ڊراما

ڪڪڙ ڪرسيءَ تي

جبار آزاد جا  هي چار مزاحيہ ناٽڪ ”ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي“، ”شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو“،”ولايت پاس“ ۽ ”اَٽي تي چَٽي“ 80 ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ مختلف شھرن ۾ اسٽيج جي زينت بڻيا. ھي ناٽڪ هر دؤر جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. دنيا جي انقلابي ڪردارن جيان جبار پنھنجي حصي جي قومي ڪم ۾ شاعري، مضمون نگاري، ڊراما، اسٽيج ڊراما نہ صرف لکيا پر ڪردار بہ ادا ڪيا آهن، پنھنجي شھر سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پڻ ڊرامن وسيلي مڃتا ماڻي آهي ۽ زندگي جي هر محاذ تي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿائين.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪڪڙ ڪرسيءَ تي

حق ۽ واسطا

هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ڪڪڙ ڪرسيءَ تي
موضوع: مزاحيا اسٽيج ناٽڪ
ليکڪ : جبار آزاد منگي
ڇاپو پھريون: 2022ع
ڪمپوزنگ: محمد فھد آزاد منگي
ٽائيٽل: قمر الزمان آزاد منگي
سيٽنگ/لي آئوٽ: عبدالسبحان آريسر
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد
ملهه : 400 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

هي ڪتاب سنڌ جي پنجن عظيم اداڪارن
جن اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڊرامن ۾
سنجيده ۽ مزاحيا ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃايو.
ملڪ انوکو
يوسف علي
انور سولنگي
نور محمد لاشاري
۽
مشتاق جسڪاڻي
جي نالي
جيڪي هن وقت سنڌ امڙ جي مٽيءَ ۾ آسوده خاڪ آهن

جبار آزاد منگي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪمپيئر جبار آزاد منگيءَ جي لکيل چئن مزاحيا اسٽيج ناٽڪن تي ٻڌل مجموعو ”ڪُڪڙ ڪرسيءَ تي“ اوهان اڳيان پيش آهي.
جبار آزاد جا هي چار مزاحيہ ناٽڪ ”ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي“، ”شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو“،”ولايت پاس“ ۽ ”اَٽي تي چَٽي“ 80 ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ مختلف شھرن ۾ اسٽيج جي زينت بڻيا. ھي ناٽڪ هر دؤر جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. دنيا جي انقلابي ڪردارن جيان جبار پنھنجي حصي جي قومي ڪم ۾ شاعري، مضمون نگاري، ڊراما، اسٽيج ڊراما نہ صرف لکيا پر ڪردار بہ ادا ڪيا آهن، پنھنجي شھر سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پڻ ڊرامن وسيلي مڃتا ماڻي آهي ۽ زندگي جي هر محاذ تي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿائين.
ھي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مانواري جبار آزاد منگيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

جبار آزاد منگي اهڙن ليکڪن مان آهي، جن قلم جي سگهه ذريعي پنھنجو پاڻ مڃايو آهي، هو اديبن جي ڪنھن لابيءُ جي ڪلهي تي سوار ٿي اڳتي ناهي وڌيو، هن جون سنجيده ڪھاڻيون، اسٽيج ڊراما، مزاحيا ڊراما گهڻو پسند ڪيا ويا آهن.
جبار آزاد منگيءَ جو چئن مزاحيا ڊرامن تي ٻڌل هي ڪتاب “ ڪُڪُڙُ ڪُرسيءَ تي” سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ ولاريندو، ان کان اڳ سندس ٻارڙن جي ڪالم ڪھاڻين جو مجموعو “ ٽمون شرارتي ” گهڻو مقبول ويو ۽ سنڌ لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران کيس ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
جبار آزاد منگي پنھنجي لکڻين کي سنڀالي ڪتاب جي صورت ڏئي، هڪ ادبي دور کي سميٽي رهيو آهي.
سنڌ جي هن سٻاجهي ليکڪ جو هي ڪتاب“ ڪُڪُڙُ ڪُرسيءَ تي” يقينن اوهان پرهندڙن کي پسند ايندو.

واحد ڪانڌڙو
03003200824

جبار آزاد منگي هر دؤر جو ليکڪ

جڏهنجبار آزاد منگي منھنجو پيارو ڀاءُ چئو يا دوست، شعور سنڀالڻ کان، سجاڳيءَ جي هر رنگ روپ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنھن جو بھترينجاڳرتا وارو ڪردار اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي، هي منھنجو پيارو جاکوڙي ڪردار ڪٿي ٿڪو نه آهي، روز بروز نت نئين روپ ۾ پنهنجون صلاحيتون پورهيت طبقي لاءِ نڇاور ڪندو پيو اچي، ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري ڪري ته ڪڏهن قلم وسيلي شاعر۽ ليکڪ ٿي.
منھنجو هي ساٿي ڪي ئي ڪتابن جو خالق پڻ آهي،. ريڊيو وسيلي مختلف پروگرامن ذريعي پنهنجن لفظن، جذبن، خوابن ۽ خيالن کي پنھنجي عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪيئي ڪوششون ۽ جتن ڪيا آهن. سنڌ جي حقيقي تاريخي ڪردارن ۽ خوبصورت ماڳن مڪانن بابت پنھنجي نئين نسل کي برجستي ۽ ڀرپور ڄاڻ جي کاڻ ڏيندو پيو اچي. سندس مٺڙي آواز ۾ لطيف، اياز، استاد بخاري، آڪاش انصاري، زاهد شيخ ۽ ٻين قومي شاعرن جي شاعري پڙاڏو ٿي ڪنن وسيلي ذهن ۽ ضمير کي گرمائي ٿي، جاڳائي ٿي. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ همٿائي ٿي. اسان جي هن ساٿي ، ريڊيو تان هوائن جي آڌار تي پنھنجي قوم جي ڏکن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجا حوصلا بلند ڪرڻ لاءِ بي انتها خدمت ڪئي آهي،
اسان پنھنجي مظلوم قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ دنيا جي عظيم قومن جيان پنھنجون شروعاتي وکون کنيون آهن، انهن پھرين وکن ۾ ڊرامن جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي انهن پھرين وکن ۽ ننڍي وهيءَ ۾ تمام وڏا ڊراما پنھنجي نصيرآباد جي هن ساٿي جبار آزاد منگي لکيا، جيڪي ٿر جي شھر مٺيءَ کان جيڪب آباد تائين سموري سنڌ ۾ اسٽيج ڪيا ويا.
جڏهن ظالمن ڊڪٽيٽرن جي حڪمراني هوندي آهي ڳالهائڻ، لکڻ تي پابندي هوندي آهي، تڏهن مزاح يا مزاحمتي ادب اها خاموشي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. جبار آزاد منگيءَ جا لکيل هي مزاحيه ڊراما ظالم ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور جا لکيل آهن، جن ڊرامن ۾ ان وقت جي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي، وڏي ڳالهه ته اڄ به پنھنجي سماج ۾ ساڳيون حالتون آهن، جيڪي حالتون اڄ کان چاليھه سال اڳ هيون! اهو هڪ ليکڪ جي لکڻيءَ جو ڪمال چئبو آهي جنھن جي لکڻي هر دؤر جي حالتن جي عڪاسي ڪري ۽ منھنجي هن ساٿيءَ جون لکڻيون پڻ اهڙين سدا بھار لکڻين ۾ شامل آهن. سندس هي چار مزاحيه ناٽڪ
1. ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي،
2. شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو،
3. ولايت پاس،
4. اٽي تي چٽي
هر دؤر جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا، اڄ به جيڪڏهن هي ڊراما ، عوام اڳيان اسٽيج وسيلي پيش ڪيا وڃن ته اڄ جو ڏسندڙ اهو ئي محسوس ڪندو ته ، اسٽيج تي سامهون ايندڙ سڀ جا سڀ منظر اڄ جا آهن. دنيا جي انقلابي ڪردارن جيان جبار پنھنجي حصي جي قومي ڪم ۾ شاعري، مضمون نگاري، ڊراما، اسٽيج ڊراما نه صرف لکيا پر ڪردار به ادا ڪيا آهن، پنھنجي شهر سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پڻ ڊرامن وسيلي مڃتا ماڻي آهي ۽ زندگي جي هر محاذ تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿائين.
مزاح خاموشي کي ٽوڙيندو آهي ڳالهائڻ لاءِ نوان رشتا ۽ رستا پيدا ڪندو آهي، جتي اصلاح ڪرڻ گناه سمجهيو ويندو آهي اتي مزاح براين کي ختم ڪرڻ لاءِ نِشتر جو ڪم ڏيندوآهي.
پنھنجي مظلوم سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ ادب ۽ تعليم وسيلي مسلسل جدوجهد ڪندي، ڪڏهن به نه ٿڪو آهي. اهو آهي اسان جو ساٿي جبار آزاد منگي، سندس فن ۽ فڪر ماروئڙن جي سجاڳيءَ لاءِ هر وقت خدمت ڪندي نظر آيو آهي. پنھنجي سنڌ سان گڏ پنھنجي نصيرآباد شهر جي عوام کي سکيو ڏسڻ لاءِ خواب ڏٺا آهن ۽ خوابن جي تعبير ڏسڻ لاءِ هر ميدان تي تڙپيوآهي.


ڀائو در محمد ٻرڙو
چيئرمين
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان
قمبر شهداد ڪوٽ
2022/02/11

ڪجهه ڦَڙِڪيون پنهنجي پاران!

منھنجو ڪُڪُڙ اوهان جي بغل ۾ آهي!!! معاف ڪندا، آءُ ڀُلجي پيس!! مان اهو چوڻ گهران ٿو ته منھنجو ڪتاب “ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي” اوهان جي هٿن آهي، اوهان منھنجي هِن ڪُڪُڙَ کي ڪيئن ڏسو ٿا؟ تنھن لاءِ اوهان منھنجي تخلص وانگيان آزاد آهيو.
ادبي دنيا جي هِن سفر ۾ ڪي ادبي اُڏام ڪندڙ اسان جا با ادب بندا ڊرامن کي ادب جو حصو ئي نٿا سمجهن!!! اهڙن اديبن جي اُڏام تمام گهڻو مٿي آهي، انهن جي ادبي جھاز کي ته مون جھڙن ڪنگلن ڪروڙ پتين لاءِ ، هٿ لائڻ ته تمام گهڻو پري آهي پر ڏسڻ به ڪبيرو گناھ بڻيل آهي!!! هڪڙا وري ادب جي ريل هلائڻ وارا “ادبي ڊرائيور” آهن، جن جي ريل نه ڳاڙهي جهنڊيءَ تي بيھندي آهي نه ئي سائي جهنڊيءَ تي هلندي آهي! تن جي ادبي ريل سڻڀين آڱريين جي اشارن تي هلندي، بيھندي ۽ ويھندي به آهي! هي پنھنجي ادبي ريل دنيا جي پھرين ۽ آخري ادبي ريل آهي، جيڪا سڻڀي آڱر جي اشاري تي ويھندي به آهي!!! سو اهڙي ادبي ريل ۾ به اسان جھڙن لاءِ سيٽ جي گنجائش ڪانھي ! تنھن ڪري اهڙي ادبي ريل ۾ پنھنجو سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.
پنھنجي ادبي لڏي جو سفر بيل گاڏي ۽ گڏھ گاڏي کان ترقي ڪري چنگچيءَ تائين مس پھتو هو جو تيل مھانگي ٿيڻ سبب وري اچي پنھنجن پيرن تي پھتو آهي! مطلب ته مھانگائي ۽ ڄاڻ سڃاڻ نه هجڻ ڪري پاڻ کي اها “چنگچي ادبي سواري ”به نصيب نٿي ٿئي!!!
وري بدنصيبي اها به پويان پويان پاڇي وانگر پئي اچي جو ، ڪنھن جي اجائي واھ واھ ڪرڻ وارو فن اچي ئي نه! ۽ نه ئي وري واھ واھ ڪرائڻ لاءِ پنھنجو نڪ ، ڪنھن “واھ واھ” واري چَپڙي وڄائڻ واري فنڪار جي چپڙيءَ ۾ ڏيڻ اچي! ڇو ته مونکي پنھنجو نڪ پيارو آهي ۽ هڪڙو ئي نڪ آهي، جنھنڪري نڪ کي واھ واھ واري رينگٽ کان به پري رکندو آهيان، مونکي ائين لڳندو آهي ته اسان جي ادبي لڏي ۾ گهڻن باذوقن کي، گهڻا ئي نڪ آهن، جيڪي هُو پنھجي کيسي ۾ کنيون وتندا آهن، محفلون مچائيندا ۽ “واھ واھ” جي سُرَ سان پنھنجو سفر جاري ڪندا! اهو ئي سبب آهي جو گهڻا “واھ واھ” واري چپڙي وڄائڻ وارا فنڪار مونکي پسند ئي ناهن ڪندا ۽ مونکي ڏسي ائين مُنھن پري ڪري ڇڏيندا آهن، ڄڻ مان سندن پھاڄ هُجان!!!! تنھنڪري “واھ واھ ادبي ڀَتَ” مان ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر هميشه غائب رهندو آهيان.
ادب جا رنگ ، روپ ۽ سينگار ڪھڙا آهن؟ تنھن کان صفا اڻواقف آهيان، نه ڪنھن کي مکڻ ٿڦڻ اچي نه ئي وري تيل مالش ڪرڻ اچي! هڪ دفعي جو قصو آهي ته پاڻ کي ادب جي بيوٽي پارلر ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو دل چيو ته ڪجهه رنگ روغن ڪرائي محفلن ۾ ويھڻ لائق پاڻ کي بڻائجي! سو “ادبي بيوٽي پارلر” جي ڪاريگر ڇنڊ پٽيندي چيو ته “ تنھنجو به ڪو مُنھن آهي، جنھن کي رنگ روپ ڏئي ادبي سينگار جو، سينگار بڻائجي!؟ وڃ بابا وڃي ڪنھن اوڏڪيءَ ڀِتِ سان انھيءَ ٻوٿ کي به چار رهڙا ڏياري اچ ته جيئن تنھنجو ٻوٿ به ڪجهه ڏسڻ لائق بڻجي!” سو اهو ڏينھن ۽ هي اڄوڪو ڏينھن، پنھنجي ٻوٿاڙي پاڻ کي ڏيکاري دل کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر دل به ڪا صفا بيدل آهي جنھن ڪڏهن به سٺا ٻول ٻولي خوش نه ڪيو!!
بس! مون جناب رسول بخش پليجي صاحب جي هن جملي کي پنھنجي ناقص عقل جي پراڻي ڪپڙي ۾“ ڳنڍ” ڏئي ٻڌي ڇڏيو آهي “ جيڪي لفظ من اندر مان ڦٽي نڪرن، اُهي جيئن جو تيئن لکڻ ئي اصل ادب آهي”
منھنجي هن “ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي” ڪتاب ۾ چار عدد مزاحيه اسٽيج ناٽڪ شامل آهن، سي مون اسي ۽ نوي واري ڏهاڪن ۾ لکيا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿي چڪا آهن.
1. “ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي ” ايس ايس ٽي جي دوستن جي حڪم تي، مون سال 1989ع ۾ صرف ٽن ڪلاڪن اندر لکي پورو ڪيو، جيڪو سنڌي شاگرد تحريڪ پاران، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪرنل شاھ هاسٽل ۾ اسٽيج ڪيو ويو. ڊرامي ختم ٿيڻ بعد پوليس اسٽيج تي چڙهي آئي ۽ ڊرامي جي ليکڪ کي ڳوليندي رهي، پر ڊرامي جو ليکڪ اُتي موجود نه هجڻ سبب پوليس جي داٻن ۽ دڙڪن کان بچي ويو! تنھن بعد ڊرامي جو نالو “ چڙهي ويو چوڏيل تي” رکيو ويو، جيڪو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيندو رهيو ۽ پوليس کان بچندو رهيو.
2. ڊرامو“ شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو” سال 1988ع ۾ لکيو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي شھر نصيرآباد ۾ سچل ثقافتي ڪميٽيءَ پاران پيش ڪيو ويو، هن ڊرامي جي اسٽيج ٺاهڻ وقت بجليءَ جو ڪنڪشن هڻڻ لاءِ ، ڊرامي ۾ وزيرِ صحت جو ڪردار ڪندڙ ، هڪ دوست منير احمد سيال کي بجليءَ جي پول تي چاڙهيو، ڇو ته هي دوست بجليءَ جو اڳ ئي ڪم ڪندڙ هو، تنھن کي بجلي پڪڙي، ساھ ڪڍي پول تان هيٺ ڪيرائي وڌو، جنھن ۾ سندس ساڄي ٻانھن ڀڄي پئي، سڀني دوستن تي سڪتو طاري ٿي ويو! جلدي ويجهي ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين، جنھن فوري طور تي تحرڪ ورتو ۽ اسان جو هي دوست رب پاڪ جي ڪرم سان بچي ويو ۽ رات جو ٿيندڙ ڊرامي ۾ ڀڳل ٻانھن ڳچيءَ ۾ ٻڌي، پنھنجو ڪردار به ادا ڪيائين. اڄڪلهه هي دوست موٽر وي پوليس ۾ پيٽرولنگ آفيسر آهي.
شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو سال 1989ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سالياني ڪانفرنس دوران ڪراچيءَ جي علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ مون پاڻ شھنشاھ جو ڪردار ادا ڪيو. ڊرامي کي جناب رسول بخش پليجي آخر تائين نه صرف ڏٺو، پر تمام گهڻو ساراهيو ۽ روزانه مساوات اخبار ۾ محترم اسرار شام سٺو تبصرو ڪري ڊرامي جي ڪھاڻيءَ تي روشني وڌي.
3. “ اٽي تي چٽي” ڊرامو سال 1995ع جي جنوري مھيني ۾ لکيو ، جيڪو ساڳيءَ ئي مهيني ۾ نصيرآباد ۾ شاھ لطيف آرٽ سرڪل نصيرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو ۽ ان بعد پنو عاقل جي صدف سئنيما ۾ ، تنھن بعد سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسٽيج ڪيو ويو.
4. سال 1997ع ۾ “ ولايت پاس” ڊرامو لکيو، نصيرآباد ، حيدرآباد، سکر، خيرپور ميرس سميت سنڌ جي تمام گهڻ شھرن ۾ اسٽيج جي زينت بڻيو ۽ تازو آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ ڊراما فيسٽول جي موقعي تي اسٽيج ڪيو ويو.
نصيراباد سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌي چئنلن جي ڊرامن ۾ پنھنجي اداڪاري۽ جا جوھر ڏيکاري ، نانءُ ڪمائيندڙ محترم عباس گل جو هي پھريون ڊرامو آهي، جتان هُن پنھنجي فن جي شروعات ڪئي.
سچ اهو آهي ته مونکي ائين لکڻ ناهي ايندو جيئن جھازي ۽ ريلوائي اديب لکندا آهن!!!! مان بس پنھنجا اُبتا ۽ سُبتا خيال لکندو آهيان، جن کي ڪو ادب سمجهي يا نه سمجهي ! تنھن سان منھنجو ڪو به وڙو ُ واسطو ڪونھي! منھنجي هِن بي رُخيءَ کي به، بي رخي اصل نه سمجهجو! جي ڪنھن سمجهي ورتو ته ان دوست کي نيڪ صلاح هيءَ ڏيندس ته ڪڏهن به مونکي شربت پيارڻ جي صلاح نه ڪري ، ڇو ته اهڙي صلاح مان هرگز هرگز قبول نه ڪندس! ڇو ته مان شگر جو مريض آهيان ۽ اڃا تائين منھنجي سامھون اهڙو شربت ناهي آيو جنھن لاءِ پيش ڪندڙ فخر سان چوي ته “ هي شگر فري شربت ” آهي.
سو آخر ۾ وري به هٿ جوڙ ڪري معافي ۽ معذرت! جي مونکان ڦڙڪيون هڻندي وڌيڪ ٻَوڙُ هارجي ويو آهي ته اڳلي ڪتاب اچڻ تائين، ٻَوڙَ کي ٻَوڙُ ئي رهڻ ڏجو، ڇو ته اڄڪلهه سڻڀن داغن کي ڌوئڻ جو رواج نڪرندو پيو وڃي ۽ مون جھڙا معتبر سڻڀن داغن کي خوشي ۽ وڏي فخر وچان قبول ڪري گد گد ٿي رهيا آهن! انهيءَ جو صرف هڪ ئي سبب آهي ! سو هي آهي ته “داغ ڌوئڻ تي خرچ گهڻو ٿو اچي ۽ خرچ وٺڻ وارا خرچ ڪرڻ سِکيا ئي ناهن!!!!!!!!”

سڪ سلامت ساٿ سلامت


جبار آزاد منگي
منگي محلو/ مھراڻ ڪالوني نصيرآباد
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
03008346818


8 فيبروري 2022ع ڏينھن اڱارو
7 رجب المرجب 1443ھ
7 ماھ ڦڳڻ سنڌو سنبت 1395

1. ڪُڪُڙُ ڪُرسِيءَ تي

ڪردار

1. ڀوتار ڀورل خان
2. بيگم ڀورل خان
3. پنهل ( گهر جو نوڪر پر پڙهيل)
4. صلاحڪار
5. ربن ( پنهل جو دوست)
6. فنڪار
7. صحافي ( بي بي سي جو نمائندو)
8. موالي
9. گهوٽ
10. کدڙو فقير
11. شاعر
12. ٽرئفڪ جماندار
13. مولوي
14. نياز عاجز ( وياجي)
15. نيب آفيسر
16. مهمان نمبر 1
17. مهمان نمبر 2
18. رقاصه
بريڪنگ نيوز

هڪ ڏيک وارو ڊرامو
ڪُڪُڙُ ڪرسيءَ تي!

منظر: ڀوتار ڀورل جي بنگلي
ڀوتار ڀورل تازي اليڪشن ۾ پنهنجي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو آهي، کيس اميد اٿس ته هو جلد وزير ٿيندو.

ڀوتار ڀورل ڪرسي تي ويٺو آھي ۽ سگريٽ ڇڪي رھيو آھي.
نوڪر پنهل داخل ٿئي ٿو.

پنهل: ( عوام سان مخاطب) ڏسو اداميمبر صاحب ڪرسي تي ائين ويٺو آھي ڄڻ ڪڪڙ ڪرسيءَ تي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڇا ٿو بڪين باندر!؟
پنهل: ھل پنهل.... ڀوتار منھنجو مطلب آھي ته ھاڻي ڇڏيو کڻي انھيءَ ڪرسيءَ جي پچر.
ڀوتار ڀورل: اڙي نڀاڳا.... ھيءَ ڪرسي ڇڏيان؟ هيءَ!!؟ جنهن تي مرحيات ڏاڏو خانبهادر خدا بخش خان، انگريزن جي حمايت ڪندي ڪندي الله کي پيارو ٿي ويو ۽ ابو مرحيات ڀوتار گل محمد خان عرف گلو وري هن ئي ڪرسيءَ تي دل جي دوري پوڻ سبب رب جي رضا کي قبول ڪندي تر جي وڏيرن جو ڳاٽ اوچو ڪري مري ويو!!! هيءَ پنھنجي خانداني ڪرسي آھي تنھن کي ڇڏيان!!؟ جاهل ڪرسي اڃا ملي ئي ھاڻي آھي، ائين پچر ڇڏيانس بيوقوف.
پنهل: ھل پنهل..... بروبر سرڪار بروبر.... چئو سچ ٿا، آخر ابي ڏاڏي کان الڪيشن وڙھندا ٿا اچو، اھي ڪرسيون آھن ئي اوھان جھڙن ڀوتارن لاءِ..... ٻيءَ کي ڪھڙي طاقت جو ڪرسي تي ويھي، اوھان ڀوتار ان مسڪين جا جا دوڏا ئي ڪڍي وجهو.
ڀوتار ڀورل: چڱو چڱو ڇڏ اھا ٽران ٽران..... مان وڃان ٿو بات روم وڃي فليش ٿي اچان.
پنهل: ھل پنهل.... بلڪل سائين بلڪل ، توھان آسري مولا جي وڃي بات روم ۾ ڪلاڪ ڏيڍ سمهي پئو... جي ڪنھن پڇيو ته چوندومانس ته اوھين باٿ روم ۾ بات چيت ۾ مصروف آھيو. ( پنهنجي منھن ڀُڻڪندي) ماڻهو وڃن باٿ روم فريش ٿيڻ لاءِ ۽ اسان وارو ڀوتار وڃي بات روم ۾ فليش ٿيڻ لاءِ !!! عجب آهي جو ههڙا ٿا ٿين اسيمبليءَ جا ميمبر!
ڀوتار ڀورل: ڇا ٿو بڪين گنجا ڄاھا.
پنهل: ھل پنهل.... منھنجو مطلب آھي ته ڀوتار ڀورل اوھان وڃي باٿ روم ۾ فريش ٿيو.
ڀوتار ڀورل: (اندر ويندي وري واپس ايندي) اهو فريش وري ڇا آهي؟ ۽ ھا! منھنجو سيڪيٽري اچي ته ويھارجانس.
ڀوتار ڀورل گهر وڃي ٿو.
پنهل: (ماڻهن سان مخاطب ٿيندي) ڏسو ادا، انڌيرنگري، سيڪريٽري کي سڏي سيڪيٽري!! اچي ميمبر صاحب کي الف بي به نه ۽ ٿيو وري ملڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آ، ادا جنهن ملڪ ۾ اھڙا ميمبر ٿيندا ته پوءِ اهو ملڪ به ھليو!!.... خير تنھنجو ڇا پنهل..... تون به گھڙي کن ڪرسي جو مزو وٺي ڏس (پنهل ڪرسي تي ويھي ٿو ۽ ڇرڪ ڀري اٿي ٿو) ھل پنهل..... واھ ڪرسي واھ اسان پارو غريب توتي ويھي ته ڇڏين ٿي ٺڪاءَ، ڪرين ٿي چيڪاٽ.... باقي وڏيرن سان ته چنبڙي پئي آھين.

سيڪريٽري (عرف صلاحڪار) اچي ٿو (ٻاھران انٽري)

صلاحڪار: اسلام عليڪم پنهل پياسي، ڪر ڪي خبرون.
پنهل: ھل پنهل.... خبرون خير جون، ڀوتار چيو آھي ته سيڪيٽري اچي، ته ويھارجانس.
صلاحڪار: خيال سان ڳالهاءِ.... مان ايندڙ وقت جو صلاحڪار آھيان، يعني ايڊوائيزر آف مسٽر ڀورل خان ميمبر آف پراونشل اسيمبلي.
پنهل: ڏسو ادا ھي منھن ۽ وري مٽرن جي دال..... اڙي ڇو ٿو وڏا خواب ڏسين، سيڪيٽري ئي رھ.... ڇڏ انھن فريبي چڪرن کي.
صلاحڪار: اڙي چپ ڪر ڪيانءِ نه دُرڙي دُڦُ، ھروڀرو چوڏيل تي چڙھڻ جي ڪوشش نه ڪر.
پنهل: پنهل پياسي کي ڪاوڙ نه ڏيار نه ته.................
صلاحڪار: (جملو ڪٽيندي) نه ته ڙي تون ڇا ڪندين؟
پنهل: ڪجهه به نه بابا.... ڪجهه به نه!
صلاحڪار: چڱو وڃ ۽ وڃي ڀوتار ڀورل کي ٻڌاءِ ته ايندڙ وقت جو ايڊوائيزر خان ڪمال خان ۽ موجوده سيڪريٽري ڪمالو آيو آھي.

(پنهل اندر آئوٽ ٻاھران انٽري ٽريفڪ جمعدار جي)
جماندار: (سيٽي ھڻندي ۽ ھٿ جو اشارو ڪندي) ميمبرصاحب ون وي رستي کان ايندو يا رانگ سائيڊ کان؟
صلاحڪار: سڀ رستا ڀوتار ڀورل جا آھن، وڻينس ته ابتو ھلي، وڻيس ته وچ روڊ تي بيھي لال ڦيريون پائي يا جهمريون ھڻي، پر تنھن ۾ تنھنجو ڇا وڃي؟
جماندار: موجودہ برسات ۾ جڳھ جو انڊيڪيٽر ڀڄي پيو، لائيٽ صفا بند ٿي وئي، سائيڊ شيشو طوفان ۾ اڏي ويو، ان لاءِ درخواست کڻي آيو آھيان.
صلاحڪار: اڙي تنھنجو مطلب مون نه سمجهيو، صاف ڳالهه ڪر آخر تون ايندڙ وقت جي صلاحڪار يعني ايڊوائيزر آف ڀوتار ڀورل سان ڳالهائي رھيو آھين، ھروڀرو چوڏيل تي چڙھڻ جي ڪوشش نه ڪر نه ته ڪندومانءِ دُرڙي دُڦُ.
جماندار: دراصل برسات ۾ جاءِ ڪري پئي آھي، غريب پوليس وارو آھيان، امداد جي درخواست ڏيندس، من ٻه ٽي ھزار ملي پون ته جاءِ جو سگنل ٺھرائي وٺان.
صلاحڪار: چڱو.. ڪٿي آھي درخواست، ڏي مونکي ته ڪيان نه دُرڙي دُڦُ.
جماندار: (کيسي ۾ ھٿ ھڻندي) ٽول ۾ پئي آھي.
صلاحڪار: ھا ڪڍ ٽول مان.... ائين نه چئجان ته “چور دي پتر ٽول خالي ھي”.

(صلاحڪار ٽريفڪ جماندار کان درخواست وٺي ٿو)
صلاحڪار: چڱو تون ٻاھر ھلي ٽريفڪ جو انتظام سنڀال، ميمبر صاحب آيو ته مڙئي چاڙھو تنھنجو ڪنداسين......

(ٽريفڪ جماندار ٻاھر آئوٽ ۽ ڀوتار ڀورل اندران انٽري)
ڀوتار ڀورل: اڙي آءُ سيڪيٽري ........
صلاحڪار: نو سيڪيٽري سرڪار آءِ ايم ايڊوائيزر آف ايندڙ وقت، ھروڀرو ڇو ٿا ايڊوائيزر جي ٿوم خراب ڪريو.
ڀوتار ڀورل: اڙي ٺھيو ٺھيو... ڇڏ ايڊوٽائيزر کي.... اھو ٻڌاءِ ته منھنجي ميمبر ٿيڻ جي ماڻهن ۾ ڪا خوشي ٿي آھي يا نه....... اڃا ڪو ملڻ به نه آيو آھي.
صلاحڪار: سرڪار ماڻهو ته خوشيءَ ۾ ماپن ئي نٿا، باقي ملڻ تڏھن ايندا جڏھن توھان ٿيندؤ وزير ۽ مان ٿيندس اوھان جو ايڊوائيزر........... باقي مسئلن جي مونجهاري ۾ ڦاٿل نڀاڳا ماڻهو ٻاھر کوڙ بيٺا آھن.
ڀوتار ڀورل: چڱو ھيئن ڪر، ھلي ماڻهن کي دم دلاسا ڏي، مان پنھنجي وڏي سرڪار يعني بيگم ڀورل خان کان موڪلائي اچان.
صلاحڪار: سرڪار جلدي ڪري موٽ ڪجو نه ته عوام منھنجي ڪري وجهندو دُرڙي دُڦُ.

(صلاحڪار ٻاھر آئوٽ)
ڀوتار ڀورل: پنهل .... او پنهل

(پنهل اندارن انٽري ڪري ٿو)
پنهل: حڪم ڪيو سرڪار پنهل پيرن ۽ ڃنگهن سميت حاضر آھي.
ڀوتار ڀورل: اڙي اندران بيگم ڀورل خان کي سڏي اچ ته موڪلايانس.
پنهل: ھل پنهل.... ڇو سرڪار حج تي پيا وڃو ؟ يا راھ رباني......
ڀوتار ڀورل: (جملو ڪٽيندي) نڀاڳا راھ رباني وٺن اسان جا مخالف... جن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ جا الزام هڻي ڪيس داخل ڪيو آهي! مان ته وزير ٿيڻ پيو وڃان، نڀاڳا دعا ڪر ته ڪو سٺو کاتو ملي.
پنهل: دعائون کوڙ ڀوتار.... پر ھڪڙي شرط سان.
ڀوتار ڀورل: شرط!؟.......... وري ڪھڙو شرط.
پنهل: ڀوتار جيئن مان دعا پڙھان تيئن اوھان به پڙھجو، انشاء اللھ سم ۽ ڪلر وارو کاتو اوھان کي ملندو.
ڀوتار ڀورل: اڙي سم ۽ ڪلر به ڪو کاتو آھي....، خير تون پڙھ دعا.
پنهل: ته پوءِ ڇنڊ پر پنهل..... تيار ٿي دعا لاءِ.... يا بي ايماني تنھنجو آسرو.

(پنهل هٿ ٻڌي دعا پڙهي ٿو)
پنهل: چپن تي آھي دعا بڻجي تمنا منھنجي،
ڀوتار ڀورل: چپن تي آھي دعا بڻجي تمنا منھنجي،
پنهل: زندگي ليڊر جي سدا صورت ۾ ھجي منھنجي
ڀوتار ڀورل: ھا ائين نڀاڳا..... زندگي ليڊر جي سدا صورت ۾ ھجي منھنجي.
پنهل: ھجي ڪم منھنجو غريبن سان منافقت ڪرڻ.
ڀوتار ڀورل: (پنهل کي شور وجهندي ڏسي چوي ٿو) ھجي ڪم منھنجو غريبن سان منافقت ڪرڻ.
پنهل: بس وزارت جي ليلا سان محبت ڪرڻ.
ڀوتار ڀورل: واھ واھ..... واھ وھوا.... بس وزارت جي ليلا سان محبت ڪرڻ.
پنهل: منھنجا اللھ اسميبلي ۾ سدا ويھارجان مون کي.
ڀوتار ڀورل: گڊ گڊ.... منھنجا اللھ اسميبلي ۾ سدا ويھارجان مون کي.
پنهل: مال جنھن راھ تي ھجي، تنھن راھ تي لڳائجان مون کي.
ڀوتار ڀورل: (اڙي نڀاڳا وات ھاڻي ئي پاڻي ٿو ڪري) مال جنھن راھ تي ھجي تنھن راھ تي لڳائجان مونکي.
پنهل: رھَو ٻوٽيون سڀ حلال.
ڀوتار ڀورل: (ڳيت ڏيندي) رھَو ٻوٽيون سڀ حلال.
(دعا ختم بيگم ڀورل خان جي گهر انداران انٽري)
بيگم: اڙي پنهل مون توکي چيو ھو ته اسد جا ڪپڙا استري ڪري ڪمري ۾ رکي اچ.... تون وري ھن واندي سان ويٺو ٻٽاڪون ھڻين.
ڀوتار ڀورل: خبردار بيگم..... تون ان شخص کي واندو ٿي چئين، جيڪو وزير ٿيڻ وارو آھي.
بيگم: بلي بلي.... اليڪشن ته ڌانڌلي سان کٽي اٿئي، وزير ٿي وئين ته پوءِ ملڪ جي ٻيڙي ٻڏي.
ڀوتار ڀورل: بيگم لڳي ٿو مخالف ڌر سان ملي وئين آهين جو ڌانڌلي جي ڳالهه پئي ڪرين!
پنهل: ھل پنهل.... جي جي امان ائين نه چئه، ڀوتار ڀورل جي وزير ٿيو ته........
بيگم: (جملو ڪٽيندي) چڱو تون ھل اندر ڀوتار جا چمچا.
پنهل: جيجي! چمچا گيري از بيسٽ پاليسي اِن دسِ موجوده صورتحال.
بيگم: تو جھڙن چمچن ته اھڙن واندن جو مٿو خراب ڪيو آھي.
پنهل: ھل پنهل..... ھتي دال نه ڳرندي.

پنهل اندر آئوٽ
ڀوتار ڀورل: بيگم.... او بيگمڙي..... ڀلا ھاڻي کلي رخصت ڪر ته وزير ٿي “ ٽون ٽون ٽون” ڪندڙ گاڏي تي موٽي اچان.
بيگم: وزير ٿي ڇا ڪندين؟ چُپڙي ڪري گهر ۾ ويھي اللھ اللھ ڪر.
ڀوتار ڀورل: اڙي چري وزير ٿي خدمت ڪندس، پنھنجي انھن يارن جي، جن اليڪشن ۾ کٽرايو آھي.
بيگم: الله الله ڪر! ماڻهن جي آهن ۽ دانهن کان ڊڄ !! تنھنجي ڪرمن جي ته سزا ملي آهي جو، اولاد ئي نه ٿيو آهي!!
ڀوتار ڀورل: وار اڇا ٿي ويا آهن ته ڇا ٿي پيو!؟ دل ته جوان آهي.... ياد ڪر اهو منظر جو توسان اک اٽڪي هئي..... ياد ڪر

(ڀوتار ڀورل خان ماضيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽
بيگم سان ڳانو ڳائي ٿو، گانو ختم بيگم گهر اندر
۽ ڀوتار ڀورل خان ٻاھر آئوٽ پنهل اندران انٽري)
پنهل: ھل پنهل....... مولا ڏي اسان کي به ڪا مولائڻ، جنھن کان مان به رسي ڪو گانو چوان.
(اداڪار ربن عرف سني ديول خان جي ٻاھران انٽري)
پنهل: واھ منھنجا مولا...... مون گهري مولائڻ ۽ سامھون چاڙھئي ڦِٽل فنڪار ۽ اداڪار، اڙي آ نڀاڳا.
(ٻئي ڀاڪر پائي ملن ٿا اداڪار سني ديول خان وارا اسٽائيل هڻي ٿو)
پنهل: اڙي اھي عادتون نه ڇڏيئي.
ربن: پنهل ھن عمر ۾ ٻيو ڪرڻو به ڇاھي، جواني ۾ ڪڪڙ ويڙھاياسين، تتر به ويڙھاياسين، رڇ ڪتا به ويڙھاياسين.
پنهل: اڙي ھاڻي ڇا ٿو ويڙھائين؟
ربن: ماڻهو.. ڇو جو ھاڻي دور اھڙو اچي ويو آھي..... ماڻهو ويڙھايو ملڪيت ٺاھيو ۽ اداڪاري ڪري ڪرسي بچايو.
پنهل: ھل پنهل..... چئبو اداڪاري بدران ھاڻي شيطان گري پيو ڪرين.... پر ايترا سال ھئين ڪٿي؟
ربن: بس پنهل ميان! سرِ عام پئي ڪراچيءَ جي فٽ پاٿن تي ويهي نيلام ڪيم، هر مال سؤ روپين ۾، حرام جو مال مفت ۾! آهي ڪو وٺڻ وارو؟بھترينمال.................
پنهل: ( جملو ڪٽيندي) ھل پنهل..... باقي پنج سال ڪھڙن واندن تو واري ٻوٿ تي ويٺي وندر ڪئي؟
ربن: (رڙ ڪندي ۽ سني ديول جي اسٽائيل هڻندي) مان توکي زندہ نه ڇڏيندس، تنھنجي اڍائي مڻن جي لاش کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري شھر جي ڪتن حوالي ڪري ڇڏيندس، تون منھنجي ارمانن جو قاتل آھين.... تون ظالم آھين.... تون درندو آھين....(ٽھڪ)
پنهل: ھل پنهل... اڙي ربن ھي ڇا پيو بڪين ڦل مان ڦوڪڙي ڀري آيو آھين ڇا؟
ربن: اداڪاري پنهل اداڪاري.... منھنجو مطلب آھي ته اداڪاري جي شوق ۾ ھن شھر جي اداڪارن پويان رلندي گذاريم.
پنهل: ھائو پنهل... پوءِ تنھنجو ڏوھ ناھي... بلا اھيو ٻڌاءِ ته ھت ڪيئن پھتو آھين؟
ربن: ٻڌو آھي ته ڀوتار ڀورل خان وزير ٿيڻ وارو آھي، سو ڪجهه ڏوڪڙ امداد طور وٺي ڏي ته پنھنجي ڪا فلم ٺاھيان.
پنهل: چڱو! ھل پنهل..... ڀوتار ڀورل اچي ته ڪنداسين ڪو جڳاڙ.
ربن: غضب خدا جو ڪجهه کائڻ لاءِ به پڇندين يا نه؟
پنهل: (پادر لاھيندي) کائڻ لاءِ کوڙ، رڳو ڳڻيندو وڃجان.
ربن: اھي پاڻ لاءِ رک پنهل.... پر ڊونيشن جي پارت اٿئي.

(ربن ٻاھر آئوٽ)
پنهل: ھل پنهل.... ھليو آ مڙس اداڪاري ڪرڻ... ڄٽ جو ٿيو آ مٿو خراب.
پنهل: (کيسي مان آئينو ڪڍي پاڻ کي ڏسي ٿو) ھل پنهل اٽڪل 66 سيڪڙو وار اڇا ٿي ويا آھن.... مگر اڃا تائين منھنجي لاءِ ڪنوار پيدا نه ٿي... ھاءِ ڙي قسمت ڪھڙي نڀاڳيءَ کي سڀاڳ کڻندو جو ھن اڀاڳي سان شادي ڪندي، پنهل! لڳي ٿو ته ڪنوار ئي قبر ۾ بنا ڪفن جي دفن ٿي ويندين.

(سائرن جو آواز ڀوتار ڀورل ۽ صلاحڪار ٻاھران اچن ٿا.)
پنهل: ھل پنهل.... سائين چئبو ته اوھين وزير ٿي ويا... لڳي نه مون واري دعا.
صلاحڪار: اڙي بس ڪر ڪيانءِ نه دُرڙي دُڦُ.... خير سان ڀوتار ڀورل خان اسان جو وڏي عھدي جي اُٺ تي ويٺو آهي ۽ مان ايڊوائيزر آف ڀوتار ڀورل خان ميمبر آف پراونشل اسيمبلي ۽ منسٽر آف سم ۽ ڪلر.
ڀوتار ڀورل: سيڪيٽري.
صلاحڪار: نو سيڪيٽري سر آءِ ايم ايڊوائيزر.
وزيرو: اڙي ٺھيو ٺھيو ايڊوازر پاڻ وٽ رک... ٻڌ ھاڻي خير سان وزير ٿي ويس.... ان خوشيءَ ۾ ڪو جشن ڪجي ته واھ واھ ٿي ويندي.
صلاحڪار: حڪم ڪيو سرڪار... اھڙو جشن ڪبو جو دشمنن جي دُرڙي دُڦُ ٿي ويندي.
ڀوتار ڀورل: مان گهر هلان ٿو، ڪي ٿڪ ڀڃون.... ٻن ڏينھن کان پوءِ جشن ڪيو وڃي.
صلاحڪار: جيڪو حڪم سرڪار.
ڀوتار ڀورل: چڱو ھاڻي تون به ھل هتان.... شام اچجان ته ماڻهن جا مسئلا ٻڌنداسين.

(ڀوتار ڀورل اندر آئوٽ)
صلاحڪار: فڪر ئي نه ڪريو، ذڪر ئي نه ڪريو، اصل ايندڙ ويندڙ دُرڙي دُڦُ ڪندو رھندس... پنهل جان ھي خادم ھلي ٿو.
پنهل: چڱو جاڏي پير تاڏي ڄنگھان.... شاباس پير ڊاھ.
صلاحڪار: خبردار زيادہ فري ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر، ڪندوسانءِ دُرڙي دُڦُ.

صلاحڪار ٻاھر آئوٽ
پنهل: ھل پنهل ٻن ڏينھن کان پوءِ جشن ئي جشن... خوشيون ئي خوشيون.... موجون ئي موجون... پر منھنجو ڇا؟ جشن وري ڪي اسانجا ٿين ته پوءِ ڪا خوشي ڪيون.

ھڪ فنڪار جي ٻاھران انٽري
فنڪار: (هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي ۽ سر ۾) ڪاڏي ڀوتار ويو.... گهر آ ڊھي پيو.
سڄو سامان ويو.... او ڪاڏي ڀوتار ويو.....
پنهل: ھل پنهل... اڙي بي سرا بي تاج فنڪار تنھنجو گهر ڊھي پيو ته ڇا ٿي پيو ھتي جو سڄو ملڪ ڊانواڊول لڳو پيو آھي.... ڀلا اھيو ته ٻڌاءِ ڀوتار ڀورل تنھنجو گارو ڪندو ڇا؟
فنڪار: گارو ٺاھي ڏيندؤ ته وڏي مھرباني.... وڏي مھرباني.
پنهل: اڙي چوين ڇا ٿو سا ري گا ما جا پٽ. چڱو درخواست ڏي ته ڏيندس ڀوتار ڀورل کي.
فنڪار: درخواست وئي آ وسري... طبلي جي پيٽ ۾!
ڪلهه رات جا لکائي ھئي.... ڪڪڙن جي ميل ۾.
پنهل: ھل پنهل.... اصل نه ڇڏجان انھي راڳ جي پچر... پڇ کان پڪڙي بيھنيس متان اھيو راڳ ڀڄي وڃئي... نڀاڳا ٽر ھتان نه ته مان شروع ٿي ويندم سر ربو ماھيسر مان.
فنڪار: ڪاوڙ نه ڪر مون تي.. ڏاڍو لاچار آھيان
قسمت ويھاريو وڻ تي.. بي وس بيمار آھيان.
پنهل: اڙي چريا پوءِ کڻي اچ درخواست.. لھه وڻ تان ڪنڌ نه پڄي پوَئي.
فنڪار: ھو اجهو آڻيان ٿو درخواست کي... ھو جمالو
ھڻائي نوٽ ڏي درخواست تي... ھو جمالو.

فنڪار ٻاھر آئوٽ
پنهل: ڏينھن جو چپڙيون ھٿن ۾ رات جو ڏاڪڻ ڪلههي تي.... وتن ٿا بنڊ ٿي ويھي راڳ
ڳائيندا... نه گهر نه گھاٽ... چي اٽو چي گھوٻاٽ.

صلاحڪار جي ٻاھران انٽري
صلاحڪار: اڙي ڪير ٿا بنڊ تي ويھي راڳ جي رلهي خراب ڪن؟... ٻڌاءِ ته ڪيانِ دُرڙي دُڦُ. وڃ وڃي ميمبر صاحب کي چئه ته صلاحڪار ڪمال خان آيو آھي.
پنهل: اڙي چري پتل جي.... صلاحڪار ٿئين ته نالو به مٽائي ڇڏيئي. ھل پنهل..

پنهل اندر آئوٽ ڀوتار ڀورل اندران انٽري
ڀوتار ڀورل؛ اچي وئين سيڪيٽري سڳورا.
صلاحڪار: نو سيڪيٽري سرڪار.... آءِ ايم ايڊوائيزر اينڊ يو آر ماءِ منسٽر.
ڀوتار ڀورل: اڙي ھائو ھائو اھوئي نڀاڳو، ڪر خبرون.
صلاحڪار: سرڪارB.B.C جو نمائندو اچي ويو آھي... توھان کان انٽرويو وٺڻ.
ڀوتار ڀورل: اڙي اھا بي بي سي وري ڪھڙي بلا آھي.
صلاحڪار: سرڪار دس از لنڊن ڪولين ان ايسٽرن سروس آف بي بي سي نائو نيڪسٽ پروگرام ان اردو اينڊ يوَر انٽرويو.

بي بي سي جو نمائندو ٻاھران انٽري
صحافي: (وڏيري کي ھٿ ڏيندي) ھيلو مسٽر آءِ ايم ايڊورڊ... ڪراسپاڊنٽ آف بي بي سي.
صلاحڪار: مسٽر ڀورل خان ميمبر آف اسيمبلي اينڊ منسٽر آف سم ۽ ڪلر کاتو.
صحافي: او ييس آءِ نو... اينڊ يو؟
صلاحڪار: بس سائين تون ئي تون.
ڀوتار ڀورل: ويھه ڊائون... ويھ ڊائون
صحافي: واٽ؟
ڀوتار ڀورل: اڙي چريا واٽ تي فقير ويھندا آھن... تون ڪرسي تي ويھه ڊائون.
صلاحڪار: منسٽر صاحب فرمائنگ يُو سِٽ ڊائون.
صحافي: نو ٿينڪ يُو.!
ڀوتار ڀورل: تنھنجي مرضنگ... ڀلا ڇا پيئنگ ٿڌنگ يا گرمنگ ؟
صحافي: آءِ ڊونٽ نو يُور لينگويج.
صلاحڪار: صفا انگريزي نٿي اچئي... بابا منسٽر صاحب فرمائنگ يو ڪولڊ پيئنگ يا ھاٽ پيئنگ.
صحافي: او نو... ٿينڪ يو.
صلاحڪار: ٿينڪ يو وري ڪيئن... ڪجهه نه ڪجهه پيئنگ نه ته منسٽر صاحب جو ٻوٿ سڄي وڃنگ.
صحافي؛ واٽ؟
ڀوتار ڀورل: اڙي بابا انٽرويو وٺڻ کانپوءِ سيڪيٽري توکي واٽ ڏيکاريندو... ھروڀرو تڪڙ ڇاجي آھي.
صحافي: او ... اوڪي اوڪي... ماءِ فرسٽ ڪوئسچن فار يوَر ڪواليفڪيشن.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڇا پڇنگ؟
صلاحڪار: سرڪار تون ماٺ ڪري ويھه ... مان پاڻهي ٿو ڏسنگ... ته ھا مسٽر بي بي سي ڇا پڇنگ.
صحافي: واٽ از ڪواليفڪيشن آف يُوَر منسٽر.
صلاحڪار: ييس ييس... قوالي... سائين جن جا وڏا ڳائيندا ھئا.... باقي وڪيشن ھتي نه ملندي آھي.. ڇو ته نو اسڪول ان دس ڳوٺ.
صحافي: او نو آءِ سي ٿاليم.
صلاحڪار: ائين چئه نه! ڀوتار ڀورل اسڪول ۾ پڙھيو ئي ڪونھي... باقي اي ايم فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي اٿائين سا به يونيورسٽي آف ..........
صحافي: (جملو ڪٽيندي) واٽ مين باءِ اي ايم؟ ڇا مٿلب؟
صلاحڪار؛ اي سان آڱوٺا... ايم سان مار.... يعني ماءِ منسٽر از آڱوٺا مار فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن.
صحافي: يوَر اڌر پروگرام؟
صلاحڪار: صاحب ڏيانس جواب ته چڙھي وڃي چوڏيل تي.
ڀوتار ڀورل: نه نه اھيو مون کي به اچي ٿو، ته ھا مسٽر نمائندہ ڇا پڇنگ؟
صحافي: يُوَر اڌر پروگرام؟
ڀوتار ڀورل: جوئر اوڌر تي ڏيڻ جو ڪو به پروگرام ناھي.... اڃا پروڪي سال واري ڀاڻ جا پئسا ئي ناھن مليا.
صحافي: او .....!!!!! آر يو ڊفر؟
ڀوتار ڀورل: ظفر؟ منھنجو دوست آھي... اوھان جو واقف آھي ڇا؟
صحافي: ون ٽو آل فولش.
ڀوتار ڀورل: سيڪيٽري ڇا پڇنگ؟
صلاحڪار: سرڪار چئنگ ته توواري صاحب جو انٽرويو ٻه دفعا ٽوڪري واري ٽي وي تان ھلندو.
ڀوتار ڀورل: ٿينڪ يو... ٿينڪ يو... تمام وڏي ٿينڪ يو.
صحافي: اوڪي.... آءِ گو.
ڀوتار ڀورل: گوءِ ڇا جي؟ ڏاندن جي يا گھوڙن جي... شوقين ٿو لڳين.

صحافي وڏيري جي منھن کي ڏسندي ٻاھر آئوٽ
ڀوتار ڀورل: اڙي بنا وڊو (وڊيو) ۽ ڦوٽو ڪڍڻ جي. ان ٽوڪري واري ٽي وي ۾ انٽرويو ڪيئن ايندو.. سو به ٻه دفعا.
صلاحڪار: سرڪار توھانجي انٽرويو ھلائڻ وقت ٽي وي وارا پنھنجي پردي تي لکي ڇڏيندا ته فني خرابي سبب نشريات ۾ خلل.
ڀوتار ڀورل: ھائو....... !؟

ڀوتار ڀورل اندر آئوٽ ٻاھران موالي جي انٽري
موالي: ٻيڙا ئي پار بابن جا.
صلاحڪار: ڀلي ٻڏل ھجن... اڙي هي مڪان ناھي.. ڀوتار ڀورل خان جو گهر آھي... ٽر اکين اڳيان نه ته ڪندو سانءِ دُرڙي دُڦُ.
موالي: بابن ناراض ڇو ٿو ٿين؟... ڀوتار ۾ مڙئي ڪم پيو آھي سو اچي حاَضر ٿيو آھيان.... بابا رحم جي نظر ڪر.
صلاحڪار: اڙي موالي ڏي خبر ڌنڌو ڪيئن ٿو ھلي؟ مڪان شڪان به ھلي ٿو يا ويو اھو به دُرڙي دُڦُ ٿي.
موالي: بابن لڳي ٿو ته مون کان به وڌيڪ پيتي اٿئي... تڏھن ٿو ابتو ڳالهائين.. مڪان ٿورئي ھلندو آھي.. ماڻهو ھلندا آھن ماڻهو بابن.
صلاحڪار: اڙي تو وانگر ڀنگ ڪونه پيئندا آھيون.
موالي: بابن اڳي ته اصل ڪونڊا چٽي ويندو ھئين.. ڇڏي ڏنئي ڇا؟
صلاحڪار: جنھن ڏينھن کان ڀوتار منسٽر ٿيو آھي، تنھن ڏينھن کان بوتل جي دُرڙي دُڦُ ڪندو آھيان.
موالي: ھا بابن اسانجا اھڙا ڀاڳ ڪٿي؟ اسان کي سائي ملي ڄڻ بادشاھي ملي.
صلاحڪار: موالي تنھنجو گهر به مينھن ۾ دُرڙي دُڦُ ويو ڇا؟
موالي: ھائو بابن صفا گهر مسيت ٿي ويو... ھر شيءِ فنا.
صلاحڪار: اڙي ڪجهه بچيو به يا نه.... ھر شي جي ٿي وئي دُرڙي دُڦُ.
موالي: بابن گهر ڪرڻ کان اڳ، مولا سمڪ ڏني جو ڏنڊو ڪونڊو گهر کان ٻاھر ڪڍي ورتم.
صلاحڪار: ڏنڊو ڪونڊو بچو... ڄڻ جڳ جهان بچو.
موالي: پر بابن اھو ڏنڊو ڪونڊو به الائي ڪھڙو مروان چورائي ويو... ھاڻ ننڊ ته به نٿي اچي.
صلاحڪار: چڱو موالي بابا، منسٽر جي اچڻ جو ٽائيم ٿي ويو آھي.
موالي: مولا جي ٻاجهه ٿيئي.... مڙئي پارت ھجئي بابن.

موالي ٻاھر آئوٽ
صلاحڪار: گهر ڊاھين اللھ.. وري امداد ڏي ڀوتار ڀورل خان... ڀوتار ووٽ ناھي ورتو ڄڻ ڳچيءَ ۾ ڦاھو وڌو اٿائين.. ووٽ ڇا ڏنو اٿن.... رنن وانگي سھائي ماريو اٿن... سڌو چوڏيل تي چڙھيا ٿا اچن. ههڙن ووٽرن جي ووٽن ته ڀوتار کي ڪلٽي ڪرايو هو، پنھنجي مڙسي يعني مائي ڌانڌلي سان دل نه لڳائي ها ته ڪو ميمبر ٿئي ها ڇا ؟!!!

گاني جو پسِ پرده آواز روز رسين مون کان راڻا..

هڪ گھوٽ جي ٻاھران انٽري
صلاحڪار: اڙي گھوٽ اڻ موٽ... تنھنجي ڪنوار ھيڏي ڪونه آئي آھي.
گھوٽ: بس ڪر بابا.... اصل جلدي ڪر... درخواست وٺ ٻاھر ڄاڃي انتظار ۾ ويٺا آھن.
صلاحڪار: اڙي ڪنوار نٿي وڻئي ته خير آھي... باقي اسان ڇا جي لاءِ ويٺا آھيون. ڪم ته اصل اسانجا جا ئي آھن.
گھوٽ: بڪواس بند ڪر، ٻڌم ته منسٽر صاحب آيو آھي.. تڪڙ ۾ امداد جي درخواست لکي اٿم... امداد ڏيو قرب ڪريو نه ته منھنجو منھن ڪارو ٿي ويندو.
صلاحڪار: ڇو ميندي مھانگي ٿي وئي آھي ڇا؟
گھوٽ: سڀ درخواست ۾ لکيل آھي.... مان وڃان ٿو.
صلاحڪار: اڙي ترس... ميمبر صاحب اچڻ وارو آھي... ايڏي تڪڙ ڇا جي لاتي اٿئي ھروڀرو چوڏيل تي چڙھڻ جي ڪوشش نه ڪر، ڄنگهه نه ڀڄي پوئي.

ڀوتار ڀورل اندران انٽري
گھوٽ: سائين عرض اٿم.
صلاحڪار: تڪڙ نه ڪر صاحب جو موڊ نٿو ڏسين، صفا منھن دُرڙي دُڦُ لڳو پيو اٿس.
گھوٽ: اڙي منھنجي ستيا پئي ناس ٿئي تون وري صاحب جو موڊ موڊ پيو ڪرين.
ڀوتار ڀورل: چئه بابا چئه ڇا کپئي؟
گھوٽ: سائين چار دفعا اڳ به عرض ڪيو اٿم.
ڀوتار ڀورل: مون کي ياد نٿو پوي.
گھوٽ: سائين جناح باغ واري کلي ڪچھري ۾ به عرض ڪيو ھيم.
ڀوتار ڀورل: ھوندو بابا.
گھوٽ: سائين ٻيو دفعو ڪراچي آيو ھيم.. اتي به عرض ڪيو ھيم.
ڀوتار ڀورل: چيم نه بابا ته ياد نٿو اچي. تون ڪم چئه.
گھوٽ: سائين امداد گهرجي امداد.!
ڀوتار ڀورل: پر ڇا جي لاءِ امداد کپئي؟
گھوٽ: سائين برسات ۾ جاءِ ڪري پئي ھئي.
صلاحڪار: اڙي اھا ته ٺھرائي ڇڏيئي نه... پوءِ امداد ڇا جي؟
گھوٽ: سائين جاءِ ته ڪڪڙ، گابا، مينھون ۽ ڳئون کپائي ٺھرايم. پر ھاڻي امداد جي آسري ۾ منھنجو ته جهڳو جَهڻ پيو ٿئي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڇو؟
گھوٽ: سائين ساھرن کي امداد جو آسرو ڏنم، امداد نه ملي ڪنوار ٽي دفعا ونواھ مان اٿاري ڇڏيائون.. ھي چوٿون دفعو آ جو شادي ڪرڻ ٿو وڃان.
صلاحڪار: اڙي تنھن ۾ منسٽر صاحب جو ڇا وڃي، اسان ڇا ٿا ڪري سگھون؟
گھوٽ: سائين امداد ڏيو... نه ته چوٿون دفعو به ڪنوار ونواھ مان اٿاري ڇڏيندا.
صلاحڪار: اڙي چڱو ٿا ڪن، توکي ڪنوار ڏيڻ کان ته ڀلو اٿن ته ڪنوار کي ڪنھن کوھ ۾ ڦٽو ڪري اچن.
ڀوتار ڀورل: چڱو بابا درخواست ڏئي وڃ... ڇنڇر تي اچجان.
گھوٽ: وڃ سائين ڇنڇر تي!؟ رحم ڪريو.
ڀوتار ڀورل: بابا پوءِ آچر تي اچجان. ٺيڪ آ.
صلاحڪار: سرڪار آچر تي اوھان کي خطاب ڪرڻو آھي.
ڀوتار ڀورل: ھائو... ته ھا بابا پوءِ سومر صحيح رھندو.
گھوٽ: سائين سومر تي ستاوڙي تي ويندس. خير ايندس.
ڀوتار ڀورل: بابا ستاوڙو کاءُ... اڱاري تي اچجان.
صلاحڪار: سرڪار اڱاري تي کلي ڪچھري ڪرڻي اٿوَ، ڀينگ پور ۾.،
ڀوتار ڀورل: يار مون کان ته ڳالهه ئي وسري وئي.. بابا تون اربع تي اچجان.
گهوٽ: وڃ وڃي ٿو مٿي چڙھندو... صاحب پوءِ اربع ڏينھن جي پارت اٿوَ مان ضرور ايندس.
ڀوتار ڀورل: نه بابا نه .... اربع تي مون کي گهر ۾ ڪم آھي سو خميس تي... چڱو ھيئن ڪر جو جمعي جي ڏينھن اچجان... جمعي ڏينھن بلڪ ڪم ناھي.. ڪيئن سيڪيٽري؟
صلاحڪار: نو سيڪيٽري سرڪار.... جمعي جي ڏينھن اوھان کي برابر ڪو به ڪم ڪونھي. پر سائين ھن مھيني ۾ جمعو آھي ئي ڪونه.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڪاڏي ڀڄي ويو جمعو؟ ھن مھيني ۾ جمعو ناھي اھو ڪيئن؟
صلاحڪار: ٻڌو سائين ڇنڇر، آچر، سومر، اڱارو، اربع، ڇنڇر
= = = = = =
= = = = = =

گانو: روز چوين ٿو سومر تي........ منظور سخيراڻي
گانو ختم ٿئي ٿو

ڀوتار ڀورل: بابا گھوٽ صاحب پوءِ تون ايندڙ مھيني جي پھرين ڇنڇر تي اچجان تنھنجو بلو ڪبو.
گھوٽ: چئبو ڪنوار تان ھٿ کڻان.. اڙي ابا چيومانءِ ته نه ملندي امداد نه ملندي، ھروڀرو منھنجو منھن ڪارو نه ڪر.
صلاحڪار: اڙي صاحب جو موڊ خراب ڪري ڇڏيئي.. ڏسين نٿو ته صاحب جو منھن ڪيئن لڳو پيو آھي.
گھوٽ: ڄڻ ڦٿل واڱڻ مٿان ٽانگو چڙھي ويو ھجي.
ڀوتار ڀورل: (ڪاوڙ ۾) بدتميز ناھي امداد نڪر ھتان.
گهوٽ: (موڙ لاھيندي) سائين جي امداد ناھي ته ھي وٺو موڙ اسان وڃون ٿا بر ۾ منھن ڏئي، اللھ توھار.
صلاحڪار: (موڙ وٺندي) ڀلا ڄڃ ته بيٺي آھي نه.
گھوٽ: ھا ھا بيٺي اٿئي ڄاھا.

گھوٽ ٻاھر آئوٽ
صلاحڪار: (موڙ ٻڌندي) ڀوتار ھاڻي اسان جي يارو ياري.. وليمي جو سڏ ٻڌو ھجئي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڪاڏي؟
صلاحڪار: ڀوتار شادي ڪرڻ.... ٻاهر ٺهيل ٺُڪيل ڄڃ انتظار ۾ آهي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ٺھيو ٺھيو.. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي.. ڪيانءِ نه تعادي.
صلاحڪار: ڀوتار ! پنھنجو پاڻ ۾ ڳالهه آھي ته پرائي مال تي پٽڪو اسان ئي ته ٻڌي ھلندا آھيون.
ڀوتار ڀورل: اڙي سيڪيٽري.
صلاحڪار: اونھون... آءِ ايم ناٽ سيڪيٽري بٽ آءِ ايم ايڊوائيزر... ايڊوائيزرڍ
ڀوتار ڀورل: ييس ييس يو آر ماءِ ايڊيٽر.
صلاحڪار: ڊونٽ ايڊيٽر سرڪار، آءِ ايم وري ايڊوائيزر.
ڀوتار ڀورل: ڌوڙ پئي ٿي ٻوٿ ۾. اڙي جيڪو آھين سو آھين، ڪراچيءَ ۾، هتي
تون آھين سيڪيٽري ڪمالو.
صلاحڪار: بس سائين ڪير چئي ته شينھن تنھنجي وات ۾ پلال.
ڀوتار ڀورل: چڱو تون ھاڻي ھل ۽ ھلي جشن جون تياريون وٺ، ھل تکو ٿي.
صلاحڪار: (ٻاهرويندي) ڪو به فڪر نه ڪريو جشن جي ضرور دُرڙي دُڦُ ڪبي.
صلاحڪار ٻاھر آئوٽ بيگم ڀورل خان جي اندران انٽري
بيگم: ڇا ڳالهه آھي، خوشي ۾ ماپين نٿو.
ڀوتار ڀورل: سڀاڻي پنھنجي وزير ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ جشن ٿيندو... سو مڙئي جواني جا ڏيک ڏيجانءِ... سينگار اھڙو ڪجان... جو اندر ٺري پئي.
بيگم: شرم ڪر شرم.. ھي عمر آھي اسانجي.
ڀوتار ڀورل: بيگم شرم ڪھڙو.... ھي ئي ته عمر آھي جو ماڻهو ٻار وانگيان لڳندو آھي.
گانو......................................

گانو ختم ٿئي ٿو ڀوتار ڀورل خان پنهل کي سڏي ٿو
ڀوتار ڀورل: پنهل...... او پنهل

پنهل گهر اندران انٽري ڪري ٿو

پنهل: هل پنهل...... جي ڀوتار سائين حڪم جي هڙ رکو، هن پنهل جي مٿي مٿان.
ڀورل ڀوتار: پنهل رات جا باقي ٻه پھر بچيا آهن ڪجهه آرام ڪجي ۽ تون به آرام ڪر.

ڀوتار ڀورل ۽ بيگم اندر وڃن ٿا
پنهل: ھل پنهل... ڪم ڏاڍو ڪيو اٿئي... ھاڻي آرام ڪر... وري صبح جو پنهنجو پاڻ گڏھ وانگي جانڊھ ۾ جٽنداسين.

پنهل سمهي ٿو.. صبح ٿئي ٿو..
دروازي واري گھنٽي وڄي ٿي.
پنهل ننڊ مان اٿي ٿو ۽ ٻاھرين دروازي طرف وڃي ٿو.
پنهل: ھل پنهل... الائي وري ڪھڙي جزا جي صبح سان شڪل ڏسڻي پوندي.

صلاحڪار جي ٻاھران انٽري
صلاحڪار: اسلام عليڪم
پنهل: لاحول ولاللھ قوت.. صبح سوير بي سُري جي شڪل ڏٺم... خدا خير ڪري
صلاحڪار: اڙي وات نه ھڻ نه ته ڪندوسانءِ دُرڙي دُڦُ.

ڀوتار ڀورل جي اندارن انٽري
ڀوتار ڀورل: اچي وئين سيڪيٽري.
صلاحڪار: سائين نو سيڪيٽري... آءِ ايم ايڊوائيزر
ڀوتار ڀورل: اڙي ھائو ھائو اھوئي ڄٽ جو پٽ... ڏي خبر دعوت ناما سڀني کي ملي ويا.
صلاحڪار: سرڪار اصل چوڏيل تي چڙھي، دعوت نامن جي دُرڙي دُڦُ ڪري آيس.
ڀوتار ڀورل: چڱو سيڪيٽري تون ٻاهر ھلي مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪر، جيڪو اچي ته هيڏي موڪل.
صلاحڪار: جي سرڪار

صلاحڪار ٻاھر آئوٽ
پنهل: ھل پنهل.... ( صلاحڪار کي) وڃ.. وڃي پٽيوالي وارو ڪم ڪر.
ڀوتار ڀورل: پنهل مھمان اچن تُه ويھارجان، مان تيسيتائين پنھنجي سيٽنگ ڪري اچان.

ڀوتار ڀورل اندر آئوٽ
پنهل: ھل پنهل... اسان جي سيٽنگ ڪرڻ واري به ڏي مولا.

مھمانن جي ٻاھران انٽري
مھمان1: اسلام عليڪم
پنهل: وعليڪم ھل پنهل.. اچو سائين اچو... ويھو..
مھمان2: اسلام عليڪم پنهل خان
پنهل: وعليڪم وڏيرا گلڻ خان... اچو ويھو، ڪھڙا حال آھن.
مھمان2: اللھ جا احسان... پر پنھنجو دوست منسٽر ڀورل خان نظر نٿو اچي.
پنهل: توھان ويھو ته سھي وڏيرا، منسٽر صاحب به نظر اچي ويندو.

مھمان 1 ۽ 2 ويھن ٿا.
ڀوتار ڀورل اندران انٽري
ڀوتار ڀورل: سائين ڀلي ڪري آيا
مھمان1: منسٽر ٿيڻ جو مبارڪ
مھمان2: منھنجي طرفان به مبارڪون
ڀوتار ڀورل: قرب توھان يارن جا باقي اسان ۾ ٿورئي چاڙھو هو.

سڀ ٽھڪ ڏين ٿا
مھمان1: دوست ھھڙي محفل رُکي.
پنهل: ھل پنهل.... صاحب رُکي نه پر مکڻ سان مکيل ۽ گرم مصالحن واري محفل مچندي.
ڀوتار ڀورل: ھائو... ھائو... بابا پوءِ دير نه ڪريو.

رقاصه اچي ٿي رقص ڪري ٿي.
گانو
محفل ختم ٿئي ٿي ڀوتار ڀورل مھمان کي ٻاھر ڇڏڻ وڃي ٿو
هڪ کدڙو ٻاھران انٽري ڪري ٿو
کدڙو: (تاڙي وڄائيندي) ھاءِ صدقو وڃانءِ پاجامي جهڙا پھلوان.
پنهل: ھل پنهل.... صدقو وڃي ته ڏس پنهل تنھنجي قرب ۾ اڳ ئي ڪٺل آھي.
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) اڙي وزير صاحب ڪونه آيو آھي ڇا.. منھنجا مئا مٺا.
پنهل: ڇڏ وزير جي پچر... حڪم ڪر منھنجي شلپا شيٽي.
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) مئا پري ٿي ڳالهاءِ... وات مان ڍونڍ جهڙي ڌپ ٿي اچي! منھنجو من جو مٺڙو منسٽر صاحب ڪٿي آهي؟ مان ان سان ملنديس.
پنهل: هل پنهل.... ڇڏ اميرن جي پچر ... ڪڏهن غريبن جي دل جي اوطاق تي هڪ ڏينهن مهمان ٿي رات رهي ڏس، ڄاڻي ٿو مولا سک ئي سک هوندا.
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) هل هل..... تو سڃي ٺٺينگ مان ڇا ملندو؟
پنهل: منھنجي دل جي ماڌوري..... محبت جا مڻ ملندءِ...... ڇو ٿي پراڻا اداڪار ڳولهين؟ ڪڏهن ڪڏهن اسان جھڙن جوانن جو به خيال رکندي ڪر!
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) شل مئل نانگ کاوئي! مئا آئيني ۾ پنهنجي ٻوٿاڙي ڏڍي اٿئي؟
پنهل: هل پنهل!! ... هن پنهل سان پريم جا پيچ اٽڪائيندين ته امداد مٿان امداد ئي ملندي رهندءِ... تون رڳو هڪڙو ڀاڪرڙو ته پائي ڏس!
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) مئا صفا ڳاري لاٿيءُ!!!

پنهل ۽ کدڙو فقير ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا
ته صلاحڪار باهران انٽر ٿئي ٿو.
صلاحڪار: هون........... چئبو ڀوتار ڀورل خان جي بنگلي ۾ ، ڀوتار جي عزت دفن پيو ڪرين!؟ يا فقير کي چوڏيل تي چاڙهڻ جي چڪر ۾ دُرڙي دُڦ پيو ڪرينس؟
کدڙو: ( تاڙي وڄائيندي) هاءِ من ڪير آهين؟ صدقو ٿيانءِ.
صلاحڪار: ڀوتار ڀورل خان يعني منسٽر آف سم ڪلر جو صلاحڪار ڪمال خان يعني منسٽر صاحب جي سڄي ٻانهن، جيئن منسٽر کي مان چوان تيئن ڪري! منھنجي حڪم جو محتاج اٿئي!! قسم ڦرڻيءَ جو.
کدڙو: ( صلاحڪار کي ويجهو ايندي) هاءِ پرين پوءِ ميڪپ لاءِ منسٽر کان امداد وٺي ڏيندين نه؟
صلاحڪار؛ رڳو ميڪ اپ لاءِ !؟ ڊريسن لاءِ به ....... کوڙ امداد ...... اصل نوٽن سان دُرڙي دُڦُ ڪري ڇڏيندو مانءِ
کدڙو: ڪيان نه امداد جو آسرو منھنجا من؟
صلاحڪار: ٻڌ تون ھلي پنھنجي جاءِ تي ويھه ... مان پاڻ تڪليف ڪري امداد منظور ڪرائي اتي ٿو پھچائي وڃانءِ اصل چوڏيل تي چڙھي.. ھونئن به مون کي توسان ڏسي گهڻن جا منھن دُرڙي دُڦُ ٿي ويا آھن.
کدڙو: چڱو مان انتظار ڪنديس منھنجا اڪشي ڪمار.

کدڙو ٻاھر ويندي
پنهل: ھل پنهل ڊاھ پير... ھل ھل
کدڙو: (موٽندي پنهل کي تاڙي ھڻندي) ڇو ٿي سڙين پھاڄ.

کدڙو ٻاھر آئوٽ
صلاحڪار: وڃ ۽ وڃي ميمبر صاحب کي چئه ته ايڊوائيزر ڪمال خان تشريف فرما آھي

پنهل اندر آئوٽ ڀوتار ڀورل اندران انٽري
ڀوتار ڀورل: اڙي آءُ سيڪيٽري ڪمالو!
صلاحڪار: سرڪار نو سيڪيٽري ڪمالو.. آءِ ايم ايڊوائيزر ڪمال خان ڀوتار...
ڀوتار ڀورل: اون ھون... نو ڀوتار ميمبر آف اسميبلي چئه ڄٽ جا پٽ.. اڃان انگريزي ناھين سکيو ڇا؟
صلاحڪار: صاحب انگريزي؟... انگريزي وري ڪنھن کان سکان؟
ڀوتار ڀورل: مون کان وري ٻيو ڪنھن کان؟ اڙي ڏٺئي ڪونه ته ڪيئن اسيمبلي جي اجلاس ۾ انگريزي ۾ تقرير ڪئي ھيم.
صلاحڪار: صاحب پنھنجو پاڻ ۾ ڳالهه آھي ته توھان اسيمبلي ۾ ٻوڙ ھاريو.. توھان واري تقرير ڀيري سڀ ميمبر اوٻاسين ۾ دُرڙي دُڦُ لڳا پيا ھئا.
ڀوتار ڀورل: اھو وري ڪيئن؟
صلاحڪار: ڀوتار!
ڀوتار ڀورل: اون ھون.... اون ھون.
صلاحڪار: چم جي زبان آھي صاحب... سو ھر ھرچوڏيل تان ترڪي ٿي پئي.. ھا ته توھان واري تقرير ڪنھن کي به سمجهه ۾ نه آئي.. سڀني جا وات ڪٽلي مٿو دُرڙي دُڦُ ۽ ڄنگهون چوڏيل جهڙيون ٿي ويون ھُيَن.
ڀوتار ڀورل: اھائي ته عقلمند وزير جي چال آھي نڀاڳا... جو تقرير اھڙي ڪجي جيڪا ڪنھن کي سمجهه ۾ ۾ نه اچي.
صلاحڪار: پر سائين! ماڻهو وري اهو به چون پيا ته “ صاحب اسيمبليءَ ۾ وڏيون ڦڙڪيون پئي هنيون”
ڀوتار ڀورل: پوءِ تو عوام کي ڪھڙو جواب ڏئي منهنجي جذبن جي ترجماني ڪئي!؟
صلاحڪار: ڀوتار مون به صفا چئي ڏنو مانِ ته پاڻ وارو وزير صفا بڻيادي نسل جو آهي، ائين سمجهو ته ڪرسيءَ ته جهڙو تهڙو ماڻهو نه پر نسلي “ ڪڪڙ ڪرسيءَ تي” ويٺو آهي.
ڀوتار ڀورل: اڙي اهو وري ڇا؟؟؟ پوءِ ته اهڙن ماڻهن کي سدائين ڏٽن ۽ پُوزين هلائجي!
صلاحڪار: بروبر سرڪار بروبر.. ائين ئي... ٺيڪ ائين عوام جي دُرڙي دُڦُ ڪندو رھ!
ڀوتار ڀورل: ھائو نه ! تنھنجي موڪل آھي نه.
صلاحڪار: ھائو پر سرڪار ٻاھر ماڻهو اوھانجو انتظار ڪري ڪري صفا ڦڪا، ساوا بلڪه واڱڻائي ٿي ويا آھن.. ھٿن ۾ رڳو درخواستون اٿن.
ڀوتار ڀورل: ڇا جي لاءِ؟
صلاحڪار: امداد سائين امداد لاءِ.
ڀوتار ڀورل: ڪاٿي آھي امداد؟
صلاحڪار: سائين اوھان جي اڪائونٽ ۾.
ڀوتار ڀورل: اڙي گھڻا دفعا چيو اٿمانءِ ته ان اڪائونٽ جي ڳالهه منھنجي اڳيان نه ڪندو ڪر.
صلاحڪار: سرڪار غلطي جي معافي... پر ھاڻي ھنن ڄٽن جي پٽن کي ڪو به دلاسو ڏيو نه ته اصل چوڏيل ۾ چنبڙي پوندا.
ڀوتار ڀورل: مون کي ڏي درخواستون.

صلاحڪار ھڪ درخواست ڏيئي ٿو
ڀوتار ڀورل: (درخواست وٺندي) اڙي ھي ڪنھن جي درخواست آھي؟
صلاحڪار: سائين دُرڙي دُڦُ ٿيل آھي فنڪار استاد ڦليلي خان گليلي جي.
ڀوتار ڀورل: ڇا لکيو اٿائين.
صلاحڪار: (درخواست وٺندي) صاحب لکي ٿو ته موجودہ برسات ۾ منھنجو طبلو پاڻي سان ڀرجي ويو، باجو سرتار ڇڏي ويو، جاءِ جي ڇت ڪري پئي.. ان ڪري رياض ڪرڻ کان محروم ٿي ويس.. عنايت ٿئي ۽ امداد ڏيڻ فرمائيندا ته اوھان جي دھلڙي سدائين وڄندي رھي.
ڀوتار ڀورل: چڱو سڏينس ته وٺانس احوال.... جي ووٽ ڏنو اٿائين ته امداد به ملندس نه ته ويٺو راڳ ڳائي.
صلاحڪار: فنڪار خان صاحب استاد ڦليلي خان گليلي حاضر ٿئي ۽ اچي چوڏيل تي چڙھي.

فنڪار ٻاھران انٽر
ڀوتار ڀورل: ڪر خبرون ميان فنڪار ڪھڙا حال اٿئي.
فنڪار: (سُر ۾) ڪھڙا مون کان حال پڇين ٿو.
امداد لاءِ تون ڇو نه اچين ٿو.
ڀوتار ڀورل: اڙي ووٽ به ڏنو ھيو تو يا نه؟
فنڪار: (سر ۾) وڌو ووٽ ھيو ووٽ.... جنھن ۾ ھيو نوٽ... وڏو ووٽ...
ڀوتار ڀورل: اڙي اھو ته خارج ٿي ويو... پوءِ امداد ڇا جي؟
فنڪار: مسڪين تي ڪجهه خيال ته ڪر....
خيال ته ڪر برو حال نه ڪر
مسڪين جو ڪجهه ته خيال ڪر......
ڀوتار ڀورل: چڱو ھل تکو ٿي.. امداد وٺڻ آيو آھي بي سرو.
فنڪار: ڪو آسرو نه ڪر... ھي ڪوڙو آ ميمبر
روز بھانا نوان نوان... ڪري ٿو در بدر
ڀڄڻ جي ڪر تياري، ڀڄڻ جي ڪر تياري!

فنڪار ٻاھر آئوٽ
صلاحڪار: چَکي!!.... آيو ھو بنا ڏوڪڙڻ جي چوڏيل تي چڙھڻ... ائين سرڪار ائين تڏھن ته ويگو شِيگو وٺبي.
ڀوتار ڀورل: ٻي ڪنھن جي درخواست آھي ڇا؟
صلاحڪار: ھا سائين ٽريفڪ جماندار جي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ان به امداد لاءِ ڏني آھي ڇا؟
صلاحڪار: بس سرڪار ڄڻ پاڻي جا دٻا ڀري توھان مِينھن وسايو ھجي، اھا ماڻهن کي خبر ئي ڪونھي ته اسان جو منسٽر رڳو مخالف ڌر جي دٻن جي دُرڙي دُڦُ ڪندو آھي.
ڀوتار ڀورل: چڱو چڱو اھا ڇَتي ڪوري واري ڊيگهه ڇڏ... سڏ ڪرينس.
صلاحڪار: ٽريفڪ جماندار پھرين گير ۾ پھچي وڃي.

ٽريفڪ جماندار جي ٻاھران انٽري
ڀوتار ڀورل: ڇا تو کي کپي بابا.
جماندار: سائين برسات جي رات ھئي، اڳين لائيٽ بند ٿي چڪي ھئي، گاڏي جي ڇت وھي رھي ھئي، برسات سبب سگنل خاموش ھو، ان ڪري خدا منھنجي گهر کي 112/82 تحت چالان ڪري ڇڏيو.... ان ڪري امداد جي درخواست ڏني اٿم ته چالان ٿيل جاءِ جو ڏنڊ ڀري پنھنجن ٻچن جا انڊيڪيٽر ٺھرائي سگھان نه ته گاڏي پنڪچر ٿي ويندي.
ڀوتار ڀورل: بابا انھن ماڻهن لاءِ منھنجا در بند آھن جن ووٽ نه ڏنا آھن.
جماندار: سائين ٻچن سميت ووٽ توھان کي ڏنا ھئا... توھان کي ڪونه ٻڌايو ھيم ته اوور ٽيڪنگ ۽ اوور لوڊ ڪري به توھان جا دٻا فل ڪيا ھئا.
ڀوتار ڀورل: ٺيڪ آ... پوءِ بابا ڏسنداسين؟
جماندار: سرڪار تمام وڏا ڊينٽ پئجي ويا اٿس.. ڇا ڏسندؤس، اصل ھلڻ کان ھلاڪ آھي.
ڀوتار ڀورل: بابا چوانءِ ٿو ته تولاءِ منھنجا دروازا ھميشه کليل آھن.
جماندار: دروازا کليل! يعني 112/19 جي ڀڃڪڙي!!؟ ان قلم تحت اوھان کي چالان ڪري سگھجي ٿو.
ڀوتار ڀورل: اڙي تون مون کي چالان ڪندين؟ ھان! مون کي؟ ڪوڙا قلم ٿو هڻين!!!؟ اڙي صلاحڪار!
صلاحڪار: جي سرڪار!
ڀوتار ڀورل: ھِن کي نوڪري تان لاھڻ جو ڪم تنھنجو.
صلاحڪار: فڪر نه ڪر سرڪار ھينئر ٿو ڪريانس اِلٽ گِلٽ ۽ دُرڙي دُڦ.
جماندار: ووٽ وٺڻ مھل بنا بريڪ ھليا ٿا اچو نه ھارون نه بريڪ ۽ نه ئي انڊيڪيٽر، اچي ويا اميدوار صاحب.

جماندار ٻاھر آئوٽ
ڀوتار ڀورل: اڙي مان سڀاڻي ھن کي روڊ تي نه ڏسان.
صلاحڪار: اصل ڪچو رستو به ھٿ نه ايندس... ويٺو وڄائيندو چوڏيل تي چڙھي سيٽيون.
ڀوتار ڀورل: ڦاٿا آھيون ڄٽن مان... اڙي ٻيو به ڪو آھي ڇا؟
صلاحڪار: ھا سائين مولوي امام الدين اسراڻي طبراڻي.
ڀوتار ڀورل: گهرائينس گهرائينس.
صلاحڪار: ادا مولوي امام الدين اسراڻي طبراڻي اچي حاضر ٿي.

مولوي جي ٻاھران انٽري
مولوي: اسلام عليڪم ورحمته اللھ و برڪاتهُ
ڀوتار ڀورل: چڱو... ڇا کپئي مولوي صاحب.
مولوي: امداد کپي... امداد ڏيندؤ ته ادا شِر ۽ بلا کان محفوظ رھندو! اللھ وڏو غني آهي.
ڀوتار ڀورل: مولوي ماڻهو منھنجي چنبي کان ٻاھر نڪرندا ٿا پيا وڃن.
مولوي: نعوذ باللھ! صاحب اھي جهنمي آھن... ھاڻي ائين نه ٿيندو.
صلاحڪار: باقي ڇا ٿيندو؟ جي اھڙا پرڪار رھيا ته ڀوتار ڀورل جي ته ٿي ويندي دُرڙي دُڦُ.
مولوي: توبھن توبھن.. استغفراللھ... ائين خدا نه ڪندو.
ڀوتار ڀورل: ڪڍاءِ لائوڊ جاڪي ٺڪاءَ ته ڪو چاڙھو ٿئي.
مولوي: پر صاحب امداد به ته ملندي نه؟
ڀوتار ڀورل: اصل مٿو مٿي ٿئي.
مولوي: ته پوءِ... اڄ رات واعظ آھي ٺاھوڪو.... جنھن ۾ توھان مھمان خاص ھوندؤ.. اللھ ڀلي ڪندو سڀ جي.
ڀوتار ڀورل: نه بابا نه مسجد ۾ اچڻ اسان جو ڪم ناھي. باقي تون لايون ويٺو ھُج.
مولوي: نه نه مون چيو ته اڄ منھنجي واعظ جو موضوع ھوندو ڀوتار ڀورل خان.
ڀوتار ڀورل: چڱو رات ٻڌنداسين، جي واعظ دل سان لڳو ته تنھنجي امداد به منظور.
مولوي: الحمداللھ... ائين ئي ٿيندو پوءِ مان خاطري ڪري ھلان ٿو.

ملان ٻاھر وڃي ٿو
ڀوتار ڀورل: اڙي نڀاڳا ايڏي رش کڻي گڏ ڪئي اٿئي... اڃا آھن ڇا؟
صلاحڪار: ھا سائين شاعر سومر خان سوتلي عرف بلبل بيقرار ويٺو آھي.
ڀوتار ڀورل: ھاڻي ڇڏ انھي شاعر کي... ٻي دفعي وري ماڻهن سان ملنداسين.. اڙي پنهل... اڙي او پنهل.

پنهل اندران انٽر
پنهل: ھل پنهل... سرڪار پنهل پنھنجي پئماني سميت حاضر آھي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ھي درخواستون ھلي ڦِٽي ڪر، مان ۽ سيڪيٽري ڪم سان ٻاھر وڃون ٿا.

ڀوتار ڀورل ۽ صلاحڪار ٻاھر آئوٽ
پنهل: ھل پنهل.. ڀوتار ڀورل به ٻاھر ۽ مروان سيڪريٽري به ناھي ته پوءِ ڇو نه صوفن تي سمهي ڪجهه گهڙيون آرام ڪري وٺان.

پنهل صوفي تي سمهي وري اٿي ٿو ۽ پاڻ کي وزير سمجهي ڳالهائي ٿو.
پنهل: مسٽر سيڪريٽري فريادِن کي حاضر ڪر! او نو سيڪيٽري آءِ ايم ايڊوائيزر، شاعر بلبل بيقرار حاضر ٿئي.

ڀوتار ڀورل ۽ صلاحڪار ٻاھران انٽري ڪن ٿا
پنهل جون اکيون ٻوٽيل آھن، ھو پنهل اڳيان بيھن ٿا
پنهل: اڙي بي ساھا ۽ گنجا ڄاھا شاعر بلبل بيقرار ڇا کپئي حڪم ڪر امداد گنج ڏينداسون.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڪھڙي بڪواس پيو ڪرين پنهل.
پنهل: اڙي تون ڳالهائين ڪنھن سان ٿو... مان آھيان مسٽر پنهل خان پياسي ميمبر آف اسيمبلي ۽ ....
ڀوتار ڀورل: ( پنهل جو ڪن پڪڙيندي) پنهل... اڙي او پنھون.
پنهل: (اکيون کوليندي) سر... سر...سر... سرڪار... ته ... توھان... غضب ڪري ڇڏيو!! توھان پنهل جي اسيمبلي ئي ٽوڙي ڇڏي.
ڀوتار ڀورل: تو جهڙا ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر ٿيندا هتي؟ اسان مري ويا آهيون ڇا؟.
پنهل: ها سائين! نه اوهان مرندؤ نه ئي سنڌ سک جو ساھ کڻندي!!!!!!!
صلاحڪار: ڀوتار پنهل تمام گھڻو وڌي ويو آھي، ھن جي ھاڻي ڪريو دُرڙي دُڦُ.
ڀوتار ڀورل: ٻئي ھڪ جهڙا آھيو.... پنهل تون ھل اندر.

پنهل اندر وڃي ٿو
صلاحڪار: سرڪار ماڻهو اڃا ويٺا آھن.. حڪم ڪيو ته گھلي اچي چاڙھيانِ چوڏيل تي.
ڀوتار ڀورل: ڀلا گهرائين ته وٺونِ خبرون.

شاعر بلبل بيقرار بي سڏيو اچي ٿو.
شاعر: جي گهرايو نه، ته به اينداسين.
جي نه ملندؤ، ته به زوري اينداسن.
صلاحڪار: ته پوءِ تنھنجي به دُرڙي دُڦُ جلدي ڪنداسين.
شاعر: اوھان جا ٻڌي ٻول، ٿي ڪوئل جي ڪوڪ ياد پوي.
ھي ڪرسي شل اوھانجي سدا آباد رھي
ڪرم جي نظر جي مٿان مون پوي،
ته اوھانجي عمر سدا دلشاد رھي.
صلاحڪار: واھ واھ صفا دُرڙي دُڦُ سُر سان ٺاھيو اٿئي.
ڀوتار ڀورل: واھ سومر خان سوتلي... وڻين وئين... اڙي سيڪيٽري پنج ھزار ڪرينس منظور.
صلاحڪار: (درخواست وٺندي) دُرڙي دُڦُ ڪري درخواست تي اڍائي ھزار لکان ٿو.
ڀوتار ڀورل: ڏي ته صحي ڪيان.
ڀوتار ڀورل آڱوٺو ھڻي ٿو
شاعر: (درخواست ڏسندي) قلم منھنجو لکي سدا تنھنجي ثنا
وئي ختم آ مس ٿي ۽ سڀئي پنا
ڪيئن مٺا توکان ڀيرو ڀڄان
تون ڏيندو رھين مان لکندو رھان
آ ملي امداد ھاڻي اھڙو لکان
ساراھ تنھنجي جا پيو ڍڪ ڀريان
ڪيان خدمت سدا بڻجي خادم ادا.
ڀوتار ڀورل: اصل مٿي مان ٺڪاءَ ئي ڪڍي ڇڏيا اٿئي.
صلاحڪار: واھ ڙي واھ... تنھنجي شاعري سٺي ترقي ڪئي آھي... اھڙا شعر لکندين ته دُرڙي دُڦُ ٿيڻ کان بچي ويندين.
ڀوتار ڀورل: تنھنجي لاءِ منھنجا دروازا ھميشه کليل رھندا.
صلاحڪار: ڇو ته دروازي کي تاڪ ئي ڪونھن، تاڪ سڀ اليڪشن ۾ ويا دُرڙي دُڦُ ٿي ۽ تون به ٿي ھاڻي دُرڙي دُڦُ.
شاعر: وڃان ڪيئن ڇڏي توکي اي دلربا
رھي تو سوا دلڙي ويڳاڻي اي دلربا

شاعر ٻاھر آئوٽ
ڀوتار ڀورل: اڙي اڃا ڪو نڀاڳو رھيل آھي ڇا؟
صلاحڪار: ھائو سرڪار موالي بابا رھي ٿو.
ڀوتار ڀورل: گهراءِ انھي موالي کي ته وٺونس احوال.
صلاحڪار: اڙِ موالي! چرسي! آفيمي ۽ ھيروئني ھليو آءُ.

موالي جي ٻاھران انٽري
ڀوتار ڀورل: اڙي موالي ڪھڙا حال اٿئي؟
موالي: بس بابن توھانجي پاڇي ۾ پيا ٿا جيئون.
ڀوتار ڀورل: اڙي ڇا کپئي؟
موالي: بابن ڏنڊو ڪونڊو الائي ڪير چورائي ويو آھي.
ڀوتار ڀورل: اڙي پوءِ مان ڇا ڪيانءِ.
موالي: بابن سائين! ايس پي صاحب ڏي نوٽ ھڻي ڏي ته ڏنڊو ڪونڊو واپس ڪرائي ڏي.
ڀوتار ڀورل: اڙي ايس پي ڏي ڇو؟
موالي: بابا صوبيدار فرياد وٺڻ کان انڪار ڪيو آھي ان ڪري.
ڀوتار ڀورل: اڙي تو ته امداد لاءِ عرض ڪيو ھو.
موالي: مولا جي ٻاجهه ٿيئي. ڇڏ امداد کي! اسان کي ڏنڊي ڪونڊي جي توھان کي امداد جي.
ڀوتار ڀورل: چوين ته امداد ڏيانءِ! امداد کوڙ.
موالي: نه بابن نه!! اسان کي ڏنڊو ڪونڊو مليو ڄڻ عيد ٿي وئي، کڏ ۾ وڃي پوي اھيو امداد نڀاڳو، ان امداد اڳ ڀي مڪان جي جاري مان سلفي چورائي ھئي.
صلاحڪار: ڀلاڙي ڀاڙي شل دُرڙي دُڦُ ٿيئي، شل چوڏيل تان ڪرين، ائين نٿو چوين ته اھا امداد صلاحڪار جي کيسي ۾ وڃي ڦھڪو ڪري، چڱو تون ھل تنھنجي ڏنڊي ڪونڊي جو بلو ڪنداسين.
موالي: بابن جا ٻيڙا تار ھجن.
صلاحڪار: اڙي ڇا سان؟
موالي: چرس، آفيم، ڀنگ ۽ ھيروئين سان.
صلاحڪار: نه نه ڀلي ٻڏل ھجن... بلڪه دُرڙي دُڦُ ٿيل ھجن.

موالي ٻاھر آئوٽ
ڀوتار ڀورل: اڙي موالي جي دعا ڇو موٽائي ڇڏيئي... ڀلي ٻيڙا تار ھجن ھان، ھن دور ۾ اھي ته ڪم جون شيون آھن. خير باقي ڪو بچيل آھي ڇا؟
صلاحڪار: صاحب ايڏي رش لڳي پئي آھي، ڄڻ ماڻهو چوڏيل تي چڙھڻ آيا آھن.
ڀوتار ڀورل: وڃ سڀني کي چئه ته صاحب جي ملڻ جو ٽيم ختم ٿي ويو آھي.
صلاحڪار: سرڪار اصل وڃي چوڏيل جا پينگھا ئي ڪڍي ٿو اچان نه ھوندو چوڏيل نه چڙھندا بنا پيسن جي.

صلاحڪار ٻاھر آئوٽ پنهل جي اندارن انٽري
پنهل: ھل پنهل سرڪار... اوھان جي ماني جو ٽائيم ٽري ويو آھي، ماني ويچاري جوش کائي کائي ھوش وڃائي ويٺي آھي ٽيبل تي. آسري مولا جي.....
ڀوتار ڀورل: (جملو ڪٽيندي) اڙي رڳو ماني ۾ جوش آھي يا بيگم ۾ به.
پنهل: سائين جيجان امان اوهان کان بنا پيٽ ڀري ماني کائڻ جي هيراڪ آهي، سو ويٺي ٿي ٽي تي ڊرامو ڏسي.
ڀوتار ڀورل: اڙي پنهل! ٽي وي تي ياد آيو ته اڄ منھنجي مخالف پاران داخل ڪرايل اپيل جو فيصلو اچڻ وارو آهي، اها ٽي وي ته چالو ڪري ڇڏ.
پنهل: سائين پوءِ اوهان فيصلي واري ڏينھن نه ويا ڇو؟؟
ڀوتار ڀورل: وڪيل ڇاجي لاءِ ڪيا آهن؟ پورا ٽي وڪيل منھنجي پاران پيش ٿيا هوندا.
پنهل: سائين ڪڏهن ڪڏهن وڪيلن جا دليل به ابتا دوڏا ڏيکاريندا آهن.

صلاحڪار ٻاهران تڪڙو اچي ٿو
صلاحڪار: ڀوتار ڀڄي جان ڇڏاءِ....... ڪا لڪڻ جي جاءِ هٿ اچئي ته وڃي لڪ!!!
ڀوتار ڀورل: اڙي ڇو!؟؟؟؟
صلاحڪار: ڀوتار نيب بابا نيب اچئي ٿي!!!
ڀوتار ڀورل: نه ڙي؟
صلاحڪار: هائو ڙي!
ڀوتار ڀورل: پوءِ ڀورل ڀڄ ڙي.

ڀوتار ڀورل گهر اندر ڀڄي وڃي ٿو،
صلاحڪار ڪنڊ پاسي ۾ لڪي ٿو وڃي، پنهل حيرت ۾ آهي.
هڪ شخص ٻاهران داخل ٿئي ٿو، پنهل ان کي ڏسي رڙ ڪري ٿو.
پنهل: هل پنهل ! .... اڙي تون نياز عاجز؟ ... ڪٿي آهي نيب!؟
نياز عاجز ( پنهنجي سيني تي هٿ هڻندي) مان آهيان نيب... مان آهيان نيب!
پنهل: ڪڏهن!؟... تون وري نيب ۾ ڀرٿي ٿيو آهين؟ تون ته تَرَ جو مشھور وياجي نياز عاجز باٺاهي آهين! ڪم وياج جو ۽ نالو وري نياز ۽ عاجز!!
نياز عاجز: پويان باٺاهي جو آهي! اهو نالو توکي نظر نٿو اچي؟ وياج ڏيڻ وقت نياز ۽ عاجزي هوندي آهي ۽ جيڪو وياج موٽائي ناهي ڏيندو تنھن لاءِ باٺاهي يعني“ باٺا ئي ٻاٺا”.

صلاحڪار ڪنڊ مان ٻاهر نڪري اچي ٿو.
صلاحڪار: اڙي قراني تون...... پوءِ گاڏيءَ تي نيب ڇو لکرايو اٿئي!
نياز عاجز منھنجو نالو ڇا آهي؟ ٻڌاءَ
صلاحڪار: نياز عاجز باٺائي.
نياز عاجز نياز جي “ اين” عاجز جي “اي” ۽ باٺائيءَ جي “ بي” ڇا ٿيو؟
صلاحڪار: ( حيرت مان) نيب!!!
نياز عاجز ها مان آهيان نيب.... ڀوتار ڪٿي آهي؟
صلاحڪار: گهر آرام ۾ آهي... تون به امداد وٺڻ آيو آهين ڇا؟
نياز عاجز ڪم ڀوتار کي ٻڌائڻو آهي... ذاتي ڪم آهي. ادا پنهل تون ڪو بِلو ڪر هن نياز عاجز باٺائيءَ جو.
پنهل: هل پنهل...... وڃان ٿو پر ڦاڙيو سڀني جو هانءُ هيئي! نيب !! نالي جو
ناجائز فائدو! ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هن ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهن؟

پنهل گهر اندر وڃي ٿو
نياز عاجز: ها ميان ڪمالو.... ڪر خبرون..... ٻڌو آهي ته اوهان وارو کاتو، اهو سم ۽ ڪلر وارو
کاتو..... مال پاڻيءَ سان ڀريل آهي، ڦٻيا ته ضرور هوندؤ!
صلاحڪار: پنهنجي ڪم سان ڪم رک! پنهنجي نالي جي شارٽ فارم جو ناجائز فائدو نه وٺ! نه ته ڪيانءِ نه دُرڙي دڦ.
نياز عاجز: ها يار چئين سچ ٿو.... تمام اهم ڪم آهي ڀوتار ۾ ... بس رڳو اچي.

ڀوتار ڀورل ۽ پنهل گهر اندران انٽري ڪن ٿا،
نياز عاجز جيئن ئي ڀوتار کي ڏسي ٿو،
تيئن ئي پيرن تي ڪري پويس ٿو.
نياز عاجز ڀوتار جي سِر بخت جو خير! بابا سائين ٻچا ٽن ڏينهن کان بک تي آهن، ڪا امداد جي امداد ٿئي ته دعائون ئي دعائون ڪندو سانوَ.
ڀوتار ڀورل: اڙي اٿ وياجي! پگهر ڪڍيا هيئي! اڙي اسان تو جهڙي نيب کي پيرن تي ڪرندي ڏسندا آهيون.
پنهل: هل پنهل .... لک جي لعنت هجئي وياجي! ماڻهن جا گهر اجاڙي ته ڇڏيئي پر پنهنجي ٻچن کي به سک جو ويلو نٿو کارائي سگهين!؟
تو جھڙن ظالمن لاءِ اهو ئي عذاب گهڻو آهي، ڪروڙ پتي آهين پر روپيو به نصيب نٿو ٿئي!

صلاحڪار ٽي وي طرف ڏسي ٿو ۽ رموٽ کڻي آواز کولي ٿو
صلاحڪار: اڙي بس ڪريو! بريڪنگ نيوز آهي، لڳي ٿو ته اليڪشن ٽريبونل
جو فيصلو اچي ويو آهي، صبر ڪريو ته ٻڌون!
بريڪنگ نيوز: ناظرين اوهان سان خبر شيئر ڪندا هلون ته صوبائي حلقي نمبر 420 تي ٿيل مبينا ڌانڌليءَ جو فيصلو اچي ويو آهي، اليڪشن ٽريبونل کي ڌانڌليءَ جو سمورا ثبوت ملڻ بعد ٽريبونل فيصلو ڏيندي ڀوتار ڀورل خان جي ميمبرشپ کي رد ڪيو آهي ۽ ساڳي حلقي نمبر 420 تي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي....... ناظرين اوهان سان خبر شيئر..................
ڀوتار ڀورل: اڙي بند ڪر انهي بڪواس کي!!!! هن ملڪ ۾ انصاف ئي ڪونهي! هن ملڪ جون اصل قوتون اسان جھڙن خانداني سياستدانن جي سياست پويان پئجي ويون آهن! ڇا ٿيندو هن ملڪ جو ۽ هن غريب ڏتڙيل عوام جو!؟
پنهل: هل پنهل..... جهڙي سٺ تهڙيو ٽي ويهون...... کير جو کير پاڻيءَ جو پاڻي!!!

هڪ آفيسر ۽ ڪجهه پوليس وارا بنگلي ۾ داخل ٿين ٿا،
آفيسر پنهنجو ڪارڊ ڏيکاريندي تعارف ڪرائي ٿو.
آفيسر: نيب آفيسر جبران وسيم
ڀوتار ڀورل: ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟
آفيسر: اوهان جي سم ۽ ڪلر کاتي ۾ غبن ٿيو آهي، اوهان کي سيڪريٽري سميت گرفتار ڪجي ٿو، هي آهي گرفتاريءَ جو آرڊر.

پوليس ڀوتار ڀورل خان ۽ صلاحڪار کي هٿڪڙيون هڻي ٿي.
پنهل: هل پنهل...... ميمبري به وئي وزارت به وئي ۽ وري هٿ ۾ هٿڪڙيون به !!! صاحب جو صلاحڪار به ..............
آفيسر: جنهن گاڏيءَ تي نيب لکيل آهي، سا ڪنهن جي آهي؟
نياز عاجز سائين بابا منھنجي آهي!
آفيسر: هن کي به گرفتار ڪريو، هن نيب جي نالي کي غلط استعمال ڪيو آهي.
نياز عاجز ( آفيسر کي ٻانهون ٻڌندي) سائين وڏا منھنجو نالو نياز عاجز باٺاهي آهي! گاڏيءَ تي پنهنجي نالي جي شروعات وارا اکر لکرايا اٿم، جي ڏوھ آهي ته هاڻي جو هاڻي صاف ٿو ڪيانس!
آفيسر: فلحال ته هن کي به هڻو هٿ ڪڙيون ۽ گهلي هلوس!

پوليس وارا نياز عاجز باٺاهي کي به هٿ ڪڙيون هڻي وڃن ٿا.
بيگم ڀورل خان گهر اندران انٽري ڪري ٿي.
بيگم: پنهل ڇا ٿي رهيو آهي؟
پنهل: جيجان نيب جو لڳو ڇاپو! صاحب جي صلاحڪار کي لڳيون هٿڪڙيون ! ٿي ويو درڙي دُڦُ ۽ ...................
بيگم: جملو ڪٽيندي) ۽ تو وارو صاحب!!؟
پنهل: جيجان! پاڻ وارو صاحب سابق ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ سابق سم ڪلر وارو وزير ڀوتار ڀورل خان به گرفتار ٿي “ چڙهي ويو چوڏيل تي” ۽ سرڪاري گاڏيءَ ۾ ائين ويٺو آهي ڄڻ “ ڪُڪُرُ ڪرسيءَ تي”
بيگم: ( مٿي تي هٿ ڏيندي ۽ افسوس وچان) پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب!!
پنهل: آھ غريبان قهر خدائي.

ناٽڪ ختم ٿئي ٿو ۽ پردو ڪري ٿو.

2. شھنشاھ ڇَوڏُو بن تَوڏُو

ڊرامي جا ڪردار
1. شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو
2. ملڪا محتاج بنت احتجاج
3. وڏو وزير وزير راڙو
4. وزير ٽرانسپورٽ نمبر 1 ٽائر بن پنڪچر
5. وزير ٽرانسپورٽ نمبر 2 ٻوڙو بن ڪِلو
6. وزير قانون ڇنڪار گل بن وڃڻي
7. وزيراطلاعات گونگو بن چريو
8. وزير صحت ڪمزور بن بيمار
9. وزير بجلي فانوس بن ميڻ بتي
10. وزير آبپاشي مانڊول بن لول
11. وزير زراعت پلال بن نوڙ
12. وزير تعليم اڻ پڙھيل بن آڱوٺي ڇاپ
13. وزير دفاع بزدل بن ڀاڙي
14. وزير خزانه ڀينگيو بن سُڃو
15. وزير خوراڪ پيٽي بن بکيو
16. وزير ثقافت ڪمبل بن ڪوٽ
17. وزير محنت ٽوٽي بن ڪاھل
18. نجومي بي خبر بن اڻ ڄاڻ
19. شاعر ليمون بن نارنگي
20. حڪيم جبل طوس بن ونگو
21. قوالي طوفان بن آنڌاري
22. فريادي واڱڻ بن توت
23. ليسوڙو (شاگرد وزير ثقافت)
24. ڪمپونڊر حڪيم جو شاگرد

ڏيک پھريون:
منظر: سلطنت جلاب جي درٻار جو

پردو کلي ٿو.
درٻار ۾ وزيرِ قانون ڇنڪار بن ونجڻي، وزير محنت ٽوٽي بن ڪاھل، وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر ۽ وڏو وزير، وزير راڙو ويٺل آھن. وزير راڙو اٿي ٿو ۽ شھنشاھ جي درٻار ۾ آمد جو اعلان ڪري ٿو.
وزير راڙو: بي ادب. بي ملاحظه، بي ڪار، بيشمار، بيمار بادشاھن جو بادشاھ، شھنشاھن جو شھنشاھ، ظِل الاھي، برترو بالا، جھاز اعظم، والي سلطنت و جلاب شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو درٻار ۾ تشريف فرمائي رھيو آھي. ھوشيار..!!
درٻار ۾ ويٺل سڀ اٿي بيھن ٿا، شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو درٻار ۾ اچي ٿو ۽ تخت تي ويھي ٿو. درٻار ۾ ويٺل پڻ ويھي رھن ٿا.

ميوزڪ:.....
شھنشاھ: (تخت تي ويھڻ کانپوءِ) ان عظيم ۽ قديم 73 نمبر گدڙ کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي، جنھن کي شھر جي ننڍڙن گلرن ڊوڙائي، سھڪائي ۽ منجھائي ماري ڇڏيو، جنھن عظيم گدڙ رستي تي مري اسان جو مان مٿانھون ڪري، عظيم بدبوءِ سگھڻ لاءِ موقعو فراھم ڪيو، ما بدولت مئل گدڙ جي احسان جي بدلي کيس نوَ لکو ھار انعام ڏيڻ چاھي ٿو. ڇو ته ڪافي عرصي کان اسين بدبوءِ سنگھي به نه ھئي.
وزير راڙو: (اٿندي) بدبوءِ جي بي تاج بادشاھ، گدڙن جي فوج جي سپھ سالار شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو جي حڪم جي نوَ انچ سرن سان تعمير ڪئي وڃي ۽ مئل گدڙ کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي، جھاز ِکريل، وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر کي حڪم ٿو ڪري ته، جلد حڪم جي تعمير ڪئي وڃي.

(درٻاري بادشاھ جي حڪم کي ٻڌي حيرت ۾ اچن ٿا. شھنشاھ وري ڳالهائي ٿو.)
شھنشاھ: اي درٻاريو! اوھان جا منھن موالين جھڙا ڇو ٿي ويا آھن؟ اصل مابدولت ان گدڙ جي سڪرات واري حالت ڏسڻ گھري ٿو ۽ ان 73 جي گدڙ جي اڃا جيئڻ جي عيوض کيس نوَ لکو ھار انعام ڏيڻ چاھيون ٿا. ڇو ته ان 73 واري گدڙ جي مرڻ کانپوءِ ان جي لاش مان اسان ھڪ پرفيوم بڻائينداسين.

وڏو وزير اٿي ٿو.
وڏو وزير: بدبوءِ جي بي پناھ، گدڙن جي فوج جي ڪمانڊر اِنِ ڪيف، شھنشاھ بي تاڙي بنت ڪياڙيجي حڪم جي نوَ انچ سرن سان تعمير ڪئي وڃي ۽ سڪرات ۾ پيل 73 واري گدڙ کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي. جھازِ کريل وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر کي عرض ٿو ڪري ته جلدي حڪم جي تعمير ڪئي وڃي.

وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿندي:
وزير ٽرانسپورٽ: حضور پاڳل جي خدمت ۾ ھي غلام ڄنگھ ڊگھي ڪري عرض ٿو اسٽارٽ ڪري ته......
شھنشاھ: (شھنشاھ جملو ڪٽيندي) بي ادب ۽ گستاخ، ڄنگهه ته ڊگھي ڪر!! بد بوءِ دار بصر!!
وزير ٽرانسپورٽ: حاضر منھنجا ناڪا! ھي ڏسو ڊگھي منھنجي ڄنگهه... ته ان مھربان گدڙ کي ته فوت ٿئي ڪافي سال ٿي ويا آھن ۽ اھو 73 وارو گدڙ بنا ڪفن جي ۽ غسل جي مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ڪيو ويو آھي.
شھنشاھ (رڙ ڪندي) مابدولت جي عرض کان سواءِ ان عظيم ۽ قديم 73 واري گدڙ کي دفن ڪري، تو اسان کي عظيم بدبوءِ سنگھڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آھي... توکي اھڙي مھرباني جي عنقريب سزا ڏني ويندي.
وزير ٽرانسپورٽ: گاليچا!!! ھي وزير ٽرانسپورٽ، ٽائر بن پنڪچر، اوھان جي خدمت ۾ ڏيڍ سِر جو عرض اڇلي ٺڪاءُ ڪري ھڻي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهڙي مھربانيءَ جي معافي ملڻ گھرجي..... جي کڻي اوھان معافي نه ڏني ته ڪو فرق نٿو پوي... پوءِ ھي بندو پنھنجي ڄنگهه سڌي ڪري درٻار ۾ ڳالهائيندو.
شھنشاھ: (وزير قانون ڏانھن ڏسندي) وزير قانون ڇنڪارگل بن ونجڻي کان معلوم ڪيو وڃي ته ان عظيم مھرباني جي سزا.... اسان جي قانون جي ڪتابن ۾ ڪھڙي لکيل آھي؟

وزير قانون. قانون جو ڪتاب کولي ٿو ۽ اٿي بيھي شھنشاھ سان مخاطب ٿئي ٿو.
وزير قانون: اي قانون جي ڪارن ڪتابن جي ڪوَرَ جا پاٺا، قانون جي خالي ورقن جي ورق نمبر 7707 تي لکيل ناھي ته مجرم کي قانون جي ڪوڙڪي نمبر الف جي 18848 هيٺ ترقي ڏئي، ٽرانسپورٽ جو ملڪي وزير مقرر ڪيو وڃي.
شھنشاھ: (خوش ٿيندي) مابدولت جي عرض تي اوساري ڪئي وڃي ۽ بنا ڪنھن دير سان وزير کي ترقي ڏني وڃي.
وڏو وزير: (وڏو وزير پنھنجي ڪرسي تان اٿندي) شھنشاھ شاھل ۽ واليءِ ليول بي تاڙي بنت ڪياڙيجي حڪم کي گاري ۾ گھلي، تغاري ۾ توري تعمير ڪيو وڃي.
وزير ٽرانسپورٽ (ٽھڪ ڏيندي) رحم شھنشاھِ فور ويل، آقاءِ انجڻ فيل... رحم.... ھي ٽرانسپورٽ جو وزير ٽائر بن پنڪچر اھا گاڏي گھلي ڪين سگھندو.
شھنشاھ: مابدولت... پنھنجي اصل مالڪ يعنيٰ پنھنجي بيگم.... ملڪه تاڙي بنت ڪياڙي کان سواءِ ڪو به فيصلو ناھي ڪري سگھندو... لحاظه... ملاحظا.. ملڪه کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي جيڪا اسان جي گھرو وزير به آھي ۽ اصل حڪمران به آهي.
وڏو وزير: (پنھنجي ڪرسي تان اٿندي) ملڪه سلطنت جلاب، ملڪه تاڙي بنت ڪياڙي ، درٻار ۾ ٻه ڪلو ڌوڙ سميت حاضر ٿئي ۽ اُھا ڌوڙ شھنشاھ جي ڌڙ ۾ ھنئي وڃي.

ملڪه درٻار ۾ اچي ٿي....اڪيلي آھي... نه ڪو ساٿي نه ڪو دربان يا محافظ
شھنشاھ: ملڪه سلطنت کي مابدولت جي پھلوءَ جي پاڇي ۾ ويھاريو وڃي.
وڏو وزير(حيرت وچان شھنشاھ کي چوي ٿو) اي آقاءِ اٿ ويھه... ما بدولت ڪير آھي؟ ۽ ملڪه ان جي پھلو ۾ ڇو ويھي؟
شھنشاھ: اي نامعقول ۽ فضول وزيراعليٰ مابدولت ... مابدولت معنيٰ... مان خود بخود.

ملڪه وڏي مان ۽ شان کانسواءِ شھنشاھ جي ڀَر ۾ ويھي ٿي.
ملڪه: اڙي واندا.... پو گھرايو ڇو اٿئي؟ توکي خبر ناھي ته... ھي وقت منھنجي فيڊر ۾ کير پيئڻ جو آھي، چئه جلدي چئه...
شھنشاھ: اي ملڪه جلاب سلطنت... مابدولت جو... وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر وڏو ڏوھ ڪيو آھي. ان جي عيوض اسين کيس هڪڙي سزا ٻڌائي آھي.

ملڪه(وزير ٽرانسپورٽ کي ڏسندي) وزير ٽرانسپورٽ کان ڪھڙو ڏوھ سرزد ٿيو آھي؟
شھنشاھ: اي ملڪه.... تمام وڏو ڏوھ.
وڏو وزير (اٿي ٿو) اي ملڪه سلطنت، اوھان جي حضور ۾ عرض جو اشڪنجو اڇلائجي ٿو ته، وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر بدبوءِ جي ڀنڊار 73 جي گدڙ کي شھنشاھ جي حڪم کانسواءِ دفن ڪرائي ڇڏيو آھي، جنھن لاءِ جھاز زون زون کيس ترقي ڏيڻ جي سزا جو فرمان جاري ڪيو آھي.
ملڪه: نه معاف ڪرڻ جھڙو جرم ڪيو ويو آھي. ان 73 جي گدڙ جي بدبوءِ کي اسين وڏين وڏين بوتلن ۾ بند ڪري ھول سيل جي واپارين کي وڪرو ڪري، سلطنت جي خزاني ۾ ناڻو جمع ڪرايون ھا، پر افسوس جو وزير نامعقولي ڪري گدڙ کي دفن ڪرائي ڇڏيو آھي.
شھنشاھ: اي ملڪه... پپان... ان ڏوھ جي سزا ڪھڙي!؟
ملڪه(ڪاوڙ جھڙو مھانڊو ڪندي) جيئن ته وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر رحم جو حڪم ڪيو آھي ان ڪري ھي ملڪه سلطنت، وزير باتدبير تي وڌيڪ رحم کائي وزير ٽرانسپورٽ تان ھٽائي، ھتان جي ميونسپالٽيءَ ۾ ڀنگين جو جمعدار مقرر ڪرڻ جي سھڻي تجويز ڏئي ٿي.
وزير ٽرانسپورٽ (روئندي) واھ.... واھ... اھي احسان ملڪه سلطنت جا مرڻ گھڙيءَ تائين نه لاھي سگھندس نه ڳائي سگھندس.
شھنشاھ: ملڪه سلطنت، يعنيٰ بيگم شھنشاھ تاڙي بنت ڪياڙيءَ جي حڪم جي تعمير سيمينٽ ۽ ريتيءَ سان ڪئي وڃي.
وڏو وزير (فرمان جاري ڪندي) ملڪه سلطنت جي فرمان کي سيمينٽ ۽ ريتيءَ سان تعمير ڪرڻ لاءِ مشھور ٺيڪيدار مسٽر ملاوٽ خان ابن ملاوٽ خان کي ٺيڪو ڏجي ٿو، جيڪو ٺيڪيدار بنا سيمينٽ جي ريتي ۽ بجري ملائي تعمير ڪرڻ جو ماھر آھي. ليڪن وزير ٽرانسپورٽ کي انھيءَ ملاوٽ مان ڪنھن به قسم جي ڪميشن نه ملندي.
وزير ٽرانسپورٽ: اي وزير وڏا، ڪميشن جي مون کي ڪابه ضرورت ناھي.
وڏو وزير: پوءِ اي وزير! گھٽ پگھار مان تنھنجو ۽ تنھنجي ٻارن جو گذر ڪيئن ٿيندو؟ پنھنجون اڻ کٽ ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندين؟
وزير ٽرانسپورٽ: اي وڏا وزير... مان پنھنجو ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ صفائي واري عملي جون نيون ڀرتيون ڪندس، جن جو صرف رڪارڊ ۾ ذڪر ھوندو، باقي صفائي وارو عملو ھوندو ئي ڪونه ۽ انھن سڀني جي پگھار مان کڻندس...
(ٺينگ ٽپا ڏيندي وزير ٽرانسپورٽ) مان کڻندس ..... مان کڻندس.....
شھنشاھ: گڊ.. وري... ميري ۽ شيري گڊ.. مابدولت توکي اجازت ٿو ڏئي ته تون وڃي ڪاغذي ڀرتي ڪري کاءُ پيءُ، عيش ڪر، بينش نه ڪر، پر اسان جي توکي پارت آھي.
وزير ٽرانسپورٽ: حڪم ٿئي ته ٻه ٽي سوَ ڀنگي ٻيا به ڪاغذي ڀرتي ڪري ڇڏجن، جن جي باقاعده پگھار اوھان کي پھچائي ويندي.
شھنشاھ: ان بدنيڪي ۽ بدناميءَ واري ڪم ۾ دير ٿيڻ نه گھرجي
وڏو وزير (فرمان جاري ڪندي) سڪه رائج الوقت موجب سابق وزير ٽرانسپورٽ ٽآئر بن پنڪچر ۽ ھاڻوڪي وزير... وزير گندگي کي حڪم ڪجي ٿو ته ھر مھيني، ٻه سؤ چوئيتاليهه ڀنگين جي پگھار درٻار ۾ شھنشاھ جي ذاتي کاتي ۾ جمع ڪرائي، ڇو ته ھي جھان پيسي جي پٽن جو آھي ۽ هتي ھر ڪمال ئي پيسي جو آھي.
وزير ٽرانسپورٽ: حڪم جي تعمير ڪئي ويندي. آقا.

وڏو وزير صرف ڪنڌ سان ھا ڪري ٿو.
شھنشاھ: اي وڏا وزير!! مابدولت توکي نماڻي اپيل ٿو ڪري ته وزير ٽرانسپورٽ جي جاءِ تي سلطنت جو ڪھڙو اھڙو بچيل، رھيل ۽ کُھيل ميمبر آھي، جنھن کي ڪوبه کاتو مليل نه ھجي؟
وڏو وزير: جي.. حضور... سلطنت جلاب ۾ اھڙو واندو ميمبر موجود آھي، جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان مکيون ماري سلطنت جي سونھن وڃائي رھيو آھي.
شھنشاھ: اھڙي کُٽل ۽ مکين مار ميمبر کي سلطنتِ جلاب جي نابينا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ کيس وزير ٽرانسپورٽ جو فوليو ڏنو وڃي.
وڏو وزير: حڪم شھنشاھ شرمنده....مکين کي مارڻ ۾ مھارت رکندڙ، واندن جي ونر ۽ چاٻَل ميمبر جناب ٻَوڙي بن ٻوساٽيل کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.

ھڪ دربان وڃي ٿو ۽ ٻوڙو بن بوساٽيل کي وٺي اچي ٿو.
وڏو وزير:شھنشاھ جلاب جي بيگم تاڙي بنت ڪياڙي جي فرمان موجب توکي واندڪائي جي وٽي مان ڪڍي ٽرانسپورٽ جو وزير مقرر ڪجي ٿو.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل (ڪن تي ھٿ رکندي) ڪنھن چوري ڪئي آھي؟ اي وڏا وزير!!! خبردار ٿي شريفن تي الزام نه ھڻ، مان ھونءَ به ڪلهه تنھنجي گھر ڪونه آيو ھيس.
شھنشاھ: اي ٻوڙا بن ٻوساٽيل.. مابدولت يعنيٰ امپرر آف جلاب ايمپائر، توکي وزير ٽرانسپورٽ مقرر ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو آھي.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: اي دھلِ ڌُلائي، واليءَ وٺ سٺُ.. جھاز اعظم. مون وڏي وزير جا ديڳڙا چوري ناھن ڪيا... اھيو الزام سراسر غلط آھي.
شھنشاھ: تو غلط سمجهيو آھي، توتي ڪوبه ڪنھن به قسم جو الزام نٿو لڳايو وڃي.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: ڳايو وڃي يا نه ڳايو وڃي... پر اي سلطنت جلاب جا ھارمونيم... ڀلي اوھان غلط فيصلو ڪيو مون تي الزام ثابت ٿئي ته ٻن ديڳڙن جي عيوض ٽي ديڳيون، سي به برياني سان ڀريل ڏنڊ طور ڏيندس.

وڏو وزير ٻوڙو بن ٻوساٽيل جي ڪن ۾ چويس ٿو:
وڏو وزير: شھنشاھ بي تاڙي بنت ڪياڙي توکي وزير ٽرانسپورٽ مقرر ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو آھي.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: آھستي ڳالهاءِ... ٻوڙو ناھيان.. (شھنشاھ ڏانھن) اي شھنشاھ... آءُ بسن ۽ موٽرن جا آواز ٻڌي نٿو سگھان، جيڪڏھن ڪار بس يا ڪا موٽر منھنجي مٿان چڙھي وڃي ... ۽ مونکي چيڀاٽي ڇڏي... ته پوءِ اھڙي چيڀاٽيل حالت ۾ مان ذميواري ڪيئن پوري ڪري سگھندس.
وڏو وزير: اھا ئي ته تو ۾ خوبي آھي !!!
شھنشاھ: مابدولت کي تنھنجي اھا خوبي بيحد ناپسند آھي... جنھن کي ڏسندي توکي ٽرانسپورٽ جو وزير مقرر ڪيون ٿا ته جيئن ڪو وڏو ٽرالر توکي مروڙي ۽ سروڙي رکي... ان ڪري توکي مقرر ڪيون ٿا.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: ڌڪڙ ڪيو ٿا!!؟ اي شھنشاھ ڌڪڙ ڪرڻ جي ڪھڙو ضرورت آھي؟

وڏو وزير وري ڪن ۾ ڳالهائيندي؛ اڙي توکي مقرر ڪيون ٿا.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: اڙي چيومانءِ نه!؟ ته آھستي ڳالهاءِ... ٻوڙو ناھيان... اي شھنشاھ شھپر.. ھن بندي جو گندو سِرُ اوھان جي حڪم اڳيان گهميل رھندو.

وڏو وزير اڳوڻي وزير ٽرانسپورٽ جي مٿي تان ٽوپي لاھي
ٻوڙي بن ٻوساٽيل جي مٿي تي رکي ٿو.
شھنشاھ: مابدولت جي سلطنت جي نابينا ۾ شامل ٿيڻ تي توکي... ميارون ھجن! اي وڏا وزير.
وڏو وزير: عاليجا.
شھنشاھ: ٻوڙي بن ٻوساٽيل يعنيٰ نئين وزير ٽرانسپورٽ کي قسم کڻايو وڃي.
وڏو وزير: جي منھنجا ڪاڪا......(ٻوڙو بن ٻوساٽيل سان مخاطب ٿيندي) اي وزير ٽرانسپورٽ قسم کڻ.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: وزم ھڻان!!؟ اي بادشاھن جا بادشاھ... ھيءَ ڪھڙي وزارت آھي؟ جو ويٺو وزم ھڻان؟
شھنشاھ: اي نامعقول ۽ مبذول.. وزم نه پر قسم کڻ.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: حجم؟ منھنجو مامو نه آھي اي شھنشاھ.

وڏو وزير ڪن ۾ ڳالهائيندي: اي ٻوڙا بن ٻوساٽيل قسم کڻ ٻيلي قسم کڻ.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: آھستي نٿو ڳالهائين چيو مانءِ ته ٻوڙو ناھيان.. ٻوڙو صر ف نالو آھي.. ھا کڻاءِ قسم.

وڏو وزير فائيل ٻوڙو بن ٻوساٽيل کي ڏيندي ۽ ٻيو فائيل پاڻ پڙھندي:
وڏو وزير: آءُ نالي ٻوڙو بن ٻوساٽيل.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: آءُ پالي گھوڙو ۽ ٻلو گهوماٽيل.
وڏو وزير (خفا ٿيندي شھنشاھ سان مخاطب) اي شھنشاھ ھي وزير ته پنھنجي کاتي جي ڀينگ
ڪندو.
شھنشاھ: مابدولت جا ٻانھن ٻيلي آھن ئي اُھي، جيڪي ڀينگ ڪرڻ جا ماھر آھن.... توکي ڀينگ ڪرڻ کان ڪنھن منع ڪئي آھي؟
وڏو وزير: عاليجاه... مان ڀينگ گھٽ ڪندو آھيان.... پر ڀنگ مڙئي وڌيڪ پيئندو آھيان... جنھن جي ڪري وڌيڪ ڀينگ ٿيندي آھي.
شھنشاھ: ٺھيو... ٺھيو... ٻوڙ ٿو ھارين. تون وزير کي قسم کڻاءِ.... ھي جيئن چوي تيئن سچ آھي.
وڏو وزير: حڪم عاليجاه.... ته ھا ٻوڙا! اڳتي چئه ته مان قسم ساک سان چوان ٿو ته..
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: وزم ھڻي ساڳ کانوان ٿو ته
وڏو وزير: پنھنجي سلطنت جي عوام سان.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: سنجي سلطان جي لغام سان.
وڏو وزير: وفادار ۽ سچو رھندس.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: وزندار ٻچو ڄڻيندس.
وڏو وزير: پنھنجي عھدي کي پوري طرح سان ادا ڪندس.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: وھنجي مدي جي بخار سان چدا کيڏندس.
وڏو وزير: ڏينھن رات محنت ڪندس.
ٻوٽو بن ٻوساٽيل: مينھن رات مکيون ماريندس.
وڏو وزير؛ جي مون ائين نه ڪيو ته سلطنت جو غدار ليکبس.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: جُون ائين نه مئيون ته سرنھن جو تيل وجھندس.
وڏو وزير: جان آجي ٿي.... ھاڻ وڃي ويھه.
ٻوڙو بن ٻوساٽيل: بيٺو ته آھيان نه...! ڏسين به نٿو... ائين چئه ته ويھه.

ٻوڙو بن ٻوساٽيل ويھي ٿو:
شھنشاھ: اي وڏا وزير... ھر دل عزيز نجومي بي خبر بن اڻڄاڻ کي مابدولت جي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.
وڏو وزير: جي منھنجا.... الائي ڇا ڇا؟ نجومي بي خبر بن اڻڄاڻ درٻار ۾ حاضر ٿئي.

نجومي درٻار ۾ حاضر ٿئي ٿو ۽ شھنشاھ کي جھڪي سلام ڪري ٿو.
شھنشاھ: اي بي خبر بن اڻڄاڻ نجومي مابدولت مئل گدڙ جي بدبوءِ سنگھڻ جو شوق رکي ٿو، پر ان 73 جي گدڙکي دفن ڪيو ويو آھي، ان شوق کي ڪيئن پورو ڪجي؟
نجومي (ٽپڻو/ڍارو ھڻندي) آ...آ...آ...آآآ... اي آقاءِ تِري ۽ شھنشاھ ڇڪا، ٽپڻو ٽپ ڏيندي ٻڌائي ٿو ته اوھان کي به ان ئي قبر ۾ دفن ڪيو وڃي، جنھن ۾ 73 گدڙ دفن ٿيل آھن.
شھنشاھ: آ ھا ھا... آ ھاھا...اي بي خبر بن اڻڄاڻ نجومي، مابدولت جي بيگم يعنيٰ ملڪه سلطنت و جلاب تاڙي بنت ڪياڙِيءَ بابت تنھنجو ٽيٽھر ٽپڻو ڇا ٿو ٻڌائي.
نجومي: آ....آ...اوووو.... اي واليءِ نوَ ٽڻ ۽ ونجھوٽي... بيگم جو ستارو گھمي ڦري ۽ ٿڪجي جڏھن، اڌ مئو ٿي ڪري پيو آھي، تڏھن ٽپڻي پنھنجا جوھر ڏيکاريا آهن ۽ ٻڌايائين ته بيگم کي به ساڳي قبر ۾ پويو وڃي.
شھنشاھ (خوشي وچان) فوڊ.....فوڊ.. اي بي خبر بن اڻڄاڻ نجومي...فوڊ! تو ھميشه ناحق ۽ ڪوڙ جي ڳالهه ڪئي آھي، مابدولت انھيءَ عيوض... توکي پڇ کان بغير ثابت چئن ٽَنگن جي، ڏندن ڀڳل ٻلو انعام ۾ ڏيڻ چاھي ٿو.
نجومي (ٽپڻو ھڻندي) اي قبله ڪنجوس.... جي اوھان انعام ڏيندؤ ته اوھان کي وڌيڪ زندھ رھڻ وارو ڪم کڻڻو پوندو.
شھنشاھ: انھيءَ عمل سان 73 جو گدڙ مابدولت ته ناراض نه ٿيندو؟
نجومي: اي شھنشاھ ڇڪ ڇڪان، گدڙ بابت ٽپڻو ٻڌائي ٿو ته ھو ناراض نه پر خوش ٿي اوھان جي گود ۾ ويھي گوٿنايون ڪندو.
شھنشاھ: ته پوءِ مابدولت جلد، گدڙ جي قبر ۾ دفن ٿيڻ جو شوق رکي ٿو.
ملڪه: دفن ٿيڻ کان اڳ نچڻ جو شوق به پورو ڪيو وڃي.
شھنشاھ: او نو ملڪه.... ناٽ ڊانسنگ شوق... پر جلدي جلدي ڊائيڊنگ شوق.
ملڪه (رڙ ڪندي): شھنشاھ ! !
شھنشاھ: ملڪه.
ملڪه: اٿي سڌو ٿي بيهه ۽ رک چيلهه تي ھٿ.

شھنشاھ تخت تان اٿي چيلهه تي ھٿ رکي ٿو.
شھنشاھ: اي ملڪه سلطنت جلاب ٻيو حڪم.
ملڪه: ڪر ڊانس... نه ته.... توب جي منھن ۾ ڏئي.... ھڪ ئي گولي سان دنيا جي گولي تان گم ڪري ڇڏينديسانءِ، گھم...گھم.
شھنشاھ: ملڪه... ڪڏھن شھنشاھ به نچندا آھن ڇا؟
ملڪه: زالن اڳيان سڀ کان اول شھنشاھ ئي نچڻ لڳا ۽ غريب بعد ۾ نچڻ لڳا.... اھا تاريخ ٻڌائي ٿي، اصل حڪومت هوندي ئي انهن جي آهي جيڪي اشارن تي نچائڻ جا ماھر هوندا آهن.
شھنشاھ: مار پوئي.... تاريخ به پڙھيل آھين ڇا؟ اھا اڄ خبر پئي.
ملڪه: ته پوءِ....؟
شھنشاھ: ته پوءِ ڇا؟ اسين نچون ٿا. اي وڏا وزير... طبلائي حاضر ڪيو وڃي، ڇو ته جي حڪومت ڪرڻي آهي ته اشارن تي نچڻو آهي! طبلائي ئي ئي ئي ئي.
وڏو وزير: سلطنت جلاب جو طبلائي حاضر ٿئي ۽ طبلي تي ڪا ڌاڪڙ ڌوڪڙ اچي ڪري.

طبلائي درٻار ۾ اچي ٿو. طبلو وڄائي ٿو.
شھنشاھ نچندي بي حال ٿي ڪري پوي ٿو.
جنھن بعد درٻاري شھنشاھ کي کڻي تخت تي ويھارين ٿا.
شھنشاھ ساھ پٽڻ کانپوءِ.
شھنشاھ: ڪئڪلي اريجمينٽ اوور دفن يعني مان بدولت جي دفن جو جلد بندوبست ڪيو وڃي.
وڏووزير: حڪم جي جلد تعميرڪئي ويندي آقا.
شھنشاھ: ڇا سان؟
وڏو وزير: چوني ۽ پلستر سان. اي اسانجا ريتي بجريءَ جا والي.
شھنشاھ: ھُڊ .. ھڊ.. اڄ اسين شاعرِ سلطنت کي ٻڌڻ گھرون ٿا. شاعر سلطنت کي حاضر ڪيو وڃي.
وڏو وزير: شاعرِ سلطنت ليمون بن نارنگي درٻار ۾ پنھنجي پراڻي، نئين ۽ چورايل شاعري سميت حاضر ٿئي.

شاعر سلطنت ليمون بن نارنگي درٻار ۾ اچي ٿو.
شھنشاھ: اي شاعر سلطنت جلاب يعني پوئٽ آف دي امپائر آف ڊي هائيڊريشن! مابدولت کي ڪجهه ڪجهه اداس ڪيو وڃي.
شاعر: اي شھنشاھ رديف ۽ ڪافيا، اي واليءِ ڊرگ مافيا، پنھنجي ٻوٿ واري سلفي مون ڏانھن ڪر ته شاعر توھان کي ھڪ شعر ھڻي ڦل ڦوڪي ڇڏي.

شھنشاھ شاعر ڏانھن منھن ڪندي.
شھنشاھ: سلفي سڌي آھي.. اي شاعر تون رڳو ڀري ڦوڪ ھڻ!
شاعر: جھاز چئوسٽا جي اڳيان نذرانه عقيدت جا ڊُل اڇلايان ٿو.
شھنشاھ: اي شاعر سلطنت، يو ڊونٽ روڪ... بٽ توکي اجازت آھي.
شاعر: جي حضور.... عنوان اٿس “دفن”
جڏھن ڪفن ٻڌي توکي ڪنداسين دفن
بھاري ٿي ويندي، کِلي اٿندو چمن
ڌوڙ ڪاري ٻوٿ تنھنجي تي کڻي ايندي پونَ.
شھنساھ: فوڊ.. فوڊ.
شاعر: نوازش نٿو ڀانيان... حڪم ڪيم!
چٻرا چريا ٿي پوندا،
ڪتا ڪئڪاٽ ڀي ڪندا،
شھنشاھ: ڪيئن ڪندا؟
شاعر: ائون... ائون... ائون ۽ ائون
شھنشاھ: زبردست... غضب دست، مڪر ڪر مڪر ڪر.
شاعر: چٻرا چريا ٿي پوندا،
ڪتا ڪئڪاٽ ڀي ڪندا،
گڏھ گھوڙا سمهي پوندا،
مئل سڀ اٿي ڀڄندا،
وجھي ووٽ ھو ايندا
جڏھن بيھندو وري پمن
شھنشاھ: ڊيري فوڊ... ويري ڊيري فوڊ.
شاعر: ڪرم نوازي، توب نوازي.. وري عرض اڇلي ھنيم.
پمن ويندو ماڻي ڪرسي،
گڏبا اتي سڀ چرسي،
ڪري بحث ڇتا ٿيندا،
پوندا اتي سڀ ترسي،
ڪي جام نوش ڪندا،
ڪي ببل اپ، ڪي ليمن،
شھنشاھ: فڊ.. فڊر ... فڊيسٽ.
شاعر: زرھ نوازي.... بندوق نوازي .. آخري ڪھاڙو ھنيو اٿم.
خزاني جي دٻن ۾،
کُٽل ھوندو وري به خون،
پمن مڙسي ڪري وٺندو،
عوامي خون، عوامي خون!
ملڪه: اي سلطنت جا خالي کوکا.... سلطنت جي شاعر کي گڏھ جي پيٽ ۾ نه پر گھوڙي جي بول ۾ داخل ڪرڻ جي تجويز آھي ۽ شاعر جي شاعري کي گڏھ جي پيٽ ۾ داخل ڪرڻ جي تجويز آھي.
شاعر: واھ .....واھ.... ڇا ته غزل جھڙي حسين تجويز آھي.... اي ملڪه موسماتِ! شعر سيني ۾ سُر پر لائي آھي. حڪم ٿئي ته ھڪڙو واھولو مان به وھائي ڪڍان.
ملڪه: توکي اجازت آ.
شاعر: نٿو عرض ڪريان!
نه ڪرڪيٽ نه ڪشتي،
نه ونجھوٽي نه ملهه!
جو نه ڀري ڦل مان ڦوڪ
تنھن کي وٺي سلهه!
کل ۾ کل
ٽھڪ ڏي تون ٽرڙا.
ملڪه: ڇا ته حسين جميل شاعري ڪئي آھي تو... اي شاعر سلطنت... ان لاءِ توکي گھوڙي جي بول ۾ رھائشي اسڪيم تحت ھڪ عدد گھر ڏيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.
شھنشاھ: اي ملڪه.... ڇا؟ يُو لائيڪ دي گھوڙو..؟ توکي گھوڙو پسند آھي.
ملڪه: ھر دل عزيز گھوڙو...
شھنشاھ: بٽ يو نو ملڪه جلاب! آءِ لائيڪ ڊانڪي.. لحاظه شاعر کي اسين پنھنجي پسند جو انعام ڏيڻ پسند ڪنداسين.
ملڪه: جي اھا ڳالهه آھي ته پوءِ ٻڌ! اي سلطنت جلاب جا جورابا... مان ھن درٻار مان ھلي وينديس ۽ مخالف ڌر کي تيار ڪري ... تو خلاف احتجاج ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويندا.
شھنشاھ: اي ملڪه تاڙي بنت ڪياڙي ! تون شھنشاھ ڇوڏي بن توڏي جي ڇانوَ ۾ ويھي، شھنشاھ جي شاھي عزت جي ڳٺڙي کي کولڻ جي ڪري رھي آھين، شھنشاھ توکي ھتان وڃڻ نه ڏيندو.
ملڪه: مون کي خبر آھي... اي بي اختيار بادشاھ.... مون کان سواءِ يعني ملڪه تاڙي بنت ڪياڙي کان سواءِ تنھنجي بادشاھي ھڪ ڪلاڪ به نه ھلي سگھندي.
شھنشاھ: دس از بليڪ ميلنگ.. بٽ وڏي مجبورنگ.

شاعر ملڪه ۽ شھنشاھ جي جھيڙي کي ڏسندي:
شاعر: اي جھاز وزم... بمن جا بم،.. غمن جا غم... اوھان پاڻ م نه وڙھو ڇو ته ھن شاعر جي سيني ۾ سُتل دل، جھيڙي کي ڏسندي تيز ٺينگ ٽپا ڏئي خوش ٿي رھي آھي... خدارا اھڙي خوشي مونکي نه ڏيو... ورنه...
شھنشاھ: ورنه تون ڇا ڪندين؟
شاعر: ورنه مان پنھنجي شاعري گھوٽي پي ڇڏيندس.
شھنشاھ: اي بي خبر بن اڻڄاڻ نجومي يو مار دي ٽپڻو... اينڊ ٽيل مي ته ھاڻ ڇا ڪيو وڃي.
نجومي: حضورِ ھل ھل.... سلطنت جي شاعر ليمون بن نارنگيءَ کي گڏھ جي پيٽ ۾ ۽ ان جي شاعري کي گھوڙي جي بول ۾ دفن ڪرڻ ھن سلطنت لاءِ سٺو سنؤڻ ثابت ٿيندو.
شاعر: واھ نجومي واھ... تو جھيڙو ٺاري سلطنت جي ديوارن کي بچائي ورتو آھي. انھيءَ خوشي جي موقعي تي آءُ توتي پھريون ڀيرو شعر لکندس.

شھنشاھ حڪم جاري ڪري ٿو:
شھنشاھ: شاعر سلطنت ليمون بن نارنگي جي شاعريءَ کي گھوڙي جي پيٽ ۾ ۽ شاعر کي گڏھ جي پيٽ ۾ دفن ڪري، مابدولت جي مانَ کي ماڙيءَ تي چاڙھيو وڃي.
وڏو وزير: شھنشاھِ جلاب و جلال.. جھازِاعظم واليءَ واڏڻ تاڙي بنت ڪياڙي جي فرمان جي ڦوسڙيءَ کي ھوا ۾ اڏائيندي اعلان ڪيو وڃي ٿو ته شاعر سلطنت ليمون بن نارنگيءَ کي سڀاڻي منجھند جو ٺيڪ سج لھڻ کان پوءِ سرعام موبل انعام ڏنو ويندو.
اھو اعلان ٻڌي شاعر سلطنت ليمون بن نارنگي بيھوش تي وڃي ٿو.
درٻاري ھُن کي ھوش ۾ آڻين ٿا. شاعر ھوش ۾ اچي ٿو.
شھنشاھ: اي شاعر سلطنت.. ھي توکي ڇا ٿي ويو؟
شاعر: اي شھنشاھِ ڪنجوس... انعام جي خوشيءَ ۾ ڏندڻ پئجي ويا. ڇو ته اھڙي خوشي مونکي راس ناھي ايندي.
شھنشاھ: مابدولت سان ھوندين ته ھميشه اھڙيون خوشيون حاصل ڪندو رھندين.
شاعر: شھنشاھ خوشيون ياد نه ڏيار... نه ته مان مري ويندس.

درٻار ۾ وزير اطلاعات گونگو بن چريو داخل ٿئي ٿو
۽ رڙيون ڪري شھنشاھ کي مخاطب ٿئي ٿو؛
گونگو بن چريو: اتيفا..... اتيفا.... اتيفا.....
شھنشاھ: مابدولت جي سلطنت جو ڪھڙو حال آھي اي وزير اطلاعات ونشريات گونگا بن چريا.
گونگو: آيا.....پايا...پايا....يايا... ييا ييا... آيا... آيا... پايا پايا.. اتيفا ...اتيفا.
شھنشاھ: آءِ ناٽ سمجھنگ دس منسٽرس ٻولي... يعني مابدولت ڪجهه به سمجهي ناھي سگھيو.... ما بدولت کي سمجھايو وڃي.
ملڪه: اي واليءِ وٺ سٺ... مون گونگي بن چرئي کي وزير اطلاعات ۽ نشريات ان لاءِ ئي مقرر ڪيو آھي ته جيئن ھو عوام کي ڪابه ڳالهه سمجھائي نه سگھي۽ رڳو پنھنجو ٻولي پيو ڳالهائي.
شھنشاھ: بٽ واءِ مقرر ڪيو ويو.
ملڪه: اي شھنشاھ، تاراجي... عوام جيڪڏھن سمجهي ورتو ته پوءِ سمجھو ٿا ته ڇا ٿيندو.
شھنشاھ: سلطنت جلاب جي عوام ڪجهه به ناھي ڪندي ملڪه... عوام به ھن وزير وانگي گونگي ٻوڙي آھي.
ملڪه: چئو نسورو ڪوڙ ٿا... عوام گونگو ۽ ٻوڙو ناھي... پر خوشحال آھي.
شھنشاھل مابدولت جي خدمت ۾ ثابت ڪيو وڃي.
ملڪه: اي شھنشاھِ مھانگائي سلطنت جي ھر شيءِ مھانگائي جي وڙ چڙھيل آھي.. پوءِ به عوام اٿي نٿو ته ان جو مطلب عوام خوش آھي.
گونگو: آيا.... آيا.... اتيفا.. اتيفا... اتيفا..
شھنشاھ: اي وزيراطلاعات ۽ نشريات گونگا بن چريا، واٽ يو چاھنگ ڳالهه ڊائريڪٽ ڪرنگ.

گونگو کيسي مان ڪاغذ ڪڍي ٿو:
گونگو: اتيفا.... اتيفا.... اتيفا...
شھنشاھ: اھا اتيفا ڪير آھي؟ جنھن سلطنت جلاب جي ھڪ ھوشيار ۽ چالاڪ وزير کي ديوانو بڻائي رکيو آھي... معلوم ڪيو وڃي ته ان اتيفا مان کيس ناجائز ٻار ته ناھي پيدا ٿيو.
وڏو وزير: سرڪارِ نامراد.... گونگو بن چريو استيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه پيو ڪري.
شھنشاھ: او ....نو... ڇا ھي لوٽو ٿي ويو آھي؟ يا کوٽو ٿي ويو آھي.
وڏو وزير: اي شھنشاھ شھتوت... نه ھي لوٽو ٿي ويو آھي نه ئي کوٽو بلڪه ھي ڍنڍ جو پکي ٿي چڪو آھي جيڪو ڪڏھن ھِن پار ته ڪڏھن ھُن پار.
شھنشاھ؛ وُڊ... وڊر... وڊيسٽ. ھن جھڙا پکي ته ھن سلطنت جي سونھن آھن، تنھن ھوندي به ھن ڍنڍ جي پکيءَ جي استعفيٰ منظور ڪجي ٿي.
وڏو وزير: اطلاعات و نشريات جي وزير گونگي بن چرئي جي استعفيٰ منظور ڪئي وڃي ٿي.
شھنشاھ: مابدولت ھي حڪم صادر ڪري ٿو ته جڏھن به ڍنڍ جو هي رنگين پکي اسان ڏانھن ٻيھر واپس وري ته ھن لاءِ اسان جي سلطنت جا دروازا ھميشه کليل رھندا.

گونگو شڪريو ادا ڪندي.
گونگو: آيا..... پياپيا... آيا آيا..
ملڪه: اي اسان جي سلطنت جا سابق وزير ۽ ھاڻي ڍنڍ جا پکي.. تنھنجي استيفا منظور ٿي چڪي آھي، ھيءَ ملڪه توکي اجازت ڏيئي ٿي ته ھاڻ تون ، ڀلي وڃ ۽ ڍنڍ جي ٻين پکين سان وڃي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون ھڻ.

گونگو بن چريو درٻار مان نڪري وڃي ٿو.
شھنشاھ: اي منھنجي دل جي سلطنت جي سونھن ڀري ملڪه... اطلاعات ۽ نشريات جو ڪو ٻيو وزير مقرر ڪجي، تنھن لاءِ اوھانجي ڇا تجويز مينس سجيشن آھي؟
ملڪه: وزير ثقافت ۽ سياحت کي اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيو.
شھنشاھ: او ملڪه، يُو آلسو ماءِ دل جي پريشاني دور ڪري ڇڏيندي آھين.. اي وڏا وزير يعني وزير گُڏا... ملڪه جي فرمان تي جلد عمل ڪيو وڃي. وزير ثقافت ۽ سياحت کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.
وڏو وزير: اي ظلِ سلائي مشين.... وزير ثقافت ۽ سياحت پنھنجي خراب ٿيل ڊش انٽينا ٺھرائڻ لاءِ آمريڪا جي مستري ڏانھن ويو آھي.
شھنشاھ: اي وڏا وزير وزير گُڏا.. جيئن ئي ثقافت ۽ سياحت جو وزير پنھنجي ڊش انيٽينا جي سروس ڪرائي آمريڪا مان موٽي اچي، تيئن ئي مابدولت جي خدمت ۾ کيس پيش ڪيو وڃي.
وڏو وزير: غاليچاه جو حڪم ڪنن تي.

هڪ درٻاري هڪ اخبار شھنشاھ جي خدمت ۾
پيش ڪري ٿو ۽ شھنشاھ اخبار پڙھندي. .
شھنشاھ: سلطنت جون اخبارون صحت بابت غلط افواھ اٿاري رھيون آھن.... ڇا اسين صحت جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪرندا پيا وڃون.
وڏو وزير: حضور اخبارون ڇا لکي رھيون آھن؟
شھنشاھ: ھي اخبار.... ھي اخبار لکي ٿي ته سلطنت جي اسپتالن ۾ ڪنھن به قسم جي کوٽ ناھي...دوائون ۽ ضروري سامان سڀ پورو آھي.
وڏو وزير: افسوس!!! شھنشاھ انھن ڊاڪٽرن تي جن اڃا تائين سامان کپايا ناھن.
شھنشاھ: وزير صحت جتي به ھجي ، جنھن به پوزيشن ۾ ھجي کيس دربار ۾ پيش ڪيو وڃي.

وڏو وزير ڪرسي تان اٿندي.
وڏو وزير: وزير صحت ڪمزور بن بيمار جتي به آھي... جيئن به آھي حضور اڌ مٿي جي سور جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿئي.

وزير صحت ڪمزور بن بيمار جيڪو واقعي بيمار آھي،
ھن جي سيڪريٽري کي ڪافي دوائون آھن
جيڪي ھو کنيو وتي ٿو، درٻار ۾ حاضر ٿئي ٿو.
وزير صحت (کنگھندي) سيڪريٽري کنگهه جي دوا.
سيڪريٽري: اي صحت جا وزير سيڪريٽري سيرپ کنگھو ٽولين پيش ڪري ٿو.
وزير صحت دوا پيئڻ کانپوءِ.
وزير صحت: حڪم! سلطنت جا ايڪسپائر ايپسٽران سيرپ.
شھنشاھ: اي منسٽر آف ھيلٿ... اِل اينڊ ويڪ... ھو از حال اوور سلطنت عوام؟ يعنيٰ مابدولت جي حڪومت ۾ عوام بيمار آھي يا نه؟

شھنشاھ جي سوال کانپوءِ وزير صحت کي سھڪو وٺي وڃي ٿو.
ھو سھڪندي سيڪريٽري کي چوي ٿو:
وزير صحت: سيڪريٽري سھڪي جي دوا.
سيڪريٽري: سرڪار! سيڪريٽري اوھان جي خدمت ۾ دم پائرين سيرپ پيش ڪري ٿو.

وزير صحت: )وزير صحت دوا پيئندي(حضورِ گليسرين ۽ واليءِ ول تور.. سلطنت جو عوام اڳي کان وڌيڪ چاڪ چوبند ۽ خوش و خرم ناھي... ڪرنگھي جي بيماري.. سلهه يعنيٰ ٽي بي.. ڪاري ڪامڻ يعني ھيپاٽائيٽس بي سي... مڇريشن يعنيٰ مليريا.. اُرڙي يعني بدن تي ڦرڙي.. خارش يعني کن کنا.. بخار يعنيٰ سمهه سمھان... گيسٽرو يعني اچ وڃان، جھڙين تمام بھترين بيمارين ۾ پاڻ ڀرو يعني خود ڪفيل ٿي چڪو آھي.
شھنشاھ: فوڊ فوڊ فوڊ! تو تمام بھترين يعني ويري نائيس ڪردار ادا ڪيو آھي.

شاعر ليمون بن نارنگي ڳالهائي ٿو.
شاعر: اھڙي خوشيءَ جي موقعي تي تازو بلڪل تازو شعر ٺاھي ورتو اٿم.
شھنشاھ: مابدولت جي موڊ پڻ تازو شعر ٻڌڻ لاءِ تيار آھي.
شاعر: او! ماءِ آقاءِ ٽيڙو...... شعر کي وائي ۽ بدھاضمو ٿي ويو.
شھنشاھ: واٽ معنيٰ ڇا؟ يو ڊونٽ ٻڌائنگ دي شعر؟
شاعر: اي جھازن جا جھاز.... بدڪن جا ڪاز.. شعر وسري ويو.. ٻي ڪنھن خاص مناسب مھل تي ڪنھن ڳالهه جي وچ ۾ گھُت ضرور ھڻبي.
شھنشاھ: يو ڊونٽ وسارنگ گھُت... گھُت ھر ڳالهه ۾ لڳڻ ضروري آھي... ته ھا وزير صحت ڪمزور بن بيماروڌيڪ حال احوال ڏيئنگ.

وزير صحت پنھنجي بدن کي جھٽڪا ھڻندي.
وزير صحت: سيڪريٽري مرگھيءَ جي دوا.
سيڪريٽري: سرڪار! سيڪريٽري مرگھي مائينس دوا پيش ڪري ٿو.

وزير صحت دوا مان ڪجهه وزن پئي ٿو ۽ پاڻ سنڀالي ٿو.
وزير صحت: اي واليءَ گندگي... سلطنت جي ھر گھٽي ۽ رستي تي گندگي گڏ ڪرڻ جهڙا انتظام تمام زبردست بلڪه تمام بھترين ھلي رھيا آھن.
شھنشاھ (شھنشاھ خوش ٿيندي.)گدرو، ھنداڻو۽ سردو ھا ... اڳتي.
وزير صحت: اڳتي نه وڃجو شھنشاھ اتي ئي ويھو.. ته ٻڌايانوَ.
شھنشاھ: ھڪ وڻين نه وڻين ٻيو وري وچ مان گرھ کڻين... ھا چئه.
وزيرصحت: سرڪارِ سيٽيل.. گندو ۽ بدبوءِدار پاڻي سلطنت جي ھر گھٽي ۽ رستي تي موجود آھي. جنھن جي بدبوءِ مان عوام تمام گھڻو فائدو حاصل ڪري رھيو آھي. عوام بنا پيسي يعني آئوٽ آف ٽيڪس، ٻين لفظن ۾ ٽيڪس کان ڇوٽ ھئڻ ڪري مفت ۾ گندو پاڻي واپرائي رھي آھي.

شھنشاھ ڪجهه سوچي ٿو، ھر مٿي ھر ھيٺ، ھر ملڪه کي ڏسندي.
شھنشاھ: تمام وڏو ڳنڀير مسئلو آھي ان مسئلي جي حل لاءِ ڪا ڪاميٽي ويھاري وڃي.
وزير صحت: شھنشاھ.! ڪاميٽي ويھارڻ کي ھڻو کڏ ۾، ھن بندي جي تجويز آھي ته گندي پاڻي چورائڻ تي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن سرڪاري ناڻي جي کوٽ پوري ٿي.
شھنشاھ: تو سٺي راءِ ڏئي سلطنت کي خوبصورت رکڻ جو منصوبو ڏنو آھي.تنھنجي انھيءَ عرض کي عملي جامو پھرايو ويندو.... ڪيئن ملڪه سلطنت؟
ملڪه: عملي جامو نه پر اوور ڪوٽ پھرايو وڃي.
شھنشاھ: اي ملڪه.... وزير صحت ڪمزور بن بيمار جي تجويز کي اوور ڪوٽ ته پھرايو وڃي.!! پر ڇا تجويز سخت گرميءَ ۾ پگھرجي نه ويندي!!؟
ملڪه (ملڪه ڪجهه سوچيندي) ھون!! ته پوءِ وزير صحت جي تجويز کي عملي جامو به پھرايو وڃي ۽ اوورڪوٽ به .... ته جيئن ھو موسمي حالتن آھر پنھنجو بندوبست ڪري سگھي.
شھنشاھ: اوڪي ملڪه سلطنت.. اي وڏا وزير... وزير گُڏا...
وڏو وزير: حڪم عاليجاه.
شھنشاھ: مادولت جي بيگم جيڪا اسان جي گھرو وزير به آھي، ان جي حڪم جي تعمير ڪئي وڃي ۽ وزير صحت جي تجويز کي عملي جامو ۽ اوور ڪوٽ پھرايو وڃي... ڪيئن اي وزير صحت ڪمزو بن بيمار؟!
وزير صحت: اي! او آر ايس جا بنڊل.... ايتري خوشي مونکي نه ڏيو.... ڪٿي منھنجي دل ڦاٽي نه پوي.... سيڪريٽري دل جي دوري جي دوا.
سيڪريٽري (دوا ڏيندي) سرڪار اوھان جي خدمت ۾ ھي سيڪريٽري ھارٽ اٽيڪ سيرپ جو شيشو ۽ هڪ ڪيپسول پيش ڪري ٿو.

وزير صحت دوا مان ڪجهه وزن پيئندي ڪيپسول کائيندي:
وزير صحت: منھنجا مائي بيوٽال! سلطنت جي عوام کي اڃا وڌيڪ ٺيڪ رکڻ لاءِ ھڪ ٻي به ڪارائتي تجويز آھي. فرمايو ته اوھان جي دون ۾ سڌي اچي ھڻان.
شھنشاھ: يو بالنگ دي راءِ.. آءِ خود بخود ڪيچنگ... يعني پنھنجي راءِ مابدولت جي خدمت ۾ پيش ڪري سگھو ٿا.

وزير صحت پيٽ ۾ پنھنجا ھٿ وجھندي.
وزير صحت: سيڪريٽري پيٽ جي سور جي دوا.
سيڪريٽري: سرڪار! سيڪريٽري پيٽيا ليٽرين دوا پيش ڪري ٿو.

وزير صحت دوا پيئڻ کانپوءِ.
وزير صحت: اي ٽيٽران ۽ واليءِ والٽران سلطنت جلاب ۾ اڃا به خالص دوائون ڪي ڪمپنيون ٺاھي رھيون آھن.. جنھن ڪري عوام اھي خالص دوائون واپرائي ٿو ۽ هو خوش ٿي وڃن ٿا... جڏھن عوام بيمارين کان آجو ٿئي ٿو تڏھن سلطنت جلاب جي شھنشاھ يعنيٰ اوھان جي خلاف بغاوت جون ڊرپون کڻي نڪري پوي ٿو.
شھنشاھ (شھنشاھ) اوھو!!! اوھو.. ويري خراب خبر، پوءِ ڇا ڪجي ڪمزور بن بيمار؟ يا گھرو وزير کان پڇجي؟
وزير صحت: سرڪار گھرو وزير کان رات جي اڪيلائي ۾ پڇجو ته ڪھڙي دواڪم ڏيکاري ٿي!! منھنجي تجويز ھي آھي ته خالص دوائن ٺاھڻ وارين انجڻين کي فرمان جاري ڪيو وڃي ته خالص دوائون ٺاھڻ بند ڪيون وڃن.
شھنشاھ: اي وڏا وزير، وزير گُڏا... فوراً فرمان لکيو وڃي.
وڏو وزير: جي عاليجاه
شھنشاھ: ھا! وزير صحت ڪمزور بن بيمار، پنھنجي بھترين بڪواس کي جاري رک.

وزير صحت نڪ اگھندي
وزير صحت: سيڪريٽري زڪام جي دوا.
سيڪريٽري: سرڪار! ھي سيڪريٽري ليس لو وٽِ پيش ڪري ٿو.
وزير صحت (دوا کائيندي) حضور ھسٽامول تجويز آھي ته سلطنت جي دوائن ٺاھڻ وارين انجڻين کي فرمان جاري ڪيو وڃي ته خالص دوائون ٺاھڻ بند ڪيون وڃن ۽ 50 سيڪڙو دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ وزير صحت لاءِ 25 سيڪڙو ڪميشن ادا ڪئي وڃي ته جيئن وزير صحت ملندڙ ڪميشن مان پنھنجو علاج ڪرائي اچي.
شھنشاھ: اسين اھو فرمان اڄ ئي جاري ڪنداسين. اي وزير راڙا.
وزير راڙو: حڪم عاليجاه.
شھنشاھ: فرمان جاري ڪيو وڃي ته، سلطنت جي حدن اندر خالص دوائون ٺاھڻ بند ڪيون وڃن ۽ وزير صحت جي علاج ۽ عيش عشرت خاطر 25 سيڪڙو ڪميشن ادا ڪئي وڃي پوءِ ڀلي اوھان دوائن جو قيمتون 75 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو.
وزير راڙو: (چادر ڏيندي) عاليجاه جي حڪم جي تعمير ڪئي وئي آھي. فرمان تيار آھي منھنجا ٺاڪا.
شھنشاھ: پيش ڪيو وڃي ته جيئن اسين پنھنجي سلطنت جي مھر ھڻي فرمان کي طاقتور بڻائي عوام جي دون ۾ اڇلي هڻون.

شھنشاھ کي فرمان ڏنو ٿو وڃي. شھنشاھ فرمان پڙھي (کٽ جو پائو) مھر ھڻي ٿو.
شھنشاھ: اي ملڪه سلطنت و جلاب يعني وائيف آف دي شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو، ان فيصلي بابت اوھان جي راءِ ھيءُ بندو اوھان کان گھري ٿو.
ملڪه: اي جھازِ 707 تو ملڪه سلطنت جو خالص دوائن سان علاج ڪرائي سلطنت جي در و ديوار کي ھِلائي بلڪه گھمائي لاتو آھي.
شھنشاھ: اي منھنجي دل جي تخت جي راڻي اسين پاڻ لاءِ خالص يعني پيئور ۽ عوام لاءِ ناقص شين استعمال ڪرڻ جو فرمان هنسلطنت جي هٿ اچڻ جي پھرين ڏينھن کان ئي جاري ڪري چڪا آھيون.
ملڪه: غلط بلڪل غلط.
شھنشاھ: اي ملڪه تنبو جوش نه ڏيار نه ته مان..................
ملڪه: (جملو ڪٽيندي) نه ته تون ڇا ڪندين؟
شھنشاھ: نه ته مان ڀڄي ويندس! چڱو ملڪه اسين توسان اوڦ ڪريون ٿا.
ملڪه: رحم شھنشاھ اعظم رحم، نه ته منھنجا حڪم ڪير مڃيندو؟
شھنشاھ: مابدولت رحم جي اپيل مسترد ڪري ٿو، يعنيٰ رجيڪٽيڊ يُور ايپليڪيشن آف رحم.
ملڪه: ھاءِ الا مون ھي ڇا ڪيو؟
شھنشاھ: تو ظل الاھي شھنشاھن جي شھنشاھ، جھازاعظم ۽ واليءِ سلطنت کي ڪاوڙائي ڇڏيو آھي.
ملڪه: ھاءِ الا مان ڪيئن توکي پرچايان، اي رسڻاريو.

گانو: ڪيئن پرچايان توکي ڪيئن سرچايان توکي.
گاني ختم ٿيڻ کانپوءِ.
شھنشاھ: اي ملڪه جھُمر، توجيڪي ناز نخرا ڪيا، تن مٿان ھي شنھشاھ قربان ٿو وڃي، مابدولت پنھنجي ڪاوڙ کي ڊاھي ختم ڪري ٿو ڇڏي، يعنيٰ پلي گرائونڊ ڪري ٿو.
ملڪه: اي واليءَ واڏڻ ۽ شھنشاھِ ڇير، مان توبنا ڪجهه نه رھان ھا!
شھنشاھ: اي ملڪه يُو ڪَم اينڊ سِٽ ماءِ پھلو... مابدولت توکي پنھنجي پھلو ۾ ويھڻ جي اجازت ڏيئي ٿو.

ملڪه شھنشاھ جي ڀرسان ويھي ٿي. ھڪ فريادي داخل ٿئي ٿو.
فريادي: (فرياد ڪندي) دوھائي آ، اي شھنشاھِ آقاءِ، دوھائي آ.
شھنشاھ: واٽ يو وانٽ فريادي. ھت پئي ھئي منھنجي آڌي، ڪنھن ڪئي آ توسان تعادي.
شاعر ليمون: آ ھا ھا ڇا ته رديف ۽ ڪافيو پاڻ ۾ پريم جو ڀاڪر پايون بيٺا آھن.. فريادي.... ۽ آڌي.... واھوا.. واھوا... اي آقاءِ نمرود! ھڪ شعر ليمي جي لامن ۾ لڙڪي رھيو آھي، حڪم ٿئي ته شعر کي ڦھڪو ڪري حضور جي قدم ۾ ڪيرائي وجھان.
شھنشاھ: اي فريادي مابدولت شعر ٻڌڻ کانپوءِ تنھنجي فرياد ضرورو ٻڌندو.
فريادي: حضور منھنجي پڻ موڊ شعر ٻڌڻ لاءِ ٺھيل آھي.. ڀلي شعر ٿي وڃي.... عرض پوءِ به پيا ڪبا.
شھنشاھ: اي پوئٽ آف امپرر آف جلاب امپائر يُو ٻڌائنگ دي شعر.
شاعر ليمون: عرض ڪيم. قرض کنيم، تڏھن ھڪڙو شعر چيم، سو به لڙڪي پيو ليمن ۾، لاھي اتان اچيءَ ٿو ٺا ڪندو اي آقاءِ نامراد.
شھنشاھ: گسڪاٽ...... گسڪاٽ.
شاعر ليمون: عرض اڇلي ھنيم.
او فريادي ھت پئي ھئي منھنجي آڌي
توته اھا ناھي کاڌي!؟
جي اٿئي اھا کاڌي، پوءِ ٿيندي ھتي تعادي
پوءِ وائي ۽ بادي، بيھندءِ ڪونه بابن چوي.
شھنشاھ: ڪُٽ...ڪُٽ....ڪُٽ...

شاعر ليمون ڪٽ ڪٽ جو ٻڌي شاعر ڀرسان ويٺل وزير کي ٿڦون ھڻي ٿو.
شھنشاھ: واٽ يو ڊوئنگ اي منسٽر آف شاعري؟ اي شاعر تون ھي ڇا ڪري رھيو آھين؟
شاعر ليمون: حضور اوھان ئي ته فرمان ڪيو... ڪٽ .. ڪٽ.. ڪٽ! ڪٽ ڪٽ تي شعر دل جي درياھ ۾ گُھت ھنئي آھي.
ڪٽ ڪٽ ڪندا ڪٽ ڪٽ.. بصر ڀينڊيون سڀئي ڪٽ ڪٽ.
اکيون اکڙين اٽڪيون اھڙيون، جيئن پڪوڙن ۾ بھه ڪُٽ ڪُٽ
زلف محبوب جا نانگ جا ورَ.لٺ کڻي نانگ تون ڪٽ ڪٽ
اي وزير ڀري ھٽ ھٽ.. تو مان ڌپ اچي ٿي ڌنو چوي.
شھنشاھ: ٻير جي ڍنگھري ويري نائيس ٻير جي ڍنگھري
شاعر ليمون: تماڪ نوازي، حُقو نوازي بلڪه چلم نوازي.
فريادي: اي آقاءِ ايپليڪيشن، منھنجي فرياد کي ٻڌ وڃي.
شھنشاھ: ھا فريادي مابدولت جي خدمت ۾ فرياد جو فانوسو، جلايو وڃي.
فريادي: حضور مان سلطنت جو غريب ھاري آھيان، پاڻي واري وزير منھنجو پاڻي بند ڪيو آھي.
شھنشاھ: منسٽر آف واٽر يعني پاڻي واري وزير کي پاڻي بند ڪرن جو حق حاصل آھي، پر ان تنھنجو پاڻي ڇو بند ڪيو؟ ان جي وضاحت مان بدولت جي اڳيان پيش ڪئي وڃي.
فريادي: اي شھنشاھءِ ڇوڏا، پاڻي واري وزير مون کان لوسڻ جي ڀري گھري ھئي.
شھنشاھ: تو شايد وزير آبپاشي کي لوسڻ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھوندو؟
فريادي: جي ھا سرڪار.
شھنشاھ: بٽ واءِ ؟
فريادي: حضورِ السي، لوسڻ اڃا ننڍو آھي، ڪَپڻ جھڙو ناھي، پوءِ به وزير ضد ڪري بيھي رھيو ته ھروڀرو لوسڻ جي ڀري ڏي.
شھنشاھ: اڇا؟ ته وزير ھروڀرو ضد ڪيو.. يعنيٰ بريڪ لڳائي بيھي رھيو؟ اھيو وزير جو جرم آھي.... اي وزير راڙا.
وزير راڙو: حڪم عاليجاه.
شھنشاھ: وزير آبپاشي کي فوراً درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي.
وزير راڙو: وزير آبپاشي مانڊول بن لول درٻار ۾ حاضر ٿي عالي جناب شھنشاھ جلاب کي جلوو پسائي.

وزير آبپاشي مانڊول بن لول درٻار ۾ حاضر ٿئي ٿو.
وزير آبپاشي: حڪم عاليجاه
شھنشاھ: اي مانڊول بن لول تو ھن فريادي جو پاڻي ڇو بند ڪيو آھي؟ واءِ ڪلوزڊ هز واٽر.
وزير آبپاشي: اي آقاءِ لھر ۽ جھازِ ڇيٻل لوسڻ کي پاڻي جي بنهه ضرورت نه ھئي، ان ڪري فريادي جو پاڻي بند ڪيو ويو ته جيئن ان بچيل پاڻي مان گدرا پوکي سگھجن. توھان ڄاڻو ٿا ته اڳ ئي سلطنت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آھي.
شھنشاھ: اوھو!! اھا ڳالهه ته مابدولت کان وسري وئي، واقعي ھن سلطنت ۾ گدرن جي کوٽ آھي ۽ ان کوٽ کي ائين ئي پورو ڪري سگھجي ٿو.. اي فريادي توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو ته بيٺل لوسڻ کي عوام ۾ ھڪ جيترو ورھايو وڃي ۽ آئنده لوسڻ نه پوکيو وڃي، اي وڏا وزير راڙا.
وزير راڙو: حڪم گاليچا.
شھنشاھ: فرمان جاري ڪيو وڃي ته سلطنت و جلاب جي ايريا اندر اڄ کانپوءِ ڪوبه ھاري، آبادگار لوسڻ، برسي، دال، مٽر ۽ چڻا نه پوکي.
وزير راڙو: اوھان جي حڪم کي کيڙي ۾ کيڙيو ويندو آقا.
شاعر ليمون: اي شھنشاھ بي پاڙي! لوسڻ تي شعر ٽوڙيان ٿو.
شھنشاھ: مار ته مزو ٿئي.
شاعر ليمون: بڙڇي ھنيم... ڀالو ھنيم.
شھنشاھ: سُرڪاٽ.... سرڙاٽ.
شاعر ليمون: اٿئي لوسڻ سندو نڪ، کائي لوسڻ ڀڃ ٿَڪُ.
نڪتو انب مان آ اڪُ، ڪتي ھنيو اھڙو چڪ
مون کي آھي اھو شڪ، ھنيو تو ئي مون کي ڌڪ
تنھنجي ناني ٿي وئي حق، لڙڪندي ليمون چئي.
شھنشاھ: ويري اٽن جي ٻوري.... ويري کنڊ جي ٻوري.
شاعر ليمون: ڪائنچ نوازي.... پتلون نوازي... آخري ڪراٽو ھنيو اٿم....
فريادي: (جملو ڪٽيندي) اي بادشاھن جا بادشاھ، ھي فريادي بيھي، ويھي يا وڃي؟
شھنشاھ: او ييس ماءِ ڊيئر فارمي ڪڪڙ.. مون کان تنھنجي ڳالهه ئي وسري وئي آھي. اسين توسان انصاف ڪريون ٿا... بٽ واٽ از يوئر نيم، تون پنھنجو نالو ٻڌاءِ.
فريادي: اي ظل چانورن جي لائي! امڙ نالو رکيو واڱڻ بن توت ۽ بابي نالو رکيو باجو بن ڀوڪ
شھنشاھ: رليڪس رليڪس ماءِ ڊيئر باجا بن ڀوڪ، واڱڻ بن توت.. اي وزير قانون ڇنڪار گل بن وڃڻي.
وزير قانون: حڪم منھنجا ٻاليشاھ!
شھنشاھ: ھن فريادي متعلق قانون جا ڪتاب ڇا ٿا ٻڌائين؟
وزير قانون: (ڪتاب کوليندي) اي برترو بالا قانون جي ڪتاب جي نمبر 420 جي فقري نمبر 999 ۾ لکيل آھي ته، لوسڻ پوکڻ واري کي ست سال، ست مھينا، ست ڏينھن ۽ ست گھڙيون قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وڃي.
شھنشاھ: اي فريادي اسين توکي اھائي پنشمينٽ يعنيٰ سزا ڏينداسين، ڇو ته سڄو ڏوھ تنھنجو آھي، نه تون لوسڻ پوکين ھا! نه ئي وزير لوسڻ جي طلب ڪري ھا.
فريادي: رحم شھنشاھ اعظم رحم.
شھنشاھ: اسين توتي رحم ڪري پنھنجي وزيرن جي مٿان گھٽتائي نٿا ڪري سگھون... ڇو ته اڳ به ستن وزيرن لوسڻ کائي خودڪشي ڪئي ھئي. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته اسان جھڙن بادشاھن وٽ اھڙن عوام آزاريندڙ وزيرن جي عزت ھوندي آ.
فريادي: جي عاليجاه مون کي خبر ھئي.
شھنشاھ: توکي خبر ھئي ته پوءِ فرياد کڻي ھت ڇو آئين؟

فريادي لالٽين ٻاري ٿو.
شھنشاھ: لالٽين!!!؟ ڏينھن جي روشني ۾ لالٽين ڇو ٿو ٻارين اي فريادي!؟
فريادي: حضور ان لاءِ جو مون کي خبر آھي ته ھر طرف بي انصافي اقرباپروري جي اوندھ ڇانيل آھي. مون لالٽين ان لاءِ ٻاريو آھي ته جيئن اوندھ ۾ گم ٿي ويل انصاف کي ڳولي سگھان. ته جيئن ھن روشني ۾ سلطنت جي حڪمرانن جي دلين ۾ عوام دوستي کي ڏسي سگھان. جيڪا عوام دوستي ھو صرف جلسن جلوسن ڪرڻ وقت ڏيکاريندا آھن، پر ھن روشني ۾ به ھو عوام دشمن آھن، ھا! عاليجاه ھر بادشاھ عوام، غريب عوام جي امنگن، آس ۽ اميدن جو قاتل آھي... ھا قاتل آھي.
شھنشاھ: فريادي مابدولت جي درٻار ۾ صرف وزير، امير، رئيس ۽ مالدار ئي زبان کولي سگھن ٿا... غريب نه!.
ملڪه: اي فريادي! تون به غريب آھين نه؟
فريادي: تنھنجا ٻچا جيئن... ھا ملڪه مان غريب ھاري آھيان جنھن غريب ھارين جي طاقت تي اوھان کي فخر ھوندو آھي... اھو غريب آھيان.
ملڪه: شھنشاھ.! ڇا سلطنت مان اڃا غريبي ختم نه ڪئي وئي آھي... اسانجي سلطنت ۾ اڃا ڪي غريب رھيل آھن؟
شھنشاھ: وزير راڙا! ملڪه جي سوال جو جواب ملڪه جي حضور ۾ پيش ڪيووڃي.
وزير راڙو: اي ملڪه رحم! ھن فريادي سميت اڃا پنج سؤ غريب خاندان، اسانجي حدن ۾ رھن ٿا.
ملڪه: سلطنت مان غريبي مڪمل طور تي ختم ڪئي وڃي.
وزير راڙو: آئنده ڪوبه غريب اوھان کي نظر نه ايندو اي ملڪه عاليه.
ملڪه: باقي بچيل غريبن جو ڇا ڪيو ويندو؟
وزير راڙو: ملڪه باقي بچيل غريبن کي زندان ۾ واڙيو ويندو، کين بکون ڏنيون وينديون!!!
ملڪه: (جملو ڪٽيندي) وزير راڙا تنھنجي اھا تجويز فرسوده بڻجي چڪي آھي، زندانن ۾ غريبن کي قيد نه ڪيو وڃي بلڪه غريبن جي کائڻ وارين روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه چوٽ تي چاڙھيا وڃن، ھارين جي ڪيل محنت جو عيوضو گھٽ ڪيو وڃي، آھستي آھستي غريب خود بک وگھي مرندا ويندا! بيماري وگھي ھن دنيا بي رحم دنيا مان ھليا ويندا۽ وڃي آرام سان آرامي ٿيندا!! ڪئين شھنشاھ.؟
شھنشاھ: او ھُو ھُو ڪير دشمن ٿو چئي ته عورت کي عقل کڙيءَ ۾ ھوندو آھي؟ نه تون ته مھا عقل جي اڪابر آھين ملڪه! اي وزير راڙا.
وزيرراڙو: حڪم ٿئي بندي جو سر ٽوپيءَ ۾ پيل آھي.
شھنشاھ: ھر مھيني جي آخري ھفتي ۾ ھر شيءِ جا اگهه وڌايا وڃن ۽ ھن غريب عوام کي کلي فضا ۾ کوليو وڃي ته جيئن ھي غريب ھاري بک ۽ بيماري وچان مري وڃي.
وزير راڙو: حڪم جي تعمير ڪئي ويندي..خون ۽ پگھر جي پورھئي سان.
فريادي: اي بادشاھن ھا بادشاھ رحم ڪريو ورنه آءُ اھڙي فرياد ڪندس جو سلطنت جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويندا.
شھنشاھ: کنڀڙن کان گھلي ٻاھر ڦٽي ڪري اچوس... فريادي وڃ ۽ وڃي ٻاھر فرياد ڪر.... تون سمجهي ڇڏ ته تنھنجي فريادن سان ھي ديوارون ٽٽي نٿيون سگھن.
چوڪيدار فريادي کي ٻاھر کڻي وڃن ٿا.
شھنشاھ: مابدولت کي معلوم ٿيو آھي ته سلطنت جي عوام کي بجلي جي اڃا مڪمل سھولت مھيا نه ڪئي وئي آھي؟ لحاظه وزير بجلي کي جلد درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.
وزير راڙو: وزير بجلي فانوس بن ميڻ بتي درٻار ۾ حاضر ٿئي.
وزير بجلي فانون بن ميڻ بتي درٻار ۾ جيئن ئي داخل ٿئي ٿو ته بجلي بند ٿي وڃي ٿي.
شھنشاھ: اي وزير بجلي ھي ڪھڙي ماجرا آھي؟ بجلي ڇو بند ڪئي وئي آھي؟
وزير بجلي: سرڪارِ بٽڻ... ھينئر لوڊشيڊنگ جو وقت آھي، بحرحال آءُ بجلي چالو ڪرايان ٿو...
وزير بجلي پراڻي فون تي ڳالهائي ٿو.
وزير بجلي: بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪيو.... جي... جي.... ھا .. . ٺيڪ.... بحرحال بجلي بحال ٿيڻ کپي. (ٽيليفون بند ڪندي) اي آقاءِ اڌ بتي ۽ واليءِ وائر پاڻي جي ڪمي سبب لوڊشيڊنگ ڪرڻ لازمي ٿي وئي آھي. (بجلي اچي ٿي.)
شھنشاھ: مابدولت جي خدمت ۾ ان مسئلي جو حل رکيو وڃي يعني پٽ دي سالوڊ پرابلم آف پاور.
وزير بجلي: اي شھنشاھ شُو منھنجي ھر بار اھا تجويز آھي ته ڪنھن سٺي ڳائڻي کي گھرائي راڳ رانڀاٽ ڳارايو وڃي... ڇو ته اڳ برسات نه وسڻ سبب برساتي راڳ ڳائي برسات وسائي ويندي ھئي. تيئن رانڀاٽ راڳ وسيلي بجلي جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي ٿو.
شھنشاھ: تجويز تنھنجي کي جلد عملي پاجامو پھرائي ميدان ۾ ورزش لاءِ لاٿو ويندو....پر تون مابدولت کي ٻڌاءِ.... ھيئنر تائين ڪيترن ڳوٺن کي بجلي مھيا ڪئي وئي آھي؟
وزير بجلي: اي آقاءِ ھولڊر ۽ بي جان بلب، ھن سال جي آخر تائين نوَ سو ڳوٺن کي بجلي ڏني وئي آھي ۽ پندرنھن سوَ ڳوٺن جي بجلي ڪٽي وئي آھي.
شھنشاھ: اھائي ته تنھنجي قابليت ڏسي مابدولت توکي بجلي جو وزير بڻايو.
وزير بجلي: اڃا احوال جاري آھن... اي سھنشاھ جلال جن جن ماڻھن بجلي ھڻائڻ جون درخواستون ڏنيون آھن تن.........
شھنشاھ: (جملو ڪٽيندي) انھن جي گھرن ۾ بجلي لڳي وئي آھي ڇا؟
وزير بجلي: نه منھنجا ڪٽ آئوٽ... بجلي ته اڃا ناهي لڳي ، پر بل باقاعده جاري ڪيا وڃن ٿا.
شھنشاھ: گڊ.... گڊر.... گڊيسٽ.. بلڪه ڪٽيس.
وزير بجلي: جي ھا عاليجاه.... جيئن ته اھي ماڻھو بل جمع نٿا ڪرائين ان لاءِ انھن جي گھرن ۾ بجلي لڳائي نه وڃي... ڇو ته ھو بل نٿا پيارين.
شھنشاھ: بھترين بلڪه ويري بھترين تجويز آھي... ان تجويز جي عيوض اسين توکي ترقي ڏئي وزير مان ھٽائي لائين سپريڊنٽ بڻايون ٿا.
وزير بجلي: بندو توھان جي اھڙن احسانن جو غلام آھي ۽ هميشه رھندو.
شھنشاھ: ٺيڪ آ.... ھاڻي تون درٻار مان ٻاھر وڃي سگھين ٿو.. توکي اجازت آ.
وزير بجلي: حضور آءُ درٻار ۾ ويھي ڪارروائي ڏسڻ جي خواھش رکان ٿو.
شھنشاھ: مابدولت تو کي ان جي اجازت ھر گز نه ڏيندو، ڇو ته تون جيترو وقت ھتي ويٺو ھوندين، اوترو وقت بجلي جي اکٻوٽ جاري رھندي... ان لاءِ توکي اجازت آھي ته تون ھتان ھليو وڃ ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي رھي پئه.
وزير بجلي: اوهان جي حڪم کي پڪڙ سان ٽائيٽ ڪيو ويندو آقا.

وزير بجلي ٻاھر آئوٽ،
وزير ثقافت جنھن سان ھڪ ڇوڪر ليسوڙو آھي،
پنھنجي ڊش اينٽينا سميت داخل ٿئي ٿو.
وزير ثقافت: عاليجاه بي ادبي جي معافي.... اصل ۾ منھنجو مواصلاتي نظام درست نه ھو.... ان لاءِ حضور جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي.
شھنشاھ: حدِ ادب، حدِ ادب، حدِ ادب.... اي وزير ثقافت ڪمبل بن ڪوٽ
وزير ثقافت: عاليجاه
شھنشاھ: مابدولت توکي اطلاعات کاتي جو اضافي قلمدان سونپڻ جو ڪم ڏيڻ جي خواھش رکي ٿو.
وزير ثقافت: حضور مون اھيو سمورو پروگرام براھ راست مواصلاتي سياري وسيلي پئي ڏٺو. پر جيئن ته منھنجي ڊش انٽينا خراب ٿي پئي ان لاءِ مڪمل پروگرام ڏسڻ کان محروم رھيس، اوھان جو ھر فيصلو مون کي قبول آھي.
شھنشاھ: وزير اطلاعات مقرر ڪرڻ کان اڳ مابدولت يعنيٰ شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو معلوم ڪرڻ گھري ٿو ته آئنده اطلاع حاصل ڪرڻ جو ڪھڙو ذريعو استعمال ڪيو ويندو.
وزير ثقافت: حضور حڪم ٿئي ته اطلاع حاصل ڪرڻ جو ھڪ نمونو پيش ڪجي ھي منھنجو ليسوڙو (ڇوڪري ڏانھن اشارو) آھي.
شھنشاھ: مابدولت اڳيان نمونو پيش ڪيو وڃي.
وزير ثقافت: پٽ ليسوڙا.
ليسوڙو: جي استاد گيدوڙا.
وزير ثقافت: گھمي ڦري آ...... چڪر لڳائي آ.
ليسوڙو: آيس ! چڪر لڳائي آيس.
وزير ثقافت: ھينئر ڪٿي بيٺو آھين.
ليسوڙو: استاد ! ڪي جي اسڪول جي ڪلاس ون ۾.
وزير ثقافت: اتي ڇا ٿي رھيو آھي؟
ليسوڙو: مس ٻارن کي پڙھائڻ جي بدران ميڪ اپ ڪري رھي آھي.
وزير ثقافت: ليسوڙا.
ليسوڙو: جي استاد گيدوڙا.
وزير ثقافت: ھينئر ڪٿي بيٺو آھين.
ليسوڙو: استاد ڪي جي اسڪول جي ڪلاس ٽو ۾.
وزير ثقافت: اتي ڇا ٿي رھيو آھي؟
ليسوڙو: استاد مس ٻارن کي قومي گيت ٻڌائي رھي آھي.
وزير ثقافت: اھو قومي گيت ڪھڙو آھي؟
ليسوڙو: اسين تي جاڻا بلو دي گھر..... ڪن ڪن جاڻا بلو دي گھر.
ٽڪٽ ڪٽاؤ ليڻ بڻاؤ..... اسين ته جاڻان بلو دي گھر.
شھنشاھ: ڇا اسان جي سلطنت جي عوام جو اھيو قومي گيت بڻجي چڪو آھي.
وزير ثقافت: جي عاليجاه.... اھيو گيت واقعي قومي گيت بڻجي چڪو آھي.
شھنشاھ: پوءِ اھڙن قومي گيتن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ڇو ته جنھن قوم جا اھڙا نغما قومي گيت بنجي وڃن... تنھن قوم کي تباھ ۽ برباد ٿين کان ڪو به بچائي نٿو سگھي... ۽ توھان ڄاڻو ٿا ته اسين پاڻ کي تباھ ۽ برباد ڏسڻ جي خواھش رکون ٿا.
وزير ثقافت: ائين ئي ٿيندو حضور. ھا پٽ ليسوڙا.
ليسوڙو: جي استاد گيدوڙا.
وزير ثقافت: گھمي ڦري آ..... چڪر لڳائي آ.
ليسوڙو: گھمي ڦري چڪر لڳائي آيس.
وزير ثقافت: ھينئر ڪٿي بيٺو آھين؟
ليسوڙو: سلطنت جي ڪاليج جي ڇوڪرن واري ڪلاس ۾ بيٺو آھيان.
وزير ثقافت: ڪلاس ۾ ڇا ٿي رھيو آھي؟
ليسوڙو: ڪوبه ليڪچرار ڇوڪرن واري ڪلاس ۾ موجود ناھي.. ڇوڪرا بار بار ليڪچرار کي پنھنجو پيرڊ ياد ڏياري رھيا آھن، پر ليڪچرار ڪلاس وٺي ئي نٿو.
وزير ثقافت: ليڪچرار ڪٿي موجود آھي؟
ليسوڙو: ليڪچرار ڇوڪرين واري ڪلاس جي در اڳيان بيٺا آھن.
وزير ثقافت: اُتي ڇو بيٺا آھن.
ليسوڙو: ڇوڪرين جي ڪلاس جي درتي ليڪچرار پاڻ ۾ وڙھي رھيا آھن ته ڇوڪرين کان اڳ ۾ پيرڊ مان وٺندس، ڪو ٿو چوي ته اڳ ۾ مان وٺندس ۽ ھو در کي ڌڪ ھڻي رھيا آھن.
وزير ثقافت: ھو ڇوڪرين جي ڪلاس جي در کي ڌڪ ڇو ھڻي رھيا آھن؟
ليسوڙو: ان لاءِ استاد جو ڇوڪرين جي ڪلاس ۾ اڳ موجود ليڪچرار ڪلاس جو در اندران بند ڪري ڇڏيو آھي... ٻاھريان رڙيون ڪري رھيا آھن ته تنھنجو پيرڊ ختم ٿي چڪو آھي.... نڪر ٻاھر.
وزير ثقافت: پوءِ اندريون ليڪچرار ڇا چئي رھيو آھي؟
ليسوڙو: ليڪچرار چئي رھيو آھي ته منھنجو ھڪ پيرڊ ڇهه ڪلاڪ ھلندو آھي، منھنجو پيرڊ اڃا ختم ناھي ٿيو.
شھنشاھ: ھُڊ... ھُڊ... چئبو مابدولت جي سلطنت ۾ تعليم ايڏي وڏي ترقي ڪئي آھي.... ھُڊ.... ھُڊ.... اي وزير راڙا.
وزيرراڙو: حڪم عاليجاه
شھنشاھ: وزير تعليم جي اعليٰ ڪارڪردگي ڏسندي، توکي حڪم ٿو ڪجي ته وزير تعليم کي فوراًمابدولت جي خدمت ۾ وزير ثقافت کان پوءِ پيش ڪيو وڃي.
وزير راڙو: ھي بندو اوھان جي گند جي ڍير تي ويٺل رھندو.
وزير ثقافت: پٽ ليسوڙا
ليسوڙو: جي استاد گيدوڙا.
وزير ثقافت: گھمي ڦري آ. چڪر لڳائي آ.
ليسوڙو: گھمي ڦري چڪر لڳائي آيس.
وزير ثقافت: ھينئر ڪاٿي بيٺو آھين؟
ليسوڙو: مڪاني اداري جي هڪ آفيس ۾.
وزير ثقافت: اتي ڇا ٿي رھيو آھي؟
ليسوڙو: سيڪريٽري پنھنجا گينگا ڪڍي، ٽيبل تي شھر ۾ ٺھندڙ نئين شاپنگ سينٽر جو نقشو ٺاھي رھيو آھي.
وزير ثقافت: ٽائون آفيسر ڪٿي آھي؟
ليسوڙو: استاد ٽائون آفيسر پنھنجي آفيس کان ٻاھر نڪري نلڪي ۽ ٽريڪٽر جي ڊيزل واري ٽانڪي کي گاريون ڏئي رھيو آھي.
وزير ثقافت: اڪائوٽنٽ ڇا ڪري رھيو آھي؟
ليسوڙو: استاد! اڪائوٽنٽ ڪُوڙا بل پاس ڪرائي، چيڪ ڪڍي رھيو آھي.
وزير ثقافت: سينٽري انسپيڪٽر يعنيٰ ڀنگين جو جماندار ڇا ڪري رھيو آھي؟
ليسوڙو: استاد ڀنگين جو جماندار اڳوڻي وزير ٽرانسپورٽ ٽائر بن پنڪچر کي ڀنگين جي جمانداري جي چارج ڏئي رھيو آھي.
شھنشاھ: او ھو ھُو ھُو.... زبردست... زبردست... مان توھان مان بلڪل مطمئن آھيان... لحاظ توکي وزير اطلاعات جو قلمدان سنڀاليو وڃي ٿو. وزير راڙا.
وزير راڙو: ظل الاھي حڪم ٿئي.
شھنشاھ: وزير ثقافت ڪمبل بن ڪوٽ کي وزير اطلاعات جو قلمدان ڏنو وڃي.
وزير راڙو: حڪم جي تحرير ڪئي ويندي منھنجا مس چُٽا.
وزير ثقافت کي ھڪ وڏو قلم ڏنو وڃي ٿو.
شھنشاھ: توکي پاراتو ھجي.. توکي پاراتو ھجي.
وزير ثقافت: (روئيندي) نوازش.... (روئيندي) نوازش....
شھنشاھل اون!! ھاڻي مابدولت کي معلومات ڏني وڃي ته اسان جي ثقافت ڪمبل ۽ ڪوٽ جي حالت ڇا آھي؟
وزير ثقافت: حضورِ اڳڙي... ڪمبل جي حالت تمام نازڪ آھي! ڪمبل جون ڪنڊون ننڍا ڪتڙا کائي ويا آھن! ڪمبل جو سينو ڪمبختن ۽ ڪميڻن ڇرا ھڻي ڦاڙي رکيو آھي، ڪمبل جي مھمانوازي يعني پشم جي نرمي جو ناجائز فائدو وٺندي نانگ ڪمبل ۾ ويھي رھيا آھن ۽ ھو ڪمبل تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن.
شھنشاھ: ڪوٽ جي ڪھڙي حالت آھي؟
وزير ثقافت: حضورِ ڪالر! ڪوٽ بلڪل ٽائيٽ آھي.
شھنشاھ: مابدولت جي خدمت ۾ ڪوٽ لاھي پيش ڪيو وڃي.
وزير ثقافت: اي شھنشاھ جا کيسا! ڪوٽ جي اندر وڏا راز لڪل آھن... لحاظا ھي بندو عرض ٿو ڪري ته اھيو راز راز ئي رھڻ ڏنو وڃي.
شھنشاھ: اي نامعقول حدِ ادب ۾ رھ، شھنشاھ توکي حڪم ٿو ڪري ته اھو ڪوٽ مابدولت جي خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي.
وزير ثقافت: حضور جي مرضي پنھنجي جاءِ تي صحيح آھي، اي شھنشاھ جيڪڏھن راز فاش ٿي وڃن ته ان ۾ منھنجو قصور بنهه نه ھوندو.
شھنشاھ؛ وزير ثقافت ۽ اطلاعات ڪوٽ کي مابدولت ۾ پيش نه ڪري تون اسان جي جاھ و جلال کي جاڳائي رھيو آھين.... ڪوٽ پيش ڪيو وڃِي.

وزير ثقافت ڪوٽ لاھي ٿو ته سندس
ٻيو بدن اگهاڙو ٿي پوي ٿو. يعني کي
ڪوٽ اندران قميص/شرٽ پاتل نه آھي،
صرف وزير جي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ پيل آهي.
شھنشاھ: (وزير ثقافت کي پٺيءَ اگهاڙو ڏسندي) اي ڪمبل بن ڪوٽ يو ٽيل مي واٽ از دس؟
وزير ثقافت: اکيون ڦاڙي ڏس... اھيو ئي راز ھيو شنشاھ شرمنده.
شھنشاھ: ليڪن تنھنجي ھي حالت مابدولت کي بيحد پسند آئي آھي.
وزير ثقافت: عاليجاه اھڙي نموني جو سلطنت جي عوام ٽي وي وسيلي ھڪ چينل به ڏسي رھي آھي. جنھن کي ٽي چينل چيو وڃي ٿو.
شھنشاھ: ان چينل تان ڇا پيش ڪيو ويندو آھي... مابدولت کي جلدي ڏيکاريو وڃي.
وزير ثقافت: ظل ملائي! مواصلاتي سياري جي خرابي سبب ڪجهه وقت لاءِ پروگرامن ۾ خلل پئجي ويو آھي، لحاظ سڌي طرح مابدولت تي وي چينل ڏسي نٿو سگھي! حڪم ٿئي ته آءُ اھڙو نمونو پيش ڪريان.
شھنشاھ: حڪم ھو... حڪم ھو... جلد ھو... جلد ھو...

انگلش ميوزڪ/ مائيڪل جيڪسن جو گانو
وزير ثقافت: وڊ چينل وڊ چينل.... وزير ثقافت توکي اجازت آھي وڃڻ جي.

وزير ثقافت ۽ ليسوڙ ٻاھر آئوٽ.
وزير راڙو: وزير تعليم اڻ پڙھيل بن انڱوٺي شاپ درٻار ۾ حاضر ٿي پنھنجي قابليت جا جهنڊا سلطنت جي قلعي تي کوڙي.

وزير تعليم اچي ٿو ۽ ھڪ پنو وزير راڙي کي ڏيندي چوي ٿو.
وزير تعليم: وزير راڙا ھي پڙھي ٻڌاءِ.. ڇا لکيل آھي؟ ۽ ڪنھن موڪليو آھي؟
وزير راڙو: وزير تعليم اوھان خود ڇو نٿا پڙھو؟
وزير تعليم: وزير راڙا آءُ توکي خبر آهي ته منھنجي پڙهڻ سان بلڪل ناهي لڳندي ! چڱيءَ طرح ڄاڻڻ باوجود اھڙا سوال ڪري تون منھنجي قابليت جي مذاق ٿو اڏائين. اي شھنشاھ مسُ ڪُپڙي وزير راڙي کي تنبيھه ڪئي وڃي.
شھنشاھ: وزير راڙا تون ڄاڻين ٿو ته سلطنت جو تعليم وارو کاتو ھميشه اهڙن ماڻھن جي حوالي رهيو آهي جن جي پڙهڻ سان هميشه دشمني رهي آهي!!! پوءِ به تون اهڙا سوال ٿو ڪرين؟ ڇا تون به عوام جي ساٿ ۾ شامل ٿيو آھين؟
وزير راڙو: حضور غلطي جي گنجائپ جو طالبو.
شھنشاھ: اوڪي نيوَر مائينڊ..... وزير تعليم مون تائين اطلاع مليا آھن ته سلطنت جي ڪاليجن ۾ ليڪچرار تعليم ڏيڻ لاءِ بيقرار آھن.
وزير تعليم: حضورِ ڪِلڪَ اوھان درست معلومات کي پڪڙي ورتو آھي.
شھنشاھ: پوءِ اھڙن ھوشيار ۽ تعليم جي زيور سان مالا مال ليڪچرارن کي ترقي ڏئي ڪاليجن جا پٽيوالا، مالھي ۽ چوڪيدار مقرر ڪيا وڃن.
وزير تعليم: اوھان جو حڪم پورو ڪيو ويندو.
شھنشاھ: اي وزير تعليم سلطنت اندر اسڪولن جي ڪمن جي ڪھڙي رپورٽ آھي؟ مابدولت رپورٽ ٻڌڻ جي خواھش رکي ٿو.
وزير تعليم: حضور چاڪ ۽ ڊسٽر! سلطنت جي ٻه سؤ ڳوٺن ۾ ٻه سؤ پرائمري اسڪول ٺھرايا ويا، جن مان اڪثر ڳوٺن جي چڱن مڙسن جي اوطاقن طور استعمال ٿين پيا.، ڪن اسڪولن جي عمارتن ۾ ڪڪڙ، گڏھ ۽ گوءِ ڀڄندڙ ڏاند واڙيا ويندا آھن.
شھنشاھ: ھانءُ ٺاري ڇڏيئي اڻ پڙھيل بن آڱوٺي ڇاپ! ھانءُ ٺاري ڇڏيئي.
وزير تعليم: حضور اڃا برف جو گولو اچئي ٿو.
شھنشاھ: رندي سان رھڙي مابدولت ڏانھن موڪل ته ڳنڍو ڪري کائي ڇڏيان.
وزير تعليم: حضور باقي بچيل اسڪولن جا استاد اڪثر اسڪول ناھن اينداڇو ته ڪي واپار ڪندا آھن، ڪي استادن جي مسئلن جي حل واسطي رات جو جاڳندا آھن ۽ ڏينھن جو ننڊ ڪندا آھن.
شھنشاھ: ايڏا فرمانبردار استاد! واقعي وزير تعليم تو سموري دنيا ۾ سلطنت جي تعليم جي استادن جو نڪ مٿي ڪري رکيو آھي.
وزير تعليم: حضور سلطنتِ جلاب جي استادن مطالبو ڪيو آھي ته ھر اسڪول جي ھر ڪلاس ۾ ھڪ عدد ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا ڏني وڃي ڇو ته اڪثر استادن کي ڊش انيٽينا وسيلي فلمون ڏسڻ لاءِ ھوٽل تي وڃڻ جو ڏکيو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري اھيو مطالبو مڃيو وڃي جيئن استاد به خوش ته ٻار به ناراض نه ٿين.
شھنشاھ: زبردست تجويز آھي! ان تي فوراً عمل ڪيو وڃي. ڪيئن ملڪه عاليه؟
ملڪه: اي منھنجي مٿي جي وارن ۾ پيل ليکُن جا سردار! بلڪل اوھان جي تجويز سلطنت جي ٻارڙن لاءِ فائديمند آھن، ان لاءِ وزير خزانه کي گھرائي بجيٽ ٺھرائي وڃي ته خرچ ڪيترو ايندو.
شھنشاھ: وزير تعليم درٻار جي برخاست ٿيڻ تائين تون درٻار ۾ ويھي سگھين ٿو.
وزير تعليم: حضور مون کي اجازت ڏني وڃي، مون کي وڃڻو آھي.
شھنشاھ: وزير تعليم توکي ڪيڏانھن وڃڻو آھي؟ يو آسڪ مي وڌ آئوٽ ايني ڊپ.
وزيرتعليم: ٿاليجاه مون پرائمري اسڪول جي پھرين ڪلاس ۾ داخلا ورتي آھي.. اوڏانھن ويندس.
شھنشاھ: وھوا!! ڇا ته سلطنت جي وزيرن کي پنھنجي سلطنت جي عوام کُٽل ڪمن جو اونو آھي. وزير تعليم توکي اجازت آھي ته وڃ وڃي استاد کان سبق حاصل ڪر.

وزير تعليم ٻاھر آئوٽ.
ملڪه: وزير خزانه کي درٻار ۾ گھرايو وڃي.
وزير راڙو: سلطنتِ جلاب جو وزير خزانه ڀينگيو بن سُڃو درٻار ۾ حاضر ٿي ملڪه جي خواھش کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

وزير خزانه درٻار ۾ داخل ٿئي ٿو،
جنھن جي پٺي اگهاڙي آ، ھيٺ تي چڍي پاتل اٿس
۽ ڪلھي تي ڦاٽل رلھي رکيل اٿس.
وزير خزانه: ڏئي وڃ بندا ھن ڪنجوس مکي چوس کي ته پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻه گرھ ماني جا وٺي کائي.!
شھنشاھ: وزير خزانه تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ نئين منصوبي تي عمل ڪرڻ جو سوچيو پيو وڃي، يعني سلطنت جي ھر اسڪول جي ھر ڪلاس ۾ ھڪ عدد ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا لڳائي ويندي. مابدولت کي ايسٽيميٽ ٺاھي آگاھ ڪيو وڃي ته ڪل خرچ ڪيترو ايندو.
وزير خزانه: حضور سمورو خزانو اوھان جي قبضي هيٺ آھي! مان صرف نالي جو وزير خزانه آھيان! توھان منھنجي حالت مان محسوس ڪندا ھوندا ته منھنجو گذر سفر ڪيئن ٿيندو ھوندو.
شھنشاھ: مابدولت کي معلوم آھي ته تنھنجو گذر سفر بھترين بلڪه ويري بھترين نموني سان ٿئي ٿو.
وزير خزانه: گهاليجا! اوھان جا احسان اکين تي، پر مون لاءِ ھڪ مسئلو آھي.
شھنشاھ: مابدولت جي اڳيان پيش ڪيو وڃي، آءُ ٻُڌنگ يُور مسئلا اينڊ فرمان جاري ڪرنگ.
وزير خزانه: حضور پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ جنھن به گھر جي در اڳيان بيھي ھڪ ماني جي خيرات گھران ٿو ته گھر ڌڻي اڌ ماني ڏئي ھليا ٿا وڃن.. ڪي ته وري پنھنجا ڪتا ڇوڙي ٿا ڇڏين.. ٽيون ڏينھن ھڪ ڪتي کان ڀڄي جان ڇڏائي آيس.
شھنشاھ: اي وزير خزانه ڀينگيا بن سڃا! سلطنت جي رليءَ کي ته ڪو نقصان نه پھتو نه!؟
وزير خزانه: حضور رلي سلامت رھي، پر ڪتي منھنجي پِني چڪ ھڻي پٽي رکي آھي.
شھنشاھ: پرواھ ناھي!! رڳو رلي بچي پِني وڃي ته وڃي. انڊر اسٽينڊ؟ اي وزير راڙا.
وزير راڙو: حڪم ساليجاه.
شھنشاھ: فرمان جاري ڪيو وڃي ته سلطنت جو ھر گھر مڪمل ھڪ ماني سلطنت جي خزاني واري وزير کي ٻوڙ سميت ڏيندو، چاھي گھر ڌڻي يا ان جا ٻچا بکيا رھن، پر جنھن به سلطنت جي وزير کي بکيو رکيو ان کي سرعام چواٽي تي ماني مٿان ماني کارائي ماريو ويندو.
وزير راڙو: عاليجاه ! اوھان جي حڪم کي ڪڻڪ جي اٽي وانگر ڳوھي دانگي تي پچايو ويندو.
وزير خزانه: حضور مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءُ پنھنجي ڊيوٽي سنڀاليان.
شھنشاھ: تون ھينئر ڪيڏانھن ويندين؟ يُو واءِ گو ناؤ؟
وزير خزانه: ظل ملائي ۽ ابتي سلائي! چڪ ھڻندڙ ڪتي کي اسپتال وٺي ويندس ۽ کيس 14 سيون ھڻائيندومانس.
شھنشاھ: مابدولت کي ٻڌايو وڃي ته ڪتي کي سيون ڇو ٿيون لڳايون وڃن؟
وزير خزانه: حضور ان لاءِ جو سلطنت جي ڪتي وزير خزانه کي چڪ ھنيو آھي ۽ اسين سلطنت جي ڪتي کي مرڻ نه ڏينداسين.
شھنشاھ: لُد...لُڊ... اسان جا وزير ايڏا زھريلا ٿي چڪا آھين! لُڊ.. لُڊ... توکي اجازت آھي وزير خزانه.
وزير خزانه: آھي ڪو بندو گندو جيڪو ھن مسڪين، لاچار، بيڪار بيمار وزير خزانه کي ماني ڳڀو ڏيئي! آھي ڪو ڪنجوس مکي چوس... آھي ڪو الله جو ٻانھو.

وزير خزانه ٻاھر آئوٽ.
شھنشاھل سلطنت و جلاب جو خزانو خالي آھي! لحاظا مان بدولت جي خدمت ۾ وزير زراعت کي پيش ڪيو وڃي، جيڪو خزاني کي ڀري ڏيڻ جو پابند آھي.
وزير راڙو: وزير زراعت پلال بن نوڙ درٻار ۾ حاضر ٿئي ۽ شھنشاھ جي گھرج کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

وزير زراعت دربار ۾ داخل ٿئي ٿو.
شھنشاھ: اي وزير زراعت پلال بن نوڙ! مابدولت جي سلطنت جي زراعت جو احوال پيش ڪيو وڃي.
وزير زراعت: حضور سلطنت جي زراعت تمام تيزي سان پوئتي پئجي رھي آھي، سم ۽ ڪلر تيزي سان زمينن کي تباھ ڪري رھيو آھي.
شھنشاھ: ويري گڊ.. ويري گڊ.
وزير زراعت: حضور واھن ۽ ڪئنالن جي ڪپرن جي مٽي وڪرو ڪري خزاني کي ڀريو پيو وڃي. واھن ۽ ڪئنالن تي بيٺل وڻن کي پاڙان ڪٽائي ماحول جي آلودگي کي ڇاٻ ھڻي روڪيو وڃي ٿو.
شھنشاھ: زبردست.. غضب دست... دست ئي دست. ليڪن سلطنت ۾ اڃا فصل تيار ناھي ٿيو ڇا؟
وزير زراعت: ھلي ملي ڳاه چَلي... ھلي ملي ڳاه چَلي.
شھنشاھ: جيسيتائين هلي مَلي ڳاھ چلي! تيسيتائين خزانو ڪيئن چَلي؟ اي وزير زراعت! يُو ٽيل مي ته هاڻي ڇا ڪيو وڃي.
وزير زراعت: وزيرخوراڪ کي گھرائي معلوم ڪيو وڃي ته سلطنت جي گودامن ۾ ذخيرو ٿيل اناج ٻاھرين سلطنت موڪلي ناڻو حاصل ڪيو ويو يا نه؟
شھنشاھ: او ييس ماءِ داني پي دانا وزير راڙا.
وزير راڙو: خوراڪ واري وزير کي گھرايو وڃي، اھيو حڪم آ نه؟
شھنشاھ: ھا وزير راڙا.
وزير راڙو: شھنشاھن جي شھنشاھ.، بادوانن جي بادوان، واليءِ سلطنت و جلاب ، جناب شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو جي درٻار ۾ وزير خوراڪ پيٽي بن بکيو حاضر ٿئي.

وزير خوراڪ درٻار ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو حد کان وڌيڪ ٿلھو آھي.
وزير راڙو: مابدولت شھنشاھ ڇوڏو بن توڏو، توکان معلوم ڪرڻ گھري ٿو ته سلطنت جي گدامن ۾ پيل اناج جو ذخيرو ٻاھرين ملڪ موڪليو ويو يا نه.
وزير خوراڪ: شھنشاھ آقا! سلطنت جي گدامن مان اناج کي ڪڍي (پنھنجي پيٽ تي ھٿ ڦيريندي) ھن گودام ۾ محفوظ ڪيو ويو آھي.
وزير راڙو: ليڪن عوام جي حالت ڇا آھي؟
وزير خوراڪ: حضور سلطنت جي عوام تيزي سان ڪمزور ٿي رھي آھي... عوام پيٽ وگھي ڪنڊي سان لڳي چڪو آھي.. عوام جون پاسراٽيون ظاھر ٿي رھيو آھن، ائين معلوم پيو ٿئي ته سلطنت جي عوام اوھان جي حڪومت مان گھڻو خوش آھي.
شھنشاھ: واھوا، واھوا، مابدولت کي اھيو ٻڌايو وڃي ته سلطنت جي عوام ۾ ايڏي بھتري ڪيئن آئي آھي.
وزير خوراڪ: جناب سلطنت ۾ زياده خوراڪ جي پيداوار سبب عوام گھڻو کاڌو کائڻ لڳي، جنھن ڪري سلطنت جي عوام جو ھاضمو خراب ٿي پيو آھي! تنھن لاءِ سلطنت جي اناج کي ھن گودام ۾ ذخيرو ڪيو ويو آھي.
شھنشاھ: تو تمام بھترين ڪردار ادا ڪري منھنجي مَن جي مانڌاڻ وڌائي ڇڏي آھي، مابدولت تومان نا خوش آھي.
وزير خوراڪ: ڪڻڪ چانور مٽر ٿو ڀانيان! حضو سلطنت جي خزاني کي ڀرڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ چانورن ۾ مٽي ملائي ٻاھر موڪليو ويو! پر اتان واپس موٽي آيو، جنھن ڪري ھر سال وانگي سلطنت جي ساک برقرار رھي.
شھنشاھ: ليڪن مابدولت جي خزاني کي ڪھڙي ريت ڀريو ويندو ڇو ته عنقريب اسان کي پنھنجي گذر سفر جو سامان خريد ڪرڻو آھي.
وزير خوراڪ: اي جھاز جا جھاز ۽ بدڪن جا ڪاز! خزانو خالي ان لاءِ ٿي ويو آھي جو عوام مٿان ڪابه نئين ٽيڪس ناھي لڳائي وئي! جيڪڏھن عوام تي ٽيڪس نه لڳائي وئي ته پوءِ خزانو خالي ئي رھندو.
شھنشاھ: اي وزير خوراڪ سلطنت جي عوام تي ڪھڙي قسمن جي ٽيڪس لاڳو ڪئي وڃي.... مابدولت کي کولي ٻڌايو وڃي.
وزير خوراڪ: اي رحمدل بادشاھ،! سلطنت جي ھر ماڻھو جي هر گرھ تي ٽيڪس لڳائي وڃي! جيڪو ماڻھو ڏھن گرھن کان مٿي گرھ کائيندو اھو في گرھ ھڪ درھم ٽيڪس ادا ڪندو.
شھنشاھ: ان تجويز جو فائدو ڪھڙو ٿيندو؟
وزير خوراڪ: حضور سلطنت کي وڏو فائدو رسندو، جڏھن ماڻھو گھٽ گرھ کائيندا ته ھنن جي صحت ٺيڪ رھندي ۽ ٻي طرف اناج بچندو. جيڪڏھن ڪو وڌيڪ گرھ کائي ٿو ته اهوهڪ گرھ جي عيوض ھڪ درھم ادا ڪندو جيڪو خزاني ۾ جمع ٿيندو.
شھنشاھ: ھيڏي آ تنھنجي ٽڪڻ چَٽيان! ھيڏي آ ته تنھنجي ٺوڙھ چُمان!! وھوا واھ جي تجويز آھي، ملڪه، اسين انھن پيسن مان ھڪ عدد بنا ٽائرن واري بس خريد ڪنداسين ۽ ھر پورن ماسي جي رات محبت ۽ پريت جا گيت ڳائينداسين.ھيڏانھن ڀڳل بس هوندي ! ھوڏانھن تون. ھوڏانھن موسم ھوڏانھن تنھنجا اڻڀا وار! ھيڏانھن چانڊوڪي ھوڏانھن... ھوڏانھن تون منھنجي ڪڻڪ رنگي.

گانو: ھو محبوبا منھنجي زندگي منھنجي بندگي.
گانو ختم ٿئي ٿو، شھنشاھ تخت تي ويھي ٿو.
شھنشاھ: وزير خوراڪ ٻاھرين سلطنت کان ان واپس آيو، ان جو ڪرايو ڀاڙو نقصان ۾ ٿيو سو ڇو؟
وزير خوراڪ: اي جھاز اعظم ان ۾ وزير محنت جو ڏوھ آھي، جنھن سموري محنت ڪئي پر محنت ھُن جي واپسي آئي.
شھنشاھ: اي وزير محنت ٽوٽي بن ڪاھل جواب ڏي.
وزير محنت: ڪير جواب ڏي بادشاھ.. اجايو ٿا ننڊ مان اٿاريو.
شھنشاھ: گڊ.. گڊ... پر اھيو واپس ٿيل اناج ٻيھر ڪنھن ٻي سلطنت ڏانھن موڪليو وڃي، اي وزير محنت.
وزير محنت: اي بادشاھِ توتڙ! ڪير ايڏي محنت ڪري؟ چپ ڪري ويھو واقعي صفا بادشاھ لڳا پيا آھيو! ھروڀرو ٿا ننڊ ڦٽايو.
شھنشاھ: ايڪسيلينس! ليڪن اي وزير محنت ٽوٽي بن ڪاھل، ڇا تو کي خبر آھي ته سلطنت جو عوام ڪمائڻ لاءِ ٻاھر وڃڻ گھري ٿو.
وزير محنت: چيم نه ته صفا بادشاھ ماڻھو آھيو! ڪير خبر رکي بادشاھ؟ ڇو ٿا ننڊ ڦٽايو..
شھنشاھ: حدِ ادب.. حد ادب.
وزيار محنت: ڪير سائين اھي خفا ڪري!؟ ڇو ٿا ھروڀرو ننڊ ڦٽايو. نه کپي مون کي وزير محنت جي وزارت، مون کي اھڙي وزارت ڏيو جنھن سان منھنجي ننڊ ۾ خلل نه پوي.
شھنشاھ: آءِ ھيوِ يوئر قدر! اي وزير راڙا ڪا اھڙي وزارت آھي جيڪا ٽوٽي بن ڪاھل کي ڏجي.
وزير راڙو: حضور انساني حقن جي وزارت کيس سونپي وڃي.
وزير محنت: وھوا!! ھا اھا صحيح آھي.... گھٽ ۾ گھٽ ننڊ ته نه ڦٽندي.
شھنشاھ: مابدولت حڪم ٿو ڪري ته ٽوٽي بن ڪاھل کي انسان حقن جي وزارت جو قلمدان ڏنو وڃي....... اي وزير خوراڪ ۽ وزير زراعت توھان وڃو ۽ وڃي پنھنجي فرضن کي نڀايو.

وزير خوراڪ ۽ وزير زراعت ٻاھر آئوٽ.
شھنشاھ: (ملڪه جي جسم تي ھٿ ھڻندي) اي ملڪه يُور باڊي از ويري ھاٽ بلڪه ھاٽ پاٽ... واءِ... ڇا مابدولت جي وائيف کي بخار اچي ورايو آھي. جلدي حڪيم جبل طوس بن ونگي کي گھرايو. ڪئڪلي ويري ارجنٽ ڪئڪلي.
وزير راڙو: حڪيم جبل طوس بن ونگو پنھنجي دٻن، دٻلين، ڏنڊن ۽ ڪونڊن سميت درٻار ۾ حاضر ٿئي.

حڪيم جبل طوس بن ونگو پنھنجي ڪمپائونڊر سميت درٻار ۾ حاضر ٿئي ٿو.
شھنشاھ: اي حڪيم جبل طوس بن ونگا! مابدولت جي ھڪ سؤ ٻاويھين بيگم ون ھنڊريڊ ٽوئنٽي ٽو وائيف از ال.
حڪيم: (ملڪه جي نبض ڏسندي رڙ ڪندي) ڪمپونڊر ڪمبخت! ھَر مُرو حيواني... سفوف سليماني... گاؤ زبان بي ايماني ۽ جلاب جي جھنڪار سميت پھچي وڃ.

ڪمپونڊر سامان کڻي اچي ٿو.
حڪيم: اي واليءِ وٺ سٺ! بيگم جو علاج ان ۾ آھي ته اسين اوهان جي ڪنن جي پاپڙيين کي مجني مستاني جي ڪونڊي ۽ ڏاس جي ڏنڊي ۾ گھوٽي، گھوڙي جي لڏ ۾ ملائي ان مان تيل ڪڍي، توھان بادشاه جي ٽڪڻ کي چتي ھڻڻي پوندي ۽ ان تي چپڙي رکبي تڏھن بيگم جو بخار لھندو.
شھنشاھل اي حڪيم آف امپرر آف جلاب امپائر مابدولت ! پنھنجي بيگم يعني ملڪه سلطنت جلاب تاڙي بنت ڪياڙيءَ کي خوش يعني ويري ھيپي ڏسڻ چاھي ٿو.
حڪيم: اوھانجي خواھش کي اوهان جي سامهوم ئي پوريو ويندو اي آقاءِ شنگرف.
شھنشاھ: مابدولت توکي انعام ۾ ھڪ عدد ڪونڊو ۽ ٻه عدد ڏنڊا سي به ڪرڙ جي وڻ جا ڏنڊا ڏيڻ پسند ڪندو.
حڪيم: اي شھنشاھِ گاؤ زبان عنبري! آسمان جي کلن کي ساڙي ڏيڏر جي پڇ کي گھوٽي، گڏھ جا سڱ ملن ته بھتر نه ته ڳئون جا مٿيان ڏند به ھلي ويندا، جھرڪيءَ جي ٻه ڪلو کير ۾ سڀ شيون ملائي معجون مغروري ٺاھي اوھان کي کارايو ويندو تڏھن بيگم جي حالت بھتر ٿيندي.
شھنشاھ: حڪيم جي تجويز تي جلد تعمير ڪئي وڃِي، تڪڙي ويري تڪڙي.
حڪيم: سڀ کان اول اوھان جا ڏند مبارڪ ڪڍيا ويندا.
شھنشاھ: ڪنن جي پاپڙين جي قربانيءَ کان اڳ مابدولت قوالي ٻڌڻ گھري ٿو. لحاظه قوالي پيش ڪئي وڃي.
وزير راڙو: قوالي طوفان بن آنڌاير ۽ ھمنوا درٻار ۾ حاضر ٿين.

قوالي ۽ سندس ھمنوا دربار ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ھو ويھن ٿا.
شھنشاھ: مابدولت جي اڳيان اھڙي قوالي پيش ڪئي وڃي، جنھن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڪوابن کائڻ جو شوق پيدا ٿئي.
قوالي: حضورِ طالمخال جو حڪم طبلي تي.


قوال قوالي ڳائن ٿا.
مان ڪوابي ڪوابي مان ڪوابي ڪوابي مان ڪوابي.
مان ڪوابي.. بابو ڪوابي.. امان ڪوابي... ناني ڪوابي..
ھا نوابي نوابي مان...
ڇڇڙا ميڙي، بوسو ساڙي.. گھوٽي لتن سان.
گول ٽڪيون ٺاھي.. اونڌي تئي تي رکي.. لوڻ گاسليٽ گڏي،
باھ ڀنڀٽ ڏئي... ساڙي سڀئي شيون... ماري سڀئي مکيون
گهوٽي تن ۾ وڌيون، ٺھي واھ جون ويون...ٽڪيون نوابي.
ھا نوابي نوابي مان...
ڪباب پچائي، رکيم پليٽ ۾، آيو ڪتو ھلي.
تنهن سان گڏ ھئي ٻلي، کڻي ڪباب ويو.. مان ان جي پويان
ٻلي منھنجي پويان... اڌ کائي ويو .... ڦري آيو آھيان
لڳي ائين ٿو ڄڻ، ڪتو چرسي نه آ پر آھي شرابي.
ھا شرابي شرابي ھا شرابي.

وزير دفاع بزدل بن ڀاڙي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو، ڪپڙا ڦاٽل درٻار ۾ ڊڪندو داخل ٿئي ٿو.
وزير دفاع: حضور مون کي بچايو.... حضور مون کي بچايو.
شھنشاھ: حد ادب! حد ادب گستاخ تون ڪير آھين؟
وزير دفاع: حضور مان وزير دفاع يعني بچاءَ جو وزير بزدل بن ڀاڙي آھيان.
شھنشاھ: توسان ھي تعدي ڪنھن ڪئي آھي؟
وزير دفاع: شھنشاھ بم ۽ بارود! جيئن آءُ پنھنجي ھڪ ھزار سپاھين جي لشڪر سان گڏ پنھنجي سلطنت جي حدن ۾، داخل ٿيڻ وارو ھيس ته.....
شھنشاھ: واءِ يو ماٺ!؟ خاموش ڇو ٿي وئين؟ اي وزير دفاع.
وزير دفاع: حضورِ ڍال! مخالف ملڪ جي دشمن فوج جي هڪ سؤ ڄڻن پنھنجي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري اسان کي برباد ڪرڻ جو پروگرام رٿيو، لحاظه مون پنھنجي سپاھين کي اتي يعني دشمن فوج جي سپاھين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ھيڏي جان بچائي آيو آھيان.
شھنشاھ: تو پنھنجي جان بچائي ته سٺو ڪيو، پر مابدولت کي اھو ٻڌايو وڃي ته اوھان وٽ به ھٿيار ھئا، پوءِ ڇو نه استعمال ڪيا ويا؟
وزير دفاع: اي آقا ڪارتوس ۽ واليِِ گندرف! اسين سڀ جيستائين پنھنجي توبن ۽ بندوقن ۾ بارود ڀريون تيستائين دشمن فوج تلوارن سان حملو ڪري اسان تي قبضو ڪري ورتو.
شھنشاھ: تون پاڻ بچائي پنھنجي اعليٰ صلاحيتن جو مظاھرو ڪيو آھي، مابدولت توکي انعام ڏيندو.
وزير دفاع: حضور انعام ضرور وٺبو، پر ھو فوج اچي پئي مون کي لڪايو.
شھنشاھ: دشمن فوج ھيڏانھن پئي اچي؟
وزير دفاع: حضور ھا! صفا دوفان ميل ڪيون!! ان ڪري ته ڪپڙابه ھٿ نه آيا.
شھنشاھ: جي اھا ڳالهه آھي ته پوءِ لڪڻ جي جاءِ ھٿ ڪئي اٿئي؟
وزير دفاع: حضور مان خود توھان وٽ لڪڻ لاءِ آيو آھيان.
شھنشاھ: مابدولت وٽ لڪڻ لاءِ صرف هڪ جاءِ آهي، محلات جي ڇت تي ڪبوتر خانو!!!
مابدولت اوڏانهن لڪڻ وڃي ٿو! اسين پاڻ کي لڪايون يا تو کي لڪايون؟ تخليه!!

شھنشاھ ڀڄندو ۽ لڪندو نڪري وڃي ٿو ۽ پردو ڪري ٿو.

3. ولايت پاس

ڊرامي جا ڪردار
1. وڏيرو ولي داد
2. بادام وڏيري جو پٽ نمبر 1
3. ڌرمينڌر وڏيري جو پٽ نمبر 2
4. الحاج وڏيري جو پٽ نمبر 3
5. سڪيلڌو وڏيري جو پٽ نمبر 4
6. منشي
7. هيبت خان (منشي جو پٽ)
8. وريام
9. نائله
10. غفران الله
11. آفيسر
12. جماندار
13. ملان
14. کدڙو فقير
15. ماستر 
ڏيک نمبر پھريون:
منظر: وڏيري وليداد جي اوطاق جو منظر


وڏيري وليداد کي چار پٽ آهن جن مان ٽي پٽ بادام، ڌرمينڌر ۽ الحاج ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويل هئا.. اڄ اهي واپس اچي رهيا آهن.

پردو کُلي ٿو
منشي: ايندا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڪنان
اُهي عجيب چٽيان يا نصيب پٽيان.
(منشي صفائي ڪندي) ديڳيون پچنديون اڄ، ٻڪريون نچنديون اڄ (منشي ڪجهه سوچي) ٻڌ منشي جي ٻڪريون نچنديون ته پڪ سان ڀَتُ هوندو بنا گوشت جي.... پوءِ ڪھڙو مزو ٿيندو؟ ڀلا ٻوٽين بنا ڀَتُ، ڀَتُ ٿورئي آ، اهيو ڀَتُ کائڻو نه ٿيو ڄڻ پوڙهي جو آڱوٺو چوسڻو پيو، سمجهئي نه سمجهئي. سمجهندو ڪر.
ايندا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڪنان
اُهي عجيب چٽيان يا نصيب پٽيان.

هڪ شخص داخل ٿئي ٿو جيڪو ماستر آهي.
ماستر: اسلام عليڪم منشي!
منشي: وعليڪم سلام ماستر.... اڄ موڪل ڪئي اٿئي ڇا؟
ماستر: نه! موڪل ناهي.... بس ائين ئي اسانجون موڪلون لڳيون پيون آهن.
منشي: چئين سچ ٿو ماستر..... خير ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟
ماستر: ننڍو ڀوتار سڪيلڌو خان حويلي کان ٻاهر ناهي نڪتو ڇا؟
منشي: سڪيلڌو اڃا ستو پيو هوندو ماستر، يا ولايت مان ايندڙ پنھنجي ڀائرن جي انتظار ۾ هوندو!
ماستر: اوهو!! غضب ڪري ڇڏيائين... صفا ماري ڇڏيائين نه ؟
منشي: ڇو ماستر خير ته آهي .....؟
ماستر: ها منشي خير آهي..... ضروري ڪم سان وڃڻو هو.
منشي: ڀوتار سڪيلڌي کان ڳالهه وسري وئي هوندي.... تون ڳڻتي نه ڪر جيئن ئي ننڊ مان اٿيو ته توڏي ٿو موڪليانس.
ماستر: ها منشي اها تنھنجي مھرباني ٿيندي. مان هلان ٿو.
منشي: ماستر تڪڙ ڇا جي لاٿي اٿئي؟.. هڪڙو حساب ته ڀڃي ڏي.
ماستر: حساب!!؟ (ٽھڪ ڏيندي ۽ چپٽي وڄائيندي) حساب هيئن چوندين، هيئن ڀڃندس، چئه تڪڙ ڪر... ڪم سان وڃڻو آهي.
منشي: ماستر ٻن ۾ ٽي وجهي، ٻن سان ونڊ ڪري، باقي بچيل پاڇي انگ ۾ ست وجهي، چار ڪاٽو ڪري، باقي بچيل انگ ۾ نوَ جوڙ ڪري تن کي ٽن سان ضرب ڪري، باقي بچيل انگ کي ٽن سان ونڊ ڪري ٻڌاءِ ته جواب ڇا ٿيندو ۽ باقي گهڻا بچندا؟
ماستر: (هٻڪندي) منشي منجهاءِ نه... هونءَ به مان پهريون درجو پڙهائيندو آهيان ... حساب ناهيان پڙهائيندو.
منشي: ماستر پيسا ڏئي ڀرتي ٿيو آهين، يا ڪوٽا تي ڪهي اچي قوم جي ستياناس پيو ڪرين؟ خير اهيو ٻڌاءِ گاف گڏھ کي گهڻا ٽُٻڪا؟
ماستر: (پريشان ٿيندي) منشي تڪڙو آهيان... گڏهن جي گوءِ تي ٿو وڃان، شرط کٽي اچان ته پوءِ اچي ٻڌايانءِ ٿو، تون اتي ئي بيٺو هُج.. بس مان هيئن ويس هونءَ آيس.

ماستر ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
منشي: عالم جي ابي جو ٽنگون ٽيڙيون، ته بندا ڇا ڪندا؟ جي ماسترن جا اهڙا پرڪار رهيا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو ته “الا ائين ۾ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.” الوداع اي منهنجي سنڌ الوداع... سمجهئي نه سمجهئي.

وڏيري وليدادجو پٽ سڪيلڌو داخل ٿئي ٿو، هن جي بغل ۾ ڪڪڙ آهي.
سڪيلڌو: منشي مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟
منشي: ننڍا ڀوتار سڪيلڌا خان اوهان اڃا ڪابه ڳالهه ڪئي ئي ناهي.
سڪيلڌو: اڇا اڇا... ته مون اها پئي ڳالهه ڪئي.... ته ها، اهي جيڪو منھنجو پيلو آهي... ان پيلي جو ڪاڪڙو ڪري پيو آهي... اهڙو ڪو ڊاڪٽر آهي جيڪو ڪڪڙن جا ڪاڪڙا کڻندو هجي.
منشي: هائو ڀوتار سڪيلڌا خان... ڊاڪٽر جهمر مل موجود آهي.
سڪيلڌو: هون....! ته مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي، ها ياد آيو.... منشي اهيو پنهنجو.... مون واري بُلٽريءَ جا ڪھڙا حال آهن؟... ٻڌو اٿم ته بلٽري بينر کنيو گهمندو وتي ٿو.
منشي: هائو ڀوتار... توهان وارو بلٽري چڪ پرست گروپ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ بيٺو آهي... پڇ پويان ڏئي وتي ٿو ورڪ ڪندو.
سڪيلڌو: هون... چئبو ته مون اها پئي ڳالهه ڪئي..... ته ها منشي مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟.... ها ياد آيو ته مون پئي چيو ته اڄ ڪو منھنجو مھمان وغيره ته ڪونه آيو آهي.
منشي: ڀوتار صبح ماستر آيو هئو.... سو گڏهن جي گوءِ تي ويو آهي.... توهان لاءِ اوڏانهن اچڻ جو چئي ويو آهي.
سڪيلڌو: هائو منشي هائو... چئبو اها پئي ڳاله ڪيم.... ته ها مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟ ها ياد آيو ته اڄ گڏهن جي گوءِ تي وڃڻو آهي.... منشي مان هلان ٿو.
منشي: ڀوتار شرط کٽو ته پوءِ مڙئي راڄ وارن جي ڀارت هجيوَ، توهان جي راڄ وارا ريل سان ٿا ڊُڪن ها! ريل سان.
سڪيلڌو: اهو ڇو منشي؟ ها ته مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟
منشي: ڀوتار اوهان ڳالهه ڪا به نه پئي ڪئي.... باقي راڄ وارا ريل جي پويان ان لاءِ ڊڪن ٿا جو... جنھن راڄ جي چڱن مڙسن جا بلٽري بينر کنيو ورڪ ڪندا وتن ۽ ڪڪڙن جا ڪاڪڙا ڪرندا هجن.. ان راڄ جي ماڻهن جون منڍيون ڪپيل هونديون آهن، اهي ريل جي پويان ئي ته ڊڪندا آهن. سمجهئي نه سمجهئي؟
سڪيلڌو: ها ته مون اها پئي ڳالهه ڪئي؟ چڱو ٿيو جو ياد ڏياريئي هاڻي هيئن ڪر جو جلدي وڃي ڊاڪٽر جهمر مل کي وٺي اچ ته ڪڪڙ جو ڪاڪڙو کڻايان... ڀڄ جلدي جلدي.
منشي: حاضر سرڪار... اصل ڊاڪٽر جهمرمل کي جهومائيندو وٺي ٿو اچان.

منشي ٻاهر وڃي ٿو.
سڪيلڌو: (ڪڪڙ سان ڳالهائيندي) هاجاوا... مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي، ها ياد آيو ته اڄ اُهي کڙهون هڻجان جو، دشمن جي ڪڪڙ جون بڪيون به ڦاٽي پون... ائين نه؟ ها ته مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي..... ها ياد آيو..... اڄ ته ڪڪڙن جي ميل نه پر گڏهن جي گوءِ آهي.... ته ها جاوا اڄ اهڙو ڊڪجان اهڙو ڊڪجان. (ڪڪڙ کي ڏسندي) اڙي مون توکي گڏھ سمجهيو تون ته ڪڪڙ آهين ڪڪڙ.

وڏيرو ٻاهران داخل ٿئي ٿو.
وڏيرو: سڪليڌا خان اڄ تنهنجا ڀائر ٿا اچن... اڄ ته بغل مان اهو پيلو، نيلو ۽ جائو ڪڪڙ ڪڍ! ماڻهو ٿئي.
سڪيلڌو: بابا سائين منهنجا ڀائر ٿا اچن، ڦڙڪيون ته ضرور هڻندا نه!؟
وڏيرو: اڙي راڄ کلايا اٿئي، ماڻهو چون ٿا ته، رئيس جو سڪيلڌو به نه سڌريو.
سڪيلڌو: ها برابر بابا برابر.... اهي ماڻهو وري ڪھڙا سڌريل آهن؟ سڄو ڏينهن هُن کي کڙه، هِن کي کڙه، ويٺا ميلون ڪرائين.... باقي سڪيلڌو ٿيو اڻ سڌريل!!
وڏيرو: نڀاڳا ماڻهو سچ ٿا چون... منهنجي مرڻ بعد آخر توکي سڀ ڪم سنڀالڻا آهن... تنهنجا ڀائر ته ولايت پاس آهن.... اهي ڪندا وڏيون نوڪريون.... ڳوٺ ته توکي سنڀالڻو آهي.....
سڪيلڌو: ها بابا... هي ڪڪڙ پالڻ، گويون ڪرائڻ، وڏيرن جو ڪم ته آهي!! پڪا وڏيرا آهيون پڪا.
وڏيرو: تون ڪونه سڌرندين... توسان مٿو هڻڻ... ڄڻ بنا کڙه جي ڪڪڙ ويڙهائڻ آهي.

وڏيرو وليدادگهر اندر وڃي ٿو.
سڪيلڌو: (ڪڪڙ کي) ها منهنجا پھلوان... ايندڙ آچر واري ميل تي.... حڪيم واري ڪڪڙ کي هڪ ڌڪ سان حرام ڪجان.

(هڪ عورت نائله داخل ٿئي ٿي)
سڪليڌو: (غور سان ڏسندي) لڳي ٿو ته اوهان کي مون ڪنھن ميل ۾ ڦڙڪندي ناهي ڏٺو؟ ميل جو ڪو شوق آهي ته واهوا ٿي وڃي... اوهان پنهنجو ڦڙڪڻ پيش ڪيو.. يعني اوهان جو تعارف.
نائله: آءُ نائله... وڏيري وليدادجي دوست غفران الله جي ڌيءُ آهيان... اصل هن ڳوٺ جي ... پر لڏي ڪراچي ويل آهيون. اڄ هت گهمڻ آئي آهيان... وڏيري وليداد جي دعوت تي... ابو ٻاهر آهي.

(سڪيلڌو خوشيءَ وچان نچي ٿو)
سڪليڌو: ها ها نائله؟! خوش آهين نه؟ ها ياد آيو ته مون اهائي پئي ڳالهه ڪئي... ته نائله ڪيئن ننڍي لاءِ چوزن وانگي ڊڪندا کيڏندا هئاسين.
نائله: سڪيلڌا خان.... اهو ننڍپڻ جو زمانو هو... هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي.
سڪليڌو: ڇا ته کڙه وهائي ڪڍيئي.... اصل جانو جي پيلي وانگر منهنجي اک به چدو ٿي وئي .... هان... ائين نه؟ مون اها ئي پئي ڳاله ڪئي نه؟
نائله: سڪيلڌا خان.. هنن ڪڪڙن جي دنيا کان ٻاهر نڪري ڏس ته هي دنيا ڪيڏي حسين آهي.... ڇڏ هنن ساهواران کي ته آزاد هوا ۾ پنھنجي زندگي گهارن، رحم کائو ساهوارن تي.
سڪيلڌو: اڇا ته مون اها پئي ڳالهه ڪئي؟ ها ياد آيو.... نائله جيڪڏهن گهوڙو گاھ تي رحم ڪري ۽ نه کائي ته بک مري!! ... اسين جيڪڏهن ڪڪڙن تي رحم کائون ته اسان پاڻ هڪ پاڻي ۾ مري وڃون... مون اها پئي ڳالهه ڪئي.
نائله: سڪليڌا خان توکي خبر آهي ته مان هت ڇو آئي آهيان؟
سڪيلڌو: ها ها.... مون به اها پئي ڳالهه ڪئي ته تون هتي پرايا کير کارڻ آئي آهين، دشمنن جي ڪڪڙن جو کڙهون ڀڃڻ آئي آهين، مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟ ها ياد آيو ته نائله ميل لاءِ موسم به ٺيڪ آهي، ماحول به ڦڙڪيون پيو هڻي... اچ ته ٻه پاڻي ڪيون... هي سڪيلڌو پر ڇندي لھي ٿو پوي ميدان تي.
گانو:
سڪيلڌو گانو چوي ٿو، نائله ڪجهه وقت ترسي اندر هلي وڃي ٿي، گانو ختم ٿئي ٿو.
سڪيلڌو: او نائله اصل نه ڦڙڪي.. کڙه ئي نه هنيائين.. ها مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟ ها ياد آيو ته ڪڪڙ ڪو ڪاڪڙو ڪري پيو آهي.
سڪيلڌو: (ڪڪڙ سان ڳالهائيندي) ته ها مون ڇا پئي چيو؟.... ها ياد آيو... ٻڌ... جيڪڏهن هي ميل کٽي ورتئي ته تنھنجي مٿان سر به صدقو... بادامين ۽ پِستن جون ٻوريون گهرائي توکي کارائيندس... ۽ جي ميل هارايئي ته پوءِ ابتي ڪاتي سان ڪُهي.... پاڻ واري بلٽري اڳيان اڇليندومانءِ ... جيڪو وتي ٿو چڪ پرست گروپ جي ورڪ ڪندو.

(منشي ٻاهران داخل ٿئي ٿو)
منشي: ڀوتار سڪيلڌا خان.
سڪيلڌو: ها ته مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟
منشي: ڀوتار اوهان نه پر مون پئي ڳالهه ڪئي ته... ڊاڪٽر جهمر مل چيو ته منھنجو پاڻ ڪاڪڙو ڪري پيو آهي سو مان پاڻ حڪيم شربت خان کان ڪاڪڙو کڻائڻ وڃان ٿو. اوهان ڪڪڙ اوڏانهن کڻي اچو.
سڪيلڌو: اڇا؟ ته مون اها پئي ڳالهه ڪئي ته ..... منشي ياد آيو ته اڄ گڏهن جي گوءِ آهي....اوڏانهن وڃڻو آهي.... مان هلان ٿو.... ها ته مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي.

(سڪيلڌو خان ٻاهر آئوٽ)
منشي: ايندا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڪنان
اُهي عجيب چٽيان يا نصيب پٽيان. ايندا اڱڻ عجيب.

(وڏيرو وليدادگهر کان ٻاهر داخل ٿئي ٿو.)
وڏيرو: اڙي منشي.... مان وڃان ٿو ايئرپورٽ تي ڇورن کي وٺڻ.. پويان سمورو بندوبست ٿيل هجي.
منشي: سائين اوهان ڪوبه فڪر نه ڪريو..... ڪنھن سان ذڪر به نه ڪريو.
وڏيرو: ها مون کي توتي پَتِ آهي منشي.... ڪم جو ماڻهو واقعي آهين.
منشي: مھرباني ڀوتار.... پر ڀوتار اڄوڪي خوشيءَ جي موقعي تي هڪڙو عرضڙو ڪيان.... جي قبول پوي.
وڏيرو: تنهنجو هر عرض پورو ڪيو ويندو... سواءِ ڏوڪڙ گهرڻ جي... چئه.
منشي: ڀوتار دل ٿي چئي ته اڄ پراڻا رنگ ڏيکار .... اڄ وري ڪو پڪو راڳ ٻڌاءِ.
وڏيرو: منشي.... واقعي واھ جي ڳالهه ڪئي اٿئي... اڄ منهنجي دل به راڳ ڳائڻ لاءِ رقص پئي ڪري.... چڱو هيئن ڪر جو.... اوهُوءَ پراني اباڻي چادر کڻي آ... جيڪا پائي راڳ ڳائيندو هيس.
منشي: ڀوتار اها چادر پاڏي مٿان پئي آهي؟
وڏيرو: پاڏي مٿان!! ڇا پاڏو به راڳ ڳائڻ لڳو آهي ؟ وڃ وڃي لاهي اچينس.
منشي: ڀوتار جي چادر نه ڏي ته پوءِ؟
وڏيرو: اڙي وڃ وڃي سٽ ڏئي لاهي اچينس ڇو ته منھنجو من اڌما ڏئي رهيو آهي....وڃ.

منشي وڃي ٿو.
وڏيرو: الا ڇا ته محفلون مچنديون هيون..... وڃ اهو زمانو ۽ هي زمانو...... اڄ ڪلهه ته پاڏا.... گابا..... گڏھ.... گهوڙا به پرائي ملڪ جي ڌنن تي راڳ ڳائي..... موسيقي جي خدمت پيا ڪن.

منشي چادر کڻي اچي ٿو.
منشي: (چادر وڏيرو کي ڏيندي) ڀوتار اصل نه پيو ڏي... زوري ڇڏائي کڻو آيو آهيان.
وڏيرو: اڙي پاڏي چادر بابت ڇا پئي چيو.
منشي: ڀوتار چيائين پئي ته اڄ ٽي وي تي رڪارڊنگ ڪرائڻي آهي سو چادر پائي اوڏانهن ويندس.
وڏيرو: نڀاڳو.... ڀلي ته اڄ رات سيءَ ۾ مري. ته ها منشي ٻڌ.

وڏيرو چادر ويڙهي راڳ ڳائي ٿو.
وڏيرو: دل ۾ باھ لڳي لڳي آ.
دل ۾ باھ لڳي لڳي آ.
توکي به باھ لڳي آ لڳي آ.... مون کي به باھ لڳي آ لڳي آ
گهر کي به باھ لڳي آلڳي آ.....جر کي به باھ لڳي آ لڳي آ.
دل ۾ به باھ لڳي آ لڳي آ.

وڏيرو پلٽو هڻندي واچ تي نظر وجهي ٿو ۽ راڳ بند ڪري ٿو.
وڏيرو: اڙي جهاز جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي... تون مون کي راڳ ۾ ڦاسائي بيھي رهيو آهين.... مان هلان ٿو.

وڏيرو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
منشي: واھ وڏيرا وليدادتنهنجو ڳائڻ... ڇا ته شوق رکيو اٿن سبحان الله....
گوشت ڏاڍي دير آ لائي ڙي.
گوشت ڏاڍي دير آ لائي ڙي.

پوليس جماندار ٻاهران داخل ٿئي ٿو.
جماندار: منشي اڄ ڪلهه ڏاڍا راڳ پيو ڳائين؟ خير ته آهي؟
منشي: جماندار! ڪلهه راڳ ته ڪونه ڳايو هيم.... باقي اڄ راڳ ان لاءِ ٿو ڳايان جو وڏيري جا پٽ ولايت پاس ڪري پيا اچن... جماندار اها ولايت ڇا ٿيندي آ؟
جماندار: هڪ لاڪپ مان ٻئي لاڪپ منتقل ٿيڻ کي ولايت چوندا آهن.
منشي: ڀليو آهين ڇا؟ جماندار لاڪپ کي ولايت؟!
جماندار: او هو.. واقعي منشي چُڪ پئجي وئي.... دراصل مون پئي چيو ته هن ملڪ کان ٻي ملڪ وڃي تعليم حاصل ڪبي آهي ته اها ولايت چئبي آهي.
منشي: اڇا...... مون چئبو غلط سمجهيو هو.
جماندار: تو ڇا سمجهيوهو؟
منشي: مون ولايت ماڻهو سمجهيو هئو.... اهو ولايت جيڪو شهر ۾ شربت ۽ ڪڪڙ جو جوس کپائيندو آهي.... مون سمجهيو ته وڏيري جا پٽ اتي پڙهڻ ويا آهن.
جماندار: چئين ته ڪيانس لاڪپ! ڪيانس چالان ڌاڙي جي ڪيس ۾. ڀلا ولايت ڪھڙي تعليم ڏيندو ٻارن کي؟
منشي: هائو جماندار سچ ٿو چوين، ڀلا شربت کپائڻ وارو ڪھڙا اڪ ڪارا ڪندو..... سڄو ڏينهن پيو گهوٽائيندو ٿاڌل.
جماندار: هائو ٻڌو اٿم ته شربت ۾ سيڪرين وجهي ويٺو ٿو هوڪا ڏي... آ ٺهنڊ پائي جاندي اي. چئين ته ڪيانس لاڪپ.
منشي: جماندار خبر ٿي ڪڪڙ جو جوس ڪيئن ٿو ٺاهي؟ ڪڏهن ڏٺو اٿئي؟
جماندار: نه يار مون ڪڏهن به جوس ٺاهيندي نه ڏٺو اٿمانس.
منشي: ميان جماندار خان ڏسندو ڪر.... ڏسندو ڪر.
جماندار: کڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڪڪڙ جو جوس ڪيئن ٿو ٺاهي؟
منشي: مڻ پاڻي ۾ ڏھ ڪلو ساوا مرچ ۽ اڌ سير نشاستو وجهي، رنڌي ڇاڻي مٿان وري ڪڪڙ جا ڪپڙا لاهي، اگهاڙو ڪري ٽنگي ٿو ڇڏيس.
جماندار: هائو..... وڃ وڏو ڏوھ .... منشي چئين ته ڪيانس لاڪپ... لڳي ٿو ملڪ ڦري ناڙ ڪيو اٿن.
منشي: هائو يار.. پروڪي سال مون به وڃي اهيو ڪڪڙ جو جوس پيتو هو... پيئڻ کانپوءِ اچ وڃ هئي منهنجي.. هر اچان... هر وڃان.... هر اچان.... هر وڃان.
جماندار: اها ڇاجي اچ وڃ لاتي اٿئي.. منشي ڪاڏي پيو اچين وڃين؟
منشي: جماندار بدنو هٿ ۾ هيو .. اڳتي پاڻ سمجه.... سمجهئي نه سمجهئي؟
جماندار: صفا سمجهي ويس... چئين ته ڪيانس لاڪپ! هونئن به ڪلهه کان کيسو خالي لڳو پيو آهي.
منشي: جماندار مون پاڻ واري ڇوري کي جهلي ڇڏيو آهي ته ولايت کان اصل شربت ۽ جوس وٺي نه پئجان نه ته حشر خراب ٿيندئي.
جماندار: واھ جي ڳالهه ڪئي اٿئي . منشي تو وارو ڇوڪرو ڪٿي پھتو آهي؟
منشي: يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي.... جماندار پڙهڻ ۾ اصل دل نه لڳيس ... باقي آهي وڏو هوشيار!
جماندار: پوءِ ڇا ۾ هوشيار ٿيو ميان منشي؟
منشي: توهان واري ڪم ۾ هوشيار آهي.
جماندار: اسان واري ڪھڙي ڪم ۾ هوشيار آهي؟
منشي: جماندار سٽون هڻڻ ۾ نه... بابا هُن کان سٽ... هِن کان سٽ... صفا توجهڙا ڪم اٿس... سج لٿو ناهي يونيورسٽي جي روڊ تي ڦر ناهي ٿي... بابا مان ته خرچ ڏيڻ کان ئي بچي پيو آهيان.
جماندار: چئبو ته تو وارو ڇورو يونيورسٽي جو جوڌو آهي، چئين ته ڪيانس لاڪپ.
منشي: جماندار مون وارو ڇورو يونيورسٽي جو جوڌو نه پر گودو اٿئي گودو... جيڪا شيءِ آئي سا گودي ۾ گم! هڪ دفعي ته مان به انهن جي وڪڙ ۾ اچي ويس.
جماندار: اهو ڪيئن منشي؟
منشي: ڇوري سان ملڻ پئي ويس.. سج لھي چڪو هو... خبر ان وقت پئي جڏهن چئن ڄڻن اچي ورايو... چيائون ته ڪڍ ڏوڪڙ نه ته هڻي گولي ميڄالو اڏائي ڇڏينداسونءِ .
جماندار: ضرور تو سڃاتا هوندا؟ نالا کڻ ته ڪيانِ لاڪپ.
منشي: مون نه سڃاتا ڇو ته انهن کي ٻٽون ٻڌل هيون... باقي چيو مانِ ته هيبت خان جو پيءُ آهيان، جنھن کي شينھن سڏيندا آهن.
جماندار: چئبو توواري پٽ هيبت خان کي شينهن سڏيندا آهن؟ پوءِ توکي ڇڏيو هوندن.
منشي: جماندار..بس گهڙي مھل ڪا ڪھڙي... ائين مون وارو ڇورو به ٻٻرن جي جهڳٽي کان ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي ڇورن کي دٻ ڪڍيانءِ... پوءِ ته وڏي خاطر توازي ڪيائون.... ٻيلي هئا مھمان نواز.
جماندار: الائي منشي!! جي چوين ته ڪيانِ لاڪپ... خير پوءِ ڇا ٿيو؟
منشي: پوءِ ڳوٺ موٽي آيس... اچي تو سان مليس... تون خوش آهين چاڪ چڱو ڀلو... ٻار ٻچا، ڍور ڍڳا.... پوڙهيون پوڙها.... ڪراڙيون.. ڪراڙا....سڀ خوش اٿئي؟ ها اڇا مان به خوش آهيان.. پر جماندار آيو ڪيئن آهين؟
جماندار: وڏيري ڀَتُ جو سڏ ڏنو هو... ان ڪري آيس.
منشي: جماندار وڃي ڊيوٽي ڪر... هِت ڀَتُ جي آسري ڀينگ ٿي ويندئي.... وڃي ڪو لاڪپ جي سيخن ۾ لڙڪ ته پيٽ ڀرجئي باقي وڏيري جي ڀَتُ جي آسري.. اهي دوڏا... دونالي بندوق جي ڇٽل ڪارتوسن جهڙا ٿي ويندئي.
جماندار: جي ائين آ ته پوءِ اسان جي يارو ياري..... جنھن وقت ڀَتُ تيار ٿي وڃي... وائرليس تي اطلاع ڪجان.... مان لاڪپ سميت پهچي ويندس.

کدڙو فقير اندر داخل ٿئي ٿو ۽ جماندار ٻاهر آئوٽ
منشي: وڃ.. ڀَتُ جي پويان هر ڪو لڳو پيو آهي.... وڏيري وليداد به راڄ ٻُڌايا آهن راڄ... رڳو اڱڻ تي عجيب اچن.

گانو کدڙي فقير جو...
کدڙو آئوٽ،هڪ ملان داخل ٿئي ٿو.
ملان: اسلام عليڪم ورحمته الله و برڪاته هُو
منشي: وعليڪم سلام مولوي صاحب، ڀلي آئين ڀلي، پر آئين ڪيئن؟
ملان: سبحان الله.... منشي رئيس دعوت ڏني آهي... ڏي خبر پاڻ وارا ڀوتار پھتا يا نه؟
منشي: اڃا ته نه پھتا آهن مولوي صاحب... لڳي ٿو ته وڏيري جي ڀَتِ جي آسري ڳوٺ جي سڀني ماڻهن ڪلهاڪون مون وانگي ماني ناهي کاڌي.
ملان: جزاڪ لله جزاڪ لله... اهڙي به ڳالهه ناهي...دراصل رئيس پنھنجي ڇوڪرن جو امتحان وٺڻ لاءِ مون کي گهرايو آهي.
منشي: (کلندي) مولوي تون امتحان وٺندي انهن کان جيڪي ولايت مان پڙهي پيا اچن... تو ڪڏهن ولايت خواب ۾ به ڏٺي آهي؟
ملان: نا معقول! خبيث! سمجهندو ڪر ته مڙئي وڏيري جو زور، ڀلا مون انگريزن جي غير اسلامي ٻولي ڪڏهن پڙهي ٿورئي آهي.. لڳي ٿو ته سعودي واري ڇوڪري کان امتحان وٺڻ لاءِ مون کي گهرايو ويو آهي... الحمدالله الحمدالله.
منشي: مولوي صاحب وڏيري وليداد جي پٽن کان امتحان وٺي ته هاري ڦتوءَ جو پٽ... جيڪو وڏو هوشيار آهي.
ملان: ها منشي واقعي.... سبحان الله.... ڦتوءَ جي پٽ وريام ڪڏهن ڪاپي نه ڪئي آهي.... هوشيار شاگرد هن جڳ جي سونهن اٿئي منشي سونهن، تو وارو هيبت خان ته...
منشي: (جملو ڪٽيندي) مولوي ڳالهه نه پڇ... مون واري ڇوري سڄي زندگي پڙهڻ ۾ وڃائي، پر رهيو ڄٽ جو ڄٽ.. ڀلا ڪاپي ڪري پاس ٿيندا ته ڪھڙا ڦاڙها ماريندا.؟
ملان: واقعي... منشي واقعي... تعليم بلڪل تباھ ٿي رهي آهي.
منشي: مولوي صاحب تو وارو ڇوڪر وڏو هوشيار ٿيندو.... پر ٻڌ يار.... ڪڏهن ٿو پٽ جو طوهر ڪري ڀَتُ کارائين؟
ملان: منشي مان پٽ جو طوهر ڊاڪٽر کان ڪرائيندس.
منشي: (حيرت وچان) ابول.... بابا قيامت آهي ٻيو ڇا؟ مولوي صاحب ڊاڪٽرن ڪڏهن کان حجامڪو ڌنڌو شروع ڪيو آهي؟ ڀلا ڀَتُ سٺو رنڌيندا آهن؟
ملان: منشي ڊاڪٽر ڀَتُ ناهن رنڌيندا، بس رڳو طوهر ڪندا آهن.
منشي: يار واه جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيئي.... آهي تنهنجو واقف ڪو ڊاڪٽر.
ملان: ڇو؟ منشي.
منشي: آهت رکندومانس... ڀلا ٻڌاءِ ته ڪھڙو ڊاڪٽر وار سٺا لاهيندو آهي.... يار وڏا ٿي ويا آهن..... وار ٺھرائي اچانس.
ملان: يار چيومانءِ نه ..... جزاڪ لله.... بابا ڊاڪٽر وار به ناهن لاهيندا..... صرف طوهر ڪندا آهن.
منشي: سمجهيم مولوي صاحب سمجهيم ... مولوي ٻڌ.. يار وڏيري جا پٽ به وڏا هوشيار ٿي ويا هوندا. پڪ سان وڏيري جو ڪونه ڪو پٽ ضرور طوهر ڪرڻ سکي آيو هوندو.... مولوي صلاح ٿو ڏيانءِ ته پنھنجي ڇوڪر جو طوهر وڏيري جي پٽ کان ڪرائجان، ولايت وارو ولايتي طوهر ڪندو.
ملان: ها يار سبحان الله سبحان الله... واه جي صلاح ڏني اٿئي... نامعقول خبيث.... ابليس ڪم جو اٿئي.... ڀلا وڏيري جا ولايتي پٽ ڪڏهن ايندا؟
منشي: وڏيرو چئي پيو ته چئين وڳي جهاز مان لهندا... پنجين وڳي هتي پهچندا. ويو اٿن وڏيرو وٺڻ.
ملان: پوءِ مان اجايو ساجهر آيو آهيان؟ لاحول الله قوت.
منشي: هائو مولوي صاحب.... هن ڀَتِ جو آسرو نه ڪر... ڇو ته جتي ٻڪريون نچن، تتي گوشت بنا ڀَتُ جي ئي هوندو !
ملان: هائو... حلوو ته مٺو... ڀَتُ ته ٻوٽيون.. سبحان الله، چڱو جي بنا ٻوٽين جي ڀَتُ آهي ته وڃي ڪو ساجهر سويل ٽڪر ڀور کائي اچان.
منشي: هائو مولوي سڌو هُجري ۾ هليو وڃ ۽ وڃي ڦڪر جي ماني کائي اچ.... خبر نٿي ته هتي رڳو ماني جو آسرو آهي، وڏيري جا ڪتا به بک وگهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ٿا کائن.
ملان: ڪتا پلال کائيندي ٻڌاسين.. ڪليون کائيندي اڄ ٿا ٻڌون. الله اڪبر.... ايڏي بک.... جزاڪ الله.
منشي: اڄ ته ٻڌئي نه!؟ مولوي هن مھانگائي واري دور ۾ جتي انسان جو ٻچو ماني ڳڀي لاءِ تڙپي مري ٿو... اتي ڪتا ڪليون نه کائيندا ته ٻيو ڇا کائيندا؟
ملان: لاحول ولله قوت.... منشي وڏيرو صفا سڃو ٿي ويو آهي ڇا؟ جو سندس ڪتا ڪليون ٿا کائن، اڳي ته بسريون کائيندا هئا.
منشي: بسريون ته هاڻي به کائيندا آهن... مون توهان سان ڀوڳ پئي ڪيا.
ملان: سبحان الله... اهڙا ڀوڳ ڪري، هنيانءُ ڦاڙي رکيو هئي... خير مان وڃان ٿو.. ڇوڪرا اچن ته پوءِ ايندس.. خدا حافظ.

مولوي ٻاهر آئوٽ
منشي: الله واهي.... مسيت ٺهي ناهي، انڌن زور رکيو آهي، ڀَتُ اڃا تيار ناهي ٿيو خطابي بنا قميص جي حاضر ٿي چڪا آهن... ايندا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڪنا........

وڏيري وليدادجو وڏو پٽ بابل جيڪو پاڻ کي بادام سڏائي ٿو ،
هو آمريڪا تعليم حاصل ڪرڻ ويو هئو... انگريزي راڳ جا سُر آلاپيندو داخل ٿئي ٿو.
بادام: لا....او...آ.....اي......اون
منشي: (حيرت وچان ڏسندي) اڙي او گدڙن جي نسل جا انساني روپ ۾ ٻچا، مالڪن موچڙا هنيا اٿئي يا ڪنھن وات ۾ ڀريل ڪوئلا وجهي، تو واري وات سان ڪپڙا استري ڪيا آهن... جو گدڙن وانگي اونايون ڪندو، پرائي اوطاق ۾ ڀڳو ٿو اچين! هي وڏيري وليداد جي اوطاق آهي... پڻهين جي رياست ناهي نڪر هتان نه ته ڪندو سانءِ بُکين ڪتن جي حوالي... جيڪي اڳ ئي ڪليون کائي ڇتا ٿيو ويٺا آهن.
بادام: (منشي کي هٿ ڏيندي) آءُ ايم بادام، بي اي ڊي اي ايم، بادام پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش اردو.... انڊر اسٽينڊ، آءِ ايم بادام.
منشي: بادام هجين يا مڱيرو نڪر هتان.. اڙي تون ڪھڙي چُر مان نڪري آيو آهين.
بادام: او سُپروائيزر! آءِ ايم ناٽ مڱيرو، بٽ آءِ ايم مسٽر بادام بي اي ڊي اي ايم، پاسٽ ٽائيم... لانگ ٽائيم اگو ماءِ نيم از بابل... سن آف لينڊ لارڊ وليدادخان يُو نو؟
منشي: (حيرت وچان نھاريندي) بابل.. وڏا ڀوتار توهان آهيو. جي نه ٻڌائين ها ته ويو مانءِ پئي ڪليون کائيندڙ ڪتا ڇوڙڻ... پر اهو بابل مان بادام ڪيئن ٿئين؟
بادام: مسٽر سپروائيزر ان آمريڪا آءِ پرائنگ دي ٿاليم، باءِ نيم آف بابل... بٽ آمريڪي ٽيچر نو سمجهنگ دي بابل.. اينڊ رجسٽر تي لکي ڇڏنگ بادام... تب سي همارا نام بنا هي. بي اي ڊي اي ايم، بادام پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش اينڊ اردو.... انڊر اسٽينڊ؟
منشي: او ييس ييس! بس اسٽينڊ... وڃ وڏا ڀوتار وڏي انگريزي سکي آيو آهين.. مون ته اوهان کي اصل سڃاتو ئي ڪونه، مون سمجهيو ته ڪو گورپٽ ڳوڻ مان نڪري آيو آهي.
بادام: نيور مائينڊ، نيور مائينڊ، ڪوئي بات نهين هي.. نائو ٽيل مي ويئر از پاپا؟
منشي: پاپا دوڪان تي ملندا، گهڻا وٺي اچان، شايد بک لڳي اٿوَ.
بادام: او نو سپروائيزر! آءِ سي پاپا وليداد ڪدهر هي؟
منشي: اهو ته ويو آهي، هوائي جهازن جي اڏي تي اوهان کي وٺڻ... ڇو اتي توهان کي نه مليو ڇا؟
بادام: پاپا وليدادناٽ سين ايٽ ايئرپورٽ.
منشي: ابا هاڻي پنھنجي وطن ۾ آيو آهين، ڇڏ انھن جنن واري ٻولي کي... سنڌيءَ ۾ ڳالهاءِ ته ڪجهه سمجهه پوي.
بادام: يو ڊونٽ نو... بٽ آءِ نو.. اردو اينڊ انگلش از انٽرنيشنل زبان... بٽ سنڌي از ڄٽڪي... يو نو ڄٽڪي؟ بٽ سنڌي از ڄٽڪي زبان.
منشي: شاباس پٽ شاباس. ولايت جي تعليم اهيو سيکاريو اٿئي؟ واه پنھنجي زبان ٿي ڄٽڪي ۽ ڌاري !! ڀوتار ڄمڻ وقت مرحيات امان سائنڻ کي چوين ها ته هوءَ توکي انگريزي ۾ لولي ڏي ها.
بادام: يو ڊونٽ وري.. مسٽر سپروائيز.... نائو يو ڪين گو بازار، اينڊ لھسن لي آئو.
منشي: ڇا وڏا ڀوتار؟
بادام: لھسن لھسن.
منشي: ڀانيان ٿو سرائيڪي ٿو ڳالهائي! وڏا ڀوتار وري چئو.
بادام: او انڪل منشي لھسن لھسن.
منشي: ڪير لھسن.. ڪٿون لھسن.. ڪيوين لھسن... اهو به ته ٻڌايو نه.
بادام: اونو منشي، ماڻهو نو لھسن... بٽ لھسن.. لھسن لي آؤ.... لھسن کائي گا.
منشي: اڇا... هاڻي سمجهيم وڏيرا.
بادام: آءِ ايم ناٽ وڊيرا... بٽ آءِ ايم بادام.. بي اي ڊي اي ايم بادام، پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش اينڊ اردو.
منشي: ڌوڙ پوي آمريڪا ولايت جي منهن ۾، ٻچي کي هڻي چريو بڻائي رکيو اٿائين، ڀانيان ٿو ڀوتار به ڪم کان ويو.
بادام: واءِ يو اسينڊ ابهي تک؟ جاؤ اور لھسن لي آؤ.. ڪئڪلي ويري ارجنٽ ميل سروس ڪئڪلي.

منشي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. مسٽر بادام ساڳيو راڳ ڳائي ٿو.
بادام: او .... آ... لا... اون... او... لا.

نائله داخل ٿئي ٿي، بادام نائله کي ڏسندي.
بادام: او ويري سمارٽ گرل.. هائو آر يو بيوٽي ڪوئين... تم ڪون هو حسينه... آءِ ايم بادام... سن آف وڊيرو وليداد.. يو نو؟
نائله: آءِ نو.. يو آر سن آف سائين وليداد.. آءِ ايم نائله، يوئر پرسنل اسسٽنٽ.
بادام: ماءِ پرسنل اسسٽنٽ؟.. ٿينڪ يو بيوٽي گرل... آؤ هم چلتي هين ڪسي فائيو اسٽار مي چائي پيني.
نائله: جناب هي ڳوٺ آهي، هتي اهي وڏا هوٽل ناهن.
بادام: او ييس... بيوٽي گرل.. هم تم سي ايک بات بولي، امريڪا مي لڙڪا لڙڪي سي ڊائريڪٽ بات ڪرتا هائي.
نائله: چئو جناب.
بادام: يو ول ميرج مي... هم سي تم شادي بنائي گا؟
نائله: جناب اڳتي اڃا وقت پيو آهي.. هڪ ٻئي کي ڏسي جانچي پوءِ فيصلو ڪنداسين.
بادام: او ٿينڪ يو بيوٽي گرل... اٽ از مينس يو آر ايگري فار ميريج وٿ مي... تم هم سي شادي ڪرني پر راضي هو. او گاڊ آءِ ايم ويري ويري هيپي... مس نائله يو ول ڊانس وٿ مي؟ تم اس خوشي ڪي موقعي پي هم سي ڊانسنگ ڪري گا... ڪمان بيوٽي بيبي ڪمان.

گانو: ميوزڪ.
گاني/ ميوزڪ ختم ٿين کانپوءِ
بادام: ويري گڊ گرل... يو نو.. ان ديئر آمريڪا.. وئي هيو سڪس گرل فرينڊ... ٿم ڪو معلوم هي ڪي هم کو
امريڪا مي ڇي لڙڪيان دوست تهين.... هم ني ادهر ايڪ شادي بنايا هي.. يو نو.
نائله: اڇا ته توهان شادي شده آهيو؟
بادام: او ييس آءِ ايم ميرڊ... ماءِ وائفس نيم .. مارٿن لوٿرن.
نائله: اوڪي ماءِ باس... ٻيو حڪم.
بادام: نائو يو ڪين گو.

نائله وڃي ٿي، بادام بريڪ ڊانس ڪري رهيو آهي،
منشي هٿ ۾ لوسڻ کڻي داخل ٿئي ٿو، بادام کي ڊانس ڪندي ڏسندي.
منشي: شايد ڀوتار کي پيٽ ۾ سور يا ولوٽ پيا اٿس، تڏهن ٿو لڇي.
بادام: (لوسڻ کي ڏسندي) او انڪل واٽ از دس؟
منشي: اکيون ڦاڙي ڏس... هي آهي لوسڻ.. جيڪو توهان چيو هو.
بادام: او فولش اولڊ مين.... دس از ناٽ لھسن... يو ڪين اگين اينڊ لي آؤ لھسن.
منشي: ڄٽ جا پٽ لوسڻ ته آهي نه! توکي جوئر ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڇا؟
بادام: انڪل منشي... اٽ از ناٽ لھسن... آءِ سي ٽو يو.. لھسن مينس ٿوم لي آؤ.
منشي: منهن ڪارو ٿئي ان لھسن جو... رلائي ماريو اٿائين.
بادام: اوڪي ..اوڪي.
منشي: اها اوڪي وري ڪٿان ملندي؟ سرڪار.
بادام: مسٽر سپروائيزر يو ريميبر. آءِ ايم نو سرڪار بٽ آءِ ايم بادام بي اي ڊي اي ايم بادام.. سن آف وڊيرو وليداد پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش. اينڊ اردو.
منشي: سائين اوطاق جي اڱڻ ۾ اوهان جو سامان پيو آهي؟ اهيا اوڪي ان سامان ۾ ته ناهي؟
بادام: او ييس منشي... جو سامان باھر پڙا هي وو ميرا هي تم جاؤ سامان مي سي ڪڙتا لي آؤ.

منشي وڃي ٿو ۽ بوٽ کڻي اچي ٿو.
منشي: سائين وٺو ڪڙتو ۽ پايو.
بادام: او نو منشي، اٽ از شو، يي جوتا هي.. ڪڙتا لي آؤ، يو ڪين گو.
منشي: (ٻاهر ويندي) هي ڪڙتو ناهي!!؟

منشي ٻاهر وڃي ٿو ۽ وهاڻو کڻي اچي ٿو.
منشي: صاحب پڪ سان هي تو وارو ڪڙتو آهي.
بادام: (خفا ٿيندي) دس از ناٽ ڪڙتا، دس از تڪيا.

منشي وري وڃي ٿو ۽ ڇٻو کنيو اچي ٿو.
منشي: صاحب اوهان پنھنجي زبان ۾ چئوس ڪڙتو ۽ اسين چئونس ڇٻو.. هي وٺو ڪڙتو.
بادام: (وار پٽيندي) نو نو ڪڙتا.. دس از شاپنگ بيگ... جاؤ ڪڙتا لي آؤ.
منشي: هان.. هاڻ سمجهيم ته ڀوتار کي لوسڻ کائڻو آهي.

منشي وڃي ٿو ۽ ٿاله کڻي اچي ٿو.
منشي: صاحب اصل ڪڙتي کي ڪن کان جهلي، هتي گهلي آيو آهيانس اچڻ ۾ ضد ٿي ڪيائين.. اچي هي وٺو ڪڙتو ۽ ڪٽي کائو لوسڻ.
بادام: او فولش مين.... ڊفر مين... دس از نوڪڙتا.. اٽ از بگ پليٽ.... يي بڙي ٿالهي هي.
منشي: سائين بابا... کڻي سنڌي ۾ سمجهايو.
بادام: اوڪي اوڪي.. منشي... ڪڙتا مينس پھرياڻ.. يو نو پھرياڻ.
منشي: ائين چئه نه ته پهرياڻ.. باھ لڳي ڪڙتي کي ۽ ڪڙتي پائڻ واري کي... سهڪائي وڌو اٿئين. صاحب توهان به اجايو ڊيگهه پئي ڪئي.
بادام: تم ني سمجها پھرياڻ؟ نائو يو گو اينڊ لي آؤ پھرياڻ.
منشي: پھرياڻ ته حويلي اندر هوندو....
بادام: او آءِ سي... نائو آءِ گو ٽو هوم.. جب پاپا آئي تم مي حاضر هون گا... يو نو آءِ پريزنٽ ايٽ هوم گڊ باءِ.

بادام گهر وڃي ٿو.
منشي: (پنھنجي منهن) گُڏِ باءِ.. بي وقوف آهي ڪو.. باھ به گُڏبي آهي ڇا... ڀانيان ٿو آمريڪا ۾ باھ به گڏيندا هوندا. عجيب ملڪ آهي.
آيا اڱڻ عجيب.. ڪھڙا سو پٽيان
پاڻ کي ڌڪ هڻان... يا روئان ۽ رڙان!!
ڄٽ جي ڄمار هڪ کٽي ٻي مار... ولايت پاس ڪري آيو آهي!!؟ ڄٽ سوئي ڄٽ... بس سائين اهي ڏوڪڙ آهن جو گڏه کي به خان ٿا بڻائين.

وڏيري وليداد جو ٻيو پٽ قابل جيڪو انڊيا پڙهڻ ويو هو،
اهو اچي ٿو جيڪو فلمي دنيا جو عاشق آهي ۽ پاڻ کي ڌرمينڌر سڏائي رهيو آهي.
ڌرمينڌر: (داخل ٿيندي) او ٺاڪر وليداد سنگهه... تنھنجي حويلي جون ديوارون ٻن پيار ڪندڙ دلين کي جدا نٿيون ڪري سگهن.... ها مان عنقريب تنھنجي ننهن سري ديوي سان ملڻ ايندس.
منشي: (ڏسندي ۽ حيرت کائيندي) اڙي او ڏاڪڻ جي ڏاڪي جهڙا، هيءَ پڻهين جي جاءِ ناهي جو وات ڦاڙي ٿو ٽھڪ ڏين.... هي ڏسين ٿو چپٽو، وات ۾ وجهي ڪاڪڙو ڪڍي ڇڏيندوسانءِ.
ڌرمينڌر: منشي.. منشي... مان ڌرمنيڌر آهيان ڌرميندر!
منشي: اڙي در ۾ در آهين، يار دريءِ ۾ در، وڃ وڃي ڪنھن ڪاريگر کي ڳولهه ته ڀِتِ ۾ بيهاري ڇڏيئي... وڏيرو وليداد ماڻهن جو جايون ناهي ٺاهيندو.
ڌرمينڌر: منشي مان ٺاڪر وليدادجو وڏي کان ننڍو پٽ آهيان جيڪو انڊيا پڙهڻ ويو هو،
منشي: (ڀارڪ پائيندي) منهنجا رئيس ننڍا قابل خان! ڀلي آئين.
ڌرمينڌر: منشي مون کي قابل سڏي، منهنجي جذبن کي رام تيري گنگا ميلي وانگي فلاپ ڪري ڇڏيُئي.
منشي: ته پوءِ توهان ڏسيو ته توهان کي ڪھڙي نالي سان پڪاريان.
ڌرمينڌر: واه منشي واه، تو ڪيڏي زبردست ۽ بھترين فلم جو نالو ورتو آهي.. ڪس نام سي پڪارون. آها ها.. اها فلم باڪس آفيس تي سپر هٽ وئي .... پر افسوس جو ڪئميرامين اڃا صحيح نموني سان عڪاسي نه ڪئي.
منشي: پٽ ڳالهه مان ڳالهڙو بنائڻ واري عادت اڃا اٿئي؟ ڏس ننڍ رئيس ڪابل......
ڌرمينڌر: (جملو ڪٽيندي) منيم جي.. منھنجو هاڻي نالو اٿئي ڌرمينڌر.
منشي: (عجب کائيندي) عجيب نالو آهي. در ۾ در!!!
ڌرمينڌر: منشي تون هينئر ائين بيٺو آهين جيئن راجن سپي جي فلم دياوان ۾ ماڌوري ڊڪشٽ در تي بيٺي هئي، ها ماڌوري ڊڪشٽ.
منشي: اڌوري دش ڪش!!؟ واه ڀوتار واه! مان جوا کيڏندو آهيان جو اڌوري دش ڪش ڏيانءِ.
ڌرمينڌر: او منشي تون به مون کي نه سمجهيو.. جيئن قادر خان کي گرودت جي فلم هوشيار ۾ هيرو ۽ هيروئن
سمجهي نه سگهيا.. مون اڌوري دش ڪش نه پر ماڌوري ڊڪشٽ چيو. اهيو انڊين فلم جي اداڪاره جو نالو آهي.. جيئن نالو آهي شتروگهن.
منشي: ڇتي جو روغن... عجيب نالا آهن.. اڌوري دش ڪش... در ۾ در.. خير ننڍا ڀوتار ٻڌايو ته تعليم پوري ڪري ولايت پاس ڪئي اٿوَ يا نه؟
ڌرمينڌر: آ ها ها... بلڪل اهڙي قسم جو سوال ڪامياب فلم ۾ شبانه اعظمي، جتيندر کان ان وقت پڇيو هو، جڏهن شبانه اعظمي بيل گاڏي تي بيهي گانو ڳائي رهي هئي، ڇا تون ڄاڻين ٿو ان فلم جي موسيقي ڪنھن ڏئي هئي؟
منشي: الائي ڇا ٿو چوين... مون کي ناهي خبر.
ڌرمينڌر: مان ٿو توکي ٻڌايان ته ان فلم جي موسيقي ڏني هئي عظيم موسيقار لڪشمي ڪانت پياري لال ۽ هدايتڪار هو بي آر چوپڙا.
منشي: در ۾ در صاحب لڳي ۾ ٿو ته وڏو پڙهي ويو آهين جو تنهنجون ڳالهيون منهنجي سمجهه ۾ نٿيون اچن.
ڌرمينڌر: چاچا منشي تون ساون ڪمار جي هدايتڪاري ۾ ٺھيل فلم کل نايڪا جا ڊائيلاگ ڳالهائي، منھنجو من خوش ڪري ڇڏيوَ.. واه.. ڇا تو سيتاپور جي گيتا ڏٺي آهي.
منشي: ننڍا رئيس پرايون ڄايون ڏسڻ عزت وارن جو ڪم ناهي... باقي سيتا شهر ڏٺو اٿم.. گيتا شهر ڪھڙي هنڌ آهي؟
ڌرمينڌر: (پيسا ڏيندي) جي تو اها فلم ناهي ڏٺي ته اچي هي وٺ پنجاه روپيه ۽ هڪ عدد وي سي پي ۽ فلم کڻي اچ ته گڏجي ڏسون.
منشي: ڇا کڻي اچان ڀوتار مون نه سمجهيو.
ڌرمينڌر: وي سي پي يعنيٰ وڊيو ڪيسٽ پليئر.
منشي: پليئر!!... ڀوتار ڪوڏي ڪوڏي جو پليئهر يا ملهه جو پليئر، مان پوڙهو ماڻهو اهيو پليئر نه کڻي سگهندس.
ڌرمينڌر: او چريا تنھنجا اهي افعال ڏسي هدايتڪار رگهووير تڏهن ته توکي فلم ستم شيوم سندرم ۾ ڪاسٽ نه ڪيو ۽ تنھنجي جاءِ تي امريش پوري کي منشي جو ڪردار ڏنائين.
منشي: مولا بچائي اهڙي تعليم کان.... لڳي ٿو ته مان چريو ٿي ويندس.
ڌرمينڌر: اوڇا ته اداڪاري جو انداز آهي.. بس تو ڪاسٽ ٿي وئين پهلاج نهلاڻي جي ايندڙ فلم تم ملي پيار ملا ۾ جنھن کي پروڊيوس ڪيو آهي، هيمامالني. ڏي خبر ڪٿي آهي بابو ٺاڪر ولي داد.
منشي: وڏيرو اوهان کي وٺڻ ويو آهي... هوائي اڏي تي.. خبر ناهي ته توهان ڪٿان کان نڪري آيا آهيو... ڪنھن جهاز مان ڦٽي ڪيو اٿوَ ڇا؟
ڌرمينڌر: چڱو تون هيئن ڪر جو ڳوٺ جي اوڀر واري دڙي تي بيهي ڏس ته بابو ٺاڪر وليداداچي ٿو يا نه؟ پر ائين ڏسجان.. جيئن غضب فلم ۾ ڌرمينڌر ريکا کي ڏسندو آهي.
منشي: چڱو ڀوتار مان وڃان ٿو.

منشي وڃي ٿو. کدڙو فقير اچي ٿو.
ڌرمينڌر: (کدڙي فقيرکي ڏسندي) آ منهنجي من جي ماڌوري، ويجهو اچ ته توکي پنھنجي اکين ۾ سري ديوي سمجهي سمائي ڇڏيان ۽ دل جي دنيا ۾ ڪرشما ڪري، هٿ جي ريکا ڏسي... جيءَ ۾ جياپرادا وانگي ويهاري، پونم سمجهي پيار ڪريانءِ.. جيئن رسي ويل روينا ٽنڊن، جوش مان جوهي چاولا بڻجي، نيلم جهڙو نخرو ڪري، پوڄا جيئن پوز هڻي، مينا ڪشي وانگي مست ٿي پدمني ڪولا پوري واري پريت جو رڪارڊ ٽوڙيان.
کدڙو: (پاڻ ڇڏائيندي) ڇڏ مئا ماريا... مان خير وٺڻ آئي آهيان، پيار ڪرڻ نه.
ڌرمينڌر: ناراض نه ٿي منهنجي نيلم.. بلڪل تو وانگي فلم گهر ۾ رام گلي ۾ شام ۾ نيلم گوندا کي ائين ئي چيو هو ۽ گوندا نيلم کي پرچائڻ لاءِ گانو چيو هو.. شايد توکي پرچائڻ لاءِ مون کي ساڳيو گانو پاڻ تي پڪچرائيز ڪرائڻو پوندو.
کدڙو: (خفا ٿيندي) ڇڏ ڇتا، مئا شل ڦاٿڙي ٿي مرين! خدا ڪندو شل قبر ۾ ملائڪ اها دهلڙي ڦاڙي وجهندءِ.. رب ڪندو ته مون وانگر تاڙيون وڄائيندو رهندين.. الله ڪندو قيامت جي ڏينهن موت جي کوه ۾ ڊانس ڪندين. مون ٻڌو وڏيري جا پٽ ٿا اچن سو خير وٺڻ آيس.. هتي خير، خير جي ماڳ، الٽو چڪر اچي مٿي ۾ لڳو...... ڀڄ ديواني نه ته هي فلمي عاشق ٻک وجهي خيرو ڪري ڇڏيندءِ.

کدڙو فقيرٻاھر نڪري ٿي وڃي ٿو.
ڌرمينڌر: اُف ڪنھن به فلم ۾ ائين نه ٿيو، جيئن اڄ ٿيو، لڳي ٿو ته اسٽيج وانگي فلم انڊسٽري ۾ به جاھل ۽ اَن ٽرينڊ ماڻھو گھري آيا آھن... جو ڊرامن ۽ فلمن جا موضوع ئي مٽائي ڇڏيا اٿن.

نائله گهران داخل ٿئي ٿي.
ڌرمنيڌر: جي مان نٿو ڀلجان ته اوھان آھيو منيشا ڪوئرالا......
نائله: معاف ڪجو.... منھنجو نالو نائله آھي.. اوھان شايد رئيس وليداد جا فرزند ارجمند آھيو؟
ڌرمينڌر: شايد....! محترمه تبو..... مان ھنڊريڊ پرسنٽ ٺاڪر وليدادجو پٽ ڌرمينڌر آھيان.... فلم بيوي ھوتو ايسي جي ڊائريڪٽر وانگر توکي به شڪ آھي ڇا؟ ته مان ٺاڪر وليدادجو پٽ ناھيان؟
نائله: ائين ناھي.... دراصل مون کي توھان جي لاءِ ئي مقرر ڪيو ويو آھي ته جيئن مان توھان جي خدمت ڪري سگھان.
ڌرمنيڌر: يعنيٰ بابو ٺاڪر وليداد به اھائي چال کيڏي ٿو جيڪا چال فلم شعلي ۾ امجد خان کيڏي ھئي! يقينن توھان ھينئر اسٽيج ڊرامي لمبائي جي ھيروئن وانگر مون سان به ھڪ عدد گانو ڳائينديون... جي بسم الله ون.. ٽو .. ٿري....
گانو: ..........................................................................

گانو ختم ٿيڻ کانپوءِ
نائله: ڌرمينڌر صاحب اوھان کي ڪيئن خبر پئي ته مان گانو ڳائڻ آئي آھيان؟
ڌرمينڌر: آءُ ھر ليکڪ ۽ ھدايتڪار کان واقف آھيان ته ڪھڙا ڪھڙا ليکڪ يا ھدايتڪار گھڻا گانا فلمائيندا آھن. ھينئر توھان يقينن مون کان موڪلائڻ لاءِ اجازت وٺنديون.. ٺيڪ آ توھين وڃو...... ھينئر منھنجي دل جي دنيا جي راڻي ممتا ڪلڪرني اچڻ واري آھي.
نائله: ڇا توھان ان سان شادي ڪئي آھي؟
ڌرمينڌر: ڪئي ڪونھي... باقي شادي ضرور ڪبي... توھان کي ڪو اعتراض ھجي ته ڪئميرامين کي ٻڌائي ڇڏجو... ته جيئن آئندہ شوٽنگ وقت صحيح نموني سان رڪارڊنگ ڪري سگھي.
نائله: معنيٰ ھي به ڪم جو نه رھيو.

نائله گھر ڏانھن آئوٽ،
منشي ٻاھران داخل ٿئي ٿو.
منشي: ننڍا ڀوتار وڏو ڀوتار اڃا نه پيو اچي.... رستو ويران لڳو پيو آھي.
ڌرمنيڌر: سمجهيم.... ته وڏا اداڪار فلم جي سيٽ تي دير سان ئي پھچندا آھن... جيئن اميتاب بچن ڪندو ھو.
منشي: سائين باقي اوھان جو ڀاءُ بابل خان پھتو آھي ۽ حويلي اندر موجود آھي.
ڌرمينڌر: اڇا، معنيٰ بابل به اھائي اٽڪل ڪئي، جيڪا راجيش کنا فلم آواز ۾ راج بير سان ڪندو آھي.. مان به ائين ئي ھلان ٿو جيئن فلم رام لکن ۾ انيل ڪپور ھلندو آھي.

ڌرمينڌر گھر وڃي ٿو
منشي: (پنھنجي منھن) ڀانيان ٿو محنت ڪري پڙھيو آھي، ڊاڪٽر ته ضرور ٿيندو، جي ڊاڪٽر نه ٿيو ته پاڻي کاتي جو سرويئر ته ضرور ٿيندو، نه ته زڪوات جو چيئرمين ته آھي ئي آھي.. واھ ننڍا سائين واھ.. تون واقعي ولايت پاس ڪري آيو آھي... ايندا اڱڻ عجيب... نه آيا اڱڻ... ٿيا نصيب ڀَتُا.

وڏيري وليداد جو ٽيون پٽ جيڪو سعودي عرب ويل ھو،
اھو الحاج عبدالماجد ٻاهران اچي ٿو.
الحاج: اسلام عليڪم ورحمته الله وبرڪاتھُ يا اھللِ قبور.
منشي: وعليڪم اسلام يا اھلل صبور، حاجي صاحب ايڏو ڊگھو سلام.. ڪير آھين؟.. تون به ڀَتُ جو ٻڌي آيو آھيان ڇا؟
الحاج: ھاذا ھُد ھُد پاپلين، مڇي شاڪرين، گوشت ٻاڪرين، الحاج عبدالماجد بن سلطان وليداد بن ڪرڙ خان بن اڪ خان.
منشي: بسم الله بسم الله.... ڀلي آئين ننڍي ۾ ننڍا ڀوتار عبدالماجد، ڏي خبر پڪڙ ۾ آيو آھين ڇا؟
الحاج: والله منشي سچ چوَتُن، توکي ڪيئن خبر پَوَتُن ته مان پڪڙ ۾ اچتُن.
منشي: (الحاج جي پيرن کي ڏسندي) اھيو ان ڪري سمجهيم جو توھان جي ھڪ پير ۾ ھڪ رنگ جو ۽ ٻئي پير ۾ ٻي رنگ جو پادر پاتل آھي ۽ اھا نشاني پڪڙ ۾ ايندڙ حاجي جي ئي آھي ڪيئن؟
الحاج: شڪرانا منشي شڪرانا.... اصل بازار مان پڪڙتن.... سفارو ڪري موڪلتن، اچي توسان ملتن، الحمدالله الحمدالله، ڪيف حالڪ؟
منشي: مان به چوان ته ڀوتار جو منھن اھڙو لڳو پيو آھي، ڄڻ چٻري تي بنڊ ويٺو ھجي. سمجھئي.
الحاج: سمجھتن.. سمجھتن منشي... والله اتان جي پوليس توبھتن توبھتن.
منشي: چڪ ھڻندي آھي ڇا؟ اتان جو پوليس؟
الحاج: دخول من الڊڪتن... اھڙو ڊڪائتن، جو ساڻو ڪري وجھتن تلاجي ۾ بند ڪرتن، ڪراچي ۾ تلاجي جو ڍڪڻ کولتن ۽ پوءِ ٻاھر ڪڍتن، تڏھن ھتي اچتن.
منشي: الحاج صاحب ڪا زيارت وغيرہ به ...............
الحاج: (جملو ڪٽيندي) والله منشي زيارت کي ڏاڍو ڳولتن، پرڪٿي به نه ملتن، ھڪڙي عرب کان زيارت جو پڇتن، موٽ ۾ عرب ٻه ٿڦون وھائي ڪڍتن نيٺ ھڪڙي ملڪي کان پڇتن، ان چيتن ته زيارت ھتان لڏي وڃتن.
منشي: ڀوتار لڳي ٿو ته سعودي عرب ۾ داخل ئي نه ٿيو آھين؟
الحاج: منشي سبحان الله سچ چوَتن، شھر ۾ اندر داخل ٿيتن، پوليس پڪڙتن..سڌو ھيڏانھن موڪلتن، شڪرن شڪرن.
منشي: ھتي تو وارو بابو وڻ پاڏو ٻڌڻ ئي نٿو ڏي، اوھان به اھڙا پڙھي آيا آھيو جو کڻي بس ڪجي.
الحاج: منشي بس نه ڪار ڪرتُن، پيجارو ڪرتُن. باقي بابو.... اھو بيمارتُن ھن جو ميڄالو بيڪارتُن، والله منشي ڪجهه به چوتُن، ان ھاذا ذالڪ زالتن زلتن ٻنھي جھانتن.
منشي: حاجي صاحب ڀلا ڪا سوکڙي، منھنجي لاءِ به آندي اٿئي يا نه؟
الحاج: صُبرن، شڪرن، سوکڙي آڻتن... وي، سي آر آڻتن، ريڊيو به آڻتن.. خريدتُن پر!
منشي: پر ڇا حاجي صاحب.
الحاج: وي سي آر مھانگتن، ريڊيو نه وڄتن، جي وڄتن ته رڳو عربي گانا وڄتن.. ان ڪري نه وٺي اچتن... شڪرن والله منشي.
منشي: ٺھيو ھي به ٺٺينگتن... ڀلا حاجي سڳورا ڪا ڪتل، ڪا تسبي ته مون لاءِ ضروري آندي ھوندئي؟
الحاج: آڻتن منشي آڻتن.. اڳ ۾ خمس ريال مون کي ڏيتن ته پوءِ توکي تسبي ملتن.. والله وڳڻين و گهٽهڙين، نھال الذي نصيرآبادين الماجدين.
منشي: وڃ ھي ته صفا لاھي پاھي بيٺو آھي، اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ٻين جي ليکي ملڪ جو والي.. آھي اصل گڏھ گاڏي جي نالي.
الحاج: الحمدالله الحمدالله... شڪرانا منشي شڪرانا
منشي: ڀلا سعودي سٺو ھيو؟
الحاج: سبحان الله سعودي عرب جميلتن، ھڪ دفعي بازار ۾ ملتن، پنھنجي گھر وٺي وڃتن ڏاڍي خدمت ڪرتُن.
منشي: (عجب کائيندي( سعودي توکي پنھنجي گھر وٺي ويو ھو؟
الحاج: نعم منشي نعم... سعودي عرب ماڻھو ڏاڍو سٺتن جميلتن، مھمان نوازتُن.
منشي: ھاڻي سمجهه ۾ آيو ته توھان اصل ۾ ھئا ڪھڙي ھنڌ!؟
الحاج: ڪٿتُن.؟
منشي: قطتن پڇ ذيلتن.. ٻيو ڪو ھيٺ ٿو رئي ٿيتُن... سمجھتن، جي نه سمجھتن ته پوءِ حاجي نه چوائتن.
الحاج: الحمدالله.... منشي والله تون وڏيون شرارتون ڪرتُن.
منشي: مڙئي خيرتُن.. تون خوش تُن؟ مان به خوش تُن.
الحاج: منشي ھتي ٽيپھري جي صلوات ڪھڙي وقت تي پڙھتن، مان صلوات باجماعت پڙھتن.
منشي: ڀوتار توھان ترسو... مان مسجد جي ملان کان سٽ ڏئي پڇي ٿو اچان. سمجھئي نه سمجھئي؟

منشي ٻاھر نڪري وڃي ٿو.
الحاج: (تسبيح پڙھندي) حاجي علم، گاجي گلم، مروڙي ملم.. چاچو چلم، حاجي علم، گاجي گلم.. مروڙي ملم چاچو چلم.

نائله داخل ٿئي ٿي.
الحاج: (نائله کي شوڪارو ھڻندي) اھلن و سھلن يا حبيبي حيا حيا.
نائله: حاجي صاحب توھان ڪنھن سان ملندؤ؟
الحاج: اي النساءَ توکي ڏستن مون کي سعودي يا اچتن.. سڀ ڪجهه وسري وڃتن... تون ڇا پڇتن؟
نائله: اوھان ڪير آھيو؟ ڪنھن سان ملڻ چاھيو ٿا.
الحاج: ھاذا ھُد ھُد پاپلين، مڇي شاڪرين، گوشت ٻاڪرين، الحاج عبدالماجد بن سلطان وليداد بن ڪرڙ خان بن اڪ خان.
نائله: حاجي صاحب! اوھان جا لک احسان جو توھان پنھنجو تعارف ڪرايو... ھاڻي حويلي اندر وڃو ته صفائي واري عورت ھتي ٻھارو ڏيئي وڃي.
الحاج: ٻھارتن! والله سعودي عرب ۾ مان اھيو ڪم ڪرتُن.
نائله: پوءِ ھتي به حاجي صاحب اھيو ڪم ڪريو.
الحاج: نعم.. نعم.. ھتي اندر ويھتن.. توسان ٻکتن.. تون نه ڊڄتن.. مان شريفتن، پر تون ڪيرتُن.
نائله: مان اوھان جي والد صاحب جي دوست غفران الله جي ڌيءُ نائله آھيان.
الحاج: نائله !! تون ڏاڍي وڏي ۽ سھڻي ٿي وڃتن... اسان جڏھن به توھان وٽ اچي رھتن... ته تون تمام ننڍتُن.. ماشاالله.. جميلتن تون مون سان شادي ڪرتُن.
نائله: نه حاجي صاحب.... حاجي سان شادي ڪري مان پنھنجي زندگي عذاب نٿي بڻائي سگھان.
الحاج؛ خيرتن... ڇو شادي نه ڪرتن.
نائله: ان لاءِ حاجي صاحب.. جو حاجي شادي کان پوءِ پنج پنج سال سعودي ۾ رھي ٿا پون... اھيو نٿا سوچين ته پوئتي ھنن جون زالون ڪھڙي ويل ۾ ھونديون.... ھنن جا ٻچا پيءُ جي پيار کان ڪيڏو محروم ھوندا آھن حاجي جي زال ۽ ٻارن جا اندر کاڌل ھوندا آھن.
الحاج: ڏوڪڙ جام موڪلتن.. پوءِ ڇو ڏکتن؟
نائله: ڏوڪڙن سان دنيا جون اصلي خوشيون خريد نٿيون ڪري سگھجن. بحرحال توسان شادي ڪري مان پاڻ کي جھنم ۾ نه اڇلائيندس.
الحاج: قسم آھي مون کي خدا جو ... مان سعودي نه وڃتن.. تون رڳو مون سان شادي ڪرتُن.
نائله: جي اوھان جو اھيو فيصلو رھيو ته پوءِ ان باري ۾ سوچيو ويندو.

نائله ٻاھر آئوٽ
الحاج: (صوفي/ڪرسي تي ويھندي) الحاج عبدالماجد... تلميذ سچ چوتن... مان سعودي نه وڃتن... ھتي شادي ڪري رھي پوتن... منھنجي شادي ٿيتن... زال پاسي ۾ ويھتن.. ٻچا ٿيتن...

الحاج خواب ۾ ھليو وڃي ٿو، ھو خواب ۾ نائله کي ڏسي ٿو،
نائله اچي ٿي، ھو صوفي تان آھستي اٿي ٿو.
الحاج: (نائله جون ٻانھون وٺندي) نائله توکي مون چيو ھو نه.. ته شادي کان پوءِ مان ٻاھر نه ويندس.. پنھنجي ئي ملڪ ۾ رھندس... ھا نائله اڄ ھن ھني مون جي موقعي تي، ھنن پھاڙن جي خاموش پٿرن کي، سر سبز وڻن جي پنن کي، ٿڌڙين ۽ مٺڙين هوائن کي شاھد بڻائي توسان وچن ٿو ڪريان ته آءُ توکي ڇڏي ٻي پاسي نه ويندس.
نائله: سچ.... جي ائين آھي ته پوءِ آءُ توتان قربان ٿي وڃان.
گانو..........................................

گانو ختم ٿئي ٿو... نائله آئوٽ ٿي وڃي ٿي
حاجي صاحب آھستي آھستي ساڳي صوفي تي وڃي
ساڳي پوزيشن ۾ ويھي ٿو. منشي اچي حاجي کي خواب مان جاڳائي ٿو.
منشي: ننڍا ڀوتار الحاج صاحب.... ايڏو اوجاڳو اٿوَ ته گھر وڃي سمھو.
الحاج: (جاڳندي) او منشي تو اسان کي جدا ڪرتُن... زالڪ زالتن رحمتن.
منشي: الحاج صاحب خواب پيا ڏيو ڇا؟
الحاج: ھائو منشي.. سٺو خواب ڏستن... پر افسوستن تو سڄي منصوبي کي خراب ڪرتن... خير صلوات جو پڇي اچتن؟
منشي: ھا، ملان چيو ته اڄ وڏيري وليدادجي اوطاق تي ڀَتُ آھي سو اڄوڪي ٽيپھري ٿيندي ڪونه... سڀاڻي پڙھنداسين.
الحاج: ٺيڪتن مان حويلي ۾ وڃتن.... حاجي علم.. خالي گلم.... مروڙي ملم... چاچو چلم....

الحاج گھر وڃي ٿو، منشي ڳالهائي ٿو.
منشي: ڀانيان ٿو ننڍو رئيس جيل ۾ ھيو، تڏھن ٿو سعودي عرب کي ماڻھو ڪوٺي، بس سائين آھي اميراڻو ٻار... جي ھجي غريب جو پٽ ته سڀ ڪو ٿڪ ٿڪ ڪريس... ھاءِ ڙي ٻه چاپڙا زمانا.

تعليم جو آفيسر، ملان، جماندار ۽ وڏيرو وليداد ٻاھران داخل ٿين ٿا.
وڏيرو: منشي ڏي خبر ڇورا آيا يا نه؟ ايئرپورٽ تي جھازن کي ڏسندي ڏسندي منھنجا دوڏا ئي ساوا ٿي ويا آھن.
منشي: ڀوتار متان مليريا ٿي ھجيوَ ۽ بنا رت چڪاس جي ڪا دوا کاڌي ھجيوَ.. جو ساول ٿي اٿوَ.... دوڏا ساوا ٿيڻ خراب ڪم آھي.
وڏيرو: منشي مٿو نه کاءُ... (مھمانن کي مخاطب ٿيندي) توھان ويھو صاحب! ھا منشي نڀاڳا ڇورا آيا به يا ٽيم ڏئي ڀڃي ويا.
منشي: ڀوتار صحيح سلامت پورا پنا پھتا آھن... آمريڪا وارو پاڏي جي پٺيءَ تي چڙھي پھتو آھي.
وڏيرو: اڙي انڊيا واري.
منشي: سائين اھو ريل جي پويان ڇھه ڇھه پيسا ٻه ٻه پايون ڪندو ٽيشڻ کان ڳوٺ تائين ڏاند پويان ڊڪندو اچي ھتي ساھ پٽيو اٿائين.
وڏيرو: اڙي سعودي وارو ڪھڙي سواري تي پھتو آھي؟
منشي: وڏا ڀوتار سعودي عرب وارو صاحب پنھنجي اباڻي سواري کوتي تي چڙھي ھتي اچي بيھي رھيو..... گڏھ تان لھي ئي نه پيو.. زوري لاٿو اٿمانس.
وڏيرو: ڇا ته تعليم سادگي سيکاري اٿن... وھوا.... وھوا.
منشي: ڀوتار ايندڙ اليڪشن ۾ ايم پي اي جي سيٽ تي ھڪ نه ھڪ کي بيھارجو.
وڏيرو: چڱو چڱو ڊيگهه نه ڪر... وڃ ۽ ڦتوءَ جي پٽ وريام کي وٺي آ، جيڪو ڊاڙون ھڻندو وتي ٿو ته مان ھوشيار آھيان.
منشي: ڀوتار مان ڊيگهه ڇڏي ويڪر ۾ وڃي ٿو ڦتو جي ڇوري کي وٺي اچان. پر خير ته آھي ڀوتار.
وڏيرو: اڙي منشي پنھنجي پٽن سان مقابلو ڪرائڻو آھي.. ڏسان ته اھيو ڄٽ ھاري جو پٽ ڪيئن ٿو منھنجي پٽن کي ماري.. ھي ڏس تعليم جو وڏو آفيسر.. مولوي ۽ پوليس عملدار آيا آھن، امتحان جو فيصلو ڪرڻ.
منشي: ڀوتار تعليم جي آفيسر جي ڳالهه ته سمجهه ۾ آئي ته ھو سوال پڇندو. پر ملان ڇو؟
وڏيرو: ان لاءِ جو ھي مذھبي سوال ڪندو.
منشي: ڀوتار جڏھن مولوي کي پنھنجو استاد سبق پڙھائڻ لاءِ سڏ ڪندو هو ته ھي ملان حجري جي ڇت تي چڙھي ڀڄي ويندو ھو. اھيو ڪھڙا سوال ڪندو... ڀلا جماندار ڇو؟
وڏيرو: قانون جو ماھر آھي... قانوني سوال پڇندو.
منشي: ڀوتار اھيو جماندار اسڪول جي ٻاھران پڙھيو اٿئي؟ جي نه ايڏو ھوشيار ھجي جا ته پوليس ۾ جماندار ٿورئي ھجي ھان.
وڏيرو: چڱو چڱو چوانءِ ٿو تڪڙو وڃ مقابلو ڪرائڻو آھي.
منشي: ڀوتار ماڻھن جي ميل ڪرائڻي اٿوَ ڇا؟ ڏاندن جو گويون ڪرايئي، اڄ ماڻھن جي ميل ٿو ڪرائين..... ڏسڻي پئي. ڀوتار پاڻ واري ڇوري ھيبت خان کي به وٺي اچان.. ڏسان ته ڪھڙي پاڻي ۾ آھي؟
وڏيرو: اڙي وٺي اچينس، ڇا ڪندو تو وارو ڇورو.
منشي ٻاھر وڃي ٿو.
وڏيُرو: آفيسر مون وارا ڇورا مٿي مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيندءِ بابا.
آفيسر: رئيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سڄو دارو مدار شاگرد تي آھي، رلڻ، بري صحبت ۾ رھڻ، داداگيري ڪرن“ شاگردن جو عمل ناھي، ٻي طرف استاد به علم کي فيض سمجهي علم ڏيندا رھن. ورنه اسانجي تعليم جي تباھي کي ڪوبه بچائي نٿو سگھي.
جماندار: واقعي سچ ٿا چئو... امتحاني سينٽر تي ڊيوٽي دوران خبر پئي ته ڪاپي جو مرض ڪينسر بڻجي چڪو آھي، چيم ته ڪيانِ لاڪپ پر چپ رھيس.
آفيسر: ھا اھيو ان لاءِ جو استاد پنھنجو قرض ۽ شاگرد پنھنجو فرض وساري ويٺا آھن.... بس رڳو ھٿيارن، سفارش ۽ رشوت جي زور تي تعليم ھلي پئي،
وڏيرو: آفيسر نوجوان ٻچا آھن... رت ۾ جوش ته ھوندو نه بابا.
آفيسر: اھيو جوش نه پر بيھوشي آھي رئيس... ڀلا ڪوشنڪوف ۽ قلم جي دوستي ڪيترو وقت ھلندي!؟
وڏيرو: آفيسر ماستر به بابا وتن ٿا تالا کنيو..... شل نه ڪنھن جي بدلي ٿي پوءِ ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي تالا... اھيو حشر ڏسي تڏھن ته پاڻ وارا ڇورا ولايت موڪليا ھئا.
آفيسر: وڏيرا اڃا به ڪي جوان آھن جيڪي علم جو ڏيئو روشن رکندا پيا اچن.... ته جيئن ھي قوم اوندھ مان نڪري نروار ٿئي.
وڏيرو: ھوندو! خير توھان ڪچھري ڪريو، مان چورن کي وٺي ٿو اچان.

وڏيرو گھر اندر آئوٽ.
وڏيري وليداد جي گھر وڃڻ کان پوءِ منشي اچي ٿو، جنھن سان گڏ سندس پٽ
ھيبت خان ۽ ڦتو جو پٽ وريام آھي، داخل ٿين ٿا، وريام ادب وچان سڀني کي ھٿ ڏئي ٿو.
منشي: (پُٽ کي) ھيبت خان اھڙيون کڙھون ھڻجان جو جاوا، پيلا، نيلا ۽ تيلا سڀ تيل ٿيل ھجن.
ھيبت خان: ھيبت خان کان ڪير کٽيندو بابا... جي ڪو کٽي به ويو ته دون تي ريوالور رکي اڳ ڪڍي ويندو مانس.
آفيسر: پنھنجو نالو ٻڌاءِ ۽ ڇا پڙھندو آھين.
ھيبت خان: نالو ته ھيبت خان آھي، يونيورسٽي ۾ شينھن سڏيندا آھن.. ۽ تعليم ته اڃان پڙھون پيا.
منشي: آفيسر صاحب مون وارو ڇورو يونيورسٽيءَ ۾ ڏھن سالن کان پيو پڙھي ۽ ٿوري ٿوري سٽي به ھڻندو آھي.
جماندار: چئين ته ڪيانس لاڪپ.. حڪم ڪر.
آفيسر: اھيو ته تو واري پٽ جي لڇڻن مان ظاھر پيو ٿيئ.
ھيبت خان: مسٽر ھوش سنڀالي ڳالهاءِ، ھيبت خان جھڙي تھري جي ٽڻ مڻ ناھي سھندو، ڀلا ڀاڳ ٿي جو ھتي ھاسٽل ڪونھي، نه ته ڪلاشن ڪن پٽيءَ تي رکي ھلي بند ڪريانءِ ھا.
ملان: نعوذ بالله من ذالڪ افسھم. خبيث خان نامعقول.
آفيسر: شاباس پٽ شاباس... واقعي تون ھاسٽل جو ھيرو ٿو لڳين.
ھيبت خان: ماٺ رھ مسٽر....ھا بابا ڇا جو مقابلو ڪرڻو آھي.. جلدي ڪريو .. مون کي اڄ روڊ تان چندو ڪرڻو آھي.
منشي: ڇورا وري خرچ کٽو اٿئي ڇا؟
ھيبت خان: بابا ائين نه چئه اسين لطيف سائين جي ورسي ملھائينداسين.
آفيسر: ورسي! ڪڏھن ملھائبي.
ھيبت خان: تاريخ مون کي ياد ڪونھي، ٿيندي ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ اھا ٻي ڳالهه آھي، باقي ورسي ملھائينداسين ضرور.
منشي: صاحب ڇورو ڪوڙ ٿو ڳالهائي..ھي نڀاڳو جڏھن کٽندو آھي ته ٻه چار ڄڻا پاڻ جھڙا ساڻ ڪري روڊ تان ورسي ملھائڻ جي بھاني وتندو آ چندو وٺندو، مان ته خرچ ڏيڻ کان بچي پيو آھيان.
ھيبت خان: بابا ائين نه چئه! اسين اھڙي ڳالهه چوڻ واري جي زبان ڪاڪڙي سميت ٻاھر ڇڪي ڪڍندا آھيون... تون ابو ٿي پيو آھين، تڏھن زھر جا ڍڪ ڀري بس ٿو ڪيان،
وريام: ھيبت خان ھروڀرو جذباتي نه ٿي.. ڪجهه وڏن جو به خيال رک.
ھيبت خان: اڙي وريام ! تون مون سان ڳالهائين ٿو!؟ جنھن کان يونيورسٽيءَ ۾ تو جھڙا لنگور لڪندا وتندا آھن.
منشي: قرض گھرندو ھوندين تڏھن توکان لڪندا ھوندا منھجا لاڏلا پٽ.
وريام: ھيبت خان ھي ڳوٺ آھي، گولي جي زور تي ماڻھن جو دليون جيتڻ ناممڪن آھي.
ھيبت خان: تون مون کي نه سمجھاءِ.... وڃ ۽ وڃي ڪتابن ۾ منھن ھڻ.
وريام: پر ھيبت خان داداگيري ۽ غنڊا گردي مان ڪجهه به نه ورندئي.
ھيبت خان: چوانءِ ٿو ماٺ ڪر... پنھنجي زبان پاڻ وٽ قابو ڪري رک، نه ته وات واري گولي ھڻي نڙگھٽ اڏائي ڇڏيندومانءِ وريام.
وريام: ھا ھا.. تون مون کي ڇونه گوليون ھڻندين!؟ تنھنجي گولي ڪنھن ڌرتيءَ جي دشمن جو پيچو ڪيو آھي؟ پنھنجا ماري وتو ٿا سورما سڏائيندا.
ھيبت خان: (ريوالور ڪڍندي) بڪواس بند ڪر وريام.

ھيبت خان وريام کي ماري ٿو، منشي ۽ ٻيا ٻنھي کي ڇڏائين ٿا.
منشي: اڙي نٿو چوانءِ ته معتبر ٿي ويو آھين.. ھي ڳوٺ آھي.. ماڻھو موچڙا ھڻي ٻلو بڻائي وجھندئي سوئر.
ھيبت خان: وريام توکي ته مان چڱي طرح ڏسندس.
منشي: چڱو چڱو گھڻي داڦ ھنئي اٿئي... ٽر اکين اڳيان نه ته لاھي موچڙو اھڙي ڪياڙي ڪٽيندوسانءِ جو ماڻھين به توکي سڃاڻي نه سگھندي.

ھيبت خان اکين ۾ شور وجھي وريام کي ڏسندو ٻاھر ھليو وڃي ٿو.
جماندار: منشي حڪم ڪر ته ڪيانس لاڪپ....
ملان: اعوذ بالله من شيطان رجيم.. پناھ ڏي شيطان مردود کان.
آفيسر: پٽ تو جھڙا بردبار ماڻھو دنيا ۾ انسانن جي دلين کي فتح ڪري ،نئون سج اڀاري، سک جا سنيھا کڻي، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جا گس ڏيندا آھن... ھا پٽ فتح تنھنجي قدمن جي غلام آھي.
وريام: سر جيڪڏھن ڇِتو ڪتو چڪ ھني ته ڇا وير وٺڻ لاءِ ڪتي کي چڪ ھڻجي!؟ نه پر ان چڪ جو علاج ڪرائجي.
ملان: جزاڪل الله جزاڪ الله... اھيو ئي عقلمندن جو ڪم آھي.
آفيسر: پٽ تون ڇا پڙھندو آھين؟
وريام: سر ايم اي صحافت ۾ ڪريان پيو.
آفيسر: گُڊ... پٽ تون صحافت جي ڊگري حاصل ڪري، قوم جي ڪھڙي خدمت ڪري سگھين ٿو؟
وريام: سر اسانجي ڳوٺ ۾ اڪثر صحافي، ٺڳي، منافقي، بليڪ ميلنگ جي صحافت ڪري رهيا آهن ۽ هتان جي با اثرن جا ثنا خوان لڳا پيا آهن، هتان جي صحافت چمچا گيريءَ جي بنياد تي ھلي پئي، اڄ ڪلهه صحافي برائين جي جڙ بنجي چڪا آھن... منھنجي منزل آھي ته سچن ۽ بي باڪ صحافين جي سٿ ۾ شامل ٿي ھن نصين ماريل قوم جي زبان بنجي جڳ جھان جاڳائيندو رھان.
آفيسر: اھيو سٺو جذبو آھي، ضروري ناھي ته رڳو نوڪري ڪرڻ جي آس ۾ پڙھجي.
وريام: ھا سر جيئن ويٽنام جي شاعر توئي دين چيو آھي ته ياد رک!
تو وٽ تنھنجو عقل،
تنھنجو علم قوم جون امانتون آھن،
امتحان پاسي ڪري وطن جي ويرين وٽ
ڪرسي ماڻڻ، تنھن کان وڏي بي حيائي، ذلالت ۽ غداري بي ڪانھي
پنھنجي علم ۽ عقل کي
پنھنجي قوم جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ
وقف ڪري ڇڏ.

وڏيرو وليداد پنھنجي پٽ بادام سان گڏ اچي ٿو.
بادام: (آفيسر کي ملندي) آئي ايم مسٽر بادام بي اي ڊي اي ايم بادام، پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش اينڊ اردو، اينڊ يو.
آفيسر: آئي ايم ايجوڪيشن آفيسر.
بادام: اوڪي ... اوڪي.

ڌرمينڌر داخل ٿئي ٿو.
ڌرمينڌر: (آفيسر کي ھٿ ڏيندي) غضب فلم ۾ زبردست اداڪاري ڪري فن جي دنيا ۾ تھلڪو مچائيندڙ ڌرمينڌر مون کي چوندا آھن.
ملان: پر پٽ تنھنجو نالو ته قابل خان آھي.
ڌرمينڌر: مولوي صاحب جيئن يوسف خان پنھنجو نالو مٽائي فلمي نالو رکيو دليپ ڪمار... تيئن مون پنھنجي نالي قابل خان کي دٻن ۾ بند ڪري ڌرمينڌر کي نمائش لاءِ پيش ڪيو اٿم.
وڏيرو: پٽ قابل خان... ھي آھي پوليس عملدار.
ڌرمينڌر: (جماندار کي ھٿ ڏيندي) بابي کي گھڻو ئي سمجھايو اٿم ته بابا تنھنجو پٽ ڌرمينڌر آھي قابل خان نه..... پر بابو سائين سدا شيواامرپارڪر وانگر ضد ڪيون فلمون فلاپ پيو ڪرائي.. توھان ئي سمجھايوس.
ڌرمينڌر: چئين ته ڪيانس لاڪپ.
ڌرمينڌر: ائين فلم باپ کي دشمن ۾ ڪيو ويندو آھي.

الحاج داخل ٿئي ٿو.
الحاج: (آفيسر سان ملندي) اسلام عليڪم يا اھلل قبور.... ھاذا ھُد ھُد پاپلين، مڇي شاڪرين، گوشت ٻاڪرين، الحاج عبدالماجد بن سلطان بن ڪرڙ خان بن اڪُ خان، ڪيف ھالڪ؟
آفيسر: تون ٻڌاءِ حاجي صاحب توھانجا حال ڪيئن آھن؟
الحاج: (جماندار کي ھٿ ڏيندي) شڪرن شڪرن.... اسلام عليڪم يا اھلل قبور.... ھاذا ھُد ھُد پاپلين، مڇي شاڪرين، گوشت ٻاڪرين، الحاج عبدالماجد بن سلطان بن ڪرڙ خان بن اڪُ خان، ڪيف ھالڪ يا حبيبي؟
جماندار: حاجي صاحب! منھنجا حال ٿاڻي جي لاڪپ جھڙا لڳا پيا آھن.
الحاج: (مولوي سان ملندي) ڪيف ھالڪ يا استادي..؟؟
ملان: الحمدالله.. الحمدالله.. حال سٺا آھن.
وڏيرو: آفيسر صاحب ! ڀلي ھاڻي ڇورن کان امتحان وٺو.
آفيسر: ٺيڪ آ.... ته سڀ کان اول مسٽر بادام کان سوال...... مسٽر بادام ويئر از رني ڪوٽ؟
بادام: او آفيسر، ديئر از نو رني ڪوٽ... آمريڪا ۾ رني ڪوٽ نھين ھوتا ھائي، ادھر ڊيوڊ ڪوٽ... سني ڪوٽ، جيڪسن ڪوٽ اينڊ ميني ميني نيمس ڪوٽ، نو رني ڪوٽ (پنھنجي ڪوٽ ڏانھن اشارو ڪندي) دس از انڊر ٽيڪر ڪوٽ يو نُوانڊر ٽيڪر؟
آفيسر: يوَر اينسور از رانگ... تنھنجو جواب بلڪل غلط آھي.
بادام: او نو آفيسر... ھز فل نيم از ريگن رانگ.. اس ڪا پورا نام ريگن رانگ ھائي... ھو از ماءِ بيسٽ فرينڊ، ريگن رانگ ھمارا اڇا دوست ھائي.
آفيسر: پٽ وريام تون ٻڌاءِ رني ڪوٽ ڪٿي آھي؟
وريام: سر رني ڪوٽ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سنڌ صوبي جي ضلعي ڄامشوري ۾ آھي.
آفيسر: گڊ....
جماندار: مارشل لا ۽ ڊيموڪريسي ۾ فرق ڪيا ھائي.
بادام: مارشل لا از ويري بليڪ گرل.... ڊيموڪريسي از ماءِ لوَر فرينڊ.. شي از ويري سمارٽ... آفٽر ون ييئر آءِ ميريج ھم، ڊيموڪريسي سي ھم ايڪ سال بعد هم شادي بنائي گا.
آفيسر: توھان جو ھي سوال به غلط آھي.. پٽ وريام تون ٻڌاءِ ته ڊيموڪريسي يعنيٰ جمھوريت جو مطلب ڇا آھي ۽ مارشل لا ڇا آھي؟
وريام: سر جمھوريت اھڙ ي نظام جو نالو آھي، جنھن نظام ۾ ھر ھڪ ماڻھو کي ڳالهائڻ، لکڻ، پڙھڻ جو ھڪ جيترو حق آھي. ھر ماڻھو پنھنجي راءِ جي آزادي رکي سگھي ٿو.. مطلب ته جمھوريت عوام کان عوام لاءِ ھوندي آھي ۽ مارشل لا بلڪل ان جي ابتڙ نظام آھي.
ملان: اوھان ولايت مان ڪھڙي مذھبي تعليم وٺي آيا آھيو؟
بادام: ماءِ ڪواليفڪيشن از پي ايڇ ڊي ايف ان انگلش اينڊ اردو يو نو؟
آفيسر: پي ايڇ ڊي ته ٻڌي آھي پر اھا ايف ڇا ھي؟
بادام: او ماءِ آفيسر ايف مينس فيل.... يس ڊاڪٽر آف فلاسافي ۾ فيل ھون.
آفيسر: مسٽر بادام اوھان جو امتحان پورو ٿيو... دي اينڊ آف يور ايگزمنيشن..... پٽ قابل تون ٻڌاءِ.
ڌرمينڌر: صاحب ڌرمنيڌر کي قابل چئي ڇو ٿا فلم آنسو بني انگار جي ٽريجڊي سين کي ڪاميڊي ۾ تبديل ڪريو. جي اوھان جو اھو رويو رھيو ته ڌرمينڌر فلمن مان آئوٽ ٿي ويندو.
آفيسر: ٺيڪ آ ڌرمينڌر صاحب... اوھان ٻڌايو ته قاسم بندر ڪٿي آھي؟
ڌرمينڌر: بلڪل اھڙي قسم جو سوال بمل راءِ جي فلم پٿر دل ۾ امريش پوري پنھنجي ننھن کان پڇي، ان کي منجھائي ڇڏيو ھو. بحرحال امريش پوري جي ننھن منجھندي سوال جو جواب ڏنو ھو ته قاسم منھنجو ڪلاس فيلو آھي، باقي بندر جھنگ ۽ چڙيا گھر ۾ جام ھوندا .
منشي: صدقي وڃان در ۾ در صاحب، اصل سوال جي ٺوڙھ تي چڙھي جواب جي چيلهه چٻي ڪري رکي اٿئي.
آفيسر: منشي تو واري ڌرمينڌر صاحب جو جواب بلڪل غلط آھي.
منشي: آفيسر صاحب چڱي طرح نه سمجهيو ھوندئين.
وڏيرو: آفيسر پوءِ پڇ ھن وريام کان ته نڪرنس ٺڪاءَ... منشي! جڏھن قاسم بندر مون ئي ناھي ڏٺو ته ڦتوءَ جي پٽ وريام وري ڪٿي ڏٺو ھوندو!؟
وريام: معاف ڪجو وڏيرا... مان ڄاڻان ٿو ته قاسم بندر ڪراچي ڀرسان ضلعي ٺٽي ۽ صوبي سنڌ ۾ آھي، جنھن کي پورٽ قاسم به چون.
جماندار: ڌرمينڌر صاحب ٻڌايو ته پاڻي پٽ جي لڙائي ڪنھن جي وچ ۾ ۽ ڪٿي لڳي ھئي؟
ڌرمينڌر: راج چوپڙا جي ھندي فلم آنڌي ۽ طوفان جي شوٽنگ وقت امجد خان ۽ اسراڻي وچ ۾ پونا ۽ شملا جي پھاڙن جي چوٽي تي اھا جنگ لڳي ھئي.
آفيسر: اڇا ته پاڻي پٽ جي لڙائي جو اهو قصو آھي!!؟
ڌرمينڌر: ھا سر... جنھن فلم جو ھيرو ھيو، مٿن چڪرورتي ۽ ھيروئن ھئي رتي آگني ھوتري.. موسيقي ترتيب ڏني ھئي بپي لھري ۽ ڊائلاگ لکيا ھئا قادر خان.
جماندار: چئين ته ڪيان سڀن کي لاڪپ! حڪم ڪر.
منشي: ڇا ته ڄانگھي ھنئي اٿائين سوال کي.... پڪ اھيو جواب صحيح ھوندو. ڪيئن وڏيرا!
وڏيرو: ھائو منشي بروبر اصل سوال جا لاھ پٽي رکيائين.
آفيسر: وڏيرا توھان جي فلمي اداڪار پٽ جو اھيو سوال به غلط آھي.
منشي: آفيسر! سوال کي نه سمجهيو ھوندئين... ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي ... تڪڙ نه ڪر آفيسر تڪڙ نه ڪر.
آفيسر: پٽ وريام تون ٻڌاءِ، ھنن ولايت پاس ڪري ايندڙن کي.
وريام: سر پاڻي پٽ جي لڙائي سراج الدين دولا ۽ ظھيرالدين بابر وچ ۾ پاڻي پٽ جي ميدان تي لڳي ھئي.
آفيسر: گڊ.. پٽ گڊ...
منشي: وڃ وڏيرا ڦتو جي پٽ تو واري جائي جي اک کڙھ سان ڪڍي ورتي.
وڏيرو: منشي کائين منھنجو ۽ ڳڻ ڳائين ٿو وريام جا..... تون نمڪ حرام آھين.
جماندار: وڏيرا اوھان پاڻ ۾ لڙائي نه لڙو ورنه مان ٻنھي کي لاڪپ ڪندس.
وڏيرو: اڙي تون چپ ڪر جماندار ڀَتُ کور.
آفيسر: وڏيرا امتحان وٺڻ ڏيو.... ته ھا پٽ انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪندي انڊيا جي ڪھڙي شيءِ اوھان کي پسند آئي.
ڌرمينڌر: فلم لوھا۽ اداڪار ڌرمينڌر..... ڇا ته فلم ھئي..... ساندھ پنج سال سئنيمائن ۾ ھلندي رھي.. الائي ڪيتريون گولڊن جوبلي ڪيائين، پروڊيوسر کي ڪروڙين روپين جو فائدو مليو.
جماندار: تو واري پروڊيوسر ٽيڪس پياري يا نه....نه ته چئين ته ڪيانس لاڪپ.
آفيسر: ٺيڪ پٽ ڌرمينڌر تو واقعي امتحان فلمي انداز ۾ ڏنو... اچو حاجي سڳورا ھاڻي وارو آهي توھانجو.
الحاج: اسلام عليڪم يا اھلل قبور.... ھاذا ھُد ھُد پاپلين، مڇي شاڪرين، گوشت ٻاڪرين، الحاج عبدالماجد بن سلطان بن ڪرڙ خان بن اڪُ خان، حاجي علم... گاجي گلم....مروڙي ملم، چاچو چلم آشُو... ھاڻي معلم سوال پڇتن.
ملان: حاجي صاحب توھان ٻڌايو ته پنج وقت نمازن ۾ ڪل رڪعتون گھڻيون آھن.
الحاج: سوال ڏاڍو سٺتن، معلم رڪعتن مديني ۾ نه ملتن، ڏاڍو ڳولتن، پر ماڻھو چَوَتُن ته جھاز ۾ چڙ ھي ٻي ملڪ ۾ وڃتن. افسوستن افسوستن.
آفيسر: پٽ وريام تون ٻڌاءِ ته حاجي سڳورو نماز جي رڪعتن کان واقف ٿئي.
وريام: سر پنجن وقتن جون ٽوٽل 47 رڪعتون آھن.
ملان: الحمدالله... سبحان الله.. حاجي صاحب ٻڌايو ته اضحيٰ ڇو ڪئي ويندي آھي؟
الحاج: والله معلم ڪبير.... سعودي ۾ اضحيٰ نه ڪرتُن ته پوءِ مان ڪيئن سمجھتن.
منشي: حاجي سڳورا سمجھندو ڪر ته اضحيٰ ان لاءِ ڪئي ويندي آھي ته جيئن ان وڏي ڏينھن تي غريب غربو مال وندن ۽ ڏوڪڙن وارن ماڻھن جي ڪٺل ڍور مٿان بيھي ھٿ ٽنگي گوشت وٺن.. بين لفظن ۾ عيد جي ڏينھن به پنن.
وڏيرو: اڙي چريا منشي، ائين ناھي.. اصل ۾ اضحيٰ انھيءِ لاءِ ڪئي ويندي آھي ته ڪنھن جو ڍور سھڻو ۽ قيمتي ھيو... ڏٺئي نه! گذريل اضحيٰ وقت مون واري ڍور جي ڪيترن ماڻھن نيڪي ڪئي؟
منشي: ڀوتار نيڪي ۾ اوھان خوش، ماڻھو گوشت ائين کڻي وياڄڻ ڍور ڪٺو ئي ڪونه ھيوسين.... منھنجي نظر ۾ ته رڳو خالي تڏي تي پئي، سمجھئي وڏيرا.
وڏيرو: ھا ھا سمجهي ويس.
منشي: جي سمجهي ويو آھين ته ھن سال اضحيٰ اوطاق جو در بند ڪري ڪجان ته جيئن اسان به گوشت کائي مزو وٺون.
آفيسر: منشي بابا اضحيٰ جو ٿورن لفظن ۾ مقصد آھي ته انسان پنھنجي سر جو صدقو ڏيئي.. اھو ڍور جيڪو بي عيب ھجي.. ڪيئن مولوي صاحب.
مولوي: برحق، برحق.... الحاج صاحب اوھان سعودي ۾ ڇا ڏٺو؟
الحاج: معلم اُتي جيلتن ڏستن، اتان جي پوليس مون کي بلد جي بازار مان پڪڙتُن، وڏي حالت ڪرتُن، چپل به ھٿ نه اچتن، ھفتو جيل ۾ رکتن، پوءِ سفارو ڪري ھيڏي موڪلتن، اوھان سان ملتن، ڪل خبرتُن، شڪرن شڪرن.
آفيسر: وڏيرا لڳي ٿو ته تو وارا پٽ. دل لائي پڙھي ولايت پاس ڪري آيا آھن.
وڏيرو: ٻيو مذاق آھي ڇا آفيسر!؟ صاحب ٽنھي جي تعليم تي پورا لکين روپيا خرچ ڪيا اٿم، لکين روپيا.
آفيسر: وڏيرا برو نه سمجھو ته اوھان کي ھڪ صلاح ڏيان.
وڏيرو: ھا ھا... توھان صلاح ڏيو.... مان ان تي عمل ڪندس.
آفيسر: رئيس پنھنجي پٽ بادام کي ڏاندن جو جوڙو وٺي ڏي ته وتي ھر ڪاھيندو.
وڏيرو: نه بابا! ھو ته وڏو آفيسر ٿيندو، ڇا آفيسري جي لائق ناھي... ڇا انگريزي نٿو ڳالهائي؟
آفيسر: ابتي انگريزي ٿو ڳالهائي.. رئيس تو وارا ٽئي پٽ، صفا ڪورا ڄٽ اٿئي ڄٽ.... تو وارا لکين روپيا ويا پاڻي ۾.
وڏيرو: وڃ ڌرتي تي پير ئي نٿا کپن.....!!!
منشي: اکين اڳيان ترورا به ضرور ايندا ھوندئي رئيس.
وڏيرو: ھائو منشي ھائو... آفيسر ھاڻي ڇا ڪجي؟
آفيسر: رئيس تڏھن ته چوانءِ ٿو ته بادام ھر ڪاھڻ جي لائق آھي، ڌرمينڌر کي ٻيھر پرائمري اسڪول جي پھرين ڪلاس ۾ ويھارينس،
منشي: الحاج ڇا ڪري آفيسر!؟
آفيسر: الحاج کي موٽ جو حاجي سمجهي ڍور ڍڳي جي سنڀال لاءِ رکو.
منشي: ڀوتار موٽ جي مينھن ضرور ٻڌيسين، موٽ جو حاجي اڄ ٿا ٻڌون.
آفيسر: پٽ وريام تون ميڊل جي لائق آھين... واقعي تو جھڙا ھوشيار ھن جڳ جي سونھن بڻجندا آھن.
وريام: سر اوھانجي مھرباني...... جو نوجوان محنت ۽ لڳن سان تعليم حاصل ڪندو، اھوئي سکن جو سچ اڀاري، معصوم ۽ مجبور دلين کي خوشين جا گيت ڳارائيندو.
آفيسر: پٽ وريام تون وڃين سگھين ٿو.

وريام موڪلائي ٻاھر نڪري وڃي ٿو.
وريام جي نڪري وڃڻ کان پوءِ نائله پيءُ
سان گڏ اچي ٿي.. جيڪي واپس وڃڻ لاءِ تيار ٿي آيا آھن.

وڏيرو: غفران الله ڪيڏانھن سنڀريو پيو وڃين؟
عفران الله: رئيس اسان پنھنجي گھر ڪراچي وڃون پيا.
وڏيرو: پر شادي وارو واعدو وفا نٿو ڪرين ڇا؟
غفران الله: نائله کي تنھنجا پٽ سمجهه ۾ نه آيا.
وڏيرو: ھا نائله ڌيءُ.
نائله: ھا چاچا سائين توھانجي پٽن مان ڪوبه اھڙو پٽ ناھي جيڪو شادي لائق ھجي.. تنھنجا پٽ ڏسڻ ۾ جوان آھن پر ھو اڃا ذھني طور تي ٻار آھن.
بادام: اُو نُو ماءِ سوئيٽ ھارٽ نائله... تم ھم ڪو ڇوڙڪي مت جائو.... ھم تمھاري لئي ھي جيتي ھين.
نائله: بادام اوھان جي ته آمريڪا ۾ شادي ٿيل آھن نه؟ ڇا نالو آھي توھان جي وائيف جو؟
بادام: مارٿن لوٿر نيم از ماءِ امريڪن وائيف.
غفران الله: ٻڌو رئيس ھي توھانجو پٽ آمريڪي عورت سان شادي ڪري چڪو آھي؟
وڏيرو: اڙي ھا!؟
بادام: ييس پاپا.
ڌرمينڌر: او نائله تون ھتان ائين آئوٽ ٿي پئي وڃين جيئن منداڪني فلمي دنيا مان آئوٽ ٿي وئي.. افسوس جو آءُ توکي ڪنھن به فلم ۾ ھيروئن جو رول نٿو ڏياري سگھان.
نائله: ھا ڌرمينڌر توھان کي فلمي دنيا مان ٻاھر نڪرڻ جي فرصت ملي ته اوھان ماڻھو ٿيو نه!؟
الحاج: تلميذن.. تون ھتان نه وڃتن... مان توسان شادي ڪرتُن... قسم رب جو... مان ٻيھر سعودي نه وڃتن.
نائله: حاجي جي واعدي تي جيڪو اعتبار ڪري، اھو ڏينھن ۾ ڏھ دفعا دوکو کائي... بابا ھلو ته ھلون..
غفران الله: چڱو رئيس اسان ھلون ٿا حياتي رھي ته وري ٻيھر ملنداسين.

نائله ۽ پڻھس غفران ٻاھر آئوٽ.
وڏيرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي وڃي ٿو.

وڏيرو: ته ھا آفيسر صاحب! چئبو ڦتوءَ ته ھاري جو پٽ، ھنن وڏيري جي پٽن کي ميل ماري ويو!؟ ويو ته اندر به سڙي آ. چڱو توھان جي مھرباني... توھان کي اجازت آ... مان پاڻھي ٿو ھنن کان ٻيھر امتحان وٺان.
جماندار: رئيس چئين ته ڪيانِ لاڪپ.... ويٺا طبلا وڄائن.
آفيسر: چڱو وڏيرا اسين ھلون ٿا.
ملان: اسلام عليڪم ورحمته الله و برڪاته.

مولوي، آفيسر ۽ جماندار نڪري وڃن ٿا.
وڏيرو: اڙي ھيڏي اچو سوئر.. مون کي ھر پاسي کان خوار ڪيو اٿوَ، اڙي غفران جي ڌيءُ به توھان کي پسند نه ڪيو... لکن روپين جي ملڪيت وڃائي ڇڏيوَ... اڙي توھان جي سزا اھا آھي ته اوھان ڪڪڙ بڻجو... ٿيو ڪڪڙ ڪتا پٽ گڏھ جي اولاد جا.

سڪيلڌو ڪڪڙ سميت ٻاھران داخل ٿئي ٿو.
وڏيرو: اڙي سڪيلڌا خان.. او منھنجا ڪوڪڙي ٻچا... تون به ھيڏانھن اچ.
سڪيلڌو: مون ڪھڙي پئي ڳالهه ڪئي؟ ھا ياد آيو ته مون پئي ڳالهه ڪئي.....
وڏيرو: ڳالهيون ته ياد توکي مان ٿو ڏياريان.. ھنن نه پڙھي منھنجي ملڪيت وڃائي ۽ تون ھن جڏي ڪڪڙ جي آسري منھنجي ڀينگ ڪئي. اڙي تون به ھنن سان ٿيءُ ڪڪڙ.
سڪيلڌو: پرواھ ناھي بابا.... جڏھن اسان بغل ۾ ڪڪڙ کنيو وتون ٿا ته ڪڪڙ بڻجڻ ۾ ڪھڙو عيب؟

سڪيلڌو ڪڪڙ بڻجي ٿو.
وڏيرو: اڙي توھان به ڪڪڙ ٿيو ولايت پاس ڪري ايندڙ، منھنجا نافرمان فرزندؤ.
بادام: (ڪڪڙ ٿيندي) او نو پاپا آمريڪا مين ،آدمي ڪڪڙ نھين بنتا ھائي. نو ڪڪڙ ان آمريڪا، بٽ ڪڪڙ از ان دس اوطاق
ڌرمينڌر: (ڪڪڙ ٿيندي) بلڪل راج ڪپور فلمز جي پيشڪش فلم ڪل يوگ ڪي ڪڪڙ ۾ شمي ڪپور ساٿين سميت ڪڪڙ بڻيو ھو. پرواھ ناھي.
الحاج: ( ڪڪڙ ٿيندي) والله جيل ۾ پوليس به ائين ڪرتُن، ھتي بابو به ڪڪڙ ڪري ڇڏتن، جھڪتن الحاج عبدالماجد بن سلطان وليداد بن ڪرڙ خان بن اڪ خان، جھڪتن جھڪتنن!
منشي: سمجهيوَ نه سمجهيوَ.. جي نه سمجهيو اٿوَ ته مان ڪڪڙ بنجي سمجھايانوَ.

منشي ڪنن ۾ هٿ وجهي ڪڪڙ بڻجي ٿو
منشي: ڪڪڙ ڪيئن ٿبو آ، او سائين ڪڪڙ هيئن ٿبو آ

منشيءَ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيئي ٿو ۽ پردو ڪري ٿو.
پڄاڻي

4. اٽي تي چٽي


ڪردار
نمبر ڪردار صفحو نمبر
1 ڪي ڪي )خميسو خان(
2 بيگم آسيا
3 عرفان ڪي ڪي جو وڏو پٽ
4 سليم ڪي ڪي جو ٻيو نمبر پٽ
5 امجد ڪي ڪي جو ٽيون پٽ
6 روشن ڪي ڪي جو چوٿون پٽ
7 نورو (گهر جو نوڪر)
8 ڊاڪٽر تڙ تڪڙ
9 ڦندو لکنوي ( بيگم آسيا جو پيءُ)
10 ارشد ڪي ٽو( ڦندو جو ساٿي)
11 هِدو هوشيار پوري( هدايتڪار)
12 شاگرد ( هِدو هوشيار پوريءَ جو)
13 فريد فرمائشي ( راڳ جو شوقين)
14 انسپڪٽر
15 صائمه
16 به نقاب پوش
17 سپاهي

منظر: هڪ گهر جي مهمان خاني جو.
وقت: ڏينهن رات، ڏينهن رات

پردو کلي ٿو.
گهر جو نوڪر نور محمد عرف نورو ستو پيو آهي، پسِ پرده گهر ڌڻي خميسي خان عرف ڪي ڪي صاحب جي پٽ عرفان جو آواز ٿو اچي. جنهن کي اداڪاري ڪرڻ جو وڏو شوق آهي.
خميسي خان کي چار پٽ عرفان فلمي شوقين. امجد ڪرڪيٽ جو شوق رکندڙ، سليم نجومي، ( غير سنڌي عورت منجهان آهن) جڏهن ته روشن علي خميسي خان جو وڏو پٽ آهي، جيڪو ڳوٺ رهندڙ زال مان اٿس. خميسو خان ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿو. پر هو هينئر 18 گريڊ ۾ آفيسر آهي، آفيسري جي نشي ۾ هن غير سنڌي عورت سان شادي ڪئي هئي، جنهن خميسي خان جي شهر واري سموري ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي ورتي آهي.
صبح جو وقت آهي، اداڪاري جو شوق رکندڙ عرفان ڪي ڪي جو آواز اچي ٿو.
عرفان: (پس پردا آواز) وي نوريا! مين جس ويلي بندوق اپڻي هتھ وچ اڻهاوانگا، اس ويلي تون پڇ پاڪي ميدان وچون بهاڳ کڙي هوسين!!اس ويلي هان اس ويلي تيري دل دي ڌڙڪن ڌڪ..ڌڪ..ڌڪ ڪرڻ لڳسين.... اڻھ وي ڪمبخت نوريا!
نورو: (ننڊ مان اٿندي) اٿيو “اٽي تي چٽي” نمبر هڪ، هڪڙا سنڌي ڪڪڙ، ٻيا فارمي ڪڪڙ ۽ هي آهي عرفان ڪي ڪي فلمي ڪڪڙ، جنهن جي ٻانگ ئي ٻلي جهڙي!
عرفان: نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
عرفان (اداڪاري واري انداز ۾) نورا ڪي ڪي غلسخاني جي اسٽوڊيو واري سيٽ تي، تو يقينن پاڻي گرم ڪري رکيو هوندو، ته جيئن هي ڌرتي جو عظيم اداڪار عرفان ڪي ڪي آگ ڪا دريا مان وهنجي، هزار داستان جو هيرو بڻجي، ٻاهر جي دنيا ۾ آنڌي ۽ طوفان آڻي ڇڏي.
نورو: (نياز مندي ۽ ٽوڪ واري انداز ۾) عرفان ڪي ڪي! جتي هوندو نورو، اتي هوندو ڪم پورو، توهان بسم الله ڪري گهري پئو غسلخاني جي گود ۾، جتي اوهان جي انتظار ۾ هدايتڪار هِدو هوشيار پوري رات کان ويٺو آهي.
عرفان: نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
عرفان: اداڪارن جي حسن جو راز.
نورو: نرم ۽ ملائم جهڳ وارو، ٻلي مارڪه واشنگ سوپ.
عرفان: او ڪٻڙا عاشق! بدتميز جي سيٽ تي ڊائريڪشن ڏيڻ بند ڪر، ورنه تنهنجي نئين ٺهندڙ فلم “جابلو ٻڪر جهاز ۾”، جي مقابلي ۾ مان نئين فلم “ڪراڙو ڪونڊي ۾”ٺاهڻ جو اعلان ڪندس، نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
عرفان: شارٽ اوڪي...... سائونڊ اسٽارٽ.... ڪئميرا.

گانو:: مين بهي بنون گا ايڪٽر نام والا۔۔۔۔ فلم گرفتار
گاني جي ختم ٿيڻ کانپوءِ عرفان گهر اندر ئي آئوٽ ٿي وڃي ٿو.

نورو: (پنهنجي منهن) ڀلاڙي ڀاڙي پئسه .... جي نه مون کي ڪٿي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾، اڪيلو هٿ اچي وڃين! ته اهڙي تعدي ڪيانءِ جو ڪنجوس به قيامت تائين ڪياڙيون کنندا وتن.

خميسو خان، ڪي ڪي جي گهران انٽري.

ڪي ڪي: نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
ڪي ڪي: اڙي منهنجا ڪپڙا استري ڇو نه ڪيا ٿئي!
نورو: صاحب! استري جي خود استري ٿيل نه هئي، هونئن به جيڪڏهن نورو استري کڻي اوهان جا ڪپڙا استري ڪري ها، ته پڪ سان اها استري اوهان کي نه وڻي هان، ڇو ته استري هميشه استري سان ئي ڪرڻ گهرجي.
ڪي ڪي: استري.... استري..... استري.... اڙي صبح سان مٿو ئي وڃائي ڇڏيئي، ٻڌاءِ آفيس بنا استري جي ڪپڙا پائي ويندس، باندر نه لڳندس.
نورو: سائين باندر.....!؟ مولا ٿو ڄاڻي باندر اوهان کان مقابلو ٿورئي کٽي ويندو.
ڪي ڪي: (ڪاوڙ وچان) نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
ڪي ڪي: ( قميص ڏيکاريندي، جنهن کي هڪ ٻانهن ڪونهي) اڙي نڀاڳا هيءَ قميص پائي مان آفيس ويندس، هن جي ٻانهن ڪيڏانهن وئي!
نورو: صاحب ڪلھ هن قميص واري ٻانهن...........................
ڪي ڪي: اڙي چپ ڇو ٿي وئين! وات ۾ ويٽ پيپر رکيو اٿئي ڇا!
نورو: (شرمائيندي) صاحب نوري کي شرم ٿو اچي.
ڪي ڪي: ڇو! مون سان نڪاح ٿو پوئي ڇا!؟ جو منهن ٿو لڪائين!
نورو: صاحب ٽيون نڪاح ڪرڻ جو ارادو اٿوَ ڇا!
ڪي ڪي: اڙي وهي کائي وياسين ته ڇا ٿي پيو دل ته جوان آهي. ٽين شادي ڪئي ته ڇا آسمان جي قميص جو کيسو ڦاٽي پوندو!
نورو: صاحب هڪڙي ڳالهه نورو نيازمندي ۽ نوڙت سان چئي!؟
ڪي ڪي: شرم نه ڪر نورا.... لڄ ڪندين ته لانئون لهي نه سگهندين. سٺو ٿي ته ٻي شادي ڪر.
نورو: صاحب ڪلھ بيگم صاحب ائين مينهن واچ ڪندي آئي.............
ڪي ڪي: (جملو ڪٽيندي) اڙي يار اصل بولان ميل پئي لڳي.
نورو: سائين بولان ميل ڪي ڪهڙي دال ڳرندي!؟ بيگم صاحبه جي ڊوڙ سان! ائين چئه ته بولان ميل ايف 16 جهاز ۾ چڙهي آئي هئي..... ڀلو ٿئي کٽ جو... جي اوهان کٽ هيٺان نه لڪو ها ته ...... ڄاڻي ٿو مولا....... توهان جو حشر اهو ٿئي جو وڃي ٿين 36 خير.
ڪي ڪي: اڙي ٺهيو ٺهيو..... واري جي دڙي تي بيهي ڀولڙن وانگر ٺينگ ٽپا نه ڏي جي ڪرئين ته مڻڪو ٺڪاءُ ڏئي ڀڄي پوندءِ. ڄڻ کٽ جو پائو ڀڄي پيو.
نورو: سائين خاص اهڙي موقعي مهل والد مرحوم باباءِ ٿوم حضرت ڦودني خان فرمايو ته “ٻڌو منهنجي ملڪ جون مايون، اوهان جڏهن به پنهنجي مڙسن تي ڪاوڙيل هجو ۽ سڄي گهر جون ڪنڊون پاسا ڳولڻ کانپوءِ به توهان کي، توهان جو مڙس نه ملي ته پوءِ ٿورڙي تڪليف ڪري، هيٺ جُهڪي گهر جي کٽن هيٺان نهاريو ته توهان کي توهان جو فرمانبردار مڙس ڪن ڍرا، ٻوٿ بڇڙو ڪيون ڪنهن نه ڪنهن کٽ هيٺان لڪيل ملي ويندو.
ڪي ڪي: اڙي رڳو پڻهين فرمائيندو وتندو هو ڇا! پڻهين کي ڪو ڪم ڪار به هيو يا نه!؟ اڙي گڏھ جا گوڏا گهڻا دفعا سمجهايو اٿمانءِ.
نورو: مولا ٿو ڄاڻي ته هڪ دفعو به نه سمجهايو اٿوَ ته کٽ هيٺان ڪيئن لڪبو آهي.
ڪي ڪي: اڙي پنهنجي اوقات ۾ رھُ.
نورو: اوطاق جي ڇت ڪري پئي آهي، تڏهن ته هتي سمھان ٿو.
ڪي ڪي: نورا.
نورو: هڙئي ڪم پورا.
ڪي ڪي: هن قميص جي ٻانهن ڪيڏانهن وئي، توکي خبر ناهي ته بيگم صاحب جي لنڊن واري مائٽ خاص آرڊر ڏئي هي قميص ٺهرائي آهي ۽ خاص لنڊن جي ايئر لائين جي اڪيلي جهاز وسيلي موڪلي ڏني هئي!.
نورو: مولا ٿو ڄاڻي صاحب! اهو لنڊن ۾ ويٺل بيگم صاحبه جو مائٽ، اُتي ويهي ٿو هتي قميصون ڦاڙائي، جي انهيءَ قميص ۾ ويڙهجي هتي اچي ! ته هي نورو سڪن پادرن جو هار پارائي، لنڊن ۾ ويٺل مائٽ کي ڀونڊن سان بڇڙو ڪري هان....... رهيو سوال قميص جي لنڊن جو، اها لنڊا مان آئي آهي لنڊن مان نه.
ڪي ڪي: اڙي بس ڪر بيگم نه ٻڌي وٺئي..... ڇڏ ٻيون ڳالهيون، ٻڌاءِ قميص جي ٻانهن ڪاڏي وئي.
نورو: سرڪار ڪلھ جنهن مهل بيگم صاحبه جو پارو چڙهيل هو... اوهان کٽ هيٺان ميٽائو ٻلي وانگي لڪيل هيا ۽ جڏهن بيگم هلي وئي، زلزلو جهڪو ٿيو، اوهان جي اکين تان خوف ۽ ڊپ جا پردا آهستي آهستي هٽڻ لڳا... اوهان آفيس وڃڻ لاءِ پورب جي مينهن وانگي تڪڙي وسڪاري جي موڊ ۾ هئا. توهان کي ايڏي تڪڙ هئي يا بيگم جي موٽڻ جو خوف اوهان جي تارون تي تاري هو، رومال بدران جورابا کيسي ۾ وجهي آفيس هليا ويا هئا.
ڪي ڪي: اڙي نورا زال جي دٻ اڳيان چڱو ڀلو آفيسر به پٽيوالي جي برابر آهي، اڃا پٽيوالي جي به ڪجهه عزت هوندي آهي. بابا دٻ..... دٻ ماڻهو کي بتال ڪري رکي ٿي. ڪڏهن دٻ نه آئي اٿئي،
نورو: صاحب مون واري بيگم آهي منهنجي ساٿياڻي، هوءَ ويچاري دٻ ڪهڙي ڏيندي، دٻون ته بنگلن ۾ ويٺل بيگمون ڏيڻ پسند ڪنديون آهن.
ڪي ڪي: هائو نورا خوش قسمت آهين، جو بيگم جون اکيون سو به ڦاٽاريل نه ڏٺيون اٿئي. بابا بيگم جون اکيون ٿيون اڳيان اچن ته لڱن مان ساھ ڇڏائجي وڃي ٿو، ڄڻ اڌ رنگ ٿي پيو هجي.
نورو: سائين ڪريو عشق! ڌارين سان نينهن جو ناتو لايو اٿوَ، اڃا ڪاٿي ڳالهه آهي، جي بيگم هن گهر کي ايڪ دو تين نه ڪيو ته منھنجو نالو نوري مان مٽائي بدڪ جو چورو رکجو.
ڪي ڪي: يار ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو آ.
نورو: صاحب! نه ڦٿڪندين ته هڪ ڏينهن اها بيگم ڪنڌ تي ڪاتي رکي رڍ وانگي ڪهي هلي ويندءِ مولا ٿو ڄاڻي ٻڪري وانگيان ٻيڪ به نه ڪري سگهندي.
ڪي ڪي: بس نورا ڇورن جا افعال به بڇڙا آهن، هڪ سڄو ڏينهن اداڪار، ٻيو ڪرڪيٽر، ٽيون ايڪهين صديءَ جو نجومي پٽ ۽ چوٿون ..... چوٿون وري نه ڪهڻ جو نه ڏُهڻ جو.
نورو: سائين! اوهان جو چوٿون پٽ ئي ته ڪم جو آهي، ٻيا اٿئي ““اٽي تي چٽي”” ۽ روشن اٿئي مُنڊيءَ تي ٽِڪَ، اها ٻي ڳالهه آهي جو بيگم صاحبه جي اصل نٿي لڳيس. روشن علي جڏهن به بيگم صاحبه جي سامهون ٿو اچي تڏهن بيگم صاحبه جي منهن جا ڪانٽا ابتا هلڻ لڳا ٿا.
ڪي ڪي: اڙي نورا روشو بنھ ڪم جو ناهي.... تون ان جي پاس خاطري نه ڪر ورنه نوڪري کان جواب ڏئي ڇڏيندوسانءِ.
نورو: ڪر بسم الله.... مولا ٿو ڄاڻي مان پاڻ هن جانڊه جهڙي گهر مان بيزار آهيان، سڄو ڏينهن گڏھ وانگي وهان تڏهن به مڃوتي ناهي، ڪڍ صاحب 15 سالن جو حساب ته نورو نچندو هليو وڃي.
ڪي ڪي: مون ته مذاق پئي ڪئي، اڙي چريا توکي ڪير هن گهر مان ڪڍندو، تون ته منهنجي ڪوٽ جو اندريون کيسو آهين.
نورو: جنهن کيسي ۾ بيگم صاحبه کان، نسوار جي ٿيلهي لڪائي رکندا آهيو، اهو کيسو!
ڪي ڪي: واھ جي ڳوٽ ڀڳي اٿئي.
نورو: مان اهو کيسو هرگز نه ٿيندس. ڇو ته ڪا مهل ڪنهن جهڙي، جي بيگم صاحبه کي اچي وئي ڪاوڙ ۽ اهو کيسو وڌائين ڦاڙي ته نورو ته ٿي ويندو پورو. مان ڪوٽ جو استر چڱو آهيان.
ڪي ڪي: بيگم..... بيگم.... بيگم.... اڙي مان هن کان ڊڄندو آهيان ڇا! ميان شڪر ڪري بيگم! جو مون کي ڪڏهن غصو نه آيو آهي، جنهن ڏينهن مون کي غصو آيو، خبر اٿئي ان ڏينهن ڪهڙي قيامت برپا ٿيندي!
نورو: ها سائين خبر آهي، ڇو ته اهڙا غصا توهان کي سال ۾ ٻه دفعا ضرورايندا رهندا آهن.
ڪي ڪي: ٻڌاءِ ...... جلدي ٻڌاءِ ان ڏينهن ڇا ٿيندو آهي!
نورو: سج گرهڻ ٿيندي آهي.
ڪي ڪي: ٻيو ڇا ٿيندو آهي!
نورو: پاڏا پاجاما پائي ٽي وي تي رڪارڊنگ ڪرائڻ ويندا آهن.
ڪي ڪي: ٻيو ڇا ٿيندو آهي!
نورو: گڏھ هينگڻ بدران ڳٽرگون ڳٽرگون ڪندا آهن.
ڪي ڪي: اڃا ڇا ٿيندو آهي!؟ نورا
نورو: نانوائي ماني پچائڻ ڇڏي هڙتال تي هليا ويندا آهن.
ڪي ڪي: اڃا ڪهڙو زلزلو ايندو آهي!
نورو: حجم حيران ۽ پريشان ٿي ڏنڊن سان ڏاڙهيون لاهيندا آهن.
ڪي ڪي: اڃا بچي ٿي... نورا اڃا بچي ٿي.
نورو: ڇو ٿا پنهنجي ڦشري ڪرايو صاحب! خبر آهي ته ان ڏينهن گهران وهاڻو کڻي وڃي آفيس ۾ پناھ وٺندا آهيو ۽ هفتو کن گهر ڏانهن منهن ئي ناهيو ڪندا !!!.
ڪي ڪي: ڇا اهو گهٽ زلزلو آهي نورا!؟
نورو: نه سائين! صرف زلزلو، زلزلي سان گڏ.........( نورو بيگم کي ايندو ڏسي) صاحب زلزلو اچي ويو......... شايد موسمياتي کاتي وارن کي ننڊ وٺي وئي آهي، جو هنن اوهان کي اطلاع نه ڪيو.
ڪي ڪي: ڪٿي آهي زلزلو!

بيگم آسيه گهر اندران داخل ٿئي ٿي.

نورو: هي آيو زلزلو.
بيگم: خميسا خان.
ڪي ڪي: بيگم آسيا ڇو ٿي 19 گريڊ جي آفيسر جي عزت اٽي ۾ ملائين، ڪي ڪي سڏيندينءَ ته ڪهڙا مُڱَ تنهنجي وات ۾ ڦُٽندا، ڪهڙي تنهنجي زبان سڙندي!؟؟
بيگم: (ڪاوڙ وچان) منهنجي...... منهنجي زبان ڇو سڙندي خميسا خان، تون آفيسر آهين پنهنجي آفيس ۾، هتي تون منھنجو مڙس آهين مڙس.
ڪي ڪي: هائوآهيان ته تنهنجو مڙس پر....................
نورو: (جملو ڪٽيندي) نوري کان به عزت گهٽ اٿس.
بيگم: تون بس ڪر بي ايمان نورا.... ته ها خميسا خان منهنجي ڪهڙي گلا پئي ڪيئي!
ڪي ڪي: گلا! مان ڪاٿي.... گلا؟ مان ڪاٿي.... ڪڙڪ نوٽ جو قسم مان ڪاٿي... مان ڪاٿي.
(ڪي ڪي بيهوش ٿي وڃي ٿو)
نورو: بيگم صاحبه! وارو ڪر ڊاڪٽر تڙ تڪڙ کي فون ڪريو، لڳي ٿو ته صاحب کي ٽوٿ برش يعني ڏندڻ پئجي ويا آهن.
بيگم: مان هن کي چڱي طرح سڃاڻان.... مَڪرُ ٿو ڪري.
نورو: (صاحب جي وات کي ڏسندي) بيگم صاحبه ڪوڙ نٿو هڻان، صاحب واقعي بيهوش ٿي ويو آهي، ڏس ٽوٿ پيسٽ به وات مان وهي نڪتي اٿس.(وات مان گڦ وهندي)
بيگم: ڇڏيانس ڪٿي. رڳو اٿي ته خبر ٿي وٺانس.
نورو: ائين نه چئو بيگم صاحبه ائين نه چئو! نه ته صاحب سموري حياتي ائين ئي سُتل رهندو! وارو ڪريو ڊاڪٽر تڙ تڪڙ کي گهرائي وٺو....... نه ته صاحب جي دل ڌونس مان دونهان ڪڍڻ لڳندي!!!
بيگم آسيه ڊاڪٽر کي ڪال ڪري ٿي.
بيگم: هيلو ڊاڪٽر تڙ تڪڙ! اوهان جلدي گهر پهچي وڃو.... ڪي ڪي جي گهر...... ڪي ڪي کي ڪجهه ٿي ويو آهي!

(بيگم آسيه ڪال ڪٽي مڙس جي چوڌاري ڦري رهي آهي)

نورو: بلڪل اهڙي موقعيءَ تي باباءِ بادوان! حضرت ڦودني خان، اونڌي کٽ تان ڪِرندي، ٿيڙ کائيندي ۽ بيهوش ٿيڻ کان چند منٽ اڳ فرمايو هو ته “ جيڪو مڙس صرف نالي ۾ مڙس آهي، سو قيامت جي ڏينهن ڪارڙن تترن جي قطار جو اڳواڻ هوندو ۽ اهڙا مڙس قبرن مان ڪُراڙا ڪري اٿاريا ويندا!!! ڳالهه ختم پيسا هضم”
(ڊاڪٽر تڙ تڪڙ داخل ٿئي ٿو ۽ تڙ تڪڙ ۾ نوري جي ٻانهن پڪڙي پڇيس ٿو)
ڊاڪٽر تڙ تڪڙ: ( نوري جي ٻانهن پڪڙيندي) ڇا ٿيو اٿئي تڙ تڪڙ ۾؟
نورو:( ڪي ڪي ڏانهن اشارو ڪندي) ڊاڪٽر صاحب هو ڏانهن ڏس تڙ تڪڙ ۾!! مون وارو صاحب ائين ڪريو پيو آهي، ڄڻ ريل چڙهي وئي اٿس.

(ڊاڪٽر تڙ تڪڙ ، تڪڙ ۾ ڪي ڪي جو معائنو ڪري ٿو ۽ بيگم کي چئي ٿو.)

ڊاڪٽر تڙتڪڙ: هارٽ اٽيڪ جو حملو ٿيو اٿس...تڙ تڪڙ ۾!!!
نورو ( وچ ۾ ڳالهائيندي) ڀُليل آهيو تڙ تڪڙ ۾ ! هارٽ اٽيڪ جو حملو نه پر “ زال اٽيڪ ” جو حملو ٿيو اٿس!
بيگم: نورا! چپ ڪري نٿو بيھين؟.
ڊاڪٽر: بيگم! ڪي ڪي صاحب کي تڙ تڪڙ ۾ انجيڪشن ھڻان ٿو، اٿي پوندو تڙ تڪڙ ۾ .
بيگم: ھا ڊاڪٽر تڙ تڪڙ جلدي اٿارينس ته خبرون وٺانس.
ڊاڪٽر: ٻاھر ويل ھيو ڇا تڙ تڪڙ ۾ جو خبرون .............
بيگم: ( جملو ڪٽيندي) نه هتي ئي هو! پر توھان جي انجيڪشن.
ڊاڪٽر: ھا تڙ تڪڙ ۾ وسري وئي ھڻانس ٿو.
نورو: تڙ تڪڙ صاحب خيال ڪجو متان تڙ تڪڙ ۾ ويم واري سئي نه ھڻي وجھوس، پوءِ ته ظلم ٿي ويندو.
ڊاڪٽر: تون ماٺ رھ! تڙ تڪڙ ۾!

(ڊاڪٽر انجيڪشن ڪي ڪي صاحب کي ھڻي ٿو. ڪي ڪي ھوش ۾ اچي ٿو: بيگم آسيه کي ڏسي وري بيھوش ٿي وڃي ٿو.)

ڊاڪٽر (نبض ڏسندي) وڃ... آھي ته ٺيڪ ٺاڪ... پر وري ڪري پيو تڙ تڪڙ ۾ ...
بيگم: ڊاڪٽر توھان ھٿ ڪڍوس، ھن جي بيماري، ھاڻي مون سڃاتي آھي. توھان جي في گهڻي ٿي؟
ڊاڪٽر: ٻه هزار روپيہ تڙ تڪڙ ۾.
بيگم: ٺيڪ آ لکي ڇڏيو.
ڊاڪٽر: اوڪي! تڙ تڪڙ ۾.

(ڊاڪٽر تڙ تڪڙ وڃي ٿو.)
بيگم: (ڪي ڪي مٿان بيھندي) ڪي ڪي اٿين ٿو يا نه؟... اڙي نورا ڳاڙھن مرچن وارو دٻو ته کڻي اچ!! ته خبر وٺانس.
نورو: بيگم صاحبه ائين نه ڪجو.... صاحب صفا ساڻو ٿي پوندو.
بيگم: ڪي ڪي اٿين ٿو ته ٺيڪ آ نه ته..... ناسن ۾ ڳاڙھا مرچ وجھي، وات ٻڌي ڇڏيندي سانءِ.
(ڪي ڪي ڇرڪ ڀري اٿي ٿو).
ڪي ڪي: ڇا ٿيو ھيو مون کي؟
نورو: توھان تي زال اٽيڪ جو حملو ٿيو هو! .
ڪي ڪي: اھا نئين بيماري آھي ڇا؟
نورو: تمام پراڻي آھي ۽ اڪثر وڏن بنگلن ۾ رهندڙ وڏن ماڻهن کي وڏي شوق مان ٿيندي آھي.
بيگم: خميسا خان توکان پڇان ٿي ته منھنجي گلا ڇو پئي ڪيئي؟
ڪي ڪي(ڪن تي ھٿ رکندي) بيگم گلا؟.... سو به تنھنجي.... منھنجي ڪھڙي مجال آ جو تنھنجي گلا ڪريان، تون ته منھنجي من جي راڻي آھين..... منھنجي دل جي ديوي آھين...... منھنجي جگر جي.............
بيگم: (جملو ڪٽيندي) ٺھيو ٺھيو... ڇاپلوسي نه ڪر.... ٻڌ اڄ منھنجو والد صاحب اچي رھيو آھي... مان سھيلين ڏانھن وڃان ٿي.... جيڪڏھن منھنجي والد کي ڪا به ۽ ڪنھن به قسم جي تڪليف پھتي ته پنھنجو خير نه سمجھجان پوءِ......
نورو: (جملي ڪٽيندي) ۽ پوءِ! صاحب واڏڻ ۾ ٻڌل ھوندو.
ڪي ڪي: بيگم ھڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ..... پر ڪاوڙ نه ڪجان.
بيگم: جلدي پڇ..... مان تڪڙي آھيان.
ڪي ڪي: توھان ۾ اھو رواج ڪڏھن کان آيو آھي؟
بيگم: ڪھڙو رواج؟
ڪي ڪي: اھو! جو اوھانجي ڪنوار سان گڏ پوڙھا به ڏاج ۾ ملندا آھن، جيئن مون کي تو وارو پيءُ ڏاج ۾ مليو آھي.
بيگم: (ڪاوڙ وچان)تون ائين نه مڙندين خميسا. منھنجي پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪرين.
ڪي ڪي: بيگم ھروڀرو ڪاوڙ ٿي ڪرين.... ڪاوڙ به ڪنن تي چڙھيل اٿئي.
بيگم: خميسا خبردار ٿي.
(بيگم خميسي کي ڊوڙائي ٿي ۽ جھيڙو ڪري ٿي. ڪرڪيٽر امجد گھران اچي ٿو.)
امجد: (ڪمينٽري ڪندي) بابي خميسي خان عرف ڪي ڪي جي پوزيشن انتھائي ڪمزور ٿي چڪي آھي.... امان آسيه فاسٽ بالنگ جو مظاھرو ڪري رھي آھي..... تماشائي نورو وڏو لطف حاصل ڪري رھيو آھي... شادي کان وٺي ھن اڄوڪي ميچ تائين امان 14 ھزار ڊڪ ڊوڙ رنسون. 6 سئو ويلڻ ڇڪا ۽ ھڪ سئو ٻاھتر چماٽن جا چونڪا هڻي، ابي خميسي خان کي هارائي چڪي آهي! ۽ ھينئر فاسٽ بالر بيگم آسيه آخري اوور جو آخري بال ڦٽي ڪيو ۽ ڪي ڪي بنا وھنجڻ ۽ ڪپڙن پائڻ جي ايل بي ڊبليو ٿي آفيس ھليو ويو.
(ڪي ڪي ٻاھر آئوٽ ٿي ويندو.)
بيگم: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
بيگم: ٻڌ اڄ منجھند جي ڀاڄي ۾ مرغي ھجي. ٻاڪري گوشت جا ڪوفتا، مڇيءَ ۾ برياني، تيل ۾ تريل ڪريلا ۽ مٺي ۾ لاجواب کيرڻي تيار ھجي، ڇو ته اڄ منھنجو ابو جان اچي رھيو آھي.
نورو: جي بيگم صاحبه.... ۽ صاحب لاءِ ڪھڙي ڊش تيار ڪجي.
بيگم: ڀينڊين ۾ پلاءُ، بنا مرچن جي.
نورو: شايد صاحب جو وات پنڪچر ٿي پيو آھي.
بيگم: امجد پٽ تنھنجو ڪھڙو پروگرام آھي؟
امجد: ممي اڄ بتال اسٽيڊيم ۾ وائڙا ڪرڪيٽ ڪلب ۽ چٻا اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن، اوڏانھن ويندس.
نورو: بلڪل اھڙي مناسب موقعي جي مھل تي باباءِ ڀينگ حضرت ڦودني خان ڀڳل کاري تي ويھي فرمايو ھو ته “جڏھن “اٽي تي چٽي” ۽ بي سُرا پٽ وائڙن جي محفل جا مور بنجي ايندا، تڏھن چٻا چيگم کائيندي چالون وڙھندا. ياد رکو! جو شخص چيگم کائي چانھ پئندو، سو آسمان تان ھيٺ اڇليو ويندو”
بيگم: نورا مان سلما ڏانھن وڃان ٿي... تو وارو صاحب آفيس مان موٽي اچي ته.......
نورو: (جملو ڪٽيندي) گھر جي ٻھاري ڏياريانس.
بيگم: آھي ته انهي لائق..... پر وري به رحم ٿو اچي!!
(آسيه بيگم ٻاھر نڪري وڃي ٿي.)
امجد: نورا
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
امجد: خبر اٿئي چريا؟ جڏھن مان ھار سينگار ڪري، فل سوٽ پائي ۽ ھٿ ۾ بيٽ کڻي بيھندو آھيان، ان وقت ڪھڙي ڪرڪيٽر جھڙو لڳندو آھيان؟
نورو: مُنڍي ڪپيل ديو جھڙو.
امجد: (ڪاوڙ مان) تون عظيم ڪرڪيٽر جي نالي جي توھين ڪري رھيو آھي، ان جو نالو منڍي ڪپيل ديو نه پر ڪپيل ديو آھي.
(عرفان گھر اندران اچي ٿو).
عرفان: تو پاڻي گرم نه ڪري عظيم اداڪار کي ڪشمڪش ۾ وجھي ڇڏيو نيٺ مجبور بڻجي ھي اداڪار سخت ٿڌي پاڻي سان وھنجي آيو آھي ائين سمجھ ته ھماليہ جي گود ۾ ويھي صابڻ ھنيو اٿم.
امجد: عرفان يقينن توھان غسلخاني جي گرائونڊ مان ٿڌي فيلڊنگ سبب آئوٽ ٿي چڪا آھيو، ھينئر امجد فيلڊ ۾ لھي رھيو آھي ۽ امجد ڪيچ آئوٽ ٿيڻ کان پاڻ بچائي مين آف دي ميچ ٿي ويندو.
(امجد گھر اندر آئوٽ.)
نورو: اھڙي خاص موقعي تي باباءِ بک حضرت ڦودني خان بيٽ تي ويھي، اسٽم ھواءِ ۾ اڇلائي ۽ بال کي بغل ۾ ڪري فرمايو ھو ته ”جيڪو ڪرڪيٽر سخت سياري ۾ ٿڌي پاڻي ۽ گرمي جي مند ۾ گرم پاڻي سان وھجندو اھو ڪڏھن به ھار نه کائيندو. اي ھن ملڪ جا عظيم رانديگرؤ! ان فرمان تي عمل ڪندو ته اوھان ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهندؤ.”
عرفان: نورا پوءِ ته ھر رانديگر جو تارون ٺا ڪري ڦاٽي پوندو ۽ ملڪ جو ھر “شمع پروانو”“ ٽوپڪ زمان قانون” بنجي تنھنجي سئنيما جي ھال ۾ زخمي شير جي صورت ۾ داخل ٿي سئنيما جي “چانڊوڪي” کي “اندھيرا اجالا” ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
نورو: عرفان صاحب جنھن مھل اوھان ڄاوا ھئا ان وقت سئنيما ۾ ڪھڙي فلم لڳل ھئي؟
عرفان: “انسان اور گدھا”..... خير آءُ ھينئر ميڪ اپ روم ۾ وڃان ٿو، تون ڪئميرا اوڪي رک، پاڻ جلد “ڪوپ پليٽ تي” فلم جي شوٽنگ ڪرڻ وارا آھيون. اوڪي.
(عرفان گھر ڏانھن آئوٽ.)
نورو: ان موقعي تي بابي سائين ڇا فرمايو ھو...... اون..... ڪجهه به نه..... پرواھ ناھي پنھنجو قول ٺاھي ٿو وٺان ۽ پوءِ بابي سائين جو فرمان ڪري ٿو عرفان صاحب کي دون ۾ ھڻان، ڇا ياد ڪندو.
(ڪي ڪي صاحب ٻاھران اچي ٿو).
ڪي ڪي: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.... پر صاحب ايڏو جلدي ڇو موٽي آيا. آفيس نه ويوَ ڇا؟
ڪي ڪي: اڙي ھن حال ۾ آفيس وڃان ھا!؟ بس وڻ تي چڙھي وڃي ويٺس ھاڻي جلد ڪري قميص ڏي ته پائي آفيس وڃان، بيگم نه اچي وڃي.

(نورو قميص جي بدران ڪوٽ کڻي ڏيس ٿو.
ڪي ڪي تڪڙ ۾ ڪوٽ پائي ٿو.)
ڪي ڪي: ڪوٽ کڻي ڏي نورا.
(نورو ھڪ ٻانھن واري قميص کڻي ڏيس ٿو ڪي ڪي ڪوٽ مٿان پائي ٿو.)
ڪي ڪي: جورابا جلدي ڏي.
(نورو تڪڙ ۾ مختلف رنگن وارا جورابا ڏئيس ٿو. ھو پائي ٿو).
ڪي ڪي: اڙي بوٽ ڪٿي آھي نورا.
نورو: سائين بوٽ ڪوٽ جي کيسي ۾ رکيل اٿوَ آفيس ويندي پائجو، ڀڄو نه ته اها پوڙھي ڏائڻ.. ڄاڻ رڪشي ۾ چڙھي اچي ھِتِ پھتي. ته وري ابتا ساھ پيو کڻندين!
ڪي ڪي: ھا يار ھا.
(بيگم آسيه اچي ٿي ٻاھران.)
بيگم: ڪي ڪي! تون ابوجان کي وٺڻ اڃان ناھين ويو. ھو اسٽيشن تي انتظار ڪندو ھوندو. اٿ وڃ.
ڪي ڪي: بيگم ڪپڙا ته پائي وٺان، پڻھين ننڍو ٻار ٿورئي آ جو گم ٿي ويندو.
نورو: ائين نه چئہ سائين ائين نه چئہ..... اھڙن پوڙھن تي اعتبار اصل نه ڪر جي تو وارو سھرو خداناخواسته اسٽيشن تي ڪنھن چانھ واري اسٽال جي ڪوپ ۾ گھڙي ويھي رھيو ته پوءِ ڪٿان ڳولينداسونس.
بيگم: توکي چڱي طرح خبر آھي خميسا ته ابو اڳ به ٻہ دفعا گم ٿي چڪو آھي.
نورو: ھا سائين خبر اٿوَ ڪٿان ڳولي لڌوھئوسونس.
ڪي ڪي: چڙيا گھر اندر ڀولن جي پڃري ۾ ويٺو ھو نه!؟
بيگم: ڇا؟ ڇا منھنجو پيءُ باندر آھي؟
(ڪي ڪي سان جھيڙو، ڪي ڪي ڀڄي ٿو،عرفان اندران اچي ٿو ٻنھي کي ڏسي ٿو.)
عرفان: خدارا بند ڪريو اھيو ٽڪراءُ، بند ڪريو ٽڪراءُ.
گانو: مزاحيہ ٽڪرا
(گانو ھلندي ڪي ڪي آئوٽ ٿي وڃي ٿو. روشن اچي ٿو. گانو ختم ٿئي ٿو.)
روشن: عرفان توکي شرم اچي، بابي جي بيعزتي پئي ٿئي ۽ تون.... تون پنھنجي فن جي آڙ ۾ پيءُ کي مذاق جومُهرو ٿو سمجهين!
بيگم: روشو! ھن گھر ۾ ڳالههائڻ جو توکي ڪنھن به قسم جو حق ناھي.
روشن: ھي منھنجو پيءُ آھي.
بيگم: ليڪن مان تنھنجي ماءُ ناھيان سمجھئي.
روشن: امان تون برابر منھنجي سڳي ماءُ ناھين، پر توکي سڳي ماءُ وانگر سمجھان ٿو... تون پنهنجي مڙس جي بيعزتي نٿي ڪرين پر پنھنجي عزت وڃائي رھي آھين.
بيگم: شرم ڪر ٻھراڙي جا ڄٽ ڇورا. منھنجي منھن نه چڙھندو ڪر، تنھنجي عزت ھن گھر ۾ ڪتي برابر آھي.
روشن: امان پنھنجي زبان مان ايڏا زھريلا جملا نه ڪڍ، بابي جو ڏوھ ڪھڙو آھي؟ جو تون ھر وقت ھر گھڙي ھن جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي رھي آھين. عورت ته ھن ڌرتيءَ تي پيار ۽ امن کڻي آئي آھي، ھن ڌرتي تي مڙس عورت جو مجازي خدا آھي.
بيگم: مجازي خدا!!!؟ اھيو سبق وڃي پنھنجي سڳي ماءُ کي سمجھائي اچ... مون کي نه سمجھاءِ.
روشن: امان ايڏي نفرت پنھنجي من ۾ نه رک، نفرتن ھن دنيا کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، نفرتن سوين زندگيون موت جي منھن ۾ اڇلائي ڇڏيون آھن.
بيگم: چڱو ٽر منھنجي اکين اڳيان، صبح جو موڊ خراب نه ڪر، تون ڳالهائين ڪھڙي طاقت تي ٿو؟ ياد رک ھي ڪراچي آهي ۽ هي منھنجو گھر آھي، تون ھن گھر مان نڪرين سگھين ٿو.
روشن: ھي ڪراچي به اسان جي آهي ۽ هي گھر به هميشه کان منھنجو آھي ۽ منھنجو ئي رھندو، تنھنجي مالڪي ڪوڙي آھي. بابي کي مٺڙا ٻول ٻڌائي تون ھي گھر اسان کان کسي نٿي سگھين.
بيگم: تون مون کي ٿو ورنديون ڏين ڪميڻا!!؟؟
(بيگم پادر لاھي روشن کي ھڻي ٿي، ھو چپ ڪيون بيٺو آھي.)
عرفان: امان توکي اھيو نه جڳائي.... ھا مڃان ٿو ته ماءُ جو حق آھي ته ھو غلط عمل تي ماري، پر ادو روشن توکي سچ ٿو چئي.... امان تون ھن گھر ۾ ستر سالن کان رھين ٿي پر پوءِ به پاڻ کي ڌاري ٿي سمجهين؟
بيگم: تون ماٺ ڪر بدتميز.
عرفان: امان نانو ڦندو ۽ ان جا دوست ھن گھر کي تباھ ڪرڻ پويان آھن، تون انھن جي اشاري تي پنھنجي ئي گھر جو امن ۽ سڪون ساڙي رھي آھين.
بيگم: عرفان..... ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلڻ سک، جيڪڏھن روشن ائين چوي ھان ته نڙيءَ تي ننھن ڏئي ساھ پي وڃانس ھان.
(بيگم ڪاوڙ مان ٻاھر نڪري وڃي ٿي.)
عرفان: روشن خدا ڄاڻي ٿو ته مان توکي پنھنجو سڳو ڀاءُ سمجھندو آھيان، امان تنھنجي نه پر منھنجي بيعزتي ڪئي آھي.
روشن: عرفان سڳا ڀائر ته آھيون، اڙي چريا ٻنھي جو تخم ته ھڪ آھي، زمين الڳ ٿي ته ڇا ٿي پيو؟ گلاب جا گل ڀلي الڳ الڳ زمينن ۾ پوکيا وڃن پر اھي گلاب ئي پيدا ڪندي.
عرفان: روشن مون هميشه اھيو سوچيو ھو ته پنھنجي دردن کي کل ڀوڳ ۾ لڪائي ڇڏجي، پر نه! درد مذاق ۾ لڪي نٿا سگھن.
روشن: عرفان تون ته فنڪار آهين، فنڪارن جون دليون ته محبتن جا مندر ھونديون آھن، جتي حسن جون ديويون سرنوائي پوڄا ڪنديون آھن ۽ فنڪار ته سرحدن جا به قائل نه ھوندا آھن.
عرفان: واقعي روشن! اڄ هن فنڪار سمجهي ورتو ته اصل فنڪار ٿيندو ڪير آھي.
عرفان گھر آئوٽ.
نورو: روشن پٽ ھن ڪراچيءَ واري گھر کي برباد ٿيڻ کان تون ئي بچائي سگھين ٿو، ٻيا سڀ تنھنجا ڀائر “اٽي تي چٽي” آھن، بيگم آسيه جا مائٽ ھن گھر ۾ ڏار وجھڻ گھرن ٿا، تون ئي ھا روشن تون ئي ھن گھر کي بچائي سگھين ٿو.
روشن: پر نورل تنھنجو مون سان ساٿ رھندو.
نورو: نورو مرندو مري ويندو پر پنھنجو ڪم پورو ڪري ويندو.
روشن: ته پوءِ توکي ھڪ قرباني ڏيڻي پوندي.
نورو: حڪم ڪر پٽ حڪم! نورو، نور سان توسان ٻڌل آھي.
روشن: ته پوءِ ٻڌ.
(ميوزڪ ھلي ٿي نورو ۽ روشن منصوبو ٺاھين ٿا.ميوزڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ)

روشن: نور محمد پوءِ پڪ.
نورو: بلڪل پڪ.
روشن: ھون..... ته پوءِ مان ان ڪم لاءِ بندوبست ڪرڻ وڃان ٿو.

(روشن ٻاھر آئوٽ ٿئي ٿو، سليم گھر اندران انٽري ڪري ٿو.)
نورو: آيو نمبر ٽيون “اٽي تي چٽي”.... ھا سليم صاحب اڄ ستارا ڇا فرمائين؟
سليم: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
سليم: اڄ مُشتري مٿان زُحل سوار آھي، زحل جومڪمل اثر عطارد تي ٿي چڪو آھي.... زائچو ٻڌائي ٿو ته اڄوڪي ڏينھن تي جو به شخص سَيُون کائيندو اھو اوڀر ايشيا جي ملڪن مٿان حڪمراني ڪندو.
نورو: مولا ٿو ڄاڻي ھن در تي نوڪري ڪندي نوري جو نُور ئي نَورَ کڻي ويا آھن، مان جاپان تي حڪومت ڪرڻ گھران ٿو.
سليم: پوءِ سَيُون کاءُ سَيُون.... اڄ جو اڄ ورنه مريخ مڇون مروڙي قمر ڏانھن رک ڪندو تنھن ويلي توکي مئل گڏھ جو آنڊو فرائي ڪري کائڻو پوندو.
نورو: مون کي سَيُون کائڻيون آھن... سَيُون..... سليم صاحب.
سليم: (زائچو ڏسندي) ھڪ سير سَيُون ديڳڙي ۾ وجھي، چلھي جي ٽڪڻ تي رکي، ٻہ ڪلو لسي پر گھاٽي لسي ديڳڙي ۾ وجھي گرم ڪر، جڏھن لسي آڪڙ مان ٻڙڪڻ لڳي تڏھن دال منڌيئڻو کڻي سَيُون خوب گھوٽجان، داٻ ڏئي پنجھٺ منٽ ۽ ساڍا ٽي سيڪنڊ ھلڪي باھ تي رکجان ۽ پوءِ اھي سَيُون گھرجي ڪنھن به ڀت تي لانگ ورائي ويھي کائجان ته تون جاپان جو شھنشاھ وانگ تانگھ ڀڙڀانگ زوني بنجي ويندين.
نورو: نالو آ يا شھر جي نالي آ. سليم صاحب ايڏو ڏکيو ۽ ڊگھو نالو ڏسي جاپان تي حڪومت ڪرڻ جا خواب کوکي ۾ لڪي ويا. ڀلا جيڪڏھن مان ھن ملڪ جي اسيمبلي جو ميمبر بنجڻ واري خواب کي پورو ڪرڻ چاھيان ته پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟
سليم: (زائچو ٺاھيندي) نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
سليم: تون ڪوڙ ڳالههائڻ ۾ ماھر آھين؟
نورو: نڪو.
سليم: تون ننڊ مان اٿڻ کان وٺي رات جو سمھڻ تائين ٻوٿ پاٺي جي ڏائڻ جھڙو ڪري ويھي سگھين ٿو؟
نورو: سائين نورو کل ۾ پورو.
سليم: توکي دل جو دورو مھيني ۾ گهڻا دفعا پوندو آھي؟
نورو: نورو انھيءَ رحمت کان محروم آھي.
سليم: تون پرائي پٽڪي کي لاھڻ ۾ مھارت رکين ٿو؟
نورو: نورو ڪنھن تي ناراض نه ٿيندو آھي.
سليم: ته پوءِ تون اسيمبلي جو ميمبر ته ڇا پر آل سنڌ جواري ايسوسيئيشن جو ميمبر به نٿو ٿي سگھين، بلڪہ اسيمبلي ميمبر جي بورچي جو به نوڪر نٿو ٿي سگھين.
نورو: اھو ڇو سليم صاحب.
سليم: نورا ميمبرن جي بورچين جا نوڪر به ڪوڙ ۾ ماھر ھوندا آھن ۽ ھو به ھارس ٽريڊنگ ڪندا رھندا آھن.
نورو: چئبو ته نوري جو خواب سانوڻ جي مند ۾ وڻ سان ٻڌل پينگھ تان ڦھڪو ڪري ڪِري پيو؟
سليم: نورا تنھنجو خواب بنا ڏوھ جي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ لڙڪايو ويو آھي، ھن وقت تنھنجو خواب برج اسد حوت جي وچ واري اقوام متحدہ پٽي تي پِٽڪو ڪري رھيو آھي.
نورا: مولا ٿو ڄاڻي بلڪل اھري ئي موقعي تي بابي سائين حضرت ڦودني خان بِھن جي ٻوري تي چڙھي، ڪنن ۾ ڪچالو وجھي ۽ وات واڱڻ جھڙو ڪري فرمايو ھو ته “جتي اُلو ڏينھن جي روشني ۾ قبرستان مان نڪري شھر جي بازارن ۾ اچي بصرن جي ڀينگ ڪن،اتي غريبن جا خواب ربوءَ واري کڏ ۾ غوطا کائيندا رھندا آهن.”
سليم: منھنجو زائچو مون کي ٻڌائي ٿو ته مان ھينئر ھتان ھليو وڃان، ڇو ته ھن وقت مشتري ۽ زھرہ پاڻ ۾ چِڙي پيا آھن...... اسان ھلون ٿا نورا.
سليم ٻاھر آئوٽ
نورو: ھڙئي ڪم پورا..... پر نه ڪجهه ڪم اڌورا، اھڙي موقعي تي باباءِ بدنام حضرت ڦودني خان ھلندڙ بس جي ڇت تان ٽپو ڏيندي فرمايو ھو ته “جن ماڻھن جا سپنا اڌورا رھجي ويا آھن، اُھي سپنن جي ساڀيان لاءِ ست سمونڊ پار ڪري سعودي جي ڪنهن به شھر ۾ ڌاڙو ھڻي، لنڊن ۾ ويٺل لنگور کي لپاٽون وھائي، ايئر انڊيا وسيلي امرتسر مان ٿيندو مڪلي جي مقام ۾ ھڪ قبر مٿان لانگ ورائي ويھي رھي ته انهيءَ جا سپنا پورا ٿي ويندا.”

بيگم آسيه جو پيءُ ڦندو لکنوي ٻاھران اچي ٿو جنھن
سان ھڪ نوجوان ارشد ڪي ٽو گڏ آھي.

ڦندو: اسلام عليڪم ورحمته اللھ وبرڪاته، برخوردار ميان نورا.
نورو: وعليڪم سلام ڦندو ڦڏي باز لکنوي. جلي آئين جلي آئين. پر ھي ڪير آھي تو سان گڏ.
ڦندو: (پان چٻاڙيندي) ميان ھي برخوردار ارشد ڪي ٽو آھي.
نورو: ڪي ٽو سادو يا فلٽر..... يقينن پوءِ ته توھان وٽ رشيد پن جي ٻيڙي، ڪمال ڪنگ سائيز فلٽر، حميد حقو برانڊ. صادق سلفي، انور اڳٺ وجھڻي وغيرہ وغيرہ به ضرور ھوندا.
ڦندو: (ڪاوڙ مان) ميان نوري.
نورو: ھڙئي ڪم پوري. پر ميان ڦندو ڦرڻا گھرڻا اوھانجي آواز کي ڇا ٿيو آھي؟ رات ڪنھن بدروح جي قبر تي ڪورس جي انداز ۾ قوالي ڳائي اٿئي ڇا؟
ڦندو: امان نوري.
نورو: نه بابا نوري.
ڦندو: ميان مون کي زڪام ٿي پيو آھي، ان جو ڪو علاج آھي تو وٽ.
نورو: آسان علاج.... زڪام مان زندگي ڀر جان ڇُٽي پوندءِ.
ڦندو: جلدي ٻڌاءِ ميان برخوردار.
نورو: ٻنھي ناسن تي دونالي بندوق رکي ٺڪاءُ ڪراءِ نه ھوندونڪ نه ٿيندءِ زڪام، ابو مرحيات اھيو نسخو آزمائيندو ھو.
ڦندو: پوءِ به بچي ويندو ھو؟
نورو: ھا! ڇو ته ابو اول نڪ ڪياڙي ڏانھن ڪري پوءِ بندوق ھلائيندو ھو.
ڦندو: (عجب وچان) نڪ ڪياڙي ڏانھن..... ميان نوري تون منجھائين ٿو.
ارشد : چچا باجي ڪٿي آھي؟
نورو: ڀاڄي وٺڻ وئي آھي.
ڦندو: امان نورا ! افسوس آھي ته مون کي ڪو به وٺڻ نه آيو.... تون به نه آئين؟
نورو: مان اچان پيو پر پوءِ نه اچي سگھيس.
ڦندو: ڇو ميان؟
نورو: ٽڪيٽ ڪونه ملي.
ڦندو: پليٽ فارم جي!
نورو: نه چڙيا گھر جي.
ڦندو: چڙيا گھر جي ڇو ميان؟
نورو: اڳي پوءِ توھان اتي ئي اچي باندرن جي پڃري ۾ ويھي رھو ھان.
ڦندو: ميان نوري.
نورو: ھڙئي ڪم پوري.
ارشد: باجي آسيه ڪٿي آھي؟
نورو: ڀاڄي وٺڻ وئي آھي.
ڦندو: ميان! اسان گھر اندر ھلي ويھون ٿا، تون نِھاري ۽ حليم جو جلدي بندوبست ڪري اچ.
نورو: فڪر ئي نه ڪر ڦندو فرقي پرست، اجھو کڻي آيس، توھان رڳو ھلي وات واڏڻ ۾ وجھي ويھو.
ڦندو: وات واڊن ۾!؟
نورو: ھا گُرڙي ڪرڻ جو نئون طريقو آھي.
ڦندو: چڱو ميان اسين اندر ھلون ٿا ۽ وات واڊن ۾ وڃي هنو ٿا..... برخوردار ارشد ھلي آءُ.
ارشد ۽ ڦندو گھر اندر آئوٽ.
نورو: (پنھنجي منھن) ھي بيگم صاحبه جو پيءُ ڦندو لکنوي.... شيطان جي شڪل جھڙو ڪي ٽو فلٽر ھن گھر ۾ هاڻي ضرور گڙٻڙ ڪندا.

ڪھاڻيڪار، ھدايتڪار ھدو ھوشياري پوري پنهنجي هڪ شاگرد سان جنهن کي پاڻ کان وڏي لٺ هٿ ۾ آهي ٻاھران اچي ٿو.

ھدو: سائونڊ لائيٽ اوڪي.... ڪئميرا اسٽارٽ، ايڪشن! اسلام عليڪم.
نورو: وعليڪم سلام ڪھاڻيڪار، ھدايتڪار، بيروزگار، بيڪار موسيقار، گلوڪار ھِدو ھوشيارپوري، ڪا نئين ڪھاڻي لکي اٿئي ڇا؟
ھدو هوشيارپوري: ھا! ڪُراڙي ڪانٽي ۾ لکي اٿم.
نورو: ڪڏھاڪون ڪراڙيون کپائڻ لڳو آھين؟ اوڌر تي به ڏيندين يا نه؟
ھدو: ڪٽ! اوڌر تي ايندڙ سال.
نورو: ڀلا اھا ڪھاڻي ته ڪانھي جنھن جو اڳم نالو ھو، پوڙھو پاجامي ۾.
ھدو: اھا توکي خبر ڪيئن پئي؟
نورو: بس ائين ئي..... ھونءَ به گڏھ ساڳيو ھوندو آ آٿر مٽيل ھوندا آھن. آٿرن تي ڳالهه ياد آئي ته ڊرامي جو نالو مان ڏيانءِ ٿو.
ھدو: ٻڌاءِ ته اھيو ڊرامو ٽڪيٽ تي ھلائينداسين.
نورو: ٻڌ، تڏا ويڙھ آرٽ ڪلب پاران پوڙھن جو پِٽيل، سونھن جو سٽيل ۽ حسن جو ھيراڪ ھدو ھدايتڪار پيش ڪري ٿو نئون ناٽڪ گڏھ گاھي جو، آٿر الوءَ جا. فنڪارن ۾ بصر بادامي، ڪابلولي ٻٻرُ ۽ زندگي جي سدائين ساڳي ڪردار ۾ پلنگ جو پائو.
ھدو: وھوا.. وھوا... لڳي ٿو ته تون مستقبل جو وڏو ولين ٿيندين؟ بابا وڃ ۽ عرفان کي سڏي اچ.
نورو: خدارا پنھنجو پاڻ تي ۽ مسڪين ماڻھن تي رحم کائو، اھڙا واھيات نالا ڏئي اوھان ڇو ٿا بداخلاقي جا مظاھرا ڪريو.... خدا جي واسطي پنھنجي شوق جي سمنڊ ۾ ماڻھن جي ذھنن کي نه لوڙھيو.... رحم کائو ..... ٻيلي وقت جي وھڪري ۾ نه وَھو، اوھان جي عظمت ته آسمانن جي اوچائين تائين ھُجي، ڇو ٿا پنھنجي فن کي گندگي جو ڍير بڻايو. رحم کائو رحم کائو. ھروڀرو “اٽي تي چٽي” نه ٿيو.

نورو گھر اندر وڃي ٿو. ھدايتڪار خوامخواھ
ايڪشن ھڻي ٿو. عرفان اچي ٿو.

ھدو: ايڪشن..... انٽري...... ڇڪ ڇوڪر پردي کي.
عرفان: ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟
ھدو: نئين ڪھاڻي نڪاح رات ناڪي تي.... نئين بلڪل نئين آئيڊيا کڻي آيو آھيان، ايڪشن سان ڀرپور ڪھاڻي آھي. جڏھن اھا ڪھاڻي اسٽيج تي ھلائي ويندي ڏسندڙن جي ڪنن مان دونھان نڪرندا دونھان.... سگريٽ ته پيار.
عرفان: سگريٽ ڪونھي، پوءِ ڇا ٿيندو؟
ھدو: سگريٽ ڪونھي ته پوءِ دونھان ڪيئن نڪرندا؟ خير اڳتي ھلون ٿا. ٻڌ پلاٽ بابا پلاٽ.... غضب جو پلاٽ آھي.... پردو کلي ٿو.... ھڪ گل ڏيکاريو وڃي ٿو.... گل آھستي آھستي کُلي رھيو آھي... گل مڪمل کلي چڪو آھي..... ميوزڪ هلي ٿي گل اندر مکڙي موجود آھي. ڪٽ.
عرفان: گل ۾ مکڙي!
ھدو: ھا ٻڌايومانءِ ته نئين آئيڊيا آھي.... ڇا ته خطرناڪ ۽ حسين آئيڊيا آھي واھ ڙي واھ ھدو ھدايتڪار تنھنجي عالي دماغ جو جواب ناھي.... ھا پوءِ مکڙي به آھستي آھستي کلي ٿي، ان ۾ ھيرو ويٺو آھي، جيڪي توھان ئي ھوندئو. سگريٽ نٿو پيارين؟
عرفان: ھيري ٿيڻ جو اڄ ڪلھ ڇا ريٽ آھي مارڪيٽ ۾؟
ھدو: ڪٽ. ان آئيڊيا تي پوءِ ڳالههايون..... ته ھا ھوڏانھن ھوا ۾ ٻيو گل اڏامندو اچي ٿو، اھو گل به آھستي آھستي کلي ٿو.
عرفان: ھدايتڪار صاحب ڀلا سڄي ڊرامي ۾ رڳو گل ئي کُلندا رھندا يا ٻيو ڪجهه به اٿس.
ھدو: وچ ۾ نه ڳالهاءِ .... ھا ٻڌ ڇا ته خطرناڪ، دل کي لوڏيندڙ منظر آھي، واھ ڙي واھ ھدو تنھنجي آئيڊيا.... مکڙي کُلڻ کانپوءِ ھيروئن مکڙي مان نڪري ٿي ۽ گل ھوا ۾ اڏائي وڃن ٿا.
عرفان: ٻئي گانو ڪھڙو ڳائين ٿا؟
ھدو: مار کائي وئين عرفان مار.... آخر استاد، استاد آھي.... گانو اتي آھي ئي نه.... چيومانءِ نه ته بلڪل نئين آئيڊيا آھي.... سگريٽ نٿو گھرائين!؟
عرفان: مانڊڻيون بند ٿي ويون آھن..... ھا اڳتي ھل.
ھدو: دونھون نه نڪرندو ته گاڏو ڪيئن گھلبو؟ خير ڇڪيون ٿا مڙئي زور سان! ته ھا..... اسٽيج تي وڏو طوفان ايندو.... الا ڇا ته منظر ھوندو ھاءِ ھاءِ..... منظر ياد نه ڏيار عرفان منظر ياد نه ڏيار..... طوفان کان پوءِ زري اڏامندي..... چرڙاٽ ٿيندا... صرف ھڪ گل واپس موٽي ايندو، ھيرو ۽ ھيروئن ھڪ گل ۾ ھڪ جسم جان ٿي ويھي رھندا ۽ گل ھوا ۾ اڏامي ويندو.... يار ڀلا ڪو مُن سُن سگريٽ جو کڻي ڏي.
عرفان: نه لڳي اھا آئيڊيا.... بور ۽ بڪواس آئيڊيا آھي.
ھدو: پرواھ نه ڪر آئيڊيا ھاڻي جو ھاڻي تبديل نئون نالو نئين آئيڊيا.
عرفان: وري ڪھڙو نالو؟
ھدو: سودو سائيڪل تي ۽ ڏاڪڻ ڪلهي تي..... واھ جو نالو غضب جو آھي... ڪھاڻي جو رخ چينج! اڙي شاگرد عرفان صاحب کي ان ڊرامي جو هڪ ڊائيلاگ دون وارو هڻ.
شاگرد: جي استاد.......... وڏيرا تون منهنجي پيار تي پهرا نٿو لڳائي سگهين، تنهنجي حويليءَ جون اوچون ديوارون منهنجي پيار کي روڪي نٿيون سگهن! وڏيرا ڊڄ ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن منهنجي ڪلهي تي، تنهنجي حويليءَ جي ديوارن جيڏي ڊگهي ڏاڪڻ هوندي!! مان وڃان ٿو هن وقت ڏاڪڻ وٺڻ.... جيڪڏهن ڪنهن پيار جي دشمن ڏاڪڻ ڏيڻ کان انڪار ڪيو يا ڏاڪڻ جو ڪرايو گهريو!!! ته پوءِ وڏيرا تو ڏي به خير ته اسان ڏي به خير
هِدو: ڪمال آ واھ نوجوان واھ جذباتي نه ٿيءُ!
عرفان: معنا جلدي ڪھاڻي جو رخ تبديل!؟
ھدو: ھا ھا آخر استاد آھيون... عرفان اھو وقت ويو جو ھڪ ڪمري ۾ بند انڊين پنج فلمون ڏسي ڪھاڻي لکندو ھيس ، ٻڌ نئين آئيڊيا.
عرفان: ھا ٻڌاءِ.
ھدو: پردو کلي ٿو.... تيز ھوا لڳي ٿي.... صحرا مان آواز اچي ٿو.... جانو جانو..... جانو، ڪوئي پڪاري رھيو آھي..... ٻي طرف ڏھ گھوڙا تيز ڊوڙي صحرا طرف وڌي رھيا آھن.
عرفان: اسٽيج تي گھوڙا!؟
ھدو: ڪٽ سڄي سين جو خانو خراب ڪري ڇڏيئي. بابا بيڪ گرائونڊ ۾.... ھيروئن جانو جانو پڪاري ٿي.... ھيرو سپر مين بنجي ھوا ۾ اڏامندو اچي ٿو.... جيڪي يقينن توھان ھوندئو. اڌڙ سگريٽ جو ئي کڻي پيار يار.
عرفان: اسٽيج تي ھيرو ھوا ۾ ڪيئن اڏامندو؟
ھدو: بيڪ گرائونڊ ۾ بابا بيڪ گرائونڊ ۾ ھيرو اڏامي ٿو.... ھوڏانھن ھيروئن جو ظالم پيءُ ھوائي جھاز مان ھيٺ نھاري ڏسي ٿو ته سندس ڌيءُ.... الا ڇا ته سين آ.... دل ڌوڏيندڙ سين.... واھ ڙي واھ ھدو تنھنجو جواب ناھي.... ظالم پيءُ ڏسي ٿو ته سندس ڌيءُ صحرا ۾ جانو کي پڪاري رھي آھي.
عرفان: ھيروئن جو پيءُ ھلندڙ جھاز ۾ سڃاڻي وٺيس ٿو. پڪ سان ھيروئن جو ظالم پيءُ ريوالور سان ھيرو کي زخمي به ڪري ڇڏيندو.
ھدو: بابا بيڪ گرائونڊ ۾ سڃاڻيس ٿو.
عرفان: مان به بيڪ گرائونڊ جي ڳالهه ٿو ڪريان ته ريوالور سان ھيرو به زخمي ٿيندو بيڪ گرائونڊ ۾.....
ھدو: اھا آئيڊيا ٺيڪ آھي چئين ته ڪھاڻي ۾ لکي وٺان... سگريٽ نٿو پيارين!؟
عرفان: ته پوءِ ڊرامي جو نالو رکون ٿا بابو بيڪ گرائونڊ ۾.... يار ڪھڙيون بڪواس آئيڊيا کڻي آيو آھين.
ھدو: ته ٻڌ اي ون آئيڊيا.. ھي آئيڊيا تنھنجي دل وٽان.... اصل توکي سامھون رکي لکي اٿم.
عرفان: ايڏو جلدي لکي ورتئي؟
ھدو: ھا ٻڌ... ھيرو ۽ ھيروئن ھڪ ڪاليج ۾ پڙھن ٿا.... ھيروئن ڳوٺ جي وڏيري جي ڌيءُ آھي..... ھيرو غريب جو پٽ آھي....ڪاليج جي موڪل کان پوءِ ھيروئن ھيرو کي پنھنجي ڪار ۾ کڻي ڳوٺ اچي ٿي رستي ۾ ڪار خراب ٿي پئي ٿي مٿان برسات وسي ٿي.... اتي ھيرو ۽ ھيروئن گانو چون ٿا.
عرفان: اھا آئيڊيا ته انڊين فلم سنگرام تان ورتل ٿي لڳي.
ھدو: يار عرفان سڄي ڪم کي ڊانواڊول ڪري رکيئي.... بابا مڙئي شوق پورو ڪرڻو... ڪير ويھي ياد ڪندو ته ھي فلاڻي فلم جي ڪھاڻي آھي... يار بادشاھ ماڻھو آھين، لائيٽ آف... سائونڊ ڊسمس ۽ ڪئميرا ڪلھي تي.
عرفان: يار جي برو نه سمجهين ته ھڪ ڳالهه چوانءِ.
ھدو: بلڪل چئہ.
عرفان: آئندہ تنھنجي ھدايتڪاري ھيٺ آءُ ڪم ڪونه ڪندس.
ھدو: پر ڇو؟
عرفان: ھيرو ٿيڻ لاءِ وٺين رقم... اڳ به بابي کان چوري لاڪيٽ کپائي تنھنجي پورت ڪئي.... ۽ عين وقت تي تو دوکو ڏنو جو ڊرامي جي ڪھاڻي جو رخ ڦيرائي ھيرو تون پاڻ ٿي وئين.
ھدو: عرفان... عرفان... جذباتي نه ٿي.... نئين ڪھاڻي ۾ جذبات آھي ئي نه فقط ھارر آھي ھارر.
عرفان: يار مون قسم کنيو آھي ته پنھنجي اندرجي فنڪار کي پيسا ڏئي ڪونه پڏائبو جيڪڏھن واقعي به مون ۾ ڏات آھي ته مان ڪامياب ضرور ٿيندس.
ھدو: وک وک تي توکي منھنجي ضرورت محسوس ٿيندي.
عرفان: اھيو وقت ٻڌائيندو..... باقي ھاڻي توکان منھنجي توبھن.
ھدو: تون اسٽيج جو ناڪام ترين اداڪار آھين... تون ڪڏھن به ڪاميابيءَ جي لفٽ تي چڙھي نٿو سگھين.... خدا حافظ. ڇڪ ڇورا پردي کي.
عرفان: جان ڇُٽي چرٻَي ھدايتڪار مان.... مون کي اڄ خبر پئي ته ھدو فن جي دنيا ۾ “اٽي تي چٽي” آھي.... نورا.... او نورا.
نورو اچي ٿو.
نورو: سائين ويو ڇا؟ عظيم ڪھاڻيڪار ۽ ھدايتڪار.
عرفان: ھا... نورا اڃ مان ٽي وي تي آڊيشن ڏيڻ وڃان ٿو، دعا ڪجان ته ڪاميابي منھنجا قدم چمي.
نورو: عرفان صاحب تون ھن غريب مسڪين نوري کان دعا گھري آھي، اڄ تو پنھنجي فن کي غرور ۽ تڪبر جي پنڃري مان آزاد ڪري ڇڏيو آھي، نورو دعا ٿو ڪري ته توھان ڪامياب ٿيندؤ ۽ ڪاميابي اوھان جا قدم ته ڇا پر گوڏا چمندي.
عرفان: چڱو مان ھلان ٿو.
نورو: مولا نگھبان.
عرفان ٻاھر آئوٽ.
نورو: مولا تون صاحب خميسي خان جي ٻين پٽن کي به سمجھ ڏي ته ھو ھروڀرو “اٽي تي چٽي” نه بنجن.

بيگم ٻاھران اچي ٿي.
بيگم: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
بيگم: ابا جان پھتو آھي؟
نورو: بلڪل سالم پھتو آھي.
بيگم: ڪھڙي سواري تي آيو؟
نورو: ڪي ٽو فلٽر تي چڙھي پھتو آھي.
بيگم: وات بند رک.... تو وارو صاحب آيو آھي؟
نورو: نڪو.
بيگم: چڱو ڀڄ... وٺ لسٽ وڃي وٺي اچ پر تڪڙو.
نورو: بيگم صاحبه نورو آھي ئي تڪڙو.... بلڪل اھڙي موقعي تي بابي سائين....
بيگم (جملو ڪٽيندي) پڻھين ڇا به فرمايو.... پر سودو جلدي وٺي اچ.

بيگم گھر وڃي ٿي.
نورو: بلڪل اھڙي ئي موقعي تي باباءِ بالٽي حضرت ڦودني خان چانھ جي ٻاٽي تي چڙھي فرمايو هو ته “ياد رکو جڏھن به پٽاٽا وٺڻ وڃو ته گڏ گوگڙو خريد نه ڪجو اوھانجي ترقي ان ۾ آھي ته اوھان پٽاٽا کائي گذارو ڪريو.... پر بابي کي شايد خبر ئي ڪونه ھئي ته ڪو پٽاٽا ۽ ٽماٽا به غريب عوام جي کائڻ کان چڙھي ويندا. ڪاش! ابو زندہ ھجي ھان ته ڏيکاريانس ھان ته بابا ھو ڏس آسمان تي جيڪو چنڊ چمڪي رھيو آگي، اھو چنڊ نه پر پٽاٽو اٿئي پٽاٽو، جيڪو عرش تي چڙھي چڪو آھي.

ڪي ڪي ٻاھران اچي ٿو.
نورو: صاحب اڄ اچڻ ۾ دير ڪئي اٿوَ.... خير ته ھيو؟
ڪي ڪي: بس ڪر نڀاڳا..... ھنن افعالن ۾ ٻاھر نڪتس ته قسمت ڦٽي... بيگم مان جان ڇٽي ته ھُنن ۾ وڃي ڦاٿس.
نورو: گٽر ۾ ڪري پيا ھئو ڇا؟
ڪي ڪي: نه نورا نه.... روڊ تي چرين واري اسپتال وارا ڪي بيٺا ھئا، ھنن افعالن ۾ ڏسي چريو سمجهي وڌئون گاڏيءَ ۾.... ڌو چرين جي اسپتال ۾.... مس مس جان ڇڏائي آيو آھيان.... پر ٻڌ بيگم گھر ۾ موجود آھي؟
نورو: بيگم صاحبه پنھنجي والد اڌ مرحيات ڦندو لکنوي ۽ ڪي ٽو فلٽر سان اندر موجود آھي.
ڪي ڪي: اڙي ڪي ٽو فلٽر؟
نورو: ھا سائين بيگم جو نئون مائٽ آھي.
ڪي ڪي: اڙي ارشد ڪي ٽو چئہ نه..... بيگم جو موڊ ڪيئن آھي؟
نورو: بيگم صاحبه جو موڊ ڪڏھن صحيح به ٿيو آھي ڇا؟ اندر وڃو پاڻھي خبر پئجي ويندوَ..... مولا ٿو ڄاڻي رات رلھي به ھٿ نه ايندوَ.
ڪي ڪي: چڱو چڱو مزاق نه ڪر.... مان بزدل ٿورئي آھيان.... تون وڃين ڪاڏي ٿو؟
نورو: بيگم صاحبه جو سودو وٺڻ.
ڪي ڪي: وڃ پر جلدي وڃ ۽ تڪڙو موٽ.

نورو ٻاھر آئوٽ. ڪي ڪي ڪرسي تي آرام ڪرڻ لاءِ
ويھي ٿو ٽيليفون جي گهنٽي وڄي ٿي ھو رسيور
کڻي ٿو.

ڪي ڪي: ھيلو ڪي ڪي پيو ڳالههايان.... اڙي يار ڪھڙا اٿئي حال....... گهڻي وقت کان پوءِ ياد ڪيو اٿئي...... ڏي خبر ڪيئن پيو وقت گذرئي.......... بس تنھنجي دعا کپي.......... اڇا ڏاڍو سٺو........ ڪڏھن اڄ رات!؟....... بلڪل مون کي پنھنجن ٻچن وانگر آھي....... اڙي يار منھنجو گھر تنھنجي ڌيءُ صائمه جو گھر آھي....... موڪلي ڏينس...... نه نه ڪا به تڪليف نه ٿينديس.......... ھا ھا جيسيتائين تون اچين....... مون وٽ رھيل ھوندي..... ٺيڪ.... بس تون خوش ھجين..... وعليڪم سلام.

بيگم آسيه اچي ٿي (اندران)
ڪي ڪي: منھنجو دوست جلال حيدر ھڪ مھيني جي ٽريننگ تي آمريڪا اڄ رات وڃي رھيو آھي، ان جي ڌيءُ صائمه ھتي رھڻ لاءِ اچي ٿي...... ھوءَ ھتي رھندي.
بيگم: منھنجو رت ٽھڪي ٿو توکي صائمه جي...... ٻڌاءِ تون بابي کي وٺڻ ڇو نه وئين؟
ڪي ڪي: مان پاڻ وڏي مصيبت ۾ ڦاسي پيو ھيس بيگم.
بيگم: ڪي ڪي مان سمجھان ٿي منھنجا مائٽ توکي نٿا وڻن..... ياد رک تنھنجي ملڪيت منھنجي نالي آھي....... تون تڪليف پاڻ کي ڏيندين.
ڪي ڪي: زندگي ۾ اھا ئي وڏي بيوقوفي ڪئي اٿم.
بيگم: ڇا ٿو بڪين؟
ڪي ڪي: بيگم مون ائين ئي مزاق ۾ پئي چيو.... چري ڏس مون ڳوٺ واري زال کي تنھنجي ڪري ڇڏيو، روشن جي شاديءَ ۾ به شريڪ نه ٿيس پوءِ به تون ناراض ٿي ٿئين..... ڪڏھن کلي به ڳالهائيندي ڪر.
بيگم: چوانءِ ٿي ھٿ نه لاءِ مون کي.
ڪي ڪي: بيگم ائين ڪي ڪي جي دل کي رڻ ۾ نه رول..... ڪي ڪي تنھنجي پيار ۾ پاڳل ٿي چڪو آھي..... ھا پاڳل... اڄ جواني ٿي ياد اچي بيگم.
گانو:- سھڻا سھڻا تو ۾ منھنجو ساھ (منظور سخيراڻي)
بيگم: اڄ تنھنجي پٽ روشن منھنجي بيعزتي ڪئي آھي، مان ڪيڏو به قرب ڏيانس پر پوءِ به مون کي ويڳي ماءُ ٿو سمجهي. تون ھتان بدلي ڪرائي ڳوٺ موڪلينس، خبر اٿئي اڄ مون کي پادر لاھي اولاريائين.
ڪي ڪي: اڄ اچي ته ڪتن سان گڏ ٿو کارايانس.

روشن ۽ صائمه ٻاھران داخل ٿين ٿا.
ڪي ڪي: اڙي ھيڏانھن اچ ڪتي جا پٽ.
روشن: جي بابا.
ڪي ڪي: اڙي اڄ تو ماءُ کي پادر ھنيا آھن؟..... سوئر.

ڪي ڪي روشن کي ماري ٿو.
روشن: بابا مان ايڏو نافرمان نٿو ٿي سگھان..... پادر مون نه ھنيو آھي، امان ڪوڙ ٿي ڳالهائي.
ڪي ڪي: ڪميڻا توکي ھتي ڪراچيءَ ۾ نوڪري وٺي پاڻ وٽ ان لاءِ رھايو! ته تون پنھنجي ننڍي ماءُ سان وڙھين..... اڙي ھيءَ ڪير آندي اٿئي؟
صائمه: ڪي ڪي صاحب اوھين آھيو؟
ڪي ڪي: ھا مان آھيان چئہ.
صائمه: منھنجو نالو صائمه آھي..... آءُ ھن شخص سان گڏجي نه آئي آھيان..... مان جلال حيدر.......
ڪي ڪي (جملو ڪٽيندي) پٽ معاف ڪجان.... مون توکي نه سڃاتو.... بيگم تون صائمه ڌيءَ کي اندر وٺي ھل.

بيگم ۽ آسيه اندر وڃن ٿيون.
ڪي ڪي: اڙي حرامي ڳالهه سڌي ڪر.... آخر ھيءَ ماءُ توکي ڇو نٿي وڻي؟ ھنيانءَ تي مڱ ڏرئي ٿي ڇا؟
روشن: بابا اوھان کي غلط فھمي ٿي آھي، امان ته ھر وقت ھر گھڙي منھنجي بيعزتي ڪندي رھندي آھي.
ڪي ڪي: ٻڌ ڪن کولي.... جي ھن گھر ۾ رھڻو اٿئي ته شرافت سان رھ نه ته ڇڏ نوڪري وڃي ڳوٺ ۾ ٻني ٻارو سنڀال جنھن مان تون ڄاڻين.... ھونءَ به ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان.
روشن: بابا توھان خونخوار بگھڙن جي گھيري ۾ آھيو.... مان توھان کي بگھڙن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڳوٺ نه ويندس.
ڪي ڪي (موچڙو ھڻندي) اڙي ڪميڻا.... سوئر مون کي ٿو پَٽيون پڙھائين، اھا قوم دوستي وڃي ڳوٺ آزماءِ. ھي شھر آھي ۽ ھن گھر ۾ سياست ڪرڻ جا خواب نه ڏس.
روشن: بابا پنھنجي ڳوٺ کان نفرت نه ڪيو، ڳوٺ اسان جي جسم جا نه ٽٽندڙ حصا آھن جن شخصن ڳوٺن کي وساري ڇڏيو آھي، انھن ڄڻ پنھنجي زندگي سان دوکو ڪيو آھي. بابا ننڍي امان جا مائٽ، جيڪي اڃا تائين پاڻ کي لکنوي، دهلوي، يوپي ۽ سي پي جا سڏائي رھيا آھن اھي ھن گھر جا سڄڻ نه پر دشمن آھن، دشمن بابا.
ڪي ڪي: بڪواس نه ڪر روشو...... مون اڇا وار اس ۾ ناھن ڪيا.... انسانن کي سڃاڻڻ جو تو کان وڌيڪ تجربو آھي.
روشن: اِھي مٺو زھر اٿئي بابا..... انھن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اھي جنھن به گھر ۾ رھيا ان گھر جا دشمن ٿي، ٻاھرين ڌاڙيلن جا دلال بنجي گھر تباھ ڪندا رھيا آھن.
ڪي ڪي: چوانءِ ٿو گھڻو مٿو نه ھڻ.... کڻ ٽپڙ ھينئر نڪر منھنجي گھر مان.
روشن: بابا ھوش مان ڪم وٺو.... آءُ ھن گھر ۾ سڪل ڀور کائي به توھان جي حفاظت ڪندو رھندس، منھنجي ھن گھر کي واڳون وڪوڙي رھيا آھن، خدارا گھر کي واڳن کان بچايو.
ڪي ڪي: وڏو آيو آھي واڳن جي وات مان ڪڍڻ وارو.... اڙي ھن گھر ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪير آھي منھنجو دشمن؟
روشن: جن گھر کي پنھنجو گھر تسليم ناھي ڪيو، جيڪي اڃا تائين ھن گھر جا ٿي نه سگھيا آھن، جيڪي اڄ به گھر ڌڻين جي رت جا پياسا آھن، اُھي توھانجا ۽ منھنجا دشمن آھن. بابا مان ھن گھر کي دشمن حوالي ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ڏيندس، گھر دشمنن سان وڙھندو رھندس موت جي آخري گھڙي تائين.
ڪي ڪي: نه ھي تنھنجو گھر آھي نه ئي تنھنجي ڳوٺاڻن جو...... ھي گھر مون انھن کي لکي ڏنو آھي.
روشن: عشق جي انڌي گھوڙي تي ڀلي گھر لکي ڏيو پر ھي گھر منھنجي وڏڙن جو گھر آھي، ھي گهر صدين کان منھنجي ملڪيت آھي..... منھنجي ملڪيت تي جيڪڏھن ڪوبه شخص ڌاڙو ھڻندو. آءُ ان کان جيئڻ جو حق کسي وٺندس ۽ ٻڌ بابا لکتون ڪوڙيون به ثابت ٿي سگھن ٿيون.
ڪي ڪي: پيءُ پٽن کي پنھنجي ملڪيت کان لا دعوي ڪري سگھي ٿو، اھيو ھن ملڪ جو قانون آھي.
روشن: جيڪي وڏا پنھنجون ملڪيتون عشق جي آڙ ۾ ڌارين کي لکت ۾ ڏين ٿا اھي اسانجي قانون ۾ چريا آھن ۽ چرين جي لکت قابل قبول ناھي، اھو ھن ملڪ جي قانون ۾ لکيل آھي بابا.
ڪي ڪي: اڙي تون مون کي ٿو چريو چوين!؟ ان اڻويھين گريڊ جي آفيسر کي جيڪو ھڪ کاتي کي ھلائڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو.... نڪر ھتان.
روشن: ڪڏھن به نه نڪرندس بابا...... ھي زھر جي قطرن سان ٽمٽار ٿيل ننڍي امان جا مائٽ جلاد ۽ قاتل آھن، ڪرائي جا قاتل...... جن ھن ڌرتي تي ڪيترائي قتل ڪيا آھن ۽ اڄ اھي قاتل امن جا جهنڊا کڻي منھنجي گھر کي ٻہ اڌ ڪرڻ جا منصوبا جوڙي رھيا آھن بابا.
ڪي ڪي: تون ائين نه مڙندين، ڪتي جو پڇ آھين نه...... وينڊو پُڇ.

ڪي ڪي روشن کي ماري ٿو.
روشن: بابا منھنجي جسم جي ھڪ ھڪ رڳ ۾ وھندڙ خون تنھنجي محبت تان قربان آھي..... تون ڀلي مار بابا...... پر ھن گھر کي اڻ ڄاڻ بنجي برباد نه ڪر بابا...... ائين نه ٿئي جو دشمن اسانجي گھر کي ھڪڙي ڳيت ڏئي ڳڙڪائي وڃن.
ڪي ڪي: تون نه سڌرندين ٻھراڙي جا ڄٽ.

ڪي ڪي ڪاوڙ وچان اندر وڃي ٿو، روشن ويٺو آھي
ھن کي سوچيندي ننڊ وٺي وڃي ٿي، نورو اچي ٿو ۽
ڏک جون ريکائون منھن تي آڻي روشن کي ڏسي گھر
اندر وڃي ٿو ۽ وري موٽي اچي ٿو.
نورو: روشن پٽ.
روشن (ننڊ مان اٿندي) ھون.
نورو: پٽ رات جي ماني نه کائيندي ڇا؟ ٻيا ته کاڌي جي ٽيبل تي ويھي، پنھنجو پيٽ ڀري رھيا آھن.... اٿ تون به ھلي ماني کاءُ.
روشن: نور محمد مون اڄ ڍئو ڪري ماني کاڌي آھي..... سو به بابي پنھنجي ھٿن سان کارائي آھي.... وڏي سِڪ ۽ اڪير سان، ماني کارائي آھي نور محمد ھا ماني!!!
نورو: ھا! مان سمجھان ٿو ته تو اڄ ڪھڙي ماني کاڌي آھي!! پٽ درد ئي سچي منزل ڏانھن وڌڻ ۾ مددگار ٿيا آھن، تون دل نه لاھجان.
روشن: نور محمد! اسين پھاڙن جي سيني کي چيري، امن، انصاف ۽ آزادي جا گس ٺاھڻ جا عزم رکون ٿا، ھمت ڇو ھارينداسين، ھمت ته ڀاڙيا ۽ بزدل ھاريندا آھن مان ڄاڻان ٿو ته منھنجي ماڻھن جي آزادي رت ڇاڻ جي ھولين ۾ ايندي ۽ ھوءَ ضرور اچڻي آ.
گانو: ھوءَ نيٺ ته اچڻي آ رت ڇاڻ جي ھولين ۾. سرمد سنڌي
گانو ختم

نورو: سچ ٿو چوين پٽ.... سچ! ھن ڪم بابت ڪو حڪم.
روشن: نور محمد توکي صائمه، ڦندو لکنوي، ارشد ڪي ٽو ۽ ننڍي امان تي ڪَرڙي نظر رکڻي آھي. صائمه ھن گھر ۾ خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آئي آھي، اڄ کان پوءِ تنھنجي نظر پاتال ۾ لڪل رازن کي به پرکڻ جي طاقت رکي.
نورو: نوري جي نظر کان ڪوبه بچي نٿو سگھي اوھان خاطري ڪريو.
روشن: ٺيڪ آھي..... مان ھلان ٿو.

روشن اندر وڃي ٿو.
نورو: قرباني سکجي ته توکان پٽ..... واقعي تون پھاڙن کان مضبوط ارادن جو مالڪ آھين.

امجد ٻاھران اچي ٿو.
امجد: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
امجد: ھينئر ماني جي وقفي سان گڏ راند جي وقت کي به ختم ڪيو ويو آھي، اسٽم بيٽ ۽ بال جو توکي ئي خيال ڪرڻو آھي، متان ڪو دشمن ملڪ پنھنجي فوج وٺي اسڪور بورڊ تي حملو ڪري رنسن جا انگ اغوا ڪري وڃي، توکي چوويھ ڪلاڪ گرائونڊ ۾ چوڪس رھڻو آھي.

امجد گھر اندر آئوٽ
نورو: ڳالهائين ڇا ٿو؟..... ھتي ھرڪو پيو تباھ ٿئي ۽ ھن کي اسڪور بورڊ ۽ رنسن جي ڳڻتي ڳاري وڌو آھي.... “اٽي تي چٽي” ناھين ته ٻيو ڇا آھين؟ اڙي گھر جي اڱڻ ۾ چورن ديرو ڄمايو آھي، ان جي به ڪجهه خبر رک امجد ڪرڪيٽر.

عرفان ٻاھران اچي ٿو.
عرفان: مبارڪ ھجئي نورا مبارڪ.
نورو: عرفان صاحب شادي ڪري آيو آھين ڇا؟
عرفان: نورا تنھنجي دعا قبول پئي، مان آڊيشن ۾ پاس ٿي ويس..... مان ھاڻي ٽي وي جي ڊرامن ۾ ڪندس، نورا ٽي وي جي ڊرامن ۾.
نورو: سچ عرفان؟
عرفان: سچ.... نورا ... ادو روشن ڪٿي آھي ته اھا خوشخبري ان کي ٻڌايان.
نورو: عرفان صاحب اڄ روشن کي، صاحب ڏاڍو ماريو آھي، وڃ پٽ وڃي ڀاءُ جو ڀرجھلو ٿي، ھن جي دردن جو ساٿي ٿي، تون ته حساس دل جو مالڪ آھين، فنڪارن جون دليون ته محبتن جا مينھن وسائينديون آھن.
عرفان: نورا مون کي ھاڻي سمجھ ۾ اچي ٿو ته ھن گھر ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.... مان ادي روشن ڏانھن وڃان ٿو، اڄ کانپوءِ ادو روشن اڪيلو ناھي.

عرفان گھر آئوٽ.
نورو: (پنھنجي منھن) نورا ھاڻي آرام ڪر...... وري صبح جا ڀاڳ صبح سان.

ارشد ڪي ٽو گھران اچي ٿو.
نورو: آ..ڪي ٽو صاحب!! توھان اھيو ٻڌائڻ ۾ ٿوري تڪليف ڪندئو، اوھان سادا ڪي ٽو آھيو يا ڪي ٽو فلٽر؟
ارشد: مون سان پلاند اٽڪائڻ جي ڪوشش نه ڪر مسٽر.
نورو: ھان.... ڪلاڪ، ڪلاڪ سڄو ڏينھن مس گذريو اٿئي ته گھر جو مالڪ بنجي ويو آھين، بنا فلٽر جي وساميل ڪي ٽو. اھڙي لوڻي واري لپاٽ ڀيڙيائين جو تماڪ ئي نڪري وڃئي.
ارشد: چيومانءِ نه..... مون سان مٿو نه ھڻ..... ٻڌ تون وڃي ڪنھن ٻي ھنڌ سمھڻ جو بندوبست ڪر، ھتي مان سمھندس اڪيلو..... ھل تکو ٿي.
نورو: (حيرت وچان) آيو ٽانڊو کڻڻ ٿي بورچي ويو. لڳي ٿو ته ھي به لنڊن ۾ ويٺل لوسي گڏھ جي ڪونر ۾ کائڻ وارو گڏھ آهي. خير!! ويندين ڪاڏي ٻچا ڪي ٽو فلٽر جي دون مان دونھان نه ڪڍيا مانءِ ته منھنجو نالو نورو ناھي. بلڪل اھڙي موقعي تي باباءِ باڪس حضرت ڦودني خان فرش تي بانبڙا پائيندي فرمايو ھو ته “لوسي گڏھ جي لت تي ڪڏھن اعتبار نه ڪجي.”

نورو ٻاھر آئوٽ.
رات جو منظر ارشد سمھڻ لاءِ ليٽي ٿو، در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو.
ارشد در کولي ٿو، ڪجهه نقاب پوش ڪجهه سامان ارشد کي ڏين ٿا ۽ ڪجهه
ڳالهائي ھليا وڃن ٿا، ارشد سامان کي ھڪ ھنڌ لڪائي سمهي پئي ٿو، ڪجهه
گھڙين کان پوءِ صائمه پير پير ۾ ڏيندي اچي ٿي ۽ ھوءَ ھر شيءِ جو جائزو
وٺي وري گھر ھلي وڃي ٿي.
صبح ٿئي ٿو، نورو اچي ٿو.

نورو: (ارشد مٿان بيھي) اڙي اٿي ڪي ٽو ڪنگ سائيز فلٽر..... صبح ٿي ويو آھي، اٿ ته ڪي موالي سوٽا ھڻي ساڻو ڪري ڦٽو ڪنين، نڀاڳا! شيطان ٻوٿ تي ويھي رھيو اٿئي ڇا؟ اٿ نه ته منھن تي ٻھارو گھمائي منھن جا نقشا ئي مٽائي ڇڏيندوسانءِ، اڙي اٿ.
ارشد: (ننڊ مان اٿندي) اون..... اون.
نورو: گورپٽ جي پٽ کي ويم جا سور ٿيا آھن؟ يا مرگھي ٿي اٿس، نورا ڪر ڪم پورا رکينس دون تي سڪل موچڙو ته اٿي پوي.

نورو ارشد جي نڪ تي پادر رکي ٿو
ارشد اٿي پوي ٿو.
ارشد: منھنجو منھن تي پادر ڇو رکيو تو؟
نورو: تو واري منھن تي ٽنڊڻ چڍي لاھي ھڪ ڪري رھيو ھو، ان کي ڀڄايم.
ارشد: نورا مان ڏاڍو ڏکيو ماڻھو آھيان.
نورو: واقعي انجيسون ئي ڦري ويون اٿئي، ٻوٿاڙي جا تاڪ به ٻٻر جي ڪاٺي وانگي ڇٻا ٿي ويا اٿئي.
ارشد: ياد رک.... توکان ان بيعزتي جو انتقام ضرور وٺندس.
نورو: ھل ھل تکو ٿي بنا پاڪيٽ جي ڪي ٽو فلٽر.
ارشد: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم ھاڻي ضرور ٿيندا پورا.

پوليس انسپيڪٽر اچي ٿو.

انسپيڪٽر (نوري سان) مسٽر ڪي ڪي صاحب آھي؟
نورو: جي آھي..... پر اوھان صبح سان ھتي ڪيئن؟
انسپيڪٽر: ڪي ڪي صاحب کي سڏي اچ.

نورو وڃي ٿو.. ڪي ڪي اچي ٿو، نورو به
موجود آھي.

ڪي ڪي: انسپيڪٽر منھنجي گھر ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟
انسپيڪٽر: سر! مون کي اطلاع مليو آھي ته رات ڪي مشڪوڪ قسم جا ماڻھو اوھانجي بنگلي ۾ آيا ۽ ڪجهه وقت ترسي واپس ھليا ويا.
ڪي ڪي: انسپيڪٽر! تنھنجو دماغ خراب ٿيو آھي ڇا؟ ھي ڪنھن پاٿاريدار جو گھر نه پر اڻويھين گريڊ جي آفيسر جو گھر آھي، ھن گھر ۾ مشڪوڪ قسم جا ماڻھو ڇو ايندا؟ تون رات خواب ڏٺو آھي.
انسپيڪٽر: سر اطلاع غلط نٿو ٿي سگھي.... بحرحال..... ھي نوجوان ڪير آھي؟
نورو: سر ڪي ٽو فلٽر.
ڪي ڪي: نورا زبان کي پنھنجي قابو ۾ رک، انسپيڪٽر ھي منھنجو عزيز آھي.
انسپيڪٽر: ھون.... ٺيڪ آ سر..... پر اطلاع غلط مون کي به ناھي مليو.

انسپيڪٽر ٻاھر آئوٽ
ڪي ڪي: مشڪوڪ قسم جا ماڻھو!؟ شراب جي نشي ۾ ھوندو، ان انسپيڪٽر جي انڪوائري ته اڄ ئي مان ڪرايان ٿو.... نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
ڪي ڪي: اڄ اسين پڪنڪ ملھائڻ پيا وڃون.... تون خيال سان رھجان.... بيگم او بيگم.

بيگم، ڦندو، ارشد، عرفان ۽ امجد اچن ٿا.
بيگم: ڪي ڪي صاحب ھلون؟
ڪي ڪي: بلڪل آءُ تيار آھيان ھلو.

ڪي ڪي، بيگم، ڦندو، ارشد، عرفان ۽ امجد
ٻاھر آئوٽ.
نورو: ھائو ڙي صاحب تو واري قسمت، بيگم ته اڄ گھور پئي وڃئي، لڳي ٿو ته دال ۾ ڪارو آھي. بلڪل اھڙي موقعي تي باباءِ ادرڪ حضرت ڦودني خان مٽرن جي دال گهوٽيندي فرمايو ھو ته “جڏھن به زال اوچتو مسڪرائي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر پائي پيار مان پڪاري، ڊڄو ان وقت کان اي شادي شدہ نوجوانو.... اھو وقت اوھانجي کيسي تي ڌاڙي لڳڻ جو وقت آھي.”

روشن گھران اچي ٿو.
روشن: نور محمد آءُ آفيس وڃان ٿو، ھي گھر ڌڻي عياشيون ڪري دير سان موٽندا، صائمه ۽ سليم گھر ۾ موجود آھن....... خيال رکجان.
نورو: پرواھ نه ڪر روشن نورو تارا پٽيون گھمندو رھندو.

روشن آئوٽ. سليم اچي ٿو.
سليم(زائچو ڏسندي): اڄوڪو زئچو ٻڌائي ٿو ته عطارد، مريخ جي پاڇي ۾ لڪي چڪو آھي، ان لاءِ سليم اڄ توکي واندڪائي گھرجي.......... نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
سليم: منھنجو زائچو مونکي ٻڌائي ٿو ته اڄ مان اڪيلو رھان، تنھن ڪري تون پڇڙ تاري وانگر آسمان ۾ گردش ڪرڻ لاءِ ھتان ھليو وڃ ۽ وڃي روڊن جي ماپ ڪر ته قسمت جي اونڌي ديڳڙي سڌي ٿي وڃئي.
نورو: لڳي ٿو ته ڀاڳ جي اونڌي ديڳڙي تي ابي سائين وانگر ڪجهه ڪرڻ گھري ٿو سليم صاحب.

نورو ٻاھر آئوٽ، سليم زائچا ڏسي ٿو.
صائمه اچي ٿي.
صائمه: سليم تون پھرين نظرن سان منھنجي دل تي تير وسائي، دل کي زخمي ڪري ڇڏيو آھي..... تو منھنجي دل چورائي آھي.
سليم: (زائچو ڏسندي) برج اسد ۽ برج سرطان جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ، شايد ڌماڪو ٿيڻ وارو آھي.
صائمه: ھا ڌماڪو سليم.... جڏھن مون توکي ڏٺو ته منھنجا ھوش اڏامي ويا ان گھڙي منھنجي دل ۾ وڏو طوفان اٿيو ۽ دل ڌماڪي سان سيني کي ڦاڙي تو وٽ ھلي آئي.
سليم: زائچو ٻڌائي ٿو ته منھنجي لاءِ ھي گھڙي ائين آھي جيئن بابي سامھون امان جي دھشت..... محترمہ صائمه سليم زائچي موجب ھلندو آھي، وھنجندو آھي ۽ پيار به زائچي موجب ڪندو.
صائمه: پيار ته ستارن کي به پنھنجي دامن ۾ سمائي ڇڏيندو آھي.
سليم: پيار ڪرڻ جو به وقت مقرر ٿيل آھي. ھينئر آءُ اڪيلو رھڻ پسند ڪريان ٿو. جڏھن پلوٽو، مرڪيوري جي پاڇي کان نڪري برج سنبلہ جي سامھون ايندو. تڏھن پيار ڪبو، ھينئر تون ھتان ھل.
صائمه: ھي صائمه تنھنجي انھن سھڻين ادائن تان قربان وڃي، سليم تون پنھنجي اکين اڳيان مون کي پري نه ڪر نه ته صائمه مري ويندي.
گانو: سھڻا تون صفا (ثمينه ڪنول)
گانو ختم ٿيڻ کانپوءِ سليم ۽ صائمه ڪجهه
ڳالهه ٻولھ ڪن ٿا ميوزڪ ھلي ٿي. ڳالهه ٻولھ
کانپوءِ.

سليم: (حيرت وچان) جي.......؟ چئبو منھنجا زائچا مون سان ڪوڙ ڳالهائي رھيا آھن.... صائمه يقين ڄاڻ مونکي ان راز جي ڪا به خبر نه ھئي.
صائمه: مون ته توسان مزاق پئي ڪئي..... پر ٻڌ سليم تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولھ ۽ پيار جي گھر جي ڪنھن به ڀاتي کي خبر نه پوي.
سليم: پرواھ نه ڪر صائمه، منھنجي ستارن کي به خبر نه پوندي.

صائمه وڃي ٿي،سيلم ويھي ٿو، نورو اچي ٿو.
نورو: سليم صاحب منھنجو اڄوڪو ڏينھن ڪيئن گذرندو؟
سليم: (زائچو ڏسندي) اڄ توتي شامت وبال جي صورت ۾ ڪڙڪندي، اھا شامت تولاءِ زخمي شينھن بنجي ايندي، جيڪڏھن تنھنجو برج جدي برج ثور تي حاوي ٿي ويو ته پوءِ تنھنجو بچاءُ ٿيندو ورنه تون ڇھ مھينا ڇھ ھفتا ڇھ ڏينھن ڇھ ڪلاڪ ڇھ منٽ ۽ ڇھ سيڪنڊ سائيڪل ھلائيندو رھندين.

فريد فرمائشي ھٿ ۾ ٽيپ رڪارڊر کڻي اچي ٿو.
سليم: آئي شامت آئي...... ما ھلان ٿونورا.

سليم وڃي ٿو.
فريد: اسلام عليڪم نورل ننگاري ۽ توتاري وارا.
نورو: وعليڪم سلام ميموري ڪارڊ جي دنيا جا فريد فرمائشي.... ڪر خبرون.... ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟ ڇا تي آيو آھين؟ ڇو آيو آھين؟
فريد: خبرون خير جون..... آيس تو سان ملڻ..... چڙھي آيس چپل تي.
نورو: ٺھيو ٺھيو ٻوڙ ٿو ھارين.... نڀاڳا اھي وائڙا گانا ٻڌڻ جا شوق اڃا نه ڇڏيئي.
فريد: نورل تون آھين رڍ، رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان.
نورو: بَلي بَلي! ڳالهائين ائين ٿو ڄڻ راڳ جو پنج ڪلو دٻو دوڪان تان وٺي آيو ھُجين.
فريد: ان دڪان تي ممو مواليءَ جا نوان گانا ملي ويندا؟ يار ميوزڪ وارن بليڪ تي ڪري ڇڏيا آھن.
نورو: صرف ممو مواليءَ جا؟..... ولو وياجيءَ جا، چنڊي چور جا، ۽ ڪنگڻ ڪاسائي جو راڳ به تور تي ملي ويندءِ.
فريد: اڇا ته پوءِ اھيو راڳ وٺڻو پيو، گھڻي ڪلو ملي ٿو.
نورو: نڪ ٻوڙي نوي روپئي. پر فريد فرمائشي تون ھينئر بيٺو ائين آھين ڄڻ گھوڙو گاسليٽ وٺڻ آيو آھي.
فريد: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
فريد (ٽيپ/ ايم پي ٿري آن ڪندي) ٻڌ..... ٻڌ ھن فنڪار جا ڳايل ڪلام! واھ جوڪلام آھي، نخرا نه ڪر سھڻا سائين، ڀت ڀڃي ايندوسانءِ، رات رليءَ ۾ رھندوسانءِ.
نورو: ڇا ته فنڪار راڳ جي رليءَ ۾ گھڙي ليٿڙيون پايون آھن.... شاعر ڪير آھي ان ڪلام جو.
فريد: اخلاق اشرافي.
نورو: اھيو شاعر اٿئي بداخلاق بڇڙائي..... اڙِ بند ڪر ان بيھودي راڳ کي خبر اٿئي ته اھڙي راڳ جو ھڪ ٻيو شوقين اٿئي ھن شھر ۾.
فريد: ملائينس مون سان ته سينو سيني سان لائي وٺانس.
نورو: ھا ھا ڇو نه..... ھوپاڻ وارو فقيرو آھي نه؟
فريد: ھا ھا جيڪو گڏھ گاڏو وھائيندو آھي نه!؟
نورو: خبر اٿئي جڏھن فقير نئون گڏھ ورتو ، ته گڏھ گھڻيون گوھيون ھنيون.
فريد: سونٽي ھجي ساڻ ته گڏھ گوھيون ڇو ڪري؟
نورو: گڏھ وڏي مار کاڌي پر اصل نه سڌريو، صفا تو جھڙو بي نڪو آھي، خبر اٿئي پوءِ ڪيئن سڌريو گڏھ؟
فريد: ڪيئن سڌريو؟
نورو: فقيري گاڏي ۾ ھڪ عدد ٽيپ ھڻائي ڇڏي ۽ جڏھن به گڏھ گوھي ڪندو آھي تڏھن فقير تو واري ممو مواليءَ جي ڪيسيٽ وڄائيندو آھي ۽ گڏھ ڪنڌ ڌوڻيندو لھر ھڻندو ھلي پوندو آھي.
فريد: چريا! اھي چئبا اٿئي آواز! جو ٻڌي گڏھ به جھومڻ لڳن، ان شوقين سان ضرور ملڻ گھرجي، ھاڻي جو ھاڻي.
نورو: بلڪل.... لڳي ٿو ته ٻئي ھوٽل تي ويھي چانھ پيئندئو.
فريد: درست فرمايو اٿئي، ھوٽل تي چانھ جو چَسڪو به وٺنداسين ۽ ھن فنڪار جو نئون البم به ٻڌنداسين.
نورو: يعني گڏھ ۽ تون ھوٽل جي بينچ تي ويھي چانھ پيئندؤ؟
فريد: نه بابا فقيرو ۽ مان.. گڏھ نه.
نورو: الائي مون سمجهيو ته ٻئي شوقين گڏ چانھ پيئندا.
فريد: ڪٿي ملندو فقيرو؟
نورو: ھتان اوڀر طرف وڃ..... پوءِ کٻي پاسي واري پھرين گھٽي ۾ لڙي پئہ..... اتان وري نڪ جي سڌ تي 420 وکون اڳتي وڌندين، اڳيان توکي ڇاپري ۾ کوڙ گڏھ.. گاڏن ۾ جُٽيل ملندا، جنھن گڏھ جي اکين تي ڪارو چشمو، چپن تي سرخي لڳل ۽ چڍي پاتل ھجي، اھو تنھنجو ئي طالبو آھي، ٻئي پاڻ ۾ سينا ملائي راڳ جي ريڙھي تي ويھي رڙيون ڪندا رھجو. ڪو نه ڪو ماڻھو موچڙا پاڻھي ھڻي ويندوَ.
فريد: پوءِ مان ھلان ٿو.
نورو: اڙي يار ويھ، مان ھيئن ويس، ھونءَ آيس، قسمت سان آيو آھين توکي چانھ ته پياريان ڪٿي ميار نه ڏين ته نورو نانگيل ڦوسيل به نه کيڏيو.

نورو نڪري وڃي ٿو، فريد ٽيپ شروع ڪري ٿو
ته ڦندو لکنوي به اچي ٿو.

ڦندو: ميان برخوردار نوري.
فريد: نورو ويو آھي ٻاھر چانھ وٺڻ ميان ڦندو.
ڦندو: امان تون ڪير آھين؟
فريد: ميان ڦندو نٿو سڃاڻين؟ اکيون ته ڏاند جي اکين جھڙيون اٿئي اکين ۾ ڦوسڙي آکيرا ڪيا اٿئي ڇا؟
ڦندو: امان يار ڪٿي ڏٺل ٿو لڳين؟
فريد: ھائو پاڻ مکڻ واري ميلي ۾ ملياھئاسون، ياد نٿي جو چڙيا گھر وارن جو ٻڪر گم ٿي ويو ھو ۽ انھن ميلي مان توکي پڪڙي ٻڪر جي جاءِ تي ٻڌي ڇڏيو ھو.... مان ته اچي زنجير ڳچيءَ مان ڪڍيو ھئومان.
ڦندو: امان فريد فرمائشي آھين ڇا؟
فريد: صحيح رڪارڊ وڄايو اٿئي، مان به چوان ته آھي بڻيا دي انڊين ڌن جو شوقين پوءِ ڪيئن ٿو ڪلاسيڪل ڳائي.
ڦندو: ميان فريد فرمائشي! زڪام منجھائي رکيو آھي، آھي ڪو تو وٽ زڪام جو علاج؟
فريد: مھانگو علاج اٿئي.
ڦندو: پرواھ نه ڪر ڪي ڪي پاڻھي بل ڀريندو، تون علاج ٻڌاءِ.
فريد: چپڙي تي ڳائيندڙ ڪنھن فنڪار کي گھرائڻو پوندو.
ڦندو: سمجھ ته گھرايم. پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو.
فريد: اھيو پاڻ وارو ڀونڊي جھڙو نڪ، فنڪار جي ٻنهي چپڙين ۾ ڏئي چپ ڪري ويھي رھ، فنڪار راڳ شروع ڪندو سُر سِرِسام مان.
ڦندو: ميان زڪام مان جان ڪيئن ڇٽندي؟
فريد: جڏھن ٻئي چپڙيون وڄنديون، تڏھن تو وارو نڪ به وڄندو پوءِ نه ھوندءِ نڪ ته زڪام آڱوٺي جو ٿيندءِ چريا.
ڦندو: امان فريد مزاق پيو ڪرين.... مان ته ھن ملڪ ۾ اچي ڦاٿو آھيان، ھن ملڪ ۾ پالڪ جو ون ئي ڪونھي، جنھن تي چڙھي زڪام جو علاج ڪيان.
فريد: (حيرت وچان) پالڪ جو وڻ!؟ چريو ته ناھين ٿيو؟
ڦندو: ھا ميان اسان جي ھندستان ۾ پالڪ جا وڊا وڊا ون ٿيندا آھن، اسين ننڍي لاءِ انھن ونن تي چڙھي ويھندا ھئاسون. پالڪ جي ونن مان وھندڙ کوئنر کائن سان زڪام منھنجو ختم ٿي ويندو ھو.
فريد: ميان ڦندو خان پوءِ ته پالڪ جي وڻن مان پينگھا، ڪٻٽ، در دريون ۽ ٻيو فرنيچر به ٺاھيندا ھوندا.
ڦندو: امان ھا..... ھي به ڪو ملڪ آھي جتي پالڪ جي ونن جو قحط آھي.
فريد: يار ھي پاڻ واري پالڪ جي ڳالهه پيو ڪرين نه؟ جنھن جي ڀاڄي چاڙھيندا آھيون ان پالڪ جا وڻ؟
ڦندو: ھائو برخوردار فريد، امان اتي ٻيان وڊا ون آھن.
فريد: واھوا پوءِ ته ٿوم جا ٻيلا، بصرن جا باغ به ھوندا جن جي ڇانوَ ۾ ويھي تو ڪنھن سان عشق محبت واريون رھاڻيون ڪيون ھونديون.
ڦندو: ميان فريد فرمائشي! جواني ياد نه ڏيار نه ته مان روئي ويھندس.
فريد: ھاڻي ٺھيو.... لڳي ٿو ته زڪام جي زور سبب مٿي وارو ميڄالو معدي ۾ ويھي ويو اٿئي ۽ پيٽ جو گند مٿي چڙھي ويو اٿئي، بي نقوف، پالڪ جا وڻ، ٿوم جا ٻيلا! کُلو!! پُڇ ڪٽيل ٻلا، بيٺو ائين آھين ڄڻ بي سُري فنڪار جي باجي ھيٺان ڪو گلم ڪڍي ويو ھجي.
ڦندو: ميان فريد فرمائشي فري نه ٿي.
فريد: انڌو آھين ڇا؟ مان ھڪ ھنڌ بيٺو آھيان، ڪيئن ٿو ڦران بي نقوف.
ڦندو: امان منھنجي ڪاوڙ کي للڪار نه ورنه!؟
فريد: تون ڪندين ڇا؟ بي نقوف، پھريون زڪام مان ته جان ڇڏاءِ، ٻڌ اھيو نڪ ته ڏي بوٽ کي چتي ھڻائي اچان..... يا ٻڌ نوري کي چئہ ته تو واري نڪ تي ويھي ھيٺين سر مان سُر رانڀاٽ ڪڍي، جي ھوندءِ نَوس ته زڪام ڇڏي ويندءِ.
ڦندو: تون ائين نه سڌرندين، اڄ تنھنجي خبر وٺان ٿو..... خبردار امان

ڦندو ۽ فريد ڊڪندا ٻاھر آئوٽ، امجد اچي ٿو.

امجد: لڳي ٿو ته نانو ڦندو ھت به نه پھتو آھي، يقينن آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيل جهڳڙي کي وڌائڻ ويو آهي، اڙي نانا مار خدا جي پوئي آهين وڏو شرارتي، جي جھڳڙو ڪرائڻو اٿئي ته گرائونڊ مان نڪري پوءِ شرارتون ڪر، ھروڀرو اسان ڪرڪيٽ جي شوقينن جو شوق ڇو ٿو ڦٽائين، خدا ڪندو ته آئوٽ ٿيندي زندگي جي بيٽنگ تان، خدا ڪندو گٽر ۾ ڪرندين ۽ توکي ڪوبه ڪيچ نه ڪندو. ھاڻي مان ڪٿان ڳوليان ڦاٽل بال کي.

صائمه اچي ٿي.
صائمه: امجد..... ڇا ڳالهه آھي!
امجد: نانو گم ٿي ويو آھي، خبر ناھي ڪھڙي اسٽيڊيم ۾ ملندو.
صائمه: تون ڳڻتي نه ڪر.... ھو ھتي آيو ھو، شايد نوري سان ٻاھر نڪري ويو آھي.
امجد: او صائمه تو منھنجي پريشاني ختم ڪري ڇڏي، منھنجي رنسن ۾ تو اضافو ڪري ڇڏيو، ان خوشيءَ ۾ تو لاءِ ھڪ ڇڪو ھڻندس.
صائمه: امجد خدا ٿو ڄاڻي تو منھنجي دل تي ڪھڙو جادو ڪيو آھي، جو دل توکي پئي ٿي ساري ۽ توکي ھڪ نظر ڏسڻ سان دل ڏئي ويٺس.
امجد: صائمه ون ڊي ميچ پئي کيڏين يا سيريز ميچ.؟
صائمه: امجد تنھنجي ادائن، تنھنجن مرڪن، منھنجو مَن موھي وڌو آھي، جنھن مھل تون ھي بيٽ ھٿ ۾ کڻي ھلين ٿو، ان مھل مون کي ڏاڍو وڻين ٿو.
امجد: مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ھن سيني ۾ ويٺل امپائر ڪھڙو فيصلو ڪري.
صائمه: دلين جي سودي ۾ امپائر جو ڪھڙو ڪم؟ بس تون منھنجي زندگي آھين.
امجد: جي اھا ڳالهه آھي ته پوءِ ھي امجد توتان جان به گھوري ڇڏيندو.
صائمه: ۽ ھي صائمه تنھنجي جسم جو پاڇو بنجي توسان گڏ رھندي.
گانو: توکي ڇڏي جي ٻي کي (منظور سخيراڻي)
گانو ختم ٿين کان پوءِ صائمه ۽ امجد پاڻ ۾
ڳالهائن ٿا ميوزڪ ھلي ٿي،
ميوزڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ.

امجد: جي.... واقعي.... خدا ٿو ڄاڻي مون کي ڪابه خبر ناھي، صائمه تنھنجي سر جو قسم.... مون کي ان سازش جي ڪابه خبر ناھي.
صائمه: امجد مون ته مذاق پئي ڪئي... بس تنھنجو امتحان وٺڻ پئي گھريو، امجد مون سان ھڪ واعدو ڪر.
امجد: ھڪ واعدو نه پر ھزار رنسن جا واعدا ڪري، دنيا جي عاشقن جو رڪارڊ ٽوڙيندس.... تون رڳو بالنگ ته ڪري ڏس.
صائمه: تنھنجي ۽ منھنجي پيار جي خبر ھن گھر جي ڪنھن به ڀاتي کي نه پوي.
امجد: واعدو آھي توسان صائمه واعدو... ھن دل جي اسٽيڊيم ۾ ائين سمجھ ته اھيو راز دفن ٿي ويو ۽ ان راز جي ڪنھن به تماشائي ۽ امپائر کي خبر نه پوندي ته امجد ايل بي ڊبليو ٿيو آھي يا نه.
صائمه: چڱو امجد..... وري ملنداسين...... مان اندر ھلان ٿي.

صائمه اندر وڃي ٿي.
امجد: محبت... اڻ گھري محبت.... جيئن ھر ڪرڪيٽر کي ملي آھي.... واھ تنھنجا نصيب امجد.

نورو چانھ جو ڪپ کڻي اندر داخل ٿئي ٿو.
امجد: نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
امجد: ٻڌ اڄ کانپوءِ ڪرڪيٽ ٽيم کي طلاق... طلاق..... طلاق.
نورو: خير ته آھي امجد صاحب.
امجد: ھا نورا اڄ امجد سينچري ھڻڻ جا رڪارڊ قائم ڪري ڪرڪيٽ جي دنيا مان ريٽائر ٿيو آھي.

امجد ٻاھر ھليو وڃي ٿو.
نورو: ائين ڪم جو ٿي، رڳو “اٽي تي چٽي” نه ٿي. بلڪل اھڙي موقعي جي مھل باباءِ بيٺل حضرت ڦودني خان بندوق جي نالي تي بيھي۽ ڪارتوس ڪلھي تي رکي فرمايو ھو ته “ٻڌو مردِ مومن ۽ مردِ حق، سينن تي سينڊل سجائي، چيلھ ۾ چڙا ٻڌي، ڪنن ۾ ڪپھ وجھي، زبان کي زنجير ھڻي، وات کي واڻائي ۽ ھٿ ۾ کڻي وٽي نه ٿيو ته “اٽي تي چٽي”. انسان بڻجو حيوان نه ٿيو.”

ڪي ڪي، بيگم، ارشد ۽ ڦندو داخل ٿين ٿا.
ڪي ڪي: بيگم ڪيئن رھي پڪنڪ.
بيگم: واھ جومزو آيو... ڇاته رنگ ھيو ھيرو جو.... ڪيڏو نه سھڻو ھيو، ھيرو ڪيڏو نه مضبوط ھيو ھيرو، ڪيڏو نه ٺھي پيو ھيرو.
نورو (کلندي): سمجهي ويس... ڪنھنجي جي ٽڪڻ تي وسيو، وڏي کڙي وارو سينڊل ھيرو.
ڪي ڪي: ٺيڪ سمجهيو اٿئي نورا.
نورو: ھڙئي ڪم پورا، اوھانجي تارؤن جو ته بچاءُ آھي صاحب… يا پھرين پادر ڪيو پَٽِ، ٻي ڪيو ٻَٽِ… ٻَٽِ ٻَٽِ ٻَٽِ.
ڪي ڪي: نورا نگاھون ھيٺ ڪري ڳالهاءِ، تون نوڪر آھين نوڪر.
نورو: صاحب اوھان ڪڏھن کان سگريٽ پيئو ٿا.
ڪي ڪي: مان سگريٽ نه پيئندو آھيان.
نورو: پوءِ ھي پنج فوٽن وارو ڪي ٽو فلٽر پاڪيٽ ڇو ٿا کنيو وتو.
ارشد: باجي تنھنجو ھي نوڪر نورو، وڏو بدتميز ۽ بداخلاق آھي. ھن کي مھذب ماڻھن سان ڳالههائڻ جي ڪابه تميز ناھي.
بيگم: نورا زبان کي لغام ڏي... ڪي ڪي پنھنجي پياري نوڪر کي سمجھاءِ.
ڪي ڪي: نورا اخلاق سک، جي ھن گھر ۾ رھڻو اٿئي ته زبان ۽ اکيون بند رک نه ته ٻڌ ٽپڙ ٿي راھي.
نورو: ھاڻي ٿو ٻڌان ٽپڙ... ڪيو پگھار جو حساب ته نورو نڪري ھن گھر مان.
ڪي ڪي: نورا… نورا… نورا…
نورو: ھڙئي ڪم پورا پورا پورا.
ڪي ڪي: نه سڌرندين نورا، يار وڏو پلستر آھين، خير ڇڏ مزاق کي..... اسين رات جي ماني کائي آيا آھيون پڪ آھي ته تو به پنھنجو پيٽ ڀري ڇڏيو ھوندو.
نورو: صاحب! نورو پنھنجو پيٽ ڀري چڪو آھي، ڇو ته نوري نماڻي کي خبر آھي ته ھوٽل تي ماني ڪيئن ۽ ڪنھن جي کنڌي تي کائبي آھي.
ڪي ڪي: چڱو اسين ھلي آرام ڪريون ٿا، عرفان ٽي وي اسٽيشن ڏانھن ويو آھي، جيئن اچي ته اندر موڪلجانس ته خبر وٺانس.
نورو: حاضر جناب.

بيگم، ڪي ڪي، ڦندو ۽ ارشد اندر وڃن ٿا.
نورو: (ڦندو کي سڏ ڪندي) او بڙي ميان ڦندو لکنوي.

ڦندو موٽي ٿو.
ڦندو: ڇو برخوردار.
نورو (ڦندو جي وات ڏانھن اشارو ڪندي) ميان ڦندو آمريڪي انگريز جي ڪوٽ جي ڦاٽل کيسي جھڙي وات ۾ اڄ پان شريف ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
ڦندو: امان زڪام ماري ڇڏيو آھي... ڪو علاج ڏس يار.
نورو: کوڙ علاج.. رڳو ڪرڻ جي دير آھي.
ڦندو: ٻڌاءِ يار نڪ اگھي اگھي تنگ ٿي پيو آھيان.
نورو: نڪ اگھڻ لاءِ ملازم رک ميان.
ڦندو: ملازم..!؟ نه نه ! پگھار ڏيني پوندي ٻيو ڪو علاج ٻڌاءِ.
نورو: ھون... ھا ھيئن ڪر جو پاڻ وارو نڪ ڪپي ھڪ عدد رومال ۾ ويڙھي لنڊن ۾ ويٺل پاڻ واري مائٽ ڏانھن اي ميل ڪري موڪل، سڄو ڏينھن ۽ رات ويٺو تو وارو نڪ صاف ڪندو رھندو، گھٽ ۾ گهٽ واندو ته نه ويھندو، واندو آھي ته شيطان شرارتون ٿو ڪري.
ڦندو: ميان نوري، مذاق نه ڪر ٻيو علاج ڏس.
نورو: ڀلا ٻڌ... اينگڙ ٻٽو ٻہ تولا.
ڦندو: اھيو وکر آھي؟
نورو: نه وکري آھي.... ته خيال سان ٻڌ اينگڙ ٻٽو ٻہ تولا، کَرَ جي کل ھڪ پاءُ، تخمِ خنزير اڌ آنو، تخمِ بلغم ڏيڍ ڪلو، وڏي تپ جا 8 عدد گورا، پيٽ جي سور جون پاڙون ٻہ ڪلو، وائي سور جو آنو، مليريا جو مڻ، اُلو جي عرق ۾ ملائي مٿي ۽ نڪ تي چپڙي ٺاھي رکي ڇڏ ته زڪام زوزاٽ ڪندو ھليو ويندءِ.
ڦندو: وارو ڪر وڃي اھي وکر وٺي اچ.
نورو: ميان ڦندو ھڪڙو وکر مون کي نه ملندو، اھو توکي ئي ھٿ ڪرڻو پوندو.
ڦندو: امان ڪھڙو وکر... ڪٿان ملندو؟
نورو: ميان تخمِ بلغم.... اھيو توکي ڪنھن موالي جي مڪان تان ملي ويندو بنا پيسن ڀرڻ جي. باقي ٻيا وکر مان وڃان ٿو وٺڻ.
(نورو نڪري وڃي ٿو.)
ڦندو: ارشد ميان...... ارشد.

ارشد اچي ٿو.
ڦندو: ارشد ھينئر پنھنجي منصوبي تي عمل ڪرن جو وقت اچي چڪو آھي. مان ھي جيڪا مذاق ڪيان پيو اھا مذاق به ھن چال جي ھڪ ڪڙي آھي، ٻڌ منصوبي کي ڪامياب ڪرن لاءِ ڪاوڙ کائني پوندي آھي. ھن گھر جي وڏي جي زندگي جي ڪتاب جا ورق ساڙن جو وقت ويجھو اچي چڪوآھي.
ارشد: ميجر بلڪل ائين ئي ٿيندو، اڄ رات باقي رھيل مرحلو به پورو ٿي ويندو.
ڦندو: بڙي ڀائي جي حڪم تي عمل نه ٿيو ته ، اسان جي موت کي دعوت آھي ارشد.
ارشد: ميجر اسان کي ھن گھر جي ڌرتي کپي، گھر ڌڻي نه.
ڦندو: ھا.... ھن گھر جي وڏي ڪي ڪي تي اعتبار ھرگز نه ڪجان، اھو واپس موٽي ٻھراڙي جو ماڻھو ٿي سگھي ٿو، ڪي ڪي سڀ کان وڏو اسان جو دشمن آھي ۽ پوءِ روشن.
ارشد: ھا ميجر.... روشن وڏو رھزن آھي ۽ نورو به ھن گھر جو وڏو وفادار آھي.
ڦندو: ارشد نوري مونکي بي وقوف سمجهي وکرن وسيلي منھنجي توھين ڪئي آھي، ان توھين جي سزا نورو ضرور ڀوڳيندو. اسان جي ٽارگيٽ جو ٽيون نمبر نورو آھي. مان بڙي ڀائي سان ڳالھائيندس.
ارشد: ميجر ھي جيڪا صائمه آھي، اھا ڪير آھي؟ ھن گھر ۾ ڇو آئي آھي، ان ۾ مون کي شڪ ٿو پوي ته ھي جاسوس آھي.
ڦندو: شڪ ته مون کي به آھي... ان راز کي ھينئر ئي ٿا کوليون، تون وڃ ۽ آسيه کي ھيڏانھن موڪل.

ارشد وڃي ٿو، آسيه اچي ٿي.
بيگم: جي بابا.
ڦندو: آسيه صائمه ڪير آھي؟
بيگم: خميسي خان جي دوست جلال حيدر جي ڌيءُ آھي.
ڦندو: نه آسيه نه مون کي جاسوس ٿي لڳي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جو منصوبو ناڪام وڃي. تون صائمه کي گھرائي پڇينس.... مان ھلان ٿو ۽ صائمه کي موڪليان ٿو.

ڦندو وڃي ٿو.
بيگم: صائمه ۽ جاسوس..... جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ صائمه جو لاش مالڪن کي به نه ملندو.

صائمه اچي ٿو.
بيگم: صائمه تون ڪير آھي، ھن گھر ۾ ڪھڙي مقصد خاطر آئي آھين.
صائمه: آسيه مان خود اھڙي موقعي جي تلاش ۾ ھيس ته توکي پاڻ بابت سڀ ڪجهه ٻڌايان.

ميوزڪ ھلي ٿي صائمه ۽ آسيه ڳالهائين ٿيون
ميوزڪ ختم ٿئي ٿي.
بيگم: ان جو ثبوت ڪھڙو آھي صائمه.

صائمه ھڪ لفافو بيگم کي ڏئي ٿي، بيگم
آسيه خط وٺي پڙھي ٿي.

بيگم (خط پڙھڻ کانپوءِ) اڇا.... ته اصل حقيقت اھا آھي؟
صائمه: جي بيگم آسيه..... اھيو راز راز ئي رھي. ايتري قدر جو تنھنجي پيءُ ڦندو لکنوي کي عرف ميجر ۽ ارشد ڪي ٽو کي به خبر نه پوي ۽ خط کي ڦاڙي ڇڏ.
بيگم: (خط ڦاڙيندي) صائمه اھيو راز راز ئي رھندو، منھنجو شڪ ختم ٿيو، باقي بابي کي مان سمجھائي ڇڏينديس.

بيگم وڃي ٿي صائمه بيٺي آھي، عرفان اچي ٿو.

عرفان: محترمہ اوھان ھتي ڪيئن بيٺيون آھيو؟
صائمه: تنھنجي انتظار ۾، تو منھنجي دل تي ڌاڙو ھنيو آھي.
عرفان: ڌاڙو! صائمه فنڪار گھر سنواريندا آھن، اجاڙيندا ناھن.
صائمه: عرفان تو منھنجي دل پاڻ وٽ قابو ڪري ڇڏي آھي، ان جي بدلي تون به مون کي پيار ڏي.
عرفان: صائمه دلين جا سودا سرعام ناھن ڪبا.
صائمه: اھا ڪھڙي محبت جيڪا لڪائي ڪئي وڃي. تنھنجي ادائن منھنجي ننڊ کي نھوڙي ڇڏيو آھي، تڏھن ته تنھنجو انتظار پئي ڪريان.
عرفان: صائمه آءُ توکي سمجهي ناھيان سگھيو.
صائمه: عرفان صائمه ھڪ کليل ڪتاب وانگيان آھي، تون ان ڪتاب کي پنھنجي ھٿن ۾ جهلي پڙھ ته توکي خبر پئجي ويندي.
عرفان: صائمه مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي... آءُ تنھنجي پيار جي قابل ناھيان.
صائمه: صائمه توکي ساھ کان وڌيڪ چاھي ٿي، صائمه کي پنھنجو بڻاءِ، صائمه کي صدما نه ڏي، عرفان تون منھنجو پيار آھين.
گانو: سڀ چون ٿا منھنجو سھڻو آھي موتي داڻو (ثمينه/ شازيہ)
گانو ختم.

عرفان: صائمه مون مان محبت جي موٽ ملڻ جي اميد نه رک، مون پنھنجي فن سان محبت ڪئي آھي، فنڪار محبت ھڪ دفعو ڪندو آھي، دل ھٿن ۾ کنيون خريدار ڳولڻ سچي فنڪار جو ڪم ناھي. مون کي معاف ڪجان جو مون تنھنجي دل کي رنج پھچايو، مان ڄاڻي واڻي توکي ڏک ڏيڻ نٿو گھران.
صائمه: ته ٺيڪ آھي عرفان...... تنھنجي مرضي..... پر منھنجو ڀرمُ رکجان، جي تون مون کي محبت جي موٽ نٿو ڏين ته نه ڏي..... پر اھو راز پنھنجي دل ۾ دفن ڪري ڇڏجان، متان منھنجي بدنامي ٿي.
عرفان: صائمه فنڪار ھر راز کي دل ۾ سمائي دل جي ڌڙڪن ۾ گم ڪري ڇڏيندو آھي. تون خاطري ڪر.
صائمه: عرفان توکان ھڪ ڳالهه پڇان؟
عرفان: ھا.... ڪھڙي.

ميوزڪ ھلي ٿي عرفان ۽ صائمه ڳالهائين ٿا..
ميوزڪ ختم.

عرفان: نه مون کي ڪابه معلومات ناھي صائمه، ھڪ فنڪار ڀلا اھڙن ڪمن مان ڇا ڄاڻي.
صائمه: عرفان مون ته توسان مذاق پئي ڪئي، دراصل اھا ڪھاڻي مون ھڪ ڪتاب ۾ پڙھي ھئي، بس توکي ٻڌائي پنھنجي دل کي خوش پئي ڪيو ۽ تنھنجي اندر جي فنڪار کي پئي پرکيو.

صائمه وڃي ٿي.
عرفان: اھا ڪتاب جي ڪھاڻي ناھي صائمه..... تون فنڪار سان فنڪاري نه ڪر، ضرور ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ آھي.

نورو اچي ٿو.
عرفان: نورل مبارڪ ھجئي.
نورو: ڦندو لکنوي ويو موڪلائي ڇا؟
عرفان: نه نورل! ڦندو زندہ آھي... پر مون کي ٽي وي جي ڊرامي ۾ ڪم ملي ويو آھي.
نورو: مبارڪ توھان کي ھجي عرفان صاحب، جو اوھان جي ڪوشش ڪامياب ٿي، توھان جو اھو ڊرامو ضرور ڏسبو ۽ وڏي پئماني تي ڏسبو.
عرفان: چڱو مان ھلان ٿو... تون به آرام ڪر.

عرفان گھر وڃي ٿو.
نورو: اڙي نورا سڄو ڏينھن ڪيئي ڪم پورا. ھاڻ سمهي پئہ ته ڪي ٿڪ لھنين، آرام ڪر، وري صبح جو ڏٺو ويندو.

نورو سمهي ٿو ته ارشد اچي ٿو.
ارشد: نورا اٿ وڃي ٻاھر سمھ، توکي چيو اٿم ته جيستائين مان ھن گھر ۾ موجود آھيان، تون ھتي نٿو سمهين سگھين.

نورو اٿي ٿو.
نورو: ھائو ڪي ٽو فلٽر.... وقت آيو ته تو مان ڪسرون ته ضرور ڪڍندس.

نورو ٻاھر آئوٽ.... ارشد سمهي ٿو. صائمه
جاسوس بنجي اچي ٿي جائزو وٺي ھلي وڃي
ٿي ڦندو اچي ٿو ۽ ارشد کي اٿاري ٿو.

ڦندو: ارشد.
ارشد: جي ميجر.
ڦندو: ننڊون ڪرڻ سان مقصد حاصل نٿا ڪري سگھجن.
ارشد: ميجر ائين اک لڳي وئي ھئي.
ڦندو: ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ.... تون ننڊون ڪري سگھين ٿو.... پرگرام موجب عمل ٿيڻ گھرجي ياد رک جيڪڏھن تو ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي ڪئي ته تنھنجا 3 ٻار ھڪ ماءُ ۽ زال اسان جي ساٿين جي نشانن تي موجود آھن.
ارشد: ميجر ڪي ٽو ڪوتاھي ڪرڻ سکيو ئي ناھي.

ٻہ نقاب پوش اچن ٿا.
ڦندو: ارشد تون ھنن سان رلجي وڃ...... دشمن بچڻ نه گھرجي..... مان ھتي ئي انتظار ڪريان ٿو.
ارشد: جي ميجر.

ارشد ۽ نقاب پوش ٻاھر آئوٽ، ڦندو فون وسيلي
ڳالهائي ٿو.
ڦندو: سر اڄ اسان جي مخبري ڪندڙ اسانجو وڏو دشمن پنھنجي منطقي انجام تي پھچڻ وارو آھي، اسان جا ساٿي ھن جي راھ ۾ موت وڇائڻ لاءِ وڃي چڪا آھن......... ٺيڪ آھي بڙي ڀائي........ ائين ئي ٿيندو.

ڦندو ٽيليفون بند ڪري ٿو.... ڪجهه منٽن کان
پوءِ ارشد ۽ نقاب پوش ھڪ شخص کي کڻي
اچن ٿا ۽ ان کي قتل ڪن ٿا ۽ ھڪ ٻوري ۾
بند ڪري نقاب پوش لاش کڻي ھليا وڃن ٿا.

ڦندو: ٿاڻي جي پٺين پاسي واري گرائونڊ ۾ لاش اڇليو اچو.... ارشد! ٻوري ۾ لاش جو تحفو تولاءِ واري پرچي لکي ساٿين کي ڏنئي.
ارشد: جي ميجر اھا پرچي وسارڻ جھڙي ئي ناھي.
ڦندو: ارشد سڀاڻي پنھنجي مشن نمبر 80 کي مڪمل ڪرڻو آھي.
ارشد: اوڪي ميجر.
ڦندو: ھاڻي تو آرام ڪر..... رات گھڻي گذري چڪي آھي، مان ھلان ٿو.

ڦندو گھر اندر وڃي ٿو ۽ ارشد سمهي پئي
ٿو... صبح ٿئي ٿو... نورو داخل ٿئي ٿو.

نورو: گورپٽ جو ماسات اڃان ستو پيو آھي.... او ڀائي ڪي ٽو فلٽر اٿي.. صبح ٿي ويو آھي، گھر ڌڻي نيرن کائي چڪا آھن، اٿ وڃي ٿانوَ چَٽِ.
ارشد: (اٿندي) جلدي صبح ٿي ويو؟ پوري ننڊ به نه ڪئي آھي.
نورو: ڇو رات چوري ڪرڻ وئين ھئين ڇا؟
ارشد: مون سان مذاق نه ڪندو ڪر نورا.
نورو: وڃ وڃي منھن ڌو.... لڳي ٿو ته ننڊ ۾ پڪوڙا کپايا اٿئي.

ارشد گھر اندر وڃي ٿو. پوليس انسپيڪٽر
اچي ٿو.
انسپيڪٽر: مسٽر ڪي ڪي صاحب کي سڏي اچ.

نورو وڃي ٿو انسپيڪٽر جاءِ جو معائنو ڪري
ٿو. صائمه اچي ٿي.

صائمه: انسپيڪٽر توھان سان ڪجهه ڳالهائڻو آھي.
انسپيڪٽر: اوھين ڪير آھيو؟ ڇا ٿيون چوڻ چاھيو؟ ڇا ڪي ڪي تنھنجو عزيز آھي؟

ميوزڪ ھلي ٿي انسپيڪٽر ۽ صائمه
ڳالهائن ٿا. ميوزڪ ختم.

انسپيڪٽر: جي.... اھا ڳالهه آھي ته پوءِ مون کي بار بار ھت اچڻ نه گھرجي.... مون کي اميد آھي ته توھان پنھنجي مشن کي مڪمل ڪندؤ.

صائمه وڃي ٿي، ڪي ڪي اچي ٿو.

ڪي ڪي: انسپيڪٽر صبح سان وري ھت اچي ڪھڙي ڳالهه ثابت ڪرڻ چاھين ٿو، ھي شريفن جو گھر آھي، ھن گھر ۾ بنا اجازت اچڻ جي توکي جرئت ڪيئن ٿي آھي؟
انسپيڪٽر: ڪي ڪي صاحب ٿاڻي جي پوئين پاسي واري گرائونڊ مان ٻوري بند لاش مليو آھي. لاش ڪنھن جو آھي ان جي سڃاڻپ ته ٿي ويندي پر........
ڪي ڪي: (جملو ڪٽيندي) انسپيڪٽر تون ڪٿي اھيو چوڻ چاھين ٿو؟ ته اھيو قتل مون يا منھنجي گھر جي ڪنھن فرد ڪيو آھي؟
انسپيڪٽر: اھيو وقت ئي ٿابت ڪندو..... پر جن ماڻھن قتل ڪيو آھي، انھن قاتلن جي پيرن جا نشان اوھان جي بنگلي جي آسپاس مليا آھن.
ڪي ڪي: انسپيڪٽر، ھوش سان ڳالهاءِ ... تون ملڪ جي وفادار آفيسر سان ڳالهائي رھيو آھين ڪنھن للو پنجوءَ سان نه.
انسپيڪٽر: معاف ڪجو سر..... قانون، قانون آھي.

انسپيڪٽر آئوٽ.
ڪي ڪي: قانون جا پٽ.... اڄ تنھنجي نوڪري وئي.

بيگم، ڦندو، امجد، سليم ۽ ارشد اچن ٿا.
بيگم: آءُ ڪنھن ضروري ڪم سان بابي ۽ ارشد کي وٺي وڃان ٿي... شام تائين اچي وينداسين.
ڪي ڪي: مون کي به ته خبر پوي.... آخر ڪيڏانھن وڃڻ جو پروگرام آھي.
بيگم: توکي چيم ته ضروري ڪم سان وڃون ٿا. موٽي اچي ٿو کي خوشخبري ٻڌائينديس.
ڪي ڪي: تنھنجي مرضي.... صائمه کي به وٺيو وڃ ته چڪر ڏئي ايندي.
بيگم: نه ان جي ضرورت ناھي.
ڪي ڪي: امجد تون ڪيڏانھن تيار ٿيو پيو وڃين؟
امجد: بابا مان لائبريري ويندس، جتي ھڪ دوست سان ملڻو آھي.
ڪي ڪي: سليم تون ته پڪ ستارن جي گردش ۾ گم ٿيڻ لاءِ وڃي پيو.
سليم: ھا بابا..... اڄ مان اھڙي ستاري جي ڳولا ۾ وڃان ٿو جنھن ستاري تي انسان جي قسمتن کي چند ماڻھو يرغمال بڻايون ويٺا آھن.
ڪي ڪي: واھ لڳي ٿو ته اڄ سج اتر کان اڀريو آھي جو.... منھنجا پٽ ڳالههيون ئي ٻيون پيا ڪن.
بيگم: ڪي ڪي اسان ھلون ٿا.

ڦندو، بيگم، ارشد، امجد ۽ سليم نڪري وڃن ٿا.
ڪي ڪي: نورا.... او نورا.

نورو اچي ٿو.
نورو: ھڙئي ڪم پورا.
ڪي ڪي: نورا استاد بدرالدين جي گئريج وڃ ۽ گاڏي ڪاھي اچ.
نورو: حاضر سائين مان وڃان ٿو.

نورو نڪري وڃي ٿو، عرفان اچي ٿو.
ڪي ڪي_ ڪيڏانھن پيو ٺھي ٺڪي وڃين عرفان.
عرفان: بابا اڄ ٽي وي اسٽيشن وڃان ٿو، ڊرامي جي رڪارڊنگ آھي. دعا ڪجو.
ڪي ڪي: اڙي ڊراما انسانن جو پيٽ ڀرين ھا ته دنيا جا سڀ انسان ناٽڪن ۾ ڪم ھان.... مان چاھيان ٿو ته تو سي. ايس. ايس ڪري ڪنھن سٺي عھدي تي پھچ. ڇڏ اھي ٻاراڻا شوق.
عرفان: بابا ھن ڪائنات ۾ سوين سھڻا روپ پنھنجي پنھنجي مقصد واري منزل ڏانھن وڌي رھيا آھن ۽ ضروري ناھي ته ھر روپ اعليٰ عھدي لاءِ ئي ھن ڌرتي تي پيدا ڪيو ويو ھجي.
ڪي ڪي: تون آفيسر جو پٽ ٿي ڪري ناٽڪن ۾ ڪم ڪندين!؟ تنھنجو گھراڻو مھذب گھراڻو آھي. ڇو ٿو مونکي لڄائين!!؟
عرفان: بابا ھن ڌرتي تي رھندڙ ھر ماڻھو مھذب آھي، ھر ڌنڌو عظمت وارو آھي اھيو ضروري ناھي ته وڏين ڪرسين تي ويٺل وڏين عزتن جا حقدار ھجن ۽ پٽ تي ويٺل غريب نفرتن جي لائق ھجن. منھنجي اندر ۾ ويٺل فنڪار مون کي ٻڌائي ٿو ته ھن ڌرتي تي رھندڙ سڀ انسان برابر آھن، ڪو ڪنھن کان بلند ۽ بالا ناھي.
ڪي ڪي: اڙي اھيو اندر ۾ ويٺل فنڪار سواءِ بک جي توکي ڪجهه به نه ڏيندو، گھڻا فنڪار بک ۾ مرندي مون ڏٺا آھن!
عرفان: فنڪار جو فن ازل کان ابد تائين، ڌرتي جي ھِن پار کان، ھُن پار تائين پوءِ به زندہ آھي ۽ هميشه زندہ رھندو. فنڪار کي موت نٿو اچي سگھي.
ڪي ڪي: اڙي فنڪار فتني جي جڙ آھن.
عرفان: سچا فنڪار امن جا علمبردار آھن.
ڪي ڪي: فنڪار نفرتن جا پوڄاري آھن.
عرفان: سچا فنڪار محبتن جا مسيحا ھوندا آھن.
ڪي ڪي: فنڪار ڏوھن جي دنيا جا بي تاج بادشاھ آھن.
عرفان: سچا فنڪار فيض ڏيندڙ فقير آھن.
ڪي ڪي: فنڪار بدنصيبي جي بازار جا سوداگر آھن.
عرفان: سچا فنڪار سچي تاريخ لکندڙ ڪاتب آھن.
ڪي ڪي: فنڪار اڌ چريا ۽ پاڳل آھن.
عرفان: سچا فنڪار فڪر جي ڦرھي ھٿ ۾ کڻي ماٺ مطالعو ڪندا آھن.
ڪي ڪي: مطلب ته تنھنجي مٿي ۾ فنڪاري جو اُٺُ ويھي چڪو آھي.
عرفان: بابا مان پنھنجو پاڻ کي دوکو نٿو ڏيڻ چاھيان، منھنجو فن منھنجو رھبر آھي، مون کي ان جي اڳواڻي قبول آھي. اوھان دعا ڪريو ته آءُ پنھنجي منزل ڏانھن سچي راھي وانگر رمندو رھان.

عرفان ٻاھر آئوٽ.
ڪي ڪي: افسوس صد افسوس.... اھڙن پٽن کان ڀينگ ڀلي، جيڪي عزت جي نيلامي جا دوڪاندار ھجن.

روشن اچي ٿو.
ڪي ڪي: آ سدورا پٽ باقي تون بچيل ھئين.
روشن: بابا ھن گھر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، اھو مونکي بلڪل پسند ناھي.
ڪي ڪي: ڇا ٿي رھيو آھي ھن گھر ۾!!؟
روشن: بابا ننڍي امان ھن گھر کي اڏوھي وانگي اندران کائي رھي آھي.
ڪي ڪي: ان نفرت کي پنھنجي سيني جي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏ، نفرتن کي ھوا نه ڏي ورنه تنھنجي ان عمل سبب ھي گھر نفرتن جي باھ ۾ ڀسم ٿي ويندو.
روشن: اسان جي گھر ۾ ويھي، اسانجا دشمن، سڄڻن جو روپ ڌاري، صدين جي سڃاڻپ کي مڪر ۽ فريب سان ميساري رھيا آھن ۽ گھر ڌڻي! اُھي گھر ڌڻي جيڪي قانون ۽ انصاف جي طاقت رکن ٿا اھي رشوت جي انڌي پيسي پويان ڊوڙي پنھنجي وجود کي برباد ڪري رھيا آھن.
ڪي ڪي: روشن! پيسو گهڻو ڪجهه آھي، جنھن وٽ پيسو ناھي، ھن سماج ۾ ان جي ڪابه عزت ناھي، اھوھن سنسار جو سڙيل پنو آھي جنھن تي زندگيءَ جون خوشيون نٿيون لکجي سگھجن.
روشن: بابا پيسو گھڻو ڪجهه برابر آھي، پر سڀ ڪجهه ناھي. مان ڄاڻان ٿو ته ھتي وڏين ڪرسين تي ويٺل اسان جا ماڻھو پنھنجي ئي بدن جو ماس ڪپي ۽ ڪوري رھيا آھن، پنھنجي ئي جسم جي رڳن جو رت ڄؤرن وانگر چوسي رھيا آھن ۽ ڪرسين تي ويھي پنھنجي قوم جو ڪنڌ ڪاڳر جي ڪاتيءَ سا ڪپي رھيا آھن.
ڪي ڪي: پنھنجي زبان کي ضابطي ۾ رک روشو! تون ايترو نافرمان ٿي چڪو آھين جو پيءُ کي ورنديون ٿو ڏين؟
روشن: بابا جتي جتي ڌرتيءَ تي ڌاڙو ھڻندڙ ڌارين جي داداگيري ۽ دھشتگردي کان وڏا واقف نه ھوندا آھن، اتي نافرمان پٽ ئي ڌرتي جي دنگ لاءِ جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪندا آھن.
ڪي ڪي: تو کي اھو علم سيکاريو آھي ته تون ادب ۽ اخلاق جون حدون اورانگھي بداخلاقي جي بارود سان ڀرجي، ان پيءُ اڳيان زبان کولين !؟ جنھن توکي دنيا جي حسين رنگن ۾ رنگي ڇڏيو آھي.
روشن: بابا اسان جو علم اسان کي سيکاري ٿو ته جڏھن به وطن جي ويرين جي قدمن جا آواز ٻڌو، تڏھن پنھنجي ستل ضميرن کي جاڳائي دوکي جون ديوارون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو.
ڪي ڪي: آخر تون چاھين ڇا ٿو!؟
روشن: بابا آءُ چاھيان ٿو ته توھان اکيون کوليو ۽ ھن گھر ۾ ڌارين جي چرپر تي نظر رکو.
ڪي ڪي: اڙي تون ڪھڙو پٽ آھين؟ جو پيءُ جي خوشين ڀرئي گھر ۾ زھر جا رنگ ٿو ڀرين!
روشن: بابا مان تنھنجو اھو پٽ آھيان جيڪو ھن گھر جي خوشين کي بچائڻ لاءِ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي.
ڪي ڪي: روشن تون اھو کوٽو سڪو آھين جنھن جي بازار ۾ ڪا به قيمت ناھي؟
روشن: کوٽو سڪو ڏکي وقت ۾ ئي ڪم ايندو آهي ۽ اسان جو ساٿي بڻبو آھي بابا.
ڪي ڪي: نڀاڳا سڌر.... جواني ۾ پادر ڇو ٿو کائين؟
روشن: تنھنجو ھڪ ھڪ پادر منھنجي لاءِ ملامت جو داغ ناھي بابا.... پر ڌارين جي ھڪ ميري نظر به منھنجي لاءِ وڏي گار برابر آھي.
ڪي ڪي: ٺھيو اڄ مڙي ٿو وڃانءِ نه ته صبح سان ڪيانءِ ھان موچڙن جي مھماني.

ڪي ڪي ڪاوڙ وچان ٻاھر وڃي ٿو.
صائمه اچي ٿي.

صائمه: روشن مون پنھنجي دل تي پٿر رکي سڀ ڪجهه سٺو آھي، ھاڻ مون کان صبر برداشت نٿو ٿيئي.
روشن: صائمه تون ڀليل آھين.
صائمه: نه روشن مان توکان سواءِ ھڪ گھڙي به رھي نٿي سگھان، جدائي جو پل پل واسينگ بنجي منھنجي وجود کي ڏنگي رھيو آھي.
روشن: صائمه مان ڄاڻان ٿو ته تون ڇا ٿي چوڻ گھرين.
صائمه: جاني مان ھزار ڀيرا پنھنجي اندر ۾ مري چڪي آھيان، مون وک وک تي زھر جا ڍڪ ڀريا آھن.
روشن: صائمه جيڪي ماڻھو زندگي جي زھر کي زم زم ڪري پيئن ٿا، اھي ئي جڳ ۾ جيئن ٿا.
صائمه: تو بنا سک ۽ آرام مون کي راس نٿو اچي، تنھنجي جدائي مون لاءِ ھڪ ويل آھي جانب.
گانو: تو بنا سانورا (سجاد يوسف، ثمينه)
روشن: ٻڌ صائمه! آئندہ اھري قسم جي حرڪت مون سان ڪڏھن به نه ڪجان... تون ھاڻي ھلي آرام ڪر.... مان به ٻاھران ٿي اچان ٿو.

صائمه گھر ۽ روشن ٻاھر آئوٽ.
سليم ۽ امجد اچن ٿا.

امجد: سليم.
سليم: جي! ڇا ڳالهه آھي امجد.
امجد: ادا ڪنھن سان ڪيل واعدو اڄ ٽوڙي توکان ھڪ صلاح وٺڻ گھران ٿو.
سليم: ڪنھن سان وفا جا واعدا ڪيا اٿئي، يار تون ته لڪل مجنون آھين، مون کي به ٻڌاءِ.
امجد: صائمه... صائمه سان وفا جا واعدا..........
سليم: (جملو ڪٽيندي ۽ حيرت وچان) صائمه سان!!؟ امجد صائمه ته محبت جا قول ۽ اقرار مون سان ڪيا آھن، تون منھنجي پيار جي مذاق.......
امجد: (جملو ڪٽيندي) سليم ڇا ٿو چوين؟ صائمه ته مون کي چاھي ٿي، ھن مون سان پيار جا قسم کاڌا آھن.
سليم: امجد..... امجد پوءِ ھي ڪھڙو چڪر آھي؟

عرفان اچي ٿو.
عرفان: ڪھڙن چڪرن جي چڪر ۾ اچي اڙيا آھيو؟
سليم: اسين ٻئي ھڪ اھڙي رستي تي اچي بيٺا آھيون، جنھن رستي تي اڳتي وک وڌائڻ سان اسين ٻئي ڀائر ھڪ ٻئي جا دشمن بنجي وينداسين.
عرفان: خدا ائين نه ڪندو... ائين نه چئہُ سليم.
امجد: ادا ڳالهه ئي اھڙي آھي، تون ٻڌاءِ ته اسين ڇا ڪريون؟
عرفان: بابا ڪجهه ٻڌائيندؤ ته حل نڪرندو نه؟ ڇا ڳالهه آھي.
سليم: عرفان! صائمه امجد کي محبت جي ڪوڙي فريب ۾ ڦاسايو آھي ۽ ساڳي صائمه مون سان به محبت جو اظھار ڪري چڪي آھي.
عرفان: جي!؟ اوھان سراسر بڪواس ٿا ڪريو.... صائمه ته مرڻ ۽ جيئڻ جا واعدا مون سان به ڪرڻ گھريا ٿي پر مون...... معنيٰ صائمه ٽنھي ڀائرن کي پريت جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي، ڀائرن ۾ جدائي جا جتن پئي ڪري. ھوءَ اسان ٽنھي ڀائرن جي روح، ذھن ۽ ضمير جي قاتلا آھي.
امجد: ھا..... اھڙي واھيات عورت کي وارن کان وٺي، گھلي پوليس حوالي ڪرڻ گھرجي..... آخر ھوءَ ھن گھر م ڪھڙي مقصد خاطر آئي آھي.
عرفان: تڪڙ نه ڪريو..... صائمه ھن گھر ۾ ڇو آئي آھي، ان سازش جو پتو لڳائڻو پوندو، ٿي سگھي ٿو ته ادو روشن به صائمه جي قاتل ٻولن جو شڪار ٿيل ھجي.
سليم: ھوءَ آھي ڪير؟
عرفان: ان حقيقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي هوشيار ۽ خبردار رھڻو پوندو، ھوءَ بابي جي دوست جلال حيدر جي ڌيءُ به آھي يا نه؟ اھا جانچ به ڪرڻي آھي.

بيگم، ڦندو ۽ ارشد اچن ٿا.
بيگم: ڇو وائڙا ٿا لڳو...... ڪو مسئلو سامھون آيو اٿوَ ڇا؟
عرفان: ڪجهه به ناھي امان..... بس ائين ڪچھري پيا ڪريون.
بيگم: چڱو.

بيگم، ڦندو ۽ ارشد اندر وڃن ٿا.
سليم: يار مون کي ان ارشد ڪي ٽو تي به ھاڻي اعتبار نٿو اچي، ٿي سگھي ٿو ته صائمه ان جي ئي ساٿياڻي ھجي.... واقعي ادو روشن سچ ٿو چئي..... عرفان ھن گھر کي وڏو خطرو آھي.

فون جي رنگ وڄي ٿي. عرفان فون اٽينڊ ڪري ٿو.
عرفان: ھيلو.... جي ھا.... اھيو ئي نمبر آھي..... ھا ھا ڪي ڪي جو ئي گھر آھي.

ڪي ڪي داخل ٿئي ٿو.
عرفان: بابا توھان جي لاءِ پشاور کان فون آھي.

ڪي ڪي رسيور وٺي ٿو.
ڪي ڪي: ڪي ڪي پيو ڳالههايان.
پريان آواز: جلال حيدر ٿو ڳالههايان.
ڪي ڪي: جلال حيدر آمريڪا نه وئين ڇا؟
پريان آواز: آمريڪا! ڪي ڪي خواب ۾ مون کي آمريڪا ويندي ايئرپورٽ تي ڏٺو اٿئي ڇا، توکي ڪنھن ٻڌايو ته مان آمريڪا وڃان ٿو.
ڪي ڪي: يار ڪمال آ.... توئي فون ڪري چيو ھيو ته آمريڪا ٽريننگ ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو ۽ صائمه......
پريان آواز: (جملو ڪٽيندي) ھا صائمه جي شادي آھي.... ان جي دعوت ڏيڻ لاءِ ته فون ڪئي اٿم.... ڪافي مهينن کانپوءِ ھي پھرين فون تي ملاقات آھي.
ڪي ڪي: جلال حيدر چريو ڌاتورو پيتو اٿئي ڇا؟ صائمه ته تو منھنجي گھر موڪلي آھي ۽ ھوءَ اندر ويٺي آھي.
پريان آواز: ڪي ڪي چريو تون ٿيو آھين، بي وقوف صائمه منھنجي سامھون ويٺي آھي.
ڪي ڪي: ته پوءِ جلال حيدر! مون وٽ ڪھڙي صائمه ويٺي آھي؟ تو واقعي فون نه ڪئي ھئي يا مذاق پيو ڪرين.
پريان آواز: اڙي يار قسم سان مون اڳ توکي فون نه ڪئي آھي. تنھنجي گھر ۾ ڪا ٻي صائمه اٿئي.
ڪي ڪي: چڱو جلال حيدر تنھنجي دعوت قبول آھي. ياد ڪرڻ لاءِ مھرباني.

ڪي ڪي رسيور رکي ٿو.
عرفان: بابا ھيءَ صائمه جلال حيدر جي ڌيءُ ناھي؟
ڪي ڪي: ھا.... اھا ڇوري آھي ڪير؟ ۽ منھنجي گھر ۾...... سازش بلڪل ڀيانڪ سازش آھي، منھنجي خلاف ڀيانڪ سازش!!!.
عرفان: بابا ان صائمه اسان ٽنھي ڀائرن کي پنھنجي حسن جي فريب ۾ ڦاسائڻ لاءِ وفائن جا واعدا ڪيا آھن.
ڪي ڪي: اڙي ڇا ٿا چئو! معنيٰ روشن سچ ٿو چوي ته ھن گھر خلاف ڪا گھري سازش ٺھي چڪي آھي..... هون!!! توھان ھتان ھلو..... ۽ صائمه کي ھيڏانھن موڪليو.

سليم، عرفان ۽ امجد اندر وڃن ٿا.
ڪي ڪي سوچي رھيو آھي پسِ پردہ آواز روشن جو آواز

پس پردہ روشن جو آواز: بابا اسان جي گھر ۾ ويھي، اسان جا دشمن، سڄڻن جو روپ ڌاري صدين جي سڃاڻپ کي مڪر ۽ فريب سان ميساري رھيا آھن ۽ گھر ڌڻي.... اھي گھر ڌڻي جيڪي قانون ۽ انصاف جي طاقت رکن ٿا. اھي رشوت جي انڌي پيسي پويان ڊوڙي پنھنجي وجود کي برباد ڪري رھيا آھن...................................، بابا ھوش مان ڪم وٺو، ھن گھر کي تباھ ٿيڻ کان بچايو.

صائمه اچي ٿي.
صائمه: چاچا اوھا
ن ڪيئن ياد ڪيو؟
ڪي ڪي: (خيال مان نڪرندي) تون ھن گھر ۾ ڪنھن جي اشاري تي آئي آھين... ٻڌاءِ ورنه توکي پوليس حوالي ڪندس ۽ پوليس توکان سڀ ڪجهه سچي ڪرائيندي.
صائمه: چاچا هي توھان کي ڇا ٿي ويو آھي؟ مان صائمه آھيان جلال حيدر جي..........
ڪي ڪي: (جملو ڪٽيندي) تون جلال حيدر جي ڌيءُ نه پر ڪنھن گندي تخم جي پيداوار آھين.... جلال حيدر ھينئر ٽيليفون تي ڳالههايو آھي.... تنھنجي منھن تي چڙھيل محبت ۽ پريت وارو نقاب لھي چڪو آھي.
صائمه(ڪجهه سوچي) جي راز راز نه رھيو آھي ته پوءِ ٻڌو چاچا! مان واقعي جالال حيدر جي ڌيءُ ناھيان، منھنجو نالو.........

ميوزڪ ھلي ٿي، صائمه ۽ ڪي ڪي ڳالهائن
ٿا، نورو اچي ٿو، ھو به ڳالهائي ٿو.... صائمه ۽
نورو اندر ھليا وڃن ٿا. ڪي ڪي ڪرسي تي
پاڻ کي اڇلائي ٿو. ميوزڪ ختم ٿئي ٿي.

روشن جو آواز پسِ پردہ: ڏکي وقت ۾ کوٽو سڪو ئي ڪم ايندو آهي ۽ انسانن جو ساٿي بڻبو آھي بابا، ................ بابا جتي دھشتگردي کان وڏا واقف نه ھوندا آھن، اتي نافرمان پٽ ئي ڌرتيءَ جي دنگ لاءِ جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪندا آھن.

آواز ختم بيگم اچي ٿي.
بيگم: ڪي ڪي اڄ عرفان جي رشتي لاءِ وئي ھيس، ان ڪري وڃڻ وقت توکي نه ٻڌايو ھو ته جيئن ڪم ٿي وڃڻ کانپوءِ توکي سرپرائيز ڏيان.
ڪي ڪي: خاندان ٺيڪ ٺاڪ آھي؟
بيگم: ڪروڙ پتي آھن.....باقي ڳالهه ٻولھ رات ھتي ئي ڪنداسين... ڇو ته ڪجهه مھمان به ايندا.
ڪي ڪي(حيرت مان) مھمان...؟ ڪھڙي وقت ايندا ۽ ڪير آھن؟
بيگم: اھيو به هڪ تحفو آھي، مھمان وڏي ڪم وارا آھن ۽ ھو ٻارنھين وڳي تائين اچي ويندا. مان ھلان ٿي.. مونکي مھمانن لاءِ ڪجهه بندوبست ڪرڻو آھي.

بيگم گهر اندر آئوٽ.
ڪي ڪي: (بيگم کي پويان چوندي) نوري کي موڪل بيگم.

ڪي ڪي ڪجهه سوچي ٿو ۽ نورو اچي ٿو.
ڪي ڪي: نورا گاڏي جو ڇا ٿيو؟
نورو: سائين گاڏي ٻاھر بيٺي آھي.
ڪي ڪي: چاٻيون ڏي مان ضروري ڪم سان وڃان ٿو.

نورو ڪي ڪي کي چاٻيون ڏيئي ٿو، روشن
اندر داخل ٿئي ٿو، ڪي ڪي روشن کي ڏسي
ڀاڪر وجھيس ٿو ۽ نرڙ تي چمي ڏئي اکين
مان ڪريل ڳوڙھا اگھندي ٻاھر ھليو وڃي ٿو.
روشن پيءُ جي قدمن تي نوڙي قدمن جي
نشانن کي چمي ٿو.

روشن: بابا ھي تنھنجو ٻھراڙي وارو پٽ، جنھن جي ماءُ کي تو سوين صدما ڏنا، تنھنجي انھيءَ ھڪ چمي تان سڀ سور قربان ڪري ڇڏيا.... بابا اڄ تنھنجي قدمن جي نشانن مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ آئي آھي.
نورو: روشن پٽ اڄ تنھنجي جدوجھد وارو پوکيل ٻج، ڌرتي ماءُ جي سيني مان اڀري ساون سلن جو روپ ڌاري، آسمان ڏانھن ڪنڌ اوچو ڪري چڪو آھي.
روشن: نور محمد جيڪو پنھنجي مقصد سان سچو آھي، منزل ان کان پري ناھي، سچ هميشه مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي دردن جي دوا بنجي، ڌرتي تي قائم ۽ دائم رھندو پيو اچي..... سچ جو ساٿي اھو ئي ٿيندو جيڪو پنھنجي انائن جي قبرن مان نڪري انسانن جھڙو ٿي، انسانن ۾ رھندو.

فريد فرمائشي اچي ٿو.

نورو: اچي وئين فريد فرمائشي.... ڪاڏي ڀڄي ويو ھئين.
فريد: روشن صاحب اسلام عليڪم.... نورا اڄ وڏي ٿي آھي مون سان، تو وٽان ويس.... راڳ وڄائيندو روڊ تي پئي ھليس، خبر تڏھن پئي جو ايم پي ٿري ھٿن مان ڪنھن ڦري ورتي.
نورو: ڪير ھو ڪمبخت.
فريد: يار ھيئن جو ڏسان ته باندر..... بابا ميموري ڪارڊ ڪڍي اڇلي ڇڏيائين.
نورو: چئبو توواري فنڪار کي باندر ڀري بازار ۾ بڇڙو ڪيو.
فريد: اڙي نورا باندر نه ڪئي ھم نه تم، ڪلھي تي چڙھي منھن تي پنھنجو چنبو ٽيڙي گھمايو ۽ ٺڪاءُ ڪڍايائين لوڻي واري لپاٽ. سمجھ ته واھ جو ڀونڊو ڏئي ويو. خبر اٿئي باندر اشارن اشارن ۾ ڇا چيو؟
نورو: ڇا چيو باندر اشارن ۾.
فريد: بابا ڄڻ اشارن ۾ چوندو ھجي ته حيف ھجيوَ سھڻن وڳن ۾ سينگاريل انسانو، اسين ته اگهاڙا آھيون ۽ اگهاڙا رھندي به اوھان کان چڱا آھيون.... توھان ته اسان کان به ڪريل آھيو جوپنھنجي ادب، شاعري ۽ گائيڪي وسيلي اگهاڙپ ٿا ڦھلايو.... حيف ھجيوَ ڪپڙن ۾ ويڙھيل اگهاڙا انسانؤ.
روشن: يار باندر واقعي توکي سچ چيو آھي.... پوءِ تو ڇا ڪيو؟
فريد: بس توبهن ڪريان ٿو اهڙن بيهودن ڳائڻن جي راڳ کان، جن جي شاعري ۽ آواز کان باندر به نفرت ڪن ٿا، اسين ته انسان آھيون ۽ انسان ٿي ڪري محبت ڪريون ٿا اھڙن سان، جيڪي اگهاڙپ ۽ فحاشي جا بادشاھ آھن.
نورو: چئبو راڳ کان توبھن ڪيئي؟
فريد: نه نه!.... پر ٻي ميموري وٺي اهڙا ڪلام ڀرايا اٿم، جن جي ٻڌڻ سان واقعي روح کي راحت ملي ٿي. ٻڌو توھان به.

نورو ڪيسٽ وڄائي ٿو. گانو ھلي ٿو.
گانو: يار ڏاڍي عشق آتش (محمد جمن)
گانو ختم ٿئي ٿو. فريد موڪلائي ٿو.

فريد: پنھنجي يارو ياري، حياتي رھي ته وري ملنداسين.

فريد وڃي ٿو. ڪي ڪي اچي ٿو.
ڪي ڪي: روشن پٽ تون اندر ھلي آرام ڪر.... نورا تون به وڃي آرام ڪر.

نورو ۽ روشن وڃن ٿا.
ڪي ڪي: بيگم او بيگم.

بيگم اچي ٿي.
ڪي ڪي: ٻارن جي ڏي خبر.
بيگم: پنھنجن پنھنجن ڪمرن ۾ ماني کائي ھليا ويا آھن، بابو ۽ ارشد به سمهي پيا آھن. روشن ھاڻي اندر ويو آھي.
ڪي ڪي: ۽ صائمه.
بيگم: صائمه مون واري ڪمري ۾ وڃي ستي آھي شايد......... تون ماني نه کائيندين ڇا؟
ڪي ڪي: بيگم ٿڪجي پيو آھيان...... بک به مري چڪي آھي.
بيگم: کير ته ڀلا پيءُ.
ڪي ڪي: کير پيئڻ تي به دل نٿي چئي.
بيگم: سڄي رات جاڳڻو اٿئي... مھمانن سان ڪچھري به ڪرڻي اٿئي.... کير ضرور پيءُ ته ڪجهه فرحت ٿيندءِ ۽ ٿڪ به ڀڄي پوندءِ..... مان کير کڻي ٿي اچان.

صائمه کير کڻي ٿي اچي.
صائمه: چاچي توھين تڪليف نه ڪريو، کير حاضر آھي.
بيگم: ٺيڪ آ.... ھوڏانھن رک ۽ تون ھل.... اسان کي ڪنھن ضروري مسئلي تي ڳالهه ٻولھ ڪرڻي آھي.
صائمه: جي چاچي...... مان وڃان ٿي.

صائمه کير ٽيبل تي رکي وڃي ٿي.
ڪي ڪي: ڏي ڀلا کير...... ننڊ ٿي اچي........ مھمان اچن ته اٿارجان.

بيگم آسيه، صائمه کان کير وٺي ڪي ڪي کي ڏئي ٿي.
ڪي ڪي(کير وٺندي): بيگم ھي چاٻيون ٽيبل تي رک.

بيگم چاٻيون وٺي ٽيبل تي رکي ٿي.
ڪي ڪي اک بچائي کير ھاري ڇڏي ٿو ۽
گلاس بيگم کي ڏئي سمهي پئي ٿو ۽ ڪجهه
منٽن کان پوءِ بيگم ڪي ڪي کي سڏ ڪري
ٿي.

بيگم: ڪي ڪي...... ڪي ڪي...... ويو ..... موڪلائي.

گھڙيال ٻارنھن وڄائي ٿو ڦندو ۽ ارشد اچن ٿا.
ڦندو: ڇا پوزيشن آھي.
بيگم: کير ۾ نشي جي دوا ملائي اٿمانس.
ارشد: ڪي ڪي جي لاش کي ڪٿي اڇلبو ميجر.
ڦندو: لاش اتي ئي پيو ھوندو.
بيگم: ۽ روشن جو ڇا ٿيندو؟
ڦندو: روشن پيءُ جي قتل ۾ گرفتار ڪيو ويندو.
ارشد: ميجر اھيو ڪم ته ٺيڪ آھي پر.............
ڦندو: پر جي پويان ڊپ لڪل ھوندو آھي ارشد. ھلو ھتان...... ھو اچڻ وارا آھن.

بيگم، ڦندو ۽ ارشد وڃن ٿا. ڪي ڪي ستو
پيو آھي. ڪجهه منٽن کان پوءِ ٽي نقاب پوش
ھٿن ۾ ھٿيار کنيو اچن ٿا.

ڦندو (نقاب پوش جي روپ ۾) وسايو گوليون ھن آفيسر جي سيني تي ۽ سمھاري ڇڏيوس هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾.

پوليس انسپيڪٽر، نورو، روشن، امجد، سليم، عرفان
۽ صائمه به پھچي وڃن ٿا. پوليس نقاب پوشن
کي پڪڙي وٺي ٿي. ڪي ڪي اٿيٿو.

انسپيڪٽر: (ارشد جو نقاب لاھيندي) ارشد ڪي ٽو.
انسپيڪٽر: (ڦندو جو نقاب لاھيندي) مسٽر ڦندو لکنوي عرف ميجر.
ڪي ڪي: (بيگم جو نقاب لاھيندي ۽ چماٽ ھڻندي): تو ڇا سمجهيو ھو ته تنھنجو مڙس پاڳل آھي ۽ تنھنجي منصوبن کان بي خبر آھي؟ تون زال جي روپ ۾ اھا نانگڻ آھين جنھن کي جيترو کير پياربو اوتري وڌيڪ زھريلي بنجندي...... واقعي سياڻن سچ چيو آھي ته تنھنجو نسل غدار ابن غدار آھي.......... ھا مسٽر ڦندو لکنوي............... منھنجو سھرو............... تون جيترو منھن ۾ مومن آھين، ان کان وڌيڪ شيطان آھين. ھي جيڪا داداگيري ۽ دھشتگردي ٿي رھي آھي ان ۾ تو جھڙن مومنن جا ھٿ آھن...... ڪي ٽو...... ارشد ڪي ٽو ڪرائي جو قاتل.... اڙي تو ڇا سمجهيو ھو ته مون کي قتل ڪري تون منھنجي صدين جي ملڪيت سنڌ جو مالڪ بنجي ويندين؟
عرفان: توکي ماءُ چوڻ وڏو گناھ آھي..... تون ماءُ جي ممتا تي بدنما داغ آھين داغ.
سليم: تو عورت جي عظمت جي توھين ڪئي آھي.
امجد: نفرت آھي توکان...... تون پنھنجي ٻچن جي خوشين جي قاتل آھين.
روشن: ھي اھا عورت آھي جيڪا....... صرف قاتل آھي ۽ قاتل ڪنھن جي ماءُ نٿي ٿي سگھي.
ڪي ڪي: انسپيڪٽر مان توکي سلام ڪريان ٿو.... تو واقعي پنھنجو فرض ايمانداري سان نڀايو آھي...... توجھڙا سچا ۽ بھادر پوليس آفيسر ئي ھتي ٿيندڙ دھشتگردن جو دم منجهائي سگھن ٿا.
انسپيڪٽر: سر ھن گھر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رھيو ان جو اطلاع مون کي ملندو رھيو، اڄ توھان ٿاڻي تي، پنھنجي قتل ٿيڻ وارو منصوبو ٻڌايو...... حقيقت ۾ ان منصوبي جي خبر مونکي توھان جي اچڻ کان اڳ ملي چڪي ھئي ۽ مون قاتلن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪرڻ جو مڪمل بندوبست ڪري ورتو ھو.
سليم: انسپيڪٽر ھن صائمه کي به گرفتار ڪريو..... ھي به قاتلن جي ٽولي جي آھي.
بيگم: ھا صائمه اسان جي ٽولي جي آھي، ڇو ته ھن مون کي باس جو خط ڏنو ھو.
انسپيڪٽر: مان صائمه کي گرفتار نٿو ڪري سگھان. ڇو ته اوھانجي ھمدرد آھي ۽ ھن گھر کي تباھي کان بچائڻ واري بختاور آھي.
صائمه: بيگم صاحبه اھو خط جعلي خط ھيو..... تنھنجي ناپاڪ ارادن کي معلوم ڪرڻ خاطر مون اھيو ناٽڪ ڪيو ۽ تو جھڙي بنجي ھن گھر ۾ رھيس. ٻڌو اوھان (امجد، سليم ۽ عرفان سان مخاطب ٿيندي) مون دل تي پٿر رکي ڪري توھان سان پيار جو ڪوڙو ناٽڪ ان ڪري ڪيو ته جيئن معلوم ڪري سگھان ته اوھان به ھن گھر جي بربادي ۾ شريڪ ته ناھيو؟.... پر توھان ته ھن گھر جي بربادي کان بي خبر بنجي پنھنجي شوق ۾ پورا رھيؤ ۽ منھنجي ھر سوال جو جواب ”توھان مون کي ناھي خبر“ واري انداز ۾ ڏيندا رھيؤ. مان محبت جو اقرار ڪرڻ وقت توھان کان ڇا پڇندي ھيس؟
سليم: تون چوندي ھئين ته ”مان ھٿيار وڪرو ڪرڻ واري گينگ جي آھيان، تو کي خبر آھي ته ھتي ھٿيار ڪير وٺندو آھي“
صائمه: ۽ منھنجي ان سوال جو جواب ڏيندا ھئو. خبر ناھي. اھو جواب ئي مون لاءِ ڪافي ھيو.
امجد: يعني اسان جي جواب کان پوءِ تون ائين چئي اسان جي دلين ۾ شڪ جي گنجائش پيدا ٿيڻ نه ڏني..... ته مان توھان سان مذاق پئي ڪئي..... ۽ واقعي اسين تنھنجي سوال ۽ ھٿيارن جي واپار کي مذاق سمجهي ڪوبه شڪ نه ڪيو.
عرفان: پر تون آھين ڪير ۽ ھن گھر کي بچائڻ لاءِ تو پنھنجي سر جي بازي ڇو لڳائي.
ڪي ڪي: مان ٻڌايانوَ ٿو... ھي ھن گھر جي اھا مالڪياڻي آھي، جنھن کي شادي جي وقت مان دعا ڏئي نه سگھيس...... ھي صائمه نه پر بختاور آھي ۽ روشن علي جي گھر واري آھي. سلام آھي پٽ روشن کي جنھن پنھنجي گھر واري کي، ھن گھر کي بچائڻ لاءِ مختلف روپ ڏئي گھر کي بچايو ۽ منھنجي دوست جلال حيدر جي دوستي جو فائدو وٺي بختاور کي صائمه جو روپ ڏنو.
سليم: ڇا توھان کي صائمه بابت اڳ ئي خبر ھئي بابا.
ڪي ڪي: نه جلال حيدر جي فون کان پوءِ صائمه جي اصليت ظاھر ٿي جيڪا مون راز ۾ رکي.
روشن: ھيءَ ٻھراڙي جي اھا بھادر عورت بختاور آھي جيڪا پنھنجي سنڌ جي عظمت کان واقف آھي ۽ پنھنجي مٽيءَ جو مان رکڻ لاءِ ھر روپ ڌاري وطن جي ويرين کي بي نقاب ڪري رھي آھي.
انسپيڪٽر: سر مون کي اجازت.
ڪي ڪي: اجازت آھي....... اوھين پنھنجو فرض نڀايو.

انسپيڪٽر ڦندو، ارشد ۽ بيگم کي وٺي وڃي ٿو.

ڪي ڪي: نورا سلام آھي توکي تنھنجي عظمت کي.
نورو: بلڪل اھڙي ئي موقعي تي باباءِ بي زبان حضرت ڦودنو خان فرمائڻ کان اڳ فوت ٿي ويو.
روشن: پر اسان جي رھبر ڀٽ ڌڻي سبق ڏيندي فرمائي ٿو ته:
ڇانگ تنين جي ڇڏ، جي ڌنارئون ڌارچرن.
پکا تن پاپين کان، پري پرانھان اڏ،
ڏور تنين کان لڏ، جن جي مھڙ ناہ ملير ڏي.

پردو ڪري ٿو

بئڪ ٽائيٽل

سنڌ ۾ ٽي ڏهاڪا جيڪا علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شعوري جاڳرتا واري منظم تنظيمي جدوجھد رهي. سنڌ جي اڪثر شهرن مان عملي جدوجھد مان ڪي مثالي ڪردار پيدا ٿيا، انهن مان هڪ يگانو، ڪڏهن به نه وسارڻ جهڙو، منھنجو پيارو ڀاءُ، قلندري ڪردار، نصيرآباد جو جبار آزاد منگي به آهي جيڪو پنھنجي نسلن کي جاڳائڻ لاءِ هر قسم جي سُرَن ۽ سازن جو تارون ڇيڙي، پڙهائڻ، ڳالهائڻ لکڻ وسيلي سرت ۽ ساڃاه جي ڪِرت ۾ اڳي کان اڳرو نظر اچي پيو، پنھنجي مظلوم قوم، ٻولي، ڌرتي جي خوشحالي ۽ آزاديءَ لاءِ هر مسئلي تي جدوجھد جي سٿ ۾ شامل آهي.
دنيا جي انقلابي ڪردارن جيان، هڪ پاسي جبار آزاد منگي پنھنجي حصي جي قومي ڪم ۾ شامل رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري شاعري، مضمون، ڊراما، ۽ اسٽيج ڊراما لکي پنھنجو قومي فرض نڀايو آهي، هُن نه صرف ڊرامي لکيا پر ڪافي ڊرامن ۾ پاڻ به ڪردار ادا ڪري پنھنجي اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جا جوھر ڏيکاريا آهن. هُن پنھنجي شھر سان گڏ، سڄي سنڌ ۾ پڻ ڊرامن وسيلي مڃتا ماڻي ۽ زندگي جي هر محاذ تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.
مزاح يا مزاحيه ڊرامن وسيلي سماج ۾ غلط لاڙن جي رجحان کي ظاهر ڪري، مزاح جي بھترين نشتر سان وڏو جراح ٿي آپريشن به ڪيا آهن. سندس هنن ڊرامن ۾، مزاح وسيلي سماج جي براين کي آڏو آڻي،بھترينانداز سان اصلاح ڪئي وئي آهي.
عام دنيا داريءَ ۾ جڏهن سماج سمجهائڻ ۽ رهنمائي وٺڻ کان انڪاري ٿيندا آهن، تڏهن مزاح به پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو آهي. جتي جيڪو اوهان نه چئي سگهو ۽ نه ئي ٻڌائي سگهوتتي وتائي فقير جي واتان هر ڪنھن کي سچ ٻڌائي سگهو ٿا. ائين اسان جي دور جي اسان جي وتائي عرف جبار آزاد منگي پنهنجي ڊرامن جي ڪردارن ۽ مڪالمن وسيلي سڀ ڪجهه سچ ٻڌائي ۽ هضم ڪرائي ڏيکاريو آهي.
مزاح ڊڪٽيٽرن، ظالمن جي دور ۾ کين آئينو ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ سگهارو ٿيندو آهي، جتي ڪا ٻولي پنھنجو سگهارو عمل ظاهر نه ڪندي آهي، تتي مزاح پنھنجا ڪارناما ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي. زوري مڙهيل خاموشين کي مزاح ئي ختم ڪري سگهندو آهي. جڏهن ظالمن آڏو سمورا هٿيار مُڏا ٿي ويندا آهن، تڏهن مزاح جو ئي ڪامياب هٿيار ڪم ڏيکاريندو آهي.

ڀائو در محمد ٻرڙو