تقدير ملي نہ ملي
لياقت علي لياقت پنھنجي شاعريءَ ذريعي سماج جي مسئلن کي نروار ڪيو آھي. لياقت پنھنجي ڏات ۽ فڪر ذريعي آزاديءَ ۽ بيباڪيءَ سان لکيو آھي. ھن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خاص ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف دل کولي لکيو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا رنگ تہ آھن ئي پر ساڳي وقت مجاز ۽ عشق جي قدرن کي بيان ڪرڻ جو انداز نرالو اٿس.