ڪھاڻيون

پرهہ کان پھرين

ھي ماھتاب محبوب جي ڪھاڻين جو ڇپيل ٻيو مجموعو آھي، جنھن ۾ ارڙھن شاھڪار ڪھاڻيون شامل آهن. ماھتاب سنڌي عورت ڪھاڻيڪارن ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻيڪار آھي. ماھتاب جي ڪھاڻين جا ڪردار نج ۽ سچا، سماج جي ريتن، رسمن ۽ ڪار وھنوار مان کنيل آھن. ماھتاب جي ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ أسلوب نرالا ھوندا آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 53
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پرهہ کان پھرين

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب: پرھہ کان پھرين
ليکڪ: ماھتاب محبوب
تعداد: ٻارھن سئو
ڇاپو پھريون: 31 مارچ 1973ع
ناشر: محبوب علي شيخ
ڇاپيندڙ: سيد مظفر حسين
ڇپيو: پرفيڪٽ پرنٽرز، حيدرآباد
ٽائيٽل ۽ ڊزائين: صديقي
قيمت: سادو ڪاغذ. خوبصورت جُلد سان 3 روپيا
اوچو ڪاغذ، پڪي جُلد ۽ ڊسٽ ڪور سان 6 روپيا

ملڻ جو ھنڌ:
ارم پبليڪيشن
313 ڊي، يونٽ نمبر 6، شاھ لطيف آباد، حيدرآباد، سنڌ
۽ سنڌ جا جملي بوڪ اسٽور

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ماھتاب محبوب جي شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پرھہ کان پھرين“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ماھتاب محبوب جي ڪھاڻين جو ڇپيل ٻيو مجموعو آھي، جنھن ۾ ارڙھن شاھڪار ڪھاڻيون شامل آهن. ماھتاب سنڌي عورت ڪھاڻيڪارن ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻيڪار آھي. ماھتاب جي ڪھاڻين جا ڪردار نج ۽ سچا، سماج جي ريتن، رسمن ۽ ڪار وھنوار مان کنيل آھن. ماھتاب جي ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ أسلوب نرالا ھوندا آھن.
ھي ڪتاب 1973ع ۾ ارم پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي ڪمپوز ۽ پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت پاران سنڌي ادبي بورڊ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

پنھنجي محبوب شريڪ محبوب جي نالي

- ماھتاب محبوب

مهاڳ: روايت جي ابتڙ

هڪ همعصر جڏهن پنهنجي دور جي ٻئي همعصر کي قبول نه ڪندو آهي، تڏهن سندس ڪتاب جو مهاڳ لکندو آهي. پر، مون ماهتاب جي ڏات کي هميشه قبول ڪيو آهي. ان وقت به مان سندس فني قابليت جو قائل هوس، جڏهن هوءَ ماهتاب منور عباسيءَ جي نالي سان لکندي هئي، ۽ اڄ پڻ آهيان، جڏهن هوءَ ماهتاب محبوب جي نالي سان لکي رهي آهي. تنهن ڪري، ماهتاب جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ ڪوبه مناسب سبب منهنجي سمجهه ۾ اچي نه سگهيو آهي.
عام حالتن ۾ ڪوبه هوشمند شخص پنهنجي همعصر جي ڪتاب جو مهاڳ نه لکندو آهي. جيڪڏهن لکندو آهي، ته کيس پنهنجي مٿي تي هڪ عدد چٻرو ويٺل محسوس ٿيندو آهي، جيڪو کيس خوامخواهه افلاطون هئڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رکندو آهي. مون پنهنجي مٿي تي ڪنهن به قسم جي چٻري کي ويهڻ نه ڏنو آهي. منهنجو رشتو ڌرتي سان آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان آهي. مان ماهتاب جي ڪتاب جو مهاڳ ان ناتي لکي رهيو آهيان، جو هوءَ ڌرتيءَ جي ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. عام ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. سمجهه ۾ ايندڙ، سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون لکندي آهي.
مهاڳ، دستور موجب، ڪتاب جي مواد تي لکيو ويندو آهي. پر مان، ان دستور جي خلاف ورزي ڪندي ڪتاب جي مواد تي نه لکندس. ماهتاب جون ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. کيس پڙهندڙن جو وڏو حلقو آهي. مان پنهنجو رايو پڙهندڙن تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان. مان هميشه ان حقيقت جو قائل رهيو آهيان، ته نقاد ۽ مهاڳ لکندڙ کان وڌيڪ عام پڙهندڙ اهم آهي، جنهن جي ڪري، ۽ جنهن جي وسيلي ليکڪ زنده رهي ٿو؛ اُڀري ۽ اُسري سگهي ٿو. مان، تنهن ڪري ڪتاب جي مواد تي ڪجهه نه لکندس.
ٻارهن ـ چوڏهن سال اڳ جي ڳالهه آهي! تڏهن ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ پابنديءَ سان ڇپجنديون هيون، ۽ مان پنهنجي ڪا ڪهاڻي نئين زندگي رسالي جي صفحن تي ڏسڻ لاءِ سڪندو هوس. مان رسالي جي ايڊيٽر کي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موڪليندو هوس ۽ هو ڏاڍي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موٽائي موڪليندو هو.
ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڏسي مان خار کائيندو هوس. مون کان جڏهن برداشت ٿي نه سگهيو، تڏهن مون هڪ هفتيوار اخبار ۾ ماهتاب جي ڪهاڻي، ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر ۽ رسالي جي پاليسيءَ خلاف نجمه شيرين جي نالي سان تنقيدي خطن ۽ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو. مخفي نالي سان لکيل منهنجن خطن ۽ مضمونن پڙهندڙن ۽ ماهتاب جي صحت تي ڪو اثر ڇڏيو يا نه، تنهن باري ۾ مون کي ڪابه خبر ڪانهي. باقي ڪجهه پڙهندڙن کي منهنجو مخفي نالو، نجمه شيرين ڏاڍو وڻي ويو. هنن مون کي ايترا ته عشقيه خط لکيا، جو مجبور ٿي مون کي نجمه شيرين جي نالي سان لکڻ جو تنقيدي سلسلو ختم ڪرڻو پيو.
مون پنهنجي اصلي نالي، امر جليل، سان جلاوطن ٿي لکڻ جو فيصلو ڪيو. ان عرصي ۾ مون محسوس ڪري ورتو هو، ته ٻئي همعصر تي تنقيد ڪرڻ ۽ ساڙ کائڻ سان پنهنجي حصي ۾ ڪروڌ کان سواءِ ڪجهه نه ٿو اچي. مون هندستان جي سنڌي رسالن ۾ پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ سالن تائين منهنجي تحرير سنڌ لاءِ سڪندي رهي.
مقصد سان سچائيءَ جو درس مون کي ماهتاب وٽان مليو. عام عورت جي سجاڳي، وهمن، سنسن، ۽ دقيانوسي روايتن خلاف جنگ جوٽڻ ماهتاب جي ڪهاڻين جو مقصد آهي. سندس طنز جو زهر ڪنهن ڪنهن وقت ايڏو ته ڪڙو هوندو آهي، جو پڙهندڙ ماهتاب جي تحرير جي تلخي پنهنجي روح ۾ محسوس ڪندو آهي.
1947ع کان پوءِ، سنڌي ادب جي تخليقي ادب ۾ فقط ماهتاب ئي آهي جنهن پابنديءَ سان مسلسل ۽ لاڳيتو لکيو آهي. مسلسل ۽ لاڳيتو لکڻ سنڌي ادب لاءِ بلڪل نئين روايت آهي. ان روايت گهڻن ئي نقادن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. سنڌي تخليقي اديب جي ادبي عمر پنجن کان ڏهن سالن جي وچ ۾ هوندي آهي. دنيا جي ٻين ٻولين جي اديبن جي ادبي عمر پنجويهن کان پنجاهه، ۽ سمر سيٽ مهام جي معاملي ۾ ستر سال آهي. ان لحاظ کان ماهتاب سنڌي تخليقي ادب ۾ لاڳيتو ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي.
ماهتاب ضدي، ۽ پنهنجن فيصلن جي پابند رهي آهي. مان سمجهان ٿو، هن جڏهن ڪو سنڌي ادب ۾ لاڳيتي ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي، تڏهن ان کي پختو به ضرور ڪندي، ۽ لکندي رهندي.
تمام گهٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته ماهتاب منهنجي ڀيڻ آهي. نه فقط ايترو، هوءَ منهنجي پياري دوست محبوب شيخ جي گهرواري پڻ آهي. ٻئي زال مڙس زور آور آهن. منهنجي مٿي تي چٻرو ويهاري چيائون ته، ”هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لِکُ“. مون چٻرو اُڏاري ڇڏيو، پر سندن حڪم ٽاري نه سگهيس. تنهن ڪري، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو مهاڳ ناهي.

ڪھاڻيون

---

مِهڻي مونکي

ائي صدوري ڏس ته ڪير آيو آهي“ ڏيڍيءَ جي ٻاهران بگيءَ جي بيهڻ گهوڙي جي سنبن جو آواز ۽ هڻڪار ٻڌي رئيسياڻي پنهنجي شيدڻ نوڪرياڻي کي پريان ئي هڪل ڪئي. شيدڻ وٺي ڏيڍيءَ طرف ڊوڙ پاتي. ايتري ۾ ٻانهن جي ڪڙين جو کڙڪو ۽ پازيب جو ڇمڪو ٿيو. خبر تان پئي جو وڏيري گامڻ جي زال وڏيري ڀمان نروار ٿي. وڏي نٿ ڪاري ڏاوڻ سوڌو، هڪ هڪ پنڙو ڪن ۾، ست سَري دهري ڳچيءَ ۾ پائي، ڳري زال ’دلدل وانگر جُهومندي اڳتي آئي.
”ادي ڀمل ڀلي آئين، جي آئين!“ رئيسياڻي غلام فاطمه ٻه ٽي تيز وکون ڀريندي، وڏيري کي ڀاڪر وجهندي ڏاڍي قرب سان کيڪار ڪئي.
”منهنجي دلبر ڀيڻ، تنهنجو منهن ڇو لٿو پيو آهي، ڳاڙهي انب جهڙي، صفا هيڊي ٿي وئي آهين، اصل هڏائين مٺ وڃي بچي آهين، بنهه ڳاري ڪنڊا ڪري ڇڏيو اٿئي پاڻ کي!“ ڀمان رئيسياڻي ڀاڪر ۾ نپوڙيندي چيو.
”ادي بس“، رئيسياڻي کي ڀاڪر مان آجي ٿيندي چيو، ”صبر کان سواءِ پيو ڇا آهي.“
”آءٌ تنهنجون ڳالهيون ويٺي ٻڌان، اندر جلي ويو اٿم.“ ڀمان رئيسياڻي سان گڏ کٽ تي ويهي پگهر اگهندي چيو. ”ٽيون ڏينهن ته زينب آئي هئي، ويچاري ويهي نٿي سگهي جو تازي موقن جي آپريشن ڪرائي اٿس، تنهن تنهنجون خبرون ڪيون، سو دل چيم ته وڃي ٿو ڀيڻ کي ڏسي اچان، ڪيتري قدر ڳالهه آهي.“
”بس ادي، قسمت جو ڦٽي ته اُٺ چڙهي وڇون کائي ۽ جي ڀاڳ ٿو ٺهي ته دال منجها سيرو!، سو مُهاڻيءَ جو هينئر ڀاڳ آهي.“ رئيسياڻي پنهنجي پوتيءَ سان ڳوڙها اگهندي چيو.
”منهنجي ڀيڻ تون ڇو ٿي روئين، جيئَن تنهنجا ٻچا، ڪٿي شاهه ڪٿي گدا!“ ائين چوندي پنهنجي رئي سان رئيسياڻيءَ جا جهڙو ڀانيائين ته ڳوڙها اگهان ته چيچ اک ۾ هڻي ڪڍيائينس. رئيسياڻيءَ کان دانهن نڪري وئي.
”ائي ادي منهنجو تارو ڪڍي رکيئي!“
”ادي آءٌ صدقو ٿي وڃئين، الائي ڪيئن موئي آڱر جوش ۾ لڳي وئي، معاف ڪجئين.“
”ادي الله معاف ڪندئي، جيڪو منهنجي مقدر ۾ هوندو اُهو ته ملندو تنهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ رئيسياڻي رئي جي ڪنڊ کي وات سان ٽوڪر ڏيئي اک تي رکندي شيدڻ کي سڏ ڪيو. ”ائي صدوري ٿوري ماکي ته آڻي اک ۾ وجهيم.“ صدوريءَ ٽپو ئي هڪڙو ڏنو ۽ ماکي آڻي اک ۾ وجهڻ واري هئي ته ڀمان اوچتو رڙ ڪري چيس. ”ائي متان! ڏس ته ڇوري ڪيتريون ڳاڙهيون ڪئيليون شيشيءَ کي چهٽيون پيو آهن!“
اهو ٻڌي رئيسياڻي ڊپ مان اکيون بند ڪري ڇڏيون. ”رَن هاڻي انڌو به ڪنديم! ڪٿان منهنجي ڪاڻ قهار بڻجي آئي آهين!“ رئيسياڻي پويون جملو بظاهر ته صدوريءَ کي چيو پر اشارو ڀمان ڏانهن هو. ”مون پچر ڇڏي ماکيءَ جي- وڃ ٽر!“ صدوريءَ کي دڙڪو ڏيندي چيائين. ”ائي جيجي الائي نِپٽيون ڪيئن چڙهيون.“ صدوريءَ پنهنجون اڇيون اکيون ڦرڙائي واڇن کي ڏسڻي ۽ آڱوٺي جي زور سان اگهندي چيو.
”چڱو هاڻي وڃ، گهڻو نه ڳالهائي.“ رئيسياڻي ائين چوندي سولي ٿي ويٺي.
اَدي دُهري ته ماشاءَالله ڏاڍي جُڙي جڙي پئي ٺهنئي!“ رئيسياڻي، ڀمل جي گهُگهيءَ جهڙي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل دُهري جي رسمي تعريف ڪندي چيو.
”ڀيڻ دُهري ته گهڻي چڱي پر مٿان جا مُهري پئي لڳي تنهن ۾ مُرڳو هانوَ ٿو ٻڏي.“ سون ۾ ڳاڙهي ڀمان، تعريف ٻڌي خوشيءَ مان ڦونڊجي رومال سان پگهر اُگهندي چرچي مان چيو.
”مُهري لڳئي دشمن کي. ڳالهين ۾ خيال ئي لهي ويم جو کڻي پکو چالو ڪريان ها.“ رئيسياڻي چيو.
”ائي صدوري اِهو پکي جو بٽڻ تي هيٺ ڪر.“ رئيسياڻي وڏي واڪي سَڏ ڪيو. صدوري جيڪا اڳ ئي ڳالهين ٻڌڻ ڪاڻ در وٽ ڪن ڏيو بيٺي هئي، تنهن ڊوڙندي ڪوٺي ۾ اچي حڪم جي تعميل ڪئي.
اڃا پکو چُريو ئي مس ته ڀمان کي اچي نڇن جو دورو پيو. هڪ ته دُهري ۽ پنڙن نپائي ڏنو هئس مٿان وري آڇون، آڇون ڪري زال هٿن مان ٿي وئي.
”ادي اهو وري ڇا؟ گرميءَ ۾ به زڪام!“
”ڀيڻ، آڇون... اهائي... آڇون... مُئي علوءَ جي (ايلرجي) اٿم. گرميءَ مان ٿڌ، ٿڌ مان گرميءَ ۾ ويندس ته اجهو اهو حال ٿيو وڃيم.“ ڀمان نڇن دوران ڳالهائيندي چيو.
”آئي صدوري تون ڏسين ويٺي! جلدي ڪر پکو بند ڪر.“ رئيسياڻي ڪاوڙ مان چيو. ”اچي ڀيڻ هي وهاڻو، ٿورو ليٽي پئو ته ڪجهه آرام اچئي، گرمي ٿيئي ته دُهري کڻي پرس ۾ رک.“ رئيسياڻي همدرديءَ ڪندي سهڻي صلاح ڏنس پر ’مرسان، مرسان دُهري نه لهيسان‘ ڀمان ڄاڻي اها ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. ليٽي ليٽي وڃڻي هلائڻ لڳي. ڪجهه آرام آيس. نڇون به بند ٿيس. نيٺ سُر ڪڍيائين.
”ڀيڻ رئيس کي ڪهڙي بک هئي، مولا جو ڏنو سڀڪي اٿس. عزت، دولت نيڪ ۽ صالح اولاد ڀلا اها به ڪا عمر آهي شاديءَ جي!“ ڀمان سامت ۾ ايندي چيو.
”ادي اها ڳالهه نه آهي. ڀلي ست شاديون ڪري ها. پر ڪو خاندان ته ڳولي ها. ائين وڃي گپ ۾ ڪريو. اهو به نه سوچيائين ته ڇنڊا ٻين تي به وڃي ڪرندا. ڀيڻ آءٌ ته آئي وئي جي ٽوڪ ٽاڻي کان بيزار ٿي پئي آهيان.“رئيسياڻي ايتري هوندي به مڙس جي گلا يا پنهنجي ذاتي معاملي ۾ ڀمان جي دخل اندازي کي اگرو محسوس ڪندي لنوايو.
”چوين ته سچ ٿي، ڪتو به کائجي ڪُک به نه ڀرجي! ادي نبن کي اهو واجب ڪونه هو.“ ڀمان هيٺئين واٽ وٺندي چيو.
”ائي ڏسين نٿي ته ڪو مهمان آيو آهي. ڏند شيڪيو پئي قصا ٻڌين، وڃ وڃي پنهنجو ڪم ڪر.“ رئيسياڻيءَ صدوريءَ کي دٻ پٽائيندي چيو.
”ڏس ته رن جو مٿو ڦريو آهي!“ اِهو پرايو ٿيلهو ڪيڏانهن پئي کنيو وڃين، اِهو هتي هندوري ۾ رک ۽ ادي ڀَمُلَ لاءِ، سيگهه ۾ چانهه ٺهرائي کڻي اچ!“ رئيسياڻي صدوريءَ تي، ’سور سيدن جا، پٽجن امام‘ جي چوڻي مطابق وسندي چيو.
”ادي منهنجي چانهه ۾ کنڊ متان وجهرائين.“ ڀمان ائين رڙ ڪئي ڄڻ سندس چانهه ۾ کنڊ نه ڄڻ ڪو زهر وجهڻ ٿي ويو.
”آئي ادي ڇو؟“
”ڀيڻ مٺا پيشاب ٿي پيا اٿم، سو ڊاڪٽرن مٺاڻ واپرائڻ کان جهل ڪئي آهي.“ ڀمان همدردي حاصل ڪرڻ جهڙو منهن ٺاهيندي چيو.
”امان، مٺا پيشاب بابا کي به آهن نه!“ رئيسياڻي جي پنجن ورهين جي پٽ معصوميت مان ماءُ کان پڇيو.
”جِتي نه پوک اُتي اُڀريو بيٺو آهين، وڃ وڃي ٻاهر کيڏ، تنهنجو وڏن ۾ ڪهڙو ڪم.“ رئيسياڻي پٽس کي تڙي ڏيندي چيو. ڀمان به نينگر جي اوچتي سوال تي ڪجهه مڙئي شڪي ٿي وئي.


”ائي ادي، اِنهن مين بيمارين جي ته ڪا ڪَل ئي نٿي پوي. نه ٻڌيون نه سڻيون، الائي ڪٿاَن ڦٽيون پون.“ رئيسياڻي ڪراهت مان چيو. ”اڳي ته هنيون ڪونه هينئر اِهي سڙيا بناسپتي پيدا ٿيا آهن تن سڀ بيماريون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.“
”ها ڀيڻ، مڙيئي پڇاڙي آهي. چوڻي ناهي ته ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا.“ ڀمان هٿن کي ائين موڙو ڏنو ڄڻ سچ پچ، مٿانئس مڇرن حملو ڪيو هجي.
”ائي ادي خير گُهر، هينئر ئي پوڙهي به اچي ٿئينءَ، اڃان ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو ’چيڪلي پايان، پير گسايان، پير ۾ ڪنڊو‘ انهيءَ ساڳئي ڳوٺ ۾ گڏجي ڳائي ڪڏنديون هيوسين.“ رئيسياڻي، ڀمان جيڏي سرتي هجڻ جي حيثيت سان، پوڙهپڻ جو اهو الزام پاڻ تي عائد ٿيڻ جو ڊپ کان ڀمان کي جوان ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو.
”ادي غلام فاطمه! چئين ته سچ پئي پر پريشانين هڻي جهوري ڇڏيو آهي. ڪيترن سالن کان فصل به چڱو نٿو ٿئي؛ ٻيو وري ڀاڻهين کي دل جي بيماريءَ سان گڏوگڏ بليڊ پريشر، سو تپڻ تپايو پيو آهي. آءٌ پنهنجن سورن جي ڪريان ڪي سندس بليڊ پيشر جي. مون واريءَ بيماريءَ لاءِ ته ڊاڪٽر ائين پئي چيو ته اهو انساني جسم لاءِ هڪ اڏوهيءَ مثل آهي. جنهن ۾ اندر ئي اندر ماڻهو کاڄيو وڃي!“ ڀمان پنهنجا سور پٽيندي ۽ سچ پچ پاڻ کي ننڍي محسوس ڪندي چيو.
”ائي ادي، اسين اڳئي ڏکويل ويتر اهي ڳالهيون ته نه ڪر، اصل هانءُ ٿو کاڄي، ٻي ڪا خير خبر ڪر!“ رئيسياڻي نيڪ نيتيءَ سان چيو.
”ادي خبرون وري ڪهڙيون، مڙيئي گاڏو پيو گهلجي جهان جو.“
”ٻڌم ته اَدو گامڻ خان به رئيس جي نڪاح ۾ ويٺو هو.“ رئيسياڻي اصل موضوع تي آئي.
”ائي ادي قسم کڻاءِ جو ويچارو ويو هجي، باقي اهو سو آهي ته ادي رئيس وڏا وس ڪيا ته هلي، پر ڀاڻهين نابري واري بيٺو، چيئين، اسين ڪي بي غيرت آهيون جو پنهنجي ڀيڻ تي پهاڄ آڻيون.“ ڀمل مڙس جي وڪالت ڪندي چيو.
”ادي ماڻهن ته ائين پئي چيو ته ادو هُن مهاڻيءَ جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيو هو؛ پر منهنجي دل بنهه نه مڃيو!“ رئيسياڻي مٿئين دل سان چيو.
”ادي، شادي کان پوءِ جڏهن مڙسم ۽ ادي رئيس جو پرچاءُ ٿيو ته ڀاڻهين مونتي ڏاڍو زور ڏنو ته سفوران وٽ اچان وڃان پئي، پر مون چيو، اَڇو اَلله ڳاڙهو رسول- آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي دشمن ناهيان، توهين مرد آهيو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو، مونکان منافقي مُور نه پڄندي جو پنهنجي ڀيڻ جهڙي سرتيءَ جي پهاڄ سان جيڏڙپو رکجي. منهنجو ته آهي نور، جسين جيئري آهيان ته پنهنجي ڀيڻ جي ٻانهي آهيان، مري ويس ته ڇٽا سڀئي!“ ڀمان وڏي واڪ ڦونڊجندي چيو.
”جيجي، اجهو چانهه آندي اٿم.“ صدوري، چانهن هندوري جي پاسي ۾ رکيل ٽپائيءَ تي رکندي چيو.
”ادي چانهه جي پتي ته ڏاڍي سٺي آهي.“ ڀمان ڪوپ ۾ سيڪرين جون گوليون وجهندي چانهه جي تعريف ڪندي چيو، ”اسان کي ته نوڪر بيسوادي پتي آڻيو ڏين.“
”ڀيڻ تڏهن ته اهي بيماريون به وڌن ٿيو. اڳ ته ائين ڪونه هو پر جڏهن کان اهي مُئا ڀينگ پيا، ملڪ ۾ آيا آهن ته سڀ کائي پوٺو ڪري ڇڏيو اٿن، ايڏي ڪا ازلي بک اٿن جو اڃان تائين ڀِڀ نه ٿو ڀرجي.،
”چئين سچ ٿي، ڀَمل رئيسياڻي جي تائيد ڪندي چيو. ”آهن به ته مئا کائڻ جا کڏ ۽ هنگڻ جا ڳوٿرا.“
”ائي ادي هاڻي ٺهيو، هانوَ ته نه ڦيرائي.“ رئيسياڻي ڪراهت مان منهن ٺاهي وراڻيو.
”ٻيو ڇا! سچ ته چوان ٿي.“ ڀمل مرڪندي چيو.
”ادي ڪر خبر! هاڻي ادا جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ رئيسياڻيءَ موضوع بدلائيندي چيو.
”ادي نه کاڌي جو نه پيتي جو! هر ڳالهه ۾ رک ۽ پرهيز. گوريون بند ڪري ته وريو بليڊ پيشر وڌيو وڃينس. هاڻي ته سوچيو اٿئو ته مرسل جي پار کان ٿي اچون ته من ڪا سڻائي ٿئي. ڀاڻهين هن سال لاءِ منهنجو ۽ پنهنجو حج جو فارم ڀرائي آيو آهي، دعا ڪر ته اِهو مٺو پار گهمي اچون ته مديني جو مير سڻائي ڪري. پاسپورٽ ۽ ٻيا ٽيا سڀ تيار ٿي ويا آهن. اڌ کان گهڻو ڪم ٿي ويو آهي. روزن کان اڳ جيڪو پهريون جهاز پيو وڃي؛ جي ان ۾ ٽڪيٽ ملي وئي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، ڇو ته دير سان وڃڻ ڪري دير سان موٽڻو پوي ٿو ۽ پوءِ گرمي زياده هجڻ جي ڪري ڀاڻهين کي وڌيڪ تڪليف هجڻ جو ڊپ آهي. اڄ توسان ملڻ به انهيءَ لاءِ آئي هئس ته موڪلائي به اچان ۽ چيو چوايو پڻ بخشائي اچان. حياتيءَ جو ڪهڙو ڀروسو.“ ڀمان يڪ ساهي سڄو داستان ٻڌايو.
”ادي مولا مبارڪ ڪريوَ! ڪهڙوچيو چوايو ۽ ڇا جو بخشائڻ تون ته ڀيڻن کان به وڌيڪ آهين. مون لاءِ به اُتي دعا گهرجانءِ ته مولا مون تان به اِها آفت ٽاري.“ رئيسياڻيءَ پهاڄ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”چڱو ادي! هاڻي موڪلاڻي. شل پنهنجي ٻچن سوڌو خوش هجين!“
”مولا مددگار ۽ حامي ٿيندئي.“ ائين چوندي رئيسياڻي، ڀمان کي در تائين ڇڏڻ وئي
جڏهن کان ڪرڙوڍو رئيس غلام نبي عرف نبن، مهراڻ جي ڪپ تي اڏيل پکن مان چاليهن ورهين جي صفوران کي ’سول ميرج‘ ڪري حويليءَ ۾ وٺي آيو تڏهن کان صفوران سندس سڄي ڳوٺ ويڙهي ۽ وڳر جي اکين جو ڪنڊو بنجي وئي هئي. پنجن پٽن ۽ اٺن ڌيئن جي ماءُ تي پهاڄ پوڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه هئي. گهر ۾ ويٺي ويٺي لوڪ جا طعنا تنڪا ۽ مهڻا ٻڌي سندس اندر جا پتا پيا سڙندا هئا. ڏينهن رات پئي جهرندي ۽ پڄرندي هئي، پر تڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍيائين. اصل ماٺ... ڊنل ڊنل... هيسيل هيسيل، رئيس کان سواءِ ٻيو هو به ڪير جنهن کي هوءَ پنهنجو ڪري سمجهي ها. مِٽن مائٽن سان ته انهيءَ ڏينهن کان ئي لاڳاپا لٿس، جڏهن رئيس سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو.
ڳوٺ کان پري، صفوران کي رئيس، شهر ۾ وڏي عاليشان حويليءَ ۾ رهايو؛ جت سندس اڳيان پٺيان نوڪرياڻيون ڦرموٽين وانگر پيون ڦرنديون هيون پر کِکيون ۽ کاريون کائڻ واري صفوران ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. ڀل ست طعام پيا هجن پر تڏهن به هوءَ ڍوڍي ۽ بصر يا کڳي ۽ ڪُرڙي کي مٿن ترجيح ڏيندي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ نوريءَ وارو نياز سندس نس نس ۾ سمايل هجي. رئيس سندس عاشق هو. پر ڪن عاشقن جي فطرت ئي پنهنجي هوندي آهي. جڏهن عورت محبوب هوندي آهي، تڏهن سندس مقام دل جي خاص گوشي ۾ هوندو آهي. عاشق سڳورو پنهنجي عشق کي دنيا جي سڀني عشقن کان نرالو سمجهندو آهي ۽ کيس پڪو يقين هوندو آهي ته سندس جهڙو پيار ڪير به نٿو ڪري سگهي. مذحڪه خيزيءَ جون حدون لتاڙيندي هن کي ٽيليپيٿي ذريعي اها به خبر پوندي آهي ته سندس محبوبا کي هينئر ڪهڙا ۽ ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن ۽ ڇا ڪري رهي آهي. پنهنجي انهيءَ خداداد صلاحيت جو اظهار هو هر ايندي ويندي آڏو ائين ڪندو آهي ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس. ۽ جڏهن محبوبا سان شادي ٿيندي آهيس. تڏهن اهو عشق دل مان لهي ڏائي گوڏي ۾ اچي واسو ڪندو آهي، سو رئيس جو به اهو حال اچي ٿيو. صفوران سندس لاءِ هاڻي صرف زال هئي... گهر جي گندي. عشق ڪرڻ سندس وس ۾ نه رهيو هو، پر رسم عشق نڀائڻ سندس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي... سو انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سفوران کي چادريءَ ۾ سوگهو ڪري ٻين لفظن ۾ چوکنڀو ٻڌي پڪچر وغيره تي وٺي ويندو هو. روز مَڇيون ۽ ڄرڪا مارڻ واري آزاد گهراڻي جي سفوران کي قيد جهڙي حويليءَ ۾ سڄا سارا پنج سال گذري ويا، انهيءَ عرصي ۾ هوءَ هڪ ڌيءَ ۽ پٽ جي ماءُ به بڻجي وئي هئي.
جڏهن پاڙي جي ايڪڙ ٻيڪڙ زالن وٽس اچڻ شروع ڪيو تڏهن مس وڃي ڪجهه ساهه پٽيائين. زبيده کي ته پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. وس نه هلندو هئس نه ته جيڪر کيس پل نه اکين کان پري ڪري. چڱي چڱي دير تائين هوءَ وٽس هوندي هئي ۽ اڃان اٿڻ جي ڪندي هئي ته صفوران نماڻا نيڻ کڻي، وٺي واسطا وجهندي هئس، ”ائي واسطي الله جي تون وڃڻ وايون مَ ڪر. گهڙي ساعت ته ويهه؛ هينئر هينئر ته آئي آهين. اڃان ته سڪ به ڪونه لٿي اٿم!“. ”ائي ادي ڏس ته ڪيتري نه دير ٿي وئي آهي.“ هوءَ ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏسندي چوندي هئي.
”ائي چڱو هاڻي ويهه“ صفوران حجت مان سندس ٻانهن جهلي ويهاريندي چوندي هئي، ”انسانن جي منهن ڪاڻ پئي سڪان، قياس به ته نٿو پونئي!“ هوءَ پنهنجي بيحد ڀوائتي شڪل واري نوڪرياڻي ڌميءَ کي ڏسندي چوندي هئي ۽ پوءِ ڪجهه دير تائين، زبيده وٽس ترسي پوندي هئي.
اڄ به زبيده وٽس آيل هئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کيس احساس ڏياريندي چيائين، ”ڀيڻ صفوران؟ ڪيترو وقت گذري ويو اٿئي شاديءَ کي، پر تون اها ئي ’گنگوءَ جي غار‘ ۾ پئي آهين! گمنام جي گمنام. تنهنجا ٻار اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، زماني ۾ اٿندءِ ويهندينءِ نه، ته ڪير توکي سڃاڻندو؟ آخر تنهنجو به اوتروئي حق آهي جيترو رئيسياڻيءَ جو آهي.“
”چئين سچ ٿي!“ سفوران ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
”جڏهن اچان تڏهن اهو ساڳيو روڳ جهڙو ناسي وڳو پايو فراسيءَ تي ويٺي ڀاڄي سوئين يا چانور چونڊين!“ زبيده، سندس ڦٽل ناسي وڳي ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”مردن تي ڪهڙو اعتبار جنهن پهرين هوندي ٻي ڪئي سو ٽيجهي ڪندي به دير ڪونه ڪندو. جيسين ٿي سادي بڻجي پاڻ وڻائين، تيسين ٿي مورڳو مڙس وڃائين، تو ڇو پنهنجا بڇڙا حال ڪيا آهن.“
”ڇا ڪريان زبي!“ سفوران چانورن مان سُرو ڪنڍندي عاجزيءَ مان چيو. ”پهاڄ جو لقب اڳئي سر تي، وري جو ٺهي جڙي ٻاهر نڪران ته دشمن الائي ڪهڙا ويل وهائين.“
”منهنجي ڀيڻ رڳو وڏي بلڊنگ ۾ رهي ٻه چار نوڪرياڻيون چاڪرياڻيون ويهاري تون لوڪ ۾ پنهنجي ڪهڙي حيثيت برقرار رکي سگهين ٿي. گهر گرهستي پنهنجي جاءِ تي، راڄ ڀاڳ ۾ اٿڻ ويهڻ پنهنجي جاءِ تي.“
”آئي پوءِ ڇا ڪريان؟“
”ڪجهه گهر ڏي به ڌيان ڏي.“ زبيده معتبرائيءَ مان چيو، ”اهڙي عاليشان گهر ۾ به فرنيچر ڍنگ جو نه ڪو طريقو. اسين وچولي طبقي جا سادا سودا آهيو تڏهن به پنهنجو مان مرتبو رکيو اچون، ڪرائي گهر ۾ ڪو ميلاد دعوت ڏي سڄي شهر جي معزز زالن کي ائين ته ڄاڻ سڃاڻ ٿيندي.“
”ائي تون جو منهنجي ڀيڻ آهين، پوءِ مونکي ٻين جي ڪهڙي گهرج.“ صفوران وڏي پنهنجائپ مان چيو.
”ادي اها ته تنهنجي مهرباني آهي، پر مان به آخر پنهنجي گهر گهاٽ واري آهيان، ڪيترو تو وٽ ويهندس.“ زبيده کيس احساس ڏياريندي چيو، ”ڀل ته ٻيون به ڀينرون ٺاهي.“
”ائي ٻيون ته تنهنجي جتي جهڙيون به نه ڀانيان.“ صفوران سمورو پيار پنهنجن ننڍين پر انتهائي پرڪشش اکين ۾ اوتي ڏانهنس ڏٺو. منجهس ٻيو هو ئي ڇا، اهي اکيون ئي ته هيون جن کي ڏسي رئيس جهڙو مڙس به پوڙهي ڀونئر وانگر بولاٽيون پائڻ لڳو هو... زبيده ته وري به سندس سرتي هئي. موٽ ۾ مشڪي ڏنائين. ڇا ڇا نه هو انهيءَ مرڪ ۾ ڄڻ چئي رهي هجي ”تون ڪيتري نه سادي آهين صفوران!“ ۽ انهي ڏينهن هو تصور ئي تصور ۾ صفوران کي اعليٰ سوسائٽي جي بيگم جي روپ ۾ ڏسندي پنهنجي گهر روانو ٿي هئي.
اڄ ٻيو ڏينهن ٿيو هو جو ڀاڻس آچر جي مرڻ جي خبر ٻڌي صفوران رڙي رڙي سڄي حويلي مٿي تي کڻي ڏني هئي. رئيس نبن، جيڪو سندس ڀر ۾ ڏکارو ٿيو بيٺو هو، تنهن اچي اکين کي ورتو، مهٽي مهٽي اکيون رت ڪري وڌائين پر مجال آهي جو ڪو ڳوڙهو نڪريس. لاچار ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.
”رئيس!... مون تنهنجي ڪاڻ ڇا ڇا نه ڪيو. گهر تڙ ڇڏيم... مٽ مائٽ ڇڏيم، وڳر کان وڇڙجي هڪ ڪونج مٽل تو وٽ اچي رهيس... رڳو تنهنجي سر ڪاڻ!“ صفوران سڏڪا ڀريندي چيو.
”هائو سفو! آءٌ ڄاڻان ٿو...“ رئيس سندس ڀر ۾ ويهندي ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”آءٌ ڪا تنهجن مائٽن کي سڃاڻان.“ هن ڳوڙها ۽ نڪ اُگهندي چيو، ”تنهنجي پٺيان ائي آهيان.“
”آءٌ سڀ ڄاڻان ٿو صفو!“ رئيس ساڳيءَ طرح ڪنڌ هيٺ ڪري ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
”هيڏو سارو ڌندڪ جواڻ، ڀاڻم آچر هليو ويو؛ تنهنجن مائٽن مان ڪنهن جهاتي به نه وڌي! ٻيو ڪير نه، ته من تنهنجي زال ئي اچي ها. تڏهن به مونکي نڪ پوي ها!“ صفوران جو احساس جاڳي رهيو هو.
”دلجاءِ ڪر صفو!“ رئيس سندس پٺي ٺپيندي پيار مان چيو. ”سڀئي ايندا، کين ڄاڻ نه ٿي آهي؛ آءٌ ٿو ٻڌائي اچان!!“ رئيس ائين چوندي، حال جند ڇڏائي وٺي ڀڳو.
ٻئي ڏينهن ٺونٺون ٺوڪي جڏهن وڏي حويليءَ ۾ پهتو تڏهن نرتڪيءَ وانگر نئين چال هليائين. آخر به ته زماني جو گٺل پيٺل هو.
”ٻيلي ڳالهه ٻڌي اٿئي!“ رئيس زال آڏو آرام ڪرسيءَ تي ويهي اکيون چنجهيون ڪري سگريٽ جو سوٽو هڻندي چيو. ”منهنجي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي... تون منهنجو رت جگر آهين... غلطي ٿي سا ٿي... پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب... هوءَ وري به پرائي آهي؛ هلي ڀاءُ آچر جو افسوس ڪري اچينس.“ رئيس سگريٽ جو ٽوٽو چلمچيءَ ۾ اُڇليندي زال کي ايڪٽنگ ڀريل التجا وارا نماڻا نيڻ ڪري ڏٺو.
”اسانجو آچر سان ڪو ’ڊول ڪو چمٽو‘ جو هلي روئون!“ رئيسياڻيءَ موڙو ڏيندي چيو. ”اسين ڇو روئون آچر ڪاڻ!“ رئيسياڻي امالڪ کڻي نڙيءَ کان ورتس.
”ٻيلي منهنجي لڄ کي ڏس!“ رئيس، هيٺين واٽ وٺندي ليلايو.
”چڱو، توهان زور ٿا ڪيو ته وڃي ٻه پير ڀري اينديس.“
رئيسياڻي وري به ڏاڏي پوٽي هئي. مڙس کي مايوس نه ڪري سگهي ۽ رئيس سان گڏجي پهريون ڀيرو صفوران وٽ آئي. جيترو پڳس ٿڌا ساهه کڻي ڏک جو اظهار ڪيائين، ٻه چار ڪلاڪ ويهي واپس هلي آئي. هوءَ ته هلي وئي پر صفوران کي واقعي نڪ پئجي ويو.
”مار! هيڏي وڏي شان مان واري رئيسياڻي به آخري اچي پيش پيس!“ هر ڪنهن جي زبان تي اِهيئي اکر هئا. خود صفوران کي به اهو احساس هو ۽ انهي احساس، سندس اهميت سندس ئي نظرن ۾ وڌائي ڇڏي. جهڙيءَ طرح پڪن ۽ سخت هٿن تي مينديءَ جو رنگ نرم ۽ نازڪ هٿن کان، وڌيڪ تکو ۽ پائدار چڙهندو آهي، ساڳيءَ طرح دنيا جو رنگ به ڏاڍي تيزيءَ ۽ جٽا سان مٿس چڙهڻ لڳو. ۽ اهڙو چڙهيو جو نوريءَ واري نياز جو نشان به منجهس نظر نه آيو. نوري ته نياز هئي- سراپا نياز- صفوران ته پنهنجي خوف ۽ حراس کي نياز جي چادر ۾ ويڙهيو هو؛ جيڪا هاڻي ليڙون ليڙون ٿي وئي هئي. خوف ۽ حراس منجهس باقي نه رهيا هئا. سندس گهر، جنهن ۾ اڳ پراڻا موڙا ۽ فراسيون رکيل هيون انهن جي جاءِ نئين طرز جي فرنيچر ۽ قيمتي غاليچن ورتي، جلد ئي سندس شمار شهر جي معزز بيگمات ۾ ٿيڻ لڳو. رئيس به سندس نئين روپ کان گهڻو مرعوب ٿي ڏٺو. جڏهن ڪا ’نافرماني‘ ٿيندي هئس ته صفوران جي طرفان ’هيرو‘ ڳڙڪائي ’آپگهات‘ ڪرڻ جي ڌمڪي ملندي هئس ۽ مڙس ’ميلن ۾ گيسيون‘ ڪري ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي کانئس معافي گهرندو هو. ڏٺائين ته هاڻي ڦاٿس ته ڦٿڪڻ ڪهڙو. جهڙا ڏينهن ڏسڻا پيس اُهي پيو گهاريندو هو.
چڙهندڙ سج کي سلام- ٻيو ته ٺهيو وڏيري ڀَمان، جنهن جي حج جي جهاز ڇٽَڻ ۾ ڪي ڏينهن وڃي بچيا هئا، سا به ننهن، ڌيئن، ڏهٽين ۽ پوٽن سوڌو، پاڻ کڻائي اچي پُڳي. چيئين: ”اسانجي وڏي بزرگ ڀاءُ جي زال آهين ته اسان جي به وڏي آهين!“ ائين چوندي ادب مان پيرن تي ڪريس ’الله ميڏيان سڀئي پڄايان‘ وانگر صفوران اِهو مان ڏسي ٽڙي پئي.
”ادي توکي ڪير چوي مهاڻي! توهان ته پاڻيءَ جا مير آهيو! بحر جا مير!! توهان جهڙي ته ڪا ذات هجي. هڪڙي راڻي به ته توهان جي مائٽياڻي هئي نه؟ ڪهڙي نه نوڙت هئس جو باڇا کي به موهي ڇڏيائين. ڪير توکي چوندو مهاڻي! اسان ته رئيسياڻيءَ ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو- وڃ کڻي ته رڳو تنهنجي گلا. ادي مري جهان ڇڏبو پرائي پچر به ته ڏوهه آهي؛ چوي ٿي ته ڏاڍي ڪا زال آندي آهيس! ڀَمل چيو.
”ادي مونکي ته بس خدا ٺاهيو آهي. انهيءَ کي ته وڻان ٿي جيڪو وٺي آيو هيم.“
”ادي آءٌ ته ٻچن سوڌو تنهنجي غلام آهيان، چيم ته توکان به موڪلائي اَچان- چڱي چونٺ چمڻ ٿي وڃان.“
”ڀلي آئينءِ!“
”چڱو هاڻي موڪلاڻي.“
رئيسياڻي ته وري صفوران وٽ نه آئي پر ٻين لاءِ ڄڻ واٽ کلي پئي. ڏيرياڻيس حليمان، جڏهن پنهنجي ماسات (رئيسياڻيءَ) سان رُٺي تڏهن لڪندي ڇپندي پنهنجين ڌيئن سوڌو صفوران وٽ اچي لٿي. گلائو غيبتون ڪري چوٽ چڙهي ويون. سفوران به خوش ٿي پنهنجا ريشمي وڳا پهرائي ڌيئن سوڌو پلنگن تي چاڙهي ويهارين. ڦونڊائي ڦونڊائي سفوران کي عرش تي چاڙهي ڇڏيائون- ”تون اصل خاندانڻ، تنهنجو مٽ ڪير ٿئي؟ تون غريب نواز، دل جي سچي“- صفوران کي ساڻن جيتوڻيڪ ڪو دلي لڳاءُ نه هو، پر رڳو پنهنجي ڦونڊ جو ڀرم رکڻ ڪاڻ، پيئي کين منهن ڏيندي هئي.
اڄ جيئن ئي سفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان ويهي ڪيس پئي ڪيو ته زبيده ۽ عاشيءَ اچي کيس ڇرڪائي ڇڏيو. زبيده جو ته نه، باقي عاشيءَ جو اوچتو بيڊروم ۾ اچڻ کيس سٺو نه لڳو، ڇو ته اها وارن جي حقيقت کان بيخبر هئي.
”ائي ادي ڪيس پئي ڪرين؟“ عاشيءَ ايندي ئي حيرانيءَ مان پڇيو.
”نه ڀيڻ! ’هيئر ڪلر‘ ٿي ڪريان.“ صفوران لفظ ’ڪيس‘ جي تلخيءَ کي ٻڍاپي سان منسوب سمجهندي، انگريزي لفظ استعمال ڪيو.
”هان!“ عاشي شوخيءَ مان چيو.
”ڀيڻ تون وٽ مهمان آيل آهن ڇا؟“ زبيده ٽپائيءَ تان صوف کڻندي چيو.
”هائو ڀيڻ، ڏيرياڻي ۽ سندس ڌيئر آيل آهن.“
”اڳ ته ڪڏهن ڪونه آيون هيون؟“ عاشي چيو.
”بس ڀيڻ! ڀونءِ ڦرنديءَ جا ڀاڳ آهن.“ صفوران جواب ڏي تنهن کان اڳ زبيده مشڪندي چيو.
”ادي پر ويچاريون ڏاڍيون همدرد ۽ هڏڏوکي آهن... خبر اٿو ته پر سال جيڪو سخت بيمار ٿي هئس سو ڇو؟“
”ڇو؟“ ٻنهي گڏجي سوال ڪيو.
”ڏيرياڻي ٻڌايم ته رئيسياڻيءَ ڪارو علم ۽ جادو ڪرايا هئا... نه رڳو ايترو پر بوتا ٺاهي زمين ۾ پوريا هئائين!“
”ها... ا... ن!... پوءِ؟“ عاشيءَ جو وات پٽجي ويو.
”الله ڏيرياڻيم جي من ۾ وڌي، جو مون ٻچڙيوال تي قياس ڪري اُهي سڀ علم لڪي لڪي ضايع ڪرائي ڇڏيائون!“ صفوران شڪر گذاريءَ واري لهجي ۾ ڳالهايو.
”چئبو ته سرخرو ٿيڻ ڪاڻ ڪوڙ بدوڙو هڻي سڄو ڏينهن ٿيون تنهنجو رت ولوڙين“ زبيده ٽوڪيس.
”نه ادي ويچاريون اهڙيون ناهن.“ صفوران ڪيس وارا هٿ ڌوئي رومال سان نڪ اُگهندي چيو.
”نه وري ڇا، ڳڻتيون ڪري ڪري اَڇا پئجي ويا اَٿئي.“ زبيده چيو.
”ائي ادي اِهي اَڇا مُئا ته ائين ئي اچي خوار ٿيا آهن.“ صفوران اڇن وارن جي تصديق ڪندي وراڻيو. ”منهنجي عمر به ته ڪا وڏي ناهي ويهن ٻاويهن ۾ ته پرڻي هئس رئيس سان!“
”ها... ئو!“ زبيده ڄاڻي ٻجهي پاڻ تي عجب جي ڪيفيت طاري ڪئي.
”ڀلا ڪٿي آهن تنهنجا مهمان؟ ملاءِ ته سهي.“ عاشيءَ چيو.
”ادي ويون آهن سرڪاري باغيچو گهمڻ، ڄاڻ آيون.“
”بلي! همدرديءَ جي همدردي، گهمڻ جو گهمڻ. ڳوٺ ته ويچاريون ستن پردن ۾ بند پيون هونديون.“ زبيده کان رهيو نه ٿيو.
”خير نه اٿئي، اڄڪلهه جو پردو ٿيندو به ته رڳو ڀاءُ، پيءُ، پٽ يا مڙس کان آهي.“ عاشيءَ پنهنجو مشاهدو بيان ڪيو، ”رستي پنڌ، جت انهن تي نظر پئي، ڊپ کان جهٽ نقاب هيٺ.“
”چپ ڪر ته سفوران نه ڪاوڙجي پويئي!“ زبيده کيس تتبيهه ڪندي چيو.
”ڇو ادي؟“ عاشيءَ صفوران کان پڇيو. ”مان سچ نٿي چوان!“... پر حقيقتن جو جواب خاموشيءَ سان ئي ڏبو آهي. سفوران ڏانهنس رڳو مرڪي ڏٺو.
ايتري ۾ ڊراڪولا جي گائون جهڙي اڇي برقعي ۽ ڪارين چادرين سوڌو، پوڙهي ڏيرياڻي حليمان ۽ سندس ڌيئون به اچي پهتيون. زبيده ۽ عاشيءَ سان کيڪر ڪري اڃا ڀانيائون ته ويهون ته صفوران حجت مان کين برقعن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”وڃو! وڃي ٻوجها لاهيو، هانوُ ٿو ٻڏي... ماني تيار پئي آهي.“
”بس اِجهو ٿيون اچون هٿ منهن ڌوئي.“ ٻانهياريءَ جو بجو به سونو جي چوڻيءَ موجب، ماءُ ڌيئرن يڪدم حڪم جي تعميل ڪئي.
چڱو ڀيڻ صفوران! هاڻي اسان کي به اجازت ڏي.“ عاشيءَ اُٿندي چيو.
”ويهو ته سهي!“
”اسين ته رڳو توکي چوڻ آيونسين ته پريهن تيار رهجئين ته ادي ڀمان کي حج جي مبارڪ ڏيئي اچون.“ زبيده چيو.
”اچي وئي خير سان!“ صفوران ٽڙندي چيو.
”اڄ ٻيو ڏينهن اٿس.“ زبيده وراڻيو.
”اول خير پريهن هلنداسين.“ صفوران چيو.
”سائڻ!“ ڌميءَ ٻڪريءَ جهڙي آواز ۾ اوچتو پٺيان اچي صفوران کي سڏ ڪيو.
”ڏائڻ! ڏڪائي ڇڏيئي، ڇا اهي؟“ صفوران جي پهاڙ جهڙي جسم ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو.
”ماني رکي آهي ٽيبل تي.“ ڌميءَ کلي ڏند ڏيکاريا... سندس ستن پيڙهين، ڏندن صفا ڪرڻ جو ’فيشن‘ ئي ڇڏي ڏنو هو.
”هلي مهمانن کي ته ويهار، اسين اچون ٿيون.“ صفوران، ڌميءَ کي دڙڪي مان چيو.
”اُٿو ادي توهان به هلي بسم الله ڪيو.“ صفوران چيو.
”نه ڀيڻ، اسين ٻئي گڏجي کايو پيو اچون، تون وڃي بسم الله ڪر.“ زبيده چيو.
”ائي ادي خبر ڪونه اٿوَ ته آءٌ رئيس کانسواءِ کائيندي ڪونه آهيان.“
”ته پوءِ هلو ته اتيئي ٿا هلي ويهون. تنهنجي ڏيرياڻي اڪيلي ڌيئن سوڌو ويٺي هوندي.“ عاشيءَ چيو.
ٽئي ڄڻيون ڊرائينگ ڪم ڊائننگ روم ۾ اچي ويٺيون. حليمان، جنهن ڌيئن سميت ميز ۾ اکيون وجهي سندن انتظار پئي ڪيو، کين ايندو ڏسي بي تابيءَ مان چيو، ”ادي اچو! ماني پئي ٺري!“
”ائي توهين ماٺ ڪري ويهي کائو، اسان جي اون نه ڪريو!“ صفوران سهيلين سميت صوفن تي ويهندي چيو.
حليمان ۽ ڌيئن، فرمانبرداريءَ سان کائڻ شروع ڪري ڏنو هڏڙن جي مٺ پوڙهي ڏيرياڻيءَ جا هٿ پئي ڏڪيا، پر ڊپ کان ته متان ڪسر گهٽ ٿئيس، چمچو ڪيئن ڇڏي. اڃان ڪو چانور ذرو ڪري ته ڌيئن جون اٺئي اکيون ڪوڪلي جهڙي ماءُ ۾ کپيو وڃن. اٺن ئي اکين منجهان مختلف اشارا ٿيڻ لڳن. ويچاري حليمان جون اکيون اڳيئي ننڍيون ويتر جوڌيئن کي ائين ڪندو ڏٺائين ته ماڳهين اندر گهري ويس. کاڌو رت پونءِ ٿي ويس، پر تڏهن به پنهنجي ’عروج‘ کي ڏسيو ئي پئي ٺري، زبيده اهو نظارو ڏسي صفوران کي هوريان چيو.
”ائي صفوران، تو هنن سان ڪهڙا ويل ڪيا آهن. ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڄاڻن چمچن ڪانٽن مان!“
”ائي ادي! منهنجي گهر جو سڄو رعب ڏسي وڃي رئيسياڻي کي ٻڌائينديون!“ صفوران ڦونڊجي وراڻيو.
”مئو کڏس اهڙي رعب جو!“ زبيده چيو.
حليمان ۽ ڌيئون ماني کائي هٿ ڌوئي صوفي تي ويٺيون ئي مس ته يڪدم صفوران چين.
”ادي ٻاهر موٽر بيٺي اٿوَ، وڃي ڄامشورو گهمي اچو!“
”چاچي تون به ته هل نه، هيکلو وري ڪيئن مزو ايندو!“ حليمان جي وڏي ڌيءَ، شرم کان وٽجي سٽجي لانڍ ۾ ڳالهايو.
”وڃو، وڃو! ڌمي گڏجي ٿي هليوَ، رئيس جي اچڻ جي مهل ٿي آهي؛ آءٌ ڪيئن هلنديس.“ صفوران کين ڪوڙي پيار ڀريل حجت مان ڄڻ ڇنڀيندي چيو. اوچتو سندس نظر حليمان تي پئي.
”ائي ادي، اهو چمچل ٿي پايو وڃين! منهنجو کڙيءَ وارو سئنڊل پائي وڃ!“ ائين چوندي صفوران ڌيءَ کي ڪٻٽ هيٺان رکيل سئنڊل کڻي آڻڻ لاءِ چيو.
”نه، نه ادي، مونکي هيءَ چڱي آهي.“ حليمان کُڙيءَ جو ٻڌي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.
”ماڻهو ڪير؟ اسان جي عزت کي به ته ڏس!... هي سُڪل پلي جهڙا پادر پائي ويندينءِ!؟“ صفوران جي حجت ڀريل ڪاوڙ ۾ حڪم هلائڻ واري انداز حليمان کي ڪنبائي ڇڏيو.
”چڱو ڀلا ڏي...!“ حليمان ڄڻ پادرن جي پيهن مان ڳالهايو ۽ مجبوريءَ مان ڌميءَ کان سئنڊل وٺي پاتو. ڌيئون خوش ته اسان جي ماءُ کي ايڏي اهميت ۽ مان پيو ملي... ماءُ کي سر جي لڳي پئي هجي پر ڪيئن ڪڇي، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.
”ائي مارين ٿي پرائي هڏڙن جي مٺ کي، گوڏا ڀڃي چٽ ٿي ڪرائينس.“ زبيده، حليمان کي در ڏانهن ٿاٻڙندي ويندو ڏسي صفوران کي چيو.
”ادي چٽ ٿينس ته پيا ٿينس هتان ته نڪري.“ صفوران جي بيزاري ڏسي زبيده کي کل اچي وئي.
”چئبو ته هاڻي اچي ڪڪ ٿي آهين!“ عاشيءَ به کلندي چيو.
”بس ادي، دنياداري جو ڪرڻي ٿي... ڄڻ تلوار جي ڌار تي هلڻو ٿيو.“ صفوران معتبري ڏيکاريندي رعب مان چيو.
”مان ته ادي دل ۾ نفرت ۽ زبان تي محبت رکڻ واري دنيا داريءَ جي قائل ناهيان.“ زبيده چيو، ”سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب.“
”پنهنجو پنهنجو خيال آهي.“ صفوران ٿورو رکائيءَ مان جواب ڏنس.
معاملو سنجيده ٿيندو ڏسي، گفتگوءَ جو موضوع بدلي ٿوري دير ۾ عاشي ۽ زبيده به موڪلائي پنهنجي گهر روانو ٿيون.

صفوران جي مرضيءَ خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي هئي ته سندس موڊ سخت خراب ٿي ويندو هو، تنهن ڪري ڪنهنجي به مجال نه ٿيندي هئي جو سندس مرضيءَ خلاف ٿئي يا حڪم جي پوئواري نه ڪري... البته زبيده مٿائنس ڪڏهن ڪڏهن چوٽون ڪري وجهندي هئي، جيڪي کيس ناگوار ته لڳنديون هيون پر خبر ناهي ته ڪيئن سهندي پئي آهي.
صبح سان جو حليمان کي اجل کنيو سا حڪم هلائي وڃي بورچياڻيءَ گلان سان وڙهي ته قيمي ۾ لوڻ جهجهو وڌو اٿئي. گلا به ميس ميس ڪري روئيندي صفوران وٽ آئي.
”ائي ڇو؟“ صفوران نچڪڻي سان ڀرونءَ پٽيندي چيو.
”آون...آون آنهه آونهه. اِهين اِهين!“
”ائي توکي وري ڇا ٿيو؟“ صفوران نچڪڻو رکي مڇن لاءِ ’ٿريڊنگ‘جا سانباها ڪندي پڇيو.
”سائڻ! توهان جي هوندي حليمان مون تي حڪومت ٿي ڪري... مون سان وڙهي آهي... توهان لاءِ به لفظ ڳالهايا اٿس.“ گلان ساڙ ۾ اُهي ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيون جن جو جهيڙي سان تعلق نه هو پر جيڪي شروع ۾ حليمان ۽ هن سنمک ٿي ’ناني ڳوٺڙو‘ ڪري گڏجي ڪيون هيون.
”ڇا آهي آخر؟“ صفوران ڪڪ ٿي پڇيو.
”سائڻ! حليمان چوي ٿي ته منهنجو به حق آهي هن گهر ۾... رئيس سان ننڊي لاڪر راندون ڪڏيون هئم... ۽... ۽... “
”۽ ڇا؟“ صفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان اٿندي پلنگ تي ويهندي پڇيو.
”چئي ٿي ته پنهنجي ڪونج جهڙي، موتين جي داڻي مثل ڏاڏي پوٽي پنجن پٽن جي ماءُ ويٺي آهيس- پر ڦاٿو آهي ته اشراف کي نڀائڻي پئي.“ گلان پنهنجو هانوَ هلڪو ڪيو.
”تون بس ڪر، آءٌ پاڻهي ٿي ڏسان!“ صفوران چڙ ۾ بنهه باهه ٿي ويٺي. اکين مان ڄڻ اُلا نڪرڻ لڳس، ۽ منهن تي هيبت طاري ٿي ويس. انهيءَ مهل ئي وڃي حليمان تي ڪڙڪي.
”مائي! هينئر جو هينئر وڃو پنهنجي گهر. گهڻوئي رهيون، توهان ڇا ڄاڻو مانَ مان.“
”ادي اسان کان ته ڪا غلطي ٿي ڪونهي، تون ڇو ٿي ڪاوڙجين- مون ٻيو ته ڪجهه نه رڳو نياڻيءَ کي چڱائي چئي- هاڻي اسين ڪهڙو منهن کڻ مائٽين وينديوسين جو انهن کي ڇڏي تو وٽ....“
”ائي ٺهيو ٺهيو، پنهنجيءَ جون ڪونه ٿيون سو منهنجون ڇا لاءِ ٿينديون؟“
اوچتو مٿان رئيس آيو. حليمان کي ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ شڪايت واري لهجي ۾ چيائين.
”ادا، ڀاڄائيءَ کي ڏسين ٿو...!“
رئيس حليمان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ٻئي ڪمري ڏانهن چُپڙي ڪري هليو ويو.
”ائي ادي ڀلا ٽانگو ته گهرائي ڏي.“ ڪا واهه نه ڏسي حليمان، صفوران کي چيو.
”نوڪر واندا ڪونه آهن، پاڻهي وڃي ڪريو.“ صفوران بنهه اکيون ڍڪي ڇڏيون- ۽ انهيءَ مهل ئي هو برقعا پائي رمنديون رهيون. اڳيان حليمان پاڻ، پٺيان چار ڌيئون ٽانگو به ڪونه لڌن، الائي ڪيئن وڃي ڳوٺ ڀيڙيون ٿيون.
حاجياڻي ڀَمل جي گهر مبارڪ ڏيڻ وارن جي چهل پهل لڳل هئي تنهن سان گڏ گلن هارن ۽ مِٺاين جا هٻڪار پي آيا. ڀمان سڀني سان کلي کيڪرون ڪري دين ايمان جون مبارڪون وصول پئي ڪيون ۽ هر ڪنهن وٽ ٿوري ٿوري دير پئي ويٺي. گرمي به دوزخ جي هئي نوڪر ٿڌي پاڻي جا گلاس ڀري ڀري زالن کي ٿي ڏنا- زبيده، عاشي ۽ صفوران به پنهنجو گروپ ٺاهيون ڪچهري لايو ويٺيون هيون.
”زُبي، گرميءَ ۾ اُڃ کان ساهه ٿو ماندو ٿئيم!“ صفوران چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”پاڻيءَ لاءِ ته نوڪر کي چئينس.“
”ابا هيڏانهن پاڻي ڏجانءِ.“ زبيده نوڪر کي صفوران ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”هائو ادي!“ ائين چوندي نوڪر پاڻيءَ جي جو گلاس ادب سان کڻي صفوران ڏانهن وڌيو.
”ماسي پاڻي...!“
صفوران سڙي ڀُڄي گلاس ورتو. منهن جو پنون ئي لهي ويس.
”ادي، توکي اُڃ به لڳي، پاڻي به ڪونه پيتئي!؟“ زبيده صفوران کان حيرانيءَ مان پڇيو.
”اَئي ادي ڏٺئي؟“ صفوران ڄڻ شڪايت ڪئي. ”موئي هيڏي ساري ڏاڙهيءَ واري پاڏي، مونکي سڏيو ماسي!“
”ادي عمر جو ته ننڍو هو، ڳوٺاڻا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن، ويهن ٻاويهن جو هوندو. چيائين ته ڇا ٿيو؟“ زبيده وراڻيو.
”پر ڏس ته هاڻي توکي ٿو ننڍو سمجهي جو ادي ڪري سڏيائين ۽ مونکي وري وڏو!- ڀلا اسان جو بدن آهي ٿلهو تنهن مان سمجهيائين ته ڪا وڏي آهي.“ صفوران چيو.
”بس ادي، نه پاڻي گهُرين ها نه اهي سور ڏسين ها- تنهنجا ته کاڌا پيتا زهر ٿي ويا!“ زبيده ٽوڪ ڀريل همدرديءَ مان چيو.
”چئين ڇاٿي! زهر ٿين منهنجي دشمن جا- ڳالهائڻ جو ڍنگ ته سکي آ.“ صفوران چڙ مان چيو.
”ادي ڍنگ ته توکي آهي جو پاڻي ڦُڙيءَ ڪري هيڏا طائفا ڪيا اٿئي!“ زبيده به ٺهه پهه وراڻيو.
”ڇا ٿي پيو صفوران!“ عاشيءَ صلح ڪرائيندي چيو.
”مونکي ته نوڪر چاڪر امان ڪري سڏين ته به آءٌ ڪونه چڙان، هڪ سال پاڻ تون وڏي ٿيندينءِ... تنهنجو ته مڙس به وڏو آهي. منهنجو مڙس ته وري به تنهنجي مڙس جي پٽ جيڏو آهي، سٺ سال جو آهي مڙسهين!“
”چري ٿي آهين، دماغ ڦري ويو اٿئي. اُڻهٺ جو آهي، سٺ ۾ اڃان ٻه مهينا پيا اٿس، هينئر ئي تو سٺ جو ڪيس. آئي زبيده ٻڌين پيئ!“ صفوران دادرسيءَ جي اُميد ڪندي چيو، ”توکي ته رئيس صاحب جي سڀ خبر هوندي ته ڪيڏو هو؟“
”ادي مون ته جڏهن ڏٺو هو مانس ته پٺيان چولو ٻڌو پيو هئس، بانبڙا پئي پاتائين!“ زبيده وراڻيو.
”تنهنجا به انصاف آهن.“ صفوران چيو، ”وقت تي مسخري ٺهندي آهي، هينئر مسخريءَ جو ٽيم ڪونهي.“
”ادي پڇيو به تو، مونکي ڪهڙي خبر، ڪٿي جي جهار ڪٿي جي جهرڪي. رهي راهو جا، بهي باهوجا، تڏهن به ڪُتي ڪنؤري جن جي. مونکان ٿي پڇين، مونکي ڪهڙي خبر مڙسهين ابوالڦوڙاٺ جي عمر جي! آءٌ ڪا ڪُراڙ ته ڪونه آهيان. ننڍپڻ ۾ شادي ٿي ته ٻار به پاڻ جيڏا اٿم. توهين مڙهه ٿي ڪراڙ ٿي، پڙڻيون ته ننڍا ٻار ڏسيو پاڻ کي ڪِڪيون پيون سمجهو.“ زبيده ٿورو تکائيءَ مان چيو.
”ادي هروڀرو گرم ٿي وئي آهين.“ صفوران اٿندي چيو، ”آءٌ مرڳوئي هِتان وڃان ٿي.“
صفوران ڪجهه پريان وڃي فون جو نمبر ملائڻ لڳي. عاشيءَ کيس ويندو ڏسي مشڪي ڏنو.
”ادي مريم ڏٺئي!“ زبيده ڀر ۾ ويٺل هڪ زال سان ڳالهايو، ”مُڙس جي هڪ سال وڏي عمر ڪرڻ سان ڦٽجي پيو آهن. هاڻي اڻهٺ جو ٿئي ٿو؛ سٺ جو ٿيندي ڪهڙي ڪس ٿي لڳيس.“
”سڀ تنهنجون ڳالهيون ٻڌم ويٺي.“
مريم دلچسپي سان وراڻيو، ”کل کان ساهه ٿي نڪتو.“
”هاڻي ڏس ته، ادو يوسف به اسان جيڏو آهي. ان لاءِ ڪڏهن تو چيو آهي ته ڪو ننڍو آهي.“ زبيده اعتماد ۾ آڻيندي چيس.
”تنهنجي ته سچي ڳالهه آهي منهنجي عمر به ته ٽيهه سال آهي.“
”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين، ٻين جي اڳيان تون پنجويهن جي وڃي ٿيءُ- منهنجي اڳيان نه چئو- سڄا پندرهن سال ڳڙڪائي ويئين! پاڻ سال اڌ مونکا وڏي هوندينءَ!“
”ائي هاڻي ٺهيو، آهستي ڳالهاءِ ٻيون نه ٻڌن.“ مريم هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو. ”هوندو ڀلا کڻي آءُ بحث ڪونه ٿي ڪريان.“ موٽ ۾ زبيده ڏانهنس مشڪي ڏٺو.
”ڀيڻ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري پيون کلو مونکي به ته شريڪ ڪيو. هڪ کلمک عورت ساڻن گڏجي ويهندي چيو.
”ادي ڳالهيون وري ڪهڙيون، اڻهٺ جو ٿيو آهي سٺ تان مونکي وڙهي ڦٽي رکيو اٿن.“ زبيده وراڻيو.
”ادي شال سٺ جو نه ٿئي، اڻهٺ ۾ ئي پنڌ پوي. ڪهڙي نه ماڻهن جي ننڍڙي ٿيڻ جي عادت آهي- مائي آءٌ ته پنجاهه جي آهيان.“ کلمک زال، خوش طبعيءَ مان وراڻيو- ايتري ۾ ساڳئي نوڪر پريان ئي وڏي آواز ۾ صفوران کي مخاطب ٿيندي چيو.
”ماسي توهان جي موٽر آئي آهي!“
صفوران جنهن يڪو نمبر ڊائل پئي ڪيو تنهن ور وڪڙ کائيندي نوڪر ڏانهن ڏٺو. ويٺل زالون چپن ئي چپن ۾ مرڪڻ لڳيون.

چخ چخ

”مين اَکيا ڪيڏي پي ويندي هئين، ڏاڍي وٺو سينگار ڪيتي هي! هي ته خير؟”
”خير ڪيون نهين! مين ته جڏان ستر- ڪپڙي پيندي هان، جلدا ويندا هئين، اهو ڀي ڪوئي مڙسين دا شان اي؟ اهين ڏينهن به ڳيس متو دي ڇٺي تي دک ڳيو ئي طول ڪنون ته وڃ وهاڻي ڪون لڳوائي.“
”تون ته ڪائي ڀري بيٺي هئين! مئن پڇندا آخر ان لاءِ ٺهه جڙ وڃڻ دي ڪيهي ضرورت هي؟“
”ڪيون نهين هي!“
”اِهوئي ته پڇندا، ڪيا هي جو اِتلي گل ڦل وار ڪڍئي هئي!“
”اهو ڀي نه سهه سگهيوئي، اپڻي ڀي ته ڪر، صبح نال آئيني دي اڳون کڙدا هئين لپ سرمي دي گهت، اُنون اکيندا هئين ”آ رانجهن دي ما، تيل ذرا ته مارم مٿي ڪون! ميڏا ته هي چوٽا، تنهن ڪون ڦڻيان ڏي گل ڦل ڪڍان چا ڳتان ڪران، پر تيڏي ڏون گنج تي وال هن، انهان ڪون ڦيري ڏتي پيا ڦڻيان ڏيندا هئين. مَين تيئن ڪڻون ڀي ڳيس ڪيا-؟ مين سدا سهاڳڻ، ويندي پئي هان اپڻي امڙي ڪڻي، ڪيون نه ٺهه جڙ ويسان-“
”وات نه ڪر مئين نال- زالان گهر دي سونهن هونديان هن. تيڪون ته جڏان ڏيک تڏان برقي پئي هي.“
”مئين ڪائي“ ”گهر دي گندي“ نهين ها. آخر اٿسان ٻهسان- زماني وچ جو رهڻا هي. تين سڄا ڏينهن ڪهڙي ڪرڪر لاتي هي ميڏي پڇون! ”ڪرڪڻي ڪانڌ ڪنون ڀينگ ڀلي“ اهين ڪنون ته مئين ڪنواري چڱي هس، تيڏي نال ته نه پرڻيجان ها-!“
”پڇي ڪيون پرڻي هين؟ مين پهين ڏي ڪائي ميڙ چاتي هامين ڪيا؟“
”تين نه چاتي هئي ته ڪائي مين ڀي چاتي ها مين ڪا؟ درين دي اڳون تون لنگهندا هئين؛ ڪاغذين تي ڏهه ڏهه لک تون منجيندا هئين ۽ هڪ دفعا ماهين دي هٿون جليبيان ڀي متيان هئي. اهين مهل ماهين لور لور ڪر آئي ها وئي ته سوٽ جليبيان متيان هنين. اهو ڏينهن وسر ڳيا هئي، جو هڻ ميڏي ڪاڻ مڙس ٿي پيا هئين-!“
”مٿا ڦيهه ماهين دا، جا سڄا ڏينهن ڳچي وچ سير دا هس گهتي کنگهندي ٻيٺي هي. مردي پئي هي، تڏان ڀي سنيگار نهين ڇڙيندي!“
”ميڏي ماءُ دا نان نه گهن، اپڻي ماءُ دي ڪر جيڪا پنج مڻي سمٽ دي ڳوڻي وانگڻ ٻيٺي کانوان کانوان ڪريندي هي. چاچي ربو ڪون کان ڇوڙيا هس هڏڙئين دي مٺ ٿيا واه ٽلڪندا هي-“
”ميڏي ماءُ دا وڏا ويلا هئي! اپڻا پئي کؤندي هي، تين ڪَڻون ڪونه آپنيا هس-“
”کاوي! کاوي! اڃا ججها کاوي! پنجين وچون ويهين مڻين دي ٿيوي-“
”الله دان نان هئي ڇوڙ گهپي، تيرهين تيزئين وچ ميڏي پڇون-“
”مين پيا گهه پي ڪريندا هان؟ ڳالهه ڪيتي هم ته نڙي ڪنون چا پڪڙيا هئي.“
”مئين نال نه الا! مئين تپي پيئي هان، خدا دي سنهن! تين ميڪون تنگ ڪيتا ته مين رڙان ڪر روسان!“
”بسم الله! شروع ٿي ڪنهن جهليا هئي“
”اڙي... ڙي... ڙي...! تون ته سچي پچي روندي هئين. ڪجل ته سڄا وهه ڳيائي، ايڏي آ... ٻي ڪاني گهتئين.“
”هائي! هائي! ميڏي ڪهڙي ڀاڳ ڦٽي جو اهين“ گهر وڃ پرڻيج آيس.“
”ڇوڙ ڇوڙ رانجهن دي ما! چري ته نهين ٿي هئين اي ڪيا پئي ڪريندي هئين! منهن مٿا پٽ آپڪون اڌمويا ڪر ڇوڙيا هئي.“
”اُٿ، هڻي اٿ، مين تيڪون ڇوڙ آوان چاچي ڪني.“
”مين ڪونه ويسان.“
”ڪيون نه ويسين؟
”ميڏي مرضي!“
”اتلي ڪاوڙ! منهن اتي ڪر، ڏيکان. خدا دي سنهن! سينگار ڦٽ ڳيئي ته ڪهڙي نه سهڻي پئي لڳندي هئين اهين حال وچ.“
”تون ٺر. تون خوش ٿي.“
”مين ڀلا تيڏي نال ڪڏان سڙيا هان؟“
”نه الا مئين نال.“
”سڻ ته سهي...“
”مين واندي نهين هان... مائي جيوي! چاڙهه توَا ته ماني پڪاوان ڪونهي پئي ويندي هان. سڀ ٺر پهو.“

جيئڻ ڪارڻ جيڏيون

ڀيڄ موليٰ ڀيڄ! پلي کي واٽ الله جي مليل، نيت جي ماني کڻي ايندو ڏسي گانگٽ پريان ئي هٿ مٿي ڪري پنهنجي بلغمي آواز ۾ نعرو هنيو.
”يار وارو ڪر! ڏاڍي بک لڳي آهي.“ کڳي پنهنجي گرانٺ کن ڊگهي سڪل کاڏي، جا ڳالهائڻ مهل اڃان به انچ کن اڳتي کسڪي ايندي هئس؛ سا کڙڪائي ۽ تاش جا پتا کٽ تي اُڇلي، روڳ جهڙي پگهر ۾ پسيل گوڏ کي، ٿورو ڇڪي ٻڌو. الائي سندس گوڏ ۾ ڪهڙو خلل هو، جو هلڻ مهل مکين جو وڏو جلوس به پٺيان اُٿي هلندو هئس ۽ فضا ۾ ککيءَ ڌپ جا ڀڀڪا محسوس ٿيڻ لڳندا هئا.
”آخ ٿو...!“ پلي پنهنجي ناس گڏيل هيڊي کانگهاري سان پٽ تي رکيل گگهيءَ جي پاڙ لِمبي ڇڏيو ۽ ماني کڻي کٽ تي رکيائين.
ڏاڍي دير ڪيئي ير!“ گانگٽ کوهه جهڙي کٽ جي هڪ پاسي کسڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، پلي کي جاءِ ڏيندي چيو.
بش ير“ رنن جو راڄ ڀلا، جڏهن ماني ڏين مار پوين قلندر جي، ڪاڙهي ۾ بيهي بيهي لاهه نڪري آيا، گرميءَ کان آشل ”مگز ٽڙڪو ڏيئي ٻاهر ٿي نڪتو.“ پلي پٿلي هڻندي چيو. کڳو جيڪو ترڪي اچي ساڻس لڳو هو تنهن کي دڙڪو ڏيندي چيائين.
”اڙي! پري ڪر پنهنجا اُڀا گوڏا، پاسراٽيون ڀڄي وڌيون اٿئ.“
کڳي، جنهن جا ڍڪڻين سوڌو سُڪل گوڏا گوڏ مان ظاهر پي ٿيا سو ڦڪائيءَ مان کلندي اوڪڙو ٿي ويٺو.
”مار پوئي شولو ٿي ويهه، ڏشين نٿو ماني رکي آهي، انشان خطا جو گهر آهي.“ پلي ٻيهر حملو ڪيس پر تڏهن به جهڙو نرجو، لاچار هڪ گوڏي کي ليٽائي ٻيو گوڏو اڀو ڪري ويٺو رهيو.
ٽئي ڄڻا ڳجهن ۽ سرڻن وانگر جهپٽا هڻي ماني کائڻ لڳا.
”واه مرڻ وارا واه! جنت ۾ جايون هوندئي، موج ڪرائي ڇڏيئي!“ گانگٽ کي نري چوسيندي ڏاڍو مزو آيو.
”پر يار پيٽ نه ڀريو!“ ڏاٺ مان ٻوٽيءَ جو ڦاٿل ذرو ڪڍي وري چٻاڙيندي کڳي چيو. ڦاٽل گنجيءَ مان سندس ڇاتيءَ جا وار برباد آکيرن جي تيلين وانگر پکڙيل نظر اچي رهيا هئا.
”مار پويئي، شڄي ماني ته کائي وئين، ڪا تولاءِ ته ڪونه ملي هئي، پنهنجي گهر نٿي کاڌئي“
”گمُ نه ڪر دلبر! جهونا سلامت ته مانيو کوڙ، ڄاڻ آيا رهيا!“ کڳي، پلي جي پٺي ٺپيندي ٻه دفعا چپٽي وڄائي. ”پاڻ واري چاچي ربوءَ جوبه چاڙهو ڪونه اٿئي، بنهه هڏڙن جي مٺ وڃي بچيو آهي رڳو اٿس زبان، سا به ڪڙيون ڪساريون دوائون گوريون کائي کائي ڄڻ جتي جو ترو بڻجي وئي آهيس، چڱي مٺي ڳالهائڻ جي ڪا خبر ئي نٿي پويس... ڪالهه ڀائٽس قبر لاءِ جاءِ به جاچي ويو اٿس... واٽ الله جي ماني جي ماني کائڻ واري پاڙي ۾ اسان جهڙا مسڪين ۽ بي روزگار وري ڪي پيا هوندا ڇا؟ ڪيئن ٿو ڀانئين ڙي! کڳي، گانگٽ ڏانهن پنهنجي ٻاڏيءَ اک جو تير اڇليو.
”بابا، موليٰ مڙئي پيو سڻائي ڪري اسين ته دعاڳو آهيون سڀني جا.“ گانگٽ ڄڻ پنهنجي قبر ۾ نهاريندي چيو.
اوڳرائيءَ سان گڏوگڏ، ’آفيمي اسٽائيل،‘ جو نعرو بلند ڪري کڳي ٻوڙ وارا هٿ پنهنجي گوڏ سان اگهيا. گانگٽ اهو ڪم پنهنجي مڇن کان ورتو ۽ پلي منگهڻن سان ڀريل ڪڙي تيل واري رليءَ سان هٿ اُگهندي، تاش جا پکڙيل پتا ميڙيا.
حسن علي، اسانجي پاڙي جو چڱو مڙس ته نه، باقي بزرگ ضرور آهي. ستر ورهين جي عمر ۾ به ڪنوارو رهڻ جي ڪري نانا يا ڏاڏا ته ٺهيو، پر مجال جو کيس ڪو چاچو يا مامون چئي سگهي، البت ادا يا اَبا سڏائڻ ۾ کيس ڪو اعتراض نه هو، پر تنهن هوندي به ڪي سر ڦريا پرپٺ کيس گانگٽ جي خطاب سان ياد ڪندا آهن. ڇو ته سندس مڇون، گانگٽ جي مڇن کان به گوءِ کڻي ويون آهن. سندس ڍرڪيل چپ اُٺ جي چپ کي به شهه ڏيئي ويو آهي. گويا اُٺ سندس سهڻي چپ اڳيان شرمسار آهي. اها چوڻي ته: ’اچئي ٿو ڪانگ ڪارو هڻنئي ٿو چهنب چپن ۾‘ ساڻس بلڪل ٺهڪيو اچي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مرض ناهي جيڪو کيس نه هجي. هڪ گهمندڙ ڦرندڙ لاش... پر ’لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.‘ هڪ سيٽ آهي جا هنجو جياپو آهي!
جڏهن پٽيواليءَ تان رٽائر ٿيو ته اچي حيدرآباد ۾ پنهنجي اباڻي ڪوٺڙي وسايائين.
معمولي پينشن، مهانگائيءَ جو دور، نه ڪو پڇڻ وارو ۽ نه ئي ڪو ڏيڻ وارو. همراهه جا تاڪ لڳي ويا. جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته روز ٻه ٽي رپيا مٿين آمدني به هوندي هئس پر هاڻ ته بنهه ڀينگ هئي.
اڳ ئي پاڙي ۾ ٻن مستقل بي روزگارن پلي ۽ کڳي تپڻ تپائي ڏنا هئا، ويتر جو هي ٽيون به اچي سهڙيو ته ڄڻ سندن الله کڻي جوڙ جوڙي. اڳ ئي نينگر نچڻي ويتر پيس گهنگهرو ٿورن ئي ڏينهن اندر هن به پنهنجي ٻن ساٿين جيان پاڙي ۾ ڌاڪ ويهاري ڇڏيو.
پلو اڌ وهيءَ جي ويجهو هوندي به اڃا ڇڙو ڇانگ هو ائين به نه هو ته ڪو نڌڻڪو ۽ غيباڻو هو. پنهنجي وڏي وڳر ۽ ويڙهي وارو هو پر مهذب نموني سان پنڻ سندس پيشو ۽ عادت هئي. هنجي نڪمي؛ بداعمال ۽ بيڪار هئڻ ڪري سندس مائٽن به کائنس پاڻ پلي ۽ آسرو لاهي ڇڏيو هو. راتين جون راتيون اوتارن ۾ موالين شوالين سان گڏ ڪونڊا گهوٽي پيو ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جي پوئين پهر گهر جي ڀت ٽپي يا ڪڙا ڪنڊا کولي اچي ڊهندو هو، پر جڏهن گانگٽ سان ياري ٿيس تڏهن کان ساڻس گڏجي رهڻ لڳو.
مٿس پلو نالو پوڻ به هڪ عجيب اتفاق هو بلڪ نهايت ئي معمولي واقعو. پاڙي ۾ جهيڙا جهٽا ٿيندا ئي رهندا آهن، اهڙي ئي هڪ جهيڙي ۾ واٽ ويندي ڀورل ماءُ جي طرفداري ڪندي ٽپي پيو تڏهن ڀورل ماءُ گهر جي ڀاتين کي کلندي چيو هو ته اهو پلو پيو وڙهي، يعني سندس مراد اها هئي، جيئن ته هن کي تازو پلي جو پلاهه کارايو ويو هو تنهن ڪري سندس پاران وڙهڻ لڳو. اُنهي ڏينهن کان پوءِ سندس نالو ئي پلو پئجي ويو.
انهي واقعي کي ڪئي سال گذري ويا آهن پر اهو نالو مٿس ائين ئي قائم آهي، ڀل انهيءَ حقيقت جي کڻي ڪنهن کي سُڌ نه هجي.
طبيعت جو جيترو نرم ۽ مسڪين ايترو ئي وري تيز ۽ بي لحاظ. هڪ دفعي پاڙي جي ڪنهن شرير نينگر کيس چغلي هنئين ته ڀورل ماءُ توکي ’پلو‘ ڪري سڏيندي آهي، تنهن تي ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ ڀنگ پي اکيون ڳاڙهيو ڪري مقابلي جي خيال کان در وٽ اچي بيٺس.
”ماشي! توکي اشان پنهنجي ماءُ شمجهندا آهيو ۽ تو اشان کي پلو ٿي شڏين!“
”نه منهنجا ٻچا، توکي الله رکي! آءٌ ڇو توکي چونديس. مون ته پاڻ تنهنجي ساراهه ڪندي زماني جي ڳالهه پي ڪئي ته ويچارو پلي وانگر ٿڌو مَنو ٿيو پنهنجو پاسڙو وٺيو ويٺو آهي نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾!“ ڀورل ماءُ هُنجي اکين ۾ شور ڏسي صاف پلٽو کائي وئي.
”هان! هان! شو نه... شونه... آخر اسان جي ماءُ آهين نه! پلو ائين چوندي ٿڙندي ٿاٻڙندو اڳتي وڌي ويو.
”ٻيو نه ته ابا!“ پلي کي ويندو ڏسي ڀورل ماءُ کي پيٽ ۾ ساهه پيو.
”متان وري اِنهن ڪوڙن ڇورن جي چوڻ تي لڳو آهين.“
کڳي کي انهيءَ سان نوازڻ ۾ سندس ڊگهي وڌيل کاڏي، ڏرا ڏنل مُنهن ۾ تند جهڙي ڳچي جو وڏو هٿ آهي. ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو صرف کڳوئي ٿي سگهي ٿو.
کڳو هو ته ٻارن ٻچن وارو، غريباڻي حال پنهنجي ابي جو اجهو به هيس، پر سندس هڏ به حرام تي هريل هئا، زندگيءَ جا ڪجهه سال ڀورل جي گهر بورچيءَ جي حيثيت ۾ گذريا هئس، پر جڏهن کان ٻوڙ ۾ چچي، مانيءَ ۾ مکيو ۽ آمليٽ ۾ پنهنجي ممڙي جهڙي ٽنگن ۽ گهوڙي جهڙي ناسن جا ڇڻيل وار وجهڻ لڳو ته لاچار کيس رٽائر ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ کڳو لائي چائي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڪم جو نه رهيو. لائي چائي جو پيشو به ’خاشو‘ ٿيندو آهي، سدائين پئي ٻن ڌرين ۾ چخ چخ هلندي. جيڪڏهن ’مخالف ڪيمپ’ ۾ هوشياريءَ سان ’خبر‘ پهچائبي ته خاطرداري به ڏاڍي زورن تي ٿيندي آهي. پر اهو پيشو به گهڻا ڏينهن ڪونه هليس، ۽ کڳو چغل خور سڏجڻ لڳو. وس هلندو نه ڏسي آخري ۽ سڀ کان فائدي وارو پيشو، مهذب طرح سان پنڻ شروع ڪيائين. ’پارٽ ٽائيم‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي گهرن جو خرچي وٺي ننڍو سنڍو ڪم به ڪري ڏيندو هو. سندس گهر جون شريف ۽ ساديون زائفائون ويچاريون سڄو ڏينهن اڳٺ اُڻي رليون سبي ڇڪي تاڻي پيون پورت ڪنديون هيون پر کيس ڪا ڳڻتي ئي ڪانه هئي اُٽلندو کانئن ماري پئسا وٺي وڃي نشو پاڻي ڪندو هو.
گانگٽ جي ڪوٺڙيءَ ۾ پلي ڄڻ ننڍي پيماني تي ساقي خانو کوليو. جتي پاڙي جا سڀ ڇوڪرا ڀنگ تي هيريائين. گانگٽ وڏي عمر جي ڪري جيتوڻيڪ پاڻ ڀنگ پيئڻ جي لائق نه رهيو هو، ڇو ته سندس چوڻ آهي ته؛ ’هنجو مغز هينئر خالي ٿي چڪو آهي. نه ته مائٽ، اسان اُهي ڀنگون پيتيون، جو اڄڪلهه جي جوانن جي طاقت ئي ناهي‘- سو اڄلڪهه صرف نماڻي ٻوٽيءَ جي ساراهه ڪندو آهي ۽ اِنهيءَ جي تعريف ڪندي پاڙي جا الهڙ ڇوڪرا پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي پلي ڏانهن Pass on ڪندو آهي ۽ ڀنگ جي ڪمائي ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کڻندا آهن. وري جو خدا انهن جي ٻڌي ۽ ڀورل جهڙو نوجوان جو پاڙي ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسي وارو هو، سو سندن ور چڙهي ويو ته موليٰ هنن جا ٻيڙا ئي پار ڪري ڇڏيا. پلي ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو. پراڻي پيچش جو مريض گانگٽ، جنهن جا چوويهن مان چوڏهن ڪلاڪ ڪاڪوس ۾ گذرندا هئا تنهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي ڀر ۾ هڪ ’اٽيج ڪاڪوس‘ ٺهرايو نه ته آڌيءَ مانجهي سرديءَ گرميءَ ٺڪر جو ڪونئرو کڻي ڀر واري مسجد جي ’بيت الخلا‘ ۾ ڪاهي پوندو هو. هاڻي ڄڻ سُک ٿي پيس. بنا اوني ٿيو ويٺو هوندو هو. کڳي جون ڌيئرون پٽ ۽ زال بک ۾ پاهه پيا ٿيندا هئا تن به پيٽ ڀري کائڻ شروع ڪيو. پاڙي ۾ شال نه ڪنهنجو نوڪر ڀڄي وڃي تنهن گهر جو ٻوڙ ٻاڙي وٺي اچڻ جو بار به هنن مان ڪنهن هڪ تي رحم جي صورت ۾ نازل ٿيندو هو، ٻاهران ٻوٿ بڇڙو هوندن ۽ دل ۾ دهل پيا وڄندن. گانگٽ پريان ئي رڙ ڪندو ۽ ان سان گڏ وڏو ڪلمو ۽ چار وڏا قسم ٺڪاءُ جي صورت ۾ ظاهر ڪري چوندو. ”ملڪ ۾ مهانگ وڌي ويو، بنگال جو ڏڪر پئجي ويو! ماسي خدا جو قسم بصر ٽين رپئي سير!“ ماسي ويچاري به گهُرجائو ۽ مجبور، ٻچن کي ماني جو کارائڻي ٿيس سو ڪيڏانهن وڃي. يڪدم معصوم صورت ڪري چوندي: ”ابا مونکي سڄر خبر آهي. تون ڪلما نه پڙهه، گناهگار نه ٿي- تون سَون ۾ سرهو، توکي الله رکي، جيڪو تون چئين ٿو سو سچ اڃان به ساڍي ٽين رپئي هوندو اهو توکي ڏسي ٿا ٽين رپئي ڏين“ اتي گانگٽ جون مڇون خوشيءَ ۾ لغڙ بڻجي ڦڙڪڻ لڳنديون هيون. ”ماسي، اٿم ته ڪم گهڻا، پر تون ماءُ ويٺي آهين، توکي ناراض نٿو ڪري سگهان.“

ان بعد ٻوڙ جي پئسن کانسواءِ اٺ آنا پنڌاڻي ۽ سير مان پاءُ گوشت پنهنجي لاءِ تڳائي وٺندو هو. رهيو سوال وڌيل اگهه جو، سي پئسا ته هئا ئي سندس کيسي ۾، جيڪڏهن ڪنهنجو نوڪر نه ڀڄندو هو ۽ ڪجهه وقت جٽاءُ ڪندو هو ته گانگٽ پنهنجا سڀ گُر هلائيندو هو. جن ۾ پهريون گُر ته ان گهر جي گِلا سان شروع ڪندو هو، ۽ نوڪر کي چوندو هو ته: ”آءٌ انهن جو رت آهيان پر هي اهڙا خنوص (خنذير) آهن جو منهنجي ڏاڏيءَ جا جهومڪ ۽ دُهري به کائي ويا! ابا توکان پهرين به هت گهڻئي آيا پر هڪڙو ته مائي گاريال، سڄوڏينهن پئي وڙهسون ڪري ڪم ته ابا ڪنهنجو وڻيس ئي ڪونه.“ ان بعد جلد گانگٽ پنهنجو مٿيون چپ سڄائي ۽ منهن چٻو ڪري چوندو هو ”ابا جيڪو بدنصيب مهنو رهي نوڪري ڪري ته پگهارکان آڱوٺو! هڪ نه ٻيو بهانو ڪري مائي چوندي ته: منهنجا ٿانوَ چوري ٿي ويا ائين ڪري غريبان مار تي هري ويا آهن“- نتيجي ۾ سنئون سڌو نوڪر ٻئي ڏينهن غائب ٿي ويندو هو ۽ وري بار کڻن باري. اِهي ڳنڌڻ وٺڻ جا بار سڀ گانگٽ ۽ سندس ساٿين مٿان. هٿن جون ٻُڪيون ڏيئي ٻئي ڏينهن ساڌ ٿي چوندو هو: ”ماسي اِهي نوڪر وڏا خُنوص اٿو هينئر وري جو ڀُٽي صاحب مزور ڀاءُ، مزرو ڀاءُ ڪري مٿي تي چاڙهيو اٿن ته مالڪياڻيءَ کي ٿُڪ ئي ڪونه هڻن!“
”ٿُڪون هڻن پاڻ کي ڳالهائين ڇا ٿو!!“
”ماسي مون توکي ٿورئي چيو، ڳالهه ڪئي زماني جي. هڪڙو توهانجو ڪم ڪريون، وري مٿان سيٽ! وڃي ٻئي ڪنهن کان گهرايو سودو.“ گانگٽ جو منهن وساڻيل ڦوڪڻي وانگر ڍرڪي پيو ۽ چپ ذري گهٽ اچي گوڏن تي پيس.
”ابا مون توکي ٿوروئي چيو.“ اتي ماسي سُسي وئي.
”چڱو ڀلا ڏينم پئسا ته وٺي اچان.“
پلي جڏهن ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو هو تڏهن کان سچ پچ ته پاڙي لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو هئائين. سڄو ڏينهن رڪشا تي گهمي، واپسيءَ مهل پاڙي ۾ مائٽن جي هڪڙي گهر مان لنگهي ۽ سندس گهر جي ٻئي در يا دري مان ٽپي وڃي پنهنجي اباڻي گهر نشي ۾ چور ٿي کونگهرن ۾ پئجي ويندو هو ۽ رڪشا وارو ويچارو تنگ ٿي جڏهن هارن وڄائڻ شروع ڪندو هو ته کڳو ۽ گانگٽ اچي رڪشا واري جي نڙيءَ کان وٺندا هئا. ”اڙي شريفن جي پاڙي ۾ ڇوٿو هارن وڄائين، اهل بيتن جي گهر جي اڳيان! بي شرم آل رسول جو به خيال ڪونه ٿو پئيوَ. پنج تن پاڪ جي اولاد، تنهنجي گهر جي اڳيان گستاخي، تون ته ڪو يزيد جو اولاد آهين!!“ اڙي سائين مون ڪهڙو گناهه ڪيو! چار ڪلاڪ ماڻهو کي رڪشا تي گهمايو اٿم. ڪلاڪ هتي بيٺو آهيان، هينئر اجهو هن گهر ۾ گهڙي ويو آهي.“
”بي شرم! شريفن جي گهر ۾ ڪير گهڙي ويو؟ ڪتا، تنهنجي ايڏي همت. ڪلاڪ ٿيو آهي شريفن جي پاڙي ۾ بيٺو آهين! هي ته ڪو گڏهه ٿو ڏسجي!“ گانگٽ رڪشا واري کي گاريون ڏيندي آخر ۾ کڳي ڏي تڪيندي چيو.
”اڙي مردار تنهنجي اها مجال!“ کڳو به سِنگهه ڪڍي ساڄو ٿيو. ٻنهي ڄڻن گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو. رڪشا وارو وٺي ڀڳو، ان بعد ٻنهي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو: ”يار، پلو آهي ته پنهنجو، پر ائين واجب ڪونه هئس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن لال اکيون ڪري پلو ننڊ مان اٿندو هو ته کيس ڄڻ يادگيري به ڪانه هوندي هئي ته هن ڪنهن سان ويل وهايو هو.
ٽرن... ٽرن.. ٽن! ڪنهن يڪو ڊور بيل تي آڱر رکي ڇڏي.
”ائي گلان! ڇوري اُٿ ڏس ڪير پيو ٽرڙائي ڪري.“ ڀورل ماءُ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي بيزاريءَ مان چيو. ”اِهو مئا کڳا هوسي!“ گلان ٿانو ڌوئڻ اڌ ۾ ڇڏي اٿي در ڏانهن وئي.
”جيجي، مائين اڳهين آکيا ته اِهو نپٽا کڳا هي. اٽا منگڻ آيا هي اُڌارا.“ گلان واپس اچي چيو.
”ٻڌڻ ويو وسري لُڏڻ آيو ياد! شرم ئي ڪونهي ماڻهن کي.“ ڀورل ماءُ چڙندي چيو. ”سوَ دفعا اُڌي کُٽي ورتي اٿن، آءٌ ته واپسيءَ جو نالو ئي ڪونه وٺان ڪهڙو مسڪينن کان وٺبو، پر تڏهن به سيٽ نٿا ڇڏين جو اُڌار جو ٺپو لڳو اچي. وڃ ڏيئي اچينس ڪڻڪ داڻا.“
”جيجي مائين ڦڪي پيئي ٿيندي هان، ڪون ويسان، اڄ ول مُڇان به ڪاليان ڪر کڙا هي، ڪيس وٺو ڪِتا هِس، مئيڪون ڏيک کنگهڪار به ڪِتائين.“ گلان هٻڪندي چيو.
”اهڙو مڙس ٿي پيو آهي؛ آءٌ هڏ هڏ تي ڀڃرايانس، رڳو سائين اچي. جيڪو جيو سو جيو.“ ڀورل ماءُ گلان کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ڪڻڪ جي هڙ کڻي در ڏانهن وئي، کڳي کي ڏسندي ئي عجب مان چيائين:
”اڙي اَبا، ڇا ٿي ويو، تون معصوم ڪالهوڪو، جهڙو کوپ ٿي ويو اٿئي وات! شيخون ڏندن جون نڪتيون پيون اٿئي تنهن ۾ وري ڳاڙهو پان کاڌو اٿئي سو واڇن مان پيو وهيئي! سڙيا شڪل ته ڏس، ڄڻ نور پيو لڳين.“
کڳي ڦڪي کل کلندي پنهنجون مير ڀريل ٽن منڊين واريون آڱريون يڪدم ڏاٺن ۾ وجهندي وڏو وات ڦاڙي وراڻيو: ”رڳو هي اڳو پوءِ نڪرن ته نوان ڏند وجهرائيندس، نزلو ڇڏيئي ڪونه ٿو ان ڪري ڀڄي پيا.“ کڳي عمر جو الزام نزلي تي وڌو.
”پر ابا ڪو پڪو پوڙهو هجين ته به ٺهيو مس ٻاونجاهه ٽيونجاهه جو هوندين. مونکان ڪو ٻه ٽي سال ننڍو هوندين. پر تڏهن به منهنجو اولاد، ڇو ته منهنجا رشتا وڏا- آءٌ اڃا ٻٽيهي کنيو ويٺي آهيان، تون سرمي جي لپ پائي ڪِنا ڦسا ڏند کنيو بيٺو آهين، وڃي سين سان ڏند ڪڍرائي.“
”جيجي هاڻي وڃي ٿو وجهرايان.“ ڏندن کي لوڏو ڏيندي چيائين. ”غلام آهيون توهان جي در جا. بس اسان جي پارت هجيئي.“ کڳي ٻئي هٿ جوڙيندي ڳالهه ڪئي ۽ ڪڻڪ وٺي دعائون ڪندو اڳتي وڌي ويو.
”توبهن روح ڦيرائي ڇڏيو موئي.“ ڀورل ماءُ ٿُڪ اڇلائيندي چيو، ”ٽڪرڀور تازو کاڌم، اهو به زهر ٿي ويو!“
”جيجي تائين به ڪونه گهٽايا، ککر وچ وٺو کڙا ماريئي. ڏندين دا حال ٻِٺينس پڇڻ!“ گلان مشڪندي چيو.
”امان مون ته مارئي کي هيسائڻ لاءِ ائين ڪيو مونکي ڪهڙي خبر ته مئو انڌي کوهه وانگر اونهو ۽ ڪارو وات کولي پنهنجا ڀڳل ڪٽيل ڏند ڏيکاريندو.“
ڀورل ماءُ هڪ دفعو وري پٽ تي ٿڪ اڇلائيندي ڪٻٽ مان ڦوٽا ڪڍڻ چٻاڙڻ لڳي.
گانگٽ جي بواسير جي پراڻي شڪايت اهڙو ته زور ورتو جو رهيل سهيل رت به نچوڙجي ويس، اڃان انهيءَ نامراد ’ڪشني‘ جو اثر باقي هئس جيڪو شاهه صاحب کي زورن ڏيڻ مهل وجهه وٺي معجون سمجهندي هنجي پلنگ جي سيرانديءَ کان تڳائي ورتو هئائين، جنهن کي گذريل سياري ۾ شاهه صاحب سيوهڻ جي نامي گرامي حڪيم کان سوين رپيا خرچ ڪري ٺهرايو هو. ڪشتو وري اهڙو هو جو هوند مردو کائي ته هڪدم کڙو ٿي وڃي، پر گانگٽ ڄاڻيءَ وانگر فرڙين سان ڀرجي ويو. سڄو شهر جاچين، هيلٿ سينٽر ۽ جرمن هيلٿ سينٽر رلي رلي اڳيون سوجهرو به وڃائي ويٺو.
ڪم ڪار کان ته اڳئي لاچار هو هن بيماري ته مرڳو کٽ داخل ڪري وڌس. ليٽي ليٽي هيراڦيريءَ لاءِ نيون اٽڪلون پيو سوچيندو هو؛ نه ته يادن جي ڄار ۾ پيو تڙپندو ۽ ڦٿڪندو هو.
ڪڏهن اُهي به ڏينهن هئا جڏهن اوڙي پاڙي ۽ برادريءَ جي سڀني نياڻين سياڻين کي سندس منهن نه پوڻ ڏبو هو. ڄڻ هو کين کائي ٿي ويو. اتفاق سان جي کڻي ڪڏهن گانگٽ جي مٿن نظر پئجي ويندي هئي ته شرم کان وٽجي سٽجي ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون، ساهه تکو کڄڻ لڳندو هئن. هٿ پير ٺري ڄڻ برف ٿي ويندا هئن. ڀلا ايترن ساريون جو کائنس شرمائينديون هيون ته ويچارو ڪو فيصلو به نٿي ڪري سگهيو. ڪڏهن شاهوءَ تي ساهه ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر بڻجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر بڻجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڀنڀئيءَ جو پڄاري بڻجي ويندو هو، پر هاڻي ته سال گذري ويا، دنيا کيس خطري جي حدن کان ٻاهر سمجهڻ لڳي هئي. سڀني کانئس شرمائڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻيو ته ٺهيو ڀنگياڻي لڇميءَ جي چُچي سَس جيڪا صبح شام سندس اٽيج ، ڪاڪوس مان بالٽيون ڀري کڻي ويندي هئي. سا به اکين ۾ اکيون وجهي ساڻس ايئن ڳالهائيندي هئي ڄڻ هو ڪو اڳڙيءَ جو گُڏو هجي. سندس مڱ حوا، جنهن کي سندس اچڻ جي خبر ٻڌي هسٽيريا جو دورو پئجي ويندو هو ۽ ڏندڻجي ويندي هئي؛ سا به سندس آڏو پنهنجي پوٽي کي پيرن تي ويهاري ڦِس ڦِس ڪندي هئي، سندس حيثيت حوا جي اڳيان ڄڻ هڪ ڦِس، بنجي رهجي وئي هئي.
اها حوائي ته هئي جنهن کي هن ٺڪرائيندي ماڻس کي چيو هو ”مان دوريءَ واريءَ سان شادي نه ڪندس. جڏهن ٻڌ تڏهن ڏند شيڪيو پئي آهي!“ ڪيترو نه غرور هئس پنهنجو پاڻ تي. مڱڻو ٽوڙي جڏهن عاشيءَ سان نڪاح ڪرڻ جو خيال ماڻس اڳيان ظاهر ڪيائين تڏهن ماڻس اُمالڪ پنهنجو کنڊو وات کولي کنوڻ وانگر مٿانئس ڪڙڪو ڪيو ”مئا ڇتو ٿيو آهين، ڀيڻ سان پرڻين! خبر نه اٿئي ته عاشي تنهنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ آهي!“ انهي اوچتي انڪشاف سندس اُميدن کي ڪفن پارائي ڇڏيو. هن کان ٿڌو اونهو ساهه کڄي ويو. کيس اڳئين زماني جي ڪراڙين تي ڪاوڙ اچڻ لڳي جيڪي هروڀرو ٿڃ پياري رومينٽڪ رشتن جو ستياناس ڪنديون هيون. حوا سان مڱڻو ٽوڙڻ کان پوءِ ڪنهن به کيس سڱ نه ڏنو جيڪا ٿوري گهڻي گهوٽ ٿيڻ جي اميد هئس سا به ماءُ جي مرڻ بعد ختم ٿي ويس ۽ اهو شهر ئي ڇڏي هليو ويو هو.
اهو ته قسمت جو لکيو هو جو ورهين کان پوءِ وري پنهنجي اباڻي شهر موٽي آيو. هڪ بيماري ٻيو بک، بيماريءَ کي ته گانگٽ ليکيندو ئي نه هو، پر بک سندس برداشت کان ٻاهر هئي، جنهن کي وندرائڻ لاءِ هو ڏاڍي ڳوڙهي ويچار سان سوچي رهيو هو. پنڻ جي معبتر ڌنڌي ۾ اڄڪلهه چاڙهو ئي ڪونه هو. مهانگائي ايتري ته وڌي وئي هئي جو خيرات ڏيندڙ سکيا ستابا ماڻهو به سوچي رهيا هئا ته پنڻ شروع ڪري ڏجي پر ڪي اڻٽر مجبوريون هيون جو هو کليو کلايو پلي ۽ گانگٽ وانگر پني نٿي سگهيا باقي ذهني طرح ته هتي هر ماڻهو پينو آهي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ نالو تري آيو... شاهو...! ماسي شاهو!
”اڙي مار پوئي، ماسي ڪين؟“ هن کي پنهنجي ئي سوچ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، هن کي پلي ته به ڪاوڙ اچڻ لڳي ته هو سندس معذوريءَ جو ناجائز فائدو وٺي کيس نه فقط بي وقتي ماني پهچائي ٿو پر تازا ۽ سوادي کاڌا واٽ تي ئي هضم ڪيو ڇڏي.
شاهو، جا ڪڏهن سندس منظور نظر هئي ۽ هاڻ عاروءَ جي ماءُ ٿي ويئي هئي تنهنجي باري ۾ هو رکي رکي سوچي رهيو هو... پر ڇا؟ تنهن لاءِ کيس پلي جو انتظار هو.
عاروءَ ماءُ هئي ته اصل ۾ دائي پر دنيا جو ڪوبه اهڙو پيشو نه هو جو هن اختيار نه ڪيو هجي. شروع کان ئي اوڙي پاڙي جي ڪم ڪار ۾ پاڻ کي هيري ڇڏيو هئائين، ڪنهن گهر جا ٿانوَ، ڪنهنجي ٻهاري، ته ڪنهنجا ڪپڙا، ڪٿان کاڌو مليو ڪٿان ڪپڙو، کيس مستقل نوڪرياڻي جي ڇاپ لڳائي ڪنهن گهر جو پابند ٿيڻ نه وڻندو هو. جڏهن کان عارو پرڻايو هئائين تڏهن کان سڀ ڌنڌا ڇڏي رڳو ڍڳين ۽ مينهن پويان تغاري کنيون انتظار ڀريون اکيون ڄمايو پئي ڦرندي هئي ته من ڪو ڇيڻو لهي، عام طرح سان ڇيڻو تغاريءَ ۾ ئي لهندو هو پر اتفاق سان جي اچي پٽ پيو ته جهٽ هڻي ورائي تغاريءَ ۾ ڦهڪو ڪرائيندي هئي. هڪ ڀيري ڀورل ماءُ جو اتان اچي لنگهي تنهن چادريءَ جو نقاب هٽائيندي چيس: ”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين عاروءَ جي ماءُ ڪيترا ڀيرا چيو اٿماءِ ته اچي مون وٽ فضيلت سان ڪم ڪر، ڪپڙو لٽو، ماني ٽڪر پيو ملندئي عزت سان.“
”جي...! ڇا؟“ عارو ماءَ ڪن اڳتي ڪري پاڻ کي ڄڻ ٻوڙو ظاهر ڪيو.
ڀورل ماءُ ساڳي ڳالهه ورجائي.
”ائي امان، چاڪ ئي ڪونه ٿي رهان، عارب ڇورو سڄو سارو زال جو ٿي پيو- مون کي ته بنهه ليکي ئي ڪونه، خرچ به ڪونه ڏينم، تڏهن ٿي اهي ڪم ڪريان، من چار پئسا ٿي پون.“ هوءَ پنهنجا سور روئيندي اڻ پورو جواب ڏيئي عادت مطابق گُڪي ٿي چنگهڻ لڳي.
”رن تڏهن ته چوانءِ ٿي ته اچي مون وٽ ويهه.“
”ائي امان ڇا ڪريان، لاچار ٿي پئي آهيان.“
”هونءَ سڄا شهر پئي لتاڙين، مونکي ڏسي سڀئي ڇٽا لڳيو وڃنئي. ٻوڙي به ٿين ۽ جڏي به ٿيو پوين.“ ڀورل ماءُ طعنو هنيس.
”ائي نه منهنجي مٺي! اها ڳالهه ئي ڪونهي، سنڌن جو سور ڇڏيم ته ٿانيڪي ٿي ڪم ڪريان، هلڻ کان هلاخ ٿي پئي آهيان، گوڏن جي سور وڃائي ڇڏيو اٿم.“ عاروءَ ماءُ چنگهندي ۽ موڙا ڏيندي چيو.
”خدا جو تغاري مٿي تي کڻائي اٿئي ته پئي ڇائي پاءِ!“ ڀورل ماءُ ڇڙ مان چادري هيٺ ڪري بڙ بڙ ڪندي اڳتي وڌي وئي.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مينهن گهڻو اڳتي نڪري وئي ۽ عاروءَ جي ماءُ وائڙي ٿي وي ڊوڙپاتي.
پنهنجي انهي پيشي ۾ هوءَ ايتري ته ماهر ليکي ويندي هئي جو ڪنهن به مينهن يا ڳئون کي ڏسي اندازو لڳائي وٺندي هئي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي گهٽيءَ ۾ رستي ۾ ڇيڻو ٿيون ڏين!
مانيءَ جي مهل ناسون هڻي سُنگهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ڪنهنجي گهر ۾ ڇا رڌو آهي ۽ چڱي چوکي سوادي ٻوڙ جي خوشبوءَ جو ڏور جهلي هو ان گهر ۾ گهڙي پوندي هئي.
”ائي امان ڪنوار، ڇا ويٺي ڪرين؟“ ڪنوار کي چُلهه وٽ ويٺل ڏسي به اجايو سوال کڙو ڪندي هئي ۽ وري پاڻ مرادو ئي چوندي هئي: ”گوشت جو ٻوڙ چاڙهيو اٿئي! ائي امان بيهه وڌا اٿئي ٻوڙ ۾؟“ آهستي آهستي رڙهي رڌڻي جي چونٺ وٽ اچي لاپرواهي مان بهندي هئي.
نه ماسي عارو جي ماءُ ڪٿي ٿا ملن اڄڪلهه بيهه، پٽاٽا پيا هئا سي کڻي وڌم-“ ڪنوار، ديڳڙي تي ڍڪ ڏيندي وراڻيو.
”صدقي رب تان! ڪهڙي نه سٺي خشبون آهي. الله مرحيات عارب جو پيءُ، پٽاٽن ۽ واڱڻن تي اصل ساهه ڏيندو هو. سدائين چوندو هئم ته ڪڏهن ٿي پٽاٽن وارو ٻوڙ کارائين!“ عارو ماءُ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”ويچارو مئو به انهن پٽاٽن جي وگهي! اها نڀائي مُٺي ريح جي تڪليف- ريح مُنجهي پئي جنهن وڃي هانءُ ورتس!“
هاڻي ته مهينا گذريو وڃن جو پٽاٽن وارو ٻوڙ اکين به نٿو ڏسجي.“ عاروءَ ماءُ ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي ڄڻ ڪن کڻايو. ظاهر آهي ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ بعد کيس اک ڏنڀاڻي ئي سهي ٻوڙ ڪيئن نه ملندو.
سڄي پاڙي کي خبر هئي ته جوانيءَ ۾ گانگٽ مٿس ساهه ڇڏيندو هو. گانگٽ جي ٻيهر واپس اچڻ ڪري سندس هم عمر ڪراڙيون ته ٺهيو ننڍيون به کيس ستائڻ لڳنديون هيون.
”ائي عارو ماءُ، نڪاح ڇو نه ٿي ڪرين!“ شريفان کيس چيو:
”ڪنهن سان ڪريان! مڙسهين سان کڻي ڪرائيم!“ هو ڪاوڙجي پئي. ”گانگٽ سان ڇو نٿي ڪرين ويچارو اڃا به صدقي صدقي به پيو ٿينئي، پيريءَ ۾ لٺ ملي پوندس.“ ۽ جواب ۾ عارو ماءُ، گارين جو وسڪارو لاهي ڏيندي هئي، اهڙيون گاريون، جو ماڻهو جون وايون بتال ٿي وينديون هيون.
”ملي ته سهي... مڇون ته پٽيانس نه چئجانءِ!“ پر گانگٽ جڏهن ٺڪر جي ڪونئري سوڌو رستي پنڌ ملي ويندو هئس ته ماٺڙي ڪري پاسو وٺي لنگهي ويندي هئي.
گانگٽ کي پور پچائيندي پچائيندي ننڊ اچي وئي، ننڊ وري ڪهڙي بلغم سندس ڇاتيءَ ۾ رستا ڪٽڻ واري انجڻ وانگر پي هليو. گلي جون رڳون دم جي دوري جي ڪارڻ ڌونڪڻي وانگر ڪڏهن ڦنڊيون ٿي، ڪڏهن سسي ٿي ويون، مکين به وجهه ڏسي ڪوٺڙيءَ ۾ پيل گند ڪچري مان هانوَ پلي زبان جو ذائقو بدلائڻ لاءِ مٿانس سرڙاٽ ڪري هلڻ شروع ڪيو، ڪن سندس واڇن ۾ گڏ ٿيل پڪ تي مارو ڪيو، ته ڪي وري سندس ڏرا ڏنل اکين جي کوپن ۾ گهڙڻ لڳيون. آخر ڪار مکين جي لڳاتار حملي کان ڪڪ ٿي گانگٽ اٿي کڙو ٿيو. پلو به اوڏيءَ مهل پان جون پچڪاريون اڇلائيندو اچي پهتو.
”يار ڏاڍا پان پيو کانئين، ڪهڙا حال آهن“ گانگٽ مکين جي ڇڪتاڻ کي ويساري ڇڏيو جيڪي هاڻ پلي جو معائنو ڪرڻ لاءِ سدنس واڇن تان هيٺ لهي آيون هيون.
ادا حال ٻال اشان غريبن جا ڪهڙا هوندا، مار پوي ٻليءَ کي، ڪونڊو پيو آهي ڀڄي، هاڻي ٻه رپيا ڪٿان آڻيان؟ ڀورل شائين به هاڻ پڪو ٿي پيو آهي پئشو به نٿو ڏي!“
”ٻيلي منهنجي دماغ ۾ گهڻن ڏينهن کان هڪ ڳالهه پئي ڦري!“
”ڪهڙي؟“ پلي اک جي تُنلي مان مک کي اڏائيندي پڇيو.
”اهائي جوڳيءَ واري.“ ساڳي مک گانگٽ جي واڇ تي اچي ويٺي. جوڳي واري! پلي حيراني مان وات پٽيو. ”اڙي ڪن هيڏانهن ڪر ته ٻڌايانءِ ڀتين کي به ڪن آهن.“ گانگٽ واڇ کي اوچتو ٽپو ڏياري، مُک اڏائيندي چيو ۽ پلي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين.
”يار هي ته وري شوني مرغي آهي شونن آنن واري!“ پلي جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو.
”مان نه چوندو هومانءِ“ گانگٽ ڦونڊجي ويو،
”بش يار، شڀاڻي پيو ڏش! ٻيڙائي پار!“
”موليٰ ئي موليٰ“
صبح ‎سان عاروءَ جي ماءُ جڏهن تغاري مٿي تي ڪري ڇيڻان چونڊڻ نڪتي ته اوچتو جو سامهون نظر پيس ته تغاريءَ سوڌو ڏندڻجي ڪري پئي! اکيون ڦاٽي ويس! پلو جو اتي اُجرا ڪپڙا پايو ٻانهون ٻڌيو ويٺو هو تنهن بروقت کڳي کان پاڻي گهرائي کيس ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندو.
”آ... اب... آبا! هيءَ!!“ عارو ماءُ مست ڍڳيءَ وانگر تارا ڦوٽا ريا. ”ماشي مُٺ رک!“ پلي عمليءَ طرح سان مُٺ ڀيڪوڙيندي سندس ڪن ۾ ڀڻڪيو.
”هائو ابا!!“ عاروءَ ٻهڪندي چيو ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ سندس منهن تغاريءَ وانگر گول ٿي پيو.
”ٻچڙا، آءٌ به اوهان جي آسري ويٺي آهيان باقي هن ڇوري مان ته ڪجهه ٿيو نه ٿيندو.“ عاروءَ ماءُ پنهنجي ڳيري جهڙي ڄنگهه تان ڦرڙيءَ جي سڪل ڪڙي نهن سان کرڙيندي پٽس لاءِ چيو.
”ماشي رک الله تي، رک الله تي! اشين ڪي مري ڪونه ويا آهيون پرينهن چئين بجي شام جو هتي ضرور پهچي وڃجانءِ!“ پلي ڏاڍي رازداريءَ ۾ کيس صلاح ڏيندي چيو. پلي سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد هوءَ خالي تغاريءَ سوڌو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.
اڃان پورا چار به نه وڳا هئا ته عاروءَ ماءُ سنجن سوڌو اچي پڳي پر سندس نمونو ئي اور ٿي ويو هو. لڳي نٿي ته ڪا اها ساڳي عارو ماءُ آهي.
”وٺ ماشي موج ڪر! ڏاڏهين جوڳي به ڇا ياد ڪندءِ“ پلي سندس ڇيڻن هاڻي تريءَ تي ڪجهه رکندي چيو.
”اَبا مونکي هي ٿا ڏيو، پنج ٺڪريون!“
عاروءَ ماءَ پنج رپيا تِريءَ تي پکيڙيندي چيو. جهولي جهولي ڪنڌ سڪي پيو رڳون سيٽجي پيم، پيٽ جا وکا پيا ڏکن. رپئي جا ته رڳو مصريءَ ڦوٽا ورتم. سي به اڌارا تنهن کانسواءِ مڻڪن ۽ ڪڙڻ جو ته الائي ڪيترو حساب ڏيڻو پوندم!“
”ماشي ڪهڙي ڪوڏر هنيئي! ڏاڏهين کي مئي ٿيا شٺ شال، دعا ڪر اشان جهڙن مولائين کي جن نئين شئين اولياءُڪري اُجاريش! تو وري اجايو ٽر ٽر ڪري لاتي آهي.“ پلي لهجو بعزتي ڪرڻ جهڙو هو.
”ٽر ٽر ڪرئي ماڻهين!“
”ڀينران ڪم ذات، وري وات ٿي ڪرين، شرافت انهي ۾ اٿئي ته چپري ڪري هلي وڃ.“
”هلي وڃان جو پڻهين جو راڄ ٿو هلي. سِڌا ٿي مونسان هلو، نه ته خلق ۾ خوار ڪندي سانوَ!“ عارو ماءَ جي انداز پلي کي ڊيڄاري ڇڏيو
”ماسي دل ننڍي نه ڪري هيءَ ته شروعات آهي، اڃا ته ميلا لڳندا پڙ چڙهندا باسون باسبيون، ٻڪريون ڪسنديون، ڪڃريون نچنديون.“ کڳي کڳيون هڻندي چيو.
”گهٻرائن ڇو ٿي ماشي! گانگٽ پوين پشاهن ۾ آهي، رات ڪڍيائين ته وڏي ڳالهه اڄ نه مئو ته شبحاڻي، انهيءَ مان به ته حِشو ملندءِ نه!“ پلي هار کائيندي عاروءَ ماءُ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.

گڏهه جي لت

”منهنجي صلاح اٿئي ته انهيءَ ’مائٽيءَ‘ لاءِ ’ها‘ ڪري ڇڏ، گڏهه جي لت کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي اٿئي!“
”گڏهه جي لت سان جيئرو ته هوندس، هاٿيءَ جي لت ته اُتيئي پورو ڪري ڇڏيندم!“

لڙڪن جو راز

جنهن ڪو ڏک وارو سنڌي راڳ ريڊيو تان وڄندو هو ته ننڍي ڀيڻ ڀاءُ سان شرطون لڳائيندي هئي ته، ”ڏسجان، امان ڄاڻ رُني.“ ۽ جڏهن ماڻس جي اکين مان پنهنجي ورهين کان وڇڙيل اڪيلي ڀاءُ کي ياد ڪري لڙڪن جون لڙيون وهڻ لڳنديون هيون ته کين کل اچي ويندي هئي. ”ڏٺئي نه! امان روئي ڏنو. ڀلا راڳ ۾ ڇا آهي جو ائين روئڻ ٿو اچي؟“ ماءُ جي اها ’عادت‘ ڏاڍي عجيب ۽ کل جهڙي لڳندي هئن. کين ڀلا ڏک سکن جي ڪهڙي خبر!
اڄ جڏهن هو پاڻ هڪ زال ۽ ماءُ بڻجي چڪي آهي، تڏهن ريڊئي تان ”آءٌ ويٺي روز رڙان پئي، سڄڻ جا ساريو سانگ“ ۽ اهڙا ٻيا ڏک ڀريل گيت ٻڌي، پنهنجي هميشہ لاءِ وڇڙيل ڀائرن کي ساري سندس اکين مان به لڙڪ ڇُلڪي پون ٿا. هاڻي کيس انهن لڙڪن جو راز سمجهه ۾ اچي چڪو آهي.

ڏِٺا ڏنڀ

”امان ڪنوار، سسڻين ڪيڏانهن وئي آهي؟“
”چاچي ته، ادي خورشيد جي گهر وئي آهي!“
”ائي پوءِ ڪيڏي مهل موٽندي؟“
”بس شام تائين سج لهڻ کان اڳ موٽي ايندي.“
”مون چيو ته وڃي پوٽي کي ڏسي اچانس، سِڪي جي ڄائو آهي.“
”ڀلي ڪري آئينءَ!“
”سسڻين ته ڏاڍي دير لاتي.“ پرس ۾ هٿ وجهندي.
”دير ته ٿي اٿس، پر ڄاڻ آئي.“
”ڏسان ٿي گهڙي ساعت.“ پرس مان خالي هٿ ڪڍندي.
”بس هينئر پنڌ ۾ هوندي!“
”هاڻي تون به گهر جي ننهن آهين، ساڳي ڳالهه آهي.“ وري پرس ۾ هٿ وجهندي.
”... ... ...!“
”تنهنجي سس سان منهنجو ڀيڻپو آهي. زال ڍول آهي. روز به نٿي اچي سگهان، اچي ته منهنجا سلام ڏجان.“ پرس مان خالي هٿ ڪڍندي.
”... ... ...!“
”سسڻين ته نڪو اچي نه وڃي، اصل ويساري ڇڏيو اٿس، اها آءٌ آهيان جو ڪڏهن ڀيرو نه ڀڳو اٿم. هينئر به چيم ته وڃي مبارڪ ڏيئي اچانس.“ پرس ۾ هٿ وجهندي.
”ماسي پوءِ ساڳي ڳالهه آهي، جهڙي چاچي تهڙي آئون، توهان ننڍڙي کي ڏسو!“
”ٺهيو ڀلا اڳو پوءِ سسڻين اچي ته پوءِ ڏسندي سانس.“ ائين چئي هو پرس لوڏيندي گهر مان ٻاهر نڪري وئي.

ڪامريڊ صوف

صوف جڏهن شهر ۾ رهي ڪاليج مان بي- اي پاس ڪئي ته اخبار وارن کي چار رپيا ڏيئي پنهنجو نالو صوف مان ڦيرائي ڪامريڊ سيف الملوڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. جڏهن ڳوٺ آيو ته ماڻس پيار مان ”پٽ صوف!“ ڪري سڏ ڪيس. صوف يڪدم ڪاوڙ ۾ اُڀو ٿي ويو ۽ خوفناڪ نگاهن سان ماڻس کي ڏسندي چيائينس، ”ڄٽڻيون رنون اُهي ئي ڄٽڻيون! خبر ڪانه اٿئي ته اخبار ۾ اعلان ڪري مون پنهنجو نالو ڪامريڊ سيف الملوڪ رکايو آهي!“
اهڙو کهرو جواب ٻڌي ماڻس کي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. اهي ڏينهن ياد آيس جڏهن شاهه گودڙيءَ جي درگاهه ۾ وارن سان ٻهاري ڏني هئائين ۽ فقير کيس دعا جو صوف ڏنو هو جنهن کي کائڻ کان پوءِ جلد ئي سندس وڏي ڀاءُ يعني صوف جي مامي ڪن ۾ وڏي واڪي ٻانگ ڏيئي سندس نالو صوف پٽ ڏاڙهون رکيو هو.
حنيفت، صوف جي ماميءَ، جنهن پريان ٿانوَ ويٺي ڌوتا تنهن رڙ ڪري چيس ته، ”ابا چار رپيا ڏيئي پڻهين جو نالو به بدلائي ڇڏ!“ صوف ڪاوڙ مان کيس گهوريندي پنهنجو ٽڪنڊو منهن ڦيرائي ڇڏيو.

ذهنيت

هڪ رات اوچتو ئي اوچتو جڏهن هاجوءَ کي سور ٿيا، تڏهن شرم ۽ ڏک جي ماريل ماءُ کيس لڪ ڇپ ۾ اسپتال وٺي وئي. پاڙي ۾ رهندڙ ڏيرياڻين، کتوڙي ۽ فاتوڙي جن کي اڳي ئي ڪجهه کڙڪ هئي تن کي اچي اورا کورا ۽ آنڌ ماند لڳي ۽ انهيءَ مهل ئي جُتي پير ۾ وجهي ڀر واري گهر ۾ گهڙي پيون ۽ اتي ويٺل زال کي ساڻن گڏ اسپتال هلي ’تماشو‘ ڏسڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لڳيون.
”نه ادي نه! آءٌ پنهنجن ڄاين واري آهيان، مون کان ڪونه ٿيندو، ڀل خدا ڪنهنجو پردو رکي.“
ٻئي اڇن برقعن ۾ پيرين پنڌ پنهنجي منهن اسپتال وڃي پڳيون. اوچتو کين ڏسي، بيوس ۽ لاچار اڇي مٿي واري ماءُ پنهنجي ڪنڌ تي زماني جي سمورين بدنامين جو بار محسوس ڪيو. هيڊي، ڪمزور ۽ هيسيل هاجو شرم کان پنهنجو منهن پلاند سان ڍڪي ڇڏيو. هنن ٻنهي ”ڇا ڄائو؟ ڇا ڄائو؟“ ڪري سندس ڀر ۾ پيل ٻار جي منهن تان زوري ڪپڙو هٽائي کيس چتائي ڏٺو.
”پٽ ڄائو اٿئي!“ ٻنهي لچائيءَ سان چيو. کين ڪوبه جواب نه مليو.
واپس اچي فخر ۾ چيائون، ”دانگي گهمائي آيو آهيونس! هاڻي اسان آڏو ڪَر ته ڪڏهن ڪونه کڻي سگهندي.“

ڪرفيو ۾

رڪشا جو آواز ٻڌي زرينه ڏڪي وئي.
”آئي نوري! ڏس ته در تي ڪير آهي!“
”ادي! ادي! ناني رحمت آئي آهي!“ سندس ڀيڻ نوري، خوشيءَ مان ڪڇون ٺوڪيندي آئي.
نانيءَ جو ٻڌي زرينه جو منهن جو پنو لهي ويو، ”ائي مٺيس! مهمانن سان گهر ڀريو پيو آهي، وري هيءَ دوزخ جو ٽڪر هينئر ڇو ٿي آئي؟ ڀانيان ٿي ته اهي ماميءَ وارن جا ڪم آهن جو اها جزا، ڪڪ ٿي هيڏانهن اماڻي اٿن.“
”امان زرينه ڪٿي آهين،“ ناني رحمت گهر ۾ گهڙندي ۽ کٽ جو سهارو وٺي ڏڪندي چيو. ”دل چيم ته وڃي ڏسي اچان، ٻار ڪيئن خوش اٿئي؟“
زرينه جي سس، زينب جي، اوچتو جو مٿس نظر پئي ته منهن دُهل ٿي ويس. ڄڻ ککر کاڌو هجيس. مڇي، جيڪا هٿ ۾ هئس سا به ڇڏائجي ويس. ”ائي منهنجي لاءِ ته ويل ٿيو، هو ڪنڍي کائڻ وارو اڳيئي مٿان ويٺو آهي ته سنجن سوڌو هيءَ به اچي سهڙي!“ پاڻمرادو ائين چئي سڄي خار مڇيءَ کي زور سان ڇليندي ڪڍيائين. نيٺ سور پي اُٿي ۽ لاچار ٻرندي سڙندي وڏو ڀاڪر ڀاتائينس.
”ماسي ڀلي ڪري آئينءِ!“ اکر نڙيءَ مان نه پيو اُڪليس، پر جيئن تيئن ڪري زبان چوريائين.
ايتري ۾ نوڪرياڻي ستابي، جيڪا ڪرفيو جي ڪري ٽن ڏينهن کان گم هئي سا به اچي نڪتي. زينب کيس ڏسندي رڙ ڪئي:
”ائي امان توکي شابس هجي! موت جي منهن ۾ مونکي ڇڏي هلي وئين؟“
”جيجي ڇا ڪريان، ماريو ڪرفيو جو هو!“
”چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي، وڃي مڇيءَ کي لوڻ ڏي.“
”جيجي مڇي! ڪٿان آئي مڇي؟ غريبن کي ته ڇڏ، چڱن چوکن کي دال به ڪانه ٿي ملي.“
”ائي امان، الله ڀلو ڪري پاسي واري صوبيدار موليٰ بخش جي زال جو، جنهن اڌ مڇي قرب ڪري ڏياري موڪلي آهي.“
”چيم ته وڃي ٻه ٽي ڏينهن ڇوڪريءَ وٽ ٽڪي اچان، ساهه پيو ياد ڪريم.“ ناني رحمت قرب مان چيو. اهو ٻڌي زرينه دهلجي وئي. سسڻس جا سور سجهيس پئي، ڏٺائين ته هڪڙو اڳيئي ڪرفيو لڳا پيا آهن، ٻيو وري مٿان مينهوڳي. مهمان اڳيئي گهر ۾، هن مصيبت کي ڪيڏانهن ڪنديس، سو نه ڪيائين هم نه تم سڌو ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي ماءُ ڀنڀيءَ وٽ ويئي، جيڪا هڪ ڏينهن اڳ ننڍي ڌيءَ سوڌو لٿل هئي.
”امان ڏٺئي ناني رحمت جا ڪم! هينئر وٺي ڀڳي آهي. چئي ٿي ته ٽڪنديس! منهنجا ننڍا ٻار، سس منهنجي اڳيئي اُڀ وٺي ڏاريا آهن سو ڇا ڪريان؟“
”آءٌ پاڻي ٿي ڀونڊو هڻانس!“ ڀنڀي، پنهنجي ماسيءَ رحمت لاءِ چوندي اٿي کڙي ٿي.
”ماسي خوش آهين، تون ڪوهه پنڌ پئي آهين ڪرفيوءَ ۾؟“ ڀنڀيءَ چيو.
”ائي ڌيءَ ٻارن لاءِ ساهه پئي سڪيم!“
”اسين ٻه اڳيئي ويٺيون هيوسين وري تون ٽين به مٿان اچي لٿي آهين. ڪنهن کي ڀي سولو ويهڻ ڏنو اٿوَ!“
”ائي دڙين ڪوهه پئي، آءٌ وڃان ٿي.“
”نوري! ڇڏي اچينس اڪيلي ڪيئن ويندي!“
”آءٌ ڊڄان ٿي.“ نوري لاڏڪي بڻجي وراڻيو.
”ڪنڌ لهيئي، تون نه ويندينءَ ته آءٌ وينديس؟“
اونهه... اونهه... آءٌ ڀلا پنهنجو شام جو وري موٽي ايندس.
”ائي ماڪڙ پيا هلن تون ڪٿان موٽي ايندينءَ، چئو وڃي سومر کي ته رڪشو وٺي اچي!“
”اون..... آءٌ موٽي اينديس.“
”وڃي ڌوڙپاءِ ڇوري!“
”ماسي رحمت، تون ڇو ٿي وڃين، ماني ٽڪي ته کائي وڃين ها زينب، رحمت کي ٽرندو ڏسي مٿئين دل سان صلاح هنئي.
”ائي امان ماني ڪهڙي کان! ڏٺو اٿئي ته ماءُ ڌيئن مون سان ڪهڙا حال ڪيا آهن.“
”ائي مٿو ڪوهه پئي هڻين؟“ ڀنڀيءَ ڪوٺيءَ اندران رڙ ڪئي.
”امان ڪونه ٿي هڻان. ڪير ايندو اوهان وٽ، وڃان پئي.“
ايتري ۾ سومر رڪشا وٺي ڊوڙندو آيو.
”جلدي ڪريو، ڪرفيو جو ٽائيم پورو ٿيڻ وارو آهي.“
”ائي وَرَ ڪوهه پئي کائين، وڃي ڇو نه ٿي. رخشو بيٺو اٿئي وڃي چڙهه.“ ڀنڀيءَ ٻيهر رڙ ڪئي.
”ائي امان، مونکي ڪاڪوس ته ڏيکار. گهران نڪتي آهيان ته پيٽ ۾ گهمرو اهڙو ٿيو اٿم جو بيهي به نٿي سگهان.“ نانيءَ رحمت، ڀنڀيءَ کان لنوائيندي، زينب ڏي منهن ڪري چيو.
”ماسي! ڪاڪوس ۾ پير رکڻ جي به جاءِ ڪونهي وڃي ڇا ڪندينءَ، ماڪڙن جي جهيڙي ۾ اڄ اٺون ڏينهن ٿيو آهي، جو ڀنگين جو پتو ڪونهي. تنهن کان ته ٻه سرون کڻي هو وٿاڻ وارو پريون پاسو اٿئي اتي وڃي ويهه!“
”آءٌ نياڻيءَ ڌيءَ، سرون کڻي وڃي ميدان ۾ ويهان شاباس هجيئي!“
”سؤ ورهين ۾ به مائٽن نياڻي ڪيئي تنهن ۾ منهنجو ته ڏوهه ڪونه ٿيو. پِٽِ پنهنجن مائٽن کي جن وهي وڃايئي.“
ايتري ۾ سومر وري در مان ظاهر ٿيو، ”اي بابا رڪشا وارو ڀڳو پيو وڃي جلدي ڪريو!“
اهو ٻڌي ناني رحمت ڊُڪ پائي وڃي رڪشا ۾ ويٺي ۽ رڪشا زوڪاٽ ڀريندو اڳتي وڌي ويو.

ڪارو اڇو

ڪارو. ڪارو آهي ۽ اَڇو، اَڇو!“
”غلط، سڄي اشرف المخلوقات جو اندر هڪ ئي رنگ جو آهي.“
”اِهو وري ڪيئن؟“
”سندس رت جيئان!“

مِٺو ڀَتُ

”اَئي ڀاڳلَ، اُٿ ڀلا! دير ٿي وئي، زالون مِڙيون ويٺيون آهن!“ راڄ جي وڏڙيءَ حاجاڻي خيربانوءَ، ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي، فڪرمند ٿي چيو.
”حاجاڻي، ٽي لڳي ويا، هيانءُ لُڙهي ويم. ڪو ڀور ذرو پيٽ ۾ وجهان ته اچان ٿي.“ شيدياڻي ڀاڳل ناز مان اکيون ڦرڙائيندي چيو. سندس اِن ادا ۾ پيشو ڪندڙ زالن جهڙي بناوٽ هئي. ڀر ۾، ڀت جي ٽيڪ تي ويٺل، پورن ڏينهن سان، هاشو پخاليءَ جي زال عاشو، جيڪا پنهنجن چئن ٻارن کي سمهاري، بي فڪري ڪندي، داداگيرن وانگر ’ڪي- ٽو‘ جا ڪَش هڻي رهي هئي، تنهن ڏانهن منهن ڪندي، اڻوڻندڙ انڪار مان بلغم ڀريل آواز ۾ چيائين: ”اِهي سُر ڪين اٿئون، پر وَهي نه وَهي وٺ رينگٽ کي!“
”واهه جا ڳالهه ڪئي اٿئي!“ عاشوءَ پيلا، ڪٽيل ڏند ڪڍي، زور سان ڀاڳل جي سٿر تي هٿ هنيو. هوءَ گهري سانوري رنگ جي، کٽ کٽيلي زال هئي. سندس اکيون مرانجهڙيون، پر ڳاڙهيون هيون، جن مان بيحيائي پئي بکي.
”چڱو، چلم کي هيڏانهن ڪر. ڦوڪ ذري ته ڀري وٺان، زالن ۾ ته پيتي نٿي ٿئي.“ حاجاڻي خيربانوءَ، ورهين کان سور ۾ ڪڙهندڙ گوڏن کي پيڙا مان جهلي، منجهيءَ تي ويهندي چيو.
”توڀان، حاجاڻي، اهو به ڪونه سٺئي! اچي، وٺ...“. ڀاڳل لچائيءَ سان حاجاڻيءَ کي گهوريو. وري پاڻمرادو نڪ تي اڱر رکندي چيائين، ”مائي، ڳالهه ڪين جُٺ! ڪا مهل ٿي آهي، رئيسن مان ڀور ذرو به نه آيو! وڏا ماڻهو آهن، وئي هوندن ڳالهه وسري. ٺهيو، وڃيو ٿي رڌڻي ۾ ڏسان. من ڪو رکو سکو ملي وڃيم. حالي ته هنيانءَ جهلو ڪري زالن ۾ ويهڻ جهڙي ٿيان... رب منهنجا رحم ڪجانءِ!“ گوڏن کي جهلي اُڀو ٿيڻ مهل، هميشہ رب ياد پوندو هوس. کيس به ڄڻ سور جون سَٽون سنجريون هيون.
ڇا ته ڏينهن هئا مائي ڀاڳل جا! بَلي... ڪرائيءَ ۾ ٻڌل مرداني واچ، پيرن ۾ ڪشن سان چيچاٽ وارو بوٽ، هٿ ۾ پاسينگ شو جو پاڪيٽ، ٻارهن والن جي سلوار ۽ ڪلهي تي اجرڪ، ٻاچ ۾ وڏي ڳاڙهي ٽڪ سان خوفناڪ قسم جي منڊي، عطر ۾ ٻڏل کيسي مان لڙڪيل رومال، کل ته ائين چمڪندي هيس جيئن ڪاري بوٽ تي ڪِوي پالش! سندس هلڻ جي لوڏ ئي بس هئي. اڳهين قدبت جي جانٺي، ويتر جو مٿان اها ٺاهه ٺوهه، تنهن ورهيه کان ’ڪوٽن ۾ قابو‘ ٿيل ڪيترين زائفائن جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا- سندس اک جي هڪ اشاري ڪاڻ جهڙيون مانديون. مڙس کي ته سنجهي ئي ’طلاق‘ ڏيئي آجو ڪري وڌو هئائين. باقي سندس مرادانگيءَ جو ڀرم رکندي هڪ پٽ به ڄڻي ڏنو هئائينس، ۽ پاڻ اڪيلي سر پئي هرڻ جهٽيندي هئي، ڪڏهن رئيسن جي حويليءَ، ڪڏهن ڪامورن جي ڪوٺين، ۽ ڪڏهن وڏيرن جي ديري، مطلب ته ساهيڙين جي کيس ڪمي ڪانه هئي- بس جنهن تي ’راڻي جو راز‘ . ’ساهيڙين‘ جا فرض پورا ڪرڻ جي عيوض کيس کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙي ڏوڪڙ تائين سڀڪجهه پيو ملندو هو، جنهن سان سندس سڪيلڌي پٽ ۽ ڏهاڳ ڏنل مڙس جي پورائي پڻ پئي ٿيندي هئي. پر وقت بادشاهه، وڏا وڏا نشان ڊاهيو ڇڏي. هيءَ به وقت جي وير ۾ وهي، جو ڪٿي اچي پهتي هئي. ”ڇو پاڳل، ڍري ڇو ٿي وئي آهين؟“ ڪير کڻي پڇندو هوس؛ ته پاڻ ڏاڍيءَ بيحيائيءَ سان اک ڀڃي چوندي هئي: ”هاڻ چيلهه ۾ اڳيون دم نه رهيو اٿم.“ ساهيڙپ جي ڌنڌي کان پينشن وٺڻ کان پوءِ، سندس شمار باقاعدي ’ردي گهوڙن‘ واريءَ قطار ۾ ٿيڻ لڳو. عمر جو آخري حصو شادين غمين طهرن ۽ نذر نياز ۾ گذرڻ لڳو هوس. زماني جي جهوني پر تڏهن به گڙي تڙي هئڻ ڪري راڄ ڪاڄ ۾ سڀني کان اڳري اهميت ملندي هيس. اڄ پڻ هوءَ خانبهادر الهه جڙئي خان جي گهر سندس مرڻي تي، راڄ جي وڏڙين جي صلاح سان، پنهنجي ٽوليءَ سميت لٿل هئي.
چاشني، سيرو ۽ مالپڙو، جي هُن گهر موڪلڻ لاءِ پٽس جي انتظار ۾ صبح کان ئي ’پاسيرا‘ ڪري رکيا هئا، سي به بک کان پاهه ٿي کيس ئي کائڻا پيا. کائي پي، ڏاٺون کوٽي، واڇون اُگهي، کنگهڪار ڪري ٻڪل هڻي، جڏهن ورانڊي ۾ ويٺل تڏي تي زالن اڳيان آئي، ته سندس منهن پاڻمرادو لٽڪي پيو خانبهادرن، خانصاحبن، سردارن، رئيسن، وڏيرن ۽ آفيسرن جي خاندانن کان وٺي، علو ڪاسائي، ربو کٽي ۽ قاسو حجام جي خاندان جهڙين زالن جا ڪٽڪ ويٺل هئا. هيٺيون طبقو ته اڃان پئي آيو، جن ۾ زالو گهٽ ۽ ٻار گهڻا هئا. ٻار وري اهڙا جو ڄڻ ڏڪاريل گهرن مان آيل هجن. ايندي ئي گِلم تي ليٿڙيون پائي مانيءَ لاءِ رڙڻ شروع ڪيائون. ٿڃ پياڪن جو ته خير ’ريڊي ميڊ‘ معاملو هو، باقي ٻين جي ته رڙ مٿي رڙ پي پئي، ۽ جڏهن مڙس جي غم کان بيحال زينب کي، جيڪا لڙڪن کي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي، ڀاڳل اچڻ شرط منهن تي ڪپڙو وجهي، ڀاڪر پائي وڏا وڏا پار ڪڍي روئڻ لڳي. تڏهن مس وڃي ٻارن هيسجي روئڻ بند ڪيو.
”جهالر جهوني نه ٿئيئي. اڄ تنهنجي نڪؤن لٿي نٿ،
پير پٽؤن ڪونئرا، تنهنجا راڻي ڪيا رت،
او جبل، مون سان روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا.“
ڀاڳل درديلي انداز سان پار به ڪڍي رهي هئي، ۽ سڏڪا به ڀري رهي هئي.
”ڪڪر ڪر ڇانوَ، منهنجو پنهل پنڌ ۾.“
”اي اما! جوڳي نه ڪجن مِٽ، جن جو پنڌ پري!“
”ويهي ڀِٽن ڀر، ڏکياَ ڪاٽيم ڏينهڙا،“
سورن جو هي ثمر، لکيو آهه نصيب ۾.“
”جانب سوا جڳ ۾، جالڻ ٿيو جنجال،“
جندڙي ٿي وبال، پنهون ڌاران پنڌ ۾.“
ڀاڳل اِهي پار اهڙي ته ڏک ۽ سوز مان ڪڍي رهي هئي جو زينت جي لڙڪن جو بند ٽٽي پيو. هوءَ هيانءَ ڦاڙ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. سندس ٻارن ۽ عزيزن جو به روئڻ ۽ غم کان بروحال هو. ڪجهه ڌاريون زالون تڏو پرايو، سور پنهنجا‘ وانگر، درد انگيز پار ٻڌي، لڙڪن کي جهلي نه سگهيون، ۽ ڪي ته صرف هر لحظي زوريءَ ٿڌا ساهه کڻنديون ۽ رکي رکي توبهه- توبهه جو نعرو بلند ڪنديون رهيون، کين ڪير سمجهائي ته خدا جون بنديون ڏک جو اظهار خاموش رهي به ڪري سگهجي ٿو.
زالن کي روئڻ ۾ مشغول ڏسي، ’بيگم ڏندين ڏاند، کُرين گابي‘- جيڪا انهيءَ نالي سان ئي مشهور آهي، ۽ کڏون کوٽڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي- تنهن کان رهيو نه ٿيو، ۽ زينب جي گگدام اٻوجهه ۽ مسڪين ڀاڄائيءَ گُلان کي پنهنجي ويهن تولن جي سونين چوڙين واري ٻانهن جي ٺونٺ ڪُک ۾ هڻندي، رازداريءَ مان پڇيو: ”زينب جي نڻان شڪارپور کان ڪانه آئي؟“
”هائو! ادي جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ کيس ڏسي، ڳالهائي ٻولهائي، ادي جي موڪل سان ئي هلي وئي.“ گلان ڪک ۾ لڳل ٺونٺ جو سور پيئندي جواب ڏنو.
”بس؟ پوءِ وري ڪانه آئي؟“
”مڙس جي حالت اوچتو خراب ٿي پيس. ڊاڪٽرن بنهه کٽ کان هيٺ پير رکڻ نٿي ڏنس. ٻيو ته سندس ننڍڙو ٻار بخار جي مَچ ۾ هو، تنهن کي ڪنهن جي حوالي ڪري اچي ها.“
”آخر گهر ۾ ٻيو به ته ڪو هوندس؟“
”ڪٿي ادي! ويچاري جو سهرو ته وڃي رب کي رسيو، سسڻس سنجهي ئي سڀ لاڳاپا لاهي وڃي ٻيو مڙس ڪيو. باقي نه نڻان، نه ڏير، الله جو نالو موچارو.“
”ڇا هو، پوءِ هتي به گهڻئي ڊاڪٽر هئا، کڻي اچي ها.“
”فون تي چيائين پئي ته ڀاءُ سان ملڻ نه ٿئيم ها ته پوءِ ور ۽ گهر کي خدا جي حوالي ڪري، گهڙيءَ لاءِ ته اچي سندس ديدار ڪريان ها؛ پر خدا کي جو ساڻس مرڪندڙ، نماڻي چهري سان آخري ملاقات ڪرائڻي هئي، ۽ اها ڳالهه هميشہ لاءِ ذهن ۾ رکڻي هئي، ته پوءِ ڇو ڀاءُ جو بيجان چهرو ڏسان، ۽ ڪهڙي دل سان!“
”چئبو ته هنجي طبيعت ئي اهڙي آهي- وڏائي خور ۽ سخت دل. جڏهن پنهنجن ڪاڻ اهڙي آهي، تڏهن پوءِ ساڻس ٻين جون ڪهڙيون ميارون.“
”ها، بس، پنهنجي طبيعت اٿس.“ گلان جند ڇڏائڻ لاءِ سادگيءَ سان ايترو چئي کڻي ماٺ ڪئي.
مائي، توبهن! ڀاءُ جي مرڻ تي به نه آئي!“ بيگم ڏندين ڏاند کي ڄڻ سياسي ٽاپڪ ملي ويو، ۽ اوسي پاسي ويٺل زالن سان ناسون هڻي، دير تائين انهيءَ موضوع تي گفتگو ڪري، پاڻ کي توجهه جو مرڪز بڻائيندي رهي.
”مائي رن آ ڪين راهُو! هتي به کُنڌ- لايو ويٺي آ!“ هڪ مائي ڪڪ ٿي ٻيءَ کي چيو.
”بلي، اسان ڪاڻ زال ٿي پئي آ... يتيم ڀاڻيجي مُيس ته ڪفن به ڌارين ڏنس. پاڻ مِکر صدمي کان ڏندڻجي پئجي رهي. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجن نياڻين کي به ڪونه ڇڏيائين- ڇو ته ڊپ ٿيس جو غريب جي گهر وڃڻ سان متان سوني ڪلنگي نه لهي پوين!“ ٻيءَ زائفان، ’هَڻ ڌيءَ کي سِکي نُنهن واري لهجي ۾ چيو.
”هائو، ڀيڻ، بروبر. مينهن پنهنجي ڪارهن نه ڏسي، ڍڳيءَ کي چئي، هل ڙي پُچ ڪاري!“
بيگم ڏندين ڏاند به آخر سَر ڦٽايو ويٺي هئي، سمجهي وئي ته اشارو ڏانهنس آهي. پر پرايو راڄ، پرايو تڏو- ٿڌو ساهه ڀري، کڻي ماٺڙي ڪيائين.
ڀاڳل جڏهن پاڻ اڌ- مئي ٿي ۽ گهر وارن کي اڌ- مئو ڪيائين، تڏهن وڃي زينت کي ڇڏيائين، ۽ منهن تان گنديءَ جو پلاند لاهي، نڪ کي جهليندي، هڪ وڏي ڦون ڪري، سِنگهه لاپرواهيءَ سان اُڇل ڏنائين، جا ٽڙاڪ ڪري وڃي ڀر ۾ ويٺل هڪ معزز بيگم صاحبه جي جارجٽ نائلان بادلي سان ڀريل ڪاريءَ ساڙهيءَ تي لڳي، جنهن کي هوءَ خاص طرح سان مرڻن جي موقعن تي پائيندي هئي- تنهن ڇرڪ ڀري، بيوسيءَ مان ڀاڳل جي گهاٽي، پيليءَ ۽ سائيءَ سنگهه ڏانهن نهاريو. هيانءَ تي ڄڻ مُهري لڳي ويس. نازڪ موقعو ٿي پيو هو، انهيءَ ڪري سور پي وئي. باقي جن زالن جي مٿس نظر پئي ۽ جيڪي هن نڀاڳيءَ ساڙهيءَ کان اڳ ئي ڇرڪيل هيون، سي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳيون.
”ائي چڱو ٿيس!“ هڪڙيءَ ٻي جي ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو.
”نڀاڳي ڏيڻ، جتي ٿو ڪو قضيو ٿئي، اُتي ڪاري ساڙهي اوڍيو بيٺي آهي! وري اهڙي ته چنڊال آهي جو ان ساڙهي کي ڊراءِ ڪلين ڪرايو وريو ڪنهن ٻئي قضيي لاءِ سانڀيو رکي.“ ٻيءَ سرٻاٽ جو جواب ٻوڪاٽ ۾ ڏنو.
”انگريزن ۾ اهو رواج آهي.“ ٽينءَ زال وري پنهنجي ليکي انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي هڪ باب ۾ اضافو ڪيو.
”ائي آهي وڏي، ٻڌايانس وري... وڪٽوريا جي ڌيءَ!-“
”ڀيڻ، اهو وڏن ماڻهن جو فيشن آهي.“
”باهه لڳي اهڙي فيشن کي!“
ڳچ وقت تائين سندس باري ۾ اهڙي سس پس ٿيندي رهي. ايتري ۾ شهر جي هڪ ٻي معزز ۽ پڙهيل لکيل خاتون، چپن تي سرخي، ڳلن تي هلڪي لالي، ڪاريءَ عينڪ سان اچي سهڙي. سندس ڳاڙهو، گهنجن وارو چهرو ڏسڻ سان ائين پئي لڳو، ڄڻ ريفريجريٽر ۾ رکيل پاروٿو ٽماٽو. پٽ تي زالن جي ويٺل ميڙ مان پاڻ بچائيندي ۽ نخري مان هوريان هوريان وکون ڀريندي، اچي زينب جي اڳيان اونڌا گوڏا ڪري ويٺي، ۽ پنهنجو هٿ زينب جي پٺيءَ تي رکي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين:
”بس جيڪو الله کي منظور هو سو ٿيو. روئڻ مان ڇا ورندو.“
ويٺل زالون حيرت مان سندس عذر خواهيءَ جي رُکي نموني کي وائڙيون ٿي ڏسي رهيو هيون. ۽ اڃان سوچ ۾ ئي هيون ته هن پرس کوليو ۽ ويهه رپيا ڪڍي، ٻيهر ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ ڏهين- ڏهين جا ٻه نوٽ زينب جي جهوليءَ ۾ لاڙي ڇڏيائين.
”هن مان نيرن- پاڻي ڪري ڇڏجو. آءٌ ويلو ڪريان ها، پر مون کي ڪنهن ضروري ڪم سانگي لاهور وڃڻو آهي.“
هيءَ اهائي زال هئي، جيڪا مرحوم خانبهادر جي حياتيءَ ۾ زينب جون طرح طرح سان خوشامندون ڪري کيس پنهنجو سچو همدرد، ڀيڻن کان وڌيڪ غمخوار ظاهر ڪندي هئي- رڳو ان ڪري جو سندس گهرواري جا ڪيئي ڪم خانبهادر مرحوم ۾ ڦاٿل هوندا هئا.
نوٽ ڏسي، زينب جي چپن تي کن لاءِ هلڪي ڦڪي مُرڪ جي لهر اُڀري- اهڙي مرڪ، جنهن ۾ لڙڪن کان به گهڻو درد هوندو آهي. سندس دل چاهيو ته زور زور سان ٽهڪ ڏئي، ايترو زور سان جو مڙسس جي فاتحا تي آيل معزز بيگم صاحبه انهن اُٻرندڙ بيدي وانگر ٽهڪڻ لڳي. پر ٽهڪ هنجي نڙيءَ ۾ سڏڪا بنجي رڪجي ويا.
”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي، ڀيڻ!“ هن ايترو چئي، ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.
”بس، اهي دنيا جون ريتون آهن.“ هن هڪواري ٻيهر شوڪاري جهڙو ساهه کنيو.
’ريتون... ڪيتري نه هڪجهڙائي آهي انهن ريتن ۾- موت جون ريتون، شاديءَ جون ريتون...‘ هوءَ اکيون ڦاڙي نوٽن کي ڏسي رهي هئي. جن ۾ کيس پنهنجي تصوير نظر اچي رهي هئي. سندس ذهن ماضيءَ طرف موٽي چڪو هو... هن جي ڪنن ۾ شهناين جو آواز ٻُري رهيو هو... جرڦل، روشنيءَ جي ننڍڙن بلبن وانگر ذهن ۾ پکڙجي ويا هئس- مڱڻو- ونواهه- ميندي- شادي ستاوڙو- هڪ هڪ ٿي، سڀ موقعا ذهن جي پيچرن مان گذرڻ لڳس... ڳاڙهي وڳي ۽ سونن زيورن سان جهنجهيل سندس ڪنڌ، شرم کان جهڪيل هو. هرڪا سلاميءَ جا نوٽ هنج ۾ وجهي رهي هيس.... هن هڪ دفعو ڪنڌ مٿي ڪيو، ۽ ڏهين- ڏهين جي ٻنهي نوٽن کان جهوليءَ کي خالي ڪيو. کيس ڪهڙي خبر هئي ته هڪ دفعو اهي نوٽ وري ڏهاڳڻ جي جهوليءَ ۾، سندس اڇي وڳي ۽ غم کان جهڪيل سِر جو ائين مذاق اُڏائيندا، ۽ نڪاح ۽ ستاوڙي جون رسمون، ٽيجهي، چاليهي ۽ عدت ۾ تبديل ٿي وينديون. هڪ اڻڄاتل پيڙا سندس وجود کي وڻ- ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ڇڏيو هو.
”بابا، پردو ڪريو، ماني ٿي اچي.“ اُستي ابن کنگهڪار ڪري ڏيڍيءَ مان رڙ ڪئي.
”ماني! ڪٿي آ ماني؟ ڪنهن چيو ماني؟“ ڀوپي نوران، جا بک کان پاهه ٿي اتي ئي گلم تي، برقعي مٿان بوبڪ جي ڳيري جيان جهوٽا کائي رهي هئي، مانيءَ جو ٻڌي ٿاٻڙندي اٿي کڙي ٿي. اوٻاسي ڏيڻ سان سندس اکين ۽ واڇن جي ڪنڊن تي ويٺل مکين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽ هوءَ ڀواتئي نموني نڪ، واڇن ۽ هٿن جي حرڪت کان کين پري ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، اٿي رڌڻي ڏانهن ڀڳي.
علو ڪاسائيءَ جي زال، جنهن ٻار کي ٿڃ پئي ڏني، تنهن به مانيءَ جي نالي تي ايڏو ته ڇرڪ ڀريو جو ٻار جي وات مان ٿڃ ڇڏائجي ويس، ۽ هو ڪاتي پيل ٻڪري وانگر گلو ڦاڙي رڙڻ لڳو.
”ائي امان! ننڍڙي کي کير ڏينس، روئنئي پيو.“ ڀاڳل جي ڀيڻ بيبل ٽوڪ واري نموني سان ڌيان ڇڪايس. پر هوءَ رڌڻي جي آڳر جي اڳيان لهندڙ ديڳن کي ڏسڻ ۾ ايڏو ته غرق هئي جو بيخيالي ۾ ٿڃ کڻي ٻار جي نڪ ۾ ٽنبيائين.
ڀاڳل ۽ حاجاڻي خير بانو، پنهنجو عهدو سنڀاليندي، وڃي ديڳين جي وَڌ تي ويٺيون. زينب جي ڌيئن جون جيڏيون سرتيون، بيبل سميت، راڄ کي کارائڻ پيارڻ لڳي ويون.
ٽن لاوارث ڪراڙين، جن جوانيءَ ۾ پاڙي جي هر ٻار کي زوريءَ ٿڃ ڏيئي پنهنجي ليکي ڄڻ کير- ماءُ جي اعزازي ڊگري حاصل ڪئي هئي، تن اصل ويل ٻاري ڏنا. شادي هجي توڻي غمي، شل نه اهڙو موقعو ملين. پاڻ کڻائي به وڃي پهچنديون هيون، ۽ ليسوڙيءَ جي جنَ وانگر وڃڻ جو نالوئي ڪونه وٺنديون هيون. تن اچي زينب جو پاسو ورتو. حڪم هلائي هلائي، گهر جي ڀاتين کي ذري گهٽ چريو ڪري وڌائون.
”ائي امان، بلقيس!“ هڪ ڪراڙيءَ ويٺي ويٺي، کنگهندي ۽ چنگهندي سڏ ڪيو. ميٽرڪ جي شاگرد بلقيس کيس سوال جي نشاني بڻجي ڏٺو.
”ائي امان، چانهه جي ڦڙي! رات کان وٺي لنگهڻي پئي آهيان. وڻيم ته ڪجهه ئي نٿو، نڙيءَ مان ئي نٿو لنگهيو ٿئي، پر بک کان ويٺو به نٿو پڄي- پيري آهي، رڳو ٻه ڍُڪ چانهه جا.“
بلقيس خاموشيءَ سان ڪوپ اڳيان رکي، ڪٽليءَ مان چانهه اوتڻ لڳي.
”بس بس، ججهي آهي.“ ڪراڙيءَ ڌاڳي سان ٻڌل عينڪ جي ٿلهن شيشن مان بکايل نظرن سان ٽِري ۾ پيل شيرمال کي چتائيندي چيو.
”امڙ، شيرمال جو ڇڙو اڌ ٽڪر بس آهي.“ پوڙهي ائين چوندي، ڪنڌ جهڪائي جيئن ٽري ڏانهن شيرمال لاءِ هٿ وڌايو، ته سندس عينڪ وڃي ٽري ۾ ڦهڪو ڪيو. ٽري منجهان چانهه جا ڦڻنگا وڃي بلقيس جي منهن تي ڪريا.
”اُف ڪهڙين ڄرن سان واسطو پيو آهي!“ بلقيس ڀڻڪندي ٽري مان عينڪ ڪڍي پوڙهيءَ جي ڏڪندڙ هٿن تي رکي، جنهن کي ڪراڙيءَ پنهنجي پهراڻ سان اُگهندي، اکين تي کوپي وانگر چاڙهي ڇڏيو.
”شوو اٿئي ڇا، هٿ ۾؟“ بلقيس جي وڃڻ بعد، بيبل جا پويان پئي آئي، تنهن کي پوڙهيءَ رڙ ڪري چيو.
”هائو جيجي، ججهو!“ بيبل پنهنجي ٿلهي ۽ ٽوڪ ڀريل آواز ۾ چيو.
”ڏي ته ڀلا، شيرمال جو ڀور ٻوڙيان کڻي. هيانوَ ته سُڄيا پيا آهن، پر زالن جي وچ ۾ ٿو ويهجي ته ويهي نٿو سگهجي، بک جو چڪ هانوَ ۾ لڳو پيو آهي. ادي، جواني ته ڪانه اٿئون. تون ڀيڻ ويٺي آهين، سڄي رات پاسن جي سور کان مئي آهيان.“ هن پنهنجن ٻين جوڙيوال ڪراڙين کي مخاطب ٿيندي چيو.
ايتري ۾ هڪ زال کي ايندو ڏسي کائڻ واري پوڙهي ڏڪي وئي. گرهه تي هٿ ڍرا ٿي ويس. کيس ڏسندي ئي منهن چٻو ڪري رڙ ڪيائين:
”زينب کان پڇ، هينئر روئي پٽي ويٺي آهيان. ٽڪر ڀور به اهو زوريءَ ڏنو اٿن، تنهنجي اڳيان. باقي ستين مذهبين حرام! منهنجو به ٻچو هو- آنڊن ڄڻيو نه، ته به کير ته پيتو هئائينم- اُنهن جهڙوئي هو. پڇاڙيءَ اهو ڏک به ڏسڻو هوم!“

”بس ادي،“ ايندڙ زال کيس بنهه نظر انداز ڪري، زينب جي سامهون ٿي ويهندي افسوس مان چيو. زينب ڏک مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”لالي، سور جي ڳوري آڻي ڏيانوَ؟“ ٿوريءَ دير بعد بلقيس پوڙهيءَ کان پڇيو.
”شال بچين!“
”آئي، ڀائر بچنئي، اسان کي به ڏي، تنهن سان گڏ ڪوسي ڦڙي چانهه جي به.“ ڀر ۾ ويٺل سندس جوڙيوال پوڙهين به گڏجي رڙ ڪئي.
”بيبل، سگهي ٿيءُ، پهرين هيڏي چانهه کڻي آءُ!“
بلقيس بيبل کي هڪل ڪندي، ليفيڊرين جي هڪ هڪ گوري، ٽنهي پوڙهين جي ترين تي رکي. هي اهي گوليون هيون، جيڪي ڊاڪٽر سندس نوڪر ڇُٽي کي دم لاءِ لکي ڏنيون هيون. ٿوري دير نه گذري ته ٽيئي پوڙهيون، لاش ٿي، روا مٿان وجهي، کونگهرن ۾ پئجي ويون.
”ٽي آفتون ته گهٽ ٿيون. اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو ڏائڻين!“ بلقيس ساهيڙين کي چيو.
ٻنپهرن جو ستل ڪراڙيون فجر جي ٻانگ مهل اُٿيون، ته سندن نظر بلقيس تي پئي، جيڪا نماز لاءِ مسلي تي بيٺي هئي.
”اَئي ڀائر بچنئي، سور ته بنهه لهي ويو. گهڻو وقت ٿيو آهي سج لٿي؟ ڇَهه ته نه ٿيا آهن؟ هي سنجهي ئي ڇو سُتيون آهن؟“ ڪراڙين ڀر ۾ ستل زالن کي حيرانيءَ مان ڏسندي پڇيو.
”لالي صبح جا پنج ٿيا آهن. مُلي هينئر ٻانگ ڏني آهي.“ بلقيس مختصر جواب ڏنو.
”ائي الا! اسانجي ليکي اڃا شام آ. ائي، رت جي ماني به ڪانه کاڌيسين!“
”آءٌ به چوان، هانوَ ۾ بک جا چڪ ڇو پيا پون! ادي آمني، تو ڪر گرانهه کاڌو؟“
”ادي کتلي، تون وري ڇا ٿي ڳالهائين- آءٌ وري ڪٿان کائينديس!“
”شابس هجي زالن کي، سار به نه لڌائون ته ڪي لنگهڻيون پئجي رهيو آهن، من ڪو ٽڪر ڀور کڻي ڏيون!“
ٽيئي ڪراڙيون پاڻ ۾ ڏک ڏوراپا ڪڍنديون رهيون. ايتري ۾ اڇو صبح به ٿي ويو، ۽ گهر ۾ صبح جي مانيءَ جو ڌمچر مچي ويو.
ٽيئي وات چورينديون اٿيون، ۽ سنجهي ئي رڙهي وڃي زينب جو پاسو ورتائون.
”امان زينب، ڪو ڀور ذرو پيٽ ۾ وڌئي؟ هڪڙيءَ پڇيو.
”ڪٿان هن کي وڻندي! ويچاري ڏکن جي ڏڏايل سورن جي ستايل، هن کان ڪهڙا سور ٿيون پڇو، اسان جهڙين کان ئي نڙي چيري ٿو لنگهي.“ ٻيءَ سُر کڻايو.
”ڀلا ڪو گرانهن ته کاءُ، ٽي ڏينهن ويهڪ ڪئي اٿئي!... زال جو ڪهڙو جيئڻ ٿيندو!“ ٽئين پاڻمرادو وڏي واڪي چيو.
”امان، ويچاريءَ کي ٻه ڦڙيون چانهه جون آڻي ڏيوس.“ هن نينگرين کي مخاطب ٿيندي چيو.
”به گرهه روٽيءَ جا ڏيو ته کڻي کان.“ زينب ائين ڳالهايو، ڄڻ سندس جسم ۾ قيد ٿيل بکايل ۽ ٻوساٽيل ساهه رڙ ڪئي هجي.
”ماني اڃا ڪانه پڪي آهي، راڄ مڙيو ويٺو آهي ڀاڳل زينب جي ڀيڻ کي چيو.
”ڏيڍ لڳو آهي هاڻي، يارهن بجي ته نيرن کاڌي اٿن- اُها به ته هيٺ لهين!“
”آءٌ پنهنجي کائڻ ڪاڻ ٿورو ئي ٿي چوان! زالون پيون رڙيون ڪن، سندن ٻار پيا روئن!“
”مائي ماڻهن جا حال ته ڏسو. اسين پنهنجن سورن ۾، هي ٻچا وٺي ڀڳيون آهن. ڪا شادي ڏٺي اٿن ڇا؟“
”ادي، ٻچا ڏنا آهن ته الله ڏنا آهن.“ عاشو جا ٿورو پرتي ويٺل هئي ۽ جنهن جا چار ئي ٻار بُک کان ٻاڪاري رهيا هئا، بروڪليس جي دٻيءَ مان ڪي- ٽو جو سگريٽ ڪڍندي چيو.
”ادي، الله ڏنا اٿوَ ته گهر ويهاري ڇڏيون. مائي هڪ زال پٺيان پنج ٻار! چڱي همدردي ٿيو ڪن!“
”واهه ادي واهه! روئي روئي نڙيون ويهاري ڇڏيو اٿئون، اڃا تنهنجي مرضي آهي ته نوڙي ڳچيءَ ۾ وجهي لڙڪي پئون ڇا!“
”وڃي پنهنجي گهر لڙڪو اسان کان الله پليوَ!“
”مُئا، مار پئيوَ، هلو گهر، اوهان جي ڪري ته بڇڙي ٿي آهيان!“ عاشو جتي کڻي ٻارن کي سٽڻ لڳي.
”اونهڪ... اونهڪ... اسين ڪونه هلنداسين. ديڳون آيو آهن... ٻوٽين وارو پلاءُ کائينداسين.“
”اَن... اَن... مٺو ڀت مٺو-“
”امان، نان ۽ سيرو...“
”پري ٿيو، ڇورا، مونکي برقعو پائڻ ڏيو! مئي جا پٽ، ڇو ڦاٿي آهيان اوهان منجهان! بيمانو کڻي ڪيو اٿوَ! عاشو جتي اڇلائي برقعي کي سڌو ڪرڻ لڳي.
”ادي ٺهيو هاڻي، ڪلمو پڙهه... هي وقت رسڻ جو ٿوروئي آهي. ويهه، برقو لاهه!“ پاسي کان ويٺل ٻي زال معتبري ڏيکاريندي چيو.
”پر ڏس ته سهي، اسان ڪونه ماريو جو...“
”بس بس، ٺهيو، ماٺ...“ هن کڻي وات تي هٿ رکيس.
عاشو ٻوٿ سڄائي، ٻار وٺي، وڃي پاسي ٿي ويٺي.
ايتري ۾ ديڳيون آيون-
”اڙي ڀت آيو!“ ٻار خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳا.
”بس ڪر، ڇورا، ته بُجو نه هڻانءِ!“ عاشوءَ سچ پچ ڇوري کي بجو گهروڙي ڏنو.
”گهر واريون، ڀاڳل ۽ بيبل سميت، چلمچيون کڻي راڄ جا هٿ ڌئارڻ لڳيون.
ديڳين جو آواز ۽ ٿانوَن جو کڙڪو، ۽ تنهن سان گڏ ننڍن وڏن جي ڊوڙڊڪ سڄي گهر ۾ پکڙجي وئي.
”ائي ڀاڳل، وارو ڪر، مون واريءَ جتي جو هڪ پادر ملي ئي نٿو. مئي نڀاڳي، هاڻي ته نظرڪم ئي نٿي ڪري!“ حاجاڻيءَ خيربانو، رڌڻي جي اڳر ۾ پيل ڪبوترن جي وڏي پڃري جي هيٺان جتيءَ جو پادر ڳوليندي ۽ چنگهندي چيو.
”ائي ماسي! هن تڏيءَ جي هيٺان تو وارو پادر ته نه پيو آهي؟“ عامر تڏي مٿي ڪري، پادر حاجاڻي خيربانوءَ جي اڳيان اڇلائيندي چيو.
”آئي، هاڻي سيگهه ڪريو، گهڻائي شيرمال، زردا ۽ پلاءُ کاڌوَ، هاڻي اٿو ته هلئون. لاهيو چٽي مالڪن تان.“ ڀاڳل ويٺل نڙيءَ تي زور ڏيندي، هٿن ۽ جسم جي اشارن کان ڪم وٺندي چيو.
خانبهادر جي بنگلي جي ورانڊي مان، ڀاڳل جي اڳواڻيءَ هيٺ، زالن جو قافلو واپس وڃي رهيو هو، پويان ڇانگ ٻارن جي به رڙندي، رنڀندي ۽ ڪرندي، اڳتي وڌي رهي هئي. زينب سوگوار اکين ۾ لڙڪ سنواري، ان قافلي کي ڏسي رهي هئي. جيتوڻيڪ ظاهر ۾ کيس رانڀاٽن ۽ رڙين کا نجات ملي چڪي هئي. پر کيس هيڏي ساري بنگلي ۾ اڪيلائيءَ جو احساس شدت سان ٿي رهيو هو. هن صفي ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو، جتي گلم جي مٿان پلاءَ ۽ چاشني جا ذرڙا پکڙيا پيا هئا. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس دل وانگر، پٽ تي پکڙيل رزق پڻ روئي رهيو هو.

ڄارُ چَرندي

”ٽرن... ٽرن... ٽرن...“ ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. ”هلو...“
”اوهان محترمه شمس ڳالهائي رهيون آهيو؟“
جي ها، فرمايو.“
”اوهان ڪهاڻي لکي ڄاڻو.“
”جي نه.“
”ڪجهه ته لکي ڄاڻندا هوندا؟“
”ڪجهه به نٿي لکي ڄاڻان، پر اوهين ڪير آهيو ۽ ڪهڙي سلسلي ۾ فون ڪيو اٿوَ؟ ڪڪ ٿيندي وراڻيائين.
”ماهنامي ’ناني ڳوٺڙو‘ ۾ ته اوهان جي ئي ڪهاڻي ڇپي آهي نه؟“
”جي ها پوءِ؟“
”پر اوهان ته چيو هو ته اوهان لکڻ نٿيون ڄاڻو.“
”جڏهن اوهان کي خبر هئي ته پوءِ پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“
”ائين ئي، وري به خاطري ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي نه.“
”اوهان چوڻ ڇا ٿا گهرو؟“
”مون اهو پي چيو ته ڪي اديب اوهان جي انهيءَ ڪهاڻيءَ بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن.“
”انهي ۾ ڪو عجب ناهي. هرڪو ڪري سگهي ٿو، اديب ته پوءِ به وڏي ڳالهه آهي.“
”پر اُهي ٻئي قسم جون ڳالهيون آهن.“
”آخر اوهان کي چوڻو ڇا آهي، ڳالهه ڪريو، نه ته فون رکي ڇڏيو.“
”اوهان ته ناراض ٿي رهيون آهيو!“
”ناراض انهيءَ سان ٿبو آهي، جنهن سان ڪڏهن ڪو راضي رهيو هجي. اوهان سان ناراضگيءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“
”خير، بهرحال منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته آءٌ خود اديب، شاعر ۽ نئين نسل جو نمائندو آهيان. گهڻائي اديب منهنجا دوست آهن. انهيءَ ڏينهن اسين هوٽل ۾ ويٺا هئاسين ته ڪي اديب اوهان جي ڪهاڻيءَ بابت چئي رهيا هئا ته چوريءَ جي آهي ۽ اهو به پيا چون ته اسين تصديق ڪنداسين.“
”ضرور ڪن. اوهين به ڪريو. بس اهوئي ٿي چوڻ گهريو؟“
”خير، انهيءَ ڳالهه کي ختم ڪيو ته بهتر.“
”شروع به اوهان ڪئي هئي.“
”پر مان ته اوهان لاءِ ائين نٿو سمجهان.“
”ٻين جي سمجهڻ ۽ اوهان جي نه سمجهڻ مان فرق به ته ڪونه ٿو پوي، اوهين مهرباني ڪري رسيور کي ڇڏيو.“
”ڏسو! هلو... هلو! ڳالهه ته ٻڌو!“
”جي...“
”انهيءَ ڳالهه کي ختم ٿو ڪجي، پر ائين ئي ڳالهائين ۾ آخر ڪهڙو اعتراض آهي، مان به ته هڪ اديب آهيان، هن روشن دور ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ خراب ڳالهه ته نه آهي. اوهان منهنجا ليک ۽ شعر وغيره ته پڙهيا هوندا. منهنجو تخلص ’چور‘ آهي.“ هن پنهنجي اديب ۽ شاعر هجڻ جو هٿيار استعمال ڪيو.
”اوهان ڪنهن اديب يا اديبه سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيو. مان اديبه ناهيان.“
”پر محترمه!“
”اوهان جنهن زبردستيءَ سان فون ڪري ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، اها ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي ۽ نه وري ڪنهن عزت جي قابل، افسوس آهي جو اديب به اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳن ته باقي ڪنهن کي ڏوهه ڏجي.“
”پر مون ڪا حرڪت ناهي ڪئي، منهنجو مقصد ته اوهان کي انهيءَ ڳالهه کان آگاهه ڪرڻو هو.“
”اوهان خطري کان آگاهه ڪيو، تنهن لاءِ اوهانجي نوازش، عنايت، مهرباني احسان! ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ گهرندا؟“
”اوهان ته خواهه مخواهه....“
۽ شمس هن جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي رسيور رکي ڇڏيو.
”توبهه، ماڻهو نه هو ڄڻ چچڙ.“ سک جو ساهه کڻندي چيائين.
’چور‘ اهو تخلص ڪنهن جو آهي. هن سوچيو ها... ٺيڪ آهي اشفاق ’چور‘ جي نالي سان غزل وغيره ته ڇپيا آهن... پر هي ۽ هن قسم جا اديب به ڪهڙي ذهنيت جا مالڪ آهن! سچ پچ ته ڏک ٿئي ٿو...
هوءَ اڃا سوچي ئي رهي هئي ته ايتري ۾ رشيده سندس سَرتي به اچي سهڙي.
”ڪنهن جو فون هو؟ توکي ڳالهائيندو ڏسي وڃي ماسيءَ سان ڪچهري ڪيم.“
”چور جو فون هو، تنهن پئي ڳالهايو.“
”ڇا چيئيءِ؟ چور جو؟ چورن جي هاڻي ايتري همت ٿي آهي جو فون تي اچڻ جو اطلاع ٿا ڏين.“ رشيده پريشان ٿيندي چيو. هوءَ ڊڄڻي ته اڳي ئي هئي، چور جو ٻڌي ساهه ٿي نڪتس.
”ها، چور پر رواجي چور نه، تون ته ائين ڊڄي رهي آهين، ڄڻ ڪو سچو پچو خطرناڪ چور هجي- چور ته هن جو تخلص آهي. نئين نسل جو نمائندو ۽ اديب.“ شمس وضاحت ڪئي.
”هان! مون ته سمجهيو شايد... پر هي ماڻهو اهڙا تخلص ڇو ٿا رکن“ جنهن مان غلط فهميءَ جو گمان ٿئي؟“
”تون نٿي سمجهي سگهين رشيده، هتي اڻ گهڙيل ماڻهو اهڙائي تخلص رکندا آهن. جهڙوڪ: ’چور‘، ’آواره‘، ’بي وفا‘، ’مرحوم‘، زخمي‘، ’ڦٽيل‘، ’روڳيل‘، ’خارباز‘، ’پاڳل‘، ’وحشي‘، ’درد‘، ’ڌوڙ‘، ۽ ’ڌڌڙ‘ وغيره.“ شمس يڪ ساهي سڀ نالا وٺي وئي.
”تعجب آهي!“
”پر هي نئين نسل جو نمائندو ڪهڙي بلا آهي، ’نئين نسل‘ کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟“
”سڱ ته ڪونه اٿن پر ڳالهيون سڱن واريون ئي ڪن ٿا.“
”ڇو ڀلا! آهن ته ماڻهو نه؟“
”آهن ته بلڪل ماڻهو، انهن جهڙو پائين، انهن جهڙو کائين، عام ماڻهن وانگر پنهنجي مطلب لاءِ خوشامند به ڪرڻ ايندي اٿن، يعني گڏهه کي به پيرين پوڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا آهن. سندن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ترتيب آهي، تنظيم آهي ۽ مقصد آهي. پر ادب ۾ سندن ڪوبه نشان ناهي. عجب ته اهو آهي جو جڏهن ساڻن ڳالهائبو ته سڀڪجهه چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچيو وڃي. پر جڏهن ڪهاڻي لکندا آهن ته مجال آهي جو ڪجهه سمجهه ۾ اچي. پڙهندڙ حيران ۽ ششدر رهجيو وڃي.“
”ها چئين سچ ٿي، مونکي به هڪ اهڙيءَ ڪهاڻيءَ سان واسطو پيو هو جا ڪجهه هن ريت لکيل هئي ته:
’وڌايان ٿو وک اڳتي، نٿي لهي مونجهه من ۾، واريان ٿو پاسان کٽ تي، ٿئيم ٿي پيڙا اندر ۾! اُٿن ٿا اُڌما مَن ۾. اچن ٿا ڀڀڪا ذهن ۾‘- بس مان توکي ڇا ٻڌايان ڀيڻ، اصل مٿوئي ڦري ويم. مونجهه وچان ڪهاڻي ڦٽي ڪيم. آخر اهڙي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد؟“
”کين پنهنجي نوڪريءَ جي مقصد جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هوندي آهي پر ڪهاڻي جي بنهه نه، جڏهن پورهيو ڪري ساڻا ٿي گهر ڏانهن يا پوءِ جيڪو به اڏو هوندو اٿن اوڏانهن وک وڌائيندا آهن ته پنهنجن ٻنهي ٽنگن جي آڌار تي اڳتي وڌندا ويندا آهن، پر پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن بازيگر وانگر مٿي جي زور تي ابتا ٿي رڙهندا آهن، ۽ پوءِ خبر اٿئي انهيءَ کي ڇا چوندا آهن؟- انهيءَ کي نئين ڪهاڻيءَ جو آرٽ- تجرباتي آرٽ چوندا آهن.“
”واهه! جواب ناهي انهيءَ تجرباتي آرٽ جو! اهڙي طرح سماج ۾ ڪهڙو سڌارو آڻيندا؟“
”سماج جي کين ڪابه پرواهه ناهي، سماج جا قائل آهن ته رڳو ايتري قدر ته سماج کين ڪجهه ڏي ۽ لڳاتار ڏيندو رهي، ڪهاڻي لکڻ مهل بلڪل بي مقصد هوندا آهن. ڪهاڻي ڇپڻ شرط فوراً مقصد جا قائل ٿي ويندا آهن. يعني معاوضي، شهرت، عزت ۽ تعريف جنهن لاءِ اڪثر عام ماڻهو حيران ۽ سرگردان رهن ٿا.“
”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، چور صاحب ڇا ٿي چيو.“ رشيده بيتابيءَ مان پڇيو.
”اهوئي، جيڪو سيکڙاٽ ۽ ٽرڙي قسم جا هٿ ٺوڪيا جدت پسند ۽ بظاهر روشن خيال پر ساڙسڙيا اديب هڪ ٻئي لاءِ پرپٺ زهر اوڳاڇيندا رهندا آهن.“
”آخر خبر به پوي ته ڇا چوندا آهن؟“
”اهوئي ته تنهنجي ڪهاڻي چوريءَ جي آهي.“
”جنهن ڄار چرندي ٺڪاءُ ڏنو، تون انهيءَ جي چوڻ تي لڳي آهين- چور کي پنهنجو عڪس نظر آيو هوندو؟“
”چور ته ويچاري پاڻ ’ساڌ‘ ٿي فون ڪيو هو. پاڻ ائين ٿوروئي ٿو سمجهي، ٻين جي خيالن کان آگاهه پئي ڪيائين.“ شمس طنز مان چيو.
”ڀلا انهيءَ همدرديءَ جو سبب؟“
”انساني فرض ۽ اديب بڻجي خاتون ليکڪ سان واسطو پيدا ڪرڻ، جيئن ادبي مجلسن ۾ سينو تاڻي چئي سگهي ته فلاڻي اديبه سان هنجي گهاٽي عليڪ سليڪ آهي.“ شمس سمجهائيندي چيس.
”پر واسطي پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻهو اهو ڇو ٿا سمجهن ته ٻين جي گهٽتائي ڪرڻ سببان اسين ڪنهن جي سامهون سرخرو ٿي سگهنداسين؟“
”هرڪو ته ائين نٿو سمجهي، صرف اهي ئي، جن کي پراين پچارن ڪرڻ ۾ لطف ايندو آهي ۽ نفسياتي نقطي نظر کان اهڙين ڳالهين ۾ ڏاڍي دلچسپي هوندي اٿن. پر اهڙن ماڻهن جو قدر ڪير به نٿو ڪري، ڇو جو هو ڪنهن به ڳالهه ۾ چڱائي ڏسڻ بجاءِ برائي جا ڳولهائو هوندا آهن.“
”پر ائين ڇو ٿا ڪن؟“
”انهيءَ تي خاصو بحث ٿي سگهي ٿو. ائين سمجهڻ گهرجي ته تنگ خيالي، بد ذهنيت، حسد ۽ هلڪڙائپ وغيره جي ڪري.“
”ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“
”اِها ته آهي ئي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. رڳو فوٽ پاٿن، هوٽلن ۽ ڪافي هائوسن ۾ ويهي اجائي لٻاڙ هڻڻ سان يا ٻئي ڪنهن جي گلا غيبت ڪرڻ سان کين ڪو اديب چئي سگهي ٿو ڇا؟ اهي نوجوان آهن کين پڙهيل به چئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن چاهين ته ملڪ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ معاشي گهرجن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي حالتن کي پيش نظر رکندي هڪ اهڙو ادب تخليق ڪري سگهن ٿا، جن تي نه فقط اسين پر ٻين زبانن وارا پڻ آفرين ۽ رشڪ جي نظر سان ڏسي سگهن ٿا.“ شمس بي ساختگيءَ سان چيو.
”آءٌ سمجهان ٿي اهڙي طرح ليکڪ اديبن ۽ اديبائن جو اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ساٿ ۽ سهڪار وڌي ته اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن ادب لاءِ عظمت جو مقام پڻ.“ رشيده وراڻيو.
”اهو ته حالتن تي ئي منحصرآهي، هي نوجوان جيڪي لئيءَ مان لٺ ڀڃيو ۽ پُڇ ٻڌي مهري ٿيو گهمندا وتن، جنجي ڪابه علميءَ ۽ ادبي لياقت ناهي ۽ جنجو اٿڻ ويهڻ ۽ چال چلت به مشڪوڪ، ڪهڙي اديبه کي کٽي کنيو آهي جو انهن ڏانهن تعاون يا سهڪار جو هٿ وڌائيندي.“
”چئبو ته اهي هٿ ٺوڪيا اديب، اديبائن کي اڳتي اُسرڻ نٿا ڏين؟“
”ڪوبه شخص ڪنهن جي تخليقي عمل کي اُسرڻ کان نٿو روڪي سگهي پر هت قصو انجي ابتڙ آهي، جيڪڏهن ڪا اديبه چڱو لکي ٿي ۽ انهيءَ جو اهڙي قسم جي هٿ ٺوڪين اديبن سان ڪو تعلق ناهي ته اهي ’اديب‘ سندس لکڻين تي غلط انداز ۽ دلشڪني واري نموني سان دل آزاريندڙ ٽيڪا ٽيڪڻي ۽ بڪواس ڪندا وتن ٿا؛ جيئن هوءَ لکڻ کان ئي هٿ کڻي ڇڏي يا ادبي ميدان ۾ آڻ مڃي پنهنجي پوزيشن کي سيڪنڊري سمجهي.“
”ڀيڻ هاڻي ڇڏين کڻي، ويچارا گمراهه آهن، انهن تي ڪهڙيون ميارون!“
”رشيده! ائين مناسب ناهي ته گمراهه کي وڌيڪ گمراهه ڪيو وڃي. انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو نه آهي پر کين ٿوري تربيت جي ضرورت آهي. کين گهرجي ته صحافت ۽ ادب بابت، صحيح طريقي سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪن ۽ اڳتي وڌن، اهڙي طرح سان نه فقط صحتمند ادب جي تخليق ٿيندي پر سندن اخلاقي تربيت پڻ ٿيندي، کين بااخلاق، باشعور ۽ سٺي شهري بنائڻ لاءِ سينئراديبن ۽ صحافين کي، جن جي ادبي ۽ علمي صلاحيتن جو هرڪو معترف ۽ مداح آهي، انهن کي گهرجي ته ان قسم جي نوجوانن جي تربيت ڪن.“ شمس خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان چيو.
”ڀيڻ تربيت ته ڏين پيا ۽ اصلاح به ته ڪن پيا، خبر ڪانه اٿئي تازو هينئر رسالن جا ايڊيٽر پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي ڦٽجي پيا هئا، پوءِ اهي اسان جا معزز اديب ئي ته هئا جن ڪالم لکي، قطعه ۽ خط لکي حالي ته ٺاپر ڪرائي ڇڏي.“ رشيده چيو.
”اهو به چڱو ٿيو، مس مس ته سنڌي رسالن سِسي کنئين آهي سي به جيڪڏهن وڃي مرڳو ’هائو‘ جي وات ۾ پوندا ته ڪم ڪيئن هلندو.“
”هاڻي ته خوب لکڻ گهرجي-“
”لکڻ ته گهرجي پر خواتين اڳ ئي گهٽ ٿيون لکن ٻيو اهو ڪيترو نه ظلم آهي جو کائن پڇڻ کانسواءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظ بدلايو ڇڏين. خدا جا بندا، جيڪڏهن توهان کي ڪنهن لکڻيءَ ۾ اعتراض نظر اچي ٿو ته ان بابت پڇو، جي لکندڙ تبديلي آڻڻ لاءِ راضي آهي ته ٺيڪ نه ته ٻيءَ صورت ۾ مواد کيس واپس موڪليو وڃي. ڪين لکڻيءَ جي ٻيڙي ٻوڙي پوءِ کيس خط لکجي ته معاف ڪجو، توهان جي اجازت بنا فلاڻو لفظ بدلائي هي لفظ لکيو اٿئون، دل ۾ نه ڪندا!“
”واقعي جواب ناهي دل ۾ نه ڪندا جو، اهو ته ٿيو ڪنهن کي پٺيءَ ۾ خنجر هڻي پوءِ معافي گهرڻ.“
”توکي اهو ٻڌي عبرت لڳندي ته منهنجي تازي لکيل ’اسيڪچ‘ ۾ رڳو هڪ سنڌي خاتون جي ست سال پراڻي تصوير جو بلاڪ ڏيڻ لاءِ خاص طرح سان ’سچيئشن‘ ڪرئيٽ ڪئي وئي!“
”هان!!“
”ان کان سواءِ ڪجهه سٽون به غائب ۽ هڪ سڄي پيراگراف جا لفظ اهڙي طرح هيٺ مٿي ٿي ويا آهن جو مان پاڻ منجهي پيس ته ڇا لکيل آهي. مونکي بيحد ڏک ۽ شرم محسوس ٿيو ته منهنجا پڙهندڙ ڇا سوچيندا هوندا.“
”پروف به جيڪڏهن چڱيءَ طرح نه پڙهبا ته ڪهاڻيءَ جو روح باقي ڪهڙو رهندو.“ رشيده چيو.
”مرد ليکڪن لاءِ ته اها روايت مشهور آهي ته هو مشين تان به پروف لاهيو پڙهيو وٺن ٿا. پر خواتين ويچاريون ڇا ڪن. پوءِ انهن جي دل ڪيئن چوندي لکڻ لاءِ.“ شمس ڏک مان چيو.
”ائي نينگريون! هاڻي هلي ماني کائو، توهان جون ته ڳالهيون کٽڻيون ناهن.“ شمس جي ماءُ ڪمري ۾ ايندي کين چيو.
”اُف، سردي ته ڪيتري آهي. منهنجو ته دم ٿو گهٽجي.“ اشفاق ’چور‘ چئي رهيو هو.
”دم ٿو گهٽجي! يعني سرديءَ ۾ تنهنجو دم ٿو گهٽجي؟ ڪمال ٿو ڪرين يار، دم ته گرميءَ ۾ گهٽبو آهي.“ اختر حيرانيءَ مان پڇيو.
”ها، يَر! دم ته گرميءَ ۾ گهٽبو آهي، پر جيستائين گرم گرم چانهه منهنجي چپن کي نه ڇهندي ۽ نڙيءَ مان هيٺ نه ويندي، تيستائين آءٌ واقعي گُهٽ محسوس ڪندو آهيان.“
”اڇا، اڇا! اهو مطلب آهي تنهنجو!“ اختر ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي چيو. هن جو خيال فوراً بل ڏانهن ويو.
”پر ڪا ڳالهه ناهي، جتي ايترا ڪوپ چانهه جا، اتي ٻيا ٻه سهي!“ هن گهڙي ساعت دل کي آٿت ڏيندي سوچيو.
”پوءِ هل ته هوٽل تي هلون،“ گهڙيءَ کن ۾ هو فٽ پاٿ تان لهي هڪ هوٽل جي ميز جي چوگرد ڪرسين تي اچي ويٺا، جنهن تي شام جو اڪثر ’چالو‘ قسم جي ’اديبن‘ جو قبضو هوندو آهي ۽ هو تيستائين هوٽل مان نه نڪرندا آهن جيسين کين لوڌي نه ڪڍيو ويندو آهي.
”دو چاءِ لائو!“ اختر بيري کي آرڊر ڏنو.
”سائين اسپيشل يا چالو؟“ بيري سنڌيءَ ۾ بي نيازي سان سوال ڪيو.
”اڙي يار، چالو ئي کڻي آءُ، اسپيشل جي وري جوڙجڪ ڪٿان ٿي ٿئي!“
بيرو حڪم جي تعميل ۾ ٻه گرم گرم چانهه جا ڪوپ کڻي آيو، سارو ڏينهن ڪڙهيل ۽ سڙيل چانهه- جنهن جي پيئڻ سان انسان جا جيرا به جلي وڃن.
اشفاق چانهه کي ڏسي، پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي- هڪ ئي ڍڪ پيئڻ سان هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻڪ ساري دنيا جو نشڪو انهيءَ ڍڪ ۾ سمايل هو. پر وري جلد ئي بي سڪون ٿي پيو.
”ڇو وري ڇا ٿيئي؟“ اختر پڇيس.
”مڙدي سان گڏ ڪفن ته ڪونه آيو!“
”اڇا، اڇا! سمجهيم. بيرا، ٻه سگريٽ ڪي- ٽو جا وٺي آءُ!“ بيرو ڏهين پئسي جو سڪو وٺي ٻاهر نڪتو ۽ ٿوري دير کان پوءِ واپس اچي عاجزيءَ سان چيائين.
”سائين هي ڏهه پئسي خراب آهي ٻي ڏيو.“ اختر تنهن تي ٻي ڏهه پئسي ڏنس.
سگريٽ جي دونهي ۽ چانهه جي گرميءَ سان هنن جي اکين ۾ تازگيءَ جي چمڪ اچي وئي. هو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مشڪيا.
”دم جي گهُٽ جو ڪهڙو حال اٿئي؟“ اختر ڊاڪٽر وانگر سوال ڪيو. ”بلڪل فرحت اچي وئي آهي. دماغ ۾ حسين پلاٽ رقص ڪري رهيا آهن.“ اشفاق ماليخوليا جي مريض وانگر ڳالهايو.
”ها، يَر! اهو ته ٻڌاءِ، اڄڪلهه ڪهڙا افسانا لکي رهيو آهين ۽ ڪٿي ڪٿي عشق پيو پچائين؟ من انهيءَ بهاني ڪو مونکي افساني جي پلاٽ ملي وڃي. اڄڪلهه ته دماغ ڪم ئي نه پيو ڪري.“ اختر چيو.
”ڪٿي! مونکي ته اڄڪلهه فرصت ئي گهٽ ٿي ملي. تون ٻڌاءِ.“
”مان ادبي دنيا ۾ هڪ ’نئون شاهڪار‘ پيش ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان. انڌي سماج تي اهڙو شاهڪار لکندس جو سڀن جا تاڪ لڳي ويندا.“
”ها! ٻيو ڇا سماج انڌو آهي. سماج جا ڪارڪن انڌا آهن، اهڙي حالت ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو؟ ادب ڪيئن ترقي ڪندو؟ ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار ادب تي آهي، جيستائين ادب ترقي نٿو ڪري، تيستائين اهو ملڪ ۽ سماج ترقي نه ڪري سگهندو“ اشفاق چيو.
”۽ منهنجو ته اهو چئلينج آهي ته جيستائين اسين ادب ۾ ڪو اضافو نه ڪنداسين، تيستائين ادب ۽ سماج ٻئي انڌا، ڪاڻا، لولا ۽ لنگڙا رهندا. سمجهيئه منشي اڌارچند! يا وري توکي گدوءَ جو سير ڪرائجي؟“ اختر چانهه جا پئسا سجايا ڪندي اشفاق کي لتاڙيو.
”سمجهيم، سمجهيم! واقعي تنهنجا خيال نهايت بلند آهن!“
”اها ته تو جهڙن نامور اديبن جي مهرباني آهي هونئن آءٌ ڪنهن قابل نه آهيان!“ اختر انڪساريءَ مان چيو.
”مهرباني، وڏي وڏي مهرباني!“
”پر...“
”پر ڇا؟ ڪنهن کي پيو ’پر‘ لڳائين؟ متان ’پر‘ مان ’پري‘ جي ڳالهه پيو ڪرين.“ هن اختر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي چيو.
”نه ڙي يَر، اها وري ڪٿي تي هٿ اچي. آءٌ ته اهو پيو چوان ته صحتمند ادب جي اوسر جو دارومدار هڪ ٻيءَ ڳالهه تي به آهي.“ اختر چيو.
”اها ڪهڙي؟“
”اها هيءَ ته اسان جا گهڻائي هم خيال پيدا ٿين.“
”اهو ته درست آهي. پر اهڙا اديب ڪهڙي ٿا خدمت ڪن، هاڻي ته زائفائن به ادبي دنيا ۾ قدم رنج فرمايو آهي ۽ انهن ته صفا ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.“
”پر خواتين ته تمام گهٽ لکندڙ آهن جن مان زرينه، خالده ۽ بلقيس پراڻيون ٿي چڪيون آهن هينئر هڪ شمس ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ جي تڪليف ورتي آهي! پر اها به اهڙو برو ته نٿي لکي!“
”۽ لکندي به ڪيئن!“ اشفاق طنز ڪئي. ڄڻ ته ڪنهن سازش يا اونهي راز جو کيس پتو پئجي ويو هجي ۽ ان کي پيٽ ۾ لڪائڻ ڪري کيس پٽڙا پيچ ٿي پيا هجن.
”ڇا مطلب؟“ اختر دلچسپيءَ مان پڇيو.
”جڏهن سٺا لکڻ وارا موجود هجن ته پوءِ خراب لکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!“
”کولي ڳالهه ڪر کڻي، ڪو شمع جو معمو پيو حل ڪرين ڇا؟“
”يار تون به الائي ڪٿي ٿو رهين! کولي وري ڪهڙي ڳالهه ڪريان. ڳالهه پڌري پئي آهي. ڪڏهن ايڊيٽر ٿا هن کي لکي ڏين ۽ ڪڏهن تو مون پارا ته ڪڏهن ڪٿان چورايو وٺي.“
”ائين وري ڪيئن!؟“
”ٻيو نه ته! هن کي لکڻ ئي ڪٿي ٿو اچي.“
”يار، اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٻڌايئه. اهو ادب سان ڌوڪو، اسان سان ڌوڪو ۽ سماج سان به ڌوڪو آهي. اسين، نئون نسل ان کي هرگز برداشت ڪين ڪري سگهنداسين.“
”ڪير ڌوڪو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن سان ڪري رهيو آهي، جو توهان ٻئي وڦلجي رهيا آهيو؟ اسان کي به ته ٻڌايو.“
امجد ۽ اصغر سُر سان سُر ملائي چيو ۽ اچي هنن جي ڀر ۾ ويٺا.
”اچو، اچو، توهان به ويهو. محفل جي رونق هاڻي ته اڃا شروع ٿيندي!“
”يار! اهو رسالو ته هيڏانهن ڪجانءِ!“ امجد جي هٿ ۾ رسالو ڏسي اختر چيو ۽ رسالو وٺي سڀ کان پهرين فهرست ڏسڻ لڳو. صغرا جي نالي تي هن جي نظر رڪجي وئي. ”بلي! بلي! هاڻي هيءَ به ٿي لکي! ۽ وري تنقيدنگار بڻي آهي!“ هنجي لهجي ۾، ساڙ، ڪينو ۽ هلڪڙائپ هئي.
”ڪير؟“ امجد ڪرسيءَ تان اٿندي اختر جي هٿ ۾ جهليل رسالي تي جهڪيو، ڄڻ ڪنهن خزاني جي راز ملڻ جو امڪان هوس.
”يار، اهائي ته آهي جيڪا ريڊيو ڊارمن ۾ به حصو وٺندي آهي.“
”خدا جو قسم!“ امجد عجب مان پڇيو.
”نه ته ڇا! رسالو کڻي ڏس.“
”بلي بلي. ٻلي ست ڪوئا کائي هاڻي حج تي نڪتي آهي. ضرور بڪواس لکي هوندائين.“

ٻيو وري، لکي به ڇا ٿي!“ اشفاق کي ڄڻ موقعو ملي ويو، ”انهيءَ کان گهڻو ته آءٌ ٿو لکي ڄاڻان. توهان تازو شايع ٿيل منهنجو هڪ مضمون ضرور پڙهيو هوندو. صغرا جي مضمون جي سٽا ته چڱي آهي پر مونکي اصل حقيقت جي خبر آهي ته اهو مواد ڪٿان کنيل آهي. پر پوري تصديق ڪرڻ کانسواءِ چئي نٿو سگهان. خاطري ڪري پوءِ ايڊيٽر ڏانهن خط لکندس. آخر مضمون جڏهن انهن کي لکڻ نٿا اچن ته چورائي شايع ڪرڻ مان فائدو؟“ هن پنهنجي متضاد بياني ۽ بيڪسي جو مظاهرو ڪندي چيو.
”بس ادا، رسالن جا اڻڄاڻ ايڊيٽر به ته خواتين جي انهيءَ ڏس ۾ گهڻي همت افزائي ٿا ڪن، ماٺڙي ڪيو مضمون ڇاپيو ڇڏين. ڪير چوري جي شڪايت ڪري به کڻي ته نظرانداز ڪيو ڇڏين. سندن خيال آهي ته خواتين به ادب جي صحيح خدمت ڪري سگهن ٿيون!“
”بڪواس! بلڪل غلط پيا ڳالهائين.“
اشفاق تي ڄڻ مرگهيءَ جو دورو پوڻ لڳو.
شمس ۽ رشيده پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. ٽيلفون جي گهنٽي ڳالهه اڌ ۾ ئي ڪٽي ڇڏي. شمس اُٿي رسيور کنيو.
”هلو.“
”آءٌ اشفاق ڳالهائي رهيو آهيان.“
”فرمايو!“
”اوهان جو افسانو عوام کي ڏاڍو پسند آيو آهي. اسان جي رسالي ’آپگهات‘ لاءِ به هڪ افسانو عنايت ڪرڻ فرمايو.“ هن عاجزيءَ مان چيو.
”معاف ڪجو، في الحال ان سلسلي ۾ آءٌ ڪو فيصلو ڪري نه ٿي سگهان. سوچينديس.“
”آخر ڪو لکيل افسانو ته اوهان وٽ ضرور پيو هوندو- پوءِ اهوئي کڻي ڏيو. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اصلاح وغيره جي ضرورت پئي ته آءٌ پاڻ ڪري ڇڏيندسُ، اوهين خاطري ڪريو.“
”مونکي اوهان جي اصلاح ۽ مشوري جي ڪا ضرورت ڪانه آهي.“
”معاف ڪجو! آءٌ اوهان جي ادبي حيثيت کان انڪار ڪونه ٿو ڪريان، پر اهو پيو چوان ته اوهان کي مشوري وغيره جي اشد ضرورت آهي.“
”مون کي نه ڪا ڪهاڻي ڏيڻي آهي ۽ نه وري ڪنهن جي ’زرين مشوري‘ جي ضرورت آهي.“
”اوهين ته هروڀرو ناراض ٿي رهيو آهيو. منهنجو ته تمام وڏو پروگرام هو ته ادبي دنيا ۾ اوهين منهنجي مدد ڪريو ۽ آءٌ اوهان جي يعني آءٌ اوهان کي پلاٽ وغيره ڏيان ته اوهين ان تي ڪجهه لکو، پوءِ ان جي اصلاح جي جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڻهي ڪري ڇڏبي.“
”اوهان پنهنجي لاءِ اهو سوچي سگهو ٿا. ڪٿان به پلاٽ وغيره وٺي پنهنجي نالي سان افسانو وغيره ڇپرايو ۽ پاڻ کي نئين ادب جو علمبردار اديب ظاهر ڪريو، پر آءٌ ان کي هڪ غير مهذب ۽ ناشائسته حرڪت سمجهان ٿي. مهرباني ڪري اهڙيون صلاحون ڪنهن ٻئي کي ڏيو.“ ائين چئي شمس رسيور رکي ڇڏيو.
اشفاق کي ٽيليفون بند ٿيڻ جو آواز ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن ٺڙاڪ ڪري چماٽ هنئي هجيس، هو سڄو ٿِٿان پِٿان ٿي ويو، کيس ائين محسوس ٿيو ته سندس اِهي ڪارستانيون ۽ بيهوديون حرڪتون، جن جو هو اڳواڻ هو، ڪڏهن هلي نه سگهنديون.

گيٽ آئوٽ

جسم ٿلهو متو، قد ڊگهو، رنگ صحتمند طرح سان ڪارو شيشم وانگر چمڪندڙ ڀريل ڳل، ٺوٺ خشڪ چپ، شايد سگريٽون گهڻيون پيئڻ ڪري. پر جڏهن هو کلندو هو ته هن جي سڄي چهري جو رنگ ئي بدلجي ويندو هو. وڏين وڏين گهرين اکين ۾ شرارت جي چمڪ اچي ويندي هئس. منهنجي ساڻس ملاقات همسفر جي حيثيت سان ساڳي ئي ڪمپارٽمينٽ ۾ ٿي. مان حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رهيو هئس ۽ هو لاهو رکان ڪراچي. مون سان اهڙي ته پياري انداز سان پيش آيو، جو مان سندس سٺي ورتاءُ کان بيحد متاثر ٿيس. هن جي ڳالهين مان ائين پي معلوم ٿيو ته ماڻهو ڍول آهي. هڪ اعليٰ آفيسر ۽ اڌيڙ عمر هوندي به هو ڏاڍو دلچسپ هو نه ته اڄڪلهه جي مشيني ۽ ماتمي دور ۾ ماڻهو ڏاڍا سپاٽ، غير دلچسپ ۽ هڪ جهڙا ٿي پيا آهن.
جيتوڻيڪ مان عمر ۾ هن کان ڪافي ننڍو هوس پر هن جي گفتگو اهڙي ته دوستاڻي انداز واري هئي جو عمرن جو فرق بنهه محسوس نه پي ٿيو. دراصل اها خاصيت به ڪن ڪن ماڻهن ۾ هوندي آهي ۽ ان لاءِ مان به هن ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو هئس. هن پنهنجو نالو عزيز احمد ٻڌايو ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته هو ڪراچيءَ ۾ ئي رهندو آهي. جيتري دير ريل ۾ رهاسين اسان جو ساٿ رهيو ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو ٿيندي رهي.
ڪئنٽونمينٽ تي لهندي ئي مون ’موناليزا‘ هوٽل ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. پر منهنجي مهربان همسفر مونکي پنهنجي بنگلي تي هلڻ لاءِ ايترو ته مجبور ڪيو جو مان انڪار به نه ڪري سگهيس. هڪ خالي ٽئڪسي آهستي آهستي وڃي رهي هئي. هن فوراً هٿ جي اشاري سان ان کي روڪيو. اسين ٻئي خاموشيءَ سان وڃي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.
”ڪلفٽن!“ هن بي پرواهيءَ سان چيو.
”بهتر جناب.“ ٽئڪسي واري فرمانبرداريءَ مان چيو ۽ ٽئڪسي تيز ڪري ڇڏيائين. بنگلي تي پهچي منهنجي تمام سٺي نموني سان خاطر تواضع ڪئي وئي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو هو ته عزيز صاحب هاڻي مونکي پنهنجن خاص دوستن ۾ شامل ٿيڻ جو درجو ڏيئي چڪو آهي.

جيئن ته اسين ٻئي ٿڪل هئاسين ان لاءِ منجهند جي ماني کان پوءِ جلد ئي سمهي رهياسين. شام جو ساڍي ڇهين بجي ڌاري ميزبان مونکي اچي اُٿاريو ۽ شام جي دستوري چانهه پيارڻ کان پوءِ پاڻ سان گڏ چهل قدميءَ لاءِ چيو، پهريائين ته ڪجهه پس و پيش ڪيم، ڇو ته شام جو مونکي پنهنجو خانگي ڪم لاهي صبح جو واپس حيدراباد روانو ٿيڻو هو. پر پوءِ عزيز صاحب جي اڳيان هڪ نه هليم ۽ مجبور ٿي پيس. هن مونکي ٻڌايو ته هو چهل قدمي ڪرڻ جو عادي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته جيڪڏهن هو ڪجهه ڏينهن لاءِ چهل قدمي ڇڏي ڏي ته سندس پيٽ سنڌ جي روايت ڪامورن مطابق تمام جلد وڏو ٿي ويندو آهي.

رستي تي هن مونکي چيو ته ”ادا، اڄ ٽي مهينا ٿي ويا آهن جو مون شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هاڻي ته ڪراچي جي آب هوا به ڀانءِ نٿي پوي، دم جو شوڪو به ڀانيان ٿو ته سنجريم پيو انڪري خيال اٿم ته سڀاڻي توسان گڏجي حيدرآباد هليو هلان، جت چند ڏينهن تنهجي صحبت ۾ گذاريان.“

”اکين تي سائين!“ مون فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. سامهون ٽئڪسي کي گذرندو ڏسي هن جو خيال الائي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ هڪدم ان کي سڏي ’ماريمار‘ هوٽل ڏانهن هلڻ لاءِ چيو.

چهل قدميءَ مان يڪدم ٽئڪسي ۾ چڙهڻ جو ارادو ڏسي پهريائين ته مان حيران ٿيس، پر پوءِ خيال ڪيم ته وڏا ماڻهو آهن دنيا جي هر ڳالهه وانگر ارادو بدلائڻ به انهن جي لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي، آخرڪار اسين هوٽل ۾ اچي پهتاسين.
مدهوشيءَ جي عجيب فضا چئني طرفن پکڙيل هئي، نشي ۾ بدمست ماڻهو جام تي جام پي رهيا هئا. اسين هڪ ميز جي چوگرد پيل ڪرسين تي ويهي رهياسين هن اصرار ڪيو ته مان به ساڻس شريڪ ٿيان، پر منهنجي انڪار تي هن اڪيلي ئي بيري کي ’پيگ‘ جو آرڊر ڏنو ۽ جلد ئي ختم به ڪري ڇڏيائين. جنهن کان پوءِ چپن تي مرڪ آڻي منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين ته ”بس، باقي ٻه.“ ائين چوندي رعب ۾ بيري کي هڪ ٻئي پيگ آڻڻ جو آرڊر ڏنائين.
ٻئي پيگ تي عزيز صاحب تفصيل سان ڪراچي جي موسم تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو خاص خيال ڏيکاريائين ته انهيءَ گندي آبهوا مان نڪري توهان سان گڏجي هلندس.
هينئر هن ٽئين پيگ جو آرڊر ڏنو ۽ پيئندي منهنجي ساراهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ته آءٌ ڪهڙو نه شريف آهيان جو هن ’شي‘ کان پري آهيان، پر حيدرآباد هلڻ ۽ اُتي مونسان گڏ رهڻ جو اصرار ان وقت به رهيو منهنجي ساراهه سان گڏوگڏ ڪجهه شعر به ٻڌايائين، ۽ اهو انڪشاف به ڪيائين ته کين فقط شاعريءَ سان دلچسپي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن لِکي به وٺندو آهي.
هينئر سندس پهرين انجام موجب ٽي پيگ پورا ٿي چڪا هئا، پر وري به، ”بس صرف هڪ“ چوندي بيري کي آرڊر ڏنائين.
”مان ڪڏهن به گندو شراب نه استعمال ڪندو آهيان. هميشہ ’اسڪاچ‘ پيئندو آهيان ۽ سوڊا جي بدران مونکي پاڻي وڌيڪ وڻندو آهي.“ هن هڪ ڍڪ ڀريندي چيو. پل کن لاءِ هن جي چهري تي سنجيدگي ڇائنجي وئي.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيائين، ”پر حقيقت ۾ ته شريعت موجب شراب حرام آهي. قرآن شريف ۾ اهو پڻ فرمايل آهي، ان لاءِ نهايت ئي شرمندو آهيان. خدا جي اڳيان ڇا جواب ڏيندس؟“ هن وڏي ويچار مان چيو، ”پر خير، هاڻي مان سوچي ۽ پڪو ارادو ڪري چڪو آهيان ته هن خبيث شئي کان هميشہ لاءِ توبهن ڪندس. خدا وڏو رحيم آهي، پنهنجن بندن جون وڏيون وڏيون خطائون بخش ڪيو ڇڏي، پر آءٌ سچ پچ ته ڏاڍو نالائق آهيان، قرآن ۽ شريعت جي پيروي نه ڪرڻ گناهه عظيم آهي.“ هو ذري گهٽ روئڻ هارڪو ٿي ويو.
مون سگريٽ کي ايش ٽري ۾ وجهندي هن ڏانهن نهاريو. هن وقت هو مونکي ڏاڍو عجيب معلوم ٿي رهيو هو. هينئر هن شريعت ۽ موسم کان پنهنجو موضوع موسيقي ڏانهن بدلايو ۽ گڏوگڏ پنجين پيگ جو آرڊر به ڏنو،
”اڄ راڳ جا قدردان ڪٿي؟ ويچارا موسيقار بک پيا مرن، تو ۽ مون جهڙا خاندان ڪيترا، جي راڳ جي سمجهه رکن ٿا.“ هن پاڻ سان گڏ مونکي به شامل ڪيو.
”جي ها سائين! ٻيو نه ته وري.“ منهنجي لهجي جو طنز هو محسوس نه ڪري سگهيو.
”يار، عاشق علي خان جي ڀيروي ته بس ڪمال جي آهي، خدا جو قسم جيڪڏهن اڄ سڀ موسيقار به گڏجي ويهن ته هوند صحيح ڳائي به نه سگهن.“ ائين چوندي هن جي هٿن کي جنبش آئي ۽ ٽپائيءَ کان طبلي جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائين ۽ پهرين ٺپ ٺپ سان سندن پنجون پيگ ڪپڙن تي هارجي پيو- ٻارهن رپين جو نقصان ٿيندو ڏسي هڪدم جوش ۾ اچي، بيري کي وري پيگ آڻڻ لاءِ آرڊر ڏنو ۽ جيستائين بيرو اچي هُن ”جادو لائي ويا جيءَ ۾“ وارو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو.
پريان ڪجهه شرابي جيڪي پڻ هن وانگر راڳ جا ڄائو هئا واهه واهه ڪرڻ لڳا. بيٺي بيٺي پنج کن شرابي ڪرسين کي سرڪائي اچي هن جي ويجها ٿي ويٺا. سڀني جي هٿن پنهنجا پنهنجا جام هئا. هڪ ڄڻي ته ساڻس سُر ملائڻ شروع ڪيو. ان وقت ’سا- ري – گا- ما- پا‘ جي جيڪا مٽي پليد ٿي سا ٻڌڻ وٽان هئي. ماڻهن جي واهه واهه ۾ هو پاڻ کي سچو پچو عاشق علي سمجهڻ لڳو هو. هڪ ته چئي به ڏنس، ”سائين واهه واهه، اڄ مدت کان پوءِ صحيح راڳ ٻڌو اٿئون.“ بس ايترو چوڻ جي دير هئي، هن بيري کي سڏ ڪيو. ”بيرا ايڪ پوري بوتل لاؤ!“ پنهنجي چوگرد ويٺلن کي پنهنجن هٿن سان شراب اوتيندو ڏيندو ويو.
هاڻي هنجو ڇهون پيگ هو، ليڪن مڙئي سرس. ڪنهن شامتِ اعمال فرمايو، ”سائين توهان کي غزل به ضرور ايندو هوندو.“
چوڻ جي دير هئي، هن زنانو سُر ڪري وٺي جو ڳائڻ شروع ڪيو ته ٻڌڻ وارن ۾ جيڪو ’موتي فقير‘ هجي ها ته به ڪن ڪپائي ڀڄي وڃي ها.
چشڪيءَ جو مزو وٺندڙ، جن جي آفرين آفرين پي پئي تن هن جي وڏي همت افزائي ڪئي.
ايتري ۾ هن ستون جام ڀريو ۽ انهيءَ مان ٻه ڍڪ ڀريندي ’راڪ اين رول‘ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. بس پوءِ ته پنجئي دوست ساڻس گڏجي ’راڪ اين راڪ‘ چوڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مون غريب کي به زورئي پاڻ سان شامل ڪيائون، موچڙن جي ڊپ کان انڪار به ته نٿي ڪري سگهيس.
هينئر ڪنهن ٻئي حاتم طائي بوتل جو آرڊر ڏنو ۽ وري سڀني ”لال پري‘ پنهنجي گلاس ۾ اوتي، عزيز صاحب جو هي اٺون جام هو، پر اٺين جام مان اڃان رڳو ٻه ڍُڪ مس ڀريائين ته ان بعد فوراً ئي هڪ وڏي ’آ، آئو‘ ٿي ۽ ڀرسان ويٺل هڪ همراهه جو سوٽ اُلٽيءَ جي نظر ٿي ويو. بس پوءِ ڇا هو، سوٽ واري همراهه نه ڪئي هم نه تم، ٺهه پهه هڪُ ڪڙاڪيدار کانگهارو هنجي منهن ۾ ٽِڙاڪ ڪري اُڇليو. ان کان پوءِ چانڊيا مگسي واري جنگ شروع ٿي ويئي. ٻه ٽي هِن طرف ته ٻه ٽي هُن طرف. نتيجي ۾ ٻئي اسڪاچ جون بوتلون به هارجي ويون. مطلب ته جيئن جيئن عزيز صاحب پنهنجو هوش وڃائيندو ويو تيئن تيئن مون کي هوش اچڻ لڳو. دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪري رهيو هئس ته ڪهڙي کُٽيءَ کنيم جو هڪ اجنبيءَ سان بي تڪلف ٿي بنگلي تي ويس. مان سخت بور ٿي رهيو هئس. ايتري بوريت زندگيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئم. پنهنجي جان جي سلامتي انهيءَ ۾ سمجهيم جو ڀرسان پيل ميز جي هيٺان وڃي لِڪس. ٿوري دير بعد مئنيجر، بيرن سميت اچي سڀني کي جدا ڪيو. هينئر عزيز صاحب جوش ۽ غصي ۾ سهڪي رهيو هو. بيري کي سڏ ڪري چيائين ”بيرا، ڪهڙا ڪهڙا ڪمينا ماڻهو توهانجي بار ۾ ٿا اچن. وڃڻ پيک کڻي آ، اڙي! پر، صاحب لاءِ ڪافي ڪا سينڊوچ ته کڻي آ، ٽي ڪلاڪ ٿيا آهن جو هن کي پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پياريو اٿوَ.“ هن مون ڏانهن همدرديءَ واري نظر سان ڏسندي بيري کي چيو.
”مڙئي خير آهي سائين! منهنجو خيال نه ڪريو.“ مون رسميءَ طور چيو.
پر منهنجي ڳالهه ته ڄڻ هنکان وسري وئي. منهنجي ڪجهه نه کائڻ پيئڻ جو خيال اچي، وري غائب به ٿي ويس.
هينئر هن نائين پيگ جو آرڊر ڏنو. بيري آهستگيءَ سان نائون جام رکندي کين عرض ڪيو ته هن وقت رات جا ٻارهن ٿي رهيا آهن. پر عزيز صاحب سڌو آئي- جي پوليس، سان دوستيءَ جي دعويٰ ڪندي بيري کي يقين ڏياريو ته پوليس کيس ڪجهه نه چوندي.
نائون پيگ ختم ڪري هن ڏهين جو آرڊر ڏنو، بار جا دروازا بند ٿيڻ لڳا. ان بعد هڪ ٻي بوتل وٺي عزيز صاحب بنگلي ڏانهن هلڻ لڳو. رستي تي هنجي هڪ ٻئي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پاڻ ۾ ائين ڀاڪر پائي مليا جيئن صدين جا دوست هجن.
ٿوري دير ٻنهي جي پاڻ ۾ سُس پُس ٿي ۽ ان کان پوءِ ٽئڪسي روڪائي مونکي به پاڻ سان گڏ کنڀي هڪ نامعلوم هنڌ ڏانهن هلڻ شروع ڪيائون. مون پنهنجو هوش تڏهن سنڀاليو، جڏهن طبلي جي ٺپ ٺپ ۽ هارمونيم جو آواز ٻڌم. هينئر هو ٻئي، ۽ مان، انهن سان گڏ هڪ مجرم وانگر ڏاڪڻ تي چڙهندو نظر آيس. اتي هڪ عورت جنهنجي عمر عزيز صاحب کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هوند سا پف ۽ پائوڊر جي ڪرشمي جي ڪري ڇوڪري لڳي رهي هئي، ۽ شراب جي نشي ۾ مدهوش منهنجن همراهن کي بنهه ننڍي نينگري نظر اچي رهي هئي.
عزيز صاحب جي ڪوٽ مان فٽافٽ ڏهن جا نوٽ ڪڙ ڪڙ ڪندا نظر آيا. ۽ اوچتو مون ڏانهن منهن ڪري فرمايائون، ”ميان وڏو ڪو بي شرم آهين، اڌ ڪلاڪ راڳ ٻڌندي ٿيو اٿئي ۽ ڪجهه پئسو ڪونه ڏنو اٿئي.“
مان ڇا جواب ڏيان ها، نهايت مسڪين لهجي ۾ رڳو ايترو عرض ڪيم ته، ”سائين! مون کي ڀلا هاڻي اجازت ڏيو، تمام ضروري وڃڻو اٿم.“
”وڏو ڪمينو آهين، مون توکي چيو ڪونه هو ته گڏجي هلنداسين!“ ’گاءُ تڪيه‘ تي ليٽي يارهون پيگ پيئندي هن مونکي تيزيءَ سان گهوريندي چيو.
”سائين! مونکي ضرروي واپس پهچڻو آهي.“ رحم طلب نظرن سان هن ڏانهن نهاريندي مون عرض ڪيو.
ان وقت عزيز صاحب، جو ساڄي ۽ کاٻي الٽيون ڪري رهيو هو، نهايت سختيءَ سان هڪ خوفناڪ رڙ ڪري مونڏانهن مخاطب ٿي چيو، ”گيٽ آئوٽ!“

ويهه ڏينهن

نٿوءَ ماءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو. ستر ورهين جي عمر ۾ کيس اڄ خط پهتو هو ته اچي پنهنجي ماءُ واري گادي وسائي. سندس ماءُ، جا به سرڪاري دائي هئي، تنهن کي به سرڪار سٺ ورهين جي عمر ۾ ٽڪيٽ وٺائي هئي، پر نٿوءَ ماءُ ستر ورهين جي عمر ۾ نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجو هوش وڃائي ويٺي. سندس موڪلاڻيون ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون کٽيون ئي ڪين ٿي. ڄڻ ڪنهن وڏي محاذ تي وڃڻ جو وقت اچي چڪو هئس، پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي رڙ ڪندي چيائين، ”امان سيگهه ڪر، ڪا چانورن لپ، ڪا اٽي لپ، ڪا چانهه ذري، ڪا کنڊ چپٽي منهنجي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي وٺ.“
”امان ڪو هنڌ بسترو به ته کنيون وڃ نه.“
ڌيڻس کيس ٺلهو سنڀرندو ڏسي چيس. ”انهيءَ جي ڪا ضرورت ناهي، سرڪاري نوڪري آهي، اتي سڀ ڪجهه پاڻهي ملندو.“ نٿوءَ ماءُ رعب ۾ وراڻيو.
سندس نهون، جي عذرائيل وانگر مٿانس اکيون ڦاڙيون بيٺيون هيون ته هيءَ آفت ڪا وقت ٽري ته نويڪلو ٿي ٽڪر کائنون، سي بظاهر نماڻيون اکيون ڪيون بيٺيون هيون، تن کي رڙ ڪري چيائين:
”ڇوريون! گهر جو خيال ڪجو، جي توهان جي مڙسن ۾ ڪو حال هجي ها ته پيريءَ ۾ ڌڪا نه کان ها، هاڻي وڃانوَ ٿي، گهر جي پارٽ اٿوَ.“
پوڙهي مڙس کان هڪ وڏي اوڇنگار سان ڀاڪر پائي موڪلايائين ۽ برقعو مٿي تي رکي ننڍي پٽ کي ساڻ وٺي نواب شاهه وڃڻ لاءِ اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيائون.
ڪنهن زماني ۾ سندس برقعي جو نقاب هيٺ هوندو هو، پر جيئن جيئن پاڙي جا پڪا پوڙها مڙس اُسهندا ويا، يا نيم انڌا ٿي پيا ته نٿوءَ ماءُ به نقاب کي هميشہ لاءِ خيرآباد چئي ڇڏيو. پر برقعي جي ٽوپي سا سدائين مٿي ۾ کتل رهيس، پوءِ اڳيان ڀل سنهڙي پهراڻ هيٺ گنجي نه هيس، انگيءَ چوليءَ جي اهميت کي ته بيڪار سمجهي ڪڏوهڪو ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين.
ڀلو ٿئي، ’هڪ ته ڀاوين ڏون، اهو جهُڳا اِهو تون‘ واري خاندان سان تعلق رکندڙ، ليڊي هيلٿ وزٽر خانم جان جو، جنهن جي ذريعي پيريءَ ۾ نٿوءَ ماءُ کي سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ ٿي هئي.
خانم جان جي نٿوءَ ماءُ سان واقفيت ٽريننگ دوران حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي کيس معلوم ٿيو هو ته نٿوءَ ماءُ نه فقط شهر جي جهوني پر نهايت ئي قابل دائي آهي. گهٽ ۽ وچولي طبقي کان وٺي اعليٰ طبقي جون بيگمات به کانئس ئي علاج وغيره ڪرائي چاڪ چڱيون ڀليون ٿي وينديون هيون. خانم جان جيتوڻيڪ ڪنواري نياڻي ڌيءَ هئي، تنهن هوندي به گهاگ زالن واري هوشياري حاصل هيس، جنهن جو ڪارڻ سندس چاليهن کان چڙهيل عمر هئي. عالباً انهيءَ ڪري ئي سندس لومڙيءَ جهڙين ننڍين ۽ تيز اکين نٿوءَ ماءُ تي پنهنجو ڪرم ڪيو. هوڏانهن نٿوءَ ماءُ به ڪچيون گوليون ڪونه کاڌيون هيون، ڀانيائين ٿي ته خانم جان اڃان سيکڙاٽ هئي، نئين نئين ليڊي هيلٿ وزيٽر ٿي آهي، انهي ڪري ’بازي‘ سندس ئي هٿ رهندي. کيس ڪهڙي خبر ته قضا سندس لاءِ ڪهڙو تير کنيو ويٺي آهي.
نٿوءَ ماءُ کي سندس مڙس، ڌيڻس، پٽن ۽ ٻاهرينءَ دل سان ننهن به گهڻوئي سمجهايس ته پيريءَ ۾ پرديس وڃي پنهنجا هڏ نه رلائي، موليٰ جي مهر سان هٿ ۾ شفا اٿئي، گهر ويٺي ئي سڀڪي مليو وڃنئي، پر توبنهه! پئسي ۽ ڪراڙي زائفان هئي. پيريءَ ۾ سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ، ڪا معمولي ڳالهه ته نه هئي، ۽ وري خانم جان کيس گهڻئي دم دلاسا ڏيئي راضي به ته ڪيو هو.
نٿوءَ ماءُ جو نوابشاهه پهچڻ تي سٺي طرح خير مقدم ڪيو ويو.
کيس ۽ پٽس کي اڌ بک اڌ ڍئو جي مصداق ماني ڏني وئي، جنهن ڪري سندس پٽ ته موڪلائڻ بنا ٻئي ڏينهن سان ئي حيدرآباد جي ٽڪيٽ ورتي، پر سندس ماءُ انهيءَ خيال ۾ ماٺ رهي ته وري هڪ دکي رپين جي زمين اندر پوري ٻيهر حج ڪنديس. مطلب ته شيخ چليءَ وانگر گهڻائي گيهه جا گهڙا دل ئي دل ۾ گهڙي رکيائين.
ٻه ٽي ڏينهن ته سانت ۾ گذريس، هڪ ڏينهن جيئن ئي گلاس کڻي دليءَ مان پاڻي ٿي اوتيائين ته اوچتو کيس ’مڪار رانڊ‘! جا لفظ ڪنن تي پيا، گلاس هيٺ رکي هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺائين؛ ٻيو ڪير ڪونه هو. اهي لقب کيس ملي رهيا هئا، ايتري ۾ ڇڙٻ جهڙي آواز ۾ حڪم مليس ته ”اسان جي دليءَ کي هٿ نه لاءِ پنهنجي گهگيءَ مان پاڻي پيئندي وڃ.“ خانم جان، ڪاڪوس جي در وٽ رکيل سسيءَ لٿل گُگهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
”امان اِها ته ڪاڪوس وٽ رکيل آهي.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو، ٻاهر پئي آهي، اندر ته ڪونهي رکيل.“
نٿوءَ ماءُ ويچاري اکين ڏٺي مک نه ڳهي سگهي لاچار ڪمپائونڊ ۾ لڳل نل مان ڪوسو پاڻي پيئڻ ئي غنيمت ڄاتو.
خانم جان هڪل ڪندي چيس، ”جلدي ڪري ڪپڙا ڌو، ۽ تنهن کان پوءِ هيءَ کٽ ٻاهر ڪڍي هنڌ وڇائي.“
”امان آءُ پوڙهي زال آهيان، سڀ ڪجهه ڪنديس پر کٽ ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهنديس. ڪپڙا به سنها سنها ڌوئي سگهنديس.“
”جي اهڙي نازڪ بدن هئين ته گهر ويٺي هجين ها، هت ڌڪا کائڻ نه اچين ها.“
”امان مان ته سرڪاري نوڪري ڪرڻ آئي آهيان!“
”چل سرڪار ڪي بچي!“
نٿوءَ ماءُ زهر جو ڍڪ ڀري ڪپڙن تان وڏيون اڇون جُيون چونڊڻ لڳي، جن خانم جان جي ڏنل ميري تيل واري بستري ۾ سڄون راتيون نٿوءَ ماءُ جو رت چوسيو هو.
”آخ گندي! اسان جو گهر ٿي خراب ڪرين!“
”امان هي بستري مان چڙهيون اٿم!“
خانه خراب تيرا! پنهنجي گهران چهٽائي آئي آهين، هاڻي ٿي چوين بسترو خراب آهي. جي اهڙي صفائيءَ واري هئين ته پنهنجو بسترو کڻي اچين ها؟“
”امان مون ته سمجهيو هو هتي سڀ ڪي ملندم.“
”چل دفعا هو مردار، بيڙا غرق!!“ ٻئي ڏينهن صبح جو خانم جان ويم ڪرائڻ وئي جت سڄو ڪم نٿوءَ ماءُ کان ورتو ويو. پاڻ پنجاهه رپيا مٺائيءَ جا ورتائين پر نٿوءَ ماءُ کي صرف هڪ رپيو ڏياريائين، ان تي به ظلم اهو جو ٻاهر نڪري کانئس پنجاهه پئسا زوريءَ کسي ورتا.
نٿوءَ ماءُ جا گهڙيل گهڙا سڀ ڀڄي پيا! کيس هينئر پڪي طرح سان معلوم ٿي چڪو هو ته سندس مقابلو هڪ بدمزاج بخيل زال سان هو. کيس هينئر معلوم ٿيڻ لڳو ته ناڻو شينهن جي ڪن ۾ آهي ۽ پنهنجي پوزيشن مائي نوران وانگر، جا سندس ماءُ وٽ پٽيوالي هئي جهڙي نظر اچڻ لڳي.
خانم جان نٿوءَ ماءُ کان زنانين بيمارين ۽ ويمن وغيره جي باري ۾ خاص مشورا ۽ ديسي دوائن جا نسخا وغيره لکائي چڪي هئي، جنهن ڪري سندس ڪم ۾ گهڻي برڪت ٿي پئي هئي. نٿوءَ ماءُ تي ته هاڻي سندس اک ئي ڪونه ٿي ٻڏي- نه ته هوند سوني مرغي ڄاڻي سندس قدر ڪري ها. پر ڀانيائين ته آهي پوڙهي سان به سنڌياڻي ٻن ٽن روپين ۾ ئي سرڪاري نوڪريءَ جي نالي تي خوش ٿيو ويٺي هوندي.
نٿوءَ ماءُ پنهنجي من ۾ سٽيل اسڪيم مطابق ڪم شروع ڪري ڏنو هو. خانم جان جي غير موجودگيءَ ۾ مريض زالن کي ڦاسائڻ شروع ڪيائين جي ”امان انهيءَ ڏائڻ کي ڪهڙي خبر علاجن جي، سمورا ڏس مونکان پڇيو وڃي، اجايا ڏوڪڙ ٿي ڦريوَ مان ٿي علاج ڪريانوَ.“ نتيجو اهو ٿيو جو لِڪ چپ ۾ ڪيئي زالون نٿوءَ ماءُ کان دوائون وغيره وٺي وينديون هيون. اهڙي ريت نٿوءَ ماءُ ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري ورتا. هڪ ڏينهن اوچتو اسپتال جي ڊاڪٽر جو نٿوءَ ماءُ کي سڏ ٿيو، جتي کيس معلوم ٿيو ته ڪو سندس مائٽ ساڻس ملڻ آيو آهي. نٿوءَ ماءُ جنهن کي مڪمل طرح سان خانم جان ’ٿاليان پاڻيان‘ ڪڍي ڇڏيو هو ۽ کيس ڪنهن به شيءِ کي هٿ لائڻ جو امر ڪونه هو، سا وڏيءَ خوشيءَ مان مائٽ سان گڏ سندس گهر وئي ۽ اتي رات گذارڻ بعد چار سير چڻا، چار سير مُستي، ٿالهي، وٽو، ديڳڙي ۽ گلاس سميت واپس اچي اسپتال پهتي. سرخرو ٿيڻ لاءِ هڪ دفعو وري پنهنجي قسمت کي آزمائڻ جي خيال کان چئن سيرن چڻن مُستيءَ مان اڌ جو داءُ هيائين، پر هت به قسمت مٿانئس کلي رهي هئي. ٻئي ڏينهن خانم جان جو ست ڦٽو ڀاءُ جو ”ڦيٿي“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ بلڪل سڌي ڪاٺيءَ وانگر سمهندو ڳالهائيندو، اٿندو ويهندو آهي سو اچي وارد ٿيو ۽ هڪ ڏينهن جي قيام بعد نٿو ماءُ جا چڻا، مستي ۽ ڀيڻ (خانم جان) جي ڪمائيءَ جا پئسا ۽ ڪڪڙيون کڻي روانو ٿيو. نٿو ماءُ اهو سڄو ڏينهن ڀڳل گوشت جون واسون لڌيون ليڪن کيس رَس ۽ پٽاٽو به نصيب نه ٿيو البت صبح جو وڃڻ مهل ڦيٿي، هڪ گرانهن سين جو اک ڏنڀاڻي کيس ڏنو ۽ باوجود انڪار جي کيس قبول ڪرڻو پيو.
نٿوءَ ماءُ هڪ گرانهه جي همدرديءَ مان فائدو وٺندي دٻيل لفظن ۾ ڦيٿي سان سندس ڀيڻ جي زيادتين جو ذڪر ڪيو ڦيٿو جو ان مهل سيون کائي چڪو هو ۽ ڏندن تي زور سان آڱر مهٽي رهيو هو، تنهن گرڙي ڪندي پنهنجي گول اکين جي ڇنڀ سان تعاون جو يقين ڏياريو ۽ نٿو ماءُ هڪ نئين اُميد جي ڪرڻ پنهنجي دل ۾ روشن ڪئي. ڏجها ڏسندي ۽ سور سهندي کيس پنڌرهن سورهن ڏينهن گذري ويا هئا اهو به وقت هو جڏهن پنهنجي گهر ۾ کٽ تي ويهي حڪومت هلائيندي هئي. زالن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو علاج لاءِ هميشہ گهر ۾ موجود رهندو هئو. سُکيا ڏينهن وساري سندس چپ بي اختيار ڏڪڻ لڳا ۽ ڳلن تان ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيس. جيئن ئي خانم جان ٻه سير ڪڙهيل کير جا پي ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتي تيئن نٿو ماءُ تي نظر پيس، کيس روئندو ڏسي هڪدم سندس ناسون ڪاوڙ کان ڦنڊجي ويون ”مڪار رانڊ! هاڻي تنهنجي مجال ايتري ٿي آهي جو منهنجي ڀاءُ کي چغليون هڻڻ کان به نه ڊنئين!“
”نه امان، مون ته خير صلا جي ڳالهه ڪئي هئي مانس.“ نٿو ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو.
نه صرف ايترو پر هاڻ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ زالن جو اعلاج به ٿي ڪرين!“
”امان پاڻهي اچي صلاح وٺنديون آهن، مون به بکئي پيٽ لاءِ ناڪار ڪونه ڪئي.“
”خاموش! مان وڌيڪ ڪجهه نه ٻڌنديس. توکي خبر آهي ته آءٌ ڪير آهيان؟ ’ليڊي هيلٿ وزيٽر‘ آهيان، ڪا معمولي نرس دائي ناهيان جو تون اهڙي گستاخ ٿي پئي آهين، اڄ آءٌ توکي جيئرو ڪونه ڇڏينديس.“ ائين چئي خانم جان اُبتيون اکيون ڪري پنهنجن اُڀن گوڏن سوڌو نٿو ماءُ ڏانهن وڌي نٿو ماءُ وٺي هيان ڦاٽيون دانهون ڪيون.
”گهوڙا ڙي! خون! خون! مونکي ماري ٿي بچايو...“
”چپ ڪر ته ساهه نه ڪڍئين.“
دانهون ٻڌي چوڪيدار ننڍي ڀت ٽپي اندر آيو. نٿو ماءُ مددگارکي ڏسندي ئي وٺي اوڇنگارن پٺيان اوڇنگارون ڏنيون. خانم جان کي ته خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ڪو حالتون اهڙي ڊرامائي شڪل اختيار ڪنديون. سا هڪدم وائڙي ٿي وئي.
چوڪيدار نٿو ماءُ کي اسپتال جي ڊاڪٽر وٺ وٺي ويو جنهن سڄو حال ٻڌي کيس دلجاءِ ڏني. نٿو ماءُ، ڊاڪٽر کي پنهنجو همدرد ڄاڻي روئي روئي ٻڌايو ته پرديس ۾ ساڻس ڪهڙو نه ذلت وارو سلوڪ ٿيو آهي.
ڊاڪٽر، خانم جان کي گهرائي خوب دڙڪا ڏيئي شرمندو ڪيو. پاڻ طبعاً شريف انسان هو، تنهن زال سميت نٿو ماءُ جي ڏاڍي خاطر توازه ڪئي ۽ اهو سڄو ڏينهن پاڻ وٽ رهايو ۽ ٻئي ڏينهن نٿو ماءُ کي چوڪيدار سان گڏ ٽانگي تي چاڙهي حيدرآباد وڃڻ لاءِ اسٽيشن اماڻيائون.
نٿوءَ ماءُ جو ٽانگو جڏهن خانم جان جي ڪواٽر اڳيان لنگهيو، تڏهن ويهن ڏينهن جي باهه، دانهن رستي هڪ جگر ٽوڙ گار جي ذريعي ڪڍيائين، ۽ خانم جان، جا ان مهل در تي ڀاڄيءَ واري کان پٽاٽا خريد ڪري رهي هئي سا اکيون ڇِنڀندي رهجي وئي

نئين مارئي

”پني... اُو... اُو!“ شريفان جي پيار ڀري ڪوڪ، ڪوهستان جي دلبهار علائقي ۾ پڙاڏو بنجي پکڙجي وئي.
”اَو... اَو!“ ساڳيءَ طرح پَني پنهنجن پکن اندران وراڻيو.
”ائي سيگهه ڪر،“ شريفان دڳ تي بيٺي بيٺي وڏي واڪ چيو. ”سڀئي سرتيون وڃي کوهه تي پُڳيون، مُک اوير پئي ٿئي.“
”اِجهو، اِجهو، اچي ”پُڳس.“ پني چونئري ڪڇ ۾ ۽ دلو مٿي تي ڪري پنهنجي چنڊ جهڙي گول روشن چهري تي مسڪراهٽن جا موتي پکيڙيندي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي اچي شريفان ڀيڙي ٿي.
”ايڏي اُوير!“
”هائو.“
”اڄ مڙيوئي ڪجهه اُوير اُٿي هئس.“
”ڪٿي اکيون ته نه اَڙيون اٿئي؟“
”چري، اکين جي اڙجڻ جو ڀلا اُوير اُٿڻ سان ڪهڙو واسطو.“ پَنيءَ اڳيان پيل پٿر کي ٿڏيندي چيو.
”بلي بلي! ڪهڙو واسطو! اکيون اڙيون ته دل وئي. دل وئي ته ننڊ ۽ آرام به ويا!“
”تون پانجو حال ته نه پئي اورين.“ پَنيءَ کيس چيڙايو.
”ائي اَلا مري ويس!“ شريفان پنيءَ جي ڪلهي جو سهارو وٺي، پير مٿي ڪندي رڙ ڪئي.
”ڇا ٿيئي!؟“ پنيءَ جي منهن جو پنو لهي ويو.
”ڀانيان ٿي ته ڪنڊو لڳو.“
”توبهه! ساهه ئي ڪڍي ڇڏيئي، ڀلا ويهه ته ڏسان.“
ٻنهي دلا ۽ چنئوريون پٽ تي رکي ڇڏيا، پَني، کُڙيءَ تان مِٽي هٽائيندي آڱر سان پڪ لاتي ۽ پنهنجي گهَگي ۾ لڳل ٽاچڻي ڪڍي ڪنڊو کوٽڻ لڳي.
”الا! مارينم ته نه.“ شريفان ٽاچڻيءَ جو سور پيئندي چيو.
”هڪ ته چڱائي ڪري ڪنڊو ٿي ڪڍانءِ مٿان وري تارا ٿي ڦوٽارين.“
”چڱو چڱو، ڪڍي ڇڏ، ڪنڊي جي بهاني سان سڀ باهيون.“
”مان وري ڪٿي ٿي باهيون ڪڍانءِ، پاڻهي ته بدلو مليئي، اڃان هڻيم تهمتون.“ پنيءَ ڪنڊو ڪڍي سندس تريءَ تي رکندي چيو.
”چڱو مائي، معافي ڏي، کڻي بخش ڪر سڀ خطائون.“ شريفان اکين ۾ شرارت ڀريندي، هٿ جوڙي چيو. ۽ پوءِ ٻئي ڄڻيون کل ڀوڳ ڪنديون آهستي آهستي وکون کڻي کوهه ڏانهن وڃڻ لڳيون.
ڪهڙي نه رونق هوندي آهي کوهه تي، خاص ڪري ساوڻ جي مند ۾ جڏهن پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي ۽ پَٽن کي ريج ايندو آهي ته هرڪو گسِ، گاهه سان گلزار ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪارا ڪڪر وسندا آهن تڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ جلبن کي سائي پوشاڪ پهريل هجي، هر طرف قدرت جو نور ئي نور پکڙيل هوندو آهي. جيڏين سرتين جو چهچٽو ته اصل زورن تي هوندو آهي، ڄڻ سندن ننڍپڻ موٽي آيو هجي. کوهه تان پاڻي ڀريندي خوشيءَ جا گيت سندن اندر مان ڪنهن آبشار وانگر پيا ڇُلڪندا آهن. هر چهرو خوشيءَ ۾ پيو ٻهڪندو آهي، منجهن اڳ جيان هڪجهڙائي نه هوندي آهي. ٻيو ته ٺيهو پر پڪا پوڙها، هلڻ کان هلاڪ، به انهيءَ موسم ۾ چنگڻ، ڪنجهڻ ۽ ڪُرڪڻ ڇڏي کٽ تي ويهي پاڻ جيڏن سان جوانيءَ جا قصا، چشڪا وٺي وٺي بيان ڪندا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن جا سکيا ستابا ماڻهو انهيءَ مند ۾ سير ۽ تفريح ڪرڻ لاءِ اچي پهچندا آهن. ڊاڪ بنگلو جنهن تي سدائين ڪاريءَ وارا ڪک پيا وسندا آهن، اُهو سڀني خوشين ۽ راحتن جو مرڪز بڻجي ويندو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه ساوڻ تائين. انهن جي وڃڻ کان پوءِ ٻڍڙو ربُو، جيڪو هتي سالن کان چوڪيدار آهي، اڪيلائيءَ ۾ چنڊ تارن سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي يا پوءِ اُنهن شهرين بابت سوچيندو آهي، جيڪي وڃڻ مهل پنهنجي نشاني سگريٽن جا ٽوٽا، وسڪي ۽ شئمپين جون خالي بوتلون ڇڏي ويندا آهن، جن جا اجايا ۽ خالي ٽهڪ ننڊ ۾ به انهيءَ وقت تائين کيس ٻڌڻ ۾ پيا ايندا آهن، جيستائين صبح ساجهر پني کير کڻي اچي کيس اُٿاريندي هئي. جڏهن ربو شهر جي جيم خاني ۾ چوڪيدار هو تڏهن ڪيترو نه خوش گهاريندو هو، سندس سموري ڪائنات هڪ زال ۽ ڌيءَ هئي، جن کي ڏسيو پيو جيئندو هو. پگهار کانسواءِ سٺي ٽِپ به ملندي هئس. مهيني ماسي لاري ۾ چڙهي جڏهن جبل طرف ويندو هو ته ڌيءَ سونيءَ کانسواءِ پنيءَ لاءِ به شيون شڪليون ۽ رانديڪا وٺي ويندو هو. پر هڪ سج ٻه پاڇا- سندس خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي. سوني، ماتا نڪرڻ ڪري مري وئي- ربو مري ته نه سگهيو، پر سندس جوانيءَ کي ڏکن ۽ ڏولائن جي راڪاس ڳهي ڇڏيو- ۽ جڏهن کان هن شهر ڇڏي اچي ڊاڪ بنگلو وسايو. پني، جيڪا سونيءَ جي سرتي هئي اها سندس آخري آس ۽ خوشين جو آخري ڪرڻو هئي، جنهن جي موجودگي ۽ قرب کانئس پنهنجي پيارن جي ياد ڪنهن حد تائين گهٽائي ڇڏي هئي.
اڄ ڪا مهل ٿي هئي سج کي اُڀري پني اڃان وٽس کير کڻي نه پهتي هئي، کيس ڪجهه اُڻتڻ ٿي، هو، اُٿيو- بنگلي جي پٿريلي ڏاڪڻ تان پاڻ بچائيندي هيٺ لٿو، پريان کوهه تان پنيءَ کي سرتين سميت ايندو ڏسي کيس ڄڻ ساهه پئجي ويو.
”ڇو امان پنل، خير ته هو- اڄ پنهنجي بابا کي کير ڇو نه ڏيڻ آئين؟“ پنيءَ کي ويجهو ڏسي ربوءَ چيو
”بابا، اڄ مينهن ڪجهه اوير سان مِڙي، سرتين به کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي سڏ ڪيا، چيم ته اڳو پوءِ پاڻي ڀري اچي ٿي کير ڏيان.“
”مُک تنهنجي اون هئي ڌيءَ... چيم ته الائي ڇا ٿيو... رب رحم ڪري.“
”بابا توکي ته اجايا وهم ٿيون پون، تون هل ته آءٌ کير کنيو بس اِجهو ٿي اچان.“ پنيءَ سرتين کي اڳتي وڌندو ڏسي چيو.
”ڀلي امان ڀلي؟....“ ربو واپس بنگلي طرف ويندي چيو.
سرءُ جي ساڙيندڙ مند پوين پساهن ۾ هئي. ڪارا ڪڪر اَگم ۾ اُڀري رهيا هئا، اونداهين راتين ۾ کڻيتي کنوڻيون، سڄي ڪوهستان کي جرڪائي رهيو هيون، ساوڻ جي سڀاڳي مند ۾ ٿوري ڪا دير هئي، جابلو ماڻهو، جيڪي مينهن نه پوڻ ڪري پنهنجا ڍور ڍڳا ڪاهي سنڌ طرف هليا ويا هئا، سي موٽي رهيا هئا.
پني پنهنجي دل ۾ غيرارادي طرح سان خوشيون محسوس ڪري رهي هئي. هن سيگهه ۾ گهڙاونجيءَ تي دلا رکي ڇڪي مان چونري هيٺ لاٿي ۽ ان مان ڪجهه کير لوٽي ۾ اوتي، بنگلي طرف وڌڻ لڳي. هوءَ پٿرن تان پاڻ سنڀالي هلي رهي هئي. هن جڏهن اکيون مٿي ڪيون ته کيس بنگلي جي چمنيءَ مان هلڪو دونهون نڪرندو نظر آيو. ڏاڪا اُڪري هن بنگلي جي ڪمپائونڊ وال ۾ پير پاتو ته کائنس ڇرڪ نڪري ويو. قدم اتي ئي رڪجي ويس.
”ايڏو جلدي وري ڪير آيو!“ هن سامهون بيٺل جيپ کي ڏسي سوچيو.
”بابا! او بابا!“ پنيءَ زورائتو سڏ ڪيو.
”آءٌ پَنل! آءٌ هت رڌڻي ۾ آهيان.“ ربوءَ دونهين کان کنگهندي وراڻيو. ”بابا ڪير آيو آهي؟ تو ته سوير ڪين ٻڌايو.“
”ها ڌيءَ! ٿوري ڪا دير ٿي آهي جو هڪ مسافر آيو آهي. چوي ٿو ته پهاڙن ۽ ان جي نظارن جون تصويرون ٺاهيندس. مون اُن لاءِ پاڻي پئي گرم ڪيو. ڪاٺيون اصل ڪي آليون آهن، ٻريون ئي نٿي، تون هي لوٽو مُک ڏي، وڃي کانئس ڪافيءَ جو دٻو وٺي اچ!“ ربو اکين کي بوڇڻ سان اُگهندي چيو.
”بابا! بيت ۽ ڪافيون به اڄ ڪلهه دٻن ۾ بند ٿين ٿا؟“ پنيءَ معصوماڻيءَ مان پڇيو.
”نه ڌيءَ! شهري ڪؤڙي چانهه کي ڪافي سڏيندا آهن... پر تون هاڻي سوالن کي ڇڏ، جلدي ڪر.“ ربو کيس پيار مان تڙي ڏني ۽ هوءَ اَلبيلائيءَ مان جهومندي مسافر جي ڪمري ڏانهن وئي.
ڪمري ۾ گهڙڻ کان اڳ سندس دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. شهرين بابت ٻڌل ڪيئي ڳالهيون هڪ ئي وقت ياد اچي ويس ته ڪهڙا ڏنگا ٿيندا آهن- سندن اکين ۾ نيڪي گهٽ شيطاني وڌيڪ هوندي آهي- گهور ڪري ڏسندا آهن-
پر جڏهن هوءَ ڪمري ۾ وئي ته اُتي ڪير به گهورڻ وارو نه هو. رڳو سامهون پلنگ تي ڪجهه ٿلها ۽ ڊگها ڊگها ڪاغذ پکڙيل هئا، جن تي ڪيئي رنگ هاريل هئا، ڄڻ ڪنهن ڄاڻي واڻي رنگن جون بوتلون، ڪاغذن تي اوتي ڇڏيون هجن، پاسي ۾ پيل ٽپائيءَ تي ڪتاب، برش، پينسلون ۽ ننڍيون ننڍيون مس جي ڪپڙين جيتريون ڪيئي دٻليون پکڙيون پيون هيون. انهن سڀني شين کان تعداد ۾ جيڪا شي گهڻي هئي اهي سگريٽن جا پاڪيٽ هئا- هن آٿت جو ڊگهو ساهه کنيو ۽ جيئن ئي پوئين پير موٽڻ لڳي ته در جي ڪنڊ وٽ کڙڪ محسوس ٿي، هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته شلوار ۽ پهراڻ ۾ هڪ قدآور نوجوان بيٺل نظر آيس. جنهن جون وڃايل وڃايل ۽ وساڻيل اکيون خبر ناهي زمين تي ڇا ڳولي رهيو هيون. ٻرندڙ سگريٽ سندن ڊگهين ۽ سنهين آڱرين ۾ دُکي دُکي دم ٽوڙي رهيو هو.
”هي وري ڪهڙو شهري آهي جيڪو اک کڻي به نٿو ڏسي!“ هنجي سوچ ۾ هڪ اهڙي خواهش هئي، جنهن اڄ تائين سندس دل ۾ جنم نه ورتو هو. هن سگريٽ تان نظرون هٽائي، هيٺ پنهنجي پير جي آڱوٺي کي ڏٺو، جنهن سان هوءَ بيخوديءَ ۾ ڪمري جي پڪي فرش کي اُکيڙي رهي هئي.
”بابا ڪافي گهري ٿو-“ هن وڏي مشڪل سان پاڻ سنڀالي چيو.
”هان!... ڇا؟... ڪافي!... او هو سامهون ناسي دٻو ميز تي رکيو آهي کڻي وڃ“ مسافر ائين ڇرڪي جهڪيل نظرن سان جواب ڏنو، ڄڻ صدين کان ننڊ ۾ الوٽ هو.
”پنج ئي آڱريون سچ پچ ته برابر نه ٿينديون آهن.“ هنجي دل ڌڙڪڻ لڳي.... هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄو ڪمرو رنگ، پيار ۽ موسيقي جي سمنڊ ۾ لڙهي رهيو هو. هن جي اکين ۾ انڊلٺ جا رنگ تري رهيا هئا.
”تون هتي ڦوٽو ٺاهڻ آيو آهين؟“ پنيءَ البيلائيءَ سان پُڇيس.
”ها...“ هن ڪنڌ مٿي ڪندي جواب ڏنو.
”مونجو ڦوٽو به ٺاهيندين؟“
”ها.“ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”مونجون سرتيون چون ٿيون ته تُوجو ڦوٽو ڏاڍو سٺو نڪرندو!“
”هون-“
”ڀلا پوءِ مونجو ڦوٽو ڪڍندين نه؟“ پني ڄڻ پڪ ٿي ڪئي.
”ها، پر پهرين ڪافي ته ٺهرائي اچ.“ ۽ هوءَ ڪافي جو دٻو کڻي رڌڻي ڏانهن وئي.
”بابا توجو هيءُ مسافر ته ڪو ڏاڍو چڱو ماڻهو ٿو ڀانئجي.“ پَنيءَ ٻارن جهڙي معصوميت سان پنهنجو خيال ظاهر ڪيو.
”سڀئي شهري ٻاهران اهڙا ٿيندا آهن پر اندران-“
”نه بابا! هي ته اندر جو به اُجرو ٿو ڀانئجي.“
”هوندو-،“ ربوءَ جواب ڏيندي کيس ياد ڏياريو،“ چڱو ڌيءَ تون هاڻي وڃ سرتيون تنهنجي راهه پيون نهارينديون هونديون.“
”بابا، تون ٿڪل ٿو لڳين، مُک ڏي ته آءُ ٿي مسافر کي ڪافي ڏيئي اچان.“ هن ربوءَ جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي سندس هٿن مان ڪافيءَ جو ڪوپ وٺي ڪمري ڏانهن رخ رکيو.
”اچي.“
”ڪافي تيار ٿي وئي!“ نوجوان مسافر سگريٽ پٽ تي اُڇلي، پنيءَ ڏانهن هٿ وڌايو پر سندس آڱريون ڪوپ جي بجاءِ پني جي ڀوري، نرم ۽ نازڪ هٿ ڏانهن وڌڻ لڳيو. پنيءَ کي ائين لڳو ڄڻ ٻرندڙ سگريٽ سندس هٿ تي اچي پيو هجي.
زور سان ڪوپ ڪرڻ جو آواز ٿيو، ڪافي زمين تي ڪري ٻرندڙ سگريٽ وسائي ڇڏيو، آواز ٻڌي ربو رڌڻي مان ٻاهر نڪري آيو. ڏٺائين ته پني ڏاڍي تيزيءَ سان ڪمري کان ٻاهر نڪري رهي هئي.
”ڇا ٿيو ڌي؟“ ربوءَ گهٻرائيندي پُڇيو.
”ڪجهه نه بابا! پني ورانڊي ۾ پيل کير جو خالي لوٽو کڻندي چيو. ”مان وڃان پئي، سرتيون سڏين پيون.“ ۽ هوءَ تيز وکون کڻندي هلي وئي!!

پرهه کان پهرين

”انجم، جيڪر تو مونکي غلط سمجهيو، ته اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هوندو.“
خدا نه ڪري.“ مون بي اختيار ارشد جي وات تي هٿ رکندي چيو. ”اهڙيون وايون نه ڪڍندو وڃ.“
”تون هميشہ اهڙي رهندينءَ نه؟“ هن منهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”ها... ۽ تون...؟ مون سندس سمنڊ جهڙين گهرين نيرين اکين ۾ ڪي پَل خاموشيءَ سان نهاريندي چيو.
”جيئن تون ڏسڻ چاهيندينءَ...“
ڇت جو پکو تيز هلي رهيو آهي- مان پلنگ تي ليٽي ڪيتريءَ دير کان انهيءَ کي پئي ڏسان ۽ گذريل هر ڳالهه به ساڳيءَ تيزيءَ سان ذهن ۾ ڦرندي پئي محسوس ڪريان. اسان جا ارشد جي گهراڻي سان ڏاڍا سٺا ۽ پراڻا تعلقات هئا، تنهن ڪري هو به امان وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ادب تي، آرٽ تي، سياست تي ۽ موقعو ملڻ تي پنهنجي باري ۾ به....
امان ارشد کي سندس سٻاجهي ۽ نوڙت ڀريل طبيعت جي ڪري گهڻو ڀائيندي هئي؛ پر بابا کي هميشہ اعتراض رهيو. ڇو ته ارشد وچولي طبقي جي مائٽن جو پٽ هو. وٽس بابا وانگر ٻنيون ٻارا ۽ زمينون ته ٺهيو پر ڪا ڊگري به نه هئي ۽ اڃا ته مس انٽر سائنس پڙهندو هو.
جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندو هو، تنهن ڏينهن بابا جو موڊ سخت خراب رهندو هو ۽ انهيءَ ڏينهن بابا کٽمٺا چوسڻ جي بجاءِ ڏاٺن سان ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. امان جي ناراض ٿي وڃڻ جي ڊپ کان ڪجهه چئي نه سگهندو هو. پرِ ڌڪار ڀريل نظرن کي ڪير ٿي لڪائي سگهيو، ارشد انهن کي محسوس ڪندي اچڻ ڇڏي ڏنو.
ڪڏهن پَٽ ڇَٽن تي، ڪڏهن ڇَٽ پَٽن تي! ڪنهن جي نصيب جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا مان ڇا ٿيو وڃي. ارشد جو به نصيب موچارو ۽ بخت ڀلارو هو. جڏهن هو ٻاهران ڊگريون وٺي آيو تڏهن سندس شمار علائقي جي سٺن انجنيئرن ۾ ٿيڻ لڳو. هاڻي ته بابا به کيس پسند ڪرڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن امان سان اهڙو اظهار به ڪيائين:
”مان ڇوڪرو پسند ڪري چڪو آهيان.“
ڇوڪرو! ڇو اچي پيريءَ ۾ خوار ٿيا آهيو.“
”انهيءَ ۾ خواري جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ۽ آءٌ کيس انجم لاءِ پسند ڪري چڪو آهيان!“
”ته ائين کڻي چئو نه...“
بابا مشڪندي منهنجي حسين مستقبل ۾ گم ٿي ويو ۽ منهنجي دل ۾ اميدن جون وساڻيل شمعون ڄڻ هڪ ئي وقت ۾ روشن ٿي ويون. ۽ پوءِ اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن شهناين جي گونج ۾ ارشد هميشہ لاءِ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو.
ارشد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو، مونکي بيحد گهڻو ڀائيندو هو، دنيا مون تي رشڪ ڪرڻ لڳي. گهڙيءَ گهڙيءَ رسڻ جي عادت کانئس ڄڻ بلڪل وسري وئي هئي، نه ته پهريائين ته معمولي ڳالهه تي به رسي پوندو هو.
”ڇا ڪري رهي هئين؟“
”ناول پڙهي رهي هئس.“
”ٺيڪ آهي وڃي پڙهه، اجايو توکي ڊسٽرب ڪيم، مان وڃان ٿو....“
”مان ته ائين ئي پڙهي رهي هئس، تنهنجي انتظار ۾ وقت گذارڻ لاءِ.“
”جي ها، مونکي خبر آهي، ناولن پڙهڻ مان اوهانکي فرصت ئي ڪٿي آهي جو ياد ڪريو.“ اهڙن موقعن تي هو ’اوهان‘ چئي مخاطب ڪندو هو.
”اهڙو شڪ ڪرڻ به ٺيڪ ناهي.“
”مان ته شڪي آهيان، خراب آهيان، بس اجهو اهڙوئي آهيان!“ هڪدم سنجيده ٿي ويندو هليو هو، ڄڻ وري ڪڏهن نه ايندو.
هڪ دفعو آءٌ گهر ۾ اڪيلي هئس، ارشد جو فون آيو، ڏاڍو موڊ سٺو هئس ايتري ۾ ڏٺم ته امان جي هڪ پراڻي سهيلي پي آئي. ظاهري آهي ته گهر ۾ ٻيو ڪير نه هو ان لاءِ ڏهه ڪم ڇڏي به منهنجو ملڻ ساڻس لازمي هو. مون ارشد کي ڪجهه دير بعد فون ڪرڻ لاءِ چيو.
”نه انجم- اڃان نه وڃ.“
”ڏس نه- “
”ها ڏسي رهيو آهيان!“ هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي طنز ڪئي – مان ڦڪي ٿي ويس.
”ٻڌ نه....“
”ها، ها ٻڌاءِ.“
”هوءَ سامهون اچي وئي آهي، ڪهڙي نه بداخلاقي ٿيندي، جو مان هن کي ائين نظرانداز ڪندس.“
”ڀلي....“ هن ٻارن وانگر ضد ڪيو.
هوءَ بلڪل ويجهو اچي وئي ۽ مان ايتري ته مجبور هئس جو هڪ لفظ به ڳالهائي نٿي سگهيس، ماٺ ڪري رسيور رکي ڇڏيم.
ڪلاڪ کن بعد جڏهن هوءَ وئي ته مون ارشد کي فون ڪيو. هن رسيوَ ته ڪيو، پر منهنجو آواز ٻڌنديئي رسيور کي زور سان ڪريڊل تي ڦٽو ڪيو. ٻه چار دفعا مون ڪوشش ڪئي، آخر هن رسيور ئي لاهي رکي ڇڏيو!
سندس اها عادت مون کي زهرلڳندي هئي، مان سوچيندي هئس ته اسان جي آئينده زندگيءَ تي انهيءَ جو اثر ضرور پوندو- مان انهيءَ ڪري ساڻس نفرت به نٿي ڪري سگهيس. محبت جيڪڏهن چڱايون ۽ برايون پرکي ڪجي ته پوءِ اها محبت ته نه ٿي. مان کيس منٿون ڪندي هيس، پرچائيندي هيس؛ پر هو نه مڃندو هو ۽ پوءِ ڪيترا ڪيترا ڏينهن اسان وٽ نه ايندو هو. منهنجي حالت اهڙي هوندي هئي، جهڙي روح کان سواءِ جسم جي. روئيندي روئيندي اکيون سُڄي پونديون هيون. گهر وارن جي نظرن کان پاڻ بچائڻ لاءِ سارو ڏينهن ويهي سوئيٽر ٺاهيندي هيس يا مٿي جي سور جو بهانو ڪري بيمار پئجي رهندي هيس. ڪيترن ڏينهن بعد وڃي هن جي صورت نظر ايندي هئي.
معصوم شڪل ٺاهي اچي امان وٽ ويهي رهندو هو. جيئن ئي امان ڪنهن ڪم سان اٿندي هئي؛ هو فوراً مون وٽ اچي پهچندو هو:
”انجم!“ پيار ۾ ٻڏل آواز.
”......“ آءُ چپ.
”ناراض آهين؟“
”مون کي ڪهڙو حق آهي، ناراضگيءَ جو....“
”ٻيو ڪنهن کي ٿي سگهي ٿو ڀلا؟“
”.....“ آءٌ ماٺ.
”انجم... مون کي معاف ڪر.... الائجي مونکي ڇا ٿي ويندو آهي؟ توکي ستائڻ ۾ مزو ايندو آهي.“
”۽ آءٌ مري وڃان ته....؟“
”ڪهاڻي اڌوري نه رهندي...“
”.......“ مون وٽ ڪوبه جواب نه هو.
”تون مون کي تمام گهڻو وڻندي آهين.... ٻڌاءِ ڇو؟“
”آءٌ انجي قابل ته ناهيان.“
”ائين ڇو چيئي....انجم.... ٻڌاءِ ڇو؟“
”اها حقيقت آهي نه....“
”انجم ائين ڇو چيئي... چئو ته آءٌ قابل آهيان....“
”...........“
”چئم آنجم.....“
”ڪيترو نه ضدي آهين توبهن!“
”چئو نه انجم....“
”ها...“
”ائين نه....، چئو ته آهيان....!“
”ها بابا آهيان ستائين ڇو ٿو؟“
”بابا....؟!“
”شرير....“
گذريل ڪيترن ڏينهن کان آءٌ محسوس پئي ڪريان ته ارشد ضرورت کان ڪجهه گهڻو مصروف رهڻ لڳو آهي. آفيس جي ڪم مان واندو ٿي، جڏهن ٿڪجي گهر اچي ته هڪ سلسلو ماڻهن جو شروع ٿيو وڃي. هر پنجن منٽن بعد ڪال بيل وڄي، ڪو دوست ملڻ آيو، ڪو دوست ساڻ هلڻ تي اسرار ڪرڻ لڳو، ڪو ماڻهو ڪم سانگي اچي ويو. ڪيترا ڀيرا اسان جي انهيءَ ڳالهه تان چخ چخ به ٿي آهي. ڪم جي گهڻائي ڪري هو هر وقت ٿڪل ٿڪل رهڻ لڳو هو. صبح جو ناشتي ڪرڻ کانسواءِ ويندو هو ۽ رات جو ٿڪو ماندو دير سان موٽندو هو. ۽ هت آءٌ گهر ۾ بلڪل اڪيلي يا پوءِ هي بي سمجهه معصوم عاصم، مون به خار ۾ اچي منجهند جو ماني کائڻ ئي ڇڏي ڏني. ڀلا اها به ڪا زندگي، صبح کان رات تائين انتظار. خاموشي من ماندو ڪري ڇڏيو هو. ڪاش! ديوارون، پلنگ، کٽون، ميزون، ڪرسيون، چمچا ۽ پليٽون به ڳالهائي سگهندا هجن!! اڪيلائيءَ ۾ منهنجي اڪثر اها خواهش هوندي هئي.
سوچي سوچي منهنجو ذهن ٿڪجي پيو. اڃا ننڊ پئي آيم ته ارشد جي آواز تي جاڳي پيس. هو نوڪر سان ڳالهائي رهيو هو.
”شڪر آهي، اڄ سوير آيا آهيو.“ مون طنز مان چيو.
”نوڪري به ته ڪرڻي آهي، پيٽ به ته پالڻو آهي.“
”جهنم ۾ وڃي پوي اهڙي نوڪري، جنهن ۾ ننڊ آرام ۽ صحت وڃائجي.“
”تصوراتي دنيا جون ڳالهيون نه ڪندي ڪر.“
”مان غلط ته نه ٿي چوان، منهنجو نه، ته پنهنجي صحت جوئي ڪجهه خيال ڪريو.“
”ڇا ٿيو آهي مون کي؟ توکان ته ڏٽو مٽو آهيان.“
”خدا ڪري ته سدائين هجو، پر ڪم جي زيادتي آخر به ته صحت کي متاثر ڪندي.“
”بس ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي باقي....“
”اهو گذريل ڪيترن ڏينهن کان ٻڌان پئي.“
”پوءِ، آءٌ ڀلا ڇا ڪيان انجم، آخر ڪم به ته ڪرڻو آهي.“ هن رکائيءَ سان چيو.
”مون کي ڏک ٿيو، آءٌ ماٺ ٿي ويس. هو شايد ناراض ٿي هليو ويو! مس مس جلدي گهر آيو سو به مون ڪاوڙائي ڇڏيومانس. ’خير منهنجو انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه؟‘ مون پاڻ کي دلاسو ڏنو.
شام ٿي ته مان لان تي اچي ويٺس- عاصم پنهنجي پنڌ سکڻ واري نئين گاڏيءَ ۾ پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو.
”بيگم صاحب چانهه!“ نوڪر چانهه کڻي آيو.
”ڪيترا ڀيرا توکي چيو اٿم، بيگم صاحب نه سڏيندو ڪر! جيجي يا ادي ڪري چوندو وڃ، سمجهيئي.“
”چڱو بيگم صاحب.“
”بدبخت.“ مون ڀڻڪيو.
”الائي ڇو مون کي لفظ ’بيگم صاحب‘ کان سخت چڙ آهي بلڪ نفرت آهي. منهنجي تصور ۾ هڪ خوفناڪ ۽ چرٻيءَ جي تهن سان سٿيل غرارو يا ساڙهي پهريل ٿلهي ۽ بندري عورت اچي ويندي آهي؛ جنهن کي هڪ ئي وقت ۾ گئس، بلڊ پريشر، ڦيري دل جي دوري جون بيماريون هجن،
چانهه ختم ڪري مان بظاهر مطالعي ۾ گم ٿي ويس؛ پر ڌيان سڄو ارشد ڏانهن هئم.
شام موڪلائي رهي هئي. ايتري ۾ مون ڏٺو، ارشد ۽ سندس بي تڪلف دوست طارق مسڪرائيندا اچي رهيا هئا. مون دل ئي دل ۾ سک جو ساهه کنيو. ”سلام!“ ارشد صلح پسنداڻي نموني سان مُرڪندي چيو. ”سلام“ مون سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
طارق به سلام ڪيو ۽ ڪرسيون ريڙهي هو اتي ئي ويهي رهيا. هو منتظر هئا ته شايد آءٌ ڳالهائينديس؛ پر آءٌ بلڪل بي تعلق بڻجي ويٺي رهيس.
”ادي ڇا حال آهي..... ٺيڪ آهيو؛ مطالعو ٿي رهيو آهي؟“ آخر طارق کان نه رهيو ٿيو.
”جي بس ائين ئي.“ مون ڦِڪي مُرڪ سان وراڻيو.
”هيڏانهن ته اچ عاصم! هڪ پپي ڏي انڪل کي.“ هو عاصم سان ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو، پر هن جو ڌيان اسان ڏانهن ئي هو. غالباً ارشد کيس ٻڌايو هوندو ته اسان ۾ چخ چخ ٿي آهي. تڏهن ته هو ڄاڻي اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي رهيو هو. ارشد مون کي ڏسي مشڪيو ۽ چيائين:
”هل، ته پڪچر ڏسي اچون.“
مان خاموش رهيس، مطالعو جاري رهيو.
ارشد ۽ طارق پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا.
مون محسوس ڪيو ته ارشد وساڻل لڳي رهيو هو. ڪجهه دير پهرين واري مرڪ ۽ شوخي سندس چهري تي پنهنجو هلڪو نشان به نه ڇڏيو هو. مون غيرارادي طرح چاهيو پي ته ارشد اڃا به منهنجي خوشامد ڪري پر ڏٺم ته هو خلاف قوقع جلد اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين:
”اوهان اڃا مصروف آهيو؟“ سندس لهجو خشڪ هو. آءٌ ماٺ رهيس.
”چڱو، اسين وڃون ٿا.“ هُن اُٿندي چيو.
منهنجي دل تي هڪ ئي وقت ڄڻ ڪيترائي پٿر وسڻ لڳا!
”ارشد ڇو هليو ويو...؟“ مون کي پنهنجي بي رخيءَ جو احساس ٿيو، مان ڪيتري نه بداخلاق آهيان؛ گهٽ ۾ گهٽ سندس دوست جي اڳيان ته اهڙي روش نه اختيار ڪرڻ کپندي هئم. هو ڇا سوچيندو هوندو؟ ارشد کي ڪيترو نه رنج ٿيو هوندو. مان دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳس. اسان لاءِ ئي ته هو سڀڪجهه ڪري ٿو، گهڻو وقت ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهيو ته ڇا ٿيو- اهڙا اتفاق ٿيندا رهندا آهن- ڪڏهن ڪم وڌندو آهي، ڪڏهن گهٽ به ٿيندو آهي- مون کي سندس همت افزائي ڪرڻ کپندي هئي- مان پاڻ کي سمجهائڻ لڳس. زندگيءَ جي سٺي ساٿي کي رنجائي مون چڱو نه ڪيو. مون کي خبر به هئي ته هو ڪيترو نه حساس آهي- پوءِ مون هي ڇا ڪيو- مان پنهنجي ڪئي تي شرمسار هئس- پڇتائي رهي هئس ۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان لان تان اٿي اندر هلي آيس.
عاصم کي کير پياري سمهاري ڇڏيم گهر ۾ مون کان ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هو. نوڪر ڪم ختم ڪرڻ بعد هليو ويو هو.
پنهنجي بيڊ روم جو دروازو هميشہ بند ڪري سمهندي آهيان. ارشد دير ڪئي. مون در بند ڪري ڇڏيو خيال ڪيم ته جڏهن ايندو، تڏهن پاڻهي کڙڪائيندو. باقي ٻاهرين گيٽ جي چاٻي ته هميشہ پاڻ وٽ ئي هوندي آهيس.
ننڊ جا جهوٽا پي آيا ٿوري دير لاءِ پنڪي به اچي ويم. پر اکين ۾ انتظار، ننڊ ڪٿي ٿي ڪرڻ ڏني. اٿي ٽائيم پيس تي نظر وڌم... يارهن لڳي ويا هئا... هو اڃا نه آيو هو. منهنجي ننڊ ڄڻ بلڪل اڏامي وئي... هن ڪڏهن به ايتري دير نه لڳائي هئي، نه ته يارهن ته ڪو خاص ٽائيم ڪونه هو، پر هو ڪڏهن به رات جو اڪيلي گهر ۾ ائين نه ڇڏيندو آهي. خبر اٿس ته سندس دير سان اچڻ ڪري آءٌ ڪيترو نه گهٻرائجي ويندو آهيان ۽ ڪهڙا نه خراب خراب ڀوائتا خيال ايندا اٿم.
ممڪن آهي اڄ هو واقعي سنجيدگيءَ سان ناراض ٿيو هجي ۽ مون کي سزا ڏيڻ لاءِ شايد فلم جي آخري شو ۾ هليو ويو هجي. ٽيبل ليمپ روشن ڪري، هن جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب کنيم. پريم اسٽوڪر جو ’ڊريڪولا‘ پڙهيل ته اڳ ئي هئم پر وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه پنا پڙهي ڇڏڻ ۾ ڪهڙو هرج هو... هونئن به اهڙا ڪتاب رات جو اڪيلائي ۾ پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپ لڳندا آهن. پر اڄ هي ڪتاب پهرين کان وڌيڪ ڀوائتو لڳي رهيو هو... مون ڪتاب بند ڪري ڇڏيو... اُف.... هي مڇر به ڪنهن ڊريڪولا کان گهٽ ڪونهن، سڄي رات رت چوسي سج اڀرڻ کان اڳ غائب ٿيو وڃن. مڇرن کي ڪن وٽ ڀون ڀون ڪندو ڏسي سوچيم.
ٻارهن لڳا...... بس ڄاڻ آيو.... پر دير ٿيندي وئي، هو نه آيو... منهنجي بيچيني وڌندي وئي... مون ڄاريءَ ڏنل دريءَ مان رستي تي نهاريو... پورو علائقو اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو..... گهڻو پري ڪنهن ڪنهن گهر جي دريءَ مان هلڪي هلڪي روشني نظر اچي رهي هئي.... هوا معمول کان تيز هئي... زون...زون.... گهون... گهون...!
وڻ عجيب شڪليون ٺاهي دريءَ سان لڳل ڪمپائونڊ وال تي پاڇو وجهي رهيا هئا.
ياالله! خير ڪجان.... ائين ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي. هڪ لڳي چڪو هو، پوليس واري سيٽي وڄائي. دل چاهيو ته کيس سڏي چوان ته ارشد کي تلاش ڪر... پر اها ته بيوقوفي هئي. آخر مان ڇا ڪريان؟
ڪو حادثو ته... نه نه!! ان کان وڌيڪ ڪجهه سوچي نه سگهيس... مون زور سان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون....
ارشد جي خالي بستري تي نظر وڌم، منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا... مان برف جهڙي ٿڌي ٿي ويس ٻه به لڳي ويا دل چيو ته خوب رڙيون ڪريان، جيئن سڀ پاڙي وارا مون وٽ هليا اچن. ارشد مون کان کڻي ڪيترو به ناراض هجي پر هو هر گز هر گز اهڙي سزا مونکي نٿو ڏئي سگهي. ضرور ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي، جنهن سبب هو اڃا تائين گهر نه آيو آهي... آخر رات جو ننڍڙي ٻار کي ڇڏي آءٌ اڪيلي ڪنهن وٽ وڃا... نئون گهر، نئون شهر، هتي آئي ڪي ٿورا ڏينهن ته ٿيا آهن. هڪ هنڌان ٻئي هنڌ بدليون ته نوڪريءَ ۾ ٿينديون ئي رهن ٿيون.
اُف خدا! مون کي معاف ڪري ڇڏ آءٌ ڪڏهن به کيس ناراض نه ڪنديس... ڪڏهن به کانئس ناراض نه ٿينديس! آئون نٿي ٻڌائي سگهان ته منهنجي حالت ڇا هئي.. ٽي به لڳي ويا! هاڻي مون کان صبر نٿي ٿي سگهيو، مان روئيندي روئيندي بي هوشيءَ جهڙيءَ حالت ۾ اٿيس ۽ طارق کان مدد وٺڻ لاءِ سندس گهر وڃڻ جو خيال ڪيم... مون در کوليو... ڪمري مان پير ٻاهر رکيم... خاموشي ۽ سناٽو ڄڻ منهنجو پيڇو ڪري رهيا هئا... ڀر واري ڪمري جو در کليل ڏٺم... پکي هلڻ جو آواز به هو! ٻه قدم اڳتي وڌي ڏٺم ته هو بي خبر پلنگ تي ستل هو.
مون هڪ ڊگهو ساهه کنيو، حيرت ۾ اتي ئي بيهي رهيس ۽ پنهنجن سڏڪن تي قابو نه پائي سگهيس... آواز تي هن اکيون کوليون، پر پوري طرح سان سجاڳ نه هئڻ ڪري گهٻرائجي ويو ۽ هڪدم مون وٽ اچي مون کي جهنجوڙڻ لڳو:
”ڇو انجم...! انجم...؟ ڇا ٿيو!؟“
”ڪجهه نه...“ آءٌ توکي ڳولهڻ پي نڪتس... ايترو انتظار تو ڪڏهن به نه ڪرايو هو...“
”پر آءٌ ته ڏهين بجي ئي اچي ويو هئس. در کڙڪايم، ته تو ڪو جواب نه ڏنو، مون تنهنجي ننڊ خراب نٿي ڪرڻ چاهي ۽ اچي هتي سمهي رهيس.“
”الا....! چه... چه... شايد مون کي ان مهل ڪجهه پنڪي اچي وئي هئي... مون کي معاف ڪر ارشد... آءُ هاڻي ڪڏهن به توکي نه رنجائينديس... ڪڏهن به نه... مون کي گهڻي سزا ملي چڪي آهي.“ مون سڏڪا ڀريندي چيو.
”بس انجم... بس.“ هن پيار مان منهنجا ڳوڙها اگهندي منهنجو سر پنهنجي سيني تي رکي ڇڏيو.

ڀون ڦِرندي

ڪريم بخش هونءَ ته کڻي ڪهڙو به هو، پر هٿ جوڙي سا ڏاڍي هوندي هئس. مڙس ٻه ڀيرا هو. اصل ٻَنا لڳا پيا هئس نِوڙت جا. سڀڪو چوندو هئس، ”واهه ادا ڪريم بخش واهه!“ ٻنيءَ ٽڪر هئس، پنهنجي مڇيءَ ماني وارو هو. عزت سان وقت پيو گذرندو هئس. ڪنهنجا ڍڳا ڍور ويندا هئا، دانهن هن وٽ ايندي هئي، ڪنهنجي ٻانهن ڀڄندي هئي ته به فيصلي ڪاڻ وٽس ئي پهچندا هئا. هو لٺ به ڏيکاريندو هئن ۽ چٺ به، اهڙيءَ ريت سوَ رپيا ڀُنگ جا وٺي اڌ پئسا چورن کي ۽ باقي پئسا پاڻ ’هانا مانا‘ ڪري مال وٺرائي ڏيندو هو.
ٽانگي جي سواريءَ سان ته ڏاڍي دل هوندي هئس. موٽر ۾ ويٺل ڪا زناني سواري اڳيان لنگهي ويندي هئس ته ويچارو گهڻو ئي ٽانگي کي هڪلرائيندو هو پر پهچي نه سگهندو هو. سندس ناڪاميءَ تي موٽر مان وڏا ٽهڪ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، جي خوشقسمتيءَ سان ڪنهن جي موٽر خراب ٿيندي هئي ته ڄڻ ’ٻليءَ جي ڀاڳئين ڇِڪو ڪريو،‘ ٽانگو بيهاري اُمالڪ وڃي پنهنجو خدمتون پيش ڪندو هو. پر اکيون زالن ۾ هونديون هئس. ڪارو چشمو لاهي صفا ڪرڻ جي بهاني نظرون به ملائي وٺندو هو. انهيءَ ڏينهن به ’ٺنڊي سڙڪ‘ تان چهل قدمي ۽ چهل چشمي ڪندي؛ اوچتو سندس نظر مائي رحيمان تي وڃي پئي. مائي رحيمان کي افعالن جي خبر هئي تنهن تيئن تِکي وِک کنئين. ڪريم بخش به مُڇون مروٽي کنگهڪار ڪري ٻانهن کي لوڏو ڏيئي کڙين تي زور رکيو جيئن ٿي تِکي وک کينائين تيئن شلوار پيٽ تان ڍُرڪي ڍاڪ وٽ ٿي اٽڪيس، هڪڙو هٿ ور ۾ هجيس ۽ ٻئي سان پگهر اگهندو پي هليو. پنهنجي پر ۾ گهڻئي تکو هلڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مڙس هجي هلڻ جو ڍرو، ڪَڪ ٿي پاڻمرادو ڀڻڪندي چيائين: ”هري هَري هلڻ جي عادت ئي ڪانه اٿن.“
مائي رحيمان کي ڏند هڪ به نه هجي، باقي سينگار جو هجيس ’لک لهي ٿي لوڏ‘ سوني سنئڪلي ڳچيءَ ۾ ڏيڍ اک ۾ ڀَنگ وارو نشائي ڪجل، پيرن ۾ وڏن ٽونئرن واري جتي، ٻه پڙي اجرڪ مٿي تي، مٿان وري هلڻ اهڙو جو ڄڻ گهوڙو پيو ڀڄي. ڪريم بخش ويچاري گهڻي ڪوشش ڪئي ته پهچي وڃي منهن ڏسانس پر هوءَ ائين پي وئي جيئن واچوڙو، ڪريم بخش به پٺيان لڳو آيس. جنهن بنگلي ۾ مائي رحيمان ٿانوَ ٻهاري ڪندي هئي سو به اچي ويجهو ٿيو. اتي ڏٺائين ته هاڻي اچي ويجهو ٿي آهيان تڏهن منهن تان اجرڪ لاهي چيائينس، ”ابا ڇا آهي؟ ڪنهن تي ڀُليو آهين؟؟“ ڪريم بخش وراڻيو، ”مصيبت پوَيي، سوير کڻي مون ڏي منهن ڪرين ها، ايڏو رلايئي ڇو ٿي؟“ ائين چوندي لَسڙو ٿي ڍرڪيل قدمن سان پٺتي موٽيو.
چوڻي آهي ته ’رن پٽ جو لڳي ڀاڳ، ته ڏياري جوئر جي ڀت کي داغ.‘ ڪريم بخش کي ميونسپالٽيءَ ۾ وڏو عهدو ملي ويو، پوءِ ته ڀل ڀلان ٿي وئي. هو چويس منهنجو ڪم ڪر، هو چويس منهنجو! پاڻ ڀانئين ته آءٌ پنهنجو ڪو ڪريان ته پيريءَ ۾ سک ڏسان. ننڍڙا ٻچا، ٻه زالون ڪٿان پورت ٿيندم روز جواني ته ڪانهي. هاڻ ته ڪيس ڪري ڪري مُڇون به سڙي ويون اٿم، پر ’بَڙا سڏا وڻ، بِڙا دُک پاوڻ.‘ ماڻهو ڪٿي ٿا ڇڏينس اڃان صبح سان ڪاڪوس ۾ ئي هجي ته گهل چڙهيو وڃينس کانئس ويهه سال وڏي، پوڙهي ڏاڏي پوٽي زال اڳ ئي در تي کڙڪو ٻڌي وٺي پاراتا ڏيڻ شروع ڪندي هئي. اڄ به نوڪر کي رڙ ڪري چيائين:
”اي خميسا ڇورا، ٻڌين ٿو! ميرل جي پيءُ کي اڃا ڪاڪوس ۾ پنج منٽ به ڪونه ٿيا آهن ته مُئن اچي گهوڙا گهوڙا ڪئي آهي. ڪو نيرن جو ٽڪر به نصيب ٿيندس يا نه؟“
”جيجي آءٌ ته گهڻوئي ٿو چوان، چون ٿا ته اسان جو صاحب ۾ ڪم آهي، اسان جو ڪم نه ٿيو ته چرخي وانگر ڦري ڦري اونڌا ٿي پونداسين.“
”ابا اِهي نپٽا ڪين ڇڏيندس، ٻيڙي ٻڏن ڄٽن مان اچي ڦاٿو آهي.“ پوڙهيءَ چِڙ مان منڌيئڙيءَ کي ڏڌ ۾ زورائتو لوڏو ڏيندي چيو. ايتري ۾ باٿ روم مان فلش ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ڪريم بخش هلڪڙو ٿي ٻاهر نڪتو.
”خميسا ڪهڙو کڻي گوڙ لاٿو اٿئي، ٻاهر جون ڳالهيون ڇو گهر ٿو ڪرين.“ ڪريم بخش ٽوال سان هٿ اگهندي چيو.
”سائين ٻاهر ماڻهن گهل لاهي ڏني آهي، هڪڙي ٻانهن گڏ اٿن. جا مڙس وٽ نٿي وڃي، تنهن نبيريءَ لاءِ آيا آهن.“
”هون... پوڙهي آهي جوان؟“ ڪريم بخش آهستگيءَ سان پڇيو.
”سائين بس گدرو آهي گدرو!“
”ائي ڇورا! گدرو، گدرو ڇا پيو چوين؟ ڪهڙو گدرو؟“ پوڙهيءَ زال چاڏيءَ مان مکڻ ڪڍندي پڇيو. اهو ٻڌي ڪريم بخش اُتي ئي ڪري خميسي کي گهٽيو:
”اڙي هل، هاڻي هل، ٻاهر هل. گهرن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.“ ائين چوندي پاڻ ڊريسنگ روم ڏانهن وڌيو.
”ميرل جا پيءُ، ماني کائي پوءِ وڃجو.“ پوڙهيءَ کان رهيو نه ٿيو. ڪريم بخش کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
”سائين جلدي ڪجو.“ خميسي وري ياد ڏياريس.
”ها بابا ها، اچان ٿو، هڪڙن ڪمن مان آجو ٿيان.“ ائين چوندي پتلون پاتائين. سڄي عمر شلوار خميس ۾ رهيو تنهن ڪري اهو لباس کيس ڏاڍو ڏکيو لڳندو ۽ اڪثر چوندو آهي ته: ”بندوق جي منهن ۾ ڀلي وڃان پر پتلون نه پايان، عهدي ڪاڻ کڻي ڪارو منهن ٿو ڪريان.“ آخر پتلون، ٽوپلو ۽ نيڪ ٽائي پائي جيئن ئي ٻاهر نڪتو ٿي ته ننڍيءَ زال سڏ ڪيس: ”سائين مان صبح کان انتظار ۾ ويٺي آهيان، ماني کائي پوءِ ٻاهر نڪرو. رات به دير ٿي وئي هئيوَ، هاڻي ته ڀور کايو وڃو.“ ڪريم بخش ننڍيءَ نيٽي زال جو چيو ڪيئن نه مڃي، سو لاچار ٻه گرانهن تڙ تڪڙ ۾ لوڻ پاڻي ڪري کاڌائين. اتي وڏيءَ ڏٺو ته منهنجي چوڻ تي ڪونه آيو سا سَڙي ڀُڄي ڪباب ٿي وئي. دل ئي دل ۾ ننڍيءَ لاءِ چيائين ته: ’اڄ هيءَ مرندي يا آئون.‘
ڪريم بخش ٻاهر اوطاق ۾ پهچي ماڻهن سان کيڪر ڪري حال احوال وٺڻ لڳو. ها بابا جڙيا، ڪر خبر؟“
”سائين خبرون مڙئي خير جون، بچل؛ مون وارو سالو، سيَن واري عيد تي منهنجي زال مائٽن سان ملائڻ وٺي ويو، هينئر جو آءٌ وٺڻ ويس ته ٻانهن موٽائي ڏيڻ کان صفا انڪار ڪري بيهي رهيا. تون بابو ويٺو آهين، ڏاڍو رُلايو اٿن.“
سائين جڙيو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ويچاري نياڻي جنهن کي اسان لاڏن ڪوڏن سان نپائي وڏو ڪري شادي ڪرائي سين تنهن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو اٿس.“ جڙئي جي سُهري ڪانڀ ٻڌندي چيو. ”سڄو وقت نشاپتا ڪيو رُلندو وتي. هاڻي ته ڪَچي جي بَٺي به لڳائي اٿس. اڃا ٽيو ڏهاڙو ايسائز (ايڪسائيز) وارا ڳوٺ تي ڇاپو هڻڻ آيا هئا، ڀلو ٿئي جانڻ جو جنهن حال ڳالهه ٽاري ڇڏي.“
”سائين اهي آبڪاريءَ وارا ته ائين ئي اچي رلي مئا آهن.“ جڙئي پن جي ٻيڙيءَ مان ڦوڪ ڀريندي چيو.
”ڳالهه ۾ ٺهي ڪجهه ئي ڪين، اجايو اچي پاڻ ۾ ڦٽيا آهيو.“ ڪريم بخش چيو.“ ڪٿي آهي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ، آءٌ ٿو وڃي کين سمجهايان.“
”سائين ڇوڪري پَرئين ڪوٺيءَ ۾ ويٺي آهي.“ جڙئي جي سهري وراڻيو.“ باقي سندس ماءُ توهانجي حويليءَ ۾ ويل آهي.“
”اڙي خميسا!“ ڪريم بخش زورائتو سڏ ڪيو، ”ڪيڏانهن مري وئين؟ همراهن کي ٻاهر گلم تي ويهاري نيرن پاڻي ڪرائين ڏهه پيا ٿين، ڪو آئي وئي جو خيال به ڪونه ٿو پونئي.“
”حاضر سائين، ماني رکي اٿن.“ خميسي فرمانبرداريءَ سان وراڻيو.
”اَبا توهان ماني کائو، اءٌ ٿو نينگريءَ کي سمجهايان. مونکي پاڻ دير پئي ٿئي. جڙيي کي به ٿو ٿُڪ لعنت ڪريان.“ ائين چوندي ڪريم بخش کي اوچتو سرڪاري ڪاغذن وارو ٿيلهو ياد اچي ويو. جيڪو تڪڙ ۾ کڻڻ ئي وسري ويس. هو ٻيهر حويليءَ ڏانهن ويو.
ڪريم بخش جي غير موجودگيءَ ۾ سندس وڏي زال جيڪا اڳ ئي ڀري ويٺي هئي، جنهن جي ڦٻي وات مان سدائين هڙپون هڙپون جا آواز پيا ايندا هئا سا يڪدم ننڍيءَ تي وڏ ڦڙي وانگر وسڻ لڳي. ”اَئي منهنجي مڙس سان جادو ڪهڙو ڪيو اٿئي، جو هڪڙو اکر نٿو ڳالهائيم مالڪياڻي ته آءٌ هئس، تون ڪالهه آئي آهين هينئر ئي رعب ٿي ڄمائين.“
”مائي، ماسان گوڙ نه ڪر، اهو تون ڄاڻ تنهنجو ميرل جو پيءُ ڄاڻي، مان توهان جهڙي ڪونه آهيان. مانکي تقدير وٺي آئي آهي مانجي جند ڇڏ.“
”ائي جند ڇڏ ڪو آءٌ توکي کان ٿي ڇا. ٻوٽيون پٽيون اٿمئين ڇا؟“
”ٻوٽيون پٽ وڃي پنهنجي مئن جيئرن ننڍن وڏن، ستن پيڙهين جون!“
”بَلي ڙي بَلي! تون اهڙي زال ٿي آهين جو منهنجا مئا جيئرا ٿي ڪڍين.“ ائين چوندي وڃي چوٽيءَ ۾ هٿ وڌائينس.
اِنهيءَ اَتر ويلي ۾ ڪريم بخش به ٿيلهو کڻڻ لاءِ اچي پهتو: ”ڇا هي ڇاجو گوڙ آهي.“
”ڏسو نٿا مان جي چوٽيءَ مَئون ڪري پڪڙيو آهيس.“ ننڍيءَ چيو.
”منهنجا موئا جيئرا ڪڍيا اٿس، سي ڪي لوهه لڙهندا هئا ڇا.“ وڏي چيو.
”هاڻي ڪريو ماٺ نه ته کڻي پستول ٻنهيءَ کي ٿو پورو ڪريان. ٻاهر جا ڪم نبيريان ڪي توهانجا؟ زالون ٿيو، پاڻ ۾ سَرچوَ“ ائين چوندي ٻاهر ڪوٺيءَ ۾ ڇوڪريءَ ڏانهن ويو.
خبر تان پئي جو گهوڙاڙي گهوڙاڙي پئجي وئي اوطاق ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو ڪوٺيءَ جي در وٽ اچي پڳا. ڪريم بخش جا ٻه به ويا ته ڇهه به ويا.
”ماءُ منهنجي، تنهنجي مرضي نٿي وڃڻ چاهين ته نه وڃ.“ وري چور اکين سان مجمئي ڏانهن ڏسندي چيائين، ”بابا مون رڳو قرب سان نصيحت ڪئي اٿمانس ته وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئي اٿس. بيٺو به ته اجهو هتي آهيان. ٻه فوٽ پري. وٺي وڃو پنهنجي امانت.“ ائين چئي چڙ مان هليو ويو.
ڪريم بخش ٽيبل تي ننڍيءَ زال سوڌو ماني ويٺي کاڌي ته خميسي سرڪاري خط آڻي ڏنس.
”ٻيڙيءَ ٻڏا، پاڻيءَ جو گلاس ته پياريم.“ ڪريم بخش چيو. گرانهن نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا پي سڄو خط پڙهڻ لڳو، پڙهڻ سان منهن هيڊو ٿي ويس، ڌڪ هڻيس ته رت جي ڦڙي نه هجيس. ننڍي زال اهو حال ڏسي وٺي پٽ وڌي. وڏي زال ڊوڙندي آئي. تنهن اچي تريون هنيس ۽ ڏک ڀريا سُرَ ڪڍيا. ”منهنجا ڪُلهي ڪانڌي ڪمان جهڙا ميرل جا پيءُ رلايو ٿو وڃيم روح ۾!“
”تير ڪمان جي ڌيءَ، هٽي وڃ هتان! نڀاڳيون ڪهڙا ولايتي پار ڪڍيا اٿوَ، مونکي پنهنجي ساهه جي لڳي پئي آهي. توهان مصبتن مان ڦاٿو آهيان، ٽري وڃو منهنجي اڳيان ته ڳڀا ڳڀا نه ڪري ڇڏيانوَ.“ ڪريم بخش سخت ڪاوڙ مان چيو. ٻئي ڄڻيون ڊڄي ٻيءَ ڪمري ۾ وڃي ويٺيون. وڏي، ننڍيءَ کي سرخرو ٿي چوڻ لڳي، ”ادي ڏٺئي، ڪنڌ لٿي جا ڪم، يارن جون باهون ٿو ڀتارن مان ڪڍي.“
توڀان مائي، ڪنهن کي بي سورو ويهڻ ڏين ٿي. ميرل جي پيءُ جو اهڙو حال ۽ تون ويٺي آن پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ. تنهنجن گهپين ۽ ڪروڌن ته اهي ڏينهن ڏيکاريان آهن.“ ننڍيءَ چيو.
”ائي ڏينهن ڏسنئي ننڍا وڏا، چئونڪ چنڊي، ڪهڙا ٿي ڏينهن ڏيکارين! مونکي پنجويهه سال ٿيا آهن، هن گهر ۾ پيارو مونکي آهي ڪين توکي؟ توکي پنج سال آئي مس ٿيا اٿئي سو اهڙو اچي سيڪ لڳو اَٿئي.“
”مان توبهن ڪئي، تون غصو نه ڪر، تنهنجون ئي هجي، پر شال جڙيو هجي.“
”اَئي سو آءٌ ڳچيءَ ۾ ڳانو ڪري ٻڌندي مانس ڇا، مونکي اهو ڏهاڳ ڏياريو اٿئي، اڃان ٺري ڪانه آهين.“
ايتري ۾ ڪوٺيءَ مان گجندڙ آواز آيو:
”او ڪَٻرون مصيبت پئيوَ، ماٺ ڪنديون ڪي آءٌ اٿان، کڻان پستول!“ ڪريم بخش جي اها اصل عادت هوندي هئي جو ٿوري گهڻيءَ تي پستول ۾ هٿ وجهندو هو تڏهن زالن کي به ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ چپ ڪري ويهنديون هيون.
ڪريم بخش آرام ڪرسيءَ تي پريشاني مان اکيون ٻوٽيون ليٽيو پيو هو. ايتري ۾ در جي گهنٽي وڳي. سندس سنڍو قاسم علي ملڻ آيس. ايندي ئي وڏو ڀاڪر پائي همدرديءَ مان چيائينس، ”يار هي ڇا پيا ٻڌون!“
”سڀ ٺيڪ پيا ٻڌو ادا“ ڪريم بخش ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
”پر ادا، هي سڀ ٿيو ڪيئن؟“
”بس ادا، جنهن موٽر تي ناز هئم سائي آڏو آيم. جنهن ٽانگي سان نفرت ڪيم سوئي نصيبن ۾ لڳم.“ ڪريم بخش هرڻي ۽ سڱن واري مشهور ڪهاڻي جو ڊائلاگ پنهنجن لفظن ۾ دهرايو، اکين مان لڙڪ لڙي چشمي ۾ اٽڪي پيس.
”ادا دل نه لاهي، مڙسن تي مهلون اينديون آهن اهي عهدا ۽ اقتدار ته اچڻ وڃڻ واريون شيون آهن.“
اڄ به ڪريم بخش جو ٽانگو جڏهن ٺنڍي سڙڪ تان ٽاپ ٽاپ ڪري لنگهندو آهي ته پاڻ چوگرد نظر ڦيرائي ٿڌو ساهه ڀري ڇڏيندو آهي.

موڪلاڻي

ڪمري کان ٻاهر ايندي ئي هن جي نظر پيءُ تي پئي، جيڪو الائي ڪيتري دير کان ائين ئي ورانڊي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي گلن جي ڪونڊين کي ڏسي رهيو هو. هنجي ماٺ ٻڌائي رهي هئي ته هو ڪنهن گهري سوچ ۾ غرق هو. هلڻ جو آواز ٻڌي هنجو ڌيان اوڏانهن ويو، هن ڌيءَ کي نماڻائيءَ سان مسڪرائي ڏٺو، هنجي چپن تي به بي معنيٰ مرڪ پکڙجي وئي... هوءَ وڌيڪ اتي نه ترسي سگهي ائين ئي ڀر ۾ پيل ميز تي رسالن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي... هوءَ سوچي رهي هئي... جن نظرن سان هنجي پيءُ هن کي نهاريو، اُهي هميشہ جي نظرن کان ڪيتريون نه مختلف هيون! انهن ۾ خلوص ۽ شفقت نمايان هوندي هئي... پر اڄ هي نماڻائيءَ به گڏ هئي، انهيءَ نماڻائيءَ هن کي بيتاب ڪري ڇڏيو... هو انهي نماڻائيءَ جو راز سمجهي چڪي هئي تڏهن ئي ته هو انهن کي محسوس به ڪري رهي هئي... هوءَ انهن جو تاب نه سهي سگهي ۽ وري واپس ڪمري ۾ اچي وئي.
”هوءَ بيٺي رهي ۽ ڇا ڪري...؟ ڪجهه سمجهي نٿي سگهي... اطمينان ڄڻ هن کان موڪلائي ويو هو احساس هن کي ڪجهه ڏينهن کان گهڻو ٿي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه سڀني جي توجهه جو مرڪز هوءَ هئي. گهر جا ڀاتي هن سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ لڳا هئا جيئن نهايت ئي پيارو مهمان ڪجهه ڏينهن رهي رخصت جي تياري ڪندو هجي.
هوءَ آرسيءَ وٽ اچي ڦڻي ڏيڻ لڳي، ڪنهن جي قدمن جو آواز ٿيو، هن ڪنڌ ورائي اچڻ واري ڏانهن نهاريو اهو هن جو ننڍو ڀاءُ هو.
’سومر اڱارو‘ پنهنجن ٻن آڱرين کي سامهون جهلي هن مسڪرائيندي چيو ۽ ڪمري مان بي معنيٰ چڪر ڏيئي هليو ويو... ڪيترو نه احساس هو کيس انهن ٻن ڏينهن جو... سندس بي جان مرڪ ٻڌائي رهي هئي. ڦڻي ڏيندي هن جا هٿ رڪجي ويا... يڪدم هن کي احساس ٿيو ته پنهنجي گهر ۾ صرف هوءَ ٻه ڏينهن ئي آهي اهو گهر، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا ارڙهن سال گذاريا، هاڻ ان ۾ کيس ٻه ڏينهن رهڻو هو... صرف ٻه ڏينهن... بس ٻه ڏينهن! ٻه ڏينهن هن جي دماغ ۾ ڄڻ سمائجي ويا هئا.
هوءَ غير ارادي طور رڌڻي ڏانهن وئي- هميشہ وانگر ڪچهري متل هُئي... هرڪو چانهه پي رهيو هو، هوءَ چانهه ته نه پيئندي هئي پر ڪچهريءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رڌڻي ۾ ضرور ويندي هئي... هن ڀاڄائيءَ سان ذهني پريشاني جو ذڪر ڪندي چيو، ”هاڻ ته هت رڳو ٻن ڏينهن جي مهمان آهيان ڀاڄائي!“
”ائين ته نه چئو، منهنجو هنياءُ ٿو ڦاٽي!“
هن جي ماءُ دانهن ڪندي چيو ۽ هو نماڻائيءَ سان مسڪرائڻ لڳي. چوگرد نظر وڌائين، سڀني جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار هيون.... هن پاڻ کي ٻين تي ظاهر نه ڪرڻ جي خيال کان بظاهر کلندي چيو:
”وڃان ٿي، وڃان ٿي!! توهان ته اجايو روئڻ شروع ڪيو آهي.“
”ها، وڃ، وڃ! ٽر!“ هن جي ماءُ ڏک ۽ روئڻ لڪائڻ لاءِ ظاهري سختيءَ سان چيو، مگر انهيءَ ظاهري سختيءَ ۾ هوءَ ماءُ جي پرخلوص دل ۾ لڪل جدائي جي غم کي سڃاڻي وئي هئي...
ڪمري ۾ آئي ته دريءَ مان ٿڌڙي هير هن جي پسيل ڳلن کي لڳي، هن کي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. هن جي دل ۽ دماغ به انهيءَ فرحت کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو...
”تون منهنجي جنت آهين“... پرڪيف هوا ۾ هڪ نرم ۽ پياري آواز جو احساس هو جنهن سبب چپن تي مرڪ پکڙجي وئي، اهڙي مرڪ جيڪا صبح جو سويري باغ ۾ مکڙين جي شرميلي منهن تي هوندي آهي!... ڪيترو نه اعتماد هو انهن لفظن ۾! ڪيتري نه محبت هئي!
”مون وٽ صرف تنهنجي لاءِ پيار آهي... ۽ بيحد گهڻو پيار.... پيار ئي پيار...! ٻيو ڪجهه به نه...“ ۽ هنجو پيارئي ته هن لاءِ سڀ ڪجهه هو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي!
پر ڇا هو هميشہ ائين ئي رهندو...؟
هڪ مٿاڇرو خيال هنجي ذهن ۾ آيو، الائي متان ناراض ٿي وڃي...
غلط فهميون پيد اٿين... پوءِ...! ڇا ٿيندو؟
”تون اڃا به ائين سوچي سگهين ٿي؟ آءٌ توکان ناراض ٿي سگهندس؟ آءٌ ڪنهن جي چوڻ تي ڇو لڳندس، ڪير توکي منهنجي خلاف ڪجه چوي ته ان تي اعتبار ڪندينءَ؟ نه، ته پوءِ منهنجي لاءِ ائين ڇو سوچيئي؟ پنهنجي زندگي کان ڪڏهن پري ٿبو آهي؟...“
معصوم ۽ ٿڌڙو آواز هنجي ڪنن ۾ ڄڻ سرگوشي ڪئي... پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن سخت اڃ ۾ ٿڌو ۽ فرحت بخش پاڻي پي وئي هجي!
”آئون توکي پنهنجو اعتبار سمجهندو آهيان... تون خود هاڻي اعتبار آهين...“
”مان توکي ايترو ڀانيان ٿو جو دنيا جون سڀ چاهتون منهنجي چاهت اڳيان نامڪمل آهن.“
صرف عورتون ئي وفادار نه هونديون آهن مرد به وفا جا پتلا ٿيندا آهن.
”آئون ڪيترو به برو سهي، ڪيترو به خراب سهي، مگر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ... مون کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نه سمجهجانءِ... ڪڏهن به نه سمجهجان... ڪڏهن به نه...!“
”ياد؟ ڪنهنن کي ياد ڪريان تون ياد بڻجي دماغ تي ڇانئجي وئي آهين...“
هن مسرت کان بي قابو ٿيندي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، هوا هن کي پنهنجي نرم نرم جهوٽن سان اتي ئي سمهاري ڇڏيو.
ڀر واري هال ۾ ٻارن جي گوڙ کان هن جي اک کلي وئي؛ هن کي ڪاوڙ کان پيشانيءَ تي گهنڊ پئجي ويو هن چاهيو ته وڃي ٻارن کي خوب دڙڪا ڏي، پر اوچتوئي هن کي ڪجهه ياد اچي ويو هوءَ ائين نه ڪري سگهي، هن کي ڏک ٿيڻ لڳو ته ٻارن کي دڙڪن ڏيڻ لاءِ سوچيو ئي ڇو!
هن پنهنجي ڪمري جي هر شيءِ تي نظر وڌي. انهن سڀني جو هاڻ ڇا ٿيندو...؟
۽ پوءِ ڪجهه سوچي هن پنهنجي سڀني شين کي مضبوطيءَ سان تالي ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڀائرن جو تنگ ڪرڻ ياد اچي ويو:
”هاڻي هن ڪمري ۾ تنهنجو حق نه رهندو.“
”ڇو ڪونه رهندو.“
”ڇاڪاڻ ته هاڻي هيءَ اسان جو آهي. هي ڪٻٽ به اسان جو، ميز به اسان جي، ڪتاب به اسان جا، سڀ شيءِ اسانجي!“
”هون، ڇو ڀلا، اهي سڀ شيون منهنجون ئي رهنديون آئون ايندس به ته پيئي نه آخر.“ هن پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني.
”اوهون. اهي قبضا ڪونه هلندا، هاڻي اسين مالڪ آهيون، ڪيئن چينا؟“ وڏي ڀاءُ ننڍي کي هُشي ڏني.
”منهنجي ٻچڙيءَ جو هيانءُ ڇو ٿا ڪڍو.“ ماءُ ٻارن کي دڙڪا ڏيندي ڌيءَ جو پاسو کنيو.
”امان ڏس نه، اڃان به پيا ستائين.“
”نه ڌيءَ توسان ڀوڳ ٿا ڪن، ڪير به تنهنجي شيءِ کي هٿ نه لاهيندو تون ڪوبه خيال نه ڪر.“
کيس وري اطمينان ٿيو، ڀلا مذاق ته ڪونه هو جو پنهنجي سالن جي ساهه سان سانڍيل ننڍڙي دنيا ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهو به جيئري! مگر ڪاش هن کي ڪنهن شيءِ سان به محبت نه هجي ها! هن سوچيو، نه گهر سان نه ماءُ سان، نه ڀاءُ ڀيڻ سان... نه ته انهن سڀني کي ڇڏي وڃڻ جو هن کي بلڪل ڏک نه ٿئي ها. هو پنهنجي نئين منزل ڏانهن، اکين ۾ انهن جي ياد جا لڙڪ ڀرڻ کانسواءِ ئي رخصت ٿي وڃي ها.
اڄ مٿس الوداعي نظرون پئجي رهيو هيون، هن جي زندگيءَ جو هڪ دؤر ختم ٿي رهيو هو... هن تي گهٻراهٽ طاري ٿيڻ لڳي.... هن جو ذهن ڄڻ ته مائوف ٿي ويو ۽ پوءِ اها شام به اچي وئي جنهن ۾ هن کي چادر ۾ لڪايو ويو... الائجي چادر ۾ ڪهڙو اثر هو، جنهنجي پوڻ سان هو خاموش ٿي وئي هئي.... هو ڪجهه نه سوچي رهي هئي... ڪجهه نه ڳالهائي رهي هئي. هن جون سڀ قوتون ڄڻ ختم ٿي ويون هيون. هن پنهنجو جهڪيل سر ٿورو مٿي کنيون... اوچتو هن جي نظر سامهون وئي... اُف! اها ڪهڙي ناقابل فراموش گهڙي هئي....!
هن ڏٺو، هن جو ننڍو ڀاءُ بند ٿيل دروازي جي شفاف شيشي مان معصوميت سان ڏسي رهيو هو... سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ چهري تي مرڪ! مگر اهڙي مرڪ جنهن ۾ لڙڪن کان به گهڻو درد هو... تمام گهڻو درد هو...!
هن جي دل تي زور سان ڌڪ لڳو گلي ۾ جهڙا وڍ پوڻ لڳس ۽ هن هڪ وڏي اوڇنگار سان پنهنجو سِر وري جهڪائي ڇڏيو!