شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خان محمد ”خاطي“ ڪيريي جي قومي ۽ ثقافتي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

ھي ڪتاب 2019ع ۾ چنڊ پبليڪيشن، چودڳي پاران ڇپايو ويو. 


محمد سليمان وساڻ 
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com 
books.sindhsalamat.com

انتساب

قومي غيرت ۽ قومي جذبي  سان سرشار ۽ سرفراز

خادم السنڌ ڪاڪي سرفراز ميمڻ

(نوابشاهه)

کي ارپيان ٿو استاد بخاريءَ جي هنن سٽن سان:

ماڻهو مٽيءَ جو پتلو پر،

ڪا ڪا خوشبو واري  خاڪ.

سسسس

ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جي شاعر، منهنجي سائين ،

عبدالحڪيم ارشد سائين جي سلڇڻي فرزند

پياري راشد لکمير

(ڪراچي)

کي ارپيان ٿو سندس پياري بابا جي هنن سٽن سان:

ٽمڪي پيئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،

طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي جوت جلائي ويٺو آ.

سسسس

منهنجي محسن ۽ مهربان عزيز محترم

محمد عثمان ڪيريو 

(ڳوٺ تلي سڪرنڊ)

کي ارپيان ٿو سائين راشد مورائيءَ جي هنن سٽن سان:

سدائين نيڪ ماڻهن کان چڱائيءَ جون اميدون هِن،

اهي سهڻا هميشه لاءِ، ڪم جيڪو به ڪن، سهڻو.

سسسس

منهنجي محبوب دوست ۽ پياري ڀاءَ

ممتاز علي ڏاهري

(ڳوٺ مئاڇورا چودڳي)

کي ارپيان ٿو  شاعر ساحر راهو جي هنن سٽن سان:

ڪؤڙاڻ کي ڳراٽيءَ ميٺاس ۾ مٽايو،

درياهه جي وهڪ کارو سمندر مِٺو ڪيو.


__ خاطي ڪيريو


پنھنجي پاران

اهو طئه ٿيل اصول آهي ته سهڻي شاعري، سهڻي ۽ بڇڙي شاعري، بڇڙي ٿيندي آهي.  وطن سان حب کي ايمان جو حصو سمجهندڙ ئي سمجهي سگهن ٿا ته قومي ۽ ثقافتي شاعري به سهڻي ئي ٿيندي آهي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪو اسلامي ۽ اصلاحي شاعري لکي ٿو، علمي ۽ ادبي شاعري لکي ٿو ۽ دردي ۽ محبتي شاعري لکي ٿو ته ان کي ڪابه منع ٿيل نه آهي ته هو سنڌ جي شاعري نه لکي!  ڪابه حد يا ڪي به ليڪا نڪتل نه آهن.  اها پڪ اٿم ته پيار ئي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ هوندو آهي، جنهن شاعريءَ ۾ پيار ناهي اها شاعري بي اثر هوندي آهي.  پوءِ اها کڻي ڪهڙي به موضوع تي لکيل ڇونه هجي. 

مون هيءَ سنڌيت سان سرشار شاعري لکي، ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي پر جو به لکيو اٿم سو پيار جي جذبي تحت لکيو اٿم، پوءِ هر ڪنهن جي سوچ ۽ سمجهه جو ڪم آهي ته ان کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري.  

پيار لامحدود هوندو آهي، جنهن وٽ جيترو هانءُ ۽ ٿانءُ هوندو پيار کي اوترو ئي محسوس ڪري ۽ ماپي سگهندو.

ڪيئن ڪٿيندو، محبت جا مڻ ؟

                          جنهن وٽ ماپو سيرڪ هوندو. (خاطي)

سو مونکي محبت جي اها ونڊ شعور ڀريو ٿيڻ سان ئي لطيف گهوٽ جي لافاني سِٽ “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار” سڻڻ سان ملي وئي هئي. گهڻو اڳ سيدِ عالم ﷺ جن جي بارگاهه مقدس  ۾  سڏڙا ڪندي آزيون ڪيون هئيم ته:

سڪي پئي سنڌ پاڻيءَ لئه،  ٻنيون ٻارا ويا اجڙي،

سنڌي باغن ۽ فصلن، ميون ڀاڄين جي پارت ٿئي.

پنهنجي مالڪ کان گُهر سائين! ٿئي آباد سنڌ ساري،

سڄي عالم سان گڏ سنڌ جي شهرن وادين جي پارت ٿئي.

منهنجي ڪتاب “ گلابن جي غلاميءَ ۾” ڪجهه مڪمل غزل پڙهي ڏسجو جيڪي صفحي نمبرن  58، 59، 71 ۽ 87 تي لکيل آهن.  ۽ هاڻي ان ڪتاب مان سنڌيت جي خوشبوءَ وارا ڪجهه شعر  لکان ٿو:

سموري سون سنڌڙي آ مگر خاطي لٽي وئي نه ته،

پڄن گلگت مري پئرس ڪٿي ڪشمير جا ٽڪرا.

***

دشمن نيٺ ته دشمن آهي، ملڪ شهر يا ڳوٺ جو توڙي،

سنڌڙيءَ ۽ ساٿين جا ويري، لک لعنت وٺ هي ته گهروڙي.

ڪو ڪو ماڻهو  موتيءَ داڻو، ڌرتيءَ لاءَ پيو پاڻ پتوڙي،

مونکيءَ مٽيءَ ۽ مارن _محبت، خاطي ڇڏيو خوب نهوڙي.

***

مون ته سنڌين جي سجاڳيءَ ڪاڻ ويٺي سوچيو،

يار ليکي آئون هُن جي پيار ۾ گم ٿي ويس.

***

امڙ سنڌ ۽ سنڌي ڀائر، سڀئي تنهنجي سهاري ٿئي،

وڏا ماڻهو وساري تن، متان ڪي وزارتون طلبين.

***

مٽ مٽيءَ جو نه هيرا جواهر ٿين،

سنڌ جي آ سموري ٻني قيمتي.

خوبصورت هٿن جي اها سونهن آ،

جو تڏهن ٿي پئي آ رلي قيمتي.

***

سدا سنڌ جيئي جو نعرو سلامت،

نه آثار مٽبا، دڙي جا رنيءَ جا.

۽ هاڻي ڪتاب “ريجهايو روح رابيلن” مان ڪجهه اهڙي شاعري پڙهو: 

آزاديءَ لئه لڙڪ نه خاطي، 

پر دريا رت جا گهرجن ٿا.

***

جنهن عمر سڄي سانگين ۽ سنڌ کي ارپي،

سو ساهه ڏئي ويو جو ٻڌم ساهه سڪي ويو.


توهانجو پنهنجو: خان محمد خاطي ڪيريو

شاعري

---

او نصارا! ديس واسين لئه بڻي آئين بلا،

او نصارا! ديس واسين لئه بڻي آئين بلا،
سنڌ جي سورهيه سچي سان، تو ڪئي ڪيڏي دغا.

تون غنڊو غاصب هئين، تنهنجي غلامي ڪينءَ ڪبي؟
ڪينءَ جھُڪي بي دين آڏو هڪ روحاني پيشوا؟

ڪيس ڪوڙا تو مڙهي، هِند جي جيلن اندر،
قيد جي اَٺَ سال ان کي، تو ڏني ڇا لئه سزا؟

هي ڪراچيءَ ۾ نظربند، گرفتاري ٻيو دفعو،
ناگپور جي جيل ۾، سورهيه ويو ڇا لئه ڀلا؟

پير _ پروانن مٿان، ۽ ديس _ ديوانن مٿان،
تو هڻي حر مارشل لا، ظلم جي ڪئي انتها.

گڙنگ بنگلي کي ڪيئي مسمار بمباري ڪري،
حر هيسائڻ لئه ڪيئي، حيلا ڪميڻا بي حيا.

ڪوٽ ۽ درگاهه بنگلي کي ڪري مسمار تون،
سون چاندي وئين لٽي ناياب چيزون بي بها.

سنڌ جي هيري سچي کي تو شهادت ڏئي ڇڏي،
حوصلا هن ڪين هاريا، تنهنجي وائي ٿي خطا.

تو ڊڄي خاڪي جسد کي، پڻ ڪري خفيا ڇڏيو،
ڇو ته توکي خوف ٿيو “هي آ حرن جو رهنما”.

انگريز مڪار! آخر، سوڀ سورهه کي ملي،
بسترا ٿيا گول تنهنجا، تو ٽپڙ خاطي ٻڌا.

سنڌ جي توقير آ عبداللطيف،

سنڌ جي توقير آ عبداللطيف،
ديس جي تعمير آ عبداللطيف.

سنڌ جي ٻولي ادب جو آ نقيب،
علم جي جاگير آ عبداللطيف.

شاعري نج سونهن جو ٿس شاهڪار،
حسن جي تصوير آ عبداللطيف.

سنڌين جي سوچ جذبن جو عڪاس،
هڪ سچي تحرير آ عبداللطيف.

ساري دنيا جو سچو شاعر عظيم،
شخص عالمگير آ عبداللطيف.

انقلابي شاعريء جو شهنشاهه،
قوم جي تقدير آ عبداللطيف.

آ رسالو روشني اونداهه ڪاڻ،
چنڊ جي تنوير آ عبداللطيف.

اڄ به خاطي سک امن چاهت پريت،
عشق جو تفسير آ عبداللطيف.

هي وطن جون خوبصورت واديون وڻنديون اٿم،

هي وطن جون خوبصورت واديون وڻنديون اٿم،
سرسبز هي سرزمينون ڏاڍيون وڻنديون اٿم.

باغَ گلَ موتيا گلابي، سڀ فصل سهڻا، وليون،
انب کجون ميوا مِٺا، ۽ ڀاڄيون وڻنديون اٿم.

مڱ ڪپهه ڪيلا ڪمند ۽ تر سرنهن تُوريو چڻا،

مڱ ڪپهه ڪيلا ڪمند ۽ تر سرنهن تُوريو چڻا،
ڪڻڪ جوئر ٻاجهري ۽ ساريون وڻنديون اٿم.

ٿا وڻن وڻ بَڙَ نمون، ٻيريون ٻٻر ٽالهيون ڄمون،
سرنهن، سفيدا، ڪرڙ، ڪنڊيون ڄاريون وڻنديون اٿم.

مور طوطا باز جھرڪيون پاريهر ڳيرا تتر،
هي ڪبوتر ڪانگ ڪوئلون ڪاريون وڻنديون اٿم.

پيا چراگاهن چرن ڌڻ هو رڍن ٻڪرين سندا،
وڳ ڍڳيون مينهون وڇون ۽ گابيون وڻنديون اٿم.

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ جا سڀ ماڳ تاريخي وڻن،
پَٽَ ڀِڙا پوٺا دڙا دڳ داڙيون وڻديون اٿم.

درسگاهون مسجدون مينار مندر ۽ مڙهيون،
ڪوٽ قلعا قبا قديمي ماڙيون وڻنديون اٿم.

واهَه دريا سمنڊ ۽ ڍورا ڍنڍون چشمه ڪَسيون،
ڏهر ڏونگر ٿر ڀِٽون ۽ کاڻيون وڻنديون اٿم.

نار ڳاڌيون کُوهه ٻيڙيون چيچڙا آويون دُکڻ،
ائٽ چرخا هَرَ ڍڳن جون گاڏيون وڻنديون اٿم.

هٿ هنر ڪاشي جنڊي ٽُڪَ ڀرت ٽوپيون ۽ رليون،
اجرڪون گج کيس گربيون کاڌيون وڻنديون اٿم.

ڪوڏي ڪوڏي لڪ لڪوٽي بال هاڪي ونجهه وٽي،
ملهه ڪوڏن لاٽن بلورن رانديون وڻنديون اٿم.

لوڪ موسيقي ادب فن ناچ ميلا ۽ قصا،
سُر صدائون ۽ لطيفي لاتيون وڻنديون اٿم.

حمد نعتون بيت دوها ساهه سانڍيان سڀ نظم،
چؤسٽا وايون غزل ۽ ڪافيون وڻنديون اٿم.

مڙس هي منصور سورهيه، ڳاڙها ڳڀرو نينگرا،
سورميون سهڻيون سٻاجھيون ناريون وڻنديون اٿم.

موڙ مينديون سهرا ڳانا، گهوٽ گهوڙن تي، ٻِٽُون،
سيجون سرگس ڪاڄ مڱڻا شاديون وڻنديون اٿم.

اڄ به اوطاقون وسن مهمان سان مُکُ ميل ٿئي،
سي ڪچهريون ڏڌ مکڻ ۽ مانيون وڻنديون اٿم.

هر صبح اجرو اڇو هر شام سهڻي ديس جي،
چنڊ چانڊوڪيون ٿڌيون هي راتيون وڻنديون اٿم.

ملڪ منهنجي جي مٽي آ مشق عنبر کان مٿي،
هن وطن جا ڪک ڪانا پَنَ ڪاٺيون وڻنديون اٿم.

هر طرف “خاطي” خوشيون کل پيار مرڪون ۽ مزا،
سک امن عيدون جشن آزاديون وڻنديون اٿم.

ڏئي هٿ هٿن ۾ جُڙيا سلسلي ۾،

ڏئي هٿ هٿن ۾ جُڙيا سلسلي ۾،
سنڌين جون قطارون ڏسو هر ضلعي ۾.

ڪراچيءَ کان ڪشمور زنجير بڻيل،
نه تر جي وٿي آ سڄي فاصلي ۾.

سنڌي عيد سمجهي قومي ڪاڄ سمجهي،
اچي سي مليا قرب جي قافلي ۾.

سگهڙ مچ ڪچهريون وڏا ميڙ ريليون،
خوشيون ناچ نعرا وڏي ولولي ۾.

سنڌي ٽوپي اجرڪ وڻي ويس سهڻو،
عجب لوڏ وهوا سنڌي لاڏلي ۾.

نسل رنگ مذهب، مليا ايڪتا ۾،
ساڳيو جوش جذبو علي جوڳلي ۾.

نه ٻولي ثقافت نه ڌرتي جدا آ،
نه ئي فرق آ ليگلي پيپلي ۾.

نه پنهنجي ثقافت مٿان وار سهندا،
ستل شينهن جاڳيا گدڙ ٿرٿلي ۾.

سنڌي قوم جي هي جياپي جو ڪارڻ،
ويهن ماٺ ڪيئن ٿي انهي معاملي ۾.

وڻي واهه منظر، اهو ايڪتا جو،
سڄي سنڌ “خاطي” جيئي حوصلي ۾.

سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ آ ثقافت سنڌ وارن جي،

سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ آ ثقافت سنڌ وارن جي،
پنهنجي سهڻي ثقافت سان آ چاهت سنڌ وارن جي.

سنڌين جو شان ٽوپي آ، سِرَن جو تاج ٽوپي آ،
حسن سينگار آ ٽوپي نزاڪت سنڌ وارن جي.

اها اجرڪ اها ٽوپي سنڌي گهوٽن کي سونهي ٿي،
اڇا ڪپڙا سٺو پٽڪو، علامت سنڌ وارن جي.

سنڌين وٽ سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي مان وارن لئه،
ڏيڻ مهمان کي تحفا روايت سنڌ وارن جي.

پنهنجي ڌرتي پنهنجي ٻولي پنهنجي تهذيب آ جن کي،
قديم آهي عظيم آهي قدامت سنڌ وارن جي.

اجرڪن جون اڇون ڦلڙيون سنڌين جي پيار جون ضامن،
سڄي دنيا سڃاڻي ٿي شرافت سنڌ وارن جي.

سوين سنڌ ۾ پيا پلجن پراوا ڇا ته پنهنجا ڇا،
سڀن جي ڪاڻ ساڳي آ سخاوت سنڌ وارن جي.

پيئن کائن رهن سنڌ ۾ مگر سنڌ کي نه سمجهن ٿا،
ڪميڻا ڪن پيا پو ڀي شڪايت سنڌ وارن جي.

ٽڪون ٽوپين سنديون دشمن سندي دل ۾ اکين ۾ پڻ،
چڀن ٿيون جو رکي ٿو هُو عداوت سنڌ وارن جي.

سنڌي سر ــ گهورَ سڀ “خاطي” ثقافت ڪاڻ جذباتي،
ثقافت جي حفاظت آ، حفاظت سنڌ وارن جي.

سنڌ جيجل ساهه آ،

سنڌ جيجل ساهه آ،
هڪ سچو ويساهه آ.

جيڏي ڌرتي آسمانُ،
ايڏو ان سان چاهه آ.

هت اياز، استاد هِت،
هت سچل ۽ شاهه آ.

هِت فڪر فن فلسفو،
ڏات ڏاهپ ڏاهه آ.

جو نه ٿو سنڌ لئه لڙي
ڪو نه ان سان ٺاهه آ.

تاج ويرين جا ڪريا
ويو لڏي تختگاهه آ.

هِي جڏي ۾ حوصلو!
عشق جو اتساهه آ.

سنڌ “خاطي” خوشنصيب
جو مددَ اللهُ آ.

جو سنڌ جو سورهه سچو، جو سنڌ جو ارڏو ٻچو،

جو سنڌ جو سورهه سچو، جو سنڌ جو ارڏو ٻچو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

چمن سنديون وطن سنديون،حقن سنديون حفاظتون،
ننگن سنديون دنگن سنديون، نه طلبجن وضاحتون،
شهادتون شهادتون، سعادتون سعادتون،
جو رنگ انهي ۾ رتو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

ڪمندَ قيدَ بندَ هِي، زنجير نيٺ ٽوڙبا،
هي تخت تاج ڇٽ سڀئي، ڪيرائي هيٺ ٽوڙبا،
انا جا بت ڀڃي ڀڃي، سمونڊ ۾ سي ٻوڙبا،
اٿس يقين سو پڪو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

آ سنڌ جو سپوت هي، ٿو ماءُ خوش ڏسڻ گهري،
نئون سماج سنڌ ۾، پيار جو اڏڻ گهري،
مبارڪون مبارڪون، ڏيڻ گهري وٺڻ گهري،
“خاطي” نه سو جهڪيو کَـتو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

منهنجي سنڌڙي جا مٽيءَ هاڻا ماڻهو،

منهنجي سنڌڙي جا مٽيءَ هاڻا ماڻهو،
سچا سادڙا سي ساهه ـــ سيباڻا ماڻهو.

آئيني جيان هي اندر جا به اجرا،
نفاست ۾ چنڊ ۽ گلن کان به اڳرا،
مثل ماڻڪن جي موتيءَ داڻا ماڻهو.

سي جرئت ۽ غيرت وارا جوان سنڌي،
ٻنين ۽ ونين جا نگهبان سنڌي،
سي ڌرتيءَ ڌڻي ۽ روح راڻا ماڻهو.

سي پنهنجي تمدن ۽ تهذيب وارا،
فنونِ لطيفه ۾ سڀ کان نيارا،
سريلا سٻاجها ۽ سڀ سياڻا ماڻهو.

ڪوري موچي واڍا سي هاري ۽ ڀاڳيا،
ڀٽائيءَ جي بيتن جا ڪردار ساڳيا،
نرم دل نفيس ۽ نج نماڻا ماڻهو.

اهي راڄ ڀاڳ ۽ بخت سوڀ وارا،
منهنجا مارو ناهن لالچ لوڀ وارا،
نه ڪنهن آڇ تي هِي ڪڏ وڪاڻا ماڻهو.

سندن خوبصورت آ رهڻي ۽ ڪهڻي،
سندن ٻولي لولي ڪڏهن ناهي مرڻي،
مٺا ماکي “خاطي” مکڻ چاڻا ماڻهو.

سنڌ جي سينڌ سدائين سرهي، سنڌ سلامت صدين کان،

سنڌ جي سينڌ سدائين سرهي، سنڌ سلامت صدين کان،
سنڌ جي عظمت پُڇڻي ٿَــوَ جي، ڄاڻو تارن ڪتيُنِ کان.

آثار قديمي شاهد آهن، سنڌ جي سونيءَ ڌرتيءَ جا،
تهذيب ڪيو معلوم وڃِي، موئن ــ دڙي جي گهٽيُنِ کان.

خونُ پَسينو نورُ نِچويَل، هارِي نارِي پورهيت جو،
سهڻين چيزن ٽوپين پٽڪن، راز پروڙيو رَليُن کان.

سنڌ جي محبت سڀڪجهه تن لئه ، سنڌ جا عاشق جيڪي سچا،
ديس جي ڌڙڪن ڌار نه آهي، ديس واسين جي دليُنِ کان.

مهمان نوازيءَ تي مهمانن، تن کي ڪهڙا پايا هارَ،
پو به نه پنهنجي وَڙَ کان وانجها، سمجهُو سمجهو سخيُنِ کان.

سرويچ سڏيون “مهراڻ ڪنڌيون جنت الفردوس” آهن،
سچ پچ پوکون گلَ وڻ مهڪنِ، واس وٺو ڀلي وليُنِ کان.

“سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” سچ چيو آ شيخ اياز،
سنڌ جو عشق پڇي ڏس خاطي ! سادن سهڻن سنڌينِ کان.

سنڌ واسين جا هي سورَ ڏسي، سڀ ماروئڙا مجبور ڏسي،

سنڌ واسين جا هي سورَ ڏسي، سڀ ماروئڙا مجبور ڏسي،
خوشي ڪا نه وڻي ٿي ڪائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!
ڏيهه واسين جا هي ڏک ڏسي، بيروزگاري ۽ بک ڏسي،
ٿي ڪا نه ٿئي سرهائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!

سالن کان بيمار پيو آ، ڳوٺاڻن کان وسري ويو آ،
لاچار پيو آ کٽ مٿان، غربت ۾ هو آڻي ڪٿان،
گوري آ نه دوائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!

هيل به ٿي ويو قرضي آهي، هاريءَ کي ٿي ڳڻتي آهي،
عيد لئه ٻارن کي نه لٽو، ۽ گهر ۾ ڪونهي کنڊ اٽو،
۽ هڙ ۾ نه پئيسو پائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

ڪهڙي عيد غريبن جي آ، معصومن ۽ يتيمن جي آ،
پر سال انهن جو پيءُ مٺو، بي ڏوهي الزامن ۾ ڪٺو،
ڪئي ظالمن ڪاروائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

پيءُ جي مُکَ مان پيڙا بکي آ، جوان ٻچي ڪئي خودڪشي آ،
اڄ عيد مبارڪ ڪنهن سان ملي، ڪنهن کي ڀلا هُو لائي ڳلي،
ٿي ڏنگيس پئي تنهائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

جن کان پنهنجا پيارا وڇڙيا، جيئري جيءَ جيارا وڇڙيا،
تن جو “خاطي” خوشيُن تي، ۽ سڀ بهارن عيدن تي،
ٿي جهوري جيءُ جدائي ،آئي عيد رئارڻ آئي...!

لکي گيت قومي ڏئي حوصلو،

لکي گيت قومي ڏئي حوصلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو.

قلم ساڻ ٻاري ڏيئا روشنيءَ جا،
وهائي ڪي واهڙ علم جي نديءَ جا،
سجاڳيءَ جو ساري سچو سلسلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

لکي انقلابي غزل گيت وايون،
ضميرن جي ڪٽ تي هلائي سراڻيون،
ڪريو تيز جذبا، وڌي ولولو.
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

اسان جي علم ۽ ادب سان عداوت،
رهن شل زمينون زبانون سلامت!
مليو ماٺ جوآ اهو ئي صِلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

اهي روز گلشن کي ساڙڻ گهرن ٿا،
اسان جي گهرن کي اجاڙڻ گهرن ٿا،
ويهين وقت اهڙي متان ويسِلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

ڪوي ٿيندو قومن جو سالار آهي،
قلم تو سندي آڏو تلوار ڇا هي!؟
قلم ظالمن لئه زارِي زلزلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

ڏئي ڏات کي تون ڏهوڻائي ڇيرا،
دليون دشمنن جون ڪري ٻيرا ٻيرا،
غدارن ـــ گهرن ۾ وجهي ٿرٿلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

سچل شيام ساميءَ وارو وٺي گس،
اياز ۽ بخاري اٿئي سونهون بيوس،
اٿئي ساڻي سهڻو لطيف لاڏلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

هي تنوير طالب ۽ امداد احمد،
هي سرويچ مدهوش شمشير ارشد،
اٿئي سڀ سي رهبر ناهين هيڪلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

قمر نياز منشي ۽ آڪاش باغي،
هي راشد ادل مير سرڪش او خاطي!
اهو تاجَ گلَ وسيم جو قافلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..

ايڪتا جو ڏهاڙو اچڻ کان اڳي،

ايڪتا جو ڏهاڙو اچڻ کان اڳي،
سوچجي ڪيترو سمجهجي ڪيترو؟
لاش چچريل سپوتن جي سوغات تي،
ٽهڪجي ڪيترو تڙپجي ڪيترو؟

پنهنجي سرسي نظر ۾ رکن ٻئي مٿا،
پر اسين سادڙا کين سمجهون ئي نٿا،
تن غدارن مڪارن سان ڀائپي اڃا،
پرچجي ڪيترو پرکجي ڪيترو؟

سنڌ يونيءَ جا ڳڀرو ٿا کنڀجيو وڃن،
وحشياڻي تشدد، ڪري مارجن،
تن شهيدن جي ڌرتي امڙ سان مِلي،
مرڪجي ڪيترو، سُڏڪجي ڪيترو؟

1_ سومري جي شهادت رئاري ڇڏيو،
خونَ ـــ سنڌي جوانن جي غم ۾ گڏيو،
تندُ ـــ تلوار ڪيون يا ڪهاڙيون کڻون!؟
ڦٿڪجي ڪيترو ترسجي ڪيترو؟

سنڌ مان سور “خاطي” ختم ڪيئن ڪيون،
طاقتن ۾ ڏکن کي ئي بدلي ڇڏيون،
ايڪتا تي ڳڻي سنڌ قربانيون،
ڀوڳجي ڪيترو ڀڙڪجي ڪيترو؟

1_ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

وير ۽ ويڇا وڃايون، ايڪتا جي عيد تي،

وير ۽ ويڇا وڃايون، ايڪتا جي عيد تي،
پيار ونڊيون ۽ ورهايون، ايڪتا جي عيد تي.

رابطو آ زندگي سو، حالَ هڪٻئي کان پڇون،
واسطا ويتر وڌايون ايڪتا جي عيد تي.

صاف ڪپڙا، اوڍي اجرڪ، ٽوپي يا پٽڪو ٻڌي،
پاڻ کي سهڻو سجايون، ايڪتا جي عيد تي.

عيدَ قوميءَ جي مبارڪباد هڪٻئي کي ڏيون،
ڳلَ ڳراٽيون ڇو نه پايون، ايڪتا جي عيد تي.

سنڌ ڌرتي پاڪ ڌرتي ماءُ ڌرتي آ مِٺي،
ماءُ جي لولي ملهايون، ايڪتا جي عيد تي.

رات جو لنڊيون لتاڙي، ڏينهُن محنت ۾ ڪَٽي،
گهورَ هاريَ تان گهمايون، ايڪتا جي عيد تي.

ٿو پگهر پورهيت وهائي، هٿ لِڦون هن جا ڏسو،
ڳڻ مزورن جا به ڳايون، ايڪتا جي عيد تي.

حالَ هيڻن بي سهارن جي مدد ڪريون مِلي،
روئندن کي ڪجهه کلايون،ايڪتا جي عيد تي.

ڇو پراڻا وير پاريون، پاڻ ۾ ڇا لئه وڙهون،
سنڌ لئه سا سگهه بچايون، ايڪتا جي عيد تي.

جا سلامت آ صدين کان سنڌ سا رهندي سدا،
دشمنن کي سو ٻڌايون، ايڪتا جي عيد تي.

ايڪتا معنى ٻڌي، ڇو ڪجي “خاطي” ڪِٽي،
بت انا جا سڀ ڊاهيون، ايڪتا جي عيد تي.

ڀاڙيا ڀڄڻ جي ڪر تون، ڀوتار، ايڪتا ٿئي!

ڀاڙيا ڀڄڻ جي ڪر تون، ڀوتار، ايڪتا ٿئي!
هِي سمجهه موت تولئه، مُردار، ايڪتا ٿئي.

کيڙي جو کائي سوئي، سڏ جو پڙاڏو گونجيو،
صوفي شهيد واري، گونجارَ، ايڪتا ٿئي.

مرسون نه سنڌ ڏيسون، سر ساهه گهوري ويندس،
هوشوءَ شينهن واري، للڪارَ، ايڪتا ٿئي!

سورهيُه ۽ دارُ مرڪيا، گهرجي وطن، ڪفن يا،
تجديد نعري تنهن جِي، ٻيهارَ، ايڪتا ٿئي.

“آڏو ٽَڪرَ ٽري وڃ”، “سوريءَ سڏ ٿيو آ”،
ڀٽ جي ڪويءَ جا سي، اشعارَ، ايڪتا ٿئي.

آ ڏاڍ تنهنجو جهڪڻو، جنهن ڪنڌ ۾ ڪِلي ٿئي،
تنهن ڪنڌ کي ڪپڻ لئه، تلوارَ، ايڪتا ٿئي.

سنبري اچڻ سنڌين جو، مقتل ڏي ڊوڙ ڀانئج،
مينديءَ جِي سا رت ۾، مهڪارَ، ايڪتا ٿئي.

هڪ ٿِي ويا هِي هيڻا، ڏاٽا ڪهاڙيون ڏس،
هٿ ڪونه ايندءِ تنهنجا، هٿيارَ، ايڪتا ٿئي.

ريليون مشاعرا مَچَ، قومي ٻڌيءَ جا منظرَ،
“خاطي” سي عشق جا سڀ، اظهارَ، ايڪتا ٿئي.

اڃان سنڌ جي پئي جيئي ٿي ثقافت،

اڃان سنڌ جي پئي جيئي ٿي ثقافت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا فيض جاري آ روضي ڌڻيءَ جو،
وسي وڏ ڦڙو مينهن جئن ساوڻيءَ جو،
سنڌي ٻيڙي تي هٿ انهيءَ پاتڻيءَ جو،
نڪو لهر لوڏو انهيءَ کي ڪڻيءَ جو،
ذڪرَ لولِيون جِت، اڃا روحَ راحت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

هيو هيرو سنڌي سو سورهيه سچارو،
کپي موت يا ملڪ آزاد سارو،
وطن يا ڪفن جو اڃا گونجي نعرو،
پنهل پير سوريءَ تي پهتو پاڳارو،
اڃا سائين سورهيه جي چمڪي شهادت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

ڀٽائيءَ جو روضو ڪري پيو اجالو،
اڃا راهه بي راهه جي لئه رسالو،
اڃا ڀٽ جو راڳ سجاڳيءَ حوالو،
اڃا معنى مفهوم بيتن نرالو،
اڃا عام ٿئي پئي ڀٽائيءَ جي دعوت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

هي منصور سرمد بلاول جيئي پيو،
اڃا گهور دودو ۽ دولهه ٿيئي پيو،
2_ اڃا سن مان سرڪيون وڏو ڄڻ پيئي پيو،
اڃا هوشو هيمون به هڪلون ڏيئي پيو،
اڃا جهوڪ وارو نه وسريو عنايت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا روز امڙين کي پٽڙا ڄمن ٿا،
اڃا گهوٽ اڻموٽ پيدا ٿين ٿا،
۽ غازين شهيدن ۾ ڳڻبا رهن ٿا،
مرن ٿا ڪسن ٿا، نه پر هُو جهڪن ٿا،
اڃا ٿئي ٿي ننگن دنگن جي حفاظت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا ڪن اوطاقن تي انصاف ٿئي ٿو،
گناهن ثوابن جو اعتراف ٿئي ٿو،
ڪٿي ڏنڊ ڏوهه ۽ ڪٿي معاف ٿئي ٿو،
ٿجي کير کنڊ ۽ سينو صاف ٿئي ٿو،
محبت ۾ تبديل ٿئي ٿي حقارت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

2_بشير خان قريشي

اڃا سنڌ جا ڳوٺ آباد آهن،
مسافر اوطاقن تي مانيون ٿا کائن،
۽ مهمان رحمت اوطاقي ٿا ڀانئن،
اڃا مان مهمان ساڳيو ٿا پائن،
اڃا جت سي قائم ڪچهريون سخاوت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا گهوٽ موڙون ۽ پٽڪا ٻڌن ٿا،
اڇا ويس پائي هُو سهڻا لڳن ٿا،
مرادون پڄڻ تي وڏا ڀت هُو ڪن ٿا،
انهيءَ ڪاڄ ۾ راڄ راڻا اچن ٿا،
دلي دوستن جي ٿئي ٿي شراڪت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

ٿئي فوتگي جي غريبن گهرن ۾،
اڃا سڀ ٿين گڏ ڪفن ۾ دفن ۾،
ڏين ٿا حصو سڀ گڏي ڪانڌپن ۾،
نه تڪليف ٿئي تن ٻين حاجتن ۾،
اڃا هرڪو ڏيندو تنين کي آ پاهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا سنڌ ڄائي نياڻي نماڻي،
اڃا پنهنجي ورَ سان بڻي ٻيلياڻي،
هلائي ٿي گهر کي اها گهر ڌڃاڻي،
صبر ۽ شڪر سان سدا ٿي سياڻي،
ڏيکاري ڏکن ۽ سکن ۾ شرافت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.
اڃا هاري انبار ان جا اپائي،
۽ مزدور مِل کي همٿ سان هلائي،
۽ واڍو ۽ رازو ٿو جايون بنائي،
۽ ڀاڳيو به ٿو مال پالي نپائي،
اڃا پورهئي جي هلي ٿي ڪرامت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا داغ دل جا پون ڌوئڻا ٿا،
گلن هار ڪن لئه پون پوئڻا ٿا،
اڃا لاڳ ماڻي کلن روئڻا ٿا،
ٿئي لايو سجايو ملن ڍوئڻا ٿا،
ته ڪاريگرن کي ڏجي ٿو پو آهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا پيون دکن ٿيون ڪنڀارن جون آويون،
۽ ڀڙڪن لهارن جي دُکڻن تي باهيون،
اڃا هُنر ساڳيا ۽ ريتون به ساڳيون،
ساڳيا ساز آواز وايون ۽ ڪافيون،
اهي ناز انداز سنڌ جي نزاڪت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا اوليائن تي ميلا لڳن ٿا،
ملهه پهلوانن ۾ دنگل ٿين ٿا،
سگهڙ پنهنجي فن کي اچي پيش ڪن ٿا،
وڏا ڏاها ادبي مقالا پڙهن ٿا،
اڃا جِت آ زندهه سڄي سنڌ جي ساهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا ڪيوِڙي ٽُڪَ تي رَلِيون ٺهن ٿيون،
رڳو ڏس پيو ڇا ته ڀلِيون ٺهن ٿيون،
ٽوالن رومالن تي ولِيون ٺهن ٿيون،
ڀري ڀرت سان گل ۽ دلِيون ٺهن ٿيون،
سنهي سئيءَ سان ناريون رکن ٿيون نفاست،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا جِيئَريون هِن چنهر ڪوڏا ساريون،
ٿين ٿيون گُڏن ۽ گڏين جون به شاديون،
گهِٻڙ غِلَ ۽ ليڪڙ بلورن جون رانديون،
اڃا ٻار ڪن لِڪ لڪوٽيءَ جون لاتيون،
اٿن راند سان گڏ پڙهڻ سان قرابت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا سيس سنڌ جي مٽيءَ تي جهڪي پيو،
۽ سرتيءَ جي ڳل جينءَ ڌرتي چمي پيو،
اڃا سنڌ جيئي جو نعرو لڳي پيو،
اڃا قومي جهنڊو فضا ۾ اڏي پيو،
اڃا عاشقن جي وڌي “خاطي” چاهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

تباهي آ توبهه رڳو جنگ اندر،

تباهي آ توبهه رڳو جنگ اندر،
هجي منهن جهيڙن سندو جهنگ اندر.

ڪٿي خون ڪنهن جو نه ناحق وهي شل،
نه رنڱجي ڪو دامن لهوءَ رنگ اندر.

رهي شال عزت سلامت سڀن جي،
شرم ۽ حياءُ شل رهي ننگ اندر.

بندوقون ڪهاڙيون نه پستول گهرجن،
هجي ساهه سُرَ ۽ قلم چنگ اندر.

نه هيءَ قوم قرضي نه بيمار بنجي،
هجي شاد هرڪو پنهنجي ڍنگ اندر.

سماجي براين سندو خاتمو ٿئي،
نه ڦاسن موالي جوا ڀنگ اندر.

نه ڪي ساڙ ڪينو هجي روحَ اندر،
هجي پيار رڳ رڳ انگ انگ اندر.

هجن شال سنڌي ائين سنڌ اندر،
رهن جيئن “خاطي” داڻا سنگ اندر.

بستِي بستيءَ تي لڙڪ هاريم گهڻا،

بستِي بستيءَ تي لڙڪ هاريم گهڻا،
رستِي رستيءَ تي لڙڪ هاريم گهڻا.

ڪنهن چمين سان چميا، ڪنهن نه دامن اگهيا،
ٺوٺ ڌرتيءَ تي لڙڪ هاريم گهڻا.

مَن ملڻ ٿيو پري ، پر ڏسڻ ئي منع،
ايڏي سختيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

جن کي چاهيو اسان تن ٻين کي گھريو،
ريت اُبتيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

هر اسان جي خوشي غير جي گود ۾،
پنهنجي غلطيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

علمي ادبي ادارا تباهي ڪنڌيءَ،
قومي پستيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

پارٽي ، قوم ، تنظيم اڳواڻ جي،
خود پرستيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

ديس جي موهه سان ڀيٽ “خاطي” ڪري!؟
اهڙي سرتيءَ تي لڙڪ هاريم گھڻا.

چنڊ اڀري منهنجي گيتن مان،

چنڊ اڀري منهنجي گيتن مان،
سج نڪري منهنجي گيتن مان.

ٿي سوچ نئين نروار ٿئي،
هر گھمري منهنجي گيتن مان.

مجبورن ماڻهن جي پيڙا،
ٿي گذري منهنجي گيتن مان.

هر ظالم کي آواز ڏنو.
آ خطري منهنجي گيتن مان.

خوشبو ڌرتيءَ واري هر دم،
ٿي اڏري منهنجي گيتن مان.

جنّت جھڙي سنڌ نئين ڪا،
ٿي سنبري منهنجي گيتن مان.

سچ جي خاطي تحريڪ سچي،
ٿي اسري منهنجي گيتن مان.

سنڌڙي منهنجي آ سورن ۾،

سنڌڙي منهنجي آ سورن ۾،
پوءِ ڪيئن رهان مان سرورن ۾.

بد امنيءَ جي وڏي ٻوڏ هتي،
رڳو ڌارين جي آ لوڌ هتي،
۽ ويرين جي ناهي کوٽ هتي،
پيا ٻيڻ وڌن هر طورن ۾.

هت ناحق نياڻيون روز ڪُسن،
سي کيرُ اڇيون هت ڪاريون ٿين،
معصوم عمر پيڙجن ۽ سڙن،
رسمن جي گهاڻي تنورن ۾.

سنڌ امڙ سان ٿا ڪِيسَ ٿين،
ٿا سنڌي سڪونَ جي لاءِ سڪن،
ڀري لوڻ لپون ٿا غير وجهن،
سنڌين جي ڦٽن ناسورن ۾.

ڍل، بجليءَ جا بل ٻيڻ مٿي،
بينڪن جي وياج ۽ قرض ڪري،
ڪاهيو ٿي گهرن ۾ پوليس پوي،
ڇا حال سنڌي مجبورن ۾.

جيڪي ووٽ وٺي چونڊيا چڱا،
شيطان سي سنڌ جا ويري وڏا،
سنڌ ڏاڍا گهڻا نقصان سٺا،
تن اڳواڻن جي قصورن ۾.

سنڌڙيءَ جي حقن تي ڌاڙا هڻي،
ناڻي سان گڏ ويو پاڻي کڻي،
ٿيو سڀ شيءِ جو پنجاب ڌڻي،
ڇو قانونن دستورن ۾.

او پٽڙا جاڳي ڪيو سختي،
سنڌ واڳن گهيري آ ورتي،
ڳڙڪائڻ گهرن ٿا هيءَ ڌرتي،
آ حيوانن جي سا گُهورن ۾.

هن ڌرتيءَ جون اڇنگارون ٻڌي،
هن ٻوليءَ جون ڪوڪارون ٻڌي،
آئي سجاڳي پڪارون ٻڌي،
آ ماروئڙن مزدورن ۾.

خاطي سور نه رهندا ساڳيا،
نيٺ نعرا هڻي سنڌي جاڳيا،
ڦورن کي پڳا اجهي ڀونءِ ڀاڳيا،
نئون جذبو آهي سمورن ۾.

ڪڏهن ڀُلجي غريبن سان، ٻه گفتا جن نه ڳالهايا،

ڪڏهن ڀُلجي غريبن سان، ٻه گفتا جن نه ڳالهايا،
وري گڏ پنهنجي واٺن سان، وٺڻ ووٽن جي لئه آيا.

پڄي، مسڪينُ دانهِين ٿيو، ڪيو گسُ بند آ بڇڙن،
چيائون تنهنکي وڃ واپس، اجهو پويان ٿا هُو پهچن،
لڙي لُوڻُو نه ڦيريائون، وڏي ڪنهن فون ترسايا.

چئو تن کي، ته ڪير آهيو؟ نه هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا.
ڪيَوَ ڇا سنڌ جي خدمت؟ ڪيون هڪڙو پڇاڻون ٿا،
ٻڌايو ماءُ ڌرتي جي، ٻچن تي ڇا ڪيَوَ ڇا يا؟

ٿڌا بنگلا، ٿڌيون گاڏيون، تنين جا در کُلي ويا هن،
پنجن سالن پڄاڻا پوئي، وري ساڳيا پُڄي ويا هن،
پڇو تن کان ته اڳ ڪهڙا؟ اٿوَ پٽڪا ڪي پارايا.

توهانجي صحت ۽ تعليم، تحفظ ۽ توانائي،
بنيادي ضرورتون حل ٿيون؟ ڪهڙي ترقي ڏيارائي؟
ڦٻائي فنڊ ويا سي جي، اوهانجي نالي لکرايا.

توهان کي ٿا چون، تقدير بدلائي ڇڏينداسين،
توهان کان چَئونِ دستاويز لکرائي ڇڏينداسين،
ڀري مووي ڇڏيو تن جي، وچن تن جيڪي دهرايا.

نه ڍٻڪيءَ تي بڻي ڀولا، لٺيون جهليو مدارين جون،
ڪيو منهن تي سڀئي ڳالهيون پتون وائکيون غدارين جون،
ڪيو تن سان نه گهٽ خاطي، گھڻا جن شان گھٽرايا.

مٽي سنڌ جي چپن چائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين،

مٽي سنڌ جي چپن چائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين،
رڳو سنڌ جو ئي سڏرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

پنهنجي غيرت مڃيندي ڇا؟ سنڌ جي سينڌ ميري ٿئي!
پنهنجي سنڌڙي جي سنبرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

حڪمرانن وزيرن وٽ، عملدارن اميرن وٽ،
حق سنڌ جا جي مڃرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

اڄوڪي سنڌ جي حالت، انڌا ٻوڙا نه ڄاڻن ٿا،
پڄائين دانهن تن تائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مڇن ۽ مانگرن واڳن، وڪوڙي هر طرف سنڌڙي،
سا واڳن کان جي ڇڏرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

ڪنو پاڻي، صحت ناهي، ڪٿي تعليم سنڌڙيءَ جي،
مسئلا حل ڪرين سائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

دکي ڌرتي، دکيا مارو، لڱين ليڙون، بکيا مارو،
اهي روئندڙ جي مرڪائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

سنڌو وارِي، اڃارو ٿر، ڊنل چهرا، رتو رت گهر،
اهي منظر جي مَٽرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مسيتون مدرسا ڀل تون پڪا ٺهراءِ پر ڀائو!
ٽٽل دليون جي ٺهرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

سچو منصف تڏهن سڏبين، جڏهن انصاف آڻيندين،
رُٺل ڀائر جي پرچائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مٺيون سڀ مائرون خاطي، سڀن جي ماءُ آ سنڌڙي،
مٺي جيجل، مٺي ڀائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

اگر هيرو ٿيڻ چاهين ته خدمتگار ٿي خاطي،
مٺا مارو جي ڳل لائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

سنڌڙي توکي سرهو ڏسڻ لئه روئان ٿو،

سنڌڙي توکي سرهو ڏسڻ لئه روئان ٿو،
تنهنجي ٻچن سان قرب ڪرڻ لئه روئان ٿو.

شال سڀن جون امڙيون شاد آباد هجن،
بيمارين کان تن جي بچڻ لئه روئان ٿو.

تنهنجا ٻچڙا نياڻيون سڀ جوانيون ماڻن،
تن جي خوشين، لائون لهڻ لئه روئان ٿو.

جيڪي ڏکايل ماروئڙا مجبور مٺا،
تن کي ڏکن کان ڏور رکڻ لئه روئان ٿو.

هر هاري کي هلٽ سمورو پنهنجو هجي،
پورهيت جي خوشحال رهڻ لئه روئان ٿو.

شال تنهنجا سڀ سور ختم ٿين خاطي چئي،
مرڪڻ مهڪڻ تنهنجي کلڻ لئه روئان ٿو.

جي ايم جي خوابن جهڙي حسين سنڌڙي،

جي ايم جي خوابن جهڙي حسين سنڌڙي،
رابيل ۽ گلابن جهڙي حسين سنڌڙي.

سهڻي لطيف جا سڀ سُرَ باب خوبصورت،
سارنگ جي ئي بابن جهڙي حسين سنڌڙي.

سامي، عنات، سرمد، سرمست جي صدائن،
صوفين سبقَ نصابن جهڙي حسين سنڌڙي.

فطرت جا راز جنهن ۾، آواز ڪي الستي،
الهاميل ڪتابن جهڙي حسين سنڌڙي.

گھٽجي نه پياس ٿي، بس ديدار جي خواهش،
محبوب جي حجابن جھڙي حسين سنڌڙي.

سهسين سجن ستارن، رنگين روشنائين،
چوراسي ماهتابن جهڙي حسين سنڌڙي.

سهڻيون اکيون امڙ جون، جن ۾ خلوص خاطي،
سهڻين اکين جي آبن جهڙي حسين سنڌڙي.

ڪن ڳچين لئه ڳٽ ڳرا، ۽ ڪن جي لئه تمغا ڪڍيا،

ڪن ڳچين لئه ڳٽ ڳرا، ۽ ڪن جي لئه تمغا ڪڍيا،
شاعريءَ جي روپ ۾ مون سنڌ جا نقشا ڪڍيا.

سونهن نمبر، سوچ نمبر، سور نمبر ۽ ٻيا،
دل اشاعت گهر منجهان ڪي پيار جا پرچا ڪڍيا.

ٿر جي ريگستان جهڙا ڳل گهنجيل هُن جا ڏٺم،
تن مٿان هُن لڙڪ لاڙي ڄڻ ننڍا دريا ڪڍيا.

زندگي ڪاڇو اُڃو هئي، رڄ ڪيم پي پيار _ جَلُ،
جو پرينءَ جي بارشاڻن بادلن ڀيرا ڪڍيا.

راڄڌاني ٿئي نه ها هرگز ختم ههڙي طرح،
پنهنجا ئي غدار ٿِي پيا جن اچي تختا ڪڍيا.

ظالمن جي منهن تي لينگها ڄڻ لڏو هن جو هيو،
ڳوٺ مان مسڪين پنهنجو گهر ڇڏي ٻچڙا ڪڍيا.

او غريبو! ڪاميابي پير چمندي پر جڏهن،
پاڻ ڏاڍن جا اندر مان خوف ۽ خدشا ڪڍيا.

مون وجود ۾ سنڌ ٺاهي، وار ٻوٽا کل ٻني،
هڏ جبل، رت ست سنڌو، دل گهر، رڳون رستا ڪڍيا.

ڏات رب کان جا ملي خاطي لکڻ جي خاص جو،
شعر مون گهر گهر ورهائي ۽ ونڊي صدقا ڪڍيا.

پيار پڪو هي ميجڪ هوندو،

پيار پڪو هي ميجڪ هوندو،
بي حد هوندو، بيشڪ هوندو.

ڪيئن ڪٿيندو محبت جا مڻ،
جنهن وٽ ماپو سيرڪ هوندو.

ماءُ مٽي مارو نه سڃاڻي،
بي غيرت ۽ بي نڪ هوندو.

ماڻهو پنهنجي مزاجن پڌرو،
چندن هوندو، جي اڪ هوندو.

ٽيهين ڏينهن ته ڦاسي پوندو،
اوڻٽيهن جو هيرڪ هوندو.

قوم سان گڏجي جهومي تڙپي،
خاطي جهڙو ليکڪ هوندو.

ڪراچي سنڌ جي آ دل،

ڪراچي سنڌ جي آ دل،
ڪراچي سنڌ ۾ شامل.

ڪراچي سنڌ جي گادي،
ڪراچي سنڌ سان واصل.

ڪراچيءَ ڏانهن سنڌين جو،
سدائين روح آ قائل.

ڪراچي ٻي ۽ سنڌڙي ٻي!
انهي جملي کي ڪر زائل.

نه پنهنجي ماءُ کي سمجهين،
ڪهڙي مذهب ڏي تون قائل.

ڪراچي سنڌ کي جيڪو.
جدا سمجهي اهو جاهل،

ٻڏي ان ٻول تي مر تون،
اٿئي ويجهو سمنڊ ساحل.

ڪراچي ڌار سنڌ جدا،
نه هڪٻئي کان سوا ڪامل.

ڪراچي ڇڏ يا وٺ معافي،
سڌر خاطي نه ٿي ناهل.

قومي حقن جي ڪاڻ تون لڙ،

قومي حقن جي ڪاڻ تون لڙ،
جيءُ جهان ۾ ٿي تون جهجهڙ.

ريٽو لال پچي ٿئي سو،
جنهن جي جندِ ۾ عشقُ اُمڙ.

اُڀ تي اُڏري هيٺ ڪِري،
هاءِ! حياتي ڄڻ ته لغڙ.

راڄن جو رکوال ٿي ڏس،
ڇو نه وڻي ٿو تنهنجو وڙ.

ڇانوَ جو طالب آ هرڪو،
ڪو ڪو ماڻهو گھاٽو بڙ.

تڙپ وڌي وئي آهي اڄ،
ياد جو ڦاٽڻ تي آ ڳڙ.

کائي مجيري گوشت ڀت،
هاري ساڳيو ساڳ ڊڳڙ.

خالق خلقيو آ خاطي،
ڏيندو پنهنجو سهڻو گهر تڙ.

ڪنول جهڙي ڪومل سنڌ،

ڪنول جهڙي ڪومل سنڌ،
نازڪ نازڪ نرمل سنڌ.

ململ جي آ موجد پاڻ،
پاڻ به ريشم ململ سنڌ.

چانڊوڪي ۽ روشن صبح،
جهڙي اجري اوجل سنڌ.

رحمت سنڌو جو جل پاڪ،
تنهن ۾ ڌوتل پوتل سنڌ.

پيار جي پرچارڪ ٿي روز،
ڪوڪاري ٿي ڪوئل سنڌ.

بيواهن ۽ يتيمن پال،
درد وندن لئه درمل سنڌ.

ڪنهن تي ڪونه ڪري ٿي ڪاهه،
سک جي ساکي هر پل سنڌ.

ڪنهن جي ڇا دل ۽ ڇا جان،
منهنجي خاطي دل دل سنڌ.

گَنديءَ جي پاند ۾ ڏئي ڳنڍ، کڻي ڪجهه پيسڙا آئي،

گَنديءَ جي پاند ۾ ڏئي ڳنڍ، کڻي ڪجهه پيسڙا آئي،
وٺي گڏ شهر پنهنجي، ڌيءُ وٺڻ آ ويسڙا آئي.

هيو محبوب جي ساراهه سان اڄ ڏات کي ملڻو،
تڏهن سنبري هڻي ميندي، ڪري هي ڪيسڙا آئي.

خدا حافظ چوڻ سان چپ ڦٽيل پوپٽ جيان ڦڙڪيس،
ڳڙيس ڳوڙها، کڻي هوءَ نيڻ اهڙا ڦيسڙا آئي.

وساريئي مونکي ڌرتيءَ لئه، چئي پئي دل جي ڪورٽ ۾،
وري اڄ سار سرتيءَ جي، ڪرڻ آ ڪيسڙا آئي.

وسيلا قدرتي، محبت، ثقافت، سونهن فطريءَ ۾،
شرافت ۾ به سنڌ خاطي، لٽي سڀ ديسڙا آئي.

منهنجي محبوبڙي، پدمڻي، گل سِڻي،

منهنجي محبوبڙي، پدمڻي، گل سِڻي،
چمڪڻي، چلڪڻي، مرڪڻي، مهڪڻي.

گل ڏسي، گل سِنگهي، واسجي، ڀؤنر ٿي،
دل چري سونهن تي، ٿي پئي هرکڻي.

رُوحُ هرڻي بڻي، اڃ اجهائڻ ڀڳو،
باههِ برُ، ڀڙڪڻي، تَڙَ ڏنس تڙپڻي.

دَمُ وَڌي، جي ڪو ماهِرُ مَٽَي چُهنبَ ها،
زِندَگي ڄَڻُ ته آ لاَٽِڻي، کِرکِڻِي.

بِي سهاري، ڪناري، ڏِسان پارَ ڏي،
مَنَ اُڪارِين ڪَري تون، رحم پَاتِڻي.

گهرَ اڏِيندي ثقافتَ لڳي سنڌ جي،
ڄڻ مِٽيءَ جي لڳي، مورتي اوڏڻِي.

شل ڪچهري ڪرڻ رات سپني اچي،
ڳالهه هڪڙي امڙ سان اٿم اورڻي.

هِت حميرن نه هلندي، ٿِجان مينڌرو،
ڪاڪ مومل جي ٿئي، ور وڪڙَ تِرڪڻِي.

ڏاڍ جي ڏار ۽ ڊوهه جي ڊاهه لئه،
شاعري ڪا سگهاري اٿم سرجڻي.

هِت رعيتَ ٿي بُکن ۾ ڳري ڄڻ لَڪُڻ،
پر حڪمران ٿيا، مال کائي ڊڻي.

سنڌ منهنجي سلامت رهي شل سدا!،
سنڌ جي سوچ خاطي اٿئون سوچڻي.

ساهه آ سنڌي ٻوليءَ ۾، جهڙو جيجل جهوليءَ ۾.

ساهه آ سنڌي ٻوليءَ ۾، جهڙو جيجل جهوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي سنڌو آ، دل دل سائي ڇولي ۾.
ڪيڏو سرور سڪون ملي، پينگهي لوڏ ۽ لوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي موهي ٿي، هر ڪنهن قرب ڪڙوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، کير ۽ ڀت جي دوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، پڌري پوتيءَ چوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، شادي سيج کٽوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، سنڌي ڍولئي ڍوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، وائي ڳيچ گهڙوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، ڪافي بيت پروليءَ ۾.
هڪ ئي سنڌي ٻولي آ، گل جا آڇي گلوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي روشن آ، سوريء گهاڻي گوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي چمڪي ٿي، کوريء ۾ يا کوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي ڏاهپ آ، شاهه ۽ شيخ جي ڏوليءَ ۾.
جهوڪ گڙنگ مکي ٽلٽي، سنڌي سن جي ٽوليءَ ۾.
سڀڪو سمجهي ٿو خاطي، ڳالهه آ سنڌي سوليءَ ۾.

ڳالهه اسان آ دل جي اوري،

ڳالهه اسان آ دل جي اوري،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
ٿوري ٿوري ناهي ٿوري،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

پنهنجي ڌرتي، ديس به پنهنجو،
پنهنجي ثقافت، ويس به پنهنجو،
پنهنجو پٽڪو، پنهنجي پوتي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

ريتون رسمون، انگ به پنهنجا،
ساز هٿيار، امنگ به پنهنجا،
پنهنجي اجرڪ، پنهنجي ٽوپي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

جنهن کي تو مون ناهي ٺاهيو،
ڪيئن ٿا ڊاهيو ڇو ٿا ڊاهيو،
جيڪا خود خالق آ جوڙي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

سن جو سائين، سورهيه سائين،
شاهه عنايت، بلال ڏنائين،
هر ڪنهن پنهنجي هستي گهوٽي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

شاهه سچل سامي ۽ لغاري،
شاهه اعجاز اياز بخاري،
سڀني خاطي سوچي لوچي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

سنڌڙيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو،

سنڌڙيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو،
ڌرتيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

ڪيڏا به اچن لوڏا، ٻيڙي نه ڪڏهن ٻڏندي،
ڪشتيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

ڪيڏا به مڙن مڇَ پر، ڀاڱا نه ٿيندي سهڻي،
سهڻيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

مهراڻ جي موجن جي مستي نه ڪڏهن مرڻي،
مستيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

سنڌيت جي وضائف جو هي ورد پيو وڌندو،
تسبيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

هن ديس جي چاهت جو ريشم به پيو ڪتبو،
چرخيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

سنڌ نعمتن سان پئي مالا مال اڃا ٿيندي،
ترقيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

آ سنڌ امڙ خاطي اهڙي نه ڪا ٻي هستي،
هستيءَ جو محافظ تون، دشمن ڇا ڪري سگهندو.

جويو، جليل، جامي،

جويو، جليل، جامي،
امداد، مغل، قاضي،
آڪاش، ادل، باغي،
ناهن پراوا خاطي.

ماڻڪ ۽ ميرمحمد،

ماڻڪ ۽ ميرمحمد،
الطاف، امر، ارشد،
سڀ ڌار خاطي ناهيون،
نصير، نياز، احمد.

مخمور، قمر، قادر،

مخمور، قمر، قادر،
معشوق، فدا، ساحر،
سڀ خاطي هڪ آهيون،
گل، رياض، رضا، ياسر.

ارباب، مٺل، ساگر،

ارباب، مٺل، ساگر،
ڪوثر، سوز، قلندر،
هڪ وڻ جا گل خاطي،
خالد، سنڌي، سڪندر.

عبد، اداسي، منور،

عبد، اداسي، منور،
تبسم، انجم، انور،
سنڌ جا ٻچا خاطي سڀ،
بيدل، بخشڻ، مظهر.

عاجز، وسيم، آسي،

عاجز، وسيم، آسي،
غمدل، ايوب، غازي،
عزمي، وفا ۽ خاطي،
هڪ گهر جا سڀ ڀاتي.

جيئن منهنجا مارو جيئي سنڌ سدائين،

جيئن منهنجا مارو جيئي سنڌ سدائين،
نگهبان جن آ الله سائين،
جيئي ديس خاطي جئن ديس واسي،
دنيا هيءَ سلامت رهي جيستائين.

نه ٿورن ۾ ٿوري، ڳڻن ۾ آ ڳوري،

نه ٿورن ۾ ٿوري، ڳڻن ۾ آ ڳوري،
مٺي سنڌ سٻاجهي مٺي سنڌ صدوري،
ڀٽائيء سچل جي جنم ڀومي خاطي،
سچن اوليائن جي سنڌڙي سڳوري.

مرڪي پئي جي محبت محنت،

مرڪي پئي جي محبت محنت،
چمڪي پئي پو پنهنجي قسمت،
شال ختم ٿئي خاطي سنڌ مان،
نسلي نفرت، ذهني غربت.

پاڻ ڇپائي پاڻ کپائي،

پاڻ ڇپائي پاڻ کپائي،
هيءُ اسانجو ليکڪ آهي،
سنڌي قوم قدر هي ڄاتو،
شاعر خاطي ڪير سڏائي.

ڏکيا ڏيهه واسي، اها عيد ڪهڙي!

ڏکيا ڏيهه واسي، اها عيد ڪهڙي!
اندر ۾ اداسي، اها عيد ڪهڙي!
هجن پنهنجا خاطي، خوشين ۾ نه گڏ ۽،
رهي روح آسي، اها عيد ڪهڙي!

مادر علمي ، گولين بارش،

مادر علمي ، گولين بارش،
منهنجا سنڌي توکي شابش،
ڪير ڪري ٿو سوچ ته “خاطي”،
سوچيل سمجهيل آهي سازش.