بيدار صاحب جو هي سفر نامو براهوئي ادب جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪتاب ناهي. بلڪ بلوچستان جي پراڻي تاريخ، سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ براهوئي / سنڌي ادب جي پراڻي ۽ نئين ادب جو ڪل احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. بيدار صاحب جنھن علائقي يا جنھن ماڳ تي جيڪي ڪجهہ ڏٺو.ان کي سطحي نظر سان نہ ڏٺو. ان جي باريڪ بينيءَ سان جاچ ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت سھڻي نموني بيان ڪئي.
نالي (ارپنا)
پنهنجي سوٽ
مرحوم مير عبدالڪريم سارنگ زئي
رٽائرڊ خزانه آفيسر
جنهن پيءُ وارو پيار ڏئي
منهنجي تعليم ۽ تربيت
ڪئي!
بيدار
***
پنهنجي قابل احترام ڀاءُ اديب ۽ شاعر
عبدالڪبير اختر بروهي
جي نالي
سيلاني
ننڍپڻ کان سير ۽ سفر جو شوق آهي.ان شوق جي ڪري هر سال سياري ۾ سنڌ يا پنجاب ويندو آهيان. انڪري سيلاني آهيان. ۽ ڪتاب جو نالو به سيلاني رکيم.
ڪيئي ڀيرا سنڌ ويو آهيان جو براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين جي سيمينارن ۾ حصو ورتم. ان کان سواءِ پنجاب، سرحد، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي طرفان يا سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ ويس. مهينن جا مهينا رهيس. مگر سفرنامي لکڻ جو خيال ڪونه آيو.
هن سال نائين براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد وقت خيال ٿيو ته هن ڀيري ڇو نه تاريخي ۽ تحقيقي سفر ڪجي؟. هن سفر ۾ منهنجو پڳ مٽ دوست براهوئي يونيورسٽي آف بلوچستان ۾ قائم براهوئي شعبه جوسرواڻ ڊاڪٽر عبدالرزاق صاحب( هاڻ تربت يونيورسٽي بلوچستان جو وائس چانسلر) به گڏ هو. ان ڪري هن سفر جي روئداد لکڻ جو حوصلو مليو.
پهريون هي خيال هو ته قسطون لکي هفت روزه “ايلم” مستونگ ۾ ڇپائجن جڏهن لکيل سفرنامي کي دوستن ڏٺو ته مشورو ڏنو ته هي سفرنامو ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائجي. جو براهوئي ادب يا زبان کي هن جي ضرورت آهي. ڇو ته براهوئي ۾ ڪو سٺو سفرنامو ڇپيو ناهي.
دوستن جو پيار خصوصي ڏسي حوصلو پاتم. ڪافي مصروفيت مان وقت ڪڍي هي لکيو اٿم.
مان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي ماڻي . ان جو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.
عبدالقيوم بيدار
بيدار منزل هده
ڪوئٽه بلوچستان
حال احوال
حال احوال ڏيڻ يا وٺڻ اسان جي لوڪ حياتي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اڄ به اسان جا ڳوٺاڻا ۽ ڌڻ ڌاريندڙ زندگي گذاريندڙ ماڻهو جيسيتائين مهمان کان احوال نه ورتو. تيسيتائين انهن کي قرار نه ٿو اچي.
ان ريت هو پاڻ جڏهن ڪنهن هنڌ وڃن. ڪنهن احوال نه ورتا ته ان کي پنهنجي گهٽتائي سمجهن ٿا.
احوال ڏيڻ وٺڻ وارو اسان جو ماحول؛ آس پاس جي ماحول کان ڌار آهي.
احوال جو پهريون مقصد ته دل جي ڳالهه آڏو واري ماڻهو وٽ ظاهر ڪجي. احوال ڏيندي هر ڳالهه صاف صاف ڪبي آهي. ڳالهه لڪائڻ يا ڪوڙ هڻڻ احوال جي شان وٽان ناهي.
اسان جو ڌنارن وارو جيون آهي ۽ رهيو آهي. ان ڪري سفر، مسافري ۽ منزل جي اسان جي ادب ۾ خاص اهميت آهي.
هڪ ٻيواسان جو پراڻو رواج آهي. جيڪو اڄ به مالوندن ۾ آهي ته اسان وٽ مند ۾ڪڇي کان لڏي خراسان(جابلو علائقي ۾)وڃڻ کان اڳ وڏي مال وارا اڳ ۾ هڪ ماڻهو جنهن کي “ڳولائو” چئبو هيو، موڪليندا هيا ته خراسان وڃي گهمي ڏسي ته ڪهڙن علائقن ۾ وس پئي ۽ اتي آبادي ٿي؟
ڳولائو خراسان جو جُوءِ گهمي موٽي اچي؛ سربستو احوال پنهنجن ماڻهن کي ڏيندو هيو. ان احوال مطابق مالوند پنهنجو مال يا وڳ ڪاهي ان جُوءِ ڏانهن روانا ٿيندا هيا. ڄڻ ته ڳولائو جو احوال ڏيڻ، ان دور جو هڪ “سفرنامو” هيو.
سفرنامي جي هڪ ٻي صورت جيڪا ڪجهه ترقي يافته زبانن جهڙوڪ عربي ۽ فارسي ۾ آهي. شاعرن پنهنجا سفرناما شاعري ۾ بيان ڪيا آهن.
براهوئي زبان ۾ سفرناما لکڻ وارو رواج گهڻو پراڻو ناهي. وچولي دور جي عالمن، اسلامي دور جا ڪجهه واقعا شعر جي صورت ۾ بيان ڪيا آهن جهڙوڪ معراج نامو، امام حنيفه جو قصو، حضرت علي جا قصا وغيره. اهي سڀ نثر بدران نظم ٿيل آهن. نثر ۾ باقاعده سفرنامي لکڻ جو رواج جديد دور جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ کان پوءِ پيو. اهي سفرناما قسط وار اخبار ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سفرنامي جي صنف ۾ ڪو براهوئي ڪتاب ڪنهن ڪونه لکيو آهي.
عبدالقيوم بيدار جو هي ڪتاب “سيلاني” براهوئي ادبي تاريخ ۾ سفرنامي جو پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۽ هن سفرنامي بابت ڪجهه لکڻ کان اڳ، مان چوان ٿو ته هن سفر ۾ بيدار صاحب سان مان گڏ هيس. ڇو ته عبدالقيوم بيدار ۽ منهنجي دوستي هاڻي دوستي ناهي رهي پر ڀائپي بڻجي وئي آهي. ويهه سالن کان اسان هڪ ٻئي جا سنگتي آهيون.
ويهن سالن جي ان دور ۾ مون بيدار صاحب ڪيئي سفر گڏ ڪيا. پر انهن سڀن سفرن ۾ هي سفر دلچسپ آهي. جنهن جو “سفرنامو” اوهان جي هٿن ۾ آهي. جيئن ته هن سفر جو هڪ حصو مان پاڻ به آهيان. ان ڪري منهنجو حق بڻجي ٿو ته مان ڪي چار ڳالهيون لکان!
سفرنامو دور جديد جي هڪ مقبول صنف آهي، ٻين صنفن کان وڌيڪ کيس پڙهندڙ آهن. اصل ۾ هر ماڻهو جي تمنا هوندي آهي ته ڏيهه مان پاڻ ڏسان! جيڪڏهن ڏيهه ڏوري ڏسڻ جو وسيلو ڪونهي ته اهو چاهيندو آهي ته ان علائقي جي ڪا ڄاڻ رکان! متان قسمت سانگي انهن ماڳن کي ڪڏهن ڏسڻو پئجي وڃي! ٻين زبانن ۾ سفرنامن جا ڪيئي ڪتاب آهن.
سفرنامو لکڻ، ٻولي جي نثري ادب جو اوکو ۽ نازڪ فن آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سفر جي واقعن کي تمام سهڻي ۽ گهري اندازسان لکي ٿو. ڪامياب سفرنامو ان کي چئجي جو ليکڪ پنهنجي فني ڪمال سان پنهنجي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ گهمائي. سفرنامي جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ليکڪ پنهنجي تحرير ۾ اهڙي معلومات ڏئي جو پڙهندڙ کي لطف ڏئي.
جناب بيدار صاحب براهوئي زبان ۽ ادب جي هلندڙ دور ۾ شاعري ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ سٺو نالو آهي. ان جي سڃاڻپ به ان موضوع بابت آهي. پر ڪتاب“سيلاني” ۾ هُن اِن فن ۾ پهريون ڀيرو قلم کنيو آهي. هن کان اڳ هِن صنف ۾ پورو ڪتاب ڪنهن به نه لکيو آهي.
يقينا هي سندس ڪامياب ڪوشش آهي. جو براهوئي ادب ۾ سفرنامي بابت پهريون ليکڪ ڄاتو ويندو. جنهن جو ڪتاب آيو آهي.
عبدالقيوم بيدار پنهنجي موضوع ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي ان جو فيصلو ته پڙهندڙ پاڻ ڪندا. مون جڏهن هي سفرنامو اول کان آخرتائين پڙهيو. جنهن جو هڪ ڪردار مان به آهيان ته وري پاڻ کي ان علائقي ان ماڳ تي موجود محسوس ڪيم. جتي مان ۽ بيدار صاحب گڏ وياهياسين.
بيدار صاحب جو هي سفر نامو براهوئي ادب جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪتاب ناهي. بلڪ بلوچستان جي پراڻي تاريخ، سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ براهوئي / سنڌي ادب جي پراڻي ۽ نئين ادب جو ڪل احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. بيدار صاحب جنهن علائقي يا جنهن ماڳ تي جيڪي ڪجهه ڏٺو.ان کي سطحي نظر سان نه ڏٺو. ان جي باريڪ بيني سان جاچ ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت سهڻي نموني بيان ڪئي جيئن اسان بولان جي ڍاڍر جي ويجهو پهچون ٿا ته ان کان اڳ “مهر ڳڙهه” جو ماڳ اچي ٿو.
بيدار صاحب ايترو چئي اڳتي نه ٿو گذري ته مهر ڳڙهه هڪ تاريخي ماڳ آهي پر هو پنهنجي بيان ۾ مهر ڳڙهه جي اصل اوائلي تاريخ کان پنهنجي پڙهندڙ کي ڄاڻ ڏئي ٿو.
جڏهن اسان ڍاڍر کان لنگهون ٿا ته دُر خان نالي شهر ٿو اچي. ته اتي بيدار صاحب مدرسه اسلاميه دُرخان جي پوري تاريخ ۽ (دُرخان جي باني) حضرت مولانا محمد فاضل درخاني جو پورو تعارف ڏئي ٿو.
سنڌ ۾ حضرت سيد عبداللطيف ڀٽائي سائين جي درگاهه جو زيارتي ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ حضرت ڀٽائي سائين جي مان ۽ مرتبي کي کولي بيان ڪري ٿو. ڀٽائي سائين جي دور کان پڙهندڙ کي ڄاڻ ڏئي ٿو.
ان ريت جنهن سيمينار ۾ شريڪ ٿياسين، ان جي مڪمل روئداد ۽ فيصلن کي بيدار صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ پاٻوهه سان پيش ڪري ٿو.
جڏهن گل بروهي جي دعوت تي “موهن دڙي” سير لاءِ وڃون ٿا. ته سرسري نظر سان موهن دڙي کي بيدار صاحب نه ٿو ڏسي. مگر نهايت توجه سان هڪ هڪ سِرَ ڏسي، پنهنجي پڙهندڙ کي ان دور ۾ پهچائي ٿو. جڏهن “موهن دڙو” دنيا ۾ ترقي يافته ۽ آباد، سڌريل شهر هيو. اهڙو تفصيل بيدار صاحب جي سفرنامي کي ڪافي دلچسپ بڻايو آهي. ۽ اسان اڄوڪي دور جو پراڻي دور سان موازنو ڪري سگهون ٿا.
جيئن حيدرآباد ۾ اسان جي گاڏي گپ ۾ ڦاسڻ ۽ اسان جا ڌڪا ڏيڻ يا فريدآباد ۾ برسات جي ڪري گپ ۾ گاڏي جو ترڪڻ. اهڙا واقعا بيان نه ڪجن ها ته به سفرنامي جي بيان ۾ رخنو نه اچي ها. مگر بيدار صاحب جي انداز بيان هنن ڳالهين کي خوبصورت ترتيب ڏني آهي. سفرنامي ۾ هر ڳالهه کليل ڏني وئي آهي. ڪا ڳالهه لڪائي نه وئي آهي، پوءِ اجائي ڊيگهه به ڪيل ناهي انڪري هن سفرنامي ۾ ادبي ڏانوَ سان گڏ حقيقت جو مٺاڻ به شامل آهي.
منهنجي خيال ۾ هي سفرنامو براهوئي ادب ۾ جدا مانُ ماڻيندو. ڇو ته هن ۾ ٻن صوبن (بلوچستان ۽ سنڌ) جي پراڻي تاريخي ۽ ثقافتي وابستگي اڄوڪي جديد دور وانگر جاري رهي آهي. هي سفرنامو نه رڳو بلوچستان جي ماڻهن لاءِ بلڪ سنڌ واسين لاءِ يقينا دلچسپي جو سبب ٿيندو. ڇو ته سفرنامي ۾ اهڙا واقعا بيان ٿيا آهن. جيڪي سنڌين لاءِ به دلچسپ هوندا جهڙوڪ قلندر لال شهباز جي مزار تي ڪوئٽه بلوچستان وان جو اچڻ وڃڻ، سنڌ واسين کان ٻي طرح هوندو.
مختصر ته هي سفر نامو پنهنجي نوعيت جو سهڻو ادبي شهپارو آهي. جو هر طرح براهوئي ادب جي تاريخ ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ پڙهندڙ لاءِ هر اها دلچسپي موجود آهي. جيڪا ليکڪ ۾ اميد رکي ٿو. هن تحرير ۾ سوال جي گنجائش تمام گهٽ آهي. هر سوال جو جواب موجود رکي ٿو. اميد ته هن کان پوءِ ڪافي سفرناما براهوئي ۾ لکيا ويندا. پوءِ به هن سفرنامي جي تاريخي ۽ بنيادي حيثيت تي ڪو فرق نه ايندو.
پروفيسر عبدالرزاق صابر
صدر براهوئي شعبه
جامعه بلوچستان ڪوئٽه.
(حال وائيس چانسلرتربت يونيورسٽي بلوچستان)
زندگي جو سفر
مشهور پهاڪو آهي ته “زندگي هڪ سفر آهي.” هن جملي ۾ جملي جي جوڙيندڙ سو ڪيفيتون رکيون آهن. منهنجي خيال ۾ هي جملو عام ماڻهو جي زندگي سان تعلق رکي ٿو. هڪ عالم اديب جو سفر پاڻ هڪ زندگي آهي.
سفر هڪ زندگي جي حوالي سان، نامياري عالم. اديب ۽ شاعر سائين عبدالقيوم بيدار شال (ڪوئٽه) کان موهن جو دڙو تائين پکڙيل آهي. ست هزار سال واري تهذيب ۽ تاريخ جي صحرا ۾ سفر ڪندي. ڇا ڏٺو! ڇا ٻڌو! هن ڪتاب ۾ انهن احساسن کي ترتيب مليل آهي.
چئي يا سمجهي سگهجي ٿو ته تاريخ ترتيب ڏبي آهي. يعني ڪالهه جي ڳالهه اڄ جي تاريخ آهي. ۽ اڄ جي ڳالهه سڀاڻي جي تاريخ آهي.
اسلامي دانشور جناب ڊاڪٽر محمود احمد غازي اسلام آباد ۾ هڪ ليڪچر ۾ چيو ته عملي زندگي ۾ زمانا فقط ٻه آهن. هڪ اڄ ۽ ٻيو سڀاڻي. ڪالهوڪي ڳالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڪالهوڪي ڳالهه ڳالهائيندڙ جي پسند مطابق اسان تائين پهچي ٿي.
ان تجزئي جي روشني ۾ سائين بيدار صاحب پنهنجي دور جي ڳالهه قلمبند ڪئي آهي. جو سندس سوچ مطابق ڪالهوڪي جڙيل تاريخ لاءِ نئين مشاهدي ۽ تجزئي جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ بلوچستان تاريخي /تهذيبي ۽ جاگرافي جي اصولن مطابق هڪ ٻئي کي ڪيترا ويجها آهن. هي ڪتاب ان تاثر جو مجموعو آهي.
عبدالقيوم بيدار جي لکڻي ۾ جا تيزي آهي. سندس غزلن کان وٺي عام جملي تائين ان جي جذبي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن سماج بارود جي اوٽ ۾ اچي ٿو ته حساس فطرت جو مالڪ قلمڪار نه رڳو غزل بلڪ پنهنجي هر جملي ذريعي بارود جي بدبو کان نفرت ڪري ٿو. هو پنهنجي گهر ڀاتين، سماج ۽ ڌرتي لاءِ گلابن جي سرهاڻ چاهي ٿو. هي ڪتاب به گلابن جي سرهاڻ رکي ٿو. جنهن سرهاڻ جي اسان جي سماج ۽ ڌرتي کي ضرورت آهي. ڪتاب ۾ عام مشاهدو قلمبند آهي ۽ بيان جون ڪل گهرجون پوريون ڪيون ويون. براهوئي ادب ۾ سفرناما لکجن پيا. پر ڪنهن به سفرنامي کي ڪتابي شڪل نه ملي. هي پهريون ڪتاب به آهي جيڪو براهوئي ادب جو سفرنامو آهي.
عام رواج هي آهي ته ملڪ کان ٻاهر سفرناما لکيا وڃن ٿا. منهنجي نظر ۾ ٻاهريان سفرناما پڙهندڙن لاءِ فقط دلچسپي رکن ٿا. پر پنهنجي ملڪ يا ڌرتي جو سفرڪرڻو پوي ته هي ڪتاب رهنمائي به ڪندو. ڪتاب هڪ رهنما ۽ استاد آهي. هن ڪتاب ذريعي براهوئي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو بنياد پيو.
جوهر بروهي
ڪوئٽه
ابن بطوطه جا رند
مشاهدو ليکڪ جي فن جو مددگار رهي ٿو. سفرنامو ماڻهو جي مشاهدي جو بيان آهي. سفرنامو دنيا جي هر ادب جو سرمايو آهي. ان ريت براهوئي ادب ۾ سفرنامن ڇپائڻ ۽ لکڻ جو رواج آهي، جڏهن ته هن کان اڳ سفرناما رڳو اخبار ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سائين عبدالقيوم بيدار جو هي سفرنامو براهوئي ادب ۾ ڪتابي صورت ۾ پهريون ڀيرو آيو آهي.
بيدار سفر وقت جاتي ويو؟ جيڪي ڏٺو؟ ڇا ڇا مشاهدو ڪيو؟ سو توهان هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سمجهي سگهو ٿا. ڄڻ ته بيدار صاحب پنهنجي سفر۾ اوهان کي پاڻ سان گڏ رکي ٿو. سندس لکڻ جو هڪ منفرد انداز هن جو پنهنجو آهي. جيڪو دل موهيندڙ آهي.
1995ع سال براهوئي ادب ۾ ڪتاب ڇپائڻ جو سال آهي ۽ براهوئي ادبي سوسائٽي،پنهنجي وسيلن آهر ڪتابن ڇپائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب به ان ڪوشش جي ڪڙي ملي. اميد ته ابن بطوطه جي رندن تي عبدالقيوم بيدار جو سفر جاري رهندو.
عارف ضيا
چئرمين
براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان
ڪوئٽه
پنهنجي پاران
علم هڪ اعزاز آهي. ۽ تخليق ڪائنات جي سونهن آهي. ۽ مان هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پر ننڍپڻ کان مان ادبي ماحول ڏسي رهيو آهيان. جو ٻالجتيءَ کان منهنجو تعلق فريدآباد ميهڙ سان آهي. جتي، ماستر مولچند، ورند مل، حاجي رسول بخش، سائين جوهر بروهي ۽ سائين علي دوست عاجز جهڙا برک ۽ سنڌي ادب جا نالي وارا عالم رهن ٿا. ساڳي وقت حاجي رسول بخش ڏيرو مرحوم جي زماني ۾ ٿيندڙ لطيفي ڪچهري، جنهن ۾ شاهه ڪريم جي درگاهه جا وائي جا راڳي فقير، سرائي فقير امداد علي، فقير عبدالله مسڻ، فقير محمد رمضان جت، خميسو خان، فقيرڪريم ڏنو ملاح، مولانا در محمد خاڪ ڪانڌڙو پارا ايندا هيا ۽ هڪ ننڍي جي حيثيت ۾ سندن خدمت ۾ مان هوندو هيس. جڏهن فريدآباد ۾ براهوئي ادبي سيمينار جو ساليانو سلسلو هليو ته خدمت جي سموري ذميواري منهنجي ذمي هئي. هن وقت به سائين جوهر بروهي جي خدمت ۾ آهيان.
محترم عبدالقيوم بيدار صاحب براهوئي زبان ۽ ادب جو انتهائي قابل احترام عالم آهي. ان 1995ع ۾ سنڌ جو دورو ڪري، پنهنجي احساسن کي قلمبند ڪيو ۽ ڇپايو. سو ڪافي مقبول ويو. دوستن مون تي بار رکيو ته “سيلاني” ڪتاب جو تعلق سنڌ سان آهي. ان ڪري سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي. اها صلاح سائين جوهر بروهي کي به پسند آئي. هن ڏس ۾ مون رنڊا روڙيا. جيڪڏهن پسند پوي ته حوصله افزائي ٿيندي ۽ اصولي طور هن ڪتاب جو ترجمو اڳ ٿيڻ گهرجي ها. ته وڌيڪ مناسب رهي ها. پر هاڻ به هن محنت کي قبول ڪري منهنجي حوصله افزائي ڪئي ويندي.
سرمد بروهي
فريد آباد
22 مارچ 2017ع
سيلاني - آزاد انور ڪانڌڙو
احمد خان سرمد بروهي، سنڌي، براهوئي ٻولين جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر آهي. هن شاعري سان گڏ مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن. هو گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي براهوئي ٻولين ۾ پنهنجي تخليقي پورهئي جي ڪري مقبوليت ماڻي آهي. تخليقي پورهئي سان گڏ هن علمي، ادبي تنظيمن سان به خوب نڀايو آهي. جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر، براهوئي اڪيڊمي سنڌ جو پريس ترجمان، بزم ايلم ميهڙ جو صدر ۽ براهوئي پبليڪيشن فريدآباد جو ٻانهن ٻيلي آهي. ان سان گڏ سنڌ بلوچستان ۾ ٿيندڙ براهوئي ادبي سيمينار جو هڪ ذميدار ڪارڪن به آهي.
ترجمو هڪ ڏکيو فن آهي. هڪ ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ ڪنهن تحرير، مضمون، شعر يا ڪتاب جو ترجمو ايڏو سولو ڪونهي. سرمد براهوئيءَ ۾ لکيل سفرنامو “سيلاني” سنڌي پڙهندڙن لاءِترجمو ڪري کيرون لهڻيون.
هن سفر نامي جو ليکڪ عبدالقيوم بيدار صاحب براهوئي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. هن کي براهوئي سان گڏ اردو ؛ بلوچي ۽ پشتو تي خاص عبور آهي. ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ سرپرستي ڪندڙ هي تخليقڪار براهوئي ادبي سيمينار فريد آباد سنڌ 1995ع ڌاران شرڪت ڪئي. ۽ ان کان پوءِ سنڌ جو هڪ تفصيلي دورو ڪيو. ان دوري ۾ سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر صاحب ، تربت يونيورسٽي بلوچستان جو هن وقت وائيس چانسلر گڏ هيو. هن پنهنجي سنڌ جي مشاهدي کي قلمبند ڪيو. سفرنامي کي “سيلاني” جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب سنڌ ۽ سنڌ جي اهم ماڳن ۽ ادارن جو تعارف براهوئي پڙهندڙن لاءِ “ جديد سنڌ نامو” ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ سنڌ ڌرتي سان چاهت ۽ پنهنجائپ جو هڪ اڻ مٽ ثٻوت آهي. هي هڪ دلچسپ ۽ خوبصورت اضافو آهي. ان ريت مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويو، محترم ن م محزون،ولي رام ولڀ،منور ٻٽ، جوهر بروهي، زيب سنڌي، محبت ٻرڙو ۽ ٻين ترجمي نگارن جو تسلسل برقرار رکيو آهي. 1995ع ۾ لکيل هن ڪتاب کي 22 سال کن گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ سنڌ اندر يا سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي پوءِ به هن ترجمي کي ساراهي سگهجي ٿو. اميد ته اسان جو نوجوان ليکڪ آئنده به اهڙا ترجما لکي منظر عام تي آڻيندو.
17-3-2017ع
آزاد انور ڪانڌڙو
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ.
محترم عبدالقيوم بيدار صاحب (سوانحي خاڪو)
براهوئي زبان ۽ ادب جو مقبول عالم، اديب ۽ شاعر محترم عبدالقيوم بيدار 15 مئي 1956ع هده منوجان ڪوئٽه ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سندس والد عبدالوهاب پنهنجي ڀاءُ عبدالحڪيم ۽ پيءُ خواجه داد سارنگ زئي سان گڏ مستونگ کان ڪوئٽه لڏي آيو. ابتدائي تعليم محله جي مسجد کان شروع ڪئي. ۽ پرائمري اسڪول هده ۾ داخل ٿيو. پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ريلوي ڪالوني ڪوئٽه ۾ داخل ٿيو ۽ 1975ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. ايف، ايس سي سائنس ڪاليج ڪوئٽه ۾ پڙهي، پنهنجي سوٽ عبدالڪريم سان لورالائي وڃي ڊگري ڪاليج لورالائي ۾ ايف اي جو امتحان ڏنو. ان سال بلوچستان يونيورسٽي م عالم، فاضل ۽ اديب جا ڪلاس شروع ٿيا ، داخلا وٺي اتي استاد ڊاڪٽر عبدالرحمان براهوئي ۽ پروفيسر نادر قمبراني وٽ براهوئي پڙهيو. براهوئي فاضل ڪرڻ کان پوءِ براهوئي ادب ۾ وک پاتي. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ايم اي اردو ڪئي. ان ريت ايم اي براهوئي به ڪئي ۽ ان دور ۾ بزم ادب يونيورسٽي آف بلوچستان جو صدر چونڊيو ويو. ايم اي هسٽري ڪرڻ کان پوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هاڻي پي ايڇ ڊي اسڪالر آهي.
1975ع ۾ براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان جو بنياد رکي، براهوئي ادب لاءِ ڪم شروع ڪيو. هن وقت براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان جو صدر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
- عبدالمجيد چوتوي (شخصيت ۽ شاعري*
- براهوئي زبان و ادب (اردو)
- شمبلاخ (براهوئي شعري مجموعو)
- سيلاني (سنڌ جو براهوئي لکيل سفر نامو)
- پروانه پائڪ (سوانح)
- مشغولي )ٻارن لاءِ براهوئي ۾ خاڪا)
- نياڙي تا ادب ( براهوي)
- ڪو ڪار (براهوئي شاعري)
- ڪوڪ( براهوئي هائيڪا)
- ديوان سلطان عشق تراب لاڙڪاڻوي (ترتيب)
- براهوئي نسائي ادب (اردو)
- ايران ناهسيل (براهوئي ۾ ايران جو سفرنامو)
- براهوئي نسائي ادب ڪا تحقيقي و تنقيدي مطالعه
- براهوئي احوال (اردو)
- براهوئي احوال (حصه 2)
- براهوئي اسٽيج ڊرامه نا تاريخ هفته روزه ايلم مستونگ ۾ ڪالم مضمون شاعري ڇپائي.عرصه ويهن سالن کان روزانه جنگ ڪوئٽه ۾ هفتيوار اردو ڪالم “ براهوئي احوال” لکي پيو.
1983ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪوئٽه ۾ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. شعبه حالات حاضره جو پروڊيوسر هن کان پوءِ ڪنٽرولر پي ٽي وي نيوز اسلام آباد کان رٽائرڊ ٿيو. پي ٽي وي بولان ۾ پروگرام مينيجر جي حيثيت ۾ براهوئي پروگرامن جي ڪاميابي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. براهوئي ادبي ادارن جي ٿيندڙ سيمينارن ۽ مجلسن کي ذاتي دلچسپي جي ڪري پي ٽي وي تي نشر ڪندو رهيو. مڪتب درخان ڍاڍر، براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد، براهوئي ادبي سيمينار خضدار،مستونگ، ڪراچي ۽ ڪوئٽه کي فل ڪوريج ڏني.
ان کان سوا ناميارن اديبن عالمن ۽ شاعرن جي جيون ڪٿا پي ٽي وي تان نشرڪئي وئي.، جهڙوڪ براهوئي نور محمد پروانه، پير محمد زبيراڻي، پروفسر نادر قمبراڻي،مير عبدالرحمان ڪُرد، عبدالله جمال ديني، امير الملڪ مينگل، جوهر براهوي، عادل قلندراڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، وحيد زهير، عارف ضيا،نور خان حسني، افضل مراد، حسين بخش ساجد، سوسن براهوئي ۽ ٻيون ادبي شخصيتون.
براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد جي پهرين سيمينار کان آخر تائين نه رڳو پابندي سان شرڪت ڪئي پر سيمينار جي علمي ادبي بلندي لاءِ به پوري ڪوشش ڪئي.
براهوئي ادبي سوسائٽي طرفان سيمينار،ڊراما، مشاعرا ان سان گڏ ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ خاص طور ٽماهي “ د ی ٽڪ” ڪوئٽه جاري رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت براهوئي ڪتابن کي عام لوڪ تائين پهچائڻ لاءِ “براهوئي ڪتاب مرڪز” کوليو آهي. جتي براهوئي جا سڀ ڪتاب ملن ٿا.
سرمد بروهي
سفرنامو
شروعات
﷽
خميس ڏينهن سياري جي ٿڌي صبح ويلي 12 جنوري 1995ع تي ٻانگ مهل اٿيس. وضو ۽ نماز پڙهيم ۽ سنڌ جي شهر فريدآباد وڃڻ جي تياري ڪيم. هونئن ته ساري رات بدران صبح مهل گهري ننڊ ايندي آهي. صبح جي نماز به هلي ويندي آهي. سُستي جي ڪري ساڍا اٺ يا نائين بجي جاڳ ٿئي ٿي. پر اڄ سنڌ وڃڻ جي ڪري سوير جاڳي پيس. سفر جون ضروري شيون سوٽ ڪيس ۾ سهيڙي، چانهه جي پيالي پي، سوٽ ڪيس گاڏي ۾ رکيم. جناب پروفيسر عبدالرزاق صابر جي در تي ڪار آندم. جو هن کي ۽ هن جي وڏي پٽ حميد اختر کي به هلڻو هيو. حميد اختر ايف ايس سي جو امتحان ڏنو هو. ۽ کيس سنڌ ايگريڪلچر زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهش هئي جناب صابر صاحب جو تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. ڪرد گاپ ۾ سندن زمينون آهن. پاڻ هارپو به ڪن ٿا. جيرو، بصر، پٽاٽا يا ڪڻڪ پوکن ٿا. اهو علائقو ڪافي سرسبز هيو. پر پاڻي جي گهٽتائي جي ڪري “ڪاريز” (1) سڪي ويا ۽ ٽيوب ويل جي ذريعي پاڻي مهيا ڪيو ويو. ان ڪري اباڻي پورهيي کي نئين دور ۾ وڌائڻ لاءِ حميد اختر همت ڪئي ان کان سواءِ حميد اختر کي شاعري جو به شوق آهي. پر هو پنهنجي پيءُ کان لڪائي شاعري ڪري ٿو.
حميد اختر جواني جي عمر ۾ آهي. ان عمر ۾ شاعر عشقيه غزل لکندو آهي. ۽ اهو هڪ فطري عمل آهي. حميد اختر پنهنجي پيءُ کان اصلاح نه ٿو وٺي. جو صابر صاحب پنهنجي پٽ کي دوست واري حيثيت ناهي ڏني. حميد اختر هڪ تابعدار پٽ جي حيثيت ۾ شرم وچان پنهنجي پيءُ سان ڪا حجت نه ٿو ڪري. پر پوءِ به پروفيسر صابر صاحب کي ڪجهه دير سان خبر پئي ته سندس پٽ شاعري به ڪري ٿو.
عبدالجبار يار جي پٽ عرفان حسن به شاعري شروع ڪئي کيس پروڙ لڳي ته شاعري سندس وِتُ کان مٿي آهي. شاعر جو پٽ هوندي به هن شاعري کان توبه ڪندي چيو:
(براهوئي کان في البديهه منظوم سنڌي ترجمو)
مونکي شاعري جو شغل ناپسند
قسم تي هي ڌنڌو اصل ناپسند
هي ڳالهيون ڊگهيون ڪهڙو مقصد رکن!
توهان کان ڪيان مان نقل ناپسند
چڱو ڪم ڪندس! پاڻ هن قوم لئه
جو سهڻن جو ڀاڪر بغل ناپسند
جتي ڳالهه هر دم هلي حسن جي،
ته ان قسم وارو غزل ناپسند
سڀن کي سنيهو اي عرفان ڏي!
مونکي بي عمل جو عمل ناپسند
عبدالجبار يار جي پٽ شاعري کان توبه ڪئي پر محترم صابر صاحب جي پٽ پيءُ وارو پنڌ ورتو ۽ اڃا تائين شاعري پيو ڪري. رب ڪريم کيس ڪامياب ڪري!
سيءُ ڪافي هيو اسان ڊگها ڪوٽ پاتا. ٿڌ جي ڪري موٽر جي وک به هلڪي رهي مگر جوش جذبي سان منزل ماڻيندا، بولان جي ور وڪڙن مان گذرون پيا.
دره بولان
دره بولان
بولان جو لڪ
بولان لَڪ بلوچستان جو تاريخي لَڪُ آهي ۽ قديم زماني کان قافلا ايندا ويندا هيا. انگريزن اچي هتي رستو، ريلوي لائن جوڙي،ريل رستي لاءِ سرنگهون ٺاهيون جبل ٽُڪي تقريبا چوويهه سرنگهون جوڙيون. بولان لڪ جي ڊيگهه ڪولپور کان رندعلي تائين 54 ميل آهي. بولان ۾ ريل جو سفر هجي يا گاڏي جو ڪافي سهڻو نظارو پيش پيو ڪري. جڏهن اسان جي گاڏي بولان جي وروڪڙن مان گذري پئي ڌڻ ڌنارن جا خيما نظراچن پيا. جتان ڪک ڪانن ۽ ٻين ٻوٽن جي ٻرندڙ باهه جو دونهون ماحول کي وڌيڪ سهڻو بڻائي پيو.
اڄ ڪالهه ترقي جو زمانو آهي. سنڌ بلوچستان، ڪڇي ۽ خراسان لڏ پلاڻ يا اچ وڃ جو اهو سلسلو ڪونهي. جيڪو اڳ هيو. اڄ ته ماڻهو ٽرڪ ريل، ڪوچ ۽ جهاز وسيلي سفر ڪن ٿا. پوءِ به ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي ماڳ کان بولان جي وروڪڙن مان اٺن جي وڳ يا ماڻهو اٺ گڏهه مٿان گِدان ( ڏاس مان جڙيل خيمو) گِندار ( خيمي جي وچ ۾ ونگ واري ڪاٺي) ڪاٺين ۽ بسترن ۽ ضروري سامان مٿان ڪجهه ڪڪڙن سميت پنڌ ڪن ٿا. ڪڪڙن جو ٽراڪڻ يا موٽر کان اٺ جي گوري جو ٽهڻ، پانڌيئڙن لاءِ ويل ۽ موٽر مالڪن لاءِ خوشي جو سبب آهي. هنن ماڻهن جا بکارا ڪتا جيڪي جهنگلي جانورن کي به منهن ڏين ٿا، سي گهر ڌڻين جي پويان تابعداري سان منهن هيٺ ڪري هلن پيا. کين ڪو هڏو يا سڪل ماني جي عيوض مالڪ، مال مڏي ڌڻ وغيره جي حفاظت لاءِ پنهجو ساهه گهوري رکن ٿا ڪتي جي وفاداري اڄوڪي ماڻهن لاءِ مثال آهي.
بولان جو اهڙو نظارو اسان کي ڏاڍو وڻي پيو. ڪنهن هوٽل تي بسون ۽ ٽرڪون ، رستي ڪناري بيٺل هيون. ۽ مسافر چانهه ماني ۾ مشغول هيا. ان ريت مَڇ مان گذرياسين. جبلن تي ڪوئلن جو کاڻيون نظر آيون.مَڇُ جو ڪوئلو پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري سوات ۽ صوبه سرحد (خيبر پختون خواهه) جا مزدور اچن ٿا. هتان جا ماڻهو اها ڏکي مزدوري ڪري نه ٿا سگهن. منهنجي معلومات موجب هي کاڻيون هتان جي براهوئين جون ملڪيت آهن. مَڇ کارڪن، ڪتل ۽ کجين جي ڪري به مشهور آهي. (کجي جي وڻ کي براهوئي ۾ مڇ چئجي ٿو) ان کان سواءِ هتي پاڪستان جي وڏن جيلن منجها هڪ جيل آهي. جتي ڏوهارين کي بند ڪن ٿا. ڪيئي سياسي قيدي به هت بند رهيا. جنهن ۾ بلوچستان جا به مشهور ماڻهو قيد ٿيا جهڙوڪ مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، مير گل خان نصير. مير شير محمد مري، نواب خير بخش مري، امير الملڪ مينگل ۽ عبدالصمد خان اچڪزئي وغيره.
مڇ کان ٽپي اسان جي گاڏي تيزي سان منزل ڏانهن رواني هئي. جڏهن بي بي ناني جي پل گذرياسين ته جبلن جي چشمن مان وهندڙ پاڻي بولان نئين ۾ وهي رهيو هو. ڪٿي ظاهر پيو ٿئي ته ڪٿي گم ٿي ٿيو. ڪٿي ته پاڻي جو بيٺل ڪُنب به هيا. جتي پڪنڪ لاءِ ماڻهو اچي، خوشي ماڻن ٿا.
اسان بولان جي ورن وڪڙن کان نڪتاسين ته رستي جي ڪناري تي مهرڳڙهه جو بورڊ ڏٺوسين ۽ مهر ڳڙهه جا آثار ياد آيا.
مهر ڳڙهه
جڏهن مهر ڳڙهه جا آثار لڌا ويا ته علائقي جي تاريخي اهميت ۾ وڏو واڌارو آيو. مهر ڳڙهه جي تاريخي حيثيت، اتان هٿ آيل نوادرات مان معلوم تي ۽ ڄاڻايو ويو ته هي شهر ست هزار سال پراڻو آهي. اهو شهر (ڦٽل) بولان لڪ جي اوڀر ۾ تقريبا سورهن ڪلوميٽر پري آهي. هن ماڳ جو تعلق آثار قديمه جي NEOLITHIC PERIOD کان ٻڌائن ٿا. يعني انسان ابتدا کان ترقي ڪري پٿر جي دور ۾ داخل ٿيو. ۽ پوءِ زرعي دور کي پهتو. ان وقت انسان پنهنجي ڪم کي سولو ڪرڻ لاءِ اوزار جوڙيا. اهي اوزار مهر ڳڙهه جي دڙن مان هٿ آيا.
1928ع ۾ فرانسيسي ماهرن جي هڪ گروپ ڊاڪٽر جي ايف جارج جي سرواڻي ۾ ۽ پاڪستان جي آثار قديمه جي ماهرن گڏجي مهر ڳڙهه جي دڙن جي کوجنا ڪئي. هن کوجنا وقت ٿانون جا ٽڪرا، دلن جا ٽڪرا، مٽيءَ مان جڙيل شيون ، ٺڪر جن تي رنگ برنگ چٽ آهن. ان کان سواءِ مٽيءَ مان جڙيل گڏيون ، انسان ۽ جانورن جا بوتا ۽ هڏن مان ٺهيل هٿيار ۽ زيور به لڌا. هنن شين جي تجزيي ۽ تحقيق کان پوءِ اندازو لڳايوويو ته هن شهر جو بنياد 4500(قبل مسيح) رکيو ويو هيو. هي هوشيار مخلوق هئي. جيڪي نه رڳو پوک راهي کان واقف هيا. پر سٺي اٿڻ ويهڻ جي اصولن جا ڄاڻو هيا. جيڪي 2700 سالن قبل مسيح هتي آيا ۽ رهيا.
مهر ڳڙهه کان اڳتي ڇهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نوشهرو جا دڙا نظر آيا آهن. انهن جو به مهر ڳڙهه تهذيب سان تعلق آهي. اهي دڙا به اندازا 1800 يا 2700 تائين آباد رهيا.
مهر ڳڙهه بابت ڳالهائيندي منزل طئي ڪندي بولان جي مُهڙ يعني شهر ڍاڍر جي حدن ۾ پهتاسين.
ڍاڍر ، رند علي
ڍاڍر سبزي ۽ ڪمند جي پوک سان مشهور آهي. سياري ۾ ڪوئٽه لاءِ ڍاڍر کان ٽرڪن ذريعي سبزي ايندي آهي. ۽ ڍاڍر جي تاريخي حيثيت هي به آهي جو سياري ۾ خان آف قلات جي درٻار هتي لڳندي هئي. سراوان، جهلاوان جا نواب، سردار هتي اچي گڏ ٿيندا هيا. هي علائقو سطح سمنڊ کان 500 فوٽ مٿي آهي ۽ گرمين ۾ هي گرم ۽ سياري ۾ ٿڌو رهي ٿو.
اڳ ۾ هي علائقو قلات رياست ۾ شامل هيو. ضلع ڪڇي جڙڻ کان پوءِ ضلع ڪڇي جو هيڊڪوارٽر ٺهيو. 1992ع ۾ بولان ضلع جڙيو ته ان جو هيڊڪوارٽر هتي تجويز ٿيو. هتي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين ضلعي آفيسرن جون آفيسون آهن. (ڍاڍر کي رند علي به سڏيو وڃي ٿو).
رند علي ۾ محترم عبدالرزاق صابر صاحب جو سوٽ ۽ براهوئي ادبي سوسائٽي جو پراڻو ميمبر خليل احمد شاڪر رهي ٿو. ساهي کڻڻ لاءِ ان وٽ وياسين. جيڪو بي اينڊ آر ۾ سب انجنيئر آهي. خليل شاڪر اسان کي ڏسي ڪافي خوش ٿيو. چانهه، بسڪوٽ ۽ بادام اخروٽ سان اسان جي تواضع ڪئي. ڪچهري ۾ براهوئي ادبي سوسائٽي جي دور جون ڳالهيون هليون. جو خليل شاڪر سوسائٽي جي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو هو. ۽ براهوئي ۾ شاعري به ڪندو رهيو. جڏهن کان سرپره قبيلي جو ٽڪري ٿي پڳ ٻڌي ۽ بي اينڊ آر ۾ سب انجنيئر بڻيو ته شاعري ڇڏي ڏني.
ڪچهري ۾ سندس ڀاءُ عزيز احمد ۽ بي اينڊ آر جو هڪ ٻيوسب انجنيئر علي رند به هيو. ڪچهري ڀرپور هئي. پر اڳتي پنڌ هجڻ ڪري موڪلائي روانا ٿياسين.
ڍاڍر کان پنج ڪلوميٽر اوڀر جي فاصلي تي مڪتبه درخان جا آثاراسان کي نظر آيا. هن وقت ان مدرسه ۽ مسجد جون ڀتيون ڊٺل حالت ۾ نظر آيون. ڳوٺ جي چوڌاري آبادي ۽ فصل هيا. سم جي جي ڪري به پراڻيون عمارتون متاثر هيون. مڪتبه درخان جا آثار براهوئي ۽ بلوچي ادبي مَڏي جي تاريخ بيان ڪن ٿا. افسوس سان چئجي ٿو ته هن مدرسه جون عمارتون سار سنڀال نه هجڻ جي ڪري ڊهي ويون. ڪجهه ڀتيون بيٺل ڏيکارجن پيون.
مڪتبہ درخاني، ڍاڍر
مڪتبه دُرخاني براهوئي علم ۽ ادب جو پهريون ادارو هيو. جتي باقاعده براهوئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اداري جو بنياد مولانا محمد فاضل دُرخاني رکيو.
مولانا محمد فاضل درخاني 1246هه مطابق 1830ع ۾ ڍاڍر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو درخان (درمحمد خان) رئيساڻي هيو. ۽ شهر جو نالو به درخان پيو.
محمد فاضل درخاني جي تعليم ۽ تربيت مولانا عبدالغفور همايوني وٽ همايون شڪارپور ۾ ٿي. همايون مان فارغ ٿي مولانا محمد فاضل پنهنجي ڳوٺ ڍاڍر اچي مدرسه جو بنياد رکيو. ۽ علائقي جي ٻارن تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مولانا محمد فاضل جي علمي ڪمال جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪيترا طالب هتي علم سکڻ آيا.
ان دور ۾ انگريزي ڏاڍ، پوري برصغير ۾ پاڻ کي مضبوط رکڻ لاءِ سياسي،مذهبي ۽ سماجي ڪوشش ۾ رُڌل هيو. بلوچستان جي ماڻهن کي سادو ۽ اڻ پڙهيل سمجهي عيسائيت جي تبليغ شروع ڪئي. عيسائي مشنري علائقي جي مسلمانن لاءِ ويل ٻاري ڇڏيو.
1883ع ۾ مولانا محمد فاضل جي خواهش مطابق هِن مڪتبه دُرخاني ۾ ناميارن عالمن جي گڏجاڻي ٿي. فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ هي ادارو بلوچستان لوڪ ۾ تبليغي ۽ اشاعتي ڪم به ڪري. مولانا محمد فاضل ۽ سندس شاگردن تبليغ ۽ اشاعت جو ڪم هٿ ۾ کنيو.
1905ع ۽ 1907ع ڌاران بائبل سوسائٽي پنجاب “يوحنا” جا براهوئي، بلوچي ترجما ڇپائي، ماڻهن ۾ مفت ورهايا. ان جي مقابلي ۾ مڪتبه درخاني جي عالمن براهوئي، بلوچي، سنڌي ۽ فارسي ۾ تبليغي، ديني ، علمي، اخلاقي، اصلاحي ۽ علمي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا.
مڪتبه دُرخاني بابت، مڪتبه دُرخاني جي موجوده وارث مولانا عبدالغفور درخاني سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هو پنهنجي ضعيفي ۽ بيماري جي ڪري جاءِ کان چُري به نه ٿو سگهي. اڌرنگ جي ڪري اٿڻ ويهڻ کان معذور ۽ اکين کان جڏو آهي. فقط ڳالهائڻ جي سگهه آهي. مون 10 فبروري 1992ع ڏينهن سندس انٽرويو ڪيو ۽ دُرخان جي آثارن جي فلم به جوڙي. اهو انٽرويو ٽي وي تي به هلايو.
انٽرويو علم ۽ ادب جو تاريخي حصو آهي. ان ڪري پيش ڪريان ٿو.
سوال: مولانا صاحب! توهان پنهنجي گهراڻي بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: مونکي عبدالغفور سڏن ٿا. پيءُ جو نالو ابوبڪر ۽ اُن جي پيءُ جو نالو عبدالحي آهي. مولانا عبدالحي مولاداد جو پٽ آهي. مولاداد جو ڀاءُ مولانا محمد فاضل آهي.جيڪو مڪتبه دُرخاني جو باني آهي.
ان مڪتبه جي بنياد رکڻ کي ڏيڍ سو سال گذريا آهن. اڄ به اُن نالي سان مشهور آهي. مولانا محمد فاضل کان پوءِ هي ادارو سندس ڀائٽي مولانا عبدالحي هلايو. مولانا عبدالحي جي وقت ۾ 120 طالب العلم فارغ التحصيل ٿيا.
انهن شاگردن براهوئي بلوچي ۾ ڪتاب لکيا. لاهور جي “هندستان اسٽيم پريس” مان ڇپايا. 1334هه ۾ ڪلام پاڪ جا براهوئي ۽ بلوچي ترجما ڇپايا. قرآن ڪريم جي براهوئي ترجمه جي ڇپائي لاءِ وڏيري نور محمد بنگلزئي ٽي هزار ڏنا. بلوچي ترجمه لاءِ وڏيري گزين خان مري جيڪو سفيد ڪوهلو جو رهواسي هيو. ان هِتان هُتان چندو ڪري ڏنا. اهي ٻئي ترجما 1334 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کانسواءِ براهوئي ۽ بلوچي ۾ جيڪي ڪتاب ڇپيا. مولانا عبدالحي صاحب پنهنجي کيسي مان خرچ ڏئي ڇپايا. ۽ عوام۾ مفت ورهايا ويا.
مولانا محمد فاضل جي زماني ۾ ٽي براهوئي ڪتاب ‘ ناصح البلوچ’، ‘تحفہ العجائب’ ‘تحفة الغرائب’ نالي ڇپيا. هڪ فارسي ڪتاب“ مسائل النسوان” ڇپيو. ان کان پوءِ جيڪي ڪتاب ديني، مذهبي يا مسئلن بابت ڇپيا. اها حضرت مولانا عبدالحي جي همت ۽ ڪوشش هئي جيڪي مفت ورهايا وڃن پيا.
شاگردن بلوچي ۾ مولوي محمد هاشم رند علي ضلع ڪڇي وارو، هڪ حضور بخش جتوئي سني وارو، ۽ ٻيو هڪ جنهن جو نالو وسري ويو آهي، ڪم ڪيو. بهرحال انهن ٻن ڄڻن بلوچي ڪتابن ۾ ڪافي دلچسپي ورتي، نظم ۾ به ڪم ڪيو. ۽ مولانا عبدالحي انهن جا ڪتاب ڇپايا.
پنج ڪتاب، حفظ الايمان، تنبيہ الغافلين، ترغيب الجماعت ۽ ڪلام پاڪ براهوئي ترجمو، مولانا محمد عمر دين پوري جي تصنيفن مان آهن. ان کان پوءِ مولانا محمد عمر دين پوري ڪيئي ڪتاب لکي پاڻ ڇپايا. انهن بابت نور محمد پروانه جيڪو مستونگ مان اخبار“ايلم” شايع ڪري ٿو. اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو. جو هو سندس گهر ڀاتي آهي. ٻيو براهوئي ۾ لکندڙمحمد اشرف به مولانا عبدالحي جي زماني ۾ هيو. مولانا محمد عمر سان ٽيون عبدالحڪيم هيو. هنن ٽن ماڻهن براهوئي لاءِ ڪم ڪيو.
حاجي عبدالمجيد صاحب چوتوئي مستونگ واري جا به ٽي، چار ڪتاب ڇپايا ان کان پوءِ اهي مون ڇپايا. ان جا ڪتاب “در المجيد” ۽ “ شهد وشفاء” (پهرين اشاعت کان پوءِ) ۽ رياض الجنان، شمعه القلوب ۽ تحفته الخليل (حضرت ابراهيم عليه السلام جو قصو تفصيل سان) ۽ ٻيا تقريبا 15 ڪتاب مون ڇپايا. يعني حاجي عبدالمجيد جا ڪتاب پنهنجي پيسن ۽ پنهجي سرمائي مان ڇپايا. اڄ ڪالهه ماڻهو چندا وٺي ۽ حڪومت کان پيسا وٺي ڪتاب ڇپائن ٿا. منهنجو طريقه ڪاراهو نه هيو. مون ذاتي سرمايو خرچ ڪيو. حاجي عبدالمجيد جو لکيل ڪتاب “غيرت الاسلام” تقريبا ست ۽ اٺ ڀيرا ڇپايم. جيڪي ڏهه هزار داڻا ٿي سگهن ٿا. جو هر ڀيري هزار، هزار ڪتاب ڇپجن پيا.
ان ريت“ ڪان جواهر” مولوي عبدالعزيز يلي ڪارير مستونگ واري جو لکيل به چار، پنج ڀيرا پنهنجي سرمائي سان سان ڇپايم.
مون کان پوءِ مشڪل آهي جو ان ريت ڪتاب ڇپجن. منهنجو اولاد به سڀ وڃي اسڪول ڪاليج جي تعليم وٺي ملازم ٿيا. محسوس ٿو ڪيان ته اهو ڪم منهنجي اولادکان نه ٿيندو.
انڪري هر خاص ۽ عام کي چوان ٿو بلوچ، براهوئي يا ڪو سنڌي ۽ ڪير به هجي، اهي براهوئي بلوچي ڪتاب ڇپائي. منهنجي طرفان مڪمل اجازت آهي. اهو انڪري جو هن ديني ڪم ۾ ڪوخلل نه اچي. هر ڪو چاهي ڇپائي مفت ورهائي يا قيمت تي ڏئي. يا خيرات طور ڏئي ان بابت منهنجي طرفان عام اجازت آهي.
جيئن ته ڪتاب به اسان (مان مولانا عبدالحي ۽ مولانا محمد فاضل) ڇپايا ته انهن مٿان حق ڪاپي رائيٽ يا سڀ حق واسطا قائم لکيل هيو. يا بنا اجازت مولوي محمد فاضل ۽ عبدالخالق ۽ مولانا عبدالحي جي پٽن کان سواءِ ڪوبه ڇپائڻ جي ڪوشش نه ڪري! اهي ڪل ڪتاب اسان جا آهن. هاڻ ڇپائڻ جي عام اجازت آهي. مون به ڪتاب لکيا. براهوئي گرائمر، براهوئي قاعده، قاعده براهوي معه بول چال (حصه اول) ۽ ٻيا به ڪيئي قلمي ڪتاب آهن. انهن منجهان ڪجهه آهن ۽ ڪجهه موجود ڪونهن. ڪجهه اهي ڪتاب آهن جن جا نالا هن ريت آهن نبي عربي جي سيرت النبي، امام حسين جي سوانح عمري.
ان دور جو هڪ شاعر مولانا محمد اسماعيل مينگل هيو. جنهن جا ڪتاب “ گلزار يوسف” ۽ جنگ نامه حضرت علي به پنهنجي خرچ سان ڇپايم. ٻئي هڪ عالم نالي محمد عمر دينارزئي ٻه ٽي ڪتاب جهڙو معجزات مصطفيٰ، جنگ نامه امام محمد حنيف جيڪو نامڪمل هيو ان مڪمل ڪري مونکي ڏنو. اهو ڇپايوسين. ۽ غيرت الاسلام حصه ٻيو، حصو ٽيون ، حصو چوٿون ۽ حصو پنجون به ڇپاياسين. ان کان پوءِ براهوئي اڪيڊمي وارن ڪتاب ڇپايا، جن جي مونکي خبر ناهي.
سوال: مڪتبه درخاني جو ڪم جڏهن شروع ٿيو ته سندن مقصد ڇا هيو؟
جواب: انهن جو مقصد بلوچستان ۾ شرڪ ۽ بدعت واريون گهڻيون ڳالهيون هيون. ان بابت مولانا محمد فاضل سندرو ٻڌو. هر ڳوٺ، گهٽي ۽ علائقي ۾ وڃي دين جي تبليغ ڪئي. جيئن ماڻهو شرڪ بدعت ۽ باطل ڪمن کان بيزار ٿين. رب ڪريم جي رستي تي هلن ۽ دين جو رستو وٺن. پنج وقت نماز پڙهن. پير پرستي ۽ پوڄا پاٺ کان بيزار ٿين. هن هڪ بنياد رکيو. ماڻهو هتي اچي پڙهن پيا ۽ فيض وٺن پيا.
مڪتبه درخاني فڪر وارن وٽ مري علائقي ۽ لَد وغيره ۽ ٻين هنڌن جا تقريبا 120 عالم فارغ ٿيا. پوءِ انهن کي مولانا عبدالحي، مري ۽ سراوان جي علائقي ۾ رهايو. مولوي محمد کي مڇ ۾ مولوي محمد عارف کي مري سفيد شهر ۾، ملا عثمان کي نَرمُڪ ۾، ملا يوسف کي دشت ۾ ان ريت سُني، شوران ۽ گاجان يعني هِت هُت پنهنجن شاگردن کي ويهاريو. حڪم هيو ته هتي ويهي ماڻهن کي دين سان فيض ياب ڪريو،ته دين جي طرف اچن. الله تعاليٰ جي راهه وٺي شرڪ ۽ بدعت کان پري رهن.
ستر حجاب اڳ ۾ ڪونه هيو. هنن برقعو پارائڻ سيکاريو. چيائون پردو وڏي شيءِ آهي. نه ته هڪ وقت کان وٺي سردارن جي گهرن ۾ به نوڪر ايندا ويندا هيا. مولانا محمد فاضل سمجهايو ته اهي ڌاريا آهن. جن کان پردو ڪرڻ ضروري آهي. ان تبليغ ۽ ترغيب کان پوءِ ماڻهن ۾ ستر لاءِ اڇن برقعن جو رواج پيو.
مولانا محمد فاضل جي بزرگي جا ڪافي قصا آهن.
سوال: مڪتبه درخاني هن وقت تائين ڪيترا ڪتاب ڇپايا؟
جواب: مڪتبه درخاني تقريبا 53 ڪتاب ڇپايا، جيڪي براهوئي ۾ آهن، ڪجهه بلوچي ۾ ڇپيا. جيڪي فقه ۽ قصن بابت آهن.
سوال: جيڪي ڪتاب مڪتبه درخاني طرفان ڇپيا هر هڪ جو تعداد ڪيترو هيو؟
جواب:هر ڪتاب جو عدد هزار کان گهٽ ناهي مولانا عبدالحي کان پوءِ براهوئي ڪتاب نه ڇپيا.ان کان پوءِ پنهنجي خرچ تي مون ڇپايا. مولانا عبدالمجيد صاحب جو ڪتاب غيرت الاسلام اٺ دفعا ڇپايم. “ ڪان جواهر” مولاناعبدالعزيزيلي واري جي لکيل ڪتاب کي پهريون دفعو مصنف پاڻ ڇپايو. ان کان پوءِ هن ڇپائڻ جا اختيار مونکي ڏنا. اهو ڪتاب ڇهه يا ست ڀيرا مون ڇپايو. تحفة الخليل هڪ دفعو ڇپيو ان ريت فتاويٰ درخاني مون مرتب ڪيو ۽ ان جو پهريون حصو پنج سو داڻا مون ڇپايا. ٻيا حصا منهنجي بيماري جي ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويا.
سوال: ڪتابن جي ورهائڻ جو طريقو ڪيئن هيو؟
جواب: هر ڪتب فروش وٽ اڌ قيمت تي رکندو هيس. جيڪڏهن قيمت پنج روپيه هئي ته اڍائي روپين جو نفعو ڏيندو هيس. جيئن ڪتاب جلد ماڻهن کي پهچن. قلات، مستونگ، وڍ ۽ نوابشاهه کان سواءِ سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي ڪتب فروش هيا ۽ سال ڇهين مهيني وڃي حساب اوڳاڙيندو هيس.
سوال: توهان ڪتابن جو هيترو سارو حساب ٻڌايو. پر اهي ڪتاب نه رڳو بلوچستان بلڪ ٻئي هنڌان به هٿ نه ٿا اچن. ان جو سبب ڇاهي؟
جواب: اهي ڪتاب گهڻوڪري عوام وٽ هيا. سعودي عرب، بحرين ۽ قطر وڃو. جتي به براهوئي ماڻهو آهن. اتان هٿ ايندا. جيڪي بلوچ آهن. انهن وٽ اسان جا ڇپايل بلوچي ڪتاب ملندا. جيڪي ڊاڪٽر عبدالرحمان براهوئي لنڊن وڃي. تصديق ڪئي ته اهي ڪتاب اتي موجود آهن.
هن علائقي اندر مري، بگٽي، سني، شوران ۾ بلوچي ڪتاب ۽ سراوان جي مستونگ قلات،نوشڪي، ۽ سنڌ جي شهدادڪوٽ، نوابشاهه علائقن ۾ جتي براهوئي آهن. اهي ڪتاب ملندا. جيڪي ٽپال وسيلي اسان کان گهرائيندا هيا ۽ اسان ڍاڍر پوسٽ آفيس مان ڪتاب وي پي ڪري موڪليندا هياسين.
ٻن ٽن سالن کان بيمار آهيان انڪري ڇپائي جو ڪم رهجي ويو. ٻيا به نه ٿا ڇپائن جو ڪتابن تي لکيل آهي. اسان جي اجازت کان سواءِ ڪوبه نه ڇپائي. اڄ هي چوان ٿو ته ان جي کليل اجازت آهي.
سوال: توهان پنهنجي پيدائش ۽ تعليم وغيره کان پوءِ صحافت ۾ اچڻ کان آگاهه ڪريو؟
جواب: صاحب قصو هن ريت آهي ته مان 23 مارچ 1922ع ڌاران دهپال بچه خان ضلع سبي ۾ پنهنجي ناني رئيس الله ڏني جي گهر ۾ ڄائس. سندس ذات بابا هئي. ڳوٺ دهپال جو رهاڪو هيو. منهنجي ڏاڏي منهنجو نالو مولانا عبدالغفور همايون وارن جي نسبت سان رکيو جيڪو مولانا محمد فاضل جو استاد هيو.
ٻن ٽن سالن جي عمر ۾ شهر درخان ۾ آيس. مونکي ديني تعليم پڙهائي وئي. ستن،اٺن سالن جي عمر ۾ ديني تعليم کان فارغ ٿيس. هتي مونکي منهنجو پيءُ مولانا ابوبڪر پڙهائي رهيو هو. ڍاڍر ۾ اسڪول هيو. پنج درجا اتي پڙهيم ۽ سبي آيس. جڏهن ڍاڍر ۾ مڊل اسڪول پيو ته اتي مڊل پاس ڪيم. ان کان پوءِ احمد يار خان هاءِ اسڪول مستونگ ۾ پڙهي، ميٽرڪ پاس ڪيم. ان عمر ۾ براهوئي، بلوچي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيم.
مون علائقه سفيد ڪوهلو ۾ مرين جي علائقي ۾ مدرسو کوليو. جتي عربي ڪتاب پڙهايم. ماڻهن کي بلوچي کان وڌيڪ عربي پڙهڻ جو شوق هيو. تفسير، حديث ۽ فقہ جا ڪتاب پڙهايم. بارکان، ڍل جنتي ۽ سفيد ڪوهلو جا طالب علم آيا. اتان جي وڏيري يار محمد مدرسي جو خرچ ڀري پيو.
ست سال اتي پڙهايم. ڪوهلو جي معتبر شخصيت مير فتح محمد بجاراني جي هئي. جيڪو بلوچستان جي اڳوڻي گورنر جسٽس خدا بخش مري جو پيءُ هيو.
بلوچستان ۾ ڏڪار پيو مون اها جاءِ ڇڏي ۽ پوءِ درخان آيس. ان وقت حاجي عبدالمجيد جا ڪتاب شمعة القلوب ۽ خطبات عبدالمجيد ( ٻارهن مهينن جا هفتيوار خطبا) ڇپائي اهي کڻي جهلاوان وڍ آيس. اهي ڪتاب دڪاندارن ۽ مدرسن جي مهتممن کي قيمت تي ڏنم اتي ٻارهن سال رهيس. مدرسه دين العلوم جاري ڪري ماستر امام شاهه تُلي وارو مقرر ڪيم. مولوي محمد آزاد جيڪو حج ڪري آيو، ان کي اتي معلم القرآن مقرر ڪيم.
1952ع ڌاران ڪوئٽه آيس. ماهنامه مبلغ جاري ڪيم، هڪ زماني کان گورنمينٽ جا اشتهار نه ڇپيم. آزاد پاليسي رکيم. ضياءُ الحق جو دور آيو. سوچيم ته هاڻي اسلام جي تبليغ جو دور آهي ۽ پوءِ اشتهار ورتم.اول اخبار جو تعداد پنج سو هيو ۽ پوءِ هزار ٿيو ۽ ABC جو سرٽيفڪيٽ به مليو.
اخبار اردو ۾ هئي. ڊڪلريشن اردو براهوئي زبانن جو هيو. گهڻو ڪري اردو هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن براهوئي به ڇپيم. شاعري ۽ ناول قصا به هيا ايڊيٽوريل براهوئي به ڇپيم. ان وقت اڪبر اچڪزئي جي پريس هئي.
مبلغ جڏهن ماهنامه هيو ته براهوئي به شامل ڪيم. پر ماڻهن کي براهوئي جو شوق ڪونه هيو. هنن چيو ته اردو هجي. ان ڪري اسان به اردو تي زور ڏنو جو هو عام فهم زبان آهي. مان به سليس اردو لکندو هيس. جيئن عام ماڻهو سمجهن. منهنجي پاليسي غريب عوام جي حقن خاطر هئي. توهان منهنجي اخبار جا اهي فائيل کڻي ڏسو ته ڇڙو غريب عوام جي حق ۾ ۽ آفيسرن کي زاني شرابي فراڊي چئي سندن خلاف ڪافي لکيم. تڏهن چوندو هيس “ غريب عوام جو خيال رکو”
هو مونکي چوندا هيا ڀائو! پنهنجو قلم ڪجهه نرم رکو!
مون چيو، حقيقتن جي روشني ۾ لکڻ هڪ ثواب آهي. مان ڪنهن به ڪم ۾ دخل ڏيڻ نه ٿو چاهيان.
سوال: مولانا عبدالباقي به اوهان سان گڏ هيو. ان جي زندگي ۽ ڪم بابت ٻڌايو؟
جواب: مولانا عبدالباقي درخان ۾ ڄائو. سندس پيءُ قاضي عبدالله درخاني جنهن ڪجهه تعليم مولانا عبدالحي کان حاصل ڪئي. پوءِ لڏي وڃي افغانستان ۾ تعليم ورتي. اتي فارغ التحصيل ٿيو. اتان مولانا عبدالله ڪراني ضلع ڪوئٽه ۾ مسجد جو امام ٿيو. وري مٺڙي ۾ اچي رهيو. ڪجهه سال اتي رهيو. تقريبا 1940ع ۾ دهپال بچه خان ملڪ رسول بخش شهر ۾ رهيو ۽ اتي وفات ڪئي.
قاضي عبدالله سياري ۾ اتي رهندو هيو. اونهاري جو ڪلي سرده سرياب ۾ رهندو هيو. ان دوران خان آف قلات جو قاضي القضاة بڻيو. کيس وزير معارف جو درجو حاصل هيو. ڪنهن معمولي ڳالهه جي ڪري هن اهو عهدو ڇڏي ڏنو. جو کيس خان صاحب جي پاليسي پسند نه آئي.
ان کان پوءِ مولانا عبدالباقي دهپال اچي مدرسه مليہ شروع ڪيو. سياري جو اتي رهندو هيو. دهپال ۾ صبح شام طالبن کي هو ماني کارائيندو هيو. ساڻس سردار سمندر خان باروزئي جو تعاون هيو. ۽ اونهاري ۾ اچي ڪلي سرده سرياب ۾ مدرسو کوليو. هن جا ڪافي مدرسا هيا.
مولانا محمد اسماعيل خاران وارو، مولوي نور حبيب، مولوي منير اڄ ڪالهه سبزي مسجد ڪوئٽه ۾ آهي ۽ ٻيا عالم وٽس استاد هيا. جيڪي مدرسه ملي هلائيندا هيا. 72 سالن جي ڄمار ۾ رحلت ڪري ويو. سندس وفات جو سبب هارٽ اٽيڪ هيو.
هن پنهنجي حياتي ۾ خطبات درخاني، معجزات درخاني، حفاظت المصلي، مجربات درخاني ( دوائن جا نسخا) ۽ معلم سندس اردو ماهنامه هيو. صدر ايوب جي زماني ۾ اهو رسالو بند ٿيو. رسالي جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڊڪلريشن ڪونه مليو.
ان کان پوءِ هو پاسبان۾ شامل رهيو. پندرهن روزه پاسبان ۾ مولانا عبدالواحد هن جو ساٿ ڏنو. سندس وفات کان پوءِ به مولانا عبدالواحد پاسبان جاري رکيو.
مولانا عبدالغفور جو انٽرويو پورو ٿيو. ۽ هن آخر ۾ چيو ته مان براهوئي زبان ۽ بلوچي زبان جي شاعرن ، اديبن کي گذارش ٿو ڪريان ته اختلاف يا جدائي نه رکن. تنقيد جو هي رخ هوندو ته واڌارو نه ٿيندو. هڪ ٻئي جي حوصلي افزائي ڪن. مولانا محمد فاضل ۽ مولانا عبدالحي جن جو رويو رکن.
****************************************
مڪتبه درخان جي يادگيرين کان پوءِ اسان سبي شهر جي ڀرسان لنگهياسين. سبي بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ گرم آهي. هتي هر سال فبروري ۾ سالانو جلسو لڳندو آهي. هن ميلي ۾ بلوچستان کان سواءِ ملڪ جي ٻين هنڌن مان ڪافي ماڻهو ايندا آهن. هر سال صدر يا وزير اعظم پهرين يا آخري ڏينهن ميلي ۾ ايندو آهي. هي ميلو پراڻي زماني کان بلوچستان جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي صورت جو آئينو آهي.
سبي کان اڳتي ڪڇي جو رڻ پٽ اسان جي آڏو هيو هي اهي پٽ آهن. جو گمان ٿئي ٿو ته پري وڏو پاڻي نظر ايندو. پر ويجهو پهچڻ تي اهو پاڻي گم ٿي ويندو. ان کي براهوئي ۾ گول هرفنگ(رڃ) چون. ان پاڻي تي پهچڻ لاءِ مسافر ڊوڙن ٿا ۽ وڌيڪ جهولي لڳڻ جي ڪري تڪليف ۾ اچن ٿا. ڪڇي جي انهن پٽن جي حوالي سان ڪجهه اسٽيشنن جا نالا آهن. جهڙوڪ: جهٽ پٽ، بيل پٽ.
انهن پٽن تان منزل ماڻي منجهند مهل هڪ بجي ڊيره مراد جمالي پهتاسون. هتي ڊاڪٽر عبدالستار خان جي ڪلينڪ تي وياسون. فيض ڪلينڪ نالي مشهور آهي. ڊاڪٽر عبدالستار براهوئي ادب جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. هن ڪافي مضمون مقالا لکيا. جوهر براهوئي جي رسالي “سنگت” جو معاون هيو. اڄ ڪلهه ڊاڪٽري ۾ ايترو مشغول آهي. جو وٽس ادبي ڪم لاءِ وقت ڪونهي. ڪجهه وقت کان سندس لکڻيون نظر نه ٿيون اچن.
اسان ڪلينڪ تي ڊاڪٽر صاحب جي پڇا ڪئي، معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر عبدالستار ڪراچي ويل آهي. پوءِ اتان اڳتي اُسهياسون. پوڻين ٻي بجي ڊيره الهيار پهتاسون. هڪ هوٽل آڏو کٽ تي منجهند جي ماني کاڌي سون. ماني کان پوءِ اوستي محمد طرف روانا ٿياسون. ٽين بجي اوستي محمد پهتاسون. اتي سردار محمد جان پندراڻي جي پڇا ڪئي سون ته معلوم ٿيو سردار صاحب براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد ويل آهي.
اوستو محمد سنڌ بلوچستان جي سرحد تي آهي. هي شهر پوک آباديوارو شهر آهي. هتي ڪڻڪ، سارين ۽ سبزين جا فصل ٿين ٿا. هي نهري علائقو آهي. ۽ کيرٿر نهر سنڌ کان اچي ٿي. 1932ع ۾ انگريز سرڪار کيرٿرڪينال ڪڍيو. ته هي علائقو آباد ٿي ويو. 1964ع ۾ پٽ فيڊر ڪينال نڪتو ته هن علائقي ڪافي ترقي ڪئي.
جڏهن اسان اوستي مان شهدادڪوٽ هلياسون ته وچ تي رستو ڪافي خراب هيو. هي خطرناڪ رستو به آهي. جو ڏينهن ڏٺي ڌاڙيل گاڏيون ڦرن ٿا. جيئن ته سنڌ بلوچستان جي سرحد تي آهي. سنڌ جا ڏوهاري هتي اچي لڪن ٿا. اوستي محمد کان پوءِ سنڌ جو پهريون شهر ڳڙهي خيرو آيو. هتي به رستو خراب هيو.
اسان جڏهن شهدادڪوٽ، پهتاسون ته ٽپهري جو وقت هيو.
شهداد ڪوٽ(1995 ۾) ضلع لاڙڪاڻي جو تعلقو آهي. سندس نالي جو سبب ماڻهن کي معلوم نه آهي. ڪو چوي ٿو ته شهداد خان سنڌي هيو. ڪو چوي ٿو ته بلوچ هيو. ڪو وري کيس براهوئي سڏي ٿو.
اسان علائقي جي نامياري صحافي ۽ عالم ميان عطا محمد صديقي کان پڇيو جيڪو درگاه ميان غلام صديق جو گادي نشين آهي. ان چيو ته شهداد خان ڪلهوڙو عباسي هيو. ان جي رهائش جا آثار هتي موجود آهن.
شهداد ڪوٽ ۾ براهوئي ماڻهو ڪافي رهن ٿا. جيڪي زمينداري، واپار ۽ گاڏين جو ڪاروبار ڪن ٿا. هتي منهنجي سهري جا سوٽ صدين کان رهن ٿا. انهن جي ۽ اسان جي هاڻي گهري دوستي آهي. منهنجو سهرو ماسٽر رحيم جان محمد شهي، جيڪو براهوئي ۾ فقط قومي شاعري ڪري ٿو. سال جا ڪجهه مهينا پنهنجي ڪٽنب سميت هتي اچي رهي ٿو. ان ڪري مان به ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سميت هتي ايندو آهيان هتي وڏيري تاج محمد براهوئي محمد شهي وٽ رهندا آهيون. شهداد ڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي هن جو دڪان آهي.
ڪوٽو موٽو ٻه هندو هيا. گهڻو وقت اڳ هتي اچي رهيا ۽ دوڪان کوليو. هڪ جو نالو ڪوٽو مل ته ٻئي جو نالو موٽو مل هيو. موٽو مل ڪجهه ٿلهو هيو. باقي ڪوٽو مل سنهڙو هيو. هو پاڻ ۾ دوست هيا. ڪوئي ڪونه سمجهندو رهيو ته هي دوست آهن يا ڀائر آهن. هو حڪمت جوبه ڪم ڪندا هيا. ان ڪري چوڪ انهن جي نالي سان مشهور هيو. هاڻي ان چوڪ جو نالو مٽائي صديق اڪبر چوڪ رکيو ويو آهي. ان جي هڪ ڪنڊ تي تاج محمد جو دوڪان آهي. جتي اَنَ جو واپار ڪن ٿا.ا انڪري هي دوڪان ڪوٺي سڏجي ٿو. براهوئي ماڻهو ڪٿان به اچي ته هن دوڪان تي ضرور ايندو آهي. ڪو سامان رکڻ لاءِ ڪو ڪچهري ڪرڻ لاءِ. ڇو ته هن دوڪان تان چوڪ جا ڪل رستا نظر اچن ٿا. هتي ست اٺ رستا گڏجن ٿا.
اسان ان دوڪان تي پهتاسون ته تاج محمد براهوئي جو ننڍو ڀاءُ محمد ابراهيم ويٺو هيو. اسان کي ڀليڪار ڪئي. چانهه گهرائي. حال احوال ورتا. مون هن جو پروفيسر عبدالرزاق صابر صاحب سان تعارف ڪرايو. محمد ابراهيم گورنمينٽ سائنس ڪاليج قمبر ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي. 1981ع ڌاران سنڌ يونيورسٽي ۾ براهوئي اسٽوڊنٽ ويلفيئر ايسوسئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. اسان ڪچهري ۾ هياسين ته تاج محمد به آيو. اسان کي ڏسي ڪافي خوش ٿيو. هن حوال ورتا. اسان ويٺا هياسين ته براهوئي ٻولي جو غزل گو شاعر محمد اسحاق سوز آيو. جناب اسحاق سوز سياري ۾ شهدادڪوٽ ايندو آهي ته ۽ اونهاري ۾ شيخ واصل ويندو آهي. هو هڪ طبيب به آهي.
اسحاق سوز مونکي ۽ پروفيسر عبدالرزاق صابر صاحب کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو. حال احوال کان پوءِ شعر و شاعري شروع ٿي. ان کان پوءِ علم عروض بابت اسحاق سوز ڪن غزلن جي تقطيع ڪئي. علم عروض بابت اسحاق سوز ۽ عبدالرزاق صابر صاحب جو بحٿ هليو.
ڪلاڪ کن ڪچهري کان پوءِ جناب اسحاق سوز اسان کان موڪلايو. اسان کيس چيو ته اسان فريد آباد براهوئي ادبي سيمينار وڃون ٿا. جي توهان هلو ته گاڏي ۾ جاءِ آهي. ۽ ڪچهري به ڪبي. اسحاق سوز پنهنجيون ڪجهه مجبوريون ٻڌايون ۽ پنهنجي سائيڪل تي روانو ٿي ويو.
وڏيري تاج محمد براهوئي جي گهر هلڻ لاءِ محمد ابراهيم براهوئي هڪ ٽانگي تي چڙهيا سون جو مينهن جي ڪري رستو خراب ٿي ويو هو. اسان جي گاڏي هن بازار ۾ پنهنجي دوست وٽ بيهاري.
اسان رات هنن وٽ رهياسون. رات ترسي صبح جو شهادڪوٽ کان فريدآباد لاءِ روانا ٿيا، ڏينهن جو يارهين بجي فريدآباد پهتاسون.
فريد آباد (ميهڙ)
فريدآباد جوهر براهوئي جو شهر آهي. جوهر جي ڪري آباد آهي. هي شهر ضلع دادو جي شهر ميهڙ کان 22 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. زرعي علائقو آهي. هي شهر به سنڌ ۽ بلوچستان جو سرحدي شهر آهي. اڄ به ٻارهوئي ماڻهو پنهنجن اٺن، گهوڙن ۽ پنهنجي ڌڻن سان ونگو ۽ هن رستي سان اچن وڃن ٿا.
اڄ ڪلهه سنڌ ۽ بلوچستان سڙڪ ذريعي اچ وڃ جا رستا شهدادڪوٽ يا جيڪب آباد کان اهن. پر گذريل وقت سنڌ بلوچستان جا ماڻهو پيدل يا اٺ، گهوڙي تي فريدآباد جي رستي کان گذر ڪندا رهيا. ان ڪري به تاريخي حيثيت وڌيڪ اهي. اڄوڪي دور ۾ به ڌنار، پنهوار جهلاوان ۽ سنڌ لاءِ هن رستي سان اينداويندا آهن.
هن شهر سان هڪ تاريخي واقعي جو به تعلق آهي. جو ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ مير عبدالله قهار جي وچ ۾ جذپهر جي علائقي ۾جنگ جو سبب هن شهر ۾ ڌاڙي جو واقعو آهي ۽ جنگ ۾ مير عبدالله قهار شهيد ٿي ويو.
چار سو سال اڳ فريدآباد شهر جو نالو “ڪاڇو” هيو. ۽ هن ۾ هڪ قلعو هيو. ميان نصير خان ڪلهوڙي جي خليفي فريد ڀاڳت جي ڪري هن جو نالو فريدآباد پيو.
فريدآباد ۾ هڪ ننڍي بازار به آهي. جا سنڌ جي بازارن وانگر مٿان ڍڪيل آهي. ڇو ته گرم علائقو آهي. ساري بازار تختن، چادرن ۽ ڳوڻين سان ڍڪيل اهي. جيئن گرمي کان بچاءُ ٿئي. بازار ۾ کاڌ خوارڪ جون ڪل شيون موجود آهن.
علائقي جا ماڻهو مهمان نواز مخلص ديندار آهن. وسڪاري جي مند ۾ کيرٿر جي جبلن کان پاڻي اچڻ جي ڪري هي شهر جزيرو بڻجي ويندو آهي. ماڻهو ٻيڙين ذريعي اچن وڃن.(هاڻ پل جڙي چڪي آهي).
ڪنهن اهڙي موقعي تي براهوئي جو ناميارو مزاح نگار شاعر جناب عبدالجبار يار کي ٻيڙي ذريعي جوهر بروهي سان ملاقات لاءِ وڃڻو پيو.
جوهر بروهي، براهوئي ادب لاءِ وڏي خدمت ڪري رهيو آهي. سنڌ بلوچستان ۾ براهوئي ادبي سيمينارن جي روايت قائم ڪئي. پاڻ سنڌ جي شهر فريدآباد جو رهاڪو آهي.
سنڌ اصل ۾ علمي ادبي سرزمين آهي. هن ڌرتي جا رهواسين سنڌي ادب ، ثقافت کي سهڻي صورت ڏني آهي. ۽ براهوئي ادب ۽ ثقافت به هتان صورت حاصل ڪئي جيئن سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جا نالا هن ڌرتي تي آسمان جي ستارن جيان جرڪن ٿا. ته هن ڌرتي اسان کي براهوئي جو عظيم قلم ڪار،اديب، شاعر، عالم ۽ فاضل حضرت مولانا محمد عمر دين پوري۽ حضرت تراب بروهي ڏنا. اهڙي ريت سنڌ جي ڌرتي تي براهوئيءَ زبان ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر ڪافي ڪم ڪري رهيا آهن.
هونئن به براهوئي عوام پراڻي زماني کان سياري جي موسم ۾سنڌ وڃن ٿا. ۽ اونهاري ۾ بلوچستان اچن ٿا.ان جو ثبوت اسان جي لوڪ شاعري آهي.جيڪا سينه به سينه اسان تائين پهتي آهي.
سنڌ جو سفر براهوئي ماڻهن جي پراڻين روايتن مان آهي. ان ڪري شاعر پنهنجي محبوب کي سنڌ وڃڻ جي حوالي سان چون ٿا:
اچ منهنجا جاني! رندن تي رڙهان ٿو،
رب جو قسم آهي“ سنڌ” ڏي اچان ٿو
اچ! منهنجا مور جاني! اوڪر تنهنجي جند جو،
دوستي سهڻل جي آ، موسم آهي“سنڌ” جي.
اچ منهنجا مور جاني! توسان قول رنداڻو،
جدائي آئي آ جو موسم آهي “ سنڌ” جي.
وٽو اسان کنيو هو، وٽو لسيءَ هاڻو،
دلبر کي ماري وڌو “ سنڌ” جي گرمي
ڇڪ منهنجي مَهري کي واريءَ تتل تي،
پڇا تنهنجي ڪندس مان“ سنڌ” جي سهڻن جي.
چاريان پيو، چاريان پيو سنڌ جي مينهن کي،
بادامي اکڙين سان ماريو تو لکن کي
دريا هي موج آئي “ سنڌ” کي پائڻ لاءِ
باس مون به باسي آ،دلبر جي موٽڻ لاءِ.
براهوي ادبي سيمينار
زماني جي ترقي سان اسان جو ادب به ترقي ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. اڳ لوڪ شاعري ٿيندي هئي. جيڪا سينن ۾ محفوظ هئي. اڄ شاعري، افسانو، ناول، ڊرامو مطلب ته هر صنف ۾ ڪتاب ڇپجن پيا. ان کان سواءِ ادبي محفلن جو به سنڌ بلوچستان جي ڪيترن هنڌن تي هڪ سٺي روايت اهي. انهن منجهه براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد، اهم ڪردارادا ڪري رهيو آهي.
مان هر سال هن ادبي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ ويندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن عبدالرزاق صابر، عبدالجبار يار، افضل مينگل، مير صلاح الدين مينگل، محترم نور محمد پروانه ٻيا ڪيئي ساٿي ساٿ هوندا آهن. سنڌ بلوچستان جا اديب ۽ شاعر جڏهن گڏجن ٿا ته براهوئي زبان ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو وڌي ٿو.
مونکي ياد آهي ته براهوئي ادبي سيمينار جي پهرين گڏجاڻي 12 جنوري 1990 ڏينهن براهوئي ادب جي عنوان سان منهنجي ليڪچر ذريعي شروع ٿي هن سيمينار شروع ڪرڻ بابت عبدالحميد انجم لکي ٿو:
“ سنڌ جا ادبي حلقا، براهوئي پبليڪيشن کي براهوئي ادب ۽ زبان لاءِ ترجمان ڄاڻن ٿا. آخرڪار براهوئي پبليڪيشن براهوئي ادب جي عظيم مفاد بابت هڪ وک وڌيڪ کنئي. فيصلو ٿيو ته جنوري 1990 جي مهيني ۾ براهوئي ادب جي ضرورتن جي ڪري دوستن کي گڏ ڪجي.”
اهڙي ريت پبليڪيشن جو صدر محترم ڊاڪٽر عبدالستار خان ۽ الحاج مير محمد صالح درد براهوئي 24 ڊسمبر 1989ع جي ڏينهن آيا. جنوري 1990ع ۾ ٿيندڙ سيمينار بابت جائزو ورتو. هن سيمينار لاءِ پبليڪيشن جي سيڪريٽري جوهر بروهي 25 دعوت ناما موڪليا. انهن مان سترهن عالم، اديب شريڪ ٿيا. جڏهن ته پبليڪيشن جي فيصلي مطابق ايندڙ سال جنوري 1991ع جي هن سيمينار لاءِ انشاءَ الله العزيز پنجاهه دعوت ناما جاري ڪبا. هي به فيصلو ٿيو ته سيمينار جو ٻيو حصو جولاءِ ڌاران بلوچستان ۾ ٿيندو. دوستن جي اتفاق راءِ سان هي سيمينار جنوري ۾ مقرر ڪيو ويو.
اسان جڏهن فريدآباد پهتاسين. نائين براهوئي ادبي سيمينار جي پهرين ويهڪ شروع هئي. براهوئي ۽ سنڌي اديب شاعر قلمڪار چڱي انداز ۾ سيمينار ۾ موجود هيا. اسان جڏهن سيمينار ۾ پهتاسين ته مير محمد صلاح الدين مينگل تقرير ڪري رهيو هو. اسان خاموشي سان ويهي رهياسين. هي پهرين نشست صبح ڏهين بجي شروع ٿي هئي. جنهن جي صدارت حاجي محمد شريف مينگل (مير صلاح الدين خان مينگل جي والد محترم) ڪئي. مهمان خاص عثمان بنگلزئي، اعزازي مهمان مير علي شير ناز۽ اسٽيج سيڪريٽري سرمد بروهي هيو. ويهڪ جو آغاز ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿيو هو. عبدالڪبير اختر تلاوت ڪئي هئي. ان کان پوءِ جهلاوان جي مشهور گلوڪار عبدالڪريم لهڙي، حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان شرف بابت نعت پيش ڪئي. ان وقت افضل مينگل جي ڪتاب“ چوٽولي” جي مهورت محمد عثمان کان ڪرائي ۽ ڪتاب بابت جناب عبدالقيوم سوسن براهوئي تبصرو به ڪيو هو.
“چوٽوي” افضل مينگل جو ترتيب ڌنل لوڪ شاعري جو سهڻو ڪتاب آهي. هن کان اڳ افضل مينگل جا ست ڪتاب لوڪ قصن ۽ لوڪ شاعري جا ڇپيا. جيڪي براهوئي ادب جو بي بها خزانو آهي. ان ريت1994ع ۾ ڇپجندڙ لوڪ شاعري جو ڪتاب “چوٽولي” سهڻي رنگ ۽ صورت ۾ لاجواب ڪتاب آهي. ڪتاب 160 صفحن تي پکڙيل آهي. هن ڪتاب بابت جناب جوهر بروهي لکي ٿو ته:
“ “چوٽوي” افضل مينگل جي ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جيڪو هن“ليلي مور” کان شروع ڪيو هيو. ان مان سمجهي سگهجي ٿو “چوٽولي” به پنهنجي ترتيب ۾ آخري ڪتاب ناهي، پر هن جو سلسلو اڳتي به هلندو.”
“چوٽولي” جي مهورت کان پوءِ قاضي حسن علي ساسولي اردو ۾ “سنڌ بلوچستان ڪي جغرافيائي و لساني روابط” جي عنوان سان مقالو پڙهيو. قاضي حسن علي جو هي مقالو سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهڙائپ، ماڻهن جي پاڻ ۾ ميل جول جوسهڻو نمونو پيش ڪيو. هونئن به قاضي حسن علي جو علائقو زيدي خضدار سنڌ بلچستان جي سرحد تي آهي. هن پنهنجي مقالي سان واقعي انصاف ڪيو.
هن نشست ۾ سنڌي اديب شاعر به موجود هيا. هن ويهڪ ۾ حسب روايت ضلع دادو جي سنڌي اديبن جي نمائندگي جو حق هر سال جيان ناظم منگي ادا ڪندي، مهمانن کي ڀليڪار چئي. سنڌي ۾ تقرير ڪندي سنڌي ادب بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. مهمانن کي سنڌي ادب جي موجوده رفتار کان آگاهه ڪيو.
بلوچستان جي شاعرن اديبن طرفان مير صلاح الدين مينگل سنڌي اديبن جو شڪريو ادا ڪندي، براهوئي ادب جي موجوده رفتار کان ۽ براهوئي اڪيڊمي جي ڪم بابت معلوم ڪيو مير صلاح الدين جي تقرير سنڌي ۾ هئي. هن ويهڪ ۾ ويهارو کن سنڌي عالم ۽ اديب هيا ۽ سٺ کن براهوئي عالم ۽ اديب حصو وٺي رهيا هيا.
هيلوڪو سيمينار هر سال جي لحاظ کان وڌيڪ سهڻو نظر پيو اچي. جناب جوهر بروهي سيمينار جو منتظم اعليٰ آهي. سيمينار لاءِ هڪ وڏي پنڊال جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ سيمينار جي ڪاروائي هلي رهي هئي.
هن ويهڪ جي هڪ قرارداد مطابق 1995 جو سال “براهوئي ڪتابن جي اشاعت جو سال” قرار ڏنو ويو. ۽ مير علي شير ناز اعلان ڪيو ته جولاءِ مهيني ۾ خضدار ۾ براهوئي ادبي سيمينار منعقد ٿيندو. ان ريت هي ويهڪ ڏيڍ بجي پڄاڻي کي پهتي.، جوهر بروهي سنڌي اجرڪ آڻي مير علي شير ناز کي پارايو ۽ اعلان ڪيائين ته دوستن علي شير ناز کي “ مير” جو لقب ڏنو آهي. ان ڪري اڄ کان مير علي شير ناز سندس نالو هوندو سڀن دوستن تاڙيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو.
ان کان پوءِ جمع نماز ۽ ماني جو وقفو ٿيو. دوست وضو ڪري جامع مسجد ۾ نماز لاءِ آيا. مسجد ۾ جوهر بروهي سنڌي ۾ تقرير ڪري رهيو هيو. معلوم نه پيو ٿئي ته هي اهو شاعر آهي. جيڪو مشاعري ۾ محبوب جي زلفن ۽ ادائن کي ساراهي ٿو ۽ پوءِ پيش امام بڻجي منبر سنڀالي ٿو.
جوهر بروهي تنگ نظر مُلا ناهي بلڪ سٺو عالم آهي. جناب جوهر بروهي هڪ طرف فريدآباد ميهڙ جو سياسي، سماجي ڪارڪن آهي ته ٻئي طرف هڪ سٺو منتظم به آهي. فريدآباد شهر ۽ سندس مدرسو عربيه محمديه نالي مشهور آهي. جتي ٻارن کي ديني علم جو درس ڏنو وڃي ٿو. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙجو چئرمين ساڳي وقت سنڌي علم ادب جو چڱو نالو آهي.
سيمينار جي ٻي نشست 4 بجه شروع ٿي. جنهن جي صدارت براهوئي اڪيڊمي جي صدر مير صلاح الدين مينگل ڪئي. مهمان خاص راقم الحروف عبدالقيوم بيدار ۽ اعزازي مهمان ڊاڪٽر داد محمد خادم هيو. اسٽيج سيڪريٽري جو منصب عبدالڪبير اخترسنڀاليو.
هن ويهڪ ۾ پروفيسر عبدالرزاق صابر تاج محمد تاجل جي شخصيت، شاعري بابت مقالو پيش ڪيو.هن پنهنجي مقالي ۾ لکيو.
“تاج محمد تاجل براهوئي زبان جو صوفي شاعر پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. شاعري ۾ سندس مقابلو ڪوبه نه ٿو ڪري سگهي. هن کي هي مقام ان ڪري مليو جو براهوئي عارفانه شاعري گهٽ ڪئي وئي آهي. سندس شاعري جي ترتيب ايتري سونهن ڀري آهي جو هر ماڻهو متاثر ٿئي ٿو.
تاجل جي شاعري پڙهڻ ۽ پرکڻ سان هي ڳالهه سج جيان روشن اچي ٿي. ته هن جي سموري ڪلام ۾ پختگي رنگيني ۽ مٺاڻ نظر اچي ٿو. براهوئي کان سواءِ سنڌي سرائڪي شاعري به پنهنجي مٽ پاڻ آهي. سندس ڪلام جي مطالعي کان پوءِ هن کي رڳو شاعر نه پر هڪ مڪتبه فڪر چئجي ٿو
پروفيسر صابر جي علمي مقالي کان پوءِ هن ويهڪ جو ٻيو مقالو نذير احمد شاڪر “ نوري نصير خان شڪارپور ۾” جي عنوان سان پيش ڪيو. پوءِ ويهڪ جي اعزازي مهمان ڳالهائيندي چيو ته جناب صابر صاحب ۽ نذير احمد شاڪر جي مقالا تحقيقي ۽ علمي آهن. اسان کي ڪافي معلومات ملي.
ويهڪ جو مهمان خاص (عبدالقيوم بيدار) راقم الحروف پهنجي تقرير ۾ چيو ته پروفيسر صابر صاحب تاج محمد تاجل بابت پنهنجي مقالي ۾ محنت ۽ خلوص کان ڪم ورتو آهي. هن کان اڳ ڊاڪٽر عبدالرحمان براهوئي ۽ مير صلاح الدين مينگل جن تاج محمد تاجل بابت ڪم ڪيو هو. جنهن مان تاجل بابت ڪجهه معلومات ملي هئي. پر صابر صاحب پاڻ تاجل جي ڳوٺ وڃي تحقيق ڪري ان جي وارثن ۽ فقيرن وٽان تاجل جو ڪلام ريڪارڊ ڪيو ان ريت وڏو تحقيقي ڪم ٿيو.
نذير احمد شاڪر جي معلوماتي مقالي“ نوري نصير خان شڪارپور ۾” مان وڏي معلومات حاصل ٿي. ڪافي تحقيقي ۽ تاريخي مقالو آهي. جن کان اڳ تاريخ جي ڪتابن ۾ نوري نصير خان بابت بلوچستان هندستان ۽ افغانستان جا سفر پڙهيا هيا. پر اڄ پهريون ڀيرو ڄاڻ پئي ته نوري نصير خان شڪارپور به آيو. سهڻي ترتيب ۽ مضبوط حوالا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته عملي طرح ڪم ڪجي! جنهن جي لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي.
ذاتي مخالفت يا تنقيد براءِ تنقيد ڇڏي ڏجي. پر تنقيد تعمير لاءِ صحيح آهي.
آخر ۾ نشست جي صدر جناب صلاح الدين مينگل ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر عبدالرزاق صابر ۽ نذير احمد شاڪر جا مقالا ڀرپور هيا. سنڌ ۾ براهوئي ادب لاءِ ڪم ڪندڙ مخلص ڪارڪن منجهان جوهر بروهي کان پوءِ نذير احمد شاڪر نظر اچي ٿو. جيڪي عملي طرح ڪم ڪري رهيا آهن.
صلاح الدين جي صدارتي تقرير کان پوءِ هي ويهڪ پڄاڻي کي پهتي.
سيمينار جا ساٿي سير تفريح سانگي نڪتا. ڪي ٻاهر آباد ٻنيون گهمڻ ويا. ته ڪي بازار هليا ويا.
رات جو ستين بجي ٽين نشست پروفيسر عبدالرزاق صابر جي صدارت ۾ شروع ٿي. مهمان خاص حسن علي ساسولي ۽ اعزازي مهمان گل شير هنين هيو. اسٽيج سيڪريٽري علي حسن بروهي هيو. جناب سوسن بروهي مقالو“ براهوئي نا اشاعتي اداره آک ” جي عنوان سان پيش ڪيو. مقالي ۾ مڪتب ايلم مستونگ، براهوئي اڪيڊمي، اداره ادب براهوئي ادبي سوسائٽي براهوئي آرٽ اڪيڊمي، براهوئي پبليڪيشن ۽ براهوئي جي سڀن ادارن جو تذڪرو ڪيو. جن براهوئي زبان ۾ اخبارون رسالا يا ڪتاب ڇپيا. هي مقالو ڀرپور علمي مقالو هيو. جيڪو مقالو نه پر هڪ ڪتاب به هيو. ڏيڍ ڪلاڪ ۾ هي مقالو اڌ تائين به نه پڙهجي سگهيو. ڊيگهه محسوس ڪندي سوسن براهوئي اختصار مان ڪم ورتو. ان وقت دوستن مشورو ڏنو ته هي مقالو جلد ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجي. ۽ مقالي نگار اها ڳالهه قبول ڪئي.
سوسن براهوئي جي مقالي کان پوءِ گل شير هنين چيو ته جناب سوسن براهوئي جو مقالو تمام سهڻو مقالو آهي. هن مان ڪافي معلومات ملي. اهڙي ريت قاضي حسن علي ساسولي به مقالي کي ساراهيو.
هن موقعي تي پروفيسر عبدالرزاق صابر صاحب، پنهنجي صدارتي تقرر ۾ چيو ته سوسن براهوئي پنهنجي مقالي ۾ براهوئي اشاعتي ادارن جو بيان ڪيو. پر پوءِ به گهڻا ماڻهو اهڙا آهن. جن ڪنهن اداري بدران ذاتي طور ڪتاب ڇپايا. ۽ هو پنهنجي ذات ۾ ادارو هيا. ان ڪري انهن شخصيتن جو ذڪر اچڻ گهرجي. صابر صاحب چيو ته سوسن صاحب اسان جي ادب جو چمڪندڙ ستارو آهي. براهوئي استاد جي حيثيت ۾ سندس ذميواريون زبان جي ترقي لاءِ وڏيون آهن.
پروفيسر صابر صاحب جي تقرير کان پوءِ هي نشست پڄاڻي کي پهتي.
ماني ۽ نماز جي وقفي کان پوءِ گذريل سال جون ڪيسٽون ڏيکاريون ويون جيڪي راقم الحروف گذريل سال پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ريڪارڊ ڪيون اهي پروگرام“ بولان رنگ” نيٽ ورڪ تي مون هلايا هيا. سارو پروگرام محترم جوهر بروهي جي فن ۽ شخصيت بابت هيو.
جوهر بروهي جي فن، شخصيت ۽ شاعري بابت محترم نور محمد پروانه، عبدالجبار يار، افضل گل جا انٽرويو هيا. هن پروگرام ۾ نالي وارن ڳائڻن عيد محمد علي ۽ عبدالڪريم لهڙي، جوهر بروهي جا شعر سازن تي ڳايا. ان کان سواءِ هن ريڪارڊنگ ۾ گذريل سال اٺين بروهي ادبي سيمينار جون جهلڪيون به ڏيکاريون ويون ۽ دوستن خوب پسند ڪيو
ان کان پوءِ چوٿين نشست شروع ٿي. جناب افضل گل بروهي “ سنڌو تهذيب” بابت ليڪچر ڏنو ۽ وي سي آر ذريعي موهن دڙو بابت ڊاڪومينٽري فلم به ڏيکاري ۽ سلائيڊن جي ذريعي موهن جي دڙن ۽ اتان نڪتل پراڻيون شيون ۽ ٿانو به ڏيکاريا. جن بابت افضل گل اسان کي ٻڌايو.
مهر ڳڙهه جي تهذيب ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا بلڪ پوري دنيا جي پراڻين تهذيبن۾ جدا حيثيت رکي ٿي. في الحال جيڪي آثار هٿ آيا، انهن منجهان ظاهر ٿو ٿئي ته انسان هتي پنج هزار سال (قبل مسيح) پنهنجي لاءِ گهر جوڙايا. اهي گهر ڪچين سرن سان جوڙيا ويا هيا. جن ۾ ڪوٺن سان گڏ ورانڊا به هيا. انهن ماڻهن جانور به پاليا جن ۾ ڏاند، ڍڳيون، مينهون هيون. انهن جانورن جون سلائيڊون به ڏيکاريون ويون. ان ريت موهن جو دڙو مان هٿ آيل ٿانون جون سلائيڊون به هيون ۽ پروفيسر افضل گل ان وقت انهن شين جي تاريخي اهميت بيان ڪندو رهيو.
افضل گل جي هن ليڪچر کان پوءِ پهرين ڏينهن وارا پروگرام پورا ٿيا. ۽ ساٿي آرام لئه پنهنجين پنهنجين جاين ڏانهن هليا ويا.
سيمينار جي ساٿين جي آرام ۽ سمهڻ لاءِ جوهر بروهي جي اوطاق کان سواءِ ميونسپل ڪميٽي فريدآباد جو دفتر ۽ ٻين جاين جو بندوبست هيو دوست ساري ڏينهن جا ٿڪل هجڻ ڪري پنهنجين جاين تي وڃي آرامي ٿيا.
ٻئي ڏينهن1هو علائقو پاڻي ٿي ويو آهي. مگر هن صورتحال به جناب جوهر بروهي ۽ انهن جي ڪارڪنن جي جذبن ۾ ماٺار نه آئي. هن سيمينار لاءِ ٻئي هنڌ بندوبست ڪيو.
صبح جي ناشتي کان پوءِ جناب صلاح الدين خان مينگل، جناب افضل مينگل، قاضي حسن علي ساسولي، حاجي محمد شريف مينگل ، عبدالصمد مينگل، مصلح الدين مينگل ۽ رياض احمد مينگل وارا موڪلائي هليا ويا ۽ ٻئي ڏينهن جي پروگرامن جو آغاز براهوئي ادبي اجلاس جي عنوان سان ڏهين بجي ٿيو.
اجلاس جي صدارت راقم الحروف (عبدالقيوم بيدار) ڪئي. مهمان خاص ڊاڪٽر علي احمد شاد هيو. اعزازي مهمان محمد اڪرم مينگل ۽ سردار احمد پندراڻي هيا. قاري عبدالله عادل قلندراني جي تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ غلام نبي بروهي نعت خواني ڪئي. ڪاروائي جناب ذوق بروهي هلائي.
اجلاس ۾ ٽن نقطن تي بحٿ ٿيو. جيڪي هن ريت آهن:
براهوئي ادبي ادارن جو رابطو هڪ ٻئي سان ڪونهي.
براهوئي اديب شاعر هڪ ٻئي سان رابطو نه ٿا رکن، سبب ڇا آهي؟
براهوئي ۾ معياري ادب جي تخليقي کوٽ جا سبب ڇا آهن؟
علمي تنقيد ۾ ذاتي پسند يا ناپسند رکيو وڃي ٿو ڇا؟
وڏي بحث کان پوءِ تجويزون فيصلا هن ريت ڪيا ويا.
الف: براهوئي شاعر پنهنجي پوسٽ ايڊريس ، فون نمبر جناب صابر صاحب کي ڏين “ايلم” ، “توار” يا ٻين رسالن ۾ ڇپائن. جيئن رابطي جي آساني رهي ياد رهي ته سيمينار ۾ آيل سڀن مهمان، عالمن جون ايڊريسون ۽ فون نمبر سيمينار جي طرفان مختلف ادارن کي موڪليا ويا.
ب: ايندڙ سيمينارن ۾ علمي ادبي تنظيمن کي به دعوت ڏني ويندي.
ج:براهوئي ادبي ادار پنهنجن پروگرامن جون رپورٽون راقم الحروف (عبدالقيوم بيدار) کي موڪلين ته هفت روزه ايلم مستونگ جي پنهنجي ڪالم ۾ ۽ جنگ ڪوئٽه جي ادبي صفحه جي پنهنجي ڪالم “ براهوئي حوال” ۾ شامل ڪري.
ٻي بجي براهوئي ادبي اجلاس پڄاڻي کي پهتو ماني جو دور هليو. ماني کائڻ کان پوءِ چانهن آئي. جڏهن ته هر نشست ۾ ٻه چار ڀيرا چانهن اچي پئي. جيئن مهمان چانهه به پيئن ۽ سيمينار مان به لطف حاصل ڪن. هن وقت وقفو ٿيو. دوست شهر گهمڻ ويا ته ڪي آباد ٻنين جي سير تي ويا.
ٽپهري شام وقت علائقي جي ڪائونسلر غلام مصطفيٰ چنا سيمينار ۾ آيل مهمانن جي اعزاز ۾ چانهه پارٽي ڏني. جناب غلام مصطفيٰ چنا سڀن اديبن، شاعرن کي ڀليڪار چئي.پنهنجي طرفان مهمان نوازي جو پورو حق ادا ڪيو.
مهمانن طرفان سردار محمد جان پندراني ميزبان جو ٿورو ادا ڪيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ دوست سيمينار هنڌ تي پهتا ۽ ڇهين نشست شروع ٿي. نشست جي صدارت سوسن براهوئي صاحب ڪئي. مهمان خاص جناب افضل گل بروهي ۽ اعزازي مهمان ذوق بروهي هيا. اسٽيج سيڪريٽري جناب حيدربخش بسمل هيو. نشست ۾ جناب سيف الله سيف بروهي، جديد براهوئي نثر جي عنوان سان پنهنجو مقالو پيش ڪيو.
ان ريت سيمينار جي آخري ويهڪ اٺين بجي رات وقت شروع ٿي. صدارت سيف الله سيف ڪئي. مهمان خاص نذير احمد شاڪر ۽ اعزازي مهمان يارمحمد ساسولي هيو. اسٽيج سيڪريٽري غوث بخش شاهين بارازئي هيو. هن ويهڪ ۾ ڊاڪٽر داد محمد خادم براهوئي پنهنجو مقالو“ بروهي قوم جا حق” جي عنوان سان پيش ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر شاد بروهي “ براهوئي ادب ۽ براهوئي قوم جو تصور” جي عنوان سان ليڪچر ڏنو. ان تي سوال جواب به ٿيا. ان ريت هي ويهڪ به پڄاڻي کي پهتي.
ماني ۽ نماز کان پوءِ سنڌي براهوئي مشاعرو ٿيو. مشاعري جي صدارت محترم عادل قلندراني ڪئي مهمان خاص غلام دستگير صابر اعزازي مهمان ظفر پندراني ۽ اسد الله اسد هيا. جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري احمد خان سرمد بروهي هيو.
مشاعري ۾ چوٽيهه شاعرن پنهنجا پنهنجا غزل نظم ٻڌايا. ان ريت هي مشاعرو رات جو هڪ بجي پڄاڻي کي پهتو. ۽ ان وقت سيمينار جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ويو. شاعري جي خاص ڳالهه ڊاڪٽر داد محمد خادم جي شعر تي هڪ سنڌي گرهه ٻَڌي ته ماڻهن ۾ٽهڪ پئجي ويا ۽ محفل زعفران بڻجي وئي.
نائين براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد جي منتظم ۽ براهوئي زبان جي نامياري عالم، اديب ۽ شاعر مولانا عبدالقيوم جوهر بروهي چيو ته هڪ عرصي کان فريدآباد ۾ نائين براهوئي ادبي سيمينار جو ڪم شروع ڪيو مون سان گڏ سيمينار جي رضاڪارن رات ڏينهن محنت سان پنڊال ٺاهيو ۽ سيمينار جي جاءِ جوڙي. خاص طورناز آرٽ جو ٺاهيل بينر سهڻي مونوگرام سهڻا رنگ لائي ڇڏيا. ٻئي طرف ڇهن زبانن براهوئي، اردو، عربي، سنڌي، بلوچي ۽ انگريزي ۾ ڀليڪار جو بينر لاڳيو ويو.
سيمينار ۾ آيل مهمانن جي ترتيب هن طرح آهي:
مان پروفيسر عبدالرزاق صابر ۽ حميد اختر تيرهين تاريخ منجهند ٻارهين بجي سيمينار ۾ پهتاسين. اسان کان اڳ ۾ هيٺيان اديب شاعر آيل هيا.
• محترم قاضي حسن علي ساسولي
• جناب منصور علي ساسولي خضدار
• جناب اقرار احمد بروهي نصير آباد
• جناب محمد عثمان بنگلزئي قلات
• جناب افضل گل مينگل ڪوئيٽه
• مير صلاح الدين مينگل ڪوئيٽه
• الحاج محمد شريف مينگل ڪوئيٽه
• جناب عبدالصمد مينگل ڪوئيٽه
• جناب مصلح الدين مينگل ڪوئيٽه
• رياض الدين خان مينگل ڪوئيٽه
• جناب اسد الله اسد شهدادڪوٽ
• جناب سوسن براهوئي ڪوئيٽه
• جناب نذير احمد شاڪر ڳڙهي ياسين
• ڊاڪٽر داد محمد خادم جيڪب آباد
• جناب علي حسن بروهي ڳڙهي ياسين
• جناب حيدربخش بسمل قمبر
• جناب خدا بخش قمبر
• جناب نور محمد بروهي ڪوئٽه
• جناب عبدالرسول بروهي ڪانڪ
• جناب عبدالحميد منصور خضدار
• جناب غلام نبي بروهي خضدار
• جناب عبدالڪريم لهڙي خضدار
• جناب گل شير هنين بروهي ڳڙهي خيرو
• جناب عبدالمالڪ صابر خضدار
• مير علي شير ناز بروهي خضدار
• جناب غوث بخش شاهين قلات
• جناب شير علي بروهي نواب شاهه
• جناب عبدالغني ساسولي نواب شاهه
• جناب ذوق براهوئي خضدار
• جناب محمد ابراهيم شهزاد خضدار
• جناب محمد قاسم خضدار
• جناب اختيار علي اختر بروهي نصير آباد
• جناب محمد ظفر پندراني اوسته محمد
• جناب يار محمد ساسولي اوسته محمد
• سردار محمد جان پندارني
اسان کان پوءِ جيڪي اديب ۽ شاعر سيمينار ۾ پهتا
جناب افضل گل بروهي لاڙڪاڻو
جناب عيوض ناز مستونگ
جناب بيدل بروهي راڌڻ
جناب امان الله شاد نال
جناب علي احمد شاد حيدرآباد
جناب عبدالله عادل قلندراني خضدار
جناب سيف الله سيف ڪرد گاپ
جناب غلام دستگير صابر نوشڪي
جناب محمد اڪرم مينگل نوشڪي
جناب لياقت بلوچ نوشڪي
جناب جميل احمد نوشڪي
جناب محرم علي سرمستاڻي قمبر
هنن کان سواءِ جيڪي سنڌي اديب شريڪ ٿيا. انهن جا نالا هن ريت آهن.
جناب علي دوست عاجز فريدآباد
جناب ناظم منگي
جناب محبوب ڏيپر ميهڙ
جناب سرويچ سومرو ٿرڙي محبت
جناب عبدالرحمان سومرو ٿرڙي محبت
جناب ڌڻي بخش فدا ٿرڙي محبت
جناب غلام حسين ٿرڙي محبت
جناب سيد معصوم علي شاهه بخاري راڌڻ
جناب فرمان چانڊيو عالي وال
جناب سلطان رضا عالي وال
جناب انور چانڊيو عالي وال
جناب سيد قاسم علي شاهه ميهڙ
جناب اياز لاکير
جناب شفيق احمد ميهڙ
نائين بروهي سيمينار جي رضا ڪارن جنهن خلوص سان ڪم ڪيو. سندن رات ڏينهن جي خدمت ۽ محبت سوين رنگ ارپيا. جڏهن 14 جنوري 1995ع جي اڌ رات کان صبح جو نائين بجي تائين مينهن وسڻ باوجود سيمينار اصل متاثر نه ٿيو سيمينار جي رضا ڪارن هن اوکي گهڙي وقت صبر ۽ تحمل، مرڪندڙ پيشاني ۽ خوشي سان سيمينار کي ڪاميابي سان هلايو. انهن رضاڪارن جا نالا هن ريت آهن:
عبدالحميد انجم
احمد خان سرمد بروهي
عبدالڪبير اختر بروهي
حاجي محمد پريل ساسولي
محبوب خان باجوئي
محمد عيسيٰ جوش
حاڪم علي ساسولي
علي عباس لهڙي
رشيد احمد بروهي
بشير احمد بروهي
محمند صالح بروهي
عبدالڪريم نادر ۽ علي شير ناز فريدآباد
ڪافي مصروفيت هوندي مير عبدالحق بروهي دادو کان ڪجهه وقت لاءِ سيمينار ۾ آيو جيڪو سيمينار جي ميزبانن منجهان هڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالستار خان بروهي ڪراچي ويل هو. سو سيمينار ۾ اچي نه سگهيو. ۽ عبدالجبار يار به سنڌ ۾ هيو سرڪاري مصروفتين جي ڪري نه اچي سگهيو. جڏهن ته ڪوئٽه ۾ مونکي تاڪيد ڪيو هيائين ته صابر صاحب کي ساڻ ڪري سيمينار ۾ ضرور ايندا. مان به پنهنجن ڪمن کان واندو ٿي توهان وٽ سيمينار ۾ پهچي ويندس. پوءِ خبر ناهي عبدالجبار يار ڇو نه آيو؟ هنن کان سواءِ محمد بچل ٻگهيو جيڪو بورچي جي حيثيت ۾ ۽ لشڪر خان به مهمانن جي خدمت لاءِ ڏينهن رات موجود هيا.
بروهي ادبي سيمينار جي منتظم اعليٰ محترم جوهر بروهي کي لک مبارڪون هجن جو فريدآباد جهڙي ننڍي شهر ۾ ههڙو ڪامياب سيمينار ڪرائي ٿو. سندس همت جذبو ۽ محبت قابل تعريف آهي.
ٽي چار ڏينهن ڏيڍ سو کن ماڻهن جي رهڻ ۽ کاڌي جو بندوبست سولو ڪم ڪونهي. صبح جا ناشتو به پر تڪلف هوندو آهي. جنهن ۾ بيدا، حلوو،پٽاٽا، چپس اڦراٽي سان گڏ سيون ته انهن کان سواءِ بسڪوٽ به هوندا آهن. رات ڏينهن جي ماني ۾ گوشت، چانور، ساڳ، پلي، مڇي به هوندي آهي. اهڙو بندوبست شادين ۾ ڪونه هوندو آهي. ڪارڪن به هر وقت خدمت لاءِ هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا آهن. هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مهمانن لاءِ چانهه جو به بندوبست هوندو آهي. پرهيز رکندڙ مهمانن لاءِ ماني جو بندوبست جدا هوندو آهي.
ڪامياب سيمينار جي پڄاڻي کان پوءِ 15 جنوري جي صبح ڏهين بجي مان عبدالرزاق صابر ۽ حميد اختر پنهنجي ننڍڙي ڪار ۾ جوهر بروهي جي ڳوٺ فريدآباد مان نڪتاسين رستي ۾ گپ به هئي. دل مَن هڻندي ان نئين مان نڪتاسين جو ڪجهه مهينا اڳ عبدالجبار يار ٻيڙي جي ذريعي جوهر بروهي جي ڳوٺ آيو هيو. عبدالرزاق صابر چيو ته هي ننڍڙي ڪار مشڪل آجو ٽپي وڃي! پر الله جو نالو وٺي گاڏي گپ ۾ آندي. گپ ۽ کڏن کان ٽپي نئين مان ٽپائي آندي. ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. پر ڪار مٽي ۾ ڀرجي وئي. رب ڪريم جو شڪر ڪيوسين. جڏهن ته اسان کان اڳ قاضي حسن علي ساسولي جي ٽوياٽا پڪ اپ هن گپ ۾ ڦاٿي. ۽ مير صلاح الدين مينگل محنت سان ڪڍي. ان جي مقابلي ۾ منهنجي ننڍي سوزوڪي ڪار ٻار واري حيثيت رکي پئي. شايد منهنجي ڪار به هي ڳالهه ڪٿان ٻڌي هئي. اڄوڪي دور ۾ ننڍا وڏن کان ٻه وکون اڳتي آهن. هن جي همت هئي. جنهن هار نه کاڌي.
اسان ميهڙ لاءِ روانا ٿياسين. فريدآباد ميهڙ کان 22 ڪلوميٽر پري آهي. ميهڙ ۾ آياسين. ڪافي رش هئي. ڇو ته ميهڙ وڏو ڪاروباري شهر آهي. هي شهر ميندي جي ڪري گهڻو مشهور آهي. هده ڪوئٽه جو مشهور واپاري عبدالصمد ۽ سندس ڀاءُ عبداالمنان ميهڙ ۾ دوڪان هلائن ٿا. ۽ عبدالصمد ميهڙ جي ميندي پنهنجي دوڪان ۾ آڻي کپائن ٿا. ميندي تمام سٺي آهي ته هتي ميهڙ جي ميندي “صمد ميندي” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڪوئٽه کان سواءِ مستونگ، قلات، ڪانڪ، دولئي، پشين چمن جا ماڻهو هتي اچي ميندي خريد ڪن ٿا.
هن کان سواءِ ميهڙ جي مٺائي “ مائو”به مشهور آهي. بقول جوهر بروهي ته هي مٺائي مڻن پيرو وڪرو ٿئي ٿي.
ان کان سواءِ ميهڙ علمي ادبي شهر به آهي. هتي ڪيئي ادارا آهن جن ۾ بزم اڪبر ميهڙ، بزم لطيف ميهڙ، بزم گرامي ميهڙ، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي سنگت ۽ بزم حيدري نمايان ڪارنامن جي ڄاتل سڃاتل آهن.
ڪجهه سال اڳ يعني 14 جنوري 1991ع جي ڏينهن اسان براهوئي ادبي سيمينار ۾ آياسين ته علائقه جي فعال ادبي تنظيم بزم لطيف طرفان ميهڙ ۾ سنڌي براهوئي مشاعرو ٿيو. هي دوست هر سال براهوئي ادبي سيمينار جي دوستن جي ڀليڪار لاءِ فريدآباد ايندا آهن ۽ سڀن مهمانن کي ميهڙ دعوت ڪري وٺي ويندا آهن هي سندن محبت جي نشاني آهي. هنن سائين ۾ سائين ناظم منگي، محبوب ڏيپر، انور جوکيو، خليل لاکير، رفيق ايري، اياز لاکير، سرويچ سومرو، سيد قاسم علي شاهه، ظفر لاکير ۽ فدا سومرو قابل ذڪر آهن.
ميهڙ شهر سنڌ جي پراڻي تاريخ ۾ باغبان ٽڳڙ چئجي ٿو. دادو شهر به باغبان جي حد ۾ آهي. ان باغبان ۾ دادو کان ٻارهن ڪلوميٽر ميهڙ روڊ تي مخدوم بلاول سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ۾ مغل سرڪار خلاف جدوجهد ڪئي، جنهن جو بنياد شاهه عنايت جهوڪ واري رکيو. آخر مخدوم بلاول کي هڪ سازش سان شهيد ڪيو ويو. مخدوم بلاول عالم جي حيثيت ۾ دين جي تبليغ ڪئي. سندس ڪجهه مذهبي ۽ فقہ بابت ڪتاب سنڌي ۾ ڇپيا.
هي ته هيو ميهڙ جو هڪ تاريخي پس منظر: اسان هوريان هوريان ميهڙ جي بازار مان روانا ٿياسون ۽ سيوهڻ ڏي هلياسون. رستي تي ٻنهي پاسن ۾ ساوڪ هئي. ڪافي سهڻو نظارو هيو. ڇو ته اسان بلوچستان وارا جڏهن بلوچستان ۾ سفر ڪريون ٿا ته ميلن جا ميل اسان جي آس پاس يا ته خشڪ جبل يا سڪل صحرا آهي. پر جڏهن سنڌ پنجاب اچڻ ٿئي ٿوته هر طرف ساوڪ نظر اچي ٿي. مون ۽ عبدالرزاق صابر ساوڪ بابت ڳالهايو ٿي ته هن علائقن ۾ الله تعاليٰ پاڻي ڏنو آهي. هتي نهرون آهن پاڻي جا واهه به آهن انڪري ساوڪ جام آهي. ان جي مقابلي ۾ بلوچستان اندر پاڻي گهٽ آهي. جيڪڏهن بلوچستان ۾ پاڻي هجي ها ته ان جون زمينون به سرسبز آباد هجن ها بهرحال هي به اسان جو ملڪ آهي. اسان جي سرزمين سنڌ هجي يا پنجاب، سرحد هجي يا بلوچستان، سڀ اسان لاءِ جنت جو نظارو رکن ٿا. هر صوبي جي زبان، رسم، ثقافت يا اٿڻي ويهڻي جدا نه آهي. پر هنن جا گڏيل طور وارث اسان آهيون.
اسان آهستي هلي رهيا هياسون. رستي۾ ڪٿي ڪٿي پوليس يا رينجرس وارا هر گاڏي جي تلاشي وٺن پيا گاڏي جا ڪاغذ لائسنس ۽ گاڏي جو نمبر چيڪ ڪن پيا. مون وٽ وي آءِ پي جو سرڪاري ڪارڊ هيو. اهو ڏيکارڻ سان سلوٽ ڪري روانو ڪن پيا. ان ريت ڪافي وقت بچي ويو. دادو شهر کي ويجها وياسون اتي ٻه رستا اچن ٿا. هڪ دادوشهر ته ٻيو موري طرف وڃي پيو. اسان رستو ڀلجي هلياسون ۽ موري جو رستو ورتو. ٿوري پنڌ کان پوءِ احساس ٿيو ته هي دادو جو رستو ناهي. ٽريڪٽر واري کان پڇيوسين اسان کي دادو وڃڻو آهي.
هن مرڪي چيو ته شايد توهان ٻاهريان ماڻهو آهيو. هاڻي پوئتي وڃو ۽ جتي ٻه رستا اچن ٿا اتي پوليس چوڪي آهي. اتان پڇا ڪريو! اسان پوليس چوڪي وٽ موٽي آياسين. پڇڻ بنا دادو جو رستو ورتو. دادو ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. هن شهر جي خصوصيت هي به آهي ته سنڌ جي جڳ مشهور شاعر استاد بخاري جو شهر آهي. سنڌ جو مشهور پهاڪو آهي ته،“ دادو ۾ جادو” مطلب ته هي شهر عشق محبت ۾ به مشهور آهي.
دادو کان ڏهه ميل اڳتي رستي ڪناري خداآباد ۾ هڪ سهڻي ۽ تاريخي مسجد ٺهيل آهي. هي شهر ميان يار محمد آباد ڪيو. هي مسجد ان جي پٽ نور محمد ڪلهوڙي ٺهرائي. مسجد اڍائي سو سال اڳ ٺهرائي وئي. سهڻي نقش نگار سان ٺهرايل هي مسجد گذريل وقت جي عظمت جي ترجمان آهي. دروازن ۽ ديوارن تي ڪاشيگري گلڪاري جا سهڻا نمونا پسجن ٿا. هن مسجد جي سونهن پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جي ديوارن جي موڪر ڏهه فوٽ کن ٿئي ٿي. هاڻي هي مسجد محڪمه آثار قديمه جي حوالي آهي ۽ مرمت جو ڪم به جاري آهي.
خداآباد شهر انڊس هاءِ وي جي ڀر ۾ دادو ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ آباد آهي سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور جو دارالحڪومت هيو هن شهر کان لنگهي اسان سيوهڻ پهتاسون.
سيوهڻ شريف
سيوهڻ شريف حضرت لال شهباز قلندر جي زيارت گاهه آهي. ان سان گڏ سيوهڻ تاريخي شهر به آهي. هن شهر جي خصوصيت آهي ته هتي پراڻو قلعي ڪافرڪوٽ جا آثار به ڏيکارجن ٿا. قلعي بابت روايت آهي ته سڪندراعظم جوڙايو هو. قلعي جون پراڻيون ڀتيون ڊهي ويون آهن.پر پراڻو رستو پنهنجي اصلي بيهڪ سان موجود آهي. ۽ اتي سرڪاري ريسٽ هائوس جوڙيو ويو آهي. قلعي تي بيهي سيوهڻ جو سمورو شهر ڏسي سگهجي ٿو. سيوهڻ ۾ هر وقت عقيدتمندن جي رش هوندي آهي. پوري پاڪستان ۽ ٻاهرين علائقن جا ماڻهو لال شهباز قلندر جي زيارت لاءِ اچن ٿا.
لال شهباز قلندر انهن بزرگن مان هڪ آهي. جن دين اسلام جي سربلندي لاءِ ماڻهن کي نيڪي ۽ بدي جي نصيحت پنهنجي عمل سان سمجهائي. حضرت لال شهباز قلندر پراڻي ايران جي علائقي آذربائجان جي مشهور شهر مروند ۾ ڇهين صدي ڌاران ڄائو. سندس پيدائش جي بابت ملندڙ حوالن ۾ اختلاف آهي. ڪٿي سن ولادت 561 ته ڪٿي 538 هجري ته ڪٿي 573 هجري لکيل آهي. البت سندس عيسوي سن 1177 ع بابت گهڻو ڪري تذڪره نگار اتفاق رکن ٿا.
حضرت لال قلندر شهباز جو اصل نالو عثمان ۽ پيءُ جڳ نالو سيد ابراهيم ڪبير الدين آهي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيو. ٻاويهه سالن جي عمر ۾ ديني علمن ۾ قابل ٿي ويو. ڪن ملڪن ۾ تبليغ ڪندي عمر جا آخر ڏهاڙا سيوهڻ ۾ گذاريا. سندس برڪت جي ڪري سيوهڻ وڏو روحاني مرڪز جڙيو. فارسي ۾ شاعري ڪئي. سندس شعر جو نمونو:
مرا مخلوق می گوید چرا چنداں می رقصی
کہ دل اسرار مے دارد ازاں اسرار می رقصم
منم عثمان مروندی کہ یارے خواجہ منصورم
نہ ترسم من زرسوائے سر بازار می رقصم
اهڙي ريت ميزان الصرف فارسي ۾ لکيو. 673 هجري مطابق 1273 ۾ وفات ڪئي. شهباز قلندر جو مقبرو سلطان فيروزتغلق جي حڪم تي سيوهڻ جي گورنر ملڪ رڪن الدين المعروف ملڪ اختيار الدين جوڙايو. ان کان پوءِ مغل اعظم اڪبر جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ ترخاني مقبرو وڌائي ٺهرايو. 1173 هجري ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ٻاهريون دروازو ٺهرايو. مقبرو هن علائقي جي چٽ سالي سِرن سان سينگاريل آهي جنهن کي ڪاشي ڪاري چون ٿا.
هر حڪومت جي دور ۾ لال شهباز قلندر جي مزار جي تعمير ۽ مرمت ٿئي ٿي. 1977ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، ايران جي مدد سان مزار لاءِ سونو دروازو جوڙايو. دروازو اصفهان شهر ۾ جڙيو. ان وقت دروازي تي ڇهه لک روپيه خرچ آيو. هي دروازو شيشي ۾ بند آهي. ڪو سربراهه مملڪت اچي ته دروازو کلي ٿو. نه ته گهڻو ڪري بند هوندو آهي.
هر سال شعبان جي پوئين اڌ ۾ حضرت لال شهباز قلندر جو عرس ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. عرس جي ڏهاڙن ۾ وڏي رش هوندي آهي. سنڌ کان سواءِ بلوچستان، پنجاب، سرحد جا گهڻا ماڻهو ايندا آهن. هتي بلوچستان جا ڪجهه ماڻهو لڏي اچي ويٺا آهن. جيڪي واپار وغيره ڪن پيا. مستونگ جا سڪل توت ۽ سنجد ( جابلو ٻير جو قسم) جيڪي هن سيزن ۾ مستونگ ۾ نه ٿا ملن.، سي هتي هر دڪان تي موجود آهن. سياري ۾ ڪوئٽه ، مستونگ، قلات، پشين جا ڪافي ماڻهو سير زيارت لاءِ هتي ايندا آهن ڪي ته مهينن جا مهينا رهيا پيا هوندا آهن. ماڻهن جي رهائش لاءِ سرڪار طرفان جاءِ جوڙايل آهي جنهن کي ڪافي چون ٿا. جتي ملنگن جو راڄ آهي. جن جا مٿا ڪوڙيل ۽ اکيون ڳاڙهيون آهن. ڊگها جبا پاتل اٿن. رڳو پيٽ گذر لاءِ اتي آهن. مسجد ته آهي ڪو نمازي ڪونهي لنگر خانو آهي.
سيوهڻ پهچڻ وقت سڌو ريسٽ هائوس وياسين. ڪمرو وٺي ڪجهه وقت آرام ڪيوسين. وهنجي ڪپڙا بدلائي لال قلندر شهباز جي زيارت لاءِ وياسين. سيوهڻ شهر جناب عبدالرزاق صابر جي لاءِ نئون هيو. پر مون لاءِ نئون نه هيو. منهنجيون وڏيون يادون هن شهر بابت آهن. جو شاگردي جي زماني ۾ مان ۽ منهنجو ساٿي لال عرف لالو هر سال سياري ۾ سيوهڻ ۾ هفتن جا هفتا اچي رهندا هياسين. سياري ۾ هر سال ڪوئٽه جا ڪافي ماڻهو اچن ٿا. ڪي زيارت لاءِ ته ڪي سير تفريح لاءِ اچن ٿا. اسان ته سيوهڻ کي ننڍو بلوچستان چوندا آهيون.
سيوهڻ ۾ گهمندي واقفڪار مليا. حال حوال ڪري خوشي محسوس ڪئي. سج لٿي جي اذان کان پوءِ درگاهه تي وياسين جتي ڌمال شروع هئي. ڌمال ۾ نوجوان جو جٿو رقص ڪري رهيو هو. سندن وجد مستي ڏسڻ وٽان هيو. ڪيف مستي ۾ ڪنڌ به ڌوڻي رهيا هيا. شاگردي جي زماني ۾ اسان به ڌمال ۾ شريڪ ٿيندا هياسين. ڪافي سڪون ملندو هيو. مگر هاڻي مون کي هي ڌمال عجيب لڳي پئي. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو عقيدو آهي. رب ڄاڻي ڪير سچو آهي.
نياڻيون به ڌمال ۾ هيون. جن جي ڌمال جي جاءِ جدا هئي ۽ اهي به ڪنڌ ۽ مٿو ڌوڻي رهيون هيون. ڪيترين جا زلف کليل هيا. ڪيتريون بيهوش به ٿيون ۽ ڪيترين کي جن جو اثر به هيو. ڪلاڪ کن ڌمال هلي. ڌمال کان پوءِ اسان به هڪ هوٽل تي ماني کاڌي ۽ آرام لاءِ ريسٽ هائوس وياسين. 14 تاريخ صبح وقت اٿياسين ناشتو ڪيوسين ۽ پوءِ حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. هن رستي تي ٽريفڪ جي وڏي رش هئي. وڏا ٽالا ۽ ٽرڪون يا موٽرون حيدرآباد دادو لاءِ هلي رهيون هيون. ٿورو اڳتي جبل جو لڪ اچي ٿو. جنهن کي لڪي چون ٿا. هن لڪ تان درياهه جو وڏو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اتي لڪي شاهه صدر نالي هڪ شهر آباد آهي. شاهه صدر نالي وارو بزرگ گذريو آهي. ان جي مزار تي ميلو لڳي ٿو ۽ ادبي ڪانفرنس به ٿئي ٿي.
هي رستو به ڏاڍو سهڻو ۽ سٺو آهي. سنڌ جو هي خطو، جتي جبل ڏيکارجي ٿو. هڪ هنڌ هوبهو بولان جو نظارو پيش ٿو ڪري. بولان جي ٻنهي پاسن کان جبل آهن. پر هتي هڪ پاسي جبل ته ٻئي پاسي سرسبز زمينون آهن. ڏاڍو سهڻو نظارو آهي. ڇو ته مٿي جبل تي ريل جو رستو. هيٺ روڊ جيڪو ريل گذرڻ واري جبل جي پاڙ ۾ آهي. مون ريل ذريعي به هي رستو ڏٺو آهي. مونکي ته هي جاءِ ڏاڍي وڻي. هن علائقي کي ڀڳوٺوڙهو چون ٿا. 1992 ڌاران هتان هاٿي جو مٿو هٿ آيو. آثار قديمه جي ماهرن جي چواڻيءَ هاٿي جو هي مٿو ڏهه هزار سال پراڻو آهي. اهو مٿو هاڻي به سيوهڻ ميوزم ۾ ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ رکيل آهي.
ان ريت هن رستي تي سنڌ جو مشهور شهر سن به اسان ڏٺو جيڪو سنڌ جي مشهور سياستدان سائين جي ايم سيد جو شهر آهي. هن شهر کان 29 ڪلوميٽر اولهه طرف رني ڪوٽ جو قلعو آهي. جيڪو تقريبا پنجويهه ڪلوميٽر هم چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هن قلعي کي دنيا جي وڏن قلعن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو. ماهرن جي دعويٰ آهي ته رني ڪوٽ جو قلعو دنيا جي سڀن قلعن کان وڏو آهي.هن جا در ۽ ديوارون جبل جي هيٺ مٿاهين جي ڪري نانگ جي ور وڪڙن وانگر تقريبا اٺاويهه مربع ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. قلعي جون ڀتيون ۽ برج ديوار چين جو نمونو رکن ٿا. ڀتيون پٿر ۽ سرن سان جڙيل آهن. ڀتين جي اوچائي نو ميٽر ۽ ويڪر تقريبا ڏيڍ ميٽر تائين آهي. قلعي کي چار دروازا آهن جن جا نالا سن دروازو،آمري دروازو، ڀڀر دروازو، مينهن دروازو.
رني ڪوٽ جي وڏي قلعي اندر ننڍا ننڍا قلعا آهن. جن ۾ ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه نالي وارا آهن.قلعي جي وچ مان هڪ نهر (نئين) وهي ٿي. جيڪا ٿورو اڳتي وڃي گم ٿي وڃي ٿي.
هن قلعي جي جوڙائڻ بابت يقين سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ته هي ڪنهن جوڙايو. شاهنامه سنڌ جو مصنف مهر حسن علي لکي ٿو ته هي قلعو ٽالپور گهراڻي ٺهرايو. ڪجهه انگريز محققن چواڻيءَ رني ڪوٽ قلعو مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي ٽالپر جي حڪم سان نواب ولي محمد لغاري جوڙايو. پر سنڌ جا ڪجهه محقق اختلاف رکن ٿا. ته هي قلعو ميرن جي وقت جو جوڙايل ناهي. پوءِ به سنڌ جي سرزمين تي هن قلعي جو وجود تاريخي ۽ فني لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. قلعي بابت مان ۽ پروفيسر عبدالرزاق صابر ڳالهيون ڪندا هلياسين واٽ تي اسان جي گاڏي جو ٽائر پنڪچر ٿي پيو. اسان ٽائر مٽائي ڪجهه ڪلوميٽرن کان پوءِ هڪ ننڍڙي هوٽل تي پهتاسين. اتي پنڪچر جوڙيندڙ جو به دڪان هيو. ٽائر ان جي حوالي ڪري اسان چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل جي هڪ کٽ تي ويهي رهياسين. چانهه پيئڻ کان پوءِ ٽائر به تيار ٿي ويو. ٽائر گاڏي ۾ رکي اڳتي روانا ٿياسين ۽ ڏيڍ بجي ڄام شورو پهتاسين. سڌو سنڌ يونيورسٽي وياسين اتي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سائين غلام علي الانا سان ملياسين. جي اي الانا صاحب ڪافي سهڻي نموني حال احوال ورتا. چاءِ بسڪوٽ گهرايا. پروفيسر عبدالرزاق صابر جي ۽ الانا صاحب اڳ واقفيت هئي. پروفيسر صاحب ۽ الانا صاحب سنڌي ۾ ڪچهري شروع ڪئي. ۽ مون سان اردو ۾ حال احوال ڪيو ڇو ته منهنجي سنڌي ڪمزور آهي. سنڌي سمجهان ٿو ڳالهائي نه ٿو سگهان.حالانڪ ڪافي شوق اٿم ته مان به سنڌي ڳالهايان. سنڌي زبان ڏاڍي وڻي ٿي. خاص ڳالهه ته سنڌي ادب ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي. سو پنهنجي مٽ پاڻ آهي. منهنجا ڪافي دوست به سنڌي آهن. جن جي مهر محبت مونکي پنهنجائپ جو احساس ڏنو آهي. انهن ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جو پروڊيوسر الطاف سومرو، اسد الله ڀٽي، اختر ٽالپور، پير محمد ۽ محمد صالح شر ياد پون ٿا. انهن جون محبتون ياد اٿم.
ڊاڪٽر پروفيسر الانا صاحب به اهڙي مهربان شخصيت آهي. مهمان نوازي جو حق ادا ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ اسان کي رهايو. اسان کي هتي رهڻو ڪونه هيو. پر سندس قرب ڏسي انڪار نه ڪري سگهياسين. جڏهن ته ريسٽ هائوس ۾ ٻاهران جاپان کان آيل مهمان اچڻا هيا. پر وائيس چانسلر صاحب انهن کي وي سي هائوس ۾ رهڻ جي بندوبست جو حڪم ڏيئي، اسان کي گيسٽ هائوس ۾ رهايو.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ اسان وائيس چانسلر کان موڪلايو. ته هن هڪ ماڻهو اسان سان گڏايو جنهن اسان کي گيسٽ هائوس پهچايو. گيسٽ هائوس صاف ۽ ڪافي سهڻو آهي. اسان هٿ منهن ڌوئي سامان ڪمري ۾ رکي آرام ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
پاڪستان جي ٻيو نمبر وڏي يونيورسٽي 1947ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ جي نالي سان قائم ٿي اول هي يونيورسٽي ڪراچي ۾ هئي. 1951ع۾ يونيورسٽي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪئي وئي. پوءِ ان جي نئين ڪيمپس حيدرآباد کان پندرهن ڪلوميٽر پري ڄام شورو ضلع دادو ۾ ٺاهي وئي. جيڪا هڪ وڏي علائقي تي پکڙيل آهي.هتي ٽي مڪمل يعني
University 3 full fledged teaching
Departments and institutes under the faculties of commerce
And business administrating natural sciences, social sciences
Arts education and Islamic studies.
يونيورسٽي ۾ 1427 استاد پڙهائي رهيا آهن. جن مان 87 پروفيسر 140 ايسوسئيٽ پروفيسر 122 ليڪچرر ۽ ٽيهه محقق ريسرچ اسڪالر آهن. يونيورسٽي۾ هن وقت ست هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. يونيورسٽي جي وڏي لائبريري علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي جي نسبت سان قائم آهي. ڪجهه سال اڳ مان علي احمد شاد سان گڏ هتي آيو هيس. محمد شفيع بروهي هن وڏي لائبريري جو لائبريرين هيو. ان سان ڪچهري ٿي ۽ لائبريري ڏٺم. ٻين زبانن کان سواءِ هتي براهوئي زبان جو به پورشن(حصو) هيو. جيڪو محترم محمد شفيع جي محنت جي ڪري قائم آهي. ان کان سواءِ هفت روزه ايلم جا فائل به موجود آهن. لائبريري جي هي خوبي آهي. جيڪڏهن براهوئي جو ڪو طالب علم براهوئي ادب تي تحقيق ڪرڻ گهري ته ان کي وڏو مواد ملي سگهي ٿو.
شام جو ٽين بجي اسان سنڌ يونيورسٽي مان سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام لاءِ روانا ٿياسين. جتي عبدالحميد اختر جي داخلا جي سلسلي ۾ ڪوشش وٺڻي هئي. عبدالحميد اختر کي زراعت منجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق آهي. هونئن به هن جو زميندار گهراڻي سان تعلق آهي. پروفيسر عبدالرزاق صابر به ڪنهن وقت زمينداري سان لاڳاپيل هيو. ان کان پوءِ ان زمينداري کيس بصر ۽ ٽماٽن جو واپاري ڪري ڇڏيو. هو ڪوئٽه جي پراڻي سبزي منڊي ۾ واپار ڪندو هيو. ان سبزي منڊي ۾ هن جي ملاقات عارف ضياّء سان ٿي ۽ ان ملاقات سبزي منڊي جي دوستي کان آڻي ادبي دوستي تائين پهچايو.
ان کان پوءِ عبدالرزاق صابر ڪجهه وقت سکر جي سبزي منڊي ۾ به گذاريو . اهڙو زمانو به آيو جو مون به سبزي منڊي ۾ ڪوٺي سنڀالي. جڏهن ڪوئٽا ۾ نئين سبزي منڊي جڙي ته منهنجي سهري اتي دڪان ورتو. جيڪو منهنجي سالي زاهد ٽريڊرس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. مون به پنهنجي سوٽ عبدالله سان گڏ اتي ڪاروبار شروع ڪيو. اذان وقت اٿي هده کان سبزي منڊي تائين پيادل وينداهياسين.
اتي سبزي جي نيلامي ڪندا هياسين. ۽ پوءِ عبدالرزاق صابر ۽ عارف ضياء به هت آيا. انهن به ڪاروبارشروع ڪيو. ان کان پوءِ عبدالجبار يار به هت آيو ۽ يوريا وڪرو ڪرڻ لڳو. ان ريت براهوئي جو هڪڙو آڳاٽو شاعر حبيب الله جتڪ به هتي ڪوٺي کولي واپار ڪيو. اتي ڪڏهن ڪڏهن مشاعرا به ٿيندا هيا. مون به ان موقعي تي هڪ ڊگهو نظم لکيم جنهن ۾ شاعرن جي واپار جو تفصيلي ذڪر آهي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام
ٽنڊو ڄام سنڌ جو هڪ شهر آهي. هي علائقو زراعت کان سواءِ زراعت جي علم جو مرڪز هجڻ ڪري ڪافي مشهور آهي. هتي سنڌايگريڪلچر يونيورسٽي، اٽامڪ انرجي ۽ ريسرچ سنٽر هجڻ ڪري نه رڳو وطن پاڪستان پر پوري دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽنڊوڄام حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي رستي جي وچ ۾ آهي. هن علائقي ۾ انب، زيتون، ۽ ڪيلو گهڻو ٿئي ٿو. انب ۽ ٻيرن جا وڏا باغ آهن. علائقي جو ميوو ٻاهرين ملڪن ڏانهن به وڃي ٿو. آب هوا جي لحاظ کان تمام سٺو علائقو آهي.
زراعت جي ترقي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو نالو پنهنجي مٽ پاڻ آهي فيصل آباد زرعي يونيورسٽي کان پوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي زراعت جي علم وڌائڻ ۾ وڏو ڪم ڪري رهي آهي. هتي سنڌ بلوچستان ۽ صوبه سرحد جا شاگرد زرعي تعليم حاصل ڪن ٿا.بلوچستان جا گهڻا شاگرد هن يونيورسٽيءَ مان علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڏين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشاد علي سومرو آهي. وائيس چانسلر بابت سڀ شاگرد پر اميد آهن پر بلوچستان جي شاگردن جو خاص خيال ڪري ٿو. ان ڪري بلوچستان جا شاگرد وائيس چانسلر جي شفقت کان ڪافي متاثر لڳن پيا. شاگرد چون پيا جڏهن کان ڊاڪٽر ارشاد علي سومرو وائيس چانسلر ٿي آيو آهي ان وقت کان ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ بلوچستان جي ڪوٽا کان ٽيهه يا چاليهه کان وڌيڪ شاگردن کي سيٽ ڏني.
ڊاڪٽر ارشاد علي سومرو چيو ته بلوچستان جي شاگردن کي اسپيشل سيٽون ڏيڻ جو مقصد آهي ته بلوچستان تعليم جي ميدان ۾ گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ بلوچستان ۾ ڪا زرعي يونيورسٽي به ڪانهي. ان ڪري پنهنجي وائيس چانسلر جي چئن سالن ۾ ٻه سو کان وڌيڪ اسپيشل سيٽن تي بلوچستان جي شاگردن کي داخلا ڏنم. جيڪا سهڻي پيش رفت آهي.
اسان جڏهن ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام پهتاسين ته اتي يار جان باديني جي ڪمري ۾ وياسين. ان جو ڪمرو بند هيو. اسان کيس ڳولهي رهيا هياسين ته ڪوئٽه جو هڪ افغان ڇوڪرو مليو. جنهن اسان کي پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريو ۽ يارجان کي ڳولهڻ ويو. گهڙي کن کان پوءِ شير عالم ۽ ٻيا دوست آيا. اسان کي ڏسي ڪافي خوش ٿيا. هو اسان کي پنهنجي ڪمري ڏي وٺي وڃي چانهه بسڪوٽ گهرايائون. پل کان پوءِ يار جان به اچي نڪتو. ان سان حال احوال ٿيا.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ڄام شوري جيان تمام وڏي يونيورسٽي آهي. هن وقت هتي بلوچستان جا اڍائي سو شاگرد پڙهن ٿا. ۽ هر سال داخلائون ٿين ٿيون. ڪيترن علائقن جا ڇوڪرا سليڪٽ ٿي هتي پڙهڻ اچن ٿا.
سج لٿي تائين دوستن سان ڪچهري ڪئي. هنن وس ڪيو ته رات اتي رهون، اسان کي ڄامشوري وڃڻو هو. جو ريسٽ هائوس ۾ اسان لاءِ انتظار ڪيو پيو وڃي. هي دوست چون پيا ته توهان اسان جا مهمان آهيو. اوهان کي ماني کائڻ کانسواءِ نه ڇڏينداسين ان ڪري يارجان ۽ شير عالم اسان گڏجي حيدرآباد آيا. حيدرآباد ۾ ٿورو گهمي. دوست اسان کي چائنيز هوٽل وٺي هليا. ۽ پر تڪلف ماني کارايائون. اسان چيو ته توهان شاگرد آهيو. ايتري تڪليف جي ضرورت ناهي پر هنن نه مڃيو. ماني کائڻ کان پوءِ انهن کان موڪلائي اسان ڄام شورو روانه ٿياسين.
واٽ تي حيدرآباد جو هڪ روڊ جي نالي ٽٽل هئي. رستو گندي پاڻي سان ڀريل هيو. اسان کي ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪو ٻيو به رستو آهي. هڪ ماڻهو کان پڇا ڪئي ته ادا هن پاڻي ۾ ڪو کڏو وغيره ته ڪونهي.ان چيو ته نه. اسان کان اڳ ٻه ٽي گاڏيون اتان لنگهي ويون ۽ پوءِ اسان به الله تعاليٰ جو نالو وٺي پاڻي ۾ پنهنجي ننڍي ڪار ڇڏي ڏني. هوريان هوريان اڳتي وڌندا رهياسين. اوچتو هڪ کڏو اچي ويو ۽ اسان جي گاڏي ڦاسي پئي ته ڊڄي وياسين ۽ پريشان به ٿياسين. جڏهن ته اسان جي ڪار وچ پاڻي ۾ اچي چڪي هئي. خوف هي ٿيو ته جيڪڏهن پاڻي سالنسر ۾ ويو ته انجڻ بند ٿي ويندي مون صابر صاحب کي چيو ته ور لانچي گاڏي کي ڌڪا ڏئي. صابر صاحب ۽ عبدالحميد اختر لهي گاڏي کي پوئتي ڌڪيو خوش قسمتي سان گاڏي جلد پوئتي ٿي ۽ بند نه ٿي. ٿوري دير ڪوشش سان گاڏي پاڻي مان ڪڍي ورتي. صابر صاحب ۽ حميد اختر جا ڪپڙا ڪجهه پُسيا. پر خير خوشي سان اسان پاڻي مان نڪري آياسين. جيڪڏهن گاڏي بند ٿي يا وڌيڪ ڦاسي ها ته هتي اسان جي مدد لاءِ ڪوبه نه اچي ها، اسان ڏاڍا پريشان ٿيون ها.
اسان جي هن ساري سفر ۾ اوکو مرحلو اهو هيو. بهرحال اسان ريسٽ هائوس آياسين.هٿ منهن ڌوئي ڪپڙا بدلائي ستا سين.
17 جنوري تي يونيورسٽي کي موڪل هئي. اسان ناشتو ڪري گيسٽ هائوس مان نڪتاسين ۽ حيدرآباد ۾ ميوزم ڏسڻ وياسين.
سنڌ ميوزم حيدرآباد
جڏهن اسان سنڌ ميوزم حيدرآباد پهتاسين ته اتي اسان جي ملاقات ميوزم جي هڪ آفيسر سان ٿي اسان کي خوب ڀليڪار ڪئي. سائين جو نالو عبدالحق ڀنگوار هيو. اسان پنهنجو تعارف ڪرايو. جنهن پنهنجي دفتر ۾ وٺي چانهه وغيره پياري ۽ پوءِ ميوزم به ڏيکاريو ۽ هڪ هڪ شي جي تاريخي اهميت بابت معلوم ڪيو. ميوزم ڪافي شاندار آهي. انسان جي ارتقائي مرحلن کان وٺي موهن جو دڙو جي ترقي يافته زماني تائين جو داستان ڏيکاريل آهي. ان کان سواءِ به هتي ڪيئي گيلريون آهن. جتي سنڌ ثقافت ڏيکاريل آهي. موهن جو دڙو ۽ سنڌ جي ٻين قلعن جون پراڻيون شيون لڌل جا نمونا ماڻهن جي معلومات لاءِ رکيل آهن. ٻڌمت جا بت به رکيل آهن. سنڌ جي حڪمرانن جون شيون به سانڍيل آهن. سومرا خاندان ۽ ٽالپور خاندان جون تلوارون، خنجر، مُنهن ڀرڻيون بندوقون به رکيل آهن. سنڌ جي دستڪاري جا سهڻا نمونا لباس، زيور ساز به رکيل آهن. جن ۾ چنگ دنبورو، يڪتارو نڙ وغيره آهن.
هڪ گيلري ۾ سٽيچو يعني مٽي جا بت ۽ گهر ٺهيل آهن. جن جي ذريعي سنڌ لوڪ جي اٿڻي ويهڻي، هنر مندي، رهائش جا طريقا ۽ لباس جا نمونا ڏيکاريل آهن.
هڪ گيلري ۾ لوهرن جا گهر ڏيکاريل آهن. جيڪي ڏاٽا ۽ پوکائي جا اوزار ٺاهڻ ۾ مشغول آهن. هڪ ٻئي هنڌ اجرڪ وارا ڪاريگر اجرڪ ٺاهن ٿا. انهن ڪاريگرن وٽ اجرڪ ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيڻ واريون شيون رنگ ٺپا وغيره پيل آهن. اهڙي ريت هڪ ڪاريگر ڏيکاريو ويو آهي. جيڪي کڏي تي ڪپڙا اُڻي رهيو آهي.
هي نظارا حقيقي محسوس ٿي رهيا هيا. اهي شيون وڏي محنت سان جوڙيون ويون هيون. ائين پيو ڀاسجي ته هي بتن بدران حقيقي جيئرا انسان آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن. سنڌ وڏي ثقافتن جو مرڪز آهي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ هر مذهب جا ماڻهو رهن ٿا. هر ڪنهن جو لباس پنهنجو رسم و رواج ۽ ٻولي جدا آهي.، انهن جي مردن ۽ عورتن جا ڪپڙا پوشاڪون به ڌار ڌار آهن. سنڌ ۾ سنڌين سان گڏ بلوچ براهوئي به آهن. براهوئي گهڻو ڪري ضلع دادو، لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، سکر، نواب شاهه، حيدرآباد، شڪارپور جيڪب آباد ۽ ڪراچي ۾ آهن.
سنڌ اندر ٻين ذاتين ۾ هندو، ڪولهي، ڀيل، ڪوڪڙا، باگڙي، گرگلا، جوڳي، ڪوچڙا، مينگهواڙ ۽ مسلمان ذاتين ۾ انيڪ ذاتيون ملن ٿيون. جن سڀن جو تعلق سنڌ ثقافت سان آهي. انهن منجهان ڪن ذاتين جي صورت جو نظارو سنڌ ميوزم ۾ موجود آهي.
ميوزم جي هڪ گيلري ۾ سنڌ جي روايتي چٽسالي جڙيل آهي. هن ۾ پراڻي دور جا در، دريون، کڙڪيون، ٽوئيون، ٿنڀ، ڪامون، پنڃر، لڪڙا، چٽيل رکيل آهن. هنن تي انتهائي گهرائي سان چٽسالي ٿيل هئي. ميوزيم جي اندرين گيلرين ڏسڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين. اتي اوپن ميوزيم يعني کليل آسمان هيٺان هڪ هنڌ جوڙيو ويو هيو. جتي مٽيءَ جا ٿانو پچائڻ جي آوي هئي. آويءَ ۾ ٻاهه ٻارن پيا ۽ ڪنڀر مٽي جون شيون جهڙوڪ دلا، گهگهيون، ڪُنا ۽ ٻيا ٿانو جوڙي رهيا هيا. انهن کي سڪائڻ کان پوءِ انهن تي رنگ ڪن پيا. تان ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته مٽيءَ جا ٿانو ڪيئن جڙن ٿا.
ان کانسواءِ ٿر علائقي جا ڏاس جا خيما، مٽيءَ کان جوڙيل گهر اهڙي ريت جڙيل هيا. جيئن ته جيڪڏهن ڪنهن ٿر علائقو نه ڏٺو هجي يا ايستائين اچي نه سگهي ته اهو هتي ٿر جو نظارو ڏسي سگهي. انهن کان سواءِ زرعي اوزار ۽ پراڻي زماني جون بيل گاڏيون ۽ اڄ ڪلهه سنڌ جي ٻهراڙين ۾ استعمال ٿيندڙ بيل گاڏيون به رکيل آهن. هڪ بيل گاڏي ۾ وڏي محنت سان چٽ ڪيا ويا هيا. اوپن ميوزيم ۾ پاڻي ڪڍڻ وارو نار به هيو. جنهن ۾ اٺ يا ڍڳي جي ذريعي پاڻي ڪڍن ٿا. اهي اڄ به سنڌ جي عام علائقن ۾ آهن. جنهن ۾ فريدآباد سنڌ (ڪاڇي) ۾ بلوچستان جي قلات ۽ خضدار علائقي ۾ آهن. نار اڄ به اٺ ڏاند ذريعي پاڻي ڪڍي رهيا آهن. هن ميوزيم ۾ سنڌ جي ٻهراڙي واري اٿڻي ويهڻي جو پورو نظام ڏيکارجي پيو.
ميوزيم جي آفيسر محترم عبدالحق اسانکي ٻڌايو ته ميوزيم جو مقصد هي آهي ته بجلي اچڻ ڪري يا انسان جي ترقي جي ڪري هي شيون ختم ٿي رهيون آهن. ان ڪري هنن شين کي محفوظ ڪرڻ ضروري آهي. هي اسان جو ورثو آهي. اڄ ڪلهه هي شيون شهرن ۾ نه ٿيون ڏيکارجن. شهرواسين کي پروڙ پوي ته اسان جي ٻهراڙين وارو ماحول ڪهڙي انداز جو آهي.
ذرائع ابلاغ جي تڪڙي ترقي جي ڪري قومن جي ثقافت متاثر ٿي رهي آهي. سنڌي ثقافت سان گڏ براهوئي ثقافت به متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جي دانشورن هي ڳالهه محسوس ڪئي ۽ پنهنجي ثقافت محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ اندر ڪجهه ميوزيم جوڙيا. انڪري سنڌي ثقافت جي جاچ لهڻ آسان ٿي آهي. پر افسوس ته اسان جي بلوچستان جي ثقافت براهوئي هجي يا بلوچي يا افغانن جي هجي يا هن خطي ۾ رهندڙ قومن جي هجي. وقت سان گڏ مٽجي رهي آهي. ان کي محفوظ رکڻ لاءِنه حڪومت ڪجهه ڪيو آهي. نه اسان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا ڪجهه ڪري رهيا سگهيا آهن. هاڻ به وقت آهي جو اسان پنهنجي لوڪ ثقافت محفوظ رکڻ لاءِ ڪو ميوزيم جوڙيون. نه ته افسوس ڪرڻ کان سواءِ اسان ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهنداسين.
سنڌ ميوزيم جي معلوماتي سير کان پوءِ اسان جناب عبدالحق ڀنگر کان موڪلائي. ميوزيم جي ويهو سنڌ جي اشاعتي اداري سنڌي لينگويج اٿارٽي جي دفتر ڏانهن وياسين.
سنڌي لينگويج اٿارٽي
سنڌي لينگويج اٿارٽي جو دفتر هن وقت سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ايراضي ۾ آهي. جو سندس مرڪزي دفتر جي عمارت ٺهي رهي آهي. اسان جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق جي آفيس ۾ وياسين ته هن وڏي قرب مان اسان کي ڀليڪار چئي. صابر صاحب سان هن جي اڳ به ملاقات هئي حال احوال وٺندي چانهه اچي وئي. ڊاڪٽر علي نواز شوق اسان کي اداري جي ڪم بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته هي ادارو مختلف عنوانن تي پنجويهه ڪتاب ڇاپي چڪو آهي. هڪ رسالو خبرنامو ماهوار جاري ڪيو آهي. سيمينار، ورڪشاپ ۽ سنڌي اديبن، شاعرن يا استادن سان رهاڻيون به ڪرائي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب اداري بابت ٻڌايو، سنڌي ٻولي ۽سنڌي رسم الخط جي ترقي لاءِ اڄ کان چار سال اڳ “ سنڌي لينگويج اٿارٽي” جنهن کي سنڌي زبان جو بااختيارادارو جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. قائم ڪيو ويو.
هن اداري جو بنيادي مقصد سنڌي زبان کي دفتري زبان بڻائڻ ۽ سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ تحقيق ڪرڻ ۽ رسم الخط کي صحيح صورت ڏيڻ سان گڏ سنڌي زبان بابت نئين تحقيقات بابت رسالا ۽ ڪتاب ڇاپڻ کان سواءِ سنڌي زبان پڙهائيندڙ استادن جي تربيت،سنڌي ٽائيپ رائيٽر ۽ ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪرڻ آهي. ان سان گڏ سنڌ شناسي بابت هڪ ڊگهي پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
هن موقعي تي ڊاڪٽر نوا ز علي شوق اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ۽ ڊاڪٽر داد محمد خادم جو نئون ڇپيل ڪتاب “سنڌي براهوئي ٻولين جو تقابلي جائزو” سوکڙي طور ڏنا.
ڪتابن واري سوکڙي کان پوءِ اسان ڊاڪٽر نواز علي شوق کان موڪلائي، حيدرآباد جي بازار گهمڻ وياسين. ان دوران مونکي ياد آيو ته منهنجو ٽي وي جي دور جو دوست ۽ ٽي وي پروڊيوسر اختر ٽالپر حيدرآباد نيوز بيوروو جو انچارج آهي. ماڻهن کان پڇندا نيوز بيورو جي آفيس ۾ پهتاسين. اختر ٽالپور اسان کي ڏٺو ته حيرت ۾ پيو ته حيدرآباد ڪيئن آيا آهيون. ڀليڪار کان پوءِءَ حال احوال ٿيا. اختر ٽالپور منهنجي انهن دوستن مان آهي. جو 1986ع ۾ پاڪستان اڪيڊمي اسلام آباد ۾ چئن مهينن جي ٽريننگ ڪئي. ٽريننگ دوران مان ۽ اختر ٽالپور هڪ ڪمري ۾ رهندا هياسين. ڏاڍو سهڻو وقت گذاريوسين. حال احوال کان پوءِ سندس ٽيليفون تان مون گهر ڪوئٽا فون ڪئي. گهر علائقي جو حال احوال ورتو معلوم ٿيو ته ڪوئٽه ۾ ٿڌ ۽ مينهن سان گڏ ڪجهه برف باري به هلي ٿي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ گرمي جي ڪري دل ڏڪي پئي. اختر ٽالپور اسان لاءِ ماني جو بندوبست ڪيو. مزيدار مڇي ترائي. ماني کائڻ کان پوءِ پروگرام ٿيو ته ڀٽ شاهه هلون. ڪلاڪ کان پوءِ اسان ڀٽائي سائين جي درگاهه ۾ پهتاسين.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
ڀٽ شاهه وڃي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تربت جي زيارت ڪئي سين. دعا به گهري. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم شاعر آهي. جوهر بروهي ٽماهي سنگت فريد آباد جي ڀٽائي نمبر اپريل مئي جون 1986 ۾ لکي ٿو:
“ ماڻهپي جي دنيا ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي صبح جي ستاري ۽ چوڏهين جي چنڊ وانگر سمجهون ٿا. بلاشڪ هو هڪ سوچ جو رهنما ۽ هڪ فڪر جو باني آهي. ان جي سموري فلسفي جو عنوان آهي. ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ گهرجي. هي جدا ڳالهه آهي جو اسان جو ننڍو ذهن وڏين ڳالهين کي سمجهڻ جي توفيق نه ٿو رکي.”
شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ اهڙي هستي ٿي گذري آهي، جنهن سنڌي ادب، زبان، ثقافت ۽ تهذيب کي نئون روپ ڏنو. سنڌ ۾ ويل، ڏک،محرومي، غربت ۽ بيوسي کي پنهنجي شاعري ۾ اهڙي انداز سان پيش ڪئي جو هر سنڌي ان جي شاعري کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي ٿو. اڄ جي سنڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تخليق ڪيل آهي. ڀٽائي سائين پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جا لوڪ داستان ان انداز سان بيان ڪيا، کين تمثيلي صورت ڏني. حقيقت ۾ اهي ڪردار الله تعاليٰ ۽ انسان جو تعلق بيان ڪن ٿا. ان ڪري شاهه سائين جي شاعري کي اڄ به مقبوليت عام آهي.
هر شاعر جو هڪ دور ڳڻجي ٿو. اهو شاعر پنهنجي دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي شاعري ڪري ٿو. ان جي شاعري سندس دور جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي حدن کي واضح ڪري ٿي. وقت بدلجڻ سان اهڙي شاعري رڳو لائبريري جي ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي ٿي. پر ڪي اهڙا شاعر به هوندا آهن. جن جي شاعري هر دور جي شاعري هوندي آهي. سندن شاعري پراڻي ناهي ٿيندي. ڇو ته اهڙن شاعرن جي شاعري هر دور ۾ تازي هوندي آهي. يعني هو هر دور م سدا بهار شاعر هوندا آهن. ڇو ته سندن شاعري نه فقط پنهنجي دور بلڪ ايندڙ نسلن جي ڏک،خوشي ۽ ان دور جي تقاضائن مطابق هوندي آهي. حضرت عبداللطيف ڀٽائي اهڙي شاعري جو سدا بهار شاعر آهي. جنهن جي شاعري صدين گذرڻ پڄاڻان به تازي محسوس ٿئي ٿي. سندس شاعري ۾ حسن جمال، عشق محبت، هجر فراق، ۽ وصل خوشي جي ڳالهه موجود آهي ته ٻئي طرف اسلام جي عظيم روايتن جوشاعر آهي. جيڪو رب ڪريم ۽ رسول سائين جي عشق ۾ ٻڏل آهي. ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ غريبن ، بيوسن، بيواهن ۽لاچار انسانن جي ترجماني ٿيل آهي. ڀٽائي سائين جي شاعري جو منظوم براهوئي ترجمو ڏجي ٿو (اصل بيت ڏجن ٿا: سنڌيڪار).
عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق،
خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چَؤ مخلوق،
سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصئان نڱيو.
*
وحدتان ڪثرت ٿي وحدت ڪثرت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو وائي ٻي مَ يُل،
هو هلا چو هُلُ، بالله سندو سڄڻين.
هن قسم جو شاعر هر دور جو شاعر سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري حضرت ڀٽائي سائين پنهنجي دور کان وٺي منهنجي دور کان پوءِ ايندڙ نسلن جي دور جو شاعر آهي. ان ڪري سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ لساني دور کي ERA of shah latif چوان ٿو.
حضرت ڀٽائي سائين جي درگاهه تي دعا گهرڻ کان پوءِ اسان قبرستان گهمي رهيا هياسين ته اسان کي سنڌي زبان جي نامياري قلمڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي قبر نظر آئي(1) هتي به دعا گهري.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو ناميارو دانشور ٿي گذريو آهي. نظم ۽ نثر ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا.ڊرامه نويسي به سندس وڏو نالو آهي. سنڌي ۾ سندس لکيل پهريون ڊرامو “ ليليٰ مجنون” هڪ مڪمل ڊرامو آهي. هن اهو 1880ع ۾ لکيو. ان کان سواءِ هن ناول به لکيا. سندس ناول جو ڪتاب“زينت” سنڌي ادب جو شاهڪار چئجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ جو نالو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو آهي. هن افسانا، تاريخ، فلسفي، نفسيات، طبيعات ۽ زراعت بابت گهڻو ڪجهه لکيو. ٻين زبانن ۾ ليکڪن ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڪيو. جيڪو سنڌي ادب ۾ سٺوڪارنامو ڳڻجي ٿو.
سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو هٿ آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ترتيب به مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڪارنامو آهي.
ان کان پوءِ اسان مزار ويجهو باغ ۾ وياسين. جتي هڪ ننڍو ميوزيم آهي جنهن کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز چئجي ٿو. جيڪو حڪومت سنڌ جي ڪلچر ونگ طرفان ڪم پيو ڪري. هن اداري جو وڏو ڪم ڀٽ شاهه بابت ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائن ۽ ان قسم جا ٻيا پروگرام ڪرائڻ آهي. ان ڏس ۾ هتي هڪ شاندار آڊيٽوريم جوڙيو ويو آهي. اسان هي آڊيٽوريم به گهمي ڏٺو.
آڊيٽوريم جي ٻئي طرف درياهه منجهان نڪرندڙ اها ڍنڍ (ڪراڙ) به آهي. جتي حضرت ڀٽائي سائين ويهي شعر چوندو هيو. ان جي ٻئي طرف ڀٽ به آهي. جنهن جي ڪري اها ڀٽ شاهه مشهور آهي. هاڻي واريءَ جي ان ڀٽ تي آبادي آهي ۽ اها ڀٽ ڪانه ٿي ڏيکارجي.
هن ميوزيم ۾ هڪ شعبو اهڙو به آهي. جنهن ۾ اهي فوٽو آهن. جنهن ۾ سنڌ جي انهن ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي. جن عشق ۽ محبت ۾ نالو ڪمايو. جن کي ڀٽائي سائين پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪري اَمرتا بخشي. جهڙوڪ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي.
هي عشق ڀريا داستان اڄ به مشهور آهن. مجلسن ۾ اهي ٻُڌائجن ٿا. اهي تاريخي داستان ۽ سنڌ جون ٻيون تاريخي ڳالهيون داستان گو، سگهڙ ۽ ٻيا ماڻهو سينه به سينه محفوظ ڪندا آيا. هاڻي تحريري صورت ۾ محفوظ آهن. اهي داستان سهڻي ۽ سٺي انداز ۾ ٻڌائڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي واقعاتي شاعري به ڪئي وئي آهي. هن شاعري کي سنڌي ۾ “ڳاهه” چئجي ٿو. ڳاهه جو لفظ “ڳائڻ” مان نڪتل آهي. هيءَ سنڌي شاعري جي هڪ پراڻي صنف آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڀ کان اول رومانوي داستان“ عمر مارئي” منظوم ڪيو. ان کان پوءِ سسئي پنهون، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچي، لاکو، سهڻي ميهار، سورٺ، راءِ ڏياچ به آيا. اهي سنڌي داستان صدين کان سنڌ جي پورهيت، هاري ۽ عام ماڻهن جي ڪچهرين ۾ ڳائجن ٿا. ڀٽائي سائين پنهنجي شاعري اتان کنئي. جو سندس تعلق به هڪ غريب طبقي سان هيو. جيئن علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو:
“ حضرت ڀٽائي سائين لوڪ داستانن جا سارا قصا بيان نه ٿو ڪري بلڪ انهن جون اهم ڳالهيون شاعري ۾ بيان ڪري ٿو. اهو انڪري جو هو پنهنجي وطن واسين بابت ڄاڻي پيو ته اهي انهن قصن جي اصل روح کان واقف آهن.”
شاهه صاحب جي شاعري سڌو سنئون عوام لاءِ هئي. ان ڪري هن پنهنجي شاعري ۾ عوامي ٻولي استعمال ڪئي. جو لوڪ کي هي ٻڌائڻ گهري پيو ته حقيقت ظاهر ڇا آهي؟ ۽ حقيقت باطن ڇا آهي؟ کيس ٻنهن ڪيفيتن جو ادراڪ حاصل هيو.
شاهه صاحب کڻي صوفي شاعر آهي پر تصوف جي ان مسلڪ جو قائل هيو جيڪو انسان کي تارڪ الدنيا ڪري ٿو. بلڪ شاهه سائين جي تعليم هي هئي ته زندگي جو هڪ مقصد هوندو آهي.
آغا سليم شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت لکي ٿو:
“ اڄوڪي سنڌ ڀٽائي سائين جي تخليق ڪيل سنڌ آهي. ۽ هر سنڌي جو مزاج شاهه سائين جي شاعري جي مزاج جو آئينو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شاهه سائين سنڌ جي لوڪ داستانن کي جيڪي ان ٻولي ڳالهائيندڙن جي احساسن کي اجاگر ڪري سگهي، بيان ڪري ٿو. ۽ اهو مواد طور استعمال ڪري ٿو. هو انهن داستانن کي تمثيلي رنگ صورت ڏئي انهن ڪردارن کي رب ڪريم ۽ انسان ذات جي حوالي Interacte ڪري ٿو. هر شاعر جو هڪ دور هوندو آهي. هو پنهنجي دور جو شعور هوندو آهي. سندس شاعريان دور جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي هيٺ مٿاهين جو رد عمل هوندي آهي. پر دور بدلجن ٿا. سياسي، سماجي ۽ تهذيبي سبب بدلجي، نئون دور نئين شاعري تخليق ڪري ٿو. اهڙا به شاعر آهن. دور گذرڻ سان هو ۽ سندن شاعري ماڻهن کان وسري وڃي ٿي. لائبريري تائين محدود رهي ٿي.
گهڻا اهڙا شاعر آهن جن جي شاعري نه رڳو سندن دور جي درد ڏکن جي شاعري هجي ٿي. پر ايندڙ نسلن جي ڏک يا خوشي ۽ محرومي يا ان دور جي تقاضائن جي ترجمان هجي. ڀٽائي سائين جي درگاهه، آڊيٽوريم مرڪز جي ڏسڻ کان پوءِ اسان اجرڪ ٺاهڻ واري مرڪز ڏانهن وياسين. جتي اجرڪ ٺاهيندڙ ڪاريگر پنهنجي اباڻي ڌنڌي ۾ ڪافي دلچسپي سان ڪم ڪري رهيا هيا. اجرڪ سازي جي مرڪز ۾ پراڻي طريقي سان اجرڪ جڙي رهيا هيا. اجرڪ سنڌ ثقافت جي هڪ صورت سڏيو وڃي ٿو.
اجرڪ ٺاهڻ
اجرڪ هڪ اهڙي چادر آهي. جيڪو سنڌ ۾ عام جام استعمال ٿئي ٿو. بلوچستان جا ماڻهو جڏهن سنڌ وڃن ٿا ته سوکڙي سنڌي اجرڪ پاڻ سان ضرور آڻن ٿا. ان ڪري هتي به ماڻهن جي ڪلهن يا مٿي تي اجرڪ توهان ڏٺو هيو. اڳ ۾ اسان سوچيو هيو ته هي پڻ ٻئي ڪپڙي وانگر ٺهي ٿو. پر جڏهن اسان پڙهيو ۽ ٽي وي تي هن ٺاهڻ وارو پروگرام ڏٺو ته عجيب لڳو. اجرڪ جي رنگن ۽ ڇُر ڪيتري محنت سان ڪرڻي ٿي پوي.. ان ڪري دل گهريو ته اسان به هي ڏسون!
جناب اختر ٽالپور کي چيم ته اجرڪ ڪٿي ٿو ٺهي؟ جيئن اسان ان جي ٺهڻ جا مرحلا ڏسون هن چيو ته هتان ويجهو هڪ هنڌ آهي هلو ته هلون!
اسان هن سان گاڏي ۾ چڙهياسين. ٿوري دير ۾ ڏٺوسين ته هڪ وڏي جاءِ ۾ اجرڪ ٺاهڻ جا ڪيئي مرحلا ڏيکارجن پيا. ڪٿي اُن جي اڇي ڪپڙي کي ڌوتو وڃي پيو. ڪٿي ان کي واريءَ ۾ ملايو وڃي پيو. ڪٿي ٺپا هڻي رهيا هيا. ۽ وري ڪٿي رنگ ڪري رهيا ها. مان عبدالرزاق صابر، عبدالحميد اختر ۽ اختر ٽالپر اجرڪ ٺاهڻ واري هن ڪم کي توجه سان ڏٺو. ۽ ماهرن کان ڄاڻ به وٺندا رهياسين. جن چيو ته سنڌ جي دستڪاري ۾ اجرڪ بين الاقومي سطح تي وڏي اهميت ٿو رکي. نه رڳو پاڪستان پر دنيا جا ڪيئي ملڪ اجرڪ کي سنڌ جي شناخت سمجهن ٿا. افسوس ته هاڻ سنڌ ۾ اجرڪ ٺاهڻ واري ڪاريگري ختم ٿي رهي آهي. هن طرف ڪنهن جو به توجه ڪونهي. ڪاريگر به تنگ دستي جي ڪري هي ڪم ڇڏي رهيا آهن.
ڪنهن وقت ٺٽو اجرڪ سازي جي صنعت ۾ سڀ کان وڏو مرڪز هيو. پر هاڻ ٺٽي ۾ اجرڪ ٺاهڻ وارو ڌنڌو ختم ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ هالا، مٽياري، ڀٽ شاهه، ٽنڊو محمد خان ، نيو سعيد آباد، ٽنڊو الهيار ۾ به هي صنعت آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي. اجرڪ جي صنعت کي زوال ملي رهيو آهي.
اجرڪ سازي جي ڪم جي زوال جا ٻيا سبب آهن. اصلي اجرڪ بدران ڪارخانن ۾ نقلي اجرڪ ٺهي رهيو آهي. ٻيو ته اجرڪ جي رنگڻ ۽ ڇُر لاءِ جنهن ڪيميڪل جي گهرج هجي ٿي ته اهو ايڏو مهانگو ملي ٿو، جيڪو ڪاريگر خريد ڪي نه ٿا سگهن. جيڪڏهن اهو ڪيميڪل ڪاريگر خريد ڪن ٿا ته اجرڪ مهانگو ٿي ويندو. ۽ انڪري سندس وڪرو نه ٿي سگهندو. ٽيون ته ڪجهه ڪيميڪل اهڙا آهن، جيڪي هندستان مان گهرائڻا پون ٿا. جيئن الجير، جيڪو ڳاڙهي رنگ کي ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هتان جا ڪاريگر ٻوٽن ۽ وڻن مان اهڙا ڪيميڪل ٺاهيندا هيا. پر زماني جي ترقي سان هاڻي ايئن نه ٿو ڪري سگهجي. ان کان سواءِ هنرمندن جو وڏن شهرن ڏانهن اچڻ وڃڻ ۽ پاڻ وڃي اجرڪ وڪڻڻ جو بندوبست ڪونهي. وچ ۾ ٺيڪيدار يا ڪو ٻيو ماڻهو “ مڊل مين” فائدو حاصل ڪري ٿو. ان ڪري ڪاريگرن کي معاوضو گهٽ ملي ٿو.
سنڌ سمال انڊسٽري جي طرفان 1988ع ڌاران ٽنڊو محمد خان ۾ اجرڪ جي ڪاريگرن لاءِ آرٽس ڪالوني جوڙي وئي. جتي اڄ ڪلهه تقريبا ٽي سو ڪاريگر ڪم ڪري رهيا آهن. پر ڪاريگرن جو چوڻ هيو ته معاوضو گهٽ ٿو ملي ان ڪري اهي وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهن. ڇو ته هڪ اجرڪ تي سندن خرچ ڏيڍ سو روپيه اچي ٿو. ۽ قيمت فقط سو سٺ رپيا ملي ٿي. هي اجرڪ هنن ڪاريگرن کان ٺيڪيدار کڻي وڏن شهرن ۾ هينڊي ڪرافٽس جي دڪانن تي ٽن يا چئن سون ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ ان ريت هنرمندن جي حق تلفي ٿئي ٿي. هن سلسلي ۾ حڪومت جيڪڏهن صحيح توجه نه ڏنو ته هي ثقافتي ڪم بند ٿي ويندو.
ڪاريگرن جو هي به چوڻ هيو ته اجرڪ ٺاهڻ ۾ ڪافي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ۽ اهي ڪاريگر هي ڪم ڪري سگهن ٿا جيڪي نسلن کان اهو ڪم ڪندا اچن ٿا. ڪاريگرن جون ڳالهيون ۽ انهن جي هنرمندي ڏٺي سين. ته ڪافي تعجب به ٿيو. اجرڪ جو ڪم گهڻو مشڪل هيو. هن ڪم ۾وقت به وڌيڪ لڳي ٿو. هن کان سواءِ ڪيئي رنگ ڪيئي ٺپا استعمال ٿين ٿا. ڪيئي قسمن جا ٺپا، جيڪي ڪاٺ مان ٺهيل هيا. ڪاريگري تمام تيزي سان ٺپا رنگن ۾ هڻي اڇي ڪپڙي کي ڇُري رهيا هيا.
هي مرڪز ڏسڻ کان پوءِ اسان اختر ٽالپر سان گاڏي ۾ چڙهي حيدرآباد روانا ٿياسين. ڪلاڪ کان پو اسان منزل تائين پهتاسين. اخترٽالپر کان موڪلائي سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس آياسين. ماني کائي، گهڙي کن ٽي وي ڏسي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ سمهي پياسين.
صبح وقت مان ۽ صابر صاحب سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جناب جي اي الانا صاحب سان ملياسين، شڪريو ادا ڪيوسين ته هيترا ڏينهن اسان کي مهمان رکيو. ڪافي خيال به رکيو ويو. ڪلاڪ کن ساڻس ڪچهري ٿي. جنهن ۾ سنڌ بلوچستان جي ادبي ڪم بابت ڳالهيون ٿيون. پوءِ اسان موڪلايو ۽ انسٽي ٽيوٽ آف سنڌيالوجي وياسين.
انسٽي ٽيوٽ آف سنڌيالوجي (سنڌالاجي)
جڏهن اسان انسٽي ٽيوٽ آف سنڌيالوجي وياسين ته اتي هڪ ڪارڪن اڳواٽ اسان جي انتظار ۾ هيو. جو وائيس چانسلر جناب جي اي الانا صاحب کين اڳ ۾ چيو هيو ته بلوچستان جا مهمان توهان ڏانهن اچي رهيا آهن.
سنڌيالوجي جو ڊئريڪٽر عبدالقادر جوڻيجو ڪونه هيو. جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ هئي. پوءِ به هن ڪارڪن اسان کي ڀليڪار چئي. چانهه جي به صلاح ڪئي پر اسان چاءِ پيتي هئي. کيس چيوسين ته اسان کي سنڌيالوجي گهمايو.
هن صاحب اسان کي ميوزيم جي گيلري ڏيکاري. هن ميوزيم جون ٻيون به ڪيئي گيلريون هيون. جيڪي پنهنجي مٽ پاڻ هيون. هتي سنڌ جي مشاهيرن جي گيلريETHNOL OGICAL GALLERY سنڌ ۾ رهندڙ قبيلن جي اٿڻي ويهڻي لباس، طرز زندگي، ڌنڌي ۽ ڪم جو نمونو ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ اوڏ قبيلو، ڪولهي، هندو، جوڳي، جت، سماٽ، ميمڻ، شيدي، ٿري، بلوچ ۽ سنڌي ثقافتون گڏ هيون. ٻئي طرف انهن قبيلن جي نياڻين جي زيورن کان به عام ماڻهو کي آگاهه ڪرڻ لاءِ رکيو ويو هيو. اهي زيور صدين کان سنڌ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صدين کان سنڌ ۾ رهندڙ براهوئين بابت ڪا معلومات هتي موجود نه هئي. نه بروهين جو ذڪر به هيو. حالانڪ سنڌ ۾ بروهي ايسوسئيشن پاڪستان، مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ براهوئي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد رکڻ ۽ بروهي ويلفيئر ايسوسئيشن سنڌ هجڻ اتي قوم پرست ساٿين خاص طور بي ايس ايف جو مرڪزي چئرمين علي احمد شاد، ڊاڪٽر داد محمد خادم ، افضل بروهي، محمد اسماعيل بروهي، محمد ابراهيم، فيض محمد بروهي، سراج احمد بروهي وغيره آهن. هن وقت به سنڌ يونيورسٽي ۾ بي ايس ايف ۽ بي ايس او جي ڪيئي دوست پڙهي رهيا آهن. انهن تي لازم آهي ته ان طرف توجه ڏين. ان ريت بروهي ويلفيئر ايسوسئيشن، بزم مولائي شيدائي جيڪب آباد، براهوي پبليڪيشن ۽ سنڌ ۾ ٻيا به علمي ، سياسي ادارا، سنڌالوجي ۾ براهو.ي معلومات لاءِ براهوئي گيلري کولڻ جي ڪوشش وٺن جيئن هن زبان ۽ قوم بابت عام ماڻهو کي معلومات ملي سگهي.
“بروهي قوم جو سنڌ ۾ حال” بابت ڊاڪٽر عبدالستار خان بروهي سنگت سلسلي جي ڪتاب“ ڪاروان” 1981ع ۾ لکي ٿو:
“بروهي قوم جو سنڌ ۾ لڏ پلاڻ وڏي تاريخ رکي ٿي. معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪڏهن کان بروهي قوم نقل مڪاني) Mass Emigration) شروع ٿي. هي حقيقت به ملي ته هي سلسلو وڏي وقت کان شروع آهي. جوهر بروهي جي تحقيق مطابق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ هن قوم بات معلومات ملي ٿي. جيڪا سنڌ ۾ سندن موجودگي جو اظهار آهي.”
جديد مورخن جو خيال آهي ته بروهي قوم جو موهن جي دڙي سان گهرو تعلق آهي. گهڻن جو هي خيال به آهي ته خود “ موهن جو دڙو” وارا به بروهي هيا. بروهي قوم جي لڏپلاڻ گهڻو ڪري ڏڪار جي سببان ٿيندي رهي آهي. خاص طور بلوچستان ۾ خشڪ سالي ٻن ٽن سالن کان پوءِ پوي ٿي. هن غريب قوم پنهنجو رستو سنڌ طرف جوڙيو آهي. ڇو ته بروهي قوم لاءِ افغانستان يا ايران ڏانهن ڪو ذريعو ڪونهي. ان ڪري هو سنڌ کي ترجيح ڏيندا رهيا. آهن. هونئن به سنڌ علائقو هنن کي ويجهو پوي ٿو. تڏهن هي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. سندن سنڌ ڏانهن اچڻ وڃڻ جو ٻيو سبب بلوچستان ۾ ٿڌ به آهي غريب لوڪ کي لڏڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.. تڏهن ان موسم ۾ هو پنهنجن علائقن کي الله واهي چئي هتي اچن ٿا. پوءِ ڪي هتان واپس پنهنجن ماڳن تي هليا ويندا آهن ته ڪيترا سنڌ ۾ رهي پوندا آهن. هنن جو هتي رهڻ ڪي ڌڻ ڌڻي پنهنجي مال جي گاهه سانگي م به سنڌ ۾ اچن ٿا.
بروهين جو هتي رهڻ جو خاص سبب هي به آهي. اهي پنهنجيون نياڻيون هتي ڏيندا رهيا آهن ۽ سنڌي سان هڪ طرفي مائٽي ڪندا رهيا. ان ڪري به هو سنڌ ۾ پنهنجن رشتيدان جي سانگي ايندا رهيا.
بروهي سنڌ ۾ گهڻو ڪري لاڙڪاڻي، ضلع نواب شاهه ۾ ڏسجن ٿا. ٻين ضلعن ۾ به ڪافي بروهي آهن. پوءِ به اڄوڪي دور ۾ به بروهي نقل مڪاني ڪندا رهن ٿا. سياري ۾ توهان روڊ جو سفر ڪريو ته توهان کي بروهين جون ڪافي دُڻيون نظر اينديون. جن وٽ ڏاند، اٺ، گڏهه يا ٻيو مال به هوندو آهي. سنڌ ۾ سندن ٻار ۽ عورتون پريشان حال هونديون آهن. جتي به رهائش ڪن ته اتي جهوپا ۽ ڀنگيون جوڙي رهن ٿا. سندن ذريعه معاش لاب يا ڪيڻ وغيره هوندو آهي. ۽ شهرن ۽ سيلرن تي مزدوري به ڪندا آهن.
سنڌ جا بروهي سنڌي زبان ادب ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ ڪم ڪن ٿا. جن منجهه نامياري قلمڪار، دانشور رحيم داد خان مولائي شيدائي جو نالو سر فهرست آهي. ان بابت سنڌيالاجي فوٽو سيڪشن ۾ مختصر هن ريت لکيل آهي:
رحيم داد خان مولائي شيدائي ولد شير محمد شاهواني بروهي 1894 ڌاران سکر ۾ ڄائو. 12 فبروري 1978ع ڏينهن وفات ڪئي. هن تيرهن ڪتاب لکيا.”
رحيم داد مولائي شيدائي بابت الله نور ذگر مينگل سنگت سلسلي جي ڪتاب “ بشا مِ”1983ع ۾ لکي ٿو:
مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جو ڏاڏو داد محمد خان شاهواني 1939ع ۾ مستونگ جي علائقي مان لڏي ڪوٽڙي ۾ آباد ٿيو. داد محمد خان جو ڏاڏو مير جمعو خان ، مير نصير خان والي قلات جي فوج جو سپاهي هيو. 1761ع ۾ پاني پت واري جنگ ۾ مير نصير خان جي لشڪر ۾ هيو. هن جنگ کان پوءِ مير جمع خان کي مستونگ جي علائقي ۾ کڏ ڪوچه واري جاگير عنايت ڪئي. مرحوم ملائي شيدائي جو ڏاڏو داد محمد 1843ع ۾ ٽالپر فوج ۾ شامل هيو. ۽ انگريز سان وڙهيو.
مير داد محمد خان جو پٽ مير شير محمد بروهي سکر ۾ آباد ٿيو. ان ريلوي ۾ نوڪري ڪئي. مير شير محمد پهريون ديسي ريلوي ڊرائيور هيو جنهن لئنسڊائون پل سکر تان ريل گاڏي هلائي. شير محمد کا خدا پاڪ 1894ع ۾ پٽ عطا ڪيو. ان جو رحيم داد رکيو.
رحيم داد انگريزي اٺين جماعت پڙهي 1919ع ۾ ريلوي ۾ نوڪري ورتي. ترقي ڪري آخرڪار ريلوي گارڊ ٿيو. نوڪري دوران 1934ع ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. 1939ع ۾ نوڪري تان استعفيٰ ڏئي سمورو وقت ادب جي حوالي ڪيو.
1974ع ۾ مختصر تاريخ بلوچستان لکي شايع ڪئي. مرحوم پهريون ماڻهو آهي، جنهن تاريخ بلوچستان شايع ڪئي. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو. 1942ع ۾ سنڌي اخبار “ هلال پاڪستان” حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. سنڌي ۾ ٻه ڪتاب “ جنت السنڌ” ۽ “ تمدن سنڌ” لکيا. جيڪي ڪافي مقبول ويا. ٻه ڪتاب“ مهدوي تحريڪ” ، “ سنڌ ۾ سياست” اردو ۾ ڇپيا. اردو ۾ سندس ٻه ڪتاب “ تاريخ قلات ۽ تاريخ بلوچستان” بلوچي اڪيڊمي ڪوئٽه ڇپايا.
مرحوم جو هڪ قلمي ڪتاب “ تاريخ سکر” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۽ ٻه قلمي ڪتاب “ تاريخ ٽالپور” ۽ تجارتي سنڌ” سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي وٽ آهن. “ تاريخ ٽالپور” هن سال ڇپجي پئي.
مرحوم جا 14 قلمي ڪتاب مون وٽ موجود آهن. جن ۾ مڪمل تاريخ بلوچستان، تاريخ اسلام، سوانح حيات مولائي شيدائي، سنڌ جا بلوچ قبيلا ۽ مقالات شيدائي چار جلد آهن. مرحوم انسائڪلوپيڊيا تي به ڪم ڪيو. سنڌ بلوچستان جي علم دوست ماڻهن جو فرض آهي ته مرحوم جي قلمي ڪتابن جي اشاعت ۾ مدد ڪن.
رحيم داد مولائي شيدائي جا ڪتاب گهڻو ڪري سنڌي ۽ اردو ۾ آهن. سنڌي زبان لاءِ هن وڏو ڪارنامو ڪيو. ان سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي به وڏو ڪم ڪيو.
هن سيڪشن ۾ سنڌ جي قلمڪارن، شاعرن، گلوڪارن، محققن، ليکڪن جا فوٽو ۽ سندن تعارف سان گڏ هيا. ان مان سنڌ جي تاريخ جي ڪافي پروڙ ملي ٿي.
ميوزيم جو هڪ حصو قائد اعظم گيلري آهي. قائد اعظم بابت فوٽو ۽ سندس حياتي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون رکيل آهن. هت اها هارمونيم به رکيل آهي، جنهن تي وقت جي نامياري موسيقار احمد علي غلام علي پاڪستان جو قومي ترانو ڪمپوز ڪيو هيو.
هڪ گيلري ۾ پراڻا هٿيار ۽ ٻيو سامان جهڙوڪ تلوار، خنجر، چاقو، منهن ڀرڻي بندوق، منهن ڀرڻو پستول۽ٻيون شيون.
هتي هڪ نئين گيلري وڌائي وئي آهي. جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪارنر جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو بنياد وزير اغظم پاڪستان محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه 14 جولاءِ 1994ع ڏينهن وڌو. هن گيلري جو چئرمين سينيٽر حسين شاهه راشدي کي ڪيو ويو. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جو چئرمين آهي. هن سلسلي ۾ وزير اعظم بي نظير ڀٽو 45 لک روپيه منظور ڪيا. هاڻ هڪ نئين پروجيڪٽ تي ڪم هلي رهيو آهي. جنهن کي بي نظير ڀٽو گيلري چئبو. هن سلسلي ۾ وزير اعظم بي نظير ڀٽو کي ٻاهرين ملڪن جي دوري دوران، جيڪي سوکڙيون ملنديون هيون ته اهي به سنڌالاجي جي هن ڪارنر کي ڏئي ٿي. جيئن هتي محفوظ رهن. جيئن هتي اڳوڻي وزيراعظم جون شيون محفوظ آهن.
جنوري 1963ع ۾ سنڌ اڪيڊمي نالي ادارو جڙيو. هن اداري جا ٻه مقصد هيا هڪ ته سنڌ بابت لکيل ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون يا ٻيو تحقيقي مواد گڏ ڪري هڪ تحقيقي لائبريري جوڙجي. ٻيو ته ٻين يونيورسٽين منجهان ڊگري حاصل ڪندڙ ٿيسز ڇپائجن. جن ۾ سنڌ بابت معلومات هجي.
هن مقصد لاءِ جڙندڙ هن اداري کي 1964ع ۾ هڪ مشاورتي بورڊ جي نگراني ۾ “ سنڌيالوجي” جو نالو ڏنو ويو. پوءِ هي فيصلو ڪيو ته هن اداري کي وڌيڪ ترقي ڏئي سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ ٻين تاريخي شين جو تحقيق جي ڪم آڻڻ لاءِ هي ادارو ڪم ڪري. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي وٽ هڪ سهڻي عمارت جوڙي وئي. جيڪا سهڻن رنگن ۽ ترتيب سان سنڌ ثقافت پيش ڪري رهي آهي.
هن وقت سنڌيالوجي ۾ 31000 سنڌي ڪتاب 22000 انگريزي ڪتاب 15000 اردو ڪتاب رکيل آهن. ان کانسواءِ 73000 قلمي نسخا به رکيل آهن.
سنڌيالوجي جي عمارت ڪافي متاثر ڪيو. جڏهن هن اداري ۾ اسان گهمي رهيا هياسين ته اسان کي وقت جو خيال نه آيو. ڇو ته هتي سڀ شعبا ڪافي دلچسپ آهن. جنهن ۾ ڪتابن لائبريري، پراڻن زيورن ۽ نوادرات جي گيلري کان سواءِ فوٽوگرافي، موسيقي، مصوري،آڊيو گيلري شاندار هيون. سنڌ جو هي ادبي ثقافتي ۽ تاريخي ادارو سنڌيالوجي هر سال ڪتاب ۽ رسالا ڇاپي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سنڌيالوجي، سنڌي ادب،زبان،ثقافت ۽ تاريخ جو بي مثال ادارو آهي.
انسٽي ٽيوٽ آف سنڌيالوجي جي عمارت مان نڪرڻ کانپوءِ اسان مرڪز مطالعه پاڪستان ۾ پروفيسر محمد يعقوب مغل سان ملاقات لاءِ وياسين، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، پروفيسر عبدالرزاق صابر صاحب جو پراڻو دوست آهي. هونئن به بلوچستان يونيورسٽي جي شعبه مطالعه پاڪستان ۾ ڪافي وقت گذارڻ جي ڪري، سڀن يونيورسٽين ۾ قائم مرڪز مطالعه پاڪستان جي استادن سان سلام دعا آهي. محمد يعقوب مغل وڏي قرب سان ڀليڪار ڪئي خوب ڪچهري به رهي. ان وقت اسان مرڪز مطالعه پاڪستان جي لائبريري ۽ مطالعي روم به گهمياسين. مرڪز جي هڪ استاد پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي سان به ملاقات جو ارادو هيو. پر هو اتي موجود نه هيو. جناب عبدالرزاق صابر ان لاءِ چٺي لکي اتي رکي. ۽ پوءِ اسان سيوهڻ ڏانهن ورياسين.
واپسي
منزل ماڻيندا، ٻپهري وقت سيوهڻ پهتاسين. سيوهڻ ۾ وڏي رش هئي. ڇو ته لال شهباز جو عرس شروع ٿي چڪو هو. جاتي ڪاٿي دڪان، هوٽل،سرڪس، جهولا ۽ ٻيون دلچسپي جون شيون ڏيکارجن پيون. سيوهڻ جي گهٽي گهٽي ۾ رنگ برنگي جهنڊا سنواريل هيا.
هي ميلا سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي اسلامي تاريخ جي حساب سان لڳن ٿا. ميلو جنهن کي سنڌي ۾ “ميڙو” به چون ٿا. هن لفظ جو بنياد، پراڻي زماني کان سنڌ جا ماڻهو صوفي، بزرگن، درويشن ۽ پيرن جي خدمت ۾ گڏ ٿين پيا. ۽ سندن ڳالهيون ٻڌندا هيا. آهستي آهستي هي سلسلو ايترو وڌي ويو جو سنڌ جي ڏورانهين علائقن جي عقيدتمندن جي اچڻ ڪري ميلا مچي ويا. هنن ميلن ۾فقير پنهنجي ساز سرندن ۽ چپڙين سان ايندا آهن ۽ انهن صوفين جا ڪلام ڳائن ٿا. ۽ هاڻ هي ميلا سنڌ جي ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ لڳن ٿا. هتي محفل موسيقي مشاعرو، سيمينار، ملاکڙو ۽ سرڪس ۽ ٻيون رانديون ۽ اٺن گهوڙن جي ڊوڙ، ڏاندن جي گوءِ، رڇ ۽ ڪتن جي بڇ ۽ ملهه جا مقابلا ٿين ٿا. هر طرف مٺائي،چوريون، هار،اجرڪ ۽ سنڌ جون ٻيون شيون دڪانداري سان گڏ سرڪاري ۽ غير سرڪاري محڪمن جا اسٽال لڳن ٿا.
جيڪي ميلا لڳن ٿا. لال شهباز قلندر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي،سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت، بيدل، بيڪس،حمل فقير، نجف علي شاهه لڪياري،عبدالله شاهه اصحابي، پير گاجي شاهه سيد ضمير شاهه، نوري ڄام تماچي ۽ شاهه گودڙيو ۽ ٻين بزرگن جا نالا آهن.
اڄ ڪلهه هي ميلا رڳو عقيدت جي ڪري نٿا لڳن. بلڪ هي ذريعه معاش جو وڏو ذريعو آهن. ڪيترن جي روزي ٺهي ٿي. محفلون به ٿين ٿيون. سرڪس لڳن ٿا. ۽ کيل وجهندڙ کيل وجهن ٿا. گلوڪار ڳائن ٿا. ناچو(ڇوڪرا) ۽ ناچڻيون نچن ٿيون. يعني رڳو عيش عشرت جون محفلون لڳن ٿيون. ڪجهه ميلن ۾ ادبي سيمينار ۽ مشاعرا به ٿين ٿا. مطلب ته گهڻو ڪري ميلن ۾ روحاني سڪون بدران رڳو تفريح جو سامان آهي.
اسانجي دل به چاهيو ته اسان هتي رات گذريون. پر رش جي ڪري ريسٽ هائوس ۾ جاءِ نه ملي. ڪافي ڪوشش به ڪئي سين. اسان سان گاڏي به هئي ان جي بيهارڻ جو به مسئلو هيو. مونکي حميداختر کي ميلي جا رنگ خوب وڻيا. پر اسان تي قسمت مهربان نه ٿي ۽ صابر صاحب به نه مڃيو. هو اسان جو وڏو آهي. جنهن چيو ته جيڪڏهن توهان کي هتي ڇڏيان ته اوهان خراب ٿي ويندئو. اجايو گهمندا وتندئو! ڏکاري دل سان ڪلاڪ کن کان پوءِ اسان سيوهڻ مان فريدآباد روانا ٿياسين. هن رستي تي پهريون دفعو ڪافي تيز رفتاري سان گاڏي هلائي ميهڙ پهتاسين. ته خبر ئي نه پئي. سج لٿي وقت ميهڙ پهچي وياسين.
ميهڙ جي بازار ۾هڪ ماڻهو ريڙهي تي تازي مڇي کپائي رهيو هو. مڇي ڏسي اسان جي دل به هرکي پئي.
مون پروفيسر عبدالرزاق صابر کي چيو ته هتان مڇي وٺي هلون. ڇو ته سومهڻي پوي ٿي. جوهر صاحب وارا هن وقت ماني کائي چڪا هوندا.
اسان مڇي واري سان ڳالهائي رهيا هياسين ته اسان جو هڪ شهر واسي محمد حسين اسان کي ڏٺو. انهن جي ڳالهه اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. هو ميهڙ ۾ دوڪان هلائي رهيا آهن. تنهن چيو ته مڇي خريد ٿا ڪريو. اسان هائوڪار ڪئي.
هن چيو ته مان توهان لاءِ سنڌ جي درياهي مڇي “ڪرڙو” ڳوليان ٿو. هو اسان کي ٻئي مڇي واري وٽ وٺي هليو. جتي هن سٺي مڇي چونڊي. جيڪا تقريبا ٻه ڪلو ٿئي پئي. ۽ ان جي بها اسي رپيا هئي. پيسا اسان جي دوست ڏئي ڇڏيا. اسان ڪافي ڪوشش ڪئي ته اسان پنهنجي خوشي سان هي خريد ڪريون ٿا. مگر هن نه مڃيو. هن صلاح ڪئي ته اسان وٽ هلي مهمان ٿيو. مگر اسان چيو ته اسان کي جوهر صاحب وٽ وڃڻو آهي. اسان هن دوست کان موڪلائي فريدآباد روانا ٿياسين. فريدآباد پهتاسين معلوم ٿيو ته جوهر بروهي سومهڻي نماز لاءِ ويل آهي. عبدالحميد انجم اچي مليو ۽ اسان کي اوطاق ۾ ويهاريو. ۽ پاڻ جوهر بروهي کي اطلاع ڏيڻ ويو. گهڙي کن ۾ جوهر بروهي به آيو ۽ اسان کي کيڪاريو. ڪافي خوش به ٿيو. جو ڪجهه ڏينهن اڳ سيمينار جي سنگت سان ڪچهريون ٿيون. جيڪي هڪ هڪ ٿي هليا ويا.
اسان سيمينار جي ڪاميابي بابت ڳالهيون ڪيون. ڪلاڪ کن کان پوءِ ماني آئي. مڇي تمام سٺي تريل هئي. ان سان گڏ سنڌ جو ساڳ به هيو. جنهن ڪافي مزو ڏنو.
مان جڏهن به سنڌ ويندو آهيان ته اتي مونکي مڇي ساڳ ۽ چانور جي ماني ڪافي وڻندي آهي. مان انهن شين جي فرمائش به ڪندو آهيان.مونکي ياد آهي جڏهن پهريون ڀيرو جوهر بروهي وٽ مهمان ٿيو هيس ته مون کي مڇي، ساڳ ۽ ڪڪڙ جي ڀاڄي کارائي هئي. ان کان پوءِ گلاس کير جو آندو. مان کير ڏسي پريشان ٿي ويس. ڇو ته اسان بلوچستان وارا مڇي کانپوءِ کير واري چانهه به ناهيون پيئندا. اسان کي هڪ نفسياتي خوف آهي ته جيڪڏهن مڇي کان پوءِ کير پئجي ته بيماري ٿيندي.
ماني کان پوءِ دير تائين ڪچهري رهي.۽ پوءِ ستاسين. صبح جو جاڳياسين ته جوهر صاحب پر تڪلف ناشتو آندو. ناشتو ڪري ميهڙ لاءِ روانا ٿياسين. اسان سان جوهر بروهي ۽ عبدالحميد انجم به گڏ هليا. ميهڙ ۾ جوهر بروهي پنهنجي محبتن سان ميهڙ جو مشهور مائي جو پاڪٽ وٺي ڏنو. اسان ڪافي منع به ڪئي. نه رڳو مائو وٺي ڏنو.پر عبدالحميد انجم کي اشارو ڪيو ته هن ٻه ٽي درزن ڪيلا وٺي گاڏي ۾ رکيا. جوهر بروهي جي محبت ۽ خلوص يا مهمان نوازي جو اسان قدر ڪيون ٿا.سندس هي انداز وسارڻ جوڳو ناهي.
اسان جوهر بروهي ۽ عبدالحميد انجم کان موڪلائي لاڙڪاڻي روانا ٿياسين.
موسم ڪافي سٺي هئي. جاڏي ڪاڏي سنڌ جي ساوڪ روح کي تازو ڪري رهي هئي. لاڙڪاڻي پهتاسين. لاڙڪاڻو سنڌ جو مشهور شهر آهي. هن علائقي جي تاريخي اهميت هي آهي ته هي شهر پاڪستان جي نامياري وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو شهر آهي. هن شهر ٻه وزير اعظم ۽ چار وزير اعليٰ پيدا ڪيا. جن منجهه محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ممتاز علي ڀٽو ۽ قاضي اختر علي آهن. لاڙڪاڻي جو پراڻو نالو “ چانڊڪا” آهي. پر ڪلهوڙن جي دور ۾ لاڙڪ قبيلي جي ڪري لاڙڪاڻو سڏيو ويو.
ضلع لاڙڪاڻي جي ايراضي 2866 مربع ميل آهي. زراعت جي حوالي سان هي شهر ناميارو آهي. ضلع لاڙڪاڻو موهن جي دڙي جي ڪري به مشهور آهي. موهن جو دڙو لاڙڪاڻي شهر کان تقريبا 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اسان شهر مان گذري موهن جو دڙو ڏانهن وياسين. ٿوري دير کان پوءِ موهن جو دڙو پهچي وياسين.
موهن جو دڙو جا دڙا
لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر پري موهن جو دڙو جا دڙا آهن. جڏهن اسان موهن جو دڙو وٽ پهتاسين ته ميوزيم جي وڏي دروازي وٽ پوليس وارا بيٺا هئا. اسان کانئن محڪمه آثار قديمه جي دفتر جي پڇا ڪئي. انهن ڏس ڏنو ته ايئرپورٽ طرف ٿورو اڳتي وڃو. اتي بورڊ تي لکيل آهي. اسان اتي پهتاسين ته اسان جي ملاقات ڊائريڪٽر سيد حاڪم علي شاهه سان ٿي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ دانشور استاد بخاري جو ننڍو ڀاءُ آهي. اسان پنهنجو تعارف ڪرايو. ۽ افضل گل جو پڇيو. هن پاڻ وٽ ويهاري حال احوال ورتا ۽ هڪ ڪارڪن افضل ڏانهن موڪليو.
گهڙي کن کان پوءِ افضل گل بروهي آيو. اسان کي ڀليڪار چئي پنهنجي دفتر ۾ وٺي آيو چانهه بسڪوٽ کان پوءِ اسان کي دڙا گهمائڻ وٺي هليو. اڄ ڪلهه افضل گل صاحب آثار قديمه جي محڪمي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.
جڏهن اسان پراڻا دڙا ڏٺا ته حيرت ٿي. جو اڄ کان پنج هزارسال اڳ به انسان ايتري قدر ترقي يافته هيو. سندن اٿڻي ويهڻي، رهائش ماڳ، سندن غسل خانا ۽ پاڻي نيڪال لاءِ ناليون بي مثال هيون.
جناب افضل گل علائقي بابت معلومات ڏيندي چيو ته هن شهر ۾ تقريبا ڇهه سو کوهه هيا. جتان پاڻ لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هيا. ڪجهه کوهن جون ديوارون اڄ به سلامت آهن. اهڙي ريت ان زماني جا جوڙيل گهر، حويليون ۽ انهن جا ڪمرا. سندن اوچي فن جو مثال آهي. پروفيسر عبدالرزاق صابر ڪجهه سال اڳ سچل قافلي سان گڏ موهن جو دڙو ڏٺو هيو. پر مون ۽ حميداختر پهريون دفعو هي تاريخي ماڳ ڏٺو.
هن تهذيب بابت جناب افضل گل بروهي چيو ته سنڌو تهذيب جي هن مرڪزي شهر کي موهن جو دڙو سڏجي ٿو. هي دڙا 1911۾ ڏٺا ويا. ان وقت تحقيق ڪندڙ هندو ماهر جو نالو بينسر جي هيو. ان کان پوءِ آثارقديمه جو ماهر جان مارشل 1922ع ۾ هتي اچي تحقيق ڪئي. اها تحقيقات 1922ع کان 1936ع تائين هلي. ان تحقيق مطابق هي تهذيب 2500 قبل مسيح کان عروج تي هئي. ۽ ثقافتي اعتبار سان هن تهذيب جي هڪ جهڙائي سميري ۽ مصري تهذيب سان هئي.
علائقي جي ماڻهن چواڻيءَ هتي هڪ ترقي يافته قوم آباد هئي. شهر جي جوڙجڪ منجهان انهن جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ مذهبي طريقو ڄاڻي سگهجي ٿو. سندن ڌنڌو پوک هيو. پوک کان سواءِ واپار جو به ڪم ڪندا هيا. سندن جوڙيل جايون ساديون مگر سهڻيون هيون. اهي ناليون مٿان ڍڪيل هيون. جيئن انهن ۾گند ڪچرو نه پوي. ۽ بند نه ٿي وڃن. ان ريت گند لاءِ ڪچري دان به ٺهيل هيا. هنرمندي ۽ ڪاريگري ۾ هن قوم کي ڪمال حاصل هيو. هنن هر قسم جون شيون ٺاهيون سندن هنرمندي جو هي ڪمال هيو. جو اڄ به سندن ٺاهيل شين جهڙيون شيون سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي استعمال ٿين ٿيون.
جناب افضل گل تفصيل سان سير ڪرايو. اتي موجود سڀ کان وڏي ٻڌ اسٽوپا، جيڪو مينهن جي ڪري ڊهي پيو هيو ۽ سائين افضل گل جي نگراني ۾ ڪم هلي رهيو آهي.هن اسٽوپا جو فوٽو توهان ڏهه رپين جي پاڪستاني نوٽ پٺيان ڏسي سگهو ٿا.
هن دڙن کي ڏسڻ کان پوءِ اسان ميوزيم طرف وياسين. ميوزيم جي عمارت تمام سهڻي ٺيل آهي. جنهن جو بنياد 20 جنوري 1967ع ۾ ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب رکيو هيو. ان عمارت جي چوڌاري سهڻا گل ۽ ساوڪ، هن جاءِ کي ڪافي سهڻو ڪيو هيو. جڏهن اسان ميوزيم جي جاءِ تي پهتاسين ته اتي ڀليڪار لاءِ هڪ ڪارڪن ويٺو هيو. اتي موهن جو دڙو بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب به وڪرو ٿي رهيا هيا. ان عمارت جي مٿئين حصي ۾ ميوزيم آهي. جتي موهن جو دڙو منجهان نڪتل پراڻيون شيون رکيل آهن. سامهون هڪ وڏي پينٽنگ لڳل آهي. هڪڙي فنڪار جو ٺاهيل موهن جو دڙو شهر جو نظارو آهي. اها ڏاڍي سهڻي ۽ ترقي يافته شهر جي تصوير آهي. ميوزيم ۾ شيشن ۾ بند پراڻا زيور رکيل آهن. جهڙوڪ هار، جهومر، بازو بند، ڪنگڻ، چاندي جا رم جهول، منڊيون ۽ هاٿي جي ڏند مان ٺهيل ڦڻيون وغيره. هنن بابت لکيل هيو ٽي هزار سال قبل مسيح عورتون،سون، چاندي، ڪُٽ ۽ قيمتي پٿر ۽ ٻين مسالحن مان جڙيل زيور پائنديون هيون. ٻئي طرف مٽيءَ مان جوڙيل گڏيون، ڏاند، مينهن ۽ بيل گاڏي يا ٿانو رکيل هيا. انهن کان سواءِ راولپنڊي جي ڀرسان وهندڙ درياهه سوان جا پٿر ۽ اوزار به رکيل هيا.
هتي ڪوٽڏيجي قلعي جو نمونو مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هيو ۽ ان قلعي جو فوٽو به لڳل هيو. ڪوٽ ڏيجي قلعو سنڌ جو هڪ پراڻو شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري ديوارن هيون.اهو قلعو خيرپور ميرس کان پندرهن ميل پري آهي. هتي ٿانون جون ٺڪريون ۽ ٻيون شيون هٿ آيون.
هن ميوزيم ۾ آمري قلعي جي به وڏي تصوير لڳل آهي. چون ٿا ته آمري قلعو به ڪوٽ ڏيجي قلعي جي زماني جو آهي. هي موهن جو دڙو کان اڳ جو آهي. هن قلعي ۾ مختلف طرز جون جايون ٺهيل هيون. جيڪو موهن جو دڙو ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جڙيل هيو. هنن دڙن مان ڪنجهي، جست ۽ لوهه جون شيون مليون. ٿانون کانسواءِ تير، نيزا، خنجر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون .
موهن جو دڙو مان هٿ آيل شين ۾ دلن جون ٺڪريون، جن کي رنگ ڏنل هيا، مليون جنهن مان اندازو ٿو لڳي ته هي ترقي يافته قوم گذري آهي. هر شي جي رنگ روغن کان واقف هيا. هنن شين ۾ زندگي ۾ روزانو استعمال ٿيندڙ شيون مثلا ديڳڙا، جنڊ، ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جا ٽپ، ان رکڻ لاءِ گُنديون هيون.
عورتن ۽ مردن جا ٺاهيل بوتا، جانورن جا بوتا، مٽي مان (ٺڪر جا) ٺهيل ٿانو ۽ بيل گاڏي به هٿ آئي. انهن کان سواءِ موهن جو دڙو جي دڙن مان نڪتل اصل شيءِ اهي مهرون ٺپا آهن. جن تي ڪجهه لکيل آهي. انهن لکتن بابت تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي لکتون پڙهي سگهجن ته اهي “ براهوئي ٻولي” جون ٿي سگهن ٿيون. ان وقت پروفيسر عبدالرزاق صابر چيو ته هنن تحريرن بابت تازو ڪم پروفيسر آسڪوپر ٻولا جو آهي. هن موهن جو دڙو رسم الخط بابت ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ بروهين جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. اهي مهرون چوڪنڊيون آهن. جن ۾ ڪافي جانورن جون به تصويرون اڪريل آهن. جهڙوڪ گهوڙو، شينهن ، هاٿي، سوئر، واڳون، ڏاند ۽ انسانن جو تصويرون آهن. اهي مهرون يا ٺپا پٿر، مسالحي يا مٽيءَ مان ٺهيل آهن. هي مهرون علائقي جي ماڻهن جي فني ڄاڻ ظاهر ڪن ٿيون.
اهڙي ريت هن ميوزيم ۾ ٻارن جي راند لاءِ به ننڍيون شيون ٺهيل هيون. جنهن ۾ ڏاندن جا بوتا، ڦيٿن وارا ريڙها، پکين جون مورتون ۽ ٻيون شيون به هيون. جيڪي مٽيءَ، پٿر ۽ هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺهيل آهن.
موهن جو دڙو جي ڏسڻ کان پوءِ جناب گل بروهي، موهن جو دڙو ريسٽ هائوس ۾ اسان لاءِ پر تڪلف دعوت جو بندوبست ڪيو. منجهند واري ماني کان پوءِ به ڪجهه گهمياسين.
موهن جو دڙو جي گهمڻ جي ڪري ڪافي معلومات ۽ تاريخ جي ڄاڻ ملي. موهن جو دڙو ۾ هڪ هوائي اڏو پڻ آهي. جنهن کي موهن جو دڙو نيشنل ائرپورٽ چئجي ٿو. هتي روزانوٻه جهاز اچن ٿا. هاڻي هوائي اڏو وڌائڻ جو ڪم کنيو ويو آهي. جيئن وڏا جهاز به اچي سگهن. فوڪر جهاز سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن به اچن وڃن ٿا.
خضدار لاءِ به هڪ جهاز ويندو آهي.
ڪراچي وارو جهاز صبح جو اچي ٿو. جيئن سياح صبح جو موهن جي دڙي اچي، چار پنج ڪلاڪ گهمڻ کان پوءِ شام وقت ڪراچي هليو وڃي. ڇو ته هتي رهائش ڪانهي. رهائش لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻو پوي ٿو.
شام جو 4 بجي اسان افضل گل بروهي کان موڪلائي سکر لاءِ روانا ٿياسين. رستي جي ٻن پاسن کان وڻن جون قطارون ڪافي سهڻيون ۽ هوادار هيون. سج لٿي مهل سکر پهتاسين. هڪ هوٽل ۾ ڪمرو وٺي سامان رکي شهر گهمڻ وياسين.
سکر
درياهه سنڌ وٽ آباد سنڌ جو تاريخي شهر سکر، جيڪو سکر بيراج، مير معصوم شاهه جو منارو، مغلن جي دور ۾ ٺهيل مسجد منزل گاهه ۽ تجارتي منڊي هجڻ جي ڪري مشهور آهي. هي شهر سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو ترجمان آهي. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ پراڻو بکر جوقلعو به هن شهر جي تاريخ ۾ وڏو نالو آهي، اهڙي ريت لئنسڊائون پل ۽ گول پل به سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ٺهيل آهي. ان جو هڪ سهڻو نظارو آهي. هڪ طرف ريل لاءِ پل ٺهيل آهي. ٻئي طرف گاڏين جي اچڻ وڃڻ جو رستو آهي. لوڪ ڪٿا آهي ته هن پل کي ٺاهڻ ان دور جي ڪاريگرن ۽ هنرمندن جو وڏي مستري جڏهن هي پل جوڙي تيار ڪئي ته ان جا هٿ ڪپي کيس درياهه ۾ اڇلايو ويو.
سکر شهر تاريخي لحاظ کان پاڪستان جي پراڻن شهرن مان ڳڻجي ٿو. خاص طور معصوم شاهه جو منارو، جيڪو ڊگهي شڪل گول گول مٿي ڳاڙهين سرن سان ٺاهيو ويو. منارو سو فوٽ مٿي آهي ۽ وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. مناري جي مٿان سڄي سکر جو نظارو ڏاڍو خوبصورت لڳي ٿو. مٽي لوهه جو پڃرو لڳل آهي. جيئن ڏسڻ وارا هيٺ نه ڪري.
مناري جي دروازي تي هڪ ڪتبي تي تعمير جو سال لکيل آهي. هي منارو 1002 هجري مطابق 1593/94 ۾ ٺهڻ شروع ٿيو. ۽ 1013 هجري مطابق1604 ۾ تيار ٿيو. اهو منارو اڄ به صحيح سلامت آهي. پري کان ماڻهو ان کي ڏسڻ اچن ٿا. هتي معصوم شاهه جي تربت به ملي. ان سان گڏ ٻين جون به قبرون آهن.
سکر هڪ واپاري شهر طور ڪافي مشهور آهي. ان کان سواءِ سکر جيل به مشهور آهي. هتي بلوچستان جي ستن شهيدن مان ڇهن کي 15 جولاءِ 1960ع ۾ ڦاسي ڏني وئي. جن جا نالا: مير بهاول خان، مير بٽي خان، مير غلام رسول خان، مير مستي خان، امير ولي محمد خان ۽ مير جلال خان آهن.
سکر گهمڻ وقت پروفيسر عبدالرزاق صابرڪافي خوش هيو. هن جو سکر سان گهڻو واسطو رهيو آهي. 1980 کان 1982 جي سالن ۾ هر سال بصرن جي سيزن ۾ هتي اچي واپار ڪندو هيو ۽ هتان بصر يا پٽاٽا وٺي پاڪستان جي وڏين مارڪيٽن تائين پهچائيندو هيو.
هتي سکر ۾ گهنٽا گهر وٽ سندس ٻه دوست غلام محمد قمبراني ۽ محمد يوسف شاهواني رهن ٿا. پروفيسر عبدالرزاق صابر انهن کي ڳوليو. اوچتو محمد يوسف شاهواڻي سان ملاقات ٿي. صابر صاحب کي ڏسي ڪافي خوش ٿيو. پراڻي وقت کي ياد ڪري هن ڪچهري پئي ڪئي. محمد يوسف منهنجو به پراڻو واقف هيو.مون سان به حال احوال ڪيا. اتي هوٽل تي چانهه پيتي. چانهه کانپوءِ يوسف شاهواني اسان کي هڪ اهڙي هوٽل تي ماني کارائڻ وٺي هليو. جتي اڳ ۾ هو عبدالرزاق صابر اتي وڃي ماني کائيندا هيا. پراڻي وقت جون يادون هڪ ڀيرو وري تازيون ٿيون.
ماني کائڻ کان پوءِ اسان پنهنجي هوٽل ۾ اچي آرامي ٿياسين. هن هوٽل ۾ صابر صاحب واپار واري زماني ۾ گهڻو رهندو هيو. اسان گاڏي هوٽل آڏو بيهاري. صبح جو محمد يوسف وري آيو. اسان کي ناشتو ڪرايو. ان کان پوءِ بازار وڃي ڪجهه خريداري ڪئي. منجهند وقت سکر کان ڪوئٽه لاءِ روانا ٿياسين.
جڏهن اسان ڪوئٽه مان روانا ٿيا هياسين ته اسان جو پروگرام هيو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ رحيم يار خان وينداسين. جتي پروفيسر صابر صاحب جي ننڍپڻ جو دوست ۽ اڄ ڪلهه ناميارو قلمڪار ۽ اداره تحقيق تذڪره، تاريخ پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل پرويز الحسن صادق جي دعوت هئي ۽رحيم يار خان به گهمڻو هيو. پر حميداختر جي انٽرويو جي سبب موٽڻو پيو.
هڪ ارادو هي به هيو ته ريل يا ڪوچ ۾ حميداختر کي ڪوئٽه موڪليون ۽ اسان رحيم يار خان جناب پرويز احسن صادق ڏانهن وڃون! پوءِ هي خيال آيو ته حميد اختر هڪ نوجوان آهي متان سوچي ته ابو ۽ ابي جو دوست مونکي اڪيلو ڇڏي هليا ويا. انڪري ڪوئٽه موٽڻ طئي ٿي ويو.
اسان گهڙي پل شڪارپور ۾ به ترسياسين بازار گهمياسين ۽ شڪارپور جي مشهور اچار (کٽاڻ) خريد ڪئي جو مٿان رمضان شريف اچي پيو. اسان کٽاڻ جي دڪان تي هياسين ته گل شير هنين ملي ويو. ساڻس حال احوال کان پوءِ اسان شڪارپور مان هلياسين. جيڪب آباد جي وچان گذرندي، مينهن جي ڇيڻن جي بدبوءِ جي ڳالهه هلي. ڇو ته شهر ۾ صفائي جو خاص انتظام ڪونهي. حالانڪ سنڌ بلوچستان جي وچ ۾ اڏيل هن شهر جي جدا حيثيت ۽ تاريخ آهي.
جيڪب آباد کان پوءِ اسان بلوچستان جي حدن ۾ داخل ٿياسين.ڪڇي جي بيابانن مان گذرندي گذريل دور جون ڳالهيون ڪندا. بولان جي اڳ تي ڍاڍر ۾ پهتاسين اتي وري به سب انجنيئر ٽڪري خليل احمد جي چانهه پي بولان جا وروڪڙ اُڪري دشت جي صحرا مان گاڏي ڊوڙائيندي رات جو يارهين بجي خير و خوشي سان ڪوئٽه پهتاسن. اهڙي ريت هن سفر جو ڪجهه ڏينهن اڳ سرد صبح جو شروع ٿيو وري ٿڌي رات وقت پورو ٿيو.
***************************