ادب جي تذڪري هيٺ آندو. ڏوهيڙي ۽ ڪافيءَ جو مظبوط شاعر هو. ان کان علاوه فارسي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، فارسي جو نمونو ملي نه سگهيو آهي. عيسو فقير به ڪافيءَ جو قلندر شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن نڙ جا بيت به چيا آهن، جيڪو صوفي شاعر هو. ان کان علاوه سه حرفيون، لاڏا، مولود، نظم،هفت بيتي به چيون آهن. مطلب ته فقير صاحب هڪ ڪلاسيڪل شاعر هو. سنت رگهورام صاحب به سٺو شاعر هو پر سندس شاعري جو نمونو ملي نه سگهيو آهي. جيڪو واڻي جو تمام سٺو شاعر هو واڻي هندي شاعريءَ جي صنف آهي. قاضي گل محمد صاحب بيت جو سٺو شاعر هو. سندس بيتن جو نمونو مليو آهي. جنهن ۾ مضمون مدحيه وَ دعائيه آهي ۽ واقعاتي بيت به مليا آهن. شاهه لطيف کان تمام گهڻو متاثر هو.
مجموعي طور، هن دور ۾ ڪافيون، بيت، نڙ بيت، ڀڄن، سلوڪ، سحه حرفي، لاڏا، مولود، نظم، هفت بيتي، مناقبا، نعت، غزل، الف اشباع تي غزل وغيره جهڙيون صنفون شاعرن جي زير طبع رهيون. ۽ ڪافيءَ جا چڱا شاعر ملن ٿا. بيتن جا به شاعر مليا آهن، نڙجي بيت جو هڪ شاعر مليو آهي. ڀڄن ۽ سلوڪ جو هڪ شاعر مليو آهي جيڪو ساميءِ کان ٻئي نمبر تي حيثيت رکي ٿو. سه حرفين جو به هڪ شاعر مليو آهي. لاڏن جو به ساڳيو سه حرفين وارو شاعر آهي، جنهن جا مولود به آهن. ۽ سندس نظم به آهي. مولود جا ٻه شاعر مليا آهن. هفت روزي جو به شاعر مليو آهي ۽ انهن جو نمونو به ملي ٿو جيڪا سسئي پنهون واري سرتي چيل آهي. مناقبن جو به هڪ شاعر مليو آهي جنهن جا نمونا مليا آهن. نعتن جو به شاعر مليو آهي، پر هن جا لکيل غزل به مليا آهن، پر ايترا پختا غزل نه آهن ان جوئي الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي هڪ غزل مليو آهي. مجموئي طور سنڌي شاعري سان گڏ نثر به لکيو ويو. هن دور تائين فارسيءَ جو اثر به نظر اچي ٿو.

باب ڇهون
حوالا:
(1) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “تذڪره شعرا سکر” سال 1965ع ص ص 214، 215.
(2) ديال آشا ڊاڪٽر ــــ سنڌ جا سنت ــــ سال 1987ع ص 108.
(3) ناگراڻي بي ايڇ پروفيسر (مرتب) ساميءَ جا سلوڪ ڇاپو پهريون سال 1987ع ص 17 مطبوعه سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،تذڪره شعراءِ سکر،سال 1965ع ص 215.
(5) ايضاً.
(6) پرياڻي ڪشنچند نيوند رام (مرتب)امرت واڻيڇاپو پهريون 1990ع.
(7) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون سال: 1965ع ص 206.
(8) ايضاً ص ص 206، 207.
(9) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون سال: 1965ع ص ص 217، 218.
(10) ايضاً ص 219.
(11) ايضاً.
(12) مولوي عبدالڪريم شاهه 1285هه جي لڳ ڀڳ، چڪ ۾ پيدا ٿيا. سندس گهڻي تعليم سومراڻي ۾ ٿي ۽ ڪجهه ڪتاب مولانا عبدلاغفور همايوني وٽ به پڙهيا. پوءِ دالعلوم ديوبند ويا اتي پڙهيا ۽ پوءِ مدينه عاليه هليا ويا. اتي ڪافي وقت پڙهائيندا به رهيا. حڪمت جا به ماهر هئا. راسخ العقيده سني هئا ۽ مسئلن ۾ مولانا همايوني جا هم خيال هئا. 1365هه ۾ اسي ورهيه عمر ۾ فوت ٿيا. (ماهنامه شريعت ــــ سوانح حيات نمبر ايڊيٽر: مولوي عبدلاوهاب چاچڙ 1981ع ص ص 159، 160.) مولانا عبدالواهاب چاچڙ صاحب مولوي عبدالڪريم شاهه جا ڄمڻ ۽ مرڻ جا سن غلط ڄاڻايا آهن. جيڪي درست ڪري پوين سان ملي ٺاهي لکيا ويا آهن. درست سن هن ريت آهن: جنم 1245هه مطابق 1825ع وفات: 1325هه مطابق 1905ع.
(13) بخاري عبدالعزيز شاهه ـــ بياض عبدالعزيز (قلمي) 1930ع چڪ.
(14) ايضاً.
(15) خاصخيلي قربان علي “قربان” صوفي ساڃاهه ـــ چاپو پهريون 1983ع ص ـــ 170.
(16) ايضاً.
(17) بخاري عبدالعزيز شاهه ـــ بياض عبدالعزيز شاهه (قلمي) 1930ع.
(18) سومرو محمّد شريف “شاد” (مرتب) ـــ رسالو عيسي فقير جو(قلمي) 1985ع .
(19) ايضاً.
(20)آشا ديال ڊاڪٽر ــــ سنڌ جا سنت ڇاپو ٻيو 1987ع ص ،20، 203.
(21)ايضاً.
(22)ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون 1965ع ص 279ع.
(23) ايضاً.
(24) ايضاً ص 280.

باب ستون: ورهاڱي کان پوءِ جي تعلقي لکيءَ جي ادبي تاريخ:

باب ستون: ورهاڱي کان پوءِ جي تعلقي لکيءَ جي ادبي تاريخ:
(الف) ادبي ۽ لساني مختصر پسمنظر:
موجوده دور ۾ ادب سٺي ترقي ڪئي آهي هن درو ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا جن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي جن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو هن دور ۾ تمام گهڻيون پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون جنهن ڪري ڪيترائي ڪتاب ڇپجي منظرعام تي اچي ويا. پر اهڙا شاعر ۽ اديب به هئا جيڪي گمنامي جي گوشي ۾ رهيا.
اهڙي طرح تعلقي لکيءَ ۾ به اهڙا شاعر پيدا ٿيا جن پوري سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پتوڙيو. ڪي ڇپجي منظرعام تي اچي ويا جن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. اهڙن شاعرن ۽ اديبن مان آغا تاج محمد ۽ ڪوي سوامي پهلاج صاحب قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترا ئي شاعر ملن ٿا جن جو ادبي تذڪرن ۾ ذڪر ملي ٿو،پر ڪي ته گمنامي جي باب ۾ شمار ٿيڻ لڳا جن زبردست شاعري ڪئي ۽ سنڌي ادب کي نادر ناياب ۽ بي بها هيرا ۽ مڻيا عطا ڪيا هن دور ۾ ڪيترا اهڙا شاعر آهن جيڪي انگريزن جي دور ۾ پيدا ٿيا پر شاعري يا لکڻ جو ڪم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شروع ڪيو، ڪن ته انگريزن جي زوال وقت به لکيو ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. ڪي شاعر اهڙا به هئا، جن موسيقيءَ ۾ به نالو ڪڍيو ۽ پاڻ ڳائڻ وڄائڻ جي ڪري مشهور ٿيا. اهڙن شاعرن مان غلام شاهه “غازي” مست، انور علي شاهه بخاري، استاد مينهل فقير، ۽ محمد صالح “خادم” جو نالو قابل ذڪر آهي.
ڪن اديبن جو ته صحافت سان به واسطو رهيو اهڙن اديبن مان لکيءَ جي سادات خاندان مان باغ علي شاهه لکوي هڪ آهي. جن تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو ورتو انهن مان سيد گل محمد شاهه”گل” سوامي تلوڪداس، ڪوي پهلاجرام سرفهرست آهن. جن گمنامي ۾ رهي به خدمت ڪئي انهن مان حاجي احمد بخش، داتا ولايت شاهه، محمد اڪرم اوڍاڻو، مستانو محمد شاهه،انب شيخ ۽ يونس کونهارو جا نالا اچي وڃن ٿا. عورتن ۾ شهزادي ايس .اي ڊي جو نالو اهم آهي جنهن جو تحقيقي ڪم قابل تعريف آهي.
لساني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته تعلقي لکيءَ ۾ سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪئي، تقريباّ هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ سنڌي پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا ۽ سنڌي ٻولي باقاعده پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو، درسي ۽ ادبي ڪتابن پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو سرڪاري توڙي غير سرڪاري طرح ڪيترائي ادبي ادارا قائم ڪيا ويا جن سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي. ۽ هميشه ڪوشان رهيا. ڪجهه پبليڪشن به قائم ٿيون جن سنڌي، نظم توڙي نثر ۾ ڪتاب شايع ڪيا. هن دور ۾ فارسي ۽ سرائڪي شاعري نالي ماتر به ڪونه ٿي ملي. هن دور ۾ صرف سنڌي شاعري مروج ۽ مقبول عام رهي.
ديني ادب ڪافي تعداد ۾ مليو آهي. اڪثر عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ملن ٿا، جيڪي اصل ٻين ڪتابن تان اوتاريل آهن. ۽ ڪيترائي قرآن شريف خوشخط اکرن ۾ لکيل مليا آهن، جيڪي هٿ جي لکائي جو اعليٰ نمونو آهن. باقي گهڻا تعويزات تي مشتمل ڪتاب نظر مان گذريا. مجموعي طور هن دور ۾ سنڌي نثر ۾ لکيل ڪتاب ملن ٿا. ۽ شاعري ۾ ڪافي ۽ بيت جا گھڻا شاعر مليا آهن.



ڪوي سوامي پهلاج رام (1900ع ــ 1968ع):
سنڌ جو سر موڙ ڪوي سنت پهلاج رام صاحب اڃا ننڍو ئي هو ته سندس مٿي جي ڇانو هٽي ويئي ۽ سندس پيءُ ۽ ماءُ هڪ ٻئي جي ڪڍ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ سنڌيءَ ۽ گرمکي پڙهندو هو. سن 1914ع ۾ پنج درجه پاس ڪيا. گرمکي سکڻ ڪري ننڍپڻ ۾ ئي گروٻاڻيءَ جو ڪجهه اڀياس ڪيو. مائٽن سندن شادي ڪرائڻ لاءِ سوچيو مگر پهلاجرام صاحب جو لاڙو ڌرمي وديا پرائڻ ۾ هو. جنهن ڪري شادي کان انڪار ڪيائين ۽ پاڻ وڃي شڪارپور جي، پرسنڌ سنياسي سوامي شنڪر آنند ڀارتي جي شش سوامي شامانند ڀارتي وٽ ڪنکل هردوار ۾ هندي ۽ سنسڪرت پڙهڻ ۽ ڌرمي وديا جي پروڙ لاءِ ويو. هن اتي سوامي شامانند ڀارتيءَ جي چرنن ۾ هندي سنسڪرت ٻولين جو پڻ اڀياس ڪيو. ڪجهه وقت رشيڪيش جي ايڪا نعت آستان ۾ رهيو. 1922ع ۾ سوامي شامانند ڀارتي کان موڪل وٺي سنڌ ڏانهن واپس وريو.
سن 1930ع ۾ هن حيدرآباد ۾ ڦليليءَ جي رستي تي “پهلاج پوري” نالي درٻار قائم ڪئي، تنهن بعد هن جي قلم ۾ تيزي آئي. سندس باري ۾ ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب: “سنڌ جا سنت” ۾ لکي ٿو ته:
پهلاج رام صاحب ڀڄڻ لکڻ لڳو جن ۾ ڀڳتي گيان وئراڳ وغيره وشين سان پوري ريت نڀائيندو هو. سندس ئي زماني ۾، سندس واڻي (ٻاڻي) ايتري ته مشهور ٿي جو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائي ويندي هئي. ڀڳت پڻ هن جا ڀڄن ڳائيندا هئا. سندن ڳلي ۾ پڻ تاثير هو. پنهنجون رچنائون جڏهن پاڻ ڳائيندو هو، ته ٻڌندڙن کي منتر مگڌ ڪري ڇڏيندو هو. ساري سنڌ ۾ وقت به وقت رٽن ڪندو رهندو هو. سڀاوَ جو نرڀيڪ هو، تنهنڪري پنهنجي ڪوتا دوران ڪيترن تي طنز پڻ ڪندو هو.”(1)
هندستان جي ورهاڱي بعد پهلاج رام سنڌ کي ڇڏي ڀارت هليو ويو ۽ ديواليءَ ۾ وڃي پنهنجو ديرو دمايو هن اتي به پنهنجو پيغام ڏنو، جنهن ڪري سندس ڪيترائي شش ٿيا.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن طرح لکيو آهي. “چڱو شاعر هو، پهريائين شبد چوندو هو پر پوءِ ڪافيون به چوڻ لڳو، جن ۾ ويدانت جا نڪتا بيان ڪيا اٿس. سنڌي ساهت سان سندس دلچسپي آهي. ڪيترن هندو شاعرن ۽ سنتن جا جيون چر تر منظوم ڪيا اٿس. سندس شعر جا درجن کن مجموعا ملن ٿا.”(2)
پهلاج رام بلند پائي جو شاعر هو، سندس زبان ۾سرسوتيءَ جو واسو هو. سندس پهلاج پريم واڻي جا چار حصا ڇپيل آهن. جن مان ٻه مجموعا راقم جي نظر مان گذريا آهن. ان کان علاوه هن جي شاعري جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن.
ان کا علاوه شري تلسي ڪرت رامائڻ نالي فلمي طرزن جي ڪوتائن راڌي شيام جي طرزن جي گيتن ۽ ڪٿائن ۾ اٺئي ڪانڊ، رنگين مورتن سان ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) پهلاج ڀڳت (2) ڪٿا ڀڳت پهلاج جي (3) پهلاج پريم واڻي ڀاڱو 1، 2، 3، 4. گرمکيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو وچوڙ هن ريت آهي،
(1) ميراولاس (2) ڪرشن ولاس (3) سلوتري والاس (4) دروپدي ولاس (5) گرونانڪ والاس (6) سريچند ولاس (7) ڪنور ولاس (8) ڪٿا ستيه نارائڻ جي شبدن سلوڪن ۾ (9) پهلاج پريم واڻي ساڳيا ئي ڪتاب سنڌيءَ ۾ به ڇپيا.
ان کان علاوه پهلاج نه صرف شاعر هو پر پاڻ هڪ بهترين نثر نگار هو. جنهن نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ڪوي پهلاج نه صرف سنڌي زبان ڄاڻندو هو پر سنڌيءَ سان گڏ هندي، گرمکي، سنسڪرت ۽ ٻيون ٻوليون به ڄاڻندو هو.
انهن سڀني ٻولين تي سندس دسترس حاصل هئي. جن ۾ پنهنجا ڪتاب لکيا اٿس. جن ۾ ڪيترائي جاسوسي ناول لکيا جن جو تعداد “86” ڇهاسي کن چيو وڃي ٿو. جن ۾ ننڍا ناول به شامل آهن. جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
(1) زنده لاش (2) هوائي ڀوت (3) ڀوتن جو ناچ (4) چنڊال (5) موت مار چڻگون (6) جاسوسي ڄار (7) موت مار کلوار (8) موت جو فرشتو (9) افلاطون (10) موت جو پيغام (11) خوني خط (12)غيبي قاتل (13) جاسوس ڇوڪري وغيره شامل آهن. اهي سڀئي جاسوسي ناول لکيا اٿس. پهلاج موسيقي جي راڳڻين تي شاعري ڪئي. جن کي تمام سٺي نموني ڳائي سگهجي ٿو. سندس ڀڄن ڪافيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهن. پهلاج سلوڪ به لکيا جيڪي شاندار سلوڪ آهن. هيٺ هڪ پهلاج رام جي جيون جو مختصر ورتانت پيش ڪجي ٿو، جيڪو پاڻ ئي چيو اٿس پنهنجي زندگي جو احوال هڪ نظم ۾ ڏنو اٿس، جيڪو “پهلاج” “پريم واڻي” (سري پرهلاد پريم واڻي) جي چوٿين ڀاڱي جي منڍ ۾ ڏنل آهي. هن سنڌ جي سرواڻ ڪوي ۽ ستاري پهلاج رام پيارو سنسار جو سفر پورو ڪري 22 مئي 1968ع مطابق 9 ڄيٺ 2025 بڪرمي اربع ڏينهن هندستان ۾ پرلوڪ پڌاري ويو.

(جيون جو مختصر ورتانت) نـظـم:
تـعـلـقـي سـکـر(3) ۾ جنم آ سٿان منهنجو،
مـــشـــهـــور ســنــڌ ديــس آهـي ســنــســار ۾.

مــادري عــلــم مـون پـرايـو ڳـوٺ مـنـجـهـه،
ڌارمــڪ وديـا لاءِ مـــن هـــو مــونــجـهـار ۾.

ڳــوٺــن ۾ ڌارمـڪ وديـــا جـو نشان ڪونه،
رات ڏيــنــهــن وديـا لاءِ رهـيـس ويــچـار ۾.

انهيءَ مـهـل عـمـر هئي سال ٻـارنهن جـي،
مــائـٽـن مـون کـي ٿـي ڦـاسـايو، وهنوار ۾.

هو ويــراڳ وديــا لاءِ تــڏهــن گـهـر ڇــڏيـم،
آخــر اڪـيــلــو ڀـــڄــي ويـــس هـــر دوار ۾.

سـوامـي شــامــانـنـد مـشـهـور ود وان اتــي،
ســـنـــدن آشـــرم ڪــنــکــڙي جـي بـازار ۾.

وٽــن ڏهاڪـو سـال رهي مـون پرائي وديـا،
رات ڏيــنــهـــن شـيـوا ٿــي ڪـيـم درٻار ۾.

سـاڌن ســتــايـو بـيـکـه وٺـي رهـه اسـان وٽ،
مـــائـٽــن ســــتــايـــو هــــلــي رهــه پــروار ۾.

ڪــيـــم ويــچــار سک نه آهـي اسـٿـانـن ۾،
نـڪــو سک آهي ڪوئي خود گهـرٻــار ۾.

تــيــاڳـي تـتـڪـال ٻـــئـــي ڪـيـــم آزاد پــڻ،
رهيس اڪيلو وڃي رشيڪيش جي غار ۾.

اِشت نرسنگهه جي اُپا سنامون اُتي ڪئي،
رات ڏيـنـهن رهـيـس ٿـي سـنـدس ديدار ۾.

اِتـي ٿــي عــمــر ڪــل ٻــاويــهـه ســال اچــي،
ان جـل آنـدو مـونـکي ديــس جـي ديـدار ۾.

سـنگـتيـن سـتـايو هاڻي رهي خود ديس ۾،
وقـت لــڳـايـــو ڪـــجــهــه پــــر اپــــڪـــار ۾.

ڪـيـو ويـچـار جـپ تــپ گـيـان ڌيـانـن کـان،
آهــــي ديــــس ڀـــڳـــتــي اتــــم ســنــســار ۾.

تڏهن کان ديس جو سيوڪ مون بڻائي پاڻ، تـــــن ۽ مــــن کـــي لـــڳــايـــو هــن ڪــار ۾.

راڳ جي وسيلي، ڪڇ ڪٿا جي وسيلي،
ويا گيان وسيلي ڪـجـهه لـيـک اخـبـار ۾.

انـــهــيءَ طــرح پـــرچــار ڳـوٺ ڳـوٺ مــان،
بــڻـي نـڪـشـام ٿي ڪـيـم ٻــڍي ٻــار کـي.

هيو اسٿان منهنجو سنڌ حيدرآبـاد مـنـجـهه،
نـــالــــو آشـــــرم پــــهــــلاج پــــري پــيــار ۾.

هـــــاڻــــي آهــــي آشــــرم ادا ديــــوالــــيءَ ۾،
بـابـا جــي ڪا بـاغ کـڻـي پـڇـجـو بـازار ۾.

ڪهيـن مـذهــب جـو نه پـوئـلـڳ آهـي داس،
ســــدا هــنــدو جــاتـيءَ جي رهـان پـرچـار ۾.

اِشــٽ نرسـنـگهه پـنــٿ آ آزادي مـنــهـنـجـو،
نــالــو “پــهـلاج رام” ڪــوي سـنسار ۾.(4)

سلوڪ:
گلن بنا گلشن، مسڻ ٿو معلوم ٿئي،
ڀينگيو ڏسي باغ کي، چيهن ڇڏيو چمن،

وڻن کي والاريو، ڪانگ ۽ ڪٻرين،
اکيون رت روئن، پوک ڏسي “پهلاج” چئي.(5)

ڀڄن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ڀيروي راڳ جي سرتي سنواريل ۽ آهي، ڪافيءَ جي نموني تي چيل آهي.

سـنـڌڙي تـنـهـنـجـي مـٽ نـاڀـا نـيان، هند جا مکڻ ملايون،
مـٽـي به تـنـهـنـجـي مـائـو ســمــجــهــي ٻــار ويـا ٿي کايون.
تـنـهـنجـي ڌوڙ به دارون هـئي، ڄــڻ ســرمــي جــي ته سـرائــي،
جهولو لڳي توڙي واري وسي، ڪڏهن اک ۾ اونگهه نه آئي،
هـنـڌ جـي شـل نـاواري وسـي، ڪري تـارن جون ته تـبـاهـيــون.
تــنــهــنــجــو لــيــر به کـيـر بــرابــر، هــنــد جــو کــيــر به پـــاڻـــي،
پـيـئـڻ سـان ٿـئـي سـور سـنـڌن ۾، نــاس ڪـري نـئـو جـوانـي،
تـنـهـنجي رڍن سمان نه سـمـجـهـان، هند جون مـينهون گايون.
تـنـهـنـجـي ڀــوســي بــرابــر ڀــي نـا، هـنـد جـاگــيــهــون ٿــيــنــدا،
نــــمـــســـڪـــار آهــــه نــــالــــو اَن جــــو، کــاءُ ته اُ ٻــــٿــــا ايــــنـــدا،
سـنـڌ جـي گـاهه بـرابـر نـاهـن، هــنـدن جــون سـبـزيــون سـايـون.
تـنـهـنـجـون جايون صحت سـڌارن، هــنــد جـا بـنـگـلا بـيـمـاري،
مــنـهـن ۾ مـاڙي پـٺـيـان پـائـخــانـا، بـانـس گــهــمــي چــوڌاري،
ســنـڌ جـي ڀانڊي بـرابـر نـاهـن، هـنـد جي جـجـن جـون جــايـون.
تــنــهــنــجــو کــاڌو پـــيــتــو ســڻــڀــو، چــهــر بــهــر ڇــا چــوٽــي،
هــنــد جــو کــاڌو مـرچ مــڪـائـــي، ســڀ کــي ڪــپــڙو ســوٽــي،
سـنـڌ جـي سـوچـن هـــــم نـاســمــجـهـان، هـنـڌ جـا مـڙد ۽ مـايـون،
تـــنــهنــجــا سـنـت مــهــنــت ڀي ســڻــڀــا، هـنـد جـا ٻـاوا بـيـکـاري،
پـــــنــــن پــــيــــا “پــهــلاج” ســنـــــڌن جـي درتــان، پــنــڊا پـوڄـاري،
ســاري دنــيــا ۾ ســنــڌڙي ســهــڻـي، تـنـهـن کـي ڪيئن ڀـلايون.(6)

سيد باغ علي شاهه لکوي (1900ع ـــ 1984ع):
سيد حاجي باغ علي شاهه ولد غلام محمد شاهه (اول) (1885ع ـــ 1930ع) بن حڪيم سيد حسن علي شاهه متخلص “باغ لکوي”. پنهنجي آبائي شهر لکيءَ ۾ 12 آڪٽوبر 1900ع مطابق ماهه جمادالثاني 1318هه ۾ تولد ٿيو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ ورتي پر بعد ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين پنهنجي والد وٽ عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جي به تعليم ورتي. پاڻ نقشبندي طريقت جو هو. مرثيه، قصيده ۽ غزل جو سٺو شاعر پاڻ هڪ شاعر سان گڏ سٺو اديب به هو، پر صحافي به هو. کيس صحافت سان لڳاءُ رهيو. 1931ع ۾ هفتيوار “پيغام ڪل” ٽنڊو جان محمد ضلعي ٿرپارڪر مان جاري ڪيائين ۽ ان جو ايڊيٽر پڻ هو. ان کان سواءِ 1956ع ۾ هفتيوار “نقيب” سکر واري اخبار ۾ ڪم ڪيائين. پاڻ شعرو شاعري جي شروعات 1925ع ۾ ڪئي. ۽ نثر 1939ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. شروع ۾ هن ڪجهه افسانا تحرير ڪيا ۽ ڪجهه مضمون لکيا. ان کان سواءِ “سلسله نقشبندي” تي هڪ تحقيقي مقالو لکيائين. شاعري ۾ پهريائين “غزل” لکيو، بعد ۾ پنهنجي مرشد لنواري وارن بزرگن جي شان ۾ مرثيه ۽ قصيده لکيا. سندس افسانن مان “ريشمي رومال”، جي پيار جي قيمت” ۽ “بي وفا محبوب” شاندار افسانا لکيا، جنهن ۾ انداز فڪر سماجي ۽ روحاني رهيو. سندس نثر ۽ نظم مختلف اخبارن ۾ ڇپيو، پر اخبار “نقيب” ۽ “پيغام ڪل” ۾ ڪافي مواد شايع ٿيو.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ حڪمت جو به ماهر هو. ۽ ڪامياب حڪيم هو. زندگي جو تمام گهڻو حصو لنواري شريف ۾ رهيو. اتي پنهنجي مرشدن کان ذڪر وغيره به ورتو. لکيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ايندو هو. زندگي جون آخري گهڙيون پنهنجي شهر ۾ ئي گذاريون. پاڻ 2 آڪٽوبر 1984ع مطابق 6 محرم 1405هه ۾ اڱاري ڏينهن هن جهان مان رحلت فرمائي،سندس مزار مبارڪ مخدوم پير محمد حضوري لکوي واري قبرستان ۾ آهي.
سندس تاريخي ناول پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هوس. ۽ اخبار باقاعده پڙهندو رهندو هو. سندس بياض مليو آهي بياض ۾ پنهنجي شاعري کان علاوه ٻين جي شاعري به قلمبند ڪئي. هن بياض ۾ فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري موجود آهي. سندس سمورو مواد لنواري شريف وارن وٽ آهي. جيڪو پيٽيءَ ۾ بند آهي. سمورو قلمي مواد ان ۾ رکيل آهي. جيڪو لاڪاڻي جي هڪ عقيدتمند کڻائي ويو. ان وٽ باغ علي شاهه جا لکيل هٿ اکر هئا ته توهان ڪنهن وقت به منهنجو مواد کڻي وڃي سگهو ٿا”. ان لکت مطابق لنواري جي بزرگن هن کي سموري پيٽي حوالي ڪئي. سندس حڪمت ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي پر هتي چند نالا ڏجن ٿا.
(1) مرحوم فضل محمد ٽالپور ٽنڊو جان محمد (2) ٻالچند ٽنڊو جان محمد (3) مولوي تاج محمد عبدوي (4) طالب حسين ٽنڊو ڄام.
سندس پنهنجو ڪتاب ڇپيل ڪونه ٿو ملي، پر ڪتاب مرتب ڪري پاڻ ئي شايع ڪرايا. جيڪي چارئي ڪتاب نظم ۾ ملن ٿا. جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. (1) “گلزار سعادت” سلسله مظهريت جو پهريون ڪتاب 1940ع آزاد پريس ٽنڊو جان محمد مان پرايو. (2) “گلشن وحدت” سلسله مظهريت جو ٻيو ڪتاب 1940ع سنڌ آزاد پريس ٽنڊو جان محمد مان شايع ڪرايو. (3) “گلستان طريقت “ سلسله مظهريت جو ٽيون ڪتاب 1956ع محمدي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپرايو. (4) “غنچه حقيقت” سلسله مظهريت جو چوٿون ڪتاب 1958ع محمدي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان شايع ڪرايو.
مٿين سڀني ڪتابن ۾مرثيه، قصيده، دعا ۽ حمد وغيره لکيل آهن. جن ۾طويل قصيدو به شامل آهي. جيڪو لنواري واري بزرگ جي شان ۾ چيل آهن. انهن ۾ ميان عبدالله لکوي جي شاعري سڀني کان گهڻي ڏنل آهي. اهي چارئي ڪتاب راقم جي نظر مان گذريا آهن. “سيد باغ علي شاهه شاعري ۾ قادرداد خان “ڊاڪٽر افغان” جي شاعري کان متاثر ٿيو. بقول سندس فرزند غلام محمد شاهه ثاني عرف بابو شاهه عرف اختر اديب. پوين وٽ ڪجهه به نه هئڻ ڪري سندس نموني طور ڏيڻ کان قاصر آهيان سندس اڻ ڇپيل ڪتاب “ روايات لکوي سادات” به قابل ذڪر آهي.

ڪريم بخش (1901ع ــ 1953ع):
ڪريم بخش مڱريو پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙي ۾ سن 1901ع ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم اتي ئي پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي، ۽ سنڌي فائينل پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ ماستر جي حيثيت سان مختلف جڳهن تي ڪم ڪيائين. نهايت هوشيار ۽ ذهين استاد هو. انهيءَ ڪري کيس ماڻهن وٽ پير جيڏي عزت هوندي هئي، بلڪه اڃان به مٿي. ڪافي مطالعو هوس. ڪلاسيڪل راڳ پسند ڪندو هو ۽ ڳائيندو هو. پاڻ بيمار ٿي پيو، جنهن ڪري ان بيماري مان جان ڇڏائي نه سگهيو، ٺيٺ 52 ورهين جي ڄمار ۾ 1953ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪافي جو چڱو ڄاڻو هو. ۽ بهترين شاعر هو. پاڻ ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ شعر چوڻ لڳو. کيس ان ۾ استاد ڪير هو. ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي . سندس شاعري جو هڪ بياض آهي. هن لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ لکي ٿو ته “پڇاڙيءَ واري وقت ۾ اسر جو اٿي ڳائيندو هو. ان اسر جو ڳائڻ تي پاڙي وارن کي شايد شڪايت هئس، جو هيئين چوڻو پيس:
اســر جــو اٿـي ڳـايـون ٿـا،
ماڻـهن جي نند ڦٽايون ٿا،
پـنـهـنـجـو پـاڻ پـٽـايـون ٿا.
ڪيتروئي ڪلام چيائين، جيڪو ڪافين، بيتن، مولودن، مداحن ۽ مرثين تي مشتمل آهي. سندس ڪلام سادو ۽ پراثر آهي. منجهس رواني ۽ رس آهي. هڪ مولود نموني طور ڏجي ٿو”.(7)
ٻـــاجـــهـــه پـــوئــي ٻـــاجـــهــــارا، مــيـر مــدينــي وارا،
مـــيـــر مـــدنـــي وارا، قـــرب ڪــــيـــو ڪـــوهـــيــــار،
ٻـانـهـي گـولـي تـنـهـنـجـي، اصل ٻئي نه ڪنهنجي،
لــهــه تــون ســار مــنــهــنـجـي، دوســت مــٺــا دلــدارا،
آسـرونــدي آهــيــان، ٻـئـي در ڪــهـڙي ڪــوهــيــان،
اصــــل تــنــهــنــجــي آهــيــان، مــحــب مــٺــا مـنـٺـارا.
آهي “ڪريم بخش” عاصي، پلپل تو لئي پياسي،
انــــدرآهه اداســــي، پــــــريــــــن تـــــولــــئــــي پــــيـــارا.(8)

مٿيون مولود ڪافيءَ واري ٽيڪنڪ تي آهي. باقي مضمون جي لحاظ کان مولود آهي. فني لحاظ کان ڪافي چئي سگهون ٿا. سندس ڪلام پوين وٽ محفوظ نه آهي. جنهن ڪري وڌيڪ ڪلام شامل ڪري نٿو سگهجي. سندس ڪلام ۾ تمام سٺي رواني آهي، رنگيني ۽ چاشني آهي.

سيد گل محمد “ گل” (1903ع ـــ 1955ع):
سيد گل محمد شاهه ولد باغ علي شاهه، متخلص “گل” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊو علي شير ۾ 5 جولاءِ 1903ع مطابق 19 ربيع الثاني 1321هه ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم ست درجه هئي، جنهن کي فائينل امتحان چيو ويندو هو. پر ان جو امتحان ڪونه ڏنائين. شروعاتي تعليم محمد آباغ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي، جنهن وقت اتي مهر چند صاحب استاد هو، جيڪو وقت جو سٺو استاد هو. ان کان سواءِ مولوي غلام رسول شيخ صاحب وٽ محمد آباغ ۾ قرآن حفظ ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم محمد آباغ جي هڪ جيد عالم مولوي محمد يوسف انصاريءَ وٽ ورتي.
سندس شعروَ شاعري سان خاص دلچسپي هيس. شعر وشاعري ۾ مرحوم ابو شوڪت حمزو استاد هوس. ۽ مولانا تاج محمد امروٽي مرشد هوس. پاڻ شاعري 1916ع کان ڪرڻ شروع ڪئي.
1945ع ۾ روينيو کاتي ۾ سب داروغو ٿيو. سن شهر ضلعي دادو ۾ نوڪري ڪندو هو، جتي اتان جي سيدن سان سٺي عقيدتمندي ٿي ويئي هيس. پاڻ جي. ايم. سيد سنڌ جي جهوني سياستدان سان به رهاڻيون ڪيون. 1951ع ۾ رتيديري بدلي ڪيو ويو. پر پوءِ پڪو داروغو ڪري ڪنڌڪوٽ روڊ تي رکيائونس.
هڪ ڏينهن پاڻ پٿڙن جي ڀريل ٽرڪ جي مٿان ويٺو هو ۽ ڳوٺ اچي رهيو هو، جڏهن ٽرڪ رانڱن وٽ پهتي ته سامهون ايندڙ سواري سان ٽڪر ٿيو ۽ ان ٽڪر ۾ اڇل آئي، ان اڇل سبب پاڻ ٽرڪ جي هيٺان اچي ويو. 12 ڊسمبر 1955ع مطابق 26 ربيع الثاني 1375هه ۾ هن دنيا مان رحلت فرمائي.
هندستان ۾ هلندڙ انگريزن جي خلاف تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي رهبريءَ ۽ اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪيائين. ۽ انگريزن جي امن سڀا تحريڪ خلاف، مولانا تاج محمد امروٽي جي چوڻ تي مثنوي شعر نظم جوڙيائين. ۽ وقت بوقت محفل ۾ اسٽيج تي پڙهيائين. کيس وقتائتي نظم هئڻ سبب تمام گهڻو داد ملندو هو. پاڻ هڪ بيباڪ ۽ همدرد انسان هو. سياسي ڪارڪن هو. پر ڪڏهن ڪڏهن غلام عباس قادري لاڙڪاڻي واري جي دعوت تي ويندو هو. جيڪو ادبي ڪانفرنسون ۽ محفل مشاعرا ڪوٺائيندو هو طرحي مشاعرن ۾ ويندو رهندو هو. ۽ طرحي شعر جوڙي پڙهندو هو.
سندس همعصر ساٿين ۾ مولانا حافظ محمد هاشم اسحاق ديرائي، مولوي عبدالله بنگل ديرائي، مولوي خليل الله رستمي ۽ ابو شوڪت حمزو خاص دوست هئا. ان کان علاوه داتا ولايت شاهه هنباهي، غلام شاهه “غازي” مست، ڪريم بخش مڱريو ماڙي وارو، آغا تاج محمد، پهلاج رام، سوامي تلوڪداس ۽ حاجي احمد بخش سومرو جن قابل ذڪر آهن.
پاڻ هڪ سٺو شاعر هو، جنهن مولود، سه حرفيون، هفت روزي قصيده ۽ نظم چيا آهن. سندس ڪيترائي مولود محمد بخش ڀيه ڀرڪڻ واري کي ياد هئا. سندس شاعريءَ تي مذهبي اثر غالب هو. پر جڏهن مولانا تاج محمد امروٽيءَ جهڙي انقلابي اڳواڻ سان روح رهاڻيون ٿيون تڏهن بعد ۾ سوچ ۾ تمام گهڻو ڦيرو آيو. ۽ انقلابي مثنوي نظم جوڙيائين، ٻن ٻن مصرعن جو بند جوڙي طويل نظم تيار ڪيائين، جيئن مرحوم حمزو صاحب جوڙيندو هو. پاڻ مرحوم ابو شوڪت حمزي جي سنگت ۾ هئڻ ڪري ان وقت ٺاهيل هاري جماعت جو به ميمبر هو. مولوي محمد يوسف، جيڪو سندس عربي ۽ فارسيءَ جو استاد هو، ان جي وفات تي هڪ قصيدو چيو:
محب محمد آباغ مان موڪلائي ويو هليو،
شهر جو سينگار، سارا هيکلائي ويو هليو.
ان کان علاوه پنهنجي مرشد جي وفات تي هڪ قصيدو چيو آهي. سندس هڪ بند ڏجي ٿو. مرشد مربي امروٽ وارا، هڻي وئين دنيا ۾ انقلاب جا نعرا ڪيترائي شعر چيائين نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو.
امن سڀا جا ميمبر،
سڏائين قوم جا رهبر.
ڏاڙهي مڇان ڪوڙائي،
سوٽ پاجاما پائي.

حضور ﷺ جن جي شان ۾ ڪيترائي مولود چيا آهن. سندس نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو.

دنـيـا ساري ٿي پيدا، رسول الله جي خاطر،
ٿـيـو آدم ڀـي پــيـدا رسـول الله جـي خـاطــر.
غريبن لاءِ سندس تمام گهڻي همدردي هوندي هئي. ڪجهه دوها ۽ هڪ نظم ڏجي ٿو.
ٻـڌايـان مان توکي غريبن جو ڪهڙو قصو،
دنـيـا جـو هـر دک درد ويــو بــڻــجـي حــصـو.

ظــلــم جــا داســتــان لـکــنـدي ٿـا هـٿ ڏڪن،
هـاري ويچارا وڏيرن جي گهاڻي ۾ ٿا پيڙبا رهن.
نـــظـــم
جـي نه وڃــي وڏڪ جـي سڏتي مون جهڙو،
چــون ائــيــن ٿـا، آهـيـن تون معتبر ڪهڙو؟
پـــر “گـل” تـــوکــي آهــي ڪــهـــڙي طــاقــت،
جـــــو رکـــي اٿـــــي وڏيــــرن ســـان عـــداوت.
مـون ۾ آهـــي عـلـم جــي نــروار نــزاڪــت.
ڪنـدس ڪـيـن تـنـهـنـجـي هـر دم اطـاعــت،
چــيـائين: ڪندو ڪير تنهنجي سرجي حفاظت،
چــيـم: شـافـي آهـي، ڪـنــدو “گل” جي شفاعت.(9)

مرحوم گل محمد شاهه جو ڪلام جنهن ۾ غريبن جي غربت ۽ وڏيرن جون وڏيون چالبازيون ۽ ظلم وستم تي روشني وڌل آهي. نهايت ئي سهڻي انداز ۾چيل آهن. سندس لکت ۾ پنهنجو سمورو مواد موجود هو، پر پوين سنڀال نه ڪرڻ ڪري گم ٿي ويو. ان ڪري سندس پوين مان ڪنهن به هڪ کي اهڙي سوچ ڪونه ٿي جو سندس بياض هٿيڪو ڪري رکي.
سنڌي ادب جو معياري ۽ انقلابي ادب زماني جي لاهن چاڙهن سبب گم ٿي ويو. ان جو افسوس پوين کي گهٽ آهي، جيترو هڪ سڄاڻ اديب ۽ شاعر کي آهي. مرحوم گل جي شاعريءَ تي ابوشوڪت حمزي صاحب جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. جيئن مرحوم حمزي صاحب پنهنجي ڪتاب انقلابي ڏنڊي ۾ هڪ بند ۾ چيو آهي:
ڪريان هـاڻـي شـاديءَ جــو مــان قـصـو،
مـگـر ٿـورڙو مــخـتــصــر ڪــم حـصـو.
اهڙي ئي انداز ۾ مرحوم گل چيو آهي:
ٻڌايا مان توکي غريبن جو ڪهڙو قصو،
دنـيـا جـو هـر دک درد ويـو بـڻـجـي حصو.
جيئن هڪ هنڌ “گل” چوي ٿو: ته
ڏاڍ ٿــــــيــــــا هـــــن ڏاڍ ڏاڍن هــــــٿــــــان،
غـــريـــبـــن، يـــتـــيـــمـــن ۽ هــارين مٿان.(10)
اهڙي ئي طرح مرحوم حمزو چوي ٿو:
گـهـڻـا ٿـيـا ظــلــم آهــن وڏيــرن هــٿــان،
اٻـوجـهــن ۽ بــي عــلــم هــارين مــٿــان.
سندس شاعري تي پنهنجي استاد مرحوم جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، سندس شروعاتي شاعري ۽ پوئين عمر واري شاعري ۾ رات ڏينهن، پر زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو. شروعاتي شاعري ٺيٺ مڊهبي شاعري هئي. مگر پوءِ واري شاعري طبقاتي ظلمن جي خلاف هڪ آواز مطلب ته سندس شاعري طبقاتي وڇوٽي کي ختم ڪرڻ جو هڪ انقلابي آواز آهي. سندس شاعري ۾ تجنيس حرفي ڪثرت سان استعمال ٿيل آهي.

آغا تاج محمد (1904ع ــ 1959ع):
آغا تاج محمد ولد عبدالمجيد خان پٺاڻ پنهنجي آبائي ڳوٺ باگڙجي ۾ 5 رجب 1322هه مطابق 16 سيپٽمبر 1904ع، جمعي ڏينهن تولد ٿيو. سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، عالم، فاضل شاعر، اديب ۽ بلند پايي جو مقرر ٿي گذريو آهي. سندس خدمتون ڪنهن کان اوجهل ڪونه آهن. هي سنڌ جو عظيم سپوت، جنهن سڄي ڄمار سنڌي علم ادب ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس علمي ادبي ۽ تعليمي ڪوششن جي ڪري سنڌ جي جڳ مشهور اداري سنڌالاجي سندس رڪارڊ رکيو آهي تعليمي ماهرن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو ويو آهي هن عظيم انسان پنجونجاهه سالن جي ڄمار ماڻي. 10 آڪٽوبر 1959ع مطابق 7 ربيع الثاني 1379هه بروز ڇنڇر رحلت فرمائي.
“آغا مرحوم پهريائين سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو ان کان پوءِ فرسٽ ايڊوڪيشنل سپروائيزر، ائڊمنسٽريٽو آفيسر، خيرپور رياست جو ڊي ــ پي آءِ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ٿي رهيو. تعليم سان کيس فطري لڳاءُ هو. سنڌ يونيورسٽيءَ کي اوج تي آڻڻ ۾ مرحوم جي اعليٰ صلاحيتن ۽ سر ٽوڙ ڪوششن کي وڏو دخل آهي. شاهه لطيف سان کيس عشق هو. سندس ئي ڪوششن سان 1947ع کان شاهه صاحب جون ورسيون ملهائجڻ شروع ٿيون. “لطيف يادگار ڪاميٽي” سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿي. ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس به سندس ئي ڪوششن سان شروع ٿي. نثر ۽ نظم ۾ آغا جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن. سندس شعر گهڻو ڪري نظم جي صنف تي مشتمل آهي. سندس نظم ۾ شاهه لطيف جي مدح، ڪربلا جي واقعي جو ذڪر: مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ جو پيغام، هاريءَ جي حقيقت وغيره جا مضامين آيل آهن. رواني اثر انگيزي ۽ دلڪشي سندس نظم جون خاص خوبيون آهن”.(11)
ننڍپڻ کان ئي نهايت سنجيده ۽ بردبار انسان هو. سندس تعليمي لياقتن ۾ بي. اي، بي ٽي، ايم ــــ اي ۽ ايم. آر. سي. ٽي جون سندون شامل آهن. آغا صاحب کي سنڌي علم ۽ ادب سان والهانه عشق هو. ازنسواءِ ادبي دنيا کي چوويهه ڪتاب به ڏنا اٿس، جيڪي گهڻي ڀاڱي درسي آهن، جن جو موضوع، گرامر، جاميٽري، انگي حساب، اخلاقيات، سيرت، فلسفه، شهريت ۽ لطيفيات وغيره آهي. اهڙي طرح “آغا” تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيل اٿس. علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض “آغا تاج محمد اڪيڊميءَ” نالي سان سندس يادگار حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويو آهي.”(12) سندس نظم مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
شاهه جا ابيات آهن، آيتون قرآن جون.
جـن سـان ٿـيـن ٿـيـون آشـڪارا، منزلون فرقان جون،
ڇــا چــوان “آغــا” ڀــلاريــون، شــاهه عـالـيـشـان جــون،
شعر پنهنجي سان ڪيائون، سنڌ سونهاري کي شاد،
شـاهه صـاحـب زنـده آبـاد، وزنـده بـاد، وزنـده بـاد!”(13)
ڪـنـهـن ڏنــو آهـي تـــوڪـل ۽ صـداقــت جـو پــيــام،
ڪـنـهـن ڏنـو اغـيــار کــان قــطــع رفـاقـت جـو پــيــام،
ڪـنـهـن ڏنــو تــاريــڪ واديءَ ۾ هــدايــت جـو پــيـام،
ڪـنـهـن ڏنو بي ننگ ماڻهن کي شرافـت جـو پـيـام،
ڪـنـهـن اچـي جــڳ ۾ ڪيـو، اظهار نشان بيخودي،
ڪـنـهـن سـڏايـو طـالـبـان ـــ حــق کـي جــان بـيـخـودي.
هــاءِ اڄ ڪــلــهـــه هـر مصيبت ٿو سهي هاري غريب،
عــيــش کــان مـحـروم ٿـو هـردم رهـي هـاري غريب،
ســـال ســــارو ٿـــو اس ۾ هــر وهــي هـــاري غــريــب،
ڪـابه دنـــيـــا ۾ نه ٿــو عــــزت لـــهـــي هــاري غــريــب،
رات ڏيــنـهـان آهه هــن کــي، هـر ۽ پاڃاريءَ جي تات،
پـوک پـوکـڻ ڳـاهه ڳـاهـڻ، پنهنجي ناداريءَ جي تات،
ڪـــيـتـري تــائــيــن اڃــا رهــنــدو وڏيــرن جــو غــلام،
آهه ٿــيــو قـائـم جــڏهــن دنــيــا ۾ جــمــهـوري نــظـام،
ڇـو ڪجي فـرعـون پـارن جـو جهڪي هر هر سلام،
پـنهنجي خوداري کي ڇو رسوا ڪجي صبح وَ شام،
اي وڏيــر گـــوش، دل ســان ٻــڌ ته تـوکـي ڪـل پـوي،
جــوبه هاري آهي سـو اڄ ڪلهه رڳو ائين ٿو چوي.(14)


سوامي تلوڪ داس عبدوي (1905ع ــ 1974ع):
سوامي تلوڪ داس مهاراج جئه بابا پٽ شري وريومل لڇواڻي پنهنجي آبائي ڳوٺ عبدو ۾ 2 اپريل 1905ع مطابق 26 محرم 1323هه مطابق 20 چيٽ 1961ع بڪرمي، آچر ڏينهن جنم ورتو. سندس اصلي نالو کٽڻمل هو. پاڻ هڪ سال جو ٿيو ته سندس والده ماجده هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي. پوءِ سندس پالنا پنهنجين ڀينرن ڪئي. سندس تعليم سان چاهه ۽ شوق نه هئڻ ڪري صرف سنڌيءَ جا ٻه درجا پڙهي بس ڪيائين. تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتي. سورهن سالن جو ٿيو ته پنهنجي ڳوٺ واري درٻار صاحب ليسوڙي آشرم جي سيوا ڪرڻ لڳو. هميشه مندر ۾ هوندو هو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ پيو ٻهاري ڏئي مندر صاف ڪندو هو. ليسوڙي آشرم ۾ وڃي سنت نارائڻداس کان سنڌي، فارسي، گرمکي جي تعليم ورتي ۽ پوءِ گرو گرنٿ صاحب جو اڀياس ڪيائين. ان کان علاوه سار ڪتاولي، ليتي شتڪ ڀرتري وئراڳ شتڪ، رامائڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪيائين. زندگيءَ جو گهڻو وقت،گروءَ جي شيوا ۾ گذاريائين.
سوامي هڪ شيوا منڊلي به قائم ڪئي هئي، جنهن ذريعي ٻين کي تعليم ڏيندو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ ديس جي آزاديءَ واري تحريڪ (تحريڪ آزادي) جيڪا پنهنجي زور شور سان هلي رهي هئي. ان وقت سندس ڳوٺ عبدو ۾ پنڊت جواهر لعل نهرو کي گهرايو هو. ان موقعي تي نهرو صاحب کي عبدو جي رهواسين طرفان تحريڪ لاءِ ڏهه هزار روپيا پيش ڪيا هئا.
سوامي تلوڪداس غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. سندس غريبن کي مصيبت ۾ ڏسي نه سگهندو هو سندن دل ۾ سدائين درد رهندو هو. پاڻ کان جيترو ٿي سگهندو هو مدد ڪندو رهندو هو. بيمار ماڻهن کي دوائون وغيره وٺي ڏيندو هو. مطلب ته هن جي دل ۾ مسڪين ۽ مفلس ماڻهن لاءِ همدردي هئي. پاڻ دل وجان سان خدمت ڪندو هو.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب: “سنڌ جا سنت” ۾ لکي ٿو ته: “سوامي هڪ سٺو ڪوي هو، سندس لکيل پستڪ اداسي ڀڄناولي، گرو مهما، گيان گلدستو، گيان گودڙي ۽ رهبر اُپديش پرڪاشت ٿيا.”(15)
“ديش جي ورهاڱي کانپوءِ سوامي تلوڪداس جن ڀارت ۾ آيا. ڪجهه وقت ديولاليءَ ۾ رهيا ۽ پريمين جي الهاسنگر پنج ۾ آسٿان برپا ڪيائون، جتي نت نيم شام جو سنت سنگه ڪندا هئا.”(16)
سوامي تلوڪداس صاحب هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ بهترين شاعر به هو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سوامي صاحب پنهنجو ڪلام پاڻ سان گڏ ڀارت کڻي ويو، سندس ڪتاب: “شري گروُ مهما” جي نالي سان ڇپيل آهي. جنهن ۾ هن ويدانتي نڪتا نروار ڪيا آهن. ۽ پنهنجي مذهبي پرچار سان گڏ انسان کي هڪ انمول گيان به ڏنو آهي. سوامي تلوڪداس پنهنجي ڪلام ۾ اُداسي تخلص ڪم آندو آهي. ۽ هڪ ڀڄن جي پنجين بند ۾ پنهنجي ڳوٺ عبدوءَ جو ذڪر به ڪيو آهي.
“عبدو شهر ۾ آئين رام روپ کي ڌاري، “اداسيءَ” کي گيان سيکاري، اپديش ڏنائين. ڪهڙي”(17) هن ڀڄن، سلوڪ، هفت بيتي، دوهرا، شبد ۽ واڻيون لکيون آهن.
ڊاڪٽر ديال آشا “سنڌ جا سنت” ۾ وفات جي تاريخ 26 مئي 1974ع مطابق 13 ڄيٺ ڄاڻائي آهي. جنهن مطابق سندس سن 2031 بڪرمي آچر مطابق 4 جمادي الاول 1394هه آهي. سوامي جو وڌيڪ ڪو احوال ملي نه سگهيو آهي. سندس هڪ ڀڄن نموني طور ڏجي ٿو:
نـظـر ڪـريو گر ڀري، مهر ڀري،
ڀــٽــڪـي ســٽـڪـي آيـس تـو در،
مــهــر مــنـجـهـان ڪـو هـٿـڙو ڌر،
جـنـم مرڻ جـي ڪــاٽ ذري، ڪـاٽ ذري، نـظـر ڪريو.....
جـنـم جـنـم ۾ ڀـٽـڪـيـو آهــيـان،
ڀَــوَ سـاگـــر ۾ اٽـڪـيـو آهـــيـــان،
هٿڙا ڏيئي، گرو پار ڪرين، پار ڪرين ــــ نـظر ڪريو....
بــــڇـــڙا ڏاڍا ڪـــم ڪـــيـــا ٿــــم،
شـيـوا سـاڌن ڪـونه ڪــيــو ٿـــم،
ڪـرم ڀــرم جــي لاهه ڀــري، لاهه ڀــري ـــ نـظــر ڪريو.....
“اداسي” چوي مان آهيان پياسي،
جــنـم مـرڻ جـي ڪـاٽـيـو ڦـاسـي،
جـــيـــئـــري وڃـــــان شــل آءُ تــري نــظـر ڪـريــو...(18)

فقير سلطان مهر (1907ع ــ 1992ع):
فقير سلطان احمد ولد ڪوڙو مهر پنهنجي آبائي ڳوٺ رستم ۾ 21 آگسٽ 1907ع مطابق 11 رجب 1325هه ۾ تولد ٿيو، ديني ۽ دنوي تعليم نه پرايائين. سندس وڏا مال سانگي رستم شهر ڇڏي وڃي ڳوٺ صادق وانڍ وسايائون. جتي اڄ تائين آباد آهن. نهايت ئي سادو، سادگي پسند، حضور شرم انسان هو. ننڍي هوندي پنهنجو مال چاريائين ۽ جواني ۾ کيتي ٻاڙي جو ڪم ڪلهن تي کنيائين. کيس شاعري جو شوق تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن عيسي فقير سان روح رهاڻيون ڪيائين.
1950ع کان شعر چوڻ شروع ڪيائين، بنيادي طرح سندس استاد عيسو فقير هو. پوءِ زندگيءَ جي تجربن مان ۽ زماني جي لوڏن لمن مان گهڻو ڪجهه پرايو. اڻ پڙهيل هئڻ ڪري پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو. هزارين بيت چيا، مگر لکت جي صورت ۾ هڪ به موجود نه آهي. ڪجهه بيت راقم انٽرويو دوران لِکي ورتا هئا، جيڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
پاڻ بيت جو شاعر هو. ٻئي ڪنهن به صنف ۾ ڪلام ڪونه چيو آهي. شاعري ۾ “سلطان” ۽ “مهر” تخلص استعمال ڪيو آهي. فقير جي وفات: 11 آگسٽ 1992ع مطابق 11 صفر 1413هه بروز اڱارو، بوقت: شام 5 بجي سندس آخري آرامگاهه، مينهون پير لڳ رستم ۾ آهي.

بـــيـــت
بيحد آهيان بڇڙو، هي ڪمينو ڪيڏو،
انهيءَ سور ۾ “سلطان” چئي، هَسُ هڻين ٿو ايڏو،
اڳيون الله ٿي ايڏو، جو متان ڪوڪان ڪري ڪانڌ لئي.
جمعي رات جُهدُ ڪري سهڻي سمهين سير،
درياءُ جا ڌڌڪا ٻڌي، ته ڪُنَ ڪيس اڪير،
اڳيان ڏولائن ۽ ڏکن جا، جو تکا لڳن ٿا تير،
آءُ محمّد ميرﷺ، جو هي باندي ڇڏاءِ هن بند مان،
هٿ کنيون هڪلا ڪيان زاريءَ ساڻ زبان،
سچائي سبحان، جو سڪان لاهي “سلطان” جون.
عمر اباڻي پار ڏي لاک پتيون هيون لويون.
سڱر کائيندس سپرين، ته سئن جيان سويون،
پوءِ سوئي پيون، جنهن کي پئسو ئي ناهه پتڻ جو.(19)


سلطان فقير (1899ع ــ 1994ع):
سلطان فقير ولد صاحب سومرو متخلص “سلطان” پنهنجي آبائي ڳوٺ سون مياڻي ۾ ڏهين ڊسمبر 1899ع مطابق 1318هه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ٻه درجا سنڌي، جيڪي بالغان تعليم واري ڪلاسن ۾ پرائي، ناظره قرآن شريف پنهنجي جنم واري ڳوٺ جي هڪ آخوند وٽ پڙهيائين،سندس خاص مشغلو شعر و شاعري آهي، پاڻ هڪ سٺو سگهڙ شاعر آهي، هزارن جي تعداد ۾ ڏور جا بيت چيا، پر پاڻ لکي نه سگهڻ سبب قلمبند ڪري نه سگهيو، کيس تمام گهڻو ڪلام ياد هو، پاڻ ٽيهن ورهين جي عمر کان پوءِ سگهڙن جي سنگت ۾ آيو ۽ کيس شعر و شاعري جو من اندر ماحول پيدا ٿيو، تنهن کانپوءِ بيت چوڻ شروع ڪيا، ڏور جو بيت خاص طور تي گهڻو چيو ۽ سينگار جا بيت به گهڻا چيا آهن، کيس تاريخ سان خاص دلچسپي رکندڙ آهي پنهنجي تر جي تاريخ گهڻي ياد هئس ۽ جهونن شاعرن جو ڪلام کيس ياد هو، جيڪي پشت به پشت، سيني به سيني ياد ڪيا، ايتريقدر جو سمه دور جي شاعرن جا بيت به ياد هئس، جن مان هڪ گهڻ مصراعو بيت، فقير طالب سومري جو ٻڌايو جيڪو سمه دور ۾ ٿي گذريو آهي، تقريباَ تر جي سڀني ڳوٺن جي تاريخ ياد هئس، ته اهي ڪيئن آباد ٿيا ۽ ڪيئن مسمار ٿيا. ۽ انهن ۾ڪير رهندا هئا ۽ ان وقت ۾ ڇاڇا ٿيو، ڪيتريون لڙايون لڳيون؟ ان جو مڪمل تفصيل کيس ياد هيو. جيڪو هن پيڙهي به پيڙهي ياد ڪيو. لکڻ جو فن نه هئڻ ڪري، ڪابه ڪاوش تحرير ڪري نه سگهيو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ لڏي اچي ڳوٺ مزارجو وسايو، هارپي جو ڪم ڪندو هو، رات جو ڪچهري جو ڪوڏيو، ڏٺ پرولي ۽ ڳجهارت ڀڃڻ جو مور، سگهڙن سان محفلون مچايون ۽ خود داد حاصل ڪيو، تعلقي لکيءَ جو پيرسن سگهڙ شاعر هو سندس ٻه بيت مليا آهن جيڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. سلطان فقير بتاريخ 17 اپريل 1994ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس آخري آرام گاهه مزارجي وارو قبرستان آهي.
شــادي تـنـهـن سـيـاڻـي جـي، وسـتـي مـنـجـهه وسـي،
خـــبـــر ســـاري خــــالــــق کـــي، رهـــبـــر جـــو رســي،
سـانجهيءَ جو “سلطان” چوي ڪنهن ڏائڻ ڳالهه ڏسي،
ســالــڪ ســور پـــســـي، ويـــو تـــنـــهـــن ونـيءَ جــو.
بــيـــراگـــيءَ جـــون بــر ۾، هــنــڊيــون ٿـيـون هـلــن،
اتـــــــي آڌوتـــــي ڪـــيـــتـــرا، وتــــيــــون دان وڃــــن،
کـٽـي ڪـيـن کــٽــن، ساري عمـر “سـلـطـان” چـوي.(20)

حاجي احمد بخش سومرو (1908ع ــ 1979ع:
حاجي احمد بخش سومرو ولد علي بخش سومرو، متخلص: “احمد” پنهنجي آبائي ڳوٺ ردي: جيڪو ڪچي ۾ آباد ڳوٺ اندر هو. پهرين فيبروري 1908ع مطابق 27 ذوالحج 1325هه آچر ڏينهن پيدا ٿيو. سندس اصل نالو عبدالحق هو ۽ تعليم ٽي درجه سنڌي پڙهيل هو. ان کانسواءِ قرآن شريف ناظره پڙهيل هو. ان کان علاوه ڪيترن ئي عالمن جي قرآن جو تفسير بامعنيٰ مطالعو ڪيو. ننڍي هوندي کان ئي لاڙو ديني ڪمن ڏانهن هوس. وت ۽ وس آهر دين جي تبليغ ۽ خدمت ڪيائين. دل جو تمام سخي مرد هو. پنهنجو زندگيءَ ۾ چار حج به ڪيا ڪنهن به سواليءَ کي خالي ڪونه موٽايائين. پاڻ شڪار جو به شوقين هوندو هو. سندس ڌنڌو دوڪانداري هو. سڄي ڄمار دوڪان هلائيندي گذري انهيءَ ڪاروبار ڪري ۽ وڌندڙ واپار سبب ڪڏهن به مالي مشڪلات نه ڏٺائين. پاڻ سهروردي طريقي جو ماڻهو هو ۽ ملتان واري شيخ حضرت غوث بهاوالحق جو مريد ۽ پانڌيئڙو هو. اعليٰ اخلاق ۽ نيڪ سيرت ۽ متقي ماڻهو هئڻ ڪري ڪافي ماڻهو سندس مريد هئا. وقت به وقت جماعت جا ماڻهو ملي ڪري ٽولي جي صورت ۾ سمهه هڻندا هئا. سندس ڪيترائي ماڻهو عقيدتمند هئا. ڳوٺ قبو جامي ۾ وڏي اٽالي سان رهندو هو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ لڏي اچي رستم شهر ۾ ويٺو ۽ سڄي حياتي اتي ئي گذاريائين.
پاڻ نماز روزي ۽ تهجد جو پابند هو. رات جو ڪافي دير تائين ذڪر ڪندو هو ۽ وري سوير جو اٿي ذڪر ڪندو هو. مطلب ته آخري دم تائين نماز روزو نه ڇڏيائين.
حاجي صاحب شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟ ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، پر چيو وڃي ٿو ته ننڍي هوندي کان ئي دلچسپي هوندي هيس ۽ مولود چوندو هو. ننڍي هوندي ٻين جا مولود ياد ڪري سريلي آواز ۾ ورجائيندو هو. پنهنجي جماعت ۾، وڏي احترام سان چوندو هو ۽ سندس ٻڌندا هئا ۽ واهه واهه ڪندا هئا. پنهنجا مولود به چيائين. مولود سان گڏ بيت به چوندو هو. هڪ بيت سندس ٽيون نمبر ننڍي نياڻي ٻڌايو. جيڪو کيس ياد هو. باقي مولود “انتخاب احمد” ۾ ڏنل آهن، قلمي ڪتاب “انتخاب احمد” پاڻ مرتب ڪيو هو. ان ۾ ٻين گمنام شاعرن جا شعر نقل ڪيا آهن جيڪي سندس ماڻهن کان زباني روايتن ۾ مليا هئس. ان ۾ پنهنجا به مولود قلمبند ڪيا آهن ۽ ان ساڳئي ڪتاب ۾ پهرين حج جو احوال به قلمبند ڪيو آهي. جنهن ۾ خرچ وغيره جو تفصيل به ڏنل آهي. سندس شروعاتي ورق ضايع ٿي ويا آهن، جن تي ڪافي ٻين گمنام شاعرن جي شاعري به ڏنل هئي.
کيس ڪافي اولاد نرينه ٿيو: پر اهي ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويس هڪ آخري پٽ هئس جيڪو سندس حج تي به ساڻ ورتيون پئي ويو. جيڪو ڏهن ٻارهن سالن جو هو. سندس نالو عيدن هو. جيڪو تمام ذهين شاگرد هو. جيڪو ڪراچيءَ ۾ ئي. حج جي روانگي کان چار ڏينهن کن اڳ وفات ڪري ويو. جنهن ڪري کيس دل کي تمام گهڻو ڌچڪو رسيو، جنهن جي مرڻ جي تاريخ 2 ــ اپريل 1958ع مطابق 12 رمضان 1377هه لکي آهي. هونءَ اڳ کيس پنج پٽ هئا، جڪي ننڍي هوندي ئي مري ويا هئا. پاڻ به بيمار رهندو هو کيس بڪيءَ ۾ پٿري ٿي پئي هئس. جنهن جو علاج معالج به ڪرايو هو پر کيس ڪوبه فائدو نه رسيو هو. ان ڪري سدائين بيماريءَ جي حالت ۾ پرهيز واري زندگي گذاريندو هو. رستم ۾ هڪ مسجد جوڙايائين، جنهن ۾ پاڻ قرآني درس ڏيندو هو، ۽ پيش امام هو. سندس گهرواري مائي سڀائي به سٺي سگهڙ زال هئي.
حاجي صاحب هر سال مرشد جي درگاهه تي ملتان شريف ويندو هو. ساڻس گڏ جماعت جو ٽولو به ساڻ هوندو هو. تقريباَ سڀني کي هاسا ساڻ هوندا هئا. جيڪي اڀا ڪري مولود چوندا اڳتي وڌندا ويندا هئا ۽ ڪٿي ڪٿي سڀ ٽولو ڪري چوڌاري گول دائرو ٺاهي بيهي سمهه هڻندا هئا.
پاڻ خوش طبع انسان هو ڪڏهن ڪڏهن جماعت مان هڪ کي چوندو هو ته ٻه ٽي ڪي لطيفا ۽ ڀوڳ ٻڌائي ته سڀ کلون. اڪثر ڪري رمضان ٻروچ گڏ هوندو هو جيڪو سندس عقيدتمند هو، کيس کلائيندو هو. ان جا ڀوڳ اڄ به مشهور آهن.
حاجي صاحب مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ خيرات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن لاءِ سيڌو سامان به گهرائي رکيو ۽ چيو ته سڀاڻي به مهمان ايندا، تنهن ڪري انهن جو بندوبست ڪري ڇڏجي، سخت بيمار هئڻ سبب ۽ سخت تڪليف هئڻ جي باوجود به ائين محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته مان بيمار آهيان، آخرڪار 3 فيبروري 1979ع مطابق 5 ربيع الاول 1399هه، ڇنڇر ڏينهن ٽهپريءَ جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس قبر مبارڪ رستم شهر جي ڪالا شاهه پير واري مقام ۾ آهي. سندس پٺيان چار نياڻيون ۽ ٻه بيوهه ڇڏي ويو. پاڻ نرينه اولاد لاءِ ٻي شادي ڪئي. جنهن مان هڪ ڌيءَ پيدا ٿي. ٻي گهر واري عدت پوري ڪري پنهنجن مائٽن هلي ويئي. سندس شاعري ۾ مذهبي رنگ رچيل آهي. حضور ﷺجن جي سڪ سيني اندر تمام گهڻي هئي ان سبب سندس شان ۾ مولود چيا آهن. نموني طور هڪ مولود ۽ هڪ بيت ڏجي ٿو. پاڻ سرائڪي ڪلام به چيو آهي. هڪ مولود سرائڪي ۾ آهي جيڪو مشهور آهي:

“شـــل مـــديـــنـــي شـــهـــر جــا وان،”
“اکـيـان ڏاڙهي نال ٻـهاري پاوان.”
بـــيـــت
مــونــاري مــور لـنــوي، ڪـر کـڻي ڪانگـو،
منهنجو مديني جي مير ڏي سدا آهي سانگو،
تـن گـهـڻـو تـانـگـو، “احمد” مليا ته ملاقات ٿي.(21)

مـــولـــود
مــون کي مـولا ڏيکاريـنـدو، ملڪ مديني جـو،
پـاڻي پرور مٺو پــيـاريـنـدو، ملڪ مديـني جو.
ڏسي مـاڻهو مديني جا، ٿيان سرَهو صاف صفا،
جـــا ٿــــي “احــمــدا” جــن جــي، آهـي نـور زقـا،
سوين سجدا ڏئي سڪ مان ٿيان دربان مديني جو.
گهٽيون سهڻيون مديني جون مولا مون کي گـهمـاءِ،
پـــڃـــرو پــاڪ رسـول جـــو چــشــمــن ســـاڻ چـــمـــاءِ،
جـيــئــري شـال ڏسـاءِ حـجـرو حـبـيـبـان، مـديـنـي جـــو.
ســڪـي ســاهه ســدائــيــن ٿــو، وڃان ملڪ عرب پـار،
روضـو ســچـــي سـردار جـو ڏاتـر مـــون کــي ڏيـکـار،
اهو سوال “احـمـد” جـو آ، ڪر مـهـمـان مــديــنــي جـو.
روز وســي ٿـــي رحــمــت قـبـي مــنـجهـه ڪريـم جي،
ڏسان شال اکين سان، ڪـري قسمت رب رحيم جي،
طواف ڪيان تنهنجو، وسي نرمل نوران مديني جو(22)

بـــيـــت
ڳـــيـــرو ڳـــوٺ وڻــن جــو، جــهــونــو جــهــونــگــاري،
آڻـــيـــو آب اکـــيــن ۾، ڳـــوڙهـــا ٿـــو ويـــٺــو ڳــاڙي،
“حاجي احمد” ويچاري، جو ڇڏايائين وڻ وطن جا.(23)
مـــولـــود
ڏوري ڏسان مان ووڙي پسان،
آءُ شـل ڏوري ڏسـان پـنـهـنـجـي حضرت جو ديدار.
جيهس جيهس جيڏيون، جانب لئي جنسار،
ســج چــنـڊ کــان به سهڻو او سيد تنهنجو سينگار،
آءُ شـل ڏوري ڏسـان، پنهنـجي حضرت جــو ديــدار.
مـحـل مڪي جون ماڙيون، ڏاتر مئيءَ کي ڏيکاري،
چمان چئٺ رسول جي، نيڻن سان نهار،
آءُ شل ڏوري ڏسـان، پنهنجي حـضـرت جو ديدار.
هَــلان ته حاجيئڙن سان، نــڪــري ٿــيــان نـروار،
ڪعبي منجهه ڪريم، مون کي صاحب سجدو ڏيار،
آءُ شـل ڏوري ڏسـان، پـنـهـنجـي حـضرت جو ديدار.
خدا شل هـن “احمد” عـاجــز کـي مـديــنــو ڏيکـار،
پڙهان ڪلمون ڪريم تي، منهنجو ٿيڙم قلب قرار،
آءُ شل ڏوري ڏسـان، ووڙي پـسـان حضرت جو ديدار.(24)


سندس شاعري ۾ رواني آهي. ۽ تجنيس حرفيءَ جو سهڻو استعمال ڪيو آهي. مولود سندس ڪيترن عقيدتمندن کي ياد هئا، جيڪي ڳائيندا هئا. پويون بيت حج تي رواني ٿيڻ مهل چيو هو. سندس بيت به تمام سٺا آهن، پر اهو پنهنجو ڪلام جنهن بوڪ تي لکيل هو اهو بوڪ ئي پوين کان گم ٿي ويو. جنهن ڪري سموري شاعري ملي نه سگهي آهي.

غلام شاهه مست “غازي” (1909ع ـــ 1974ع):
سيد غلام شاهه عرف مختيار علي شاهه ولد جمن شاهه بخاري آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ 25 جنوري 1909ع مطابق 2 محرم 1327هه: بروز سومر پيدا ٿيو سندس تعليم ۽ تربيت والد جي زير نگراني ٿي. ڪا خاص، تعليم ڪونه پرائي پر روحاني تعليم حاصل ڪرڻ لاٰءِ جمن شاهه سيوهاڻي کي پنهنجو مرشد بڻايو، جتان روحاني تعليم ورتي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ٻڌايون وڃن ٿيون. سندن مستيءَ جي حالت طاري ٿي ويندي هيس، جنهن ڪري کيس “مست غازي” ڪري سڏيندا هئا. غلام شاهه هڪ سٺو شاعر به هو. جنهن جي ترتيب پنهنجي والد بزرگوار کان ورتي. سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ طرف رهيو. جنهن ڪري شعر وَ شاعري جو شوق تنهن زماني کان وٺي هوس. اڃان شاعري سکڻ جا پهريان ڏاڪا ئي مس طئي ڪيا هئا، جو سندس والد صاحب هن جهان مان رحلت فرمائي. سندس عمر ان وقت پندرهن سال کن هئي. تنهن بعد سندس گهر جو سمورو بار مٿس پئجي ويو، پر هن ان طرف ڌيان نه ڏنو. سندس پيءُ جي مريدي خادمي تمام گهڻي هئي جنهن ڪري آمدني ڪافي ٿيندي هئي. ميمڻ عبدالمجيد صاحب پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ هن طرح رقمطراز آهي، ته “سندس فقيريءَ جو نالو مختيار علي، 24، 25 سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائون، انهيءَ زماني ۾ پاڻ ڳائيندا به هئا، ۽ ڍولڪ به سٺي وڄائي ڄاڻيندا هئا. ڪجهه وقت کان مستيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي. مستيءَ جي حالت ۾ به ڪڏهن پنهنجا بيت ۽ ڪافيون جهونگاريندا رهندا هئا. سندن مرشد جو نالو جمن شاهه سيوهاڻي هو، جو خود سندن والد بزرگوار جو مريد هو.”(25)
زندگي جي آخري وقت ۾ به مستي طاري رهي، مستيءَ جي آخري وقت ۾ پاڻ بيمار ٿي پيو ۽ پاڻ کي لکيءَ جي قديم حڪمت خاني ۾ دوا وٺڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ کڻائي وڃي لکيءَ جي قديم صحت گهر ۾ داخل ڪرايو. پر قدرت جي طرف کان شفا ٿيڻ ممڪن نه هئي، آخر بيماري وڌي ويئي جنهن ڪري لکي شهر ۾ 19 تاريخ ماهه ذولحج 1313هه مطابق 14 جنوري 1974ع، سومر ڏينهن رات جو ڏهين وڳي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي. سندن پوين ٻڌايو ته بزرگ صاحب جو ڪلام 1942ع واري ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو. غلام شاهه “مست غازي” جي مزار تي هيٺيون فارسي شعر ڪتبي جي صورت ۾ لکيل آهي. سندس هڪ ڪافي ملي سگهي آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
“گـرد عالم پر ازولي باشد،
پير ما مرتضيٰ علي باشد.”
بـيـشـڪ آبـهـاري، جــمــن شـاهه تي يــارو،
وڄي ٿو سدائين، ٻيو نينهن جـو نـغـارو،
مـڪـان تـي مـسـافـر، ڪيئي شاهه گداگر،
رهــي رات ســـوداگـــر، ڪـــن ٿـــا گـــذارو.
مڪان تي مـردانـا، ڪـيـئـي خــان خانان،
ڏسي مـحـبت مئخانان، ويهن ڏينهن سارو.
فقير ڏيـن چـونـڪـي، ڳـائـن روز شوقي،
“غلام شاهه” گدائي، آ قريب ۾ قرارو.(26)


سندس شاعري ۾ فني خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون، پر افسوس جو سندس شاعري جو مجموعو يا ڪلام مڪمل طور هٿ ٿي نه سگهيو آهي. پوين وٽ درگاهه تي به موجود ڪونه آهي. سندس نالي پٺيان غازي مست جي درگاهه مشهور آهي ڪيترائي عقيدتمند ايندا رهن ٿا سندن هر سال عرس به ملهائيندا آهن جنهن جي موقعي تي محفل موسيقي جو پروگرام ٿيندو آهي، مقامي توڙي سنڌ جا ٻيا فنڪار هن ۾ حصو وٺندا آهن.

داتا ولايت علي شاهه (1911ع ــ 1982ع):
داتا ولايت علي شاهه ولد بگن لال (اول) پنهنجي آبائي ڳوٺ انباهه (هنباهه) لڳ چڪ شهر ۾ 2 جماد الاول1329هه مطابق 2 مئي 1911ع، اڱاري ڏينهن پيدا ٿيو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ ئي ٿي. بعد ۾ پوءِ مختلف هنڌن تان عربي، فارسي ۽ سنڌي تعليم حاصل ڪئي. سندس لاڙو فقيريءَ طرف هوس. پاڻ دل جو سخي مرد مجاهد ماڻهو هو، جنهن ڪري کيس داتا جي نالي سان سڏڻ لڳا. فيض درياهه شاهه جي خاندان مان ٿي گذريو آهي فيض درياهه شاهه جي وصال کان چار سال کن پوءِ پيدا ٿيو هو. هنڌ سنڌ گهميو ۽ سنڌ توڙي هنڌ جي مشهور درگاهن تي وڃي فيض ورتو. سدائين سفر ۾ رهندو هو، ان ڪري کيس داتا سيلاني فقير به ڪري سڏيندا هئا. پاڻ هڪ صوفي خيالن جو فقير هو ۽ صوفي شاعر به هو سندس شاعري همه اوست جي رنگ ۾ رڱيل آهي. اناالحق جي کلمکلا نعرو هنيو هن مان ظاهر ٿئي ٿو: “ظاهر ذات ظهور وَ ذاتي، عشق اناالحق ٿيو اثباتي، دلبر ديرا لايا” سندس عشق جو آواز دور دور تائين ڦهلجي ويو. پاڻ صوفيت جا سڀ مرحلا طئي ڪيا.
سندس قلمي رسالو درگاهه تي موجود آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سرن تي ڪافيون ۽ بيت چيا آهن، سندس باري ۾ صوفي قربان علي خاصخيلي پنهنجي ڪتاب صوفي ساڃاهه ۾ هن طرح لکيو آهي: داتا ولايت علي شاهه ولد بگن لال (اول) داتا فياض جي ڀاءُ تاج محمد شاهه جو پوٽو، لوڙهي مان نڪري سنڌ، هند ۽ اجمير تائين عشقي آواز بلند ڪيو. درگاهه جي رياضت اجميري ٿي.”(27)
زندگي جو آخري وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريو، ۽ 20 جمادي الاول 1402هه مطابق 17 مارچ 1982ع، واري اربع ڏينهن رحلت فرمائي. ايڪهتر ورهيه ڄمار پوري ڪري وڃي ابدي آرمي ٿيو. سندس ڪلام نموني طور ڏجي ٿو.

بـــيـــت
راڻـا تنهنجي راز، سـوگـهـو ڪيو صفات ۾،
مـــن پــيــو مــامــري، مـحـبـت مـنـجـهـه مـجـاز،
اچــي اٺــوالــيــل کـــان، بــــاري بــــرهه بـــيـــاز،
حـقــيـقــت هــن حــال ۾، ڪــيــو اَلا هُــو آواز،
“شـاهه ولايـت” ساز، سـدا هـوندو سور جو.(28)

رهــبــر جـي رمـز جـو ڪـي رند وٺن ٿا راهه،
اڄ پـيـن آبــحــيـات جـي اوري ڇــڏن اونــدهه،
وهلو گـڏيـن ويـجـهـڙن، والـي “ولايت شاهه”،
لوچي لڌائون الله، سوجهي ساهه پساهه ۾.(29)


ڪــافـــي (ڪوهياري)
رکــي رمــز روحـــانـــي رايــو، بَــن صــورت آدم آيـــا.
الست بـربـڪـم قـالـو بليٰ قول قديمي قائم قل هو الله،
سـاجن سڀ ۾ سمايا.
ونَـحـن اقرب واعدو پاڙي، جسمڪ جسمي جايون جوڙي،
وســـــتـــــي وســــــايـــا.
خـالــق الادم صورت اعليٰ ويــس وصـالـي وجـــه الله،
الـقـاب انـسـانـي پـايـا.
ظاهـر ذات ظهور و ذاتي عشـق انا الحق ٿيو اثباتي،
دلـــــبـــــر ديـــــرا لايــــا.
شوق شاهانا شاهه “ولايـت”، عشق اسان وٽ آيو امانت،
رهـبر رنگ رچايا.(30)
سندس شاعري ۾ رواني ۽ چاشني آهي، همه اوست جي پرچار ڪندڙ آواز آهي. تجنيس حرفي شاندار نموني ٿيل آهي. هر مصرع ۾ تجنيس حرفي ڪمال جي درجي تي پهتل آهي لفظن جو ذخيرو تمام گهڻ ۽ رسالي ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح آيل آهن، سندس رسالو 373 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 389 ڪافيون ۽ بيت سمايل آهن. فني ۽ فڪري لحاظ کان تمام شاندار ۽ شاهوڪار آهي.

مائي سڀائي (1912ع ــ 1989ع) :
مائي سڀائي ڌيءَ غلام محمد (اول) سومرو پنهنجي آبائي ڳوٺ نئين واهه تعلقو خانپور ۾ پنجين مئي 1912ع مطابق 17 جمادي الاول 1330هه آچر ڏينهن پيدا ٿي. تعليم ڪونه هئي صرف قرآن شريف ناظره پڙهيل هئي. سندس شادي حاجي احمد بخش سومرو سان ٿي (جيڪو سٺو مولودي ۽ بيت گو شاعر هو). ٽي حج ڪيا، جنهن ڪري حاجاڻي سڀائي جي نالي سان سڏجي ٿي، پهرين حج 1958ع کان پوءِ سندس رستي ۾ئي، حج جي روانگي کان اڳ عيدن نالي پٽ وفات ڪري ويو، جنهن ڪري کيس دل کي سخت صدمو رسيو، تنهن کان بعد اندر جي آلاپ ڪڍڻ لاءِ شاعري جو رستو اختيار ڪيو. ڪيترائي بيت چيا اٿس. اڻپڙهيل هئڻ ڪري لکت ۾ ڪجهه به موجود نه آهي، پنهنجي پٽ عيدن جي وفات کان پوءِ ان تي ڪجهه بيت چيا آهن. تقريباَ سڀ بيت ياد هئس پر ڪيترا ئي پراڻن خانداني شاعرن جا به بيت ياد هيس، جيڪي سيني به سيني سندس مليا، بيت بازي سان خاص دلچسپي هئس.
سندس واڏا نئين واهه کان لڏي اچي تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ “سردار شاهه” ڪچي ۾ اچي ويٺا. پر پوءِ اتان لڏي وري قبو جامي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا. لڏپلاڻ جو سبب مهراڻ جون بي لغام لهرون هيون. تنهن کان پوءِ سندس مڙس حاجي احمد بخش سومرو لڏي اچي 1942ع ۾ رستم شهر ۾ ويٺو. شيخ بهاوالحق ملتانيءَ جي مريدياڻي ۽ پانڌيئڙي هئي. مائي حاجاڻي سڀائي، تاريخ 9 فيبروري 1989ع مطابق 2 رجب المرجب 1409هه خميس ڏينهن، شام جو وفات ڪري ويئي. کيس ڪينسر جو مرض هو، کيس ڪالا شاهه پير رستم ۾ دفنايو ويو. نموني طور سندس ڪجهه بيت ڏجن ٿا.
جيڏيون مون سان ڊوهه ٿيو، ڦرجي آءُ ويٺس،
کنڀي رتڙا ڪپڙا، آءُ ڦاڙي ڦٽي ڪيس،
هاڻي ڪيئن ڪنديس، حاجيءَ بنا هن ديس ۾.

هڪ سمنڊ ٻي سير، ٻيو ڪچو نه ڪر پرين کي پاڻ،
هليا سي محبوب ڏي، اها سڪ سندو سدا ثمر ساڻ،
وڃي پهتاسين سپرين کي، پو لٿا اولا آهن ساڻ،
ڪري صبر حاجي ويهه، نه ته مرندس عيدن ڪاڻ،
ساجن ساوا آئي سرهاڻ، سلامن سان عيدن پٽ جي.

اڇو ڪوٽ عمر جو ڏسي شال ڏران،
گهمي ڏس عيدن ماروئڙن جا تون گهر،
جيئن گهمن تنهنجا جيڏا ويس پايون ور،
ساجن سدا هوندو سر، آديسي عجيبن سان.

سيد انور علي شاهه بخاري (1917ع ــ 1972ع):
شاعر بن شاعر سيد انور علي شاهه ولد عبدالعزيز شاهه بن مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) عرف يعقوب علي شاهه بخاري پنهنجي شهر چڪ ۾ 16 اپريل 1917ع مطابق 13 جمادالثاني 1335هه، جمعي ڏينهن جنم ورتو. سندس تعليم سنڌي پنج درجه هئي پر پنهنجي والد بزرگوار کان ڪجهه عربي ۽ فارسي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس والد بزرگوار هڪ سٺو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو ويو آهي. انور علي شاهه جڏهن اڻويهن سالن جو ٿيو ته سندس مٿي تان مهر وارو هٿ کڄي ويو، ۽ والد بزرگوار هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. يتيمي زندگي گذاري وڏو ٿيو. سندس والد مرحوم جا ڪافي عقيدتمند هئا. جنهن ڪري پاڻ تڪليف ڪونه ڏٺي.
انور علي شاهه صاحب پاڻ هڪ سٺو ڪلاسيڪل فنڪار هو پڻ چڱو شاعر به هو. جنهن کي ڪلاسيڪل علم جي ڀلي ڀت پروڙ حاصل هئس. موسيقي جي شوق جي ڪري سندس دل جون تندون به ڇڙي پيس، جنهن جي ساز ۽ آواز کيس شاعريءَ جي رنگ ۾ رڱيو ۽ ڪافيون چوڻ شروع ڪيون. سندس ڪجهه مولود، هفته بيتي ۽ سه حرفيون به چيون. ان کان علاوه ڪجهه بيت به چيا.
شاهه صاحب چوڏهن ورهين جي عمر جو ٿيو ته شاعري شروع ڪئي. شاعري ۾ مذهبي رنگ گهٽ، صوفيت جو رنگ وڌيڪ نظر اچي ٿو. سندس والد مرحوم سني طريقت جو هو.
شاعري جي سکيا به پنهنجي والد سڳوري کان ورتائين. سندس ڪي ڪافيون بحر وزن تي به ملن ٿيون،پر ڪي موسيقيءَ جي سرن تي چيل آهن سمورو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. سواءِ شاعري جي ٻي ڪابه تصنيف ڪونه ڪئي. سندس شاعري يا سوانح وغيره ڪنهن به رسالي يا ڪتاب ۾ حوالي طور ڪونه ٿو ملي. پاڻ پنهنجي شهر چڪ ۾ منڊلي مچايون ويٺو هوندو هو. جنهن ڪري سندس روح کي راحت ايندي هئي. چوندو هو ته “موسيقي روح جي غذا آهي، جيڪڏهن نه ملي، ته اها دل ڪمزور ٿي ويندي آهي. ۽ وڌيڪ وهمن ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. منزل تي پهچڻ جو اهو ڏکئي ۾ ڏکيو ۽ اڙانگو پنڌ آهي.”
موسيقيءَ ۾ مهارت هئڻ ڪري، وٽس ڪيترائي شاگرد سکڻ ايندا هئا. جن مان حافظ غلام حيدر شيخ ۽ علي ڏنو پٺاڻ، مولابخش فقير ڪامياب شاگرد ٿيا. پر پنهنجي پٽ سڪندر علي شاهه کي به سکيا ڏنائين. پاڻ پنهنجي وقت ۾ ترجي ميلن ملاکڙن تي ڳائندو هو. خاص طور تي فيض درياهه شاهه جي ميلي تي سڄي رات رياض ڪندو هو ۽ سندس ڪلام ڳائنيدو هو.
کيس پنج پٽ سڪندر علي شاهه، سرور شاهه، صفدر شاهه، عبدالعزيز شاهه عرف شبير شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه پيدا ٿيا. پنهنجي شاعري ۾ “روشن” تخلص استعمال ڪيو آهي. پر ڪٿي ڪٿي پنهنجو نالو به استعمال ڪندو هو. پر ڪنهن ڪنهن ڪافيءَ ۾ ته ٻئي تخلص ملن ٿا. سندس پوين جي لاپرواهي سبب ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو آهي، ڪيتريون ڪافيون سندس شاگرد علي ڏنو پٺاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان سنڌي پروگرامن ۾ ڳايون. ڪيتريون ئي سندس ڪافيون ياد هيون. شاهه صاحب پنجوجاهه سالن جي ڄمار ۾ 23 آگسٽ 1972ع بروز اربع مطابق 13 رجب 1312هه ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿيا. سندس نموني طور هيٺ ڪافي ڏجي ٿي.
ڪافيءَ جي سٽاءَ تي “قصيدو”
اسدالله لسان الله ولين جو والي آ،
محمد جو بردار ته علي شير جلي آ.
الحمد چيو عربي، اسلام بچي ويو،
انت اخي آيو ڪفار ڀڄي ويو،
حيدر جي همت سان ڪنهن جي ڪانه هلي آ.
مصطفيٰ جي مرتضيٰ جي ڏس، ڪيئن مدد ڪئي آ،
خندق کي ڪري ختم وري خيبر تفح ڪئي آ.
بيشڪ آ بهادر، جنهن ڪفار ڪنبايو،
لافتيٰ الاعليءَ جو لقب اپايو.
مرحب به چيو معافي ڏي، منهنجي ته چلي آ.
مشهور سخا مولا جي دنيا ۾ آ “روشن”،
دروازو اهڙو پاڪ، آ آيو آ حديثن،
“انور” جي وري توکان سوا ڪهڙي ڳلي آ.(31)

محمد اڪرم اوڍاڻو (1920ع ــ 1983ع):
محمد اڪرم متخلص “اڪرم” عرف اڪن فقير اوڍاڻو پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙي ۾ 10 ڏهين سيپٽمبر 1920ع بروز جمعي مطابق 26 ذوالحج 1338هه ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم سنڌي چار درجه کن هئي، جيڪا پنهنجي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ ئي پرايائين، مالي مشڪلات سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، ننڍي هوندي کان ئي روزگار جي تلاش ۾ لڳي ويو، ڳوٺ ڇڏي لڏي اچي سکر شهر ۾ ويٺو. سندس پويان نشاط سئنيما بئراج روڊ سکر جي پٺيان ويٺا آهن. شهر ۾ رهڻ ڪري اردو ٻولي به چڱيءَ طرح ڳالهائڻ سان گڏ رواني سان پڙهي به ويندو هو، ڪتابن پڙهڻ جو ڪيڙو ڪيترائي ڪتاب سندس نظر مان گذريا خاص طور تي ناول، تاريخي ناول ۽ قديم داستان گهڻا پڙهيا، قصن ڪهاڻين پڙهڻ جو ڪوڏيو، اردو هجي يا سنڌي مزي سان پڙهي ۽ سمجهي ويندو هو، سنڌي ادب جو کيس ڪافي مطالعو هوس، شعر و شاعري سان خاص دلچسپي هوندي هيس، خاص طور تي سچل سائين ۽ بيدل سائين ۽ لطيف سائين جو مطالعو نهايت گهڻو ڪيو. ان ڪري سندس خيالن تي صوفيت جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو، کيس صوفيت جي چڱيءَ طرح خبر هئي. ان صوفيت جي رنگ ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو. بيت ۽ ڪافيون سندس خاص صنفون آهن، جن تي هن طبع آزمائي ڪئي آهي، پاڻ صوفي فقير سدائين فڪرات ۾ ويڙهيل نظر ايندو هو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ تذڪرو هب ريت ڪيو آهي، تنهن وقت ۾ فقير زنده هو.
“ڳوٺ ماڙيءَ جو ويٺل هو، پر خانگي نوڪري سانگي سکر ۾ رهيل آهي، عمر 40 سال ٿيندس، 3، 4 درجا پڙهيل هيو، پر سنڌي ۽ اردو ڪتاب ۽ اخبارون باقاعده پڙهي ويندو هو. قصن ڪهاڻين ۽ ناولن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق اٿس، صوفي خيالن جو آهي ۽ صوفيانه نڪتن ۽ صوفيانه شاعريءَ جي تمام گهڻي خبر هئس،صوفيانه رنگ ۾ بيت ۽ ڪافيون چيون.(32)
پـــري نـــاهه پـــريـــن، جـــانـــب اٿـيـئـــي جــــوءِ ۾،
ووڙي لــهــه وجــود مــان، ڇــو ٿــو پــنــڌ پــهـيــن،
اٿـئي ڳالهه سئين، ڏس ونـحـن اقرب ويـجـهـڙو.(33)

فقير صاحب 14 آڪٽوبر 1983ع مطابق 7 محرم 1404هه، جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪيو. سندس پوين جو چوڻ آهي ته فقير صاحب جو ڪلام زماني جي گردشن سبب باقي نه بچيو آهي، جنهن ڪري ڪافيءَ جو نمونو ملي نه سگهيو آهي.

استـاد مينهل فــقـــيــر (1920ع ــ 1985ع):
مينهل ولد ڪمن مهر متخلص “مينهل”پنهنجي آبائي ڳوٺ طيب ۾ پهرين مارچ 1920ع بروز سومر مطابق9 جمادالثاني 1338هه ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتائين، کبڙي ڳوٺ واري سنڌي اسڪول مان سنڌي فائينل پاس ڪيائين، 1942ع کان پوءِ سنڌي استاد به ٿي رهيو، سندس مجازي عشق جي چوٽ لڳي تنهن کان پوءِ راڳ رنگ سان چاهه رکيائين ۽ شعر و شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين، هر موِضوع تي شاعري ڪئي اٿائين، سندس ڪلام هڪ هنڌ ڪٺو نه آهي، ڪجهه ڪلام ته ضايع به ٿي ويو، شاعري ۾ ايتري ته دسترس هوندي هئي، جو هڪ ڏينهن ۾ ڪيترو ئي ڪلام ٺاهي ويندو هو ۽ جنهن شيءِ کي ڏسندو هو ۽ محسوس ڪندو هو. ان تي ڦٽاڦٽ شعر جوڙي وٺندو هو.
نوڪري دوران سندس ٽي دفعا ماستريءَ جي سکيا لاءِ ڪاليج موڪليو ويو پر هر دفعي ٻه ٽي ڏينهن رهي واپس پئي ايندو هو، ڇاڪاڻ جو هو هڪ شاعر جي حيثيت سان زمان ۽ مڪان جون پابنديون قبول نه ڪندو هو، سندس اهي پابنديون دل تي بار ۽ مونجهه ڪنديون هيون، ان سبب جي ڪري رٽائرمينٽ تائين ماستريءَ جي ٽريننگ نه ڪيائين، مختلف هنڌن تي نوڪري ڪيائين، آخري دفعو ٽريننگ تي نه وڃڻ ڪري گورنيمنٽ کيس زوري رٽائر ڪيو، سندس نالو کٿوريءَ جي خوشبوءِ وانگر پکڙيل ۽ وکريل هو، پوري سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو، ايترو ته نالو ڪڍيائين جو سندس ڪلام ڪافي فنڪارن ڳايو ۽ مقبول ٿيو، عام ماڻهن هن کي تمام گهڻو ساراهيو، سندس ڪلام ۾ گوناگون موضوع آهن.
شعر و شاعري يا موسيقيءَ جو استاد لطيف ڏنو مهر تماچاڻن وارو هو، جيڪو خود هڪ سٺو شاعر ۽ فنڪار هو، سندس ڪلاسيڪل موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي، فقير موسيقيءَ ۾ مهارت حاصل ڪئي. پوءِ ته ڪيترن ئي محفلن ۾ ڳايو ۽ وڄايو ان کان پوءِ ته محفلن جو مور ٿي ويو. هن کان سواءِ ڪابه تقريب ڄڻ اڌوري محسوس ٿيندي هئي، ۽ بي چسي پئي معلوم ٿيندي هئي. پنهنجي وقت جي مشاعرن ۾ وڏي دلچسپيءَ سان حصو وٺندو هو.
انهن ڳالهين جي هوندي به نماز روزي جو پابند هوندو هو. پاڻ پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ 8 جون 1985ع مطابق 19 رمضان 1405هه، ۾ ڇنڇر ڏينهن هن جهان کي ڇڏي مستقل جهان جو راهي ٿيو. سندس روزي سان نماز پڙهندي دم پرواز ٿي ويو هو. مرحوم پٺيان هڪ پٽ نالي غلام اڪبر مهر ڇڏي ويو آهي، جيڪو شاعر آهي. استاد مينهل فقير جا ڪيترائي شاگرد هئا. جن موسيقيءَ ۽ شاعريءَ ۾ سکيا ورتي. انهن مان انب شيخ ڳوٺ کاهي، گلبهار مهر ڳوٺ ورايو مهر جو رهاڪو هو، جنهن موسيقي ۽ شاعريءَ ۾ استادي ورتي. وري گلبهار فقيرجوشاگرد غلام اڪبر مهر ٿيو، جيڪو استاد مينهل جو فرزند آهي. باقي ٻين شاگردن جا نالا ملي نه سگهيا آهن.
مرحوم ڊزن کن ننڍا شاعريءَ جا ڪتاب شايع ڪرايا. جن مان هڪڙو ملي سگهيو آهي. جيڪو”مفتاح العشق” عرف (مجازي عشق جي ڪنجي) نالي آهي. هن ۾ مجازي عشق تي شاعري ٿيل آهي. سندس شاعري ۾ نازڪ ۽ نفيس مسئلن کان وٺي وڏن وڏن مسئلن تائين شاعري ۾ نهايت ئي سهڻي ۽ سليس انداز ۾ نڪتا بيان ڪيل آهن. جن ۾ طنز وَ مزاح سان گڏ اصلاح به شامل آهي. سندس شاعري ۾ بيت، غزل،ڪافيون ۽ مولود چيا آهن. استاد جا ٻيا ڪتاب : “پرينءَ جي پڪار” 1969ع ۾ڇپيو جيڪو منظور احمد اينڊ برادرس بوڪ سلر شڪارپور وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. ٻيو “عشق جي ڪوئل” (عرف برهه جي بلبل) 1965ع ۾مولوي محمد عظيم ڪتب فروش شڪارپور وارن ڇپايو. ٽيون ڪتاب “نغمه عشق” 1960ع ۾ ڇپيو چوٿون “درد جون دانهون” 1970ع ۾ محمد عظيم وارن شايع ڪرايو پنجون “سورن جو ثمر” 1969ع ۾ سنڌ اداره اشاعت شڪارپور وارن ڇپيو ان کان سواءِ ڇهون ڪتاب مولودن جي چوپڙي “ڏکن جي ڏولي” جي نالي سان ڇپي. جيڪا مولوي محمد عظيم شڪارپور وارن ڇپائي. ستون ڪتاب “عشق جي پڪار” (عرف مينهل جا ويچار) چاپو پهريون سال؟ جيڪو مولوي محمد عظيم اينڊ سنس شڪارپور وارن ڇپايو جنهن ۾ مولود ڏنل آهن، جيڪي غزل جي هيئت ۾ به لکيا ويا آهن. اٺون ڪتاب “عشق جي گفتار” جي نالي سان محمد عظيم ڪتب فروش شڪارپور وارن ڇپايو.
شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي فني لحاظ کان ڪچايون به نظر اينديون، ڇڪاڻ جو جيئن ئي دل مان آلاپ ڪڍندو هو تيئن ئي لکندو هو. ان کي وڍ ڪٽ يا تقطيع ڪونه ڪندو هو. جنهن تي ڪيترن ئي شاعرن سندس زندگيءَ ۾ تنقيد به ڪئي، جنهن تي فقير ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو چوندو هو “دل جي آواز کي ڪير ٿو روڪي سگهي، ڪنهن کي مجال جو ان جي تقطيع ڪري ان جي روح کي گهٽي سگهي. ائين ڪو به نٿو ڪري سگهي. جيڪي وڍ ڪٽ ڪندا آهن اهي فطري شاعر نه آهن. بلڪه اهي زماني ۾ شاعر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن”. نموني طور ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

بـــيـــت
پـــريــنءَ سـان پـيـار ۾ وڙهـيـس مـحـبـت جــي مَـلـَــههَ،
جــا ٺــاهـيـائـيـن جـوش مــان ڪـيـائـيـن ڪــانه ڪَـهَـــلَ،
ڏئــــــــــي اڙي اُڇَــــــلَ، دلــــــبــــــر يـــــــار دســـــي ويــــــو.

عــشــق نه آهـي ڏاڻ، جـودسـي وجــهــجـي دُنـگي سان،
اول پـــــاڪ الله ڪــــيــــو مــنــهــنــجـي مــحــمـّـد ســاڻ،
هــــئــي خـبـر حـسـيـن کـي، جنهن ڪربل ڪهايو پاڻ،
اهـلـبـيـتـن جـــي رت ســـان، هـــو مــيــدان رتـــو ڇـــاڻ،
“مينهل”عشق عاشقن ساڻ، توکنو کنيو کوندو وتي.

جـيـڪـر هـجان چـڙي، مان ته پنهنجي پيارل يار جي،
ته وڄــانــس پــيــو وجـــود ۾، خــشــــان خــوش کــــڙي،
“مينهل” هڪڙي گهڙي، مان پري نه ٿيان پرينءَ کان.




غزل
اڄ جـنـهـن به حَـسـيـن ڏي، ســـڪ مـان نــهــاريـان ٿـو،
بــي رخي ڏسي ان جي، اکڙين مـان آب هــاريـان ٿـو.
هــو پنهنجي جـواني جـي نـاز ۾ بـي انـداز رهــن ٿا،
مــان عــادت کــان غــمــگـيـن ٿـي، مـجبور گذاريا ٿو.
اڄ رڇ جـهـڙو روپ مـنـهنـجو، ڪنهن کي نٿو وڻي،
ته به مـاران جهـلي محبوب جون، پلپل پڪاريان ٿو.
ڏنـد ڏيـهه ويـا ڇـڏي، منهنجي ڏاڙهـي وئي چٽي ٿي،
“مينهل” وات ٿيوکڏي، ته به اهي ڪبوتر ڌاريان ٿو.

ڪـــافـــي
مــنــهــنــجـي درد جـي سـهـڻـا ٻڌ تون ڪـهـاڻـي،
جــلائــي ڇــڏي آ تــو پــڻ مــنــهــنــجــي جـواني،
جــنــهــن ڏيــنــهــن کـان تــو وســاري ڇـــڏيـــو آ،
روئـــي آب اکــــڙيـــن مـــان هــــاري ڇـــــڏيــــو آ،
مــــلــــي وڃ خـــدارا ڪـــري ڪـــا مــهــربـــانـــي.
ڏســـان زمـــــانــــي ۾ هــــر ڪــــو کــــلــــي ٿــــو،
خــــوشـــيءَ مـــــان مــــحـــــب ســـان مـــلـــي ٿـــو،
مـــگــر مـنـهـنـجـي گـذري ٿـي ڏکـي زنـدگـانـي.
يــــــار يــــــــارن ۾ ورهــــــائـــــن ٿـــــا عـــــيـــــدان،
مــنــهــنــجـــون تـــولـــئــي دلـــبــر در ۾ ديــــدان،
مون ڏانهن محب موڪل، ڳجهي ڪا نشاني.
اهـــــڙو عــــشــــق آفـــــت، ٿــــــو در در رلائـــــي،
حــســيــنــن جــي دوکـــي کـــان مــولا بــچــائــي،
“مينهل” ماٺ ۾ رهه دنيا آهه فاني.(34)

ڏوهـــيـــڙو
عــــشـــق جـــي دريــــاهه جـــا داٻ وڏا دڙڪــــا،
انــدر آتــش ٻــري جـيـئـن، بـاهه ڪـري ڀڙڪا،
سـاڙي ٿـي سـاهه کـي خـوب ڪــري کــڙڪــا،
“مـيــنـــهــل” جـن جـي، جـيءَ انــدر ۾ جـڙڪـا
تــن کــي ڇــا ڪـندا ڇــڙڪـا، ڄر ڄيري جي.(35)

پـنـهـجـي حال تي چيل ڪافي سر “آسا” مان،
عــــــــشــــــــق ۾ ٿـــــيــــــــا اڇــــــــا وار يــــــــار،
ڪـــــهــــڙا ڪــــيـــس ڪـــريـــان مـــان هـــاڻـــي.
جــــهـــولـــي عـــشــق جــي جـــهـــڙپـــي ڇـــڏيـــا،
وهــــــيءَ ســـــنــــــدا هــــــي ســـــــڀ ڏار يــــــــار،
ڪــــهـــــڙا ويــــس ڪــــريــــان مــــان هـــــاڻــــي.
ڏنــــد ڏکــــــن کــــــان ڏيـــــــهــــه ڇــــــڏي ويـــــــا،
آيــــــــــا بــــــــرهه جــــــــا بــــــــاري بـــــــار يــــــــار،
ڪــــهــــڙا لـــبـــيـــس ڪـــريـــان مــــان هـــاڻـــي.
مــــيــــهــــنـــــل ريءَ مـــــلـــــڻ مـــــحـــــب جــــي،
ســـــــاڙيـــــــان ســــــڀ ســــــيـــــنـــــگـــــار يــــــار،
ڪهڙا عيش ڪريان مان هاڻي.(36)





ڌڻــــي بـــخـــش “ڌنــــڻ”(1920ع ــ 1998ع):
ڌڻي بخش ڌنڻ ولد فتح محمد سومرو متخلص “ڌنڻ” پنهنجي آبائي ڳوٺ مياڻي ۾ 15 مئي 1920ع مطابق 25 شعبان 1338هه ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مياڻيءَ ۾ ئي ورتي. 1939ع ۾ محمد آباغ ڳوٺ مان سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. تنهن بعد پاڻ سنڌي استاد ٿي رهيو ۽ 1957ع ۾ ٻه سال ماستريءَ جو ڪورس به پاس ڪيائين. سندس خاص مشغلو ادب، شاعري ۽ موسيقي هو. هو هڪ سٺو ۽ پختو شاعر هو. سندس شاعري ۾ فني خوبيون موجود آهن. فڪري لحاظ کان ڏٺو وڃي ته، شاعري ۾ وحدانيت، رسالت، امامت ۽ سماجي پسمنظر نظر ايندو. سندس شاعريءَ ۾ ڪافي، مولود، غزل، نعت، بيت ۽ نظم جون صنفون ملن ٿيون. سندس ڪافين ۾ رواني آهي. شاعري ۾ استاد وغيره ڪونه ڪيو. ماحول ۽ سماج ان جا استاد هئا. عبرت اخبار 1977ع ۾ هڪ ڪافي شايع ٿي هئي پر پوءِ ڪنهن به اخبار يا رسالي ڏانهن مواد ڪونه موڪليو جنهن ڪري منظر عام تي اچي نه سگهيو.
پاڻ ٻه ڪتاب “ڌنڻ جو ڌيان” نالي شايع ڪرايا جيڪي محمد عظيم ڪتب فروش شڪارپور وارن شايع ڪيا. پهرين 32 صفحن تي 1967ع ۾ پڌرو ٿيو. ٻيو ڪتاب 1969ع ۾ 32 صفحن تي شايع ٿيو.
پاڻ نظم جي شروعات 1957ع کان ڪئي ۽ نثر جي شروعات 1962ع کان ڪئي. سندس نثر کان نظم ۾ وڌيڪ پختگي نظر اچي ٿي. سندس شاعري ۾ ڪافي شاگرد ٿيا، جن مان مرحوم محمد صديق مهر (وفات 1981ع) وانڍائي، جنهن جو ڪتاب “صدن جا صور” نالي 1972ع ۾ محمد عظيم ڪتب فروش وارن شايع ڪيو. ٻيو: بودلو سومرو (ڪلر ڪوٽ خانپور) وارو ۽ ٽيون ڪريم بخش مهر شڪارپور وارو هو.
پاڻ ادبي محفلن ۾ گهٽ حصو وٺندو هو. 1972ع کان پوءِ سندن وڏا لڏي اچي چڪ شهر ۾ ويٺا، جتي اڄ تائين آباد آهن. سندس نموني طور ڪلام هيٺ ڏجي ٿو. هن دوڪانداري جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ خانداني طور رازو به هو. هيٺ ڪافي ۽ نعت نموني طور ڏجي ٿي.

ڪـــافـــي
نــئــون ســور ســرتــيــون نــصــيــبــن ۾ آيو،
گــــــــــــذارو ڏکـــــــــــن ۽ ڏولاون ۾ آيــــــــــــو.
ويـو دل جـو دلبر ڪـيـان ڪـيـئـن مان ڀينر،
غـمـن ۽ ڏکــن ڪـيـو اسـان وٽ اچـي گـهـر،
الله ڄـــــاڻــــي هــــيءُ سِرُ عــــذابــــن ۾ آيــــو.
ڪـري يـاد ڳـالـهـيـون، مـٺـي محب واريون،
پڪاريان پرين کي ڪري دل جون دانهون،
عــــقــــل مــــن اُتـــاهـــون عـــلـــيــلــن ۾ آيـــو.
خــوشــيءَ جــو خـزانــو ســخــن جــو زمــانــو،
کــســي يــار ٻــئــي ويــو، ڪـري قـيـد خـانـو،
مــنــهــنــجــو ســر يــگــانــو سـودائــن ۾ آيــو.
ڀــلــي لــک وڃــن، پــر وڃــن ڪـــيــن دلـبـر،
دنـــيـــا مـــال چـــاهـــي، هـــجـــي ٽـــيـــڪ آڌر،
“ڌنــــڻ” مــــاســــتــــر يَــــرَ وڇــــوڙن ۾ آيو.(37)



نـــعـــت
مــٺــا شــان مــڪــمــل جــيــئــن مــصــطــفــيٰ جـــو،
اهو شان آخر خدا بَس ٿو ڄاڻي.
نه آدم نه عــــيــــســــيٰ نه مـــــوســـــيٰ جـــــهــــانــــي،
نــڪـــو مـــلـــڪ مـــاڻـــهـــو نه مـــظـــهـــر ربـــانـــي،
اهـا ذات احــــــمــــــد اڳـــــي رب جـــــو جـــــانـــــي،
اســرار امــــــــــــــر خـــــدا بَـــــس ٿــــــو ڄــــــاڻـــــي.
ٿـــيــو طــور تــجــلــو، جـــبـــل جـــي جـــلـــي ويـــو،
نه مـــوســـيٰ عـــقـــل ۾ نه ســـاٿـــي رهـــيــو ڪـــو،
مــگـــر عـــرش اعـــظـــم نـــبـــيءَ تـــاب جــهــلــيــو،
رٿــــيــــل رمــــز بــــرتــــر خــــدا بَـــس ٿـــو ڄـــاڻـــي.
ڏنـــــو مــــصـــطـــفـــيٰ کـــي جــبـــريـــل فــرشــتــن،
ويـــو آســــمــــانــــن ته احـــــمـــــد هــــو عــــرشــــن،
وري هـــــيـــــٺ آيـــــو ته عــــربــــي هــــو عــــربــــن،
اهــــو عــــلــــم بــــانــــور خـــدا بَـــس ٿـــو ڄـــاڻــــي.
بَــشَــرَ ســو ته هــاڻــي وٺــو اڳ ئـي عــبـــرت،
جڏهن خود خدا ڪئي منجهارئن جي خلقت،
اتــــي نــــام بـــشـــري نه ڪـــا هــــئــــي ولادت،
“ڌنــڻ” ســان ســرور خــدا بَــس ٿــو ڄـاڻـي.(38)

ڌڻي بخش “ڌنڻ” سومرو بتاريخ 20 فيبروري 1998ع بروز جمعو مطابق 22 شوال 1418هه هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس چڪ جي قبرستان “يوسف علي” ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

واحد بخش “ميرل” (1920ع ــ 1998ع):
واحد بخش ولد سوڀو خان مهر، متخلص “ميرل” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٻورڙي تعلقو لکي ۾ 10 جولاءِ 1920ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي ڪنهن به اسڪول ۾ داخل ڪونه ڪرايو ويو. جنهن ڪري تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. پر پاڻ ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ تعليمي بالغان پروگرام ۾ 1950ع ۾ هڪ درجو پڙهيو جنهن ڪري ٿوري گهڻي، اکر جي سڃاڻ ٿي.
سگهڙ شاعر هو. جنهن ڏور جا بيت چيا آهن. مشنري جو مسترري هو. جنهن ڪري مستري سڏبو هو. خانپور شهر ۾ گهڻو وقت رهيو. جتي آخوند جان محمد جانڻ سومرو جو شاگرد ٿيو. آخوند خود ڏور جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. ان کان علاوه امير بخش سومرو خانپور وارو به سندس استاد هو.
خانپور شهر ۾ ئي ادبي ماحول ملڻ ڪري شاعري شروع ڪئي. خانپور شهر ۾ ويهه ورهيه کن رهيو. جتان پڪي سر جيان سگهڙن جي بٺي مان پچي نڪتو. پوءِ موٽي اچي ٻورڙي ڳوٺ ۾ پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو. خانپور ۾ آخوند جان محمد جانڻ سگهڙ سنگت قائم ڪئي، جنهن جا ويهارو کن ميمبر هوندا هئا جيڪي وقت به وقت لوڪ شاعري جي صنفن مان ڪنهن نه ڪنهن صنف تي ميڙاڪو ڪوٺائيندا هئا. انهن مجلسن ۾ باغن سيٺار، محمد صديق سيٺار، سليمان ميربحر، امير بخش سومرو ۽ واحد بخش مهر جن خاص سگهڙ شرڪت ڪندا هئا.
خانپور جا سگهڙ، سنگت جا ميمبر آخوند جان محمد جانڻ جي سربراهيءَ ۾ هر جمعي تي حاجي لطيف شاهه شڪارپور ۾ ڪٺا ٿيندا هئا ۽ ساري رات ويهي مجلس ڪندا هئا. ساري رات ڏور جا بيت، پيا ڏوريندا هئا.
مستري واحد بخش ٻورڙي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ اتي به منڊليون مچايون سگهڙن کي گهرائي ڪچهري قائم ڪندو هو. جتي سندس صحبت ۾ سيد فقير شاهه “مسڪين” (مرحوم) شاگرد ٿيو. ۽ ڏور جي بيت جي فن ۽ فڪر جي سکيا ورتي. جيڪو پوءِ هڪ ڏور جو سٺو شاعر ثابت ٿيو.مستري واحد بخش “ميرل” تخلص سان شاعري ڪئي. جنهن ۾ ڏور جا بيت اهڙي ته سٺي انداز ۾ چيا آهن جو ٻڌندڙ کان واهه واهه جا لفظ نڪري ويندا.
ٻورڙي جو محمد سيٺار به ڏور جي بيت جو سٺو شاعر هو. جنهن تمام گهڻا بيت چيا، جيڪي سڀ کيس ياد هوندا هئا. جنهن جو هڪ مطالبو هو ته حضور اڪرم ﷺ جو ديدار ڪيان، پوءِ اهي بيت سمورا لکرائيندس. نه ته ڪنهن کي لکڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. جنهن ڪري ڪلام پاڻ سان گڏ لحد ۾ لاٿيون ويو.
مستري “ميرل” جنهن پنهنجو ڪلام لکت جي صورت ۾ پٺيان ڪونه ڇڏيو. مگر راقم جڏهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان وقت ڪجهه بيت سندس اجازت سان لکي ورتا. جيڪي هتي ڏجن ٿا. پاڻ اٺهتر ورهين جي ڄمار ۾ 23 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي. سندس ڪجهه ڏور جا بيت ڏجن ٿا. سندس هڪ پٽ عبدالڪريم ٽيڪنيشن آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
ڏور جـــا بـــيـــت
مڙني ۾ موچاري هئي، هيءَ ميري مهاڻي،
اڱڻ آئي عجيب جي، ٿي راڄ ڌڻي راڻي،
ميرل ادا جڏهن صاحب ٿيس ساڻي، ته عيبن کان ٿي آجي.


ڀڃڻي: دائي حليمه جو قصو بيان ڪيو اٿائين.
ته هــــــــــي هـــــــــڪ پــــــــکــــــــڙي ٻه پـــــــراڙ،
پـــــــر هــــــن جــــــا ٿــــــي پــــــيــــــا ڌارون ڌار،
اڱـڻ آئي عجيب جي هن جا نيڻ وريم نار،
“ميرل” ادا جڏهن جوڙ جوڙيِس جبار، ته عيبن کان آجي ٿي.

ڀڃڻي: بيبي حليمه کي اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي هئي، جنهن ڪري سندس هڪ ببي مان کير نه ايندو هو. جنهن تي بيت جوڙيو اَٿس. ڏور جا بيت سر وار به چيا آهن. جنهن مان سر مارئي، سر سسئي پنهون، سر مومل راڻو وغيره تي به جوڙيا آهن.
ڏور جو بيت سر مارئي
ڪــيــئــن مــارن ســان مــلايــئه، ڏس عــمــر ڄــام امــيــر،
ڪــڍي ڏنــي هــيــئه ڪــوٽ مــان، هــي دانا ڏسي دلگير،
سکـيـا ڪـيـائين اتـي سانگيئڙا، اهي مارن منجهه ملير،
ٿيو معجزو هي “مهر” چئي جنهن جا نرڪن هي نظير،
پـوءِ انـهـيءَ ٿـيـن ساهه سڌير، مهل انهيءَ “ميرل” چئي.
ڀڃڻي هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجهه جي گهر ۾ ڪابه شيءِ نه هئي، حضرت امام حسن ۽ حسين رضه جن کي بک لڳي هئي. جن چيس ته ڪجهه کائڻ لاءِ ڏئي، بيبي فاطمت الزهريٰ کان به گهريائون، گهر ۾ ڪجهه به ڪونه هو جو کين ڏين، جڏهن حضورﷺ جن جڏهن ڏٺو ته هي ٻارڙا بک تي آهن، ته پوءِ ته هنن ٻنهي کي پنهنجي زبان ڪڍي ڏني ته هن کي چوسيو ته ان مان کير وهڻ لڳو، جن پي ڍَوءُ ڪيو. ان معجزي تي لکيل بيت آهي.

ڏور جو بيت سر سسئي پنهون
ڪــيــچــي آيــا ڪــيــچ کــان جـن ڪـيـو اچـي بـاري هـي بـيـان،
مـــنـــڌ ٿـي مــانـــدي گــهــڻــي، پـــر مــلــڻ خــاطـر هــي مــسـتـان،
جـــــيــــجــــل هـــــلـــــي جـــــت ڏي، مـــــاڳ تـــــنـــــهــــن مــــيـــدان،
ڪــيــائــيــن بــاتــيــون بــلـوچ ســان لــٿــس انــــدر جـــو ارمـــان،
هئي ته داناءِ پر ڌريائين نه ڌيان، “ميرل” هي منڌ پئي مامري.
ڀڃڻي: جنهن وقت دائي حليمه وٽ حضور اڪرم ﷺ جن هئا، جن جي عمر مبارڪ تقريبن ست ورهيه کن هئي. بيبي حليمه وٽ ٻه ٻڪريون هونديون هيون اهي چارڻ لاءِ ٻه ڇوڪرا ويندا هئا. هڪ ڏينهن حضور اڪرمﷺ جن بيبي حليمه کي چيو ته آءُ به ساڻن گڏ ويندس. پوءِ چارڻ لاءِ ٻاهر هليا ويا. جتي رب تعاليٰ جا ملائڪ سڳورا اچي لٿا. ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جو پيٽ چيري هن جي اندر کي ڌوئي سندس اندر ۾ نور ڀري هليا ويا ۽ هٿ گهمايائون ته پيٽ، پيٽ جهڙو ٿي ويو. پر اتي ٻه ڇوڪرا جيڪي ٻڪرار هئا تن ڏٺو ته ٻه شخص محمد ﷺ جو پيٽ چيري رهيا آهن، ته اتان اچي هنن مائي حليمه کي اطلاع ڪيو. جتان بيبي حليمه هلي اچي ان جاءِ تي پهتي. پڇا ڪرڻ تي کين سمورو قصو ٻڌايائون پر کين چيائون ته هيءَ ڳالهه ڪنهن کي به نه ڪجاءِ، پر بيبي حليمه هڪ هڪ کي پئي ٻڌائي، جنهن تي کين وري منع فرمايائون. اهو قصو قصص الانبياءَ ۾ آيل آهي.





عـــبـــدالــواحــد “عـاجـــز” (1924ع ــ 1991ع):
عبدالواحد ولد الله بخش ڀيو متخلص: “عاجز” ۽ “عبدالواحد پنهنجي آبائي قديم شهر رستم ۾ ڏهين جنوري 1924ع مطابق 2 جمادالثاني 1342هه، خميس ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي شهر رستم ۾ ئي پرائي. سنڌي فائينل، استاد الهه جڙيو شيخ صاحب وٽان، علي واهڻ ڳوٺ تعلقو روهڙي مان پاس ڪئي، ۽ ديني تعليم ۾ قرآن شريف ناظره، عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. سندس خاص مشعلو ديني ڪتاب پڙهڻ ۽ شعر وَ شاعري سان چاهه هو. هڪ سٺو مولودي شاعر هو. شاعري جي شروعات زندگي جي جواني واري ڏاڪي کان ٽپي پيرسن واري عرصي ۾ 1979ع کان شروع ڪئي. کيس دين سان دلي لڳاءُ هئڻ سبب تمام گهڻا مولود چيا آهن، پهريائين پهريائين مولود جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. پر پوءِ غزل به لکيا، جن ۾ مواد مولودن وارو آهي تنهنڪري انهن کي به مولود چوڻ گهرجي. مجلسن ۾ يا جلسن ۾ مولود ٺاهي اسٽيج تي پڙهڻ خاص مشغلو هو.
پاڻ هڪ استاد هو ۽ 31 ڊسمبر 1983ع تي پرائمري اسڪول سومراڻي مان رٽائرمينٽ ڪيائين، ڪجهه وقت مڊل اسڪول رستم ۾ ڊيپوٽيشن تي به ڪم ڪيو. پاڻ بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان به ان عرصي ۾ پاس ڪيا. نوڪري دوران جلد بندي جو ڪم ڪندو هو. ۽ پوسٽ آفيس جو ڪم به هلائيندو هو. 1973ع ۾راقم جو به استاد رهيو ۽ مڊل اسڪول رستم ۾ عربي پڙهائيندو هو. نهايت مهربان ۽ شفيق استاد هو. حضور شرم ۽ سادگي پسند انسان روزي نماز جو سخت پابند هو.
رٽائرمينٽ ڪرڻ کان پوءِ سياحت سان تمام گهڻو چاهه رکيو انهيءَ ڪري ڪڏهن اڀي، ته ڪڏهن لَمي پيو چڪر ڏيندو شاهه عبداللطيف لائبريري رستم جو ميمبر به رهيو ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جي هلندڙ ادبي ڪلاسن ۾ ايندو هو ۽ پنهنجو مواد تنقيد لاءِ پيش ڪندو هو. پاڻ جمعيت العلماءِ اسلام سان وابسته رهيو. سني طريقت جو فقه حنفيه سان منسلڪ رهيو. سندس مرشد پير شاهه ميرپور ماٿيلي وارو هو.
کيس هڪ پٽ عبدالرشيد نالي آهي، جيڪو ماستر آهي. پاڻ 3 مئي 1991ع مطابق 17 شوال 1411هه جمعي ڏينهن صبح جو نائين بجي رستم شهر ۾ طويل علالت سبب هن فاني جهان مان وفات ڪري ويو. کيس ڪالا شاهه پير رستم ۾ دفنايو ويو. سندس ٻه مولود ڏجن ٿا. جن ۾ محمد مصطفيٰﷺ جي ثنا خواني ڪيل آهي.
مـــولـــود
خدا جي محبوب پنهنجي ڪئي سان ڪئي روشن دنيا ساري،
هلي ويو هل مبارڪ جو هدايت جي ته هيءَ پياري.
مڪي ۾ مصطفيٰ ڄايو اهڙو سهڻو نه اڳ آيو،
ٿيءُ اَبرِ رحمتن سايو ٿي وئي سهڻي سدا بهاري.
فرش ۽ عرش پئي چمڪيا وَما فيهما به پي ٽمڪيا،
خوشيءَ ۾ سڀ ته پي لکيا، ڏٺئون دنيا جڏهن سونهاري.
نبيءَ جي نور جون لاٽون ڏسي، مولا حوران لاٿيون،
جو سهڻي جو ثنا وايون، بڻجي ويئي ڄڻ گلزاري.
زماني ۾ ٿيو ظهور هيو، سهڻو سڀن منظور،
شفاعت جو ٿيو مذڪور، ملي عاصين ته هيءَ ڏياري،
ڀڳا بت ڪافرن جا ۽ ڪريا ڪوٽ ڪسريٰ جا،
ٿيا توحيد جا نعرا بلند، موڳا ٿيا غير پوچاري.
ڀيو بيان ڪري ڪهڙي “عاجز” آ “عبدالواحد” اڄ،
خدا خود ٿو ڪري اهڙو، زبان منهنجي به آ جاري.
مصطفيٰ جي ٿئي زيارت، پوءِ غنيمت ٿي پوي،
زندگي ساري اسان جي واهه ته جنت ٿي پوي.
سهڻي مدنيءَ جي ته صورت، دل ڏسي مخمور ٿي،
اهڙي نياري جي ملي پوءِ ڇو نه رحمت ٿي پوي.
آهيون ڏاڍا اڄ خطاگر جو خطائن پنهنجي،
من قيامت ۾ ته مدنيءَ جي شفاعت ٿي پوي.
هي تمنا آ اسان جي دل ڏيو دلدار سهڻي کي،
جي قبوليندرو مدني ته سهڻي قسمت ٿي پوي.
جو شفاعت جنهن سنديءَ محتاج ٿا مڙئي ٿا رهون،
ڪيئن ٿيون نا اميد ان کان جو ضرورت ٿي پوي.
سهڻي مدنيءَ جو ته آ، مشتاق هردم عبدالواحد،
ڇا ٿي پئي جو انهيءَ ۾، جو قبوليت ٿي پوي.

صوفي غلام محمد “پياسي” (1931ع-1978ع):
صوفي غلام محمد ولد ساجن سومرو پنهنجي آبائي ڳوٺ علي آباد (جنهن کي قبو جامي سڏيو وڃي ٿو) ۾ پيدا ٿيو، سندس جنم پهرين جولاءِ 1931ع بروز اربع آهي. شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ حاصل ڪئي. ۽ ناظره قرآن مجيد به پڙهي پورو ڪيو. پرائمري تعليم حاصل ڪندي سنڌي فائنل (ورنيڪيولر امتحان) پاس ڪيو. پر نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. پر پنهنجو هنر سلائي جو، جاري رکيو، جيڪو ساري زندگي ذريعه معاش رهيو. کيس سياحت سان به وڏو چاهه هو. سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلا ملاکڙا وڏي شوق سان ڏسندو هو. صوفي بزرگن جي تعليم جو ايترو اثر ٿيو جو، سندس طبيعت جو لاڙو صوفيت ڏانهن گهڻو رهيو. انهيءَ ڪري صوفي سڏائڻ لڳو.
صوفين جي سنگت ۾ رهندي سندس لاڙو شاعري طرف ٿيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ شاعري جي شروعات ڪئي. جنهن ۾ پنهنجو تخلص صوفي ۽ سومرو استعمال ڪيو آهي. سندس همعصر شاعرن ۾ استاد مينهل فقير، محمد صالح “خادم” مستانو محمد شاه، انب شيخ، يونس کوهارو، فقير سلطان عبدالواحد “عاجز” وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن.پاڻ هڪ کلمک، خوش طبع ۽ صاف سٿرو ماڻهو هو. قدبت ۾ ڀريل رنگ جو ڀورو، جنهن ڪري کيس ڀورو به ڪري ڪوٺيندا هئا.
موسيقيءَ سان سندس خاص لڳاءُ هُيو. ڪلاسيڪي، صوفيانه ڪلام، ۽ دنبوري جي ساز کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. انڊيا جا پراڻا گانا ۽ گيت گهڻا ٻڌندو هو. انهيءَ اثر ڪري سندس ڪلام، غزل ۽ ڪافيون، جيڪي انڊين جي پراڻن گانن جي طرز تي لکيل آهن. جنهن جي ڌن تي پنهنجا غزل ۽ ڪافيون جوڙيون آهن.
سندس وفات 12 مئي 1978ع تي صوفي راڳ ٻڌندي ٿي. ان رات صوفي راڳ جو خاص بندوبست ڪيو هيائين. هڪ راڳي به گهرايو ويو هو. جنهن يڪتاري تي پئي ڳايو.
سندس هڪ بياض لکيل مليو آهي، جنهن جا ٽي ڀاڱا ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن مان هڪ ڀاڱو دستياب ٿي سگهيو آهي. جيڪو “درد جون دانهون” جي نالي سان موجود آهي. هن مجموعي ۾ ڏهه ڪافيون، يارهن غزل، ۽ نَو مولود شامل آهن.
سندس شاعري، ڪافيون، غزل ۽ مولود انڊين گانن جي طرز تي، ساڳئي ڌن تي آڌاريل آهن. جنهن ڪري انهن ۾ ردم جو عنصر وڌيڪ آهي، جنهن کي سولائي سان ڳائي سگهجي ٿو.
سندس شاعري ۾ درد جون دانهون، اندر جون آهون، وڇوڙي جا ورلاپ، انتظار جون ڪيفيتون، اندر ۾ عشق جي آڳ، دل ۾ درد جو دود دُکيل، محبت جو مچ متل، سڪ ۽ سوز، پرينءَ کي پسڻ جي تانگهه سمايل آهي.
سندس شاعري روايتي اسلوب ۾ چيل آهي، ڪٿي ڪٿي نيون تشبيهون ۽ استعارا به ڪم آندل آهن. صنعت تجنيس حرفي جو استعمال به ڪيو آهي. سندس ڪلام ڇندوديا تي آڌرايل آهي. مولود به انهن گانن جي طرز تي آڌاريل آهن. اهڙيءَ ريت مولودن ۾ به موسيقي جو ميلاپ نظر اچي ٿو. جيڪي اڄ ڪلهه جا مولود گانن جي ڌنن تي جوڙيا ويا آهن. سندس مولود جديد مولودي شاعرن لاءِ ڄڻ هڪ رستو گهڙيو. هت سندس بياض مان هڪ ڪافي ڏجي ٿي.
طرز: ہم درد کا فسانہ دنیا کو سنائینگے
ڪافي
سـهــڻــا ڪــر تـــون ســيــنــگــار، اسـيـن آهــيــون ڏســڻ وارا،
اچ مــلــي وڃ درد وارن ســان، اســيــن آهــيــون وڃــڻ وارا.
1- تـنـهـنجي در جو دربان مان، تنهنجي ناز اڳيان نوڪر مان،
ســـهـــڻـــا نه ڪـــر تـــڪـــرار، اســـيـــن آهـــيــون ڳــنــڍڻ وارا.
2-تنهنجو نالو ٻڌي آيم مان، تنهنجي شهر ۾ پير پايان مان،
تنهنجي در اڳيان سرجهڪايان مان، اسين آهيون ڪسڻ وارا.
3- چوي “غلام” محمد آهيان اداس، ديدار دلبر جو ڪيان مان،
وڃــي پـيـش پـنـهـل جـي پـوان مـان، هـي ڏوهه بخشڻ سارا.


ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد “سنڌي” (1931ع ــ1996ع):
عبدالمجيد “سنڌي” ولد حاجي غلام حسين ميمڻ يارهين 11 سيٽمبر 1931ع تي ڳوٺ ماڙي تعلقو لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ڊپلوما (سول انجنيئرنگ) ،ايم اي (سنڌي) ،ايم اي (ثقافت)،ايم اي (مذاهب عالم) ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي) آهي. علمي،ادبي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ،لکڻ ۽ گڏ ڪرڻ سندس خاص مشغلي ۾ شامل آهي. پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ايريگيشن کاتي ۾ اوورسيئر سان ڪيائين،پر جيئن ته کيس شروعات کان ئي علم و ادب سان دلچسپي هئي،تنهنڪري ان نوڪريءَ کي خيرباد چئي ليڪچرار جي حيثيت ۾ جنوري 1962ع کان تعليم کاتي ۾ قدم رکيو.
ميمڻ عبدالمجيد “سنڌي”، ادبي زندگيءَ جي شروعات 1949ع کان نثر ۽ نظم ٻنهي سان ڪيائين،نظم ۾ “فائق” جي تخلص هيٺ پاڻ شعروشاعري به ڪئي، پر پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ نظم ڇڏي صرف نثر لکڻ لڳو، جن ۾ افسانا ۽ ڊراما وغيره شامل آهن. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ افسانن، ڊرامن کان پاسيرو رهي صرف تحقيق، تنقيد ۽ تاريخ تي لکڻ لڳو. سن 1974ع ۾ پي _ايڇ_ ڊي ڪري ڊاڪٽريءَ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ڊاڪٽرميمڻ عبدالمجيد “سنڌي” لڳاتار 47 سال سنڌي علم و ادب ۾ جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي آهي،اها فراموش ڪرڻ جهڙي نه آهي، هن وقت تائين مٿي ذڪر ڪيل موضوعن تي سندس 37 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.جن ۾ تذڪره شهباز،تذڪره شعراءَ سکر،ڪريم جو ڪلام، ڏور، ماڻڪ موتي لعل، (ٻه ڀاڳا ) سکر جي سوکڙي (چار ڀاڱا)، پرک ۽ پروڙ، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو،جوتيون جواهرن جون،شرح سر ڏهر، فڪر لطيف،فڪر بيدل،ذڪر اشرف،ڏوهاري ڪير؟، ديس ديس جون ڪهاڻيون،سنڌي اٺو ڪتاب، سنڌي نصاب (نائين ۽ ڏهين لاءِ) ، سنڌي ڇهو ڪتاب (ايڊيٽنگ)،استادن لاءِ گائيڊ (ايڊيٽنگ)،پارس،(ٽي ڀاڳا)،ملا نصيردين جا لطيفا، اسلاميات،اسلامڪ ڪلچر، اقتصاديات (پهرين ۽ ٻئي ڪلاس لاءِ)، رتيءَ جي رهاڻ، سکر جهڙي سونهن،سنڌي علم ادب ،اصول ۽اهڃاڻ،پورهيت جو مان، شهري حياتي ۽ ڳوٺ ۽ سنڌي نعتيه شاعري وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد “سنڌي” جا سنڌي کان علاوه اردو ۾ پڻ چار ڪتاب ،اسلام اور تعليم، اسلام اور مساوات،اسلام اور اخلاقي اقدار ۽ تذڪره شهباز شايع ٿي چڪا آهن. سندس اٽڪل 30 ڪتاب اڻ ڇپيل مسودن جي صورت ۾ وٽس موجود آهن.(39)
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب جنهن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي سندس ڪيل خدمت کان ڪو به نابري واري نه سگهندو. تحقيق جي ميدان ۾ روشن ستاري جي حثيت رکي ٿو. هن وقت مستقل رهائش لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ آهي. گوورنيمنٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال به رهيو.
ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1996ع مطابق .(21 رمضان 1416 هجري) ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽرصاحب ذيابيطس (ڊائيبيٽ) جو مريض هو.

اختر اديب (1932ع ــ 2003ع):
اصل پورو نالو غلام محمد شاهه (ثاني) ولد باغ علي شاهه لکوي متخلص “اختر” پنهنجي آبائي، تاريخي شهر لکيءَ ۾ 24 جولاءِ 1932ع مطابق 19 ربيع الاول 1351هه تي آچر ڏينهن جنم ورتو. سندس والد صاحب به سٺو حڪيم ۽ شاعر هو، جنهن جو ذڪر اڳئي باب ۾ ڪيو ويو آهي. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب جي نگراني ۾ ٽنڊو جان محمد ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي، اتي ٻه درجه پڙهي پوءِ وري ٽيون درجو سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ پڙهيو ۽ چوٿين درجي کان فائينل تائين شڪارپور شهر ۾ پڙهيو. ان سان گڏ 1958ع اديب عالم جو به امتحان پاس ڪيو. گونيمنٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان 1949ع ۾ اٺين ڪلاس جو امتحان پاس ڪيو.
سندس خاص مشغلو حڪمت ۽ ادب هو. پاڻ سٺو اديب ۽ شاعر هو، منجهس ڪيتريون ئي ادبي خوبيون هيون. جهڙوڪ: افسانه نويسي، مضمون نويسي، ناول نويسي ۽ ڊارامه نگاري سمايل آهي. پاڻ سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾ لکيو. نظم جي شروعات 1956ع کان ڪئي ۽ نثر جي شروعات 1947ع ۾ ڪئي. سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف ۽ اردوءَ ۾ علامه اقبال کان متاثر هو. پاڻ اختر اديب جي نالي سان ڄاتو سڄاتو ويندو هو. پر گهر ۾ يا پنهنجي شهر ۾ بابو شاهه جي نالي سان مشهور هو. ادب ۽ ثقافت سان چاهه هئڻ ڪري لکي شهر ۾ هڪ شاهه لطيف لائبريري ۽ شاهه لطيف ڊراماٽڪ سوسائٽي جو بنياد رکيو. سندس پنهنجا لکيل ست کن ڊرامه سوسائٽي جي تعاون سان لکي شهر ۾ اسٽيج ٿيا ۽ مقبول ٿيا. خاص طور تي جمهوريت ڊرامو ماڻهن ۾ گهڻو اثر ڇڏيو ۽ ان کي خوب ساراهيو ويو.
سن 1974ع ۾ لنواري شريف، خواجه محمد زمان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن ۾ پاڻ مقالو پڙهيو هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چينل هڪ تان رپورٽ پيش ٿي هئي جيڪا اڌ ڪلاڪ جي ريڊيو رپورٽ هئي، جنهن ۾ کيس ويهه منٽ نشر ڪيو ويو باقي ڏهه منٽ ٻين کي ڏنا ويا. اهو سيد منظور نقوي صاحب رڪارڊ ڪيو هو. پاڻ لنواري وارن بزرگن جو مريد هو ۽ نقشبندي طريقي جو ماڻهو هو. حڪمت سان خاص لڳاءُ هئڻ ڪري ٿوڙي عرصي ۾ حڪمت ۾ ڀڙ ٿي ويو. اهو سمورو فن پنهنجي والد بزرگوار کان ورتو. 1951ع کان باقاعده حڪمت خانو کوليو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. نهايت تمام هوشيار حڪيم هو. سندس ڪافي ڪلام هفتيوار نقيب سکر ۾ ڇپيو. انهن خوبين کان علاوه پاڻ هڪ سٺو مقرر به هو. اسٽيج تي بيهڻ کان پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري وڃن پر سندس تقرير ختم نه ٿيندي هئي. موِضوع جي تهه تائين پهچڻ سندس خاص صلاحيت هئي. هفتيوار پنجتني حيدرآباد، خدام الدين لائلپور (اردو) ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۾ رچنائون شايع ٿيون. سندس قلمي مواد تمام گهڻو آهي. انهن مان جيڪي تصنيفون آهن اهي هيٺ ڏجن ٿيون.
تصنيفات (قلمي) ـــ (سنڌي):
(1) افسانن جو مجموعو: هن ۾ هيٺيان افسانه شامل آهن
1 “گمراهه مسافر” جيڪو 5 جون 1955ع تي لکيو.
2 “هي مون ڇا ڪيو”؟ جيڪو پهرين سيپٽمبر 1957ع تي لکيو.
3 “برباد محبت” جيڪو پهرين آڪٽوبر 1957ع تي لکيو.
4 “طوفان” جيڪو 14 مئي 1958ع تي لکيو.
5 “محبوبه” جيڪو 15 مئي 1958ع تي لکيو.
(2) ٻيو به افسانن جو مجموعو: جنهن ۾ هيٺيان افسانا لکيل آهن.
1 مصيبت تي مصيبت (ڪاميڊي)2 خوفناڪ حادثو 3 انتقام4 قتل يا خودڪشي5 تعاون6 بليڪ ميل 7 زخمي 8 خوشيءَ ۾ غم 9 غم ۾ خوشي 10 طوفان کان پوءِ 11 نئون دور.
ڊرامه :
1 زمانو ڇا چوندو؟ 2 پارٽي 3 انسانَ ڪٿي آهن 4 راز 5 عمر ماروي 6 جمهوريت 7 مجرم ڪير قابل ذڪر آهن.
اردوءَ ۾ افسانه:
1 بيت گئي دن جيڪو 9 سيپٽمبر 1957ع تي لکيو.
2 نيلم (ڪاميڊي) جيڪو 16 سيپٽمبر 1957ع تي لکيو.
3 نيلو (ڪاميڊي) جيڪو 4 مئي 1958ع تي لکيو.
4 قسمت (ڪاميڊي) جيڪو 13 مئي 1958ع تي لکيو (خاص طور فلم لاءِ لکيل)
5 ايڪ شمع تين پرواني مزاحيه افسانو 17 مئي 1958ع.
6 ڪشتي دوڪنارا (ڪاميڊي) 22 مئي 1958ع.
7 دوراستي (ٽريجڊي) 24 مئي 1958ع.
اردو ناول:
1 هم ڪو عبث بدنام ڪيا.
2 ساون ڪي حسين راتين (جاسوسي ناول) پهرين مئي 1958ع.
3 مجاهد (اردو ڊرامو) 18 مئي 1958ع سيد حسن علي شاهه معصومي جي فرمائش تي لکيو. جيڪو حيدرآباد ريڊيو تان 1958ع ۾ ئي ريليز ٿيو.
ناول سنڌيءَ ۾:
1 “ڊاڪٽر” جيڪو جاسوسي ناول آهي، جيڪو هفت روزه نقيب سکر ۾ قسط وار شايع ٿيو2 طوفان3 ناوليٽ: شيبا.
2 ناوليٽ اردو: تجهه ڪوهي بيڪار شڪايت (ڊرامائي انداز ۾ لکيل) جيڪو سن 1965ع ۾ لکيو.
شاعري ۾: ا“ڪلام اختر” (سنڌ) 1956ع 2 “ڪلام اختر” (اردو) 1957ع.
پاڻ نهايت مهربان ۽ شفيق انسان هو. نه صرف اديب ۽ شاعر هو پر سٺو سماجي ڪارڪن به هو. سندس ڪجهه ڪلام نموني طور هت ڏجي ٿو. سندس لکڻيءَ ۾ تمام گهڻي رواني آهي. انهن مٿين تصنيفن کان علاوه مذهبي رنگ جا به ليک لکيل آهن.
1“مون ڏنو خدا” جيڪو ٻه سوء صفحن جو آهي 2 “صوفي طريقت جا نڪتا” اهم تصنيفون آهن. پر افسوس جو شايع ٿي نه سگهيون آهن. پاڻ پبلشر سان لهه وچڙ ۾ آيو مگر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. ان وقت جي نڪرندڙ رسالن جي ايڊيٽر سان رابطو رکيو مگر هن کي نظر انداز ڪندا رهيا. نتيجي ۾ رسالن سان رابطو رکڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ دل شڪسته ٿي لکڻ به ڇڏي ڏنو ڪيترو وقت ته خاموش رهيو نثر لکڻ بند ڪري ڇڏيو هو. باقي شاعري ڪندو رهيو. موجود دور ۾ سندس مرثيي ۾ ڪوبه شاعر ثاني نظر نٿو اچي. مرثيه جو بادشاهه هو. فڪري توڙي فني لحاظ کان شاندار مرثيه سرجيا آهن. غزل ۾ به سٺي طبع آزمائي ڪئي. سندس نموني طور هيٺ ڏجي ٿو. قصيدو، نوحه، مرثيه، دوهيڙا، غزل مسدس وغيره. اختر اديب ڪجهه وقف علالت ۾ رهڻ کان پوءِ 30 مئي 2003ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه سيدن جو مقام لکي آهي.
مـــرثـــيـــو “رحــــلــــت بـــتـــول جــنـــابه فـاطـمه الـزهرا”
ٿـي جـڏهـن مـحـروم ورثـي کـان وئـي بـنـت رســول،
دل شــڪــســته ٿــي وئـي بـابـي جـي امـت کان بتول،
ڪــيــئــن وڃــي فــريــاد پـــوءِ روضـــه رســول الله ۾،
جـيـئـيـن ته بـابـا تو هـر دم مون کي سانڍيو ساهه ۾،
فـــاطـــمـــه بــضــعــت ٻــڌايــو قــوم کــي تــو چــاهــه ۾،
بـعـد تـو کـان تـنـهـنـجـي امـت ٿـي ويـئـي گم لاهه ۾،
مـون کـي مـوٽـايـو آ خـالـي تـنـهـنـجـي امت بابا جان،
ڪـيـن ڪي آيو تنهنجي امت کي تنهنجو ڪو ڌيان.
ٿـي مـخـاطـب مـرتـظـيٰ سـان پـوءِ ڪيو زهرا خطاب،
تون گواهه آهين منهنجو اي ابوالحسن اي بوتراب،
ڪـلـمه گـويـن جـي طـرف مــون کـي پـهـتـو آ عــذاب،
جــي ڪــريــان فــريــاد ٿــي، گـردش ۾ ايـنـدو آفـتــاب،
آهه مـنـهـنـجـي جـي اثـر کـان هـي جـهـان ويـندو جلي،
ايـــنـــدي لـــرزش زمـــيـــن ۽ آســـمــان ويــنــدو جــلــي.
وصـيـتـون پـوريـون ٿـيـون زهـرا ڪــري ويئي رضا،
سـر پــٽــي حــيــدر رنــو بــي هــوش ٿــي دائـي فــضــا،
خــاڪ تــي پــڙ پــوڻ لــڳــا حــســنــيــن سـر آئـي قـضـا،
پـار ٿـي زيـنـب ڪـڍيـا لـٽـجـي ويـئـي بـنـت مـرتـضيٰ،
سـج کـي گـرهـڻ ويـو لـڳـي تـاريڪ ٿيو سارو جهان،
حالت محشر ڏسي “اختر” رنو آسمان.(40)

مٿيون مرثيو ڪل اٺن بندن تي مشتمل آهي، طوالت جي لحاظ کان صرف ٽي بند ڏنا آهن، پهريان ٻه ۽ آخري بند ڏنو آهي، هتي هڪ غزل به نموني طور ڏجي ٿو.
غـــزل
ستارن جو ٽٽو طلسم ته انسان کي ننڊ آئي،
بهار جيان فضا ۾ منهنجي ارمانن کي ننڊ آئي.
لکيل هئي ازل کان صحرا نوردي منهنجي قسمت ۾،
صنم جي ياد ۾ بيچين افسانن کي ننڊ آئي.
لکيو هو داستان مون وصل جي پر ڪيف راتين جو.
پڙهڻ سان داستانِ وصل نادانن کي ننڊ آئي.
اٿي ساقي ڀري ڏي جام ڪورنگين شربت جو،
تنهنجي محفل ۾ اڄ آباد پئمانن کي ننڊ آئي.
خبر هئي ڪهڙي گذري رات ويندي وصل جي هڪدم،
ملڻ سان تنهنجي هڪدم چنڊ ۽ تارن کي ننڊ آئي.
جلي ٿي صبح تائين شمع پڻ فرقت ۾ عاشق جي،
اڃا سانجهي ٿي آ مَس ته پروانن کي ننڊ آئي.
وصل جو لمحه رنگين ڪيڏو مختصر آهي،
طلوع فجر سان شب جي بيدارن کي ننڊ آئي.
سبق وٺ “اختر” کان جو پيغمبر آهي سج جو،
سندس آمد کان راتين جي گهنگارن کي ننڊ آئي.(41)

مـــســـدس
تنهنجي مـخـمـور نــگــاهــن جــو قــســم آ سـاقـي،
تنهنجي زلـفـن جـي گـهـٽـائـن جـو قـسـم آ سـاقـي،
تنهنجي پـر ڪـيـف نـگـاهـن جــو قـسـم آ سـاقـي،
تنهنجي طــلــســم وفــائــن جــو قــســم آ ســاقــي،
پيار جو گــيــت ٻــڌاءِ هــوش ٿــي مــدهــوش وڃــي،
تنهنجو اي يـار هي “اختر” جي ٿي بيهوش وڃي(42)


مـنـهـنـجـي مـلـت کـي بــيـدار ڪــر تــون اي نــقــيــب.
جـن وسـاريـو قـوم کـي اظـهـار ڪـر تـون اي نـقـيب.
ديـن و دنـيـا تـرڪ ڪـئـي جـن غـيـر جـو پـاسـو وٺـي،
اسـلام کـان نفرت ڪئي، نروار ڪر تون اي نقيب.
ڇـــا ڪـــنـــدا مـــيـــدان جــنــگ ۾ لاڦ جــي ٿــا هــڻــن،
مـيـاڻ مـان پـنـهـنجي کلي، تلوار ڪر تون اي نقيب.
مـلـڪ جـا بـاغـي رهـن ٿـا ڏور ڪـر سـي مــلــڪ مــان،
تـن جـو واپـس هِـتِ اچـڻ، دشوار ڪر تون اي نقيب.
عــيــش وَ عــشـرت ۾ رُڌل آهـن مـڙئـي جـيـڪـي امـيـر،
تــــن ســـنــدو کــولي، پـڌر اسـرار ڪـر تـون اي نـقـيـب.
قـــوم کـــــي جــــاهــــل بــــڻــــايــــو جــــن غــــدارن آهه اڄ،
تــن ڪـمـيـنـن جـي عـيـان، گـفـتـار ڪـر تـون اي نقيب.
جـــــوش رک حــــيــــدري ۽ صــــبـــــر شــــاهه ڪـــــربـــــلا،
پـنـهـنـجـي مقصد کي وڃي، اظهار ڪر تون اي نقيب.
ظـلـم جـا مـاريـل رهـن ڏيـنـهـن رات ٿـا جــي فــڪــر ۾،
تـن جـي دانـهـن و آهـه لـئـه، پـڪـار ڪـر تون اي نقيب.
نـشـنـه لـب پـنـهـنـجـو رکـي تـلـقـين ڪـئـي تـائـيـن سـان،
تــن ســنــدو ظــاهــر وڃــي اقــرار ڪــر تـون اي نـقـيـب.
لالــچــائــن جــي اچــي حــق جــي پــرســتــيءَ کــان مـگـر،
تـون نه تـن ڏي ڌيـان ڏي، انـڪـار ڪـر تـون اي نـقيب.
اول آدم عــيـســيٰ، مــوســيٰ پــوءِ مــحــمــد مـصـطــفـــيٰ،
تــن يـقـيـن جــو صــدا انــڪــار ڪــر تــون اي نــقــيــب.
پــشــت پـاکـر تـنـهـنـجـي هـونـدا مـصـطـفـيٰ وَ مـرتـضـيٰ،
مـلـڪ ۾ هـن جـي يَــزيــدي، خــوار ڪـر تون اي نقيب.
ڪــربــلا ۾ ســـر ڏئـــي اســـلام جــنــهــن زنـــده ڪــيــو،
تنهن نيڪ “اختر” جو صدا، افڪار ڪر تون اي نقيب.(43)

محمد صالح “خادم” (1933ع ــ 1983ع):
محمد صالح متخلص “خادم” ولد الاهي بخش ڏهراج مهر پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ پهرين جنوري 1933ع آچر ڏينهن مطابق 4 رمضان 1351هه ۾ جنم ورتو، سندس ڄمندي ئي ستين ڏينهن والده ماجده وفات ڪري وئي، پر هاديءَ وٽ هن جي حياتي باقي هئي، هن اوڙي پاڙي جي عورتن جي ٿڃ پي دنيا دورنگيءَ ۾ ڇورو ٻال ٿي پلجندو رهيو، شروعاتي تعليم ٽئين درجي تائين پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق جي وانڍ ۾ ورتي پر پوءِ پرائمري اسڪول چڪ ۾ وڃي داخل ٿيو، جتي هن پنج درجا پاس ڪيا، پر انگريزن خلاف تحريڪ آزاديءَ زور شعور سان هلي رهي هئي، نيٺ آزادي ملي، ان سبب هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ جدا پاڪستان وجود ۾ آيو، جنهن ڪري هتان جا مقامي هندو سنڌ کي ڇڏي هند هليا ويا، ان ڪري محمد صالح 17 اپريل 1948ع تي اسڪول رستم شهر ۾ داخلا ورتي ۽ فائينل جا ست درجا پاس ڪيائين، تنهن بعد 1950ع ۾ مٺياڻي شهر ضلعي نواب شاهه جي ٽريننگ ڪاليج مان ٻه سال ماستريءَ جو ڪورس به پاس ڪيائين، پاس ڪرڻ کانپوءِ به ڪجهه وقت کيس نوڪري نه ملي، ان ڪري کيس پنهنجو چوپايو مال جو ڌڻ هوندو هو، جنهن کي چارڻ لڳو ۽ والد صاحب کي ڪڙمت جي ڪم ۾ به هٿ ونڊائيندو رهيو، هڪ سال بعد هن کي پرائمري استاد ٿيڻ لاءِ نوڪري جو آرڊر مليو، جنهن ۾ دخليڪار ٿيو، ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ بيگاري شاخ لڳ ڳوٺ وڏا ماڇي تعلقه خانپور ۾ نوڪري ڪيائين، اتان وري بدلي ٿيس، پوءِ ڳوٺ شير ڪوٽ ۾ رهيو، پر اتي به ٽڪاءُ نه آيس، پنهنجو آرڊر محمدآباغ تعلقي لکيءَ ۾ ڪرايو، پر کيس اتي به من کي ٽڪاءُ نه آيس مجبوراَ پنهنجي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ آرڊر ڪرايو.
مرحوم جو لاڙو گهڻو فقيريءَ طرف رهيو، جنهن سبب هن ڳوٺ تماچاڻيءَ واري مولانا جان محمد قريشيءَ کي پنهنجو مرشد بڻايو، جنهن سندس ڪي وظيفا به ڏنا جن تي عمل به ڪيائين، ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ هجڻ ڪري هن جي دوستي ٻڍل فقير جي پوٽي امام الدين انڙ سان ٿي، جنهن ڪري اتي فقير جي صحبت ۾ رهيو ۽ راڳ روپ جو شوق پيدا ٿيو، مرحوم هارمونيم وڄائڻ سکي پر پوءِ پنهنجي خريد ڪري ڳائندو ۽ وڄائيندو هو، ان ڳائڻ ۽ وڄائڻ بعد هن کي راڳ جي راڳيڻين جي مڪمل ڄاڻ حاصل ٿي.
مرحوم محمد صالح ان ڳائڻ وڄائڻ دوران ۽ راڳ رنگ جي محفلين ۾ وڃڻ ڪري کيس دل ۾ مجازي عشق پيدا ٿيو، مجازي عشق جي چوٽ لڳڻ سبب سندس دل دنبوري جيان وڄڻ لڳي، جنهن ڪري هن ان دل جي آواز کي شاعري جو روپ ڍڪايو، 1965ع کان هن باقاعده شعر و شاعري شروع ڪئي، سڀ کان پهرين هن غزل تي طبع آزمائي ڪئي، بعد ۾ سنڌي شاعري جي صنف بيت ۽ ٻين مروج صنفن تي به ڪئي، جهڙوڪ: مناجات، نعت، ڪافي ۽ قصيدو وغيره، غزل ۽ ڪافيءَ تي سندس تمام گهڻي دسترس حاصل هئي، فڪري ۽ فني لحاظ کان پوئين دور واري شاعري وڌيڪ وڌي ۽ ويجهي،سندس ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو، جيڪو راقم وٽ موجود آهي ۽ سندس فرزند وٽ به محفوظ آهي، سندس رچنائون ڪنهن به رسالي ۾ ڇپيل ڪونه ٿيون ملن، نه وري ڪو زندگي جو واضح احوال ملي ٿو.
مرحوم هڪ سٺو غزل گو ۽ ڪافي گو شاعر هو، ان سان گڏ سٺو موسيقار به هو، جنهن ڪري موسيقيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ٿيا، جن مان ماستر غلام حيدر شاهه ڳوٺ فتح ٽنڊو لڳ چڪ به هڪ هو.
سندس شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي “مهر خادم الفقراءُ” به تخلص طور ڪم آندو آهي، مرحوم به هن پيڙيل سماج جو هڪ فرد هو، جنهن ڪري زماني جي لهرن ۽ لوڏن کان لڙي نه سگهيو. مجبوراَ معاشي مسئلن سبب پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي چڪ شهر جي جڙيا پور محلي ۾اچي ديرو دمايو، ان لڏ پلاڻ سبب ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن سبب دل کي ڌچڪا پهتا، جنهن ڪري هن گهڻو وقت راڳ روپ قائم رکي نه سگهيو، ڳوٺ ڇڏي اچڻ سبب بدلي ڪرائي ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لڳو، روزانو سائيڪل تي چڪ کان ايندو ويندو هو.
زماني جي گردشن، هماهمي ۽ گهما گهمي جي ماحول ۾ ، ذهن ۾ انيڪ سوچون پيدا ٿيون جنهن ڪري ڳچ ڪلام اتي ئي چيو، سندس ڪلام ۾ زماني جي لمن لوڏن جو ذڪر آهي، ته پير فقير جي شان ۾ قصيدو ۽ نعت مناجات به آهن،درد فراق، مجاز ۽ شڪوه شڪايت به آهي، ڪافين ۾ روڄ راڙو، ڪروڌ ۽ اندر جا اڌما نظر اچن ٿا، مطلب ته هڪ فطري انسان وانگر شاعري ۾ ساڳئي ڪفيت نه ٿي رهي، هونءَ به سماج ۾ شاعر جي هڪ ڪيفيت نه ٿي رهي، وقت ۽ ماحول جو شاعري تي تمام گهڻو اثر ٿيندو آهي، اهڙي طرح خادم صاحب جو به حال ساڳيو آهي، جنهن وقت ۽ ماحول مان جند آجي ڪري نه سگهيو. هونءَ به انسان کي ڏک ۽ درد، تخليق جو مادو پيدا ڪندا آهن، بقول انگريز شاعر جي ته “دنيا جي هر تخليق درد مان جنم وٺندي آهي”.
سندس ڪلام کي فني ۽ تنقيدي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ڪي ڪي ڪافيون فني لحاظ کان اڌوريون محسوس ٿين ٿيون، ڪي غزل به بحروزن جا بند ٽوڙي وڃن ٿا، پر زندگي جي پوئين حصي واري شاعر جي فن ۽ فڪر ۾ سٺي پختگي آيل ڏسجي ٿي. هڪ هنڌ فرياد ڪندي چوي ٿو ته:
لـکـان ٿو درد جـو دفـتـر، اهو سارو پڙهڻ گهرجي،
ڪريان مان فرياد تودر، اها منهنجي ٻڌڻ گهرجي،
وري هڪ هنڌ کيس هيڊ ماستر کان شڪايت ٿي پيس جنهن تي ڪافي چئي آهي، ڪافيءَ جو پهريون ٿلهه ڏجي ٿو:

استاد وڏا، ڪر نه ڦڏا، اها هيڊ ماستري آ چار ڏينهن،
نـاز جـنـهـن تـي تـو ڪـيـا، سا عملداري آ چار ڏينهن.
سندس مٽن مائٽن ۽ دنيا جي لمن لوڏن سبب کيس ٽڪاءُ نه آيو، پر بعد ۾ هن کي جلندر جي بيماري وڪوڙي وئي، جنهن کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو، ان بيماري دوران پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻئي ڏينهن “يارهين جنوري 1983ع مطابق 5 صفر 1404هه، جمعي ڏينهن رستم شهر ۾ هن فاني سنسار کي ڇڏي ابدي راهن جو راهي ٿي ويو، رستم لڳ مينهون پير مقام ۾ دفنايو ويو.
پٺيان هڪ بيوه ۽ ٽي پٽ ٻه نياڻيون ڇڏي ويو، مرحوم خادم صاحب جو هڪ غزل ۽ هڪ ڪافي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي. غزل جيڪو بحر رمل مثن مقصود جي ماپي تي ٻڌل آهي ۽ هڪ بيت به ڏجي ٿو. مرحوم جي راقم جي چاچي واحد بخش “فرهاد” حڪيم (رستم) سان دوستي هوندي هئي جتي سندس ڪچهري ۾ راقم به موجود رهندو هو.



غـــزل
دل کسي ڏيئي دلاسو، آهه دلبر جو رواج،
منهن پسائي مفت مارڻ، آهه منور جو رواج.
ٿا رُسـيـل پـرچـن سـگـهـو، نـت نـنـڍڙي، نينگر جيان،
ڇا سڄڻ جو ملڻ لاءِ، هوندو سهڻي سرور جو رواج.
ڏينهن جـو مـاڻـهـن اڳـيـان، ڪجهه ڪڇي ڪين ٿو،
رات ريجهن ۾ گـــذارڻ، آهــه انــــور جــــو رواج.
مـهـر “خـادم” مـون چـيـو، ته آهيان سندءِ گولو غلام،
ته به چيائين وڃ هتان، نـاهه نـوڪـر جـو رواج.(44)

ڪـــافـــي
مون کي مـــــــاروئـــــــڙا، اڄ ٿــــــا يـــــاد پـــــون،
اڄ ٿـا يـــــاد پـــــون، جــــــن لاءِ نـــــيــــڻ ســــڪــــن.
ايندا مـــون ابـــاڻـــا، جــي ســدا ســـاهه ســيــبــاڻـــا،
ڏسان ڀـــٽـــن ڀـــاڻــا، جــتــــي ســانـــگـــهـــي رهـــن.
ســدا هــڪ آ جــن جــي، تــوڙئــون آهــيـان تن جي،
ڄــائــي هــيــس جـن جـي، ســي مــٺــڙا شــال مــلــن.
مـوٽـي “خـادم” ويـنـدس، هـتـي ڪـيـن رهـنـديــس،
وڃي تن سان ملنديس،ٿيون سرتيون ياد ڪن .(45)

بـــيـــت
جيڪو پنهنجي لڏ پلاڻ وقت چيو هو.
تـــريـــچــا تــر مـان تـــڙيــا تــــريـــچـــن،
پــاڻ رهـــن پـــلــنــگــن ۾، تــڏا تــريــچـن،
نينگر من نڪرن، وٺن پاند پيءُ جو.(46)

مستانو محمد شاهه (1939ع ــ 1984ع):
پورو نالو سيد محمد علي شاهه ولد سيد عارب شاهه بخاري متخلص “مستانو شاهه” پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙي ۾ 4 آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادالثاني 1358هه، جمعي ڏينهن ڄائو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي، ٽي درجه سنڌي پڙهيل هو، غازي غلام شاهه مست جو مريد هو، سندس شان ۾ قصيدا چيا آهن، سندس هڪ قصيدو مليو آهي، جنهن ۾ حاجن شاهه ۽ غلام شاهه جي ساراهه ٿيل آهي.
پاڻ هڪ مزدور ماڻهو هو، ڪا خاص آمدني ڪونه هئس، مسڪيني جي حال ۾ گذاريندو هو، شعر و شاعري ۾ استاد پنهنجو مرشد غازي غلام شاهه مست هو، سندس سمورو ڪلام لکت جي صورت ۾ موجود ڪونه آهي، ڇاڪاڻ جو لکي ڪونه سگهندو هو، جنهن ڪري لکت ۾ ڪونه ٿو ملي، البت ڪن دوستن، ساٿين سنگتين کي ڪجهه ڪلام ياد آهي، اڪثر ڪري مرشد جي اوتاري تي ويٺو ڪلام چوندو هو، زندگي جو ڳچ عرصو پنهنجي مرشد جي سيوا ۾ گذاريو.
مستاني، قافيون قصيدا ۽ غزل چيا آهن، قصيدو به سٽاءَ جي لحاظ کان ڪافيءَ جي نموني آهي، باقي مضمون جي لحاظ کان قصيدو آهي، سگهڙن سان ڪچهريون تمام گهڻيون ٿيندويون هيس، ميلن ملاکڙن جو شوقين، خاص ڪري جنهن به پير تي مليو لڳندو هو، سو اتي ضرور ويندو هو، سهروردي طريقي جو ماڻهو هو، بريلوي خيالات رکندڙ هو.
مستاني صاحب پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ 14 ڊسمبر 1984ع جمعي ڏينهن مطابق 20 ربيع الاول 1405هه ۾ رحلت فرمائي.(47)
سندس نموني طور هڪ ڪافي ۽ هڪ قصيدو، هيٺ ڏجن ٿا، جڏهن راقم 1982ع دوران ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ قلمبند پئي ڪئي، ان وقت غلام شاهه غازي مست جي مزار تي ويٺل ڪن عقيدتمندن ٻڌايا هئا ۽ قلمبند ڪري ڇڏيا هئا.
ڪـــافـــي
سدا تنهنجي پيار ۾، رهان هر دم بيقرار،
ســڪـن اکڙيون، ڪرن پيون انـــتـــظـــار،
لــڳـــن ٿيون هوائون، آهـــن نـــازڪ نـــظـــارا،
ڪيون پيار پــاڻ ۾، ٿــا چــمــڪـــن ســتـــارا،
چون ٿيون فضائون آهي برهه جو بهار.
تـو مـلڻ جـــو مـــون ســـان واعــــدو ڪــيـو هـو،
ته گڏ رهڻ جو به واعـدو ڪـيـو هــــــو،
تـــڙپـان راتــيـان ڏيـنـهـان، راهه جو ڪـيـئـه وار.
مـحـب “شـاهه مـسـتـانـي” جـو سهـڻـو صنم تون،
تڏهن ته لکيو هي نرالو نظم مون.
مولا ڪندو ڪڏهن، ڪري ايندين تون سينگار.(48)

مستاني جي ڪافيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي وزن جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، ڪٿي ته قافيو به چڱيءَ طرح ڪونه ملايو آهي، بهرحال ٿوري تعليم هوندي به هن ڪافي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته سندس اها ڪافي شروعاتي زندگي جي هجي، جڏهن راقم ماڙي ويو هو ان وقت زندهه هو پر ملي نه سگهيو هو، سندس قصيدو بحر مجتث مثن سالم تي ٻڌل ملي ٿو، ان مان ظاهر آهي ته سندس بحروزن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ حاصل هئي.



قـــصـــيـــدو
تـون آن سـخـي شـاهه حـاجـن، مـحـبـوب جي آ نشاني،
غــازي غـلام شــاهه جـي تـوتـي، خـاص آ مـهـربــانـي.
صــورت تـنـهجي نرالي آ، چمڪن جيئن چنڊ ۽ تارا،
اکــڙيــن تــنــهــنــجــن ۾ آهــن، نــوري ســنــدا نــظــارا،
هـر غـم هـلـيـو ٿـو وڃي جو، آپسي پاڪ جو نشاني.
مـنـزلـن چـئـنـي جـو مـالـڪ، سـاجـو سـتـار کان ملي آ،
نوري مـٿـان هـون چـادر، مـلائـڪـن تنهنجي جهلي آ،
ڪـــيـــو ســيـر تــو ســمــورو آ، رهـبـر آهـي روحـانــي.
قـــائـــم ڪـــيـو آ قـلـنـدرن، عاشـقن تـنـهـنـجـو اوتـارو،
نــنــگــر هــلــي ٿــو هــر دم، ســانــوڻ تــوڙي ســيــارو،
جـــيــڪــي اچــن ٿــا ســوالــي، ٿــي مــنــٽ ۾ آســانــي.
ڪـري عـرض ٿـو “محمد شاهه” هٿڙا ٻڌي اوهان کي،
ڀرپور ڪريو ته جهولي، ڪَرِ قرب ڪو، يَر اسان تي،
پــر آهـيان غـلام تـنـهـنـجـو، جي ته قيد آهي زندگاني.(49)








لـــطـــف عــلي “لــطــف” (1939ع ــ 2005ع):
لطف علي ولد دلمراد بن عبدالستار بن ستار ڏنو سومرو متخلص “لطف” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊو علي شير ۾ 22 سيپٽمبر 1939ع مطابق 7 شعبان 1358هه تي جمعي ڏينهن پيدا ٿيو. سندس تعليم ڇهه درجا سنڌي آهي، شروعاتي تعليم پنهنجي قديم ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ حاصل ڪئي، ٽنڊي ۾ صرف هڪ درجو پڙهيو پوءِ ڳوٺ پناهه شجراءَ تعلقو خانپور ۾ داخله ورتي، ان سان گڏ اتان جي مشهور مدرسي ۾ قرآن شريف ناظره پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، حاجي حافظ محمود وٽان قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. مفلسيءَ سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. روزگار لاءِ تمام گهڻا ڌنڌا ڪرڻا پيا. ڪڏهن سرڪاري عارضي نوڪري ۾ ته ڪڏهن خانگي نوڪرين ۾ گذر سفر ڪندو رهيو. پاڻ ايريگيشن ۾ ڪچو داروغو به ٿي رهيو. راڳ رنگ جي محفلين جوڪوڏيو. ان شوق سبب پاڻ به يڪتارو چپڙي کنيائين پر گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ان ڳائڻ وڄائڻ سبب پاڻ سال 1970ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو. پوءِ ته خاص مشغلو شعر و شاعري رهيو. ان ۾ سندس استاد وڏو ڀاءُ عمردراز هو (جيڪو هڪ سٺو شاعر هو، پر افسوس جو سندس ڪلام ملي نه سگهيو آهي).
زماني جي ڏکن ڏاکڙن، لمن لوڏن، هيرين ڦرين کيس هڻي وڃي هيڻو ڪري ڇڏيو. انهن ڏکن هوندي به سندس عزم اوچا رهيا. کيس جيڪا محبوب جي لوري ۽ لنو لڳل هئي، سا سسڻ بجاءِ وڌيڪ ڦنڊڻ لڳي، ان سبب ڪري سندس شاعري ۾عشقيه رنگ ڀريل نظر اچي ٿو. ۽ زماني جا ڏک سور پٽيندي نظر اچي ٿو. سندس شاعري دردن جو داستان آهي.
ان کان سواءِ لوڪ شاعري به ڪئي، جنهن ۾ مذهبي رنگ ڀريل نظر اچي ٿو.سينگار ۽ ڏور جو به سٺو شاعر هو. پاڻ ڪافيون ۽ بيت به چيا آهن. کيس زماني جي زندان هڪ هنڌ ٽڪڻ نه ڏنو، ان سبب ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، ڪجهه وقت حاجي خان ڪلهوڙو تعلقه خانپور ۾ وڃي ويٺو. پر اتي به کيس جيون کي آنند نه آيو، لڏي اچي رستم جا وڻ وسايائين، رستم ۾ شعر وَ شاعري به ڪندو رهيو. پر رستم مان کيس ڳوٺ جي وڏيري جاءِ تي قبضو ڪيو. جتان لڏي وڃي بچل شاهه مياڻي سکر ويٺو. سندس هڪ شاعري جو مجموعه ڪلام آهي. جيڪو قلمي صورت ۾ پوين وٽ موجود آهي، نموني طور سندس ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو. سندس ڪلام ڪنهن به سنڌ جي اخبار يا رسالي ۾ ڪونه ڇپيو ڪجهه وقت بيماري جي حالت ۾ رهيو، جنهن کي جگر ۽ ٽي.بي جو اثر هو. 23 آڪٽوبر 2005ع مطابق 18 رمضان 1426هه ۾ وفات ڪري ويو. پٺيان ٽي پٽ پنج نياڻيون هڪ بيوه ڇڏي ويو. سندس آخري آرام گاهه بچل شاهه مياڻيءَ جي قبرستان ۾ آهي.
ڏور جـــو بـــيـــت
ٻــڌي ٻــولي ٻهڳڻ جي، اچي جوٽيائين جنگ،
ڇــڪــي ٻــڌائين ڇوهه مان، چيلهه برابر تنگ،
مــــاري مــــڙنــــي کــي مــســتُ ٿــيــو مــلــنــگ،
“لطف” ان جو نينهن ننگ، نڪري نروار ٿيو.

ڀڃڻي: حضرت اويس ڪرني جڏهن خبر ٻڌي ته حضور ﷺ جو ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو آهي. ان ڪري پنهنجا هڪ هڪ ڪندو سڀ ڀڃي ڇڏيائين.

سينگار جو بيت
اکيون منهنجي عجيب جون، ريءَ ڪجل ڪاريون،
هرڪن پيون هرڻ جيان، هر جاءِ هيڪاريو،
وارا ڪن واسينگ جيان، هي چريون چوڌاريون،
اهي مزگان موچاريون، “لطف” سڌيون ٽپن سيني کان.

بــيــت
آءُ پرين پيارا ته ڪــــــــيــــــــون روح رهــــــــــاڻ،
نڪري وڃي نـڀاڳ جي هن ڪانـٽي مان ڪـاڻ،
ته پـڙ سـڌا ٿين پيار جا، اهـا مــڃ تــون آڻ،
سڄڻ گڏجي “لـــطـــف” ســاڻ، رهه اچـــي رســـتـــم ۾.
اڄ پڻ عجيبن اوچتو، نيڻ ملايا نيڻن،
سري ويـا سـور جــيـڪي مـون وٽ هـيـا مـڻـن،
جي اهڙا پرين پير کڻن، ته “لطف” سکيا رهون سنسار ۾.
آءُ عجيب اڱڻ تي ته هـڻـون نـيـهن سندو نعرو،
کلي گـذاريون خوشيءَ سان ڏيـنـهـن سـڄو سـارو،
لائــق ڪر “لـطـف” تي ته لـهـي مـن سـندو مونجهارو،
پوءِ سـانوڻ ۽ سـيـارو،آهـيان نوڪر تـنهنجي نانوَ جو.

ڪـــافـــي
آءُ تون پيارا ڪر نه ڪنارا،
ايڏا نه ڏي آزار، ڪجهه سمجهه ته سهڻا ڌار.
جدائي تنهنجي ۾ جان وئي جلي، ڳڻتين ڳاريو ماس،
ڏاڍو آهين سڀ کان سهڻا، ڪونه ڪرين ڪنهن تي قياس،
سڪ ۾ سڪائين، اک نه ملائي، تيز گهمي رفتار.
ڇوڙي ڇڏين ٿو يار ڪلهن تي، ڪاريهر ڪارا وار،
ويتر وجهين ٿو زور سان سهڻا، قهري ڪجل ڪارا وار،
نوان ناز ڌارين، ڪين نهارين، سرس ڪرين سينگار،
پل پل “لطف” ٿو توکي پڪاري، ڏي ملڻ جو اقرار،
توريءَ جدا منهنجا سهڻا آهي رهڻ بيڪار،
ٻڌ تون آهون، درد دانهون، تون ئي سومري جي سرڪار.(50)

سيــد لــعــل شــاهه بــخــاري (1939ع ــ 2010ع):
سيد لعل شاهه ولد سيد جمال شاهه بخاري متخلص “سيد، لعل، شاهه” پنهنجي آبائي قديم ڳوٺ ماڙي تعلقو لکي ۾ 17 نومبر 1939ع مطابق 5 شوال 1358هه تي جمعي ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ ئي پرائي، تنهن بعد شڪارپور شهر مان مئٽرڪ پاس ڪيائين،. تعليم سان دلي لڳاءُ سبب پاڻ ايم.اي(سنڌي)، بي.ايڊ ۽ ايم ايڊ جون اعليٰ سندون حاصل ڪيون. سندس خاص مشغلو لکڻ ۽ پڙهڻ هو، ان ڪري سندس شعرو شاعري جو شوق تمام گهڻو هو. پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
پاڻ نظم جي شروعات 1950ع کان ڪئي ۽ نثر جي شروعات 1965ع ۾ ڪئي. سندس نظم ۾ محمد يعقوب حاجاڻو استاد هو. ۽ نثر ۾ سندس ڳوٺائي سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هو. لعل شاهه بخاري سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ شاعري ڪئي. سندس قلم مان ڪيتريون ئي ڪاوشون نڪتيون جهڙوڪ مقالا، مضمون، خاڪا ۽ شعر وَ شاعري وغيره پر انهن کي ڪتابي شڪل ڏنل نه آهي. پاڻ جيڪي ڪجهه لکيو سو سندس محفوظ آهي. باقي سنڌ جي رسالن ۽ اخبارن ۾ گهٽ ڇپيو. ڪجهه شاعري ۽ مضمون ڪاليج مئگيزين سکر، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي مخزنن ۾ ڇپيل آهن. پاڻ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ٿيو ڪجهه وقت اسلاميه ڪاليج سکر ۾ به رهيو.
پاڻ اسسٽنٽ پروفيسر طور سي اينڊ ايس گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور مان رٽائر ٿيو. نهايت سنجيده، مهربان ۽ شفيق استاد هو. تعليمي ادارن طرفان ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ وڏي شوق سان ويندو هو. ۽ حصو وٺندو هو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن. سندس والد صاحب به شاعر هو. جنهن جو ڇهين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي.
نثر ۽ نظم ۾ ڀڙ آهي. لکڻ جو انداز سولو ۽ سٺو آهي ۽ ان ۾ زبردست رواني آهي. فني توڙي، فڪري لحاظ کان، سندس شاعري شاندار آهي. سندس ڇپيل ڪتاب “موتين مٺ” مرتب ڪيل آهي. جيڪو پهريون دفعو جنوري 1979ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سنڌي ادبي سوسائٽي سکر پاران ڇپايو ويو جنهن کي ماڊرن پرنٽنگ پريس شڪارپور ڇپي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ روهڙيءَ جي قاضي علي اڪبر درازي جي ڇپيل ڪتابن تي آيل مختلف اديبن جا تبصرا اخبارن ۽ رسالن مان پندرهن تبصرا کڻي شايع ڪرايو آهي. پاڻ ڪجهه وقت علالت ۾ رهڻ کان پوءِ 16 جولاءِ 2010ع ۾ بروز جمعو، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. کيس فاليج جو مرض هو. کيس آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس نموني طور ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
ڪـــافـــي
قهري ڪلجڳ جو، هي ڪلور ته ڏس،
مـاڻـهـو مـلـڪـيـت لئي مجبور ته ڏس!
اچــــي ڪـــوڙ وتـــو آ ڪـــثـــيـــرن کــي،
ســـچ ڪـــيـــن وڻـــي ٿـــو پـــيـــرن کـــي،
ڏاڍو حـــــرص لــــڳــــو آ امــــيـــرن کـــي،
ڪــيــو نــفـس نـڀـاڳـي، نـاسـور ته ڏس!
آهــــــــي دولـــــــــت ڏاڍو داد ڪـــــــيــــــــو،
پـتـو پـنـهـنـجـي پرائي جـو ڪـيـن پـيـو،
لــــــڄ لــــهــــــي ويــــئـــي ايــــمــــان ويــــو.
گُــهــٽــي غــيـرت پـوءِ به غـرور ته ڏس!
ڪــري نــانــگــو نـاڻــو نــچــائــي کــڻــي،
ڀـــلــي مـان عــزت نه بـــچـــائـــي کـــڻـــي،
مــچ ڪــلــفــت وارو مـــچـــائــي کـــڻـــي،
اک ڪــڪــڙي مــن مــخــمــــور ته ڏس!
چــوي ڏاڍو نه ڳــالــهــه مــڃــيــنــداسـيـن،
آئــي رزق کــي ٿــاٻــو نه ڏيــنــداســـيــن،
ڇــڏي پــئــســو غــريــب نه ٿــيــنــداسـين،
هــــــن دنــــــيـــــا جــــو دســــتــــور ته ڏس!
ســــويــــن ٺــاهه ٺــڳــيءَ جــا ٺــاهــيــو ٿــا،
پــــوءِ ڏوڪــــڙ خــــوب ڪــــمــــايــــو ٿــــا،
پــڙهــي فــرض گــنــاهه کي لاهـيـون ٿــا،
آهــي زر جــو ڪــيـڏو، ضـرور ته ڏس!
سـچـي ڳـالـهه “سـيــد “جــي ســجــائــي آ،
اهـــــــا آڪــــــڙ ســــــيــــــٽ اجـــــــائـــــــي آ،
بـــس ڪـــوڙ جــي مــنــهــن ۾ ڇــائــي آ،
جـيـڪو سيٺين کي آهي، سور ته ڏس!(51)



غـــزل
عـشـق پـنـهـنـجـو ازل کـان لائـي ڇـڏيـئـي،
فـرش کـان ڄـڻ عـرش پـهـچـائـي ڇـڏيـئـي.
تـنـهنجي صورت جي ثنا ڪهري ڪريان،
يــار،يــوســف کــي به شــرمــائـي ڇــڏيـــئـي.
تـنـهـنـجي تـيـر نـظـر جـا ڪـيـئـي شـڪـار،
گهور سان مون کي سڄڻ گهائي ڇڏيئي.
تــنـهـنـجـو جــلـوو جـان کـان جـانـي عـزيـز،
ڪــنــڌ ڪــوپــن جـا به ڪـيـرائـي ڇـڏيـئـي.
تــنــهــنــجــي ســيــرت آ ســدا مـثــل بــهـار،
جـوت سـان هـن جـڳ جـرڪـائـي ڇـڏيـئـي.
“لـعـل شـاهه” سـان لـک لائــق تــو ڪـيـان،
سـوز جـو سـهـڻـل سـڳو ساهي ڇڏيئي.(52)

غلام حسين “مجبور” (1940ع ــ 1997ع):
غلام حسين ولد محمد سومر سيٺار، متخلص، مجبور” پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 18 مارچ 1940ع مطابق 8 صفر 1359هه تي سومر ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم چڪ شهر ۾ ئي حاصل ۽ ڪجهه انگريزي تعليم به چڪ شهر مان حاصل ڪئي. سندس خاص مشغلو ادب پڙهڻ ۽ تخليق ڪرڻ ۽ صحافت سان لڳاءُ پڻ پاڻ هڪ سٺو شاعر ۾ اديب ۽ صحافي آهي. پاڻ نظم جي شروعات 1962ع کان ڪئي ۽ نثر جي شروعات 1952ع کان ڪئي. پهريائين نثر ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيو. نظم ۽ غزل لکڻ لڳو. سندس نظم ۾ استاد: منصور ويراڳي ۽ مينهون خان “سوز” بلوچ هو. نثر ۾ استاد : حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي (المينار جو ايڊيٽر) ۽ مرحوم علاوُالدين سمون “سالڪ” (هفتيوار حريت جو ايڊيٽر) هو. پاڻ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ لکندو هو.
سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪلام ڇپيو. هيٺين رسالن ۾ مواد ڇپيو:
روزنامه نواءِ انقلاب سکر، 1967ع ۾ روزنامه نجات سکر 78ــــ1977ع، هفتيوار شمشير سنڌ سکر 1966ع ۾ هفتيوار المينار سکر 60ـــــ1959ع، هفتيوار روشن سکر 59ــــ1958ع، ماهنامه مرتضيٰ لاڙڪاڻو50ـــــ1952ع، ماهنامه گلستان (اردو) (سنڌي) حيدرآباد 54ـــــ1952ع، ماهنامه بادل 1955ع، ماهنامه فلمي دنيا سکر 1958ع ۾ ماهنامه گل ڦل 53 ـــ 1952ع ۾ مواد ڇپبو رهيو آهي.
صحافت سان وابسطه هئڻ ڪري سنڌ جي مختلف اخبارن سان وابسطه رهيو. جن مان: نوائي وقت ڪراچي، سنڌ نيوز حيدرآباد ، يادگار سکر وغيره.
پاڻ صحافت جي شروعات، هفتيوار روشني سکر جي مالڪ مرحوم محمد عالم مڱريو جي زير اثر شروعات ڪئي. ان کان علاوه: روزنامه عبرت حيدرآباد، هلال پاڪستان ڪراچي آفتاب حيدرآباد، مهراڻ حيدرآباد، هفتيوار جدوجهد،ڪراچي، هفتيوار جرت ڪراچي ۽ روزنامه نوءِ انقلاب سکر سان وابسطه رهيو. اردو اخبارن ۾: روزنامه مشرق ڪراچي امروز ملتان، نعره حق سکر ۽ ڪوئٽيه، يادگار سکر، نوائي وقت وغيره. انهن سرگرمين کان سواءِ سياست سان به پاڻ ڳنڍيل رهيو.سندس نثر توڙي نظم ۾ تمام سٺي رواني آهي. شاعري ۾ صرف غزل چوندو هو.
چڪ ۾ ادبي ماحول ۽ سرگرميون پيدا ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوششون ڪيون.پاڻ نه صرف ادب لاءِ پاڻ پتوڙيائين پر سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهيو.
1975ع ۾ چڪ فلاح بهبود انجمن قائم ڪئي جنهن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر مالي مدد نه هئڻ ڪري 1976ع جي آخر ڌاري ادارو غير سرگرم رهجي ويو. پاڻ سماجي ورڪر، اديب شاعر ۽ صحافي هو. ان کان علاوه “چاس” (چڪ ادبي سنگت) جو ميمبر پڻ هو. رچنائون ۽ ڪوتائون فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام سٺيون آهن.
1992ع ۾ روزانو “پڪار” سکر/ڪراچي جو سرڪيوليشن مئنيجر به رهيو آهي هي بيباڪ صحافي هو. صحافت کان علاوه هو علم ابجد ۽ ستارن جي علم جو به ڄاڻو هو. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏي. سيٺار غلام حسين “مجبور” 2 نومبر 1992ع ۾ رات جو ساڍي اٺين بجي هڪ مهينو بيمار رهڻ کان پوءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس چڪ شهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. علالت دوُران حرا ميڊيڪل سينٽر سکر ۾ داخل هو.
غـــزل
چـنڊ اڀـري، ان جـو خـيـال آيـو،
تن انڌيرن تي به اڄ جمال آيو.
ان جـــي مـــهـــربـــانــيــن ڏي ڏســي،
رخ حــالــــت تــــي بــه مــــلال آيــــو.
هن جي زبان کي ڄڻ لغام هو،
سـمـائـجي صورت ۾ سوال آيو.
فـڪـر جـو دوُر هـو پيئڻ تائين،
هڪ ٻه ڍڪ پي وري خيال آيو.
پي ته نڪتو آهيين پياسي “مجبور”،
فـاقـئه مـسـتـيءَ جـو ڄـاڻ سـوال آيــو.(53)

غـــزل
حـسـن پـر تـنـهـنـجـو حــسـن خــدا ڄــاڻـي سـتـم آ،
مـٽـجـي جـي وڃـي دنـيـا گـهٽ آ تنهنجو قسم آ.
مــون تــي به ان جــو هــاڻـي نــازل ٿــيــو ڪــرم،
مــــرڻ لــــئــــي جــي غــم آ، زنــدگــي به ته غــم آ
ڇــــڏ کــــڻــــي زمــــانه مــحــبــت جــي کــيــل کــي،
ســچــو هــجــي مــحــبــوب ته جــدائــي به ڪرم آ.
راهه غــــــم ۾ بــه تــه هــــــــلــــــڻــــــو پــــــوي ٿــــــو،
ان ۾ به تــنــهــنــجــي زلــف پـريـشـان جـو قـدم آ.
سڀ جي ٻڌم سڀ کي ٻڌايم تنهنجا مليل سور،
“مــجــبــور” ٻـيـن جـو ڇـا، تـنـهـنـجـو ته بـلـم آ.(54)

وزيـــر عـــلي ســومــرو(1941ع ـــ 2011ع):
وزير علي ولد محمد اسمائيل سومرو، اصل پنهنجي آبائي ڳوٺ سون مياڻي ۾ پهرين ڊسمبر 1941ع تي 11 ذوالقعد 1360هه تي، سومر ڏينهن پيدا ٿيو. سندس شروعاتي تعليم چڪ ڳوٺ ۾ ئي ٿي 1956ع ۾ چڪ مان سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، تنهن بعد وڌيڪ تعليم کي جاري رکيو، 1971ع ۾ بي اي جو امتحان، 1972ع ۾ بي.ايڊ، 1976ع ۾ ايم.اي سنڌيءَ ۽ ايم.ايڊ 2000ع ۾ پاس ڪيائين. سندس خاص مشغلو ڪتاب پڙهڻ ۽ انهن کي ترجمو ڪرڻ پاڻ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ڪافي پنهنجون ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا سٺو اديب هو. پاڻ شاعري وغيره ڪونه ڪئي ۽ نه ئي ان کي پسند ڪندو هو. نثر لکندو هو. ۽ نثر پڙهندو هو.
پاڻ نثر لکڻ جي شروعات 1960ع کان ڪئي. سندس ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو. مضمون: “زمزم جو کوهه” روزنامه نواءِ انقلاب سکر ۾ ڇپيو، اُٺ تي مڪمل جامع ۽ معلوماتي مضمون گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيو، شهادت حضرت عثماني غني رضه ترجمو ڪيل مضمون ماهوار پيغام ڪراچي جي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1983ع جي پرچي ۾ ڇپيو. “موهني” ڪهاڻي، جيڪا سياره ڊائجسٽ جي قرآن نمبر تان ترجمو ڪئي، جيڪا ماهوار رسالي، پيغام، مئي جون 1984ع جي پرچي ۾ شايع ٿي. ياد رهي ته موهني مزار نادر بيگ به لکي هئي، جيڪا سنڌي ادب جي شروعاتي جديد ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿي.
مضمون “رحلت نبوي” ترجمو ڪري ماهوار پيغام ڊسمبر 1984ع ۽ جنوري 1985ع ۾قسط وار ڇپيو. ان کان سواءِ مولانا ابوالڪلام آزاد جو مشهور ڪتاب: “انسايت موت ڪي دروازي پر” جو ترجمو ڪيو. پر اهو ساڳيو ڪتاب علي محمد راهمو به ترجمو ڪيو هو جيڪو 1975ع ۾ ڇپجي، منظر عام تي اچي چڪو آهي. پر سندن لکڻين ۽ ترجمي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ٻنهي جو آزاد ترجمو ٿيل آهي.
پاڻ پهريائين 16 مئي 1960ع کان پرائمري استاد ٿيو پر پوءِ پرومشن ٿيس، ۽ 5 مارچ 1983ع ۾ ايڇ .ايس. ٽي (HST) ٿيو. گورنيمنٽ هاءِ اسڪول نمبر ون ميناره روڊ ۾ استاد رهيو. سندس طبعيت کلمک هئي پر ڪڏهن ڪڏهن بلڊپريشر سبب کيس ڪاوڙ اچي ويندي هئي پر پوءِ ان کي وساري ڇڏيندو هو سندس وڏا مياڻي ڳوٺ مان لڏي اچي چڪ شهر ۾ ويٺا. ادبي محفلن ۾ وڃڻ جو ڪوڏيو هو. سندس گهر ۾ هڪ ذاتي لائبريري آهي جنهن ۾ ٻه هزارکن ڪتاب ٿيندا. جن ۾ اڪثر ادبي، ۽ مذهبي آهن. سندس “سومرن جي تاريخ” نالي سان ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جي قلم جو گهڻو زور سومرن کي عرب نسل سان ملائڻ تي رهيو. 30 نومبر 2001ع ۾ کاتي مان رٽائر ٿيو. وزير علي سومرو 21 جولاءِ 2011ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه چڪ شهر جي قبرستان ۾ آهي.
وزير علي سومرو جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي سڀ جا سڀ پاڻ شايع ڪرايا هيا. (1) تاريخ جو حل طلب سوال ( يعني سومرا قوم جو حسب نسب) جنهن کي ابن اسمائيل سومره پبليڪيشن جڙياپور چڪ، جولاءِ 2000ع ۾ ڇپايو (2) ٻه عظيم شهادتون (حضرت عثمان غني رضه ۽ حضرت امام حسين رضه جي شهادت تي لکيل آهي) جيڪو 2001ع ۾ ڇپيو(3) تابوت (هيبتناڪ ناول) ترجمو ڪيو جيڪو 2001ع ۾ شايع ٿيو(4) انارڪلي (ناول) ترجمو 2003ع ۾ ڇپيو (5) تاريخ سومره سنڌ (سنڌي سومره) ٻه ڀاڳا آهي جنهن جو پهريون ڀاڱو سال 2000ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڀاڱو 2003ع ۾ ڇپيو(6) چڪ نامه 2008ع ۾ منظرعام تي آيو. پٺيان سندس اولاد ۾ هڪ پٽ اسدالله سومرو (جنم سيپٽمبر 1964ع) هو، جيڪو تاريخ 29 جنوري 2015ع ۾ وفات ڪري ويو. جنهن کي پنهنجي والد مرحوم جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.






عبدالرحمان “درگاهي” (1942ع ــ 1988ع):
عبدالرحمان ولد واحد بخش ميراڻي متخلص “درگاهي” پنهنجي آبائي ڳوٺ انباهه (همباهه) لڳ چڪ شهر ۾ 5 مارچ 1942ع مطابق 17 صفر 1361هه تي خميس ڏينهن پيدا ٿيو. “ڳوٺ چڪ ۾ مرشد جي درگاهه تي جنم ورتائون ان ڪري “درگاهي” مشهور ٿيا، شاعري جو آغاز 1952ع کان ٿيو. اڪثر اسڪول جي مشاعرن، عزيز و احباب جي محفلن ۾ شعر ٻڌائي داد حاصل ڪندا هئا. سندس ڪلام تي مشتمل ڪيترائي ڪتاب تيار آهن. ڳائڻا سندن ڪلام ۽ ڪافيون سڪ ۽ اڪير سان ڳائيندا آهن. خود “درگاهي” صاحب پڻ پنهنجا ڪلام سهڻي نموني ڳائي سامعين کي محور ڪري ڇڏيندا هئا، جو سندن آواز نهايت مٺو ۽ درديلو هو.(55)
سندس تعليم ايم.اي.(انگريزي) ۽ ايل ايل بي هيو، پاڻ گورنيمنٽ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ تعليم حاصل ڪئي. شعر و شاعري ۽ راڳ رنگ سندس خاص شغلن مان هو.”درگاهي” صاحب 1952ع کان ڳوٺ ٿريچاڻي جي هڪ شاعر محمد عالم عباسي جي صحبت ۾ نظر فيض هيٺ شاعريءَ ۾ قدم رکيو. “درگاهي” کي شاعري جي لونجهه پنهنجي گهر مان به لڳل آهي، جو سندس والده محترمه بيگم فقيرياڻي سنڌ جي مشهور ڳائڻي ۽ شاعره هئي. سندس ٻاراڻا گيت ۽ سنڌي ڪافيون گهڻي ڀاڳي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ زينت بڻيل هونديون هيون.
ٻاراڻن گيتن ۾ “هري درياني دلگير” ۽ ڪافين ۾ “شيرل بيوس” ۽ غزلن ۾ “ڪشنچند عزيز” کا متاثر رهيو. شروع ۾ سندس تخلص “درگاهي ديوانو” هيو، مگر سن 1977ع ۾ جڏهن سندس شاعريءَ نئون موڙ کاڌو ته تخلص “درگاهي ميراڻي، اختيار ڪيائين. “درگاهي” ميراڻي نظم کان علاوه نثر ۾به پاڻ چڱو موکيو آهي. ۽ سندس ڪلام ۾ ڪافي پختگي نظر اچي ٿي،جيڪو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو. روهڙيءَ ۾ “ساز و آواز ڪلب” المهراڻ آرٽ ڪائونسل ۽ “الشهباز آرٽ ڪائونسل” جو قيام به سندس ئي ڪوششن جو نتيجو هو. ذريعه معاش جي لحاظ کان تعليم کاتي ۾ ملازم هو ۽ سندس پوين جي رهائش ميمڻ محلا روهڙي ۾ آهي.(56)
درگاهي ميراڻي جو شاعري جو مجموعو “سندي سِڪَ پِرين” جي نالي سان سندس فرزند اختر درگاهي مارچ 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو جيڪو سنڌي ادبي سنگت روهڙي شاخ وارن شايع ڪرايو آهي. تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. ۽ هلندي ڊيوٽي دوران وفات ڪري ويو. درگاهي ميراڻي، عبدالرحمان 23 اپريل 1988ع مطابق 6 رمضان 1408هه ۾ هن جهان مان موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿيو. هتي سندس ڪلام مان ٻه غزل نموني طور ڏجن ٿا.

غـــزل
جفائن سان دل رنجور کي آرام ٿيو آهي،
مٺو ماکيءَ ڪنان منٺار جو اڄ نام ٿيو آهي.
محبت ڏوهه ناهي پر انهيءَ هوندي به اي همدم،
ڪئي جنهن شخص ڀي الفت بدنام ٿيو آهي.
تصور تنهنجو اي دلبر سهارو آهي، اڄ دل جو،
اسان کي ئي مٺا حاصل اهو انعام ٿيو آهي.
حسينن جي محبت کي تون ڇا سمجهين ٿو اي نادان،
حسينن جي محبت موت جو پيغام ٿيو آهي.

جگر زخمي، نظر خاموش، دل بي چين، اک آلي،
عجب عاشق جو فرقت ۾ مٺا انجام ٿيو آهي.
صداقت جو جهان کي درس “ميراڻي” ڏنو هر دم،
مگر هر گام تي مايوس ۽ ناڪام ٿيو آهي.(57)

غــزل
ڪيئن گذاريان تو کان ڏور،
تون منهنجي اکڙين جو نور.
موتي بڻجي لڙڪ وهن،
پيو پراڻو تنهنجو پور.
ڪهڙو حال پڇين ٿو سائين.
چاهت آهي چڪناچور.
ڪير ڏسي هت ڪنهنجو ڏک،
هر ڪنهن کي آ پنهنجو سور.
ڪنهنجو ڪنهنجو قياس ڪجي؟
ماڻهو ماڻهو آ مجبور.
ڪوڙ جي پاڙ ڀلا ڪيئن پٽجي،
ڪوڙ ته آهي جهونو جهور.
ڪنهنجي پرواهه ناهي مون کي،
پوءِ به گهايس تنهنجي گهور.(58)




فـــقــيــر شــاهه “مــســڪــيــن”(1942ع ــ 1994ع):
سيد فقير علي شاهه ولد حبيب شاهه ولد رسول بخش شاهه بن اشرف شاهه بخاري متخلص “مسڪين شاهه” ۽ “فقير شاهه” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٻورڙي تعلقه لکي ۾ ٽين مارچ 1942ع مطابق 15 صفر 1361هه تي اڱاري ڏينهن تولد ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ ٻورڙي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ سنڌي فائينل تائين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو پر زماني جي مجبورين کيس ڇهه درجا پڙهائي بس ڪرائي. سندس خاص مشغلو ڪتاب پڙهڻ ۽ چوپڙ راند کيڏڻ هو. پاڻ زندگي جي پوڙهائپ واري زماني ۾ ماضي قريب کان 1983ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. شروعات ۾ بيت لکيا پر پوءِ ڪافيون به لکيون. شاعري ۾ زماني جي لمحن لوڏن سان گڏ صوفيت واري رنگ سان ڀريل نڪتا به ملندا، مستري واحد بخش مهر ٻورڙي وارو سندس استاد هو، (جيڪو ڏور جو بلند پايي جو شاعر هو، جنهن جو ڪلام لکت ۾ ڪونهي ڇاڪاڻ جو پاڻ اڻپڙهيل هو. باقي سمورو ڪلام ياد هوس) فقير شاهه جو قلمي مواد پڻ پوين وٽ محفوظ آهي جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون ملن ٿيون. پاڻ راڳ رنگ جي محفلن جو شوقين هو. جتي ڪو ويجهي تر ۾ اهڙي مجلس ٿيندي هئي ته ضرور ويندو هو. سندس ذريعه معاش، مريدي خادمي هئي. پر محنت مزدوري به ڪندو هو. والد صاحب جي گذاري وڃڻ ڪري کيس دل کي تمام گهڻو صدمو رسيو. ان ڪري دل غم سان ڀريل رهي، ۽ دل مان جيڪا آلاپ نڪتي ان آلاپ کي شاعري جو روپ ڏنو.
سيد “مسڪين” فقير شاهه بتاريخ 25 جون 1994ع مطابق 15 محرم الحرام 1415هه، ڇنڇر ڏينهن رات جو نائين بجي ڳوٺ ٻورڙي لڳ رستم ۾ طويل علالت سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس پنهنجي آبائي قبرستان ٻورڙي ۾ دفنايو ويو. سندس شاعري مان ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
نـــڙ جـــا بـــيـــت
مندان مڙئي ڀليون، پر سانوڻ ساوا گاهه،
ڪي رنبيون ڪن رمز سان ڪي وکريون ڪن واهه،
ڪي طوريون ڪن تيزيءَ سان، ڪن کي ڪريلن جي ڪاهه،
هڪڙا باغ ڪن بحر مان، چون وليون پڪيون واهه،
هڪڙا کجيون ڪن خوشيءَ سان، ڪي انبن کي ڪن آءُ،
پر ۾فقير شاهه” فراق ۾، ڪي چال چليو چاهه،
جنهنجي اميد دل ۾، تنهن کي آڻيندم الله،
جيڪو محبوب ملائي مون سان، تنهن تان گهوريان سارو ساهه،
سوچي سمجهي سڀني کي ائين چوي پيو “شاهه”،
توڙي برهه جي لڳي باهه، تڏهن به منهن نه مٽيان محبوب کان.(59)

ڏور جـــو بـــيـــت
ڪامل پڇيو ڪامڻ کان، ورائي هـيءَ وات،
انــهــيءَ ۾ ته ديـر هـئـي، جـيـڪا لنوي ٿي لالڻ واري لات،
جئي سائين گهڻن ۾، ته گوهر هو جيڪا سکيو هو سوغات،
ڪو ڪو ٻڌائيندو بات، هن سهڻي جي ته “سيد” چوي.(60)

ڪـــافـــي
آءُ هــــــــڪ ڀـــــــيـــــــرو هــــــلــــــي آءُ،
تـــنـــهـــنـــجـــي واٽ نـــهــاريــان ٿــو،
ويــٺــو وَر وَر رســتــا پــڇـايـان ٿـو.
ڪــڏهــن ايــنـدين مـنـهـنـجـا جـانـب،
نه ته جــيءُ پــنــهــنــجـو ڳــاريـان ٿـو.
ڏيــنــهـن ٿـو گـذري سـارو ڏکـن ۾،
رات به ويـــــهـــــي گــــذاريــــان ٿــــو.
ســـاري جــڳ ۾ ســهــڻــا ســائــيــن،
تـــنـــهـــنـــجـــو مـــٽ ته ڀـــايـــان ٿـــو.
سـڀـڪـو سـاراهي پـنـهـنـجـا سـهـڻـا،
پـــر ســـڀـــئـــي ڪـــوڙ ڀـــايـــان ٿـــو.
پـــيـــو اچـــي پـــٽ تـــي ســڪــايــل،
جنهن جو اشرف نام ڌاريان ٿو.(61)


شــــاهـــنـــواز “شـــاد” (1942ع ــ 2004ع):
شاهنواز ولد رسول بخش دايو متخلص “شاد” پنهنجي آبائي ڳوٺ طيب ۾ 12 آگسٽ 1942ع مطابق 29 رجب 1361هه تي اربع ڏينهن جنم ورتو شروعاتي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ طيب ۾ ئي حاصل ڪئي، ثانوي تعليم مڊل تائين رستم شهر ۾ حاصل ڪئي، تعليم سان بيحد لڳاءُ هئڻ ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي، ان ڪري پاڻ ايم اي (هسٽري) 1970ع، بي ايڊ 1969ع ۾ ۽ ايم اي (انگلش 1977ع ۾ ڪئي، سندس خاص مشغلو ڪتاب پڙهڻ هو. پاڻ هڪ سٺو مضمون نگار ۽ افسانانگار هو. نظم جي شروعات 1978ع ۾ ۽ نثر جي شروعات 1976ع ۾ ڪئي، سندس قلم مان ڪيتروئي مواد نڪتو آهي، اڪثر ڪري مضمون، تقرير ۽ افسانا تحرير ڪيا آهن، شاعري ۾ نظم ۽ بيت جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، پاڻ امرجليل، شيڪسپئر، ڪرشن چندر،ڪولرج ۽ پي.بي شيلي کان تمام گهڻو متاثر هو. تحرير ۾ سندس ڪوبه استاد ڪونهي، مطالعو سندس استاد هو. پاڻ سنڌي، انگريز ٻولين ۾ لکيو. ذريعه معاش جي لحاظ کان پهريائين تعليم کاتي ۾ 1963ع ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو پوءِ 1974ع ۾ جي ايس ٽي ٿي رهيو، تنهن کان پوءِ 1976ع ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيو. مختلف هنڌن تي نوڪري ڪيائين. جنهن ڪري زماني جي لمن لوڏن کيس هڪ تجربيڪار انسان بڻائي ڇڏيو، پاڻ تعليم کاتي ۾ 1979ع کان ڊگري ڪاليج سکر ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ٿيو. شاهنواز شاد ڪن مجبورين سبب نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي جنهن کان پوءِ ذاتي ڪاروبار ڪيو. پر فيل ويو، ڪوئٽيه تائين ڪاروبار جي سلسلي ۾ وڃي رهيو پر پوءِ به ڌنڌي جو تجربو نه هئڻ سبب ناڪام رهيو. ۽ ان کان پوءِ پبلڪ اسڪول سکر جو وائيس پرنسيپل ٿي رهيو. سندس ڪلام ۽ نثري مواد به فني ۽ فڪري لحاظ کان نهايت شاندار آهي، سنڌي ادب جي تمام سٺي ڄاڻ اٿس ادب جو ته پروفيسر هو. سندس ڪلام گهٽ ڇپيو، پر ڪجهه مواد ڪاليج مئگزينن ۾ ڇپيو. گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج سکر جي سال 1974ع واري سالنامي ۾ مضمون شايع ٿيو، جنهن جو عنوان هو “اڄ جو شاگرد”، جنهن کي ادبي حلقي توڙي، شاگردن پسند ڪيو تمام گهڻو ساراهيو، ساڳئي “فڪر مهراڻ” مئگزين ۾ انگريزي مقالو بعنوان Shah Lateef Lover of Sindh and its civillization” ” ڇپيو جيڪو تمام سٺو مقالو آهي، جنهن کي وڏن وڏن پروفيسرن به ساراهيو. پاڻ بيمار ٿيڻ کان پوءِ بستري داخل رهيو ۽ 10 فيبروري 2004ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس پوين جي رهائش سکر بلوچ ڪالوني ۾ آهي.
ڀـــٽـــائـــي جـــا بــيــت، لــعــلــن جــي تـه لــڙهــي،
داڻــا داڻــا در، ويــا مــحــبــت مــنــجــهـه مـڙهـي،
پرجهي وايون شاهه جون، چاهت چوٽ چڙهي،
ڏٺــو “شــاد” پــڙهي سٽ سٽ ۾ سبحان آهي.(62)
عبدالسميع “مهتاب” (1942ع ـــ 2005ع):
عبدالسميع ولد عبدالستارانصاري متخلص “مهتاب” پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 26 جنوري 1942ع مطابق 8 محرم الحرام 1361هه تي سومر ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم چڪ شهر ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ جو امتحان به 1980ع ۾ گورنيمنٽ هاءِ اسڪول چڪ مان پاس ڪيو. عربي ۽ فارسي جي تعليم، والد صاحب پنهنجي سرپرستي هيٺ ٿي. زمينداري ڪندو هو. سندس خاص مشغلو ڪتاب پڙهڻ رهيو. کيس جيڪو ملي ويندو هو ان کي بغير امتياز جي پڙهي پورو ڪندو هو. کيس تمام گهڻن ڪتابن جو مطالعو هو پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ مضمون نگار هو. ان کان سواءِ صحافت سان به واسطو رهيو. اخبار جسارت (اردو) ۽ جنگ (اردو) ۾ نمائندي طور ڪم ڪيو. پاڻ نظم جي شروعات 1959ع کان ڪئي ۽ نثر به 1959ع کان لکڻ شروع ڪيو نثر ۽ نظم ۾ شيخ عبدالرزاق “راز” صاحب استاد هوس. پاڻ سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام چيو ڪيتريون ئي ڪاوشون سندس ذهن مان نڪتيون پر انهن کي ڪا خاص ترتيب ڏنل نه آهي.
شاعري ۽ مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. جهڙوڪ تقاضا، گل ڦل حيدرآباد، نواءِ انقلاب اخبار سکر ۾ مواد شايع ٿي چڪو اٿس. ۽ موسيقيءَ سان خاص دلچسپي رکندڙ هو پاڻ باجو به وڄائي ڄاڻي. سندس شاعري ۾ مجاز به ملندو ته اسلامي تصوف جي جهلڪ به نظر ايندي پاڻ بيت، غزل، ڪافي، آزاد نظم ۽ ربائي جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس لکڻيون مختلف نالن سان شايع ٿينديون رهيون آهن. جهڙوڪ: ابو توصيف ۽ ممتاز جي نالي سان ڇپجندو رهيو. ادبي محفلن ۾ حصو وٺندو رهيو چڪ شهر ۾ العزيز ادبي انجمن جو خاص ميمبر هو. ادبي سرگرمين سان گڏ سياست ۾ به حصو وٺندو رهيو پاڻ جماعت اسلاميءَ جو پڪو ميمبر هو. سندس “افڪار ممتاز” جي نالي سان شاعري جو مجموعو پوين وٽ موجود آهي. نموني طور قلمي ڪتاب مان ڪلام ڏجي ٿو. پهرين مئي 2005ع ۾ (ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ کان پوءِ) وفات ڪري ويو.
بـــيـــت
آهـــي پـــنـــهـــل ڄـــام لئي، اکين جــاري آب،
الـفـراق الـشـد مـن الموت، جو برهه پڙهايو باب،
هڪ محبت ٻـيـو “مـهتاب” ڏوريندا ڏکن سين.

اوريــن ســي عـجـيـب سـيـن، عــشــق جــن امـام،
عاجزي مان عبدالسميع کي، عجب مليو انعام،
عيش تن حرام، دنيا سندي دور ۾.(63)

غـــزل
دل جي خلش، پنهنجي يارن کان پڇ،
جي ظاهر ۾ آهن گل، تن خارن کان پڇ.
جوش محبت ڇا آهي؟ ستمگر صنم،
هي حقيقت درد دل وارن کان پڇ.
گلشن ۾ ڪيئن مکڙيون نه ٽڙيون،
خزان ڇا آهي، بهارن کان پڇ.
تنهنجي ڪري رات سڄي نه ستس،
يقين اگر نه اچي چنڊ تارن کان پڇ.
راهه وفا ۾ لٽيا ڪيترا قافلا،
حقيقت هي لٽيل راهه گذارن کان پڇ.
اثر جذبئه الفت گلشن ۾ وڃي ڏس،
فرياد بلبل گل وَ گلزارن کان پڇ.
ڇو اسين دانهون ڪريون ۽ آهون ڀريون،
ان الله مع الصٰبرين، قرآن جي پارن کان پڇ.
عزت منهنجي گهڻي آهي آخر ته ڇو؟
نه پڇ ۾مهتاب” کان پنهنجي ئي پيارن کان پڇ.(64)

رباعي
تنهنجي حسن جي ڪهڙي ثنا ڪريان و الله،
ٿـڪـجـي ٿي جڏهن دل ته رهيـن ٿـو جـگـر ۾،
اکين ۾ ته سمايل آ، تنهنجي حسن جو جلوو،
ڇا ڏس “مهتاب” ڇا رکيو آهي شمس قمر ۾.(65)

آزاد نـــظـــم
جيڪو زهره چيمه جي آزاد نظم (اردو) تان ترجمو ڪيو، جيڪو روزنامه نواءِ وقت 29 ڊسمبر 1986ع ۾ ڇپيل آهي.
تون بي وفا آهين،
چانڊوڪي راتين ۾،
جڏهن تون ياد اچين ٿو،
ته ائين لڳي ٿو،
ڄڻ هر طرف،
بهار اچي ويو آهي.
هوا تنهنجو نالو،
جهونگاريندي، ٻڌائي ٿي.
چانڊوڪي ۾ به تنهنجي مورت،
نظر اچي ٿي،
مگر نه ڄاڻي ڇو؟
هي گل،
خاموش زبان سان چوي ٿا،
ته تون نه اينديئن،
هاڻي ته رات سڄي ختم ٿي رهي آهي.
اکيون تنهنجي راهه ۾،
تڪيندي تڪيندي،
ڳوريون، ڳوريون ٿي رهيون آهن،
چانڊوڪي ٿورين گهڙين جي مهمان آهي.
مگر هي گل چئي رهيا آهن،
ڏٺئه هو نه آيو،
جنهن جو انتظار هو.
هي گل سچ چئي رهيا آهن، ته تون
بي وفا آهين!(66)






مــحــمــد هــارون “اداســي”(1942ع ــ 2013ع):
محمد هارون ولد محمد عثمان متخلص “اداسي” پنهنجي آبائي ڳوٺ موٽاڻي مهر تعلقو پنوعاقل ضلعي سکر ۾ 3 مارچ 1942ع مطابق 15 صفر 1361هه تي اڱاري ڏينهن، پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم موٽاڻي مهر ۾ ئي حاصل ڪئي، ۽ ثانوي تعليم شڪارپور مان 1960ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. تعليم سان خاص لڳاءُ هئڻ ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي 1968ع ۾ ايم اي (تاريخ) ۾ پاس ڪيائين. سندس وڏا لڏي اچي چڪ شهر ۾ سڪونت پذير ٿيا ۽ مستقل رهائش اختيار ڪئي.
پاڻ 1964ع کان نظم چوڻ شروع ڪيو ۽ 1966ع ۾ نثر لکڻ شروع ڪيو. سندس نثر توڙي نظم ۾ ڀاءُ محمد اسحاق ۽ سيد سردار علي شاهه “عاصي” (لوڪل گورنيمنٽ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر) استاد هو. سندس ڪجهه مواد مختلف رسالن ۾ ڇپيو. جهڙوڪ: بادل جي سالنامي 1966ع ۾ ۽ روزنامه نواءِ انقلاب سکر ۾ افسانا ڇپيا. سندس قلم مان ڪيتريون ئي ڪاوشون نڪتيون. پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي رهيو. پوءِ ترقي ڪري. H.S.T ٿيونوڪري دوران ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي. ڪجهه وقت سکر شهر ۾ به نوڪري ڪيائين. گورنيمنٽ هاءِ اسڪول چڪ ۾ به رهيو.
ادبي دنيا سان وابسطه هجڻ ڪري ڪافي ادبي شاگرد به پيدا ڪيا جن مان عبدالهادي مهر جيڪو شهدادپور ۾ رهي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ان کانسواءِ چاس جو به ميمبر هو. پر پاڻ ڪجهه وقت ٻيلي کاتي ۾ 24 اپريل کان 8 ڊسمبر 1962ع تائين رهيو. مليريا کاتي ۾ 10 ڊسمبر 1966ع کان 12 مارچ 1967ع تائين رهيو ۽ تعليم کاتي سان 12 مارچ 1976ع کان وٺي وابسته هو نهايت ماٺيڻو ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارو نيڪ اخلاق ۽ باسيرت انسان هو. 2 مارچ 2002ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. سندس ڪجهه نموني طور شاعري هيٺ ڏجي ٿي. پاڻ ڪافيون چيون آهن. محمد هارون “اداسي” چڪ مان لڏي وڃي سکر ۾ ويٺو جتي 15 مارچ 2013ع ۾ وفات ڪري ويو. ڊگري ڪاليج سکر جي پٺيان، سندس پويان رهن ٿا. سندس آخري آرام گاهه سکر ۾ ئي آهي. نموني طور هيٺ ڪافي ڏجي ٿي.
“شاگردن جـــــــــــي فـــــــــريــــــــاد”
ڪـــــيـــــئـــــن پـــــڙهــــان ڀــــلا مــــان يــــار.
انـــــــگـــــــريـــــــز ٻـــــــولــــــي آهـــــي ڌاري،
سمجهه ۾ نه ٿي اچي ساري جي ساري،
لــــکــــڻ پــــڙهــــڻ کــــان آ بــت بــيــزاري،
آهــــــن ڏکــــــيــــــا ڪــــــڍڻ ان جــــا اچــــار.
ريــــــــــــــاضــــــــــــــي وڌو ڏاڍو رولـــــــــــــو،
حـــــســـــاب نـــــاهـــــي ڪـــــوئـــي ســـولـــو،
آلـــجـــبــــرا، جــامــيــٽــــري، آ بــم گــولــو،
ســــــيــــــٽ، ويـــــــاج ڪــــــرڻ آ مــــــيــــــار.
ســـــــنــــــڌي، اردو عــــــربــــــي ٻــــــولــــــي،
گـــرامـــر آهـــي صـــفـــا زنـــدگـــي رولــي،
ســــمــــاجــــي بــه نــــاهــــي ڪــــا ســــولــي،
“مــهــر” ڊرائــنــگ جـي آ، مـصـيـبـت ڌار.
ســـائـــنـــس آهــي ســمــجــهه کــان لا زور،
ســـــوال رٽـــــي رٽـــــي ٿـــــيـــــو آن بــــور،
تـــوڙي ڪـــيـــان ٿـــو ڪـــيـــتـــرو غـــور،
سـوال نه هـڪ پــر سـويــن هـزار.(67)

انب شيخ (1945ع ــ 1980ع):
انب ولد ربڏنو شيخ متخلص “انبن” پنهنجي آبائي ڳوٺ “ڀنڀري جي واڙ” ۾ 3 جولاءِ 1945ع مطابق 22 رجب 1364هه ۾ اڱاري ڏينهن تولد ٿيو، ٿوري عرصي کان پوءِ سندس وڏا لڏي اچي هميشه لاءِ ڳوٺ کاهي ۾ ويٺا، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئس، صرف قرآن شريف ناظره پڙهيل هو، راهڪي ڪندو هو، چڱو شاعر ٿي گذريو آهي، سورهن سالن جي عمر ۾ مجازي عشق جي چوٽ لڳي، جنهن سبب اندر مان جيڪا آهه يا دانهن نڪتي تنهن کي شاعري جو ويس ڍڪايائين، سندس شاعري ۾ استاد، استاد مينهل فقير هوس. ڪجهه وقت کان پوءِ خيرپور شهر ۾ چوڪيدار به ٿي رهيو، سندس انب نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو جو انبن جي موسم ۾ پيدا ٿيو، سندس زبان ۾ انب جهڙي شيرين هئي، سموري شاعري ڪافيءَ جي صنف ۾ ملي ٿي، سٺو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي، پر افسوس جو پوين جي لاپرواهي سبب ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو، سندس ٻه ڪافيون مليون آهن، جيڪي سندس مامي سگهڙ شاعر شهزادي شيخ قلمبند ڪرايون.
سٽاءُ ۽ فني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ڪافيءَ ۾ ڪي ڪچايون ۽ اوڻايون نظر اينديون، کيس طرز تي ڪافي جوڙڻ جي دسترس حاصل هئي، ڪابه ڌن يا طرز ملندي هيس ته ان تي يڪدم جوڙي وٺندو هو، سندس پنهنجو سمورو ڪلام ياد هوس. سندس ڪلام ۾ عشق، درد ۽ فراق جون ڳالهيون سمايل آهن، ڳوٺ ٽينڊن ۾ هن کي ڇتي ڪتي کاڌو جنهن ڪري 5 جون 1980ع مطابق 20 رجب 1400هه خميس ڏينهن وفات ڪئي، سندس وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي، سندس نموني طور ٻه ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.
ڪـــافـــي
طـرز: هـم بـهـول گـئـي هـر بـات، مـگـر تـيـرا پيار نهين بهولي،
مــــجــــبــــو آ دل ڏيــــنــــهــــن رات ، دنــــيـــا ۾ يـــار ويـــو رولـــي،
آزار آ دل کـــــــــي روز، دنــــــــــيــــــــا ۾ يــــــــار ويــــــــو رولـــــــــي.
مـون کـي ڏئـي نـشاني غم ويو، دلدار وساري آءُ ڏينهن رات روئان،
منـهـن ڳوڙهن سان ڌوئان، اڄ ويو ڦٽي آرام رَهي غم جي دل ۾ بات،
دنيا ۾ يار ويو رولي..............
ايـــڏو ظـــلـم وري اڄ ظـــاهـــري مــون ســـان ويــو آ يــار ڪــري،
ڏيـان دانـهـن ڪـنـهـن کـي، لـونءَ لـونءَ ٿي پئي منهنجي ڏڪي،
اڄ ويـــو ڇـــنـــي آ پـــيـــار، مـــنـــهـــنــجــي دل کــي ڪــري بــربــاد.
دنيا ۾ يار ويو رولي............
پــــيــــدا ڪــــيــــئــــه مـــــــون کــــي خــــدا هــــن ســــور ســــهــــڻ لاءِ،
ڪــــــر آس پــــــوري،لاهــه مـــــجـــــبـــــوري، غـــــــم دل جــــــا لاهــه،
الله آڻ “انبن” لئه سڪرات،
دنيا ۾ يار ويو رولي.......(68)

ڪـــافـــي
طرز: چل چل ڙي پتنگ...........
ڀــڄــي وئــيــن يــار تــون، ڇــا کـئـون ڀـڄـي وئـيـن،
هوندي عشق جي بازار، ڪري سهڻا تون سينگار،
لــــٽـــي دل جـــو قـــرار، ڇـــا کــئــون ڀــڄــي وئــيــن.
ايـڏو ڇــا کـــئــون پيو ٿو لــهــرائــيــن،
مـون سـان خار ۾ پـيـو ٿو ڳالـهــائــيــن،
نه ڪـــر تــون خــيــال، تــو تــان صــدقــي ســر مــال،
پـــهـــريـــن اکـــڙيـــون مـــلائـــي ڇـــو ڀــڄــي وئــيــن.
سڪ تنهنجي ٿي مــون کــي ســتــائــي،
وڃ مٺا تون منهنڙو ڏيکائي،
اچ اچ مـــون ڏي يـــار، کــلــي گــلـــن جـــي گــلــزار،
جان ته سـمـجـهـئ بـيـڪار، مـون کان ڀـڄـي وئـيـن.
سهڻا ڏاڍو آن مون کي پيارو،
هاڻ ڪر نه تون ايڏو ڪنارو،
اچي “انبن” سان ڪر پيار،
سهڻا ڇڏ تڪرار، يا اٿئي ڪو ٻيو، جو ڀڄي وئين(69)

يونس کوهارو (1948ع ـــ 1984ع ):
محمد يونس کوهارو پنهنجي آبائي ڳوٺ عالم کوهارو، جيڪو ٻاڙو ڳوٺ جي نالي سان به مشهورآهي. يارهين نومبر1948ع مطابق 9 ذوالحج 1367هه خميس ڏينهن پيدا ٿيو. تعليم ڪونه پرايائين. ڳائڻ وڄائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. سندس آواز ۾ ميٺاج ۽ شيرين هيس. ايتري شوق هوندي به موسيقيءَ يا ڳائڻ جي سکيا حاصل ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ جو معاشي طور تمام ڪمزور هو. ڪمائي ته کائي نه ته بس. تنهنڪري مزدوري ڇڏي، ڌنڌو هارپو اختيار ڪيائين. پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو، سندس سمورو پنهنجو ڪلام ياد هوندو هئس. وڏو ذهين هو، جيڪا ڳالهه يا شعر ڪنهن شاعر جو ٻڌائين ته هڪدم ياد ٿي ويندو هئس. ۽ انهن کي ٻنين ۽ ٻارين ۾ پيو جهونگاريندو هو. ۽ لاتيون لنوندو هو.
پاڻ هڪ سٺو شاعر هو سندس خاص مشغلو شعر وَ شاعري هو. سگهڙن سان ڪچهريون ڪندو رهندو هو. شاعري ۾ ڪوبه استاد ڪونه هوس. سندس وقت ۽ ماحول کيس شعر چوڻ تي مجبور ڪيو. نهايت ئي حساس دل ماڻهو هو. سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافين کي هن محسوس ڪندي گهڻو ڪلام چيو. پر زماني جي لاهن چاڙهن سبب ضايع ٿي ويو، سندس هڪ دوست هوس جيڪو سندس شاعري اوتاريندو هو. پر اڄ ان جو نالو نشان ڪونهي . سندس هڪ بيت ملي سگهيو آهي، جيڪو ڳوٺ واري مائٽ کي ياد هو. هڪ گهڻ سٽو بيت مليو آهي. پاڻ ڇٽيهن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ڇتي ڏاند، گاهه مليندي چڪ وڌس. ڏاند کي ڇتي ڪتي چڪ پاتو هو، جنهن ڪري ڏاند ۾ ان جو اثر هو. ان سبب پاڻ به انهيءَ ساڳئي مرض مان جان ڇڏائي نه سگهيو، آخر 22 جنوري 1984ع مطابق 19 جمادالاول 1404هه، اربع ڏينهن رحلت فرمائي. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، هڪ بيت مليو آهي جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
بـــيـــت
مڙسن کڻي ماٺ ڪئي، اڄ موذي بڻيا معتبر،
فيصلو ڪندا فريب جو رکي دل ۾ برا امر،
جتي سڻڀيون ڏسندا مانيون، اوڏانهن ڊڪندا ويندا لُـــرَ،
غور نه ڪندا غريـب جو نه رکـنـدا ڪائي نـيـڪ نظر،
خوشـامـدي، اهـي ملڪ ۾ گهڻا، جـيـڪي راڻي خان ڀائر،
پـر عـورت نـوائـي ڪـيـئـي وڌا، جـيڪي سڏجن پيا نادر،
جـڳ سـنـدا جـوڌا جوان هت عورت وٽ ويا هارائي، ادر،
جڏهن پوي منجهه قبر، عـورت نيڪي پوءِ ڪجي.(70)




شهزادو شيخ (1949ع ــ 2014ع):
شهزادو ولد محمد ڇٽل شيخ پنهنجي ڳوٺ کاهي ۾ ٽين فيبروري 1949ع مطابق پهرين جمادالثاني 1368هه تي اربع ڏينهن جنم ورتو. سندس تعليم پنج درجه سنڌي هئي. جيڪا کاهي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين سندس خاص مشغلو شعر وَ شاعري هو، پاڻ بهترين سگهڙ شاعر هو. جڏهن اڃا ٻارهن سالن جو ئي هو ته سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ آيو. پوءِ کيس شعر چوڻ جو شوق جاڳيو، سندس استاد سگهڙ محمد غوث بخش ڊم ڪنڌرن وارو هو. چڱو ڪلام چيو. کيس پنهنجو سمورو ڪلام ياد هو. هر جمعي رات پنهنجي ڳوٺ ۾ اوسي پاسي وارا سگهڙ گهرائي ڪچهري ڪوٺائيندو هو. پاڻ انهن سگهڙن جو سرپرست هو. سندس ڪافي شاگرد ادبي طور سگهڙائپ وارا پيدا ٿيا. جن مان جهنگل شيخ، کاهي ڳوٺ، علي بخش مهرناپر ڳوٺ، محمد صيفل شيخ ڳوٺ جهان خان، سڪندر هڪڙو کاهي ڳوٺ، وارا مشهور آهن. پاڻ محنت مزدوري ڪندو هو. ۽ قومي رضاڪار پوليس ۾ پراڻو ڀرتي ٿيل سپاهي هو. پاڻ ڪافي، بيت، ڏوهيڙا وغيره چيا. لوڪ شاعري مان ڏور جا بيت، هنر، سينگار، ڳجهارت ۽ ڏٺ پرولي، وغيره تي طبع آزمائي ڪئي. هتي ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو. پاڻ ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ 20 جولاءِ 2014ع ۾ وفات ڪئي.
ڪـــافـــي
تــنــهــنــجــي مــحــبــت ۾ آهــن غــم جــا گـذارا،
رات ڏکـن جـي گــذري نه ٿــي پـــيـــارا.
دور رهــــڻ وارا، دلـــبــــر دلارا،
اڃـا به نه آئــيــن مـنـهـنـجـي سـاهـه جـا سـهـارا،
سـاهـه جـا سـهـارا، تـنـهـنـجـا تـڪـيـان ويٺو چارا.
دم دم ســنــڀــاري تــوکـي، گـهـڙي نه وسـاريان،
يــــــاد ڪــــــري وري روئــــــي رات گــــــذاريـــــــا،
رات گــــذاريــــان، ويــــهــــي ڳـــڻــي ڳــڻــي تــارا.
پــهــريــن پــيــار ڏئـي، پـو ڇـو ويـٺـيـن وسـاري،
“شـــيــخ شـــهـــزادي” کـــي وئـــيـــن يـــار مــاري،
وئين يار ماري، ڇا کان ڪري وئين ڪنارا.(71)

ڏوهـــيـــڙا
تــه نـنـڊ ڦٽي آرام ويــو، سـورن ڪيـو ســاڙو،
اٿـي آڌيءَ رات جـو، ويـهـي روڄ ڪيم راڙو،
دانــهــون ٻــڌي فــراق جــون، پـڇـڻ آيــو پـاڙو،
چـيم دلن سندو ڌاڙو، مون دلبر يار هڻي ويو.

بـــيـــت
عمر آندي مارئي سهڻي سڪ ڪري،
ڪاهي وڌيس ڪوٽ ۾، اهو دل سان ڌيان ڌري،
هي کلي ويهي پيو کٽ تي، هي ڳاڙڻ منجهه ڳري،
نه ته شيڳ گهمي پئي ڇيلن سان، وڃي پنهوار پري پري،
جڏهن خاص پـيس خبر، ڇڏيو امير اهو انصاف ڪري،
دل سان ڌيان ڌري، ڳولي شوق سان “شهزادو” چوي.(72)




ڏور جو بيت
چوڻ پـويـان چـئـي، پـوڪامـل ڪـيـم ڪـار،
پـٺي مـنڌ مـور اڳـيـان، سونـهـن ڀري سرڪار،
اها عورت اسان جي آ، ناهين محب مـيـار،
پـونـر ڇڏي ويس نار، انهيءَ شان ۾ شهزادو چوي.

ڀڃڻي: حضور ڪريم ﷺ جن وٽ مذاق ۾ جنازو کڻي آيا هئا ۽ جنازو پڙهايو هو جيڪو مري ويو.
هـــنـــر
دڪيءَ سـان ٽــڪـي کـنـيـم، چـئـنـڪـي مــنــهـنـجي،
پنجين سمجهي ڇڪي، نه کنيم ستين هنيم،
اٺين کڻي نولو کنيم، دهلي ويم،
گولو هنيو راڻيءَ تي، باشو هنيو يڪي تي،
مون کي بدئي ڏئي ويا، جوڪر به هجي ها ته رنگ ڪاٽ ڪيان،
پر چڙين هنيم يا ايٽ تي، پو پتو لهي رنگ ورتم،
خدو ملي پان سا ته تاس پوري ٿئي. پو ته منبري کنيائين، شهزايو چئي.
ڀڃڻي: چونڪي ــــ چڪ نولو ـــــ نالو
ٻڌئي ــــ بدي ڏئي ويا ايٽ ــــ اٺ
تاس ــــ آس دهلو ــــ دهلجي ويس
ستين ـــ ستي پتو ڏس
جوڪر ــــ جوڪر گولو ـــ گلوئي روانو ٿا ويا
منبري ــــ منهن برڪيائين رنگ ـــ رستو
اٺين ـــ اٿي کڻي باشو ـــ بڇون هنيون ويا يڪي
چڙين ــــ چاڙهيون ويا اٺ تي خدو ــــ خدا.(173)

محمد جمن هڪڙو (1950ع ــ 2012ع):
محمد جمن ولد مولابخش هڪڙو، پنهنجي آبائي ڳوٺ کاهي ۾ 2 فيبروري 1950ع مطابق 14 ربيع الثاني 1369هه تي خميس ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ ئي پرايائين 1968ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان سکر مان پاس ڪيائين. 1970ع ۾ انٽر آرٽس جو امتحان پاس ڪيائين. 1972ع ۾ ماستريءَ جو ڪورس به پاس ڪيائين. سندس خاص مشغلو، حڪمت ۽ شعر و شاعري هو. پاڻ سٺو شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ استاد گلبهار فقير هو. پاڻ پرائمري استاد ٿي رهيو. پهرين فيبروري 2010ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ٿيو. پاڻ ڪافي، ڏهيڙا ۽ ڏور جا بيت چيا. سندس شاعري ۾عشق وَ محبت جون ڳالهيون سمايل آهن. سندس ڪلام سنڌ جي رسالن ۾ ڪٿي به ڪونه ڇپيو. نموني طور ڪلام ڏجي ٿو. پاڻ 1979ع کان وٺي شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري جو قلمي مواد “جمن جي جوت” نالي موجود آهي. ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ 23 مارچ 2012ع ۾ وفات ڪري ويو. جمن جون ڪافيون، بيت ۽ ڏوهيڙن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنهن ۾ هجر فراق ۽ وصال جون وايون شامل آهن. سندس نموني طور ڪافي ۽ بيت ڏجن ٿا.
ڪـافــي (روپ ڪــلــيــاڻ)
محب منٺار سهڻا سينگار گلزار، گلزار،
تو سان پيار جلويدار، ٻڌ دلدار دل وارا.
تنهنجي اڪير مون کي آ مير، هنيا ٿي تير جگر ۾،
هــنــيــئه کــوڙي جــانــب جــوڙي، ڪــري گــفــتــار گفتارا.
ڇڏيو تو ديس وسائيه پرديس هنئيه ڌاڙا منهنجي دل تي،
تـنـهـنـجـي اخـتـيـار سـهـڻـا سـرڪـار ڀـلـي مـار مـارڻ وارا.
ٻــــڌي پـــــڪــــار لاهه آزار، قــــدم يــــار وڌائــــي،
ڇــڏ تــڪــرار، ڪـر اقرار مـنـهـنـجا سـڄـڻ سڪ وارا.
آءُ هـلـي، جـهـولـي آ جـهـلي، “جمن” هڪڙي آڏو تنهنجي،
خـان کـلي، وڃ مــلي، ٿــيـن نـــصــيــب نـظــارا.(74)

ڏوهـــيـــڙا
پــکي اڄ پرين ڏي کڻي خطڙو منهنجو ته اڏام،
لـکـيـا ٿـم سـور سـڄـڻ تـنـهـن ۾ پـنـهـنـجا تمام،
ڏکـيءَ دل جـو دلـبـر کـي وڃـي پـهـچائج، پيغام،
“جـمـن “ غـلام ويـٺـو ڪـانـگ اڏاري قــرب جــا.

پرچ مون سان پرين تون ته جاني ڏي نه جواب،
چوي “جمن”جدائي جو آهي ڏکيو ڏاڍو تاب،
سـڄـڻ کٽ ثواب، کلي مل تـون کاي ۾.(75)

مــحــمــد صــديــق جــوڻــيــجــو (1952ع ــ 2001ع):
محمد صديق ولد گلاب جوڻيجو متخلص “صديق” آبائي ڳوٺ گابر خان جوڻيجو ۾ 15 آگسٽ 1952ع مطابق 23 ذوالقعد 1371هه تي جمعي ڏينهن پيدا ٿيو. سندس تعليم ست درجه سنڌي،جنهن کي فائينل چيو ويندو هو. شعر و شاعري سان خاص دلچسپي هئي. شاعري ٻڌڻ ۽ شاعري ڪرڻ خاص مشغلن مان هو. پاڻ هڪ سگهڙ شاعر هو. 1975ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، زندگي ۾ ڏک ڏولاوا رهيا. وقت جي لمن لوڏن کيس حساس دل بڻائي ڇڏيو، جنهن ڪري پنهنجي اندر مان جيڪا آلاپ ڪڍيائين. تنهن کي شاعري جو روپ ڍڪايو. پاڻ ڏورجو زبردست شاعر هو. ڏور کان سواءِ بيت، ڪافيون، ۽ سينگار جا بيت پڻ چيا. سندس پوين وٽ قلمي ڪتاب موجود آهي، جنهن جو نالو “صديق جي صدا” آهي پاڻ ايريگشن کاتي ۾ داروغو هو. سندس ڇپيل مواد وغيره ڪونه ٿو ملي. سگهڙن جي سنگت ۾ گذارڻ ڪري ڏور جو شاعر ٿي ويو. سگهڙن جي ڪچهرين ۾ ايندو ويندو هو. آزاد خيال ماڻهو هو تنهائي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو. پاڻ 23 مارچ 2001ع تي وفات ڪري ويو. سندس نموني طور ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.
ڪـــافـــي
تــنــهــنــجــي يـاد مـــٺا، ته روئــاريــو آ،
ڀــري ســڏڪــا سـڄـڻ، مــان گــذاريــو آ.
جــلـي جـان جـگر، مـنـهـنـجـا جيرا ويم،
اچــي پـورن مـٿـان، تـنـهـنـجـا پـور پـيـم،
تــنهنـجي جدائيءَ ۾، ڪارا ويس ڪيم،
ڪــري درد مــان دانــهــون، پــڪــاريــو آ.
تــنهــنجي سڪ سڄڻ، ڇڏيا سور ڪري،
مـنـهـنـجـي انـدر مـٺـا، ٿـو برهه باهه ٻري،
اچ تـون يـار اڱـڻ، مـنـهـنـجـو ڀاڳ وري،
ڪــــري ڪــــاوڙ تــــون، ڇــو وســاريــو آ.
آئين ڪــونه سـهڻـا، تون مون ڏي وري،
سـاهه “صـديـق” جو ويو، ڳڻتين ۾ ڳري،
آيـــو آب اکــــيــــن مــــان، تــــو لاءِ تــري،
تنهنجي ماڻن سدا، مـون کي ماريو آ.(76)

بـــيـــت
ســـارو ڏيـنـهـن سِــڪَ ۾، تـڪـيان تـن جـي واٽ،
“صــديــق” کــان سـدائـيـن، وهي ٿـي لڙڪن لاٽ،
انــــدر ۾ اُڌمــــاٽ، ســــهــــان تـــن جـــي ســـڪ ۾.
پــــريـــن آءُ پـــيـــر ڀــــري، ڪـــيـــون روح رهــــاڻ،
دردن مـــنـــهـــنـــجـــي دل ۾، کـــوٽــي آهــي کــاڻ،
“صـديق” کي وساري، پرين رهه نه پرديس ۾.(77)
سينگار جو بيت
مــنــهــنــجــي مــحــبــوب کــان، وڌ ڪــاشــيءِ نه ڪـائـي،
ڪروڙ موتي ڪٺا ڪجن، ته به سهڻل سونهن سوائي،
“صـــديـــق” دلــبــر ســدائــي، جــيــئــي پــيــو جــڳ ۾.(78)
ڏور جو بيت
پــريــن تــنــهــنــجــو پيار آهـي مـاکيءَ کـان به مـٺـو،
هـــردم هـــج مـــون ســـان، تـــون قـــربـــدار ڪـــٺـــو،
“صديق” آ اسرار ڏٺو، سهڻا تنهنجي صورت ۾.(79)
ڪـــافـــي
طرز: جوڳي ٻيا به گهڻا منهنجو لکيو لاهوتن سان.
ڀــــيـــــرو ڪــــيــــن ڀــــڃــــان،
مــــٺــــڙي تــــن مــــارن ســان.
ڇــورو ڪــري ته ڇــڏي ويــا،
ڪــــــــهـــــــڙي واٽ وڃـــــــان.
جـــيـــتـــر آ ســـاهه ســريــر ۾،
آهــي امــــــيــــــد اڃــــــان.
جـيـڏيـون جـهـليو ڪينڪي،
مــــورئــــون مـــان نه مـــڃــان.
“صديق” کي ته سڄڻن جـي،
اٿم اُڪــــــيـــــر اڃــــــان.(80)

شير محمد “عاجز” (1955ع ـــ 2002ع):
شير محمد ولد محمد سچل ڪلهوڙو متخلص “عاجز” پنهنجي شهر چڪ ۾ ٽين آڪٽوبر 1955ع مطابق 16 صفر 1375هه تي سومر ڏينهن پيدا ٿيو، سندس شروعاتي تعليم چڪ ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ ثانوي تعليم به هڪ چڪ مان ڪيائين، گورنيمنٽ ايليمنٽري ڪاليج سکر مان ماستريءَ جو ڪورس پي ٽي سي به ڪيائين ۽ گورنيمنٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان بي اي جو امتحان پاس ڪيو، اخبار پڙهڻ، ادبي ڪتاب پڙهڻ وغيره خاص مشغلو هو. پاڻ هڪ چڱو شاعر هو، ادبي ماحول ملڻ ڪري سندس شعر و شاعري جو شوق جاڳيو. 1981ع کان نظم لکڻ شروع ڪيو، ڪافي ربائي ۽ چوسٽا، جهڙن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جا هلندڙ ادبي ڪلاس سندس استاد هئا، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ سان وابسطه رهيو ۽ ڪيترو ئي ڪلام چيو. جيڪو پوين وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي، سندس اچانڪ بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه وقت علالت کان پوءِ 15 اپريل 2002ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس نموني طور ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.


ڪــــافــــي
پرين پيارا سدائين ياد ڪريان ٿو،
نهيءَ آزار ۾ پنهنجي عمر برباد ڪريان ٿو.
سانڍيندي سور اي سپرين، ڪيم جگر ڪباب،
ڇــو بــنــا ڏوهه مــاريــئــي، فــريـاد ڪـريـان ٿـو.
ڪــــيــــئه قــــابــــو وجــــهــــي دل ۾ دام دلــبــر،
تـڏهـن ڀـي سـاهه تـو صـدقـي صياد ڪريان ٿو
جـلـي آ جان “عـاجـز جي جدائيءَ ۾ سدا سهڻا،
قــيــد پـکـي پـڃـري مـان اڄ آزاد ڪـريـان ٿـو.

چـــوســـٽـــو
حال دل ڪنهن کي ٻڌايان، ڪوئي غمخوار ناهي،
اگر پڇي مون کان زمانو، سو لائق اظهار ناهي،
آ “عاجز” عاشق تو سندو، غم کان انڪار ناهي،
معشوق آهين، توڙي توکي، ان غم سان سرڪار ناهي.

ربـــائــــي
ڪــاش! نه اٽــڪــن هــا هــي اکــيــون،
پـــــيــــار نـــه پــــيــــدا ٿـــي پـــئـــي هـــا،
هي نظرون “عاجز” خاموش هجن ها،
بـار نه دل تــي ٿــــي پــــئــــي هـــا.(81)


شــهــزادي (1968ع ــ 2009ع):
ايس اي ڊي جو پورو نالو شهزادي بنت الهڏنو دايو آهي. سندس ادبي نانءُ “ايس اي ڊي” آهي. پنهنجي شهر رستم ۾ پهرين جنوري 1968ع تي جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ئي شهر جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. پرائمري کان پوءِ حسب معمول ٻهراڙي جي رسمن موجب گهر ويهاريو ويو. مگر من سدائين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهيو. نيٺ سندس من جي مراد پوري ٿي. سندن بابا سائين راضي ٿيو ته اوهان ڀلي تعليم حاصل ڪريو. کين نائين ڏهين جي امتحان جي تياري لاءِ راقم کي موقعو ڏنو ويو، جنهنڪري سندس استاد ٿي پيس. 1988ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان خانپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو ۽ ان کان پوءِ سندن تعليم کي جاري رکڻ جو سلسلو هلندو رهيو. رستم شهر جي هيءَ شاعره ۽ اديبه پهرين مئٽرڪ پاس عورت هئي. سندس سڀني ڊگرين حاصل ڪرڻ ۾ رستم جي عورتن ۾ سندن نالو اول اچي ٿو.
انٽر جو امتحان 1991ع ۾ گورنيمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيو ۽ بي اي 1994ع ۾ ڊگري ڪاليج رتوديرو مان پاس ڪئي. ان کان علاوه ايم اي (سنڌي) 1996ع ۾ گورنيمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. پي ٽي سي جو امتحان به 1991ع ۾ ايليمنٽري ڪاليج فاروومين سکر مان پاس ڪيو ان کان سواءِ 1997ع ۾ بي ايڊ ۽ 2000ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيو. ادب طرف غير شعوري طور لاڙو ٽئين درجي کان وٺي هوس. پر باقاعده لکڻ جو آغاز راقم کان متاثر ٿي 1988ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. راقم نه صرف سندس نصابي استاد پر ادبي استاد پڻ.
شهزاديءَ ۾ نهايت وڏو ٽلينٽ هو. هن وٽ تخليقي قوت سگهاري هئي. پنهنجي جذبن جو اظهار نه صرف شاعري ۾ ڪيو، پر ڪهاڻين مضمونن ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا. ان کان سواءِ تحقيقي ميدان ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي تحقيق جي طرف تمام گهڻو لاڙو هوس. ان ڪري ايم اي سنڌي ادب ۾ مونوگراف لکيو جنهن جو عنوان هو “ادبي کيتر ۾ رستم شهر جو حصو” جنهن ۾ تمام سٺي انداز ۾ سائنسي طريقي سان تحقيق ڪيل آهي. سچ پچ ته رستم شهر تي اها پهرين ٿيسز آهي. جنهن ۾ اهم پهلو ڏيکاريا ويا آهن. ادبي تاريخ، ڪتب خانا، ادبي تنظيمون، ادبي شخصيتون وغيره تي روشني وڌل آهي. ايڏي سگهاري تخليق ۽ تحقيق کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ادبي ميدان ۾ پاڻ قبوليت جو شرف ماڻيندي. هونئن ڪيئي تذڪرا نظر مان گذريا آهن پر هن جي مونوگراف جو معيار نهايت بلند آهي.
شاعري جي ميدان ۾ سندس مجموعو “پيڙائن جا پنڌ” مڪمل ڪري ورتو هو. ان کان سواءِ 5 ڪهاڻيون ۽ ڏهه کن مقالا به لکي ورتا آهن. ترجمي جي حوالي سان به ڪجهه مضمون ترجمو ڪيا آهن. جيڪي ڇپجي چڪا آهن. نظم، غزل ۽ نثري نظم ۽ وائي سندس تخليق جون خاص صنفون آهن ان کان علاوه بيت ۽ چوسٽا به لکيا.
هيءَ هڪ ئي وقت شاعره اديبه ۽ تعليمدان هئي. تعليمي شعبي ۾ به نمايا ڪاڪردگي ڏيکاري. پاڻ استاد جي حيثيت سان فرض نڀايو. سندس تخليقون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. سندس هڪ وائي ۽ نثري نظم ڏجن ٿا. شهزادي کي ڇاتيءَ جو ڪينسر ٿي پيو، جنهن سبب سندس زندگيءَ جو ڏيئو اجهامي ويو تاريخ: 17 مارچ 2009ع تي وڃي پنهنجي پالڻهار سان ملي. وفات کان ٿورو اڳ بيماريءَ جي بستري تي H.S.T جو آرڊر به آيو هوس پر جوائن ڪري نه سگهي هئي. سندس آخري آرامگاهه پير حضوري رستم ۾ آهي.

وائـــي
الــفـت سـنـدا گـهـنـڊ، وڄـن ئي نـٿــا.
پـيـار مـحـبـت جا چنڊ، اڀرن ئي نٿـا.
پــريــن ســنــدي اُنــڊَ، اچــن ئــي نـٿـا.
الــفــت تـــان مُــنــڊ، لــهــن ئــي نــٿــا.
ڪوڙ ڪپـت کي کَنڊَ، پون ئي نٿا.
سک سانت جـا هـنـڌ، مـلـن ئـي نـٿـا.
پــيــڙائــن جــا پــنــڌ، کــٽــن ئــي نـٿـا.

نـــثـــري نـــظـــم
عـــورت جـــي ســـيـــنــــي انـــدر،
ڪيئي راز لڪيل هوندا آهن!
جـيـڪڏهـن اهي راز فاش ٿين،
ته قــيــامــت اچـــي وڃــي!.....(82)
هن جي دل ڪـرڙيءَ سِـرَجهڙي پڪي آهي،
پر منهنجا ڳوڙها هن جي دل کي موم بڻائي ڇڏيندا!...(83)




(ب) ادبي جائزو:
هن دور ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي، جن مان ڪي انگريزن جي دور ۾ پيدا ٿيا ۽ انگريزن جي زوال کانپوءِ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. هٿ ۾ قلم کڻي لکڻ شروع ڪيون پر ڪن شاعرن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قلم هٿ ۾ کنيو.
سيد باغ علي شاهه لکوي، ڪوي پهلاج رام، ڪريم بخش مڱريو، سيد گل محمد گل، آغا تاج محمد، سوامي تلوڪداس، حاجي احمد بخش سومرو، غلام شاهه مست غازي، انور علي شاهه، “اڪر” محمد اڪرم، استاد مينهل فقير، مهر محمد صالح “خادم”، داتا ولايت شاهه، مستانو محمد شاهه، انب شيخ، يونس کوهارو، واحد بخش “ميرل”، فقير سلطان سومرو، سلطان فقير مهر، مائي سڀائي، ڌڻي بخش “ڌنڻ” ، عبدالواحد “عاجز”، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اختر اديب، سيٺار غلام حسين “مجبور”، فقير شاهه “مسڪين”، درگاهي ميراڻي، محمد صديق جوڻيجو، شير محمد “عاجز”، صوفي غلام محمد پياسي، وزير علي سومرو، شاهنواز “شاد”، انصاري عبدالسميع “مهتاب”، محمد هارون اداسي، لطف علي “لطف” سومرو، شهزادو شيخ، محمد جمن هڪڙو ۽ شهزادي (ايس اي ڊي) هن دور ۾ چار اديب، سيد باغ علي شاهه لکوي، ڪوي پهلاج رام، آغا تاج محمد ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جهڙا نامور محقق اديب ٿي گذريا آهن، جن جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. ۽ عورتن ۾ شهزادي جو نالو اول اچي ٿو جنهن نثر ۽ نظم ۾ پاڻ موکيو.
سيد باغ علي شاهه جو صحافت ۾ به حصو رهيو جنهن ٽنڊو جان محمد مان “پيغام ڪل” اخبار جاري ڪئي ۽ پبليڪيشن ڪاميٽي قائم ڪري اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ۽ چار نظم تي مشتمل ڪتاب شايع ڪيا، ڪوي پهلاج رام صاحب جاسوسي ناول تحرير ڪيا. ۽ سندس ڪيترائي شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا، ان کان علاوه ٻيا مضمون ۽ مقالا به تحرير ڪيا، ڪوي پهلاج جو انقلابي شاعرن جي لسٽ ۾ نالو شمار ٿئي ٿو، سيد گل محمد گل به انقلابي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو ورتو ۽ سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ شاعري ڪئي، هارين تي نظم لکيا. سوامي تلوڪداس صاحب به تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو. آغا تاج محمد سنڌ جو ڃاتل سڃاتل اديب ۽ شاعر جنهن سنڌي ٻولي جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي ڪتاب تحرير ڪيا.
هونءَ هن دور ۾ شاعري جي ميدان ۾ وڏي وسعت آئي آهي ۽ فني لحاظ کان ڪيترائي تجربا ڪيا ويا، جن ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان به پيدا ٿيا، جن ۾ قديم نوع تي به شاعري ملي ٿي. ڪن ۾ صوفيانه خيالات، عشقيه جذبات ۽ احساسات ظاهر ڪيا ويا آهن. ته ڪن ۾ مذهبي خيالات پيش ڪيا ويا آهن، ڪٿي حسن ۽ عشق جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي ته ڪٿي وري سماجي عڪاسي به نظر اچي ٿي. جنهن ۾ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کي ننديو ويو آهي ۽ هارين جي حالتن تي لکيو ويو آهي ته ڪٿي وري قصيده گوئي به ڪئي ويئي آهي. هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ جيڪي صنفون مليون آهن اهي هيٺ ڏجن ٿيون.
نظم، بيت، دوها، سلوڪ، ڀڄن، ڪافي، ملود، قصيدو، غزل سرفهرست آهن، هونءَ ته مرثيه به چيا ويا هتي ڪافي گهڻو مقبول عام هئي ۽ ان صنف ۾ تمام گهڻي شاعري ڪئي وئي، ايتري قدر جو قصيدي جو مضمون به ان صنف ۾ آندو ويو آهي. ڪيتريون ئي ڪافيون بحروزن تي مليون آهن، غزل تمام گهٽ لکيو ويو، سلوڪ صرف هندو شاعرن جا ملن ٿا، جن ۾ ويدانيت جا نڪتا سمايل آهن پر ڪوي پهلاج رام جي شاعري ۾ انقلابي ۽ نوان لاڙا ملن ٿا جن ۾ آزاديءَ جو سبق ڏنل آهي. ان کان علاوه سنڌ جو عظيم محقق ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جهڙو عالم به هن تعلقي سان واسطو رکندڙ هو. جنهن جون خدمتون ايتريون آهن جو کين تغميه امتياز سان نوازيو ويو. سندس ڪيل تحقيق سنڌي ادب جو بي بها خزانو آهي. جنهن نثر جي ميدان ۾ مضمون، مقالا، ترجمو ۽ تاريخ، تحقيق تي لکي پاڻ موکيو آهي. سندس خدمتون صدين تائين وساري نه سگهبيون.

باب ستون
حوالا ۽ سمجهاڻيون:
(1) آشا ديال ڊاڪٽر ـــ “سنڌ جا سنت “ ڇاپو پهريون 1987ع ص، 228.
(2) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراءَ سکر ـــ ڇاپو پهريون 1965ع ص ص 292، 293.
(3) تعلقو سکر اڳوڻو تعلقو سکر جنهن ۾ کاهي ڳوٺ شامل هو. هاڻي تعلقي لکي ۽ ضلع شڪارپور ۾ آهي.
(4) ڪوي پهلاج رام ــــ پهلاج پريم واڻي (ڀاڱو چوٿون) ـــ ص 65.
(5) ايضاً ص 125.
(6) ڪوي “پهلاج رام ـــ پهلاج پريم واڻي (ڀاڱو چوٿون) ڇاپو پهريون 1952ع، ص ص 184، 185.
(7) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون 1956ع ص 261.
(8) ايضاً.
(9) مٿيان سڀ شعر، دوها ۽ قصيدي، مولود جا بند ۽ نظم جيڪو اڌورو آهي ۽ هيٺ مٿي آهي، سندس پٽ حسين شاهه ٽنڊائي کان زباني طور مليا جيڪي کين ياد هئا.
(10) سندس شعر پٽ حسين شاهه (1933ع ــ 2009ع) کان زباني طور مليو، جنهن انٽرويو دوران ٻڌايو.
(11) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــ تذڪره شعراء سکرــ 1965ع ص، 250.
(12) ميمڻ عبدالغفور سنڌي ــ عظيم سنڌي انسان ـــ ڇاپو پهريون 1981ع. ص، ص 12 ـــ 13.
(13)ايضاً حوالو 11 ص: 251.
(14) ايضاً.
(15) ديال آشا ڊاڪٽر ــ سنڌ جا سنت ــ ڇاپو پهريون 1987ع ص 257.
(16) ايضاً ــ ص 256.
(17) سوامي تلوڪداس اداسي ــــ شري گرو مهما ـــ ڇاپو سال؟ ص 14 مطبوعه: نجڌام آشرم گانڌي روڊ، الهاس نگر ـــ 5 ضلع ٿاڻي مهاراشٽر.
(18) ايضاً.
(19) راقم انٽرويو دوران لکي ورتا هئا.
(20) فقير سلطان کان انٽرويو دوران ورتل بيت،1981ع ۾.
(21) اهو بيت سندس ننڍي ٽئين نمبر ڌيءَ کان مليو.
(22) سومرو احمد بخش حاجي ــ انتخاب ــ احمد (قلمي) ــ 1956ع.
(23) هي بيت سندس گهرواريءَ سگهڙ زال مائي سڀائي کان مليو جيڪو حج تي روانگي کان پهريان چيائين.
(24) مٿيون مولود، حاجي جي ٻئي نمبر ڌيءَ نواب خاتون بيگم عبدالقادر “عنبر” سومرو کان مليو. (راقم جي ماءُ).
(25) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون 1965ع ص، ص 313، 314.
(26) ايضاً ص 314.
(27) خاصخيلي قربان علي “قربان” صوفي ـــ صوفي ساڃاهه ـــ سال 1983ع ص 149.
(28) رسالو “داتا سيد ولايت شاهه (قلمي) 1982ع ـــ ص 339.
(29) رسالو داتا ولايت شاهه ـــ قلمي ـــ درگاهه تي موجود ص 345.
(30) رسالو داتا ولايت شاهه (قلمي) درگاهه تي موجود ـــ ص: 318. +خاصخصلي قربان علي “قربان” صوفي ـــ ساڃاهه ـــ ڇاپو پهريون ـــ 1983ع ص: 150 مطبوعه مومن پبليڪيشن نوان جتوئي.
(31) ڪافي سندس فرزند سيد صفدر علي شاهه کان ملي.
(32) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــ تذڪره شعراء سکرــ 1965ع ص 356.
(33) ايضاً.
(34) سومراڻوي الله ڏنو “صبا” ــــ مرتب: معجون (قلمي) 1977ع.
(35) ماستر مينهل فقير ــــ درد جون دانهون ــــ ڇاپو پهريون 1970ع ص 5 مطبوعه مولوي محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب شڪارپور.
(36) ماستر مينهل فقير ــــ پرين جي پڪار ـــ ڇاپو پهريون 1969ع ص 6 مطبوعه سنڌي اشاعت ڪتب شاهي بازار شڪارپور.
(37) سومرو ڌڻي بخش “ڌنڻ” ـــ ڌنڻ ـــ جو ڌيان(حصو پهريون)1967ع.
(38) سومرو ڌڻي بخش “ڌنڻ” ــ ڌنڻ جو ڌيان (حصو ٻيو) ڇاپو پهريون 1970ع.
(39) ميمڻ غلام رسول ــ اسانجا اديب اسانجا شاعر ــ نمبر ٻيو ڇاپو پهريون 1982ع ص 80- 279 مطبوعه مهراڻ پبليڪيشن شڪارپور.
(40) هفتيوار پنجتي حيدراآباد ــــ 16 مئي 1979ع.
(41) سيد غلام محمد شاهه “اختر” ـــ “ڪلام اختر” سال 1956ع.
(42) ايضاً.
(43) هفت روز “نقيب” 17 جون 1956ع .
(44) مهر محمد صالح “خادم” ـــ بياض خادم الفقراءُ (قلمي) 1979ع.
(45) ايضاً.
(46) ايضاً.
(47) سومرو محمد شريف “شاد” ــــ ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي
تاريخ ــــ جلد پهريون (قلمي) 1982ع.
(48) ايضاً.
(49) ايضاً.
(50) سومرو لطف علي “لطف”ـــ “لطف جا لعل” (قلمي) 1978ع.
(51) بخاري سيد لعل شاهه پروفيسر ـــ (نگران سنڌي ڀاڱو) ـــ “نخلستان
مخزن” گولڊن جوبلي نمبر 1984ــــ 1983ع) ص 4 مطبوعه سي اينڊ ايس گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور.
(52) بخاري سيد لعل شاهه پروفيسر، ڪليات لعل شاهه(قلمي) 1975ع.
(53) سيٺار غلام حسين “مجبور” ــ ڪليات مجبور (قلمي) تان ورتل.
(54) ايضاً.
(55)مسرور ڪيفي ـــ جديد الشعراء سنڌي ـ 1384هه 1965ع ص 220.
(56) ميمڻ غلام رسول ــ اسان جا اديب اسان جا شاعر (حصو 4)
1982ع ص 237.
(57)مسرور ڪيفي ــ جديد الشعراء سنڌي ــ 1965ع، ص 221.
(58) ميمڻ غلام رسول ــ اسان جا اديب اسانجا شاعر ــ 1982ع ص 238.
(59)بياض مسڪين شاهه (قلمي) ـــ 1985ع.
(60) ايضاً.
(61) ايضاً.
(62) “فڪر مهراڻ” ــ گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج سکر مئگزين 85 ــــ 1984ع ص 33.
(63) عبدالسميع “مهتاب” ــــ “افڪار ممتاز” (قلمي) 1970ع.
(64) ايضاً.
(65) ايضاً.
(66) چيمه زهره ـــ “تم بي وفا هو” (آزاد نظم) روزنامه نواءِ وقت 29 ڊسمبر 1986ع . سنڌي ترجمو: عبدالسميع مهتاب.
(67) سندس قلمي مواد تان ورتل جيڪو بي ترتيب پيو هو.
(68) هيءَ ڪافي سندس مامي سگهڙ شهزادي شيخ کان ملي.
(69) سگهڙ شهزادو شيخ ڳوٺ کاهي کان ملي.
(70) هي بيت مرحوم جان محمد جانڻ سومرو، رستم واري کان مليو.
(71) سندس انٽرويو دوران ورتل هڪ ڪافي، جيڪا ياد ٻڌائي.
(72) ايضاً.
(73) انٽرويو دوران ٻڌايل.
(74) هڪڙو محمد جمن ــــ جمن جي جوت (قلمي مجموعو) 1987ع.
(75) ايضاً.
(76) جوڻيجو محمد صديق ـــ “صديق جي صدا” (قلمي) 1987ع.
(77) ايضاً.
(78) ايضاً.
(79) ايضاً.
(80) ايضاً.
(81) سمورو مواد ــ سندس قلمي مواد تان ورتو ويو.
(82) شهزادي ايس اي ڊي “نثري نظم” هالار ڊائجسٽ حيدراباد
اپريل 2000ع جلد اٺون شمارو ستون ص 23.
(83) ايضاً ص 22.

ڀاڱو ٽيون : تعلقي لکيءَ جي موجوده دور جي ادبي تاريخ سن 2000ع تائين:

---

(الف) موجوده دور جو ادبي ۽ لساني مختصر پسمنظر:

(الف) موجوده دور جو ادبي ۽ لساني مختصر پسمنظر:
موجوده دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ گهڻا ئي شاعر ۽ اديب آهن، پر هتي انهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو تفصيل ملي سگهيو آهي، باقي جن جو احوال ملي نه سگهيو آهي، انهن جي نالن جي لسٽ ٺاهي باب ٻئي ۾ ڏني وئي آهي.
جن شاعرن جو ذڪر مليو. انهن شاعرن ۽ اديبن ۾ اسان کي قديم نوع تي صوفياڻي رنگ ۾ شعر چوندڙ به ملن ٿا، ته ترقي پسند شاعر به ملن ٿا، جيڪي قديم نوع تي چوندڙ شاعر مليا آهن، انهن جي تعليم گهٽ ۽ ٻيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهن ٿا، جنهن ڪري جديد ادب جو اڀياس ڪري نه سگهيا آهن.
اهي ترقي پسند شاعر مليا آهن جن قديم صنفن، بيت ڪافي ۽ وائي تي ڪيترن ئي جديد شاعرن به طبع آزمائي ڪئي آهي، پر پراڻي ريت پريت رنگ ۽ دنگ کي ٽوڙي ڦٽو ڪيو آهي، جديد تقاضائن موجب عوام کي گهربل مواد ڏنو آهي، مطلب ته قديم صنفن ۾ هن دور ۾ نئون آب ۽ تاب اچي ويو آهي، پراڻي وقت جي بحروزن ۾ لکندڙ ريتن کي ٽوڙي نئين طريقي سان پيش ڪيو ويو ته پنهنجا گهاڙيٽا ۽ ماپا تيار ڪيا ويا آهن ڪن شاعرن ته بحروزن جا بند ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ آزاد شاعري شروع ڪئي جن آزاد نظم جي صنف سان لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اهي لاڙا غزل ۽ ڪافي ۾ به قائم رکيا ويا.
هتي جن شاعرن ۽ اديبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن مان شاعرن جو تعداد گهڻو آهي، باقي اديب آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، هتي ترقي پسند شاعرن جي شاعريءَ ۾ اڪثر قومي رنگ ڀريل مليو آهي، ڌرتيءَ سان پيار ۽ ديس واسين سان پيار جو اظهار ڪيو آهي.
لساني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻولي ارتقائي مرحلا طئه ڪري اڳتي نڪري چڪي آهي، پر ان جي وهڪ کي روڪڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون ۽ ان جي واڌاري کي ٻجو ڏيڻ لاءِ مختلف هربا هلايا وڃن ٿا پر پوءِ به سنڌي ٻولي ڪر کڻي چوي ٿي ته مون ۾ وڌڻ جي ۽ پار پوڻ جي صلاحيت موجود آهي، اهڙي طرح هن وقت سنڌي ٻولي ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چڪي آهي، ملڪي سرحدون لتاڙي سمنڊ پار هلي وئي آهي، جتي پنهنجي وسعت جي ڪري نمايان جڳهه اختيار ڪئي آهي. ڇپائي جا جديد ترين طريقه ايجاد ڪيا وڃن ٿا، سنڌي ٻولي جا ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر ذريعي ڇاپيا وڃن ٿا. مطلب ته سنڌي ٻولي ۾ وڌڻ جون اهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي دنيا جي ترقي يافته ٻين ٻولين ۾ آهن. سنڌي صحافت ۾ به وڏو انقلاب آيو آهي، سنڌيءَ جي پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ اخبار عوامي آواز ڪراچي به پوريءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جو دفاع ڪيو آهي.

غلام علي “مٺل” (1944ع ـــ 2015ع) :

غلام علي “مٺل” (1944ع ـــ 2015ع) :
غلام علي ولد محراب علي چنو متخلص “مٺل” پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 29 مئي 1944ع مطابق 7 جمادالثاني 1363هه تي ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو، سندس شروعاتي تعليم چڪ شهر ۾ ٿي ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ جون سندون حاصل ڪيون، کيس ادب سان بيحد لڳاءُ آهي، ان ڪري سنڌي ادب جو گهرو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ڪري مطالعي کيس ماٺ ڪري ويهڻ نه ڏنو، نتيجي ۾ 1973ع ۾ نظم لکڻ شروع ڪيو ۽ 1974ع ۾ نثر، کيس ننڊي هوندي والده پيار مان مٺل ڪوٺيندي هئي ان ڪري نظم ۾ مٺل تخلص استعمال ڪيو آهي، ۽ نثر ۾ غلام علي چنو سندس نثر ۾ سنڌ جو ڄاتل سڃاتل جهونو اديب محمد ابراهيم جويو صاحب سندس استاد آهي. تاريخ، لغت، گرامر، ڪهاڻيون، ترجما ۽ سماجي ڪم ڪرڻ سندس خاص مشغلن ۾ شمار ٿين ٿا.
پاڻ هڪ باصلاحيت شاعر ۽ اديب آهي، سنڌي ادب سان خاص لڳاءُ هئڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ سان وابسته آهي ۽ سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي، چڪ شهر ۾ پهريائين ادبي سرگرمي پيدا ڪرڻ لاءِ العزيز ادبي انجمن چڪ جو بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي، زبردست ادبي ڪارڪن هئڻ سان سٺو سماجي ڪارڪن به رهيو آهي. شاهه لطيف لائبريري چڪ جي پايو وجهندڙن مان هڪ آهي ۽ چڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن چڪ جو سرگرم ڪارڪن آهي. سندس ادبي توڙي سماجي ڪيل خدمتن کان ڪوبه نابري واري نٿو سگهي. پاڻ ڪيترائي ادبي شاگرد پيدا ڪيا آهن، سندس قلم مان ڪيترائي ڪتاب نڪري نروار ٿيا آهن، خاص ڪري گرامر تي ست ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا آهن، جن مان هزارين شاگردن لاڀ حاصل ڪيو آهي، ان کان سواءِ ڪيترائي مقالا ،مضمون۽ڪهاڻيون تحرير ڪيون آهن ۽ ترجما ڪيا آهن، نظم ۾ ڪافي، غزل، بيت ۽ چوسٽو وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس ڪافي مواد سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي، خاص طور تي ماهوار پيغام ڪراچي ۽ نئين زندگي حيدرآباد ۾ پڻ. پهريائين پرائمري استاد ٿي رهيو پوءِ گورنيمنٽ ڪامپريهينسوِ هاءِ اسڪول سکر ۾ ايڇ ايس ٽي جي حيثيت سان رهيو. نهايت مهربان ۽ شفيق استاد آهي. پاڻ 28 مئي 2000ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ ورتي. هينئر تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ رڌل آهي.
پاڻ شاعر گهٽ پر اديب وڌيڪ آهي، نثر ۾ تمام گهڻو لکيو آهي جيڪو فني لحاظ کان شاندار آهي. سندس ڪجهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: “فتحمنديءَ جي راهه ۽ واٽ” فيبروري 2001ع ۽ “ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ (نفسيات) 2001ع، “خط ٻن استادن جا” (محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنه) جنهن کي سنگرام سهيڙيو آهي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد وارن 2002ع ۾ ڇپايو آهي. باقي ٻيا سڀ ڪتاب 2005ع ۾ڇپيا. ڪهاڻين جو ڪتاب “ڪونج” نالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر وارن ڇپايو مضمونن جو مجموعو “وکر ڌارئون ڌار” ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي وارن شايع ڪرايو. انهيءَ پبليڪيشن “تقريرون” نالي سان ڇپايو. ان کان سواءِ ڪنول پبليڪيشن قنبر وارن سندس ٻه ڪتاب 2005ع ۾شايع ڪرايا. “ماسٽر مائينڊ ۽ لطيف ثاني” (محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز) تحقيق ۽ تنقيد تي مبني آهي ۽ “سرهائيءَ جي سوڀ” برٽرنڊرسل جي ڪتاب جو ترجمو آهي. جيڪو نفسياتي پهلوئن تي لکيل آهي. ان کان سواءِ قلمي ڪتاب الڳ آهن. مجموعي طور تعلقي لکيءَ جي اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار غلام علي “مٺل” چنو پهرين ڊسمبر 2015ع تي اسان کان جدا ٿي ويو.
غـــزل
ڳلي لڳايان، ڪيان توکي پيار، عيد جي ڏينهن،
ملين مون سان سڄڻ، منهنجا يار، عيد جي ڏينهن.
غضب جو حسن آ تنهنجو ۽ قهر جو آ سهج،
عيان عجيب ٿئين شاهورڪار، عيد جي ڏينهن.
نه وس رهيو ئي ڪو ڪنهن پر منهنجو طبعيت تي،
نه ڪري دل تي رهيو اختيار، عيد جي ڏينهن.
هئي دل ۾ ڪدورت ڀريل، ڪجهه عرصي کان،
وئي سا دور ٿي، ناهي ڪو يار، عيد جي ڏينهن.
ڪئي آ نغمه خوان بليل، ڪٿي شگفته گل،
چمن ۾ ڄڻ ته آ فصل بهار، عيد جي ڏينهن.
ملائي نيڻ جي مرڪي “مٺل” ملين مون سان،
سري ڪو ساهه ساجن قرار، عيد جي ڏينهن.(1)

غـــزل
مــحــبــت مــذهــب آ مــنــهــنــجــو، مــحــبــت ئــي عبادت آ،
مــحــبــت مــصــحــف آ منهنجو، مـحـبـت ٿـي تـلاوت آ.
سبق سڪر جا سکيم سارا قرب ڪيڙم ڪتاب پنهنجو،
درد وصــــال جــــا ڪــــيــــڙم، مـــحــبـــت ئـــي ريـــاضـــت آ.
قـادر ڪئي ڪـائـنـات پــيــدا مـرسـل جــي ته مــحــبــت ۾،
لـــولاڪ لــمــا فــرقــان ۾ ڏس، مــحــبــت جــي شــهــادت آ.
“مـٺل” محبت رکي من ۾ پرينءَ ڏي شل پُرين پيو تون
مٺي محبوب جي تولئي، محبت ئي شفاعت آ.(2)

شمس الدين “شمس” (جنم: 1945ع):

شمس الدين “شمس” (جنم: 1945ع):
شمس الدين ولد محبوب علي ڀيو، متخلص “شمس” پنهنجي آبائي ڳوٺ ڏهر لڳ چڪ ۾ پهرين ڊسمبر 1945ع مطابق 25 ذوالحج 1365هه تي ڇنڇر ڏينهن تولد ٿيو، سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس تعليم بي.اي، بي ايڊ آهي ۽ خاص مشغلو نعت پڙهڻ ۽ مولود ٺاهڻ آهي چڱو شاعر آهي شاعري جي شروعات 1978ع کان ڪيائين ڪيترو ئي ڪلام چيو آهي، غزل، ڪافي، مولود ۽ ڏوهيڙا جهڙين عام صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول چڪ ۾ استاد هو، ننڊي هوندي کان ئي لاڙو ديني ڪمن ڏانهن هوس، جنهن ڪري انهن جو اثر گهڻو آهي. سندس ڪنهن به ادبي جماعت سان واسطو نه رهيو آهي، اڪثر تنها رهندو آهي، ان ڪري سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين ۾ حصو نه ورتو آهي، سندس شاعري ۾ مجاز به ملندو ته درد هجر ۽ فراق جون ڳالهيون به ملنديون ته حضور ﷺ جي شان ۾ چيل مولود به نظر ايندا. کيس شاعري جي فن جي سٺي ڄاڻ آهي. پاڻ تعليم کاتي مان 30 نومبر 2005ع ۾ رٽائر ٿيو. ۽ ذاتي ڪاروبار شروع ڪيائين. نموني طور سندس ڪلام هتي ڏجي ٿو.
ڪـــافـــي
مــــٺـــا آءُ مـــون ڏي ڪـــري مـــهــربــانــي،
ضـعـيـفـن جـي ڪئي تو ضايع زندگاني.
ايـڏو ڇو ٿا مون کان گهڻو ڏور گهاريو،
ڪـڏهـن ڪـونه آهـي اوهـان کـي وساريو،ڌ
جــلائــي ڇــڏي ٿــي مــنــهــنــجــي جواني.
سـري ڪـيـن منهنـجـي اوهان ريءَ پيارا،
غـمـن ۾ گـذاريـان اونـهارا توڙي سيارا،
هــلــي آءُ هــيــڪـر ڪــري حــڪــمــرانــي.
پنهنجو “شـمـس” جـانـي، ڇـڏيــو وسـاري،
نـاهـي ڀــروســو ڪــو مـتـان مـوت مـاري،
مــڃــي ســون اوهــان جي هـردم يـارانـي.(3)


ڏوهـــيـــڙا
مـنـهـنـجـي هـن حـال هــيــڻـي جـي، خبر خدا ٿو ڄاڻي،
آڻــي عــشــق بــيــهــاريــــو مــوت کــي، اڄ يـا سـڀـاڻـي،
طلب تـنـهـنـجـي تــــن ۾ آ، جــا، تــوڏي ٿــي سـتـائـي،
ائـيـن پـيـار پـيـڙيـو، جـيـئـن سـرنـهـن مـنـجـهـه گهاڻـي،
وڏي سڪ سرس ٿـــي، نه ٿـــي ڪـــــو ســــڃـــاڻـــي،
آءُ عجيبن تون هاڻي، ڪري قـرب هن“شمس” تي.(4)

ربڏنو “سليم” مهيسر (جنم: 1947ع):

ربڏنو “سليم” مهيسر (جنم: 1947ع):
ربڏنو ولد مٺو خان مهيسر متخلص “سليم” پنهجي آبائي ڳوٺ صرفو ۾ 5 نومبر 1947ع مطابق 13 جمادالثاني 1366هه تي سومر ڏينهن پيدا ٿيو. سندس شروعاتي تعليم پنج درجه سنڌي پنهنجي ڳوٺ صرفو مان ئي حاصل ڪئي. سندس خاص مشغلو شعر وَ شاعري آهي، ڪيترن ئي صلاحيتن جو مالڪ آهي. پاڻ ڊرائيوري ڪري ڄاڻي ۽ ٽريڪٽر مڪينڪ به آهي.ان کان سواءِ زراعت ۾وکري پوکڻ جي وسيع ڄاڻ رکي ٿو. نهايت ذهين آهي، ان ذهانت سبب زمين جي تڪرار تي مٿس ڪيس ٿيا، جيڪي بغير ڪنهن وڪيل جي پاڻ وڙهيو ۽ کَٽيا. ڪيسن جو تعداد 18 کن هو.
پاڻ 1970ع کان شاعري جي شروعات ڪئي هن بيت غزل، ۽ ڪافيءَ جهڙيون صنفون طبع هيٺ آنديون. سندس شاعري ۾ استاد، مينهل فقير هوس. جنهن شاعريءَ جي طرف راغب ڪيو. مينهل فقير سان ڪچهرين جي ڪري شاعري جو شوق جاڳيس.
رهائش چڪ ۾ هئس. پوءِ لڏي وڃي روهڙيءِ ۾ ويٺو جتي ٽريڪٽرن جو شوروم کوليو انهيءِ ڪري اتي رهائش پذير ٿيو. سندس ذريعه معاش زمينداري آهي.
سندس شاعري ۾ محبت ۽ پيار جهڙا نفيس نڪتا نروار ڪيا. سر وار ڪافيون ۽ بيت چيا ڪافين ۽ بيتن تي سٺي دسترس حاصل اٿس. شاعريءَ جو ڪافي مطالعو اٿس. ۽ ان جي فن وَ فڪر کان بخوبي واقف آهي. سندس نموني طور ڪلام قلمي مواد “سليم جي صدا” مان ڏجي ٿو.

بــيــت “ســر ســهــڻــي”
مـڙن ڪيئن محبت واريون، ڇا ڪندا دريائن جا ڌڌڪار،
گهڙو کڻي گهڙنــدس تــوڙي آنڌي هجي يـا انڌڪار،
پــڪ نه ڪيائين ڪچي جي، تري منجهه پـهتي تـار،
هاڻي ملندس ميهر يار، جو سڏ ڪيو اٿائين “سليم” چوي.


بــيــت “ســر ســســئــي”
آڌيءَ جـــــو اٿـــــاريـــــون ويـــــا، آءُ نه جاڳــيس جانب،
نـــنـــڊ وٺـــي ويـئـي نـڀاڳ جـــي، پــوري نه ٿــيــڙم حــب،
رڙندي رهـيـس اڳـيان رب، سڻائي ڪر تون ““سليم”چوي.
بــيــت “ســر مــارئــي”
آءٌ ته ســـــڄـــــڻ تـــــو وٽ، عـــــجـــــيـــــب امــــانــــت آهــــيــــان،
شـرم ڪـرڏس شـان پـنـهـجـو، مـان تـه ڀـاءُ سـڳـو ٿـي ڀـايـان،
اڄ کــولي ڪجهه ٻـڌايـان، مـن ڪا مـاٺ ڪرين “مهيسر” چـوي.(5)

بــيــت “ســر لــيــلان”
محبت وڪڻي منهن سان، ويٺي هٿڙا هڻي،
لالچ ڪري پنهنجا پري، جنهن کي کُٽي کڻي،
هار وٺي هڪدم، جيڪا ڳالهه نٿي ڳڻي،
پوءِ “سليم” جيڪا جنهنکي وڻي، چنيسر نه ايندو چوڻ ۾.
آهــيــان تــنــهــنــجــو، ڪـــر مـــون تــي، رحــم کــڻــي،
ڏنـــــا زمـــــانـــــي جـــــي مـــــاڻــــهــــن ڏاڍا غــم کــڻــي،
نه رهيو ســاهه “سـلـيـم” کي سـر ۾، رڳـو هلن حـلـق.(6)

ڪــــافــــي
اچـي تــو ســان لــڳــيون، جڏهن ديدان دلـبـر،
نه رهــيــو هــوش عــقــل، نه پـــئــي ڪــا خـبـر.
جن کي سـمـجـهـيـو سي پنهنجو، سي نه پنهنجا ٿيا،
ڌڪــي ڌار ڪــــيــــائـــون، وڃــي پــري پـــيـــا،
مــــڙي دل نه مــــٺـــا، ڪـــري ٿــي روز پـــچـــر.
اچـي روز ڏيـــن ٿـــا، مـــاڻـــهـــو مـــون کـــي مــيـار،
جن کي عشق جي نه آهي خبر چار،
لـڳي لـنـو جـن کـي، هــونـدا تـن وٽ حـشـر.
“ســلــيــم” کـي تــو، ڇــو ڌڪـاري ڇــڏيــو آ،
ڪـيـل قـول پنهنجو، تـو وسـاري ڇـڏيـو آ،
نـاهي پـيـار جو پتو، نه رهي ڪنهن ۾ نـظـر.(7)

مـــحـــمــد هــارون “ امــرت ” (جنم: 1948ع):

مـــحـــمــد هــارون “ امــرت ” (جنم: 1948ع):
محمد هارون ولد محمد لائق چنو،پنهنجي آبائي تاريخي ڳوٺ ٽنڊوعلي شير ۾، ڏهين جون 1948ع مطابق 2 شعبان 1367هه تي خميس ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم، ٽي درجا ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ئي ورتي پوٰءِ چڪ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجه پاس ڪيا. ۽ مئٽرڪ به هاءِ اسڪول چڪ مان ئي پاس ڪئي، 1978ع ۾ بي_ اي جو امتحان ۽ ايم _ڊي 1978ع ۾ امتحان پاس ڪيو سندس خاص مشغلو. مصوري ۽ ادب آهي. سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب ،شاعر ۽ مصور آهي، پاڻ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. پاڻ 1976ع کان شاعري جي شروعات ڪئي آهي سندس قلم مان ڪيتريون ئي ڪوتائون ۽ رچنائون نڪري نروار ٿيون آهن. جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن جن مان “حوازاديءَ لاءِ” سنيل چڪوي جي نالي سان فڪر مهراڻ سالياني مئگزين ( 81_1980ع) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ شايع ٿي . مضمون “ايمانداري “ ۽ چمڪندڙ ستارا رسالي ۾، جنهن جي ترتيب چانڊئي امير احمد “ امير” ڏني آهي. اداري روشن ادب سڪرنڊ ڇپائي پڌرو ڪيو . چنه محمد هارون تارڪه جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان سواءِ مصوريءَ جون ڪاوشون به ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿيون آهن ۽ شاعري “امرت” تخلص سان ڇپجندي رهي آهي.
سندس شاعري ۾ قومي رنگ نمايا نظر اچي ٿو. پاڻ هڪ بي باڪ شاعر ۽ اديب آهي لکڻين ۾ سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان پيار سمايل آهي. پاڻ العزيز ادبي انجمن چڪ، چڪ ادبي سنگت (چاس)، شاهه لطيف لاءِ ئبريري چڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت چڪ جي شاخ جو پايو وجهندڙن مان هڪ آهي. پاڻ ترقي پسند اديب، مصور ۽ شاعر آهي، جنهن ڪري جديد ادب ۾ نون لاڙن۽ رجحانن جو زبردست حامي رهيو آهي. چڪ جي ادبي حلقي جو روح روان ۽ ادبي سنگت،چاس جو اهم ڪردار آهي پاڻ چڪ جي نوجوانن ۾ ادبي روح ڦوڪي ادبي ماحول کي وڌايون ۽ ويجهايو آهي. چڪ جي تقريباً سڀني نوجوانن جو هر لحاظ کان استاد آهي ادب هجي يا اسڪول ٻنهي ۾ استاد رهيو آهي. هن وقت ڊرائنگ جو استاد آهي. ايم ـــــــ ڊي جو امتحان پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيل آهي. بي انتها صلاحيتن جو مالڪ، هر وقت ڪم ۾ مشغول. اسڪول، لائبريري يا گهر، جتي ڪٿي رڌل نظر ايندو. سندس قلمي مواد ڪافي آهي. ٻه ته شاعري جا مجموعه آهن. جن کي مڪمل ترتيب ڏنل آهي. هڪڙي ڪتاب تي ته نالو به رکي ڇڏيو آهي، جيڪو 1984ع ڌاري لکي پورو ڪيو. پاڻ ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڄڀون ڄر ڄراٽ” جيڪو جلد منظر عام تي ايندو.ان کان علاوه مضمون ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار آهي. پاڻ مهربان، شفيق، هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان آهي. نهايت حساس دل انسان آهي. سندس شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان شاندار آهي. پاڻ ڊرائنگ ماستر طور، تعليم کاتي مان نائين جون 2008ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. جنهن کان پوءِ پنهنجي مصوري ، تصنف ۽ تاليف جي ڪم ۾ رڌل آهي. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي. “چنه قبيلو تاريخ جي آئيني ۾”، تحقيقي ڪتاب لکي رهيو آهي.

غـــــزل
سپنا پنهنجا ڪهڙا ڀـي هن، ڌرتـي تـوکان ڌار نـه ٿـيـا هـن.
ڪونڌر جيڪي گوءنچ گلن جا، پـــيــدا تــن ۾ خار نه ٿـيا هن.
کـرڙي، ٽـوڙي عـشـق عـلامت، ڪـهـڙاڪهـڙا وار نه ٿـيا هن.
ويرن جي وهواند جنهن سان، پنهنجا سـي ئي يار نه ٿيا هن.
جن به لٽي آ منهنجي ڌرتي، پـنهنجي هيئن جا هار نه ٿيا هن.
پٺتي جن ڀي موٽ ته ڪئي آ، ڌرتيءَ جا سـي ٺار نه ٿيا هن.(8)



بــــــيــــــت
ســــاڳــــيــــو سِــــٽ ســــواد،ســــوئـــي ســـاز آواز،
جـــاڳـــيـــو جـــيءُ ايـــاز، مـــهـــڻـــا مـــوکـــي آيـــو.
ڄــڀــون ڄــر ڄــراٽ ، مـنـهـنـجـي هـر هڪ سِـٽ،
وڌي تـــن پـــوسِـــٽ، ڀــيــلــيــو جـن آ ڀــونءِ کـي.(9)
جيـسيـن ڏولاوا ڏيـهـه ۾، بـيـت اوتيندو سانءِ ،
گهٽي ماريندو سانءِ ، جهونگاريندي جيءَ مان.
جـيـسـيـن ڏولاوا ڏيــهــه ۾، لــکــان غــزل گـيـت،
پـوئـيـن ڏئـي نه ڳـيـت، ڳـٽ نه لهي ڳچيءَ مان.(10)

وائـــــــي
ڌڻ اچي ٿو ڌوڪـيـدو! پــيـهـر پــنــهــنـجـو پــخــتــو ڪر.
ڪاريـهر جان ڦـوڪـون ڏيـنـدو، پـيـهـر پنهنجو پختو ڪر.
جوش جنون سان جوئي ايـنـدو، پـيـهـر پنهنجو پختو ڪر.
رک نـظـر تـون، ايـنـدو ويـنـدو، پـيـهـر پـنـهـنـجـو پـختو ڪر.
اچـڻو ڀـونءِ کي ڀلـيـندو، پـيـهـر پنهنجو پـخــتـو ڪر.
اک پٽ! هل تون ڌيان ڌريـنـدو، پيهر پنهنجو پختو ڪر(11)

الــهــڏنــو “صـبـا” سـومـراڻـوي (جنم: 1949ع):

الــهــڏنــو “صـبـا” سـومـراڻـوي (جنم: 1949ع):
الهڏنو ولد ڏاتر ڏنو مهر متخلص “صبا “ پنهنجي آبائي ڳوٺ سومراڻي شريف ۾ 9 سيپٽمبر 1949ع مطابق 15 ذوالقعد 1368هه تي جمعي ڏينهن تولد ٿيو، سندس تعليم قرآن مجيد ناظره، فارسي پورو نصاب ۽ ابتدائي (منطق) عربي نحو ۽ فقہ حاصل ڪيو. ننڊي هوندي کان ئي والد صاحب کيس مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي ۾ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ ڇڏيو، سندس خاص مشغلو ٻارن کي قرآن جي تعليم ڏيڻ ۽ ڪپڙن تي مشين سان ڀرٿ ڀرڻ قابل ذڪر آهي، پر پاڻ فارسي ڪتابن پڙهڻ دوران کيس شاعري جو شوق جاڳيو جنهن ڪري شعر چوڻ شروع ڪيو، تنهن بعد خاص مشغلو شعر و شاعري ٿي ويو، بعد ۾ پاڻ تعليم مدرسه دارالفيوض رستم ۾ ورتي.
پاڻ سال 1973ع کان باقاعده شعر چوڻ شروع ڪيو، پهريائين پهريائين هن بيت چوڻ شروع ڪيا، نظم ۾ يا نثر ۾ سندس ڪوبه استاد ڪونه آهي، پاڻ سنڌي ٻوليءَ کان علاوه اردو فارسي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ به ڪلام چيو، کيس علم ادب سان تمام گهڻو چاهه اٿس، ان چاهه ۽ شوق سبب سندس قلم مان ڪافي ڪتاب نڪتا آهن، جيڪي قلمي صورت ۾ پاڻ وٽ محفوظ اٿس، تصنيفات (قلمي).
(1) دارو رسن سال 1973ع هن ۾ سموري شاعري ڏنل آهي، جنهن ۾ بيت، دوها ۽ قطعا سمايل آهن (2) موج عميق 1973ع هن ۾ به شاعري آهي پر سنڌي سان گڏ اردو، فارسي ۽ سرائڪي ڪلام به شامل آهي، جنهن ۾ 76 سنڌي ڪافيون 656 بيت شامل اٿس، ان کان سواءِ ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. جهڙوڪ:
(1) “معجون” 1977ع هن ۾ مختلف شاعرن جو ڪلام منتخب ڪيل آهي.
(2) “مفردات” 1983ع هي ڪتاب هم قافيه لفظن جي لغات ٺهيل آهي، اهڙي قسم جي لغات اڳ سنڌي ادب ۾ موجود نه آهي.
(3) “نسب نامو” 1401هه هن ۾ خانداني شجرو ڏنل آهن، جنهن جي تشريح ٿيل آهي، (4) “الڪتب المڪتوب” 1980ع، فرهنگ جي طرز تي ڪتابن جي فهرست، (5) ضابطه حيات، الڳ ديني مسئلن تي حوالا ۽ دلائل موجود آهن، هي ڪتاب هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونه اٿس.
پاڻ ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندو آهي، 1980ع ڌاري سنجرپور تعلقو صادق آباد ۾ 10 سال رهيو جتي گهڻو ڪم ڪيو ۽ ڪمايو، پر ڪجهه وقت رستم ۾ به ڌنڌو ڪم ڪيو.
حنفيه مسلڪ سان تعلق رکندڙ آهي ۽ مرشد بزرگ احمد الدين جرار پهوڙ وارو آهي. سنڌي زبان ۾ ڪلام چيو آهي، سندس ڪلام ڪتابن مان هتي نموني طور ڏجي ٿو:

ڪـــافـــي
حـد ٿي وئـي پـيـار پـنـهـنـجـي جـي مـٺـا ٿـاڻي اندر،
مــحـــب تــوسان مون ڪيون ايثار ۾ راتيون بسر،
سـي گـهـڙيـون اڄ يـاد آيون آب هاريو مون ڪثير.
نـيهن توسا مون مٺا لاتو، جڏهن هُئين کير پياڪ،
يـاد ڪـرسـي ڏيـنـهـڙا استقبال ڪيو هيم پرتپاڪ،
هـاڻـي هـنـجـون هـاريـم فـرقـت بـڻـايـو مـون فـقـيـر.
رات جــو اڄ اوچــتــو پــور تــنــهــنــجــا پــلـپـل پـيـا،
ڳـوڙهـا ڳـلـن تـي هـاريـم ســيــنـه اکــيــن آلا ڪــيــا،
آهـه ٿـڌڙي، ٿــو ڀــريــان ٿــي ويــس تــو وٽ اســيــر.
آهن پـرور ۾ امــيــدون جـو چـيـائـيـن لا تــقــنــطـوا،
پـــاڻ پـــرچــنــدو پـــريــن، رڳـو عـزم ڪـر اهــبـطـوا،
نـعـم الـمــوليٰ آهي منهنجو ۽ آهي نعم النصير.(12)


نـــظـــم
يـار مـنـهـنـجـو ڪـيـن ٿـئـي ٿــو، مــان ته انـهـن جــو آهــيــان،
وصـــــل ۽ فـــــراق ۾ هـــــي شـــــعـــــر ويـــــٺـــــو ٺـــــاهــــيــــان،
يـار وٽ مـنـهـنـجـو قـدر آ، پـاڳـل کـان ڀـي سـڏجي ٿو گهٽ،
مـان سـڏيـان رخ ڪـيـن ڏئـي،ٻـيـن کي سـڏ ڏئـي ٿـو جـهـٽ،
مــون غــريــب جــي آهه بــس، هــي قــلــم ڪـاغـذ مـلـڪـيـت،
محبوب جي محبت سندي، منهنجو اندر ۾ناقدر مصلحت،
سـور ڏک آهـن فـوج منهنجي هي شعر آهن منهنجو سپاهه،
پـاڻ ڪـاهـي فـوج پنهنجي “صبا”، جان ڪيان ٿو تـبـاهه.(13)

بـــيـــت
جاني جدائي ڪين ڪر پڙهه وصل وارو تون وَرق،
تنهنجي مـحـبـت ۾ مـٺـا آهـي سـدا هـي غريب غرق،
هـاڻـي رکـج ڪـيـن فـرق، مـحـب هـن مـسڪين سان.

مــرحــبــا مــرحــبــا ديــدار جــنــهــن تـنـهـنـجـو نـصـيـب،
مـاکـيءَ مـصـريءَ کان وڌيڪ تو ۾ آهي مزو عجيب،
سڪي ويـٺو هي غـريـب، مـنـهـن پـسـڻ محبـوب لئي.(14)

قــطــعــو
ڪـيـن شـاعـر ٿـو سـڏايـان مـجـبـوراَ ٿـا نــڪــرن اکـر،
غــلــط فـهـمـيـون ڪـيـتـريـون آهـن، نــاهـي ڪـا خـبـر،
تـنـهـجـي ڳـڻـتـيـن ڏک ڏولاوا نـت ڀـڃـي ڀـورا ڪيو،
ڪونه دل کي چـيـن آهـي، بس هئي ويـهـاريـم مـون وکـر.(15)

گل حسن “غمگين” (جنم: 1952ع):

گل حسن “غمگين” (جنم: 1952ع):
گل حسن ولد مينهون خان ابڙو متخلص “غمگين” پنهنجي آبائي ڳوٺ هوٿي ۾ 14 نومبر 1952ع مطابق 25 صفر 1372هه تي جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنج درجه سنڌي ڳوٺ جي ڀرواري ڳوٺ بودي ۾ پڙهيا. ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ ۽ سياسي معلومات حاصل ڪرڻ خاص مشغلو آهي پاڻ چڱو شاعر آهي. 1968ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. پهريائين مولود ۽ نعتون چيون. کيس ڪلاسيڪل راڳ سان خاص دلچسپي سبب سندس دل ۾ شاعري جي جوت جاڳي. کيس ڪلاسيڪل راڳ رنگ جي وڏي ڄاڻ حاصل آهي. پاڻ وٽ ڪافين جو مڪمل ڪتاب آهي، جيڪو سو صفحن تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ مولود، غزل، گيت، وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس مواد شايع ٿيل نه آهي. ان جو سبب ذاتي زندگي جون مصروفيتون آهن. پاڻ موٽرسائيڪل جو مڪينڪ آهي. پيٽ گذر لاءِ چڪ شهر ۾ موٽرسائيڪل ورڪس جو دڪان کوليو هو. پر پوءِ لڏي وڃي ڪراچي وَسائي. ڪتابن ۽ ڪلاسيڪي فنڪارن جون ڪيسٽيون ڪٺيون ڪرڻ، سندس خاص شوق ۽ دلچسپي آهي. پوري برصغير جي سڀني ٻولين ۾ ڪلاسيڪل راڳ جون ڪيسٽيون هڪ سو کن ڪٺيون ڪيون آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ڪتاب به ڪٺا ڪيا آهن
نـــظـــم
دوسـتـيءَ جـو هـن دنـيـا ۾ واهـه عـجـب دســتــور آ،
دل لــڳــائــڻ دل ربــا ســان ٿــي پــيــو هــت ســـور آ.
مـلـڪ ڏي مـوٽـي وڃـان پـر مـلـڪ ڀـي ٿـيـو ڏور آ،
تــنـهـنـڪـري گهارڻ غـمـن ۾ مون ڪـيو منظور آ.
هـاڻ هرگز ڪَرِ نه دانهن “گل حسن غمگين” تون،
تون رڳو نـاهـيـن ڏکـن ۾، جــڳ سـارو ڀـرپــور آ.(16)

موريو مهر (جنم: 1954ع):

موريو مهر (جنم: 1954ع):
موريو ولد محمد ايوب متخلص “موريو” پنهنجي ڳوٺ صادق جي وانڍ” ۾ پهرين سيپٽمبر 1954ع مطابق 2 محرم الحرام 1374هه تي اربع ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ حاصل ڪئي. پنج درجه سنڌي پاس ڪيائين. سندس شعر و شاعري خاص مشغلو آهي. 1982ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو. شاعري ۾ استاد وغيره ڪونه ڪيو آهي. معاشي گاڏو گهلڻ لاءِ دوڪانداري ڪندو آهي. پاڻ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا چيا آهن جن ۾ عشق، محبت، درد هجر ۽ فراق سمايل آهي. سندس قلمي مواد پاڻ وٽ محفوظ آهي. شاعري ڇپيل ڪونه آهي. گمنام زندگي گذاري رهيو آهي. ادبي تنظيمن سان لاڳاپو ڪونه اٿس. سندس ڪجهه ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
ڪـــافـــي
سـڪـندي ٿيڙم تو لئي سال، هاڻي ڏسي وڃ منهنجو حال،
محبت جي آ ماڻهن ۾، تـنـهـنـجـي مـنـهـنـجـي محب مقال.
ڦــاٽــل دل کـي ڦــاڙن ٿــا وسـائـن ٿـــا وريـــو،
ڦـر جـي مان فـقـيـر ٿــيــڙس، چــون مــون کي ٿـا چـريـو،
جـــانـــب هــــت آ جــيـــئـــڻ جـــــــــنـــــــــجال.
عــشــق جــو عــارضو اهــڙو اڻــاگــو، ڄــڻ نــٿــو ڪـو ڄاڻي،
گــولــيءَ جــو وارو گــهــوڙو چـاڙهـي، تـيـز هـڻـي ٿـو تـاڻـي،
بـــرهه بـــنــدوق جــو نـــــيــــنـــهــــن ۾ نـــال.
رات وئــــي روئــــنــــدي ڏيــنــهــن ڏکــن ۾ روڄ رڳــو راڙو،
دانـهـون ٻـڌي هـن درد مـنـهـنـجي جون پڇڻ آيو سڄو پاڙو،
“مـــوريـــل” آ تنهنجو موئن مثال.(17)

ڏوهــــيــــڙو
مـون کي سـڪ سـڄـڻ جـي، جـيـئـن مارئي کي ملير،
مٺـي مـحـبـت مـحـبـوب جي جيئن کنڊن منجهه کير،
پـريـن تـنـهـنـجـي پـسـڻ جي اٿـم انـدر مـنـجـهه اڪير،
“مــوريـل” کـي تـنـهـنـجي مـحـبـت جا پلپل پون پور،
ڏئـي جـيءَ جـگـر کـي جـهـيـر، پـو دور رهين ٿو دلربا.(18)

غلام محمد “غازي” (جنم: 1955ع):

غلام محمد “غازي” (جنم: 1955ع):
غلام محمد ولد محمد سومر مهر متخلص “غازي” پنهنجي تاريخي آبائي ڳوٺ عبدو ۾ 9 اپريل 1955ع مطابق 25 شعبان 1374هه تي اڱاري ڏينهن پيدا ٿيو. شعروعاتي تعليم عبدو ۾ ئي حاصل ڪيائين ثانوي ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي مان حاصل ڪيائين ۽ بي.اي اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪيائين ۽ گورنيمنٽ ايليمنٽري ڪاليج حيدرآباد مان اي ٽي سي جو ڪورس به ڪيو. لکڻ، پڙهڻ ۽ مصوري ڪرڻ سندس خاص مشغوليون آهن. کيس ادبي ماحول ملڻ ڪري، ڪتابن جي مطالعي ڪري ۽ اديبن جي ڪچهرين ۾اچڻ ڪري کيس شاعريءَ جو شوق جاڳيو. سال 1980ع کان نظم چوڻ ڪيو. پاڻ هڪ نئين ٽهيءَ ۾ جلدي اڀري، ايندڙ نوجوان آهي. سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام سٺي آهي. پاڻ نه صرف هڪ بهترين شاعر آهي پر سٺو مترجم پڻ. پاڻ غزل، وائي، گيت، نظم، آزاد نظم، ٽيڙو، قطعه ۽ ترائيل جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ بخوبي ڪامياب ويو آهي. ڪيتريون ئي رچنائون سندس سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدو جو وجود آڻڻ سندس ڪوششن جو نتيجو آهي. ڳوٺ ۾ ڪافي ادبي شاگرد آهن ۽ سٺو ادبي ماحول پيدا ڪيو. پاڻ س.ا.س. شاخ عبدو جا ساندهه چار سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ادبي محفلن ۾ وڃڻ جو ڪوڏيو آهي.
سندس شاعري ۾، سنڌ جو مشهور عوامي شاعر نثار بزمي استاد آهي. پاڻ ڊرائينگ ماستر آهي. 1979ع کان باقاعده نوڪريءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌو. ۽ 8 اپريل 2015ع تي کاتي مان رٽائر ٿيو. سندس شاعري ۾ روحاني نڪتا به ملندا ته قومي نڪتا به نمايا نظر ايندا کيس “سنڌ” سان گهڻو پيار آهي. ان ڪري وطن جا گيت گهڻا ڳايا آهن. ۽ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم جي عڪاسي ڪئي آهي. پاڻ شاهه لطيف سوشل ڪلچر سوسائٽي جو باني آهي آزاد سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن عبدو جو سرپرست، وليج ڊيولپمينٽ عبدو جو چيئرمين “سماجي آواز” پبليڪيشن شڪارپور جو ايڊيٽر روزانه پاڪ سنڌ سکر ۾ ٻارن لاءِ نڪرندڙ صفحي ٻار گلن جا هار جو اچارج رهيو. ٻارن لئه نڪرندڙ ڪجهه رسالن ۾ سب ايڊيٽر رهيو ۽ سندس ڪوششن سان عبدو ۾ شاهه لطيف لائبريري به قائم ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: “ٻار گلن جا هار” 1992ع س.ا.س شاخ عبدو طرفان، “مرڪندڙ مکڙيون” 1997ع ۾ گلڙا پبليڪيشن شڪارپور طرفان “سائنس بخشي سونهن” 1999ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان، “ وطن گل آ مون لئي”، 2002ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد “سائنس پئي سمجهائي” 2003ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو “رانديڪن سان راند” 2003ع ۾ سنڌالاجي طرفان گيت پنهنجي ديس جا، 2004ع ۾ اين اي فائونڊيشن حيدرآباد. ان کان علاوه سندس شاعري جو مجموعو “زنجير ٽٽي پوندا” 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. “رنگا رنگي گيت” 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڀنڀوري (منظوم) 2008ع ۾ اين اي جان فائونڊيشن حيدرآباد. پاران، ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. جيڪي سڀ جا سڀ ڪتاب ٻارن لاءِ شاعري جا مجموعا آهن. جن تي کيس ايوارڊ به مليا.

غــــزل
دنـيا جو عجب وهنوار ڏٺم،هت چور کي چوڪيدار ڏٺم،
جي ڪالهه رنا پئي قطري لئي، اُتي پاڻي تارون تار ڏٺم،
جي يار ڳچيءَ جا هار هيا، تن يارن کي بـيـزار ڏٺم،
هت حاڪم ها، جي ورهين کان، سي پنندا اڄ پـيـنار ڏٺم،
ڪنهن جي ته نه ظاهر تربت آ، پر ڪنهن جي مٿان مينار ڏٺم،
ماڻهو ننگـا مون ڪيئي ڏٺا، پـٿـر کي ڪندي سينگار ڏٺم،
جنهن جاءِ جوڳي جام هيا، ات ويـرانـي جـو وار ڏٺـم،
“غازي” ته گهڻا ئي آهن ۽، ڪو، ڪو هوشيار ڏٺـم.(19)

نـــظـــم
خـــالـــق هــونــدي ٻــي جــي درتــي ڇــو ڪــنــڌ جــهــڪــايــو آهــي،
ڪـــيـــڏو آن نــــادان اي بــــنــــدا، تـــون ڇـــو پـــاڻ وڃـــايـــو آهـــي.
ڪيسين تائين ڀڄندين ڊڪندين،نيٺ ته ان جي هٿ ڀي ايندين،
مــالــڪ جــي ان وٺ پــڪــڙ کــان، ڪـنـهـن به نه پاڻ بچايو آهي.
ڪـوڙ ڪـپـت سـان ڪـنـهـن جـي لئه ٿـو، ويـٺـو روز ڪـمـائـيـن،
نــــاڻــــي ســــان هِــــت ٻــــانــــهــــا، ڇـــو نــــيــــهــــن لـــڳـــايـــو آهــي.
چــنــد گــهــڙيـن جـــوکـيـل آهـي، هـت ڪـنـهـن کـي رهـڻـو نـاهـي،
عـمـر سـڄـي هـت رهـڻ جـي خـاطـر، شـايـد گهر تو سـجـايـو آهي.
خـوف خـدا جـو ڪـر تـون ٻـانـهـا، ڇـو غـيـرن در تي ڀٽڪين ٿو،
ڏاڍ وڏائـــي تـــڪـــبـــر تـــنـــهـــنـــجـــو ســـارو هـــٺ اجـــايـــو آهــي.
نـفـل نـمازون ڪري عبادت، راضي رک تـنـهـن خـالق کي تون،
تـنـهـن کـان پـوءِ ٿـي عـادل ٻـانـهـون، راڻـل مـنـهـنـجـو رايو آهي.
حق ۽ سـچ جـي وڏائـي ڪـر تـون، “غازي” آهين غازي پو تون،
راهــه ربــيءَ ۾ “غــلام مــحــمــد” ســاهه وڃـي به سـجايو آهي(20)

نذير “ناشاد” (جنم: 1957ع):

نذير “ناشاد” (جنم: 1957ع):
نذير احمد ولد ڌڻي بخش سومرو متخلص “ناشاد” پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 18 ڊسمبر 1957ع مطابق 25 جمادالاول 1377هه تي اربع ڏينهن جنم ورتو، سندس شروعاتي ۽ ثانوي تعليم چڪ شهر ۾ ئي حاصل ڪئي، 1974ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ انٽرنيشنل رليشن جي مضمون ۾ به ماسٽر ڊگري ورتي. پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي، ادب پڙهڻ ۽ تخليق ڪرڻ خاص مشغلو آهي. 1976ع ۾ نظم ۽ نثر لکڻ شروع ڪيائين شاعري ۾ پهرين صنف “دوها” لکي، پوءِ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ بخوبي ڪامياب ويو. سندس نثر توڙي نظم ۾ غلام علي چنو “مٺل” چڪوي استاد آهي.
پاڻ شاعري ۽ ڪهاڻين سان گڏ مضمون به تحرير ڪيا ۽ هڪ ڊرامو به “ڌيءَ” نالي تحرير ڪيو. سندس ٻه، افسانن جا مجموعا تيار پيا آهن، جن مان هڪ “جوان قلم” نالي 1997ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي ڇڪو آهي. سندس ڪيتريون ئي رچنائون ۽ ڪوتائون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون آهن.
پاڻ چڪ ادبي سنگت، سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ ۽ العزيز ادبي انجمن چڪ جي بانين مان هڪ آهي ۽ انهن سان ئي وابسطه آهي، پاڻ هڪ باصلاحيت، باشعور انسان آهي، سندس لکڻين ۾ سماج جي اپٽار ٿيل آهي ۽ ان جي عڪاسي اهڙي نموني ڪئي آهي جو سندس فن هڪ منفرد انداز سان نظر ايندو. لکڻيءَ ۾ فصاحت، بلاغت ۽ سلامت آهي، لکڻي ۾ جديد محاورن جي ڀرمار ڪئي آهي، جنهن ڪري سندس رچنائن ۾ جان آهي. پاڻ پهريائين پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ پوءِ حبيب بئنڪ ۾ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيو جتان گولڊن هينڊ شيڪ وٺي ذاتي ڌنڌو اختيار ڪيو. ادبي دنيا سان وابسطه هئڻ ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن سان قلمي رابطو آهي، سندس نموني طور ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
غــزل “واهه سـائـيـن”
نـظـرون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه،
رمـزون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه.
سـڄـي دنـيـا ٿـي هــيـئـن چــوي پـئـي،
زلـفـون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه.
ٻـيـو مـون کي ڪجهه ڪين وڻي پر،
خـبـرون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه.
ســڄــي دنــيــا لــئــي سـوچـيـان ٿو پر،
پـچرون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه.
مــلــڻ ڪنهنجو ڪــيــن وڻـي پـر،
بـزمـون تـنـهـنـجـون واهه سائين واهه.
نــچــڻ ڪنهن جو ڪين وڻـي پـر،
لهرون تنهنجون واهه سائين واهه.(21)

مـحـمــد قـاســم “نــوشــاد” (جنم: 1958ع ):

مـحـمــد قـاســم “نــوشــاد” (جنم: 1958ع ):
محمد قاسم ولد الهه رکيو چنا متخلص “نوشاد” پنهنجي آبائي تاريخي شهر رستم ۾ پهرين مارچ 1958ع مطابق 9 شعبان 1377هه تي ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو، شروعاتي تعليم رستم ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ گورنيمنٽ هاءِ اسڪول نمبر ون شڪارپور مان مئٽرڪ پاس ڪيائين، اسلاميه ڪاليج سکر مان بي اي ڪيائين ۽ 1985ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان ايم.اي، (اقتصاديات) ۾ ڊگري ورتي، کيس سنڌي ادب سان دلچسپي آهي، ڪتاب پڙهڻ خاص مشغلو اٿس. مطالعي جي ڪري سندس دل ۾شاعري جا جذبا اڀري نروار ٿيڻ لڳا. 1980ع کان نظم جي باقاعده شروعات ڪئي، پاڻ هڪ سٺو ۽ باصلاحيت، سرت ۽ ساڃاهه جو صاحب آهي، سندس شاعري ۾ ڪوبه استاد نه آهي، پاڻ غزل نظم، وائي ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ادبي حلقن کان ٿورو پاسيرو رهڻ ڪري وڌيڪ نالو ڪڍي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي سواءِ آزاد نظم جي ٻي ڪابه رچنا ڇپي آهي.
پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ نثر نگار آهي، هن اردو ٻوليءَ ۾ به لکيو آهي، هڪ “بهانه” نالي ڪهاڻي ماهنامه آداب عرض (اردو) لاهور جي ڪالم “ناقابل فراموش” ۾ ڊسمبر 1980ع جي پرچي ۾ ڇپي آهي. سکر شهر ۾ پرائمري ماستر به رهيو ۽ هينئر H.S.T استاد آهي ۽ مستقل رهائش به اتي ئي آهي. ڳوٺ آباد لاکا مان چنه خاندان مان شادي ڪئي.

آزاد نظم
زنــدگي ڄـڻ يـاد آهي، زندگيءَ جي رستي تي،
يـادن جـي مـٽـيءَ کـان سـواءِ، ڪجهه به نه آهي،
جـيـڪـڏهن ياد نه هجي ها، زندگي بي مقصد،
۽ ســرد هـجـي هـا! جـيـئـن هـڪ پـاڇـو....(22)

پــيــر رئــيس احــمــد لـکـوي(جنم: 1959ع):

پــيــر رئــيس احــمــد لـکـوي(جنم: 1959ع):
پير ممتازاحمد عرف پير رئيس احمد ولد پير سلطان احمد فاروقي سرهندي، پنهنجي آبائي ڳوٺ بلوچ لڳ شير ڪوٽ ۾ 11 جون 1959ع مطابق 4 ذوالحج 1378هه تي خميس ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اتي ئي ورتي هڪ درجو انگريزي جو به پڙهيو پرهيو پر پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنو، اخبار پڙهڻ، ناول، افسانا ۽ رسالا پڙهڻ، سندس خاص مشغلو آهي. پاڻ هڪ سٺو شاعر آهي، سن 1979ع کان نظم باقاعده لکڻ شروع ڪيا، پهرين هن غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، پوءِ ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪندو رهيو، پاڻ ڪافي، غزل، نظم، ڏوهيڙا، قطعه ۽ مداح چئي آهي، تمام گهڻو ڪلام چيو آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهي، سندس والد صاحب شاعريءَ ۾ استاد آهي، پاڻ سنڌي کان علاوه سرائڪي ڪلام به چيو آهي. سندس قلمي مواد مان هڪ “توحيدي تار” نالي ڪتاب موجود آهي، پنهنجي ڪلام ۾ “رئيس شاهه” ۽ سرهندي تخلص استعمال ڪندو آهي.
پير رئيس احمد جو سڄو خاندان اڳي جهلي ڪلواڙي ويٺا هئا جتان 1980ع ڌاري لڏي اچي لکيءَ ۾ سڪونت پذير ٿيا. پاڻ درزڪو ڪم ڪندو آهي ۽ موسيقيءَ سان خاص دلچسپي اٿس، نموني طور سندس ڪلام هيٺ ڏجي ٿو، سندس ڪلام وغيره ڪنهن به رسالي ۾ ڪونه ڇپيو آهي.
ڪـــافـــي
نــنـڊ پـنـهـنـجي نـيـڻـن جي، سـگـهـو تـون ڦـٽـاءِ،
اٿـي پـنـهـجـي عــشــق مـان، رب تـون ريـجـهـاءِ،
سمـهڻ مـان نه تـوکـي ٿـيـنـدو ڪجهه به حاصل،
مــگــر تــوکــي جـاڳـڻ مــان مــلــنــدو ته پــنــهــل،
غـــفــلــت ڇــڏ پــاڻ، ســســت تــون ســـمـــجــهــاءِ.
اجايــو وقــت ويــهــي پــنــهــنــجــو ٿــو وڃــائين،
اٿ ڪــر ڪـــتـــڻ جـــي، ســـگـــهـــو تــون ٺــاهــه،
ڪــمـــاءِ تـــون دل ۾، اســـم ويـــهـــي رب جـــو،
لاهــــي ڇــــڏ لاڳــــاپـــو، دنـــيـــا هــــن ســـڀ جـــو،
واحــد جــي وحـــدت ڏانـــهـــن مــنــهــن نه مــٽــاءِ.
رئـيـس “شاهه” پڙهه نماز، روزا ٽيهه رک تون،
قرآن پڙهه قرب مان، سمجهه ساري سک تون،
خــــدا جــــي فــــرض ســــان، درســـت دل لـــڳــاءِ.(23)


غـــزل
دل ۾ ٻـــري او بــــاهه ٿـــي، دلــــبــــر اچـــي وســـاءِ تـــون،
مان ڪيان ٿو دانهون پيو، درشن مون کي ڪراءِ تون.
عـشـق تنهنجي آهـن ڪـيـا سـيـنـي مـنهنجي ۾ زخم،
نــام خــدا تــن تــي اچــي دلــبــر دوا لــڳـاءِ تـون.
راهون ڏسان ٿـو تـنـهـنـجـون، مــوٽ تـون ماهي لقا،
مون کي ڏئي درد گـهـڻـو جاني ڪين جلاءِ تون.
ڀروسو ناهي ساهه تي، “سرهـندي” چوي اي دلربا،
دم مـتـان نــڪـري وڃـي آءُ ديـر نه لاءِ تـون.

قـــطــعـــو
جي ڀـائـيـن عـاشـق ٿـيـان، ته ڪـڍ دل مان ڪن،
رک رب سـان عـشـق تـون ڪـر دور دولـت ڌن،
ويٺـو سـار وجـود ۾، “رئـيـس شاهه” چوي الله،
بـاقـي يـار سـوا، دنـيا ڏي ڪين ڪر تون ڪن.

نـــظـــم
ٿـــيـــو ڌار دلـــبـــر مـــون ســان قــهــر ٿــي ويــو،
حـــشـــر کـــان اڳ مـــون لاءِ حـــشـــر ٿـــي ويـــو.
جنهن گهر ۾ ڪندو هو ڪچهريون مون سان،
اڄ اهـــو بـــربـــاد مـــنــهــنــجــو گــهــر ٿــي ويــو.
اجـڙي ويـو هـار سـيـنگار، ٿيون دفن مسرتون،
جـــدائـــيءَ ۾ خــاڪ ســـارو، جـــگـــر ٿـــي ويــو.
خـطـا ڪــهــڙي پــئــي جــو ڪــيــو جــدا جـانـيءَ،
بــــي ســبــب بــي ڏوهه ڌار دلــــبــــر ٿــــي ويــــو.
آرزو ٿــــي خــــتــــم جــــڳ ۾ جــــيــــئــــڻ جـــي،
بـــربـــاد ڇـــا ڪـــيـــان دل جــو شــهــر ٿــي ويـــو.
اڏيـل جـو هـو مـدت کـان، مـحـبـت جو محلات،
گـهـلـيـو اهـڙو طـوفــان جـو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو.
وهــــن ٿــــا ڳـــوڙهـــا اکـــيـــن مــــان هــــر وقــــت،
“ســرهــنــدي” صــفــا عــشــق ۾ در بدر ٿي ويو.(24)

رشيد احمد سومرو (جنم: 1959ع ):

رشيد احمد سومرو (جنم: 1959ع ):
رشيد احمد ولد هادي بخش سومرو متخلص “رشيد” چڪوي پنهنجي شهر چڪ ۾ پهرين آگسٽ 1959ع مطابق 26 محرم 1379هه تي ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم ۽ ثانوي تعليم چڪ ۾ئي حاصل ڪيائين. 1976ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾، 1982ع ۾ سکر بورڊ مان پاس ڪيو. سندس ادب ۽ رياضيءَ سان خاص دلچسپي آهي. پاڻ بهترين شاعر، افسانا نگار ۽ مضمون نگار آهي. 1978ع ۾ نثر جي شروعات ڪئي ۽ 1979ع ۾ نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. نظم خواهه نثر ۾ سندس والد صاحب استاد آهي. سندس ڪيترو ئي ڪلام سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو آهي. پاڻ وٽ ڪيترو ئي قلمي مواد موجود اٿس. سندس شاعري ۾ قومي رنگ ڀريل آهي. شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار، پنهنجي ٻوليءَ سان بي انتها پيار ۽ ٿيندڙ پنهنجين ماڻهن مٿان ظلمن جو داستان آهي. چڪ جي ادبي حلقي ۾ سڀني کان پڪي پختي ۽ فني، فڪري لحاظ کان شاعري شاندار آهي. ڪهاڻين ۾ به ساڳيو رنگ ڀريل آهي.
پاڻ العزيز ادبي انجمن، چڪ ادبي سنگت “چاس”، سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جي بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي. شاهه لطيف لائبريري چڪ جو وجود به سندس ڪوششن جو نتيجو هو. پاڻ پهريائين پرائمري استاد هو پر پوءِ ڊرائنگ جو استاد ٿي ويو ۽ هن وقت باگڙجي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ H.S.T استاد آهي. کيس شاعري جي گرامر جي پوري ڄاڻ حاصل آهي. هن گهڻ مصراع بيت چيا آهن. گيت جو به ڏاڍو پيارو شاعر آهي. روزانو ديانت اخبار ۾ مهراڻ موج نالي سنڌي صفحي جو انچارج به هو.
بـــيـــت
يــهــوديــن جــي يــلــغــار ٻــري بــاهه بــيــروت ۾،
ري اســلــحه مــاڻــهــن مــٿــان ويــرن ڪـيــا وار،
مظلومن جي ميڙ تي وسيا گولين جا وسڪار،
ڀـٿ وجـهـنـدي وات ۾ ٿـيـا گـولـيـن جـا شـڪـار،
هڪ جڳهون ڊهي پٽ پيون ٻيو لاشن جا انبار،
مــائــرن پــنـهـنــجـي پـئـڙن لاءِ پـيـون ڪـڍن پـار،
ڀــيــنــر پــنــهــنــجــي ڀـائـرن لاءِ نـيـر وهـائـن نـار،
امـــڙ امـــڙ، امـــڙ ڪـــيـــو ٻـــاڪــاريــن پــيــا ٻــار،
ڀـڃـڻ وارو ڪـونه رهـيـو، سڀ روئن زاروزار،
ڳــاڙهــا لاش دفــن لــئــي پـــيــا ڪــڍن انــتــظــار،
هـــن رتـــورت نـــاٽـــڪ جـــا آهـــن اهــم ڪــردار،
شـيـرون، بـيـگـن، احـدار، ٽـيـئـي بـچـڙا بـد ڪـار،
ريــــگــــن به انـهـيءَ لـسـٽ کـان نـاهـي هرگز ڌار،
ســـڀـــئـــي هـــن ســـانـــحـــي جـــا آهـــن ذميدار،
مـاڻـهـپـي کــان ٻــاهـر هـن مــرون اهــي مــڪــار،
عـالـم جي عبدالرشيد چئي ٿيا لعنت جا حقدار،
وقـت ايـنـدو ڪـڏهـن، جـڏهن ڏاڍ کي پوندا ڏار،
ڏسـي ڏسندو ڪيترو، آخــر ايـنـدو جـوش جـبـار،
مـاري وجـهـنـدو مار، صـيـهــونــي سامراج تي.(25)




گيت “قومي ٻولي سنڌي ٻولي”
ٻــي نه ٻــولــيــون ڪـافـي ٻـولـي،
“قــومــي ٻــولــي ســنــڌي ٻـولـي”
جــنــهــن ۾ مــڻ مــٺــائــي آهــي، ڳـايـو جــنــهــن ۾ ڀـٽـائـي آهي،
ســـچــل ڀــي جــاڳــائــي آهــي، ســامــيءَ جــي ڀــي ســائــي آهــي.
امـڙ ڏنـي آهـي، جـنـهـن ۾ ٻولي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.
انـگـلـش، عـربـي، اردو، هـنـدي، پشتو، ترڪي، جرمن. چيني،
نفرت ناهي ڪنهن سان پنهنجي، پياري آهي پر پنهنجي سنڌي.
سـڀ کـان پـهـريـن جـامـون ٻولي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.
جــيــڏي مـاکـيءَ مـنـجـهه مـٺـائي، اوڏي مـٺـڙي شاهه جي وائي،
ڌاريــن ڀــي جــن ڏٺــي کــائــي، چــپ چــٽــيــا تــن جــائـي پـائـي.
شــاهه جــي ٻـولـي سـنـڌي ٻـولـي،
قـــومـــي ٻـــولـي ســنــڌي ٻــولــي.
سـنـڌي ٻولي سـاهه اسـانـجـو، سـنـڌيءَ سـان ئـي چـاهه اسـانـجـو،
ســنــڌيءَ ۾ ٿــي شــاهه اسـانـجـو، ســنــڌي نـالـي واهه اســانــجــو.
ســنــڌي مــٺــڙي ســنــڌي سـولـي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.
موهن جي دڙي جيڏي جهوني، مٺڙي اهڙي جهڙي مصري،
اُڀ کـان وڌ آ اڇـي اجـري، چـنـڊ کـان وڌ آ دلـڪـش سـهـڻـي.
ڀـرٿ ڀـريـل ڄــڻ ڪـائـي چـولـي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.

قـوم سـڏايـو سـنـڌي پنهنجي، قـومي چـئـون پر اردو ٻولي،
مــور نه ٿــيـنـدي غـلـطـي اهـڙي، قـومـي ٻـولـي سنڌي ٻولي.
ڪـيـن مـڃـي پـر حـاڪـم ٽـولـي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.
جـي نه مـڃـي ٿي حـاڪـم ٽـولي، سـنـڌي ٻولي قومي ٻولي،
کـڻ رائـيـفـل ۽ هـڻ گـولـي، حـق وٺـڻ جـي ريــت نه ســولــي.
کـيـڏڻـي پـونـدي رت جي هولي،
قـــومـــي ٻــولــي ســنــڌي ٻــولــي.
جـهـڙي سهـڻي پنهنجي سنڌڙي، تهڙي ٻولي سنڌي سهڻي،
جـهـڙا سـنـڌي تـهـڙي سـنـڌڙي، سـنـڌ، سنـڌي ۽ سنڌي ٻولي.
هر دم ٿي رهه ٽنهي جـي گولي،
قــومــي ٻــولــي سـنـڌي ٻـولي.(26)

استاد راهي (جنم: 1959ع):

استاد راهي (جنم: 1959ع):
رحيم داد ولد حاجي علي شير سومرو متخلص “راهي” پنهنجي آبائي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو تعلقو خانپور ۾ پهرين سيپٽمبر 1959ع مطابق 27 صفر 1379هه تي اڱاري ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پهريون درجو سنڌي جماڻي هال شڪارپور واري اسڪول ۾ پڙهيو پوءِ چڪ شهر ۾ اچي پنج پورا ڪيائين. سندس وڏا لڏي اچي چڪ ويٺا. 1977ع ۾ گورنيمنٽ هاءِ اسڪول چڪ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. سکر بورڊ طرفان انٽر جو امتحان به پاس ڪيل آهي. ان کان علاوه بي.اي ۽ ايم. ڊي به ڪيل آهي. ان سان گڏ بهترين مترجم به آهي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ترجما ڪيا آهن، جنهن ۾ بخوبي ڪامياب ويو آهي. 1978ع کان نظم لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ 1980ع ۾ نثر لکڻ شروع ڪيو. کيس ادب ۽ سياست سان خاص لڳاءُ آهي، شيخ اياز کان ۽ استاد بخاريءِ جي شاعري کان گهڻو متاثر آهي. سندس ادبي ميدان سنڌي ادبي سنگت جا ڪلاس سندس استاد آهن. ٻه کن ڪتاب لکيا. هڪ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي لکيو ۽ ٻيو ياسر عرفات جي اندگي تي لکيو جيڪو ميڊيڪوز چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي وارن شايع ڪرايو هو. ٻئي ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور رسالن ۾ سندس ادبي رچنائون ۽ ڪوتائون ڇپيون آهن. پاڻ 1978ع کان پرائمري استاد رهيو. 1986ع ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ڪيو ويو. هن وقت خانپور هاءِ اسڪول ۾ ايم ڊي آهي. سندس ادبي تنظيمن سان لگ لاڳاپا تمام گهڻا آهن. جتي به ويو، اتي ادبي ڪم ڪيو. پاڻ محنت ڪش ۽ بردبار ماڻهو آهي. ميان جو ڳوٺ ۾ شاهه لطيف لائبريري به اتان جي دوستن جي مدد سان قائم ڪئي. کيس سنڌي ادب سنڌ ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان بيحد لڳاءُ آهي. سندس لکڻين ۾ اهڙو اظهار نهايت پيرائتي نموني ڪيو آهي. پاڻ نه صرف ادبي خدمتون ڪيون آهن پر سماجي ڪمن ۾ به پيش پيش رهيو آهي. چڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن چڪ جو ميمبر آهي ۽ جنرل سيڪريٽري به ٿي رهيو. سندس ڪجهه ڪلام هتي ڏجي ٿو:

وائـــي
ڌرتــــي مـــنـــهـــنـــجـــي مــــاءُ پــــري نه ٿــــي پــــل،
ڌوڙ ڌرتــــيءَ ســــنــــڌ جــــي، ٽــــڙيــــو آهـــي گـــل.
ڌرتـي پـنـهـنـجـي ڀانيان مان، سون سراسر ڪل،
غـربـت مـنـهـنـجـي گـهــر ۾ آ، کــائــن ويــٺــا تــل.
ســنـڌڙي مـان ٿـو نـڪـري سـون، ڄلڻا ويٺو ڄل.
انـدر هـڪـڙي ٻـاهـر ٻـي ٿـي، ڪـوڙا آهـيو ڪل.
ڌرتـي وٺـبـي ڌار ڪـري، قومي ڪري ٿي هـل.(27)

ٽـــيـــڙو
ڌرتـــــــــــــــــــــيءَ جـــــــــــــــــــي ڌوڙ،
مـــــــــون لــــــــئـــــــي مـــــــقـــــــدس،
تـــــــــــو لـــــــــــئــــــــــي آ ڪــــــــــوڙ.
مــــلــــيــــر ۾ وٺــــو مــــيــــنــــهـــن،
بــــگــــل ٿــــا وڄـــن ڀــــٽــــن تــــي،
بــــهــــشــــت جــــهــــڙو ڏيــــنـــهـــن.
نـــــئـــــيـــــن ٽـــــهـــــي نـــــيـــــل ۾،
وڌا آهــــــــــــــن ويـــــــــــــريــــــــــــــن،
جــــهــــانــــگــــيـــئـــــڙا جـــــيـــــل ۾.(28)
چـٻـرن جـو چـوٻـول ٿـو ڏسـجـي،
سفيد ڪبوتر ڪونه ٿو ڏسـجـي،
ٿـوهـر ٿو پـيـو هُـت هـت ڦـٽـجـي.
ســــــــنــــــــڌوءَ جــــــــي ســــــــيــــــــر،
ڪــڏهــن ٿــي ڇــنــائــيــن تـــنـــگ،
اڄ پــــــــاڻـــــــــيءَ لاءِ اڪــــــــيـــــــــر.(29)

محمد شــريــف “شــاد” ســومــرو (جنم: 1960ع):

محمد شــريــف “شــاد” ســومــرو (جنم: 1960ع):
راقم محمد شريف ولد عبدالقادر “عنبر” سومرو، متخلص “شاد” پنهنجي تاريخي شهر رستم ۾ 18 آگسٽ 1960ع مطابق 24 صفر 1380هه تي خميس ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم رستم ۾ ئي ورتي اٺ درجه رستم جي مڊل اسڪول ۾ پورا ڪري خانپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺس پر پوءِ اتان ٽي سي ڪڍرائي گورنيمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ داخلا ورتي 1977ع ۾اتان ئي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. 1980ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سکر مان پي ٽي سي جو امتحان پاس ڪيو. 1981ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيو. 1985ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان ايم. اي (اقتصاديات) ۽ ايم اي (سنڌي ادب) 1987ع ۾ ريگيولر طور امتحان پاس ڪيو. گورنمينٽ ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان بي ايڊ 1987ع ۽ايم ايڊ 1993ع ۾ پاس ڪئي. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. فل 1999ع ۾ ڪئي. سنڌي ادب سان بيحد لڳاءُ هئڻ ڪري نثر ۽ نظم لکڻ شروع ڪيو 1978ع کان لکندو اچان ٿو. منهنجو ادبي استاد ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو صاحب آهي، جن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرايو. ڪجهه ڪتاب تحرير ڪيا آهن: (1) “رسالو عيسو فقير” 1985ع ۾ مرتب ڪيو. عيسي فقير جي زندگي جو احوال ۽ سندس فن و فڪر تي لکيو آهي، (2) “ڪلام طالب” 1985ع کي به سهيڙي ترتيب ڏنو آهي ۽ ان جي زندگيءَ جو احوال وغيره لکيو آهي، (3) “شجره طالب” 1985ع، (4) “ڪليات شاد” ،(5) ڪهاڻين ۽ افسانن جو مجموعو “چوٿين دنيا” ،(6) هڪ ناول “زندگي ڪنڊن جي سيج” (جيڪو ماضي قريب ۾ اڏوهي جو کاڄ بڻجي ويو،(7) “ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ”، (8) “شاعريءَ جون صنفون” فن فڪر ۽ تاريخ (قديم کان جديد) ٽن جلدن ۾ 1988ع، (9) “سوچن جو سلسلو” (نثري نظم) 1989ع، (10) “سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي اوسر” تحقيقي مقالو، ايم.فل لاءِ لکيل 1992ع، (11) “تعليم ۾ تحقيق جا طريقا” ايم. ايڊ ڪورس لاءِ لکيل 1993ع، (12) “سنڌي ادب ۾ جديد نظم جي اوسر” Ph.D جو تحقيقي مقالو، (13) How to Learn Sindhi انگريزي ۾ لکيل قاعدو، (14) رستم شهر جي تاريخ (15) تاريخ شڪارپور مرتب ڪئي آهي ان کان علاوه مضمون ۽ مقالا تحرير ڪيا آهن. ڪجهه مقالا ۽ شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي آهي. سڀ ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم، ۽ شاهه عبداللطيف لائبريري ايسوسيئيشن سنڌ ۽ شاهه لطيف لائبريري رستم جو به پايو وڌو. ٽي سال ساندهه سنڌي ادبي سنگت رستم شاخ جو سيڪريٽري ۽ ضلعي شڪارپور جو پنج سال ضلعي رابطه سيڪريٽري ٿي رهيس. تقريباَ ادبي جماعتن سان واسطو آهي. رستم سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رستم جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهيان، جنهن جو بنيادي ميمبر آهيان. تعليم کاتي ۾ 1979ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيس. اُن کان پوءِ 1991ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي ٿيس ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيس ۽ 1999ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن مان ليڪچراري جو امتحان پاس ڪري سن 2000ع کان ليڪچرار مقرر ٿيس. ان کان پوءِ ترقي ڏيئي 2011ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج ٺل ۾ مقرر ڪيو ويو. رستم شهر مان 17 آگسٽ 2001ع ۾ لڏي اچي شڪارپور شهر وسايو آهي. ڪجهه ڪلام هيٺ ڏيان ٿو. تقريباَ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
غـــزل
طـرح: اُٺـي جي اچي ٿي ٿدي هير ٿر کان.
رهــان ٿــي اڪـيـلـي عــمــر مـان ولـر کـان،
اچــي ڪــو پَــهــي اڄ ابــاڻــي شــهــر کـــان.
پَـــوَنِ يـــاد مـــون کــي پــڪــا ڄــار ٿــر جــا،
رهـــان دور ٿـــي مـــان ولـــن ۽ وکـــر کــان.
ڪــيــو قــيــد تــو آ عــمــر ڪــوٽ ۾ هـــت،
رڙان ٿــي روئــان ٿــي خــدا جـي امـر کـان.
ڪــڪــر ڏســي اڄ ٿــا پــون پـــور ٿـــر جـــا،
ســـڪـــايـــل اٿـــم ســـاهه پــاڻــي پــلــر کــان.
ڏيــان ڏوهــه ڪـنـهـن کـي نـصـيـبـن نـوايـو،
مـــــگـــــر دور آهــــن ابــــاڻــــا نــــظــــر کــــان.
پـلـنـگ پـوش مـٽ ڪـيـن ڀـايـان تـڏن سان،
نه وڌ ڪجـهـه به اَمـرت سـکـڻـي ڇـٻـر کـان.
ڏســان گــهــر وڃـي مـان ابـاڻـن ڪـکـن جـا،
مــگــر ڌار قــســمــت ڪــيــو آ ســڱــر کــان.
ســــنــــدءِ هــــيءَ مــــاڙي به آ قـــيـــد خـــانـــو،
رهــان ٿــي جــدا مــلــڪ ٿـر جـي پـهـر کـان.
مـــٿـــان پـــور جـــي هـــڪ ٻـــيــو پــور آيــو،
ته اکـــيـــون به خـــالــي نه آهــن ڇــمــر کــان.
پـــيـــو ســـاهه ســڏڪــي ڪــري روح راڙو،
گـــهــڻــو دور آهـيـان سـنـدم پـٽ پـڌر کـان.
وســن نــيــڻ مــنــهــنــجــا ڪـري ياد صحرا،
وڃــي “شــاد” ٿــيـنـدس ڇـڏي هـن قهر کان.(30)

قــطــعه
اي ســنــڌوءَ جــي ســرزمــيـن تـو تـي سـويـن سـلام،
تـنـهـنـجـي مـٺـي ٻـولـي، جـنـهـن ۾ ڏنـي مـاءُ لـولـي،
تـوتـي نـازل ٿيو سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف جو ڪلام،
“شــاد” آهــي سـنـڌيـن لـئي، سـنـڌيءَ ۾ قـرآن.(31)

بــيــت
ســچــل ســـارو ســـچ، ســامـيءَ ســنــدي سـاک،
ڀٽائي وسيلي ڦٽي آ باک، سنڌي ٻوليءَ جـي.

ريــنــگــا
تــــاتـــــيـــــا ســــاوا ســــنــــگ،
هاريءَ پـنـهـنـجـي هيج مان،
بــــدلـــي ۾ لـــڳـــس ڏنــــگ،
وڏيــرا لــهــي وڃ هـوڏ تــان،
ڪـنـڌ ڪـپـيـنـدءِ ڏاٽــي سـان.(32)

ٽــيــڙو:
ڌرتــــي مـــنـــهـــنـــجـــي مــاءُ،
تـــوکـــي هــن کــان نــفــرت،
جــنــهــن ۾ مـنـهـنـجـو سـاهه.

هـائـيـڪـو:
چانـڊوڪي رات،
ٽــــــيــــــٽــــــهــــــر جــــي آواز،
ٽــــــوڙي جــــــي ســــــانـــــــت.(33)

نـــذيـــر “رمـــز” (جنم: 1960ع):

نـــذيـــر “رمـــز” (جنم: 1960ع):
نذير احمد ولد شمس الدين سومرو متخلص “رمز” پنهنجي شهر چڪ ۾ 6 نومبر 1960ع مطابق 16 جمادالثاني 1380هه تي آچر ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ۽ ثانوي تعليم چڪ شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم. ايس سي (شماريات) ٿيل آهي. ادب پڙهڻ خاص مشغلو آهي. ۽ موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ اٿس. آزاد نظم جو بهترين شاعر آهي. کيس سياسي ۽ ادبي مطالعو ويسع آهي. پاڻ 1982ع کان نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. ڪجهه مضمون به تحرير ڪيا آهن. سنڌي ادبي سنگت جون محفلون سندس استاد آهن. لکڻيون سستيءَ سبب شايع ٿي نه سگهيون آهن. حالانڪه ادبي تنظيمن توڙي ٻين سماجي ۽ سياسي تنظيمن سان واسطو رهيو آهي. پاڻ هڪ ڪامياب مترجم به آهي. ڌارين ٻولين مان ڪجهه مضمون ترجمو ڪيا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو ميمبر ۽ چڪ ادبي سنگت (چاس) سان لاڳاپيل آهي. سندس نموني طور هڪ آزاد نظم هيٺ ڏجي ٿو:

آزاد نـــظـــم
يـــــاد جـــــي ويـــــر جـــــو آئـــي،
ســــــاڻ تــــــون بــــــه آئــــــيـــــــن،
۽ گڏ، ساٿي قافلي وارا به آيا،
جــــــن ســــــان نــــــاتـــــا هـــــئـــــا.
جـن سان ڏيـنـهـن ڪـاٽـيـا هـئـا،
اهـــي جــوش پــرجــوش نــعــرا،
جن سان روح ۾ مانڌاڻ مچندي هئي،
جــٿــن جــا جــٿــا نــڪــرن پـيـا،
نئين سج جي ڳولها ۾ ڦتڪن پيا،
هـر نـئين سج جي ڪرڻن جو،
ڄــــڻ آواز هـــو پـــرڀـــات جـــو،
ذهن جي چمن ۾ روز گل پئي ٽڙيا،
مون سمجهيو هو، ڪجهه ڄاتو هو،
سچ جي ساٿ جو مون کي ڪاٿو هو.
پـوءِ سـپـنـا ٽـٽـا، تـعـبـيـر ٽـٽـي،
هـــــن جـــــي چـــــائــــنــــٺ تــــي،
تاريڪ حلقن جا گهيرا وڌندا ويا.
مان بي حس بڻجي ڏسندو رهيس،
پنهنجي تقدير جو فيصلو، لکندو رهيس.
تنهائي جا سور سيني ۾ سانڍي،
پــولار ڏانـهـن ويـنـدو رهـيـس.
اڻـٿـڪ سـفر، ذلتون، تهمتون،
نه منزل نه مقصد، بس بي چين روح جو سامان هو.
وقــت هــلــنــدو رهـيـو، پـنـهـنـجـي مـسـتـيءَ ۾ مـگـن،
الائي ڇو؟
اڄ ڳـاڙهـو آهـي، سـارو گگن!(34)

گوهر “سنڌي” (جنم: 1961ع ):

گوهر “سنڌي” (جنم: 1961ع ):
علي گوهر ولد غلام محمد “پياسي” سومرو متخلص “سنڌي” پنهنجي تاريخي شهر رستم ۾ پهرين فيبروي 1961ع مطابق 14 شعبان 1380هه تي اربع ڏينهن جنم ورتو. سندس شروعاتي تعليم رستم ۾ ئي ٿي ۽ 1978ع ۾ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انٽر آرٽس 1980ع ۾،ان کان سواءِ بي. اي ۽ ايم. اي به پاس ڪئي آهي ان سان گڏ بي. ايڊ به ٿيل اٿس. آرٽسٽ ۽ شاعر آهي کيس ادبي ماحول ملڻ ڪري شاعري جو شوق جاڳيو. 1983ع کان شعر لکڻ شروع ڪيو. پهريائين شروعات نثري نظم سان ڪئي. راقم جو ادبي ميدان ۾ شاگرد آهي. چترڪاري ۽ ادب سان لڳاءُ اٿس، سندس ڪجهه شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل اٿس. شاعري ۾، نظم، وائي، هائيڪو، غزل ۽ چوسٽا تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ هن وقت هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي. ڪجهه شاعريءَ جا مجموعا : “امن موٽائي ڏيو” 2011ع، “چنڊ روئي ڏنو” 2014ع، جاڳ “او ٻالڪ جاڳ” 2014ع ۾ شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ فقير الهوڌايو وڌيل سومرو جي شاعري جو مجموعو “نينهن ڪيو نروار” 2014ع ۾ مرتب ڪيو آهي. سندس نظم نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.

نـــظـــم
ســـچ جـــي مـــاڳ ڏي يــــار هـــلـــنـــدا هـــلـــو،
ثـــابـــت قـــدم ئـــي ســـچـــار هـــلـــنـــدا هــلــو،
ڏيـــنـــهـــن رات ٿـــي تـــيـــار هـــلـــنـــدا هـــلــو،
بـــي خـــوف ٿـــي هـــوشـــيــار هــلــنــدا هــلــو،
وقــت ويــنــدو گــذري وفـادار هــلــنــدا هــلــو.
مــــايــــوس ٿــــي نه هــــيــــئــــنــــڙو هـــارجـــي،
جـــذبـــن ســـان ٿـــي ڏونـــگـــر کـــي ڏارجـــي،
ٻــڌي چـيـلـهه ســان سـنـدرو مـيـدان مـارجـي،
مـڙس ٿـي مـنـهـن ڏجـي ٻـئـي تي نه ڀاڙجي،
شينهن وانگر گجي دشمنن تي وار ڪجي.
چـــوطـــرف چــوڌاري ظــلــم زاريــون آهــن،
ٻــــڍن ٻــــارن جــون ريــهــون راڙيــون آهــن،
هـــٿـــن پـــيـــرن ۾ ڏنـــڊا، ٻـــيـــڙيـــون آهــــن،
وڃـــن ڪـــاڏي ڪـــهـــڙيـــون واهـــون آهـــن،
ڪــيــون ڌاريــن ســنــڌ تــي ڪــاهـــون آهـــن.
آ وقــت آيــو مــرڻ کــان ڪــيــن ڪـيــٻــايــو،
حــــق پـــنـــهـــنـــجــو وٺــبــو، نه گـــهـــٻـــرايـــو،
ســـاٿ ســـان ســـاٿ ڏئـــي ڌرتــــي ڇــــڏايــــو،چ
“ســـنـــڌي” گـــهــوٽ ٿــي گــهــاٽ گــهــاريــو،
شــهــيــدن ۾ پــنــهــنــجــو نــانءُ لــکـرايــو.(35)

مــحــمــد حــسـيـن مـهـر (جنم: 1962ع ):

مــحــمــد حــسـيـن مـهـر (جنم: 1962ع ):
محمد حسين ولد شير محمد مهر پنهنجي آبائي ڳوٺ موٽاڻي تعلقه پنوعاقل ۾ جنم ورتو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس خاندان لڏي اچي چڪ تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. تنهن ڪري سندس تعليم ۽ ترتيب چڪ شهر ۾ ٿي. پرائمري تعليم ۽ ثانوي تعليم چڪ شهر ۾ حاصل ڪئي. 1978ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽر ڊگري ڪاليج سکر ۾ 1980ع ۾ پاس ڪئي. 1983ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان بي ايس.سي جو امتحان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ هن اسلامڪ ڪلچر، اڪانامڪس،پوليٽيڪل سائنس، سنڌي ۽ سوشيالاجيءَ ۾ ايم.اي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. 1990ع ۾ بي .ايڊ 1992ع ۾ ايم. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون. 12 ڊسمبر 1980ع تي پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو کيس 27 فبروري 1996ع تي کيس هاءِ اسڪول ٽيچر بڻايو ويو.
ادبي کيتر ۾ 1980ع کان سلهاڙيل رهيو آهي. ۽ اڃا تائين ادب سان نينهن جو ناتو نڀائيندو پيو اچي. سندس گهڻو لاڙو ڪلاسڪي موسيوَڪي، ۽ فنڪارن جي بايو گرافي سهيڙڻ طرف رهيو آهي. سندس وڏو ڪم آهي، چڪ جي تاريخ ماڳن ۽ مڪانن کي فوٽو گرافي ذريعي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو. چڪ جي مختلف ادبي، سماجي ۽ تعليمي فورمن سان واسطو رهندو اچي ٿو. خاص طور تي چاس ۽ س.ا.س چڪ سان گهڻو رهيو آهي. شاهه لطيف لائبريري چڪ جوانچارج به رهيو آهي.
چڪ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي کيتر ۾ ڪم ڪندڙ سڀني جو همدرد ۽ يار آهي. يا کڻي ائين چئجي ته صحافتي سٿ ۾ کيس قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل اٿس. اسلاميه ڪاليج جي ميئگزين ۾ سندس نثري نظم شايع ٿيا اٿس. استاد منظور علي خان، مائي ڀاڳي، محمد يوسف، سينگار علي سليم پروفيسر شيخ محمد فاضل مرحوم (سکر)، مولابخش چنو مرحوم (سکر) تي خاص ليک لکيا آهن.
علم ادب، ثقافت، موسيقي، فوٽوگرافي سان هڪ ئي وقت نهايت محنت ۽ لگن سان نڀائيدو رهي ٿو. جيڪو به مسئلو کڻندو آهي اهو پايئه تڪميل تي پهچائيندو آهي. اهائي عملي جدوجهد سندس علامت بڻيل آهي.ادب جي دنيا ۾ هڪ اديب جي حثيت سان نروار ٿيو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پنهنجي وت ۽ وس آهر آبياري ڪري رهيو آهي. لکي تعلقي جي ادبي تاريخ ۾ سندس ڪردار، هڪ اديب جي حثيت ۾ نڀائي رهيو آهي.تعليم کاتي ۾ پاڻ هن وقت گورنيمنٽ هاير سيڪنڊري ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول سکر ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي.

رحــيــم بــخــش “خــــادم” (جنم: 1965ع):

رحــيــم بــخــش “خــــادم” (جنم: 1965ع):
رحيم بخش ولد محمد شعبان مهر متخلص “خادم” پنهنجي آبائي ڳوٺ جيئو مهر (1) لڳ لکي ۾ 10 سيپٽمبر 1965ع مطابق 13 جمادالاول 1385هه تي جنم ورتو. سندس وڏا گوسڙجي کان لڏي اچي جيئو مهر ڳوٺ ۾ ويٺا هئا شروعاتي تعليم ڳوٺ الهداد جاگيراڻي ۾ حاصل ڪئي. مڊل اسڪول لکيءَ ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيو 1983ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول نمبر ون مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊگري ڪاليج شڪارپور مان 1985ع ۾ انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيو. سندس ڪجهه شاعري ۽ مضمون وغيره مختلف رسالن ۾ چپيا آهن سندس ٻه ڪتاب ترتيب ڏنل قلمي صورت ۾ موجود اٿس. 1 عالمي معلومات 2 “معجزات محمدي” جيڪي 1985ع ۾ ڊسمبر ۾ لکي پورا ڪيا. پاڻ شاعري جي شروعات نومبر 1982ع کان ڪئي ۽ نثر 1984ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو “منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو” 1992ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ۽ حمد، نعت، مناجات، غزل، نظم، آزاد نظم، ڪافي ۽ گيت تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪتاب پڙهڻ سندس خاص مشغلو آهي. ان کان سواءِ بيت، دوها، هائيڪا به لکيا آهن. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جو ميمبر ۽ بزم گلشن لطيف شڪارپور جو ميمبر رهيو آهي. سندس ڪجهه شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
غـــزل
جڏهن به ســهــڻــا کــلــنــدو آهــيــن،
مـــون کـي ڏاڍو وڻــــنــــدو آهـــيـــن.
عــجـب هــٿــڙا آهــن لــڳــنـدا،
هـٿ ڏئـي جـي مــلــنــدو آهـــيـــن.
مــلــنــدي دل کـي راحـت آهـي،
کـلــي جــڏهــن تــون ڏســنـدو آهـيـن.
مــان بــس تــوکــي ڏســندو آهــيـــان،
جڏهن دلـبـر گـهـمــنـدو آهــيـن.
“خــادم” تــنــهـنــجـو آهـي ازل کـان،
ڇا لـئه واعدا وٺـندو آهين.
نـظـم نـيـڻ انـهن لئي وهـندا آهن،
وقت کان اڳ جي مـرنـدا آهـن.
پاڻ پــتــوڙي ٻـين جي خـاطـر،
سـاٿ ڏئي جـي هــلـندا آهــــن.
ظـلـم ڪـري ڀل ظالم ڪيڏا،
ڪـنڌ نه جن جا جهڪنـدا آهن.
بــوٽ هـڻـي جي لاشـا سـورن،
ويـر تــنـي کـان وٺــنـدا آهن.
ظلم ٿـئـي نه ڪـنـهـن تـي ڪـوئـي،
مظـلـوم لـئـي لــڇــنـدا آـن.
ســاٿ ڏنــو جــن ســچ جــو “خــادم”،
مـوتـيـن ۾ سـي ٽـڙنـدا آهن.(36)

حـــفـــيـــظ الله “حــامــي” (جنم: 1966ع):

حـــفـــيـــظ الله “حــامــي” (جنم: 1966ع):
حفيظ الله ولد محمد صالح “خادم” مهر متخلص “حامي” پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ 26 جنوري 1966ع مطابق 3 شوال 1385هه تي ، اربع ڏينهن پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم صادق جي وانڍ ۾ ورتي، 1982ع ۾ چڪ جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. 1986ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان بي. ڪام جو امتحان پاس ڪيو. ادب پڙهڻ ۽ تخليق ڪرڻ سندس خاص مشغلو آهي. پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ مضمون نگار آهي. شاعري جي شروعات 1985ع کان ٿي ۽ نثر به لکڻ شروع ڪيو. بيت جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. تاجل بيوس جي شاعريءَ کان متاثر ٿي کيس لکڻ جو شوق جاڳيو جنهن ڪري ان کي ئي استاد ڪري ٿو. سندس اڻڇپيل مواد موجود آهي. ٻه شاعريءَ جا مجموعا ترتيب ڏئي رکيا آهن. 1 “ڌرتي دراوڙن جي” 2 “جذبا جهريل جيءَ جا”. بيت، دوها، وائي ٽيڙو، نظم، آزاد نظم، غزل، مسدس، چوسٽا، قطعه وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعري ۾قومي رنگ ڀريل آهي.
نـــظـــم
تـوکـي ڏسـنـدي اچـي ٿـي پـيـارا،
دل ۾ مـــــون کـــــي ڏاڍي ســـــٽ.
آهــيــان اٽــڪــيــل ائــيــن تــو ۾،
نــــلــــڪــي ۾ ڄــــڻ پــــراڻــا نــٽ.
دور رهـيـن ڇـو مون کان پـيـارا،
قـرب ڪـري اڄ مـون وٽ جهٽ.
غـيـرن سـان گـڏ تـوکـي ڏسـنـدي،
چــــڙهــــنــــدي آهـــي ڏاڍي ڪـــٽ.
ڪُــــرنـــدا آهــــن حـــامـــي دل ۾،
ڪـنـهـن ڪـنـهـن ويلي اڳلا ڦٽ.(37)

وائـــي
شل لوئي ڪين لڄايان!
مـاتـا تنهنجي مـارن کـي مان تنهنجو سور سڻايان،
شل لوئي ڪين لڄايان!
پـالـي پيار سان جوان ڪيوءِ ان ٿڃ جو حق نڀايان،
شل لوئي ڪين لڄايان!
سـنـڌوءَ جـو مـان پـوتـر پـاڻـي آب زم ــ زم ڀــايـان،
شل لوئي ڪين لڄايان!
تـنـهنـجي ننگ ناموس تي، جيجل پنهنجو خون وهايان،
شل لوئي ڪين لڄايان!
ريـٽـو رت ٿـي مـٽيءَ منجهه مان پنهنجو پاڻ ملهايان،
شل لوئي ڪين لڄايان!
مان “حاميءَ” مان ٿو هوشو بڻجي، سنڌو نگر ٺاهيان،
شل لوئي ڪين لڄايان!(38)
غـــزل
وَر وَر ٿـــــــي ٻـــــــڌائــــــي ويــــــٺــــــي،
ڪــا،نـــاري پــــور پـــچـــائـــي ويـــٺـــي.
هـــن پـــاپ نـــگــر جــي تــارڪــيءَ ۾،
ڪــا جـــيـــجـــل لال وڃــائــي ويـــٺـــي.
جــهــولــيءَ پـنـهـنـجـيءَ خــالــيءَ کــي،
ڳـــوڙهــن ســان ته ڀــڄــائــي ويـــٺـــي.
هــــر واٽــــهــــڙو جـــي واٽ جـــهـــلـــي،
ٿـــي پـــٽ جـــا پـــار پــڇــائــي ويــٺــي.
ڪــــا ڌرتــــيءَ ڄــــائــي ڀـــاءُ وڃــــائــي،
لــولــيــون تــنــهــن لــئـه ڳـائـي ويـٺـي.
ڪـا سـسئي وانگر وَر کان وانجهي،
پـــنـــهــونءَ لــئــي واجــهــائــي ويــٺــي.
ڪـــا نـــنـــڍڙي نـــيــنــگــر بــابــي لــئـه،
هــــر هــــر ٿــــي ٻــــاڪــــاري ويــــٺــــي.
“حــامــيءَ” جــي سـريـر تــي ســائــنــڻ،
ممتا پنهنجي ماري ويٺي.(39)

آزاد بخاري (جنم: 1966ع):

آزاد بخاري (جنم: 1966ع):
سيد عبدالڪريم شاهه ولد عبدالغفارشاهه بخاري متخلص “آزاد” بخاري پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ پهرين مئي 1966ع مطابق 9 محرم 1386هه تي آچر ڏينهن جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي شهر چڪ ۾ ورتي ۽ هاءِ اسڪول چڪ مان ئي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. پوءِ اسلاميه ڪاليج سکر مان بي. ڪام، ۽ راقم جي مدد سان ايم. اي (سنڌي) ۾ ڪئي. ادب پڙهڻ ۽ تخليق ڪرڻ سندس خاص مشغلو آهي. پاڻ بهترين شاعر، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. 1983ع کان نظم لکڻ شروع ڪيو ۽ نثر به ساڳئي سال لکڻ شروع ڪيو. سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪاوشون ڇپيون آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن کي استاد تسليم ڪري ٿو. سندس قلمي مواد ڇڱو موجود آهي. پورا ٽي ڪتاب تيار اٿس. هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ۽ ٻيو شاعري جو مجموعو ٽيون ادبي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهن. سندس هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب سندر ناري 1986ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس اسلوب نرالو آهي.
پاڻ هڪ سٺو ادبي ڪارڪن هئڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي ڪارڪن به آهي. کيس ڌرتي وارن مٿان ٿيندڙ ظلمن جي ڪري حساس دل آهي. تنهن ڪري پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ ڌرتيءَ ۽ ديس لاءِ محبت جو اظهار آهي. هن وقت هاءِ اسڪول عبدو ۾ ڊرائنگ ماستر آهي. ڪيترن ئي تنظيمن جو عهديدار رهي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ چڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن چڪ جو ميمبر آهي. شاهه عبداللطيف لائبريريز ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. ننڍي هوندي لطيف سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ سندس ڪوششن سان ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نوان يونٽ قائم ٿيا. چڪ ادبي سنگت (چاس) جو ميمبر ۽ ٻه سال سانده شاهه لطيف لائبريري چڪ جو انچارج رهي چڪو آهي.
لطيف سنگت جي زماني ۾ پاڻ کي عبدالڪريم شاهه “عبد” بخاري سڏائيندو هو. پر پوءِ “عبد” مان ڦري “آزاد” ٿيو. گهر ۾ مظفر جي نالي سان به سڏيندا آهن. کيس سياسي ۽ ادبي ڄاڻ چڱي اٿس. پاڻ شاعري جي ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نثري نظم جو نهايت چڱو شاعر آهي. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. (1) رواداري (ترجمو) 2006ع (2) ڪامريڊ ابوشوڪت حمزو (شخصيت) 2008ع (3) گل خوشبو ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) 2008ع (4) بنياد پرستي ڇا آهي (ترجمو) 2008ع (5) سيڪيولرزام ڇا آهي (ترجمو) 2008ع، (6) نچڻا ڪڏڻا کلڻا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) 2011ع (7) مري شال ملهايان (مزاحمتي شاعري) 2013ع (8) چڪ جا چندن هار (مقالو) 2014ع ان کان علاوه قلمي ڪتاب به موجود اٿس. “سائنس ڏنو سوجهرو” (ٻارن لاءِ شاعري) “حق جي سدا” (ڪالم)، انالحق آواز مضمونن جو مجموعو ڇپائي لاءِ تيار آهي.
گـــيـــت
زهــر کـائـي ٿـا زهـر اوڳـاڇـيـون،
زهـر ۾ ئـي ٿا زندگي گهاريون،
پـنـهـنـجـا آنـڊا پـنـهـنـجـي ڪاتـي،
مــاڻـهــو ٿـي پـيـا، مـانـگـر هـاٿـي،
زهـــر ســـارو آ جـــيـــون ســـاٿـــي.
پـــاڙي ۾ ڪــو مـــفـــلـــس آهـــي،
بـک وگـهـي ٿـو ڏيـنـهـن گـذاري،
ڪـوئـي ڪونه ٿو پـائـي جـهـاتـي،
مـاڻـهـو ٿـي پـيـا مـانــگــر هــاٿــي،
زهـــر ســـارو جــــيــــون ســــاٿــــي
گـهـر گـهـر جـهـڳـڙو ڀاتي، ڀاتي،.
غــربــت مــنــجــهــه ٿــا گــذاريــون،
روئــي روئـي زهـر ٿـا هــاريــون،
مــاڻــهــو ٿــي پـيـا مـانـگـر هـاٿـي،
زهـــر ســـارو آ جـــيـــون ســـاٿـــي.(40)




غـــزل
سـوچ جـا سـدا گـل ٽــڙيــا،
پـرهـه ڦـٽـيءَ جـا ماڪ ڦڙا.
ســڀ واســجــي ويا ذهــن،
نــيــهــن جــا نــعــرا لـــڳـــا.
ڏيـهـه پـنـهـنـجـي جـا ڌڻـي،
اگــهــور نــنــڊ مــان اٿــيــا.
حـق پنهنجو وڙهي وٺبو،
هـــاريـــن ڪـــيــا ڏاٽــا اڀــا.
ڪاري رات انڌاريءَ مان،
ڄـــاڻ کــاهــوڙي آزاد ٿـيـا.(41)

نــثــري نــظــم
سنڌو ڪنار ويهي،
پاڻي پيئڻ لڳس.
ڳجهون منهنجي مٿان،
ڦرڻ لڳيون،
ائين لڳو ڄڻ
سنڌو بيوس ماءُ جيان،
مئل پٽ کي ڏسي پئي،
جنهن جي لاش تي جڳهون،
لامارا ڏينديون هجن،
ڇرڪي اٿيس،
ڏٺم پاڻ کي ته دل ڌڙڪي پئي،
۽ ازخود ڳوڙها وهي ويم! (42)

حاڪم مهر (جنم: 1966ع):

حاڪم مهر (جنم: 1966ع):
حاڪم علي ولد عبدالحليم مهر پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ ٽين نومبر 1966ع مطابق 19 رجب 1386هه تي خميس ڏينهن پيدا ٿيو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم چڪ شهر ۾ ورتائين. اسلاميه ڪاليج سکر مان بي. ڪام ڪئي. ادب ۽ سياست، ٻنهي موضوعن سان گهري دلچسپي اٿس. شعر وَ شاعري سندس خاص مشغلو آهي. پاڻ هڪ بهترين شاعر سان گڏ هڪ سٺو محقق به آهي. 1984ع کان باقاعده نظم لکڻ شروع ڪيو. پهريائين بيت لکيا. پوءِ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي جن کي ڪاميابيءَ سان نڀايو. شعر وَ شاعري جي اصولن جي سکڻ لاءِ، ڌڻي بخش “ڌنڻ” سومرو استاد رهيو ۽ غلام علي چنو به سندس استاد رهيو آهي. کيس مطالعو ڪندي خاڪي جويو جي شاعري مان متاثر ٿيو. تنهن ڪري قلم کڻڻ تي مجبور ٿيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو ميمبر آهي ۽ ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي.
ماروئڙا ٻالڪ سنگت سنڌ جو چيف آرگنائيزر آهي ۽ ان جي پليٽ فارم تان “مارو سماچار” ڪڍندو آهي. جنهن جو ايڊيٽر پاڻ آهي ۽ ماروئڙا ٻالڪ سنگت ۾ امر سنڌي جي نالي سان متعارف آهي ان کان سواءِ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهي چڪو آهي، جنهن ۾ پهرين يونٽ چڪ جو آرگنائيزر مقرر ٿيو پوءِ کيس ضلع جو ڊپٽي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ضلعي جو صدر ٿي رهيو. ان کان اڳ لطيف سنگت يونٽ چڪ جو ميمبر هو ۽ نائب صدر ٿي رهيو. ان کان اڳ جمعيت طلباء اسلام يونٽ چڪ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو تقريبن چار سال رهڻ کان پوءِ لطيف سنگت ۾ آيو. کيس ننڍي هوندي ئي ادبي، سماجي ۽ سياسي ماحول مليو ۽ ان ئي ماحول ۾ پرجهي وڏو ٿيو. سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف لکيو. شاعريءَ ۾ قومي رنگ نمايا آهي. سٺي آواز هئڻ ڪري کيس ڳائڻ جو به شوق جاڳيو ۽ قومي گيت پنهنجي نئين انداز ۾ سريلي آواز ۾ محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيا. ۽ کيس خوشخطي جو به سٺو تجربو آهي جنهن ڪري ڪافي ڪتاب خوشخط ڪيا آهن. سندس قلمي شاعري پاڻ وٽ محفوظ آهي. پاڻ پرائمري استاد آهي. ۽ چڪ جي جڙيا پور محلي ۾ رهندو آهي. “عشق عربيءَ ڄام جو” نالي شاعري جو ڪتاب شاعر فـقـيـر عـلـي حــســن ســيــٺــار چــڪ جــو 2011ع چـانـڊوڪـي پبليڪيشن چڪ طرفان ڇپيو جنهن کي حاڪم صاحب مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه ٻيا ڪتاب به تحرير ڪيا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. (1) “پڙهه ڪا نماز” ــــ (تحقيق ۽ ترتيب) “صوفي شاهه عبدالعزيز شاهه بخاريءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ” تي ڪتاب آهي. (2) “ڳچيءَ مڻيا ڪوڏ” (ترتيب) انقلابي شاعر “مهر ڊاڪٽر گل جي مزاحمتي شاعري” (3) “مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون” (مهر ڊاڪٽر گل جا مضمون) ترتيب ڏنو آهي (4) لڪيرن جو مفڪر (شاعر هارون چنه بابت ڏات ڌڻين جا ويچار) به ترتيب ڏنو آهي (5) “عشق اصل انباهه” (ترتيب) “صوفي شاعر فقير صاحب علي ڪلهوڙو” (وفات 2013ع) جي شخصيت ۽ شاعري. (6) “عشق ڪيو عليل” (ترتيب) ـــ (شاعر ۽ راڳي فنڪار گولڻ فقير جي شاعري) (7) “نبي نورنرمل” (ترتيب) (عاشق رسول شاعر فقير علي حسن سيٺار(وفات 2014ع) جي نعتيه شاعري) (8) چڪ جون ادبي تنظيمون (تحقيق) (9) چڪ جون سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمون (10) چڪ جا ماڳ مڪان (تحقيق) حاڪم مهر تحقيق جي طرف لاڙو گهڻو آهي جنهن ڪري شاهڪار ڪتاب جوڙي ورتا آهن. سندس ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

نـــظـــم
لــطــيــف آهـيـن ڄـمـنـدي ڄــام،
افـضـل تـنـهـنـجـو اتـم ڪــلام،
سـنـڌي قـوم مـٿـان او سـائـيـن،
تـــنــهـــنـــجـــا ٿــورا آهــن ڄــام،
پـر تي ٿئي هيءَ جيجل سنڌڙي،
ســـنـــڌي آهـــن تـــو وٽ ســــام،
تــــــوبــــــن غـــــيــــرن اڳــــيــــان،
هــڻــون ته آخــر ڪــهــڙي هــام،
آخــر چــپ ڇــو آهـيـن سـائـيـن،
رکـيـل آهـي ڪـهڙي مـام.(43)


وائـــــي

سـنـڌڙي تـنـهـنـجـا سـور سمورا، ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
کـڻـي رسـالو شـاهه جـو مـان، گهٽـيءَ گهٽيءَ ڦيرائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
نـاچـو بـڻـجـي در در نـچـي، ڇـيـريـن کـي ڇـمـڪائـيـنـدس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
جـوڳـي ٿـي مـان مـرلـيـون ڌاري، در در بـيـن وڄـائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
شـاهه جو رسالو کڻي هٿن ۾، پوڙهن کي به پڙهائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
ٻـارن کـي ڀـي ٻـول ٻـڌائـي، سـوڍو جــوان بــڻــائــيــنــدس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
مـيـنـارن جـي چـوٽـيـن تـائـيـن، جـهـنڊا ڪي جهولائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
ديـس سـمـوري ٻـاگـهـل جـي ۾، ٻـارڻ ڪـوئـي ٻـاريـنـدس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
جـهـنـگ لـتـاڙي جيل جهاڳي، ڪارا ڪوٽ ڪيرائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس.
آزاديءَ جـي خـاطـر “حـاڪـم” پـنهنجو سيس ڪپائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس،
جوڌن کي جاڳائيندس!(44

بــيــت
ســـــنـــــڌ امـــــڙ جـــــي ٿــــڃ، وســــاري مَ ويــــهــــه،
ڪـــارا ڪـــوٽ ڪـــلور جـــا، ڀـــورا ڪـــري ڀـــڃ،
سـنـڌي مـور نه مَـڃ، ڪـڏهـن غـلامـي غيرن جي.
پـگـهـر وهـائـي پـورهـيت، ٿو ڏور ڀڄائي ڏڪار،
ايـنـدو اصـل نه ان بـنـا، سـاڻـيـهه مـنـجـهه سـڪار،
پـر وڏيـري ڀـوتـار، پـيـڙي ڇـڏيـو آ پورهيتن کي.(45)

وحيد محسن (جنم: 1968ع ):

وحيد محسن (جنم: 1968ع ):
ادبي نالو وحيد محسن سندس پورو نالو عبدالوحيد ولد عبدالقادر “عنبير” سومرو پنهنجي آبائي ڳوٺ رستم پهرين ڊسمبر 1968ع ۾ جنم ورتو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي تاريخي شهر رستم ۾ حاصل ڪئي ۽ ثانوي تعليم به پنهنجي ئي شهر ۾ ورتي. ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول رستم مان 1986ع ۾ پاس ڪيو ۽ بي ايس سي جو امتحان 1992ع ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جو امتحان 1996ع ۾ پاس ڪيو.
هن وقت پاڻ بي روزگار آهي ۽ راقم جو ننڍو ڀاءُ ۽ شاگرد آهي. هن ادبي دنيا ۾ باقاعده طور 1986ع ۾ پير پاتو. هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻارڙن جي علمي، ادبي ۽ قومي تنظيم لطيف سنگت رستم جو ميمبر ۽ عهديدار ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ تنظيم ۾ ضلع صدر به رهي چڪو آهي. تقريبن لطيف سنگت جي زماني کان وٺي اخبارن جي ٻارڙن جي ٻاري يا ٻارڙن جي رسالن ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري سان پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ڪيو. سندس ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري انهيءَ زماني کان وٺي ڇپجندا رهن ٿا. پاڻ لطيف سنگت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جو ميمبر ٿيو ۽ انهيءَ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو.
شاعري جي حوالي سان سندس شاعري ۾ ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، انهن مان نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، چؤسٽا، ٽه سٽا، هائيڪو، وائيون ۽ غزل وغيره قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ هن شاعري توڙي مضمونن جا ترجما پڻ ڪيا آهن. نثر جي حوالي سان ڪهاڻيون، مضمون ۽ ثاثر وغيره لکيا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب برائي جو بدلو 2003ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون آهن. شاعري ۾ سونهن جي سڳنڌ ، سماجي درد ۽ پيڙا ملي ٿي. پاڻ سنڌيءَ کانسواءِ اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي؛ جيڪا وقت بوقت سنڌ جي مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجندي رهي ٿي؛ جنهن جو ثبوت رکيل ڪٽنگ فائيل آهي. سندس اردو شاعري لاهور مان نڪرندڙ ماهوار اردو رسالو ماهه نو ۾ ڇپي آهي ۽ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکي چڪو آهي.

وائي
اڄ جو سائين نان پٺيان ڪيئن،
ڪـــيـــڏو بـــيــوس ٿيو انـسـان.
ڌرتيءَ جي هن گولي تي!
ٿر جا ٿاڪ ۽ بک جي پيڙا،
ڏسي رُنو هو خود ارمـــــــان.
ڌرتيءَ جي هن گولي تي!
مذهب جي ڏئي آڙ اسانکي،
ماري وڌو آ ڪيئن مهمان.
ڌرتيءَ جي هن گولي تي!
سنڌ بڻي بيروت آ “محسن”،
امن جو ڪو نه رهيو نشان.
ڌرتيءَ جي هن گولي تي!(46)



نظم
مون نماڻي جي قـيد آ زنـــدگــي،
ســمـجـهه سياڻي زهر آ زندگــي.
پيار جو ڇانويرو مليو ئي ڪين،
پيٽ بکئي ۾ گذري آ زنـــدگـــي.
تــون تـه رهـيــن ٿــي شـــهـــرن ۾،
ڳـوٺـن جي اڄ ڪهڙي آ زنـدگـي.
آءٌ قـيـديـاڻـي هـڪ هـجان سهي،
سنسار ساري جـي اهـا آ زنـدگـي.
هـــو فــطــرت جـا قـاتـل ســڀـئـي،
سونهن هوندي ڪوجهي آ زندگي.(47)

حاڪم گل مهر (جنم: 1975ع ):

حاڪم گل مهر (جنم: 1975ع ):
حاڪم علي ولد گل محمد مهر پنهنجي آبائي ڳوٺ مالهي تعلقه لکي ضلعي شڪارپور ۾ 30 سيپٽمبر 1975ع ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول لکيءَ مان پاس ڪيو. انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سوشيالاجيءَ ۾ ايم.اي به ڪئي. ادبي طور سندس استاد راشد مورائي آهي ادبي ميدان ۾ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان ٿي. 1990ع کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو. پرائيوٽ اسڪول ۾ ماستري به ڪئي، ۽ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن مان غزل، گيت، هائيڪو، نظم ۽ ٽيڙو وغيره لکيا آهن. غزل تي سندس گهڻي گرفت اچي ويئي آهي. جنهن ڪري غزل ۾ گهڻي پختگي نظر اچي ٿي. نثر ۾ به ڪجهه مضمون لکيا آهن.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي رهي آهي. س.ا.س شاخ مالهي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ان کان علاوه سماجي تنظيمن سان به منسلڪ رهيو آهي. ۽ هن وقت .N.G.O ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس ڪاوشون ڇپجي چڪيون آهن
سندس نموني طور هڪ غزل ڏجي ٿو.
غـــزل
وڇـوڙي کـان ڪـيـڏو ڊنــا نـيـڻ مـنـهـنـجـا،
مـيـنـهـوڳـي جي مـنـد جان ڀنا نيڻ منهنجا.
کـڻـي هــيــر آئــي جــڏهــن ســارَ تـنـهـنـجـي،
تــڏهــن تـوکـي سـاري رُنـا نـيـڻ مـنـهـنـجـا.
ڀـلا ڪيئن ڪنهن کي وساري سگهن ٿا،
ســدائــيــن رهــيــا آشــنــا نــيــڻ مــنــهــنــجـا.
چــــون ٿــــا مــيــنــڊيــرا، رڳــــو روئــــڻــــو آ،
نه ٿــا مــاٺ ڪــن، تــو بــنــا نــيــڻ مـنهنجا.
مـلـيـو درد جيڪو هـيـو، منهنجي دل کي،
ســو ڀــوڳــن پـــيــا ڀــوڳــنــا نـيـڻ مـنـهـنـجـا.(48)

غني غمدل (جنم: 1976ع):

غني غمدل (جنم: 1976ع):
عبدالغني متخلص “غني غمدل” ولد محمّد سليمان منگي پنهنجي آبائي ڳوٺ رستم ۾ 17 فيبروري 1976ع تي جنم ورتو. 1987ع ۾ پرائمري تعليم رستم ضلعي شڪارپور ۾ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم به اتي ئي پنهنجي شهر رستم جي هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ 1992ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اعلى ثانوي تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل ۾ ورتي، پري انجنيئرنگ ۾ انٽر جو امتحان 1995ع ۾ پاس ڪيو. ان کان علاوه بي.اي به ٺل ڪاليج مان ڪئي. ادبي ڪتابن پڙهڻ سبب سندس لاڙو ادب جي طرف وڌيو. ۽ ادبي تنظيمن سان وابستگي وڌي. جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت رستم جو ميمبر ٿيو، شاعريءَ طرف لاڙو گهڻو رهيو آهي ۽ ادبي ڪلاسن ۾ سندس شاعري جي اصلاح ٿيندي رهي ٿي. راقم سندس ادبي استاد آهي.
شاعري ۾، نظم، گيت، غزل، بيت، وائي، ڪافي، نعت، مولود، حمد، مرثيو، قصيدو ۽ هائيڪو وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نثر ۾ به مضمون لکيا اٿس. اٺين آگسٽ 2008ع کان وٺي پرائمري ماستر طور ڀرتي ٿيو. سندس مواد، ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪو آهي. سنڌ جا مشهور رسالا: مومل، پورب، سرت، عبرت ميگزين، امرتا، سوجهرو، ادب، اديب، نئين زندگي، گل ڦل، ۽ عوامي آواز، خبرون اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس نظم ۽ گيت ۾ چڱي مهارت رکي ٿو. هيٺ سندس هڪ گيت نموني طور ڏجي ٿو.

“پکي پروڪا اڃا نه آيا.”
اسان تنين لئي اڱڻ سجايا،
سوير ايندا صبا ٻڌي ڇڏ،
اسان جي آهي صدا، ٻڌي ڇڏ،
ضرور ايندا ادا ٻڌي ڇڏ،
اسان امن جا گيت ڳايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا.
ٻڌايو سڀ کي ضرور ايندا،
وري به ميلا انهن سان ٿيندا،
حوال سارا اسان کي ڏيندا،
اصل ته آهن هتان جا ڄايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا.
پکين ۾ شايد اڏار ناهي،
چمن ۾ ساڳي بهار ناهي،
اڃا انهن کي ٿي سار ناهي،
اسان ڏکن ۾ تڏا وڇايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا.
هوا اتر جي هلي رهي آ،
ڏکن ۾ جندڙي جلي رهي آ،
نه رات هڪڙي ڀلي رهي آ،
اسان وڃڻ جا ڪيون ٿا سايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا.
ڪٿي رهن ٿا، اسان جا ساٿي،
مگر آ دلڙي اوهان لئي آتي،
چون ٿا ڇا ڇا هي گهر جا ڀاتي،
ٻڌي نه سگهبا انهن جا رايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا.
غني هي غمدل رڙي پيو آ،
غمن ۾ ويتر ڳري پيو آ،
اکين ۾ پاڻي تري پيو آ،
هي ڪانگ ڪارا گهڻا اڏايا،
پکي پروڪا اڃا نه آيا(49)

(ب) ادبي جائزو:

(ب) ادبي جائزو:
هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ زنده شاعرن جو تعداد تمام گهڻو آهي پر جن جو تفصيل مليو انهن جو ذڪر ڪيو آهي شاعرن ۽ اديبن ٻنهي جو ذڪر آهي جن ۾ شاعرن جو تعداد چڱو آهي. اسان کي هن دور ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون مليون آهن جن تي طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. قديم نوع تي چوندڙ صفن مان ڪافيءَ ۽ بيت جو گهڻو تعداد مليو آهي. هن دور ۾ نظم نئين ٽيهيءَ ۾ گهڻو ملي ٿو ۽ جديد شاعرن ۾وري نثري نظم، وائي ۽ گيت مليو آهي. جيڪي فڪري لحاظ کان قديم زماني واري وائي ۽ گيت کان مختلف آهن. ۽ ٻي صنف اها آهي جيڪا تقريبن ترقي پسند شاعرن ۾ ملي ٿي. اها آهي. هائيڪو يا ٽيڙو ان کان سواءِ غزل به لکيو ويو آهي. اڻ ڇپيل شاعرن جو تعداد گهڻو مليو آهي. غزل، قطعه ۽ چوسٽو جا شاعر به آهن. گهڻا شاعر ته تقريبن سڀني صنفن تي لکي چڪا آهن ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ويا آهن. نئين صنف رينگا ملي ٿي جنهن تي سنڌ جي تمام ٿورن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. پر هتي به ٻه ٽي شاعر مليا آهن جن رينگا چيا آهن. سنڌ ۾ تاج جويو رينگا تي طبع ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ڀريو ڪامياب به ويو. پر اها صنف عام ٿي نه سگهي آهي. ان جو واحد سبب صرف اهو آهي ته عام شاعر هن جي فن ۽ فڪر کان واقف ئي ڪونه آهن. انهن کان سواءِ اسان کي سگهڙ شاعر به مليا آهن جن جي محبوب صنف ڏور رهي آهي. چند شاعر مليا آهن جن سينگار هنر ۽ ڏٺ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کان علاوه هن خطي مان نثر نگار ۽ محقق به مليا آهن. جن جا ڪتاب به پڻ ڇپجي چڪا آهن. جن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. هن خطي جا وڏا محقق، راقم (محمد شريف “شاد”) کان علاوه حاڪم مهر ۽ آزاد بخاري قابل ذڪر آهن. جن لکي تعلقي جي چڪ شهر تي شخيتن ۽ ماڳن مڪانن تي تفصيلي لکيو آهي.

ڀاڱو ٽيون حوالا ۽ وضاحتون:

ڀاڱو ٽيون حوالا ۽ وضاحتون:
(1) چنو غلام علي مٺل ـــ “غزل” ـــ ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، آگسٽ 1987ع ص 3.
(2) سومرو شريف “شاد” ــ ماهوار سنگت سماچار نومبر ڊسمبر 1989ع ص 3. مطبوعه س.ا.س شاخ رستم ضلعو شڪارپور .
(3) شمش الدين “شمس” ـــ ڪليات شمس (قلمي) 1985ع تان ورتل. (4) ايضاً.
(5) سليم جي صدا (قلمي شاعري جو مجموعو) 1987ع.
(6) ايضاً.
(7) ايضاً.
(8) پرهه ڦٽي پبليڪيشن سکرــــ ڪتاب 2 جولاءِ 1986ع ص 57. (9) پرهه ڦٽي پبليڪيش سکر ــــ ڪتاب 4 فيبروري 1987ع.
(10) پرهه ڦٽي پبليڪيش سکر ــــ ڪتاب 3 آڪٽوبر 1986ع.
(11) پرهه ڦٽي پبليڪيشن سکر ــــ ڪتاب ـــ 2 جولاءِ 1986ع ص 57. (12) الهڏنو “صبا” ـــ “داروسن” (قلمي) 1973ع.
(13) الهڏنو “صبا” ـــ “موج عميق” (قلمي) 1973ع.
(14) ايضاً.
(15) الهڏنو “صبا” ـــ “داروسن” (قلمي) 1973ع.
(16) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(17) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(18) ايضاً.
(19) غلام محمد غازي ـــ “غزل” هفتيوار آزاد ڪراچي 19 ڊسمبر 1984ع ص 2.
(20) غلام محمد غازي ـــ “نظم” ـــ ماهوار “الصادق” ڪراچي ـــ جنوري 1985ع ص 52.
(21) ميمڻ فضل قادر “راجه” (مرتب) ــــ “واهه سائين واهه” (غزل) سڳنڌ پبليڪيشن جي ٻي ڪاوش ــــ آگسٽ 1980ع آخري صفحي تي.
(22) چنا محمد قاسم “نوشاد” ـــ “آزاد نظم” ـــ پندرهن روزه عبرت مئگزين پهرين مارچ 1985ع.
(23) پير رئيس احمد لکوي ــــ “توحيدي تار” (قلمي) 1986ع.
(24) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(25) سومرو رشيد احمد چڪوي ـــ “بيت” ـــ روزنامه: ديانت (اردو) سنڌي صفحو “مهراڻ جي موج” 15 آڪٽوبر 1983ع.
(26)ميمڻ محمد اسمائيل حافظ (ايڊيٽر) ــــ ماهوار الصادق ڪراچي ـــ جون 1987ع ص، ص، 42، 43.
(27) ماهوار سنگت سماچار” ــــ نومبر ڊسمبر 1986ع سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم ص 3.
(28) “هفتيوار سنڌ سجاڳ” 7 جون 1986ع ص 25.
(29) “ماهوار الصادق” ڪراچي آگسٽ 1986ع ص 55.
(30) سومرو محمد شريف “شاد” ـــ “غزل” ـــ ماهوار “پيغام” ڪراچي نومبر ڊسمبر 1982ع ص 92.
(31) سومرو محمد شريف “شاد” ــــ “قطعو” ـــ ماهوار “لطيف ڊائجسٽ” ڪراچي ماهه مارچ 1986ع.
(32) سومرو محمد شريف “شاد” ــــ “ڪليات شاد” (قلمي) 1986ع.
(33) ماهوار سنگت سماچار رستم ـــ نومبر ڊسمبر 1986ع.
(34) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(35) روزانو “هلال پاڪستان” ڪراچي 29 نومبر 1987ع ص 5.
(36) سندس قلمي مواد تان ورتل غزل ۽ نظم.
(37) پندره روزه عبرت مئگزين ــ 15 ڊسمبر 1986ع.
(38) مهر حفيظ الله “حامي” ـــ ڌرتي دراوڙن جي (قلمي شاعري) 1986ع.
(39) ايضاً.
(40) هفتيوار “آزاد” ڪراچي 19 آڪٽوبر 1985ع.
(41) آزاد بخاري جي قلمي مواد تان ورتل.
(42) ايضاً.
(43) “پندرهن روزه عبرت مئگزين” حيدرآباد 15 ڊسمبر 1986ع ص 56.
(44) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(45) ايضاً.
(46) سومرو محسن- “وائي”- ماهوار سرت ڪراچي- سال:4- شمارو: 10-11-12- 1992ع ص:94.
(47) سومرو محسن. “نظم”- روزانو جاڳو ڪراچي. (جاڳو ادبي ڀاڱو)- جمع 15 جولاءِ 1994ع ص:5
(48) سندس قلمي مواد تان ورتل.
(49) سندس قلمي مواد تان ورتل.

ريسرچ اسڪالر پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو آزا د بخاري(چڪ):

ريسرچ اسڪالر پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو آزا د بخاري(چڪ):
شايد اهو 1983ع جو سال هو جڏهن مون شاهه لطيف لائبريري چڪ جي ڏاڪن تي چڙهندي هڪ فل سوٽ ۾ ملبوس جينٽل مين کي ڏٺو مون استاد غلام علي چني ڏانهن سواليه انداز ۾ ڏٺو اڃان مان پڇڻ وارو ئي هوس ته استاد غلام علي چني سندس تعارف ڪرائيندي چيو محترم شريف “شاد” سومرو رستم جو رهاڪو آهي سکر ۾ پرائمري استاد آهي سٺو اديب ۽ شاعر آهي ائين پنهنجي پهرين ملاقات ٿي. اديب محقق شريف “شاد” سان شايد ان ئي گڏجاڻي ۾ هن رستم جي ادبي گڏجاڻي ۾ چڪ ادبي سنگت جي دوستن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. جنهن بعد استاد غلام علي چنا، شوڪت سيٺار، راقم ۽ ٻيا شريڪ ٿياسين رستم جي گڏجاڻي ۾ صرف ٻن دوستن پنهنجون لکڻيون پڙهيون هڪ شريف “شاد” ۽ ٻيو گوهر سنڌي، انهن مان صرف محترم شريف “شاد” جي ڪوتا ئي علم عروض جي فن مطابق لڳي باقي دوست گوهر جو شعر ته اسان کي سمجهه ۾ ئي نه آيو. بهرحال اسان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي واپس ٿياسين وري رستم ٻيهر ويس جڏهن محترم شريف “شاد”، عبدالمنان مهر، گوهر سنڌي، جن لطيف ڪانفرنس ڪوٺائي. جت مون پهريون دفعو وڏي مجموعي کي خطاب ڪيو. اسٽيج تي ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو، شهيد قيوم منگي، عبدالوهاب ڀيو ۽ استاد محمد هارون چنو کي ويهاريو ويو. ان سڄي پروگرام کي سنڀارڻ ۽ مهنانن کي اوطاق (سومرا ساهت سراءِ) ۾ رهائڻ جو بندوبست محترم شريف “شاد” ڪيو هو. ائين چئجي ته رستم ۾ ادبي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو روح روا پاڻ شريف شاد هو. پر انتظامي معاملا به پاڻ ئي هلائيندو رهيو آهي شاهه لطيف لائبريري به سندس ڪوششن جو نتيجو آهي ان سڄي جاکوڙ ۾ شريف سان گڏ گوهر جو ساٿ رهيو شريف “شاد” ۽ گوهر سنڌي جي ساٿ کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي رستم ۾ گوهر سنڌي لطيف سنگت جو يونٽ کوليو ته شريف “شاد” سندس ڀرپور مدد ڪئي.
شريف “شاد” ڳوٺن جا دورا به ڪيا بعد ۾ هن رستم سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وجهرايو جنهن ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. پر اڳتي هلي ڪجهه وڏيرڪي نظام جي ڪارندن بوگس ميمبر شپ ذريعي هنن کان سوشل ويلفيئر کسي ورتي. بهرحال ان دوران شريف “شاد” ٻين سرگرمين کان ٿورو پاسيرو ٿي ادبي ڪم طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو هن 1987ع ۾ ايم. اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي جنهن ۾ “لکي تعلقي جي ادبي تاريخ” جي عنوان هيٺ ايم.اي سنڌي لاءِ مونو گراف لکيو. ان سلسلي ۾ هي ڳوٺ ڳوٺ ويو ۽ معلومات ڪٺي ڪئي. چڪ ۾ مون ساڻس ٿوري مدد ڪئي هن جو تحقيق طرف لاڙو ۽ دلچسپي ڏسي مون کي پڻ ايم.اي سنڌي ڪرڻ جو شوق ٿيو جنهن ۾ هن منهنجي سٺي رهنمائي ڪئي هن ايم فل ڪئي ته مون تي پڻ گهڻو زور ڀريو ته تون به ايم فل ڪر پر مون همت نه ساري، پر محمد شريف “شاد” هڻي هنڌ ڪيو ۽ ايم فل جي ڊگري شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ورتي. پرائمري استاد مان 1991ع ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو بعد ۾ 1999ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو. ۽ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ مقرر ٿيو هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي جيڪو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺل ضلع جيڪب آباد ۾ پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي.
ليڪچرار ٿيڻ کانپوءِ 2001ع ۾ رستم ڇڏي شڪارپور وسائي اٿائين. پر لکڻ کان ناتو نه ڇنو اٿائين، توڙي جو شاهه لطيف يونيورسٽي جي ڪجهه ڪامورڪي ذهنيت رکندڙ اديبن سندس پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ۾ روڙا اٽڪائي ٽائيم پورو ڪرائي ڊگري نه ڏني، پر هن حوصلو ناهي هاريو. رستم جي ادبي لڏي ۾ جڏهن ڏات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ واران جو ذڪر ٿيندو ته شريف “شاد” جو نالو اولين نظر ايندو. رستم ۾ جيڪڏهن ڪجهه اديبن ۽ شاعرن جو ڳاڻيٽو آهي، ته محترم شريف “شاد” جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي. سندس ڀاءُ وحيد محسن، گوهر سنڌي، غني غمدل ۽ واحد ڪلهوڙو وغيره ادب جي ميدان ۾ ڄاتا سڄاتا وڃن ٿا. شريف “شاد” جا 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ماهوار پيغام ڪراچي، نئين زندگي حيدرآباد، روزانو هلال پاڪستان ۽ ٽماهي مهراڻ وغيره ۾ تاريخي ۽ تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ٿيا تڏهن رستم مان ڪوبه ماڻهو هن کان سواءِ نه لکندو هو. هن کي ڇپجڻ جو ايڏو شوق ناهي رهيو هن نالي جي مشهوري لاءِ ڪڏهن ناهي لکيو. سندس تاريخ ۽ تحقيق سان گهڻي دلچسپي رهي آهي. هن هميشه سنڌي ادب ۾ خاموش ليک واري حيثيت ۾ گذاريو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جو چار دفعا سيڪريٽري رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي شڪارپور جو پهريون ضلعي رابطا سيڪريٽري رهيو ۽ مسلسل پنج سال شاخن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين ۽ نيون شاخون کوليائين بقول “شاد” جي ته “سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو صاحب کي ضلعي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي تجويز ئي مون ڏني ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ اها رٿ به مون پيش ڪئي جيڪا اڪثريت راءِ سان پاس ٿي” .
محترم شريف “شاد” جي ڪوششن سان جنوري 1986ع ۾ شاهه عبدالطيف لائبريريز ايسوسيئيشن (شعلا) سنڌ جو قيام عمل ۾ آيو جنهن جو پهريون چيف آرگنائيزر محمد شريف “شاد” ۽ آرگنائيزر آزاد بخاري، ڊپٽي آرگنائيزر گوهر سنڌي چونڊيا ويا. جنهن جو مقصد سڄي سنڌ ۾ لائبريرين جو قيام آڻڻ هو، پر ناڻي جي اڻاٺ سبب اهو نيڪ ڪم شريف “شاد” صاحب ڪجهه سالن کان مٿي هلائي نه سگهيو.
محمد شريف “شاد” صاحب جي سڃاڻپ نه صرف ريسرچ اسڪالر جي حوالي سان آهي، پر هي سٺو ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ پابند شاعر آهي. وٽس شاعري جي فن جي مڪمل ڄاڻ حاصل آهي شاعري جي گهاڙيٽن کان بخوبي واقف آهي جنهن ۾ علم عروض کان سواءِ ڇند وديا جي ڄاڻ به آهي. جنهن تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو اٿائين. ۽ شاعري جي صنفن کي چارٽن ذريعي ظاهر ڪيو آهي جنهن تي اڳ ۾ ڪنهن به ڪم نه ڪيو آهي. سندس شاعري معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ روين کي پوٽريٽ ڪري ٿي هن شاعري ۾ غزل، ڪافي، بيت، وائي، گيت، نظم، طويل نظم، آزاد نظم، غير مقفيٰ نظم، نثري نظم، تجريدي نظم، هائيڪو، ٽيڙو، چوسٽا، رينگا، وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جديد نظم تي، چڪ شهر ۾ ڊگهو ليڪچر ڏنو هو، جنهن ۾ شاعريءَ جا چارٽ به ڏيکاريا هئا. جنهن ۾ هن ساري دنيا جي ادب تي روشني وڌي هئي. ۽ سنڌي ادب ۾ جديد شاعري کي نروار ڪيو هو.

پورو ٿيو






بــبــلــيــو گــرافــي:

بــبــلــيــو گــرافــي:

آشا ديال ڊاڪٽر ــ سنڌ جا سنت ــ ڇاپو پهريون 1987ع
مطبوعه: شوڀا پبليڪيشن بمبئي.
ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي ڏنڊو (شاعريءَ جو مجموعو) ڇاپو پهريون ــــ 1939ع مطبوعه: هاري جماعت چڪ.
ابو شوڪت حمزو ــ انقلابي ڪهاڙو (عرف وڏيرن جا پرڪار) (حصو پهريون) ڇاپو پهريون 1940ع مطبوعه:هاري جماعت چڪ.
بدوي لطف الله ــ تذڪره لطفي (جلد پهريون) ڇاپو ٽيون 1963ع مطبوعه: آر.ايڇ.احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
بدوي لطف الله ــ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1946ع مطبوعه: آر.ايڇ.احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
بدوي لطف الله (مرتب) ــ ڪليات خادم ـــ ڇاپو پهريون 1958ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ــ (مرتب) سڀ رنگ ــ ڇاپو پهريون 1968ع. مطبوعه: مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ــ ڏور ــ ڇاپو پهريون 1970ع
مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ـــ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ــ ڇاپو ٻيو 1980ع مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ــ سومرن جو دور ــ ڇاپو پهريون 1980ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ــ پروليون ڏٺون ۽ معمائون ــ ڇاپو پهريون 1983ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ــ ڪافيون جلد ٻيو ڇاپو پهريون 1986ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
بلوچ غلام رسول ــ سنڌي مرثيه نويسي ــ ڇاپو پهريون 1970ع مطبوعه: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
پهلاج رام ڪوي ــ پهلاج پريم واڻي (ڀاڱو چوٿون) ــ ڇاپو پهريون ــ 1952ع.
پرياڻي ڪشنچند نيوندرام (مرتب) ــ امرت واڻي ــ ڇاپو پهريون 1990ع.
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ــ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ــ ڇاپو ٻيو 1983ع مطبوعه زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
خاصخيلي صوفي قربان علي “قربان” ـــ صوفي ساڃاهه ــ ڇاپو پهريون 1983ع مطبوعه: مومن پبليڪيشن نوان جتوئي.
راشدي حسام الدين ــ هوڏوٿي هو ڏينهن ــ ڇاپو پهريون 1977ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
راشدي علي محمد ـــ اهي ڏينهن اهي شينهن (جلد پهريون)
ڇاپو پهريون 1965ع ـــ مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
سومرو ڏڻي بخش “ڌنڻ” ـــ ڌنڻ جو ڌيان (حصو پهريون) ــ ڇاپو پهريون 1967ع مطبوعه: محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور.
سومرو ڌڻي بخش ـــ “ڌنڻ” ـــ ڌنڻ جو ڌيان (حصو ٻيو) ــ ڇاپو پهريون 1970ع مطبوعه: محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور.
سوامي تلوڪداس اداسي ـــ شري گرو مهما ـــ چاپو ؟ مطبوعه: نجڌام آشرم گانڌي روڊ مهاراشٽر.
ڪيفي صالح محمد “مسرور” (مرتب) جديد شعراءِ سنڌي ـــ ڇاپو پهريون 1964ع مطبوعه: اداره فروغ ادب ڪراچي.
لکوي باغ علي شاهه حاجي ــ گلشن وحدت ــ ڇاپو پهريون 1940ع مطبوعه: باغ علي شاهه لکوي.
لکوي باغ علي شاهه حاجي ــ گلستان طريقت ــ ڇاپو پهريون 1956ع مطبوعه: باغ علي شاهه لکوي.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــ تذڪره شعراء سکر ــ ڇاپو پهريون 1965ع مطبوعه: سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــ سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ــ ڇاپو ٽيون 1976ع مطبوعه: عجائب اسٽور سکر.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــ شڪارپور ماضي حال ــ ڇاپو پهريون 1984ع مطبوعه: هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي ڊاڪٽر ـــ عظيم سنڌي انسان ـــ ڇاپو پهريون 1981ع مطبوعه: ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو.
ميمڻ غلام رسول ــ اسان جا اديب اسان جا شاعر ــ حصو ٻيو ۽ چوٿون، ڇاپو پهريون 1982ع مطبوعه: مهراڻ پبليڪيشن شڪارپور.
مينهل فقير ماستر ــ پرينءَ جي پڪار ــ ڇاپو پهريون 1961ع مطبوعه: سنڌي اداره اشاعت شڪارپور.
مينهل فقير ماستر ــ درد جون دانهون ــ ڇاپو پهريون 1970ع مطبوعه: محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور.
موسوي سيد عبدالحسين شاهه ۽ محمد ابراهيم محمد بچل عباسي سڳنڌ (سنڌي ڏوهيڙا) ڀاڳو پهريون ــــ ڇاپو ڇهون 1958ع مطبوعه: شفقت حسين موسوي وڪيل روهڙي.
نجفي محمد هدايت علي تارڪ علامه (مرتب) ڀٽي عبدالغني اياز (ستواريندڙ) ــ قلندري خطاب (داتا درياهه جو ڪلام ڇاپو پهريون 2002ع مطبوعه: اياز ڀٽي.
ناگراڻي بي.ايڇ پروفيسر ــ ساميءَ جا سلوڪ ــ ڇاپو پهريون 1978ع ـــ مطبوعه: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.
وفائي دين محمد ــ تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو) ــ ڇاپو پهريون 1985ع ــ مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
فارسي ڪتاب
مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ــ تذڪره تڪمله مقالات الشعرا ــ ڇاپو پهريون 1958ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
هفتيوار اخبارون
هفتيوار “پنجتي” حيدرآباد ــ 16 مئي 1979ع.
هفتيوار “نقيب” سکر ــ 17 جون 1956ع.
هفتيوار “آزاد” ڪراچي ــ 19 ڊسمبر 1984ع.
هفتيوار “آزاد” ڪراچي ــ 19 آڪٽوبر 1985ع.
هفتيوار “پيغام ڪل” ــ ٽنڊو جان محمد ــ 1940ع.
روزانه اخبارون
روزانه ديانت سکر ــ 15 آڪٽوبر 1983ع.
روزانه هلال پاڪتان ڪراچي ــ 2 نومبر 1987ع.
روزانه هلال پاڪتان ڪراچي ــ31 جنوري 1988ع.
روزانو جاگو ڪراچي جمعو ــ 15 جولاءِ 1994ع.
پبليڪيشن پستڪ
پرهه ڦٽي پبليڪيشن سکر ــ 4 فيبروري 1987ع.
پرهه ڦٽي پبليڪيشن سکر ــ 3 آڪٽوبر 1986ع.
پرهه ڦٽي پبليڪيشن سکر ــ 2 جولاءِ 1986ع.
سڳنڌ پبليڪيشن حيدرآباد ــ 2 آگسٽ 1980ع.

ماهوار رسالا
ماهوار نئين زندگي ڪراچي ــ فيبروري 1955ع.
ماهوار نئين زندگي ڪراچي ــ جنوري 1972ع.
ماهوار نئين زندگي ڪراچي ــ آگسٽ 1987ع.
ماهوار پيغام ڪراچي ــ مارچ ــ اپريل 1981ع.
ماهوار پيغام ڪراچي ــ ڊسمبر 1987ع.
ماهوار الرحيم حيدرآباد ــ جولاءِ ــ آگسٽ 1973ع.
ماهوار الرحيم حيدرآباد ــــ مارچ ـــ اپريل 1975ع.
ماهوار شريعت (سوانح نمبر) آڪٽوبر 1981ع.
ماهوار الصادق ڪراچي ـــ جنوري 1985ع.
ماهوار الصادق ڪراچي ـــ آگسٽ 1986ع.
ماهوار الصادق ڪراچي ـــ جون 1987ع.
ماهوار پيغام ڪراچي ــ نومبر ــ ڊسمبر 1982ع.
سنگت سماچار رستم ــ نومبر ــ ڊسمبر 1986ع.
ماهوار لطيف ڊائجسٽ ڪراچي ــ مارچ 1986ع.
ماهوار سرت ڪراچي ــ شمارو 10، 11، 12 ــ 1992ع.
ماهوار هالار ڊائجسٽ حيدرآباد ــ اپريل 2000ع.
سالنامه
اللطيف مخزن: شاهه لطيف گورنيمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور 83 ـــ1982ع.
نخلستان مخزن: سي اينڊ ايس گورنيمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور ــ 84 ــ 1983ع.
فڪر مهراڻ مخزن: گورنيمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ــ 85 ــ 1984ع.

هفتيوار رسالا
عبرت مئگزين ــ حيدرآباد ــ پهرين مارچ 1985ع.
سنڌ سجاڳ ــ جيڪب آباد ــ 7 جون 1986ع.
عبرت مئگزين ــ حيدرآباد ــ 15 ڊسمبر 1986ع.
عبرت مئگزين ــ حيدرآباد ــ 15 جنوري 1987ع.
عبرت مئگزين ــ حيدرآباد ــ 15 جون 1987ع.
قلمي ڪتاب
اختر اديب سيد غلام محمد شاهه عرف بابو شاهه ــ ڪلام اختر(سنڌي شاعري) ــ 1956ع.
الهڏنو “صبا” سومراڻوي ــ موج عميق ــ 1973ع.
الهڏنو “صبا” سومراڻوي ــ دارو رسن (شاعري) ــ 1973ع.
الهڏنو “صبا” سومراڻوي (مرتب) معجون ــ 1977ع.
انور علي شاهه بخاري ــ بياض انور شاهه ــ 1965ع.
انصاري عبدالسميع “مهتاب” ــ افڪار ممتاز 1970ع.
باغ علي شاهه لکوي ــ شجره طيب سادات لکوي (فارسي) سال؟
باغ علي شاهه لکوي ــ بياض باغ علي شاهه لکوي(فارسي)سال؟
بخاري عبدالعزيز شاهه ــ بياض عبدالعزيز شاهه ــ 1930ع.
بخاري هدايت علي شاهه ــ بياض هدايت شاهه ــ 1930ع.
بخاري سيد لعل شاهه ــ ڪليات لعل شاهه ــ 1975ع.
بخاري مسڪين حاجن شاهه ــ بياض مسڪين شاهه ــ 1930ع.
پير رئيس احمد لکوي ـــ توحيدي تار ـــ 1986ع.
جوڻيجو محمد صديق ــ صديق جي صدا ــ 1987ع.
حفيظ الله حامي ــ ڌرتي دراوڙن جي ــ 1986ع.
داتا ولايت علي شاهه ــ رسالو ولايت شاهه ــ 1982ع.
سومرو حاجي احمد بخش ــ انتخاب احمد ــ 1956ع.
سومرو محمد شريف شاد ــ شجره طالب ــ 1980ع.
سومرو محمد شريف شاد ــ ڪلام طالب ــــ 1982ع.
سومرو محمد شريف شاد ـــ ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (جلد پهريون تعلقو لکي) ــــ 1982ع.
سومرو محمد شريف شاد ــ رستم جي ادبي تاريخ ــ 1983ع.
سومرو محمد شريف شاد ــ رسالو عيسو فقير ــ 1985ع.
سومرو محمد شريف شاد ــ ڪليات شاد ــ 1986ع.
سومرو لطف علي لطف ــ لطف جا لعل ــ 1987ع.
سيٺار غلام حسين “مجبور” ــ ڪليات مجبور ــ سال؟
شمس الدين “شمس” ــ ڪليات شمس ــ 1985ع.
صوفي سيد هاشم شاهه ــ بياض هاشم شاهه ــ سال؟
فقير شاهه “مسڪين” ــ بياض مسڪين شاهه ــ 1985ع.
لکوي ميان عبدالله راهي ــ بياض ميان عبدالله لکوي سال ؟.
لکوي ميان عبدالله راهي ــ مدح حضرت سلطان الاولياء ـــ سال؟
مهر محمد صالح “خادم” ــ بياض خادم الفقراء ــ 1979ع.
مهيسر ربڏنو “سليم” ــ سليم جي صدا ــ 1987ع.
هڪڙو محمد جمن ــ جمن جي جوت ــ 1987ع.
ادبي تاريخ تعلقو لکي کان رهجي ويل قلمڪار:
لکي شهر: پير سلطان احمد سرهندي، حافظ حاجي سومرو، شفيع محمد مهر، مهر عبيد، زخمي رشيد مهر، پريمي وقار مهر، جيئند مهر. جان محمد مهر، اشرف مهر. ڳوٺ ماڙي: گل محمد بلوچ (سگهڙ)، فقير محمد ڇٽل مهر، بهار ڀنڀرو (سگهڙ)، فقير احمد علي ميمڻ. ڳوٺ ماڪا: محمد قاسم ماڪا. ڳوٺ عبدو: الله ڏتو مهر، ارشاد علي مهر، انور سولنگي، خان محمد ڀيو، رحيم بخش مهر، سيد مهراڻ سنڌي. ڳوٺ بيچانجي: مير حسن پٺاڻ، نظام الدين “شمسي”. ڳوٺ ورايو مهر: فقيرگلبهار مهر (شاعر ۽ راڳي). چڪ شهر: شوڪت سيٺار، مستري رحمت الله سولنگي، موهنداس گوبند مل، ٻالچند ايسراڻي، صوفي مٺل شاهه بخاري، غلام رسول شاهه بخاري، عبدالحليم“مسڪين” مهر، عبدالجبار “آصف” منگي، عبدالرحمان “مسافر”، ذوالفقار اوٺو، حاتم لانگاه، بسمل سومرو، سارنگ منير سومرو، آزاد انور مهر، انور سومرو، صابر سنڌي (رسول بخش چنو)، علي حسن سيٺار چڪ، پير محمد شاهه عرف پير شاهه پياسي چڪ، حميد هنباهي، ثناءُ الله سومرو.ڳوٺ ڏهر: محمد رمضام مڱريو. ڳوٺ کاهي: قادر بخش هڪڙو، غلام حيدر هڪڙو، غلام مصطفيٰ شيخ، فقير در محمد هڪڙو، الاهي بخش شيخ. رستم شهر: عبدالقادر “عنبر” سومرو، واحد بخش “فرهاد” سومرو، عبدالمجيد “مجن” سومرو، محمد صالح “ٻوڙو” مهر، سائل ڀيو، واحد ڪلهوڙو، نياز ساگر، آفتاب مهر، فدا سمون، پريمي مهر. ياسر “نواز” سومرو، امام الدين“زخمي” سومرو، سيد اسدالله شاهه. ڳوٺ مزارجو: فقير محمد عمر. ڳوٺ عامل: حاجي الله ڏتو مهر. ڳوٺ ٻورڙي: استاد قبول محمد سيٺار، محمد سيٺار، خير محمد سيٺار، گل حسن سيٺار. طيب ڳوٺ: ملا مکڻ مهر، غلام اڪبر مهر، محمد موسيٰ مهر.ڳوٺ محمد ابراهيم سومرو: فقير الهه وڌايو “وڌيل” سومرو. ڳوٺ رڪ: اعجاز قادر مهر، ناز نصر الله، ساگر محمد حسين مهر، اشفاق نوناري، گل حسن “تبسم” مهر، رابيل جوکيو. ڳوٺ عظيم سهندڙو:صفي الله “فياض” سهندڙو، ساگرسهندڙو، عبدالواسع سهندڙو، شوڪت علي “شوق” سهندڙو*

سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب

سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب

1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي -/200
2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي (ختم ٿيل)
3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون -/50
4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي -/300
5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين (ختم ٿيل)
6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي -/200
7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ (ختم ٿيل)
8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي -/150
9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف -/200
10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو -/200
11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ -/250
12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري -/200
13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“ (ختم ٿيل)
14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو -/200
15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي (ختم ٿيل)
16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار -/150
17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون -/50
18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ -/200
19. اکين ۾ مند مينهوڳي (شاعري) سائل پيرزادو -/200
20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي -/200
21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو -/150
22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي -/300
23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول -/400
24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور رضا -/200
25. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ -/300
26. دل صحرا، سمنڊ اکيون (شاعري) شاد جلباڻي -/150
27. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو -/50
28. انگلش گرامر (گرامر) علي رضا سيال -/150
29. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (آتم ڪٿا) غلام علي کوساڻي -/400
30. جانورن جو واڙو (پرڏيهي ناول) اياز ڀٽو (ختم ٿيل)
31. گيڙوءَ رتا خواب (شاعري) واحد سوز ملاح -/250
32. من گهريو مشتاق بخاري (مضمون/تاثرات) احسان راهوجو -/150
33. مُنهنجي مُئي کانپوءِ (شاعري) زخمي چانڊيو -/400
34. جيئڻ جنين ڪاڻ (ڪهاڻيون) اقبال بلوچ -/200
35. شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعر (تحقيق) شبير پيراهين -/300
36. تاريخ گبول بلوچ (تحقيق) شبير حسن گبول -/600
37. ڪوي ڪشمور جا (شاعري) ساحر سليم اوڳاهي -/250
38. افضل عورت (اسلامي معلومات) ربڏنو خاصخيلي (ختم ٿيل)
39. روح جون رولاڪيون (شاعري) صالح عباسي -/200
40. سنڌ جي مزاحمتي شاعري (شاعري) پاويل جوڻيجو -/300
41. اوڻويهه عالمي ڪهاڻيون (عالمي ڪهاڻيون) عبدالخالق سنديلو -/150
42. ڪوهيڙي جي چُمي (شاعري) ماڻڪ ملاح -/150
43. چانهونءَ مٿان چنڊ (شاعري) علي نواز ڏاهري -/250
44. آس جا گل ٽياس تي (شاعري) ملهار سنڌي -/200
45. عشق اياڻو (شاعري) جاويد جوکيو -/100
46. تيري ياد (اردو شاعري) ساون وگهيو -/150
47. Speeches طاهر حسين رانداڻي ۽ محمد عمران شيخ -/100
48. جاڳ ازل جي (شاعري) جاويد سوز هالائي -/200
49. مرگهه اڃارا نيڻ (شاعري) شاهد حميد -/250
50. سمبارا (شاعري) ساجد سنڌي -/200
51. پارسائي جون حدون (شاعري) امداد سولنگي -/250
52. اوسيئرو ۽ آس (شاعري) جبار تاثير سومرو -/250
53. دمِ ديدار مي رقصم (شاعري) حفي الحفيظ “الحفن” -/300
54. شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) حسيب ناياب منگي -/300
55. حسن سرڪار (شاعري) صوفي حقداد “نوشاد” بهلڪاڻي -/400
56. گيت منهنجا غزل (شاعري) بهر الدين بحر شنڀاڻي -/130
57. ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ (شاعري) مير محمد پيرزادو -/300
58. اندر ڪارو ڪانءُ (ڪهاڻيون) جبار آزاد منگي -/250
59. پوترتا-پڇتاءُ (ڪهاڻيون) تسليم سحر -/200
60. درد جو آڪاس (شاعري) مخمور رضا -/200
61. واڪا ڪرڻ مون وس (ڪالم ۽ ڪهاڻيون) حاڪم علي ڪٽوهر -/150
62. يادون نيل ڪنول (شاعري) شاد جلباڻي -/200
63. ٽندو آدم جو مختصر جائزو (تاريخ) عاشق حسين ميمڻ -/100
64. ڪير ٿو مون کي سڏي (شاعري) بشير منگي -/300
65. گمنام صدائون (شاعري) حافظ بجاراڻي -/300
66. خوابن جي پنڌ ۾ (شاعري) وشال امير -/200
67. ڊسٽ بن ۾ اڇلايل ڪهاڻي (ڪهاڻيون) حسيب ڪانيهو -/200
68. سمنڊ ڪنارن جي ٻولي (شاعري) اويس ڀٽو -/200
69. اوهان ڇا پيار مان چاڻو (شاعري) مهراڻ ڌامراهو -/200
70. وساري ڇڏيو ٿي (شاعري) علي حسن سرڪي -/200
71. آڌيءَ رات اروڙ (شاعري) علي نواز ڏاهري -/200
72. تارن ڀري رات (ريڊيو اسڪرپٽ) نواز سومرو -/300
73. مٺڙا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) زخمي چانڊيو -/50
74. الوداع اي محبوب دوست (تاثراتي مضمون) ساجد چانڊيو -/200
75. اک اُلٽي ڌار (لطيفيات) نذير سومرو -/300
76. يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي (ڊائري جا ورق / مضمون) چيتن ميگهواڙ -/250
77. سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائرو (تاريخ/تحقيق) مشڪور ڦلڪارو -/400
78. سنڌي ادب جي سرهاڻ (تحقيق) صبا شاهه -/150
79. شيخ اياز تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ (تنقيد) منصور قادر جوڻيجو -/200
80. افضل عورت (ڇاپو ٻيون) (اسلامي معلومات) ربڏنو خاصخيلي -/50
81. هٽڙيءَ جو گل (شاعري) خدا بخش “خاضع” -/200
82. هينئڙي سڄڻ ساريا (خط) عبدالرشيد لغاري -/250
83. ادبي تاريخ (تعلقي لکيءَ جي) (تاريخ) پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو -/600


رابطي لاءِ: ساجد سنڌي
Sambara.publication@gmail.com
Cell: 0300-3513966