ڪھاڻيون

چانديءَ جون تارون

هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.

  • 4.5/5.0
  • 53
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چانديءَ جون تارون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪارہ ماھتاب محبوب جي شاھڪار ڪھاڻين جو پھريون مجموعو  ”چانديءَ جون تارون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.
ھي ڪتاب 1970ع  ۾ سنڌو اشاعت گهر، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

پنھنجي پياري ڀيڻ، آفتاب عباسي جي نالي، جيڪا جدائيءَ جو داغ ڏيئي، اندر ۾ جهير وجهي ۽ گوندر منجهہ گڏي ھلي ويئي. جنھن کي مرحومہ لکڻ جي سگهہ نٿي ساري سگهان.

- ماھتاب محبوب

پنهنجي پاران

وقت ۽ سالن سان ريس پڄائيندي، وري هڪ نئين پيڙهيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ’چاندي جو تارون‘ ۽ ’پرهه کان پهرين‘ ٽين ڇاڇي جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهن.
فني لحاظ کان تور ڪٿ ڪري ان مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين کي ڪٿي بيهارڻ گهرجي، ان جي مون کي ڪا ڳڻتي ناهي جو مون قلم هٿ ۾ جهلڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهو سوچي ڪڏهن ڪا شئي ناهي لکي ته مون کي ’ڪالمن جي ابي‘ واري قطار ڀرڻي آهي، يا ڪجهه لکي ڪو ڪارنامو انجام ڏنو اٿم.
ان گڏيل مجموعي ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون منهنجي ابتدائي دور جون لکيل آهن، جي چاهيان ها ته انهن مان ڪن کي ري رائيٽ ڪري پئي سگهيس ته ڪردارن جي پلاسٽڪ سرجري ڪرڻ سان گڏ ڊائلاگن جي به ڊائيسيڪشن ڪري پئي سگهيس. پر مون اهڙي ادبي بدديانتي نه اڳ ڪڏهن ڪئي آهي نه ئي هاڻ ڪري پنهنجو پاڻ سان ۽ پڙهندڙن سان ويسا گهاتي ڪري ٿي سگهان. ڇو ته منهنجي خيال ۾ جذبي ۽ سوچ جي سچائي، بنا ڦيٽ جي سون جيان سدائين پڌري هوندي آهي. انهن ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو مقصد ضرور شامل آهي جيڪو مون کي مطمئن ٿو ڪري ته مون محض رومانس کي ئي موضوع بنائي لکڻ بدران پنهنجي چؤطرن نهاريو.
ماڻهن، ماحول ۽ انهن جي مسئلن کي ذهن ۽ دل جي اکين سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه محسوس ڪيم اُهو لکيو اٿم. اميد ته قبول پوندو.

ماهتاب محبوب
’ارم نما‘
279-H، سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي،
حيدرآباد

پيش لفظ

سنڌو اشاعت گهر، ڪراچيءَ طرفان، ڪيل اعلان مطابق ”درد جو صحرا“ جي بجاءِ، سنڌ جي مشھور، مقبول ۽ منفرد ڪھاڻيڪار خاتون، محترمہ ڀيڻ ماھتاب محبوب جي چونڊ ۽ شاھڪار ڪھاڻين جو پھريون مجموعو، ”چانديءَ جون تارون“ خدمت ۾ پيش ڪري رھيا آھيون. پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ۾، ھي پھريون ڀيرو آھي جو ڪنھن جديد سنڌي ڪھاڻيڪار خاتون جي تخليقي ڪارنامي کي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ اھا ڪا فخر جي ڳالھہ نہ آھي، پر بيحد افسوس جو مقام آھي جو اسانجا قومي ۽ ادبي ادارا، قبرستانن مان مَڙھَ ڪڍيو، انھن جي نمائش ۾ فخر محسوس ڪن ٿا پر سنڌ جو ’نئون ادب‘ جيڪو ھن وقت دنيا جو عظيم ترين ’ادب‘ سمجهيو وڃي ٿو، ان جي نشر و اشاعت لاءِ ڪوبہ جوڳو انتظام نہ ڪيو آھي. بھرحال، ”چانديءَ جون تارون“ جي اشاعت تي اسانکي فخر آھي.
محترمہ ماھتاب محبوب جي ادبي حيثيت ۽ شخصيت ڪنھن رسمي تعارف جي محتاج نہ آھي. ادي ماھتاب اٽڪل ڏھن يارھن سالن کان لڳاتار لکندي اچي ٿي. سندس ڪھاڻيون، سنڌ جي سڀني معياري ادبي رسالن ۾، شايع ٿينديون رھن ٿيون... نئين ڪھاڻي جي سلسلي ۾ ماھتاب جو بلند مقام آھي. ھن جون ڪھاڻيون نہ فقط انساني معاشري جون عڪاس آھن، پر جديد ڪھاڻي جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آھن. اسين ائين تہ ڪونہ چونداسين تہ ماھتاب جو فن، عظمتن سان ھمڪنار آھي، پر ايترو سو ضرور چئبو تہ سندس فن عظمت جي بلندين کي ڇُھيو ضرور آھي. ھن جي فن ۾ جيڪا پختگي، منظر ڪشي ۽ ڀرپور ڪردار نگاري نظر اچي ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس فن، عظمت جي ڪسوٽيءَ تي ڪيتري قدر ٺھڪي اچي ٿو.
ھن مجموعي ۾، ماھتاب جون سورنھن بھترين ڪھاڻيون ڏنيون ويون آھن، جيڪي ھن کان اڳ، سنڌي افسانوي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون . Description، موضوع، ٽيڪنڪ ۽ Treatment جي لحاظ کان ھر ڪھاڻي، ھڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکي ٿي. ڪردار نگاري تہ بيحد بي مثال چئي سگهجي ٿي. طويل توڻي مختصر ليڪن سادن جملن ۾، ڪردار جو اھڙي ريت تہ تجزيو ڪري ٿي جو افساني تي حقيقت جو گمان ٿيو پوي. ڀوري وڇ، بليٽن، نڪ، ناسور، ڪارونانگ، خيران، شڪي، سوڍا واٽر، روئي ڏنو رات، واريءَ سندو ڪوٽ ۽ ٻيون ڪيئي ڪھاڻيون ان سلسلي ۾ بھترين مثال آھن.
’روئي ڏنو رات‘ ۽ ’واريءَ سندو ڪوٽ‘ ٻيئي اڻ ڇپيل ۽ شاھڪار ڪھاڻيون آھن. ’واريءَ سندو ڪوٽ‘ تہ موضوع، ڊسڪرپشن ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان ھڪ لازوال ڪھاڻي آھي. اسانکي اميد آھي تہ پڙھندڙ ۽ لکندڙ طبقي ۾ ھي ڪتاب، پنھنجي مواد، ڇپائي، نفاست ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان پسند ڪيو ويندو.

تاج بلوچ
(ناشر)
تاريخ 25 مئي، 1970ع
ڪراچي

چانديءَ جون تارون

---

عرش جون بلنديون

”نه! نه! نه! تون هرگز هرگز هيٺ نٿو وڃي سگهين، تون ان لاءِ سوچي به نٿو سگهين!“ سج پهرين کان به تپي لال ٿي چيو...
”مگر سج... مان هن کي چاهيان ٿو“ آسمان جي لهجي ۾ التجا هئي...
”لعنت هجي اهڙي چاهت تي، پنهنجي عظمت کي سڃاڻ، پنهنجي بلندين جي شان کي ڏس! ڇا تون پاڻ سان گڏ اسانکي به نيچ بنائڻ چاهين ٿو...؟
انهيءَ ۾ نيچ بنجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي سج! خدا اهو ته ناهي فرمايو ته هڪ ٻئي کي نيچ نظرن سان ڏسو“ اهي فرمان انسانن لاءِ آهن، پاڻ ۽ انسانن ۾ فرق به ته آهي، پاڻ لاءِ رڳو اهو آهي ته جنهن ڪم لاءِ اسان کي خلقيو ويو آهي انکي سرانجام ڏيندا رهون“
”پر سج! محبت تي ڪنهنجو اختيار آهي؟“ ڪجهه به هجي، اسان کي هرگز پسند ناهي. توکي بلندين تي رهي بلندين سان محبت ڪرڻ گهرجي. مون سان محبت ڪر، تارن سان ڪر.“
آءٌ تجارت نٿو ڪريان! آءٌ ته محبت ٿو ڪريان محبت... جا خدا آهي... زمين سان محبت ڪندي مونکي ائين ٿو محسوس ٿئي جئين آءٌ پنهنجي خلقيندڙ سان محبت ڪري رهيو هجان.“
خبردار! جذباتي نه ٿيءُ. ايڏي وڏي بي ادبي جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟ آئينده ڪڏهن زمين لاءِ سوچجان به نه...“ سج غضبناڪ ٿيندي چيو.
”پر سج! پستي توڙي بلنديءَ کي هڪ جيترو حق حاصل آهي، هڪ جيترو حق نه هجي ها ته زمين جو عڪس گرهه جي صورت ۾ ڇو پئي ها. پوءِ ڇا توکي پست نٿو سمجهي سگهجي!“
”اهو گرهڻ منهنجي بلندين ۾ ڍڪجي ويندو آهي، منهنجي بلندين کي ڏسندي ڪنهن جي مجال ئي ناهي جو منهنجي عيب کي ياد رکي سگهي. ڇو ته بهرحال آءٌ بلند آهيان.“ سج غرور سان وراڻيو.
پوءِ آهستي آهستي سج لهڻ لڳو. اونداهي وڌندي وئي. آسمان اداس هو. زمين سان ڳالهائڻ لاءِ هن جا چپ چريا ۽ خاموش ٿي ويا ڇو ته هن ڏٺو ته بي نور چنڊ ۾ روشني اچي رهي آهي.
سندس اداسائي گهري ٿيندي وئي. هن جي تصور ۾ به نه هو ته انسانن جي دنيا وانگر هتي به ايتري بي رحمي ٿيندي.
چنڊ هاڻي پوريءَ طرح سان روشن ٿي چڪو هو. هن پنهنجي نرم لهجي ۾ پڇيو: ”آسمان! تو سج کي ناراض ڪيو آهي.“
”جيڪڏهن محبت، يعني خدا کي حاصل ڪرڻ ناراضگي آهي ته مون کي ان ناراضگي جي پرواه ناهي!“
آسمان!“ چنڊ هلڪي دانهن ڪئي...
”هي ڇا چئي رهيو آهين! اسانکي خبر نه هئي ته بلندين تي رهندي به تون ايتري پست ذهنيت رکندين! اسان کي ان جي خبر نه هئي. اهو خيال تنهنجي دل ۾ ڪڏهن آيو...؟“
”اسانجي دلين ۾ خدا ازل کان پيار پيدا ڪيو هو ۽ اهو لازوال آهي. منهنجي صبر جي انتها ٿي چڪي آهي چنڊ! آءٌ پنهنجي زمين جي ڏکويل سيني سان لڳي هن جو غم پري ڪرڻ ٿو چاهيان! آءٌ هنکي تڙپندي نٿو ڏسي سگهان، نٿو ڏسي سگهان...“ آسمان جذباتي ٿي ويو.
”مگر خدا اهو ڪڏهن به نه چاهيندو، آسمان!“
”ڇو چنڊ؟ آخر ڇو..؟ آسمان بيتابيءَ سان پڇيو. ”ڇو ته هن کي اهو منظور ناهي. هيترا سارا تارا اسان تي کلندا، اسين اهو ڪيئن برداشت ڪداسين؟“ ”تارا؟ تارن جي ڇا حيثيت آهي چنڊ! آءٌ ته انهن کي به دنيا جي لاتعداد انسانن وانگر سمجهندو آهيان، جيڪي پنهنجي منهن، مختلف ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن به مطمئن نه هوندا آهن ۽ جن لاءِ پنهنجي عزيز ۾ عزيز شيءِ قربان ڪرڻ وڏي حماقت آهي.“ آسمان سمجهائيندي چيو. ”مگر پوءِ اسان جو شان ڪيئن برقرار رهي سگهندو؟“
”ان ۾ شان جو ڪهڙو سوال آهي چنڊ! خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ هو هر ڪنهن جو شان سندن سٺن اعمالن سان ئي قائم رکي ٿو. هنجي اڳيان پستي ۽ بلندي ڪابه حيثيت نٿي رکي.“ ضرور رکي ٿي، تڏهن ته هن اهو فرق پيدا ڪيو آهي.“ چنڊ دليل ڏنو. ”بس! اهائي تنهنجي سمجهه آهي؟ آسمان مشڪيو، خدا ته اِهو راز رکيو آهي چنڊ! جنهن کي پرکڻ واريون تمام گهٽ نظرون ۽ سمجهڻ وارا تمام ٿورا دماغ هوندا آهن. تون، سج ۽ تارا جنهن بلنديءَ تي آهيو، حقيقت ۾ اِها بلندي ناهي. جڏهن توهان غرور نه ڪريو تڏهن ئي توهان بلند سڏائڻ جا مستحق آهيو.“
”اُهي وعظ انسانن لاءِ آهن، توکي ته بهرحال اسين زمين سان ڪوبه واسطو رکڻ نه ڏينداسين، اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ.“
”چنڊ... چنڊ! تون ته تمام معصوم لڳندو آهين...معصوم چهرا ته ايڏا پٿر دل نه هوندا آهن... سهڻا چنڊ مونکي وڃڻ ڏي. ايڏو بي رحم نه ٿي.“
” نه آسمان، ائين نه ٿو ٿي سگهي.“
”ڇو نٿو ٿي سگهي؟“ آسمان کي جوش اچي ويو.
”مونکي هاڻي ڪير به نٿو روڪي سگهي! مون کي وڃڻ گهرجي! آءُ ويندس! آءُ ضرور ويندس! آءُ وڃي رهيو آهيان...
آسمان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري مگر ائين ڪرڻ سان هن کي محسوس ٿو ٿئي ته هو پنهنجي جاءِ تان ذرو به نٿو چري سگهي هن وري به ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
”ها... ها... ها!! ڏٺئي:“ چنڊ کلڻ لڳو. سندس معصوم چهري تي طنز جي ڪيفيت ظاهر ٿي بيٺي. ”توکان شايد اهو وسري ويو هو ته تون ڪنهن قانون جو پابند آهين. خدا اهو بلڪل نٿو چاهي، جيڪو تون ٿو چاهين. توکي خبر ناهي ته توکانسواءِ اسان ڪنهنجي سهاري جيئنداسين؟ بهرحال هاڻي جڏهن توکي هيٺ لهڻ جو حق ناهي، تڏهن زمين سان ڳالهائڻ جو به حق ناهي. ڇو ته تون بلند آهين... بلند...“
آسمان خاموش رهيو... قدرت جي قانون اڳيان هن جو سر جهڪي ويو، اڄ پهريون دفعو هن کي محسوس ٿيو ته هو ڪيڏو نه مجبور آهي!
اونده... تمام گهڻي اونده پوري دنيا تي ڇانيل هئي... تاريڪي ۽ ويراني جا ڪارا ڪڪر اڃا به گهڻا ٿي ويا. هوريان وهندڙ دريا جي ڪناري تي دونهون اٿڻ لڳو... دونهون... جو زمين جي دل مان نڪتل دردن جو دونهون هو. آسمان ڏانهن وڌندو ويو، ۽ بادل بنجي ڇانئجي ويو، ان کي محسوس ڪري آسمان جي اکين مان هلڪا هلڪا لڙڪ برسات جي شڪل ۾ وسڻ لڳا، ڪائنات کي سهارو ڏيڻ واري زمين شڪست خورده انسان وانگر خاموش هئي. ڇو ته هن کي تمام گهڻا ڏک هئا، هن جو اندر ڏک ۽ غم سببان ڦلوڪڻا بنجي ويو هو.
جيئن جيئن ڪڪر وڌندا ويا، تيئن تيئن آسمان تي تاريڪي ڇائنجي وئي. رات جي تاريڪي...گهري...تمام گهري، جنهن سڀني تارن کي لڪائي ڇڏيو.
زمين! هڪ معصوم ۽ نرم آواز ۾ سر گوشي ڪئي.
چئه آسمان...“ هن جي آواز مان مظلوميت ظاهر ٿي رهي هئي.
”اڄوڪي رات پنهنجي آخري رات آهي...“ آسمان ڏکويل لهجي ۾ چيو، ”ها... آءٌ ڄاڻان ٿو...“
”پوءِ تو خاموش ڇو آهين؟...“
”آءٌ چئي به ڇا ٿو سگهان...؟“
”زمين... آءٌ قدرت جي قانون جو پابند آهيان، ۽ ان جي حڪم کان سواءِ هڪ ذري برابر به نٿو چري سگهان... آءٌ هيٺ نٿو لهي سگهان زمين... زمين! آءٌ بيحد مجبور آهيان... بيحد... آءٌ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، ڪجهه به نه... مونکي بلندين تي رهندي به آزاديءَ جو حق ناهي. مون کي ڀل توسان محبت هجي... تنهنجي جدائيءَ ۾ منهنجي دل ڀل ٽڪر ٽڪر ٿيندي هجي مگر تڏهن به مونکي اختيار ناهي ته توسان ملان. ان لاءِ ته آءٌ مجبور آهيان... بيوس آهيان.. منهنجي زمين... منهنجي پياري زمين...“ آسمان سڏڪي ٿو.
”آءٌ تنهنجيون مجبوريون سمجهان ٿي آسمان! مونکي ڪابه شڪايت ناهي... آءٌ پست آهيان! انهي لاءِ ته توکان گهڻو هيٺ آهيان... آءٌ گنهگار آهيان! انهيءَ لاءَ ته دنيا جو هر گناهه منهنجي مٿان ٿئي ٿو ۽ تيستائين ائين ٿيندو رهندو. جيستائين هي دنيا قائم آهي.“
”ائين نه چئه زمين... ائين نه چئه.... تون گنهگار ناهين، گنهگارن توکي ان جو احساس ڏياريو آهي. گناهه سماج سان تعلق رکن ٿا. تنهنجو انهن سان ڪهڙو واسطو؟“
”ڪاش! دل رکڻ وارين ڳالهين سان دل جا زخم ڀرجي سگهن... پر اها حقيقت آهي آسمان! ته آئون تنهنجي قابل ناهيان... تون بلند آهين... روشن آهين... ۽ آئون... آئون...“
”زمين! زمين! منهنجي زمين... خدا جي واسطي ائين نه چئه... ائين نه چئه... منهنجي دل ڳڀا ڳڀا ٿي ٿئي... ڪاش زمين! آئون به تنهنجو ئي هڪ حصو هجان ها ته اڄ مون کي فخر محسوس ٿئي ها. تون ڪيتري بلند آهين. تون ڪيڏي نه عظيم آهين. ڪاش! توکي ڪو منهنجين اکين سان ڏسي ۽ محسوس ڪري...“
”آسمان...! اهي انسان، جيڪي منهنجي مٿان رهن ٿا، جن جو آئون سهارو آهيان. جيئڻ ۽ مرڻ تائين اهي مون کي حقارت جي نظر سان ڇو ٿا ڏسن؟ ڪنهن جي گهٽتائي جو مثال پيش ڪرڻ مهل به اهو ئي چيو ويندو آهي مون توکي آسمان جي بلندين جهڙو سمجهيو هو، مگر تون زمين جهڙي پست ثابت ٿئينءَ.. ذليل نيچ.‘ آسمان! اهو ٻڌي منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي. ان بابت ڇا چوان؟ ايترو احساس ضرور ٿيندو اٿم ته خدا وٽ مون لاءِ انصاف ناهي. مونکي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي آهي جو منهنجي لاءِ هر قدم تي ڪنڊا پوکيا ويا آهن. جڏهن مونکي انهن جو سهارو سمجهي بنايو ويو آهي ته مون سان اهڙي هلت ڇو ٿي ڪئي وڃي. آسمان! اهو ته آئون روز ٻڌندي آهيان ته، ’هو هڪ شريف، امير گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ هوءَ هڪ نيچ گهراڻي جي ڇوڪري، ٻنهيءَ جو جوڙ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ زمين ۽ آسمان جيترو فرق آهي...‘ هرڪو پنهنجو پنهنجو مثال پيش ڪري ٿو. جڏهن دنيا وارا پنهنجي ميلاپ کي ناممڪن ٿا سمجهن ته سج ۽ چنڊ ته بلند هستيون آهن. اهي ڪيئن گوارا ڪندا؟ خود قدرت به ته اهو نٿي چاهي آسمان! پوءِ پنهنجي ڇا مجال آهي؟ آسمان! گناهه هڪڙا ڪن ۽ سزا موکي ڇو ٿي ملي؟ پستيءَ تي پرورش ڪندڙن کي به خدا بلنديءَ جو درجو ڏئي ٿو. ڪيترا عظيم انسان منهنجي مٿان گذري ويا آهن ۽ مون ۾ دفن آهن. اهي سڀ بلند هئا ليڪن آئون اهائي پست رهيس. آسمان! آئون ڪيتري نه مظلوم آهيان...“ زمين جو آواز ڏک سبب ڀرجي ٿو وڃي.
”ڪاش! آئون ڪنهن قانون جو پابند نه هجان ها ته اڄ تنهنجي سيني سان لڳي، تنهنجا سڀ غم دور ڪريان ها، پر منهنجي زمين... آئون هاڻي به توکان جدا ناهيان... توکي نٿو وساري سگهان زمين! تنهنجي ياد منهنجي دل ۾ ڪنهن ڪنواري، ڪنول جيان سدائين ٽڙندي رهندي... آئون خاموش هوندس، مگر جڏهن منهنجون اکيون وسنديون تڏهن تنهنجي مٿان سرسبز ۽ شداب ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ گل ڦل لهرائيندا. اهڙيءَ طرح مونکي اهو سڪون ملندو ته آءٌ تنهنجي ويجهو اچي ويو آهيان... ايترو ويجهو جو تنهنجو هڪ حصو بنجي ويو آهيان! ۽ زمين ڇا تون مونکي پاڻ وٽ ڏسي خوش نه ٿيندينءَ ٻڌاءِ...؟
”اوه آسمان!“ سڏڪا... آهون...
”۽ ٻڌ زمين! منهنجي تصوير به تنهنجي سيني ۾ سدائين محفوظ رهندي. اهڙي ڪا صورت ئي ناهي، جا تنهنجي سيني جي شفاف سمنڊ، دريائن ۽ چشمن کي مونکي توکان الڳ رهڻ لاءِ بند ڪري ڇڏي.“
”آسمان...!“ سڏڪا... خاموشي.
”زمين! جڏهن تنهنجو عڪس سج ۽ چنڊ تي پوندو آهي تڏهن هو پنهنجي حسن کي داغدار سمجهندا آهن. پر زمين! مون کي ان مهل هو ٻئي ڏاڍا حسين لڳندا آهن. مون کي ائين لڳندو آهي جيئن تون، مون وٽ اچي وئي هجين.“
”.......“ زمين خاموش آهي.

خيران

”آئي... آئي امان کئران، ترس ته سهي، ڪارو مٿو ٿئي منهنجو.... ڀت وڌائيندي ممونءَ جي گهر واري ذري گهٽ واڪو ڪيو. هڪدم ڏوئي ديڳ ۾ ڇڏي، ٽپ ڏيئي اُٿي، خيران کان تباخ ورتائين.
ڏٺئي! منهنجي به مت ڪينهي... هاڻ شهر جي پڙهيل لکيل ماڙهوءَکي به تباخ ۾ ٿي موڪليم، ڇا خيال ڪري ها.“
هوءَ هڪدم کٽ تي کڙيون کڻي بيٺي ۽ طاق تان رنگين گلن وارين لوهه چيني جي ٿالهين کي لاهي، گنديءَ جي پلاند سان ڄارو اُگهي تباخ وارو ڀت ورائي ٿالهيءَ ۾ وڌو ۽ ڳاڙهو پوش ويڙهي، خيران جي حوالي ڪيائين.

”هاڻ ڀل وڃ.“ سندس سانوري گول چهري تي اطمينان جي مرڪ هئي.
خيران سدورين ڌين وانگر، سٻاجهڙائي سان مرڪندي، هڙ ڪري ڪڇ ۾ ڪئي. کيس ڀوتار سائينءَ جي ٻنين جي ٻئي ڀر وڃڻو هو، جتي گهر نما اسڪول ۾ ماستر ٻارڙا پڙهائيندو هو ۽ اُت ئي ڪراڙي ماءُ سان گڏ رهندو هو. ڳوٺ جا ننڍڙا ننڍڙا واٽر ۽ ويڙها اورانگهي خيران سهڪندي ٻنيءَ جي ٻئي ڀر اچي پهتي.
”کڙ... کڙ... کڙ“ هن ڪڙو کڙڪايو.
”هائو، هائو.“ معصوم ڳوٺاڻو آواز آيو.
”اڙي! تون وري هت.“ ممونءَ جي نون ورهين جي نينگر رمون، در کوليندي خيرا کي ڏسي ڏند ٽيڙيا.
ٻارن کي موڪل به هاڻ ئي ملي هئي، جو هل ڪندا ٻاهر نڪتا، ڄڻ سمنڊ جي وڏي ڇولي اچي خيرا سان ٽڪرائي.
”اي ادا ڪيرايو ٿا، سنڀاليو ته سهي.“ هن ٻارن جي ٿيلهن کان پاڻ بچائيندي چيو.
”ترس ته رمون، گڏجي ٿا هلون.“
نه بابا اسان کي دير ٿي ٿئي تون پاڻهي پئي اچجان.
”هائو هائو. پاڻهي پئي اچجان“، علوءَ ڀاءُ کي سر کڻايو ۽ هو ٻين ٻارن سان گڏ ٽپندا ڪڏندا هليا ويا.
گهر اندر پير رکڻ سان ئي ماستر صاحب کيس سواليه نظرن سان ڏٺو.
”سائين، هي ادي ممونءَ وارن عرس ڏنو آهي.“ ڪيتري نه معصوميت هئي هنجي ادائيگيءَ ۾... پل کن لاءِ هن سوچيو، ”اندر وڃي ڏي.“
ڀوتار سائين جي اوطاق تي اڪثر ماستر صاحب به حاضري ڀريندو هو، ۽ ات ئي سندس ملاقات ممون ڪمدار سان ٿيندي هُئي، هنجا ٻئي پٽ وٽس پڙهندا هئا، پر خيرا کي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هئائين.
خيران ڳاڙهي پوش واري هڙ وڃي ماستر جي ماءُ کي ڏني، ۽ پاڻ ڪر موڙي ٿڪ کان ساڻي ٿي زمين تي ئي ويهي رهي.
”جيجي هت هيکلي منجهين ڪين؟“ هن ڪجهه دير ٿڪ لاهڻ خاطر سوال کڙو ڪيو.
”ڌيءَ، منجهڻ وري ڇا جو، شڪر آهي خدا جو. مڙيوئي پيو ڪم ڪار ۽ ڳوٺاڻن سان اوڀارين لهوارين ۾ وقت گذري.“ ماستر جي ماءُ کيس خالي تانوَ واپس ڪندي چيو.
”هائو جيجي، پر تڏهن به هيکلائي ٿيندي هوندوَ، سائين جي به، جي نه شادي ٿي پوي، ته هڪ کان ٻه هجو جيڪر.“
”لکئي جون ڳالهيون آهن ڌيءَ، جڏهن حڪم رب جو ٿئي. اڃان سندس ڄمار ئي گهڻي آهي، اهي ٻاويهه چوويهه ورهيه.“
”امان نينگر ڇا ٿي چوي؟“ ماستر صاحب، جنهن پريان ئي پنهنجي شادي جو ذڪر ٻڌو پئي، تنهن ڪمري ۾ اچي مشڪندي پڇيو.
”ابا ويچاري مون کي هيکلو ڏسي دل پئي وندارئيم.“
”ڇا نالو آهي تنهنجو؟“
”کئران.“ خيران لڄ مان پاڻ وٽيندي سٽيندي وراڻيو، ڪي گهڙيون هو مسلسل ڏانهنس نهاريندو رهيو.
”ايندي وڃ نه امان وٽ.“ هنجي لهجي ۾ پنهنجائپ هئي.
”هائو سائين، هاڻ اينديس پئي.“ ڳوٺڙي جي اٻوجهه خيران لڄ مان اکيون هيٺ ڪري مرڪي وراڻيو.
”چڱو جيجي هاڻ موڪلاڻي.“ هو گوڏن کي جهلي ڄڻ وڏي مشڪل سان اُڀي ٿي.
”ڀلي ڪري آئين امان، پنهنجو گهر سمجهي ايندي وڃ.“ لهجي ۾ شفقت هئي.
وقت ساڳيءَ رفتار سان گذرندو رهيو. هاڻ خيران ماستر جي گهر اچي وڃڻ لڳي هئي. ڳوٺ جون ٻيون نينگريون سادگيءَ سان گڏ ڪجهه شوخي به رکنديون هيون، ڪجهه شرارت به ڄاڻنديون هيون. اُٿڻ ويهڻ جون چست، شوقين، اڳ کان اڳريون، ڳائڻ جون ڪوڏيون، وري ڳالهين جون به ڳوٿريون، پر هيءَ... هيءَ انهن سڀني کان مختلف هئي... گهڻو مختلف، ٿڪل ٿڪل... سست... بيزار... ڀائين ته رڳو ستي پئي هجي. سرتيون ڪري چونديون هيس، ”آئي کئران! هل ته دلاور جي پٽ جي شاديءَ جو سهرو ڳايون“ هوءَ اوٻاسي ڏيئي چوندي هئي، آءٌ ڪانه ٿي هلان، لڱ پيا ڏکن، آءٌ وڃيو ٿي حليمان کان لتون ڏياريان.“
ممونءَ جي زال ڪڏهن ڪو ڪم ڏسيندي هيس ته انڪار ڪونه ڪندي هئي، پر جيئن تيئن ٿڙندي ٿاٻڙندي مڙئي ڪم کي پورو ڪري وٺندي هئي، هلڻ مهل به سندس هڪ هڪ وک مرد جي لڳندي هئي ٻاهران اچڻ مهل جڏهن هيٺ ويهندي ئي سنئين ٿي سمهندي هئي، ته ائين لڳندو هو، ڄڻڪ منزلون پنڌ جون لتاڙي ساڻي ٿي پئي هجي ڪڏهن چوندي هئي ته چيلهه ۾ سور، ڪڏهن چوندي هئي، ته ٽنگن ۾ ساهه ڪونهي. ڪڏهن هنئين وسامڻ جي تڪليف، ڪڏهن پيٽ جي سور جي شڪايت، مطلب ته ڪڏهن به چڱ ڀلائي جو اظهار ڪونه ڪيو هئائين، جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ چڱي صحتمند هوندي هئي. انهن مڙني اوڻاين جي باوجود، خيران ۾ جيڪا خوبي هئي، سا هئي هن جي سٻاجهڙي صورت ۽ معصوميت سان ڀريل بيحد پرڪشش ۽ شرميلي مرڪ. کيس ڏسڻ سان ئي ننڊ طاري ٿيڻ لڳندي هئي. ڄڻ منجهس ننڊون ۽ خواب جذب ٿيل هجن. ماستر جو ته اهو حال هوندو هو، جو وٽن جڏهن خيران ايندي هئي، تڏهن اوٻاسين مٿان اوٻاسيون اچڻ لڳنديون هئس. ان ۾ سندس ڏوهه به ته نه هو، خيران هئي جو اهڙي.
”اڙي خيران! تون ته ٻارهوئي بيمار آهين، ڪڏهن ته خدا جو شڪر به ڪندي وڃ.“ هو خيران کي ماڻس وٽ چيلهه جي تڪليف بيان ڪندي ٻڌندو هو، ته پريان ئي ٽوڪ هڻندو هوس.
”هائو سائين، شخر آهي. خيران مشڪي ۽ ڪجهه شرمائجي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندي هئي. ماستر جي ماءُ به سندس بيمارين ۽ تڪليفن ٻڌڻ جي عادي ٿي وئي هئي. ماستر به خيران جي عادت سمجهي، ان طرف ڪو ڌيان نه ڏيندو هو، البت کيس به خيران وڻندي هئي. سندس سٻاجهي شڪل واري شرميلي مرڪ، سندس دل ۾ به گهر ڪري وئي هئي. نفسيات سان ٿوري گهڻي دلچسپي رکڻ باعث، هو ان نتيجي تي پهتو، ته ڪي ماڻهو همدردي ۽ توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل بيمار بنجي ويندا آهن ۽ هوءَ هئي به ته همدردي جي مستحق.
خيران کيس ٻڌايو هو ته ڪيئن نه ننڍپڻ ۾ سندس شادي ٿي ۽ پوءِ ڪيئن کيس ڏک مليا. پهرين سس جا سور، پوءِ مڙس جا موچڙا، تنهن بعد ڏهاڳ جا ڏجها.
سندس عياش پوڙهو کک پيءُ، زال جي مرڻ بعد خيران جي نڻان، ڌيءَ جي بدي ۾ حاصل ڪري ويهي رهيو ۽ ٿوريئي عرصي ۾ کيس سلهه جو موذي مرض ڏيئي راهه رباني وٺايائينس. ان بعد ته خيران جا ساهرا سندس جان جا ڄڻ دشمن ٿي پيا. آخر ڇو نه ٿين، بدي ۾ جو آئي هئي. ظلمن جا ڏينهن رات گذرندا ويا ۽ هڪ ڏينهن ڳوٺ جي دنگي فساد ۾ مڙس به دوناليءَ جو شڪار ٿي ويو. پوءِ ته سندس کارڪ جهڙي ڪراڙي سس کيس عمر قيد ڏيئي ڇڏيو، ۽ کيس پنهنجي پيريءَ جي لٺ سمجهي اکين آڏو رکيو. خيران لاءِ نسورو ويل هو، هڪ تهه سياري جي رات جڏهن سڄي فضا تاريڪيءَ ۾ غرق هئي، هن همت ڪري پاڻ کي ان ڪاري ڪن ۾ ڪري اڇليو ۽ ٻن ڏينهن تائين ڌڪا کائيندي کائيندي قسمت کيس ممونءَ جي در تي آندو. ممونءَ جي گهر واري سٺي سڀاءُ جي زال هئي. جنهن کيس ڀيڻ بڻجي سهارو ڏنو، ان بعد هو سندس گهر جوئي هڪ ڀاتي ليکجڻ ۾ اچڻ لڳي.
ماستر جي ماءُ کي پنهنجي پٽ جي خيران سان بي تڪلفي ڪڏهن ڪڏهن ناگوار لڳندي هئي، جنهن لاءِ هوءَ کيس دنيا وارن جو ڊپ ڏيئي سمجهائيندي به هئي. پر ماستر اٽلندو ماءُ کي سمجهائيندي چوندو هو، ”ڏس ته سهي امان، سندس ڳالهيون ڪيتريون نه معصوم آهن ۽ هو پاڻ به ڪهڙي نه معصوم آهي. اها سادگي، اهو خلوص ۽ روح جي پاڪيزگي، پنهنجائپ جو احساس شهرن ۾ ڪٿي. اسين شهري ته کوکلا آهيون اسان جي نئين تهذيب اسان کي کائي ڇڏيو اهي. اسان جي تهذيب، اسانجون تمدن ڄڻ ڪنهن وزني بوٽ هيٺان دٻجي ويا هجن. اسان وٽ ٻيو ڇاهي، جنهن تي ناز ڪريون. اهي ڳوٺڙا ئي ته آهن، جن تي ناز آهي. اسان جي عزت، اسانجو شان، اسانجو حسن... شال سدائين هن سنڌڙي جا ڳوٺڙا وسن.“
”الائجي ڇا پيو وڦلين ماريا.“ ماڻس ڪجهه نه سمجهندي وڃي ڪم کي لڳي.
شام موڪلائڻ واري هئي، ماستر گهر ۾ اڪيلو پنهنجي امتحان جي تياري ۾ مصروف هو. ماڻس به ڪجهه ڏينهن کان شهر ويل هئي. اوچتو خيران کي پاڻ وٽ ڏسي هو ڪجهه حيران ٿي ويو.
”ڇو خيران؟ ڇا ڳالهه آهي.“ هن سندس لٿل چهرو ڏسي پڇيو.
”سائين مونکي ڏاڍي تڪليف آهي، ڪا گرم دوا آهي توهان وٽ؟“
”گرم دوا...! ڇو؟ هو وڌيڪ حيران ٿي ويو.
”آهي ڇا؟“
”پر ڇو؟“
”چيلهه جو سور لهي وڃي شايد.“
”چري، هو کليو، ڪنهن توکي چيو ته گرم دوا سور لاهيندي؟“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو.
” پر مون وٽ ته ڪابه دوا ڪانهي.“
هنجي چهري تي اداسي ڇانئجي وئي.
”چڱو... ڏس. تون سڀاڻي منجهند جو اچج، ته هتي منهنجو دوست ڊاڪٽر آهي، ات توکي وٺي هلندس.“ هن کي، سندس لٿل منهن ڏسي مٿس رحم اچي ويو.
ٻئي ڏينهن وعدي پٽاندڙ ماستر کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو.
”هنکي ٽن مهينن جو ٻار اهي.“
”جي!“ وگهريل شيهو ڪنن جي رستي هن جي دل ۾ لهي آيو.
”ڪٿي وڃي ڦاٿو آهين؟“ ڊاڪٽر هوريان کيس اک هڻندي چيو.
”پر ڊاڪٽر خدا جو قسم...“
”ڇڏ يار.“
”اوهان مون تي يقين نٿا ڪريو ڊاڪٽر...“
پر ڊاڪٽر بدستور مسڪرائيندو رهيو.
ماستر خيران ڏانهن نهاريو. هن جي ڪنڌ جهڪي ويو هو کيس ڪجهه چوڻ کانسواءِ تڪڙا تڪڙآ پير کڻندو گهر اچي اکيون ٻوٽي ليٽي پيو. هنجو دماغ ته ڄڻ هڪ گول چڪر بنجي ويو هو. انهيءَ چڪر ۾ سندس سڀ پراڻا ۽ نوان خيال هڪ زنجير جي شڪل ۾ جڙي ويا... سٻاجهڙي صورت... معصوم مرڪ... ٿڪاوٽ... ڊاڪٽر جي طنزيه مرڪ... گرم دوا...
”هون... گرم دوا.“ گرم دوا جي خيال اچڻ سان ئي، نفرت کان ڪنڌ جون رڳون اُڀري آيس.
”بدبخت شايد سمجهيو ٿي، ته مونکي ماستريءَ ۾ اهي گر سکياريا ويا آهن.“
هنجي بيچيني وڌندي وئي. آخر ڊاڪٽر هن تي يقين ڇو نه ڪيو...
هو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ سڄي حقيقت وڃي ممون کي ٻڌائڻ چاهي. ۽ پڻ اهو به، ته اهڙي بدڪردار ۽ مڪار عورت کي آئينده وٽن نه موڪليو وڃي. هن ممونءَ جي گهر جي واٽ ورتي. ڪاڙهي تتي ۾ ڳجهن، مئل گڏهه کي اچي ورتو هو. مٿائنس لامارا ڏئي ماس پٽي رهيو هيون. ”اف...!“ بدبوءَ کان سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هن پاسو مٽائڻ خاطر جاءِ جي پٺ ورتي وٿاڻ وٽ هن کي ممون جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هن خاطري ڪرڻ لاءِ ڪانن پويان نهاريو. هن ڏٺو ته ممون ڪتر واري کوکي ته ويهي ڪانو کڻي ڪڏهن چٻاڙيو ٿي، ته ڪڏهن ڀڃي ٿي اڇلايو. خيران سندس وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيرائيندي چئي رهي هئي: ” تون ڦڪرنه ڪر ممون... گم نه ڪر. جي ٻار نه ڪريو، ته مان پڌرو ڪري ڇڏينديس ته ٻار ماستر جو آهي.“
ماستر کي ان مهل ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪجهه دير پهرين ڏٺل ڳجهون سندس ڪيپراٽي مان مغذ پٽي رهيو هجن.

بُليٽن

”ڀلي ڪري آئينءَ استاد.“
”امان منهنجي استاد ”مئڪلين“ جي اشتهار جو مظاهرو ڪندي وڏي پاٻوه مان رئيسياڻيءَ کي کيکر جو جواب ڏيئي، پاڻ کڻي کٽ تي اڇلايو.
ٻه ماڙ ڏاڪڻ چڙهي سندس ساهه بنهه قابوءَ کان ٻاهر ٿيو پيو هو. اڇي چادريءَ کي مونجهه وچان اصل اهڙي سٽ سان جسم تان آزاد ڪيائين جيئن ڪو مردو ڪفن ڦاڙي نڪتو هجي. مگر فرق صرف هيءُ هو ته مردي ۽ هن ۾ وڏو فرق هو. قدآور رستم نما زال هئي. اڌ وهيءَ کان ڪجهه مٿڀرو، رنگ سفيد، مگر رت جي گهٽتائي سببان پيلاڻ ڏانهن مائل. سفيد ڪپڙن ۽ سفيد چادريءَ سان سندس چهرو به چانديءَ جو وڏو ڪاشڪو نظر ايندو هو. جڏهن کلندي هئي تڏنهن”ٿيف آف بغداد“ جي ديو جي به جاءِ ڪونه هوندي هئي. نالو ته سندس خبر ناهي ڇا هو، مگر عام طرح سان ”استاد“ ۽ پرائيويٽ طرح سان ”بليٽن“ جي نالي سان مشهور هئي. بقول سندس هوءَ اخبار آهي. دنيا جون خبرون کانئس ڳجهيون ناهن، پر هوءَ ”بليٽن“ جي نالي سان ان ڪري نڪرندي آهي، مگر ”بليٽن“ خاص طرح سان تازيون خبرون يڪدم ڪنهن وقت به ڏيئي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته سندس خانداني شجرو يا اصل نسل ڪنهن ”شاهي بورچيءَ“ سان ٿي مليو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ”چمچه گيري“ جي فن ۾ خطرناڪ حد تائين مهارت حاصل ڪئي هئائين، ۽ اهو فن کيس گهر گهر وڃي قرآن پڙهائڻ، از راهه ڪرم ضرورتمندن کي بازار مان ڪپڙو گندي، سودو سلف خريد ڪري آڻي ڏيڻ، اوڀاريون لهواريون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کانپوءِ ئي حاصل ٿيو هو ۽ سندس اهو فن وڏو اهم ۽ خطرناڪ پارٽ ادا ڪري رهيو.
هي ستون سال هو جو رئيسياڻي ڀاڳ ڀريءَ جي هويلي تي نينگريءَ کي قرآن پڙهائڻ ايندي هئي. پنج سال گذري ويا جو نينگري بابن وارو سيپارو پڙهندي پئي آئي، اهو به طوطي وانگر.
استاد چوندي هئي ”چئو امان، اني، بني، ڪني، لني، ته نينگر به وراڻيندي هئي ”چئو امان، اني، بني، ڪني، لني،“ اهو حال هو پڙهائڻ جو، نينگري جي ليکي ته ”چئو امان“ به بابن ۾ لکيل آهي. روز ٻه چار اکر بنا هجي جي نينگريءَ کي رٽايا ويندا هئا. آخر ستين سال سيپاري جو منهن ڏٺائين ايستائين بليٽن هر مهيني پنجاهه رپيا پگهار جي حساب سان ستن سالن ۾ 42 سو اجورو وصول ڪري چڪي هئي ۽ ”ستارون سي آگي جهان اور بهي هي“ وانگر باقي ٽيهن سيپارن جو به ٻلُ هئس. هميشه وانگر اڄ به رئيسياڻي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
”امان ڏڌ چڪو هوندو؟ هيانءُ ماندو ٿي ويو آهي،“ بليٽن ساهه پٽيندي چيو.
جهجو، جهجو.“ ائين چئي رئيسياڻي بورچي خاني ۾ وڃي پاڻ پنهنجي هٿن سان ڏڌ سان ڀريل جڳ، چار مانيون، پليٽ قورمي جي، گوشت، ڀاڄيون وغيره آڻي استاد اڳيان دسترخوان تي رکيون. استاد نه ڪئي هم نه تم، گرڙ پکيءَ وانگر اکيون ٻوٽي اچي کائڻ لڳي، نه ڇڏيائين ڪو ڀورُ، ان بعد سامت جو ساهه پٽي وڏي ”هيانو ڏارَ“ اوڳرائيءَ سان ڪمري کي گونجائي ڇڏيائين شڪر احمدلله جو نعرو هڻي، ڳچيءَ ڏانهن هٿ وڌائي چانديءَ جي لٽڪيل ڏند کوٽڻي کان ڪم وٺڻ شروع ڪيائين.
رئيسياڻي جي حڪم سان هڪ ٻانهيءَ چلمچي اڳيان آڻي رکيس.
”استاد، ڪا خبر چار؟“ رئيسياڻي پلنگ تي ليٽندي پڇيو. کيس به خبرون ٻڌڻ جي چوس پئجي وئي هئي.
”امان خبرون مڙئي خير جون. ڪالهه جا وڃان کڻي وڏيري الهندي جي گهر، سو پئي خدا جي در تان توبهن ڪريان“،
ڇو ڇا ٿيو؟“ رئيسياڻي جي خبرن سان دلچسپي وڌي.
”بس امان، هوندو سوندي نه الله شال ڪنهن کي اهڙو ڪري، ڇنل کٽون گهر ۾، ڪو ٽپڙ سليقي سان نه رکيل، چئبو ته زالن کي افعال ئي ڪونهي. گهران ميرن ڪپڙن جون ڳنڍيون ڍويو وڃن ڀاءُ جي در تي ڌوئڻ.
مونکي ته عجب وٺي ويو، آءُ وڃان ئي ڪونه، پر پرايا پهراڻ هئم ڀرائڻا، سو ٻڌو هئم ته وڏيريءَ وٽ ڏاڍا سُهڻا نمونا آهن، تنهن ڪري چائنٺ لنگهي ويس. پر وڏيري گهر ۾ هئي ڪونه. الائي ڇو گهر ۾ ويهڻ ئي نٿو اچيس. رڳو نهون ڌيون ويٺيون هيون. انهن جواب ڏنم ته اسانکي پهراڻن جي خبر ڪانهي. وري سڀاڻي جڏهن پنڌ ڪريان.“ ائين چئي نينگريءَ کي سڏ ڪيائين ته اچي سبق وٺي. ٻه سٽون سبق جون ڏئي، چادريءَ کي کنڀيندي، رئيسياڻي کي مخاطب ٿي: ”امان آءٌ هينئر وڃان ٿي ٻئي پاسي، سڀاڻي وڃڻو اٿم شهر، ڪو ڪم هجي ته ٻڌائي ڇڏ.“
”ها استاد، چڱو جو ياد ڏياريئي. ولايتي بوسڪي ملي ته ٻارهن وال وٺيو اچجانءَ.“
”ائين چئي رئيسياڻي ٻن سون جا ساوا نوٽ ڪٻٽ مان آڻي استاد جي هٿ ۾ ڏنا.
”بوسڪيون ڪٿي ٿيون ملن اڄڪلهه ولايتي، وري به آءٌ سڄي بازار رلندس.“
رئيسياڻي کي اطمينان ڏياري هيٺ لٿي.
”امان، ماڻهين آهي گهر ۾؟ استاد وڏيري اُلهندي جي گهر ۾ پير پائيندي ڌيڻس کان سوال ڪيو.
”توهان اندر ته اچو، هوندي ڪيئن نه.“ڇوڪريءَ رکائيءَ سان وراڻيو جيئن کيس ساڻس ڪا دلچسپي نه هجي غالباً هوءَ بليٽن جي ڪارنامن کان واقف هئي. بليٽن کٽ تي ويٺي. گهر جو سامان بدستور پکڙيل هو. وڏيري به کيڪاري اچي گڏ کٽ تي ويٺس.
”خوش آهيو، چڱا ڀلا؟“
”دعا آهي توهانجي استاد.“
”مان ڪالهه به آئي هئس، توهان مليا ئي ڪونه.“
”مبارڪ ڏيڻ وئي هئس سومرن ۾ شاديءَ جي.“
”ٻڌجي پيو ته ڇوڪريءَ وارن شادي ڪري اچي پڇتايو آهي. ماڻهو ڏنگا آهن.“ استاد ڀَڙُ وڪيل جيان اڳ ورتو. ”خدا ڄاڻي استاد مون ته ڏٺو ڇوڪري ڏاڍي خوش هئي. سڀني ڏاڍو ڀانيس پئي. الله ڪري جڳ جون ڄايون خوش هجن.“
”ها شال سڀڪو خوش هجي.“ مجبوراً بليٽن به دعا ڪئي. ”ادي ٻڌو اٿم ته توهان وٽ سٺا پهراڻ آهن. مون کي نمونو گهرجي.“
استاد پهراڻ ته برابر مون وٽ آهن، پر هتي ڪونهن، اوهين خود ڏسو پيا ته جاءِ ٺهي رهي آهي، گهر جي حالت ڪيئن بگڙي پئي آهي، ڪا شي سِڌَ ۾ رکيل ئي ڪانهي. سامان سڙو سڀ ڀاءُ جي گهر رکيل آهي. هِتان هُتان اچ وڃ لڳي پئي آهي. جڏهن اتي ويس ته اوهان لاءِ پهراڻ کنيو اينديس.“
”ها، برابر جاين ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آهي. جلدي ٺهي ويندي الله چڱو ڪندو.“
”سامان جو حال ڏسو ته ڪيئن ٿيو پيو آهي.“
”مڙئي خير آهي، اهي ته جاين ٺهڻ جا ڪم آهن. توهان جو ان ۾ ڪهڙو ڏوهه. هونءَ جاءِ تڏهن به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڇا سندس وائک! ڇا سندس بيهڪ!“
”بس، غريباڻي جاءِ آهي.“ وڏيريءَ ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتو.
چڱو ادي، مان وڃان ٿي، هيڏانهن رئيس الهه بخش جي گهر واريءَ ڪپڙو گهرائڻو ڏنو آهي. پرائو ڪم ڪندي به ڊپ پيو لڳي. الائجي وڻيس، نه وڻيس. مون ته جواب ڏنومانس پر چيائين ٻيو ڪير آڻي ڏيندم، ان لاءِ وڃان ٿي. چڱو هاڻي الله کي پرتينءَ.“
”مائي تون پراڻو گراهڪ آهين، اسين توسان ڪوڙ ڪيئن ڳالهائينداسين والايتي مال ختم ٿي ويو آهي. شايد ٻين دڪانن تي ملي وڃئي. هي ڏس ديسي مال ڪهڙو نه فسڪلاس آهي.“ دڪاندار استاد کي چئي رهيو هو.
”ٺهيو ابا، ٻين دڪانن تي ڪير رُلي. ڀلا ڪيتري وال ڏيندين هن بوسڪيءَ جو؟“
”مائي اٺين رپئن کان گهٽ وال نه ملندءِ، اصلي خيرپور ملز جو ڪپڙو آهي.“
”چڱو ٻارنهن وال ڪپڙو ڏي، پر هي خيرپور ملز جو ٺپو ڪڍي ڇڏ.“
”سڄي بازار رُلي آهيان تڏهن وڃي مس مس ولايتي بوسڪي ملي آهي.“ استاد چئي رهي هئي.
”مهرباني استاد! نه ته مونکي ڪٿان ملي ها.“
”بس امان! تنهنجي ڀاڳ ۾ هئي، چيائين ته ارڙهين رپئن وال پئي پر آءٌ چوڏهن رپئن ۾ ڪرائي آيس.“ استاد باقي ٻٽيهه رپيا رئيسياڻي جي حوالي ڪندي چيو. ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ استاد جو شڪر گذار ٿي، جنهن وڏي مشڪل سان کيس ولايتي بوسڪي سستي اگهه ۾ آڻي ڏني هئي.
”ڪٿي آهي نينگري ته سبق ڏيئي واٺانس، وري وڃڻو اٿم پرائي وي سيءَ لاءِ نوابن ۾.“
”ماني ته کائي وٺو پهريائين.“
انهيءَ تي استاد خاموشيءَ سان رڌڻي جو رخ ڪيو، ۽ بورچياڻي نڪ کي موڙ ڏيئي اڳ جيان استاد لاءَ ڏويون ڀرڻ لڳي. مانيءَ مان فارغ ٿي، استاد نينگريءَ کي ٻه سٽون سبق جون ڏيئي چادر مٿي تي ڪئي، ۽ ڏاڪڻون لتاڙي ڦهه اچي نوابن جي حويليءَ تي ڪيائين، نوابڻ جي نهن جو استاد کي ڏٺو سا دهلجي وئي. استاد کي پنهنجي ڏهٽي، نوابڻ جي ننهن جي حيثيت سان ڏسڻ جو وڏو ارمان هو. پر حالتن آڏو، هوءَ بيوسُ ٿي سور پي وئي، پر دل ۾ ”گوگي چوهاڻ“ جو قسم کاڌل هئس ته ڪاري نانگ وارو وير ضرور وٺندي.
ڇوڪريءَ کي پريان ڏسي واڇن کي زوردار جنبش سان کاٻي ۽ ساڄي کسڪائي خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي چيائين:
”امان ڪنوار خوش آهين؟ سسڻين ڪٿي آهي؟“
”دعا آهي توهان جي. چاچي ته سکر ويل آهي.“
”ڇو خير مان؟“
”ها بس ائين ئي، ڪو ڪم ٿي پيو.“
”ٻچا ٻار سڀ ويل آهن؟“
”ها!“
”تنهنجو گهر وارو؟“
”اتي ئي آهي.“
”سيڌو سامان کڻي وئي؟“
”ڪجهه کڻي وئي ۽ ٻيو سڀ گهر لاءِ رکيل آهي.“
”انبن جا ٽوڪرا؟“
”اهي به اتي پيل آهن.“
”چڱو امان، آءٌ وڃان ٿي وري ٻيءَ مهل اينديس.“
”ويهو استاد، چانهه پي وڃو.“
”نه امان، هينئر وڃان ٿي، پنهنجو گهر آهي.“
”استاد، اچو خوش چڱا ڀلا.“
”امان منهنجي، دعائون آهن توهانجون، توهان خوش چڱا ڀلا؟ سکر وڃي ڏينهن لاتوَ، گهر اٻاڻڪو ٿيو پيو هو ڄڻ ته کائڻ پئي آيو.“
”توهان ته ايندا به ڪونه هئا.“
”امان ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پڇين، ڪنهن وٽ اچان؟ جڏهن اچان تڏهن نهڻين ڪوٺيءَ جو در بند ڪيو مڙس سان ويٺي آهي. پوءِ اچي ڇا ڪريان؟ هڪ دفعو ملي هئم تڏهن به اهڙيون ڳالهيون کڻي ويٺي جو پنهنجي دل بنهه ڀرجي آئي. سچ چيو اٿن ته مالڪن کانسواءِ گهر گهر نه هوندو آهي. ڀاڳن ڀريون آهن اهي سسون، جن کي ڌيئن جهڙيون ننهون ملن.“ استاد ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه پوري ڪئي.
”ڇا ٿيو استاد؟“ نوابڻ جو آواز سندس دلي ڪيفيت لڪائي نه سگهيو.
”اهوئي جيڪو هميشہ ٿيندو آيو آهي.“ استاد پنهنجي ڳالهه ۾ وڌيڪ Suspense پيدا ڪيو.
”تڏهن به؟“
”امان ڊپ ٿو لڳيم، اجايا گهرن ۾ جهيڙا ٿين تنهن مان ڪهڙو فائدو. دل ۾ رکين ته ٻڌ، توکي ڌيءَ ڪيو اٿم، سو سچ ٿي پڇين ته تنهنجي نه ڪير گلا ٿو ڪري ته هينئين ۾ ڄڻ وڍ ٿا پون.“
”ها استاد، سچ ٿي چئين، پرايون ڌيون پنهنجون ڪونه ٿينديون آهن.“
”امان انهيءَ ڏينهن جو اچان ته مونکي چيائين ته سسڻم پٺ تي ڪک به نه ڇڏيو آهي، سيڌ سامان، ويندي انبن جا ٽوڪرا جي ٻنيءَ تان آيا هئا سي به ساڻ کڻي وئي، ائين نه سمجهيائين ته پٺيان به ڪي ماڻهو آهن.“
”استاد، خدا جو قسم ته سڀ ڪجهه ڇڏي ويئي هئس.“
”ها امان، اهوئي ته چوان پئي، دنيا ۾ ڪيترو نه انڌير آهيءَ توڀان توڀان، الله توکي جا ڀاڙا ڏيندو.“
”استاد ڪهڙي نه ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌائي اٿئي. ڪنوار مان مونکي اها اميد ڪونه هئي.“
”ٺهيو امان، ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، الله هميشه صبر ڪرڻ وارن سان هوندو آهي.“
”رئيسياڻي جي خبر ڏيو؟ ڪيئن خوش آهي؟ اڃان اتي ويندا آهيو.“
”ها امان، لاچاري ويندي آهيان، رڳو نينگريءَ کي سبق ڏيئي پوين پيرن تي موٽندي آهيان. منهنجي ته انهيءَ ڏينهن کان دل ڀڳي جڏهن ڀاڳان اوهانجي باري ۾ خراب خيال ظاهر ڪيا هئا. چي: ”پوءِ ڍائي نوابڻ ٿي آهي. نواب سان پرڻي ته پاڻ کي ڪا ”شئي“ ٿي سمجهي.“
”پوءِ ڍائي هئس جو وٽس پنڻ وئي هئم.“ امان خير گهرُ، ڀاڳان جي وات ۾ خاڪ، تون ته نه چئو پنهنجي وات سان.“
”جوش ٿو اچي، ٺريل اکين کي اجايو تپائڻ مان دنيا کي الائجي ڇا ٿو ملي؟“
”پاڻ وري ڪهڙي رئيسياڻي آهي، ڄڻڪ سڃاڻاس ئي ڪونه!“ استاد موڙو ڏيئي چيو.
”ڪير ڪيئن به هجي، آءٌ ڇو چوان، سڀ ڪنهن جي پنهنجي نيت.“
”سچ ٿي چوين امان، جنهن جو جهڙو شان اهو ائين ئي چوندو. چڱو امان، آءٌ وڃان ٿي وري سڀاڻي شام جو اينديس.“
”چڱو استاد، پر هيءَ ته کنيو وڃو توهان لاءِ سکر مان سوکڙي آندي اٿم.“ ائين چئي استاد ڏانهن ويڙهيل وڏو بنڊل واڌايائين.
استاد بيڪ وقت واڇن ۽ ناسن کي جنبش ڏيندي بنڊل ڏانهن هٿ وڌايو:
”امان، ڪهڙيون هلاڪيون ڪيون اٿئي!“
”هلاڪيون ڇا جون آهن استاد، يادگيري آهي.“
امان ڀاڳان، منهنجي جيجل ڪٿي آهين؟ ڏاڪڻ چڙهندي استاد سڏ ڪيو،
”اجها استاد، ڪٻٽ پئي ٺاهيان.“
”ها ڀلي ڀلي، آءٌ به اچان پئي، ڪالهه توسان ويٺس ئي ڪونه. اڄ مس مس واندي ٿي آهيان. ڪالهه ويس نوابڻ وٽ، امان بس، توبہ آهي سائين جي در تي، زال، نه پر ڪا خطرناڪ بلا آهي. مونکي چوي ٿي ته تون رئيسياڻي جي نينگري کي پڙهائڻ ڇڏي ڏي. منهنجين نينگرين کي پڙهاءِ. ٻيڻي پگهار ڏيندي مانءِ. مون چيو ته منهنجو سر لڳي رئيسياڻي سان. پر پاڻ گهڻو ئي ڪجهه چئي وئي، آءٌ پنهنجي زبان سان ڇا چوان!“
”پر امان....“
جيستائين ڳالهه ختم ٿئي تيستائين ڪنهنجي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جو آواز آيو ۽ ڪاريءَ چادريءَ سان نوابزادي نمودار ٿي.
استاد کي گهگي پئجي وئي. رئيسياڻي حيران هئي...،.
”ادي اڄ مان توکان پنڻ نه پر ڪجهه پڇڻ آئي آهيان.“
”ڇا پئي چوين ادي...؟“
”مونکي سڄي رات ننڊ نه آئي.... مون توهانجو ڪهڙو ڏوهه...؟“
”ڳالهه ختم ٿيڻ کان اڳ استاد پڇ پائي ڏاڪڻ طرف ائين ڀڳي جيئن خودڪشي ڪرڻ مهل ڪير پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري ڪنهن استاد کي ڏاڪڻ چڙهندي نه ڏٺو.

مان ئي وار وجود تي

تنهن هوندي به جيڪڏهن هن کي ڪنهن ٻئي پاسي ڪوٺڙي ملي وڃي ها تڏهن به هن اڪيلي سر لاءِ غنيمت هئي. گهٽ ۾ گهٽ ڪارخاني جي ڀر واري موجوده جاءِ کان ته هن جي جند آزاد ٿئي ها، جنهن ۾ سواءِ جمع جي هر روز مشينن جي کچ کچ ۽ ڇڪ ڇڪ ٻڌي هن جي مغز جون رڳون ڇڪجي وينديون هيون.
هر روز مشينن جي ڇڪ ڇڪ ۽ هنجي ستار جي مدهم آواز جي چٽاڀيٽي هئي. هو تيز ستار وڄائي مشينن جي آواز کي ستار جي تارن مان نڪرندڙ آواز ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
پر ائين ڪرڻ سان اٽلندو سندس ستار جون نازڪ تارون ٽٽي پونديون هيون، جن کي ڏسي هو بيوسيءَ مان بي اختيار روئي پوندو هو، هن جا سڏڪا به مشينن جي ڪرخت آواز ۾ گم ٿي رهجي ويندا هئا.
هن جاءِ لاءِ گهڻيئي ڳولهائون ڪيون، پر شهر ۾ مسواڙ تي جايون ڪٿي ٿي مليون. ۽ جيڪڏهن ملن کڻي تڏهن به ڳاٽي ڀڳي مسواڙ ڪير غريب ڀري سگهي ها!
مجبوراً هو اتي ئي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري رهيو هو. پنهنجي ستار سان هن کي جنون جي حد تائين محبت هئي... دنيا ۾ صرف اهو ئي ته سندس محبوب ساٿي هو، جنهن هميشه هن جي ڏکن جي ترجماني ڪئي... هن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو سينو پيش ڪيو... هن کي مشهور ريڊيو فنڪار بنائي ڇڏيو. ريڊيو اسٽيشن تي موسيقي جي شوقينن وٽان هن جي ستار وڄائڻ جي تعريف ۾ لاتعداد خط ايندا هئا. هن جي ستار ۾ اهڙو ته اثر هو، جنهن هزارن انسانن کي هن جو پرستار بنائي ڇڏيو هو...
پنهنجي ايتري ڪاميابي، شهرت ۽ عزت جي باوجود به هو خوش نه هو... قدرت هن جي مهانڊي سان اهڙو ته عجيب مذاق ڪيو هو، جنهن کي هنجي آرٽسٽڪ ذهنيت ۽ حساس دل بلڪل برداشت نٿي ڪري سهگي... هن جي شڪل ۾ ڪابه ڪشش نه هئي... هو بي انتها بدشڪل هو... هن جون اکيون ننڍيون گول ڪاريون! جن ۾ نه حسن هو... ۽ نه ئي دل کي مسحور ڪرڻ واري چمڪ... نور هوندي به هو ڦڪيون ۽ بي نور نظر اينديون هيون.
بي ڊول چپن، ڪاري رنگت ۽ غير معمولي طور ڪمزور جسم هن جي شڪل کي وڌيڪ ڀوائتو بنائي ڇڏيو هو.
هنکي پنهنجي بدصورتيءَ جو شديد احساس شروع کان ئي هو. هن ۾ اهو جذبو نه هو، جنهن سان هو پنهنجي انهي احساس تي غالب اچي سگهي ها.
ليڪن قدرت هنکي ڪمال جو فن ڏنو هو، جيڪو حسن کان به گهڻو حسين هو. هن جي دل چوندي هئي ته زور زور سان واڪا ڪري، دنيا کي ٻڌائي ته هنکي ڪيترو نه غم آهي، پر شرم آڏو هو. هو ائين نٿي ڪري سگهيو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي دل جو خون پيئندو رهيو. ائين ڪرڻ سان هن کي گُهٽ محسوس ٿيندي هئي، جنهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دل جو سارو درد ستار جي هر تار ۾ وجهي ڇڏيو هو. ۽ اهو ئي سبب هو جڏهن هو ستار وڄائيندو هو، تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻڪ ستار جون تارون رڙي رڙي هنجو درد بيان ڪري رهيون هجن اهڙي ريت پنهنجو درد ظاهر ڪري هو ڪجهه سڪون محسوس ڪرڻ لڳندو هو.
”جهان زيب“ ڪاليج ۾ شام جو هڪ تقريب هئي. ملڪ جي مشهور معروف آرٽسٽن کي پنهنجي فن پيش ڪرڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو هو، عارف جو نالو انهيءَ ۾ سر فهرست هو... هن جو تقريب ۾ وڃڻ جو ڪوبه ارادو نه هو جيڪڏهن زيباهن کي مجبور نه ڪري ها... زيبا هن جي پرستارن مان هئي. ريڊيو اسٽيشن جي معرفت هن عارف کي سندس ستار جي تعريف ۾ ڪيترا خط لکيا هئا، ۽ پوءِ عارف اهو محسوس ڪيو هو ته زيبا سندس ستار کي ئي نه، بلڪ کيس به پسند ڪري ٿي.
هن کي اهو ڊپ ٿي رهيو هو ته ڪٿي هوءَ به هن جي شڪل کي ڏسي هن کان نفرت ڪرڻ لڳي... پر سندس خوش ذوق تحريرون هن اڳيان ڦري آيون، جن هن جي انهيءَ احساس کي سندس وهم سمجهي غلط ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏني.
هو پنهنجو مخصوص سفيد لباس پهري ڪاليج ڏانهن وڃي رهيو هو، ڄڻڪ ننڊ ۾ هلي رهيو هجي... فٽ پاٿ تان ٽن چئن ڇوڪرن جي ٽولي هنکي معني خيز نظرن سان گهوريندي پاسي مان لنگهي وئي.
”يار ڏٺئي؟ هلندو چلندو وساڻيل سگريٽ.“ هن جي سفيد لباس سان ڍڪيل پوري جسم کي ۽ غير معمولي ڪاري چهري کي ڏسي ڇوڪري ٻه چار قدم اڳتي هلي وساڻيل سگريٽ سان تشبيهه ڏيندي ريمارڪ پاس ڪيو.
هن ٻڌي ورتو... هن جي دل وسامي وئي... هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن ڪيترا وساڻيل سگريٽ هن جي مٿان ڪري پيا هجن. ۽ هو انهيءَ وساڻيل سگريٽن جي ڍير ۾ دفن ٿي ويو هجي. تصور ئي تصور ۾ هن پنهنجو پاڻ کي سگريٽن جي ڍير مان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي... لاتعداد وساڻيل سگريٽ هن جي اڳيان ائين ڦرڻ لڳا جيئن رقص ڪري رهيا هجن، هو غور سان اکيون ڦاڙي چرين وانگر انهن کي ڏسندو رهيو... هر ڪنهن سگريٽ جي وساڻيل ٽڪر تي هن کي پنهنجي شڪل ٿي نظر آئي. هن چڪرائجي اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجهه گهڙين لاءِ هو اتي ئي بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان بيهي رهيو. هن دل ئي دل ۾ ارادو ڪيو ته هاڻي هو ڪڏهن به سگريٽ نه پيئندو، ڇو جو ڇوڪري جو ريمارڪ، پوءِ هر وقت تازو ٿي هنجي دماغ تي سوار رهي ها... ايڏي وڏي سزا هن پاڻ کي نٿي ڏيڻ چاهي.
هن رستي تان ئي واپس وڃڻ لاءِ سوچيو، مگر زيبا جو خيال هنکي ڪاليج وڃڻ کان روڪي نه سگهيو. ۽ جڏهن هو ڪاليج پهتو تڏهن زيبا هن کي ڏسي تمام خوش ٿي هن جو پسنديده فنڪار هن جي سامهون هو زيبا کي خوش ٿيندو ڏسي عارف جي دل به خوشيءَ کان ٽمٽار ٿي وئي. وهم ۽ وسوسا، جيڪي ڪجهه دير پهرين زيبا جي متعلق هن جي دل ۾ هئا، هڪ ڀل ۾ مٽجي چڪا هئا. وساڻيل سگريٽ واري چوٽ جو احساس به گهٽجي ويو هو.
ڪاليج جو پورو ”هال“ مهمانن ۽ شاگردن سان ڀريل هو. هوءَ بار بار اسٽيج تي وڃي پردي جي سائيڊ ۾ عارف کي پنهنجي پسنديده ڌن وڄائڻ لاءِ تاڪيد ڪري رهي هئي، ۽ عارف هڪ خاص ادا سان مسڪرائي، ڪنڌ جهڪائي اطمينان جو اظهار ڪندو رهيو.
پنهنجي حسين پرستار کي پهريون دفعو سامهون ڏسي، هو ڏاڍو خوش هو. سندس چهري تي غير معمولي شادماني نظر اچي رهي هئي. هنکي، جنهن همدرد ساٿي جي مدتن کان تلاش هئي، اهو اڄ هن جي سامهون هو.
”عارف صاحب! ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي.“
زيبا، عارف کي چانهه پيش ڪندي ڪاليج سوشل سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت مان پڇيو. ۽ هو سندس آواز جي مٺاس ۾ گم ٿي هنکي ائين ڏسڻ لڳو جيئن ڪو دلڪش خواب ڏسي رهيو هجي، ليڪن جلد ئي پاڻ کي سنڀالي ڏاڍي نوڙت سان چيو:
”اوهانجي مهرباني... سڀ ضرورتون پوريون آهن.“
۽ پوءِ زيبا ٻين مهمان فنڪارن ڏانهن وڌي وئي.
چانهه جي پيالي هٿ ۾ جهلي هو وري خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
”ڪهڙي نه بلند ذهنيت واري آهي زيبا... مون کي ڏسڻ سان هنجي چهري تي ڪنهن به قسم جي مايوسيءَ جا آثار به ته نظر نه اچي رهيا هئا... منهنجي شڪل و صورت سان هن کي ڪوبه واسطو ناهي... ۽ هجي به ڇو؟ هوءَ جڏهن منهنجي روح سان پيار ڪري ٿي... منهنجن نغمن کي پسند ڪري ٿي...“ هو سوچيندو رهيو ۽ جڏهن زيبا کي سندس شوخ سهيلي مذاق ۾ چيو: ”معلوم ٿو ٿئي ته محترمه کي فنڪار سان عشق ٿي ويو آهي، تڏهن زيبا بي پرواهيءَ سان کلندي چيو.
”توبهه ڪر، چئين ڇا ٿي؟“
مونکي هنجي ستار سان پيار آهي، آءٌ هنجي عزت ڪريان ٿي. ڀلا خيال ته ڪر، ڪا ڇوڪري هن سان محبت ڪري سگهي ٿي؟
جيتوڻيڪ سائيڊ ۾ پردو هو، ليڪن اهو سڀ ڪجهه هن ٻڌي ورتو. هن جي خوابن جا محل واري جي ڪوٽ جيان ڦهڪو ڪري اچي پٽ پيا... جهڙيءَ طرح صحرا ۾ طوفان لڳڻ ڪري هر نشان مٽجي ويندو آهي، اهڙي طرح ڪجهه دير پهرين سندس چهري تي آيل شادماني جا آثار هڪ پل ۾ مٽجي ويا. هن کي پنهنجي دل ڪنهن اونهي ۽ گهري کوهه ۾ غرق ٿيندي محسوس ٿي.
چانهه جي پيالي هن هيٺ رکي ڇڏي. هن هڪ سيڪنڊ به اتي ترسڻ نٿي چاهيو... ۽ طبيعت خراب هجڻ جو بهانو ڪري واپس پنهنجي ويران ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ويو، ۽ دير تائين روئندو ۽ سڏڪندو رهيو.
هو جيئن ئي پروگرام ختم ڪري اسٽوڊيو کان ٻاهر نڪتو تئين هڪ ڇوڪري اڳتي وڌي کانئس آٽو گراف وٺڻ جي خواهش ڏيکاري.
عارف مٿاڇري نظر هن تي وڌي، ۽ هن جي حسن کان مرعوب ٿي خودبخود هن جو سر جهڪي ويو.
”محترمه معاف ڪجو، آٽو گراف ته وڏن ماڻهن کان وٺبا آهن، مان ته هڪ غريب فنڪار آهيان. آٽو گراف وٺي مونکي شرمسار نه ڪيو.“ هن نهايت نماڻائي سان چيو.
”عارف صاحب... اوهين غلط سمجهي رهيا آهيو، منهنجي آٽوگراف وٺڻ جو مطلب اهو بلڪل ناهي، مان ته صرف فن جي بلندي ڏسندي آهيان، ۽ يقين ڪندا ته اوهانجي فن مونکي بيحد متاثر ڪيو آهي.“
”نوازش!،“ پنهنجي ٻڏندڙ لهجي ۾ هو صرف ايتروئي چئي سگهيو.
”آٽوگراف نه ڏيندا،؟ معصوميت ۽ نااُميدي جا گڏيل سڏيل جذبا هن جي چهري مان بکي رهيا هئا. ۽ انهن کي ڏسي هو نه چاهيندي به انڪار نه ڪري سگهيو ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ کانسواءِ هن جا هٿ جميله کان آٽوگراف بڪ وٺڻ لاءِ وڌيا.
۽ جڏهن هو آٽوگراف ڏيئي رهيو هو، تڏهن هن کي ڪجهه پريان ڪنهنجي طنز سان ڀريل ٽهڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
اڄ جمعي جو ڏينهن هو. مل جي مزورن کي موڪل هئي... مشينن جي کچ کچ به بند هئي، هو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو هو... خيالن جي دنيا ۾ گم... غير ارادي طور هن جون آڱريون ستار تي هلي رهيون هيون.
ڪنهنجي قدمن جي آواز تي هن پنهنجو جهڪيل مٿو مٿي کنيو. جميله کي سامهون ڏسي هن جون ننڍڙيون بي جان اکيون حيرت ۾ کلي ويون. ستار هن جي هٿن مان ڪرندي ڪرندي بچي.
”اوهان!“ هن جا چپ چريا... ۾ هو خالي ويران نظرن سان هنکي ڏسندو رهيو. ”جي... مان... مان.“ هو ڪجهه گهٻرائجي وئي.
”شايد اوهان غلطي ۾ آيا آهيو.“ هن ائين ئي اندازو لڳايو.
”جي... جي نه مان اوهان سان ملڻ آئي آهيان!“ هن معصوميت سان مرڪندي چيو، هو به مشڪيو، هن جي اکين ۾ پل کن لاءِ هڪ هلڪي چمڪ پيدا ٿي غائب ٿي وئي...
”ڪالهه آٽوگراف ڏيئي اوهان ايترو جلدي ويا هليا، جو ڪجهه سوال ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو ۽ آخر مون کي ريڊيو اسٽيشن تان اوهان جي گهر جو پتو معلوم ڪري اچڻو پيو.“ هن شڪايت ڪئي.
”جي فرمايو! مون کي افسوس آهي جو اوهان کي هتي اچڻ جي تڪليف سهڻي پيئي.“ ”تڪليف جي ته ڪا ڳالهه ناهي عارف صاحب، البته منهنجي اوچتي اچڻ ڪري اوهين حيران ضرور ٿيا هوندا.“
”نه، ائين ته ناهي.“ هن ڪوڙ ڳالهايو.
”عارف صاحب، ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مون کي ستار سکڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. اوهان جي نهايت مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن منهنجي شوق پوري ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا.“
”محترمه! مونکي افسوس آهي جو پنهنجين مصروفين ڪري مان توهان جي خواهش پوري ڪرڻ کان قاصر آهيان.“ هن بهانو ڪيو.
ڪاليج واري واقعي کيس ايترو ته دلشڪسته ڪري ڇڏيو هو، جو هن هاڻي ڪنهن به حسين ڇوڪريءَ جي قريب نٿي وڃڻ چاهيو.
”ليڪن عارف صاحب، اهڙي به ڪهڙي مصروفيت چئبي جو ڪلاڪ اڌ به نه ڏيئي سگهو؟“
”چڱو محترمه!“ هو مجبور ٿي ويو.
”مهرباني،! ليڪن اوهين روزانو ڪهڙي ٽائيم تي اچڻ پسند ڪندا.“
”معاف ڪجو، اوهين پاڻ جيڪڏهن هر جمعي تي چئين بجي هتي اچڻ جي تڪليف ڪيو ته بهتر ٿيندو.“
”مونکي منظور آهي عارف صاحب، اوهانجي وڏي مهرباني.“
”ڪا ڳالهه نه آهي.“ هن رسمي طرح چيو.
”پر هفتي ۾ هڪ ڏينهن ته تمام گهٽ آهي.“
”ها اهوئي ڏينهن آهي جو مان واندو هوندو آهيان، باقي روزانو ڪارخانو ويجهو هئڻ ڪري مشينن جي آواز ۾ اوهان ڪجهه به سکي نه سگهندا.“
”بهتر آهي، مان هر جمعي تي اينديس. ليڪن روزانو اهڙين نامناسب حالتن ۾ اوهان کي ستار وڄائڻ ۾ ته ڏاڍي تڪليف هوندي؟“ هن همدردي ڪندي پڇيو.
”منهنجي ڪهڙي ڳالهه آهي محترمه؟، ڪڏهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾، ڪڏهن انکان ٻاهر، ڪڏهن ڪنهن پرسڪون جاءِ تي.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
”هڪ ڳالهه پڇان؟“
”ڇا،؟“ عارف جون حيران نگاهون جميله جي اکين ۾ ڪا چيز تلاش ڪري رهيو هيون.
”اوهانجي ساز ۾ ايترو سوز ڇو آهي... ائين ٿو محسوس ٿئي جيئن... جيئن...“ هو چوندي رڪجي ويئي.
”ڪيئن.. ڪيئن ٿو محسوس ٿئي؟“ هن بيتاب ٿي پڇيو.
”ائين ٿو محسوس ٿئي، جيئن اوهان کي ڪو نهايت وڏو صدمو رسيو هجي. اوهانجي دل ڏاڍي ڏکويل ٿي معلوم ٿئي... اوهانجي مرجهايل ۽ خشڪ چپن کي ڏسي ائين ٿو لڳي جيئن انهن کي مرڪندي مدتون گذري ويون هجن...“
”ها...“ هن جهيڻي ۽ مغموم آواز ۾ چيو، ”مان ڏاڍو ڏکويل آهيان،“ هن ڀڻڪيو.
”اوهان کي هي ڏک... هي غم ڪنهن ڏنو...؟“ هن جي لهجي ۾ التجا ۽ همدردي هئي.
”ڪنهن،؟“ عارف جي چهري تي هڪ زهريلي مرڪ پکڙجي وئي. ”هن زماني... هن بي رحم دنيا... مونکي هميشہ ڌوڪو ڏنو... هميشہ ٺڪرايو... مونکي ڪڏهن به ڪنهن پنهنجو نه سمجهيو... ڪڏهن به نه...“ هن جو آواز غم ۽ جذبات جي شدت کان ڳرو ٿي ويو.
”عارف صاحب، اوهان ايترو مايوس نه ٿيو دنيا ڪڏهن به اهڙن انسانن کان خالي ناهي، جن جون سچيون همدرديون دلي سڪون جو باعث بنجن ٿيون.“
”محترمه...!“ خوشيءَ جا شريڪ ملندا آهن ته خوشي وڌي ويندي آهي.. غم جا ساٿي ملندا آهن ته اهوگهٽ ٿي ويندو آهي، ليڪن منهنجي غم جو ساٿي ڪير به ناهي... زندگي جي گهري سمنڊ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو غوطا کائي رهيو آهيان... ڪوبه نه آهي جو سورن ۾ ساٿ ڏي ۽ غم هلڪو ڪرائي.“
”عارف صاحب، ڪير همدردي نٿو ڪري ته نه ڪري، خدا کان ته اوهان کي مايوس نه ٿيڻ کپي.“
”ڪاش! خدا همدردي ڪري ها.“
اهي لفظ هن گهري معنيٰ سان چيا، جن کي جميله نه سمجهي سگهي. جميله جي وڃڻ بعد هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
هن ڪڏهن به همدرديءَ جا ٻول ڪنهنجي واتان نه ٻڌا هئا، هرڪو اڇاتري نظرن سان هن کي گهوري هليو ويندو هو، اها جميله ئي هئي جنهن جون نظرون هن جي محبت ۽ همدرديءَ لاءِ پياسي دل کي ڏڍ ڏينديون هيون.
هن جي ڳاليهن ۾ ڪيتري نه همدردي ۽ پنهنجائپ هئي... اڄ ڏينهن تائين ڪير به هن سان ايتري همدردي سان پيش نه آيو هو... ڪنهن اهونه پڇيو هو ته تنهنجي ساز ۾ ايترو درد ڇو آهي... هن کي اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن زيبا، جميله وانگر هن جي ستار کي پسند ڪندي هئي... ۽ پوءِ اهي اکر به هن جي ذهن ۾ اڀري آيا جيڪي زيبا ڪاليج ۾ پنهنجي سهيليءَ کي چيا هئا.
ليڪن جميله... اها اهڙي نه هئي... اها مختلف هئي... ۽ گهڻو مختلف ۽ انهيءَ ڏينهن هن کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي.
هو عارف جي سرءُ جي ساڙيل ۽ ويران زندگي ۾ بهار بنجي آئي... هن جي حسن ۾ بي پناهه ڪشش هئي... هو هر جمعي تي ايندي هئي. هاڻي هو عارف سان ڪافي بي تڪلف ٿي وئي هئي، ڪيتري دير تائين هن سان ڳالهيون ڪندي هئي. هن کان ستار ٻڌندي ۽ سکندي هئي.
عارف جي اکين مان هر وقت وهندڙ لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا. چهري جي اداسي غائب ٿي چڪي هئي. هو جميله کي پنهنجي گهڻو ويجهو محسوس ڪرڻ لڳو، جميله هن جي ستار جي ديواني هئي... هن جي ستار، جنهن ۾ درد هو، تپش هئي؛ هن کي پسند هو.
جڏهن هو ستار جي تارن کي چوريندو هو، تڏهن هو بي خود ۽ مدهوش ٿي ويندي هئي. هن جي ڪارين ۽ چمڪندڙ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئا، هيءُ انهن کي ڏسي مست ٿي ساز وڄائيندو هو، ڇو جو هو جميله جي دل ئي دل ۾ پرستش ڪندو هو، هن سان محبت ڪندو هو، ليڪن ڪڏهن به پنهنجي دل جي حقيقت هن تي ظاهر نه ڪري سگهيو. هن ۾ ايتري همت، ايتري جرئت ڪٿي هئي، جو پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهي. هن کي پنهنجي بدصورتيءَ جو شديد احساس هو ۽ اهو احساس ڪمتريءَ جو جذبو هميشہ هن جي سامهون ديوار بڻيو رهيو.
جهڙيءَ طرح فرهاد پٿرن ۾ شيرين جي وجود کي ٿي ڳوليو، اهڙيءَ طرح عارف به جميله جي خاموشيءَ ۾ پنهنجي محبت ڳوليندو رهيو، هن کي يقين هو ته جميله کي هن سان محبت آهي ۽ هڪ ڏينهن جميله خود ئي هن کي سڀ ڪجهه چئي ڏيندي. انهيءَ گهڙي جو هو خاموشيءَ سان انتظار ڪندو رهيو... انتظار... طويل انتظار.. ليڪن ائين نه ٿيو... هاڻي جميله جي خاموشي عارف کي ڪجهه ڪجهه مايوس ڪرڻ لڳي.
هڪ ڏينهن جميله مقرر ڏينهن کان اڳ ۾ اچي عارف کي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي لاءِ لاهور وڃي رهي آهي. جدائيءَ جو ٻڌي عارف اداس ٿي ويو. ڪاش هو جميله کي روڪي سگهي...! ليڪن ڪيئن... هوءَ ڇا چوندي...! هن جو ذهن سوچ جي اونهيءَ اوڙاهه ۾ غرق ٿيندو ويو.
هڪ ماڻهو جيڪو مهينا به انتظار ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن گهڙيون به انتظار نه ڪري سگهندو آهي... جميله جي زبان مان پيار جو لفظ ٻڌڻ لاءِ هو بيچين هو... ۽ دل کان مجبور ٿي هن جميله جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو:
”جميله... تون پٿر ڇو بنجي وئي آهين... ڇا منهنجين اکين ۾ توکي ڪجهه نظر نٿو اچي... تون انهن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪرين...؟ آخر ڪيستائين...؟“
”عارف صاحب!“ جميله تيزيءَ سان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو:
”اوهان مون کي غلط سمجهي رهيا آهيو... مان... مان ته...“
”جميله...!“ هن سُڏڪندي چيو، ”مان توکي چاهيان ٿو، مون کي سهارو ڏي... نه ته... نه ته... آءٌ مري ويندس... مون کي...“
”عارف صاحب، هوش ۾ اچو.“ هوءَ غصي ۾ ڳاڙهي ٿي وئي. ”آءٌ اوهانجي عزت ڪندي آهيان، منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، گهڻي عزت...“
”جميله“ سڏڪا... التجا... ”ها. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، همدردي آهي. انهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه.“
ٻيو ڪجهه به نه تلخ مسڪراهٽ هن جي جذبن جو ساٿ ڏيئي رهي هئي. ”تنهنجي دل ۾ عزت آهي، همدردي آهي. ليڪن محبت ناهي، ڇو جو مان بدصورت آهيان، اگر مان به حسين هجان ها ته...“
”عارف صاحب!“
”ها.“ هن تيزيءَ مان چيو: ”اگر مان به حسين هجان ته توکي به مونسان ايتري محبت هجي ها، جيتري منهنجي ستار سان آهي. تون منهنجي ستار سان پيار ڪرين ٿي، مون سان نه. تون خود غرض آهين. مان تنهنجي شڪل نٿو ڏسڻ چاهيان. تون... تون...“
الفاظ هنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ هُو ڪجهه چوندي به وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ جميله وڃي چڪي هئي.
هن سِتار کي زور سان فرش تي ڦٽو ڪيو، هن کي پنهنجي فن سان ساڙ ۽ نفرت ٿي چڪي هئي... دنيا هن جي فن سان محبت ٿي ڪري پوءِ هن جي شڪل کان نفرت ڇو ٿي ڪري... هو دنيا جي دلين کان انتقام وٺندو.. پنهنجي فن کان انتقام وٺندو، جنهن لاءِ دنيا جي دل ۾ محبت آهي... هو تيزيءَ سان پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪتو.
مشينون هلي رهيون هيون، جيئن هو انهن جي قريب ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز کان تيز ٿيندي وئي.
ويرم کان پوءِ هڪ تيز ۽ پُر درد رڙ جو آواز بلند ٿيو. مشينون بند ڪيون ويون. ڪارخاني جا سڀ مزور رڙ جي طرف ڊوڙيا عارف فرش تي بيهوش پيو هو سندس آڱرين مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. فن جو خون ٿي چڪون هو، ۽ انهن دلين جو جيڪي هن جي فن سان بي انتها محبت ڪنديون هيون.

روئي ڏنو رات

ڳوٺ جي چڱي مڙس، وڏيري مراد خان جي حويليءَ جي موڪري آڳر ۾ سندس نپايل ڌيءَ، ممتاز، جيڏين سرتين سان رِليون ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. ممتاز جيڏي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس هئي ايترو ئي هٿ جي ڀڙ ۽ سلڇڻي... ائين کڻي چئجي ته ويران حويليءَ جي بهار سندس ئي دم سان هئي.
آڳر جي ساڄي پاسي، رتن پاون سان جنڊيءَ جو وڏو هندورو جڳ مڳ ڪري، مالڪ جي آسودي هجڻ جي شاهدي ڏيئي رهيو هو. مراد خان جي پوڙهي ماءُ، هندوري ۾ هلڪا هلڪا جهوٽا کائي رهي هئي... سندس ذهن ڪنهن اڻڄاڻ سوچ ۾ گم هو... هوءَ چلم مان هلڪا هلڪا وارا ڪڍي رهي هئي.
”ڏاڏي امان! ڏاڏي امان!“ پيار ۽ قرب ڀريو، دل ٺاريندڙ، رڙجهڙو آواز ڏيڍيءَ مان اڀريو. ڏاڏي امان سوچ جي وادين مان موٽي آئي ۽ سندس چهرو بي پناهه مسرت ۽ خوشيءَ کان ٻهڪي اٿيو... ”ائي گهوڙا! هي مڙسالو وري ڪير؟“ ممتاز هلڪي چيٽ ڪئي ۽ سٽ ڏيئي اندر ڪمري ۾ گهڙي ويئي، هوءَ ڳڙکيءَ جي اوٽمان اڳر جو نظارو ڏسڻ لڳي. هڪ خوبرو ۽ قداوار نوجوان انگريزي ڪپڙن ۾ هندوري طرف وڌي رهيو هو. هن جو ذهن زلزلي ۾ اچي ويو... هِن کان اڳ، هُن ڪڏهن به اهڙو سهڻو ۽ شانائتو نوجوان نه ڏٺو هو. ها... فقط خيالن جي دنيا ۾... هن جي اهڙي ئي هڪ شهزادي سان ڏيٺ ويٺ هئي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ”هي ته اهوئي شهزادو آهي.“ هُن ڀڻڪيو. سندس وجود ڪنهن اڻ لکي جذبي ۽ خوف کان ڪنبي رهيو هو.
”ڏاڌي امان! ڏاڏي امان! اشرف آهيان.“ هُن ڏاڏيءَ کي ڀاڪر ڀري هندوري مان ٻاهر ڪڍي ورتو. هن جو انگ انگ خوشي کان ائين جهومي رهيو هو جيئن ڪو ننڍڙو ٻار من پسند رانديڪي کي ڏسي ڪپڙن ۾ نه ماپندو آهي.
”منهنجا ٻچڙا... اکين جا ٺار، تون اچي وئين... آءٌ قربان ٿيان صدقي وڃان!“ خوشيءَ کان ٻڍڙيءَ جو آواز ڏڪي رهيو هو. ايڏي وڏي ۽ اوچتي خوشي، هن کي جذبات جي شدت کان اصل بي قابو ڪري ڇڏيو. هوءَ ديوانه وار اشرف جي منهن کي چمڻ لڳي. ”جئيم... جڙيم.. شل سر وسين... ٻڍڙو ٿين... شل ڏهٽن پوٽن وارو ٿين.“ خوشيءَ کان سندس نيڻ، سانوڻ جي ڪاري بدليءَ جيان ڇم ڇم ڪري برسڻ لڳا.
”ڏاڍو قد ڪڍيو اٿئي!“ ڏسڻي آڱر زبان مان ٻوڙي سندس نرڙ تي هنيائين.“ شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيئي، مان ته توکي سڃاڻان به نه ها! پر الائجي ڪهڙي اندر جي ڇڪ هئي... رت ٽهڪو ڏنو... جنهن تنهنجي پهرين ئي واڪي سان، من ۾ اڌما اٿاري ڇڏيا! اڄ تنهنجي جيجل ماءُ جيئري هجي ها ته توکي ڏسي ڪيڏي نه سرهي ٿئي ها...!“ ڏاڏيس ڏڪندڙ آواز ۾ ڳوڙها اگهندي چيو.
”امڙ!“ اشرف ٿڌو شوڪارو ڀري ماٺ ٿي ويو. انهيءَ ماٺ ۾ سندس ماضيءَ جا ڪيترائي زخم اکلي پيا جيڪي ماءُ جي موت کان پوءِ کيس سهڻا پيا ها.
ممتاز خاموشيءَ سان کيس ڏسي رهي هئي. اشرف جيئن ئي ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جي نظرن، ڳڙکيءَ وٽ بيٺل ممتاز کي ڏسي ورتو. ”چاچي سائين ٻي شادي ڪئي آهي ڇا؟“ هُن ڏاڏيس کان پڇو.
ممتاز اها ڀڻڪ ٻڌي ورتي ۽ انهيءَ مهل سندس چهري تي هلڪي ناراضگيءَ جا آثار نمايان ٿي پيا، جيڪي ڪنهن حقيقت کان بيخبر انسان جي غلط انڪشاف سان پيدا ٿيندا آهن ”نه ابا! هي ته تنهنجي سؤٽ آهي.“ ڏاڏيءَ هندوري ۾ ويهندي، مرڪندي چيو. ”پر! ڏاڏي امان!“... انهيءَ کان اڳ جو هو ڪجهه وڌيڪ پڇي ڏاڏيءَ کيس اکين ئي اکين ۾ خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي. هن ممتاز کي ڌاري ڌيءَ هئڻ جو احساس نٿي ڏيارڻ چاهيو. ”پٽ اهو موڙو ته سيري وٺجان... پري ڇو بيٺي آهين... پنهنجي سوٽ کي کيڪارين به نه ٿي؟“ ڏاڏيءَ پاٻوهه مان ممتاز کي چيو. جواب ۾ هن صرف مرڪي ڏنو ۽ شرمائيندي اڳتي وڌي. سندس گهريون نشيليون اکيون اڃان به گهريون ٿي ويون. هن جو وجود ڪنهن ازلي نشي کان سرشار ٿي ويو. هن ائين ٿي ڀانيو ته ڄڻ ساڻس ڪا ازل کان ڄاڻ سڃاڻ هئي- ڪي گهڙيون ته اشرف به وڃائجي ويو پر جلد ئي کيس ڏاڏي ۽ ٻين جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو.
”چاچو سائين نٿو ڌسجي؟“ هن ائين ئي پڇيو.
”ابا... چاچهين ڪالهه کان زمينن جا کاتا بدلائڻ شهر ويل آهي، رات ڌاري موٽي ايندو.“ ڏاڏيءَ نڙ مان وات ڪڍندي چيو. ڪجهه دير حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر روانو ٿيو ۽ ٻئي ساعت اچڻ جو چئي موڪلائي اٿي کڙو ٿيو. ڏاڏي کيس دعائون ڪندي رهي.
اشرف اڃان صرف چئن سالن جو ئي هو جو پڻس گلڻ خان ٻي شادي ڪئي. ناز نخري واري ساران، جنهن جو رنگ مثل چچيءَ جي پيٽ وانگر پيلو هو، تنهن کي شاديءَ جي پنجين سال جڏهن روئي پٽي وڃي کمون ڄائو تڏهن سندس لاڏن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. گلڻ خان سندس خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرحوم زال جي نشاني، اشرف کان بلڪل لاپرواهه ٿي ويو هو، تنهن هوندي به ٿڙي ٿاٻڙجي ڏهن يارهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ جي مڊل اسڪول مان چار درجا انگريزيءَ جا پاس ڪري ورتائين. اهڙو ڪو ظلم نه هو جو ساران مٿس نه ڪيو هجي. ڏينهون ڏينهن سندس وجود کيس هڪ ڇپ وانگر محسوس ٿيندو هو. گلڻ سان سندس شڪايتون ڪندي رهندي هئي ته لوفر ٿي پيو آهي، کري پيو آهي، پنهنجي کمن کي سهي ئي ڪون- آخر صلاح ڪري تعليم حاصل ڪرائڻ خاطر کيس شهر جي هاسٽل ۾ داخل ڪيائون. جت ڪجهه وقت لاءِ کيس خرچ پکو ملندو رهيو، پر اهو به ساران کان سَٺو نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن مڙس کي اعتماد ۾ آڻيندي چيائين: ”پيءَ جو پئسو اٿس، قدر ڪونهيس ڪو شهر مان ڳوٺ جا نينگرا جوا ڪندي اکين سان ڏسي آيا اٿس، بند ڪرينس خرچ، ڀل ته ڪَل پويس، ننڍڙو ڪونهي پاڻهي پيو ڪمائيندو“- ۽ ان بعد کيس گهران خرچ ملڻ بند ٿي ويو. پر قدرت هڪ واٽ بند ڪري ٻي ضرور کوليندي آهي. سندس قسمت زور هئي. هو ذهين شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين رانديگر به هو. کيس سندس صلاحيتن جي بنياد تي، تعليم کاتي طرفان، ڪاليج جي پرنسيپال جي سفارش تي هر سال اسڪالرشپ ۽ فري بورڊنگ جي سهوليت، سندس تعليم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ۽ B. Sc: Agr: جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ڏهن سالن جي ڊگهي عرصي بعد پهريون ڀيرو ڳوٺ آيل هو.
ساران اشرف کي اهڙو ٺهيل جڙيل ڏسي اندر ئي اندر ۾ کامي خاڪ بنجي وئي. اهو سندس وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو هو ائين پاڻ کي ٺاهي وٺندو. هن سمجهيو هو لولي ڪاڻ ليلائيندو ۽ در در جا ڌڪا کائيندو هوندو- اشرف جي ڀيٽ ۾ اڄ پهريون ڀيرو سندس سڪيلڌو ۽ لاڏلو پٽ کمون کيس گهٽ حيثيت وارو، نڪمو، ۽ بيوقوف محسوس ٿيڻ لڳو. ٽي دفعا لڳاتار مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ بعد هن مورڳو پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو هو. سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر موالين ۽ خوشامدڙين سان ڀنگ پيو اوتاري تي راڳ ڳائيندو هو يا ڪڪڙ ويڙهائي، اوسي پاسي ناسون ڏيئي وقت ۽ پئسو زيان ڪري پيءُ جي شان ۽ مان کي چمڪائيندو رهندو هو. ماءُ ساران جي چوڻ تي ڪڏهن ڪڏهن زمينن جو چڪر به هڻي ايندو هو- جتي زمين جي سار سنڀار گهٽ ۽ هارين نارين جي نياڻين ۽ زالن سان هٿ چراند گهڻي ڪندو هو.
ساران پٽ جي ڳڻتي ۾ ته ايتري ۾ ماسي شاهو لش لش ڪندي اڱڻ مان لنگهي ورانڊي ۾ ساران سان گڏ کٽ تي ڦهه ڪري اچي ويٺي. کٽ تي رکيل بصرن جي ٽوڪري هيٺ اٿلي پئي. کمونءَ جو کٽ هيٺان بيٺل ڪڪڙ ٽاهه کائي پيرن مٿان ٽپي ويس. ”مئو نڀائيو ڪڪڙ...!“ هوءَ ڪُڙ ڪُڙ ڪري پير تان وِٺ اُگهڻ لڳي.
موئي کي ڪاتي پَئي سڄو پير ڀري وڌئيم!“ هن ڪڪڙ کي پِٽيو. کمون جيڪو چيلهه چٻي ڪيو ڪرسيءَ تي ويٺو هو، ڪڪڙ جي ڪارستاني ڏسي مُڇن ئي مُڇن ۾ مرڪڻ لڳو- ماسي شاهو ٻن ڳالهين ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ٺهيل گهر ڦٽائڻ ٻيو خدمت خلق لاءِ پاڻ پتوڙڻ. مثلاً نياپو نڙو پهچائڻ، شاديون ڪرائڻ، تعويذ ڦيڻو، هٽ بازار وغيره ڪري ڏيڻ کان سڄي ڳوٺ ۾ مشهور آهي. هر ڪنهن جي گهر بنا روڪ ٽوڪ ايندي ويندي آهي. هن ڀيري اچڻ سان ئي هن نئون انڪشاف ڪيو.
”ٻڌين ٿي پٽن ماءُ؟ اهڙو ڪو انڌير“ هُن کٽيءَ اوڳرائي وارو ساهه ساران جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو.
”ڇو، خير؟“ ساران ساهه گهٽي پڇيو.
”خير ويٺي گهُر... ڏيرهين سڄي ملڪيت خصيص ڪمدار جي ڌيءَ نالي ڪرائڻ لاءِ شهر ويو اٿئي-“ هن بيڊلي نموني سان هٿن ۽ منهن کي موڙو ڏيندي چيو. انهي انڪشاف ڄڻ سندس هيئين تان پنج مڻي ڇپ لاهي ڇڏي.
”ها... ا... ا... ن!!“ ساڳي ڇپ ساران مٿان ڪري پئي. ”مئي رمونءَ گولي کائي مراد خان جي جان ڇا بچائي، مورڳو ڳرٽ وجهي ويس ڳچيءَ ۾-!“ ماسي شاهوءَ وڏيريءَ کي ڀڙڪائڻ خاطر ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو.
ساران ۽ شاهوءَ جي کهرن ۽ اُگرن اکرن، ورانڊي جون حدون لتاڙي اشرف کي سندس ڪمري ۾ ڇرڪائي ڇڏيو. هو ورانڊي ۾ نڪري آيو. ”ڇا ٿيو هو چاچي مراد کي ماسي؟“ هن اتاولي مان پڇيو. ”ابا ٿيس وري ڇا... ڌاڙيلن کي چاچهين تي بندوق هلائيندو ڏسي، رمونءَ پنهنجي ڇاتي آڏو آڻي چاچهين جي جان بچائي موت تي ٿورو ڪيو. پٽ چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو...مڙيئي ڏينهن پورا ٿيا هئس... ٿورو چاچهين تي ٿپي ويو.“ شاهُو هڪ ئي ساهي ۾ زهر اوڳاڇيو. ”ابا! چاچهين به ته ڪين گهٽايو...لوڪ لڄا کي نه ليکيندي، رمونءَ جي، نڌڻڪي ڌيءَ، ممتاز کي، شهزادين جيان نپائي وڏو ڪيو... نه ته در در جا ڌڪا کائي ها ڇوري... پڻس جيئرو به هجيس ها ته ڪهڙو ڇٽ جهلائيس ها.“ ساران اندر جو اوٻر ڪڍندي چيو. ”چاچا مراد ته اهو ڏاڍو نيڪ ڪم ڪيو. اهڙا وڙ ته وڏا ئي ڪندا آهن، اهڙا عظيم انسان ته اڄوڪي دور ۾ اڻ لڀ آهن.“ اشرف خوشيءَ ۽ فطر آميز لهجي ۾ چيو. ”ٺهيو هاڻي گهڻو ٿيو، ڏاڍي سوڀ کٽي آهيس- ڀلا جي جان بچايائينس، ۽ موت جي منهن پيو ته ڇا ٿيو؟ آخر به ته نوڪر هو نمڪ کاڌو هئائين. سندس فرض هو.“ ساران قهري نظرن سان اشرف کي گهوريندي چيو. ”زندگي قربان ڪرڻ وارا فرض ۽ نمڪ جا محتاج نه هوندا آهن، ماسي! اهو ته هڪ جذبو هوندو آهي. سڀني کان مٿاهون ۽ امر...“ اشرف نرم ۽ درد ڀرئي آواز ۾ ڀڻڪيو.
خيالن جي اختلاف ڪري حالتن يڪدم پلٽو کاڌو. ”مئو ابو ڪمدار جو“ شاهو ٻوڪٽ ڪري چپ ٿي ويئي... اها ماٺ ڪنهن طوفان جي اڳڪٿي هئي... ڪجهه گهڙيون اڳ واري پنهنجائپ ۽ خوشامدڙي نموني جو قرب، نفرت ۾ تبديل ٿي ويو. هن کي اشرف لاءِ ڌڪار ٿي پيئي. ساران ڪاريهر جيان وٽ کائي رهي هئي... اشرف تي ڏاڍ ۽ ڏمر ڪرڻ جي ويل ٽري ويئي هئي. هو خودار، مهذب، تعليم يافته ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل هو. هن کان رهيو نه ٿيو، ”شهر مان وڏي ننڍي سان ڳالهائڻ جو ڍنگ به وساري آيو آهين؟“ ساران طنز ڀريو تير، اشرف تي اڇلائيندي چيو. اشرف اوڌڪي ڀت جيان ڀُنتو ۽ خاموش ضرور هو... پر اٽل ۽ اڏول. اها هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي.
”چڱو کمن ماءُ! الا توهاري، وري ٻيءَ گهڙي اينديس.“ هن شرمن ٽئنڪ جيان پيش قدمي ڪندي چيو. ”چڱو ماسي! مولا مدد.“ ساران اڻ وڻنديءَ دل سان چوندي کٽ تان اُٿي. ماسي شاهوءَ جي انڪشاف کان پوءِ ساران جو سُک ئي ڦٽي پيو... گلڻ جي گهر اچڻ تي... ڳالهه ۾ مرچ مصالحو ملائي، کيس اوچتي انقلاب کان آگاهه ڪيائين... گلڻ پڻ اهو سڀ ڪجهه سڻي حيران هو. کمن پيءُ! ڇو نه ان مئي ممتاز جو سڱ پنهنجي کمن سان ڪرائجي.“ هن توپ جو گولو ڇوڙيندي چيو. پر اشرف جي هوندي؟“ گلڻ جو وجود لرزي اٿيو. ”اهو ماريو اشرف، اسان جي کمن جي جتيءَ مٽ به ناهي. شهر جا ٽڪر کائي پليو آهي، کيس هيڏي وڏي زمينداري سنڀالڻ جي ڪهڙي ڪل. رڳو اڳڙين جو گڏو آهي... مکيو چکيو گهمندو وتي... نه گهر جو گهاٽ جو، تون ئي چئه، ورهين کان پوءِ وريو آهي- ڪا مٽ مائٽ جي سار به لڌائين... هاڻي توکي جيڪي پٽڪا ٻڌاريائين سو به لوڪ ڏسندو... ادو مراد ڪو اڻڄاڻ ۽ اٻوجهه ته ڪونهي... تو واري سڪيلڌي جي لڇڻن جي سڀ خبر اٿس.“ ساران مرچن جي دونهين جيان، گلڻ جي هستيءَ کي ٻوساٽيندي چيو.
”هون...“ مڄو گلڻ، ساران جي تقرير کان مرعوب ٿي، تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
ممتاز کي ان ڳالهه تي اچرج هو ته هيڏو سارو زمانو، اشرف گهر کان ٻاهر رهيو... حويليءَ جي خوبصورت ۽ مضبوط در ۽ ديوارن تي ڪيتريون ئي بهارون ۽ خزائون آيون ليڪن ڪنهن به ڪڏهن اشرف جو ذڪر نه ڪيو... ۽ جڏهن کان اشرف هتي آيو هو... ٻين ڇا به کڻي محسوس ڪيو هجي، پر هن ڀانيو هو ته اشرف، هن لاءِ ئي تخليق ٿيو آهي.
وڏيري مراد خان، اها ڪهڙي خوشي هئي جيڪا هن ممتاز لاءِ خريد نه ڪئي هجي... هُومٿائنس ڪڏهن مادرانه شففت جو مينهن ٿي وسندو هو ته ڪڏهن پيءُ بنجي هن تي پيار ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندو هو... پر تنهن هوندي به هن کي، پنهنجي گهٽ حيثيت هئڻ جو شدت سان احساس هو... هوءَ اهو ڪيئن ٿي وساري سگهي ته سندس ابا ڏاڏا، وڏيري مراد ۽ سندس وڏن جي، هن حويليءَ جي چائنٺ تي مٿو جهڪائي مري ويا هئا... هن کي خبر هئي ته هوءَ هڪ يتيم، لاوارث ۽ ڪاڻ وهيڻي ڪمدار جي ڌيءَ هئي...پر...پر...اشرف ته هن حويليءَ جو فرد هجڻ جي باوجود به رستي جو بيگانو پٿر هو... جيڪو هر ايندڙ ويندڙ جي قدمن جي ٺوڪرن ۾ هو... هن کي اشرف سان نه رڳو همدردي هئي پر هن ته پنهنجي دل ۾، سندس چاهت جون ڪيئي شمعون روشن ڪري ڇڏيون هيون... هن کي اهو احساس لائي ڇو هو ته اشرف جي پيار ۽ محبت جي شبنم، فقط سندس ئي دل جي گلشن لاءِ وقف هئي... اشرف جڏهن به هتي ايندو هو ته هوءَ سندس قدمن جي کڙڪي واري احساس کان ئي، ڪنوار ٻوٽيءَ جيان شرمائجي ويندي هئي.
ممتاز جي خاموش محبت، اشرف جي دل ۾ ڪيئي طوفان اٿاري ڇڏيا هئا... هو هر خطري کان بي نياز، پيار جي ڇوليون ڏيندڙ دريا ۽ ڪنهن سهاري سواءِ، اوڻٽيهين اونداهين هوندي به ڌوڪي پوندو هو... ۽ ممتاز سندس مخمور ۽ نيري اکين جي ساگر ۾ غرق ٿيڻ جي تمنا جي تصور کان ئي گهٻرائجي ويندي هئي... ”مون کان ڊپ ٿو لڳيئي؟“ فضا ۾ جلترنگ جو جادو ڦهلجي ويو. ”ڊيڄاريندڙ شين کان ته بزدل ڊڄندا آهن“ هن کانئس ٻانهن ڇڏائيندي چيو.“ ۽ بهادر!“ مو ئي جي مهڪار ممتاز جي وجود کي معطر ڪري ڇڏيو. نيري اکين سان.“ اشرف جي ڪنن ۾ ڪنهن لاقافي ۽ پرڪيف نغمي جا ٻول ٻرڻ لڳا.
اشرف جيستائين ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا، مراد خان جي حويليءَ جو طواف نه ڪندو هو، هن کي ڪنهن پل سڪون نه ملندو هو... ها، کيس قرار به ڪيئن اچي ها... هن پنهنجو من، پيار جي سنهيءَ سئيءَ سان، ممتاز جي دل سان سبي ڇڏيو هو... ٻئي نڌڻڪا ۽ حقيقي پيار جا بکايل جو هئا... هڪ ٻئي جي قربت ۽ رفاعت جي احساس کان سندس دليون مسرور هيون... شاد هيون اشرف ته ڪنهن بي پناهه ۽ اڻ لکي نشي کان زمين تي ترندو رهندو هو. سندس دل جي خشڪ، اڻڀي ۽ ڏرا ڏنل زمين ۾ خوبصورت ڪنول جو اُڀري آيا هئا. سندن پيار جي پڙلاءَ واري سرهاڻ حويلي جو مضبوط ۽ ڊگهين ديوارن کان نڪري، ڳوٺ جي وڻ وڻ کي واسي ڇڏيو هو.
مراد خان دل جو مريض هو... کيس هر وقت ممتاز جو فڪر رهندو هو... هن کي ڊپ هو ته متان سندس مرڻ بعد ڪٿي ممتاز هڪ دفعو ٻيهر يتيم نه ٿي وڃي. هن کي اک اک جي پرک هئي، هن کي احساس هو ته سندس اکين پورجي وڃڻ کان پوءِ، ڪيئي اکيون ممتاز تي تير وسائي هن جي معصوم جگر کي گهائل ڪري ڇڏينديون. اشرف جي اخلاق، نياز ۽ نوڙت هن جي دل تي گهرو اثر ڇڏيو- کيس پورو احساس هو ته ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ هن کي اهو پيار نه ڏنو هو جنهن جو هو حقدار هو. ڏاڏيءَ کان به اشرف جي، ممتاز لاءِ چاهت ۽ دلچسپي لڪل ڪانه هئي؛ هن جي اها خواهش هئي ته ممتاز جو هٿ اشرف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجي- ۽ انهيءَ لاءِ مراد کي مناسب موقعي جو انتظار هو.
”کمن جو سڱ، ممتاز سان ڪرائجي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي.“ ڏاڏي جي وارن ۾ ڦڻي ڪڍندي، شاهوءَ مناسب موقعو ڏسي؛ ساران جو خيال پيش ڪيو. ”ڀاڳن ڀري! اهي ته آهن لکئي جا ليکا. پرائي ڄائي آهي- مري جهان ڇڏڻو اٿئون، آءٌ سنديس مرضيءَ خلاف زور نه ڪنديس!“ ڏاڏيءَ پنهنجي عمر جي خلاف، نهايت نرميءَ سان نئين زماني جي ڳالهه ڪئي. ”پر ساران کي معمولي نوڪر جي ڌيءَ کي ننهن بنائڻ جو خيال ڪيئن آيو!... سندس شان نه گهٽبو؟“ ڏاڏيءَ طنز ڪندي چيو. ”او... هون! اهي ته ساران جون اجايون ڳالهيون آهن... پاڻ ڪهڙي وڏگهراڻي آهي... ڏاڏهنس سارو ڏينهن، رون رون ڪندو، سُرندو ڪلهي تي کنيو پيو پنندو هو... جڳ ڄاڻي ٿو- پِنَ جي ٽُڪرن تي پليل ساران، هاڻ کڻي وڏيري ٿي ته ڪو ڀولو ناهي. باندر ڀلي رنگ مٽائي... امڙ! عادت ته اهائي رهندي...!“ ماسي شاهو منافقت جا ليڪا لتاڙيندي چيو. ”ٺهيو هاڻي ماٺ ڪر، ڀتين کي به ڪَنَ آهن ڪو ٻڌي نه وٺئي!“ ڏاڏيءَ مشڪندي چيو. ”ٻيو نه ته، سچ ٿي چوان.“ شاهوءَ ايئن ڳالهايو ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس.
”امڙ منهنجي توبهه! زاري!... شهرن ۾ ته اهڙيون بي حيائون ٿينديون ڏٺيون ٻڌيوسين... پر ڳوٺ به هاڻ اجهو ٿا شهر بڻجن.“ ماسي شاهو ٻنهي هٿن جي ڏسڻين سان نڪ گهندي ۽ ڪن جون پاپڙيون ڇڪيندي چيو. ”وري ڇا ٿيو...؟“ ساران جا ڪن، زخمي سانبر جيان اُڀا ٿي ويا. ”ٿيندو وري ڇا... سسڻين پئي چوي ته ممتاز، پنهنجي مرضيءَ سان؛ ڏسي وائسي گهوٽ ڪندي! توڀان!توڀان! چار پنج درجا سنڌي جا پڙهي، پاڻ کي ولايت پاس ٿي سمجهي. مئي ليکن کاڌي جي ڌيءَ، نڀائي! ڇوڪريءَ ۾ ڪو ڦيرو آيو آهي! شهر جا نوان نوان ڦئيشڻ سکي پئي آهي- اشرف به سڄو ڏينهن وٽن پيو آهي. نه اٿس ڪم نه ڪار- مراد پنهنجي ڌنڌن سان، پوڙهيءَ کي ته ڪا ڪل ئي ڪانهي ته گهر ۾ ڇا پيو وهي واپري..“ ماسي شاهو وڏڦڙي جيان وسي رهي هئي. ”ماسي شاهو! تون به ويٺي ڏس- منهنجو نالو به ساران آهي- ڏينهن جا تارا نه ڏيکاريانِ ته چئجانءِ.“ ساران اُڀ ڏاريندي چيو.
اشرف اڄ بيحد خوش هو، کيس شهر مان تار ملي هئي ته اچي پندرهن ڏينهن اندر نوڪريءَ تي چڙهي- هو خوشيءَ وچان ٽپندو ۽ ڪڏندو سڌو چاچي مراد وٽ حويليءَ ۾ پهتو.
”ابا خير ته آهي؟ اڄ ڏاڍو سرهو پيو نظر اچين-؟“
”چاچا سائين، ڳالهه ئي سرهائي جي آهي.“ اشرف ٽانگر جيان ٽهڪي رهيو هو. ممتاز جا اشرف جي خيالن ۾ گم هئي، هن جي آواز تي کٽ تان ٽپو ڏيئي اٿي کڙي ٿي پر هڪدم وڏيري مراد جي موجودگيءَ جي خيال کان اتي ئي بيهي ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي.
پَٽ، اهڙي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. آخر ٻڌائيندي به يا رڳو پرولين ۾ پيو ڳالهائيندين؟“
”چاچا سائين... مونکي نوڪري ملي آهي- اجها ڏسو تار- پندرهن ڏينهن اندر رپورٽ ڪرڻي اٿم-“
”پر ڪهڙي نوڪري- ڇا جي نوڪري-؟“
”توهان کي ٻڌائڻ وسري ويو هئم ته شهر مان ڳوٺ اچڻ کان اڳ هڪ ٻن هنڌن نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئم- هڪ ولائتي ڀاڻ ڪمپنيءَ وارن مونکي پاڻ وٽ اگرانامسٽ (Agranomist) جي پيشڪش ڪئي هئي ۽ چيائون پئي ته جلد ئي آرڊر موڪلي ڏيندا- اڄوڪي تار انهن موڪلي آهي-؟“
”پٽ توکي الله پنهنجيءَ وارو ڪري- اسانجون دعائون سدائين توساڻ هونديون- پر شهر وڃي اڳ وانگر غائب نه ٿي وڃجانءِ...! اسان پوڙها ماڻهو ڪا ڪل نٿي پوي ته ڪڏهن ٿو سڏ ٿئي- اسانجي اکين جو تون ئي ته سوجهرو آهين... مونکي ته تو ۾ وڏيون اميدون آهن ٻچا...“ وڏيري مراد پيار جي ورکا ڪندي چيو.
ممتاز هڪ دفعو ٻيهر اشرف جي شهر وڃڻ جو ٻڌي، روئي روئي ساڻي ٿي پيئي. سندس ڪاريون ۽ ڪجليون اکيون ٽانڊن جيان ڳاڙهيون ۽ منهن ٽامڻي هڻي چڪو هو.
اڙي- تون روئي رهي آهين؟“ اشرف سندس منهن مٿي ڪندي چيو.
”ڇڏ مونکي-!“
”هيءُ هٿ ڇڏڻ لاءِ ٿوروئي جهليا هئم.“
”ڇڏي ئي ته وڃين پيو-“
”توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته اڄ مان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جوڳو ٿيو آهيان... عملي زندگيءَ جي پهرين ڏاڪي تي پير رکي رهيو آهيان... ۽ شهر پري ٿورو ئي آهي- مان هر موڪل تي ايندس به ته پيو نه! ڀلا تون سمجهين ٿي ته مونکي توکانسواءِ قرار ايندو...!“ هن ممتاز کي دلداري ڏيندي چيو.
ڳوٺان موڪلائي هو جڏهن نوڪري ته چڙهڻ لاءِ شهر روانو ٿيو ته هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي... اڳ شهر ۾ رهندي، کيس ڪڏهن به ڳوٺ جو خيال نه آيو هو... پر اڄ سندس ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون، وسي رهيو هيون... سندس ڪائنات ڳوٺ ۾ هئي... هو سڄي واٽ ممتاز جي تصور سان ڳالهيون ڪندو رهيو- فيلڊ ڊيوٽي ۾ اچڻ شرط هن پنهنجي علم ۽ خانداني زميندار هئڻ جي حيثيت سان، پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. مختلف قسم جي زمينن بابت، هر قسم جي ننڍن توڻي وڏن زميندارن، هارين ۽ نارين۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچي ڪافي تجربو حاصل ڪري ورتو هو... هن ڏينهن کي ڏينهن ۽ رات کي رات نه سمجهيو- پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ خودداريءَ واري جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ هن ڏاڍا جتن ڪيا... سندس، سڀ سان مانائتي هلت ۽ ڀل ماڻهپي نه فقط بالا آفيسرن جو من موهي وڌو هو، پر سندس ڀاڻ جي استعمال جا ڏسيل طريقا زميندار توڻي هارين لاءِ ڏاڍا فائديمند ثابت ٿي رهيا هئا... تنهن هوندي به هو اڳي کان اڳرو هو... هن پنهنجي مقصد واري هلچل ۾ اڃان به تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي... هن کي وقت ۽ وت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو سڪون ۽ سرور ملندو هو.
پهريان ڏهاڙا ته هو ڳوٺ نه وڃي سگهيو هو پر ٻئي ٽئين ڏينهن ڳوٺ خط لکي... اڻ سڌي طرح سان، ممتاز کي ساڻس محبت جي احساس ۽ وابستگي ڏيکارڻ خاطر ڊگها ڊگها خط لکندو هو... پر پوءِ هر اٺين ڏهين ڏينهن کان پوءِ هن اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. هو جڏهن پڪن ۽ ڪچن رستن جا سينا چيري چاچي مراد جي حويليءَ آڏو، زور سان جيپ جو هارون وڄائيندو هو ته اندر حويليءَ ۾ ممتاز جي ڪنن ۾ شرنايون وڄڻ لڳنديون هيون... هن جي مستيءَ ڀري جواني رقص ڪرڻ لڳندي هئي.
هو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ ۾ ترسيل هوندو هو... جيتوڻيڪ کيس هڪ طرف، ممتاز جو قرب حاصل هو ته ٻئي طرف هُو صدين کان ويران بنجر زمينن کي نئين زندگي ڏيڻ لاءِ، پنهنجي علم ۽ تجربي وسيلي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي سمجهائيندو هو... تڏهن وڏيري مراد ۽ گلڻ جا سينا فخر کان تاڻجي ويندا هئا... هن ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو ته ڪنهن ڪمپني جو نوڪر آهي... پر هن جي هر وک فرض جي صورت ۾، سنڌڙي جي سيني کي سرسبز ۽ شاداب ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌندي هئي... هو ڌر تتيءَ جو جيپ ڪاهي مٽيءَ ۾ ڀڀوت بڻجي جڏهن حويليءَ ۾ موٽندو هو ته ممتاز جون نظرون، عقيدت مان، سندس قدمن ۾ سجده ريز ٿي پونديون هيون.
اهو ڏينهن قيامت کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هو... جڏهن اشرف، فيلڊ ڊيوٽيءَ تان موٽيو هو ته ممتاز کيس هٿ وڌائي ڏاڍي ناز ۽ محبت سان لفافو ڏنو. ”ڏاڍا خط پيا اچنوَ.. اها وري ڪهڙي ڏائڻ ساماڻي آهي... جيڪا هر ٻين ٽين ڏينهن خط پئي لکي؟“ ممتاز جهومندي چيو. هو خط کولي پڙهڻ لڳو. خط جي هڪ هڪ اکر جو مفهوم سندس چهري تان نمايان هو. ”ڀيڄ ڀيڄ“ هن خوشيءَ مان نعرو هنيو ۽ خط هوا ۾ لهرائي، هو جمالي جي ڌن تي لهر ڪرڻ لڳو. ”ڇاهي خط ۾؟“ ممتاز بي صبريءَ مان پڇيو. ”ممتاز ڪمپني مونکي، وڌيڪ ٽريننگ خاطر، ڇهن مهينن جي مدي لاءِ، ولايت موڪلي رهي آهي.“ هن جهومندي چيو. ”ڇهه مهينا!“ ممتاز جو چهرو لوساٽجي ويو. غم ۽ نراسائيءَ جا گهرا ليڪا، هن جي سندر صورت تي اڀري بيٺا. هُوءَ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. ”تون ته صفا چري آهين، ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي- هي ته خوشيءَ ۽ شادماني جو موقعو آهي، مون لاءِ، تولاءِ ۽ سڀني لاءِ، فخر جي ڳالهه آهي، جو ڪمپنيءَ ٻين پراڻن ماڻهن هوندي، مون سيکڙاٽ ۽ نئين ماڻهوءَ کي موڪلي رهي آهي.“ اشرف هڪ ئي ساهي ۾ کيس سمجهائڻ لڳو. ”اشرف! تولاءِ ته ڇهه مهينا اک ڇنڀ آهن. پر مون لاءِ ته اهي صديون آهن... صديون... اشرف مونکي ائين وڇوڙي نه وڃ... مون ۾ ايڏي سگهه نه آهي جو تنهائين جو زهر پي سگهان... اشرف آءُ مري وينديس... مري وينديس... تون نه وڃ. خدارا... نه وڃ...“ هُوءَ جذبات جي شدت کان اڌ مئي ٿي پئي. ”ڇا توکي مون تي اعتبار نه آهي؟... ڇا منهنجي چاهت کي واريءَ جو ڪوٽ ٿي سمجهين؟... ممتاز... ائين نه چؤ... نه ته محبت بدنام ٿي ويندي... آءُ تنهنجو آهيان... قيامت تائين تنهنجو رهندس... توکي حوصلو رکڻ گهرجي...“ اشرف نماڻي ۽ درديلي نوع ۾ ورجايو. ”ڇا تون منهنجو انتظار ڪندينءَ؟“ اشرف ممتاز کي ماٺ ڏسي پڇيو. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ، پوڄاريءَ جو موت هوندو آهي...“ ممتاز پنهنجي جذبن تي قابو پائيندي وراڻيو. ”سچ...!“ اشرف جو مکڙو گل جيان ٽڙي پيو. ”آزامائي ڏسجان...!“ ممتاز فضا ۾ خوشي ۽ غم جو تاثر پکيڙي ڇڏيو.
اڄ اشرف کي ولايت وئي پورا ويهه ڏينهن ٿيا ها... ممتاز ڏاڏي، وڏيرو مراد ۽ حويليءَ جو هر فرد، کيس ياد ڪري رهيو هو. ممتاز ته اشرف سان گهاريل ڏينهن جي يادن جي تصور ۾ گم هئي... حويليءَ جي چپ چپات ۽ نراسائي ساري ڳوٺ کي سوگوار ڪري ڇڏيو هو... اشرف جي وڃڻ کان پوءِ، کمون، ماءُ جي سيکارڻ تي، چاچي مراد جي گهر اچڻ وڃڻ وڌائي ڇڏيو هو... هو جڏهن مڇن تي تاءُ ڏيئي، سگريٽ جو سوٽو هڻندو هو ته فضا ۾ هڪ اڻوڻندڙ ۽ اُگري ڌپ جا هڳاءَ ڦهلجي ويندا هئا... ڏاڏي ويچاري ته ان ڌپ ۽ دونهين کان کنگهڻ لڳندي هئي... ممتاز ته کمونءَ جي کڙڪ ٻڌي ڪوٺيءَ ۾ ئي پورجي ويندي هئي... پر کمون... اکين جي اشارن، مڇن ۽ عامياني قسم جي ٻٽي معنيٰ رکندڙ جملن جا تير ممتاز تي اڇلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو... اهڙيءَ ريت هڪ طويل عرصو گذري ويو...پر اشرف وٽان ڪو حال احوال نه آيو... ممتاز جي تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي ماڙي ڦهڪو ڪري اچي پٽ پئي هئي... اڄ اشرف کي وئي پورا نوَ مهينا ٿي ويا هئا... هوءَ پاڻ کي، ڪاڪ جا ڪانوَ اڏائي اڏائي، نراسائيءَ ۽ نااميدي جي تاريڪ غارن ۾ محسوس ڪرڻ لڳي هئي... کمونءَ جي کيچل بازي، شاهو ۽ ساران جي سازشن، محبت جي حسين تاج محل کي لوڏي ڇڏيو هو.
صبح مهل ماسي شاهو، ممتاز جي ساهيڙيءَ جي گهران ڏڌ وٺيو پي نڪتي ته هڪ جيپ ڌڌڙ اڏائيندي اوچتو اچي لوڙهي جي ٻاهران بيٺي، اشرف کي هڪ ميم سان گڏ ڏسي ذري گهٽ هٿ مان دکي ٿي ڇڏايس. ”ائي متل! هيڏانهن ته اچ“ هوءَ سٽ پائي وري گهر اندر وئي- متل ۽ عاشيءَ جو کيس اهڙو گهٻرايل ڏٺو، سي پنهنجا ڪم ڪاريون ڦٽي ڪري وٺي ٻاهر ڀڳيون، عجب کان سندن وات کلي ويا. ايتري ۾ سهڻي ميم به ٽپ ڏيئي اڙدوءَ ۾ ڀر واري ڳوٺ جي زميندار جو ڏس پڇيائين ته ڪهڙو رستو وٺي وڃجي، جو هو سندس دعوت تي شڪار ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ماسي شاهوءَ جون اکيو حيرت وچان ڦاٽي ويون ۽ ڳوٺاڻي سنڌيءَ ۾ اشرف ڏانهن اشارو ڪري چيائينس، ”اهو جيڪو گڏ ويٺو اٿئي انهي کي خبر ڪونهي ڇا جو اسان کي تنهنجي سهڻي شڪل ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهيس.“ ميم حيرانيءَ سان سندس جواب ٻڌڻ لڳي.
”حياءُ ڪونهي جو پاڻ زيپ“ ۾ آڪڙيو ويٺو آهي، ڳوٺ جي ماءُ ڀيڻ جو به ادب ڪونهيس.“ ماسي شاهوءَ جون ڳالهيون ميم جي سمجهه کان ٻاهر هيون. هوءَ انگريزيءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي وڃي جيپ ۾ سوار ٿي. سندن هلي وڃڻ جي دير هئي، ماسي شاهو مٿي تي پوتي ٺاهي سڌو کمونءَ ماءُ وٽ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. وڌيڪ پنهنجي طرفان وڌائيندي چيائين. ”امان پاڻ ته ٺهيو پر ميم کي مون سان چرچا ڪرڻ لاءِ چيائين، مُئي چئي رهي هئي ته اسان شادي ڪئي آهي ۽ ڀر وري ڳوٺ ۾ زميندار جي دعوت تي وڃي رهيا آهيون- ڀلا اهو مونکي ٻڌائڻ جي ڪهڙي پئي هئس، اهڙي جو سوڀ کٽي آيو هو ته وڃي پنهنجي ڀائيندڙ چاچي ۽ ڏاڏيس کي ٻڌائي ها، يا وري هن کي جيڪا سندس واٽ پئي نهاري.“ ٻئي طرف ممتاز جي ساهيڙي عاشي پنهنجي اکين ڏٺي حقيقت کان کيس واقف ڪيو. اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي. وڏيرو مراد سخت پريشان ۽ ڪاوڙ ۾ هو. پر پوءِ اهو سوچڻ بعد ته کمون به ته سندس ئي ڀائيٽيو آهي تنهن کي ڀاڄائيءَ ساران جي ٻاڏائڻ ۽ منٿن تي ممتاز جو سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. هوءَ جا روايتي سنڌي گهراڻيجي نينگري هئي ۽ اها به خبر هئس ته سندس اصل حيثيت ڇا آهي انهيءَ شاديءَ کان انڪار نه ڪيائين. درد کان سندس دل ڳڀا ٿي پيئي هئي. اشرف جي بيوفائي سندس دل کي لهو لهو ڪري ڇڏيو هو.
کمون ماءُ جا نوان نوان لاڏ هُن لاءِ شروع ٿي ويا. کمون به وارن ۾ ٽيڻون چئڻون تيل مکي ڇاتي تاڻي هلڻ لڳو، ممتاز غور سان سندس بيهوده ادائن کي ڏسندي هئي ۽ پوءِ کيس بيوفا اشرف جو صاف سٿرو چهرو نظر ايندو هئو- بغير تيل ڦليل جي چمڪندڙ نکريل وارن جون لٽون، اهي خوشبودار ۽ صاف هٿ... خاموش التجائون... ۽ ڪٿي هي آچار جهڙا سنڌيل چهٽيل وار... کهرا ٻيڙيءَ ۽ چرس جي ڌپ وارا هٿ... اگهاڙيون خواهشون... هوءَ دل ئي دل ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي.
وڏيري مراد، ممتاز کي ڏاڍي لاڏ ۽ ڪوڏ سان نپايو هو... ممتاز جي هوندي کيس پنهنجي بنا اولادي هجڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو... اڄ کمونءَ سان ممتاز جي شادي هئي... حويليءَ ۽ اوطاق کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو... وڏيرو مراد اڄ پنهنجي دل جي حسرتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ وانگيان پئسو خرچ ڪري رهيو هو... اڄ هو بيحد خوش هو... پر تنهن هوندي به جڏهن کيس اشرف جو خيال ٿي آيو ته سندس دل ۾ وڍ ٿي پئجي ويا. ليڪن هو خاموش هو... هن جي آتما کي اڄ ڏاڍو سڪون هو- هُو اڄ سمجهي رهيو هو ته هن رمونءَ جي روح کي خوش ڪيو آهي... رمون سندس وفادار نوڪر... جنهن پاڻ ماري کيس نئين حياتي ڏني هئي... وڏيري مراد جو وجود خوشي ۽ غم جي گڏيل سڏيل وهڪري ۾ وهي رهيو هو. شاديءَ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي چڪا هئا... آسپاس توڙي پري پري جا وڏا رئيس ۽ ڪامورا ڪڙا شريڪ ٿيا... نڪاح جو وقت ٿي چڪو هو، پر وڏيري مراد کي پنهنجي جگري دوست، رئيس ميرڻ جو انتظار هو. رئيس ميرڻ جيتوڻيڪ اڌوڙ عمر جو هو پر ڏاڍو دلچسپ ۽ نئين خيالن جو ماڻهو هو. هن جي دوستن ۾ هر طرح جا ماڻهو شامل هئا. شيل ۽ شڪار جو ته ڏاڍو شوقين هو.
جيپ جي زوڪاٽ تي، وڏيري مراد جون اکيون چمڪي اٿيون، هُو سَٽ ڏيئي اوطاق جي در ڏي وڌيو، رئيس ميرڻ پنهنجي لاکيڻي لوڏ سان جهومندو پئي آيو. وڏيري مراد وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ وڌو. ”اشرف تون! ڪميڻا هي ڪتي هتي ڇو آندي اٿئي؟“ وڏيري مراد، رئيس ميرڻ جي پويان هڪ نوجوان جوڙي کي ڏسي رڙ ڪئي. اڙي! چريو ٿيو آهين ڇا؟... هي اسان جو دوست والٽر ۽ سندس گهر واري آهي... والٽر صاحب، پاڻ واري ائگريڪلچرل بئنڪ جو نئون ڊائريڪٽر آهي ۽ منهنجي دعوت تي ڪجهه ڏينهن ٿيا جو هتي آيل آهي.“ رئيس ميرڻ لوڻا هڻي، مراد کي سمجهائيندي چيو.
”پر هي ته بنهه اشرف مهانڊي آهي!“ وڏيري مراد ڏڪندي چيو.
”نه چريا... هي والٽر صاحب اٿئي!... مان ڏاڍو مصروف هيس... مان پاڻ توکي والٽر سان ملائڻ ٿي چاهيو... پر وقت ئي نه ملي سگهيو، پوءِ سوچيم ته اڳو پوءِ شاديءَ واري موقعي تي گڏباسين... مان پاڻ جڏهن والٽر صاحب کي سندس آفيس ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته چڪرائجي ويو هوس، پر پوءِ اها غلط فهمي دور ٿي ويئي.“ ميرڻ، مراد کي وڌيڪ سمجهاڻي ڏني- وڏيري مراد اڳيان ڳچ ڏينهن اڳ، ماسي شاهو ۽ عاشيءَ وارو ٻڌايل واقعو اڀري آيو... سندس نبضون ڍريون ٿيڻ لڳيون... پر هو هٿ ڪپائي چڪو هو... هُو پاڻ کي ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کڏ ۾ ڪرندو محسوس ڪري رهيو هو.
نڪاح پڙهجي چڪو هو... شرنائين جو آواز جيڪو ٻن جسمن ۽۽ دلين جي ميلاپ جي علامت سمجهيو ويندو آهي... پري پري ائين پولار ۾ سرن جي سرهاڻ ڦهلائي رهيو هو.
اشرف جي دل اڄ خوشيءَ کان جهومي رهي هئي... هو دل جي ڌڪ ڌڪ کان به تيز رفتار سان جيپ ڪاهيو، ڳوٺ طرف وڌي رهيو هو... هن جلد کان جلد ڳوٺ ٿي پهچڻ چاهيو.. نون مهينن جي وڇوڙي ۽ المناڪ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ واريون هيون... هن سوچيو: ”ممتاز جياڪا، سندس اوسيئڙي ۾، اکين جا چراخ ٻاري ويٺي هوندي، هن کي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي... ڪاوڙبي... ۽ پوءِ هيءُ کيس ڳراٽڙيون پائي پرچائيندو... هن جي چپن تي مٺري مرڪ تري آئي. ”چاچو مراد... ها، هو جڏهن کيس ڪَرڙي اکين سان ڏسي ڀاڪر ۾ ڀريندو... تڏهن...“ هُو خوشيءَ کان بيتاب پئي ٿيو. ”ڏاڏي...“ ڏاڏي جي تصور سان ئي سندس روح ۾ مامتا جو ماڪ جيان پاڪ ۽ پوتر چهرو جهرمر ڪرڻ لڳو- هو سڀني ڳالهين کان بي خبر ۽ بي نياز اڳتي وڌي رهيو هو... اوطاق ۽ حويليءَ جي وچ واري ميدان ۾ وڏا وڏا شاميانه لڳل هئا. هو ڪجهه نه سمجهي سگهيو. اوطاق جي ويجهو اچي، هن زور سان بريڪ هنيو بريڪ لڳڻ ڪري، اوطاق ۽ شاميانه، مٽيءَ جي بادلن ۾ گم ٿي ويا.
جيپ مان، سوکڙين پاکڙين ۽ ٻين شين جا بنڊل لاهي هو خوشيءَ مان، اوطاق ۾ داخل ٿيو. وڏيري مراد جي جيئن اشرف تي نظر پئي. سندس دل ۾ درد جو دريا اٿلي پيو.
”پٽ! ڏاڍا ڏينهن لاتئي.“ هن چوٽ کائيندي پڇيو. ”ڪا سارسنڀال به نه لڌءِ!؟“ سندس دل جو سمورو سور اکين ۾ اُڀري آيو. ”چاچا سائين! ڌڻيءَ رحم ڪيو جو آءٌ جيئرو جاڳندو اوهان آڏو موجود آهيان. ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد واپس موٽڻ مهل، اتي ئي ايئرپورٽ تي، منهنجي ٽئڪسيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو... مري مري بچيو آهيان، اطلاع ڏيئي اوهان کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيم.“ اشرف هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويو.
”ڀلا گهر ۾ ته سڀ خيريت آهي نه... ڏاڏي ۽ ممتاز ته چاڪ آهن؟“
”ها پٽ...! سڀ چاڪ آهن. پر...ما...مان...“ وڏيري مراد جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي رئيس ميرڻ، والٽر سوڌو اڳتي وڌي آيو.
“This man exactly looks like me! I am looking my self in mirror.”
(هي ته بنهه مون مهانڊو آهي! ائين ٿو لڳي ڄڻ آئيني ۾، مان پنهنجو ئي عڪس ڏسي رهيو آهيان.) والٽر اشرف کي ڏسي حيرانيءَ وچان رڙ ڪندي چيو. اشرف پڻ، والٽر کي پنهنجي هم شڪل ڏسي حيران هو. ”والٽر صاحب! اوهان ۽ اشرف جي هم شڪل هجڻ ڪري، هت ته معاملو ئي اور ٿي پيو آهي. ياد اٿوَ! پهريون ڀيرو، جڏهن پنهنجي مسز سميت اسان وٽ شڪار تي اچو: ڳوٺ وارن، اوهان کي اشرف سمجهي، وڏيري مراد کي ٻڌايو ته هُو ولايت ٻلايت ڪونه ويو آهي: هتي ئي ڪنهن ميم سان شادي ڪيو ويٺو آهي- اسان واري رئيس به پڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي، اشرف جي مڱ کمونءَ سان پرڻائي ڇڏي.“ ”هان!“ اشرف هانوَ ڦاڙ رڙ ڪئي. بنڊل سندس هٿن مان ڇڏائجي پکڙجي ويا.
بظاهر ته خوشيءَ جو موقعو هو... پر ممتاز جي هڏڪين ۽ سڏڪين جي آواز سڀني کي غمگين ڪري ڇڏيو هو... وڏيرو مراد، اشرف کان اکيون هيٺ ڪري هلي رهيو هو... ڇو ته هن ئي سندس دل جي دنيا کي پائمال ڪيو هو... هن رمونءَ جي روح کي رنجايو هو... هن ممتاز کي هڪ دفعو ٻيهر ڪنڊن تي اڇلايو هو... هو اداس هو، سوگوار هو... ساري حويلي اداس ۽ ويران هئي- اشرف خاموش هو... سندس اکيون پٿرائجي چڪيون هيون، سندس چهري تي ڪوبه تاثر نه هو... هو رات جي تاريڪين ۾ جيپ ڪاهي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل طرف وڌي رهيو هو... سندس ڪنن ۾، ممتاز جا اکر گونجي رهيا هئا. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ پوڄاري جو موت هوندو آهي...“ ديوتاجي سيني کي چيريو ويو هو... گل لتاڙيا ويا هئا. سندس اکين مان ٻه لڙڪ، جيپ جي اسٽيئرنگ تي ماڪ جيان اڀري بيٺا... هو روئي رهيو هو... ڪائنات روئي رهي هئي، پوئين پهر رات ڳوڙها ڳاڙي مکڙين کي گل بنائي ڪنهن ٻئي ديوتا جي سيني ۾ جهير وجهڻ جا سانڀاها ڪري رهي هئي.

نَڪُ

مٺيس: هاڻ ڪوهه ٿيندو؟“
”هاڻ باقي ڇا آهي جو ٿيندو، نَڪ جيڪو ورهين کان ساهه سين سانڍيندو آياسين سو وڍجي ويو.“
ڪريمت پنهنجي طوطي جهڙي نڪ کي آڱر جو گهڪو ڏيئي پٽ تي اهڙي ڇنڊ ڏني ڄڻ نڪ هيٺ اڇلجي ويو.
”ادي وڏل کي ڄاڻ آهي؟ انهيءَ جي ٻڌو پوءِ ته قهر ٿي ويندو.“
”تنهنجي ليکي اهڙيون ڳالهيون ڳجهيون رهي سگهنديون ڇا؟ ڀاڄائي کتل کي به ڀانيان ٿي ته ڪجهه کڙڪ آهي. جڏهن شهر اچي توسين حال ڪيم، ته ڀڻڪ سندس ڪنن به پيئي، پر ننڍڙي وٺي رنو اُمالڪ اوڏهن ڊڪي وئي-“
هائو ڀيڻ، ڳالهه ته بروبر لڪڻ جهڙي آهي ئي ڪين، پر ادي وڏل کي جي سڌ پئي ته اهو ڪنهن کي به جيئرو ڪين ڇڏيندو. بابي مرحيات کان پوءِ اهوئي ته اسان جو وڏو آهي. اسانجي هٿن ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. وهي وڃائي ڪراڙي اچي ٿي آهيان ته به وڏل بي نالو سين ڪمبڻي وٺيو وڃي.“
”ڇو ڪين، سدائين شان وارو، مان وارو ورلي ڪو جهڙس دلير مڙس هوندو، پر ڇوريءَ هڻي اسان جو اوچو ڳاٽ ڀڃي وڌو- ست پيڙهيون ڪاريون ڪري ڇڏيائين، هاڻ ڪهڙو منهن کڻي برادريءَ ۾ هلنداسين سڀ ڪو آڱريون کڻندو ته اجهي اهي آهن، فلاڻا وڏ گهراڻا ڪامورا جن جي نينگري...“
”هاءِ قسمت! ادي وڏل ته انهيءَ مهل دانهن ڪئي ته ڀاڄائي ۽ نينگري شهر نه وڃن. پر شهباز مڃيو ئي ڪين. چي جڏهن ڌنڌو ئي قسمت سانگي شهر ۾ ٿيو آهي ته ات ئي گهر ڪري ٻارن ٻچن سميت رهڻو به اٿئون، هيڪلائي ۾ هلاڪي ٿيندي. مون به گهڻو ئي مٿو هنيومانس ته زالون گهر جون شان هونديون آهن ڪو مڙسن ڪڍ ائين گهنڊڻيءَ وانگر پٺتئون نه ٿي لڳنديون آهن. ڪم ڪاڄ لاءِ نوڪر کڻي رکجان مهيني ٻئي اچيو ٻارن ٻچن کي ڏسو وڃجانءِ پر شهباز پنهنجي هوڏ تئون مڙيئي نه؛ چئي آءٌ ته؛ زينب کي وٺي ويندس. ادي مردن لاءِ ڪي زالون کٽيون آهن. الائجي ڪهڙو جادو ڪيس ڀاڄائي؛ مون کڻي ماٺ ڪئي. ادو وڏل به سور پي ڳاڙهو بنهه ٽامڻيءَ وانگر ٿي ويو پر ڪڇيو اصل ڪين. پيءُ کانپوءِ اهو ته سندس سنڀال لهندو پئي آيو. کيس ڪيئن رنجائي ها.“ پر اهو ڏوهه سڄو ڀاڄائي جو آهي جنهن هٿ وٺي اسان جي نينگريءَ جي ٻيڙي ٻوڙي، جهنگ جي ٻڪري ڇا ڄاڻي شهرن مان. ڌاري آخر ڌاري هئي کيس اسان جو آڪهه جي ڪهڙي ڪاڻ قسمت کڻي ادي جو انگ ات اڙايو نه ته حورون ٿي مليو ادي کي ته.“
”ها ڀيڻ، بروبر؛ پر قسمت!“
”مون به شهر وڃي اکين سين ڏٺو ته ڪل پيم. ادي جي پيٽ ۾ به الائجي ڪهڙا حرام وجهي ڇڏيا اٿس جو اکئين سڀ ڪجهه ويٺو ڏسي پر ڪڇي ڪين.“
”اسان جو ڀاءُ اٻوجهه غريب ڦاسجي ويو!“
”قسمت!“
”پر اَئي ڪريمت، ڳالهه بروبر سچي آهي ڪين ماڻهن اجايو دشمنيءَ کان...“
”ادي ماڻهن کي ڪهڙو لاچار پيو آهي، جو ڪوڙ ڳالهائين. اکين ڏسيو اچن، ڏندين اَڱريون وجهي پاڻ ۾ خبرون ڪندا هئا. ڳالهه هلي هلي مون توڻي به پهتي. ڀائين؛ جِت توکي باهه وٺي اُٺ من مون کي به سيڪ اچي؟ گهڻي جٺ ڪئي مانس شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين بس ايترو سو چيائين ته ”ڇوڪريءَ جي قسمت ۾ جو ائين لکيل هو-؟“
”ڄيرو لڳيس قسمت ۾. اصل نهوڙي نيو ڇوريءَ اسانکي. انهيءَ ندوريءَ کي موت اچي ها ته ڀلو هو.“
”موت وري اهڙين کي ايندو ڇا؟ باقي اسان لاءِ سو موت ئي آهي، خاندان جو موت-“
”هاءِ منهنجارب! هي ڇا ڪري ڇڏيئي!“
”چوندا آهن ته سنگت جو به ته اثر ٿيندو آهي.“
”اهو ڪيئن-؟“
”سندس پاڙي واريون به ڏٺم ته ڏاڍيون هوشيار پئي ڏسڻ ۾ آيون.“
”پر ادي، انسان پاڻ سولو هجي ته ڪنهن جي مجال ئي ڪونهي جو وار به ونگو ٿئي. بڇڙي کي پنهنجي مَتِ هوندي آهي.“
”سچ ٿي چوين، مونکي ته اهو ڏينهن زهر ٿي آيو، ڇا جا کاڌا ڇا جا پيتا. بک کان پيٽ وڃي پٺيءَ سين لڳم. اهو حال اکين ڏسڻ سين ڄڻ اوندهه ڦري آيم. اهڙو حال ٿيم جو دشمنن جو به نه ٿئي. دل جو دهڪو ته ڄڻ ٻڌم ئي ڪين ٿي. چيم ته يا رب! سنجهيئي وڃي پنهنجي ڪکين ڀيڙو ڪريم.“
”ڳالهه ٻڌڻ سين منهنجو به هنيانءُ ويو هليو. الائجي ڇا ٿيندو. اجهو وڏل به ڄاڻ آيو ڪي آيو. ڳالهه ٻڌي نه ڄاڻي ڪهڙو حال ٿيندس دشمنن جو، مون کي ته ڀؤ آهي ته ڪٿ آپگهات نه ڪري!“
”هاڻ ڪهڙا آپگهات ٿيندا، مئا ته ائين ئي پيا آهيو.“
”هاءِ ندوري! تنهنجي ڪري اڄ هيءَ ڏينهن ڏٺوسين. تون ته ڄمڻ سين مري وڃين ها-“
”توڀان زاري، توڀان زاري.“
وڏل جي زال جنهن پينگهي ۾ ٻار کي کير ويٺي ڏنو تنهن کي سمهاري نڙاڻ وٽ آئي.
”ادي بتخاور خير ته آهي، اوهين موڳيون ڪوهه آهيو. گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ هيڊ هارجي ويئي اٿو منهن تي. مونکي به ته ڪجهه سڻايو ڪين...“
”ڇا ٻڌندينءَ ڀاڄائي؟“
”توهان جي ليکي آئون گهر جو ماڻهو ڪين آهيان؟ ڏاڏي پوٽي آهيان، لاڏين ڪوڏين آئي آهيان، ڪو ائين ته ڪونه آئي آهيان.“ کتوءَ چڙ مان چيو.
”توکي ته چڙ بس نڪ تي رکي آهي، ڪهڙي خوشخبري آهي جو سڀني ٻڌي باقي تون رهجي ويئينءَ؟ هيانءُ هجنيئي ٻڌڻ جهڙو ته ٻڌ. ڏيرهن جي جواڻ جماڻ ٻارهين ورهين جي ڌيءَ اسان جو نڪ وڍائي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺي آهي.“

ناسُور

محرم خان جڏهن معمولي پوليس جمعدار هو تڏهن کان ئي زهره ٻائيءَ جو خوبصورت جسم سندس توجهه جو باعث هو ۽ ڪئين دفعا اظهار محبت ڪرڻ بعد به زهره کيس کنگهندي ئي ڪونه هئي. زهره جنهن جي در تي وڏا وڏا رئيس زاده، نواب زاده ٻهاريون ڏيندا هئا، تنهن جي هڪ فاقن ماريل پوليس واري تي ڪٿان ٿي اک ٻڏي.
جيئن ته بازار حسن ٿاڻي جي حد ۾ هو، تنهن ڪري محرم خان جي ڊيوٽي به اتي لڳندي ايندي هئي ۽ جڏهن پورو ڏينهن گذرڻ بعد به زهره جي جهلڪ کيس نظر نه ايندي هئي ته روايتي عاشقن وانگر مايوس ٿي پنهنجي پاڏي جهڙي آواز ۾ راڳ ڳائيندو هو.
”تو کون سي بدلي مين ميري چاند هي آجا.“
۽ عين ان وقت اتفاق سان جي زهره ٻائي پنهنجي ڪوٺي جي دريءَ مان نظر اچي ويندي هئس ته سندس للچايل اکيون منجهس ائين کپي وينديون هيون، جيئن ڪنهن بکايل کي اوچتو ئي اوچتو وڻ ۾ پڪل ميوو نظر اچي ويو هجي. سندس وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو ۽ چپن تي زبان ڦيرائيندو اعتماد سان چوندو هو:
”پهلو نشين اي حور!
ٿيندينءَ تون ضرور.
تنهنجو حجاب، تنهنجو شباب،
بس لاجواب آ.“
زهره کيس پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، حقارت جو اظهار ڪرڻ واري انداز سان ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيندي هئي ۽ محرم خان اونهو ۽ ڪڙهيل ساهه کڻي رهجي ويندو هو.
محرم خان، جيڪو زهره جي نگاهه ڪرم جو منتظر هو، تنهن جي اميدن تي هڪ ڏينهن پاڻي ڦري ويو. ٿيو ائين جو کيس انهيءَ ٿاڻي تان بدلي ڪري ڀر واري ڳوٺ جي چونڪي تي رکيو ويو، جتي کيس سخت بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سالن برابر ٿي گذريس. شهر ۾ ته چهل قدمي سان گڏ ”چهل چشمي“ جو به موقعو ملي ويندو هئس، پر هتي ته سڃ هئي. رڳو ڪتن جي ڀونڪار ۽ گدڙن جي اوناڙ، اها به ڪا زندگي هئي. ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي ڪواٽر ۾ پيل ”ڪائي“ جهڙي کٽ تي اچي ڊهندو هو ۽ پنهنجي لوڪل زخمي ٽرانسٽر مان حسب معمول نڪرندڙ سُر ”ڌن ڪِتا! ڌِن ڪِتا“ ۽ ”جاڳي اٿي تنهائي، مايوسي“ وغيره جهڙن ”سنڌي“ نغمن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندو هو.
چوندا آهن ته بخت نه ڏسي وقت، جي وري ته ويرم ئي نه ڪري. محرم خان جو به بخت وريو ۽ جيڪو عهدو کيس پنجويهن سالن تائين به نه ملي ها سو ٻن ڏينهن ۾ کيس ملي ويو. ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن ويل ٻاري ڏنو هو. نامي گرامي ڌاڙيل سهراب سولنگي ته ڳوٺن جا ڳوٺ هيسائي ڇڏيا هئا، جنهن جي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ پوليس بي آرام هئي. انهيءَ ڪم لاءِ حد جي صوبيدار، همت ڀرئي جمعدار شيرل سان گڏ محرم خان کي به اُماڻيو. محرم خان جهڙي بزدل ۽ رنگيلي شخص لاءِ انهن ڪمن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي، پر لاچار فرض پوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيس.
گهاٽو ٻيلو ۽ اونداهي هئڻ ڪري شيرل ۽ محرم خان کي ڪجهه دير تائين ڌاڙيل سهراب جي پناهگاهه هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي دقت ٿي، پر اوچتو شيرل جي نظر سامهون روشنيءَ تي پئي ۽ هڪل ڪائين ”ڪير آهين؟“
جواب ۾ گجندڙ آواز آيو. ”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، سهراب سولنگيءَ کانسواءِ.“
”جيڪڏهن پنهنجي جان جي حفاظت چاهين ٿو ته هڪدم اسان جي پيش پئو. مان هڪ ٻه ٽي چوندس، نه ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃ.“
انهي کان پهرين جو شيرل هڪ ٻه ٽي چوي، سامهون گولين هلڻ جا آواز ٿيا ۽ شيرل به جوابي ڪاروائي شروع ڪري ڏني. محرم خان، جنهن اهي آواز پئي ٻڌا، سو وڻن پٺيان بچاءَ لاءِ پئي لڪيو. اوچتو گولين جا آواز بند ٿيا ۽ محرم خان کي ڪجهه پرڀرو سندس ساٿيءَ جي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڊوڙي وٽس ويو، جتي ڏٺائين ته هو پٽ تي ڪريو پيو هو. ايترو ڪي ٻڌڻ ۾ آيس ته سهراب منهنجي گوليءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي، پر ڪمبخت مرڻ کان اڳ اهڙو ته نشانو لڳايو آهي جو مان به جيئرو نه رهي سگهندس... آه... ۽ شيرل اهي اکر چوندي دم ڏنو. محرم خان سج اُڀرڻ تائين اتي ئي ڇپ ماريو ويٺو هو- نه چريو نه پريو، سڄي رات ڏڪندي ۽ روئندي گذاريائين.
سج جي هلڪي روشنيءَ ۾ پريان هڪ لاش نظر آيس ۽ ڊڄندي ڊڄندي ان طرف وِک وڌايائين. اڃا به شڪ هئس ته جيئرو نه هجي ۽ کيس ماري نه وجهي. جڏهن پڪ ٿيس ته مري چڪو آهي، تڏهن چتائي سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل سهراب جي مئل چهري ۾ پنهنجو چمڪندڙ مستقبل نظر اچي رهيو هو.
ٻيلي کان ٻاهر نڪري، ڀر واري زميندار وٽ مدد لاءِ ويو، جتان کيس هڪ ڍڳي گاڏي، لاش کڻي ٿاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ملي.
سهراب سولنگي جو موت جي خبر ٻهراڙي مان ڳوٺن تائين ۽ ڳوٺن کان شهرن تائين هوا وانگر پکڙجي وئي ۽ مشهور ٿي ويو ته اهو ڪارنامو محرم خان سرانجام ڏنو. جلد ئي کيس، ”اعليٰ حڪام“ طرفان ترقيءَ سان گڏ ساڳئي شهر جي ساڳئي ٿاڻي ۾ بدلي جا آرڊر پڻ مليا.
محرم خان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ٿي ڄڻ هڪ ئي وقت ۾ ٻه ميدان ماري وڌا. زهره ٻائيءَ جي ڀاءُ کي ديسي شراب وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هوءَ کيس ڇڏائڻ لاءِ محرم خان کي سندس نئين عهدي جي مبارڪ ڏيڻ وئي.
”اڄ هڪ عرض کڻي آئي آهيان...“ زهره جون اکيون الفت جي نشي ۾ مخمور ڏسي هو بيتاب ٿي آيو.
”مان ته مدت کان تنهنجين اکين جي تيرن جو گهائل آهيان! ڀلا ڀاڳ، اڄ تون مرهم رکڻ آئي آهين.
”منهنجي درد بي دوا ته هن وقت صرف اوهان آهيو- صوبيدار صاحب!“
”حڪم!“ هن پاليل ڪتي وانگر زهره جي اڳيان سر کي ڪي قدر جهڪايو.
زهره ٻائي کيس پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاري بابت تفصيل ٻڌائي. محرم خان هڪدم ٽيليفون ۾ هٿ وجهي نمبر گهمائي ايڪسائيز وارن کي فون ڪيو ته ”پيار عليءَ کي هڪدم رها ڪيو وڃي، پنهنجو ماڻهو آهي.“ ۽ ائين چئي هن رسيور کي ائين سٽيو جيئن ڪريڊل تي نه پر پيار علي کي گرفتار ڪرڻ واري جي مٿي تي هڻي ڪڍيو هجيس. پراڻيون ڳالهيون ختم ٿي ويون، خودبخود هڪ نئون ماحول پيدا ٿي ويو؛ ۽ انهيءَ شام جو ئي زهر ٻائي جي ڪوٺي تي محفل ڄمي.
محرم خان صوبيدار ٿيڻ بعد سڄي ٿاڻي تي دٻڙودونس مچائي ڏني هئي، فريادي ۽ جوابدار ته الڳ پر پنهنجي زيردستن تي به گار جي رئي پئي پوندي هئس. ظلم سندس پيشو ۽ رشوت سندس ايمان هو. مٿس پئسي جي بارش ٿيڻ لڳي. هر طرف نوٽ ئي نوٽ، ڪالهه جنهن کي ڪير پڇندو ئي ڪين هو اڄ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اڳ جنهن جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هوندا هئا، تنهن وٽ ڪيترائي عرضدار صبح شام سندس اوطاق جي گلم تي ويٺل نظر ايندا هئا.
زهره ٻائي سان سندس لاڳاپا ڏينهون ڏينهن گهاٽا ٿيندا ويا. سندس راتيون وٽس گذرڻ لڳيون، جت بي گناهن جي خون پسيني جو پئسو هڪ ڌاڙيل وانگر لٽي ۽ ضايع ڪندو هو.
ڪجهه عرصي کان زهره ٻائي، محرم خان مان ڪڪ ٿي چڪي هئي، سندس خاص شڪايت هئي ته محرم خان ڪڏهن به ڏندڻ ڪونه ڏي تنهن ڪري سندس وات ۾ هميشہ ڪتو مئو پيو هوندو آهي. جيستائين وهنجڻ جو تعلق هو محرم خان جو اهو ايمان هو ته هڪ دفعو ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ سان وهتو آهيان ٻيو دفعو غوسلي غسل ڏيندم.
زهره عطر عنبير سرخيون پائوڊر لڳائي محرم خان جي انتظار ڪندي هئي ۽ هو جڏهن پنهنجو سڪي ويل اڇو پگهر ۽ مٽي، مُرن ۽ ڇاتيءَ تان، آڳوٽي ۽ آڱر جي زور سان مهٽي ڪڍندو هو ته زهره ٻائي جي سيني تي هڪ نانگ گهمي ويندو هو.
چوڻي آهي ته طوائف پئسي جي ٿيندي آهي ليڪن دل جا شيشي کان به نازڪ ٿئي ٿي سا طوائف کي به ٿي ٿئي ۽ هن جي دل محرم خان پنهنجي گدلائيءَ ڪري پرزا پرزا ڪري ڇڏي هئي.
هيڏانهن محرم خان جون به مصروفيتون ايتريقدر وڌي ويون هيون جو کيس زهره ٻائيءَ سان ملڻ جو وقت به مشڪل سان ملندو هو ۽ هوڏانهن زهره به نيون نيون سنگتون ڳولي ڪڍيون هيون ۽ هڪ ڏينهن خبر پئي ته اهو شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي هلي وئي. محرم خان به سک جو ساهه کنيو. ڇو ته هن جو به زهره مان جيءُ ڀرجي چڪو هو ۽ خبر ناهي ته ڪيتريون زهرائون هن جي زندگي ۾ داخل ٿيون ۽ هليون ويون. ارڙهن سالن جو ڊگهو عرصو گذري ويو. هاڻ سندس گهڻو وقت شهر جي سڀ کان وڏي هوٽل جي مخصوص ڪمري ۾ گذرڻ لڳو جيڪو، جوا، شراب ۽ عصمت فروشي جو خاص اڏو هوندي هو ۽ جيڪو ڊپٽي ٿيڻ بعد هن ٺهرائي به انهيءَ مقصد سان هو ته پيريءَ ۾ به سک ۽ تفريح سان وقت گذرندو رهي.
سرمائيدار انهي هوٽ* ۾ لکي آزاديءَ سان عيش ڪرڻ لاءِ ايندا هئا هن هوٽ* ۾ ڪنهن به قسم جي پڇا ڳاڇا ۽ ڇاپي ٻاپي جو خطرو وغيره نه هو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ رٽائرڊ پوليس آفيسر هو.
هوٽل جو مئنيجر جيڪو بئڪ گرائونڊ ۾ دلاليءَ جا فرائض سرانجام ڏيندو هو تنهن محرم خان سان اڄ هڪ نئين زهره ٻائيءَ جو ذڪر ڪيو.
”ڪٿي آهي؟“ محرم خان ٻانهن ۾ ٻڌل روليڪس تي نظر وڌي. رات جا ٻه لڳا هئا.
”مٿي، سائين جن جي اسپيشل روم ۾“ اٺين منزل جي اسپيشل روم ۾ شاندار بيڊ تي هڪ قيامت محوِ خواب هئي.
محرم خان هن جي سنگ مرمر جهڙي جسم ڏانهن ڏٺو ۽ کيس پنهنجن پوڙهين رڳن ۾ بجلي ڊوڙندي محسوس ٿي. واقعي مئنيجر ڪمال ڪري ڇڏيو...
هن جهڪي کيس پيار ڪرڻ چاهيو ليڪن هوءَ انهيءَ وقت بيدار ٿي وئي ۽ اُٿي ويٺي ۽ پنهنجي خمار آلود نگاهن، سان محرم خان کي ڏٺائين پنجونجاهه سالن جو محرم خان هن جي جواني تي فدا ٿي ويو ۽ بي اختيار سندس وات مان هڪ پراڻو گٺل جملو نڪتو ”تون بيحد... بيحد خوبصورت آهين... چنڊ جهڙي“ ۽ ڀر ۾ اچي ويٺس ۽ چنڊ هڪ بناوتي شرم پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو.
هدايت موجب صبح جو ڏهين بجي بيرو چانهه کڻي آيو. ”تنهنجو نالو ڇا آهي ڊارلنگ...رات ته تو کا پڇڻ ئي ياد نه رهيو...“ محرم خان چانهه ۾ سيڪرين وجهند چيو.
”الماس“ هن ڪنڌ مٿي ڪري فخر مان چيو ”اوه... واقعي تون الماس آهين هڪ انمول هيرو“ اهڙن موقعن بعد هو وڌيڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو بلڪل عادي نه هو. پر الماس جي حسن جو مٿس ڪجهه اهڙو رعب پيو جو ساڻس ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. اهڙي ڪشش پنهنجي زندگيءَ ۾ يا ته هن زهره لاءِ محسوس ڪئي هئي يا پوءِ اڄ الماس لاءِ.
”تون هتي ڪيئن آئين.“
”جيئن پيون سڀ اينديون آهن.“
۽ هو وائڙو ٿي ويو... پر پاڻ تي قابو پائي نهايت نرمي سان چيائين.
”منهنجو مطلب هو ته... اهو ته... هي... يعني تون هن ماحول ۾ ڪيئن؟ تنهنجا ماءُ پيءُ... وغيره؟“
”اسانجا وري ڪهڙا پيءُ؟ هوندا ڪي توهان جهڙا مهربان ۽ چڱا مڙس، معاشري جا ”ناسور“ هن طنز سان مشڪيو.
”قربان وڃان، تنهنجي ان ادائن تان، تون اهڙي سنگدل ڇو آهين الماس! توکي ته پوليس واري ٿيڻ گهرجي ها.“
”منهنجي ماءُ چوندو آهي ته اهو ڪمبخت به پوليس وارو هو“.
”خوب! خوب!“ هن ٽهڪ ڏنو ”خون جو اثر رنگ ڏيکاريندو ئي آهي آخر مان به ته پراڻو پوليس آفيسر آهيان، ڪيئن صحيح ڪري ورتم“ محرم خان ڪامياب دوڪاندار وانگر مٿس هڪ شوخ نظر وڌي، ايتري ۾ بيري اچي اطلاع ڏنو ته الماس جي گاڏي کيس وٺڻ لاءِ آئي آهي. هوءَ ڏاڍي ناز ادا سان پاڻ سنڀاليندي اُٿي ۽ آئيني تي آخري نظر وجهندي محرم کي هٿ جي اشاري سان مشڪي خدا حافظ ڪيو.
”ترس ته مان به ٿو توکي هيٺ ڇڏڻ هلان.“ ٻئي لفٽ ۾ اچي بيٺا ۽ گرائونڊ فلور تي لهي آيا. موٽر ۾ ڊرائيور جي سيٽ تي هڪ مرد ۽ پوئين تي اڌيڙ عمر جي عورت ويٺل هئي.
”هي منهنجي ماءُ ۽ مامون آهن،“ الماس تعارف ڪرايو. ”تسليمات“ عورت ادب مان سرِ تسليم خم ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي جي چهري تي پيل ٻڍاپي جي تهن کي پل کن لاءِ کسڪندي محسوس ڪيو.
”زهره! تون.“
”هائو سائين، مان ئي توهانجي زهره آهيان... ڪهڙا نه عجيب اتفاق آهن... ڪهڙي نه عجيب موڙ تي ملاقات ٿي آهي... ۽ سائين هن کي ته توهان شايد سڃاتو ئي ڪونه، هي توهانج ڌيءَ الماس ئي ته آهي، جيڪا اڄ کان ارڙهن سال اڳ ڄائي هئي!“
”منهنجي ڌيءَ!!... اُف خدا!“ کيس ائين محسوس ٿيو جيئن هوٽل جون اٺئي منزلون مٿس ڪري پيون هجن.
”ڇڏيو سائين! مڙئي خير آهي (زهره پنهنجي مخصوص ادا سان اک ڀڃندي، هٿ محرم خان جي هٿ تي هڻڻ واري انداز سان وڌايو) ڪهڙي توهانجي نڪاح ٻڌي زال جي ڌيءَ آهي جو توهانجي لاءِ قيامت ايندي.“
”هائو سائين وڏيرا! بزنس، بزنس!“ الماس چيو. پيءُ جي خلوص، پيار ۽ رتبي کان بي خبر سندس اکين جي چمڪندڙ مرڪ محرم خان جي اکين ۾ ڄڻ لوهه جي ٻريل شيخ وانگر کپي وئي.
”آهه... نه-“ هن ٻئي هٿ منهن تي رکيا ۽ هوٽل ڏانهن ڀڄي ويو.
”نيچ... ڪمينو.“ زهره چيو.
”دلو!“ الماس زمين تي ٿڪيو.
۽ گاڏي اسٽارٽ ٿي.

ڪارو نانگ

علڻ ماءُ زماني جي گٺيل پيٺيل هئي، کيس زماني سازيءَ جا گهڻا گُر ايندا هئا، انهن مان سندس خاص گُرُ الله ۾ گهٽ ويساهه رکندڙ تي تعويذ تڙي جو وارو هو. جڏهن کان ڪنوار بڻجي گهر م پير پاتو هئائين تڏهن کان ئي پنهنجي مڙس کي محسوس ڪرايو هئائين ته هو ”ولي الله“ آهي- ۽ جيئن پوءِ کيس علڻ ۽ ٻيا ٻار به ٿيا، تيئن انهن سڀني کي به اهو احساس ڏياريندي آئي هئي ته هُو سڀيئي ”ولي الله“ آهن.
اڄ دستور موجب هڪ غريب ڳوٺاڻو سندس در تي صدا کڻي آيو؛ انهيءَ ويچاري جي ڏاندن جي جوڙي چور ڪاهي ويا؛ ڪنهن علڻ ماءُ جو ڏس ڏنس ۽ هو به علڻ ماءُ کي ”شرلاڪ هومز“ جاسوس سمجهي سندس در تي اچي بيٺو.
علڻ ماءُ نياڻين سياڻين جو پردو ڪرائي، پنهنجي چلم سميت هاريءَ کي اوطاق ۾ باريابيءَ جو شرف ڏنو. هيڏانهن هو ٻانهون ٻڌيو عقيدت مندانه نظرن سان پنهنجي ڏاڏيءَ جيڏي علڻ ماءُ کي ٻاڏائي رهيو هو ۽ هوڏانهن علڻ ماءُ ڏوئيءَ ڏانهن هٿ وڌائيندي ٻه وڏا ڪارا ليڪا منڌيئڙن جي صورت ۾ فرش تي ڪڍي، ڏوئيءَ کي منٿون ڪرڻ شروع ڪيون. اوڏي مهل ڏوئي ڏتڙيل جي ڏاتار هئي.
او مائي ڏوئي! سچ سچ ٻڌاءِ! ڪاري ٻڪري اڇو کير-! نه ته دوزخ جو ٿنبو ٿيندينءَ!- سچ ٻڌاءِ! ته بهشت جي گلزارين ۾ هوندينءَ.“
ائين ئي علڻ ماءُ جي هٿ کي جنبش آئي، ڏوئي لڏڻ شروع ڪيو ۽ اُن سان گڏ علڻ ماءُ به جهولڻ لڳي.
”سچ ٻڌاءِ! مائي ڏوئي، چور ڪراچي ويو؟
(پاڻ مرادو) ها، ها، ڪراچي ويو! نه، نه! ڪراچي ڪونه ويو. ابا، ڪراچي ڪونه ويو اٿئي.“
پوءِ علڻ ماءُ حافظي کان ڪم وٺندي جن جن ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا کيس ياد هئا انهن جا وٺندي ڏوئي کي واسطا وجهندي آخر ”ڏاند وڪڻي، پئسا کڻي هندستان ڀڄي ويو!“ چئي، ڏوئي کي اهڙو ته ڳجهو لوڏو ڏنئين جو ڏوئي اقراري طرز سان لڏڻ لڳي ۽ هاريءَ جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو، هو دستوري سوا پنج آنا نذرانو رکي پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
علڻ ماءُ دل ئي دل ۾ مستقبل لاءِ سوچون سوچڻ لڳي ۽ دليل ڊوڙائڻ لڳي. اڄ انهن دليلن ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي جيئن اوچتو پنهنجو منهن آرسي ۾ ڏٺائين ته کيس پنهنجو مرجهائيندڙ چهرو ڏسي ڏک ٿيو، پر اوچتو ڪنهن خيال ايندي سندس ڏند ”کي کي“ ڪرڻ لڳا. روزانو ميٽ کائڻ ۽ انجي مٿان سوپاري ۽ گهڻي تماڪ جي استعمال ڪري ۽ ڪڏهن به ڀلجي ڏندڻ نه ڪرڻ ڪري، جي پائريا جا شڪار ٿي چڪا هئا سي هن وقت آرسيءَ ۾ کيس موتيءَ جي داڻن وانگر ڊاڪٽر ڪرپال جي ٺاهيل ٻٽيهي جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳا ۽ وات جنهن مان سڄو وقت هڙپون هڙپون جو آواز ايندو هئس سو کيس هينئر بند مکڙيءَ وانگر نظر آيو. ڳلن تي لالائي ۽ اکين ۾ ”قلوپطره ڪجل“ پاتل نظر آيس ۽ پاڻ کي تمام اوچي وڳي ۾ سينگاريل ڏسڻ لڳي ۽ سندس خيال اوڏيءَ مهل منتشر ٿيا جنهن مهل پاڙي جي نينگر جو ڪرڪيٽ بال اچي مٿي تي ٺڪاءُ ٿيس ۽ نتيجي طور سندس منهن وڃي آرسيءَ سان لڳو، پر ذهن ۾ آيل شاندار اسڪيم کيس اهو سور پي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ٻيو ڪو وقت هجي ها ته علڻ ماءُ نينگر جي ستن پيڙهين کي لتاڙي ڇڏي ها.
علڻ ماءُ پنهنجي دل ۾ سٽيل منصوبي کي عملي جامو پهرائيندي پنهنجي نور نظر ڪنواري ڀائٽيءَ کي ”ڪارو نانگ ۽ ست قرآن، بيبي“ جي روپ ۾ پيش ڪيو ۽ جلد ئي اصلي پاڙو ڇڏي شهر جي ٻي ڪنڊ وسايائين جت ٿورن ڏينهن اندر اهو مشهور ٿي ويو ته هڪ اهڙي ست قرآن ڪارو نانگ بيبي رهندي آهي جا مئل جياري، بنا اولادين کي اولاد ڏي، مريضن کي شفا ڏئي، وڇڙيل ملائي، مطلب ته هر درد جو دارو وٽس هو صرف وڃڻ جي دير هئي.
علڻ ماءُ اڄ اها علڻ ماءُ نه هئي. اڄ سندس در تي سوين سوالي، ڪي اولاد لاءِ ڪي نوڪريءَ لاءِ مطلب ته هر بري ۽ چڱي ڪم لاءِ سندس در تي موجود هئا، پاڻ ”تاج الاوليا“ جي خطاب سان پنهنجن ننڍن کي سڀ قسم جا گر سمجهائيندي رهندي هئي. علڻ جنهن ڍڪ منشي گيريءَ مان چڱا پئسا ڪمايا هئا پر هن اهي تماشبينيءَ ۾ ڦوڪي ڇڏيا، ۽ اڄ سرڪار کيس سندس عملن ڪري ڪنهن اهڙي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو جو ڇوليون پيو ڳڻي، تنهن پڻ وڏي موڪل وٺي اچي ماءُ جو پاسو ورتو، جتي کيس ”ڪاري نانگ“ جي آڙ ۾ سڀ ڪجهه پئي مليو.
”ڇوريون سيگهه ڪريو. ماڻهن جي اچڻ جي مهل ٿي آهي.! (ڀائٽيءَ کي مخاطب ٿيندي) امان، تون به ڪي سولا ڪپڙا گندي پائي، جلدي ڪر! مائي ڀاڳل، تون ڇا ويٺي ڪرين؟ جلدي ڪر، وجهه ڇار مٿي ۾، ڪر ڪاري نانگ اڳيان فرياد! فرياد! جيڪو بي بي چوي ته چئجئين سبحان الله! دلين جي مالڪ تون، ۽ مائي چڱي! تون هڪدم پيرن تي ڪري پئجيئنس، سڀني زالن اڳيان چئجان ته مون کي پٽ ”ڪاري نانگ“ بي بيءَ واپس وٺي ڏنو آهي، ڦاسيءَ جو رسو ڳچيءَ ۾ پيو هئس. پر شهباز وانگر جهٽي کڻي آيس، صدقو وڃان بي بيءَ جي نالي تان! !“
خليفياڻين کي ضروري هدايتون ڏيئي علڻ ماءُ ڀائٽيءَ کي ڪن ۾ سُس پُس ڪري ڪجهه سمجهايو ۽ پاڻ ڦان ٿي اچي کٽ تي ڪري ۽ چلم مان وارا ڪڍڻ لڳي. ايتري ۾ دروازي تي وڏي وڪٽوريه گاڏيءَ جي ”ڇم ڇم“ ٿي ۽ ”ڪارو نانگ بيبي“ خليفياڻين سميت، پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
نورل ماءُ جا اڳ ئي هن در تي مٿو ٽيڪي وئي هئي، تنهن سس ۽ ننُهن سوڌو دروازي کان ٻاهر جتيون لاٿيون ۽ هٿ ٻڌي ٻلي پيرڙو ڪري اندر گهڙيون، عين انهيءَ مهل علڻ جون نگاهون مرادوند ننهن تي پيون، ۽ هو پنهنجي ليکي ساڻس تصور ئي تصور ۾ راهه رسم جون منزلون طي ڪرڻ لڳو. اڳيان ”ڪارو نانگ“ به هوشيار هئي، سمجهي وئي ته ننڍي نيٽي ڪنوار ٻارڙو جو هنج ۾ ڪونه کڻي آئي آهي. ضرور اولاد لاءَ آئي هوندي، يڪدم رڙ ڪري چيائين: مائي! پٽ ائين ڪونه ملندا آهن. ڏهه خميسون هتي جي حاضر ڀر.“
حاضر بي بي سڳوري! ٻارهو ئي پئي تنهنجون خدمتون ڪندي. سس نماڻي ٿي چيو، ايتري ۾ ٽيپ رڪارڊ (جيڪو اهڙن موقعن تي مخفي طور استعمال ڪيو ويندو هو) تان مصري خان جو مستيءَ ڀريون ڌنون وڄڻ شروع ٿيون، ”ڪارو نانگ بي بي“ جا اڳ ئي هسٽيريا جي مريضه آهي، تنهن وٺي نچڻ شروع ڪيو. علڻ پنهنجي موقعي جي تاڙ ۾ هو، هڪدم ”صدق! صدق!“ ڪندو اڱڻ ۾ ڪاهي پيو،پر خطرناڪ نگاهون ننهن ۾ کپيل هئس، جنهن لاءِ هو اڳ ئي ٻڌي چڪو هو ته ڏهه خميسون ايندي. ”ڪاري نانگ“ جڏهن ڏٺو ته علڻ ٿو ڪم خراب ڪري تنهن رڙ ڪري چيس ته: ”بي شرما! نياڻين سياڻين جو خيال ڪر وڃي ڪپڙا پاءِ.“ علڻ جو اُن مهل صرف شلوار تي گنجي پايو سگريٽ جا سوٽا پئي هنيا سو موقعي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي يڪدم ڪمري ڏانهن ويو ۽ من موهڻي ننهن جي ملاقات لاءِ پنهنجي ماءُ جا پير دٻائڻ لڳو.
علڻ ماءُ جنهن گهڻن ئي مرشدن جا هٿ ڌوئاريا آهن ۽ پاڻ ”مرشدن جي نانيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي سا پٽ کي دلداري ڏيندي، ٽپ ڏئي کٽ تان اُٿي ۽ آهستي آهستي ”ڪاري نانگ“ جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لکي اکين ئي اکين سان آيل مهمانن کي کيڪاريائين ڪنوار کي ڳراٺڙي وجهي چيائين: امان- ڏهه خميسون پري رهيون، تون هفتو اصل رهه ئي بي بي سڳوريءَ سان اڪيلي، سڳوريءَ جي دعائن سان هن مهيني ۾ ئي تون اُميد سان ٿيندينءَ“ سڻس ۽ نورل ماءُ کي چيائين، ”وجهه نه وڃايو، ڇڏي وڃو ڪنوار کي هينئر ئي.“
انڌو عقيدو رکندڙ سس ۽ نورل ماءُ ڪنوار کي ڇڏي پنهنجي گهر روانيون ٿيو، ۽ دنيا ڏٺو ته هڪ مهيني اندر ڪنوار اميد سان ٿي وئي. هي ڪرامت ”ڪاري نانگ“ بي بيءَ جي وڏين ڪرامتن ما هڪ ليکي ويندي آهي.
ماڻهو ”ننهن واري ڪرامت“ کان پوءِ گهڻي اندازو ۾ اچڻ لڳا. علڻ ماءُ جا هڏ چم ٿي پئي ميٽ چٻيندي هئي، سڄي عمر ڪڏهن ڪوڙو ڇلو به ڪونه پاتو هئائين سا مچي مچي دنب ٿي هئي ۽ سونا هار ڳچيءَ ۾ وجهيو کٽ تي ويٺي گڙ گڙ ڪري چلم پيئندي هئي. سندس در تي گهڻئي نوڪر ۽ نوڪرياڻيون پلجڻ لڳا. حسب معمول ”ڪارونانگ“ بي بي هڪ نئين بروڪيڊ جي وڳي ۾ سينگاريل (جيڪو چيئرمئن جي زال پٽ جي پاس ٿيڻ تي نذرانو ڏنو هو) وار کوليو پلنگ تي ويٺي جهولي، چوگرد خليفياڻيون ۽ مرادوند زالون پلنگ سان مٿو ٽيڪي روئي ۽ ٻاڏائي رهيون هيون. ڪي دل ئي دل ۾ پنهنجو سوال دهرائي رهيون هيون.
اوچتو سڀني جون نگاهون اچڻ واري وڏ گهراڻي ڪاموري جي زال تي پيون جيڪا نهايت عقيدت سان پير اگهاڙا ڪري اچي گلم تي ويٺي. علڻ ماءُ پريان ئي کٽ تي ويٺي چلم ڇڪيندي، ڀرون مٿي چاڙهي اک جي اشاري سان کيڪر ڪيس ۽ ٻئي لمحي سندس نگاهون ”ڪاري نانگ“ جو جائزو وٺڻ لڳيون جئين ڪو فنڪار پنهنجي ڪامياب تخليق کي ڏسندو هجي. ”ڪاري نانگ“ گهڙي کن لاءِ جهولڻ بند ڪري پکڙيل وارن کي شاندار جهٽڪي سان مٿي ڪيو ۽ اچڻ واريءَ کي طنز سان مشڪي گهوريائين وري فوراً ئي سخت ڪاوڙ جو مظاهرو ڪندي چيائين: ”هاڻي آئي آهين جڏهن ڳالهه چوٽ چڙهي چڪي آهي؟“
”صدقي وڃان بي بي سڳوري، توهان کان دلين جو حال ڳجهو ناهي، هڪ ئي پٽ اٿم، سو به پيءُ جي اکيون پوريندي ئي کريل دوستن جي چنبي ۾ اچي کريو آهي، سڄي دلت کڻي لٽائي اٿس، هاڻي فلم ٺاهڻ ۽ ايڪٽر ٿيڻ لاءِ لاهور ويو آهي. اهو خيال کانئس ويساريوس، دعا ڪريوس...“
”هون... مشڪل! مشڪل! پهرين ڇو ڪونه آئين؟“
”توهان جي در جي غلام آهيان. ڪجهه سڻائي ڪريو...!“
”پير جهلينس! علڻ ماءُ، مائيءَ کي سمجهايو ۽ هوءَ پيرن تي مٿو رکي ”ڪاري نانگ بي بي“ کي ٻاڏائڻ لڳي. هن مشڪل سان پنهنجي ناراضگي دور ڪندي کيس، نينگر کي دعا لاءِ وٺي اچڻ جي اجازت ڏني. پٽس، جنهن تي ايڪٽر ۽ پروڊيوسر بنجڻ جو ڀوت سوار هو ۽ انهيءَ ڪم ۾ گهڻو مصروف هو سو ڏاڍن حيلن بهانن سان لاهور مان اچڻ بعد دعا لاءِ ماءُ سان گڏ هلڻ تي راضي ٿيو.
ڪارو نانگ بي بي پردي خاطر هڪ وڏي چادر پويان مائيءَ جي پٽ سان مخاطب هئي. هوڏانهن ڇوڪر به هوشيار هو پردي جي سنهن ٽُنگن مان جهلڪ ڏسي ورتي هئائين ۽ معاملي کي ڪي قدر سمجهي ويو هو. ٻئي ڏينهن سان ئي وڏا طشت ڪپڙن، زيورن ۽ مٺائن جا ڀرائي ڪاري نانگ لاءِ نذرِ عقيدت طور موڪليائين. ماڻس به خوش هئي ته سنئين راهه تي آيو آهي، علڻ ماءُ به بهار هئي، نينگر ٻئي ٽئي ڏينهن پردي پويان اچي دعا وٺيو ويندو هو.
هڪ ڏينهن گلم غاليچا ائين ئي وڇايا پيا هئا. سڀني ڏٺو ته علڻ ماءُ جي مٿي ۾ ڇار ۽ ڀر ۾ فلمي اخبار پئي هئي، جنهن ۾ ”ڪالا سانپ“ پروڊڪشن طرفان ڏنل اشتهار ۾ هيرو سان گڏ نئين هيروئن، ”ڪارو نانگ بي بيءَ“ جي تصوير به هئي.

چانديءَ جون تارون

اڄ پڻ حويليءَ ۾ ڪهرام متل هو. هي ٻيون ڀيرو هو جو رئيس زادي راحت رڙيون ڪري، ڪپڙا ڦاڙي هٿ پير هڻي هڻي، بيهوش ٿي وئي هئي. يڪدم اوطاق تي رئيس ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو.
دايون ۽ ٻانهيون پلنگ کي وڪوڙيو بيٺيون هيون. پڦيس ۽ ماڻس ته پلنگ جي سيراندي کان چڙهيون ويٺيون هيون. ڇوڪريءَ جي حالت ڏسي اوڇنگار مٿان اوڇنگار ٿي ڏنائون ٻانهين به گهٽايو ڪين پئي، هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ ڪاڻ رکي رکي اهڙيون ته فلڪ شگاف اوڇنگارون ٿي ڏنائون، جو پريان رئيس، جو سهڪندو پئي آيو، سوبه ڏڪي ويو.
”قهر پئيوَ ڪهڙو وٺي ڌمچر مچايو اٿوَ؛ ڪجهه سمجهڻ ته ڏيو؟“
”آءٌ گهور وڃانس! مُٺيس! منهنجي سانئڻ سڳوريءَ کي الائي ڇا ٿيو!“
”هاءِ! هاءِ!! منهنجي جيجل.“
مختلف آواز هر طرف کان اچي رهيا هئا. ”سائين وري به ساڳي حالت آهيس!“
”ڪهڙي ساڳي حالت؟“ اهوئي پاڇو اٿس پرين جو، عطر مکي ساهيڙين سان چانڊوڪي ۾ وڃي ويٺي؛ اتان جهڙپ اچي وئي اٿس.“
”اڄ شاهه صاحب کان تعويذ لکا ٿي ڏيانس، تون ڪوهُه پئي اجايو مٿو هڻين!“ رئيساڻ ڌڄاڻ ڀاڄائيءَ کي اکيون ڏيکاريندي چيو ۽ ڀاڄايس هيسجي ماٺ ٿي ويئي.
”آئي ڪريمت ڏسين ڇا پئي، لوبان کڻي اچ نه گهر ۾ دکايون، سُرندي واري کي به گهرايو ته لهرو وڄائي من ڪجهه جهولي ته بدن هلڪو ٿي پئيس.“
ڪريمت يڪدم ڌڃاڻ جي حڪم جي تعميل ڪئي. بچان کي جا کڻي ٿي کٽي تنهن ڊاڪٽر گهرائڻ جي صلاح ڏني. بس صلاح ڏيڻ جي دير هئي. راحت جي پوڙهي، مگر ڪنواري پڦيءَ جا ڏند دروازن جي ڍرن ڪڙن وانگر حرڪت ۾ آيا، چي: ”خبردار نامراد! جو وري موئي ڊاڪٽر جو نالو ورتو اٿئي.“ ۽ هوءَ سهمي چپ ٿي وئي. بيوقوف ڪٿي جي ڏسي وائسي ٿي ککر ۾ کڙو هنيائين. کيس اها صلاح ڏيڻ ئي نه کپندي هئي. جڏهن پهريون ڀيرو راحت جي اها حالت ٿي هئي تڏهن گهر وارن جو ساهه اصل مُٺ ۾ اچي ويو. هڪ ئي ڄڻي ته هنن اکين جي آڏو، ماءُ پيءُ ۽ پڦيءَ جي اکين جو واحد نور. ڊاڪٽر کي گهرائين ته ڪيئن گهرائين. رئيسن جي گهراڻي جي زائفان ڪنهن ڌارئي شخص جي منهن تي نه پئي هئي، ڇاڪاڻ ته اها عرياني سمجهي ويندي هئي. شهر ۾ جي هڪ ٻه ڊاڪٽرياڻيون لئي مان ڦري لٺ ٿيون هيون تن لاءِ ماڻهن مشهور ڪري رکيو هو ته اهي ناتجربيڪار آهن ۽ مريضن کي سندن اصلي آرامگاهه ڏانهن اماڻن ۾ دير ئي نٿيون ڪن، پوءِ ڏسي وائسي پنهنجي جگر جي ٽڪر کي ڪير کڏ ۾ اڇلي ها. پر انهيءَ ڏينهن مجبور ٿي پيا. پنهنجي پر ۾ پردي جو به خوب انتظام ڪيائون. آفرين هجي رئيس کي جنهن جي دماغ ۾ اها ترڪيب اچي وئي. رئيس حڪم ڏنو ته راحت جي پلنگ ڀرسان هڪ کٽ پاسيري ڪري بيهاريو، ان جي واڏڻ کي ڍرو ڪيو ۽ سڄي کٽ کي چادر سان ڍڪي، چادر ۾ سوراخ ڪريو ۽ پوءِ راحت جي ٻانهن کي انهي واڏڻ ۽ چادر جي سوراخ مان ٻاهر ڪڍي وڃي جيئن ڊاڪٽر نبض ڏسي سگهي.
اها ترڪيب سڀني پسند ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر آيو. هي پهريون موقعو هو جو ڪو ڌاريو مرد گهر ۾ اچي رهيو هو. زائفن جون بکايل نظرون درين ۽ دروازن جي وٿين مان ڊاڪٽر جي سنجيده چهري جو طواف ڪرڻ لڳيون ۽ گڏوگڏ ”رمارڪ“ به پاس ٿيندا رهيا.
”گنجو آهي ماريو.“
”آئي ڏسين نٿي؟ ٻه کنڀ مٿي ۾ تڏهن به انهن کي ڦڻوٽيءَ سان ڄمائي آيو آهي.“
”مهانڊن ۾ مڙئي ٺاهوڪڙو ٿو ڀائنجي پر نڪ هڻي ڪم ڊاهي ڇڏيو اٿس.“
”۽ ڏس ته! در جي وٿيءَ مان ٽانڊيءَ لڳي جي اک مون ۾ لڳي پئي آهي.“
”آئي! آئي!! ڏس ته سهي ماريو مون ڏانهن ڪيئن پيو نهاري.“
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي بيدرديءَ سان ”پوسٽ مارٽم“ ٿيڻ کان بيخبر ٿي کٽ تي پيل چادر جي سوراخ ۾ نظرون کپايو ويٺو هو گويا ٻانهن جو منتظر هو. آخر خدا خدا ڪري سوراخ مان ويڙهيل سيڙهيل ٻانهن نڪتي پر ڊاڪٽر به ڪو شرير ٿي ڀانيو تنهن نبض ڏسڻ بعد چيو ته زبان ڏسڻ به ضروري آهي.
اتي رئيس سڳورو ڍرو ٿيو. پردي جي پويان ڀيڻ جون ڪرڙيون اکيون ڏٺائين جنهن هوريان ”هون هون“ ڪئي. ڪريمت کي موڪليائين ته رئيس کي سڏي آ. رئيس پردي جي پويان ليئو پاتو، ڌياڻ چيس.
”مٺيس! وڏڙن جي ڪِري ڀڃي ڇڏيوَ، هاڻي پرايا ماڻهو ويٺا ڏسن.
”تون هاڻي ماٺ ڪري ويهه: خدا جو اٿئي، قسم ڪُڇ پُڇ نه، خلق نه مون تي کلاءِ، ڇوڪري جو منهن ڪري ڍڪ ته ڊاڪٽر زبان ڏسي.“
ان بعد ڊاڪٽر تفصيل سان ڇوڪريءَ جي حالت ڏٺي. جڏهن مرض کي ”هسٽيا“ جو نالو ڏيئي پڻس کي جلدي شادي ڪرائڻ لاءِ چيائينس ته ان وقت رئيس جو منهن ٽامڻيءَ وانگر تپي بنهه لال ٿي ويو، پر نهايت بردباريءَ سان سور پي ويو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن وري ڊاڪٽر گهرائڻ کان توبهه ڪيائون؛ پر حويليءَ ۾ ڊاڪٽر جون ست پڙهيون اڃان به پيون پٽبيون هيون، جنهن مڙساڻي وات نياڻي ڌيءَ جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي.
اڄ وري به ساڳي حالت هئس، پڦيس سيراندي کان هنج ۾ راحت جو مٿو رکيو ويٺي هئي.
”جيجان! تون رڙهي ويهه، آءٌ ٿي سڳوريءَ وٽ ويهان.“
”آئي کتل، آءٌ پنهنجن پيرنَ جي ڏِنيءَ کي ڪيئن ڇڏينديس، هي ساهه سڪائي ڀانڊو وڃي ٿي آهيان سو هن جي تڪليف ته نٿي ڏسي سگهان.“ ائين چئي چپن ۾ ڪجهه پڙهي راحت تي شوڪاريائين. راحت جي ماءُ نڻاڻ کي مشغول ڏسي موقعو غنيمت ڄاڻيندي پلنگ تان هيٺ پير کسڪايا، ۽ ڀر واري ڪمري ۾ رئيس وٽ وڃي ڏاڍي نماڻائيءَ سان چيائين:
”سائين نياڻي جو بار لاهيو کڻي اهڙي حالت ڏٺي نٿي وڃي، هڪڙي اکين آڏو اٿئون.“
نڻاڻس ڪمري مان ڀڻڪ ٻڌي ورتي، يڪدم رحت کي کتل جي والي ڪندي ڪوٺيءَ ۾ وارد ٿي، چي: ”آءٌ به ته ستن ڀائرن جي هڪڙي ڀيڻ هئس، مونکي کائي هڏ ڪري ڇڏيوَ تڏهن چيوَ ٿي ته اهو ڪهڙو ڄائو آهي جو پڳ ٻڌي وچ ۾ ويهندو؟ اسين ست ڀائر ڪو مري ويا آهيون ڇا؟ اسان جو هڏ چم کاءُ، راڄ ويٺي ڪر، هاڻي پنهنجو اولاد اٿوَ ته سيڪ ٿو اچيوَ ته بار لاهيون. سو آءٌ به مئي ڪونه آهيان، اڃا ويٺي آهيان. تون به خوش نه ٿي ڀاڄائي ته ڪو راحت لائون لهندي ۽ تون اکين سان ڏسندينءَ آءٌ جيستائين جيئري آهيان اهو هرگز ٿيڻ نه ڏينديس.“
”ڪوهه کڻي جهيڙو لاتو اٿو، هاڻي ماٺ به ڪنديون ڪي ڪونه. نه کڻي بانٺو مٿو ڦاڙي ٿو رکانوَ.“
”جڙيل هاڻي ٺهيو الله کي ياد ڪر. اها ڀاڄائي اوهيئن رڳو پاڻي ولوڙي، اڇو مٿو ٿي ويو اٿس، پر اڃا پائيءَ جو عقل ڪونهيس ڪو.“ ڌياڻ ڀاءُ جو موڊ بگڙندو ڏسي ڳالهه کي ٺاهيو. اوچتو رڙ ٿي. گولي ڊوڙندي آئي:
”سانئڻ جلدي هلو سڳوريءَ کي وري حساب ٿيو آهي.“
”مٺيس! امان ڇا ڪريان ڪوهه پئي ائين ڪرين. (ماڻس پلنگ ڏانهن چوندي وئي) آئي مونکان وير وٺو منهنجي نياڻي کان ڪوهه پيو وٺو.“
”ٺهيو ڀاڄائي هاڻي طعنا ڪوهه پئي ڏين، پري ٿي تون، آءٌ پاڻهي وڃڻي ٿي هڻانس.“ ڌياڻ ڀاڄائي کي پري ڪندي چيو.
ڌياڻ ڏاڍي خوفناڪ عورت هئي. ڳالهائڻ لاءِ سندس وات ڪجهه اهڙي انداز سان کلندو هو جهڙي طرح ليمن نپوڙڻ واري مشين جو کلندو آهي. پوري حويليءَ ۾ سندس رعب هو. مجال آهي جو سندس حڪم کانسواءِ ڳالهه هيٺ مٿي ٿئي. ڀائٽيءَ کي به ننڍي لاڪر نپايو هئائين. شادي ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ سندس هٿ ۾ هئي. پر هو شادي ڇا لاءِ ڪرائيس سندس ڀيري ته نه ڪو سوٽ هو نه ماسات، جو شادي جو سوال اٿيس ها. هن ڀيري به ته ڪير نه هو. پوءِ ڇا لاءِ ڌارين ۾ ڪرائي. راحت کي به خبر هئي ته سندس واهه ڪانهي. جيئن جيئن سندس عمر وڏي ٿيندي ٿي وئي، تيئن تيئن انهي ڳالهه جو احساس به شدت سان محسوس ٿيڻ لڳس. ننڍڙي ته ڪونه هئي؛ پورن پنجويهن سالن جي هئي. گهر ۾ هر قسم جي آرام هوندي به هوءَ ڏاڍي بيقرار رهڻ لڳي. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته چانديءَ جي تارن ۾ هن کي ايترو ته مضبوطي سان جڪڙيو ويو هجي جو سندس جسم تي زخم ٿي پيا هجن. هن جو وجود ئي هڪ تازو زخم بنجي چڪو هو. ڪم ڪندي ۽ ڳالهين ڪرڻ وقت ايترو سوچڻ تي هن کي هڪ عجيب قسم جو درد محسوس ٿيندو هو، اهڙو درد جنهنکي اگر هو چاهي ته بيان به نه ڪري سگهي. هن دفعي به سندس دوري جو اثر خودبخود ختم ٿي ويو. هاڻي پهرين کان به سندس گهڻو خيال رکيو ويندو هو. کٽ تان هيٺ پير رکڻ جي به کيس اجازت نه هئي. صبح شام کيس مٿي ۾ گرم گرم تيل سان مالش ڪئي ويندي هئي، مگر اها مالش به فائدو ڏيڻ بدران ابتو اثر ڪندي هئس. ويچاري نفيس نازڪڙي راحت، تنهائيءَ جي غم ۾ ڳرڻ لڳي. سندس دل ڄڻ ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي هئي. هوءَ ننڍپڻ ۾ پڙهيل چئن درجن واري علمي قابليت ڏانهن متوجہ ٿي، ليڪن کيس اتي به ڪجهه نه مليو. عشقيه ناول ۽ جذباتي شعر پڙهي هن تي وڌيڪ بيخودي ڇانئجي ويندي هئي. راتين جي ننڊ به اکين مان موڪلائي وئي هيس ۽ هوءَ ياس ۽ حسرت جي هڪ بيجان مورتي بنجي وئي هئي. هار سينگار کي کڏ ۾ اڇلايائين. هارسينگار ڪبو آهي ڪنهن تي رعب وجهڻ لاءِ، ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ لاءِ... ڀلا هوءَ اهي سڀ ڪنهن لاءِ ڪري ها. سندس پرڻيل سوٽيون ماساتون مهينن جا مهينا حويلي ۾ رهڻ لاءِ اينديون هيون مگر هوءَ ويچاري نياڻي ڌيءَ جا قيد ۾ ئي رهيل هوندي هئي. انهن کي ڏسي سندس رت جوش کائيندو هو، ڇاڪاڻ جو اهو مفت جو مال اڏائڻ، خريداريون ڪرڻ ۽ گهمڻ اينديون هيون.
مگر هوءَ؟ هن جي پنهنجي حالت انهن جي مقابلي ۾ ڪهڙي نه کوکلي هئي. هنجو ذهن صرف منجهيل خيالن جو مجموعو هو... ڪوبه اهڙو خيال نه هو جو هنکي زنده ۽ خوش رکڻ لاءِ سهارو ڏيئي سگهي... مگر هوءَ ڇا لاءِ جيئي؟... زندگي! رئيس زادي راحت جي زندگي جو هئي. جيئڻ هن جي نصيبن ۾ هو... ۽ پوءِ هوءَ جيئڻ لڳي... ۽ خوب جيئڻ لڳي- پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هن جو ڏٻرو جسم ڀرجڻ شروع ٿيو. ڳل چمڪڻ لڳا ۽ حسن ڦٽي نڪتو. هن جي زندگي ۾ چمڪ اچي چڪي هئي. سون، چاندي ۽ هيرن کان به گهڻي چمڪ. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته فضا ۾ ننڊون جذب ٿيل هجن. اهڙيون ننڊون، جن ۾ بيداري گهڻي هوندي آهي. سندس چوڌاري نرم نرم خواب ائين ويڙهيل هوندا هئا جيئن مخملي ڪپڙا. سندس ڪمري جي دريءَ جي ٻئي طرف هڪ نئون رستو ٺهي رهيو هو. هنجي زندگي ۾ به هڪ نئين راهه تيار ٿي رهي هئي. اڻڄاتل راهه... جنهن تي هلڻ لاءِ هن جو روح ازل کان بيقرار هو... هاڻي اها دري هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي... هن جي زندگي... هن جو سهارو، سڪون، ۽ هن جو قرار. هوءَ خوش هئي، بيحد خوش هئي. کيس اهو حل اوچتو ئي اوچتو هٿ آيو هو. بيماري جي ڏينهن ۾ سڀئي مٿس ڄڻ ته موهت هوندا هئا. سندس هر حرڪت کي اهو سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو هو ته من سندس روح پرچي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ ڏينهن پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ جا اهي طاق کولڻ جي همت ڪئي جن ڏانهن نظر کڻڻ به گناهه سمجهيو ويندو هو، ليڪن هن اهو سڀ ڪجهه چپ چاپ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪيو. جڏهن هن دري کولي ٻاهر ليئو پاتو تڏهن هڪ دفعو ته هوءَ ڏڪي وئي هئي، ننهن کان چوٽيءَ تائين. کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ڪري؟ لاچار هن دريءَ جي طاقن کي وري اڳي وانگر بند ڪري ڇڏيو ۽ کٽ تي ليٽي عجيب خيالن ۾ غرق ٿي وئي. گهڻي گهڻي وقت کان پوءِ کٽ تان اٿي الائي ڇو دري جا ٻئي طاق کولي ڇڏيائين. لهندڙ سج جي نرم روشني کيس وڪوڙي وئي ۽ سندس دل زور زور مان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هاڻي هوءَ هر روز شام جو دريءَ جا طاق کولي ڇڏيندي هئي. تازي هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا کيس ڏاڍا وڻي ويا هئا دل جي ڏڪڻي جيئن پوءِ تيئن گهٽبي وئي ۽ ان جي جاءِ تي اطمينان ۽ سڪون اچي واسو ڪيو هو. دريءَ جي هن ڀر هڪ نئو رستو جڙي راس ٿيو هو جنهن تي بيشمار گاڏيون، موٽر ۽ انسان پيا ايندا ويندا هئا پنهنجي ٽي ڌن ۾ پنهنجي ئي موج ۾... سهڻيون گاڏيون... فرحتي موٽرون ۽ عجيب انسان، خوبصورت، بدصورت، ضعيف ۽ صحتمند، هر قسم جا ۽ هر عمر جا.
هڪڙيءَ رات جڏهن آسمان ۾ فقط تارا ئي تارا پئي چمڪيا تڏهن زندگيءَ جي ان وهڪري ۾ هن پاڻ کي کڻي اڇلايو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس جسم ۽ روح تي جيڪي چانديءَ جون چمڪندڙ تارون ويڙهيل هيون اهي هڪدم ٽٽي پرزا پرزا ٿي ڪري پيون.
ساڻس گڏ هڪ سگهارو ۽ مضبوط نوجوان هو، جنهنجي کهري ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائيندي، هوءَ ان شاهراهه جي وسيع ۽ تيز وهڪري ۾ گهڻو تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي.

منزل

هر انسان پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن کي پنهنجي معاشري اهو شدت سان محسوس ڪرايو هو ته هو ذاتي طرح اِن لائق نه آهي جو پنهنجي زندگي بڻائي سگهي ڇاڪاڻ ته ابن ڏاڏن جي ڏتڙيل زندگي ۽ پراڻي ڪِرت ۽ انهن جي معاشري ۾ ڪريل حيثيت هُن آڏو ”واڳون ٿي وريام“ واري ڪيفيت جو پريشان ڪندڙ نظارو پيش ڪندي هئي. هُن کي محنت ڪش طبقي سان ڏاڍو چاهه ۽ رغبت هئي. جڏهن هو مئٽرڪ ۾ پهتو هو ته سندس سوڪس (شهريت) جي استاد جا خشڪ ۽ وار ڪانڊاريندڙ ليڪچر ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو، هنجو استاد جڏهن مزدور ۽ ڏتڙيل ڪلاس جي ماڻهن جي زندگي سڌارڻ جا جيڪي طريقا۽ اُپاءِ ڏسيندو هو، انهن، هنجي ذهن جي بند ٿيل دروازن جا ڪٽ چڙهيل ڪڙا ڏڪائي ڇڏيا هئا. هنجي ننڍپڻ کان ئي خواهش هئي ته مزدورن طبقي ۾ ڪم ڪندو. هن اهو اِرادو ڪيو هو ته تعليم سان گڏوگڏ نائيٽ شفٽ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ اپرينٽس جي حيثيت سان ڪم سکندو ۽ اڻ پڙهيل مزدورن کي پنهنجي استاد واري جذبن مطابق منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
مئٽرڪ جي نتيجي نڪرڻ کان اڳي ئي سندس پيءُ مل ۾ مشين تي ڪم ڪندي حادثي جو شڪار ٿي ويو. هنجي خيالن جي ”ڪاڪ محل“ پرزا پرزا ٿي پولار ۾ پکڙجي وئي هئي. هنجي لاءِ اهوئي هڪ رستو وڃي بچيو هو ته هو به پنهنجي پيءُ جيان مل ۾ مزدوري ڪري ۽ تعليم جاري رکي.
پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سندس چاچي مٿانئس زور ڀريو ته هو جلد از جلد نيروءَ سان شادي ڪري، جيڪا سندس ننڍي لاڪو نه فقط مڱ هئي پر هوءَ سندس چاهت ۾، چريو، چڪور به هو. چاچهس کيس اهو به چيو هو ته جيڪڏهن هو ترت شادي نٿو ڪري ته هو نيروءَ کي ٻي هنڌ پرڻائي ڇڏيندو هن نيروءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نٿي چاهيو ۽ ويهن ورهين جي عمر ۾ هن سان شادي ڪئي. شاديءَ کي چئن ورهين جو عرصو گذري چڪو هو پر هنن جو قرب ۽ چاهت اڄ به باک ڀني رابيل جيان نوخيز ۽ تازي هئي. هو هن جو ڪيڏو نه خيال رکندي هئي. ٿڪي ٽٽي جڏهن ڪم تان واپس ورندو هو ته هوءَ سندس مُرڪي ڏاڍي پاٻوهه مان آجيان ڪندي هئي، هن جا ڪارا گريس لڳل ڪپڙا لهرائڻ ۾ سندس مدد ڪندي هئي ۽ ماني ڳڀو ڪوسو ڪري پٽ تي ڳوڻي وڇائي جڏهن هو گڏجي ماني کائيندا هئا، تڏهن هو ٻئي پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو خوش قسمت ڀائيندا هئا. نيرو سچ پچ هئي به ته اهڙي، هن جا گهنڊڙي ڪاڪل ۽ ڪنڊڙيون اکيون جن ۾ سدائين هن لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو صبح جي صاف ۽ شفاف ڪرڻن جيان جهرمر ڪندو رهندو هو.
رات جا ٻارهن وڄي چڪا هئا هن پنهنجو ڪم ختم ڪيو. مل ۾ روزانه اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ بعد هن کي مهيني جي پگهار هڪ سؤ پنجهتر (175) رپيا ملي هئي. انهيءَ جي احساس هنجي دل ۾ ڪيتريون شمعون روشن ڪري ڇڏيون هيون... جن جي چمڪ سندس چهري مان پڌري ٿي رهي هئي.
ٻاهر سخت برسات پئجي رهي هئي... هن پنهنجي پراڻي پتلون جا پائنچا مٿي کنجيا... ڇنل بوٽ جا ڪشا ٽائيٽ ڪيا... مل مان ٻاهر نڪرڻ مهل هن ڏاڍي شان سان هڪ نظر آسمان تي وڌي، ۽ پنهنجي منزل ڏانهن پهچڻ جو رستو ورتو... هن جي جهوپڙي شهر کان ڪافي پرڀرو هئي... هو جلد کان جلد پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ بيقرار هو... ڪاري ۽ ڀيانڪ رات ۾ پنهنجي دراز قد ۽ مضبوط جسم ڪري، هو ڪنهن تاريخي داستان جو بهادر شهزادو معلوم ٿي رهيو هو... خسته حال شهزادو...! هن جا گهنڊيدار وار مينهن ۾ آلا ٿي سندس چهري ته پئجي رهيا هئا... ۽ هو ڏاڍي بي نيازيءَ سان بار بار انهن کي جهٽڪي، پري ڪندو رهيو... برسات سان گڏ طوفان به شروع ٿي ويو... کِنوڻ زور زور سان چمڪاٽ ڪرڻ لڳي... سڄو رستو ويران ۽ سنسان هو... ڪچي زمين تي پاڻي پوڻ ڪري مٽي جي هلڪي هلڪي خوشبو هن جي دماغ کي سرور پهچائي رهي هئي... اهڙو سرور هن کي نيروءَ جي ڪارن ڪارن زلفن کانسواءِ ڪٿي به نه مليو هو...! کِنوڻ جي چمڪاٽ هن جي مدهوشي ختم ڪري ڇڏي... هن کي ڪجهه خوف ٿيو... ڪٿي اها وِڄ سندس مٿان نه ڪري پوي... ليڪن کيسي ۾ پيل هڪ سؤ پنجهتر رپين جو احساس هن جي روح کي گرمائي رهيو هو... هن جا ٿڌا هٿ وري گرم ٿي ويا... هڪ خوشيءَ جي لهر هن جي جسم ۾ ڊوڙي وئي... هڪ سؤ پنجهتر رپين جي خيال سان گڏ هن جي اڳيان نيروءَ جو سانورو، مگر پرڪشش جهرو ڦري آيو... ننڍڙن ننڍڙن ٻن ٻارن جون معصوم شڪليون ذهن ۾ اڀري آيون... هن ارادو ڪيو ته هن ڀيري نيروءَ کي هن ضرور نيريون چوڙيون وٺي ڏيندو... ڪيترن ڏينهن کان هن کي مجبور ڪري رهي هئي ته شيشي جون نيريون چوڙيون وٺي ڏي... ليڪن فالتو پئسو نه هئڻ سبب هو سندس خواهش پوري نه ڪري سگهيو هو... سندس نازڪ ڪرائي ۾ نيريون ڇوڙيون ڪهڙيو نه سهڻيون لڳنديون ۽ برسات جي شپ شپ هن کي چوڙيون جي ڇم ڇم ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿي... هن کي ائين لڳو جيئن نيرو پنهنجون ٻئي ٻانهون هن جي گلي ۾ وجهي پيار سان پڇي رهي هجي...
”ڪيئن ٿي لڳان جان!...“
”بيحد حسين... دلڪش... بهارن جي راڻي...!“ هن جون بيتاب ٻانهون ازخود وڌي ويون... هن بي اختيار چئي ڏنو...جيئن خواب ڏسي رهيو هجي... هڪدم هن کي پنهنجي مدهوشيءَ جو خيال آيو... ۽ هن جا چپ مُرڪڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا... نيروءَ ۽ گهر جي تصور ۾ هن جي رفتار ڍري ٿي وئي هئي... هن وري پنهنجي رفتار تيز ڪئي... منزل اڃان پري هئي... هن جي جسم تي پيل ڦاٽل قميص مل مان نڪرڻ وقت ئي آلي ٿي پئي... سخت سردي هئي... ليڪن تصورات جي دنيا ۾ گم ٿيڻ سان هن کي انهيءَ جو احساس گهٽ ٿيڻ لڳو... ۽ چپن تي پيل مينهن جي ڦڙن تي هو بار بار پنهنجي خشڪ زبان ڦيرائي هڪ عجيب لطف کان سرشار ٿيندو رهيو... هو وري سوچڻ لڳو... نيرو ڪيترن ڏينهن کان هن کي فلم ڏسڻ لاءِ چئي رهي هئي... ليڪن هي هميشہ نٽائيندو رهيو... هنجي دل چوندي هئي ته نيرو کي وٺي وڃي... ليڪن گهر ۾ ٻن ٻارن کي ڪير سنڀالي ها، ۽ گڏ وٺي وڃڻ سان انهن جي روئڻ جو انديشو هو، ۽ پوءِ ماڻهو خبر ناهي ڇا ڇا چون ها... ليڪن سڀاڻي ٻارن کي به وٺي ويندس... انهن کي کٽمٺا ۽ ٽافيون جام وٺي ڏيندس، پوءِ هو نه روئندا... هن دل ئي دل ۾ ارادو ڪيو...
اچتو هڪ زوردار ۽ دل ڏاريندڙ ٺڪاءُ جو آواز بلند ٿيو... ائين محسوس ٿيو، جيئن پوري جهنگ کي باهه لڳي وئي هجي...! هن جي مضبوط دل دهلجي وئي... هن کي پنهنجو ساهه مشڪل سان کڄندو محسوس ٿيو... ليڪن هن هڪدم پاڻ تي قابو پاتو...“ توبهه... ڪهڙي نه خوفناڪ کنوڻ هئي...!“ هن چيو.
ڪارخاني وارو ڪچو رستو ختم ٿي چڪو هو. هن پڪي رستي تي پير رکيا... پاڻيءَ ۾ پوڻ ڪري بوٽ جو ڇڄل ترو ويتر ڇڄي پيو... هن اهو بوٽ اتي ئي ڦٽو ڪرڻ ٿي گهريو ليڪن انهيءَ خيال کان ته شايد مرمت ٿيڻ سان ڪجهه وقت نڪري وڃي، پاڻ سان گڏ هٿ ۾ کنيو... پڪي رستي جي ٻنهي پاسي وڏيون بلڊنگون هيون... اُنهن کي ڏسي هن کي پاڻ جهڙن غريبن جون جهوپڙيون ياد اچي ويون... صاف ڪشادا رستا ڏسي هن کي شڪسته حال گهٽيون ياد اچي ويون، جتي انسان جيتن ۽ ماڪوڙن وانگر ليڙن ۾ ويڙهيل زنده لاش آهن... ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻڪ حالات ۽ مجبورين انهن کان بدحاليءَ جو احساس به کسي ورتو هجي... هن جي جهوپڙي اگرچه انهن کان پري هئي، جت آبادي گهٽ هوندي آهي، ليڪن تنهن هوندي به غريبي ۽ مفلسي واريون حالتون ته ساڳيون هيون هن پاڻ جهڙن غريبن کي بيماري ۽ گندگيءَ کان بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي. مل جي يونين سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت سان، هو ليبر ويلفيئر آفيس ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺل شهر ۽ مزدورن جي حفاظت جي ٺيڪيدارن کي درخواستون لکي موڪليندو رهيو... اتي جي حالتن کان آگاهه ڪندو رهيو... ليڪن انهن کي ڀلا ايتري واندڪائي ڪٿان آئي...! انهن ويچارن جو ته سڄو وقت انهي غور ۽ فڪر ۾ گذري ويندو هو ته واٽر ٽئڪس، بجلي ٽئڪس، روٽ ٽئڪس ۽ ڪهڙين ٽئڪسن ۾ ٻيو ڪيترو اضافو ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ميونسپالٽيءَ جي اوچي عمارت اڃان به بلند ٿي سگهي- ۽ مل جي چمنين ۾ اڃان به اضافو ٿئي. ڪاش هو انهن کان پڇي سگهي ته... ته... هو اڳتي ڪجهه سوڇي نه سگهيو... ڇو جو هن کي ڪجهه پڇڻ جو اختيار نه هو. هو غريب هو. غريبن جي زبان تي تالا چڙهيل هوندا آهن... جن جي ڪنجي سرمايه دارن جي هٿن ۾ هوندي آهي... هن ٿڌو ساهه ڀري انهيءَ ڳالهه کي فراموش ڪرڻ چاهيو.
هو فٽ پاٿ تان هلي رهيو هو... مٿان بلڊنگ مان ٽهڪن جو آواز اچي رهيو هو... هن مٿي نهاريو... دريون کيل هيون... بجلي جي تيز روشني فٽ پات تي پري تائين پکڙيل هئي... نيري رنگ جا ريشمي پردا هوا جي زور تي درين تي لرزي رهيا هئا- هو هڪ لمحو اُتي شيڊ هيٺان بيهي رهيو... نيرن پردن کي ڏسي هن کي نيرو ياد اچي وئي... ”ڪاش...!“ دل جي حسرت ”ڪاش“ بنجي هن جي زبان تي آئي... ۽ هو وري سوچڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو...!
”هن وقت اهڙي رات ۾ هلڻ بجاءِ پنهنجي بلڊنگ ۾ آرام ڪيان ها... نيرو شان سان ڪنهن نيري چادر واري پنلگ تي سمهيل هجي ها... ۽ ...۽...“ تصور ئي تصور ۾ هو ڪنهن ٻي دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو ٽهڪن جو آواز بلند ٿيو... ۽ اُهي زور زور سان ڏنل ٽهڪ مدهوش انسان جا لڳي رهيا هئا... جن مان شراب جي مستي ظاهر ٿي رهي هئي... هو هوش ۾ آيو... ۽ حقارت جي نظر بلڊنگ تي وجهي اڳتي روانو ٿيو...
”هون... آءٌ به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان؟“ هن پنهنجو پاڻ کي مخاطب ٿيندي چيو-
”منهنجي نيرو ڪنهن پاڪيزه ۽ انهي کان به عاليشان عمارت ۾ رهندي... جهڙي طرح نيرو آسمان هر شيءِ کان مٿاهون آهي، اهڙي طرح منهنجي نيرو جي بلڊنگ دنيا جي سڀني بلڊنگن کان بلند هوندي... ۽ انهيءَ بلڊنگ جو نالو به اهڙو رکندس جو نيروءَ جي نالي سان ٺهي اچي... ها... “Blue moon villa”... چنڊ جهڙي نيرو جي بلڊنگ لاءِ اهوئي نالو مناسب ٿي سگهي ٿو...! “
تصور ۾ هن اڳيان هڪ اوچي نيري رنگ جي بلڊنگ ڦرڻ لڳي، “Blue moon Villa”جا نيرا اکر انهيءَ تي تارن وانگر چمڪي رهيا هئا... درين ۽ دروازن جا نيرا نيرا پردا هن اڳيان لهرائڻ لڳ.... ٿڪجي وڃڻ ڪري هن جي دل ۾ اها خواهش اُڀري آئي ته جيڪر هو انهن نيرن نيرن پردن ۾ ويڙهجي سمهي پئي. پر... پر کيس فوراً پنهنجي ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ جو خيال آيو، جنهن ۾ هڪ پراڻي کٽ، هڪ پيتي ۽ ٻن چئن جستي ٿانوَن کانسواءِ ڪجهه به نه هو، هن جون اکيون ڀرجي آيون... هنجي مينهن ڀڳل چهري تي لڙڪ ڪري پيا.... اوچتو هن کي خيال آيو... گهر ۾ ته ڏيو به ڪونه ٻرندو هوندو... نيرو تيل آڻڻ لاءِ چيو هئم پر ڪم تي وڃڻ جي تڪڙ ۾ ڳالهه وسري وئي... اوندهه ۾ ٻار ۽ نيرو گهٻرائجي رهيا هوندا.... نيرو ته شروع کان وٺي ڊڄڻي هئي.... شاديءَ کان اڳ جڏهن آءٌ ۽ نيرو باغ ۾ ويا هئاسين ته اوچتو برسات پوڻ تي هوءَ ڪيترو نه پريشان ٿي وئي هئي.... ۽ کنوڻ جي آواز تي هو بي اختيار گهٻرائجي مونکي چنبڙي پئي ۽ فوراً ئي شرم جي احساس کان الڳ ٿي وئي... مون کي سندس اها ادا ڏاڍي پسند آئي-!!
هن جي رفتار ٿي وئي... خبر ناهي ڇو هن جا قدم تکو تکو گهر پهچڻ جي بجاءِ سست ٿي ويا... حسين تصور کي ختم ڪري هُن وري هوش جاءِ ڪيو.... ۽ ڳريون ڳريون وِکون کڻڻ لڳو.
”توبهه آهي... مان به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان... ڀلا اڄوڪو ڏينهن ئي رهجي ويو آهي ڇا تصور ڪرڻ لاءِ؟.... هوءَ منهنجو انتظار ڪري رهي هوندي، مون کي جلد گهر پهچڻ گهرجي...“
هن جي رفتار وري تيز ٿي وئي... منزل قريب ٿيندي ٿي وئي.... هو هلي رهيو هو... هن سان گڏ ڪڪر به هلي رهيا هئا... مينهن جي رفتار پهرين کان گهٽ هئي، چنڊ ڪڪرن جي گرفت کان آزاد ٿي ائين ڊوڙي رهيو هو جيئن هڪ نازڪ هرڻي شڪاريءَ کان گهٻرائجي ڊوڙندي هجي....
هن کي وري خيال آيو ته نيرو ۽ ٻار تنهائيءَ ۾ گهٻرائجي رهيا هوندا.... نيرو چلهه تي منهنجي ماني گرم ڪري رکي هوندي... ڪيترو نه خيال رکندي آهي منهنجو... جيستائين آءٌ گهر نه پهچان، هو جاڳندي رهندي آهي... منهنجي انتظار ۾ ماني به نه کائيندي آهي... ڪيترو نه پيار ٿي ڪري...! هن وري چنڊ ڏانهن نهاريو، هو ڀڄي رهيو هو... ڪڪر هن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ بيتاب هئا...
آهه! ويچارو چنڊ!!“... هن کي چنڊ جي حالت تي رحم اچي ويو...
هن جي منزل چند قدمن جي فاصلي تي هئي... آسمان تي وڌيڪ ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا... وِڄون به چمڪي رهيو هيون... چنڊ ڪڪرن جي گرفت ۾ اچي چڪو هو... هڪ دفعو وري هر شي تي انڌيرو غالب اچي ويو. هن جا قدم رڪجي ويا... هن جي منزل اچي وئي!... وڃ چمڪي... هن انهيءَ جي روشني ۾ ڏٺو... سندس جهوپڙي ڍير ۽ رک جي صورت ۾ هن اڳيان پئي هئي...!! ڪجهه دير پهرين واري زبردست وڄ هن جي آشياني کي هميشہ لاءِ جلائي ڇڏيو...!!!

ڀُوري وَڇ

گُلڻ پٽ، هولي هولي آوين ڪندي نه لڳني“ لاباري ڪرڻ ۾ مشغول جانڻ پنهنجي ننڍڙي پٽ کي ايندو ڏسي پريان هڪل ڪئي... پر جيئن کيس تسلي نه ٿي هجي ۽ هو ڏاٽي کي اُتي ئي رکي پنهنجي پٽ کي هنج ۾ کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو...
پيءُ کي ويجهو ايندو ڏسي گلڻ پنهنجا ننڍڙا هٿ وڌايا... ۽ پڻس قرب مان کيس هنج ۾ کڻي ڪري ڇاتيءَ سان لاتو...
”ابا... تين دير ڪيون ڪيتي، ميڪون ڏاڍي بک لڳي اي...“ گلڻ شڪايت آميز لهجي ۾ چيو.
”بس جاني! باقي ٿولڙا ڪمي، اِجهو گهڙي وچ تيڏي ڪاڻ انب ڳڌي پيا آندان، تستائين تون وڃ راند ڪر“... هن گلو کي سمجهائيندي چيو ۽ کيس ٿورو اڳڀرو ڪري، واپس پنهنجي جاءِ تي اچي ڏاٽو سنڀاليائين ۽ ڪم کي لڳي ويو... ڳوٺ جا هاري مرد ۽ عورتون به هن سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا... سندن چهري تي شادماني هئي... ليڪن ه جون اکيون پرنم هيون، هو ڪجهه سوچي رهيو هو...
هو سچي رهيو هو ته اڄ جيڪڏهن گلوءَ جي ماءُ زنده هجي ها ته کيس ٿوري به بک محسوس نه ٿيڻ ڏئي ها... ليڪن هن کي ٽي سال ٿي چڪا هئا جو هوءَ گلوءَ کي ٻن ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڇورو ڪري هلي هئي....
سج مٿي اچي چڪو هو... گهر وڃي هن کي گلو لاءِ ماني پچائڻي هئي...
اهو سوچي هن پنهنجو ڪم ختم ڪيو ۽ پنهنجي جهوپڙي ڏانهن روانو ٿيو، جيڪا واه جي ڪپ تي هئي...
رستي تي هن گلوءَ لاءِ انب به ورتا... ۽ تکا تکا قدم کڻندو اڳتي وڌيو...
”او گلڻ، گلڻ! ڏيک مائين تيڏي ڪاڻ انب گهِن آيا هان... ”هميشہ وانگر گهر جي ويجهي دڳ تي بيهي گلو کي سڏڻ لڳو...
پر گلو هن دفعي هميشہ وانگر ڪونه آيو... هن وري به سڏ ڪيو.
”او گلڻ سگهي آ، ڏيک مين تيڏي ڪاڻ انب گهن آيا هان....“
گلڻ نه آيو... هن کي ڪجهه تشوش ٿي... اڳتي وڌيو... هن ڏٺو سندس جهوپڙي جي ويجهو واهه جي ڪپ تي ٻار راند ڪري رهيا هئا.... ڪن وٽ ننڍيون وڇون به هيون جن کي هو واهه تان پاڻي پياري ۽ وهنجاري رهيا هئا... گلو اُنهن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو.
هڪ ڀوري ننڍڙي مينهن هن کي ڏاڍي ٿي وڻي... هن جو پيءُ هن کي جهوپڙيءَ جي ڀرسان بيهي ڏسي رهيو هو... هن کي پنهنجي پيءُ جي اچڻ جي خبر نه پئي... گلو ٿورو اڳتي وڌيو... ۽ ڪپ تي اچي انهيءَ ڀوري مينهن کي پيار ڪرڻ لڳو...
”ڇوڙ ڇوڙ ميڏي مينهن ڪون هٿ نه لاءِ ”غلامون هن جي هٿ کي، جيڪو هو پيار مان مينهن جي مٿان ڦيرائي رهيو هو هو اڇلي چيو.
هن جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.
”روندا ڪيو هين، ايجها سڪيلڌا هين ته پيو ڪون آک چا نه، ته گهِن ڏيوئي.“
جانڻ، جنهن اهو سڀ ڪجهه پي ڏٺو، وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، سندس چپ، غم ۽ افسوس جي شدت کان ڏڪڻ لڳا، هن هڪدم اڳتي وڌي گلو کي هنج ۾ کنيو، ۽ پيار مان هنجي پيشاني کي چمڻ لڳو، گلو جا لڙڪ جيڪي اڃان اکين ۾ اٽڪيل هئا، شفيق پيءُ جي هنج ۾ وڃڻ سان ڪري پيا. هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.
هن جي پيءُ غريبيءَ سارو سندس پرورش ڏاڍي ناز سان ڪئي هئي، کيس ڪڏهين به دڙڪو نه ڏنو هو، اڄ پنهنجن پنجن ورهين جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پهريون ڀيرو غلامو کان ڇڙٻ کاڌي، اها هن لاءِ ڏاڍي ڏک جو باعث ٿي، پر هن سڏڪن تي قابو پائيندي پيءُ کي چيو: ”ابا! ميڪون ننڍڙي ڀوري مينهن گهِن ڏي.“
”نه رو، جاني! مين تيڪون اهڙيان کوڙ ميهان گهِن ڏيسان.“جانڻ هن جي دل رکڻ لاءِ چيو. اڄ پهريون دفعو هن کي پنهنجي غريبي ۽ مجبوري جو شديد احساس ٿيو، چار پئسا ڪمائڻ وارو جانڻ ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آڻي جو پنهنجي پٽ لاءِ مينهن خريد ڪري سگهي.
هن دل ئي دل ۾ خدا کان دعا گهري ته هو کيس ايترو سرمايو ڏئي، جنهن سان هو اهڙن هزارن گلڻن جون خواهشون پوريون ڪري سگهي. پر انهيءَ سان گڏ کيس سرمايه دارانه ذهنيت کان پناهه ۾ رکي-!
گلو هن جي سيني ۾ مٿو لڪائي روئندو رهيو ۽ هو کيس دلاسا ڏيندو پنهنجي جهوپڙي ۾ وٺي آيو، گلوءَ کي منجيءَ تي ليٽائي پاڻ ماني پچائڻ لڳو.
ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر گلو جي خواهش پوري نه ٿي. هو لڳاتار ننڍڙي ڀوري مينهن لاءِ ضد ڪندو ۽ روئندو رهيو، هو ٻار هو، پيءُ جي مجبورين جي هن کي ڪهڙي خبر!
واهه جي ڪپ تي ننڍڙين وڇن کي ڏسي گهڻيئي دفعا هن چاهيو ته انهن کي وڃي پيار ڪري، پر غلامو جي ڇڙٻ هن جي ننڍڙي ذهن ۾ نقش ٿي چڪي هئي، ۽ هو ملول رهڻ لڳو. پيءُ جي دلاسن ۾ هن کي ڪابه اميد نظر نٿي آئي.
پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، جانڻ ڏاڍو پريشان هو، هن قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بکئي کي ڪير ٿو قرض ڏئي!- هن پئسا گڏ ڪرڻ ٿي چاهيا، پر ائين به نٿي ڪري سگهيو. الائي ڪيترن ورهين ۾ وڃي مينهن خريد ڪرڻ جيترا پئسا گڏ ٿين.
تيستائين گلو ڪيئن ڪندو! لاچار ٿي هن گلو جي ماءُ جي آخري نشاني، نٿ وڪڻڻ چاهي، جيڪا هن انهيءَ اميد تي سنڀالي رکي هئي ته جڏهن گلو وڏو ٿيندو تڏهن سندس زال پائيندي. هاڻي جيستائين گلو وڏو ٿي پرڻجي: تيستائين هو هن کي روئندو نٿي ڏسي سگهيو، ۽ سوا سو جي نٿ سو ۾ وڪڻي هن گلوءَ لاءِ ننڍڙي ڀوري وڇ خريد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
واهه جي ڪپ تي ننڍڙي سهڻي ڀوري وڇ سان گڏ پنهنجي پٽ کي ڏسي، هن جون اکيون ٺرنديون هيون، هن جي دل چوندي هئي ته اهڙيءَ طرح کيس خوش ڏسندي هن جي زندگي گذري وڃي.
پر ائين ڪٿي ٿي ٿي سگهيو. هن کي هر هلائڻو هو، زمين کيڙڻي هئي ٻج پوکڻو هو، اهو سوچي هو اٿي کڙو ٿيندو هو.
گلو هاڻي بيحد خوش هو، سندس چهري تي سڄي دنيا جي شادماني هئي، ۽ سندس اکين ۾ فخر ۽ خوشي جي چمڪ هئي، هو پنهنجي وڇ کي ”ڀوري“ ڪري سڏيندو هو، هوءَ هئي به ته ڀوري، سندس پيشانيءَ تي هڪ اڇو ٽڪو هوندو هو، جيڪو هن جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو هو. سندس سنهري سنهري وار سج جي روشنيءَ ۾ سون جي تارن وانگر چمڪندا هئا، گلو واهه جي ڪپ تي هر وقت هن سان گڏ هوندو هو، هو ڊڪندو هو ته ڀوري به سندس پويان ڊڪندي هئي ۽ جڏهن هو ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندو هو ته ڀوري به هن وٽ اچي بيهندي هئي ۽ پنهنجي زبان سان هن جا ڪن ۽ ڳل چٽڻ لڳندي هئي. اهي ٻار، جن جي مينهن کي گلو حسرت جي نظرن سان ڏسندو هو، سي هاڻي هن کي رشڪ جي نظر سان ڏسندا هئا... هن جي ڀوري هئي به ته اهڙيءَ، جو ماڻهن کي مٿس رشڪ اچي وڃي... سڄي ڳوٺ ۾ گلوءَ جي ڀوري جي خبر پکڙجي وئي هئي. اهڙي خوبصورت وڇ ڪنهن وٽ به ڪانه هئي... ۽ گلو کي انهيءَ تي فخر هو...
”سائين ڇا ٿا پڇو، بس ڪو مينهن جو ٻچڙو نه آهي! ڄڻ ته ڪا حور آهي حور! ڏاڍي ملوڪ آهي... اهڙيون مينهون ته سائين جن جي وٿاڻ ۾ ئي سونهن“ ڪمدار ”ڀوري“ جي تعريف وڏيري دلدار اڳيان ڪندي چيو....
”جي ائين آهي ته تو اسان کي پهرين ڇو نه ٻڌايو؟“ وڏيري هڪ ڀرؤن آڪڙ وچان مٿي ڪندي چيو.
”سائين، مينهن ته برابر ملوڪ آهي پر هو وڪڻندائي ڪين.“
”ڪير ڪونه وڪڻندو... ڪنهن جي مجال جو اسان کي انڪار ڪري سگهي“ وڏير مڇن کي ٽرين جي سگنل وانگي کڙو ڪندي رعب وچان چيو.
”سائين ٻڌو اٿم ته هن پنهنجي پٽ لاءِ ڏاڍن سورن سان ورتي آهي. ۽ پٽس جي هن سان ڏاڍي دل آهي.“
”پر آهي ڪنهنجي؟ ڳالهه ته ڪر.“
”سائين اهو، پنهنجو هاري آهي نه، جانڻ، انهي جي آهي.“
”هه. هه. ها.... (وڏيري ٽهڪ ڏيندي چيو...) ڪمال ٿو ڪرين ڪرڙ خان ڀلا هو به ڪو اسان کان پري آهي. سڏي اچينس ته اسين هن وقت ئي سودو ڪريون.“ وڏيري حڪم ڪيو.
”سائين منهنجي پٽ جي وڇ سان ڏاڍي دل آهي... آءٌ هن کي ڪيئن وڪڻندس.“
”نه جانڻ، ائين ڪيئن ٿيندو، اسان جنهن ڳالهه ۾ هٿ وجهون، اها ڪڏهن به اڌ ۾ نٿي رهي سگهي.“ توکي هر حالت ۾ وَڇ وڪڻڻي پوندي. وڏيري حڪم ڪيو....
”صفا ڪو بکيو آهين، هڪڙي وَڇ ڪاڻ ساهه ٿو نڪرئي... اسان جو سائين سر گهري ته به حاضر ڪري ڏيونس...“ ڪمدار هشي ڏياري.
”سائين رحم ڪريو- منهنجو هڪ ئي ٻچڙو آهي....“ هن ڪمدار جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو...
”اسين وڌيڪ ڪجهه نٿا ٻڌڻ گهرون... واهه جو اسان جي احسانن جو بدلو ٿو ڏين... اسين زبردستي به ڪري سگهون ٿا. پر اها اسان جي شرافت آهي جو توکي سمجهايون ٿا...“ وڏيري کي غصو اچڻ لڳو ”سائين...! هن جي سر جهڪي ويو.
غريبي اميري اڳيان مجبور ٿي وئي... سو رپئي ۾ سودو ٿي چڪو.
ڪرڙ خان، جانڻ سان گڏ سندس گهر آيو. گلو گهر ۾ ڪونه هو... هن جا قدم واهه ڏانهن کڄيا. ڪمدار به گڏ هو. گلو پريان ڀوري کي پاڻي پياري رهيو هو... جانڻ هن کان ڀوري وٺي ڪمدار جي حوالي ڪئي....
گلو پٽ تي ليٿڙيون پائڻ لڳو..... ۽ روئي روئي ساڻو ٿي پيو. پڻس هن کي گهڻوئي سمجهايو ۽ ٻي وڇ وٺي ڏيڻ لاءِ چيو، پر هن نه مڃيو ۽ ڀوري ڀوري ڪري، زور سان روئڻ لڳو... ڀوري هن کي نٿي ڇڏڻ چاهيو... پر ڪمدار کيس زوري رسي کان گهلي وٺي هليو...
”ميڏي ڀوري ڪون گهن ڳيا، ابا؟... ا... ب... ا... ميڏي ڀوري ولوا ڏي...“
هن کي سخت بخار هو... سندس جسم باهه وانگي ٻري رهيو هو... بيهوشيءَ جي حالت ۾ رکي رکي هن ڀوري جو نالو ٿي ورتو... هن جي اکين مان لڙڪ ٿي لڙيا.... هنجو ڳاڙهو گلاب جهڙو رنگ، نرگس جي گلن وانگر زرد ٿي چڪو هو....
ڀريل ڳل ڪومائجي چڪا هئا...جن چپن تي شادماني رقص ڪندي هئي اتي اداسائي کانسواءِ ڪجهه نه هو. هو ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو.
هڪ رات هن جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي... هو تمام آهستي آهستي ساهه کڻي رهيو هو... ڪجهه گهڙين جو مهمان نظر ٿي آيو... پڻس کان اها حالت نٿي ڏٺي وئي...
هو اٿيو... پنهنجي جهوپڙي مان نڪري وڏيري جي وٿاڻ ۾ ويو... آهستي آهستي چورن وانگر قدم کڻندو... وڏيري جا ماڻهو سڀ کٽن تي ستا پيا هئا... هن چوڌاري نظر ڦيرائي... هڪ طرف ڀوري هن کي نظر آئي هو هن ڏانهن وڌيو... ۽ رسيءَ کي ڪلي مان کوليو... ڀوري هن کي سڃاتو ۽ پنهنجي ڪنڌ خوشيءَ وچان هيٺ مٿي ڪرڻ لڳي... چانڊوڪي رات ۾ سندس پيشانيءَ جو اڇو ٽڪو چمڪي رهيو هو...
جانڻ جي دل بيمار پٽ جي خيال کان ٻڏي رهي هئي... هن کي ٻيو ڪو خيال نه هو... رڳو پنهنجي ٻچڙي جي زندگي جو خيال هوس... هن جو هڪڙو معصوم ٻچو... هن جي زندگي.
هو وٿاڻ مان آهستي آهستي نڪري رهيو هو... سندس جسم مان پگهر ريلا ڏيئي پئي نڪتو... سندس پير ڪليءَ سان ٻڌل هڪ مينهن جي رسي ۾ وڃي اٽڪيو.... ۽ هو ٿاٻڙجي وڃي ڪتر جي کوکي مٿان ڪريو... هن جي ڪرڻ جو زور سان آواز ٿيو... وڏيري جا ماڻهو اُٿي کڙا ٿيا....
”چور... چور... پڪڙيوس... مال چورائڻ آيو آهي... او اهو ٿو وڃي... متان ويو آهين....“
مختلف آواز اچڻ لڳا.
هن ڀوري کي جهلي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي... پر هڪدم پڪڙيو ويو... مٿس ٿڪ لعنت شروع ٿي وئي... خوب ڌڪ هنيائونس. جانڻ بلڪل نستو ٿي چڪو هو ۽ هوڏانهن پٽس به ڀوري ڀوري ڪري پنهنجا آخري پساهه پورا ڪري چڪو هو... ٻئي ڏينهن ڳوٺ ۾ خبر پکڙجي وئي ته جانڻ وڏيري جي وٿاڻ مان مينهن چورائڻ آيو هو جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ٽي سال سخت پورهئي سان جيل ڪاٽڻو پوندو...!

شڪي

اسان کي هن ننڍڙي، نهايت ئي دلڪش علائقي ۾ آئي ٿورا ڏينهن ٿيا آهن. هر طرف پهاڙن جا سلسلا نظر نهار تائين پکڙيل آهن... مان جڏهن به انهن کي ڏسندي آهيان تڏهن انهن تي هڪ نور ڇانيل نظر ايندو اٿم. ڇهن سالن جي طويل عرصي بعد، جڏهن ٻيهر اسان هن سر زمين تي قدم رکيو، تڏهن ائين محسوس ٿيو ڄڻ، اهي پهاڙ اسان جي آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيا هجن ۽ هڪ شفيق ۽ مخلص بزرگ وانگر دعائون ڏيئي رهيا هجن- پهريون دفعو مون ۽ شاد هڪٻئي کي اتي ئي ڏٺو هو. حالات ڇا هئا؟ اسان جي ملاقات جو اتفاق ڪيئن ٿيو؟ انهيءَ تفصيل سان ڪهڙو مطلب. مگر ايترو سو چونديس ته اهو ڏينهن اسان هڪ ٻئي ڏانهن خاموشيءَ سان نهاريندي گذرايو هو پوءِ اسان جي اهائي بي زباني زبان بنجي وئي هئي.
شهر هتان کان پنج ميل کن پري آهي. ويجهڙائي ۾ ٻيو ڪو اهڙو گهر ناهي. سرونٽ ڪواٽر ۾ مالهيءَ جي زال راڻي رهندي آهي. ويچاري ڏاڍي غريب آهي. گهر جي ڪم ڪار ۾ منهنجو هٿ ونڊائيندي رهندي آهي. ٻاهريون ڪم، جهڙوڪ ڀاڄي وغيره آڻڻ، اسپتال جا نوڪر ڪندا آهن. گهر ۾ سواءِ بورچي مصريءَ جي ٻيو ڪو به نوڪر ناهي منهنجو روز جو معمول آهي ته صبح جو اٿي شاد کي اسپتال وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ ۾ مدد ڏيڻ، ناشتو تيار ڪرڻ، گهرداري ڪرڻ، فرصت جي وقت ڪو مشغلو کڻي ويهڻ ۽ ڪڏهن ته بس صرف سوچڻ ئي هوندو آهي. دراصل سوچڻ به هڪ سٺو مشغلو آهي. بعض دفعا حقيقتن کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملندي آهي يا ائين کڻي چئجي ته حقيقتون قريب اچي وينديون آهن.
مان سوئٽر ٺاهڻ ۾ مشغول هئس، ٻيڪڙيل دورازي جي کلڻ تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ويو، ڏٺم ته راڻي اَجرڪ ۾ ويڙهي سيڙهي اکَڙي ڪڍيو بيٺي آهي. مونکي کل اچي وئي.
”اچ، اچ، راڻي، بيٺي ڇو آهين. ڀلا اکڙي ڪڍڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هت توکي ڪير ٿو ڏسي!“
”ڇا ڪريان، بي بي،“ راڻي موڙو ڏيندي چيو.
”ماريو چئي ٿو ته اجرڪ ويڙهي ۽ اکڙهي ڪڍڻ کانسواءِ ٻاهر نڪتي آهين ته ٻئي ڄنگهان ڍڪڻين سميت جهوري ڇڏيندو مانءِ.“
”ماريو!“ مون حيران ٿيندي پڇيو. ”اهو ڪير آ راڻي؟“
”اهوئي، مون وارو ڪُرڪيو ڪانڌ.“
”خير ته آهي، تون ويچاري کي ائين ڇو ٿي چئين؟“
”ٻيو وري ڇا چوانس، ڏاڍو ٺاريو آ عزرائيل.“
”ڇو ڇا ڪيو آهيس؟“ منهنجي دلچسپي وڌي.
”منهنجو رت سڪائي ڇڏيو اٿس... ڏسو ٿا، هي منهنجا حال ڪهڙا ٿيا آهن.“ هن پنهنجي ڪمزور جسم ۽ ڦاٽل ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”توکي ڪهڙو ڏک آهي راڻي؟“ مونکي هاڻس ساڻس همدردي ٿي رهي هئي.
”وڏو ڏک ته مونکي اهو آهي ته منهنجي مائٽن جو ڪهڙو اٽو کٽو هو جو منهنجو پلئه هن جهڙيءَ شڪيءَ مرد سان اٽڪائيون.“
”سمجهيم، ته تنهنجو مڙس شڪي آهي!“
”ها، بي بي انهي سورن نه ڪٿي اچان نه وڃان. توهان وٽ سو ڇڏيم ٿو، تڏهن به اجرڪ ڍڪائي منهن ويڙهڻ کانسوءِ نٿو ڇڏي. هاڻي ڪير سمجهائي ته اٺن ٻارن جي ماءُ تي اهو شڪ ٺهي ٿو.“ راڻي ڳالهه پوري ڪري ٿڌو ساهه کنيو.
مون ڪيئي دفعا راڻيءَ جي مڙس ڀوري کي باغ ۾ ڪم ڪندي ڏٺو هو. ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو سڌو ۽ غريب پئي آيو، شڪل جي خيال کان به ٺاهوڪو هو، سگهارو ۽ صحتمند. راڻي انجي بلڪل ابتڙ هئي، ڪمزور ڪوجهڙن نقشن واري، جنهن کي ڀوري جي ڏکن چاليهارو وريهن جي بدران پنجاهه جي قطار ۾ اچي بيهاريو هو. پوءِ هي شڪ ڇا جو؟ مونکي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو. اڃا راڻي ڀوري تي شڪ ڪري ته به کڻي جڳائي- پر راڻي ٺاهوڪڙي هجي ته پوءِ ڀوري جو شڪ به ٺهي.
مونکي گهڻي دير کان ماٺ ڏسي راڻيءَ چيو ”ڇا پيا سوچيو بي بي.“
”ڪجهه به نه راڻي. تون ڪيتري نه ڏکي آهين... ڪيتري نه تڪليف ۾ آهين.“
”بس دعا ڪريو ته حياتيءَ جا ڏينهڙا جلد پاري ٿين.“
”آخر ڀورو ايترو شڪي ڇو آهي؟ تون سمجهائينس ڇو نٿي.“
”مان ڇا سمجهايانس- هو مونکي انهيءَ لائق ئي نٿو سمجهي، ڪوبه مرد ڀل ڀاءُ پٽ ٿي ڳالهائي تڏهن به ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندم. هينئر توهان وٽ ايندي آهيان ته مصريءَ کي ڀاءُ پٽ ڄاڻي آءُ به ٿانوَ ڌئاري وٺندي آهيانس. خبر پئيس ته سامهون وڃانس ٿي ته جيڪر ساهه ئي ڪڍي ڇڏي.“
”تڏهن ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو چئبو.“
”ٻيو وري! ڀلا ڏسو ته سهي آءُ ڪهڙي سهڻي آهيان جو مون تي شڪ ٿو ڪري.“ راڻي ناز واري انداز سان ائين چئي ٿورو مرڪي ۽ سچ ته ان مهل مونکي ڏاڍي وڻندڙ لڳي. ڪهڙو عجب جو سندس انهن نازن ئي ڀوري کي شڪي بنايو هجي.
”سهڻي يا بڇڙي جي ڳالهه ناهي، راڻي؛ ڪن مردن جي فطرت ۾ ئي شڪ هوندو آهي.“
اسان جي ڳالهين تي منهنجو ڪڪو پپو سجاڳ ٿي پيو. مان يڪدم اٿي وٽس ويس ۽ راڻي به وڃي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ کي لڳي.
ڇا سڀ مرد اهڙا شڪي هوندا آهن؟ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو، ۽ جواب ۾ شاد جو چهرو اڳيان ڦري آيو. پر خلوص ۽ پر اعتماد. اسان جي شادي کي چار سال ٿي ويا آهن، مگر سندس ورتاءَ ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هن مون تي ڪڏهن به ڪا سختي نه ڪئي آهي. هڪ دفعو خوشيءَ وچان بي قابو ٿيندي مون کيس چيو، ”توهان مون تي ڪيترو نه مهربان آهيو.“ تڏهن چيائين ”خدا پاڻ تي مهربان آهي.“ ۽ مان سوچيو ته ها. واقعي خدا اسان تي مهربان آهي. ڪاش هر مرد جي دل، شاد جهڙي پرخلوص ٿي وڃي ۽ هو عورت جي صحيح منزل سڃاڻندو هجي ۽ هر عورت، مرد جي وفادار بنجي وڃي ته جيڪر شڪ ڪڏهن به نه جنم وٺن.
بي بي!“
”چؤ راڻي.“
”توهان هت ڪيتري وقت تائين آيل آهيو.“
”ٻه ٽي سال ته ضرور هونداسين. پر ڇو تون هينئر ئي اسان مان بيزار ٿي پئين ڇا؟“
”خدا نه ڪري جو مان اهڙو خيال به دل ۾ آڻيان.“
”پوءِ اڄ اهو خيال ڪيئن آيوءِ.“
”منهنجي مرضي آهي ته جيڏانهن اوهين وڃو، مونکي به پاڻ سان ورتيون هلو.“
”مونکي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، پر ڀورو توکي ڪيئن ڇڏيندو.“
”شايد ڇڏي به کڻي، ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. انهيءَ جو چوڻ ڪونه ٽاريندو. ٻار به ڪو ننڍڙا ڪونهن. پاڻهي گهر سنڀاليو ويٺا هوندا. آءٌ به پئي اينديس منهنجي توهان سان ايتري دل ٿي وئي آهي جو ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳي.“
راڻي جي ايتري محبت ڏسي قدرتي طرح منهنجي دل به محبت سان ڀرجي آئي ۽ مون کيس آسرو ڏنو ته وقت اچڻ تي ڪوشش ڪنديس.
شاد جي اچڻ جو ٽائيم هو. مان رڌڻي ۾ هن لاءِ گجرن جو حلوو تيار ڪري رهي هئس. مصري ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. صرف مان ۽ راڻي گهر ۾ هئاسين.
”بي بي، مصري ڪم جو سٺو ٿو ڀانئجي.“
”ها چڱو ڪم ڪندو آهي.“ مون ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي گهمائيندي وراڻيو.
”توهانجي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو.“
”هروڀرو!“
”بس، توهانکي ڏاڍيون دعائون پئي ڪيائين، چيائين پئي ته مان سندس ٻار نپائيندس، در جو غلام ٿي رهندس جيڏانهن به وڃن مونکي وٺي وڃن منهنجو پاڻ خيال آهي ته جڏهن اوهين وڃو ته هن کي به پاڻ سان کڻجو.“
”ڪهڙي ضرورت آهي راڻي؟ جتي وينداسين سرڪاري نوڪر ته اسان کي ملندا. پوءِ اجايو ڪنهن کي ڇو کڻون.“
”اهڙا ماڻهو ملڻ، مشڪل هوندا آهن. وڏي ڳالهه ته توهان ٻنهي جون ساراهون ٿو ڪري.“

مونکي راڻي جي اها ڳالهه نه وڻي جو هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ ”ساراهه“ جو اکر چئي مونکي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.

مان ۽ پپو لان تي ويٺا شاد جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. منهنجي نظر پريان ڀوري تي پئي، جيڪو ڇٻر ڪتري رهيو هو. مونکي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ٻي پاسي هليو ويو. ڏاڍو شريف معلوم ٿي رهيو هو. راڻيءَ جي ڳالهين تي يقين ئي نه پئي آيم. خيال ڪيم ته شڪي آهي ته اسان جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو اهو سندن گهريلو معاملو آهي. پر شاباس هجي ويچاري کي جو اسان تي اعتبار ڪري راڻي کي ڇڏيو اٿس. پر هوءَ ته مصري جي سامهون ايندي آهي. انهيءَ ڏينهن چئي رهي هئي ته اگر ڀوري کي اها خبر پئي ته ساهه ڪڍي ڇڏيم. پاڻ ڪيتري به شريف ڇو نه هجي پر اسان تي جيڪو اعتبار ڪيو اٿس مونکي ان جو احترام ڪندي راڻيءَ کي روڪڻ گهرجي ته هاڻي مصريءَ جي سامهون وڃڻ جو ڪوبه ڪم ناهي. جنهن صورت ۾ تنهنجو مڙس اهڙي اجازت نٿو ڏي؛ تنهنجو فرض آهي ته ان تي عمل ڪرين. ٻئي ڏينهن مون راڻيءَ کي مصريءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سامهون اچڻ کان منع ڪري ڇڏي. مون محسوس ڪيو ته منهنجي اها ڳالهه راڻي کي ڏکي لڳي، پر هو ڪجهه ڪڇي نه سگهي.

ٻپهرن جو ننڊ پئي آئي، اس به تکي هئي ۽ سيءُ به گهٽ هو، مون چاهيو ته ٿوري دير لان ۾ ويهي نٽنگ ڪجي. مان ٻاهر وڃڻ لاءِ جڏهن رڌڻي اڳيان لنگهيس، تڏهن... مان ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيس... مون ڏٺو ته مصري فرش تي ويٺو هو ۽ راڻي سندس هنج ۾ ڏاڍي بي حيائي سان ليٽيل هئي ٻنهي مونکي ڏٺو. خوف کان کين سڪتو ٿي ويو. مان فوراً ئي واپس ڪمري ۾ هلي آيس. ڏک ۽ ڪاوڙ کان منهنجي دل تکي هلڻ لڳي. ڀوري جي شڪل منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي- اٻوجهه ۽ معصوم. منهنجو دم جهڙو گهٽجڻ لڳو... مان پاڻ کي گنهگار سمجهڻ لڳيس... ڪاش منهنجون اکيون اهو ڪجهه نه ڏسن ها.... هي دلڪش علائقو، اسان جي پهرين ملاقات جو يادگار، جنهن کي ياد ڪرڻ سان روحاني مسرت ٿيندي هئي اهو داغدار بنجي ويو، هڪ عورت جي هٿان... مون آلين اکين سان دريءَ جي ٻاهران ڏٺو. مونکي محسوس ٿيو ڄڻ، پهاڙ، جن تي سدائين نور وسندو هو، ٻُسا ۽ بي ڊولا لڳي رهيا هئا سندن اوچا ڳاٽ جهڪي ويا هئا.

سوڍا واٽر

هنڌي ادب ترقي ڇو نٿو ڪري؟ ڇو نٿو ڪري!“ ساڳيو سوال ڪيئي دفعا نظرن کان گذريو آهي مگر ڪنهن ان تي ٿڌي دل سان غور ڪرڻجي ڪوشش به ڪئي آهي؟ مان چوان ٿو آخر ادب ترقي ڪيئن ڪندو؟ جڏهن اسين پڙهيل ڪڙهيل نوجوان ان لاءِ ڪجهه به نٿا ڪريون. هي ڏسو اڄ به ساڳيو ئي بحث شايع ٿيو آهي ته سنڌي ادب ترقي ئي نٿو ڪري.“ ڪمري ۾ گهڙندي ئي سعيد، اخبار دوستن ڏانهن وڌائيندي پرجوش لهجي ۾ چيو.
”مگر ڇا ٿيو، توکي ان جو خفقان ڇو لڳو آهي. اهڙا بحث ته هميشہ کان ئي شايع ٿيندا رهندا آهن، هڪ طرح سان ائين سمجهڻ گهرجي ته پني ڀرڻ لاءِ لکيا ويندا آهن. ماڻهن تي رعب جو رعب پوي ٿو ۽ رسالي جا صفحا به خير سان پورا ٿيو وڃن. ظفري نهايت اعتماد سان چيو. ”افسوس آهي يار جو تون خود اديب ٿي ڪري اهڙي ذهنيت ٿو رکِين؟“ ان ۾ ذهنيت جو ڪهڙو سوال آهي، مون کان ته جيڪا خدمت پڄندي آهي اُها ڪندو آهيان، پوءِ به جيڪڏهن منهنجي ڏهن افسانن مان هڪڙو لاچار رکي ٻيا واپس ڪندا ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟“ واقعي؟! يار، پوءِ ته اها تنهنجي بي عزتي چئبي.“ بشير جو ايتري دير تائين ماٺ هو. ان ڳالهه تي شوخيءَ سان اظهار ڪيو.“ مگر ڪوبه عزت وارو، ائين ڪنهن جي بيعزتي نه ڪندو آهي. آخر مونکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ايترن افسانن لکڻ جي؟ مان ته سنڌي ادب جي خدمت جي خيال کان ايترا افسانا لکيا ۽ پوءِ به اها شڪايت ته سنڌي ادب ترقي نٿو ڪري، آخر ڪيئن ڪندو جڏهن ڪا سٺي تخليق شايع نه ڪبي؟“ معاف ڪجانءِ، ان ۾ بي عزتي جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ناقابل اشاعت هئڻ جي حيثيت ۾ افسانا واپس ڪيا ئي ويندا آهن. اهڙا افسانن کي شايع ڪرڻ سان ترقي ته خير جيڪا ٿيندي سان ڏسبي، باقي جيڪا رهي سهي اميد هوندي سا به هلي ويندي.“ ”پر تون اهو ڪيئن ٿو سمجهين ته منهنجا افسانا ناقابل اشاعت هوندا؟ زماني جي حالتن سارو جيڪي افسانا لکيا وڃن، اهي ناڪامياب ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟“ منهنجو خيال آهي ته مون کي وڃڻ گهرجي، پوسٽ آفيس ۾ ڪم اٿم. اڄ جمع جو ڏينهن آهي سويري ئي بند ٿي ويندي.“ بشير، جو ٻنهيءَ جي بحث کان بور ٿي رهيو هو، واچ تي نظر وجهندي بهانو ڪيو. ”هونءَ به ادبي ڳالهين سان توکي دلچسپي ناهي.“ سعيد مشڪي چيو. ”نه، اها ڳالهه ناهي، ڪم ٿي پيو آهي نه ته آءُ به توهانجي بحث ۾ شرڪت ڪريان ها، چڱو ڀلا، خدا حافظ.“ هن اٿندي وري بهانو ڪيو. ”خدا حافظ.“ سعيد ۽ ظفري گڏجي چيو. هن جي وڃڻ بعد سعيد وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ها ظفري، افسانن جي ڳالهه ڪري رهيو هئين نه؟ ته آءٌ ڪيئن ٿو چوان ته اهي ناقابل اشاعت آهن. اسان جون اهي ئي ته ڪمزوريون آهن جو پنهنجي ڳالهه کي هيٺ يا گهٽ سمجهڻ نٿا چاهيو تڏهن ته ادب ترقي نٿو ڪري. ”پر آخر ڪيئن ڪري ترقي؟“ ظفري بيزار لهجي ۾ چيو.“ هروڀرو ائين ته ناهي جو هڪ اڌ افسانو يا شعر ۽ مضمون وغيره لکي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يا ان تي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يان ان تي احسان ڪيو آهي. پاڻ تي رڳو ’اديب’ يا ’شاعر‘ جو ليبل لڳائڻ سان خدمت نٿي ٿي سگهي. پر ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون آهن.“ مثال طور...؟“ ظفري ٻئي هٿ اطمينان مان ڳلن تي رکندي طنز مان وراڻيو. ”ڇڏ مذاق، آءُ هن وقت سنجيده آهيان... پهرين ته هي ڳالهه آهي؛ سنڌي رسالا تمام ٿورا نڪرن ٿا، جن مان معياري صرف هڪ اڌ آهن.“ هن احساس ڏياريندڙ انداز سان چيو ”ها اهو ته برابري آهي.“ ظفري چهري تي سنجيدگيءَ جا آثار پيدا ڪندي چيو. ”۽ پوءِ ڏس، صرف هڪ اڌ رسالن جا ايڊيٽر جڏهن ايتري ساري سنڌي عوام کي ادب جي ترقي لاءِ ايترو سمجهائين ۽ احساس ڏيارين، ان کان پوءِ به هو بي پرواهه رهن ته انهيءَ ۾ ايڊيٽرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جيڪڏهن عوام يا لکندڙ طبقو انهن سان تعاون ڪري، ۽ سنڌي نوجوان پاڻ ۾ گڏجي ننڍيون ادبي مجلسون قائم ڪن ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌائيندا وڃن، معياري رسالا گهڻي انداز ۾ شايع ڪيا وڃن ۽ انهن رسالن ۾، مٿي ذڪر ڪيل ادبي مجلس ۾ پڙهيل تخليقن مان چونڊ، نثر ۽ نظم ڏنو وڃي ۽ نوان لکندڙ پيدا ڪيا وڃن ۽ ادب ۾ پيدا ٿيل نون نون لاڙون کي جاءِ ڏني وڃي ۽ انهن جون ڀرپور طريقي سان پرچار ڪيو وڃي، منهنجو خيال آهي ته اهڙي ريت ٿوري عرصي اندر ادب اها ترقي ڪري سگهي ٿو؛ جيڪا سالن ۾ نه ڪري سگهيو آهي.“ آخر ڪيئن ڪجي، جڏهن ايڊيٽر مضمون ئي نٿا ڇاپين. سندن اها روش ڏسي ڪنهن به نئين ليکڪ يا ليکڪه جو تخليقي ڪم ڏانهن لاڙو ئي نه ٿو ٿئي.“ ”نه يار، ها تنهنجي ڳالهه غلط آهي، هڪ ته سنڌي رسالا گهٽ، ٻيو جيڪڏهن ان ۾ ”ٻيڙي ٻوڙ“ قسم جا افسانا وغيره اچڻ لڳن ته پڙهندو ڪير ۽ ماڻهو ايڊيٽرن کي ئي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ته جڏهن انهن کي سٺي مواد جي جاچڻ جي تميز ئي ناهي ته رسالو ڇو ڪڍيو اٿن ۽ ادب جي ترقي جي شڪايت ڇا لاءِ ٿا ڪن ۽ سنڌ جي ايتري ساري تعليم يافته نوجوانن جي هوندي رڳو ٻه ٽي ايڊيٽر ڪيستائين ترقي ترقي لاءِ فرياد ڪن. اسان ۾ ان جو احساس هئڻ گهرجي.“ ”ڏس يار سعيد، اها سٺي ڳالهه ناهي، تون به منهنجن افسانن جي بي عزتي ٿو ڪرين يعني ٻيڙي ٻوڙ ٿو چوين.“ ”نه ظفري، ان ۾ ڪاوڙ جي ڳالهه ناهي. ڪجهه خاميون ضرور هونديون، جن لاءِ افسانا واپس ڪيا ويندا آهن ۽ ساڳيو تون ان تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ فراخدليءَ سان غور ڪرين ته جيڪر توکي تنهنجون غلطيون صاف معلوم ٿيڻ لڳن ۽ پوءِ تون ان جي روشني ۾ وڌيڪ سٺي طرح سان لکي سگهين ٿو. ان لاءِ ته پاڻ توکي انهن جو شڪر گذار هئڻ گهرجي جو هو تو ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش جو جذبو پيدا ڪري رهيا آهن.“ خير يار، تنهنجي ڳالهه مڃيون ٿا، هاڻي مس وڃي پير تي بيٺو آهين، سچي ڳالهه ته اها آهي جو اسان سنڌي نوجوانن جو ذهن ته صلاحيتن سان مالا مال آهي مگر اسان ۾ سستي گهڻي آهي ۽ عمل جو مادو پڻ گهٽ آهي جيڪڏهن اهو هجي ته الائي ڇا ڪري ڇڏيون؛ سچ پچ الائي ڇا ڪري ڇڏيون! ”مگر تو ۾ ته معلوم ٿي رهيو آهي ۽ تون اسان ۾ به ته پيدا ڪري رهيو آهين.“ خدا تنهنجي زبان مبارڪ ڪري آءُ هڪ ڄڻو ڇا ٿو ڪري سگهان، جيستائين توهان منهنجو ساٿ نه ڏيو. ”مان ته تيار آهيان.“
”پوءِ ٺيڪ آهي، پنهنجا دوست وغيره به گهڻيئي آهن، ضرور ساٿ ڏيندا، منهنجو خيال آهي، هڪ اهڙي مجلس جو پايو وجهجي. جنهن ۾ اديب پنهنجا مضمون وغيره پڙهن ۽ پوءِ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ۽ هر پندرهين ڏينهن اهڙي مجلس ڪوٺائي وڃي.“ ”پر يار اهڙيون مجلسون ته گهڻيئي ٻڌجن ۽ ڏسجن پيون، جن مان ڪو کڙتيل اڃا تائين ته نه نڪتو آهي، پنهنجي مجلس جو حال اهڙو نه هئڻ گهرجي؛ جيئن ڪي جوان جوش ۾ اچي جهٽ پٽ هڪ رسالو ڪڍي، ماڻهن کان چندا وغيره وٺي ائين غائب ٿي ويندا آهن، ڄڻ انهن جو اڳ ڪو وجود ئي نه هو.“ ”خدا نه ڪري جو پنهنجي مجلس جو اهڙو حال ٿئي، پنهنجي مجلس انهن کان مختلف هوندي پاڻ هڪ مثال قائم ڪنداسين.“ ”اهو ڪيئن؟“ ”اهو هيئن ته هر پندرهين ڏينهن مضمونن، مقالن ۽ شعرن وغيره تي جيڪي تنقيدون ٿينديون، انهن کي ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ تيار ڪرائي عوام ۾ تقسيم ڪرائبو، جيڪي پري هئڻ سبب اسان جي مجلس ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، اهي پڻ واقف ٿيندا، اهڙي طرح هرڪو اسان جي ان عملي جذبي کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.“ ”واه سعيد، واقعي نئين ۽ ڪمال جي رِٿ آهي. ايترو وقت خاموش ڇو هئين، اهڙن نيڪ ڪمن ۾ دير ڇا جي؟“ ”بس ظفري، آئي ڏينهن اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهي ته سنڌي ادب ترقي ڇو نٿو ڪري، ڏاڍو شرم اچي ٿو ۽ نوجوانن جي حال تي افسوس ٿئي ٿو. ڀلا اسين نوجوان ئي سنڌي ادب کي روز نه وٺائينداسين ته ٻيو ڪو ٿورو ئي اچي سنڌي ادب کي زور وٺائيندو؟ غافل قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪنديون آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو اهڙي سست قوم جو ساٿ ڏيڻ پسند ڪندو آهي.“ شاباس سعيد، تنهنجن انهن ڳالهين منهنجي دل ۾ سنڌي ادب لاءِ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انشاءَالله جيسين دم آهي تسين نه صرف آءٌ بلڪ پنهنجن دوستن سميت ان تي هر ممڪن عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“ ”آمين! چڱو يار هاڻي گهڻو بحث ٿي چڪو... باقي پروگرام سڀاڻي ٺاهينداسين.“ ”منهنجو خيال آهي سڀاڻي به تون انهي ٽائيم تي ئي مون وٽ هليو اچجانءِ.“ ”ٺيڪ آهي، چڱو خدا حافظ“ ”خدا حافظ“
”اچ سعيد اچ! مونکي تنهنجو ئي انتظار هو.“ ظفري سگريٽ ”ايش ٽري“ ۾ ڦٽي ڪندي چيو. ”پروگرام لاءِ تيار آهين نه؟“ ”پروگرام ته انهيءَ ڏينهن ٺاهي چڪا هئاسين باقي اعلان بابت مضمون ضرور ٺاهڻو آهي.“ ”انهيءَ لاءِ ئي ته چئي رهيو آهيان.“ ”پوءِ دير ڇا جي؟“ ”پهرين ته تو ڪالهه ڪنهن ڪنهن کي في الحال ان مجلس جو ميمبر بنائڻ لاءِ چيو آهي؟“ ”پنهنجن دوستن جي ڪا ڪمي ٿوري آهي، هر معاملي ۾ پنهنجو ساٿ ڏيندا، باقي مجلس جي ڪارڪنن ۾ في الحال ٻه نالا يعني تنهنجو ۽ منهنجو نالو ڏيڻ ئي ڪافي آهي.“ ”اها به درست ڳالهه آهي. پر اڄ ئي ان مجلس بابت اخبار ۾ اعلان ڪرائڻ گهرجي.“ ”ضرور. مگر ٺاهوڪو.“ ظفري معنيٰ خيز نظرن سان چيو. ”ها، جيئن ٻين ۾ به همت ۽ جوش پيدا ٿئي- چڱو آءٌ ٻڌايان ٿو ۽ تون لک... گهڻي وقت کان سنڌي ادب جي ترقي لاءِ مضمون شايع ٿي رهيا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين ان ڏس ۾ همت جوڳو قدم نه کنيو ويو آهي. ان ڪمي کي شدت سان محسوس ڪدي اسين ”ادبي مجلس“ قائم ڪري رهيا آهيون، اميد ته عوام اسان سان پورو پورو...“ اوهون“ ظفري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي نفي ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”ائين ٿوروئي؟ مون ڇا چيو ته ڪو ٺاهوڪو اعلان.“ ”ٺاهوڪي مان ڀلا تنهنجي ڇا مراد آهي؟“ ”اهو به نٿو سمجهين! تڏهن تو سنڌي عوام جي ذهنن جو مطالعو ئي ناهي ڪيو؟“ ”ڪيئن!“ ”يار سادي سودي اعلان مان ڪجهه نه ورندو. پنهنجو تعارف ڪجهه اهڙي ”ڀڙڪيلي انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن عوام فوراً متاثر ٿئي. ٻي حالت ۾ اصل ڪجهه ڪونه ٿيندو. آخر اسين به جو هيتري محنت ڪنداسين تنهن مان ڪنهن کي خبر به پوي نه، ته اسين ڇا آهيون.“ ”هون... پوءِ...“ سعيد جي چهري تي سوچ ۽ فڪر جا ليڪا گهرا ٿيندا ويا. ”پوءِ اهڙي طرح اعلان ڪجي جيئن هو واقف ٿين ته اسين واقعي گرم جوشي سان خدمت ڪري رهيا آهيون.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مگر رڳو نالن مان ڪجهه ٿوروئي ٿيندو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته پوڙها آهيون يا جوان.“ ”ضرورت رشتي لاءِ اشتهار ٿوروئي ڏيڻو آهي.“ ”اوهو... ڪمال ٿو ڪرين يار تون، عوام نوجوانن جي هر ڳالهه کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي. پوءِ چاهي انهن ۾ ڪا صلاحيت ئي نه هجي.“ ”پر پاڻ ۾ ته خير سان گهڻيئي صلاحيتون آهن.“ ”مگر سمجهدار طبقو ته بغير سوچي ڪنهن ڳالهه کي اهميت نه ڏيندو آهي؟“ ”ڇڏ يار سمجهدار طبقي وارا رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا. اسان کي اڪثريت مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن چند ماڻهن جي سمجهداري هيٺ رهين ته ٿي چڪي تنهنجي ادبي محفل به قائم.“ ”دل ته نٿي مڃي، پر خير تنهنجي انهيءَ راءِ تي هلي ڏسان ٿو، مگر ڏس نه، جيئن ته مجلس يا پوءِ ڪتابڙي وغيره پنهنجي ذريعي ئي وجود ۾ اچي رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ پاڻ خود پنهنجي قلم سان پنهنجي جوان وغيره هئڻ بابت ڪيئن ٿا لکي سگهون؟ پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ عجيب نه لڳندو؟“ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي اعلان پاڻ لکون ٿا نالو ڪنهن فرضي سيڪريٽري جو ڏينداسين ۽ پوءِ اعلان پڙهڻ مهل ائين ظاهر ٿيندو جيئن سيڪريٽري اسان جي تعريف ڪئي هجي. ٺيڪ آهي نه؟ ”ٺيڪ آهي.“ چڱو ٻڌ، پنهنجو اعلان هيئن هئڻ گهرجي.“
”سنڌي ادبي محفل جو پايو وڌو ويو.“
”سنڌ جي نوخيز ۽ الهڙ نوجوان اديبن، سعيد ٽالپر ۽ ظفر احمد، سنڌي ادب جي هڏڏوکين جي حيثيت سان، اها ڪمي محسوس ڪندي ته ادب جي ترقي جو دارومدار مستقبل جي نوجوانن تي آهي، سنڌي ادبي محفل جو بنياد وڌو آهي جا هر پندرهين ڏينهن منعقد ٿيندي رهندي. ملڪ جي نوجوانن کي غفلت جي غار مان بيدار ڪري، سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هنن نوجوانن پاڻ پتوڙيو آهي... وغيره وغيره.“
”وڌيڪ سلسليوار آءٌ لکڻ مهل پاڻهي ڪري ڇڏيندس رڳو ايترو ٻڌاءِ ته ڪيئن ٿو لڳي؟“ ”ٺيڪ آهي، رڳو اعلان ٿي وڃي، ان بعد، باقاعدگيءَ سان اهو سلسلو شروع ڪنداسين.“ انشاءَ الله! خدا پنهنجي مدد ڪندو!“
يا مبارڪ هجيئي! اڄ اخبار ۾ اعلان اچي ويو! بس جيڏانهن وڃان ڇوڪرا ورايو وڃن ته ڪڏهن ٿا محفل جو ڪم شروع ڪريو ۽ چئني پاسي کان مبارڪباد جو زور لڳو پيو آهي. هُو ڪاليج گرلس، جي ڪڏهن ڪاليج ۾، اک کڻي به نه ڏسنديون هيون، اڄ انهن به اهڙن نظرن سان پئي ڏٺو ڄڻ وڏي ڪا سوڀ کٽي هجيم.“ سعيد مشڪندي مگر قدري سنجيدگيءَ سان چيو.
”ها، آخر گهٽ ڳالهه ٿوري آهي. انهيءَ اعلان ساڻ توکي خبر آهي ته پنهنجو نالو ڪيترو مشهور ٿيو هوندو. سڀني ايڊيٽرن به لازميءَ طرح اهي اخبارون پڙهيون هونديون ۽ ڪن کڙ ڪيا هوندائون. ادبي حلقي سان دلچسپي رکندڙن به اعلان ضرور پڙهيو هوندو؛ ۽ جيڪي پاڻ کي نه سڃاڻندا هوندا تن اڄ سڃاڻي ورتو هوندو ته اسين به اديب آهيون. انهيءَ اعلان پڙهڻ سان ايڊيٽرن تي به ضرور رعب پيو هوندو ۽ منهنجا افسانا هاڻي مونکي واپس نه ملندا. مطلب ته ان اعلان زندگي ڦيرائي ڇڏي!“ ساڍن ٽن انچن جي مسڪراهٽ هن جي چپن تي ڦهلجي وئي. ڇا مجال جو هڪ ملي ميٽر جو به فرق هجي.
بس هاڻي رڳو عمل جي دير آهي. اڄ پهرين تاريخ آهي. پنڌرين تاريخ کان ڪم شروع ٿيندو، مون ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديب وغيره کي پنڌرين تاريخ واري گڏجاڻيءَ لاءِ ذاتي نوعيت جا دعوت نامه موڪلي ڏنا آهن.
”هلو سعيد! مون سمجهيو تون مبارڪ صاحب جو ڪلاس اٽينڊ ڪري رهيو هوندين.“ ظفري چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو.
”نه يار، منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، مٿي ۾ سور ۽ طبيعت ڪجهه سُست معلوم پئي ٿئي، مبارڪ صاحب جو ليڪچر وري ستم در ستم ڪري ها.“ سعيد ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.
”چانهه پي ٺيڪ ٿي ويندين.“
”چانهه جي عادت ناهي، مان هت سوڍا پيئڻ آيو آهيان.“ ائين چئي هن ڪينٽين جي ڇوڪري کي سوڍا آڻڻ لاءِ چيو.
”ڪجهه ياد به اٿئي اڄ ٻارهين تاريخ آهي؟“
”ها ياد ته اٿم، انهيءَ ڳالهه وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.“
”يعني؟ ڇا مطلب؟“ ظفري حيران ٿيندي پڇيو.
”پنڌرهين تاريخ ايم. سي. سي ۽ پاڪستان جي درميان لاهور ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي رهي آهي.“
”پوءِ؟“
”مونکي اوڏانهن وڃڻو آهي.“
”۽ ادبي محفل؟“
”ان لاءِ مان في الحال شاعرن ۽ اديبن وغيره کي لکي ٿو ڇڏيان ته پروگرام ڪن مجبورين تحت ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪينسل ڪيو ويو آهي.“
”پر يار تون ڪومينٽري ريڊيو تان به ٻڌي سگهين ٿو.“
”نه ظفري، جيڪو مزو اکين سان ڏسڻ ۾ ايندو اهو ڪومينٽري ۾ ڪٿي؟“
ايتري ۾ بيري اچي بوتل کولي جنهن مان فوراً جوش ۽ دونهين جو آواز آيو، ۽ گلاس ۾ وجهڻ بعد چند منٽن ۾ جوش بلڪل ختم ٿي ويو. سعيد بي پرواهي سان گلاس هٿ ۾ جهليو.
ظفري جي چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي؛ جنهن اهو پئي ظاهر ڪيو ته سعيد جو جوش به سوڍا واٽر وانگر وقتي هو.

پيلي قميص

ڪاليج کان موٽي اڃا در پٽي گهر ۾ پير ئي مس رکيم ته تيزيءَ سان ڪا شيءَ اُڏامندي اچي منهنجي سفيد شلوار کي لڳي.
”اي... ي... خ!“ مون بي اختيار هڪ ڪراهت آميز رڙ ڪئي. ”منهنجي شلوار تي هي ائسٽريڪٽ آرٽ ڪٿان آيو؟“ مون قهر آلود نظرن سان سامهون نهاريو.
”هي... هي... ڌيءَ اها چلمچي ته هيڏانهن کنيو اچجانءِ، مئي ڀنگيءَ منهنجي منجيءَ کان پرڀرو ڪري رکي آهي.“
نانيءَ کي ٿڪ اڇلائڻ ۾ ڪمال حاصل آ. مجال آهي جو سندس ٿڪ نشاني کان ذرو به پري هٽي. چلمچي ڀل پنج ڇهه فٽ پري رکيل هجي پر ٿڪ رينج 8 (راڪيٽ) وانگر سڌو وڃي چلمچي ۾ ”ٽڙاڪ‘ ڪندي. هي پهريون دفعو هو جو ڀنگيءَ جي نادانيءَ سببان، نانيءَ جو نشانو خطا ٿي ويو؛ جنهن جو کيس از حد افسوس رهيو، باقي منهنجي شلوار کي ته بلڪل ئي نظرانداز ڪري وئي، ڄڻ ”آرٽ“ بنائي احسان ڪيو هئائين مون تي.
بهر حال آءٌ بزرگيءَ ۽ مهمان نوازيءَ جو خيال رکندي چلمچي کڻي نانيءَ ڏانهن وڌيس.
”خي، مئو ڪهڙو نه نم جهڙو ڪڙو پان آهي. پِچ ٿُو.“ مون نانيءَ جي بي رحم وات ڏانهن نهاريو. اُف! وات ڇا هو ڄڻ اونهي ۽ اونداهي کڏ هئي، يا گهاڻو هو جنهن ۾ چوويهه ڪلاڪ پان پيو پيڙبو هو.
مان ڪتابن رکڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ته ٻڌم ناني منهنجي ماءُ سان مخاطب هئي. ”سعيد ماءُ، مون چيو هي نياڻيون روز صبح سان ڪڇ ۾ ڪتاب ڪري مڙسالن وانگر سلام ڪيو گهر کان نڪرن، اها ڪا چڱي ڳالهه آهي؟“ ”بس امان، علم جو حاصل ڪرڻو آهي، ان کانسواءِ سڀ اونداهه آهي، انسان دنيا ۾ رهي نٿو سگهي.“
”اونهن اونڌائي وري ڇا جي، ڇو نٿو رهي سگهجي، آءٌ به ته هلان پئي دنيا ۾؛ مون ڪهڙا ڪاليج پڙهيا آهن.“
امان جو جواب ڪونه ٻڌم، هن شايد خاموشيءَ ۾ ئي بهتري سمجهي.
الائجي اها ڪهڙي منحوس گهڙي هئي جو امان نئين سنڌياڻي نانيءَ کي پنهنجي دين جي ماءُ بنايو هو. ناني پهريائين ته ڪجهه ڏينهن صدقو صدقو ٿيندي رهي پر پوءِ ته الله بچائي، الائجي ڪهڙو وير پيس، جو سارو ڏينهن اسان مٿان گهپي لايو ويٺي هوندي هئي. ”رئو مٿي تي ڪيو، ڊڪو نه، کلو نه، نياڻيون ڌيون کلنديون ڪونه آهن، گهڻو نه ڳالهايو، آهستي ڳالهايو، ائين نه وڃو، هيئن نه ڪريو، هونئن نه ڪريو.“ مطلب ته سارو وقت ڪُر ڪُر لڳي پئي هوندي هئي. اسين ڌيان نه ڏيندا هئاسين ته وري امان جا ڪن ڀريندي هئي. امان کي ته ايتري فرصت ئي نه هئي جو ويهي سندس ڳالهين تي ڌيان ڏي؛ بس سادگيءَ سان مشڪي ڇڏيندي هئي ۽ امان جي انهيءَ سادگي نانيءَ کي ويتر شهه ڏني، سڄو ڏينهن ڄر وانگر اسان جو رت پيئندي هئي.
سعيد جي شاديءَ ۾ ٻاهران آيل سڀ مهمان آهستي آهستي پئي رخصت ٿيا، پر هي ٽيون هفتو هو جو ناني اڃان وڃڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٽي هفتا نه ٿيا اسان لاءِ ڄڻ ٽي سال ٿي ويا هجن. خير اسين ته معصوميت جي اوٽ ۾، شرارتون ڪري ناني کان ڪنهن نه ڪنهن ريت بدلو وٺي ڇڏيندا هئاسين، پر سعيد جنهن جي اڃا تازي شادي ٿي هئي تنهن سان ته نسورو ويل هو. اهو هيئن جو بقول نانيءَ جي اسان سڀني ڀائر ڀينرن ۾ ’انسان‘ ئي اهو آهي ۽ انهيءَ ’انسانيت‘ ڪري ئي هو نانيءَ جي سمورين شفقتن جو مرڪز بنجي چڪو هو پر سعيد کي الائي ڇو نانيءَ سان هڪ قسم جي چڙ ٿي پئي هئي. جنهن ڪم کي هو زبان مان مس ڪڍندو هو، ناني سٽ پائي ڪري ڏيندي هئي؛ پوءِ به کيس ضد هو ته ڪري ته ’نجمه‘ ڪري. آخر نئين ڪنوار سان بي تڪلف ٿيڻ جو موقعو ته کيس گهربو ئي هو نه. گهر ۾ پاندان ڏسي ڪڏهن ڪڏهن سعيد کي به پان کائڻ جو شوق ٿيندو هو؛ انهيءَ ڏينهن تيار ٿي ڪلب وڃڻ وقت نجمه ڀاڀيءَ کي سڏيائين ۽ ڏاڍي پيار سان چيائينس: ”نجو، هڪ سٺو پان ته تيار ڪري وٺ.“
”ها ها، اجهو پٽ.“ ۽ نانيءَ جي ٻن سڪل ۽ پڙاٺ هٿن جهٽ پٽ هڪ اڌ مئو، جي ها اڌ مئو (سڪل هٿن سان ترو تازو پان به ڪجهه ائين معلوم ٿيندو آهي) پان سيگهه ۾ تيار ڪري سعيد کي پيش ڪيو. سعيد ٿڌو ساهه کنيو. جڏهن کان سندس شادي ٿي هئي تڏهن کان ئي انهن سڪل ۽ جهور هٿن جو پان کائيندو پئي آيو. خير، جتي ايترا ڏينهن صبر سان گذري ويا اُتي ڪي ٻيا به سهي، آخر به ته ناني پنهنجي گهر ويندي. غالباً سعيد اهوئي سوچيو هوندو. پان وٺڻ مهل بيوسيءَ سان نجمه ڏانهن ڏٺائين ۽ پريان ئي آهستگيءَ سان چيائين، ”خدا حافظ نجو.“
”سلامت هجن شال.“ نانيءَ جواب ڏنو ۽ پانن جي صافيءَ سان نَنهن اگهڻ لڳي. سعيد چڙي پيو، ”اونهه.... هن ته نجوءَ کي.. خير...“ هو هليو ويو.
نانيءَ کي، اسان سڀني مان ظفري ئي پڄڻ وارو هو... آخر به هو ڇا ڪري، ناني سڄو ڏينهن ڪُر ڪُر جو لايو ويٺي هوندي هئي. حسب معمول ناني پان اوڳارڻ ۾ مشغول هئي؛ ظفري شام جو ڪرڪيٽ کيڏي ٿڪجي ٽٽجي اڃان گهر ۾ پير مس رکيو ته ناني ٻن منٽن لاءِ اوڳارڻ بند ڪري وات کوليو، ”آئي ڇوڪرا اُس ۾ رُلي رُلي رنگ ڪهڙو ڪاراٽجي ويو اٿئي، خي... انهيءَ راند جي ’سونٽي‘ کي باهه لڳي، ڪجهه پنهنجو ته خيال ڪري ماڻهو.“
”ماڻهو؟“ ڪهڙو ماڻهو؟“ ظفري بئٽ ڪنڊ ۾ اڇلائي نانيءَ وٽ اچي ويٺو.
”ماڻهو وري ڪهڙو، توکي ٿي چوان ته رنگ ڪيڏو نه ڪاراٽجي ويو اٿئي.“
”جي، رنگ ڪاراٽجي ويو آهي، هه، هه، ها... ڪاراٽجي ڇا ٿيندو آهي ناني؟- يعني ڇا کي چوندا آهن؟“ ”چُپ ڪر، پري ٿي ڇوڪرا، مغز ڇو ٿو کپائين.“
”جي، مغز؟“
”هان آن.... آءٌ ڪا، تو جيڏي آهيان جو مون سان مشڪري ٿو ڪرين!؟“
”اٿو ناني ته ماپ ڪريون.“ ظفري ناني کي ماپ ڪرڻ لاءِ اٿارڻ چاهيو.“
”هان هان، ڌيان ڌر، فضيلت سک.“
در تي کٽ کٽ ٿي، ظفري ويو ۽ پوش سان ڍڪيل ڊيش اندر کڻي آيو. مان، فرو، شبي ڊوڙي وياسين. ظفري به پوش لاهڻ ۾ اسان سان شريڪ هو. ”اها ڪهڙي فضيلت آهي؟ وڃي سرڻ وانگر جهٽ هنيو اٿوَ. توڀان، توڀان، ڄڻ ڪڏهن ڪجهه ڏٺو ئي ڪونه اٿوَ. مان ته خير پنهنجي آهيانوَ؛ ٻيو ڪو ڌاريو ويٺل هُجي ته جيڪر ڇا چوي؟... سعيد ماءٌ، تون به نٿي جهلينِ.“ امان نماز کان فارغ ٿي ته ناني کيس مخاطب ٿي. امان بيزاري مان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري مُصلو ويڙهڻ لڳي.
وڏا وڏا لڏون ڏسي نانيءَ جي دل به سُرڪي. اُتي ئي ويٺي ويٺي چيائين: ”قطب الدين کي پٽ ڄائو آهي شايد!؟“ جي؟ قطب الدين کي؟“ ظفري شرارتاً پڇيو.
”اونهن، منهنجو مطلب هو سندس زال کي. هيڏانهن ته کڻي آ، ڏسان ڪهڙي گيهه ۾ تيار ڪيا اٿن.“ مان لڏون کڻي نانيءَ وٽ ويس. نانيءَ نڪ وٽ جهلي ڊگهو ساهه کنيو. ان بعد لڏون ڀوري ڀوري کائڻ لڳي.
رات جا اٺ لڳا هئا، لائيٽ بند هئي. شمع جي جهڪي روشنيءَ جو ڪو ڪتاب به نٿي پڙهيو ٿيو. ان ڪري سويري ئي اکيون ٻوٽي پنهنجي بستري تي اچي ليٽي پيس. ڀر ۾ سعيد جو ڪمرو هو. ڏٺم ته هو آهستي آهستي قدم کڻندو ڪمري ڏانهن پئي ويو. ڪجهه ٿڪل ٿڪل پئي لڳو.
”اونجو... مٿي ۾ سور محسوس ٿي رهيو آهي...“ سعيد جو آواز هو. ”بام جي مالش ڪريان...“
”منهنجا وڏا ڀاڳ...“ سعيد حسرت مان چيو.
”اوهان ته ائين چئي رهي آهيو، جيئن....“
”ها، نجو، تنهنجي هٿن سان منهنجو ڪو ڪم ٿئي، اها حسرت نانيءَ جي روپ ۾ ديوار بنجي منهنجي سامهون اچي وئي آهي....“
”شش... خاموش... ٻڌي نه وٺي.“
”هون، ڀلي ٻڌي، آءٌ ڊڄان ٿوروئي ٿو. هاڻ آءٌ صاف صاف کيس چوندس...“
ڇا!...؟“
جواب ۾ سعيد يڪدم خاموش ٿي ويو. اچڻ واري قدمن جو آواز مان هو بخوبي واقف ٿي چڪو هو.
”ڇو ابا سعيد، خوش ته آهين؟ ائين ڇو ليٽيو پيو آهين؟“
”مٿي ۾ سور اٿس.“ نجمه هٻڪندي چيو.
”اي.... هي هي،“ ناني درد مان ننڍڙي ۽ ڏڪندڙ دانهن ڪئي. ڪڏهن کان مئو سور پيو؟ ڀلا ڇا کان؟“
”شايد ٿڌ کان.“ نجمه آهستگيءَ سان چيو.
”مڙيوئي خير آهي، فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.“ ائين چئي ناني واپس موٽي. سعيد شڪر جو ساهه کنيو.
مون ڏٺو، ناني اونڌائي ۾ ڪا شيءِ تلاش ڪرڻ لڳي، ۽ پوءِ جلدي جلدي سعيد جي ڪمري ڏانهن وڌي. هاڻي صرف ”ڊائلاگ“ ٻڌڻ سان ڪم نٿي ٺهيو؛ ”ايڪشن“ ڏسڻ به ضرور هو. مان دريءَ مان وٿي ٺاهي اٿس ڏسڻ لڳيس.
”اٿي ويهه ابا، ته تِري هڻانءِ.“
”نه ته، اهڙي ڪا تڪليف به ڪونهي. نجمه هڻي ڇڏيندي.“
”آئي نه ابا، آءٌ کڻي هڻنديس، مڙيوئي خير آهي-“
ائين چئي هٿ ۾ جهليل تيل واري شيشيءَ جو ڍڪ لاهڻ لڳي. سعيد منهن ڦيرائي ويهي رهيو. ناني تري هڻڻ لڳي.
”خي... بادام جو تيل نه ٿيو ڄڻ کؤنر ٿيو. ماريو چنبڙندو پيو وڃي.“
سعيد بيزار هو ۽ مٿان وري سڪل آڱرين جا مَهٽا، سور بجاءِ گهٽجڻ جي وڌندو ئي ويو هوندس.
”اڄڪلهه جا تيل خبر ناهي ڪهڙا آهن. بي ايماني ملڪ کي وڪوڙي وئي آهي، ڌپ ته ڪهڙي ڪني آهي. توبهن، توبهن، پڇ ٿُو.“ ناني اُتي ئي ڪمري ۾ ٿڪيندي چيو. ”هي توهان ڇا جي پيا تري هڻو؟“ سعيد چڙ مان چيو، ۽ مٿو سندس آڱرين جي گرفت کان پري ڪيو.
”آئي ابا اهوئي، ڇا چوندا آهن، روغن بادام، ٻيو ڇا...؟
”هي روغن بادام آهي يا مڇيءَ جو تيل؟ لاحول ولا قوة...“
”مون انڌي کي ته خير خبر نه پئي، پر شاباس هجيئن؛ اَبا، عينڪ چاڙهيو ويٺو آهين، خير سان تنهنجي به نظر ڪونه پئي ته هيءَ ڪهڙي بلا آهي، واهه اَبا واهه!“
سعيد بغير جواب ڏيڻ جي غلسخاني ۾ هليو ويو ۽ ناني ناراض ٿي اچي پنهنجي منجيءَ تي ويٺي.
”امان صبر جي به حد ٿيندي آهي، سڄي گهر ۾ نانيءَ جي حڪومت ٿي هلي، آءٌ به ته آخر ڪجهه آهيان. ايترا ڏينهن ٿي ويا آهن شاديءَ کي، اها خبر نٿي پوي ته هي گهر آهي يا سراءِ.!“ سعيد صبح جو نيرن مهل امان سان شڪايت ڪئي.
”پٽ نانيءَ کي توهان سان محبت آهي نه، سندس دل جو به ته خيال ڪبو نه....“
”سندس دل، سندس دل، ڄڻ مون کي دل نه، پٿر جو ٽڪر آهي سيني ۾.“
”ڪاوڙ نه ڪبي آهي ابا، گهر آيل مهمان آهي.“
”مهمان نه ٿي ڄڻ...“
”بس بس، وڏن لاءِ گهڻو نه ڳالهائبو آهي.“ امان تڙي ڏني، سعيد ماٺ ڪري آفيس هليو ويو.
”ناني هڪڙي ڳالهه ٻڌاياءِ؛ ماريندينءَ ته نه؟“
”وڃ ڇوڪرا وڃ، توکي ته هر وقت مشڪري ٿي سُجهي.“
”سچ ناني، ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.“ ظفري پر اسرار انداز ۾ چيو ”ٻڌاءِ به کڻي هاڻي.“
”هو ڏسو سامهون.“ ظفري گيلري ۾ پيل نانيءَ جي منجيءَ تي ويهي سامهين گيلريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ڇا آهي؟“
”پيلي قميص.“
”پيلي قميص...؟“
”هو ڏاڙهيءَ سان پيلي قميص وارو ماڻهو.“
”ها، توهان بي خبر هوندا آهيو، پر هو هميشہ گيلري ۾ بيهي توهان ڏانهن نهاريندو آهي-“
”پري ٿي ڇوڪرا“ دماغ خراب ٿيو اٿيئي ڇا، مون کي ڇو نهاريندو؟“
”سچ ناني، توهان پاڻ ڏسجو.“
”ڏاڍو ڪو بي حيا آهي.“
ظفري ته نانيءَ کي صرف هوشيار ڪري هليو ويو، مگر ظفريءَ جي انهيءَ ”انڪشاف“ ڪري حالتن تيزيءَ سان پلٽو، کاڌو. اها ناني جا اڳ سارو ڏينهن ميرن ڪپڙن جي هڙ وانگر نظر ايندي هئي ۽ منجيءَ تي ليٽي پان پئي چٻاڙيندي هئي يا اسان تي گهپي لايو ويٺي هوندي هئي سا هاڻي بلڪل ئي بدلجي وئي. خشڪ وارن ۾ خوشبودار تيل، ميري سڻڀي گنديءَ بدران سفيد ململ جو چڻيل رئو جيڪو سعيد جي شادي تي پاتو هئائين. وائل جو ڀرت تي چولو، پاپلين جي رنگين شلوار.
”ڪاڏي ٿا وڃو ناني؟“
”ابا وينديس وري ڪاڏي، ميرا ڪپڙا ٿي ويا هئا سي پئي بدلايم.“ ايتري عرصي بعد نانيءَ کي پنهنجن ميرن لٽن جو خيال نهايت تيزيءَ سان آيو.
هاڻي ناني هر ڪنهن سان ڏاڍي خوش مزاجي سان پيش ايندي هئي. سندس سارو ڏينهن گيلريءَ ۾ پيل منجيءَ تي گذرڻ لڳو. پان به ٺاهيندي ويندي هئي ۽ سامهون گيلريءَ ڏانهن به نهاريندي هئي. ڪنهن مهل سندس چهري تي سخت انتظار جي ڪيفيت هوندي هئي ته ڪڏهن مڪمل سڪون ۽ تازگي.
”آ... ظفري ابا هيڏانهن اچ.“ سندس لهجو نرم هو.
”ها ناني.“
ناني هڪ پان ظفري لاءِ ٺاهڻ لڳي.
”هي سامهون پيلي قميص وارو ڪير ٿو رهي-؟ برابر، مون به ڏٺو ته مونکي يڪ ٽڪ پئي نهاريائين.“
”او... ها جي ها، جي ها، ناني مون ته توهان کي پهرين چيو هو پر توهان اعتبار ئي نٿي ڪيو.“
”بس هاڻي ته اکين سان ڏٺم ته اعتبار آيو، ڀلا آهي ڪير؟“
”ناني، ماستر آهي پرائمري اسڪول جو؛ مسواڙ جي ڪوٺيءَ ۾ پيو رهي.“
ناني انهيءَ ٿوري ’انفرميشن‘ ۾ مطمئن ٿي وئي. ”پيلي قميص“ هڪ لحاظ سان سندس چڙ ٿي وئي هئي. پر هوءَ صرف مٿئين دل سان چڙندي هئي. هيڏانهن جو ته اهو حال هو ۽ هوڏانهن ماستر ويچارو بي خبر صبح جو سوير گئلري ۾ بيهي ڏندڻ ڪندو هو يا ڪڏهن شام جو ڪتاب کڻي اتي ئي ڪرسي وجهي اچي ويهندو هو. اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا ويا.
اسان جي جان آزاد هئي. سعيد مطمئن هو. نانيءَ کي گيلري وٽان فرصت ئي ڪونه ملندي هئي جو اچي سعيد کي پنهنجي ”شفقتن“ سان نوازي.
پر هڪ ڏينهن الائي ڪهڙو انقلاب اچي ويو جنهن نانيءَ کي وري چيڙاڪ بڻائي ڇڏيو. اهي ئي ميرا حال، پريشان وار، هينئر ته سندس طبيعت اڳي کان به گهڻي غير سڌريل هئي. هڪ ڏينهن انهيءَ جو سبب به معلوم ٿي ويو. اسڪولن ۾ ٻن مهينن جي وئڪيشن ٿيڻ ڪري پيلي قميص وارو ماستر سامان ٻڌي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هو. نانيءَ لاءِ ڏينهن گذرڻ مشڪل ٿي پيو. خالي خالي گئلري ڄڻ کيس کائڻ پئي ايندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ناني به پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌا.

نِيري شال

يار سليم! اڃان ته ڪنوارو آهين؟“
”جي -؟“ هن حيرانيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪيو.
”شاديءَ کان پوءِ زالن جو فضول خرچي ڪري عام طرح سان مرد ڪنجوس ٿي ويندا آهن، پر تون ته هينئر کان ئي پريڪٽس پيو ڪرين.“
ساٿي ڪلرڪ جو طنز هاڻي هنجي سمجهه ۾ اچي چڪو هو ۽ جواب ۾ ڦڪي مرڪ سندس چپن تي پکڙجي وئي. ”پاڻ کي زنده درگور ڪرڻ جو مطلب؟ مان سمجهي نٿو سگهان ته تون اهڙو بي جان ڇو بنجي ويو آهين نه ڪيڏانهن اچين نه وڃين، ٻين کي به مصروفيتون آهن، ليڪن اهي ته ائين نٿا ڪن؟“
”ڇا ڪريان، حالتن ۽ عادتن جي ڪري مجبور آهيان.“
”اها مجبوري ته نه، مغروري ٿي، تون ته ڪنهن کي دوست به نٿو بڻائين؟“
“مان ان قابل ڪٿي آهيان.“
”ائين ڇو نٿو چئين ته ڪنهن کي پنهنجي دوست بنجڻ جي قابل ئي نٿو سمجهين.“
”ائين ئي سمجهو، نه مان ڪنهن جي قابل آهيان، نه ڪير منهنجي.“
”تون ڪجهه به کڻي چئو، بهرحال دوستي ضروري آهي.“ ”صحيح آهي، ليڪن بي لوث دوستي هن زماني ۾ ملي ڪٿي ٿي؟“ هن ڳالهه ختم ڪرڻ خاطر زماني جي شڪايت ڪئي.
”منهنجي مراد انهيءَ دوستي مان نه هئي، مان ته چئي رهيو هئس چانهه پاڻي واري دوستي هن مشيني دور ۾ سٺي آهي. نهايت عام ۽ مقبول. وندرجي وندر، محفل جي محفل.“ ليڪن مونکي پسند ناهي.“
”توکي ڀلا ڪيئن پسند ايندي، ڪنجوس جو آهين، چانهه پيارڻ تي دل نه ڪندي هوندءِ.“
”ها!“ هن اطمينان سان مختصر جواب ڏنو ۽ هُو هن جو اهو صاف ۽ مختصر جواب ٻڌي کيس ائين گهورڻ لڳو، جيئن هن ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي.
جنهن آفيس ۾ هو ڪلرڪ هو اتي ٻين ڪلارڪن جون ڪم توڙي فرصت جي وقت ويجهڙي هوٽل يا آفيس ۾ ئي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، پان سگريٽ ۽ چانهه جو دور چالو رهندو هو، پر هو سڀ کان جدا، الڳ، نرالو ڪڪ ۽ بيزا، انهي ڪري ئي سڀ کيس ڪنجوس ۽ مغرور سمجهندا هئا. ماڻهن جا طنز ڀريا جملا هن لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي دل چاهيندي هئي ته هو دنيا کي يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ملندڙ ماڻهن کي ٻڌائي ته هو ائين ڇو ڪري رهيو آهي؟ کيس خيال ايندو هو ته جيڪڏهن ڪير هڪ به هن کان اها ”ڇو“ پڇي وٺي ته ان ۾ ڪيتري نه پنهنجائپ ۽ خلوص هوندو، ۽ ڪيترو نه هنجي دل جو بار هلڪو ٿي پوندو، ليڪن ائين ڪڏهن به نه ٿيو ۽ ڪنهن به ڀُلجي کائنس چت جي چنتا جو حال نه ورتو. هن سان سور نه سليو... هو اڪيلو زندگي جي گهاڻي ۾ پنهنجي مقصد جي مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳهندو رهيو.
سندس اميدن جو مرڪز بي. اي جو امتحان هو جنهن ۾ صرف اٺ ڏينهن وڃي بچيا هئا، هو ڏاڍو محنتي اورچ هو ۽ ڪيترن ئي امتحانن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو هئائين هن کي امتحان جو بيچينيءَ سان انتظار هو ۽ جڏهن هو پنهنجي ڪامياب ٿيڻ جو تصور ڪندوهو تڏهن هن جي دل خوشيءَ کان سرشار ٿي ويندي هئي. هو سوچيندو هو ته جيڪڏهن هن سال به هو فرسٽ آيو ته ڪنهن ڪمپيٽيشن ۾ ويهندو ۽ سندس اميدن ڀريا خيالي سلسلا پري پري تائين سک ۽ راحت جي وادين ۾ پکڙجي ويندا هئا ۽ هو اکيون پوري انهيءَ واديءَ ۾ گم ٿي ويندو هو.
آفيس مان موٽڻ هنجي کيسي ۾ سوا رپيو هو، جنهن جي آڌار تي هنجا قدم سامهون رسالن جي دڪان ڏانهن وڌيا. سرسري طور هن سڀني رسالن تي نظر وڌي، هڪ رسالي جي افساني نمبر کي ڏسي، هنجي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان هن رسالو پنهنجي هٿن ۾ کنيو، ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي هڪ آرٽسٽ جو آرٽ هو. ڪيتري نه سادگي ۽ ڪشش هئي انهيءَ آرٽ ۾... هو ڪا گهڙي تصوير کي ڏسندو رهيو ۽ پنو اٿلائي اديبن ۽ شاعرن جي نالن کي غور سان پڙهڻ لڳو. رسالي جي قيمت به سوا رپيو هئي. هن خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن هن جو ذهن گهر ڏانهن کڄي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ وارا ماءُ جا چيل لفظ هن جي ذهن ۾ وڄڻ لڳا. اڄ ڪائين تاريخ آهي پٽ...؟“ ”امان اڃا ته پنجويهين آهي، توهان هاڻ کان ئي...!!“ اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس ۽ اڳتي ڳالهائڻ نه سگهيو. ”ها پٽ! زرينه لاءِ سوئيٽر...“ ماڻس جي دل ڀرجي آئي ۽ جذبات جي طوفان کي روڪڻ لاءِ پٽ جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. هوءَ هڪ بيوه هئي. سندس مڙس هڪ ڌيءَ ٻه پٽ مفلسيءَ جي گهري غار ۾ تنها ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪو هو... سليم جي هٿ تي ٻه گرم گرم لڙڪ ڪري پيا، جن ۾ لاءِ انتها خواهشون ۽ ارمان هئا. هن ماءُ ڏانهن نهاريو، ”امان تون روئي رهي آهين؟“ ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”امي! جيڪڏهن تون روئيندين ته مان ڇا ڪندس، توکي پاڻ منهنجي همت وڌائڻ گهرجي.“
”نه پٽ...“ هن لڙڪن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”امڙ غم نه ڪر. جيستائين آءٌ زنده آهيان تيستائين توکي فڪر نه ڪرڻ ڏيندس.“ هن ماءُ کي آٿت ڏنو.
”پٽ فڪر ته ڪنهن ڳالهه جو ناهي. خدا توکي سلامت رکي... تنهنجي ڀيڻ زرينه جوان ٿي وئي آهي...“ ماڻس اڳتي ڪجهه نه چئي سگهي، پر هو سڀ ڪجهه سمجهي ويو.
”ها پٽ... زرينه لاءِ ڪو سوئيٽر وٺي اچج... ويچاريءَ وٽ ڪو گرم ڪپڙو ئي ناهي. اڳيون سوئيٽر صفا ڦاٽي ويو اٿس سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي پر مجال آهي جو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي.“
”چڱو امان...“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
دڪاندار هن کي گهڻي دير کان رسالو هٿ ۾ ڏسي چيو، ”صاحب رسالو پارسل ڪيان؟“ ۽ هنجي خيال جو سلسلو ٽٽي پيو. ”جي...جي نه معاف ڪجو هي رسالو منهنجو پڙهيل آهي.“ هن شڪي ٿيندي چيو. دڪاندار هنکي ڪرڙي نظر سان ڏٺو، جيئن چئي رهيو هجي، ”ڇو ٿو ڪوڙ ڳالهائين، اڄ ئي ته هي رسالو بازار ۾ آيو آهي.“
زرينه جو ڦاٽل سوئيٽر هنجي اڳيان ڦرڻ لڳو. هو سوا رپيو پاڻ تي خرچ نه ڪندو، سڀاڻي پگهار ملڻ تي ٻيا پئسا گڏائي سوئيٽر وٺندو. هو واپس وڃڻ لاءِ مڙيو.
”سليم،“ ڪنهن هن کي سڏ ڪيو، هن ڏٺو سندس پراڻي ڪلاس فيلو رضيه پنهنجي ڪار روڪي هن طرف اچي رهي هئي. ”هلو سليم، جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج جوائن ڪيو آهي تڏهن کان ڏسجين به نٿو؟“

”اوهه! رضيه، گهڻي وقت کان پوءِ ملاقات ٿي آهي. تمام مصروف رهڻو ٿو پوي اڄڪلهه، تون ٻڌاءِ ڪيئن آهين؟“
”مان؟ مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان.“ هن پنهنجي گلابي چپن تي موتئي جهڙي مرڪ پکيڙيندي چيو.
”ڪاليج ويندي هوندينءَ؟“
”ڪٿي سليم، ڪاليج جي رونق ته تنهنجي ڪري ئي هئي، جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج ۾ داخل ٿئين، مون به انٽر کان پوءِ پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو.“
”ڇو ٿي بيوقوف بڻائين.“ هن سادگيءَ سان مسڪرائيندي چيو.
”سچ ٿي چوانءِ، يقين نٿو اچي. پر سليم توکي ڇا ٿيو آهي. ڏاڍو اداس ۽ سوگوار سوگوار لڳي رهيو آهين.“ هن دل جي اٿاهه گهرائي سان همدرديءَ ڏيکاريندي چيو.
”مان ته... مان اُداس ڪٿي آهيان!؟“
”تون ڀل نه مڃ، ليڪن تنهنجون نظرون ٻڌائي رهيون آهن.“
”تون اڄ هت ڪيئن آئي آهين؟“ هن ڳالهه جو رخ بدلائڻ چاهيو.
”اهو ته توکي ٻڌائي رهي هئس، سڀاڻي منهنجي سالگره آهي، ان لاءِ هوٽل تي ڪجهه آرڊر ڏيڻ آئي هئس، اها ته منهنجي خوش قسمتي چئبي جو تون ملي وئين، سڀاڻي ايندين نه؟“
”ليڪن...“
”ليڪن ٻيڪن ڪجهه به نه، وعدو ڪر آءٌ تنهنجي ملاقات ڊيڊي سان ڪرائينديس، هو توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو.
”رضيه مونکي اچڻ ۾ ته ڪو عار ڪونهي، پر تون هڪ امير والدين جي سڪيلڌي ڌيءَ آهين ۽ مان... مان ته ڌرتيءَ جي ڌوڙ آهيان... ڪلر جي ڪيري آهيان... آءٌ انهي پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ جي قابل ڪٿي آهيان؟“
”ڇڏ سليم، اهي ڳالهيون نه ڪر.“ هن مصنوعي ناراضگي جي انداز ۾ چيو.
هو مشڪيو، هن کي احساس ٿيو ته ڪاليج جي زماني کان رضيه هن کان متاثر هئي، هن کي پسند ڪندي هئي... پر هو خود گهرو پوڻ نه چاهيندو. هو، ڇو جو هن کي پنهنجي مفلسي جو احساس هو. پاڻ کي هنجي قابل نٿي سمجهيو، ليڪن اڄ گهڻي عرصي بعد رضيه هنکي ملي هئي، هن سندس دل نٿي ٽوڙڻ چاهي. ڪيتري نه پنهنجائپ سان هن کي اچڻ لاءِ چئي رهي هئي.
”ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هن کي خاموش ڏسي هن سوال ڪيو.
”ڪجهه به نه...“
”چڱو، آءٌ هلان ٿي، جلدي ۾ آهيان، تون ضرور اچجانءِ مان انتظار ڪنديس. ۽ ڏس گهڻو نه سوچيندو ڪر.“
”مان ضرور ايندس رضيه.“ هن جذباتي ڪيفيت ۾ چيو.
”چڱو باءِ، باءِ!“ هوءَ هلي وئي.
هو سوچي رهيو هو ته سالگره تي وڃي يا نه؟... هڪ شديد ڪشمڪش هئي جا هن کي پريشاني جي لهرن ۾ ڌڪي رهي هئي. هو وري سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هو نه ويو ته رضيه کي ڏک ٿيندو، هو ڇا سوچيندي ته غريب ايترا ڪم ظرف ٿيندا آهن. هن کي ضرور وڃڻ گهرجي.
اڄ کيس شام جو دعوت تي وڃڻو هو. هن پنهنجو جائزو ورتو. جيڪڏهن هو هن حال ۾ ويو ته رضيه جي انسلٽ ٿيندي. هن کي ٺاهوڪو سوٽ پائڻ گهرجي ليڪن ٺاهوڪو سوٽ ڪٿان آڻي...
”ڪا ڳالهه ناهي. مان سادن ڪپڙن ۾ ئي ويندس. رضيه مون کي اهڙي حال ۾ به عزت ڏيندي، هن کي منهنجي حالت جي سڀ ڄاڻ آهي.“ هن پاڻ کي ڏڍ ڏنو.
هن گفٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ نيري رنگ جي ڪشميري شال پسند ڪئي، بل کي ڏسي هنجي دل دهلجي وئي. پوري پنجاهه رپين جو بل هو. ”صاحب، بس اها هڪ ئي شال رهجي وئي هئي.“ دڪاندار شال پئڪ ڪندي چيو. هن ڏڪندڙ هٿن سان دهين ڏهين جا پنج نوٽ اڳتي وڌايا، جن تي ڀيڻ جون حسرتون ۽ ماءُ جون تمنائون تڙپي اُٿيون هونديون.
بنگلي کي ڪنوار وانگر سنيگاريو ويو هو. بجليءَ جا هزارين بلب جهرمر ڪري رهيا هئا، رڪارڊنگ ٿي رهي هئي، فضا ڪنهن اڻ لکي نشي کان مخمور هئي. ايندڙ ويندڙ هي نظارون حسرت ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئا. خوشيءَ جا گيت ۽ رڪارڊ پولار ڪري رهيا هئا. هُن اڇاتري نظر سان منظر کي ڏٺو ۽ بنگلي ڏانهن وڌيو. ماڻهن جي ميڙ ۾ ٻه اکيون هن لاءِ منتظر هونديون هن جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. مين گيٽ تي بيٺل نوڪر هن کي پاڳل سمجهي روڪيو، هن لان تي بيٺل ميڙ کي ڏٺو ٻه اکيون ميڙ ۾ گم ٿي چڪيون هيون، مبارڪباد جا نعرا فضا ۾ پکڙجڻ لڳا، نفيس تحفا پيش ڪيا پي ويا، هن تجسس ڀريل نگاهن سان وري ڏٺو، ٻه اکيون چمڪي رهيو هيون جن ۾ نفرت هئي، وحشت هئي ۽ عيان هو ته جيڪڏهن توکي پنهنجي عزت جو خيال نه هو ته منهنجي عزت جو ته خيال ڪرين ها. هن پئڪيٽ کي زور سان ڀيڪوڙيو.
”سچ آهي ته خاڪ جي ذري کي عرش جي بلنديءَ سان ڪهڙي نسبت.“ هُو ڀڻ ڀڻ ڪندو تکيون تکيون وِکون کڻندو اڳتي وڌي ويو.

واريءَ سندو ڪوٽ

اڄ زينت جي گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. رڳو رکي رکي سندس ڪوٺيءَ مان هُن جي آواز جا سنهڙا سنهڙا سُر ڦٽي رهيا هئا. هوءَ پلنگ تي اڍائي مڻي ڳوڻ وانگر ائين ليٽي پئي هئي جيئن ڪانٽي تي ڪا وزني شيءِ تورڻ لاءِ رکي هجي. سامهون سندس رڻ ڪڇ جيان ڏڪاريل جسم جهڙو مڙس الهه ڏنو، جنهن جي مجموعي تور ٽيهن سيرن کان وڌ نه ٿيندي، سو حڪم جي بندي وانگر ڪاغذ تي پنهنجي زال جون فرمائشون لکي رهيو هو.
الهه ڏنو هو ته تپيدار پر منجهس تپيدارن واري چُستي ۽ چالاڪي بنهه نه هئي، قد هيڪاندو ڊگهو، بدن اهڙو سنهڙو ۽ ڪمزور جو تيز هوا جو جهوٽو به هوند کيس اُڏائي وڃي... طبيعت به گهڻي حد تائين يتيماڻي هئس، ايتري تائين جو چالاڪ کاتيدار سندس ”آنڪي“ واري ڳجهي اڪائونٽ ۾ گهوپيون هڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
اِنهن ڪمزورين جي هوندي به هو ڏيتي ليتي واري معاملن ۾ ڏاڍو ڀَڙ ۽ هوشيار هو. ”هذا من فضل ربي“ جي وٽس ڪمي نه هئي. کيس سنڱ نه ٿي مليو. گهڻائي حيلا هلايائين ۽ وس ڪيائين آخر ڪجهه تقدير ۽ ڪجهه سنڱ ڪرائڻ وارين ”سڳورين“ کيس وَڏ گهراڻي مان شادي ڪرائڻ جا آسرا ڏيئي ۽ وڏا وڏا دستاويز لکائي هڪ مَڙهه جيڪا کانئس گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال وڏي هوندي اڙائي ڇڏي ۽ اهو قول ثابت ڪري ڏيکاريو ته، ”مڱيو ته ٽنگيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ، ماڻهو ڪيو ماٺ، مڙس به ويو پئسا به ويا!“
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه هو ته زينت برابر وڏي گهر مان آئي هئي، ڇو ته سندس چاچو ملڪ رحيم خان چڱي پئسي ۽ اثر رسوخ وارو شخص هو. اها جدا ڳالهه هئي ته زينت جي حيثيت اُتي هڪ پورهيت کان وڌيڪ نه هئي. هوءَ اڃان ننڍي ئي هئي جو سندس بدڪ جيڏي رنگين مزاج ماءُ ڀڄي وڃي ٻيو مڙس ڪيو- ڀلا هڪ ونڊ جي ٽڪرن تي پلندڙ، مسيت جي مُلي مجاور جي سرءُ جي ساڙيل بنجر ۽ ويران زندگيءَ سان سندس چلولي ۽ وسڪڻي من کي ڪٿان ٿي قرار مليو- ۽ هڪ ڏينهن وجهه ڏسي زينت کي جا تن ڏينهن ۾ ڇهه ستن سالن جي مس هئي، اُتي ئي درگاهه جي اوطاري ۾ ڦٽو ڪري پاڻ درگاهه جي ڪنهن عقيدتمند سان نڪري وئي.
زينت جو پيءُ ان مهل ميت کي دفنائي ڪانڌين سميت موٽيو پئي آيو جڏهن کيس زال جي ”سنجن سوڌو“ ڀڄي وڃڻ جي خبر پئي تڏهن ڪجهه دير پهريائين جيڪا ميت دفنائي آيو هو، تنهن ساڳي هنڌ پاڻ کي دفن ٿيندو محسوس ڪيائين. انهيءَ اوچتي سور کيس اندر ئي اندر کائي ڇڏيو ۽ هڪ ڏينهن اُڏوهي کاڌل ڪاٺ وانگر اچي پٽ پيو وري نه اُٿيو-
پيءَ جي مرڻ کان پوءِ زينت جي پرورش ۽ سار سنڀار سندس چاچي رحيم خان وٽ ٿيڻ لڳي. چاچيس جنهنکي اڳ ۾ ئي ڌڻ ڌيئن ۽ ٽوڪرو پٽن جو هو، هن اوچتي بلا جي اچڻ تي نانگ وانگر ڦوڪارا ڏيڻ لڳو. ”اڳ ئي پنهنجا ٻار ٿورا اٿئي جو مٿان وري هيءَ مصيبت به آڻي ڦٽي ڪيئي.! سندس آواز وِڄ جيان رحيم خان تي ڪِريو. ”ٺهيو هاڻي ڪريم ماءُ الله سڀڪي ڏنو اٿئون، هيءَ يتيم به پلجي ويندي.“ ”اسان ڪو ڀاڄوڪڙن جي ڌيئن جو ٺيڪو کنيو آ ڇا؟“ ”پر هو ته ويچارو منهنجو رت... جگر... سڳو سؤٽ هو!“ هُن ڄڻ دردمندانه اپيل ڪئي. ”هائو سؤٽ! مُئو استنجي جو ڀِترُ! مجاور ڪٿي جو!!!“ هن وِڄ جيان وڪڙ کائيندي ڳالهه ختم ڪئي.
انهي ڏينهن ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي زينت جي ننڍڙي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته سندس هن گهر ۾ چلهه جي مارنگ جيتري به اهميت نه هئي. چاچي جي ته اها خواهش هئي ته هوءَ به سندس ٻارن سان گڏ اسڪول پڙهڻ وڃي، پر منڍ کان ئي سندس سر تي گهر جا ڪيئي ڪم مڙهيا ويا هئا، جهڙُڪ: چاچيءَ جي چيلهه تي زور ڏيڻ، سندس مٿي جا اڇا وار چونڊڻ، چاچي جي روزانو ڏيڍ پاءُ بلغم سان ڀريل گينڊي کي برش سان صاف ڪري چمڪائي پلنگ جي سيراندي رکڻ- ”اٽئچ باٿ روم، جا ڪموڊ ڌوئڻ وغيره وغيره، پوءِ ڀلا ويچاريءَ کي اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ايترو وقت ڪٿان ٿي مليو.
زينت جون سوٽيون پنهنجين جيڏين سرتين اڳيان کيس مائٽياڻي ظاهر ڪندي مهڻو سمجهنديون هيون نه ته به ”اٺين پيڙهي اُٺ- ماڪوڙو ماسات“ کان وڌيڪ نه ڄاڻينديون هئس.
هوءَ جيئن جيئن وڏي ٿيندي ٿي وئي تيئن تيئن سندس ڪم ڪاريون ۽ ذميداريون وڌنديون ٿي ويون- هن ۾ ڪا خودداري نه هئي... ڪو احساس نه هو... هُن ڪڏهن به سوٽين ۽ پنهنجي وچ ۾ فرق محسوس ڪري پاڻ کي اُداس نه بڻايو هو. هوءَ سمجهندي هئي ته هو پيدائي ڄڻ انهن جي خدمت لاءِ ٿي آهي. پنهنجي انهيءَ حال ۾ گهڻو خوش هئي. اها عزت افزائي هن لاءِ ڪا گهٽ هئي، جو چاچيس سندس سگهڙائپ مان خوش ۽ مطمئن ٿي گهر جون سموريون ذمينداريون مٿس وجهي ڇڏيون هيون... هوءَ سڄو ڏينهن گڏهه وانگر ڪم ڪندي هئي. ڪپڙن سبڻ جي مشين هلائڻ، استري ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، سوَڙون ۽ رِليون سبڻ کان وٺي، ٻهاريون، پوچيون ڏيڻ، ڪڻڪ ڇنڊڻ، چانور چونڊڻ، مصالحه ڪٽڻ ۽ ٻارن کي وهنجارڻ سهنجارڻ جا سڀئي ڪم سندس ذمي هئا. ڪنهن نوڪر جو ڪم کيس وڻندو به ته نه هو، بس رڳو گهر ۾ هڪ ئي نوڪر هئو جيڪو بورچيءَ جو ڪم ڪندو هو. اڳ جو ايترو پئسو نوڪرن ۾ ضايع ٿيندو هو تنهن جي هاڻ بچت ٿي وئي هئي. کيس ته پگهار ڏيڻ جو سوال ئي نٿي اُٿيو، ڀلا مائٽن کي پگهار ڏيئي ذليل ٿورو ئي ڪبو آهي؟ ها- عيد برات تي چاچي ۽ چاچيس کي مبارڪ ڏيڻ جو اُجورو کيس چاچيءَ کان ٻه ۽ چاچي کان پنج رپيا ملي ويندو هو ۽ ڪنهن نوڪرياڻيءَ وانگي بي بي يا صاحب چوڻ جي بجاءِ کيس ”چاچا“ ۽ ”چاچي“ چوڻ جو فخر حاصل هو. هڪ دفعو هن جي ذهن ۾ خيال آيو ”ڪهڙي خبر چاچيس سندس سگهڙائپ مان خوش ٿي کيس ڪريم جي ڪنوار بڻائي ڇڏي.“ پر جڏهن ڪريم ولايت وڃڻ کان اڳ سيٺ قاسم ڀائي صالح ڀائي جي ڌيءُ سلميٰ ٻائي سان نڪاح جو ارادو ظاهر ڪيو هو ته پاڙي جي هڪ ڪراڙي زائقا نڪ تي آڱر رکندي کيس نصيحت ڪندي چيو هو: ”ابا! پنهنجي موتين جهڙي سؤٽ کي ڇو ٿو ڌارين لاءِ ڇڏين؟“ تڏهن ڪريم بي پرواهيءَ سان چيو هو ته: ”زينت اسان جي لائق ناهي.“ بدقسمتيءَ سان زينت اهي اکر ٻڌي ورتا ۽ ڪجهه دير لاءِ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو پر هُن انهيءَ ڏينهن کان پوءِ انهيءَ گهر جي نُنهن بنجڻ لاءِ ڪڏهن سوچيو به ڪونه. سندس سوٽين، جي کانئس گهڻو ننڍيون هيون، پڙهي لکي، ڊگريون وٺي وڃي شينهن ڪلهي چڙهيون. کين جڏهن ڪو ٻارڙو ڄمڻ وارو هوندو هو ته زينت کي گهرائي وٺنديون هيون، جيڪا مٿائن نه فقط راتين جون راتيون اوجاڳا ڪڍندي هئي پر گهر جي سموري ڪم ڪار ۽ ٻين ٻارن کي پڻ سنڀاليندي هئي. جيڪڏهن هو ڪٿي گهمڻ گهتڻ وينديون هيون ته زينت پٺيان خوش اسلوبيءَ سان گهر سنڀاليندي هئي، پر اتفاق سان جيڪڏهن کيس ساڻ به وٺي وينديون هيون ته هوءَ واپسيءَ تي ڪپڙن ۾ ئي نه ماپندي هئي. کيس ائين لڳندو هو ته ڄڻ چنڊ تان گهُمي آئي هجي. ”ادي زينت نه هجي ها ته هوند اسان جو الائي ڪهڙو حشر ٿئي ها. اهڙيون سگهڙ سوٽيون ته شل ڪنهنجيون هجن.“ هڪڙي سوٽ اک جي ميڇ ڏيئي جڏهن سڀني جي آڏو، زينت جي تعريف ڪندي هئي ته کيس پنهنجو وزني جسم ڪنهن ڪپهه جي پوڻيءَ جيان لڳندو هو ءَ هوءِ هوا ۾ ترڻ لڳندي هئي. رت جو دورو خوشيءَ کان تيز ٿي ويندو هوس. هنجي مرجهايل جوانيءَ تي هڪ دفعو بهار اچي ويندي هئي ۽ سندس جسم، جنهن ۾ اڳ ئي رت جي ڪائي کوٽ نه هئي وڌيڪ اضافو ٿي ويندو هو. موڪلائڻ مهل سندس خدمتن جي عوض؛ کيس تحفي طور ريشمي رئو، چمپل يا چولو ملندو هو ته: جيئس ڙي جيئس! منهنجا ڄاڻائون ٿا جيئن“ جي چوڻي مطابق فخر مان ٺونٺيون هڻندي، اچي گهر ٺڪاءُ ڪندي هئي- جتي ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه ۽ اهي ئي روهه رلا مٿي گلا، وري اچي پنهنجو اصلوڪو عهدو سڀاليندي هئي. سؤٽن جون زالون ۽ چاچيس کيس ڏسندي ئي چهٽي وينديون هيون، ڄڻڪ ”هٿ جي ڏوئي“ يا ”انڌي جي لٺ“ اچي وئي هجي. ”آئي! ايڏا وڃي ڏينهن لاتيءَ؟ گهر اُٻاڻڪو ٿي پيو هو توکانسواءِ اسان کي ته بنهه کائڻ ٿي آيو.“ تڏهن سندس واڇون ٻن ويسن ۾ کنڊيرجي وينديون هيون ۽ ناسون ڦنڊي، مشڪندي ۽ لڏندي وڃي ڪم کي جنبندي هئي. اهڙيءَ ريت سندس نوجواني جواني ۾ ۽ جواني، ٿولهه ۽ ڪراڙپ جي سنگم سان هم آهنگ ٿي رهي هئي. سندس زندگيءَ جا ٻٽيهه سال سندس چاچي ملڪ رحيم نواز خان جي گهر واري گهاڻي ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڳهندي ڳهندي گذري چڪا هئا. ”مائي قهر آهي. ڇوريءَ جي ڄمار ئي ڳاري ڇڏيائون. امڙ! پرائي ڄائي اٿن نه، تڏهن ته ڪو فڪر ئي ڪونهين، پنهنجون ڌيئر پٽ ته پرڻائي ڇڏيائون، غريبڙي يتيم زينت تي ته ترس ئي نه ٿو اچين جو کڻي ويچاريءَ جي ڪٿي شادي ڪرائي ڇڏين.“ اوڙي پاڙي جي زالن ۽ گهر ۾ ايندڙ ويندڙ زائفن جي طعنن ۽ مهڻن جي تيرن، چاچي ۽ چاچيءَ جي ڪنن کي زخمي ڪري ڇڏيو، تڏهن کين زينت کي اُٿارڻ جو خيال آيو ۽ ٿورڙي تڪليف سان ئي زينت جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو. سندس پاند الهڏني تپيدار جي پاند سان اٽڪايو ويو. زينت جنهن جي زندگيءَ جي رنگيني چاڪيءَ جي ڏاند کان ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ نه هئي تنهن کان ڀلا کٽ تي ويهي کائڻ ۾ ڪٿان ٿي مزو آيو. ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا تن جا هنيئڙا ويچارا“ وانگر زينت کي به ڪم کانسواءِ قرار نه آيو ۽ شادي جي ٽين ڏينهن ئي مڙس ۽ سسڻس جا ميرا ڪپڙا چونڊي هڪ هنڌ ڌوئڻ لاءِ گڏ ڪيا ۽ ٻهاري کڻي گهر صاف ڪرڻ لڳي.
ڪراڙي سس جنهن کي سڪي پني مس مس ننهن ملي هئي تنهن دانهن ڪري وڃي ٻهاري ڦريس- ”منهنجي شهزادي جي راڻي، آءٌ مري وئي آهيان جو توکان ڏياريندس ٻهاريون-؟ نوڪرن جي هوندي سوندي تون ڇو ڪم ڪرين؟“
”پوءِ ڇا آهي امان، چاچيءَ جي گهر به ته ڪم ڪندي هئس، ۽ هي ته منهنجو پنهنجو گهر آهي، مونکي ته نوڪرن جو ڪم وڻي ئي ڪين.“ زينت ننڍي نيٽيءَ ڪنوار جيان شرمائيندي خوشي کان ٻلهار ٻلهار ٿيندي چيو.
”آئي امان، تنهنجا دشمن ڪم ڪن، منهنجو الله ڏنو ڪو سڃو آهي ڇا- مولا جو ڏنو سڀڪي آهي تولاءِ سوَ ٻانهيون رکجن تڏهن به ٿورڙيون. چري نه ٿيءُ منهنجي راڻي، سڪيلڌي! منهن ڌوئي پلنگ تي ٿي ويهه مڙسهين جي اچڻ جي مهل ٿي آهي. ڇا چوندو-“ سسڻس سراتاپاءِ پيار ٿيندي چيو زينت مشڪي ٻهاري رکي ڇڏي. پوءِ اهڙا گهڻيئي موقعا آيا جنهن ۾ سسڻس کي ڪم ڪندو ڏسي زينت وٽس ادب مان ڊوڙي ويندي هئي، پر هوءَ هميشہ جيان کيس راڻيءَ بادشاهزاديءَ جا لقب ڏيئي ڪم کي هٿ نه لائڻ ڏيندي هئي. نتيجو اهو ٿيو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ زينت جا سنڌ سُڪي ويا ۽ کانئس ڪو ڪم نه پڄندو هو. غير معمولي اهميت ۽ ڌيان ملڻ ڪري هو پنهنجي ليکي پاڻ کي سچ پچ انگلينڊ جي راڻي سمجهڻ لڳي هئي.
الهه ڏني تپيداريءَ مان ايڏو ته ڪمايو هو جو سندس ست پيڙهيون به هوند ڪک ڀڃي ٻيڻي ڪرڻ کانسواءِ ئي کٽ چڙهي کائي ٿي سگهيون. هن پنهنجي سڪيلڌي زال لاءِ اهو ڪي ڪيو جو ويچارو چڱو خاصو وچولي طقبي جو سکيو ستابو ماڻهو به هوند ڪجهه نه ڪري سگهي.
زينت ويچاري؛ جنهن پنهنجي اڌ وهي پرايا ٻيلپا ڪري گذاري هئي اڄ ان جي اڳيان پٺيان نوڪر هئا ۽ کٽ تان هيٺ پير نه ٿي لاٿو. سندس ”سنهڙو ۽ ڪمزور جسم“ ايترو ته سنهڙو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو ڄڻ هاٿي. زينت اڳ جيڪا ٻالي ڀولي ۽ سادي سودي نوڪرياڻي هئي فقط هڪ ئي سال ۾ سچ پچ هڪ وڏ گهراڻي ۽ خانداني زال بڻجي چڪي هئي.
”الاني ماءُ! ڪر خبر، اٿئي ڪا ننهن کي اميدواري؟“ پاڙي جي هڪ گهاگهه ۽ ڪامياب دائي، سندس سس کان پڇيو. دائيءَ جو جملو لاٽونءَ وانگيان بولاٽيون کائيندو، زينت جي ڪنن ۾ پڙلاءُ ڪرڻ لڳو. ”اميدواري!“- زينت اهڙي ريت ساهه کنيو جيئن ڪا مينهن ڇرڪ ڀري پاڻيءَ مان نڪتي هجي. ”اُميدواري- اُميدواري“ ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اهي لفظ سندس لاشعور ۾ ٻار لاءِ دٻيل خواهش کي چيڀاٽيندا رهيا. ”مائي! خير سان شاديءَ کي سال ٿيو آهي. ننهڻي جو اڃا پير ڳرو نه ٿيو آهي؟ ڪا دوا ٻوا نه ٿا ڪرايوس؟ مان ته پنهنجي آهيانوَ ڪهڙا ٽڪا خرچ ايندو ڪو ڪاڙهو ٻاڙهو پياريوس، ڪا سُتي ڦڪي ڏيوس ته عضوا کُلي پونس. من ڪا مولا سڻائي ڪريوَ. گهر جي سونهن ته هوندي ئي ٻارن سان آهي. الله ويچاري الاني کي ڪو اولادي ڪري.“ دائي هاسيڪاري زينت جي ڪمري ڏانهن منهن ڪندي زور زور سان چوڻ لڳي.
”اميدواري- ڪاڙهو ٻاڙهو- سُتي ڦڪي- غضوا!“ دائي جي اکرن طوفاني واچوڙي وانگر زينت جي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ”مان پنهنجي آهيانوَ ڪهڙا ٽڪا خرچ ايندوَ.“ زينت جو خيال دائي جي اُنهن لفظن ڏانهن کڄي ويو، جن مان کيس لالچ جي بوءِ پئي آئي. هن هڪ دفعو ٻيهر ٿڌو ۽ اونهوساهه کنيو، پر هن دفعي سندس ساهه ۾ اطمينان هو.
”ابا واحد جي زال، کتو دائي آئي هئي. ڪنوار لاءِ ڪاڙهي ٺاهڻ جو چئي وئي آهي. مون ته حامي ڪونه ڀريس؛ ڏاڍو پنهنجائپ مان زور پئي ڀريائين. چيائين ته رڳو ست ڏينهن، نيراني هانءِ منهنجو ڪاڙهو پيئ، جي ٻار نه ٿئيس ته منهنجو نالو کتوءَ دائي مائي ڦيرائي... رکجو! مون چيومانس ته پٽ اچي ته ان کان پڇي توکي ٻڌائينديس“ الهڏني جي گهر ۾ گهڙڻ شرط، ماڻس کيس کتوءَ دائي جو قصو ٻڌايو. ”امان! گهر جي وڏي تو آهين... ٻيو ته اهي زالن جا ڪم آهن، مان ڇا ڄاڻان ڪاڙهن مان... جيئن وڻئي تيئن ڪر-“ الهڏنو ائين چوندو، اڱڻ مان صفحي ۾ اچي بيٺو. ”ڀلا ڪاڙهي پيئڻ سان زينت کي....“ الهڏني شرم کان يتيم ۽ مسڪين صورت ٺاهيندي جملي کي ائين ڳيت ڏني، ڄڻ نڙيءَ ۾ ڪو ڪنڊو ڦاسي پيو هجيس. ”ابا! کتوءَ دلداري ته ڏاڍي پئي ڏني پوءِ به مولا جي هٿ وس آهي.“ ماڻس ڏاڍي نراسائي مان، سندس مطلب سمجهندي چيو. ”چڱو! چڱو! الهڏنو ائين چوندو پنهنجي ڪمري ۾ گهڙڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ”ڇا هي چڱو چڱو؟ ماسيءَ کتوءَ ڪنهن کي ٿي دلداري ڏني؟“ زينت سموري مام کي سمجهڻ جي باوجود به هاسيڪاري اڻڄاڻ ٿيندي پڇيو. ”نه نه ڪا ڳالهه نه آهي.“ الهڏني زال کي ٻانهن کان وٺندي اندر ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ڀنڀرڪي مهل، الهڏني اڃا پاسا پئي ورايا ته باٿ روم مان، الٽي ۽ اوڪارن جا آواز، زور زور سان سندس ڪنن تي پيا. هُو حيرت ۽ خاموشيءَ سان، منهن تان چادر لاهي هنڌ تي ئي اٿي ويٺو. ”امان! امان! خير ته آهي؟ ڪير ٿو الٽيون ڪري؟ زينت ته نه آهي! ڇا سندس طبيعت خراب آهي ڇا؟“ الهڏني جو ميڪڻو ۽ روئڻهارڪو آواز ڪمري جو ڀتيون لتاڙيندو، صفحي جي ديوارن سان ٽڪر کائيندو، اڱڻ ۾ ماڻس جي ڪنن تي پيو. الهڏني جي ماءُ جنهن ٻُڙو پئي جُهڳيو ۽ ٻُڙو جهُڳي، هٿن سان مکڻ جا چاڻا ٺاهي ٺڪر جي دکيءَ ۾ رکندي ٿي ويئي سان پٽ جي رڙين ۽ زينت جي الٽين کان بيساخته ۽ نيم خوشيءَ کان پاڳل ٿيندي، باٿ روم طرف، هٿ اگهڻ کانسواءِ ئي ڊوڙ پاتي. ”امڙ زينت! خير ته آهي.“ ”ها امان! مڙيوئي خير آهي؛ اسر کان ئي دل پئي ڪچي ٿي.“ زينت، سڄي هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱرين کي اگهندي (جيڪي هن ڪاڪڙي تائين پهچائي زوري الٽي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي) ۽ دُدڙيون ڀريندي چيو. ”ڇو- خير ته آهي؟“ الهڏني ماءُ ۽ زينت جي ويجهو اچي پريشاني مان پڇيو. ”اي ابا! تون ته ڪو ڇيڳڙو آهين- تنهنجو ڪهڙو ڪم زالن جي ڳالهين ۾، وڃ وڃي هٿ منهن ڌوءِ ۽ ڏندڻ پاڻي ڪر.“ ماڻس خوشيءَ مان ٻلهار ٿيندي، الهڏني کي هلڪي تڙي ڏني. ”مان گهور وڃان پنهنجي راڻي ڌيءَ تان... صدقي وڃان سائين جي نانءَ تان جنهن منهنجون اسون پڄايون. ”زينت امان! شل ست پٽيتي ٿين.“ پوڙهيءَ تي زينت جي الٽين ۽ اوڪارن، ايڏو ته اثر ڪيو جو سندس لنو لنو خوشيءَ کان پهڪڻ لڳي- الهڏنو ڳالهه کي نه سمجهندي به واڇون کنڊريندو اڳتي وڌي ويو.
زينت فقط هڪ سال جي عرصي ۾ چالاڪ نوڪرياڻين ۽ اوڙي پاڙي جي زائفن سان اٿڻ ويهڻ ڪري ڏاڍو تجربو حاصل ڪري ورتو هو. سندس ٻانهپ واري زندگي جي غير شعوري طور سان گذاريل عرصي، هن جي تحت الشعور جي بند کڙڪين کي کولي ڇڏيو هو- هوءَ هن وقت اها زينت نه هئي جيڪا چوويهه ڪلاڪ مشين جيان گگدام بنجي گهندي رهندي هئي. ڪالهوڪي زينت ۾ زمين آسمان جو فرق هو. ڪالهوڪي زينت هڪ ٻانهي هئي ۽ اڄوڪي زينت هڪ گهر ڌياڻي ۽ خود مختار، هن جي زندگي جا ٻئي دور هن لاءِ هڪ ٺوس تجربي جي صورت ۾، سندس حوصلي ۽ شعور کي وڌيڪ پختي ۽ پڪي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا- هوءَ ڪنهن کتوءَ دائي جي ڪاڙهي وغيره پيئڻ کان اڳ ۾ ئي ”اميد“ سان ٿي پئي هئي. الهڏنو ۽ ماڻس، سندس مڪر کي حقيقت سمجهي، مٿائنس گهور گهور پئي ٿيا.
”امڙ زينت اٿي ڪجهه پيٽ ۾ گرهُه ته وجهه، رات کان نيراني آهين.“ سسڻس ڏاڍي پاٻوهه مان کيس مخاطب ٿيندي چيو. ”امان بک ته جهجهي اٿم پر نڙيءَ مان ڪاشيءَ هيٺ لهي ئي نه ٿي. هانوَ تي ڄڻ ٻوسٽ ٿي ڀانيان، دل ڪچي ڪچي پئي ٿئي.“ زينت پاسو ورائيندي چيو. سندس پاسي ورائڻ سان، پلنگ مان چرڪاٽ نڪري ويا. ”امان... ڪا سائي مرچ ته تري ڏيوم... ڀلا واڱڻ هوندا!... من ڪريلا ۽ گوشت هجي... الا امان! ڪٿان کٽڙو ڏڌ نه آڻين ڏين... صوف ڪونه هوندا... ڪا ڪنڌاري ڏاڙهون جي ڦاڪ ئي هجي... انبڙي ذري ڪٿان نه ملندي... دل ماندي پئي ٿئيم.“ زينت هڪ ئي ساهه ۾، موسمي ۽ غير موسمي شين جي ائين طلب ڪئي ڄڻ، سسڻس ۽ مڙس وٽ ڪو علاءُ الدين جو جادوءَ وارو چراغ هجي، جنهن کي مهٽي ڏيڻ سان هر شيءِ موجود ٿي ويندي. گوشت بند هجڻ وارن ڏينهن تي ته ڪڪڙ، تتر، آڙيون، ڄانگا، ڦاڙها ۽ ڇيلن جو موجود هجڻ ته معمولي ڳالهه هئي؛ ان کي الهڏنو پڄي ٿي سگهيو پر ڊسمبر جي مند ۾ انب ۽ اهڙيون ٻيون بي موسمي ميوا ۽ شيون ڪٿان ٿي آڻي سگهيو- هڪ طرف اولاد جي آمد جي تصور کان سندس دل شاد هئي پر جوڻس جي بي مندائتي فرمائشن، ماڻس ۽ هن کي پريشان ڪري ڇڏي هو... ڀلا اهڙو ڪهڙو انسان هوندو جيڪو هوندي سوندي... پنهنجي اولاد ۽ گهر جي سونهن لاءِ ڪجهه نه ڪري- الهڏني، ماڻس، نوڪرن ۽ سندس دوستن کان جيڪي ٿي پڳو انهن اهو سڀڪي ٿي ڪيو جيڪو ڪنهن جي وس ۾ به نه هو- الهڏنو ۽ سندس ڪوٽار ڪالو سڄو ڏينهن، زينت طرفان لکايل فرمائشن جي لسٽ ۽ ڇليون هٿن ۽ جهليو بازار ۾ رلندا وتندا هئا- الهڏنو ۽ ماڻس، پٽ ۽ پوٽي جي تمنا ۽ آس ۾ ايڏو ته پري نڪري چڪا هئا جو انهن جو پٺتي موٽڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو... پر ٽن مهينن جي هڻ هڻان ۽ ڪشمڪش کان پوءِ سندن اميدن جو گهڙو ٽٽي پرزا پرزا ٿي پيو- زينت هفتو کن چاچيءَ وٽان خير سان گذاري جيئن پنهنجي گهر موٽي رهي هئي ته سندس ٽانگو قبرستان جي پٺ واري رستي خراب هئڻ ڪري، قبرستان جي وچ واري ڪچي رستي کان هلڻ لڳو ۽ سندس گهر پهچڻ تي هوءَ ڦان ڪري اچي پٽ تي پئي ۽ سڀني جي اميدن جو حسين تاج محل گهڙيءَ جي گهاڙي ۾، پرزا پرزا ٿي هوا ۾ تحليل ٿي ويو.
”مئي خميسي کي مار پوي... ڪهڙي کٽي کنيو هوس جو ماءُ واري قبرستان مان ٿي لنگهيو... سندس گهوڙي جي ڄنگهه ڀڄي.“ الهڏني جي ماءُ زينت جي ٻار ڪرڻ ۽ بيمار ٿيڻ تي، خميسي ٽانگي واري کي هٿ کڻي پٽي رهي هئي... پر الهڏني ته پنهنجي دوست جمعدار بخشڻ کي چئي سندس ٽانگي جو ڪوڙو چالان به ڪرائي ڇڏيو هو.
زينت جي ڪوڙي ڪُهاءَ جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه هئي. پر دائي کتو، جنهن در در تي جتي گسائي هئي، سڄي مام کي پروڙي ورتو، پر هوءَ ماٺ هئي. زينت جنهن اڳ کيس ٽيڏيءَ اک سان به ڏسڻ نٿي چاهيو ان جي ”ماسي ماسي“ واري ورد، کتوءَ کي خاموش ڪري ڇڏيو هو. زينت ان ماٺ جي قيمت به ته ادا ڪري رهي هئي... کتو، جنهن کي هو لالچڻ سمجهي در تي به نه سهندي هئي، اها اڄ سارو ڏينهن سندس ٻانهيءَ سان لڳي ويٺي هوندي هئي ۽ زينت به ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ کيس. مالش جي تيلن ۽ سُتين ڦڪين آڻڻ جي بهاني سان ڳريون ڳريون رقمون ڏيندي رهندي هئي. وقت جي تقاضا ۾ مصلحت جي ڪري ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي چپ هيون. زينت جو علاج ٿي رهيو هو ۽ هو هوريان هوريان مڪمل طرح سان صحتياب ٿي رهي هئي. الهه ڏنو ۽ ماڻس به ڏاڍا خوش هئا.... هو ٻئي ڄڻان زينت سوڌو، کتو دائيءَ جي علاج مان مطمئن ٿي ڏٺا-
اڃان سوا مهينو کن به ڪونه گذريو ته وري زينت تي الٽين ۽ اوڪارن جو دورو پيو. اڄ ٻيو مهينو شروع ٿي چڪو هو جو کيس ”گنديون“ نه آيون هيون. هوءَ، جا هن کان اڳ، جنهن اداڪاريءَ سان پنهنجي مهيني واري تڪليف کي لڪائيندي ٿي آئي اڄ خود به ڏاڍي خوش هئي. کيس سورهن آنا پڪ هئي ته هوءَ اُميد سان آهي، پر سندس ڪن انهيءَ خوشخبري جو اعلان کتو دائيءَ جي واتان ٻڌڻ جا منتظر هئا.
هوءَ جڏهن فخر سان گنبذ جهڙو پيٽ ڪڍي کتو دائيءَ اڳيان سنئين ٿي ليٽي تڏهن هوشيار ۽ زيرڪ دائي چپن ئي چپن ۾ مرڪندي رهي، پيٽ کي هٿ لائڻ سان ئي ”اندر جي احوال“ جي پوري پروڙ پئجي ويس. سمجهي وئي ته رن ڪراڙ ٿي پئي آهي، وهي چڙهي وئي اٿس، کيس ڪنهن معجزي يا يا ڪرامت سان ئي ٻار ٿي سگهي ٿو... باقي ڪنهن ڪاڙهي سُتي ڦڪي ۽ ڊوهَه مالش جي ڪا جاءِ ئي نه هئي. پر هوءَ خاموش هئي، سندس روزگار اوج تي هو... ڀلا هن دور ۾ هيڊ ۽ ڦٽڪي لڳڻ کان سواءِ ئي ڪير ته چوکو رنگ چاهيندو. پئسي جي لالچ ۽ پيٽ جي باهه، تنهن هڪدم اعلان ڪيو ته: ”امڙ کارڪ جيڏو ٻار بيٺو آهي...! ڪمزور ٿو ڀائنجي ڌڻي پيو خير ڪري...“
ڀلا ڪو ڦوٽو ٻوٽو (ايڪسري) ڪڍرائجيس ماسي؟“ الهه ڏني دانائيءَ جا ٻول ٻوليا.
”نه ابا، اهي ڪوڙيون ڳالهيون، ڪوڙا ڪم، ماريا قدرت جي ڳجهه ۾ ٿا هٿ وجهن! متان اِهو ڪفر جو ڪم ڪيو اٿئي!“ دائي کتوءَ ائين ڳالهايو ڄڻ ڪنهن نڙيءَ تي نَنهن رکيو هجيس.
”ابا ماسهين سچ ٿي چوي! اِها مئي هنگريز (انگريز) جو سانس (سائنس) آهي، ڪوڙي سانس... آهي، ڪوڙي سانس... تون چپ ڪيو ويٺو هُج... مان اڄ ئي بي بي سڳوريءَ وٽ وڃان ٿي تعويذ لاءِ، مولا سڻائي ڪندو“ ماڻس هٿ آسمان ڏي کڻندي چيو. وري اهو ڇليءَ سوڌو الهڏنو هو ۽ بازار، زينت ڪڏهن هنداڻو ٿي گهريو ته ڪڏهن گدري جي ڦار ته پل رکي ڦاروَن جي طلب ٿي ڪئي. مطلب ته سندس ”ناز و ادا“ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو جنهن الهه ڏني، ماڻس ۽ سندس ڪوٽار کي ڊڪائي ڊڪائي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو... پر هو سڀئي ڏاڍي قرب ۽ چاهت سان اها ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا هئا.
زينت اڳ ڏاڍي هلڪي هئي ويتر جو کتوءَ ۽ سڻس تعويذن جا وار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئس ته ويچاري چيله ئي نٿي چوري سگهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سير تعويذن جا سندس چيلهه، ڏورن ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل رهندا هئا- ڪو تعويذ ٻار کي پيٽ ۾ زنده رکڻ لاءِ هوندو ته ڪو صحيح سلامت دنيا ۾ اچڻ لاءِ، ڪي سندس صحت لاءِ هوندا هئا ته وري ڪي تعويذ جن ڀوت ۽ پري وغيره جي پاڇي کان بچاءَ لاءِ هوندا هئا. ٻير جا ڇوڏا جي چور تپ، چيلهه جي سور ۽ نظربد کان بچائڻ لاءِ هئا سي سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪندا رهندا هئا. نه کتوءَ دائي ڪا بيبي ۽ پير ڇڏيو هو نه سسڻس ۽ مڙسهنس. مطلب ته زينت نه هئي ڪو لاڏون اُٺ.
خير سان زينت جي اميدواريءَ کي ٻارهون مهينو هو مگر اڃان تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو هو، اوڙي پاڙي جي زالن ۾ اڪثر سُس پس ٿيندي هئي. ڪن اهو شڪ ڏيکاريو ته ممڪن آهي گهوڙيءَ جي اوبر کاڌي هجيس ۽ ڪن وري اهو شڪ ڏيکاريو ته ٻار سُڪي ويو اٿس. الهه ڏنو پريشان هو. ڪراڙي، پوٽيءَ يا پوٽي جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي دم جي مرض سانگي گوت ٿي چڪي هئي. ڏاڍي ڪا بي صبري هئي.
”ابا! دائپي جي ڪم ۾ وار اَڇا ڪيا اٿم، روئن تنهنجا دشمن! تون ڇو پاڻ کي ڳارين! اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. جوڻهين جو ٻار سڪي ويو آهي، بس اهڙي ٿي دوا ڏيانس جو ويٺو تماشو ڏس. آهي ته سڀ مولا جي هٿ وس ستين سال به ٻار ساوا ٿيو وڃن... منهنجو نالو به کتو دائي آهي. ٻار سائو نه ٿئي ته... کتوءَ، الهه ڏني کي پريشان ۽ روئندو ڏسي دلداري ڏني.
زينت کي به جيتوڻيڪ پڪ ٿي چڪي هئي ته کيس ڪوبه ٻار ٻار ڪونهي پر کتو دائي اڄ کانئس گوءِ کڻي ويئي هئي.
”ستين سال به ٻار سائو ٿيندو آهي... رکي رکي اهي اکر سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا- هن جي دل کي ڪجهه آٿت مليو- هن کي پنهنجو مستقبل روشني ۽ تاريڪيءَ جي چوواٽي تي ڦيريون پائيندو نظر اچي رهيو هو. هن زور سان پنج سيري سِسئيءَ کي جهٽڪو ڏيئي تڪليف ڏيندڙ خيالن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنڌ کي وهاڻي تي لاڙي ڇڏيو.
اڄ هڪ دفعو وري زينت جي گهر ۾ چپ چپاٽ ۽ سانت لڳي پئي هئي، رڳو رکي رکي سندس ڪوٺيءَ مان سنهڙا سنهڙا سُر ڦٽي رهيا هئا. هو پلنگ تي اڍائي مڻي ڳوڻ کان به وزن ۾ ڪجهه سَرسُ، ائين ليٽي پئي هئي، جيئن ڪانٽي تي ڪا وزني شيءِ تورڻ لاءِ رکي هجي سندس رڻ ڪڇ جيان ڏڪاريل جسم جهڙو مڙس جنهن جي مجموعي تور ٽيهن سيرن کان به گهڻو گهٽ ٿي چڪي هئي. سو حڪم جي غلام وانگر، ڪاغذ تي پنهنجي زال جون فرمائشون لکي رهيو هو.