سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ سنڌو پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو ”اداسي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ڪيترائي اھڙا خيال آھن جيڪي ڌيان جو گريبان ڇڪيندي نظر ايندا. ڪيترائي اھڙا شعر آھن جيڪي احساسن جي شدت کي ڇرڪائي ٿا ڇڏين. سنڌوءَ جي شاعريءَ ۾ موجود جذبن جي سچائي اھڙو ماحول جوڙي ٿي ڇڏي جو ڪٿي ڪٿي تہ اکيون آليون ٿي ٿيون پون، امداد حسيني لکيو آھي: ”سنڌوءَ جي شاعريءَ ۾ سانوريون سانجهيون، جدائيءَ جون ڊگهيون راتيون، تپندڙ ٻپھريون، پيلن پنن جيان ڇڻندڙ پل، پھر، رٺل رُتون، مُٺل مندون، دوريون، مجبوريون آھن. انھن موضوعن کي ھن تنھائيءَ، اداسيءَ ۽ ياد/سار جي تاڃي پيٽي تي اُڻيو آھي.“
ھي ڪتاب 2017ع ۾ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي