سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڀڳت ڪبير جي دوھن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”ڪبير جي چونڊ شاعري“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنھن جو سنڌيڪار امان شيخ آھي.
ننڍي کنڊ جي مشھور وحد الوجودي شاعر ڀڳت ڪبير جي چونڊ شاعريءَ ۾ خدائي جمال فطرت جون حسناڪيون، انسان جون باطني ڪيفيتون ۽ صوفياڻيون سرمستيون، سِٽ سِٽ ۾ رقص ڪري رھيون آھن. ڀڳت ڪبير جي شاعري مذھبي تنگ نظري، تعصب ۽ شدت پسنديءَ کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونھي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي