آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آتم ڪٿا

آتم ڪٿا جي ھن شاھڪار ڪتاب ۾ جمال ابڙي جي آتم ڪٿا جا پنج ئي جلد يعني ”ڏسي ڏوهہ اکين سين“، ”اونهي ڳالھہ اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نہ وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينھَن وسن“ شامل ڪيا ويا آھن. جمال ابڙي جي سڃاڻ ڀلي تہ ھڪ افساني نگار واري آھي پر سنڌيءَ ۾ ھن جھڙي آتم ڪٿا جا مثال ڪونہ ملندا. ھن آتم ڪٿا جو ھر جلد تاريخ آھي. جمال ابڙو جڏھن افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو تہ پننجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر!حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪھاڻيڪار پنھنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نہ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن ان کي افسانو بڻائڻ نہ چاهيو، جنھن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامھون آئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 35
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آتم ڪٿا

حق ۽ واسطا

ڪتاب: آتم ڪٿا
ليکڪ: جمال ابڙو
ڇاپو پھريون: 2017ع
ڇاپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار جمال ابڙي جي آتم ڪٿا جا پنج ئي جلد ھڪ ڪتاب ۾ سھيڙي ”آتم ڪٿا“ جي نالي سان پيش ڪري رھيا آھيون.  
آتم ڪٿا جي ھن شاھڪار ڪتاب ۾ جمال ابڙي جي آتم ڪٿا جا پنج ئي جلد يعني ”ڏسي ڏوهہ اکين سين“، ”اونهي ڳالھہ اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نہ وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينھَن وسن“ شامل ڪيا ويا آھن. جمال ابڙي جي سڃاڻ ڀلي تہ ھڪ افساني نگار واري آھي پر سنڌيءَ ۾ ھن جھڙي آتم ڪٿا جا مثال ڪونہ ملندا. ھن آتم ڪٿا جو ھر جلد تاريخ آھي. جمال ابڙو جڏھن افسانوي ادب کان الڳ ٿي ويو تہ پننجي آتم ڪٿا محفوظ ڪيائين. پر!حيرت جي حد تائين هن عظيم ڪھاڻيڪار پنھنجي آتم ڪٿا کي افسانوي ادب جي ويجهو اچڻ نہ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن ان کي افسانو بڻائڻ نہ چاهيو، جنھن ڪري اها خود هڪ حوالو بڻجي سامھون آئي آهي.
ھن ڪتاب جا پنج ئي جلد الڳ الڳ پبلشرز پاران مختلف سالن ۾ ڇپايا ويا، سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 2017ع ۾ پنجن ئي جلدن کي ھڪ ڪتاب ۾ ”آتم ڪٿا“ جي نالي سان ڇپايو ويو. اھو ضروري ھيو تہ آتم ڪٿا جي ھن شاھڪار ڪتاب کي ڪمپوز ۽ پي ڊي ايف ۾ آڻجي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جمال ابڙي جي 19ھين ورسيءَ جي موقعي تي آتم ڪٿا جو ھي ڪتاب اپلوڊ ڪجي ٿو. اسان ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر  آڻڻ جي اجازت ڏني ۽ مھربانيون بدر ابڙي صاحب جون جنھن پروف ۽ ڪتاب جي مختلف جُلدن ۾ ڪيل ضروري درستگيون ڪري موڪليون.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڏسي ڏوهہ اکين سين

---

انتساب

ابي امان جي نالي جن ٿڦي ٿوڦي، ڪنڊون پاسا ڀڃي مون کي اڻ گهڙيل ماڻهوءَ مان، انسان بنائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو ۽ هر وقت مون تي ڪَرڙي نگاهه رکندا آيا ته متان راهه تان ٿڙڪي نه وڃي. سندن لک ڪروڙ احسان جي لاهڻ جا ئي نه آهن. خدا توفيق ڏئي ته سندن اميدن ۽ معيار تي پورو لهان ۽ پڻ دعائن ۽ ٻاڏائڻ سان سندن ٿورا لاهڻ جا جتن ڪندو اچان

- جمال ابڙو

ستر ڪر ستار آئون اگهاڙي آهيان

ستر ڪر ستار آئون اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار ڏيئي پاند پناهه جو.
(شاهه)


رک ستر منهنجو سائين، ستار تنهنجو نالو،
ڪر بخش سڀ خطائون ، غفار تنهنجو نالو،
احسن جون پوريون آسون ڪر لطف ساڻ مولا،
ڏي دان مونکي داتا، ڏاتار تنهنجو نالو.
(حافظ محمد حسن چنا)


ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا
(شاهه)


پاڻا ڍڪي پاند، جي ڏسي ڏوهه اکين سين
(شاهه)

منهنجي وصيت

خميس 9ـ جون 1994ع
ڪراچي

”اي مانجهاندي جو ماڳ جو تو ساڻيهه ڀانئيو“

سڀ ساراهه سچي ڌڻيءَ جي جو فاطر سماوات والارض آهي. خالق ۽ فاطر ۾ فرق آهي. هر ننڍو وڏو ڪاريگر ۽ فنڪار پاڻ کي خالق ٿو سمجهي ۽ پنهنجي بنايل شيءِ کي پنهنجي تخليق ٿو سمجهي. آسمانن ۽ زمينن، ڪروڙين اربين تارن، ستارن، گرهن ۽ بي حساب ڪهڪشائن جو اپائيندڙ ۽ هر هڪ کي ڪمال قدرت سان پنهنجي پنهنجي مدار ۽ محور ۾ هلائيندڙ ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ئي هن سڄي فطرت ۽ مانڊاڻ جو فاطر آهي. عقل کي محو ڪندڙ اهڙا واقعا ٿين ٿا جو وڏي ۾ وڏو دانشور، سائنسدان ۽ فلسفي هڪو ٻڪو ۽ حيران ٿيو وڃي. تازو ئي سائنسدانن اڳڪٿي ڪئي هئي ته هيءَ سڄي ڪائنات يقيناََ تباهه ٿيڻ واري آهي جو ٻه ڪهڪشائون (جنهن کي اسان حضرت نوح جي ٻيڙيءَ جو گسو چئون، جنهن ۾ حقيقتاََ ڪروڙين اربين تارا آهن جي پيا ڦِرن، هلن ۽ هڪ گس ۾ پيا وڃن.) پاڻ ۾ ٽڪرائڻ واريون آهن. سائنسدان به سچا هئا، پر ٻه ڪهڪشائون هڪٻئي منجهان بنا ٽڪرائڻ جي لنگهي هليو ويون. آهي ڪنهن خالق کي ايڏي وسيت جو ڪروڙين تارن ستارن ۽ گرهن کي حڪم ۾ هلائي اهڙو دڳ وٺائي جو پاسو پاسي سان نه گسي.

خالق تنهنجي کاند جو پرو پاند نه ڪوءِ
نالو رب ســنـدوءِ، رهــيــو اهـــم روح ۾.
(شاهه)

اهو رب آهي جو پالي ۽ سنڀالي ٿو. اهو الله آهي جو وحده ُلاشريڪه لہُ آهي ۽ ڪڏهن ڇڏي نٿو وڃي. محترمه بينظير ڀٽو چيو ته، ”ضيائي مارشل لا ۾ کيس اڪيليءَ ڪوٺي ۾ بند ڪيو ويو. نه ساٿي، نه ساٿياڻي. سڀڪجهه کسي ويا ڪتاب، اخبارون، ريڊيو، ڪپڙا، ڏندڻ، صابڻ وغيره به. پر منهنجو رب مونکان نه کسي سگهيا“. ’پرين تنهنجي پاند ڍولا ڍڪي آهيان!‘ جيڪو ڪڏهن ڇڏي نه وڃي ۽ ’جو ڏسي ڏوهه اکين سين پاڻان ڍڪي پاند!‘ ان کانسواءِ ڪهڙو چارو ۽ ڪهڙو دوست يار يا مددگار؟ هيڏي وڏي مانڊاڻ جو مالڪ ٿي ڪري به اسان ڪِوِل جيڏن جيتامڙن جي مڪمل سار سنڀال پيو لهي. رڳو ننهُن ڪٽجي پوي ته سوين مزدور ۽ ڪاريگر ڪات ڪهاڙا وسلا ۽ اوزار کڻي مرمت ۾ ڏينهن رات جنبي وڃن ۽ اسان کي خبر به نه پوي ته ٺاهي جوڙي راس ڪري بنا مزوري وٺڻ جي هليا وڃن. اسان جا ڄامڙا دانشور چون ته ’ڇا جا فرشتا، ڇا جا ملائڪ!‘ ڀائي هي فرشتا نه هئا ته ٻيا ڪير هئا؟ چون ته ڇا جا جنڙا، ڇا جي جنات، جي ماڻهوءَ ۾ واسو ڪن؟ ڀائي هي لکين قسم جا وائرس جنڙا ناهن ته ٻيو ڇا هن؟ ڏسڻ ۾ ڪونه اچن پر اندر ۾ واسو ڪن ته سيئو تپ، ڏڪڻي، اکيون ڳاڙهيون، بت گرم، جابول ڪي ته ماريو ڇڏين، ڪن کي ڊاڪٽر حڪيم ڀڄايو ڇڏين. مائڪرو اسڪوپ ۾ شڪل ڏسون ته ڊپ وٺيو وڃي! ته بابا ڪروڙن ۾ جنڙا به آهن ته فرشتا به آهن. اسان کي ڪهڙي خبر هن ڪائنات جي، جو ويٺا فتوائون ڏيون.
مون شيخ اياز کي چيو ته ’منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪَڇي اُڀ!‘ ته شيخ اياز چيو ته، ’قاضي قاضن منڊي ماڪوڙي کي ڏسڻ جي منزل تي پهتو هوندو ۽ کوهه ۾ به ڏٺو هوندائين. اسان ته نه منڊي ماڪوڙي آهيون نه ڪو کوهه جو اندازو اٿئون. اسين ته واريءَ جا ذرا آهيون جن کي سمنڊ جون ڇوليون ڌڪا ڏيو پيون سٽين!‘ اياز جي اها ڳالهه ته اسين ته ريت جو ذرو آهيون؛ خاوند تنهنجي کاند جو پرو پاند نه ڪوءِ، ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ مون ننڍي هوندي کان شيخ اياز ۾ هڪ صوفي ۽ mystic ڏٺو آهي. ماڻهو ڇا به چون. مونکي به ته ڪافر ۽ دهريو چوندا هئا. الله اجر ڏيندن. اسان ته آهيون ئي ميرا، مندا، گندا، گدلا، ڪوجها، ڪميڻا. هو ته مديون ميٽڻ وارو وڏو رحيم وڏو رحمان وڏو ڪريم ۽ غفار ... ۽ وڏي ڳالهه ته ’معاف ڪندڙ‘ آهي. سندس ڪرم جو پرو پاند يا ماپو آهي ئي ڪونه ! اسان جو معراج آهي ٻاڏائڻ ۽ ليلائڻ.

صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سـون،
پـن ٻـوڙيـن پـاتـال ۾، پــهـڻ تـاريـن تـــون،
جـيـڪر اچـيـن مــون، تـه ميـريائي مان لهان.
(شاهه)

ميري کي مانُ ڏيڻ وارو ڪيڏو نه ڪريم هوندو! ته منهنجي وصيت اها اٿوَ ته پاڻ کي ميرو سمجهو. نمي کمي نهاريو، هٿ جوڙ جي واٽ وٺو. پاڻ کي عقل ڪُلُ نه سمجهو. سنڌي ڪلچر ته اهو آهي ته ٻئي جي غلطيءَ تي به چوندا ته ”ادا. تنهنجو ئي ڀَت گهاٽو!“ اڄڪلهه ته عجيب واءُ وريو آهي ۽ ڪهاڙي ڪلچر تي ٽان ڦون پئي پوي. ڪهاڙين کي عام طرح اسين ماڻهو ڏائڻيون چوندا آهيون. ڪهاڙي ته ريڍار، ٻڪرار ۽ مزور جو اوزار آهي. اسان تشدد کان ايترو ته پري آهيون جو ڪهاڙي ته ٺهيو پر جي ڪنهن الهڙ جوان رڳو لٺ کنئي ته به اوطاقن، ديرن ۽ ڪچهرين ۾ پچر هلندي ته فلاڻي جو پٽ وري لٺڙيو ساماڻو آهي! معنيٰ لٺ به عيب، ڪهاڙي ته پري ٿي. اسين ايڏا امن پسند آهيون جو جڳ جهان جو خير گهرندا آهيون.
منهنجي عمر هينئر ستر سال آهي پر ننڍي هوندي وڏڙا جيڪا دعا گهرندا هئا ان ۾ چوندا هئا، رب منهنجا خير، هندو، مسلمان ڏي خير، اوڙي پاڙي ڏي خير. جڳ جهان ڏي خير! يقين ايندوَ ته هندوءَ کي چوندا ئي هئا راڄ جو نياڻيون ۽ ان کان مسلمان عورتون پردو به ڪونه ڪنديون هيون. ڀلو ٿئي سائين جي. ايم سيد جو، جو هندو مسلمان جو ويڇو وڌائي، سياست ڪارڻ منزل گاهه جو ممڻ مچائي نفرتون وڌائي ايڪتا ۽ امن جون ڌڄون اڏائي ڇڏيائين. الله معاف ڪندس! هاڻي وري سنڌي. مهاجر ۽ پنجابي جو مامرو هليو آهي. اڙي ڀائي اسين هزارن سالن کان محبتون ورهائڻ وارا اسان کي نفرتن جي گهاڻي ۾ ڇو ٿا پيڙايو. مونکي ته ائين چوندي ڪو شرم يا اهم محسوس نٿو ٿئي ته مان پنجئي وقت دعا گهرندو آهيان ته هندو مسلمان ڏي خير، بلوچي بروهي ڏي خير، پنجابي پٺاڻ ڏي خير، سنڌي مهاجر ڏي خير! ڇا ڪيان وڏڙن جو ڪيڙيل آهيان. هونئن به نفرت کي اپنائي مان پنهنجي سنڌيت کي ڪيئن ٿو طلاق ڏيئي سگهان؟ سو اي منهنجي اولاد، هندو، مسلمان، پنجابي، پٺاڻ، سنڌي، مهاجر ۽ پاڙيسري سان ائين هلو جيئن پنهنجو رت هجن، بلوچ ته آهي ئي سنڌي. ڏاڍيان ڳالهائڻ، ڪاوڙ غصو ڪرڻ، پڄرڻ، گلا ۽ پچر به، نفرت جون ڌيئون پٽ آهن. انهن ۽ انهن جي سنگت کان پاڻ پري رکو. عهد ڪيو ته ڪو به پنهنجي نازبيا عمل سان توهان کي ايترو ڪيرائي نٿو سگهي جو توهان کائنس نفرت ڪرڻ لڳو.
علم نافع جي تمنا ڪيو. علم نافع معنيٰ اهو عمل جيڪو نفعو رسائي سموري انسانذات کي به، حيوانات، نباتات ۽ ماحول کي. علم جو سرچشمو آهي ايمان: ۽ ايمان آهي عمل. زبان سان ڪنهن جي وجود کي مڃڻ ايمان نه آهي. ائين ته شيطان جي وجود کي به مڃون ٿا پر مٿس ايمان نٿا رکون. ايمان جو لازمي نتيجو آهي عمل. ٻار کي هزار بار سمجهايو ۽ جهلبو ته باهه ۾ آڱر نه وجهه سڙي پوندين، پر هو نه مڙندو. هر هر آڱر باهه ڏانهن وڌائيندو ۽ پوءِ جي هڪ دفعو سيڪ اچي ويس ته مجال آ جو وري آڱر باهه ڏانهن وڌائي. کيس پختو يقين (ايمان) ۽ علم ٿي ويندو ته باهه ساڙيندي. پوءِ توهان هزار بار کيس يقين ڏياريو ته باهه ڪانه ساڙيندي ته به هو باهه ۾ آڱر وجهڻ جو عمل نه ورجائيندو. ثابت ٿيو ته عمل ئي آهي ’ايمان يا علم ۽ ڄاڻ‘ ۽ پڻ ’ايمان، علم ۽ ڄاڻ‘ آهي عمل. هڪ شخص آيو ۽ اچي حضرت علي عليه السلام کي سلام ڪيائين. پاڻ جواب نه ڏنائون. ٻيهر سلام ڪيائين ته به جواب نه مليس. تڏهن ٽيهر سلام ڪري چيائين ”يا علي! مان تنهنجي ٽولي مان آهيان. پاڻ ڪنڌ مٿي ڪري فرمايائون ته مان تنهنجا ڳل سڪل ۽ چپڪيل ڪونه ٿو ڏسان، تنهنجو پيٽ پٺيءَ سان لڳل ڪونه ٿو ڏسان، تون ڪيئن منهنجي ٽولي مان آهين!“ مار، ڪيڏي نه وڏي ڳالهه! اسين وِک وِک تي بلڪ گرانٺ گرانٺ تي يزيد ۽ يزيديت کي سلام پيا ڪيون پوءِ به دعويٰ ته اسين عليءَ جا حبدار!
حضور ﷺ فرمايو ته ”مان نبي انهيءَ ڪري موڪليو ويو آهيان جيئن ماڻهن جي اخلاق کي زور وٺايان!“ اخلاق جمع آهي خُلق جو. معنيٰ نبوت جو مقصد ئي آهي خُلق ۽ حسن سلوڪ . ٻي حديث شريف آهي ته ”بهترين ورثو جو توهان اولاد کي ڏئي سگهو ٿا سو آهي خلق ۽ حسن سلوڪ!“ اسين آهيون جو وتون وڙهندا ۽ گاريون ڏيندا ۽ وري اهڙن ماڻهن جي همت افزائي ڪندي کين سڏيون ’جيالا ۽ جوشيلا جوان!‘ فردوسي چيو آهي ته، ”تفو بر تو اي چرخ گردان تفو!“ منهنجو ڀيڻويو عبدالحق وڪو رٽائرڊ ايس.پي جو ڏاڍو جهانديده، سمجهدار ۽ ڏاهو ماڻهو آهي سو فردوسيءَ جي انهيءَ شعر جو ترجمو هيئن ڪندو آهي ته ”اڙي ٿُڪ هجئي زمانا، پوءِ ٿُڪ هجئي!“ اها اسان جي اعمال جي صحيح تصوير آهي. اسين شرمسار ٿيڻ بدران الٽو سِيٽيا وتون ۽ وتون ٻين تي تنقيدون ڪندا. ڀائي خُلق ۽ حسن سلوڪ ته پري، صبر ۽ برداشت به ڪونه. نائين نيڻ نهار ته تون ڇا آهين. شاهه سائين ته چئي ڏنو: ”اديون آئون اڻڄاڻ“. اسان مان هر ڪو سقراط بڻيو وتي ۽ وڏي وات وتي ٻين جا پٽڪا لاهيندو.
هو چوني، تون مَ چئو واتون ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينيڪي.
(شاهه)
ته خُلق ۽ حسن سلوڪ آهي هيٺاهين وٺڻ، نهٺو ٿيڻ، جهيڻو ڳالهائڻ، مٺو ڳالهائڻ، ڪاوڙ ڪروڌ نه ڪرڻ، ادب لحاظ ۽ نهٺائيءَ سان پيش اچڻ، سهپ ۽ برداشت جو مادو ڌارڻ، ٻين جي ڪم اچڻ، خدمت چاڪري ڪرڻ، هڙئون وڙئون خرچ ڪرڻ، ٻين جي سک لاءِ ڏک ڏسڻ ۽ قرباني ڪرڻ. پوءِ ڏسو ته ڪيڏو نه آنند ٿو اچي ۽ سچو سک ماڻجي. بُري سان ڀلو ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه سک ۽ آنند آهي، سو ڪري ڏسو ته خبر پويوَ ته آنند ٿيندو ڇاهي؟ مون کي هن ڪيفيت ۾ غالب ٿو ياد اچي:

نه سنو گر برا ڪهي ڪو ئي، نه ڪهو، گر برا ڪري ڪو ئي،
روڪ لو، گر غلط چلي ڪو ئي، بخش دو گر خطا ڪري ڪو ئي.

غالب تي ڇا لکي ڇا لکجي، منهنجي نظر ۾ هو تمام وڏو شاعر ۽ عظيم انسان هو. فقير منش، تعصب کان ڏور، رضا تي راضي، ڏکن ڏاکڙن ۾ به شگفته، ڇا چئي ڇا چئجي! ڪنهن سان نه الجهندو. معاف ڪرڻ وارو پاڻ کي برو سمجهڻ وارو. منهنجي خيال ۾ ته سچو صوفي هو. جيتوڻيڪ رياضت جي منزلن ۾ ڪونه اڙيو، پر قدرت هن کي عملي طور رياضت جي سڀني منزلن مان گذاريو، پاڻ خبر اٿوَ ته غالب جو ديوان منهنجي سيرانديءَ کان پيو هوندو آهي. سندس هر شعر عجيب آهي.

بازيچهِ اطفال هئه دنيا ميري آگي،
هوتا هئه شب و روز تماشا ميري آگي.

ڏسو ته سهي هن ماڻهوءَ جي عظمت! سولن سادن لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ڇڏيائين. سندس هر هڪ بيت لاجواب آهي. فرمائي ٿو:

غالب بُرا نه مان، جو واعظ برا ڪهي،
ايسا ڀي ڪوئي هئه، سب اڇا ڪهين جسي؟
ٻئي هنڌ چوي ٿو:

جـب توقـع هـي، اٺ گـئـي غالــب،
ڪيون ڪسي ڪا، گلا ڪري ڪوئي.

هي ڳالهيون غيب مان ڪنهن تي القا ٿيون ٿين. ڪنهن ڪانڊيري ڪرڙ جي مجال ناهي. منهنجو ايمان آهي ته عظيم شاعر يا اديب اهو ٿيندو جو اول الهه لوڪ هوندو. اهو ئي اهڙين بلندين کي پهچي سگهندو. هڪڙا ڀٽائي گهوٽ جهڙا الهه لوڪ ۽ ٻيا اهي جن تي ڪي گهڙيون اها مخصوص ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. خلوص اخلاق، هڏ ڏوکي ٿيڻ، اونو ڪرڻ، ظلم ۽ ظالم کي نندڻ بلڪ مخالفت ڪرڻ، مخالفت منفي جذبو نه آهي. حضور سائين ﷺ فرمايو آهي ته، مظلوم ۽ ظالم جي مدد ڪيو. ظالم کي ظلم کان روڪڻ حقيقت ۾ ظالم توڙي معاشري جي مدد ڪرڻ آهي. غالب چيو، ”روڪ لو گر غلط چلي ڪوئي!“ ڀٽائي گهوٽ چيو، ”ڪريو بري تي بڇ!“، پر رحمة اللعالمين سهڻي ۾ سهڻا الفاظ چيا، ”ظالم جي مدد ڪريو!“ هي آهن الاهيت جا جلوا. ڪيڏو به جبل جيڏو جالوت هجي، ان جي اڳيان اڏول ٿي بيهڻ ۽ چوڻ ته ”آڏو ٽڪر ٽر!“ ڏيک ويک ۽ شهرت کان ڏور ڀڄڻ. اهي سڀ بنياد آهن چڱي ماڻهو ٿيڻ ۽ چڱي ليکڪ ٿيڻ لاءِ . موضوع ٽيڪنيڪ ۽ اسلوب جي ڄار ۾ ڦاسڻ جو ضرور ئي ڪونهي. شاهه لطيف جا ٻه ٽي لفظ کڻو ته انهن ۾ سڀئي فني خوبيون پاڻمرادو اچي ٿيون وڃن. ’اديون آئون اڻڄاڻ‘، ’الا ڏاهي مَ ٿيان‘، ’آڏو ٽڪر ٽر‘، ’ڇپون ڇپر کٽ‘؛ ’ڪِنين سانگو سر جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن‘، ’هائيءَ هڻان هار‘، ’ڇا جي ڏنگو ڏينهن؟‘ ’ڏينهن، تتي ٿڌي ڪاهه‘، ’ڏمرجي ته به ڏئي!‘، ڏسو ته ڪيڏيون نه اثرائتيون آهون ۽ دانهون ۽ پُڪارون آهن، زمين آسمان کي هيٺ مٿي ڪرڻ واريون، لفظ صرف ٻه ٽي.

ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتس، پر ڇا ڪجي چوڻو ته آهي. علامه آءِ آءِ قاضي هر هفتي، سولجر بازار ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ ليڪچر ڏيندو هو. ڪراچي جا اڪثر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، هندو مسلمان پارسي ڪرستان سڀ ايندا هئا. مون پروفيسر ڊيو آرٽ به اتي ڏٺو. اسين ڪجهه شاگرد دوست ايل.ڊبليو هاسٽل کان پيرين پنڌ ويندا هئاسين ۽ پيرين پنڌ موٽندا هئاسين. هالا نوان جو مرحوم ڊاڪٽر محمد اشرف ميمڻ هميشه کلندو رهندو هو، ڏاڍو ملڻسار، محبتي ۽ داناءُ ماڻهو هو. سوال پڇيائينس ته ”علامه صاحب! سُڪن سان گڏ ساوا ڇو ٿا سڙن. ساون ڪهڙو گناهه ڪيو؟“ علامه صاحب چيو، ”ابا! انهن به ته گهوڙا گهوڙا ڪانه ڪئي!“ ننڍڙو سوال ننڍڙو جواب پر معنيٰ بي انت. سو گهوڙا گهوڙا ته ڪرڻي آهي. ماٺ ميٺ ۾ ظلم سهڻ وارو خود ظالم ليکبو، حضور محمد مصطفيٰ ﷺ کان پڇيو ويو ته، ”يا رسول الله ﷺ ! ايمان ڇا آهي؟“ ڪنهن ملان مولوي وارو جواب ڪونه ڏنائون. فرمايائون ته، ”ايمان اهو آهي ته جتي به غلط ڪم ٿيندي ڏسو ته ان کي بزورِ بازو روڪيو.“ ماڻهن سوال ڪيو ته ”يا رسول الله ﷺ ٻانهن جي زور سان روڪڻ جي طاقت نه هجي ته پوءِ؟“ پاڻ فرمايائون ته، ”ٻئي درجي جو ايمان اهو آهي ته پوءِ ان ٿيندڙ ظلم کي زبان سان روڪيو.“ حضرت بيبي زينب سڳوري عليھ سلمها ائين ڪيو ۽ اموي خلافت جي قلعي جون مضبوط ديوارون ڌوڏي ڇڏيائين. سنڌ جي وڏي ۾ وڏي انقلابي، مارئي به ائين ڪيو ۽ مظلوم ماروئڙن کي جاڳائي جهنجهوڙي عمر جي بادشاهي ڪوٽ کي ڪيرائي ڇڏيائين.

ادا مسڪين کي، وهوا وڻي سانگيءَ سندي مصرع،
نمـاڻي نار آهـيان پـر وڏن جـا وڻ وڄائيـندس.

هي جو دهشتگردي، گولي، مار ڌاڙ، جلائو گهيرائو جو ڌاريو ڪلچر آيو آهي، اهو اسان جو ناهي. اهو اسان وٽ هندستان جي سرحد پريان نادر، غزنوي ۽ غوريءَ جي اولاد ۽ ڇاڙتن امپورٽ ڪري آندو آهي. ڪتن، ڪميڻن ۽ ڪانئرن جو ڪلچر آهي. ڀلا هڪڙي بي هٿيار بيگناهه پٺيان پنجاهه ڄڻن جي لوڌ ڇريون ڪاتيون ۽ پستول کڻي پئي ته اهي ڪائنر، ڪتا ۽ ڪميڻا نه چئبا ته ٻيو ڇا چئبو؟ مهرباني ڪري پاڻ کي اهڙي ڪائنر ڪلچر کان بچائجو. ها، تياري ضروري آهي، خود بچاءُ، ننگ جو بچاءُ عين انسانيت آهي. مورچابندي ڪرڻ، مناسب دفاعي هٿيار رکڻ، سڏ ۾ سڏ ڏيڻ، پناهه گاهن ۾ ويهي حملي آور کي حڪمت عملي سان هٽائي ڇڏڻ. اهڙي سکيا ۽ رٿابندي چپ چاپ ۾ ڪرڻ، ضروري بلڪ تمام ضروري ۽ وقت جي اهم ضرورت ۽ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي. باقي سنڌو ديش سنڌو ديش جي بي وقتي راڳڻي يا هنبوڇي هڻڻ آهي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ ۽ دشمن کي اجايو موقعو ڏيڻ.
قوم اها ٿي زنده رهي جنهن جو ڪلچر ٿو زنده رهي. اسان جو وجود اسان جي ڪلچر سان جڙيل آهي ۽ اسان جي ڪلچر جون پاڙون پختيون آهن. انهيءَ ڪري دل شڪستي ٿيڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. هي جو هر ڪو پريشان آهي ته سنڌ ۽ سنڌيت جو الائي ڇا ٿيندو، انهن لاءِ منهنجو پيغام آهي ته پنهنجي انهيءَ ڪلچر کي چنبڙيا رهو، جنهن اسان کي هزارن سالن تائين قائم ۽ دائم رکيو آهي. غزنوي آيا، غوري آيا، قنڌاري، خراساني ۽ ايراني آيا، ويندي يوناني ۽ سٿين قوم جا ماڻهو آيا، جي سنڌي ٿي ويا. پٺاڻ ۽ بلوچ ته اسان کان وڌيڪ جوشيلا سنڌي ٿي ويا آهن. سٿين قوم ذات مٽائي سٺيا ٿي ويا. بني تميم، ٿهيم ٿي ويا، وقاصي وڪا ٿي ويا. اهو اسان جو ميٺ محبت، عزت، آڌرڀاءُ ۽ مهل ڪمهل ڪم اچڻ، وڏو هٿيار آهي، جنهن سان اسان هر ڌاريءَ قوم کي، سندس وطن وسارائي، سنڌي بلڪ ٺيٺ سنڌي بڻائي ڇڏيو آهي. افسوس صد افسوس جو اسان مهاجرن جي هڪ ننڍڙي گروهه کي اڃا پنهنجو نه ڪري سگهيا آهيون. ’مفتي منجهه ويهار‘ ته ڪَلَ پَوَئي ته تو کان ڪهڙي ويِڪ ٿي وئي آهي. ڊيل ڪارنيجي جو وڏو حقيقت پسند هو، سو لکي ٿو ته، جڏهن تنهنجي ۽ ٻئي ڪنهن جي وچ ۾ ڪو به اختلاف ٿي پوي ته پاڻ کان پڇ ته مون ۾ ڪهڙي خرابي يا وڏِ آهي. ان ويڪ کي درست ڪريو ته مهاجر اسان کان وڌيڪ پڪا ۽ جوشيلا سنڌي ٿي ويندا. گهڻا ته ٿي چڪا آهن باقي به ٿي ويندا.
لکڻ ويٺس وصيت ۽ لکي ويس نصيحتون ۽ پارتون. اڳيان ماڻهو به ائين ڪندا هئا، جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته حضور اڪرم ﷺ فرمايو ته، بهترين ورثو جو توهان اولاد کي ڏئي سگهو ٿا اُهو آهي خُلق ۽ حسن سلوڪ ۽ ٻئي هنڌ فرمايو اٿائون ته، الله تعاليٰ سان محبت ڪيو ٿا ته پهرين انسانن سان محبت ڪيو. هاڻي توهين، ڌيئر ۽ پٽ پاڻ جج ٿيو ته مون اهو ورثو توهان کي ڪيتري قدر ڏنو آهي. جي فيل ويو آهيان ته معاف ڪجو، جي ڪامياب ويو آهيان ته دعائون ڪجو.
زندگيءَ جي ڪا حقيقت ناهي. بس موت ئي هڪ حقيقت آهي، جنهن کي قبول ڪرڻو ئي آهي ۽ کيڪارڻو آهي. مان ته عرصي کان پاڻ کي ان لاءِ تيار رکيو اچان. انشاءَالله کلي موڪلائينداسون. ٻي مزيدار ڳالهه ٻڌايانوَ، موت به نج حقيقت نه آهي. شاهه سائين فرمايو ته ”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات“، جو ترجمو آهي ”موتو قبل الموتو“ جا، قرآني حقيقت آهي. پر قرآن الحڪيم کي بار بار پڙهڻ سان مون جيڪي ڪجهه پرايو يا سمجهيو آهي تنهن سان عالم سڳورا شامل راءِ ٿين الائي نه، پر ڳالهه ته صاف پئي آهي. قرآن الحڪيم ۾ صاف صاف فرمايو ويو آهي ته، ”اوهين مئل هئا پوءِ توهان کي جياريوسين. پوءِ توهان کي وري مارينداسين ۽ وري جيارينداسين!“ اها ڳالهه ته چٽي پئي آهي. مئل هئا، پوءِ توهان کي جياريوسين. معنيٰ جيئڻ (ڄمڻ) کان اڳ به توهان هئا ۽ مرڻ کان پوءِ به هوندا. باقي جيئڻ مرڻ جو بکيڙو ڇا جو؟ اسين هميشه هئاسون ۽ هميشه هونداسون،. هن ڌرتيءَ تي رڳو عارضي ظهور ٿيو جو بس اک پٽڻ ۽ اک ٻوٽڻ جو ڊرامو هو. صوفي فقيرن اجايو ڪونه چيو ته ’اسين آدم ڪنون اڳي هئاسين‘، سو مان مرڻ کانپوءِ به هوندس ۽ الله گهريو ته توهان کي ڏسندو ۽ جاچيندو رهندس. مونکي توهان جي دعائن جي ۽ نمازن جي ضرورت هوندي، جا دل کولي ڏجو. حضرت علي عليه السلام فرمايو ته، ”ماڻهو ننڊ ۾ آهن، مرندا ته جاڳي پوندا!“ .... ”مان به نيٺ جاڳي پوندس جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي!“ اهو منهنجي قبر جو ڪتبو آهي.
وصيت ڪبي آهي مال ملڪيت لاءِ، سا ته مون وٽ ڪانهي. منهنجو سرمايو توهان آهيو ۽ مون سڄي سيڙپ توهان ۾ ڪئي. ان ڪري گهري ٿو وٺان ته ڀائر ڀينر مٺ محبت سان رهجو ۽ ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي ڪم اچجو. بدر توهان ۾ سڀني کان وڏو آهي ۽ هونئن به تمام وڏو ماڻهو ۽ خوبين جي کاڻ آهي. هڪ دوست ويٺي بدر جون خوبيون ڳڻايون، مون کيس اڌ ۾ روڪي چيو ته اهڙي ڪا خوبي ٻڌاءِ جا بدر ۾ نه آهي.
ماٺ ٿي مَ مَ ڪرڻ لڳو. سو اهو منهنجو چوڻ اٿوَ ته بدر توڙي شاهده، جا خدمت خلق ۾ سڀ کان اڳري آهي ۽ وڏي ڀيڻ آهي انهن کي مون جهڙي عزت ڏجو. ڪو به مسئلو کڙو ٿئي ته انهن جي راءِ وٺجو ۽ ڪوشش ڪري مڃجو. اولاد جي معاملي ۾ الله سائين مون تي تمام مهربان رهيو آهي. شل اها مهرباني ۽ احسان قائم ۽ دائم رهي، ڇا اظهر، ڇا اطهر، ڇا ساجد، ڇا رابيل ۽ ڇا ته شبني آهي. الله واري ۽ روحاني فيض واري. ان لڙهيءَ ۾ پويل رهندؤ ته ڏک نه ڏسندؤ.
مون تي موت جون ڪي تاريخي القا ٿيون آهن، پر اهو ڳجهه جو مسئلو آهي. الله بهتر ڄاڻي ٿو. ايترو چئي ٿو ڇڏيان ته وفات ڪهڙي تاريخ به ٿئي، منهنجي ورسي 26 ـ مارچ تي ملهائجو، پنهنجي ماءُ سان گڏ ۽ ٿي سگهي ته سندس ڀر ۾ دفن ڪجو. اجايو خرچ ڪرڻ جو ضرور نه آهي. ڪفن منهنجي پراڻي احرام جو ڏجوم. جيئرن کي نئين ڪپڙي جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪفن، دفن، قبر ۽ ماني ٽڪي تي خرچ منهنجي پينشن جي پئسن مان ڪجو. زندگيءَ تي اعتبار ڪونهي، انهيءَ ڪري مان خالي چيڪ تي صحي ڪري ڇڏيندو آهيان ساجد کي خبر اٿوَ ۽ هو پئسا ڪڍائي وٺندو ڪو گهڻا ڪونهن پندرنهه ويهه هزار هوندا.
ڀينرون اڪثر چونديون آهن ته اسان ڀائرن کان حصو ڪونه وٺنديونسين. اهو قطعي غلط آهي. حق ڇڏڻ آهي، هڪ خراب رسم کي جنم ڏيڻ ۽ هٿي ڏيڻ ۽ پڻ جاهلن کي هُشي ڏيڻ جو سماج ۽ معاشري کي بگاڙڻ جو موجب بڻجي ٿو ۽ هزارين گگدامن جا حق لوڙهجي وڃن ٿا. مڙدن ۾ به مڙس اهو جو پنهنجو حق نه رڳو گهري وٺي پر وڙهي به وٺي، نه ته اشرافن توڙي ڪمزورن ۽ هيڻن سان نسورو ناحق ٿيندو.
ٻيو اهو ته منهنجي لاش کي پاڻ قبر ۾ لاهجو. ٻئي کي هٿ لائڻ نه ڏجو. انهيءَ تجربي مان گذرڻ ضروري آهي. ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. الله پناهه ۾ رکي. هي جو قربانيءَ جي ٻڪر تي پاڻ سِير وجهڻي آهي انهيءَ جو مطلب ۽ فلسفو به اهو آهي. تجربي مان عملي طرح پاڻ کي گذارڻو آهي. آڳڙيو ٿيڻ آسان نه آهي.
اڄڪلهه اخبارن ۾ آخري ديدار طور لاش جو فوٽو ڏين ٿا جو مونکي پسند نه آهي. فوٽو ڏجي ته سٺو هشاش بشاش چهري وارو، باقي بيجان بي روح منهن ۾ ڇا رکيو آهي. شرعاًَ جائز هجي ته مان هوند مئل جو ميڪ اپ ڪرايان، جو هونئن ته غير ضروري آهي. باقي غسل کانپوءِ ڏاڙهي جا وار ڀڄي لڙڪي ٿا پون انهن کي ڦڻيءَ سان نه ته به آڱرين سان مٿي ڪري ڇڏجي.
توهان ڪو ڏک غم، گريه زاري نه ڪجو، ڪلمي توحيد ۽ درود شريف جو ورد ڪجو. مان موت سان ڪافي مانوس ٿي ويو آهيان، ڪا ڳالهه نه آهي. بس اهو سمجهو ته دنيوي موت، وري جيارڻ جو وسيلو آهي. مال ۽ موت جي مامري ۾ وچڙي اصل ڳالهه ته وٿين مان وهي وئي. مون چوڻ ائين پئي چاهيو ته هيٺاهين وٺو ۽ لاهن چاڙهن کان مٿاهان ٿي سالم دماغ ۽ سوچ قائم رکو. مِٺ محبت سان رهو. پنهنجن پراون، پاڙي وارن توڙي مخالفن سان به مٺو هلو. ڪنهن جي به دل نه رنجائجي. آٿت ڏجي، آئي ويل ڪم اچجي، هڙئون وڙئون ڏجي، مالڪ مٺو ته اهو آهي جو ڏمرجي ته به ڏئي. مال ميڙڻ جي محبت، مانَ مريادا کي کائي کوکلو ڪري ٿي ڇڏي. لالچ ۽ لوڀ جو پيٽ ڀرجڻو ئي ڪونهي. مان اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين رهيو آهيان. اعليٰ سطحي ميٽنگن ۾ چيو ويندو هو ته، پگهارون وڌائجن ته رشوت ختم ٿي ويندي. ميٽنگن ۾ ويٺل صاحب لکن ڪروڙن جا مالڪ هئا ته به ڄرڪن وانگر وات ڦاڙيو ويٺا هوندا هئا. جيڪي آيو سو هڙپ. اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته دنيا جي وقعت مون وٽ ائين آهي جيئن ٻڪريءَ جي نڪ جي غلاظت (خطبه شقشقه). ادبي لحاظ کان ڏسو ته ڪيڏي نه تُز تشبيهه آهي ٻڪري حلال جانور آهي ان ڪري حرام يا نجس نه آهي. ته به ٻڪري جي نڪ جي غلاظت اهڙي ڪريهه آهي جو هٿ لائڻ ته ڇا رڳو ڏسڻ سان به بڇان ايندي ۽ حضرت اميرالمؤمنين دنيا کي ان کان به گهٽ وقعت وارو ڪوٺيو. جڏهن ذهنن ۾ اهڙي تبديلي ايندي ته رشوت ازخود ختم ٿي ويندي، حضور ﷺ جن جي حديث مطابق ته رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي لعنتي آهن. رشوتي ڪاموري کي ڀري ڪچهريءَ ۾ رڳو زبان جا ڪهاڙا وهائجن ته پاڻهئي ڇرڪندو ۽ بڇڙو ٿيندو ۽ حتر ڪندو. عزتِ نفس به ماڻهو نيٺ ڪيتري داؤ تي لڳائيندو. هزار، پنج هزار، لک، ڏهه لک پر جيڪڏهن ڪو حرامي ڪامورو چوي ته زال يا ڌيءَ آڻي ڏي ته ڀري ڪچهريءَ ۾ لاهي موچڙا ڪونه وٺبس. تنهنڪري عزت نفس جي اصول تي قائم رهي هڪ ڪارو پئسو به ڏيڻ کان انڪار ڪجي. نه رڳو رشوت پر هر اصول تي، حق تي ماڻهو اڏول ٿي بيهي رهي ته سڄو سماج ئي سڌري پوي ۽ سڀ غلط ڪاريون ختم ٿي وڃن. رڳو پيار، محبت، ضمير جي سچائي ۽ خير خواهي کپي. مون زندگي ۾ هڪ ئي نعرو سوچيو ۽ ڏنو آهي ۽ اهو آهي ’خير خواهي!‘ هندو، مسلمان، ڪرستان، پارسي، پنجابي، مهاجر سڀ جو خير ۽ سڀ جي خير خواهي ڪيو، سوچيو ۽ وڏي واڪ چئو. اُهو اٿوَ منهنجو آخري پيغام ’خير خواهي!‘

آخر ۾ هڪ ننڍڙي گهرو ڳالهه،! توهان اها ڳالهه ضرور محسوس ڪئي هوندي ته مان پٽن کان وڌيڪ نياڻين سان مانوس آهيان. هونءَ عورت جي عزت ڪرڻ، ڪو آدجڳاد، کان مون ۾ ۽ منهنجن وڏن جي رت ۾ ڀرپور انداز سان ڀريل آهي. آغا احد جان مرحوم جو علم جوتش جو تمام سٺو ڄاڻو هو ان ڪُنڊلي ٺاهي حساب لڳائي مونکي چيو هو ته تنهنجي طبيعت ۾ عورت ذات جي عزت ۽ خير خواهي نهايت عجيب ۽ حيرت انگيز طور ڀريل آهي. حضور سائين ﷺ جن به پنهنجي نياڻين، ٿڃ شريڪ ڀينرن ڀائرن ۽ ٿڃ پياريندڙ ماءُ سان نهايت عزت احترام ۽ پيار سان پيش ايندا هئا. مختصر ڳالهه اها ته ڀينرن سان نهايت عزت احترام سان پيش اچجو. جيئن ماءُ کان وڌ ڪو به اولاد جو وڌيڪ سڄڻ نه آهي، تيئن ڀيڻ کان وڌ ڀاءُ جو ڪو سڄڻ ناهي. ڀلي پنهنجي زالن کان پڇي پڪ ڪيو ته ايئن آهي ڪي نه؟ ڀينرن ۾ به توهان جي وڏي ڀيڻ شاهده هڪ شاهڪار آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجيون ۽ توهان جي مرحوم ماءُ جون سڀ خوبيون خاميون ڀرپور طرح منجهس موجود آهن. سندس عزت ڪندا، چوڻ وٺندا ۽ مشورو ڪندا ته لاڀ پرائيندا. اهو به ياد رکندا ته توهان ٽنهي ڀينرن ۾ روحاني قوتون آهن. سندن خوشين ۽ رنج ۾ شامل حال رهندا ته توهان جو فائدو آهي. سندن رنج کڻندا ته نقصان ڏسندا. وڏو ڀاءُ پيءُ برابر ۽ وڏي ڀيڻ ماءُ برابر، اها ڳالهه نه وسارجو!

چوندا آهن ته ’ٻه ڀائر ٽيون ليکو‘. ائين به چوندا آهن ته ’ڀائرن سان ڪهڙا ليکا!‘. ٻئي چوڻيون سچيون آهن منجهن تضاد نه آهي. بس هر ڳالهه کي جدا بيهاري ڇنڊڇاڻ ڪري ليکو ڪبو ته اهو موزون ۽ صحيح هوندو ۽ غلط فهمي پيدا ئي نه ٿيندي. ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ڪَس کائي عفو يا احسان ڪري ته اهو افضل آهي. وٺڻ واري هٿ کان ڏيڻ وارو هٿ بهتر آهي. پر احسان ڪندڙ وساري ڇڏي ۽ جَتائي نه، ۽ جنهن تي احسان ٿئي ان وٽ مڃوتي به هجي ۽ جتائيندو به رهي ته پوءِ محبت ۽ عزت وڌندي رهي ٿي.

منهنجي روزمره جي استعمال جون شيون ڀلي توهان جون ڀينرون کڻن. توهان وٽ رُلي وينديون. منهنجا وڳا توهان پائيندا ته مونکي خوشي ٿيندي، نه ته خيرات ڪري ڇڏيندا. ڪتاب، ڪاغذ ۽ خط بدر جي امانت آهي.

مون ڪو اهڙو عمل ڪونه ڪيو آهي، جنهن لاءِ شرمسار هجان (ڪچايون ڦڪايون الله معاف ڪندو). سڀ سان چڱو، سڀ سان ڀلائي ڪئي اٿم، ڪڏهن سمجهوتو يا سوديبازي ڪونه ڪئي اٿم. ضمير کي مرڻ ڪونه ڏنو اٿم. سڄي عمر ڏکيو سکيو گذاري، جهيڙيندو رهيو آهيان. ارڏو به رهيو آهيان ته اوڏل به. الله عيب ڍڪيندم. پوئتي ڪڏهن ڪونه هٽيو آهيان.

اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾.
(شاهه)
جڳ جهان ڏي خير. سنڌ ڏي خير. سنڌ واسين ڏي خير.

جمال ابڙو

25 ـ سيپٽمبر 1994ع
ڏينهن آچر
ڪراچي.

سانگي قبيلو

اسين ذات جا سانگي آهيون. سانگي وڏي ۽ زورآور قوم آهي. هونئن ته سڄي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پکڙيل آهي پر سندن ڳڙهه لاڙڪاڻو ضلعو آهي. اسانجو سردار مير صاحب سڏبو آهي، اسانجو موجوده سردار مير غلام محمد خان سانگي (جو تازو وفات ڪري ويو) سو اسانجي نامياري سردار مير غلام محمد خان سانگيءَ جو ڏوهٽو هو. ڇاڪاڻ ته کيس پٽاڻو اولاد ڪونه هو. سندس زورآوري، سخا ۽ شان مان جا قصا ڪهاڻيون مشهور آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهڻيون زمينون به سانگين جون آهن. ڪلهوڙا فقير جڏهن پاور ۾ آيا ۽ پيري مرشديءَ جو سلسلو شروع ڪيائون ته جيڪا ڀلي زمين ۽ باغات گهاڙ واهه جي ڪناري ڏسن ته مرشد سڳورو پڇي ته، ”اي زمين ڪنهن دي اي؟“ ته ويچارو سانگي مريد چوي ته ”سائين تساڏي ملڪيت اي“ ته مرشد سڳورو به هڪدم مريدن کي چوي ته بابا! وڃي قبضو ڪريو. پوءِ جڏهن سانگين اکيون پٽيون ته، بر ٿي بيٺا. ڪلهوڙن سان جنگيون ڪيائون. ميان شاهل محمد جي منڍي لاهي ويا جنهن جي مقبري ۾ رڳو سندس ڍڍري پوريل آهي. سندس منڍي لاهڻ وارو جلال ابڙو سانگي هو. هيءَ عام روايت زبان زد عوام آهي، تاريخي حوالو ڪونه اٿم. باقي اها تاريخي حقيقت آهي ته سمن جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ سما ابڙا لاڙ مان هجرت ڪري اتر ۾ ٽلٽيءَ کان وٺي ڳاها، شڪارپور، ويندي بلوچستان ۾ سبي ڍاڍر ۽ ڪڇي ۾ پکڙجي ويا. مونکي مرحوم سردار رند، بلوچ ۽ گهگهي ڀائي سڏيندو هو. ڇاڪاڻ ته بلوچستان جا ابڙا بلوچ سڏبا هئا، مونکي سردار محبوب علي خان مگسيءَ پاڻ چيو ته ”ادا! اسين مگسي به ابڙا آهيون، پر بلوچستان ۾ پنهنجي رياست (جهل مگسي) هئڻ سبب بلوچ سڏجون ٿا“. هينري پاٽنچر به ابڙا ۽ مگسي هڪ شاخ ۾ گڏيا آهن. تاريخي حادثات جي اٿل پٿل ۾ ايئن ٿيندو آهي. سومرا به حڪومت وڃائڻ کان پوءِ اتر طرف آيا ۽ ڌنڌن پٺيان ذاتيون سڏايائون جيئن کٽي، نيرولي، کنهنباٽي، واڍا ۽ ڊکڻ. ڊکڻ ۽ عيساڻي ته وڏا زور وارا زميندار ٿيا جن مان خان بهادر محمد پناهه ڊکڻ مشهور آهي، جڏهن سومرا ۽ سما ابڙا اتر طرف آيا ۽ طاقتور قومون ثابت ٿيا ته انهيءَ سڄي علائقي کي ٽلٽيءَ کان وٺي ڳاها (شڪارپور) تائين روپاهه جو علائقو سڏيو ويو. ان کي چانڊڪا سڏڻ غلط آهي. اهو روپاهه جو علائقو هو، جنهن ۾ سڀ، سومرا ۽ سما ابڙا هئا. خود مخدوم بلاول ۽ دولهه دريا خان ۽ سندس پٽ محمد خان، مٺڻ خان ۽ امير سارنگ اتي رهيا ۽ وڏا زميندا هئا. دولهه دريا خان جو علائقو باغبان ۽ ڳاها يا ڪاهان سڏبو هو. ڳاها نج ابڙا آهن، اهي مغلن سان وڙهندا آيا ۽ ڪڏهن به کين سک سان ويهڻ ڪونه ڏنائون. تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ مصنف يوسف ميرڪ صاف لکيو آهي ته، سميجن ابڙن اسان کي سخت تنگ ڪيو آهي ۽ اهي ’سانگي نڀاڳا‘ به ابڙا آهن. اها مغلن جي حڪمت عملي هئي ته سانگين ابڙن جو زور ڀڃڻ لاءِ چانڊين کي وڏيون جاگيرون ڏئي روپاهه علائقي (ضلعي لاڙڪاڻو ۽ دادو) ۾ ويهاريائون ته جيئن مقامي ماڻهن جو زور ڀڃن. اهو ٽڪراءُ اڄ تائين قائم آهي. سانگي اڄ تائين بلوچن، جتوئي ۽ ڏاهاڻين سان ڪونه ٺهن ۽ هڪٻئي سان وڙهندا اچن، سانگين ۽ ابڙن جو ڪلهوڙن طرفان وڙهڻ به انهيءَ مامري جو حصو آهي جو سڀ گڏجي مغلن سان وڙهيا ۽ نيٺ کين تڙي ڪلهوڙن کي جيڪي مرشد هئا حڪومت ڏياريائون. ڪلهوڙن جو وڏي ۾ وڏو بهادر سپهه سالار شاهه بهارو به ابڙو (جهنجهي يا جهنجهڻ) هو ۽ اڄ به سندس مقبري جو گادي نشين علي اڪبر ابڙو آهي ۽ سندس مقبري جي چوڌاري دودائي تائين سانگين جا گهر ۽ زمينون موجود آهن. جلال خان ابڙو ۽ مير خان ابڙو به ڪلهوڙن جا فوجدار هئا. مير واهه، مان سمجهندو هئس ته ميرن جو کڻايل آهي پر ڪاغذ ۽ ڪتاب اٿلائڻ کان پوءِ پتو پيو ته مير واهه مير خان ابڙي جو کڻايل آهي. مولانا غلام الرسول مهر پنهنجي ڪتاب ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۾ ٻه ٽي دفعا ورجايو آهي ته گهاڙ واهه ڪلهوڙن کوٽايو ۽ زراعت کي زور وٺايائون. وري اتي جو اتي لکي ٿو ته گهاڙ واهه جي ٻنهي ڪپن تي سانگين ۽ ابڙن جون سر سبز ۽ شاداب زمينون ۽ باغات هئا. جيڪڏهن گهاڙ واهه کوٽايو ئي ڪلهوڙن ته ان جي ٻنهي ڪپن تي اڳواٽ ئي سانگين ۽ ابڙن جون سرسبز ۽ شاداب زمينون ۽ باغ ڪٿان آيا. مان اڳ به چئي آيو آهيان ته دولهه دريا خان واري علائقي کي چوندا ئي هئا باغبان. جا ڳالهه تاريخي ڪتابن ۾ بغير شڪ ۽ شبهي جي موجود آهي! سما، سميجا، ابڙا چنيهه (چنا) ۽ پنهور گهڻو اڳ ان علائقي ۾ زور آور زميندار ۽ سردار موجود هئا. ڏسجي ٿو ته مولانا مهر صاحب جاءِ واردات جو معائنو ئي نه ڪيو آهي نه ته عقل جو انڌو به ڏسي سگهي ٿو ته گهاڙ هڪ قدرتي نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ ڦاٽ آهي نه ڪو هٿرادو کوٽايل واهه. مان ڪو ڪلهوڙن کي گهٽ ڪونه ٿو چوان، اسان سندن حڪمت عملي، شجاعت ۽ مسلسل جدوجهد جا قائل آهيون، جن ارغونن ۽ مغلن جي ظلمن کان سنڌ کي نجات ڏياري، پر حقيقتون ته حقيقتون آهن ۽ تاريخ ۾ قلمبند آهن. لاڙڪاڻو ته اڳئي مهذب ۽ ساهه سيباڻو هئو ۽ اڄ تائين پهاڪو آهي ته ’هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو‘. جيتوڻيڪ سکر وڏو شهر، تجارتي مرڪز ۽ گاديءَ جو هنڌ هو ته به ان کي اها شهرت ۽ عزت نه ملي. اٽلو ٽوڪ وچان چوندا هئا، ’هل ڙي ساکرو!‘ معنيٰ واپاري ذهن وارو.
اچون ٿا تاريخي حقيقتن تي، مون ته مٿي ائين چيو آهي ته اسين ڪلهوڙن جا ٿورائتا آهيون جو اسان کي ڌارين جي غلاميءَ کان نجات ڏياريائون، پر مولانا غلام الرسول مهر ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”بنگال ۽ دکن وانگر هي پرڳڻو (سنڌ) مرڪز يعني دهليءَ کان گهڻو پري هو تنهنڪري مرڪز کان الڳ ٿي رهڻ لاءِ ائين ڪرڻ وڌيڪ آسان هو. سنڌ جو سمورو ضابطو هونئن به اتي جي رهاڪن جي هٿن ۾ اچي چڪو هو. ان طرح سنڌ کي عملي طرح خودمختياريءَ جو درجو حاصل ٿي چڪو هو ۽ ان جي مرڪز سان وابستگي رڳو رسمي وڃي رهي هئي. سنڌ جا اهي رهاڪو ڪلهوڙا هئا، جن پيري مريدي جي ذريعي ڪافي شهرت ۽ اثر رسوخ حاصل ڪري ورتو.“
ڪلهوڙن کي سنڌ جا رهاڪو سڏي پوءِ مولانا صاحب چيو آهي ته ڪلهوڙا اصل ۾ عباسي آهن. ان لاءِ ڪو به دليل نٿو ڏئي سواءِ انهيءَ جي ته خود ٽالپرن ۽ فلاڻن فلاڻن کين عباسي ڪوٺيو آهي. ٽالپر ته سندن مريد هئا. مولانا خود پاڻ صفحي 43 ۽ 44 تي لکي ٿو ته، ”... ’مرات‘ ۽ ’جواهر‘ ٻئي تاريخون ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جون لکايل آهن ۽ اهي سندن عباسيت جون دعويدار آهن، جيتوڻيڪ انهن جي پيش ڪيل شجرن کي قبول ڪري نٿو سگهجي.“
برٽن لکي ٿو ته، ڪلهوڙا اصل ۾ سنڌ جي قوم هئا ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته هو هندن مان مسلمان ٿيا. جڏهن هن خاندان امتيازي درجو حاصل ڪيو تڏهن پنهنجي عباسي هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳا. مگر عالمن جي نزديڪ سندن عباسي هجڻ جو شجرو ناڪامياب ثابت ٿيو (جنهن جي تصديق مولانا مهر به ڪئي آهي). انهيءَ تي ڪلهوڙا ’سهر خطيبہ‘ پنهنجا ماڻهو موڪليا ته جيئن اتان جي بزرگن وٽ جيڪي خانداني شجرا ۽ دستاويز موجود هئا تن جا نقل ڪري اچن. بزرگن ايئن ڪرڻ کان نٽايو ته ڪلهوڙن نه رڳو انهن جون جاگيرون ضبط ڪيون پر سندن ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٽامي جون اهي تختيون پاڻ سان کڻائي ويا جن تي شجرا اڪريل هئا ۽ اهڙيءَ ريت هو حضرت عباس جو اولاد بڻجي ويا ۽ پير مرشد سڏجڻ ۾ آيا. (برٽن صفحو 410-سورلي صفحو 25، مولانا مهر صفحو 45).
ڪلهوڙا عباسي آهن ته اسانجون اکيون ٿڌيون. ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض، پر هڪ ڳالهه جا مون شروع ۾ چئي سا ثابت ٿي ته ڪلهوڙن جي حڪمت عملي هئي مذهب جي نالي ۾ ڏاڍ سان سياسي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ. تاريخ ۾ ائين ٿيندو آيو آهي ۽ اڄ به مذهب جي نالي ۾ ڏاڍ ۽ جلائو گهيرائو جي سياست هلي پئي. ڪلهوڙو هجڻ ڪا گهٽتائي ڪانهي ۽ باعزت ۽ خوددار خاندان ماڻهو اڄ به ڪلهوڙا سڏائيندا اچن. خود ميان آدم شاهه ڪلهوڙو مشهور آهي ۽ پڻ ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ سندس خلف مان وڏو بزرگ ميان نصير محمد ڪلهوڙو . اسان جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٺوڦ ميروخان جا زميندار ڪلهوڙو سڏائين. ڳوٺ وليد جو چڱو مڙس ڪامريڊ علي محمد (بيگم اشرف عباسي جو ڀاءُ) ڪلهوڙو سڏائيندو هو ۽ اخبار ڪڍندو هو ’آواز ڪلهوڙا‘ قنبر تعلقي ۾ ڳوٺ آبڙي، ديهه به آبڙي، پر زمينون سڀ ڪلهوڙن جون ۽ سندن چڱو مڙس وڏير غلام حيدر ڪلهوڙو ۽ اڄ ڪلهه وڏيرو محمد عثمان ڪلهوڙو. هڪ خانبهادر ڪلهوڙو به ٿي گذريو آهي جو مون پاڻ ڏٺو. منهن تي اڇا چٽيءَ جا داغ هئس. وڏو شانائتو شريف ماڻهو هو. ان وقت جو گورنر سر لانسيلاٽ گراهم به سندس دعوت تي آيو هو.
مون ڳالهه پئي ڪئي سانگين ابڙن جي ۽ وڃي ڪلهوڙن تي پهتس. ڇا ڪجي تاريخي حقيقتون ته لڪائي ڪونه سگهبيون. جيڪڏهن حوالا ڏيڻ شروع ڪبا ته ڊيگهه ٿي ويندي. مون ان سلسلي ۾ جن ڪتابن تان مدد ورتي آهي انهن مان ڪي خود ڪلهوڙن جا مداح هئا، مثلا، تحفة الڪرام، هيوز، ايٽڪش، پوسٽنس، لب تاريخ سنڌ، ڊيوڊسٽن، مرزا قليچ بيگ، نامھ نغز وغيره.
مون گهڻو تڻو مولانا غلام الرسول مهر جي ڪتاب ’تاريخ ڪلهوڙا‘ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’قديم سنڌ ۽ سمن جي حڪومت‘ تي ڀاڙيو آهي ۽ پڻ تحفة الڪرام تي. نامه نغز وارو لکي ٿو ته شاهل محمد
”اراضي به سانگين ابره به جبر گرفت و داده عزيزان کبر“
يعني زمينون سانگين ابڙن کان ڏاڍ سان وٺي پنهنجن عزيزن کي ڏنائين. هيءُ ڪتاب شاهنامي جي طرز تي باغ علي ’خائف‘ جو ڪلهوڙن جي تعريف ۾ لکيل آهي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ لکيو ويو تنهن ڪري ان کي ڪوڙو نٿو چئي سگهجي. جلال خان ابڙي جو واقعو به ’مرات‘ ۾ تفصيل سان آيل آهي، جنهن جو ذڪر مولانا غلام الرسول مهر پنهنجي ڪتاب تاريخ ڪلهوڙا ۾ صفحي 141 تي ڪيو آهي، ته ڪيئن ميان الياس جي سوال ۽ جلال خان ابڙي جي جواب تي ڪلهوڙن فقيرن کڻي ڳنڍ ٻڌي ته جلال خان سموري زمين بيٺل فصل، ڍور ڍڳا ۽ ٻج توڙي کيتيءَ جو سامان مرشد کي نذراني ۾ ڏئي ڇڏيو. ’ماثر الامراءِ‘ جو مصنف به جلال خان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ابڙا قوم قديمي زماني کان سنڌ ۾ زمين جي مالڪ رهندي ٿي آئي.“ تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته ”هن واهه (گهاڙ واهه) جي ٻنهي ڪنارن جي زمين سانگي ۽ ابڙا قومن جي هئي جن کان ميان شاهل محمد خريد ڪري پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي“. خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته ”ميان صاحب سانگي ۽ ابڙا قوم کان سندن زمينون کسي ورتيون انهيءَ ڪري ميان صاحب ۽ انهن قومن ۾ هٿياربند لڙائي لڳي“. سيد علي محمد راشدي به لکي ٿو ته، ”سانگي ۽ ابڙا قومن کان زمينون کسي ورتائين، جنهن تان آخر لڙائي لڳي“. سيٽن لکي ٿو ته، ”واهه (گهاڙ واهه) جي ٻنهي ڪپن تي سانگين ۽ ابڙن جون زمينون هيون سي کانئن ڦري پنهنجن ڀائرن کي ڏنائين، ابڙن جي سردارن ڄام صديق ۽ جلال خان ٻين زميندارن کي پاڻ سان ملائي ساڻس لڙايون ڪيون“. گولڊ سمٿ به ساڳيو ئي بيان ڪيو آهي. ظاهر آهي ته زمين خريد ڪرڻ وارو قصو بلڪل هٿرادو ۽ ميان صاحب تي ڍڪ ڍڪڻ جي مترادف آهي. مولانا غلام الرسول مهر ڇنڊڇاڻ ڪري صفحي 144 تي لکي ٿو ته، ”انهيءَ سلسلي ۾ سانگي ۽ ابڙا قوم سان سندس اختلاف وڌي ويا، جنهن آهستي آهستي لڙائي جي صورت اختيار ڪئي، ابڙا قوم مان ڄام صديق ۽ جلال خان مريديءَ جا سمورا حق وساري ڇڏيا ۽ ڪيتريون ئي لڙايون لڳيون ۽ ڪنهن هڪ لڙائي ۾ ميان صاحب قتل ٿيو.“ هيگ جو بيان آهي ته، ”ڪلهوڙن جو هيءُ شيوو هوندو هو ته جارحانه حرڪتن ۽ ڦرمار سان گڏوگڏ پوک جي ڌنڌي ۾ سخت محنت ڪندا هئا.“ هيگ به ساڳي غلطي ڪندي لکي ٿو ته، ”هنن گهاڙ واهه کوٽايو“. ڪو به ذي عقل ماڻهو اها ڳالهه ڪونه مڃيندو ته گهاڙ واهه ڪوئي کوٽايل واهه آهي. جي گهاڙ واهه ڪلهوڙن جو کوٽايل هجي ها ته ان جي ٻنهي ڪپن تي سانگين ۽ ابڙن جون سرسبز پوکون اڳ ۾ ئي ڪيئن هجن ها.
مرزا قليچ بيگ ڪلهوڙن بابت لکندي چوي ٿو ته، ميان اوڍاڻو ساري خاندان جو وڏو هو. هو سندن پوئينرن جو شجرو هيٺين طرح ٿو لکي:
ٿل، ڀيل، چينو، محمد، ابراهيم عرف ڪلهوڙو خان، هاشم، راڻو، طاهر خان، سهب، ڪاجن، آدم شاهه، دائود الياس، شاهل محمد، ميان نصير محمد، يار محمدڪلهوڙو. تحفة الڪرام، نامھ نغز، مرات، دولت عباسيه ۽ جواهر عباسيه به ائين ئي چون ٿا.
انهن مان هر هڪ صاحب جو ذڪر ڪبو ته وڏي ڊيگهه ٿي ويندي. ان ڪري مان صرف چند حوالا پيش ڪيان ٿو.
تحفةالڪرام وارو صاحب لکي ٿو ته:
هن خاندان جو پهريون بزرگ ميان اوڍاڻو نالي هو، جو ڪيچ مڪران پهتو ۽ پيري مريديءَ جي طريقي سان هڪ وڏي جماعت سندس معتقد بڻجي وئي. هن جو اولاد پڻ اوڍاڻي جي لقب سان مشهور ٿيو. سڀ تاريخون انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ڪلهوڙا اصل ۾ اوڍاڻا فقير آهن. انهن مان هڪ ابراهيم، ڪلُور جبل تي رياضتون ڪيون جنهن ڪري سندن پويان ڪلورا يا ڪلهوڙا سڏجڻ ۾ آيا. اهو ڪلور ڪوٽ اڄ به ميانوالي ڀرسان موجود آهي. ائين هو ميان ۽ ڪلورا ٿي ويا. سنڌ ۾ ۽ سنڌي زبان ۾ ڪلُور جي معنيٰ ته هر ڪو ڄاڻي ٿو. شيخ صادق علي صاحب پنهنجي تحقيقي ڪتاب ”سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان جون مسلمان قومون“ (انگريزي) ۾ صفحي پنجين تي ڪلهوڙن جون هيٺيون شاخون لکي ٿو:
1.ابل، 2. ڀنگي ڪلهوڙا، 3. ڀُتا ڪلهوڙا، 4. ڊيمبا ڪلهوڙا، 5. ڀولائي ڪلهوڙا، 6. ڍُڪا ڪلهوڙا، 7. جُهنجها ڪلهوڙا، 8. کُهارا، 9. پيٽ ڦاٽا، 10. تاسريا، 11. وڏ پڳيا وغيره. اهو ڪتاب 1901ع ۾ ڇاپيو ويو. سندس پنجين پيڙهي ۾ ٿل نالي هڪ بزرگ کاهر ٻيلي ۾ آيو ۽ گوجر قوم کان زمين کسي اتي رهائش اختيار ڪيائين. ٿل جو فرزند ڀيل پيءُ جو جانشين ٿيو. انهيءَ ڀيل جو پٽ، چينو خان هو. ظاهر آهي اهڙا نالا عرب نزاد، عباسين جا نٿا ٿي سگهن.
عربن سان نسبت ڏيکارڻ جو فيشن هو. تنيا ۽ ڪاسائي قريشي ٿي ويا ۽ ڪوري ۽ جوڻيجا پاڻ کي انصاري سڏائڻ لڳا. هر دؤر ۾ ائين ٿيو آهي ته حاڪم قومن سان زوري نسبت جوڙي وئي آهي. مگرڀين عرف مغل ڀين جا خليفا پاڻ چون ٿا ته هو ٿهيم آهن، پر سڏائين ٿا قريشي. خليفو غلام قادر جو ڪاليج ۽ ايل ڊبليو هاسٽل ۾ مونسان گڏ هو ۽ پوءِ جڏهن مان سجاول ۾ جج هئس ته ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. سو مونکي پاڻ ٻڌائيندو هو ته هو ٿهيم آهن ۽ سندن وڏن جا نالا به آهن، مگر، ڀين، ماڪر پيو وغيره، جي نج مقامي نالا آهن. پوءِ به چوندو هو ته ٿهيم اصل ۾ بني تميم آهن تنهن ڪري هو قريشي آهن. حالانڪه مرزا قليچ بيگ موجب هو سماٽ آهن، ائين اسان جو عزيز عبدالحق وڪو به پاڻ کي وقاصي، سعد بن وقاص جو اولاد سڏائيندو آهي. حالانڪه وڪا به سماٽ ۾ آهن. پاڻ ئي چوندو آهي ته وڪا، نومڙيا ۽ باريچا هڪ قوم ۽ مائٽ آهن. حالانڪه نومڙيا ۽ باريچا توڙي ٿاڻي بولا خان جا ملڪ به سماٽ جي شاخ آهن. وري جڏهن بلوچن جي حڪومت آئي ته ڪيترائي سماٽ قومن جا قبيلا پاڻ کي بلوچ سڏائڻ لڳا، جهڙوڪ جوکيا، جکرا، جکراڻي ويندي منهنجي ناناڻن مان ڪن منگواڻن به پاڻ کي بلوچ سڏائڻ شروع ڪيو. اهو آهي سياسي قوت جو ڪلچر تي ڌاڙو. انگريزن جي ڏينهن ۾ وري انگريز ته ٿي نٿي سگهيا. سو تلفظ بگاڙي انگريزيءَ جو رنگ ڏيڻ شروع ڪيائيون. قريشي پاڻ کي لکڻ ۽ سڏائڻ لڳا ڪريشچي، جسٽس منير پاڻ کي لکندو ۽ سڏائيندو هو مونر، هڪ ڏينهن منهنجي پياري دوست ۽ روم ميٽ (ڪمري ۾ گڏ رهندڙ) محمد بچل سومري اعلان ڪيو ته هن جو نالو آهي ’ميڪورو بينگي‘. چيوسونس ”اهو آهي ڇا؟“ ته کلي چيائين ’ماڪوڙو ڀنگي‘، ٻيو ڇا.
هينري پاٽنجر پنهنجي ڪتاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي سير ۾ صفحي نمبر 57 تي مگسي، ابڙا، انڙ، لاشاري، بڙدي، جکراڻي، جاگيراڻي وغيره سڀ هڪ ئي قوم جي شاخ ڪري لکيا آهن. اها ڳنڍ تڏهن کلي جو لاشارين دولهه دريا خان سمي کي پنهنجو ڄاڻائي سندس ورسي ملهائي. هيءَ ڳالهه منهنجي خيال کي هٿي ڏئي ٿي ته بلوچ به سنڌي سماٽ آهن. سندن ٻولي به سبيءَ کان کوسڪي تائين سنڌي آهي.
’مرات ۽ جواهر‘ مطابق ان وقت سنڌ ولايت جي وڏي حصي جو حاڪم سهتا قوم جو راءُ ڌورنگ هئو، جنهن جي گادي جو هنڌ شهر بڪار جي نزديڪ ڪوٽ ڪانجهي هو. ڪلهوڙن جي وڏي احمد کي دل ۾ خيال آيو ته راءُ جي مدد سان قدم ڄمائي، فوج گڏ ڪرڻ جي تدبير ڪجي. راءُ ڌونرنگ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ جکرو جانشين ٿيو. ٿل کي ’مرات‘ وارو ٺل خان ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته سندس اصل نالو فتح خان هو پر عام ماڻهو هن کي ٺل خان سڏيندا هئا. ان وقت برهمڻ آباد، اروڙ ۽ سون مياڻيءَ جو حاڪم راءُ دولهه يا دلوراءِ هو جنهن ٺل خان کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. سهتا قوم به ٺل خان جي مدد ڪانه ڪئي تنهنڪري اتان لڏي سنڌو ندي ٽپي، درياهه جي هڪ شاخ جي ڪناري جا لڪيءَ کان اولهه طرف جبل مان ڦاٽ کائي اڳتي وڃي ٿي هڪ اهڙي هنڌ رهڻ جي تجويز ڪئي جتي نه رڳو زمين زرخيز هئي پر حفاظت جو به قدرتي بندوبست موجود هو. اها زمين گوجرن جي قبضي ۾ هئي جيڪا ٺل خان کانئن زوريءَ کسي اتي هڪ ڳوٺ ٻڌايو ۽ ان کي کاهر ٻيلو نالو ڏنائين. مرات ۽ جواهر ٻنهي لکيو آهي ته ٺل هيءُ علائقو گوجرن کان تلوار جي زور تي ڦريو. بهاولپور گزيٽيئر لکيو آهي ته ان ڳوٺ جو نالو پنهنجي ڏاڏي جي نالي تي ڪاهر ٻيلو رکيائين. هيگ لکيو آهي کاهر ٻيلي جا کنڊر، جان نالي ڳوٺ جي ڏکڻ اولهه ۾ ساڍن ٽن ميلن تي موجود آهن.
ٿل يا ٺل کان پوءِ هن خاندان جو ٻيو مشهور ماڻهو چينو خان ٿيو جو ٿل جو پوٽو هو. پير علي محمد شاهه راشدي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وصيت نامي جو انگريزي ۾ ترجمو ڪندي لکندي ٿو ته چيني خان جو زمانو تخميناً 1220ع ٿئي ٿو. چينو خان سردار بڻيو ۽ ڄام چينو خان سڏجڻ لڳو. اهو سمن حاڪمن جو لقب ڄام اڄ تائين مانائتو آهي. ايتري قدر جو ٽالپر ميرن به پنهنجي اولاد جو نالو مير ڄام خان رکيو.
چيني خان لاءِ تحفة الڪرام جو بيان آهي ته ڀائرن سان نفاق سبب، کنڀات پهتو جتي اڍيجا قوم سان رهڻ لڳو. نامھ نغز وارو صاف لکي ٿو ته، ڀائرن سان سندس لڙائي ٿي هئي ۽ پوءِ کنڀات هليو ويو، جتي راڻي ڏهر پلال سمي زميندار جي ڌيءُ سان شادي ڪيائين ۽ کيس ان مان محمد نالي پٽ ڄائو جو سنڌ ولائت جي حاڪمن جو جد امجد هو. دائود به انهيءَ چيني جو پٽ هو، جنهن جو اولاد دائود پوٽا مشهور ٿيو. وڌيڪ لکي ٿو ته هي چينو روهڙي پرڳڻي جي تعلقي پريالوءِ ۾ ديهه ٻيلي چيني ۾ رهڻ لڳو ۽ پوءِ آخري وقت ۾ کنڀات هليو ويو جتي وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو. سندس پٽ دائود، ٻيءَ زال شاهو سمي وزير جي ڌيءَ مان ڄائو. چيني خان جيئري ئي وصيت ڪئي ته پڳ محمد، جو راڻي ڏهر جو ڏوهٽو هو، ان کي ڏني وڃي. پنهنجي تلوار به ان کي ڏنائين. باقي مصلو، تسبيح ۽ قرآن مجيد دائود جي حوالي ڪيائين. انهيءَ محمد جو پٽ ابراهيم عرف ڪلهوڙو خان هو. ڪلهوڙي خان جي حمايت سنڌين ۽ راڻي ڏهر جي برادريءَ وارن ڪئي. منهنجي خيال ۾ سنڌين ۽ راڻي ڏهري جي برادريءَ مان مراد آهي سماٽ قومون. تاريخ ڪلهوڙا (صفحو نمبر 94) ۾ لکيل آهي ته ٻنهي ڌرين يعني ابراهيم ۽ دائود ۾ تفرقو وڌندي عداوت ۽ دشمني تي پهتو، آخرڪار انهيءَ عداوت، قتل ۽ خونريزيءَ جو اهڙو خوفناڪ هنگامو پيدا ڪيو جو جيستائين منجهائن هڪڙي شاخ (دائود جو اولاد) سنڌ مان لڏي پلاڻي نه نڪتي هي هنگامو ختم نه ٿيو. ظاهر آهي ته دائود پوٽا سماٽ قومن کان شڪست کائي سنڌ مان ڀڄي ويا. پر مولانا مهر فرمائي ٿو ته دائود پوٽن کي اوج ۽ عروج تي پهچڻ توڙي عام شهرت حاصل ڪرڻ ۾ اڳرائي اوليت نصيب ٿي. اهو سندس جهڪاءُ بهاولپور جي موجوده عباسي (دائودپوٽه) حڪمرانن ڏانهن هڪ تاريخ نويس کي نٿو سونهين، لاشڪ چينو خان هڪ زورآور سردار ثابت ٿيو پر مولانا مهر جي ساراهه ڪجهه حدون اورانگهي ٿي وڃي. مثلاََ لکي ٿو ته:
”محمد چينو خان ڪريم الطبع، نهٺو، عادل، پاڪ دامن ۽ نوڪرن ۽ عام ماڻهن سان رحم ۽ مهرباني سان هلندو هو.“
1. هوڏانهن پاڻ ئي لکي آيو آهي ته ڀائرن سان نفاق ۽ لڙائي سبب لڏي کنڀات هليو ويو ۽ اتي جي راڻي ڏهر پلال سمي جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين.
2. صفحي نمبر 87 تي لکي ٿو ته، ’مرات‘ ۾ شاديءَ جو تفصيل هيئن ڏنل آهي ته هڪ دفعي چيني خان جو پاڏو راڻي ڏهر جي ڪوچي ۾ وڃي پيو، ڏهري پاڏي کي جهلائي، سخت ڌڪ هڻايا. عبدالله داروغي اهو واقعو چيني خان کي ٻڌايو. ڳالهه ٻڌندي چيني خان کي ڄڻ باهه لڳي وئي ۽ راڻي کان بدلي وٺڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ رهيو. هڪ ڏينهن کيس پتو پيو ته راڻي جي ڌيءَ روز سهيلين سان درياهه تي سير لاءِ ايندي آهي. چيني خان وجهه وٺي ڇوڪريءَ کي زوري کڻي اچي پنهنجي گهر ۾ ويهاريو پوءِ ڪوريجا، سهتا، دل، اڍيجا، برفت، نهمڙدي رند مڙيا، ڪرمتي کهوڙ، جاڙيجا، جوکيا، لاسي، ٿهيم، ۽ ٻين قومن جا سردار وچ ۾ پيا ۽ چيني خان کي خط موڪليائون. خط ملنديئي چيني خان ڇوڪريءَ کي پالڪيءَ ۾ ويهاري عزت ۽ حرمت سان واپس موڪليو. اهڙيءَ ريت ڇوڪريءَ جي شادي چيني سان ٿي. پڙهندڙ انصاف ڪن ته ڪٿي پاڏي کي ڌڪ، ڪٿي نياڻيءَ کي زوري کڻي وڃڻ. مولانا پاڻ ٿو لکي ته مرات ۽ جواهر ۾ اهڙا داستان بيان ٿيا آهن جن ۾ ڪو غير معقول وڌاءُ ڪونهي ۽ بلڪل اعتبار ۽ قياس ۾ اچڻ جوڳا آهن ۽ انهن جو راوي ڄام پلنگهر آهي جو گنجابه، مستونگ، ڪرته، سبي ۽ ڍاڍر جو حاڪم هو. اڄ به سبي ۽ ڍاڍر ۾ ابڙا تمام گهڻا آهن. منهنجي مرحوم دوست تاج محمد ابڙي جي ته اباڻي زمين ڍاڍر ۾ هئي ۽ آهي.
3. چيني خان ديهه ٻيلي چيني تعلقي پريالوءِ تي قبضو ڪيو.
4. چيني خان جي وفات جي باري ۾ مرات ۽ جواهر ۾ ذڪر آهي ته راڻي ڏهري (چيني خان جو سهرو) جون مينهون هڪ هنڌ پاڻي پيئڻ آيون، جتي چيني خان جو مال پاڻي پيئندو هو. جاڙي مهر کين منع ڪئي. ڳالهه وڌي وئي ۽ فساد ۾ راڻي ڏهري جو ماڻهو مارجي ويو جيڪو راڻي ڏهري جي زال جو رضاعي (ٿڃ شريڪ) ڀاءُ هو. چيني خان جي زال ڪاوڙجي پيءُ جي گهر هلي وئي. چينو خان تعزيت جي خيال کان اوڏانهن روانو ٿيو. درياهه پار ڪندي ٻيڙيءَ ۾ سندس گهوڙو دڙا هڻڻ لڳو جنهن ڪري ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ۽ چينو خان ٻڏي ويو. سندس زال کي جڏهن اها خبر پئي ته هڪدم درياهه ۾ پاڻ اڇلي جان ڏنائين. چئن ڏينهن کان پوءِ ٻنهي جا لاش هٿ آيا ۽ کنڀات ۾ دفن ڪيا ويا.
مٿي ذڪر ڪيل واقعن مان صاف ظاهر آهي ته کنڀات روهڙي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلع جنهن جون حدون ڪراچيءَ تائين هيون ۽ پڻ بلوچستان ۾، سماٽ قومن جو تسلط هو. اڄ تائين سڄي بلوچستان ۾ سنڌي سمجهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. مون سان نواب محبوب علي خان مگسي پاڻ ذڪر ڪيو ته مگسي به ابڙا آهن پر بلوچستان ۾ هجڻ سبب بلوچ سڏجن ٿا. سماٽ ۽ بلوچن وچ ۾ تڪرار ۽ تفرقو به ڌارين وڌو. مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته لاڙڪاڻي وارو علائقو سڏبو ئي روپاهه هو. باغبان به سڏيندا هئس. هتي دولهه دريا خان، مخدوم بلاول سانگين، ابڙن ۽ سومرن جون زمينداريون، سرداريون ۽ قومون هيون، هي قومون ارغونن ۽ مغلن جي لاءِ مٿي جو سور هيون، دولهه دريا خان جا پٽ ۽ پونير ساڻن انڙپور ۽ ٽلٽيءَ وٽ لڙايون ڪندا آيا. ٽلٽيءَ جا منگواڻا به جنگجو هئا ۽ سدائين سماٽ (اصل سنڌي) قومن جو ساٿ ڏنائون.
يوسف ميرڪ تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ پنهنجو غصو روڪي نه سگهيو آهي ۽ صاف لکيو اٿائين ته ”اهي سانگي نڀاڳا به ابڙا آهن ۽ منگواڻا ته وڏا حرامي آهن.“ انهن جو زور ڀڃڻ لاءِ چانڊين کي لاڙڪاڻي ۾ (اڄ جي دادوءَ سميت) آباد ڪيو ويو ۽ کين هُشي ڏيڻ لاءِ علائقي کي سڏڻ ئي لڳا چانڊڪا. انگريزن ۽ پوءِ مير ٽالپرن به اها پاليسي اختيار ڪئي ۽ جتي ڪٿي مقامي قومن جو زور ڀڃڻ لاءِ مختلف بلوچ قبيلن کي نوازيندا ۽ آباد ڪندا رهيا. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته، ”چانڊين جو سردار ولي محمد هو جنهن کي انگريز سرڪار جي مدد ڪرڻ عيوض وڏي جاگير ملي. سندس پٽ غيبي خان هو. رند، جمالي، لغاري ۽ کوسن کي به جاگيرون مليون.“ هي سڄو سياسي چڪر هو، پر قدرت اهڙي جو اهي سڀ قومون به پڪيون سنڌي ٿي ويون. سماٽ ۽ بلوچ قبيلن جي تنازعي جو ٻج سياسي تقاضائن هيٺ ڇٽيو ويو. ايتري قدر جو اڄ تائين ’چانڊيا، مگسي‘ محاورو يا پهاڪو ٺهي ويو. ’چانڊيا مگسي‘ معنيٰ توڙ جا دشمن. اها به هڪ ثابتي آهي ته مگسي سماٽ قوم ۽ بقول سردار محبوب علي خان مگسيءَ جي ابڙا آهن. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، ”پهرين ڪلهوڙا هتي آيا، ۽ زمينون هٿ ڪيائون.“ مان ڀانيان ٿو ته ڪافي حوالا ۽ ثابتيون ڏئي چڪو آهيان. تنهن ڪري وڌيڪ کوٽ کوٽان نٿا ڪيون. لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، بهاولپور ۽ ديراجات، مٺڻ ڪوٽ وغيره ۾ سانگين جا بيشمار ڳوٺ آهن ۽ اهي سڀ لاڙڪاڻي جي مير غلام محمد خان سانگي (هاڻي مير ظفر حسين سانگيءَ) کي سردار ڪري مڃين ٿا. اڄ به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سؤ سوا ڳوٺ سانگين جا آهن ۽ هو هڪ مربوط قوم آهن. سوال آهي ته هيڏا سارا جو ابڙا هئا، ڄام صديق ابڙو، جلال خان ابڙو، کبڙ خان ابڙو ۽ وليداد خان ابڙو انهن جا ڳوٺ ڪيڏانهن ويا. مونکي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڪيچار ڳوٺ ابڙن جا سُجهن، ڳوٺ طيب ابڙو رتيديري ڀرسان، ڳوٺ علي محمد ابڙو، ڳوٺ الهيار ابڙو، ڪجهه ڳوٺ قنبر تعلقي ۾: لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ وليد ۽ ڳوٺ نظر ابڙو جتان جو وڏيرو شير محمد ابڙو وڏو زورآور ۽ شانائتو زميندار هو ۽ هميشھ خانبهادر کهڙي سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪندو هو.
عام چوڻي مشهور آهي ته ’سانگ پائي سانگي ٿيا‘. سانگ چئبو آهي ٽڪساٽ ۽ لِڪَ کي. ابڙا به ائين سانگي ٿيا. جيئن ماموئين جا ست بيت تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ تاريخي واقعن تي روشني وجهن ٿا تيئن ڪجهه ٻيون چوڻيون به مشهور آهن. مثلاََ:

سنڌ سمو، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،
چوٿون هو چغدو، جنهن جو پلنگ مٿان پير.

ٻي هڪڙي تاريخي حقيقت آهي. ان جو به ذڪر ضروري آهي. چنا به هڪ تمام زورآور ۽ مشهور قوم هئي. جيئن مٿئين بيت ۾ صاف ظاهر آهي ته سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير، معنيٰ سموري ڪاڇي علائقي تي چنا قوم جو تسلط هو ۽ پهاڙي علائقي جا رهاڪو هئڻ ڪري جانٺا ۽ جنگجو هئا. ان لاءِ به تاريخي ڪهاوت آهي ته ’چنا چوکي ذات سانگ پائي سانگي ٿيا‘، اها ٻي ڳالهه آهي ته زماني ۽ تاريخي حوادث جي مجبورين کان هنن چمڙي جو واپار شروع ڪيو. مالدار ته اڳيئي هئا ۽ پوءِ موچي سڏجڻ ۾ آيا. هڪ ثابتي اڄ به موجود آهي ته لاڙڪاڻي لڳ هڪ ڳوٺ ’چنا‘ نالي سان آهي پر اتي جا سڀ رهاڪو سانگي آهن، زمينون به سانگين جون آهن ۽ چونڊيل چيئرمين به سانگي آهي، سندن سردار به مير ظفر حسين سانگي آهي. معنيٰ چنا به سانگي ابڙا آهن.
وري اچون ٿا ڪلهوڙن تي ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن ۽ ابڙن جو ذڪر تاريخي لحاظ کان گڏوگڏ اچي ٿو. محمد چيني خان کان پوءِ هيءُ خاندان گمناميءَ ۾ هليو ويو. مولانا پنهنجي ڪتاب صفحي نمبر 112-113 تي لکي ٿو ته نون پيڙهين تائين سندن ذڪر ڪنهن به نه ٻڌو. معنيٰ چيني خان جهڙو زبردست ۽ مشهور ماڻهو به ڪو منظم راڄ، زمينداري يا تسلط جو دائرو پيدا نه ڪري سگهيو. جيسين راڻي ڏهري ۽ سماٽ قومن جي کيس حمايت رهي، تيسين طاقت ۾ رهيو ۽ پوءِ گمناميءَ ۾ هليا ويا. مرات ۾ درج آهي ته:
”ڪلهوڙي خان جي اولاد ۾ حڪومت جو ڪو به نشان باقي نه رهيو، حتاڪه نون پيڙهين تائين ڪير انهن جو نالو به ڪونه وٺندو هو ۽ انهن مان ڪنهن وٽ ڪا به چيز موجود نه هئي.“ يعني سڃا هئا.
نون پيڙهين کان پوءِ آدم شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي خاندان کي گمنامي ۽ اوندهه مان ڪڍي عزت ۽ شهرت بخشي (تاريخ ڪلهوڙا صفحو 113) آدم شاهه جي پيءُ جو نالو گجن شاهه هو. سنڌ ۾ شاهه صرف سيد کي سڏيو ويندو آهي، گجن ۽ آدم به رڳو پيري مريديءَ ڪارڻ شاهه سڏايو حالانڪه هئا ڪلهوڙا يا اوڍاڻا.
’جواهر‘ جي مصنف باغ علي خائف ته آدم کي شاهه به نه لکيو آهي. لکي ٿو ته چيني خان جي نسل مان آدم نالي شخص هو جو وڏو طاقتور ۽ نالي وارو ماڻهو هو. اهو فقر ۽ سياست جي گڏجي وڃڻ ڪري ٿيو. جيئن تاريخ ڪلهوڙا صفحو 119 تي اچي ٿو سو به ابڙڻ جي مدد سان ٿيو. تحفة الڪرام جو بيان آهي ته آدم شاهه سري علائقي جو سيرڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ هٽڙي تعلقي چانڊڪي ۾ اچي رهيو. اتي کبڙ خان ابڙو پنهنجي لاڳاپي وارن کي وٺي دٻه ڳوٺ مان نڪري ميان آدم جي مريدن ۾ شامل ٿي ويو. تحفة الڪرام جو بيان آهي ته کبڙ خان ابڙي جي درخواست تي خان خانان چانڊڪي پرڳڻي جي زمينداري چانديا قوم کان وٺي ميان صاحب جي حوالي ڪئي. خان خانان سن 999 هجري ۾ مغلن پاران سنڌ فتح ڪرڻ آيو هو. سندس مقابلو ٺٽي جي ترخان حاڪم مرزا جاني بيگ سان ٿيو، جنهن هارايو ۽ سيوهڻ خالي ڪري ويو. اهڙين سياسي حالتن ۾ کبڙ خان جي درخواست قبول پئي. مولانا مهر صفحي 130 تي لکي ٿو ته ”کبڙ ابڙي، جو ميان صاحب جو خاص خليفو هو، چانڊڪي جي زمينداري حاصل ڪئي. زمينداري حاصل ڪرڻ جو مقصد يقيناً اهو نه هوندو ته ميان صاحب هڪ ممتاز زميندار بڻجي وڃي پر مقصد فقط هي هوندو ته مريدن جي کائڻ پيئڻ ۽ لنگر جو خرچ هلندو رهي.“
پر ميان صاحب ٻيا طريقا اختيار ڪيا. تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته ”ميان صاحب زمينون وڌائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. آسپاس جي زميندارن شڪايتون ڪيون ۽ ميان آدم شاهه شهيد ٿيو.“
هيگ لکي ٿو ته ”آدم شاهه غير آئيني اقدام جي بنياد تي ڪلهوڙن جي جماعت وٺي سنڌ جي اتر ۽ ڏکڻ وارن علائقن ۾ داخل ٿيو ۽ چانڊيا قبيلي کان زمينون ڦري پنهنجن ماڻهن کي ڏنائين.“
لب تاريخ سنڌ، ائٽڪن ۽ هيوز به ڪجهه اهڙن خيالن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، پير علي محمد شاهه راشدي لکي ٿو ته، ”آدم شاهه جا مريد تمام وڌي ويا ۽ ان طرح کيس وڏي طاقت حاصل ٿي وئي. ڀر پاسي جي ڪيترن ئي زميندارن ۽ سردارن حسد وچان بکر جي نواب وٽ تشويش جو اظهار ڪيو، جنهن کيس گرفتار ڪري ملتان موڪليو جتي کيس شهيد ڪيو ويو.“
ڊيوڊ سٽن چوي ٿو ته ”آدم شاهه زميندارن کان سندن زمينون ڦريون. انهن ملتان جي حاڪم وٽ شڪايتون ڪيون، جنهن کيس موت جي سزا ڏني.“
ميجر جنرل هيگ به اهڙو ئي بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿوته ”ڪلهوڙن جي جارحانه روش ۽ مظلومن جي حقن کان حد درجي جي بي پرواهيءَ سبب سندن خلاف غضب جو طوفان برپا ٿي ويو. ملتان کان به هڪ فوج موڪلي وئي ۽ آدم شاهه کي گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني وئي.“
مولانا مهر سڀني واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اهو امڪان کان ٻاهر آهي جو ميان آدم شاهه کي ملتان ۾ حڪومت قتل ڪرائي ۽ وري به اجازت ڏئي ته سندس جنازي کي شهيد طور ملتان مان کڻائي تدفين لاءِ سکر موڪلڻ جي اجازت ڏئي. مرات ۽ جواهر جي بيان مطابق ميان صاحب بکر ۾ مارجي ويو ۽ مولانا مهر ان بيان کي صحيح ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته، سندس ميت کي ملتان مان سکر آڻڻ آسان نه هو. مطلب ته ميان شاهل محمد ۽ ميان آدم شاهه جي پڇاڙي هڪ جهڙي ٿي. پر مريدن کي موقعو ملي ويو، جو ٻنهي کي شهيد بڻائي پنهنجي تنظيم کي وڌيڪ جوشيلو ۽ مضبوط بڻايو.
ميان الياس جنهن جلال خان ابڙي جون زمينون نذراني ۾ ڦٻايون، تنهن لاءِ پير علي محمد شاهه راشدي لکي ٿو ته، ته ”ميان الياس ڪيتريون ئي زمينون ٻيهر هٿ ڪيون جي سندس والد جي وقت ۾ ڪلهوڙن کان ڦرجي ويون هيون. ميان الياس ميان دائود جو پٽ ۽ ميان آدم شاهه جو پوٽو هو. ميان شاهل، محمد ميان الياس جو ننڍو ڀاءُ هو. ميان الياس به مريدن جي زور تي زمينون حاصل ڪيون.“ تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته، ”ابتدائي دور ۾ ميان الياس جي قبضي مان سندس موروثي زمينون نڪري ويون، پر پوين ڏينهن ۾ سندس مريدن گهڻيون زمينون قبضي ۾ ڪري ڇڏيون.“ يعني اهو سلسلو پشت بپشت هلندو رهيو. شاهل محمد ته حد ڪري ڇڏي جو زمينون سانگي ۽ ابڙا قومن کان کسي ورتيون.آخر ۾ سانگي ۽ ابڙا قومن ڄام صديق ابڙي ۽ جلال خان ابڙي جي سربراهي ۾ شاهل محمد سان لڙايون ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو (تاريخ ڪلهوڙا صفحو 144).
ميان الياس جو پٽ ۽ ميان شاهل محمد جو ڀائٽيو ميان نصيرمحمد هڪ ناميارو بزرگ ۽ حڪومتي صلاحيتن جو صاحب هو، جنهن ڪلهوڙن جي حڪومت جو بنياد وڌو.
ميان نصير محمد سياڻپ ۽ تجربي کان ڪم وٺندي ميان آدم شاهه ۽ ميان شاهل محمد وارا طريقا نه ورتا ۽ مريدن تي ڪنٽرول رکيو. تڏهن به تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته مقامي ماڻهو ساڻس لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا، جنهن ڪري لڙائي ڪرڻ بجاءِ ريگستان طرف هليو ويو. اتي گذران مشڪل هو ان ڪري واپس پنهورن جي علائقي ۾ موٽي آيو جتي پنهورن جو رئيس مير پنهور وڏو لشڪر وٺي آيو. لڙايون به لڳيون پر مرزا خان بمبئي جي حاڪم صلح جي ڪوشش ڪري ميان صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي، اورنگزيب جي درٻار ۾ دهلي ڏياري موڪليو. جتي هڪ مدت تائين قيد رهيو. پٺيان سندس مريدن سان لڙايون ٿينديون رهيون ڊگهي مدت کان پوءِ ميان صاحب آزاد ٿي وطن وريو. (تحفة الڪرام)
مرات ۽ جواهر ته چٽو چٽو لکيو آهي ته ميان صاحب چهني (ڇِني) پرڳڻي تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ شورش برپا ڪيائين. بکر ۽ سيوستان جي ڪيترن پرڳڻن تي اوچتو حملو ڪري ڪيترن ئي سرڪاري ڪامورن کي قتل ڪرايائين. ظاهر آهي ته سندس زهد ۽ تقويٰ تي سياست سوار هئي ان وقت شايد اهو ئي طريقو رائج هو. ميان نصيرمحمد نهايت شان، مان، دليري ۽ پيري مريدي جي اوج تي پهچي وڏي ڄمار ماڻي سن 1692ع ۾ وفات ڪئي ۽کيس کاريءَ (ڳاڙهي) وٽ هڪ ڳاڙهي دڙي تي دفن ڪيو ويو. ڪيترائي دفعا پنهورن جي سردارن سان لڙايون ڪيائين ۽ سنڌ جي هڪ وڏي حصي تي قابض ٿي ويو. (لب تاريخ سنڌ). ميان صاحب ٽي فرزند ڇڏيا: دين محمد، يار محمد ۽ مير محمد. دين محمد مسند نشين ٿيو، پنهور سردار، ميان دين محمد سان به لڙايون ڪندا آيا. پنهور بار بار وڙهندا آيا پر آخر شڪست قبول ڪري تابعداريءَ ۾ اچي ويا.
ڪلهوڙا آهستي آهستي ابڙا قوم تي غالب پئجي ويا ۽ سندس زمينن تي قبضو ڪري ورتائون تان جو شيخ نصير جو زمانو اچي ويو. (ماثرالامراءِ)
ميان دين محمد کي به سندس ڏاڍاين سبب ملتان گهرائي قتل ڪيو ويو. ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي اچون ٿا ميان يار محمد تي. ميان صاحب وڏو زيرڪ سياستدان، سٺو منتظم ۽ عوامي سپهه سالار هو. هن ئي ڪلهوڙن جي حڪومت جو بنياد وڌو. پيري مريدي سان گڏوگڏ جنگ و جدال ۽ ويڙهه به ڪندو آيو. ايتري قدر جو بروهين ۽ بلوچن کي به ٽوٽا چٻايائين ۽ سبي، ڍاڍر ۽ گنجابه قبضي ۾ آندائين، جنهن ڏنڊي سان ميان صاحب وڙهندو هو، اهو سندس مقبري تي رکيل آهي. خداآباد تي منزل دوران 32-1931 ۾ بابا مونکي مقبري تي وٺي ويو ۽ مجاورن ان ڏنڊي جو ’ديدار‘ اسان کي ڪرايو. مقبري تي وڻن جي ٽارن سان اڪيچار ڏنڊا ٻڌا پيا آهن. پڇا تي مجاورن ٻڌايو ته ماڻهو باسون باسيندا آهن، پوءِ جنهن جي مراد پوري ٿيندي آهي سي سکا خاطر ڏنڊو يا ڏنڊي کڻي ايندا آهن ۽ اچي وڻن ۾ ٻڌي ويندا آهن. برطانيه ۾ به ويلس ڀرسان سمونڊ اندر هڪ پهاڙ آهي. واءَ، طوفان ۽ اوندهه ۾ ڪيترا جهاز ان سان ٽڪرائبا هئا سو جهازران به سکا باسيندا هئا پوءِ جيڪو جهاز بچي ويندو هو ته انهيءَ جو جهازران اتي جهنڊو کوڙيندو هو. ائين کوڙا سارا جهنڊا اتي نظر ايندا هئا. هڪ جهازران جنهن کي اعتبار نه ايندو هو، ان کي اهي جهنڊا ۽ جهنڊيون ڏيکاري چيو ويو ته هاڻي ته اعتبار ايندءِ نه، ته ڪيترن جون مرادون پوريون ٿيون آهن. هو يار به ڪو نپٽ حقيقت پسند هو سو چيائين ته جن جن جهازن کي پِير (سينٽ) نه بچايو آهي انهن جا به جهنڊا لڳائڻ کپن ته خبر پوي ته ڪيترن جا ٻيڙا ٻوڙيا اٿائين.
مان کپري ۾ جج هئس ته هڪ باريش دلچسپ ماڻهو هڪ ڪيس ۾ جوابدار ٿي حاضر ٿيو. هو ڪو پڪو وهابي هو ۽ هڪ پير جي قبر ڊاٿي هئائين. چارج رکي چيومانس ته بچاءَ جا شاهد ڏيندين؟ چيائين جج صاحب فريادي حاضر ئي نٿو ٿئي ۽ تون ٿو مونکان بچاءَ گهرين. چيومانس ڪهڙو فريادي؟ سائين اهو فلاڻو پير جنهنجي قبر ڊاهي پٽ ڪئي اٿم. اهو ته دانهن ئي ڪونه ٿو ڪري باقي ٻين کاٽائو پٽن کي سيڪ آيو آهي. ڳالهه وزندار هئي پر مون رعب سان چيومانس ته شاهد ڏين ٿو يا نه. چيائين هائو لک نالا ۽ مون لکيا، پهريون عبداللطيف ولد حبيب شاهه ويٺل ڳوٺ ڀٽ شاهه ٻيو عثمان پٽ فلاڻو ويٺل سيوهڻ، اتي مونکي سمڪ پئي ۽ قلم کڻي جهليم ۽ چيم اڙي هيءُ ڪهڙو مذاق آهي؟ چي سائين سمن ڪڍين پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ جي حڪم تي نه اچن ته قدم کڻين. مون چيومانس شام مون وٽ اچجانءِ، ۽ آيو. چانهه گڏجي پيتيسين ڪچهري به ڪئي سون. ڏاڍو دلچسپ ۽ روشن دماغ ماڻهو هو. نالو وسريو يو اٿم، جيتوڻيڪ ماڻهن کي پڪ هئي ته سزا ايندس پر مون کيس ڇڏي ڏنو، اهڙا عجب جهڙا ڪردار به پيا آهن، نالو شايد عبدالعليم درس هئس.
هڪ ٻيو وڏو واقعو ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ جهوڪ واري شاهه عنايت جو شهيد ٿيڻ آهي، جيتوڻيڪ ميان يار محمد ٺٽي جي نواب اعظم خان جي مدد ۾ ڪجهه لشڪر موڪليو ۽ ٻيو ته شاهه عنايت شهيد سان قرآن شريف وچ ۾ رکي ٺاهه ڪرڻ وارا سندس فرزند محمد خان ڪلهوڙو ۽ مير شهداد خان هئا ته به شهادت جو ذميدار نواب اعظم خان هو نه ڪي ميان يار محمد، پڻ ميان يار محمد کي نواب وٽان انعام ۾ چاچڪان ۽ سماواتي پرڳڻن جا ڪيترائي ڳوٺ جاگير ۾ ڏنا ويا ۽ ميان يار محمد نواب شاڪر خان کان روپاهه جو پرڳڻو مقاطعي تي ورتو (تحفة الڪرام ۽ تاريخ ڪلهوڙا صفحو 260) ثابت ٿيو ته روپاهه جو پرڳڻو موجود هو جو بعد ۾ چانڊڪا سڏيو ويو.
مشهور آهي ته شاهه عنايت بيت چيو ته:
ڪاهي ڪلهوڙو آيو، ڪري مندي صلاح،
اچـي اڙيـو انــهن سان، جـنـيـن وٽ الله،
ڪـلـهـوڙي جـي بـاهه، وسـاڻـي ورهيــن کي.

هي سڀ ثبوت ڏيکارين ٿا ته ميان يار محمد ٺٽي جي نواب جي مدد ضرور ڪئي ۽ انعام اڪرام به ورتا پر شهادت جو سڄو قصو نواب اعظم تي پوي ٿو، ميان صاحب کي ڪهڙي خبر ته ههڙو ڪلور ٿيندو، چون ٿا ته ميان صاحب تي هن شهادت جو ايڏو اثر ٿيو جو سالن جا سال حُجري کان ٻاهر ئي نه نڪتو، هيءَ پشيماني چئجي يا سياسي اٽڪل بازي، ان جي خبر خداوند کي. نيتن تي شڪ نه ڪبو.
ڪلهوڙن کي هت ڇڏيون ٿا، منهنجو موضوع هو ابڙا ۽ سانگي. مان ڀانيان ٿو ته مان ڪافي ثبوت ڏئي چڪو آهيان ته ابڙو ۽ سانگي هڪ قوم آهي.
ڳالهه اصل ته آهي سماٽ جي، جيڪي چيو وڃي ٿو ته حضرت سام بن نوح عليھ السلام جو اولاد آهن. سماٽ لقب آهي راجپوت حاڪمن جو، جيئن سمراٽ چندر گپت، هندستان جو شهنشاهه. سمراٽ مان ”ٽ“ ڪيرايو ته سمرا يعني سومرا ٿي پيا، جيڪڏهن ”ر“ ڪيرايو ته سماٽ ٿي پيا. سما ۽ سومرا ٻئي راجپوت آهن. سنڌ ۾ راجپوت بدران اکر آهن راج پتر، جو ڦري راجپر يا راڄپر ٿي پيا، راڄپر جي شاخ آهي ٻانڀڻ، هي سنڌ ۾ هڪ عجيب ڦرڪو آهي نه ته ڪٿي ٻانڀڻ برهمڻ ۽ ڪٿي راڄپر کتري، هت ميمڻ به جي وئش واپاري آهن سي سڏائن کتري، مونکي مرحوم الاهي بخش ٻانڀڻ، جو خيرپور جو وڏو ڏاهو زميندار ۽ ايم پي اي هو ٻڌايو ته هو راڄپر آهن.
پر مان ڀانيان ٿو ته ”ٻانڀڻ“ اصل ۾ ”بابينو“ آهي جو چند سمون ۽ لاکي جو پٽ آهي، ڏسو ڪتاب قديم سنڌ مصنف مرزا قليچ بيگ، صفحو 395. هو صاحب لکي ٿو ته، ”ڄام جوڻو سنڌ جي سمن جو وڏو ڏاڏو هو جو لاکي جو پٽ هو، انهيءَ کي پنج پٽ هئا هر هڪ کوريو، تاجو، ابڙو، بلوچ ۽ بابينو.“ ثابت ٿيو ته ابڙو، بلوچ ۽ بابينو (ٻانڀڻ) سڳا ڀائر هئا، هڪ پيءُ جا پٽ، ڪو عجب ناهي جو اهي ٻانڀڻ پاڻ کي راجپوت يا راڄپر يا راڄڙ سمجهن ٿا. خبر ناهي ته سسئي جو پيءُ به ٻائو ٻانڀڻ هو يا سمو راڄپر.، تحفة الڪرام صفحي 80 تي به آيو آهي ته ڄام جوڻي کي پنج پٽ هئا هڪ هڪ کوريو، تاجيو، ابڙو، بلوچ ۽ بابينو، ساڳئي صفحي تي وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڄ تائين سڄي سنڌ، گجرات تائين، جا اڪثر رهاڪو سمي جو اولاد آهن ۽ سنڌ گهڻو ڪري هنن ماڻهن سان آباد آهي.
مان 1941ع ۾ آزادي جي آندولن دوران، جڏهن سنڌ جا سڀ درسگاهه بند ٿي ويا هئا تڏهن جهونا ڳڙهه گجرات پڙهڻ ويس. مون ڏٺو ته سڄي گجرات سنڌي سمن سان ڀري پئي هئي. مسجد جا امام به سنڌي ته درسگاهن جا فقير به سنڌي. رات جو ڪالوا گيٽ کان هاسٽل ايندي ڏٺم ته هڪڙي تمام پوڙهي ۽ ڪمزور عورت هڪ هڙ رستي جي پاسي ۾ رکي پٽ تي ويٺي هئي. مان وٽس ويس ٻڌايائين ته پوڙهي ۽ بيمار هئڻ ڪري ٿڪجي پئي هئي. مون چيومانس ته هڙ مان ٿو کڻي هلان، سندس ڳوٺ هاسٽل کان ٿورو پريان هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته هو سنڌي سما آهن مون کيس ٻڌايو ته مان به سانگي ابڙو آهيان. پوءِ ته ڏاڍا زور ڀريائين ته ڳوٺ هل ۽ ڳوٺ وارن سان مل. مان پڙهڻ جو بهانو ڪري کيس گهر وٽ ڇڏي موٽي ويس.
سماٽ تمام وڏي قوم آهي. سڄو پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سماٽ آهن. حيرت آهي ته بلوچ هڪ لغو ۽ واهيات ڪهاڻيءَ تي سندرو ٻڌي پاڻ کي امير حمزه رضي الله عنھ جو اولاد پيا سڏائين. چي حضرت حمزي هڪ جنڙيءَ سان جماع ڪيو ۽ ان جو اولاد بلوچ ٿيو يا مائي جتو جو اولاد جتوئي ٿيا. توبهه. حقيقت ۾ بلوچ لفظ ئي مرڪب آهي بل + اوچ جو، معنيٰ وڏي ٻل يا طاقت وارو. پاڻ ئي بلوچ يا بلوش چوندا آهن. اسين سڀ سنڌي گهڻو ڪري سورج بنسي ڪل جا راجپوت آهيون. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ جيڪو شجرو صفحي نمبر 279 ۽ 480 تي ڏنو آهي سو هتي طوالت سبب نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ جا سما، راڄا دسرت ۽ شري رامچندر جي شاخ مان آهن. راڻيءَ ڪوشليا جي پٽ شري رامچندر جي پڙ پوٽن مان هڪ جادم هو جيڪو سنڌ جي سمن جو ڏاڏو آهي. ان کان پوءِ سڀني جو وڏو آهي لاکو. توهان ڏسندا ته سنڌ ۽ ڪڇ ۾ ڄام لاکو، لاکو ڦلاڻي، لاکاٽ ۽ لاکير نالا عام آهن. لاکي جا پٽ هئا انڙ، ڇٽو، ڦل ۽ مناهيون، وري انڙ جو پٽ لاکو جنهن جو پٽ سمون ۽ سمي جا پٽ هئا جکرو ۽ ڪاڪ جو حاڪم ڪاڪو، جنهنجا پٽ هئا پلي ۽ راءِ ڌن يا راڌڻ، اڄ به راڌڻ جو شهر ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻ ضلع دادو) ۾ ريلوي اسٽيشن آهن. راءِ ڌن جو اولاد هو سمو نوتيار، لاکو، ابڙو ناهيون، ڪوريو (پوءِ ڪئونريجو) ۽ پلي، پليءَ جا پٽ ساند ۽ اُڍو. ان مان ٿيا ڪاڪو، جاڙو، جوڻيجو، هڱورو، ديرو ۽ ڄام هوتي. مشهور سسئي پنهون وارو پنهون، هوت قبيلي مان هو. هي به هڪ ثابتي آهي ته بلوچ سنڌي سما آهن. پنهونءَ جو نالو حقيقت ۾ نج سنڌي پنيو يا پنيل آهي جو اڄ تائين سنڌ جا ماڻهو رکندا آهن. شاهه صاحب جو بيت ”پنهل ڄام پرچ الا“ سڌو سنئون ٻڌائي ٿو ته اهو پنهل اصل ۾ ڄام پنيل آهي. ڪتاب ”سسئي پنهون“ ۾ هرنام سنگ شام لکيو آهي ته پنهونءَ جي ماءُ کي اولاد ڪونه ٿيندو هو انهيءَ ڪري پئي دعائون گهرندي هئي. وڌيڪ لکي ٿو ته پنهون سڪيلڌو هو (صفحو 85 ۽ 59) ظاهر آهي ته اهڙي ٻار جو نالو پنيو يا پنيل رکيو ويو. ٻيون ثابتيون به ڏسو ته سندس پيءَ جو نالو هو ڄام آري، جو به سنڌي سماٽ جو نالو آهي. پنهون جي ڀائرن جا نالا آهن، چنره، هوتو ۽ توتو. قادر بخش نظاماڻي جو وڏو عالم ۽ بلوچ قوم پرست به آهي، ان سان جڏهن اهو بحث ڇڙيو ته مون وٽ مڃي اٿيو ته اهي بلوچن جا نالا ناهن ۽ واقعي پنهون سنڌي ڪردار آهي. سنڌ ۾ آري جي نسبت سان آريجا ذات اڄ به آهي، جنهن سوداگر سان پنهون ڀنڀور آيو هو ان جو نالو هو بيبيو، جو نالو اڄ به سنڌ ۾ رکيو وڃي ٿو، جيئن استاد بيبيو خان، ان جي معنيٰ اها ٿي ته پنهون سنڌ مان ئي هڪ ماڳ ڪيچ تان هڪ سنڌي سوداگر سان ئي نڪتو هو. ان ماڳ کي ڪيچ مان ڦيرائي ڪيچ مڪران ڪري ڇڏيو اٿن جا ٻي وڏي غلطي آهي. هرنام سنگهه شام ان کي ڪيچر جو علائقو سڏيو آهي جو خود ڪينجهر يا ان جي آسپاس جبلن ۾ ڪرچات وغيره ٿي سگهي ٿو نه ته سسئيءَ جا مائٽ ڪيئن کيس اڪيلو ڇڏين ها ته مڪران پنڌ ڪري وڃي. هو خوشحال هئا ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهيا ٿي. هوتي قبيلي جا ماڻهو اڄ به ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا ۽ سنڌ ڳالهائين ٿا. خود بزنجو لفظ ڏسو ته نج سنڌي آهي، جيئن ناريجو، سميجو، جاڙيجو وغيره، بزنجا به ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا ۽ سنڌي ڳالهائن ٿا.
وڃي پنهونءَ جي پچر ۾ پياسون، ڳالهه پي هلي شجري جي. مرزا قليچ بيگ صفحي 182 ۽ 183 تي ڄام هوتي جي اولاد مان ڄام هپڙ، راهوجو ۽ ڄام راهو لکي ٿو، وري انهيءَ جي اولاد مان آهي ڄام لاکو جنهن جو اولاد آهي ڄام جوڻو، انڙ، ڪاهو، پلي، اوٺو، ابڙو، هڱورو، ڄام جوڻو، جو سنڌ جي حاڪمن جو ڏاڏو آهي. سندس اولاد آهي بابينو، ’بلوچ‘ ابڙو، تاجيو ۽ کوريو. ڄام بابيني جا پٽ آهن ڄام جوڻو ۽ ڄام انڙ. مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻي هئي سا اها ته بلوچ نج سماٽ آهن ۽ ابڙو ۽ بلوچ ڀائر آهن. ان ڪري ئي مرحوم سردار رند مونکي گهگهي ڀائي سڏيندو هو. مان ڀانيان ٿو ته کوريو، کهڙو آهي ۽ ڪوريو ڪنئوريجو.
مولانا غلام الرسول مهر صفحي 100، 101 ۽ 102 تي مختلف ڪلهوڙن سردارن جي وقت ۾ مختلف ابڙن وڏيرن جي فهرست ڏني آهي، جن ڪلهوڙن کي هر وقت ۽ هر حال ۾ مدد ڪئي، ترتيبوار نالا آهن:
1.وڏيرو جلال خان ابڙو، 2. وڏيرو داد خان ابڙو 3. وڏير جهانگي خان ابڙو ، 4. وڏيرو هاشم خان ابڙو، 5. وڏيرو لالو ابڙو، 6. وڏيرو جهانگي خان (ٻيو) 7. وڏيرو وليداد خان ابڙو. 8. وڏيرو طيب خان ابڙو.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڄ به ٻه مشهور شهر آهن، طيب ابڙو ۽ وليداد مرحوم دوست محمد ابڙو ائڊووڪيٽ طيب ابڙي جو ويٺل هو. ڳوٺ وليداد جتي مان به پڙهيس لاڙڪاڻي لڳ ڪامريڊ علي محمد ڪلهوڙي ۽ سندس ڀيڻ بيگم اشرف عباسي جو ڳوٺ آهي. رائيس ڪئنال مان گهاڙ واهه جي منهن وٽان جا پهرين شاخ نڪري ٿي، تنهن جو نالو آهي آبڙي شاخ ۽ اهو به هڪ ثبوت آهي ته ڳوٺ وليداد خان، وڏيري وليداد ابڙي جو نانوَ پٺيان آهي ۽ ان ڳوٺ ۾ چنا به رهن ٿا جن مان عبدالحميد چنو منهنجو هم ڪلاسي هو.
وڏيري جلال خان کي پنج پٽ هئا: جوڌو خان، بکر خان، خير دين خان، بهادر خان ۽ عمر خان. عمر خان کي ٻه پٽ هئا: ننگر خان ۽ تماچي خان. مان ڀانيان ٿو ته منهنجو خاندان عمر خان مان آهي ڇو ته اسان جي خاندان ۾ عمر خان ۽ وليداد عرف واليڏنو نالا اڄ تائين هليا اچن. اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جا نالا آهن عمر خان بن واليڏنو بن عمر خان بن واليڏنو بن عمر خان. منهنجو ڏاڏو هو عمر خان ولد واليڏنو جن جون قبرون اڃا به اسان جي ڳوٺ سانگي ابڙا لڳ، مقام حاجي رحمت الله ۾ آهن.
ابڙن جا اصل سردار ترائي وارا تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ آهن. اڄڪلهه همت علي خان سردار آهي. نادر حسين سندس چاچو آهي جو ايم پي ايم به هو. اهي به پاڻ کي ابڙو نه، پر ڪماريو سڏائين ۽ سڀ اهل شيعت جا آهن ان ڪري اسان وارو وڏيرو عمر خان پنهنجي نالي جي نسبت سان منجهائن ٿي نٿو سگهي، انهيءَ ڪري هو سانگي ابڙو هو ۽ اڄ تائين سندس پونئير اهو نالو رکندا اچن. منهنجو ڀائٽيو عمر خان آهي ۽ پوٽو واليڏنو.

1. عليخان ابڙو

منهنجي ڏاڏي عمر خان ولد واليڏني جا وڏا ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ڳوٺ محبوب بنگلو ضلعي لاڙڪاڻو ڇڏي مٽن مائٽن سميت ميهڙ تڏهن ضلعي لاڙڪاڻي ڏي لڏي آيا ۽ اچي پنهنجو ڳوٺ سانگي ٻڌائون، تپو منگواڻي، ديهه منگواڻي، شهر منگواڻيءَ جي ڀر ۾، ستم ظريفي ڏسو ته تپو به منگواڻي، ديهه به منگواڻي ۽ شهر به منگواڻي پر وڏيرو وري محمد صادق جانوري چانڊيو.
هيءَ ساڳي سياسي چال هئي جو منگواڻا ويڙهاڪ جنگجو ۽ دولهه دريا خان جا ساٿاري سماٽ راجپوت هئا انهن دولهه دريا خان جي پٽن محمد خان ۽ مٺڻ خان ۽ امير سارنگ خان جي قيادت ۾ ٽلٽيءَ وٽ شاهه بيگ ارغون سان ڪيئي لڙايون ڪيون. ارغون غالب ٿي پيا ۽ ٽلٽيءَ جي منگواڻن تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏيائون. سميجا ابڙا توڙي منگواڻا حڪومتي ڏاڍ سبب اهو تر ئي ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا. منهنجي ناننگ جا منگواڻا لڏي اچي ميهڙ تعلقي ۾ ويٺا ۽ ڳوٺ منگواڻي ٻڌائون، جنگجو، ويڙهاڪ ۽ ڏاڍا مڙس ته هئا ان ڪري جلد ئي سڄي تر تي تسلط قائم ڪري ويا. ارغونن کين زير ڪرڻ لاءِ جانوري چانڊين کي اتي آباد ڪيو.
مجبورن منهنجي ناني وڏيري مير محمد منگواڻي جا وڏا جدا ڳوٺ لانگهه ٻڌي سانگي جي ڀر ۾ اچي ويٺا ۽ اڄ تائين سندس پويان توڙي اسين سانگي، جانورين کي ڪونه مڃون. جيتوڻيڪ زماني سارو سندن عزت ڪيون، پر هنن جي ڪٽڪي اسان تي اڃا آهي. اسان جو ڳوٺ عمر خان سانگي ميهڙ کان ماڏو ۽ شاهه گودڙئي رستي طرف جهنگ ۾ آهي. ورند واڻئي واري فريد آباد به اسان کان اڃا پرڀرو آهي. راڌڻ اسٽيشن کان نوَ ميل ميهڙ لاري تي اچبو پوءِ بيل گاڏي يا ٽانگي تي چار ميل اولهه ۾ اسان جو ڳوٺڙو ربو واهه جي ڪپ تي آهي، جڏهن سانوڻيءَ ۾ پاڻي ايندو هو ته ماڻهو خوشيءَ وچان دهل وڄائيندا، هنبوڇيون هڻندا پاڻيءَ سان گڏوگڏ هلندا ايندا هئا. پري اولهه ۾ گودڙيئي کان اورتي سپريو بند آهي جو جبل ۽ گاج جي پاڻيءَ کي روڪي ٿو. جي سپريو ڀڳو ته اسان جا گهر گهاٽ ۽ فصل سڀ چٽ ٿي ويندا پوءِ ماڻهو وڃي شهرن ۾ پورهيو ڪن ڇهه آنا ڏهاڙي تي. اسان جو ڳوٺ نقشي ۾ ڪجهه هيئن بيهي ٿو:
اسان جو ڳوٺ، منگواڻي شهر کان ميل کن پري ۽ لانگهه جو ڳوٺ سڏ پنڌ تي آهي. اسڪول منگواڻي ۾ هو ۽ آهي. ان ڪري ڇوڪريون ڪونه پڙهيون باقي ٻه چار ڇوڪرا پنڌ ئي پنڌ اسڪول ويندا هئا. وچ ۾ جهنگ ۽ پوءِ وڏي ڍوري ايندي هئي ۽ پوءِ وڃي منگواڻي جي سڙڪ تي چڙهبو هو. ڪتاب وغيره اصل ڪونه . بس پَٽي ڪافي هئي. اسڪول ۾ ماستر ميٽ مليل پٽيءَ تي انڊا ڀري ڏيندو هو جي گهر ۾ ڪاريءَ مس ۽ ڪلڪ سان ڀري ماستر کي ڏيکاريندا هئاسين. ٻيو هو سريلو ورد ’الف انب، ب بلا، ٻ ٻڪري‘ جو ۽ کوڙا ’ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار‘ وغيره جو. مونکي حيرت آهي ته اهڙي معمولي تعليم سان هيڏا وڏا دماغ، دانشور، اديب، محقق ۽ عالم ڪيئن پيدا ٿيا جو شهرين کي هر ميدان ۾ ماري ويا. سنڌ جا سڀ جو سڀ وڏا ماڻهو ۽ آفيسر گهڻو ڪري هارين نارين ۽ غريبن جو اولاد هئا. مان ڀانيان ٿو ته سندن بنيادي استاد ڳوٺاڻو ماحول ۽ فطرت هئي. اتي ويٺي تعليم ملندي هئي. نانگ، بلا، لٺ، ڌڪو، چور، گهوٻاٽو ، گدڙ جي سچي ۽ ڪوڙي اُوناڙ، مختلف فصل ۽ ٻوٽا، ڳجهارتون، گرو چيلي جون ڳالهيون، عقلي زباني حساب سڀ سوچڻ تي مجبور ڪندا ۽ ذهن کي تيز ڪندا هئا. سوچڻ سمجهڻ ۽ پرجهڻ جي ڳالهه هئي. هاڻي اُٺ ڪتابن جا کڻي ويندڙ ٻارڙا ذهني ٻوجهه کڻي ٿا موٽن، سوچن اصل ڪونه. پڇون ته ٻي رپئين هڪ صوف ته ڏهه صوف ڪيتري ته مُنجهندي جواب ڏيندا ته ’ٽو ٽينس آر ٽوينٽي‘ يعني ’ڏهه ڏون ٿيندو ويهه!‘. ٻهراڙي جو ڇوڪرو چوندو ته ڏهن کي ٻيڻ ڪبو ته ويهن رپين جا ڏهه صوف. ڳوٺاڻا، معصوم ٻارن کي حساب ڏيندا ته هڪ وڻ تي پکي ويٺا آهن ۽ ٻئي وڻ جي پکين کي ٿا چون ته توهان مان هڪ هيڏي اچي ته اسين توهان کان ٻيڻا ٿي وينداسين ته هو ٿا چون ته توهان مان هڪ هيڏي اچي ته هڪ جيترا ٿي پئون. سوچي سوچي، مٿو هڻي نيٺ ڀڃبو. هي ته ٿيو سؤلو، انهيءَ کان ڏکيا حساب ذهني ۽ زباني ملندا هئا. دل ۾ عدد وارڻ ۽ پوءِ جواب صحيح ڏيڻ يا مسافر جو هڪ پٺيان ٻئي پِير تي دعا گهرڻ ته پئسا ٻيڻا ڪري ڏي ته هيترن پئسن جو پَڙ توتي چاڙهيندس ۽ موٽي اچي ڳوٺ پهچي ته پئسا اوتري جا اوترا. ايئن ڄڻ ته آلجبرا به سيکاري ڇڏيندا هئا. رونشو ۽ راند الڳ. مٽي مائٽي ۽ سڱ جا حساب ۽ ڳجهارتون الڳ. وري رات جو ديرن تي ۽ دُن تي يڪتاري ۽ دلي تي راڳ الڳ، گهڻو ڪري لوڙائو ۽ صوفياڻو راڳ. ڪتابن جي ڪِيڙي ٿيڻ بدران مشاهدي ۽ تجربي سان ڪَيڙي ڇڏيندا هئا، ڪجهه ڪلامن جا بند مون کي اڃا ياد آهن، جي مون چئن سالن جي عمر ۾ ٻڌا، مثلاً:
وڄــي ٿـو وحـدت جـو، هـي نـوبـت نـغـارو،
نوبت نغارو، هو نوبت نغارو، ڪلمي جو قرارو.
يا وري بسنت جي موسم ۾ مڱڻهار ايندا هئا ۽ هر در تي اچي ڏونڪو هڻندا هئا. مونکي اڃا به هڪ ڳاڙهي ڏاڙهيءَ ۽ چمڪندڙ اکين وارو مڱڻهار ياد آهي، جنهن سان ٻه ٽي ڄڻا ٻيا دهلاري به ساڻ هوندا هئا ۽ لوڙائو ڳائيندا هئا:
هـي وڃـي حـال چـئـجـو وو وڃــي پـــيــش پــريــن،
سـڻـي هي حال منـهـنـجـو، مـن غــور ڪـرين،
وو آئي مند بسنت جي لنگها لاڳ لهن، هي وڃي حال چئجو.
بس پوءِ ته سڄو ڳوٺ چهڪي پوندو. هڪڙي ته مست موسم بسنت جي ٻيو سرنهن جي پيلن گلن جي ڦلهار، مال چيٽ چري متارو ٿيل، کيرمکڻ جام، هاري ناري واندا. بس هر در تان اَن وٺي، ان سان ٻاچڪا ڀري ويندا هئا. موٽ ۾ سرنهن جا بسنتي گل ڏيندا هئا.
ورند واڻئي جون ڪافيون به عجب هونديون هيون. سليس، ساديون، سچا جذبا ۽ تصوير ڪشائي. ٻڌو هڪ ڪافي جا ٻه ٽي بند:
1. اصل اٻوجهه اياڻي مان،
هئس نينگر ننڍڙي نماڻي مان،
هاڻي سور سهي سياڻي مان.

2. جڏهن عشق لڳو ته اکڙي پٽي،
ڀينر ڀري ته ڏيو مونکي وِهه جي وٽي،
مُٺي ڪوڙي هجي، مر کاري کٽي.

واهه ڙي ورند واڻيا واهه. بس رڙ لڳي پئي هوندي هئي ته ”چوي ورند واڻيو، فريدآباد وارو!“ ثنائي ۽ فنائي جا مولود به مشهور هوندا هئا. شيرل باڊاهي پوءِ، گهڻو پوءِ پيدا ٿيو. سندس ڪافين ۾ سوز ڀرپور هوندو هو ۽ حجر ۽ وڇوڙي جو درد شايد ڪا چوٽ لڳل هئس.آهي ئي چوٽ لڳڻ جي ڳالهه! بس پوءِ ته ماڻهو سونَ مان پارس ٿيو پوي، يا لوهه مان پيش سون جهڙو ملائم.
ها! سو پاڻي وهي اچڻ جي ڳالهه پي ڪيم ته ماڻهو خوشيون ڪندا، هنبوڇيون هڻندا پاڻيءَ سان گڏوگڏ هلندا ايندا هئا. اسان جي دل به گد گد پئي ٿئي ته پاڻيءَ ۾ ٽَپون پر مائرون سوٽيون کنيون بيٺيون هونديون ته متان پاڻيءَ ۾ لٿا آهيو، نئون پاڻي آهي، نانگ، بلائون ۽ وڇون نڪرندا. سڀاڻي نه ته به پرينهن! بس پوءِ ته الائي ڪيئن ٻيو ڏينهن ٿيندو. پوءِ ته لٽا لاهي ننگا ئي ننگا ڇپڙڪ پاڻي ۾ پيو تڙڳبو، ۽ کيڏبو، ڀلي ٽاڪ منجهند ٿي وڃي. ڪا مڇي لڳندي ته رڙ نڪري ويندي. گوج ته ٿئي ئي نانگ جهڙي.
اسان جي ڳوٺ ۾ سڀ هڪ ابي جو اولاد آهن. ڪنهن ڌارئين کي ويهڻ ڪونه ڏنائون. متان ڌارين جي اچ وڃ ۽ کشٽ ٿئي. ويڙها، سو هوندا هئا پر سڀ مائٽ، نياڻيون سياڻيون بنا پردي، گهٽين ۽ گهرن ۾ پيون هلنديون هيون. نڪا جهل نه پل، پوءِ به مجال آ جو ڪو به اڻوڻندڙ واقعو ٿئي. ننڍا ٻار ۽ جوان ڇوڪريون گڏ ئي گڏ اکٻوٽ، ليٽ ڪبوتر ۽ ٻيون الائي ڪهڙيون ڪهڙيون رانديون ڪندا هئا. مان ڏهن ٻارهن سالن جو هئس ۽ منهنجي پڦاٽ مرادان چوڏهن سالن جي. معصوميت سان راند ئي راند ۾ سٽ ڏئي سندس رئو لاهي وٺي ڀڳس. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وڃي امان کي دانهن ڏنائين. امان مونکي سڏي اهڙا ته دڙڪا ڏنا جو سمجهه ئي نه اچيم ته ٿيو ڇا؟ نيٺ ڪڇيس ته مون ڪيو ڇا آهي؟ انهيءَ تي پاڻ ٻيڻا دڙڪا مليم. ڀلو ٿئي پڦيءَ جو جنهن مار کان بچايم چي معصوم ويچاري کي خبر ئي ڪانهي تون پئي وهلور وڃين. پوءِ امان به کلي ويٺي پر فهمائش ڪيائين ته خبردار جي وري ڪا اهڙي حرڪت ڪئي اٿئي ته هڏ گڏ ڀڃي ڇڏينديسانءِ! مان ٽپا ڏيندو تاڙيون وڄائيندو ٻاهر نڪري ويس. البت سوچ ۾ پئجي ويس ته آخر ٿيو ڇا؟ کيچلو ۽ حرڪتي هوندو هئس. ٻالڪپڻو آهي ئي اهڙو.
پڦڙ خير محمد جي گهر ۾ گهاٽي ٻير هوندي هئي. ان جون لامون مٿي سان پيون لڳنديون هيو. ڇا ڪندو هئس جو راند ۾ محو ڇوڪرين جون چوٽيون ٻير جي لام سان ٻڌي ڇڏيندو هئس پوءِ ته جيڪا ڊڪي سان ڦهه هيٺ. ڪنڊا الڳ. کل جا ڪُوڪرا، پر دانهن ڪانه ٿي. کل ڀوڳ ٿيو، وري راند شروع. صفا ننڍڙي عمر ۾ چون ٿا ڏاڍو انگلي، کيٽي باز ۽ ضدي هوندو هئس. امان بار لاهڻ لاءِ ولي محمد جي گهرواريءَ دريا خاتون حوالي ڪري ڇڏيو. ان کي ’امان دڙيا خاتون‘ چوندو هوس. سندس ڌيءُ زينب سڄو ڏينهن کنيون پئي گهمائيندي هئم. ننڍڙو ٻار ڪنهن کي نه وڻندو. سندن موت تائين هو منهنجي لاءِ ’امان دريا خاتون‘ ۽ ادي زينب رهيا. سياري جي سخت وڍيندڙ سردي ۾ کيٽو ڪندو هئس ته امان دريا خاتون ڏي هلو. پوءِ امان ويچاري ويل ۾. پئي سڀني کي منٿون ڪندي ته هنکي کڻي ڏئي اچو ولي محمد جي گهر. آڌي رات سيءُ ۾ ڪير نڪري پر مان به نه مڙندو هئس. جيسين ضد پورو نه ٿئي. ضدي اڄ تائين آهيان جو اصولن تي ۽ ضمير تي سودو نه ڪيو اٿم. ڀل ڪيترو به نقصان ٿئي.
امان ٿي ڳالهه ڪري ته اڌ رات جو پاڻي گهريم. چيم اهو خراب آهي، ٻيو! امان جي شامت آئي جو اهو پاڻي کڻي هاريائين. پوءِ منهنجي رڙ مٿان رڙ ته هاريل پاڻي ميڙي ڏيو. ڀاتي اچي ڪٺا ٿيا، سوَ جتن ڪيائون پر منهنجي ضد آڏو ڪنهن جي نه هلي. نيٺ امان ويچاري پٽ تي ويهي پاڻي ميڙڻ جي بهاني ٻڪ ڀريندي آلي ڌرتي کي مٽي سان لٽيندي وئي ۽ ڏِک اها ڏنائين ته اهو هاريل پاڻي وٽي ۾ پئي وجهي. نيٺ مونکي هاريل پاڻي مليو ۽ مان فتحمند ٿي سمهي پيس. اهو منهنجو ضد ۽ سوديبازيءَ کان انڪار ڪيئي دفعا منهنجي آڏو آيو پر مان هر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيندو آيس. اسپيڪر عبدالله حسين هارون، جنهن جي ذهني سطح ميونسپالٽيءَ جي ميمبر جي به مس هئي، سو جو اسپيڪر ٿيو ته پاڻ کي چيف منسٽر کان به مٿي پيو ڀانئي. خير اهو ذڪر پوءِ ايندو پر چوي ته مون کي سڀ پاور يا اختيار آهن. کيس گهڻو ئي سمجهايم ته اختيار قاعدن قانونن کي هوندا آهن، توکي رڳو اهو اختيار آهي ته ان محدود دائري ۾ انهن کي استعمال ڪرين. نيٺ هڪ ڏينهن سندس چئمبر ۾ وڃي کيس چيم ته سڀاڻي کان مان پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪونه هوندس. ڪيم به ائين ٽپڙ کڻي ويهين گريڊ جي نوڪري ڇڏي گهر اچي اعلان ڪيم ته مون نوڪري ڇڏي ڏني. منهنجي مرحوم گهر واري ويچاري، هڪ اکر نه ڪڇي. بس مونکي چتائي ڏٺائين ۽ چپ ٿي وئي. کيس منهنجي طبيعت جي سٺي ڄاڻ هئي.
ڳالهه شروع ڪئي هئم بابي سائينءَ جي. منهنجو ڏاڏو عمر خان ڏاڍو تيز فهم، جهانديده ۽ محنتي ماڻهو هو جنهن جي مستقبل تي نظر هئي. ٺوڙهي بادشاهه جو زمانو (ايڊورڊ ستون) يعني 1911-1899ع ۾ پنج ئي پٽ پڙهائڻ خاطر ڪراچي موڪليائين.نئين نئين ريل نڪتي هئي ۽ ماڻهن کي اعتبار ئي نه اچي ته ڪل واري گاڏي ٽي چار سئو ميل طئي ڪري ڪراچيءَ پهچائي ٿي. منهنجي ٻالڪپڻي يعني 1930ع تائين ڪيترن ماڻهن ريل گاڏي ڏٺي ئي ڪانه هئي. بابا سنهڙو سيپڪڙو ۽ قد جو ننڍو هو. بابو ٿو ڳالهه ڪري ته عيد ڏينهن ڏاڏو کيس وڏيري محمد صادق جانوري جي اوطاق تي وٺي ويو ته وڏيري طنز ڪري چيس ته ”عمر فقير! هيءُ ڪيئن هر ڪاهيندو؟“ ڏاڏي اعتماد سان جواب ڏنس ته ”توهين سڀ هن جا ڳيجهو ٿيندؤ.“ ٿيو به ائين.
ڏاڏو عمر خان فقيراڻي خيالن جو ماڻهو هو. ان ڪري عمر فقير سڏيندا هئس. چوندو هو ته ”بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڪوڙيءَ دنيا جو ڪوڙو کڙڪو!“ بس رڳو خير خواهه ٿيو ۽ ٻين جي سار سنڀال لهو. دعا گهرندو هو ته ”رب منهنجا خير، هندو مسلمان ڏي خير، اوڙي پاڙي ڏي خير، جڳ جهان ڏي خير!“ پنج پٽ ڄاوس ته سڀني جا نالا عليءَ سان منسوب ڪيائين. وڏو علي نواز پوءِ علي خان، غلام علي، شير علي ۽ علي محمد. ڇوڪرا سنڌ مدرسي ڪراچي موڪلي پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ملڻ به ويندو هو. سياڻو ماڻهو هو. ڳوٺ مان ڪڪڙ کڻي ويندو هو جي ڪراچي ۾ وڪڻي ڀاڙي ڀتي جو پورائو ڪندو هو. مڙس مٿير هو. ڳالهه هُلي ته حاجي رحمت الله جي قبرستان ۾ جنات آهي. ڪو هجي جو آڌي رات جو اتي ڪِلو کوڙي اچي. ٻن چئن جوانن ڪوشش ڪئي پر دهشت جهلي نه سگهيا. ڏاڏو ويو سو ڪِلو پئي ٺوڪيائين ته الائي ڪٿان گهٽو (رڍ جو ٻچو) رنڀندو ڏانهس اچڻ لڳو. هي به ان کي ڀاڪر ۾ کڻي ٻه ڪوهه پنڌ ڪري ڳوٺ موٽي آيو ۽ اعلان ڪيائين ته ڪِلو ته ٺوڪي آيو آهيان، پر هڪ جنڙو به پڪڙي آيو آهيان. انکي ٻڌي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن مالڪ پيرو کڻي اچي نڪتا ۽ گهيٽو انهن کي موٽائي ڏنائين.
بابو ٿو ڳالهه ڪري ته تن ڏينهن ۾ ڪراچي هيءَ ڪراچي نه هئي. ٽرام گهوڙا ڇڪيندا هئا. ويرَ چڙهندي هئي ته سمونڊ جو پاڻي سنڌ مدرسي ۾ اندر ڪاهي ايندو هو. اهو ته 1943ع ۾ مون به ڏٺو. نيو چالي کان صدر تائين جهنگ هوندو هو ۽ ڪا بلڊنگ ڪانه هئي. باٿ آئلينڊ واقعي هڪ ٻيٽ هو جنهن جي چوڌاري پاڻي هو. ڪلفٽن روڊ تي ڪجهه به نه هيو. رستي جي ٻنهي پاسي بئنچون پيون هونديون هيون ته ماڻهو ويهي ٿڪ پٽين ۽ هوا خوري ڪن. ڪلفٽن کي ’هوا بندر‘ چئبو هو ۽ سمونڊ جو پاڻي ڪوٺاري پارڪ جي پهاڙي تائين ايندو هو. عبدالله شاهه غازي جو مقبرو ئي ڪونه هو. بس پهاڙي جي چوٽي تي هڪ قبر هوندي هئي جاڏي ڪوئي مشڪل سان لڙندو هو. لياري نديءَ جي پرينءَ ڀر قبرستان کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو هو. صدر ۾ گورا قبرستان کان پوءِ جهنگ ۽ ويراني هوندي هئي. اهو سڀ ڪجهه ته مون پاڻ 1945ع کان اڳ ڏٺو. گِذري به بندر هو ۽ سواءِ ڪجهه بلوچن ۽ مڇيرن جي ٻيو ڪو گهر ڪونه هو. ڊرگ روڊ ۽ ملير شهر کان گهڻو پري جدا ڳوٺ هوندا هئا. بابا جي وقت ۾ ته ايلفي به اڃا پوري ڪانه اڏي هئي. بس بندر روڊ، کارادر، مٺو در، کڏو، ڀيم پوره رام سوامي ۽ ماڙي پور هئا. گانڌي گارڊن کي ’راڻي باغ‘ چوندا هئا. گهڻو ڪري ٽرام تي سفر ڪبو هو. پئسي وارا ماڻهو ٻِگهوڙي بگيءَ تي چڙهندا هئا. ٽانگو ۽ وڪٽوريا مهانگا هئا. ڇهه آنا، ٻارنهن آنا وٺندا هئا. وڏا ماڻهو ته ڇا خود اسيمبلي ميمبر ’مؤلو مسافر خاني‘ ۾ رهندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ويچاري مؤلو عرف سيٺ موليڏني جي مسافر خاني کي به مسلمان ڪري ’مولوي مسافر خانو‘ ڪري ڇڏيائون. رام باغ کي آرام باغ ڪيائون. سيتا اسٽيشن کي مسلمان ڪري رحمان ننگر بڻائي ڇڏيائون. مشهور ۽ معروف گدو بندر به مسلمانيءَ کان ڪونه بچيو، حسين آباد ٿي ويو. بلوچستان ۾ مشهور شهر ’هندو باغ‘ کي ’مسلم باغ‘ ڪري ڇڏيائون. اهو عمل صرف سنڌ ۽ بلوچستان جهڙن يتيم صوبن ۾ ٿيو. باقي پنجاب ۾ ته اڃا تائين ڀائي ڦيرو، ٽوبا ٽيڪ سنگهه وغيره هليا اچن. اتي مسلمانيءَ جو عمل ڪجهه جهيڻو رهيو. اسان وٽ ته جهانگير ڪوٺاري پارڪ وٽ شوالي سان گڏ مسجد به ٺهي وئي. جهانگير کي به انهيءَ ڪري بخشيائون جو سمجهائون ته مغل شهنشاهه جهانگير جي نالي تي آهي. جي خبر پوين ته جهانگير هڪ آتش پرست پارسي هو ته شايد ڊاهي پٽ ڪنس ها. صدر ۾ جهانگير پارڪ ۾ مسجد ٺاهي ڇڏيائون ۽ رام باغ ۾ به سٺا ڪشادا پارڪ هئا ۽ وڏا آسائشي هئا. هاڻي رهي نالو الله جو. ٻيو ته ٺهيو ڪينجهر کي ڪلري ڪري ڇڏيائون. اها خبر ئي ڪانه هئن ته ڪلر ٿيندو ڇاهي.
مان ۽ اياز ٻيڙي ۾ ڪينجهر جو سير ڪري رهيا هئاسون، ٻيڙيءَ واري کان پڇيوسين ته ڀائو اهو ڪيئن ٿيو؟ ننڍو ٽن لفظن ۾ جواب ڏنائين ته ”سائين اسان جي دلين کي ڪلر کائي ويو آهي“. اسين ککا وکا ٿي ماٺ ٿي وياسين. چيوسينس ته اسان کي مائي نوريءَ جي تربت تي وٺي هل. پڄرندي چيائين ته سائين مائي نوريءَ تي ته ويٺا آهيو. مڄاڻ ته ان سرڪاري ٻيڙي جو نالو نوري رکيو هئائون. سنڌي غيرتمند مهاڻي جي اندر ۾ ته ڪو جوالا هو جو ڦاٽ ڏئي پيو. چي ”جيڪو ٿو لوسي لسڙاٽ اچي سو ٿو اچي ان ۾ چڙهي!“ اسان وري ڪونه ڪڇيو ۽ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيوسين. مون اياز کي سندس ئي لفظن ۾ چيو ته ”مان ڏوهي آهيان، مان ڏوهي آهيان، مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن!“ ڏٺم ته اياز پهاڙ جيان ٿي ويو. شايد سندس اندر ۾ ٻيو ڪو نظم جنم وٺي رهيو هئو. اياز به بقول رباني جي ’وڏو حرامي‘ آهي. اهو گندو لفظ رباني تمام پياري ۽ قابل ماڻهن لاءِ ڪتب آڻيندو آهي. لڪيءَ جي چشمن تي وياسون، اتي هڪ غريب عورت، مَلي ۾ ورتل، پٽ تي ريڙهيون پائيندي گرم چشمي ڏانهن وهنجڻ خاطر پي وئي. مون به ڏٺي ربانيءَ به ڏٺي. رات جو اچي سن جي سرڪاري بنگلي تي گذاريوسين.
صبح جو سوير رباني هڪ پني جو ٽڪر کڻي آيو، جنهن تي اياز رات وچ ۾ شعر لکيو هو. اياز کي انهيءَ پياري لقب سان نوازي چيائين ”جمال ڏس ته اها مائي تو به ڏٺي مون به ڏٺي پر هن (ح) ڏس ته ڇا لکيو آهي!“ ان شعر ۾ مائيءَ کي بيمار، مَلي ورتل ڦٽيل بي يارو مددگار ’سنڌ‘ سان تشبيهه ڏني هئائين. مان اياز جي ڏات تي حيران ۽ رباني جو مٿانئس ’پيار‘ جو وسڪارو ته هي ههڙو تهڙو ته بلا آهي، ڪو جن آهي. رباني ۽ اياز پاڻ ۾ ڏاڍا حجائتا ۽ رازدان آهن. رباني کيس چيڙائيندو آهي ته اياز کلي کيس ٽن آڱرين سان ڀونڊو ڏيندو آهي.
تن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي جو پرنسپال هڪ انگريز مسٽر وائنس هو. بابا توڙي ٻيا سڀ سندس تمام گهڻي تعريف ڪن ٿا. بابا ته سندس پسنديده شاگرد هو جو هميشھ پهريون نمبر کڻندو هو. تن ڏينهن ۾ ڪراچي جا شانائتا ماڻهو شاگردن جي همت افزائي ڪندا هئا ۽ کين نصيحتون ڪندا هئا. سيٺ چاڳلا ۽ ڄام مڀير مقبول خان آف لسٻيلا وٽ بابا جي اچ وڃ هئي. ڏاڏو سائين ڪراچي آيو ته ٻڌايائين ته ڪراچيءَ ۾ هڪ موٽر ڪار آئي آهي جا ڪَل تي هلي ٿي ماڻهو ان ۾ سواري ڪن ٿا. بابا چيس ته سيٺ چاڳلا وٽ آهي ۽ شام اتي هلنداسون. ذرا سوچو ته سڄي ڪراچيءَ ۾ هڪ موٽر ڪار. شام جو ڏاڏو سائين ۽ بابا سيٺ وٽ ويا. سيٺ نه رڳو موٽر ڪار ڏيکارين جيئن ڏاڏي سائين جو مقصد هو پر ڪار ۾ چاڙهي کين گهمايائين به. پوءِ ڏاڏي وڃي ڳوٺ ڳالهيون ڪيون ۽ ماڻهو وات ۾ آڱر وجهي ”بلي انگريز بلي!“ ڪرڻ لڳا. انگريزن جو ڌاڪو هو. کين سڏيندا هئا صاحب لوڪ ۽ ليڊيءَ کي منڊم. سندن وڏي عزت هوندي هئي. انصاف ۽ قاعدي جا ته ڪوڏيا هئا. مجال جو ڪو وڏو زميندار يا جاگيردار ڪنهن جو حق ماري يا ظلم ڪري، لڪندا وتندا هئا. ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف جو بول بالا هو. اڄ تائين ماڻهو کين ياد ڪن ٿا. چي سائين حڪومت ڪري ته انگريز ڪري، شينهن ٻڪري گڏ چاري ڇڏيائين. اڄ تائين آزاديءَ کان پوءِ به ماڻهو چون ته هاڻ کڻي حڪومت انگريز کي ڏين، ڏسو ته ڪيئن ٿا هلائي ڏيکارين. ڪنهن وڏي ۾ وڏي زميندار يا نواب کي ڪنهن آفيسر وٽان ليٽر ايندو هو ته ڦڦڙي وٺي ويندي هئس. ڪليڪٽر سان ملڻ لاءِ وڏيون تياريون ڪري سهي سنڀري نڪرندو هو ۽ پوءِ ڏينهن جا ڏينهن ڳالهيون هلنديون هيون ته صاحب هيئن چيو، هونئن چيو. اڄ حڪومت ور چڙهي وئي آهي اڻ پڙهيل، جاهل ۽ بددماغ وڏيرن جي. ’ڪوئي کي ملي هريڙ ته پنساري ٿي ويٺو‘ ساڳيو حال آهي وڏيرن جو ۽ ميمبرن جو. جيڪي اچين سو هضم، ڳيت ئي ڪونه ڏين هاڻي به سمڪ اچين ته انگريز گهرائي گورنر رکن ۽ سڀ اختيار کين ڏين. پريزيڊنٽ ۽ پرائيم منسٽر ڀلي پاڪستاني هجن. ڏسو ته امن ٿئي ٿو يا نه؟ ڀلا ڇو ڪين جيڪڏهن ڊاڪٽر ۽ انجنيئر انگريز اچي سگهن ٿا ته گورنر ۽ آءِ جي ڇو نه؟ اهي وڏيرا اهڙو ڊڄندا هئا جو جڳ جهان کي خبر آهي ته سردار واحد بخش خان ڀٽي تي جڏهن ڪيس ٿيو ته لاڙڪاڻي مان ڀڄي ٺٽي ضلعي ۾ لڪو. سر شاهنواز ڀٽي تي انڪوائري ٿي ته ٽي مهينا خانبهادر اسراڻ جي ڪوٽ ۾ لڪو ويٺو هو. اهو هو حڪومت جو شان ۽ دٻدٻو.
سچ ته ماڻهن کي آزاديءَ سان دلچسپي ئي ڪانه هئي. گانڌي ۽ جناح کي گهٽ وڌا ڳالهائيندا هئا. جناح کي ته سڏيندا ئي هئا مائي جَنان. حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد ۾ چاچو ابوبڪر سومرو واڍو هوندو هو. جڏهن ڀنگي هڙتال ڪندا هئا ۽ گند ڪچرو گڏ ٿي ويندو هو ته چاچو ابوبڪر ٻاهر نڪري سرعام گانڌيءَ کي زن دختر گاريون ڏيندو هو ته سڄو ڏوهه انهي خول جو آهي. انگريزن کي ڪو لهر لوڏو ڪونه هو پر بين الاقوامي ۽ اقتصادي حالتون اهڙيون ٿيون جو هو از خود هليا ويا. اسان جي تاريخ ۾ اهڙا ڪوڙ سٽيا ويا آهن جو الله جي پناهه. انهن جي اپٽار به پي پي سي موجب ڏوهه! ماڻهو ڪيترو وقت انهن ڪوٽن ڪڙولن ۾ رهندو. جناح صاحب ته بد دل ٿي هندوستان ڇڏي وڃي لنڊن ۾ مقيم ٿيو هو. پوءِ 39-1938ع ۾ نوابن جو ٽولو وٽس لنڊن ويو ۽ کيس وٺي آيا ته هل پاڪستان ملي ٿو، تون اسان جي وڪالت ڪر. گانڌيءَ ۽ جناح کي مودبانه سلام. باقي کيڏ ته سڄي انگريز سرڪار جي هئي، نه ته ڪير ٿو ڪنهن کي پليٽ تي رکي ملڪ ڏئي. ڪانگريس جو بنياد به انگريزن پاڻ وڌو. مفڪر پاڪستان جو اعزاز علامه اقبال کي ڏنو ٿو وڃي، جنهن جهڙو وڏو ڪوڙ مون ڪونه ٻڌو. خود علامه اقبال 1934ع ۾ سر ٿامس کي لکيو ته، نظريه پاڪستان لنڊن جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگرد جي ذهن جي پيداوار آهي ۽ هو يعني علامه اقبال ان نظريئي جو خالق نه آهي. اهڙي صاف انڪار کان پوءِ به اسان جا تاريخ نويس علامه اقبال مٿان اهو نظريو مڙهيندا ايندا ته ڇا ٿو ڪري سگهجي.
مٿي مان مولانا غلام الرسول مهر جي تضادن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. ٻيو ته ٺهيو ’بيگلار نامي‘ جو مصنف، مرزا باقي جهڙي ظالم، قاتل ۽ درندي صفت ماڻهوءَ بابت لکي ٿو ته، ’هو وڏو داناءُ، انصاف وارو ۽ بينظير منتظم هو.‘ تاريخ نويسن کان اهڙيون جانبدارانه فاش ڪوتاهيون ٿي وينديون آهن. پر تاريخ ته ڏاڍي بيرحم آهي ۽ حقيقتون لڪن ڪونه ٿيون. مسلم ليگ جي الهه آباد وارو ساليانو اجلاس جنهن ۾ علامه اقبال اها تقرير ڪئي هئي سو ٿيو هو ڊسمبر 1930ع ۾. ان کان اڳ تاريخ پهرين نومبر 1930ع تي لنڊن ۾ ’رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس‘ منعقد ٿي هئي ۽ ان ۾ به اهي ئي مسئلا زير بحث آيا، پر ان کان اڳ چوڌري رحمت علي پنهنجو ڪتابڙو ’پاڪستان جي اسڪيم‘ شايع ڪري چڪو هو. قائداعظم به مسلم ليگ جي اجلاس دهلي منعقده 1943ع ۾ صاف چيو ته لنڊن ۾ رهندڙ ڪن نوجوانن ۾ ’اهو خيال پيدا ٿيو‘ ته اتر هندستان جو هڪ حصو هندستان کان الڳ ڪري ان کي پاڪستان نالو ڏنو وڃي. باقي هروڀرو علامه اقبال کي پڳ ٻڌائڻي آ ته ڀلي، پر حقيقت جي اظهار ڪرڻ کان جهليو ۽ روڪيو ته نه. هاڻي ته هڪ ڪتاب ’خدوخال اقبال‘ نالي سان ڇپجي چڪو آهي. جنهن کي مارڪيٽ ۾ اچڻ نٿا ڏين. پاڪستان جا مفڪر خود انگريز پاڻ هئا. اچو وچور ڏسون:
1. جان برائٽ 24 -جون 1858ع: پنج يا ڇهه صوبا مڪمل اختيارين سان هڪ جدا رياست ٿي ويندا. ڏسو جنگ آزادي 1857ع ۾ ٿي آهي ۽ هڪ سال اندر مسلمانن کي آزاد ملڪ جو آسرو يا رشوت آڇي وئي آهي.
2. 1868ع سر سيد احمد خان: انگريزن جو ٻولڙيو فرمائي ٿو ته هندستان ۾ ٻه قومون آهن جي ڪڏهن به گڏ رهي نه سگهنديون.
3. ڊبليو ايس بلنٽ 1883ع : هندستان کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي، اتر ۾ مسلمانن جي حڪومت ۽ ڏکڻ ۾ هندن جي.
4. ٿيوڊور بيڪ: 1887ع مسلمان هڪ عليحده قوم آهن. مسلمان ڪڏهن به هندو اڪثريت جي ماتحت رهڻ قبول نه ڪندا.
5. ٿاٿيوڊور موريس: 1899ع آزاد متحده هندستان جو قيام ناممڪن آهي مسلمان الڳ قوم آهن ۽ پاڻ کي هندستاني قوم تسليم نٿا ڪن.
6. ڀائي پرمانند: هندستان کي ٻن هندو ۽ مسلم خطن ۾ ورهايو وڃي.
7. لويٽ ويزر 1914ع: مسلمان اتر هندستان کي وچ اوڀر سان ملائن، ان ۾ انهن جي بقا آهي.
8. چوڌري رحمت علي 1915ع: اتر هندستان کي مسلم مملڪت بڻايو وڃي.
9. لارڊ ڪرزن: 1917ع هندستان ڪڏهن به واحد مملڪت رهي نه سگهندو. تقسيم جا واضح امڪانات آهن.
10. اي. ايس مانٽيگو (1917ع): هندستان جو انجام خودمختيار صوبن يا ملڪن ۾ ٿيندو.
11. اي. بي ڪينيٿ: مسلمان هڪ اهڙي رياست جو سوچي رهيا آهن جا اتر اولهه هندستان ۽ افغانستان تي مشتمل هجي.
12. پيٽرڪ فيگن 1925ع: مسلمان اتر هندستان ۾ پنهنجي تسلط لاءِ جدوجهد ڪن.
13. سر آغا خان 1928ع: اتر اولهه هندستاني کي مسلم مملڪت ۾ شامل ٿيڻ کپي.
اهڙي طرح ٿيوڊور ماريسن ۽ مسٽر مانچيسٽر گارجن به گل افشاني ڪئي آهي. سر آغا خان مشهور معروف انگريزن جو ٻولڙيو هو، جنهن ۾ ڪو شڪ شبهه ڪونهي. ان ئي مسلم ليگ جو بنياد وڌو. مون مٿيون حقيقتون ڪي. ڪي. عزيز جي ڪتاب ’هسٽري آف آئيڊيا آف پاڪستان‘ ۽ جنگ اخبار مجريه 23 -آگسٽ 1991ع تان ورتيون آهن. ٻيو ته ٺهيو شريف الدين پيرزادو صاحب پنهنجي ڪتاب ’اووليوش آف پاڪستان‘ ۾ گهڻا انڪشاف ڪندي لکي ٿو ته 1904ع ۾ لارڊ ڪرزن بنگال جي اهم مسلمان شخصيتن سان ڳالهيون ڪري کين ذهن نشين ڪرايو ته هو الڳ ٿي اسلام جي بالادستي قائم ڪري اهڙو اوج حاصل ڪن جو قديم بادشاهن جي وقت ۾ به ڪونه ڏٺو هوندن. صاف ظاهر آهي ته پاڪستان جا مفڪر ۽ خالق خود انگريز هئا. علامه اقبال ته ائين ئي پنجاب کي هڪ هيرو کپندو هو سو ٺاهي ڇڏيائون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سر سٽيفورڊ ڪرپس صوبن جي آزاديءَ جون تجويزون حڪومت برطانيه طرفان آنديون هيون جي تمام چڱيون هيون ۽ جناح به قبول ڪيون هيون، پر پنڊت نهروءَ جي هڪ فاش غلطي ۽ اٻهرائيءَ سبب گڙٻڙ، بدمزگي ۽ بداعتماديءَ جي فضا پيدا ٿي وئي ۽ معاملو وڃي تقسيم تي پهتو. مٿئون ڪارو منهن ٿيو ڪميونسٽن جو، جي اسٽالن جي چوڻ تي تقسيم جي حق ۾ ٿي بيٺا. اسٽالن ته چاهيو ٿي ته انگريز نڪرن ۽ هندو ڀارت سندن دشمن بڻجي ۽ رشيا سان دوستي ڳنڍي وڻج واپار توڙي سياسي ناتا وڌائي ۽ تاريخ اهو ثابت ڪيو.
پوءِ ته تقسيم جا ڪلور ٿيا. نفرت، قتل، گهيراءُ، جلاءَ ۽ قانون شڪني ۽ منافقي اسان جو قومي ڪردار بڻجي ويا. گهر گهر کان جدا ٿي ويو. لڏپلاڻ، مارڌاڙ، عزتون لٽجي ويون ۽ ليڊر صاحب وڃي صدارتي ڀَون (محلات) ۾ ويٺا. منهنجو پيءُ علي خان ابڙو تقسيم جي سخت خلاف هو ۽ اهڙا مضمون سنڌي اخبارن قرباني وغيره ۾ ڇپائيندو رهيو، جنهن تان ڪاوڙجي تڏ دماغ عبدالغفور ڀرڳڙي ائڊووڪيٽ لاڙڪاڻه سندس خلاف الوحيد ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ علي خان ابڙي کي ٿڪل دماغ لکيائين. الله جو شان، ڪٿ ڄامڙو جيتامڙو، عبدالغفور جو پوءِ وڃي ضياءَ جي هنج ۾ ويٺو ۽ ڪٿ علي خان ابڙو جو عالم، فاضل، مصنف، سڌارڪ، جينيس انقلابي ۽ جرئتمند ماڻهو هو، جو پنهنجي قول، فعل ۽ ضمير جو سچو هو. اڄ به سندس سوين شاگرد ۽ ماتحت سندس ساراهه جا ڍڪ ڀرين ٿا. منفرد سوچ جو ماڻهو هو. سراج الحق ميمڻ جو والد صاحب ڳالهه ٿو ڪري ته سندس ٽيچرس امتحان هلي رهيو هو ۽ هو سخت بخار ۾ هو. پيپر لکندي علي خان ابڙو اچي سندس پٺيان بيٺو ۽ جيڪي ڪجهه هڪ صفحي تي لکيو هئائين سو پڙهي مسٽر علي خان ابڙي کانئس پيپر وٺي چيو ته ”تون پاس آهين، هاڻي گهرو وڃي آرام ڪر!“ ڪجهه ساڳي ڳالهه مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ٿو ڪري ته هو عربيءَ جو پيپر لکي رهيو هو ته صاحب اچي پٺيان بيٺو ۽ سندس پٺي ٺپري چيائين، ”شاباش بابا! تون پاس آهين!“
سنڌ مدرسي ۾ علي خان ابڙي شاندار رڪارڊ قائم ڪيا. هر امتحان ۾ پهريون نمبر. ويندي بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ امتحان کان ايم. اي تائين سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر. غور ڪريو بمبئي يونيورسٽي معنيٰ سنڌ، گجرات، راجستان، بمبئي ۽ مهاراشٽر. اڳ ۾ ڪنهن به هندو يا مسلمان اهڙو رڪارڊ قائم نه ڪيو هو. بمبئي اهڙي ڏکي يونيورسٽي هئي جو اڌ مارڪ تان به ناپاس ڪري ڇڏيندا هئا. اتان جا فيل ٿيل وڃي علي ڳڙه ۽ پنجاب مان مئٽرڪ پاس ڪري ايندا هئا. ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا فيل ٿيل به اتان پاس ٿي ايندا هئا. الطاف حسين قادري به ائين ڪيو ۽ پوءِ مختيارڪار، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيڪريٽري ٿيو. بابو سائين غريب هئڻ سبب جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ هليو ويو. اتي نواب مهابت خان جي حڪومت هئي ۽ تعليم مفت هئي. اتي به ساڳي ڪار، هر امتحان ۾ سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر، انٽر ۾ پهريون نمبر، بي. اي پهرين نمبر ويندي ايم. اي پهريون نمبر. ههڙو ماڻهو جينيس نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو. ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ اهڙو ڪارنامو انجام ڪونه ڏنو هو. سنڌ جو هي پهريون ماڻهو هو جنهن اهڙي حيرت انگريز ڪاميابي سرانجام ڏني. هو پهريون سنڌي مسلمان هو جنهن ايم. اي پاس ڪئي. سيشن جج دريشاڻي صاحب مون کي ٻڌايو ته سندس والد شڪارپور جو عبدالعليم دريشاڻي سنڌ جو پهريون مسلمان ايم. اي هو. ائين هوندو پر علي خان ابڙي جهڙو ڪارنامو قطعي نه جو هر امتحان ۾ پهريون نمبر. سادو، سٻاجهو ۽ سچار ۽ انقلابي اهڙو جو انگريزن جڏهن کانئس پڇيو ته ”تون ڇا ڪندين ۽ ڪهڙي نوڪري کپئي؟“ ته چيائين ته، ”مان ماستر ٿيندس!“ پوءِ ته هوشياري محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ سبب جلد ئي وڏن عهدن تي پهتو. اهڙو جوشيلو جو ڳوٺ ڳوٺ ۾، ڪاڇو ڪوهستان هجي يا ٿر، اُٺ تي چڙهي وڃي اسڪول قائم ڪيائين. مونکي به پاڻ سان وٺي هلندو هو ۽ مان پنجن ورهين جو هئس. ملا اسڪول سندس ذهن جي پيداوار هئا. خانگي اسڪول به کولرايائين ۽ انهن لاءِ ساليانو معاوضو مقرر ڪرايائين. بس ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم عام ڪرايائين. اعتبار نه اچيوَ ته اڄ به ڪونڪر ڪرچات، گڏاپ، جوهي، مٺي، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري، عمر ڪوٽ، جيڪب آباد، تنگواڻي، ٺل، ڀان سعيد آباد، خدا آباد جي هندن مسلمان کان پڇي ڏسو. وري ماسترن کي به پاڻ پڙهائيندو هو. ٽريننگ ڪاليج به پنهنجي منفرد شخصيت ۾ پاڻ هو. هندن سان گهڻي پوندي هئس جو هو سندس اهڙن ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا ۽ هڙئون وڙئون سندس مدد ڪندا هئا. سنڌ ۾ جتي ڪٿي تعليم جو چرچو عام ٿي ويو. ايماندار وري اهڙو جو ماني به ڪنهن ماستر جي ڪانه کائيندو هو. سندس ايمانداريءَ جا ڪارناما بعد ۾ بيان ڪندس. سڄي سنڌ ۾ علي خان، علي خان پئي پوندي هئي. ڀلي جهانگارا باجارا ڇو نه هجن. عام طرح ’صاحب‘ سڏبو هو، پر صاحبي جو ڪو تِر به منجهس ڪونه هو. انگريز اهڙا متاثر ٿيا جو سندس باري ۾ لکيائيون ته، ”هي هڪ تصوراتي تعليمي ماهر آهي يا ته هي هڪ تبليغي جوش ۽ جذبي وارو آفيسر آهي.“ کيس ’خانبهادر‘ جو لقب آڇيائون ته پاڻ انڪار ڪيائين ته اهو ته هڪ زيور آهي. مونکي بس پنهنجو حق ڏيو ته وڌيڪ تعليم جي خدمت ڪري سگهان. حق مان سندس مطلب پرموشن ۽ اختيار هئا. ان وقت تعليم جو سيڪريٽري خان صاحب يار محمد ميمڻ حيدرآباد وارو هو. تنهن وجهه وٺي پنهنجي مائٽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ کي لقب ڏياريو، جنهن صاحب ماستر محمد صديق مسافر جي لکڻين تي ڌاڙا هڻي پنهنجي نالي ڇپرايون. اها ڳالهه منهنجي روبرو علامه ڊاڪٽر دائود پوٽه مرحوم، جو الله لوڪ ماڻهو هيو، محمد صديق ميمڻ کي هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ چئي. مان ان وقت پندرهن سورهن سالن جو هئس ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس.
بابي سائينءَ جي ايمانداريءَ جي ڳالهه پي ڪيم. اُٺ تي سيڌي جي پيتي ساڻ هلندي هئي. دال ڀاڄي تي گذارو ڪندا هئاسين. اسماعيل بورچي هو ۽ صاحب خان جانوري خيرپور ميرس، نائيڪ هو. مون به ائين سنڌ جي هر ننڍي شهر جو ڊاڪ بنگلو ڏٺو ۽ رهيس. شام جو بندوق کڻي گهمڻ نڪرندا هئاسين. ڳيرا يا سهو ماري ايندو هو. جنهن جو ٻوڙ پچندو هو ۽ پٽيوالا به خوش ته گوشت کائڻ نصيب ٿيو. سفر ۾ يا ريل ۾ ڪو ماستر صاحب ڊڳڙيون ۽ ٻوڙ کڻي ايندو هو ته اول ان کي پئسا ڏئي پوءِ کائيندو هو. هڪ لڱا ڪو ماڻهو بدڪن جو ٽوڪرو اسان جي ڳوٺ سانگي ۾ ڇڏي ويو. بابو ان وقت گهر ۾ ڪونه هو. لڙي ٽپهري اچي ٿي ۽ اسين ٻار پيا ٽپا ڏيون ته بدڪون ڪهي پچايو ته کائون، پر امان هيسيل هئي. چيائين ”خبردار! متان ڪنهن پکيءَ کي هٿ لاتو آهي.“ بابو آيو ته تپي ڳاڙهو ٿي ويو، ڪاوڙ ۽ غصو ماريندو هو. رڳو ايتري پڇيائين ته پکي ڪٿان ۽ ڪنهن آندا آهن؟ ٻڌي چيائين ته ”نه کپن انهن کي کولي ڇڏيو!“ پکي ويچارا پر ڀڳل يا ٽنگ ڀڳل هئا، سي ڳوٺ جي گهرن ۾ هليا ويا ۽ ماڻهن هر گهر ۾ ڪهي کاڌا، اسان وٽ اهو ئي ساڳ پڪو. امان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. چئي ڏنائين ته پکي ته ساڳيو ڪسجي ۽ کاڄي ويا. پاڻ جواب ڏنائين ته شڪر ڪر ته تنهنجن ٻچن جي پيٽ ۾ حرام جي هڏي ڪانه وئي.
اسان جڏهن لاڙڪاڻي لڏي آياسين ته غريباڻو گذر هو. مينهون پنهنجون هيون ان ڪري کير مکڻ تي گذر هو. مڇي ماني يا ٻوڙ ماني وارا هئاسين ته به ٻيون ضرورتون آهن ئي آهن. امان آفيسر جي زال هئي. کيس رڳو هڪ موچارو وڳو هو ۽ منهنجن ڀينرن کي به هڪ هڪ وڳو هو جو پيتيءَ ۾ بند رهندو هو. جڏهن ڪي مايون يا ڪا ئي آفيسر جي زال ايندي هئي ته امان ۽ اديون ڀڄي ان ڪوٺي ۾ وينديون هيون ۽ گهنجيل وڳو پائي، پگهريل منهن کي ٽوال سان مهٽي ٻاهرنڪري، آيلن جو آڌرڀاءُ ڪنديون هيون. نه سرخي نه پائوڊر نه صابڻ. صابڻ هوندو هو ته ’پان ڇاپ‘ ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ. هڪ دفعي پاڙي ۾ هڪ ننڍو آفيسر مختيارڪار عبدالڪريم منگي اچي رهيو هو. اچڻ ساڻ وهنجڻ لاءِ صابڻ اسان کان گهريائين. مان پاڻ وڃي ’پان ڇاپ‘ صابڻ کيس ڏنو جو ڏسي موٽائي ڏنائين. چيائين ته بابا وهنجڻ جو صابڻ کپي. پِيئرس هجي يا لڪس ئي هلي ويندو. اچي امان سان ڳالهه ڪيم مون ته ڪونه سمجهيو پر هوءَ سمجهي وئي، ۽ چيائين ته وڃي چئوس ته اهڙو صابڻ اسان وٽ ڪونه آهي.
سندس ننڍو ڀاءُ عبدالحميد منگي جنهن کي حمڙو سڏيندا هئاسين منهنجو دوست ٿيو ويو. انهي معرفت مونکي شهري طور طريقا معلوم ٿيا. اهو عبدالحميد منگي اوورسيئر جو اسپيشل ڪورس ڪري ايس.ڊي.او ٿي ويو ته رشوت جو رڻ ٻاري ڏنائين. يار ويس ۽ کلمک هئو باقي هر ڪمزوري ۽ فعل منجهس هو. ظاهر ۾ قميص سلوار ۽ ڦاٽل بوٽ، آفيسرن ۽ ماڻهن ڏيکارڻ لاءِ ته مان ايماندار آهيان، هوڏانهن منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال انجنيئري ۾ ڊگري وٺي اسسٽنٽ انجنيئر ٿيو ته ڏيک شهزادن جهڙو ڏيندو هو. سٺا فل سوٽ، سٺو فرنيچر، سٺو بورچي، مهمان نواز ۽ پنهنجو شان ۽ مان. ميرپور خاص ۾ هو ته وٽس هڪ سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو ٿلهن شيشن جي عئنڪ سان آيو، واٽر ڪورس ڀڳل هوس، سو ڪمال مٿس گرم ٿي ويو. هن گهڻو ئي چيس هر قسم جي خدمت ڪنداسون ته ڪمال ويتر ڳاڙهو ٿيو ويو ته مان پاڻيءَ تان رشوت نه وٺندو آهيان جو ٻين جون زمينون سُڪائي توکي پاڻي ڀڃي ڏيان. ماڻهو سياڻو هو سو اٿيو ڪونه، کل ڀوڳ ۽ دنيا جي ڳالهين ۾ لڳي ويو. آخر ۾ چيائينس ته منهنجي دعوت کاءُ انهي تي هائو ڪيائينس. وري ان ماڻهو چيس ته ڀاڀيءَ کي به وٺي اچجائين. اتي ئي ٺپ جواب ڏنائينس. هن وري زور ڀريس ته چيائين ته تنهنجي زال پاڻ اچي منهنجي زال کي دعوت ڏئي ته پوءِ ڏسي وٺبو. هو ڪو استاد هو سو هلندي چوندي ويو، ته ”مار! ابڙا ڪي ڏاڍا نڪ وارا آهن.“ ويو ته مون ڪمال کان پڇيو ته اهو ڪير هو؟ مان تن ڏينهن کپري ۾ جج هئس. چيائين ڄام صادق علي هو. پوءِ ته ڄام صاحب سان ڏاڍي گهاٽي دوستي ٿي ويس، جا پڇاڙي تائين قائم رهي. جڏهن ڪمال 1979ع ۾ گذاري ويو ته ڄام صاحب لنڊن مان مونکي فون ڪري عذر خواهي ڪئي ۽ اهو به چيو ته سندس ڀاءُ ۽ پٽ به تڏي تي اچي عذرخواهي ڪندا. اهو هو فرق بابا جي تربيت ۽ خانداني روايت جو.
ٻيو واقعو بابا جو ياد ٿو اچيم جو بدڪن کان به وڌ هو. هڪ رات امان سان ڳالهه ڪيائين ته اسڪولي ٻارن جون يونيفارم قميصون سبائڻيون آهن سو ڪمون سرهيو درزي کي ٽي آنا في قميص ٺيڪي تي ڏنيون اٿم. امان وٽ مشين هئي سو چيائين ته مونکي ٺيڪي تي ڏي! سختي سان انڪارڪيائين ته اهو غلط ڪم آهي ائين نه ٿيندو. امان ٻيو ڌڪ هنيو. چي ”ڇو؟ ٺيڪو آهي، مان ٻي آني قميص سبندس!“ اتي ويچار ۾ پئجي ويو. چيائين پهرين درزيءَ کي چوندس ته ٻه آنه وٺي، انهيءَ انڪار ڪيو ته پوءِ توکي. اهو 1930ع جو ذڪر آهي. جڏهن اسين لاڙڪاڻي ۾ ڪرمان باغ ۾ مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هئاسين. ٻئي ڏينهن صبح جو امان خيالن ئي خيالن ۾ خوش. اسان کي چيائين ته هزار ٻيانيون ڪيترا پئسا ٿيندا؟ حساب ڪري ڏٺوسين ته سوا سؤ رپيا. خوش. ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي چي ’هل ايترا پئسا!‘ پر فڪر ۾هئي، شام جو بابا ڪپڙن جا ٿانَ اچي آڏو ڦٽا ڪيس. چي درزي ٻي آني ۾ اصل نٿو مڃي. پوءِ ته امان ڏينهن رات ڪم کي لڳي وئي. گهر ۾ نوڪرياڻي مائي جنان ٽي رپيا ماهوار تي رکيل هئي سو امان به ڪم پورو ڪري سوا سو رپيه وٺي ايرينگ پاڻ به ٺهرايا ۽ ٻنهي ڌيئرن کي به ٺهرائي ڏنائين. سون هو پندرهن رپيه تولو. مزي جي ڳالهه اها آهي ٿي جو ڪجهه ڪپڙو بچائي امان اسان ٽن ننڍن پٽن کي ٽي ٽي چڍيون به ٺاهي ڏنيون. چڍيون ڇا، پٽاپٽي ڪڇا هئا. بابا جو ڏٺو، سو اچي ڪاوڙيو. چي ”هيءَ سرڪار سان بي ايماني آهي.“ امان به پاڻ جهلي نه سگهي چي، ”هي ڇا! ڪهڙي بي ايماني؟ ٽڪرا ٽڪرا بچيا سي ڳنڍي ٻارن کي چڍيون ٺاهي ڏنيون اٿم. درزي به گهر کڻي وڃي ها. پر هاڻي به ٻارن کان لهرائي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ٿي ڏيان ۽ وڃي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪراءِ!“ بابا مشڪي ويٺو ۽ چيائين ”ائين آهي ته پوءِ ٺهيو!“ اهڙا هئا ايماندار آفيسر. اڄ ته ڌاڙا ٿا هڻن. اسان اهو سڄو رونشو پئي ڏٺو ۽ تربيت ورتي. گهر جي تربيت ۽ ماحول وڏو اثر ٿو رکي. اڄڪلهه وڏا وڏا بحث پيا هلن ته تعليم جي معيار ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن. ماستر جوابدار آهن يا شاگرد يا تعليم جو نصاب. سائين پناهه علي شاهه جو تعليم جو سيڪريٽري هو تنهن مون کان اهو سوال پڇيو جو گورنر وٽ ان بابت ميٽنگ هئس. مون ٺيڪ جواب ڏنومانس ته ”اول ڏوهه مائٽن ۽ ماءُ پيءُ جو.“ ماٺ ٿي ويو، چيائين ”جمال سچ ٿو چوين!“
اڄ ٻار ٻاهر ٿو نڪري ته مائٽ ٿا چونس ته، ”پِيٽ ڪي آنا، پِٽ ڪي نه آنا!“ پوءِ ٻار به بددماغ، بدمزاج نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ پڙهڻ ڇڏي وتن جهڳڙا ڪندا. اسان کان ته ڪا سهَو پوندي هئي ته امان ڪُٽي رکندي هئي، وڃڻي جي ڳنيءَ سان ڪٽيندي هئي يا ڪپڙن ڌوئڻ جي سوٽيءَ سان پر خبرداري اهڙي ڪندي هئي جو ڌڪ چيلهه کان هيٺ هڻندي هئي ته متان ڪو اولو سولو ڌڪ نه لڳي وڃيس. اڄڪلهه چون ٿا ته ٻار کي مار نه ڪڍجي پر اسان وٽ ته پهاڪا آهن ته ’مار سنوار آهي‘ يا ’ننڍڙو ٻار مڇ جو وار، جيئن ورائينس تيئن وري!‘ هي انگريز به اصول ٺاهي، آزمائين اسان تي. مون پاڻ ڏٺو آهي ته پنهنجن ٻاهر کي اونڌو ليٽائي، ٻنڊڙڻ تي ڪٽيندا آهن، اڄڪلهه ته ٻارن کي مانٽيسري اسڪولن ۾ مٽيءَ ۽ گپ سان کيڏڻ ڏين ٿا.
ائين ڪونهي ته اسين غريب هئاسون پر گذر غريباڻو هو ۽ ڏيکاءَ به اهڙو ڪيو ويندو هو، نه ته بابي جي پگهار پنج سؤ رپيا مهينو هئي ۽ سڄي تر ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته خچر ناڻي جو هر مهيني ۾ سانگين وٽ اچي ٿو. چور به گهڻا ايندا هئا، پر اسان جا ڪجهه سانگي به سجاڳ ۽ ڏاڍا مڙس هوندا هئا. ان ڪري چور پري کان هڪ ٻه گهوٻاٽو اڇلي ڀڄي ويندا هئا. اسان جي وڏي ماڙي هوندي هئي جا ڪوهه پنڌ کان ڏسڻ ۾ ايندي هئي. تن ڏينهن جا پنج سئو رپيا توهان سوچي نٿا سگهو ته ڪيڏي وڏي رقم هئي. ماڻهو چوندا هئا ته غريب کي هڪ سئو ملي وڃي ته جيڪر شادي ڪري وٺي. اٽو چانور پنهنجا هئا. گوشت ڇهين آني سير، بيضا ساڍا چار آنا ڊزن. ٻڪرو پنجن رپين ۾. مون خود 1961ع ۾ سجاول ۾ ٻڪرو پندرهن رپين ۾ ورتو ۽ گوشت ڏيڍ رپئي سير. ڪپڙو ٻي آني وال. هونئن ته کير وڪڻبو ئي ڪونه هو. چئبو هو ته ’کِير آ پِير‘، مفت ۾ ڏئي ڇڏبو هو. خود لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيتي کير ڇهه پئسا ٻه آنا سير ڏيندا هئا، سو به يارهين تاريخ مفت، يارهين واري ’پِيران پِير‘ جي طفيل. اسان جو روزانو خرچ ٻارهن آنن کان وڌ نه ٿيندو هو. ڪڏهن رپيو سوا ٿيو ته بابا، امان کان پڇندو ته بيگم هيترو خرچ! وري حساب ڏسي چپ ٿي ويندو هو. نوڪرياڻي جي پگهار ٽي رپيا مهينو ۽ نوڪر جي ڏهه ٻارنهن رپيا جن مان هو پنهنجو خرچ به ڪندو هو ته ڳوٺ ٻارن کي به موڪليندو هو. لاڙڪاڻي ۾ گهر جي مسواڙ ڏهه پندرهن رپيه مهينو. سو به پڪو ۽ وڏو گهر نه ته ننڍا ۽ غريباڻا گهر ٻين ٽين رپئي ۾ ملندا هئا. بوٽ ٻه کان پنج رپيه، ترڪي ٽوپي ٻه اڍائي رپيه. ٻي ڪا ضرورت هئي ڪانه . لاڙڪاڻي ۾ اليڪٽرسٽي 1931ع ڌاري آئي، بل مهيني ۾ ٻه رپيا، ريڊيو، ٽي وي ته پئدا ئي ڪونه ٿيا هئا.
توتاري وارو چاٻيءَ تي فونو نڪتو ته اسان 35 رپين ۾ ورتو. پوءِ ته اوڙي پاڙي جون زائفائون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيندا هئا. عجب لڳندو هئن ته پيتي ڪيئن ٿي ڳائي، کسڙ ڦسڙ ڪندا هئا ته اندر ڳائڻو لڪي ويٺو هوندو ٻيو ڇا. رڪارڊ ٿالهيءَ جهڙا وٺي اچبا هئا. جيوڻي، مائي الهه رکي، استاد بيبو خان، سونو خان، مٺو ۽ سهگل جا رڪارڊ گهڻو هلندا هئا. چاٻي ڍري ٿيندي هئي ته ماڻهو چوند هئا ته ڳائڻي جي نڙي ويهجي وئي آ. ڪجهه لوڻ ڪڻا چوسڻ لاءِ ڏيوس. رهڻي اهڙي سادي جو ڊرائنگ روم ۾ کٽون وجهي هنڌ وڇائي ڇڏبا هئا. ڊرائنگ روم ۾ وري ڪهڙو، گهر جي وچ ۾ هڪ هال (صفحو چئبو هو) هوندو هو. عام سٺن گهرن جو نقشو اڪثر هيئن هوندو هو:
دروازي جي کاٻي پاسي پائخانو، غسل خانو ۽ نلڪي جي دڪي ۽ ساڄي پاسي بورچي خانو ۽ اڱڻ ۽ پوءِ ورانڊو ۽ ورانڊي کان پوءِ صفحو ۽ ڪمرو اوطاق ڪم ڪري آڻبو هو.
هي ٻارنهن سئو يا پندرهن سئو فوٽن جو سٺو گهر هوندو هو. هال ۾ ڪٻٽ لڳل هوندا هئا. مٿان ڪوٺو ۽ ڪمرو ۽ ان مٿان ٽپڙ. سڄي گهر ۾ ڇت جو پکو رڳو هال ۾ لڳل هوندو هو. ان ڪري ڏينهن جو سمهبو به اتي ئي هو. رات جو سڀ ٽپڙ کڄندا ڪوٺي تي، زال مڙس وڃي ٽپڙ تي سمهندا جنهن لاءِ ڪاٺ جي ڏاڪڻ لڳل هوندي هئي. مهمان طائيءَ کي رستي تي کٽ وجهي سمهاربو هو. ٻاهر گندي پاڻيءَ جي حوضي هوندي هئي جنهن مان روزانو ميونسپالٽيءَ جا ڀنگي اچي دٻن سان پاڻي ڪڍي ويندا هئا، هر ڀنگيءَ کي گڏهه گاڏو مليل هوندو هو جنهن مٿان ڊرم رکيل هوندو هو. اها هئي سُکي شهري زندگي، هڪڙو ماڻهو ميونسپالٽيءَ پاران پندرهن ويهه ڪئا مار کنيون گهٽي گهٽي ۾ هوڪو ڏيندو هو، ته ڪوئا مار وٺو. ٻئي ڏينهن ڦاٿل ڪوئا ۽ ڪوئا مار وٺي هليو ويندو هو. شام جو ميونسپالٽي جو ماڻهو ايندو هو. جيڪو رستن گهٽين ۽ ڪنڊن وٽ فانوس ٻاري ويندو هو. گاسليٽ به ميونسپالٽيءَ جو. اهڙا هوندا هئا بندوبست: لاڙڪاڻو ننڍو شهر ويهه، پنجويهه هزار آبادي جو هو. شهر کي آسانيءَ سان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي پيو، سيئو بازار يا بندر روڊ مکيه درمياني رستو هئو ۽ اڃا آهي سيئو بازار جي اولهه ۾ گهڻو ڪري مسلم آبادي، جاڙل شاهه ۽ قائم شاهه جون درگاهون ۽ وڏن ماڻهن جا بنگلا نما گهر، اسڪول، اسپتال، سرڪاري آفيسون ۽ بنگلا هئا. مسلم مدرسو جتي مسلمان شاگرد پڙهندا هئا ۽ ان جي بلڪل سامهون رستي جي ٻئي ڀر سول اسپتال هئي. هاڻي اتي گرلس هاءِ اسڪول آهي. ان سان لڳو لڳ تجر باغ آهي. ان ۾ هڪ تجر آهي، جتي چيو وڃي ٿو ته نواب وٺي محمد لغاري کي امانت طور دفن ڪيو هئائون، پوءِ لاش ڪڍرائي حيدرآباد کڻي ويا. پوءِ اهو ريجهو باغ ٿيو.
چون ٿا ته اهڙي ڪالرا پئي جو مٽ مائٽ بيمارن کي ڇڏي هليا ويا. شهر خالي ٿي ويو پر ڊاڪٽر ريجهو مل نه ويو ۽ هر غريب غربي جي سندن گهرن ۾ وڃي بنا معاوضي خدمت ڪيائين. آخر پاڻ به ان موذي مرض ۾ وٺجي گذاري ويو، ۽ سندس اهڙين خدمتن عيوض تجرباغ جو نالو مٽائي ريجهو باغ رکيو ويو ۽ سندس سنگ مرمر جو پتلو ٺهرائي اسٽيشن روڊ جي چوڪ تي هڻايو ويو، عبدالفتاح ميمڻ وڪيل جي گهر سامهون جو گهر اصل ۾ ديوان پيسو مل آوتراءِ جو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستاني مسلمانن اسلامي جذبي ۽ جوش هيٺ اهو پتلو ڀڃي ڇڏيو ۽ ريجهو باغ کي مسلمان ڪري جناح باغ ڪري ڇڏيائون. اسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏي ريجهو باغ مان لنگهي ريلوي لائين ٽپي ويندا هئاسين ته ڊاڪ بنگلو ۽ پوءِ خالي منزل گاهه ميدان ملندا هئا. جڏهن محمدي صاحب ڪليڪٽر ٿي آيو ته منزل گاهه ۾ آفيسر ڪرڪيٽ راند کيڏندا هئا. اتي قلعي نما ڀڳل ڀت جا به آثار هئا. هاڻ اتي سول اسپتال آهي. پريان ڀٽن جا بنگلا ۽ نواب امير علي خان لاهوري جو لاهوري محلو ۽ بنگلو هئا. اها به مسلمان آبادي هئي. نواب لاهوري وڏو اثر رسوخ وارو ماڻهو هو ۽ جيترو قت چاهيائين ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ رهيو ۽ جنهن کي وڻندو هئس ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊائيندو هو. سندس هڪ هٽي منهنجي وڏي ڀاءُ شمس الدين ابڙي اچي ٽوڙي جو اڃا نوجوان ڇوڪراٽ هو ۽ تازو عليڳڙهه مان ايم. اي، ايل ايل بي ڪري آيو.
نواب امير علي خان لاهوريءَ جي خاص ماڻهو حاجي محمد ڇٽل سومري کي فاش شڪست ڏئي گهڻي ۾ گهڻا ووٽ کڻي ميمبر ٿيو. ڪرشمو گڏيل چونڊن جو هو ۽ هندو ووٽ کيس جهجها مليا. پوءِ ته تولاڻين سان ٺاهه ڪري پاڻ وائس پريزيڊنٽ ۽ ڀرپداس تولاڻي پريزيڊنٽ ٿيا. پنجواڻي، تولاڻين جا مخالف هئا، انهن کي به وڏو ڌڪ لڳو، پر پنجواڻي ڀائر آنند ۽ رام پنجواڻي منهنجي ڀاءُ سان سنگت نڀائيندا آيا. سندن ننڍو ڀاءُ ڌنراج عرف ڌنو وري منهنجو دوست هو. آنند ۽ ڏنو ويڙهاڪ هئا، پر رام ڏاڍو سنجيدو ۽ ڏات ڌڻي هو. پوءِ فل ايڪتا ۾ به ڪم ڪيائين. سيئو بازار جي اوڀر ۾ هندو محلا هئا، ڍڪ بازار، ٺاٺارڪي بزار ۽ جيلس بزار ۽ هندو سيٺين ۽ ديوانن جا سٺا وڏا ڪشادا گهر ۽ ماڙيون هيون، پر اتي به قادرين جو پاڙو، سرهين جو پاڙو، گوشت مارڪيٽ، قافلي سراءِ، علي گوهر آباد، مراد واهڻ ۽ محمد پور ۾ مسلمان محلا هئا. دڙي محلي ۽ نوان تڪ وچ مان هڪ واٽر ڪورس هوندو هو. اڄوڪي سٽي ٿاڻي پٺيان جانورن جي اسپتال ۽ ڀنگين جو پاڙو هو ۽ ان پاڙي ۾ اسين به رهياسين. هڪ هندو جو دڪان ۽ ڪاٺ مڏي اتي ئي هئا. سيئو بزار جي ڇيڙي تي هڪ وڏو تلاءُ پرائمري اسڪول ۽ بولس باغ ٽاور وارو هوندا هئا. صفا ڇيڙي تي ڊاڪٽر پوهو مل ۽ عالمچند جي اسپتال ۽ گهاڙ واهه جو واهه جو نظارو هو. شيوا منڊلي ۽ لئبريري به اتي هئا.
گهاڙ واهه مان هڪ پئسي ۾ پتڻ اڪري هن ڀرگيان باغ ۾ وڃبو هو. واهه ڙي سيٺ گيانچند واهه. ٻاهر رهندي به اهڙو سهڻو باغ ۽ بنگلا ٺهرايائين جو ڇا ڳالهه ڪجي! لاڙڪاڻي جي گُهٽ ۽ گرمي ۾ گيان باغ جي وسيع لان تي پهچبو هوته تراوت اچيو ويندي هئي. تهه خانو به عمر ۾ پهريون دفعو مون اتي ڏٺو. خانگي ملڪيت هوندي به باغ ۽ تهه خانو عام خاص لاءِ کليل هوندا هئا. وري سيٺ ڇا ڪيو جو لان ۾ هڪ ديو جيڏو اليڪٽرڪ پکو هڻائي ڇڏيائين جيئن عام ماڻهو پگهر سڪائن ۽ فرحت وٺن، اڄ اهڙا ماڻهو الائي ڇو ناپيد ٿي ويا آهن.
لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪجي ۽ چانڊوءَ جي ڇاپ (شاپ) جو ذڪر نه ڪجي ته ڄڻ لاڙڪاڻي آيو ئي ڪونه . ڍڪ بزار ۾ کٻي هٿ تي ٻه ٽي دڪان ڇڏي ’سيٺ چانڊو مل جي ڇاپ‘ هئي. سڄي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اها ڇاپ مشهور هئي، ڇاپ جو مالڪ سيٺ چانڊو مل پاڻ پنهنجي سر ڇاپ تي پلٿي ماريون ويٺو هوندو هو. بدن ۾ تمام ڳورو هو، ان ڪري اٿ ويهه پاڻ نه ڪندو هو. پٽن، پوٽن ۽ نوڪرن تي رڙو رڙ لڳي پئي هوندي هئس. ٿولهه ڪري نڙي ويٺل هوندي هئس. سڀ ڪنهن سان واقفيت دعا سلام ۽ هٿ جوڙ جي واٽ هئس. ڄڻ ته بازار مان لنگهندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کي ذاتي طور سڃاڻندو هو. سڏ ڪري مٿي عزت سان ويهاريندس. حال احوال پڇندس ۽ ضرور خريداري ڪرائيندس. جي خريداري نه ڪندو ته ٻڪ کٽمٺڙن جو مفت ۾ زوري ڏيندس. چي ٻچن کي کارائجان خالي هٿين ڪيئن ويندين. ائين چانڊو جي ڇاپ تان ڪو به سکڻو نه موٽندو. ڇاپ ڇا اڄڪلهه جو سپر اسٽور هئو جتان هر شيءِ بوٽ گنجي جوراب ٽوپي تائين هر شيءِ ملندي هئي. بابا سدائين سندس ڇاپ تي هلندو هو. اگهه مناسب، شيءِ سٺي ۽ مکياري. نه وڻيوَ ته موٽائي ڏئي وڃو! اصل منهن نه گهنجائيندو. هلندي ويل چوندو وري پير ڀرجو ۽ ٻارن کي هڪ هڪ ٽافي به ڏئي ڇڏيندو. ڏاڍو پيارو ۽ مٺو ماڻهو هو، پاڻ گذاري ويو ته اهو ساءَ نه آيو. جيتوڻيڪ ڌنڌو ۽ گراهڪي ڄمائي ويو هو ... پر ماڻهوءَ ماڻهوءَ ڦير، هر گل جي پنهنجي خوشبوءَ.
چانڊوءَ جي خوشبوءَ ڪنهن مان نه آئي. ائين ڪراچي صدر ايلفي ۾ جميءَ جو اسٽور هئو. پاڻ خواجو هو پر کلمک چرچائي، طنز مزاح جو ڪوڏيو، هر وقت سندس دڪان تي نوجوانن ۽ شاگردن جو ميڙاڪو هوندو هو. کل ڀوڳ ٽهڪڙو لڳو پيو هوندو هو. ڄڻ دڪانداري سان واسطو ئي ڪونه هئس، لٽ لڳي پئي هئي. پاڻ چوندو هو ’کڻي وڃ! پسئا اچي ويندا، ڀولو ڪونهي.‘ اهڙا ماڻهو به ناپيد ٿي ويا. الائي ڇو وري ڄمن ئي نٿا. مائرون ته اهي ئي آهن باقي معاشري ۽ سماج کي الائي اڏوهي کائي وئي آهي الائي ڪو واءُ ئي ٻيو وريو آهي.
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه)
اتي ئي صدر ۾ هڪ ٽريڊ يونين سوشلسٽ، هَنگل جو دڪان هو. ان سان به ڪچهريون ٿينديون هيون، واهه جو مخلص ماڻهو هو.، پاڪستان ٺهڻ کان گهڻا سال پوءِ مان ۽ تاج محمد ابڙو سڪ ڪري هَنگل جي دڪان تي وياسين ته هڪ مهاجر درزي ويٺو هو. کانئس هنگل جو پڇيوسين ته سندس دل به ڀرجي آئي ۽ چار چڱا اکر هَنگل لاءِ ڳالهايائين، چيائين ’هَنگل ته هليو ويو بمبئي! الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندو، پر مونکي هي دڪان مفت ئي مفت ۾ ڏئي ويو!‘ هنگل جي دڪان ڀرسان ئي دڪان هوندو هو ٽيلر ماسٽر ڊسوزا جو، مان سوٽ ان کان سبرائيندو هوس. سالن کان پوءِ وٽس وڃبو هو ته هڪدم سڃاڻندو هو ۽ ’باس‘ چئي مخاطب ٿيندو هو. پٽ کي لنڊن درزڪي فن جي سکيا لاءِ موڪليائين جو اتان ڊپلوما وٺي آيو، ڊسوزا خوش هو پر پٽس اهو ٻوٽو ڪونه ٻاريو ، نه اها محبت ۽ قرب نه اها آڌرڀاءُ ۽ انگريزن واري خاموشي ۽ رکائي، گراهڪي وئي گهٽبي ۽ ڊسوزا به گذاري ويو. هاڻي ڪَنگ پيا رڙن. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي پنهنجي خوشبوءَ.
ڀرسان ئي ٻيو دلچسپ ماڻهو هئو تلسي. اتي ئي درزڪو دڪان هئس. درزي، فنڪار هو. سبندو رڳو قميصون هيو. ڪاليجي دور ۾ ته اسان کان اٺ آنا يا هڪ رپيو سلائي وٺندو هو. پوءِ جو مان 1971ع ۾ ڪراچي ۾ جج ٿي آيس ته سندس فن جي ڌوم هجي. قميص جي سلائي پيو وٺي ٻه سئو رپيا ته بشرٽ جي چار سئو رپيا، مان بيخبري ۾ کيس ٻه بشرٽون ڏئي آيس. قميص جو به ٽرائل وٺندو هو. قميصون کڻڻ ويس ته وٽس فتح محمد سومرو ايس پي ويٺو هو جو ادا شمس جو گهاٽو دوست هو. ان سان گهرائپ سان ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. پوءِ تلسي کان قميص جي سلائي پڇيم ته چيائين ”چار سئو رپيا!“. بيهوش ٿيڻ جي ڳالهه هئي، پر کلي چيومانس ”تلسي ڇڏ چرچا، توکان هڪ رپئي ۾ قميص سبائي اٿئون هاڻي ٿو ٻه سئو رپيا گهرين!“ چيائين ”بادشاهه ڪهڙي زماني جي ٿو ڳالهه ڪرين!“ نيٺ مون ويهه رپيا ڪڍي ڏنامانس ته وائڙو ۽ حيران ٿي پئسن ۽ مونکي ڏسڻ لڳو. اتي فتح محمد سومري سڏ ڪري ڪجهه ڪن ۾ چيس ته تلسي جواب ۾ چيس ته، ”اصل ٺپ آنيسٽ؟“ هن چيس ”هائو! هائو!“ مون کان ويهه رپيا وٺي چيائين ”جمال صاحب جي آنيسٽ آهين ته پوءِ ٺهيو، پراڻو گراهڪ آهين، ڀئو ڪونهي هليو اچجانءِ!“ تلسي نه رڳو فن جو ماهر پر هڪڙو سنت ماڻهو هو، ڏينهن ڏٺي جو گراهڪن سان ڳالهائيندي، ڊريسنگ روم ۾ وڃي ويهي رهندو هو ۽ گهڙي رکي موٽي ايندو هو. فتح محمد جو يار هو، ان ٻڌايو ته اندر وڃي ڪنتريءَ جي چڪي چاڙهي ٿو اچي.
هڪ ڏينهن منهنجي ويٺي ئي ان وقت جو چيف منسٽر ممتاز علي خان ڀٽو پنهنجي سر وٽس دڪان تي آيو ۽ پنج ڇهه بشرٽون سندس اڳيان رکي چيائينس ته ”هي لنڊن ۽ هانگ ڪانگ مان آنديون اٿم پر مزو نٿو اچي. آلٽر ڪري کولي ٺاهي ڏي!“ تلسي چيس، ”پنج سئو رپيه هڪ هڪ جا لڳندا!“ ممتاز صاحب چيس ”استاد تون بس ٺاهي ڏي!“ هڪ دفعي عبدالله ميمڻ جو ان وقت اڃا ڊپٽي سيڪريٽري هو، مون سان گڏ هو، عبدالله صاحب چيلهه جي تڪليف ڪري ڪجهه ڪٻو ٿي هلندو آهي. کيس ڏسي، تلسي جو اندر جو فنڪار جاڳي پيو. مونکي پاسيرو چيائين ته ”چئينس ته مونکان سفاري سوٽ سبائي ته سندس عيب نظر ڪونه ايندو!“ کيس اها آنڌ مانڌ هئي. نيٺ عبدالله صاحب منهنجي چوڻ تي کيس ڪپڙو وٺي ڏئي آيو. عبدالله صاحب اها بشرٽ ۽ پتلون پائي سيڪريٽريٽ ۾ آيو ته هر ڪو پيو کيس چوي ته، عبدالله ڪهڙو جادو ٿيو. هو به کلي جواب ڏئي ته ”اهو جادو تلسيءَ جو آهي.“ تلسي موڊ ۾ هوندو هو ته مونکي سنت تلسيداس جا بيت به ٻڌائيندو هو، جنهن مان اندازو لڳائبو هو ته پاڻ به سنت منش هو. هڪ دفعو پٽس مونکي دانهن ڏني ته هو کيس فن نه ٿو سيکاري سو تون چئينس. مون تلسيءَ کي چيو ته هڪو ٻڪو ٿي ويو. چيائين ”جمال صاحب هي پيارجو پورهيو آهي، شرڌا کپي شرڌا، نه ته ڪيئن سکندو؟“ مون چيو تلسي ”اهو ڀڳوان تي ڇڏ، تون پنهنجو ڪرتب ڪر باقي ڀڳوان تي ڇڏ، اهو ئي منجهس شرڌا ۽ پيار اتپن ڪندو.“ قائل ٿي ويو ۽ پٽ سان مٿو کپايائين پر خوش ڪونه هو. چيائين، ”جمال صاحب ڪلجڳ ۾ شرڌا ڪٿان ايندي!“ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند جو باٿ آئلينڊ ۾ منهنجي گهر اچي ٺڪاءَ ڪيائين. ڏاڍو پريشان هو. چيائين تنهنجي دادلي کي پوليس وٺي وئي آهي، چي اسين هندو ماڻهو، سهي جي کل، ٻيو ڪاڏي وڃان، تون ۽ تنهنجو يار عبدالله ڪيئن به ڪري پٽ ڇڏائي ڏيوم، هٿ پير هلائي ڏينهن وچ ۾ سندس پٽ ڇڏائي ڏنوسين، ويچارو بيڏوهي هو، خود پوليس به اهو مڃيو پر هڪ وڏي آفيسر جي مٿس ڪاوڙ هئي.
جڏهن تلسي مري ويو ته سندس پٽ، جنهن کي منهنجو دادلو سڏيندو هو، ان مون کي اطلاع به ڪونه ڪيو. ان ڳالهه جو اڄ به ارمان اٿم. وري تلسيءَ جي دڪان تي ڪونه چڙهيو آهيان. اها منهنجي ڪمزوري آهي. دل جهلي نه سگهندو آهيان. منهنجا تمام پيارا دوست تاج محمد ابڙي ۽ غلام النبي سومري جو منهن به ڪونه ڏٺم. مير علي احمد خان جو جسد لنڊن مان آيو ۽ مان ٽنڊي مير محمود حيدرآباد پهتس. ماڻهن جا انبوهه هئا ۽ مير صاحب مرحوم جو منهن ڏسڻ لاءِ هر ڪنهن کي اچڻ نه ٿي ڏنائون، مونکي ٻه ٽي دفعا چيو ويو پر مان نه ويس. نيٺ مير خادم حسين صاحب آيو ۽ چيائين ”توهان هلو!“ مون هٿ جوڙي چيومانس ”سرڪار جيڪو هشاش بشاش، کلندڙ مرڪندڙ چهرو منهنجي دل ۽ ذهن ۾ محفوظ آهي سو رهڻ ڏيو!“ چيائين ”سچ ٿاچئو!“ مٿان چيم ته ”هن صديءَ جي وڏي ۾ وڏي مير صاحب جي جنازي ۾ شرڪت ئي منهنجي لاءِ سعادت آهي“ ته آبديده ٿي ويو.
ڳالهه پي ڪيم ته ضرورتون محدود هونديون هيون، خوشحالي اها ليکبي هئي ته هنڌ، کٽولا ۽ ٿانوَ گهڻا هجن. چوندا هئا ته سائين فلاڻي وٽ ڀلي پنجاهه سٺ مهمان اچي وڃن ته به ٻئي اڳيان هٿ ڪونه ٽنگيندو. گهر مان ئي پورت ڪندو. کير، مکڻ، ڪڪڙ پنهنجا هوندا هئا. مهمان کي به مکڻ ماني ۽ کير چانور ڏبو بس! ڇا جا ٻوڙ پلاءُ چاشنيون. شادي مراديءَ تي به رڳو هڏي ڀت جون ديڳيون لهنديون هيون. سهرا ڳيچ عورتون پاڻ ڳائينديون هيون. موٽر لاري ڪونه هئا. بيل گاڏي، ڇڪڙا ۽ ڪجاوا ايندا هئا ته رنگ لڳي ويندا هئا. ويهبو کٽ يا نُک تڏي تي. اتي ئي ڀت ملندو ۽ اوڳرائي ڏئي اٿبو. ڪپڙو لٽو سادو، گوڏ ۽ صدري. صدري معنيٰ ٽيڊي بشرٽ يا اڃا به ٻيڙن واري گنجي چئوس ته بهتر. سلوار ڪو ڪو سبرائيندو هو. پوءِ ان ۾ اڳٺ وجهي سُوٽي، ڪليءَ تي ٽنگي ڇڏبو ۽ مهل موقعي يا ملاکڙي تي پائبو. جُتي ذات نه. هر ڪو پيرين اگهاڙو! ڳوٺاڻا ميهڙ ويندا هئا ته پيرين اگهاڙو پنڌ ڪري جُتي لٺ ۾ ٽنگي، لٺ ڪلهي تي کڻي هلندا هئا. پوءِ ميهڙ ڀرسان اچي ته ڪڪول واهه تان هٿ منهن ۽ پير ڌوئي جتي پائي شهر ۾ گهڙندا هئا. موٽندي وري ساڳيو حال. باقي گهر ۾ اَن جو پليون ۽ گنديون ڀريون پيون هونديون هيون ته گهر ڌڻي ۽ گهر ڌياڻي خوش.
صبوح جو سوير هر گهر مان جنڊ پيهڻ جو آواز ايندو هو. مايون جنڊ هلائينديون هيون ۽ جهونگارينديون به هيون ”اغثني يا سيدا، رس مير محمد تون نبي!“ ڪيڏو غربت وارو سادو ۽ پيارو ماحول هو. سارين جي مڇي ته مشهور آهي. سارين جي کيت مان مڇي پڪڙي ايندا هئا ٻوڙ ڀاڄي ٿيندو هو، نه ته بصر ڀڃي ان سان ماني کائي ڇڏبي هئي.، ماني عام طرح غريب غربو، جوئر يا ٻاجهر جي کائيندو هو. اسان جي گهر ۾ ڪڻڪ جو اٽو ۽ ماني هوندي هئي ته اها به رشڪ جي ڳالهه هوندي هئي. امان مار ڏيندي هي ته پرچائڻ خاطر ڪڻڪ جي ماني جو ٽڪر کاري هيٺان ڪڍي هٿ ۾ ڏيندي هئي ته خوش ٿي ٽپا ڏيندا مانيءَ کي چڪ هڻندا گهٽيءَ ۾ کيڏڻ ويندا هئاسين. ٻين ٻارن وٽ جوئر جو سڪل ٽڪر هوندو ته پاسو وٺي هٻڪندي چوندو، ”مون سان مٽائيندين!“ اسين به خوشيءَ مان جوئر جو ماني ٽڪرو وٺي ڪڻڪ جو هن کي ڏيندا هئاسين. مَٽ خاطر اسان کي جوئر وڻندي هئي ۽ هنن کي ڪڻڪ، مونکي حيرت آهي ته اڄ جي مائرن کي شڪايت آهي ته ٻار بسڪيٽ، ٽافيون، چاڪليٽ ۽ کير مکڻ نٿا کائن. شايد شين جي گهڻائيءَ سندن دل کائڻ کان ئي کٽي ڪري ڇڏي آهي. اسان وٽ چانور سڳداسي ۽ گيهه جي داڳ سان ٺهندا هئا. ٻين گهرن ۾ گمب ڀت يا پٽڙو ڀت بنا گيهه جي ڪنگڻي چانورن جو ٺهندو هو. عيد ڏينهن غريب غربا فخر وچان چوندا هئا ته ”اسان وٽ اڄ ڪڻڪ جي ماني ۽ ڇڙيا چانور ٺهيا آهن.“ اهو هو رضا تي راضي رهڻ ۽ خوش رهڻ. عيد لاءِ سَيون هٿ سان دلي جي تر تي ٺهنديون هيون. زائفن جو پاڻ ۾ چڱو قرب ۽ ڀائيچارو هوندو هو. رلهي يا سوڙ سبڻ ۽ سَيون ٺاهڻ تي گهڻيون زائفون اچي گڏ ٿينديون هيون. پوءِ ڪم به پيو هلندو، ڳالهيون کل ڀوڳ ۽ ٽهڪڙا به پيا پوندا هئا، اڄ ته هڪ گهر ۾ چار عورتون سوڻيون موڻيون وتنديون ۽ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ ۽ پچر ۾ پوريون هونديون.
روڪڙ جو به رواج ڪونه هو. هر شيءِ ان داڻن تي ملندي هئي. فقيرفقرو به لپ ان جي وٺي روانو ٿي ويندو هو، واڍو ۽ حجام به فصل لهڻ تي پنهنجي پاٽي يا ٽويو وٺي ويندا ۽ موچي به. پوءِ سڄو سال حجامت، کٽون ٺوڪڻ، جُتي ٺاهڻ سڄو سال مفت، واڻيو شيون کڻي ايندو ته رونشو مچي ويندو. هر ڪو ان لپ يا ٻڪ يا جهول اَن سان ڀري ايندو. پوءِ لائِي، کنڊ ڀڳڙا ۽ ڀڳڙا وغيره وٺي هر ڪو پيو ٽپا ڏيندو. واڻئي کي جهل پل ڪانه هوندي هئي. زائفون واڻئي کان پڙدو به ڪونه ڪنديون هيون. واڻيون سڏبو ئي هو ’راڄ جي نياڻي‘. هوندا به اهڙائي هئا. واڻئي کي ڪارو ڪرڻ جي به نيت يعني رسم رواج نه هئو. ائين واڻيو آزاديءَ سان گهر گهر شيون وڪڻندو، گڏهڙيءَ تي خرزين اَن جي ڀري هليو ويندو هو.
جهل پل اسان ٻارن کي به ڪانه هوندي هئي. جهنگ ۾، ٻني ٻاري ۾، کوهه تي، واهه تي پيا ڊوڙون پائيندا هئاسون، ۽ ڀنڀوريون جهليندا هئاسين. ڀنڀورين جا به مختلف قسم. ڪي حجام، ڪي لال ڪنوار ته ڪي ڇا. شام جو مڇر ڪاري مٿي تي اچي گڏ ٿيندا. پوءِ ڪانو ڪؤڙي تيل ۾ ڀڄائي مٿي مٿان ڦيرائيندا رهندا هئاسين ته مڇر تيل کي لڳي مري ويندا هئا ۽ سڄو ڪانو مڇر ئي مڇر ٿي ويندو هو. اهو ڪانو ڦٽو ڪري وري ٻيو ڪانو کڻبو هو. اتي اچي اوندهڙي به ٿيندي هئي، پوءِ مائرن ۽ وڏڙن جا سڏن مٿان سڏ. ايئن ڏينهن گذرندو هو ۽ ڇيڪ آزادي سان پيا ڪڏندا هئاسون. اڄڪلهه جي ٻارن کي ته گهر جي در مان نڪرڻ نٿا ڏين. ويچارا موڙهل، موڳا ۽ تيسر ٿيو پون. البت کڏ ٿي وڃڻ کان سختيءَ سان منع هوندي هئي ته متان ابهم ڌڪو کائي ٻڏي نه وڃي. هڪ ڏينهن آرهڙ ۾ ڌر تتيءَ جو جڏهن امان ۽ ٻيا منجهند مهل سمهي پيا ته مان وڃي کڏ ۾ گهڙيس. ڪنارن تي جتي پاڻي ننڍو هو اتي ٻين ٻارن سان گڏجي پاڻيءَ کي لڙاٽو ڪري هٿن سان مڇيون پڪڙيون سين. پوءِ ته امان اهڙي مار ڏني جو اڄ تائين ياد اٿم. دونهون به ڏنائين. جڏهن توبهه ڪيم تڏهن ڇڏيائين. روئي روئي اڌ مئو ٿيس. پرچان ئي نه. نيٺ امان پاڻيءَ ۾ کنڊ ملائي شربت ٺاهي، ماني ٽڪر هٿ ۾ ڏنم تڏهن وڃي چيتو جاءِ ٿيم ۽ امان سان پرتس، وري اهڙي جو اهڙو پر کڏ تي وري نه ويس.

2

ڳالهه پي ڪيم بابي سائينءَ جي اخلاق ۽ ڪردار جي، وڃي ڳوٺاڻين ڳالهين تي پيس، ڳالهيون تي اڃا لک ڪروڙ ... پر اچون ٿا موضوع تي. منهنجي مائٽن جي ڳالهه ڇڏيو. ست ڌارين جي ڳالهه تي اعتبار ايندؤ نه؟ مان چڱو ٽٻر چوڏهن پندرهن سالن جو هجان ته رستي تان چار پنج ماڻهو پي ويا. مان سندن پٺيان هجان، هڪڙي اسان جي گهر ڏانهن اشارو ڪري چيو ”هي ڪنهنجو گهر آهي؟“ منجهائن ٻئي چيو ته ”هن زماني ۾ ڪو اصحابي (حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم) هوندو؟“ پوءِ اهو سوال ڪري پاڻ ئي جواب ڏنائين ته ”ڪو اصحابي شخص ڏسڻو اٿوَ ته وڃي علي خان ابڙي کي ڏسو!“ سندس بيان تي خود مان حيران ٿي ويس ۽ بابا جون عادتون، اطوار، طور طريقا ڌيان سان جاچڻ لڳس. ڏٺم ته واقعي منجهس ڪا وِڏ ڪانه هئي. وقت جي پابندي اهڙي جو ڄڻ پاڻ گهڙيال هو. منٽ منٽ جو قدر ۽ پابندي. ويندي کاڌي جي به پابندي. انگور مليس ته به ڳڻي داڻا کڻندو. ماني ٻوڙ مان ته ڪڏهن وِڏ ڪانه ڪڍيائين. جيڪي مليس سو صبر ۽ شڪر سان کائي ويندو. پنهنجو هر ڪم پاڻ ڪندو. ڪنهن سان به ڪاوڙ ته ٺهيو پر شوڪ ڦوڪ به ڪانه ڪيائين. بردبار، وڏ گڙدو، مددگار، اصول پرست، خوبيون ڳڻائي ڇا ڳڻائجن.، هڪ درويش منش هو. هندو مسلمان سان هڪجهڙو. ڪو ڦند ڦير نه. بڇڙي کي بڇڙو چئي ڏيندو هو. ڪو ماستر صاحب نالائقيون ڪندو هو ته ان کي گهرائي صاف صاف چوندو هو ته تو ۾ هي اوڻايون آهن، سي دور ڪر نه ته توتي قدم کڻندس. پوءِ جڏهن قدم کڻندو هو ته ڄڻ پٿر جي ليڪ. ڇا به ٿي پوي ته ان کي نه مٽائبو. منتظم به واهه جو هو.
ميرپور خاص ۾ عثمان علي انصاريءَ کان چارج وٺي گورنمينٽ مدرسي هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿيو. وڏي هاسٽل هئي جنهن جي مٿان پرنسپال جو بنگلو هو، هاسٽل کي لوهو دروازو هو جو سج لٿي مهل بند ڪري تالو هڻي ڇڏيندا هئا. مسٽر حافظ صادق ۽ نصرپور وارو مولوي قادر بخش صاحب هاسٽل جا منتظم هئا سي انصاري صاحب جي ساراهه مان نه ڍاپن. چي ”سائين ڊسيپلن اهڙو آهي جو ڪو ڇوڪرو سج لٿي کان پوءِ هاسٽل کان نڪري ئي ڪونه!“ کلي چيائين ته ”تالو لڳائي ڇڏيندا ته ڪوئي ڪيئن نڪرندو؟ ڊسيپلين ته اهو آهي ته دروازو کليل هجي پوءِ به ڪوئي ڪونه نڪري. سڀاڻي کان تالو ڪونه لڳندو!“ ٻنهي سخت مخالفت ڪئي ته سائين سڄو نظام درهم بدرهم ٿي ويندو. ڇورا کري ٻهر ٿيندا ۽ اسين ڪنٽرول ڪونه ڪري سگهنداسون، پاڻ ڏاڍي اعتماد سان چيائين ته ائين ڪونه ٿيندو. اعلان ڪرايائين ته مغرب جي نماز هاسٽل جي ڪمپائونڊ ۾ باجماعت پرنسپال پاڻ پڙهائيندو. سڀ شاگرد وضو ڪري حاضر هجن جو حاضري پوندي. نماز پڙهائي ٻه ٽي نصيحتون ڪري اعلان ڪيائين ته هاسٽل کي تالو ڪونه لڳندو. جنهن کي به ٻاهر وڃڻو هجي سو منتظم يا مانيٽر کي اطلاع ڪري ڀلي هليو وڃي. ائين ئي ٿيو. رڳو پٽيوالي آدم کي گيٽ تي ويهاري ڇڏيائين ته جيڪو به ٻاهر وڃي يا موٽي اچي ان جو نالو ۽ اچڻ جو وقت نوٽ ڪري ڇڏي. عشاء نماز به بدستور پاڻ پڙهائيندو رهيو ۽ ننڍو ليڪچر به ڏيندو هو، علم بابت ۽ چڱائي بابت، حاضري به لڳندي هئي. مجال آ جو ڪو غير حاضر رهي. باقي جيڪي بنا اجازت ٻاهر ويندا هئا يا دير سان موٽندا هئا، تنهن جي رپورٽ کيس روزانو ملندي هئي. انهن کي گهرائي رڳو اهو ٻڌائيندو هو ته توهان فلاڻي وقت نڪري ويا ۽ فلاڻي وقت موٽي آيا ۽ کلي پڇندو هئن ته ڪٿان ڪٿان گهمي آيا، ڪهڙا ڪارناما ڪيوَ ۽ ڪيئن ڪنهن غريب غربي جي مدد ڪيوَ. ڇوڪرا حيران پريشان ۽ شرمندا ته پرنسپال کي ته سڀ خبر پئجي وئي. آهستي آهستي اهڙو ڊسپلين قائم ٿي ويو جو ڪو به کليل در مان ڪونه نڪرندو هو ۽ آدم ويٺو ڍڪر کائيندو هو. ڇوڪرن کي پڪنڪ تي به پاڻ وٺي ويندو هو. سڄي اسڪول جا ڇوڪرا چار پنج سئو ڄڻا لارين يا ريل ۾ چاڙهي، سيٺين يا زميندارن جي اوطاق تي! اڳواٽ اطلاع مطابق ماني جو توڙي گهمڻ ڦرڻ جو انتظام ٿيندو هو. سڄو ڏينهن گهمي ڦري رانديون ڪري شام جو موٽي اچبو هو. ٻيو ته ٺهيو پر سردار مير الهداد خان ٽالپر جو ڪروڙ پتي هوندي به ڏاڍو پڪو هو، ان کان به جهلوريءَ اسٽيشن ڀرسان جمڙائو واهه تي ديڳيون لهرايائين جتي تڙڳي تري، ماني کائي شام واري گاڏيءَ ۾ بنا ٽيڪيٽ موٽي آياسون. بنا ٽڪيٽ انهيءَ ڪري جو جهلوري جهڙي ننڍڙي اسٽيشن تي ايتريون ٽڪيٽون هيون ئي ڪونه، اسٽيشن ماسٽر پنهنجي بيوسي ٻڌائي. بابا سڀني ڇوڪرن کي چيو ته بنا ٽڪيٽ چڙهي پئو، جڏهن ميرپور خاص اسٽيشن تي لٿاسون ته ڇوڪرن جو انبوهه اچي گيٽ وٽ گڏ ٿيو. جتي بابو بيٺو هو. ڇوڪرا ٿورو پريشان ٿي چوڻ لڳا ته هاڻ ڇا ٿيندو. بابا مشڪندي چين ته اڏامي وڃو. پوءِ ته ڇوڪرا گيٽ مان ڌُو ٻاهر. ڪي ته ڀتين تان ٽپي ويا ۽ ٽڪيٽ بابو وائڙو ٿي ٿڙندو ٿاٻڙندو پاسي ٿي، رونشو ڏسندو رهيو. جڏهن سڀ ڇوڪرا نڪري ويا ته بابا پاڻ اسٽيشن ماسٽر وٽ ويو. کيس سڄي صورتحال ٻڌائي ۽ سمجهائي. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پر اسڪول ۾ ٻئي ڏينهن هر ڪنهن مزو وٺي اها ڳالهه پي ٻڌائي.
ان ڏينهن جهلوريءَ وٽ جمڙائو ۾ مان ٻڏس. مونکي ترڻ ڪونه ايندو هو پر بابا جي همٿائڻ تي ڪناري ڪناري ٿاڦوڙا هڻندو رهيس ته ائين ترڻ اچي ويو. رڳو سائيڪل هلائڻ وانگر ٽنگون هلائڻيون ٿيون پون ۽ گڏوگڏ ٻانهون. مون سمجهيو ته مونکي ترڻ اچي ويو، سو ڇا ڪيم جو اڪيلو بنهه اڪيلو جمڙائو مان نڪرندڙ هڪ شاخ جي پل تي بيهي سوچيم ته ٽپو ڏئي پاڻي تي ٿاڦوڙا هڻي ڪناري تي هليو ويندس. ابا کڻي جو ٽپو ڏيان ته ڌُو تري ۾. ٻه ٽي دفعا هيٺ مٿي ٿيس ۽ ٻه ٽي سير پاڻي به پيٽ ۾ هليو ويم. سمجهيم ته بس هي آخري وقت آهي، اجهو مئس ۽ هڪ لحظي لاءِ سڄي دنيا جي فلم اکين اڳيان اچي ويم. پهرين پهرين جو خيال آيم سو امڙ جو. ذهن ڏاڍي تيزي سان ڪم پئي ڪيم. مون حياتيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي ته مون ڪڏهن حوصلو نه هاريو آهي. سو سوچيم ته پير و واهه جي تري تي لڳن ته زور سان پاڻ کي ڌڪو ڏئي ڪپر طرف ڪيان. ٻه ٽي دفعا ايئن ڪيم ته ڪير هٿ لڳم۽ ڪپر کي جهلي منهن ٻاهر ڪڍيم ۽ خوب آڪسيجن ڦڦڙن ۾ اماڻي ٻاهر نڪري پٺ تي ليٽي پيس. پوءِ چپ چاپ اچي ٻين ڇوڪرين ڀرسان جمڙائو جي ڪپ تي ويهي رهيس. ڇوڪرا جمڙائو ۾ لهڻ لاءِ پيا چون پر اصل نه لٿس. منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال، به پيو مونکي چوي ته ”ادا لهه پاڻيءَ ۾!“ پر مان ته ٻڏڻ مرڻ جو ذاتي تجربو ڪيون ويٺو هئس، سو اصل ڪونه ٿي لٿس. ائين ڪندي ڪندي ڪمال جو هٿ به ڪپر مان نڪري ويو. سو ٻه ٽي گهوتا (غوطا) کاڌائين ۽ رڳو سندس مٿي جا وار هڪ ٻه دفعو ڏسڻ ۾ آيا. بابا ان مهل اتي ڪونه هو ۽ ٻئي ڪنهن ۾ کيس هٿ وجهڻ جي همت ڪانه هئي. نيٺ ته ڀاءُ هو، چوندا آهن ته ’رت دانگيءَ تي به ورندو آهي‘ چُپڙي ڪري واهه ۾ ٽپو ڏنم، مون هڪ هٿ ڪپر جي گاهه ۾ وجهي ٻئي هٿ سان ڪمال جي مٿي جي وارن کي پڪڙي گهليو. پاڻيءَ ۾ ماڻهوءَ جو وزن ڏاڍو گهٽ ٿو ٿئي، سو جهٽ کيس گهلي مٿو مٿي ڪيومانس ته ڊگها ڊگها ساهه کنيائين. اهو به پاڻي کان نڪري پٽ تي ليٽي پيو. وري نه پاڻيءَ ۾ گهڙيو. جيئن نيم طبيب خطره جان تيئن سيکڙاٽ به خطرو ئي خطرو. جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو ان کي مورڳو کاريندو. سيکڙاٽ پاڻ لاءِ به خطرو، ٻين لاءِ به خطرو. اهڙو جوکم جو ڪم ڪجيئي نه، جيسين مهارت حاصل نه ڪجي. بهرحال منهنجي حاضر دماغيءَ مون کي به بچايو ته ڪمال جي حياتي به بچائي. بابا سان اصل ڳالهه ڪونه ڪئيسون. هيءَ 1940ع جي ڳالهه آهي. جڏهن مان پندرهن سورهن سالن جو هئس ۽ ڪمال تيرهن چوڏهن سالن جو. ڪمال جا هم ڪلاسي هئا ڏيپلي جا ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ. هيڏي حادثي کان بيخبر، بابا ڏاڍو خوش هو ته شاگرد اجتماعي طور، بنا ڀيد ڀاؤ جي ڳوٺاڻو ماحول ۽ کيت ڏسي گهمي پاڻ وندرائي ۽ ڪجهه پرائي آيا.
ايئن شاگرد سندس چيچ ۾ ٻڌجي ويا. ڪرڪيٽ ميچ جي ڪامنٽري ٻڌڻ لاءِ انگل ڪري ڇوڪرا وٽس ويندا هئا، ته سائين رامچند ميرچنداڻيءَ جي سفارش تي سڄو ڏينهن اسڪول جي موڪل ڪري ڇڏيندو هو. موٽ ۾ ڇوڪرن کان گهر ڪندو هو ته پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهيو ۽ مئچون ڪرايو. ڪرڪيٽ ۾ نصرپور جو قاضي عطا محمد واهه جو ڪرڪيٽر ٿي نڪتو. انهن کي انعام اڪرام ڏيندو هو. ڇوڪرا ساڻس محبت ڪرڻ لڳا. ايترو جو جڏهن رٽائر ڪيائين ته ڇوڪرا روئي ويٺا ۽ سڏڪا ڀريندا رهيا. هڪ واقعي ته ڇوڪرن تي ڏاڍو اثر ڪيو، هڪڙو ننڍو ڇوڪرو هاسٽل جي مٿين ماڙ تان ڪري بيهوش ٿي ويو پاڻ کيس کڻائي سول سرجن وٽ ويو ۽ روئي ويٺو. ڇوڪري جي جيرو ڦاٽي پيو هئو. جو ماڻهو پنهنجي پٽ جي موت تي نه رنو، سو ٻئي ڇوڪري جي زخمي ٿيڻ تي روئي ويٺو. صبوح شام سندس بستري ڀرسان وڃي ويهندو هو. نيٺ مهيني کن ۾ ڇوڪرو ٺيڪ ٿي موٽي آيو. سول سرجن ڊاڪٽر سونپار، جنهن جي ڌيءُ ڪملا اسان سان گڏ مئٽرڪ ۾ پڙهندي هئي، تنهن صاف چئي ڏنس ته خانصاحب هن کي اسان جي دوائن نه پر تنهنجي دعائن بچايو آهي، الله جي نيڪ بندن جون دعائون الله اگهائي ٿو.
ٻيو هڪ واقعو ٿيو جنهن سندس ڏهڪاءُ ۽ دٻدٻو وڌائي ڇڏيو ۽ ٻين لاءِ سبق ثابت ٿيو. ڇا ٿيو جو ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪمشنر ان وقت مسٽر غلام دستگير پانڌياڻي هو. ڪليڪٽر اڇي ڪاري جو مالڪ هو. کيس اولاد ڪونه هو سو پنهنجو ڀائيٽيو پٽ ڪري پاليو هئائين. ان سندس ڀائٽي ڪجهه اهڙيون حرڪتون ۽ نازيبا عمل ڪيا جو ان کي ريسٽيڪيٽ (نيڪالي) ڪيائين. پانڌياڻي صاحب جيڪو هڪ نالي وارو کڙپيل ۽ حاڪماڻي انداز جو ماڻهو هو، سو تپي باهه ٿي ويو. چي ”هي ڏيڍ بالشت جو پرنسپال سو ٿو مون سان مذاق ڪري!“ ڏاڍا زور هلايائين. دڙڪا، دهمان، جيڪي ڪجهه کانئس ٿي سگهيو، سو ڪيائين پر بابا جي ڪن تي جونءَ به ڪانه چري، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي ڪانه ٿي هئي. نيٺ ضلعي جو معزز ۽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ خانبهادر غلام النبي شاهه وٽس آيو. هو ڏاڍو چتر، سياڻو ۽ بردبار ماڻهو هو. ان به ڏاڍيون مرليون وڄايون ۽ آخر ۾ لوڪل بورڊ طرفان مالي مدد بند ڪرڻ جو به دڙڪو ڏنو، پر وريو ڪجهه ئي ڪونه . بابا جو اهو ئي جواب ته ”لوڪل بورڊ طرفان امداد جو معاملو الڳ آهي ۽ هيءُ اسڪول جو انتظامي معاملو آهي. ان ۾ ڪنهن کي مداخلت ڪرڻ جو حق ئي ڪونهي.“ هوڏانهن پانڌياڻيءَ صاحب ۽ سندس ڀائٽي جي داڙ ٻٽاڪ ۽ گارگند به هليو اچي. ڇوڪرا ۽ ٽيچر صاحب وائڙا ۽ حيران ته هي ٿئي ڇا پيو؟ سو چميگويون اسڪول ۾ گشت ڪرڻ لڳيون ته اجهو هيئن ٿو ٿئي يا هيئن ٿو ٿئي، نه ته پرنسپال صاحب پاڻ ئي هليو ويندو يا بدلي ٿي ويندو. پر بابا زور ڪري روزانو انهيءَ رستي سان ڪليڪٽر جي بنگلي اڳيان اڪيلو ئي اڪيلو (مون سان گڏ) گهمڻ نڪرندو هو. مجال آ جو سندس اخلاقي جرئت کي لوڏو آيو هجي! ياد رهي ته بابا ٻارهن مهينا موڪل تي رهيو هو، جو کيس دل جي تڪليف ٿي پئي هئي. جنهن ڪري سندس ئي درخواست تي فيلڊ جاب مان ڪڍي هڪ هنڌ ئي پرنسپال جو جاب ڏنو هئائونس. جتان عثمان علي انصاري جهڙي اثر رسوخ رکندڙ آفيسر کي ڪڍي بابا کي رکيو ويو هو. تڏهن به ڪا پرواهه ڪانه هئس. نه ڊپ ته رستي تي سيرڪندي ڪليڪٽر جي بنگلي آڏو ڪو مٿس حملو ڪندو يا بي عزتي ڪندو. اخلاقي جرئت جو به پنهنجو هڪ ڏهڪاءُ آهي. نيٺ انهيءَ معاملي جي نبيري لاءِ سندس بالا آفيسر خانبهادر غلام علي نانا جو سنڌ جي تعليم کاتي جو سربراهه هو سو ڪراچي کان ڪهي وٽس هلي آيو، پر ان کي به انڪار ڪيائين. چيائينس ته ”تون پاڻ تعليمي ماهر آهين ۽ بالا آفيسر به، ان ڪري تنهنجي عزت ڪارڻ رسٽيڪيشن جو آرڊر واپس وٺي، اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ ٿو ڏيانس ته جيئن ڇوڪرو ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي تعليم حاصل ڪري!“ ائين اصول تي سوديبازي ڪرڻ کان سواءِ معاملو سلجهائي خانبهادر نانا جي به عزت رکي، جنهن پاڻ به ڪليڪٽر کي سمجهايو ۽ پنهنجي نموني ڇينڀ به ڪڍي. ائين سندس عزت ۽ وقار ۾ اڃا به اضافو آيو ۽ نٺر داداگير شاگرد به سندس عزت ڪرڻ لڳا. اخلاقي جرئت کي به پنهنجي هڪ عجيب هشمت ۽ رعب آهي جنهنجو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي.
مون کيس گهڻو تڻو لکندي يا پڙهندي ڏٺو. سندس هر ڪم وقت تي ٿيندو هو. وقت تي اٿڻ، وقت تي سمهڻ. وقت تي ورزش ڪرڻ، گهمڻ وڃڻ، وقت تي کائڻ ۽ وقت تي ملڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ. سندس پسنديده ليکڪ هئا، شيڪسپيئر ۽ پوپ، شيڪسپئر جو ته مڪمل ڪتاب رنگين تصويرن سان وٽس سفر ۾، آفيس ۾ گهر ۾ ساڻ هوندو هو. تصويرن جي ڪري مان به ٻالجتيءَ ۾ شيڪسپيئر کي اٿلائيندو پٿلائيندو هئس ۽ سندس سڀني ڪردارن جا نالا ياد ٿي ويم. پوءِ انهن ڪردارن جي سموري ڪهاڻي بابا کان سنڌيءَ ۾ ٻڌندو هئس. پوپ البت مون لاءِ ڏکيو هو ۽ مون ان ۾ دلچسپي ڪانه ورتي. ڇهين درجي انگريزي (اڄ جو نائون ڪلاس) ۾ آيس ته گولڊ اسمٿ جو ڪتاب ’وڪر آف ويڪفيلڊ‘ ڏنائين ته هي پڙهه! مونکان ڏکيو هو پر چيائين ته ”پڙهي وڃ! جيڪي انگريزي لفظ سمجهه ۾ نه اچنئي سي ڇڏيندو وڃ!“ ائين پڙهي ويس ته ڪجهه تت ذهن ۾ رهجي ويو. اڃا اهو پڙهي جند ڇڏايم ته جين آسٽن جو ’پرائيڊ ۽ پريجڊس‘ ڏنائين سو به ڳيتون ڏئي پڙهي ويس. مئٽرڪ ۾ وري ڊڪنس جو ’اي ٽيل آف ٽو سٽيز‘ ڏنائين. ڊڪنس ڏاڍي پٽاڙ ٿو ڪري، سو وِرچائي ڇڏائين. پڙهيم ته سهي پر پڙهيو نه پڙهڻ جهڙو ، موٽائي ڏنومانس. پاڻ انهن ڏينهن ۾ ’گان وٿ دَ وِنڊ‘ پڙهندو هو. اٺ جهڙو بلڪه هاٿيءَ جهڙو ٿلهو ڪتاب هو. مونکي پڪ ته ڪونه پڙهندو اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو، پر پڙهي پورو ڪيائين. مونکي وري ٿامس هارڊي جا ناول ڏنائين جن ڏاڍو مزو ڏنو ۽ پڙهڻ جي لذت اچي وئي. هونئن به سنڌي ۾ جيڪو به ڪتاب ڇپيو هو سو وٽس ايندو هو ۽ مان اهو کانئس اڳ ئي پڙهي وٺندو هوس. خاص ڪري ڪهاڻيون ۽ ناول، ٽئگور، ٽالسٽاءِ ۽ منشي پريمچند جا.
پاڻ روزانو قرآن شريف جو مطالعو تفسير سان ڪندو هو. پنج وقتو پڪو نمازي هو.حيرت جهڙي ڳالهه ته مونکي ڪڏهن زور نه ڀريائين ته نماز پڙهه يا قرآن پڙهه. البت جمعي نماز ۽ سومهڻيءَ جي نماز تي ساڻس گڏ وڃبو هو. قرآن شريف پڙهڻ سيکاريائين ۽ نماز به، شايد نفسيات جو ماهر هو سو ڪا به ڳالهه زوريءَ ڪاڪڙي ۾ ڪونه اوتيندو هو. ڳالهين ٻولهين ۾ قرآن الحڪيم جو فلسفو ۽ نماز جا فائدا ٻڌائي ويندو هو. اسلام تي، رسول ڪريم ﷺ تي ۽ سماج جي اوڻاين تي ڪيئي ڪتاب لکيائين. خاص ڪري درسي ڪتابن کي اوليت ڏنائين جيئن شاگرد توڙي ماستر صاحب لاڀ پرائين. انگي حساب، سائنس، تاريخ، جاگرافي، گرامر، ڪو به موضوع ڪونه ڇڏيائين. وڏي ڳالهه ته ان لاءِ ڪو معاوضو ڪونه وٺندو هئو. پوڪرداس اينڊ سنز شڪارپور وارا ۽ جهمٽ مل لاڙڪاڻي وارو بنا اجازت سندس ڪتاب ڇپائي پوءِ اچي کيس ٻڌائيندا هئا. هو هزارين رپيا ڪمائيندا هئا ۽ بابا خوش ته شاگردن ۽ ماسترن صاحبن جو ڀلو پيو ٿئي.
پاڻ ملا ازم ۽ پيرن جي سخت خلاف هو. ان ڪري پڪو ’وهابي‘ سڏبو هو، ڪي عالم سڳورا کانئس اهو پڇندا هئا ته هو سني آهي يا شيعو؟ ته جواب کان نٽائي ويندو هو. اسان گهر وارن کي به سني شيعي جي تفريق جي خبر ڪانه هئي، هڪ لڱا ڪن ملن ضد ڪيو ته هو کين صاف ٻڌائي ته چيائين ته ”صاف ڳالهه ته اها آهي ته مان مسلمان آهيان!“ پر ملان چون ته ’هڪ هڪاڻي ڪري چئي ڏي، رڳو مسلمان چئي جند نه ڇڏاءِ.‘ تڏهن پڇيائين ته ”حضور ﷺ جي وقت ۾ ماڻهو سني هئا يا شيعا؟“ ته پاڻ چيائون ته ”تڏهن ته رڳو مسلمان هئا.“ هڪدم چيائين ته ”مان به اهو ئي آهيان“، ڀٽائي گهوٽ کي به جڏهن اچي مريدن ۽ فقيرن ان مسئلي تي ورايو ته چيائين ته ”ٻنهي جي وچ ۾!“ چيائون ته ”ٻنهي جي وچ تي ته ڪي ڪين آهي!“ تڏهن جواب ڏنائين ته ”آهيان به ڪين!“ سر سيد احمد خان کي به جڏهن وٺ ڪيائون ته چيائين ”بابا اهو ته چوڏهن سئو سال پراڻو اليڪشن جو معاملو آهي!“ وري چيائونس ته ”ڀلا جي تون ان وقت هجين ها ته ووٽ ڪنهن کي ڏين ها؟“ ته چيائين ته ”مان پاڻ خلافت جو اميدوار ٿي بيهان ها!“ فقير عالم ۽ درويش ائين تفرقو گهٽائيندا هئا ۽ الجهڻ کان پاسو ڪندا هئا.
خيرپور جي مير هِزهائينس مير علي نواز خان، کهڙن واري مخدوم صاحب کي گهرائي چيو، ته سڀني ڌرين جي عالم کي ويهاري، هڪ هِڪاڻي ڪري فيصلو ڪرائيندو. مخدوم صاحب انڪار ڪيس. مير صاحب جڏهن ضد ڪيو ته مخدوم صاحب جلال ۾ اچي کيس ڇينڀ ڪڍي ۽ چيو، ”اڙي مير! تون ڪير ٿيندو آهين جو ههڙين جليل القدر هستين جي باري ۾ بحث مباحثا ڪرائين ۽ تيرهن سئو سالن کان پوءِ فيصلا ۽ فتوائون ڏيارين.“ ائين چئي درٻار مان اٿي ويو. ’مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ‘، سڀ مومن ڀائر، سڀ ڏي خير! ڀٽائي گهوٽ کان به جڏهن پڇ پڇ لائي ڏنائون ته چيائين ته، ”ٻنهي جي وچ تي آهيان“، چيائونس ته ٻنهي جي وچ تي ته ڪي ڪين آهي! هڪدم جواب ڏنائين ته ”آهيان به ’ڪين!“ جڏهن ’ڪين‘ جي منزل تي پهچبو تڏهن ئي ٻين لاءِ عزت، پيار، محبت ۽ قدر پيدا ٿيندو، ’علم جي ديڳ‘ ٿيڻ کان ’ڪِين جو ڪُنو‘ ڀلو. بابا وٽ ته ڪيترائي عالم سڳورا ۽ ليکڪ ايندا هئا ۽ ڪچهريون ڪري ويندا هئا. محمد اسماعيل عرساڻي، مولانا عبدالحق رباني ۽ خاص ڪري محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم وٽس گهڻو ايندو هو ۽ کانئس علمي ۽ مذهبي مسئلا سمجهندو هو. پيري مريدي تي بابا مسلسل ليک لکندو رهيو. ان وقت اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي ڇو ته پير اڇي ڪاري جا مالڪ هئا، سڱا بندي ۽ سياست ۾ به سندن وڏو عمل دخل هو. پيرجو حڪم ڪو به ٽاري ڪونه سگهندو هو. پير آڏو ماڻهو ڪِرڙيءَ جيان ڪنبندا هئا. راڻيپور وارو پير صالح شاهه، پير صاحب پاڳارو، جهنڊي وارا پير ۽ هالن جا مخدوم صاحب وڏي شان شوڪت جا مالڪ هئا.
ان وقت هڪ پير صاحب ڏاڍو اثر رسوخ وڌايو. وڏا وڏا ماڻهو، زميندار ۽ عام مخلوق ۾ سندس ڏاڍي مڃوتي هئي. اهو هئو پير آغا حسن جان سرهندي. جراحت ۽ نشتر هڻڻ لاءِ بابا قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ سندس ۽ ٻين پيرن خلاف مدلل مضمون لکيو، جنهن جو عنوان ئي رکيائين ’پِيرن جو گرو گهنٽال‘ جو الوحيد اخبار ۾ ڇپيو. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به ڏاڍا ڪاوڙيا، کَڙڪيا ۽ کُڙڪيا، بحث مباحث هليا پر بابا هڪ انچ به نه هٽيو. ڏيپلائي صاحب جو ان وقت نوجوان هو تنهن به ان موضوع تي خوب لکيو ۽ نيٺ وڃي پيرن جو رعب تاب گهٽيو. هي جو گهنڊ گهڙيال کڻي پير صاحبن جا قافلا نڪرندا هئا، ۽ خليفا نعرا هڻندا، پوش پوش ڪندا هلندا هئا ۽ ماڻهن کي گهر ويٺي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي ته پيرصاحب يا مرشد سڳورو پيو وڃي. اهو گهٽجي گهٽجي بند ٿي ويو.
سچا عالم ۽ درويش ته ماٺ ڪيون ويٺا هوندا هئا. اهڙن بزرگن فقيرن وٽ بابا پاڻ هلي ويندو هو. مونکي اهڙا رڳو ٻه درويش ياد آهن جو مان اڃا پنجن ڇهن سالن جو مس هئس، هڪ خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ميان محمود لاکير صاحب ٻوڙن وارو. ٻوڙا هڪ ڳوٺ هو. ميان صاحب نهٺو نياز نوڙت وارو سادو، کار جا ڌوتل ڪپڙا، سائي قميص ۽ گوڏ، پٽ تي ويٺو هوندو هو ۽ وڏو موحد هو. ماڻهن کي صاف چوندو هو ته ”بابا اسان ڪجهه ڪونه آهيون، نڪي اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا، سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي، ان کان گهرو ۽ نيڪ عمل ڪيو!“ بابا ميان صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو ۽ مان به متاثر ٿيو هئس. ٻيو بزرگ هو مخدوم بصرالدين صديقي سيوهڻ وارو. اهو صاحب به واهه جو هو. بابا سيوهڻ ۾ منزل ڪندو هو ته روز شام جو وٽس ويندا هئاسون. بزرگ پٺي اگهاڙو، گوڏ ٻڌيون، تڏي تي اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو هوندو هو. ڀرسان ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪاري چانهه جي ڪٽلي پئي هوندي هئس. جنهن مان بنا کنڊ ۽ کير جي پيو سُرڪيون ڀريندو هو. پاڻ اعليٰ درجي جو عالم ۽ حڪيم هو. سندس چوڻ هو ته ”اهڙي چانهه گڙدن لاءِ مفيد آهي!“ سٺي عاليشان لائبريري هئس، پوءِ ته ڪتابن تي ۽ مذهب تي علمي بحث هلندو هو ۽ مان ويٺو اوٻاسيون ڏيندو هئس.
ٻيو به هڪ بزرگ هوندو هو جنهن سان بابا جون علمي، ادبي ۽ مذهبي ڪچهريون هلنديون هيون. اهو هو پير عبدالستار جان سرهندي، جو پير آغا حسن جان جو پوٽو هو. مان تنهن وقت جوان هجان. سائين ستار جان نه رڳو عالم پر وڏو ادب جو پارکو هو ۽ باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. عربي فارسي علوم جو ماهر هو. مزاح جو به حس هئس، مونکي هڪ فارسي شعر ٻڌايائين جنهن جو مطلب هو ته ’تون پنهنجي محبوب جي هڪ ننڍڙي ڪاري تر تي مست آهين، منهنجو محبوب ته ڏس نهن کان چوٽيءَ تائين ڪارو (سانورو) آهي.‘ پير صاحب ايڏو عالم ۽ ماهر هوندو هو جو بابا جيڪو قرآن شريف جو تفسير لکيو تنهنجي تصحيح پير صاحب کان ڪرائيندو هو. ظاهر ٿيو ته بابا پيرن ۽ عالمن جي خلاف ڪونه هو پر پيرن جي هڪ هٽي، لٽ مار ۽ ڏيک ويک جي خلاف هو. مون تي به سائين فاروق جان سرهندي جي خاص مهرباني هئي ۽ قرب ڪري مون وٽ باٿ آئلينڊ، واري فليٽ تي ستر- اسي جي ڏهاڪن ۾ ايندا هئا. مون وٽائن گهڻو ڪجهه پرايو، سائين شاهه آغا سرهندي وٽ ته مان هلي ٽنڊي سائينداد ويس. پاڻ وڏا عالم ۽ درويش هئا. مون وٽن مرزا افضل بيگ ولد مرزا قليچ بيگ کي ويٺل ڏٺو. مرزا صاحب اهل شيعه جو ذاڪر هو جو سندن صحبت ۾ اهل سنت جو ٿي ويو، اهو گهٽ ڪمال نه هئو. الحاج مرزا افضل بيگ، مرحوم مرزا قليچ بيگ جو ڇهون نمبر فرزند هو ۽ وڏو عالم فاضل ۽ خوش لحان ذاڪر هو. حيدرآباد ۾ صدر جي جامع مسجد جنهن جو امام ڪاظم علي شاهه هو، اتي مرزا افضل بيگ جمعي نماز کان پوءِ سڄي جماعت کي درود سلام ڏاڍي پياري ۽ سريلي انداز ۾ پڙهائيندو هو. مرزا صاحب اهڙو ته پڪو سني ٿي ويو جو ٽنڊي ٺوڙهي، مرزائن جي پاڙي ۾، جو اهل شيعه جو ڳڙه هو، اتي اهل سنت وارن لاءِ الڳ مسجد جوڙايائين جا حيدرآباد جي تمام سهڻي مسجد آهي. مرزا صاحب جي وصيت مطابق سندس تدفين به ان ئي مسجد ۾ ٿي. خيرپور ميرس وارو اهل الله بزرگ ميان منظور حسين مدني به شيعو مذهب ڇڏي پڪو سني ٿي ويو. مولوي نور محمد جو جامع عربيه حيدرآباد ۾ سائين علي اڪبر شاهه ميهڙ واري سان گڏ ڪم ڪندو هو سو لاڙڪاڻي اچي مجلسون پڙهائڻ لڳو. مون وٽس وڃي عرض ڪيو ته مولوي صاحب ”مونکي به تلقين ڪيو ته حق جي راهه تي اچان“ ته چيائين، ”ميان جمال الدين مان شيعو ڪونه ٿيو آهيان، پر ڇاڪيان هُتي ته هئي ڪوري بک، ڪو کنگهي به ڪونه پيو، هت ماشا الله عزت آهي، ڀاڙو به ڏين، نذرانو به، موٽر ڪار آڻي در تي بيهارين، سو هاڻي ڪرت سان لڳي ويو آهيان. عزت ۽ شان الڳ. باقي نمازون اهي ئي پنج وقت پڙهان ۽ عقيدا به اهل سنت وارا اٿم!“
ذڪر پي هليو سرهندي پير صاحبن جي علم ۽ اخلاق جو. اهي سڀئي پير صاحب، ڳالهائڻ جا اهڙا مهذب ۽ شائسته جو ڀانءِ ته ويٺو ٻڌجين. دشمن يا مخالف جو ذڪر به ائين ڪندا ڄڻ ڪنهن مهربان ۽ ڪرم فرما جو ذڪر ڪري رهيا آهن. مون سائين فاروق جان کي عرض ڪيو ته ”مونکي ڪا مختصر تلقين ڪيو، جنهن مان لاڀ پرائي سگهجي“، گهڙي سوچي چيائين ”ابڙا صاحب! بس ’پاڪيزگي‘ اختيار ڪر!“ پوءِ پاڻ ئي مشڪي چيائين، ”پاڪيزگي اهو عمل آهي جو زندگي جي هر عمل، هر گهڙي تي محيط آهي. نه رڳو ڪمائي ۽ کاڌو حلال جو هجي پر سوچ به پاڪ هجي. جسم ۽ جان جي پاڪيزگي، گفتار ۽ ڪردار جي پاڪيزگي ويندي پوشاڪ جي پاڪيزگي.، ڪپڙا به پاڻ ڌوئڻا پوندئي ڪهڙي خبر ڌوٻي پاڪ پاڻي سان ڌوئي ٿو يا نه. کاڌو به هٿ جو گهر جو تيار ٿيل کائڻو پوندئي، ڪهڙي خبر بورچي پاڪ آهي يا نه ۽ هوٽل وارا پاڪ شيون استعمال ڪن ٿا يا نه، بازاري پيٺل مصالحا به پاڪ آهن يا نه؟ پاڪيزگي اهڙو گڻ آهي جو اٿڻ ويهڻ، سوچڻ، کائڻ، پيئڻ، گهمڻ سڀ خدا لاءِ وقف ٿيو وڃي“، ڪيڏي نه فصاحت هئي پير صاحب جي هڪ لفظ ۾.
ننڍي هوندي بابا کان پڇيم ته بابا دعا ڪهڙي گهرجي، چيائين ته ”الله سائين نيڪ خيال ڏي، نيڪ ارادا ڏي، نيڪ عمل ڏي!“ ڏسو ’نيڪ خيال‘ بنياد آهن، نيڪ ارادن جو ۽ نيڪ عملن جو. ماڻهو سوچ نيڪ ۽ پاڪ رکي ته پاڻهئي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذري ويندي. جيڪو مندو سوچيندو سو مدائيءَ جي ڄار ۾ وڪوڙبو ويندو، جيڪو هر ڪنهن لاءِ چڱائي سوچيندو سو سڀ مرحلا سولائيءَ سان طئي ڪندو ويندو ۽ ڪا به ڏکيائي درپيش نه ايندس. جيڪڏهن ايندس به ته سولائي سان پاڻهي ئي آسان ٿي ويندس.
مون انهيءَ سوچ ذريعي هڪڙو سونهري اصول ڳولي لڌو ته ’ڪو به، ۽ ڪهڙو به مسئلو، کڻي ڪيڏو به مشڪل هجي، پر ان جو حل خود ان مسئلي ۾ موجود آهي‘. مسئلو خود ئي هڪ مڪينزم آهي، پاڻمرادو پاڻ کي حل ڪرڻ جو. رڳو صبر ۽ شڪر اختيار ڪيو ته مسئلو پاڻهي ئي لوڻ پاڻي ٿي ويندو ۽ سندس ڦوڪڻي مان هوا ازخود نڪري ويندي. اهو فلسفو آهي صبر ۽ شڪر جو ۽ عين تفسير ”ان الله مع الصابرين“ جو. اجائي ٿٿان ڦٿان ڪري مسئلي کي مُنجهائي ڳوڙهو نه ڪيو. صبر ۽ شڪر سان چپ ڪري ويٺا الله جي ڪرڻي ڏسو! وٽائنس رڳو ’خير‘ اچي ٿو. پاڻ نه وچڙايو، هٿ ڪڍي بيهي رهو. مون ته انهيءَ اصول جون ڪرامتون ڏنيون آهن. جن به مونکي تڪليف پهچائڻ يا رنجائڻ جي ڪوشش ڪئي، تن جا ترا نڪري ويا ذليل ۽ خوار ٿيا ۽ رنج و الم ۾ گرفتار ٿيا. مثال ڪونه ڏبا.
لاڙڪاڻو گرم خطو آهي، ان ڪري اتي رواج آهي ته شام جو پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري آڳر تي يا ٿلهي تي يا ٻاهر رستي تي ڪرسيون وجهرائي ويهبو آهي. پوءِ اتي ميل ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي آهي. بابا وٽ به ائين ٿيندو هو. وٽس پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، عالم سڳورا، ماستر صاحب، هندو سيٺيون ۽ پاڙي وارا اچي ويهندا هئا. پير الاهي بخش ۽ قاضي فضل الله به وڪالت واري زماني ۾ وٽس ايندا هئا ۽ علمي، سياسي توڙي سماج سڌراڪ ڳالهين تي بحث ڪندا هئا. بابا جي اهڙي عزت ڪندا هئا جو ’خانصاحب! خانصاحب!‘ پئي پوندي هئن. بابا اٿندو هو ته پاڻ به اٿي بيهندا هئا ۽ وري موٽي ايندو هو ته وري به احتراماً اٿي بيهندا هئا. اهو ساڳيو پير الاهي بخش جڏهن تعليم کاتي جو وزير ٿيو ته بابا کي نالي سان سڏ ڪري چوندو هو ”علي خان هي ڪم ته هينئين ڪري ڇڏجان!“ بابا ڪو به جواب ’ها‘ يا ’نه!‘، نه ڏيندو هو صرف مشڪندو هو، هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف.
بابا شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهندي ڄام مير مقبول خان، سيٺ چاڳلا ۽ سيٺ ڦدو وٽ ايندو ويندو هو. ڄام مير مقبول خان آف لسبيلا ئي کيس قائل ڪيو ته ’سانگي نج ابڙا آهن، تنهن ڪري ابڙو سڏاءِ!‘ ڄام صاحب پاڻ به سمو هئو ۽ وٽس اهڙا شجرا هئا. بابا کي ’ابڙو‘ ان ڪري پسند آيو جو حاضريءَ ۾ توڙي راند ۾ الف بي جي ترتيب سان ’ابڙو‘ اول ٿي آيو. کيس ڪرڪيٽ راند جو شوق هو سو ابڙو سڏائڻ سان وارو اڳ ۾ ٿي مليس. پوءِ ته اسان جي ڳوٺ جو جيڪو سانگي پڙهيو سو ابڙو سڏائڻ لڳو. اها ڳالهه بابا مونکي پاڻ ٻڌائي، جڏهن مون اعتراض ڪيو ته اسين سانگي آهيون ته پوءِ ابڙو ڇو سڏايون. منهنجو ننڍو پٽ ساجد، جو خير سان اسٽنٽ ڪمشنر آهي ان به مون تي ساڳيو اعتراض ڪيو ته مون کيس پراڻن ڪتابن مان شجرا ۽ تاريخ مظهر شاهجهاني ڏيکاري ته مطمئن ٿي ويو ته به پنهنجي اصل ڏي موٽڻ جو کٽڪو مونکي به ۽ کيس به اڃا بيٺو آهي.
بابا جا ڀائر گهڻو ڪونه پڙهيا، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي اچي نوڪرين سان لڳا. وڏو چاچو علي نواز وڃي سنڌي ماستر ٿيو. پوءِ فقيري اختيار ڪيائين. گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائيندو هو ۽ لوهو چمٽو کڻندو هو. سچل جو سڄو ڪلام ياد هئس جو سڄي رات وڏي آواز پيو پڙهندو هو. چور ايندا هئا ته موٽي ويندا هئا ته فقير علي نواز اڃا پيو جاڳي. ٻيو نمبر چاچو غلام علي روينيو ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ نيٺ هيڊ منشي (نائب تحصيلدار) ٿيو. وڏي هلندي پڄنديءَ وارو ۽ دٻدٻي وارو آفيسر ٿيو. سندس پٽ به سڀ پڙهيا ۽ وڏن عهدن تي پهتا. چاچو شير علي ڍڪ منشي ۽ پوءِ ماستر ٿيو. وڏو پرهيزگار الله وارو بزرگ هو. ننڍو چاچو علي محمد آبپاشي کاتي ۾ ڪئنال اسسٽنٽ ٿيو. اهو به نيڪ نمازي ۽ بزرگ ماڻهو هو. سندس هڪ پٽ عبدالقادر چيف انجنيئر آهي ۽ ٻيو پٽ آبپاشي کاتي ۾ ايس ڊي او ٿيو. سڀ خوشحال ۽ مانائتا ماڻهو آهن، پر ڳوٺ سڀني ڇڏي ڏنو . اهو وڏو الميو آهي جو نوجوان شهري سهوليتن خاطر ڳوٺ کي خيرآباد چئي ٿا وڃن. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪي پٽيوالا ٿيا سي به ڳوٺ ڇڏي ميهڙ ۽ لاڙڪاڻي جا رهواسي ٿي ويا. چي ”ادا گهر پڪو آهي، لائيٽ آهي، ٻار اسڪول ۾ پڙهن پيا.، هاڻ ڪير وڃي ڇنن ۾ ويهي ۽ هر ڪاهي!“ پڪسرو گهر به وڏي ڳالهه آهي، اسان جو هڪ فقير منش مائٽ ٻاجهي ري گناهه پوليس جي ور چڙهي ويو، سو کڻي لاڪ اپ ۾ بند ڪيائونس. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ڇڏي ڏنائونس. اوطاق ۾ آيو ته سڀني خبرون چارون ورتس ته ٻڌاءِ ته جيل ڪيئن هو؟ چيائين، ”گهر پڪو هو!“
”هائو ٻاجهي؟“ چي، ”هائو، اصل پڪو، جهڙي ڦڙي کان سڪ!“ ”ڀلا ٻيو احوال؟“ چي ”ماني ٽئي وقت پيا ڏين ۽ ٻوڙ به!“ هائو ٻاجهي پوءِ ته مزو ٿيو!“ ”ٻيو نه ته! پر لسيءَ جي ٻاڙائي هئي.“ اهو هو هڪ معصوم ڳوٺاڻي جو ردعمل. ماني ٽئي وقت ملي ۽ گهر به جهڙي ڦڙيءَ کان سڪ هجي ته باقي ٻرو کپي! غريب ماڻهو زندگيءَ سان مهاڏو اٽڪايون بيٺا آهن. هنن ٻارن جي تعليم خاطر ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ مزوري مڙي ڪري پڪن گهرن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني، پر زميندار ڏاڍا دورانديش ۽ سياڻا ماڻهو آهن. هر سهوليت هوندي به ٻار کي مٿاڇرو پڙهائي شهر ڪونه موڪليندا هئا، جو وڃي مٿي تعليم پرائن. چي ”جيڪو شهر ويو سو زمينداري کان ڇٽو!“ اهو ته اکئين ڏٺوسين. جيڪي زميندارن جا پٽ يونيورسٽي ۾ آيا سي شراب، ڪباب، غنڊا گرديءَ ۾ ملوث ٿي ويا، سڄو ڏينهن گاڏين ۾ چڙهي ڇوڪرين پٺيان لوس لوس ڪرڻ ۽ پيڇو ڪرڻ ۾ لڳي ويا، ڪن ته مهاجر يا پنجابي ڇوڪرين سان شاديون به ڪري ڇڏيون. سنڌي ڇوڪري ڪا مهاجر يا پنجابي مڙس سان شادي ڪري ته اهڙي وڏي ڳالهه نه آهي. پر ڇوڪرو ويو ته خاندان ويو.
ڀرڳڙي ڪيڏو وڏو سياسي خاندان هو، هزارين ايڪڙ زمين جيمس آباد ۽ ڊگهڙي ۾ هئن. مان اسيمبليءَ ۾ سيڪريٽري هجان ته هڪ نوجوان آيو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين ته ”مان ڀَرگهڙي آهيان، جيمس آباد جا زميندار آهيون!“ مون قلم کڻي رکيو ۽ چتائي ڏسي چيم ته ”توهان جو مطلب آهي ته توهان ڀُرڳڙي آهيو!“ ذرو به ڦڪونه ٿيو، چيائين ”ها اهو ئي جيڪو توهان چيو، منهنجي ماءُ پنجاب جي آهي، تنهنڪري منهنجو تلفظ صحيح ناهي!“ مون وري به سوال ڪيو ته ”توهان به شادي پنجاب مان ڪئي هوندي؟“ چيائين ”هائو والده جي مائٽن سان!“ ائين هڪ نج قومپرست سنڌي خاندان لکن جو مالڪ، نج پنجابي ٿي ويو، ۽ هاري ناري به پنجاب مان اچي ويا. اڄ ڊگهڙي، جيمس آباد، سامارو، گولاڙچي پنجابين سان ڀريا پيا آهن، پر جس هجين جو ڳالهائن سنڌي، ٻارن کي پڙهائين سنڌي اسڪولن ۾.
ائين ديهاتي مهاجر به اسان جهڙي صاف سنڌي ڳالهائن، فرق رڳو نفرتن ۽ تعصب هٽائڻ جو آهي، شڪارپور ۾ 1956ع ۾ مان جج هئس ته هاءِ اسڪول الائي ڪاليج ۾ سنڌي تقريري مقابلي ۾ مون کي جج مقرر ڪيائيون، جنهن سنڌي تقرير ۾ پهريون نمبر انعام کٽيو سو هڪ مهاجر ڇوڪرو هو. سنڌي ٻولي کي نقصان اسان سنڌين ئي پهچايو جو اڙدو ڳالهائڻ شروع ڪيوسين. هڪ ڪراچيءَ جي مهاجر دوست مونکي چيو ته ”ڀائي مان 1949ع ۾ سنڌ آيس ۽ وڏي شوق سان سنڌي سکيس جو اها سنسڪرت ۽ برج ڀاشا کي بنسبت اڙدوءَ جي وڌيڪ ويجهي آهي، پر ٿيو ڇا جو جنهن سنڌي ماڻهوءَ سان سنڌي ۾ ڳالهائيان سو جواب ڏيم اڙدوءَ ۾!“ چيم ته، ”مان ٿيس ڪفر ۾ داخل ته ڪافر مسلمان ٿي ويو!“ ائين سنڌيءَ کي اسان پاڻ ختم ڪيو ۽ ڏوهه ڏيون پيا مهاجرن کي. مارڪ ٽيليءَ به چيو ته ”هندستان ۾ جنهن سان به هنديءَ ۾ ڳالهايان ٿو ته هو انگريزيءَ ۾ شروع ٿي ٿو وڃي، پوءِ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!“ اها سن 1975ع جي ڳالهه آهي.
تعصب ۽ نفرتون پوءِ وڌايون ويون خاص ڪري تڏهن جڏهن سنڌوديش جو نعرو هنيو ويو ۽ پوءِ سنڌي مهاجر غنڊا پيدا ٿيا ۽ نيٺ معاملو چوٽ چڙهي ويو. ان ۾ مهاجر توڙي سنڌي سياستدان ۽ ڪاموري جو وڏو ڪڌو ڪرتوت هئو. نه ته ڪلچر ۽ ٻولي ويجها ايندا ۽ هڪ ٿيندا ٿي ويا. ٿوري وقت ۾ ازخود سڀ سنڌي ٿي وڃون ٿا. هي ته ٿيا مسلمان، پر هندو ۽ اسان به ڪلچر جي لحاظ کان هڪ ٿيندا ٿي وياسون. وڏو گوشت مسلمان به ڪونه کائيندا هئا. عيب سمجهبو هو. هندو عورتون، خاص ڪري واڻياڻين، پڙو ڇڏي پاجامو پاتو، جو سلوار جي ٻي صورت هو. مٿي تي رئو پائينديون ۽ پڙدي خاطر گهونگهٽ ڪڍنديون هيون. اسين مسلمانن جا ٻار هولي، دسهڙو ۽ ڏياري ملهائيندا هئاسون ۽ ڏياريءَ جا ڏيئا ٻاريندا هئاسون. هندو عيد برات تي اچي مبارڪ ڏيندا هئا. ڏياريءَ جي مٺائي ۽ ٿڌڙيءَ جا لولا موڪليندا هئا. مسلمان، پڙهيل ڳڙهيل طبقو، عام طرح سلوار ڇڏي پاجامو پائيندا هئا. ڪي ته کاڌيءَ جي گانڌي ٽوپي به پائيندا هئا ۽ پتوئي نه پوندو هو ته هندو آهي ڪي مسلمان. سنڌي هندو گوشت عام جام واپرائيندا هئا، ان کي تيوڻ چوندا هئا. دال ۽ پاپڙ مسلمان گهرن ۾ به عام ٿي ويو.
ڀلو ٿئي مها سڀائي ۽ جَن سنگهه وارن جو، جو ويڇا وڌائي، ويڙهائي نفرتون پيدا ڪري ڇڏيائون. منهنجو وڏو ڀاءُ شمس الدين جو هميشھ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو، سو کاڌي پائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ ڪانگريسيءَ مان مسلم ليگي ٿي ويو، چي ”ڪانگريس ۽ مهاسڀا ۾ ڪو فرق ئي نه رهيو آهي.“ ڪو به ڪانگريسي وير ساورڪر جي مخالفت يا مندائي ڪرڻ وارو ڪونه هو. مون ته هڪ هنڌو دوست سيتل کي، جو پڪو ڪانگريسي ۽ اَهنسائي هو، صاف چيو ته ”ڀلا چئه ته وير ساورڪر وڏو حرامي آهي!“ ته صاف جواب ڏنائين ته ”هو به وڏو نيتا (ليڊر) آهي.“ ائين مسلمان ۽ هندن ۾ ويڇا وڌندا ويا ۽ ڳالهه وڃي گارگند ۽ جهيڙي تي پئي. جَن سنگهي جدا اَکاڙا ٺاهي ورزشون ۽ ڪسرتون ڪندا رهيا ۽ مسلمانن تي حملا ڪندا رهيا. حيدرآباد ۾ سري گهاٽ ۽ مُکي گهٽيءَ ۾ ته ڪو مسلمان وڃي نه سگهندو هو. هيرآباد ۾ ڪنهن به مسلمان کي جاءِ مسواڙ تي به ڪانه ملندي هئي. رڳو بابا کي هڪ مسلمان محمد صالح ٻچڙو پنهنجي جاءِ مسواڙ تي ڏني ته هائي دوس مچي ويو. اسان سان نوجوان طبقي جي کنئوس به هلي آئي، پر اسان جو فقيراڻو اخلاص ۽ ڪردار ڏسي چپ ٿي ويا. نيٺ اسان به جاءِ ڇڏي الهندي ڪچي ۾ کوکر پاڙي ۾ جاءِ ورتي، جتي سڀ مسلمان هئا.
هندن جو ايڏو من وڌي ويو جو ٽنڊي ولي محمد ۾، جو هيرآباد سان لڳ آهي، سلاوٽ پاڙي ۾ سلاوٽن تي حملو ڪري ڏنائون. سلاوٽ به گهٽ ڪونه هئا، انهيءَ رات ئي هيرآباد ۾ ڪن هندو نوجوانن کي جهلي چڱي ڦيهه ڪڍيائون ۽ ائين معاملو ويو وڌندو، پڪي قلعي ۾ هندو جوان سنگهٽن ڪندا هئا ۽ لٺيون ڀالا کڻي ورزشون ڪندا هئا. کوکر محلي جو سرائي اميد علي جو پڪي عمر جو هو، پنجيتاليهه -پنجاهه سالن جو، سو چار پنج مسلمان جوان وٺي بنا هٿيار، سندن ڳڙهه تي ڪاهي ويو ته هندو سنگهي جوان حشمت جهلي نه سگهيا ۽ وٺي ڀڳا. سرائي وارا کلندا موٽي آيا، پر انهيءَ واقعي کي هندن اڇاليو ته هندن تي مسلمانن حملو ڪري ڏنو آهي ۽ ڪيس به داخل ڪيائون. اهو ڪيس سالن جا سال هليو ۽ نيٺ سرائي اميد علي وارا بي ڏوهي ثابت ٿي ڇٽي ويا. مان تن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ پهرئين سال ۾، ڊي جي نيشنل ڪاليج ۾ پڙهندو هئس.
ڪاليج ۾ به منافقي ۽ ڪدورت ايڏي هئي جو مسلمان ڇوڪرا، جي اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، هندن جهڙي ڊريس ۽ گانڌي ٽوپي پائيندا هئا. هڪ مسلمان ڇوڪري کي مون السلام عليڪم چيو ته ڇرڪي هيڏي هوڏي نهاريائين ته ڪنهن ٻڌي ته ڪونه ورتو. پرنسپال پروفيسر ڀارواڻي هڪ صوفي منش، قابل، دلير، عالم، دانشور ۽ عجيب شخصيت جو مالڪ هو. مانجهند جي سيٺين مان وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. هر سال ويڪيشن ۾ لنڊن ويندو هو ۽ عاليشان انگريزي سوٽ پائيندو هو، پر شام جو گيڙو ڪپڙا پائي، يڪتارو کڻي، ڦليليءَ جي ڪناري تي سير ڪندو هو. ڪٿي آهن اڄڪلهه اهڙا ماڻهو. هڪ دفعي تاريخ تي ليڪچر ڏيندي لفظ ’ڪلچر‘ استعمال ڪيائين. هڪ ڇوڪر اٿي بيٺو ۽ سوال ڪيائين ته ”سائين ڪلچر ڇاهي؟“ هڪ گهڙي جي ماٺ کان پوءِ چيائين:
“When you have learnt all and forgotten all, the residue that remains is culture!”
هڪ جملي ۾ اهڙي مڪمل ڊيفينيشن سندس پنهنجي ذهن جي ئي پيداوار هئي. ڏسو ڇا ته چئي ويو، ”جڏهن توهان سڀ علم حاصل ڪري وٺو ۽ بعد ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو ته به جو ڪجهه توهان جي سرشت ۾ يا طبيعت ۾ يا جبلت ۾ باقي ڪجهه پاڇي رهجي وڃي، سو آهي ڪلچر!“ تازو سائين حسين شاهه راشديءَ جي دعوت ۾ ڊاڪٽر جميل جالبيءَ سان ملاقات ٿي. کيس چيم ته، ”ڊاڪٽر صاحب! توهان ڪلچر تي هيڏو سارو ڪتاب لکيو آهي ۽ آخر ۾ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيو ته ڪلچر کي ڊفائين نٿو ڪري سگهجي“ جواب ۾ چيائين ته ”بلڪل ائين آهي“ مون کيس چيو ته منهنجي پروفيسر ڀارواڻيءَ هيئن چيو هو. ايڏو سارو متاثر ٿيو، جو مونکي چيائين ته لکي ڏي! مون چيو ”هڪ جملو آهي ياد ڪري ڇڏ، مون ته چاليهن سالن ۾ ڪونه وساريو آهي!“ نيٺ مونکي راشدي صاحب جي لکپڙهه واري ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ اتي لکائي ورتائين. اهي آهن اڄڪلهه جي دانشورن جا حال جي ’تمغه امتياز‘ وٺيون ويٺا آهن.
ڳالهه ٿي ڪيم هندو شاگردن جي ڪدورت ۽ منافقيءَ جي. ڪاليج ڏي بس ويندي هئي، رش ٿيندي هئي. مسلمان ڇوڪرن کي چڙهڻ ڪونه ڏيندا هئا. ڇڙٻ ڏئي ڌڪو ڏئي چوندا هئا. ”هل ڙي ڄٽ! جاءِ ڪانهي!“ مان ته اڳ ۾ ئي چڙهيو ويٺو هوس. شڪل مان ڪير ٿو ڪنهن کي سڃاڻي ته هي مسلمان آهي، مڄاڻ پروفيسر جيٺمل پرسرام به انهيءَ بس ۾ ويٺو هو، جڏهن بس هلي ته هندو ڇوڪرن کي هشي ڏنائين ته ڀلي ائين ڪيو پر ظاهر نه ڪيو يعني اظهار نه ڪيو. مونکي ته ڄيٺمل پرسرام جي ڳالهه تي حيرت وٺي وئي ته مار هت ته کوڙي کي گهمرو آهي. هوڏانهن ڄيٺمل پرسرام تقريرن ۾ صوفي سڏائيندو هو ۽ دعويٰ ڪندو هو ته ماڻهو مونکي اڌ مسلمان ٿا چون پر ڀائي مان ٿو چوان ته مونکي سڄو مسلمان چئو. اهڙين منافقين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ هندستان ٽٽو،
هاڻ ڳالهه هلي آهي ته هندو ڀائرن جا افعال ٻڌندا هلو. ڪو مسلمان بازار ۾ دڪان ڪونه کولي سگهندو هو. جي کوليائين ته ٻڌي ڪري اگهه ڪيرائي کيس نقصان ۾ وجهي ڀڄائي ڪڍندا هئا ڪنهن مسلمان کي بي.اي، ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ به ڪلارڪي ڪونه ملندي هئي. اهڙا چالاڪ هئا جو ڪا ڪلارڪيءَ جي جاءِ خالي ٿيڻي هوندي ته اڳواٽ ئي ڪو مئٽرڪ وارو ئي هندو ڇوڪرو گهرائي ڇهه اٺ مهينا اڳ ۾ ئي ان ٽيبل تي ويهاري ڇڏيندا هئا. پوءِ جڏهن جاءِ خالي ٿيندي هئي ته صاحب کي ان ڇوڪري جي سفارش ڪري آرڊر وٺي ڏيندا هئا. پوءِ دليون جلنديون ڪِ نه؟ مون ڪو به هندو تعصب کان خالي نه ڏٺو سواءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي! ٻيو مون عجب ماڻهو ڏٺو حيدرآباد ۾، اهو هو ساڌو واسواڻي بس هيرو هو. لاڙڪاڻي ۾ به ٻه ڊاڪٽر هئا: پوهو مل ۽ عالمچند جهڙا فرشتا! ڪو ڀيد ڀاو ڪونه، هر ڪنهن جا هڏ ڏوکي عالمچند ته رڳو پيو کلندو هو. اڇوتن وٽ به وڃي سندن کٽن تي ويهي ماني کائيندو هو. ٽي ٻار هئس: هيرو، موتي ۽ پوپٽي. پڇبس ته چوندو ”ٽي پٽ هيرو، موتي ۽ پوپٽ!“ پوپٽيءَ جا وار به ڇوڪرن وانگر ڪٽائيندو هو ۽ قميص ۽ نيڪر به ڇوڪرن جهڙي پارائيندو هوس. پوپٽي ڪلاس ۾ ويهندي به اسان ڇوڪرن سان گڏ هڪ بينچ تي هئي، ڇوڪرين سان ڪانه ويهندي هئي. عالمچند جو موت به عجيب نموني ٿيو. مرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ واقفڪارن ويندي دڪاندارن وٽ به ويو ۽ کلندي کلندي سڀني کان موڪلايائين ”چي ڀائي هاڻي موڪلاڻي!“ ٽپهريءَ جو گهر اچي ليٽي پيو ۽ گهر واريءَ کي سڏي چيائين ته ”پارت اٿئي هاڻ موڪلاڻي!“ هن ويچاريءَ وٺي دانهون ڪيون ته ”ڊاڪٽر گهرايو!“ پر کلي چيائين ته “هاڻي ڊاڪٽر جي ضرورت ناهي“ ۽ ائين هليو ويو. سڄي شهر، هندن، مسلمانن، اڇوتن سوڳ ڪيو، پر هلڻ وارو هليو ويو. الائي ڪو درويش هو، الائي ڪو زهر پي انت آندائين. خبر خداوند ڪريم کي!
چڱا مڙس يا ساڌ مسلمان به ڪونه هئا، انهن کي اندر ۾ ڪِينو هئو. هندن کي سڏيندا ئي هئا ڪافر، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جا مسلمان، شب برات واريءَ عيد کي چوندا هئا ڏياٽين واري عيد. عيد رات ڏياٽيون ٻاري، لڪڙن تي اڀيون ڪري ڳوٺ کان نڪري پڌر ۾ نعرا هڻندا هئا، ”عيد عيد مشعالو، ڪافر جو منهن ڪارو!“ حالانڪه ڏياٽيون ۽ ڏيئا ٻارڻ هئي ئي هندڪي رسم. اهو ڪلچر قبول ڪري ڏياٽيون ٻاريائون ٿي، باقي نفرت جو نشانو هندن کي بڻايائون ٿي، ٻيو ته هندن جي ننگن ۾ بري نظر رکندا هئا. سو ته ايترو نصيب ڪونه ٿيندو هئن جو هڪ ته پاڻ گدلا، ٻيو هر عورت ۾ پنهنجو شيل ۽ ست قائم رکڻ ۽ ان جي رکوالي ڪرڻ جو فطري جذبو ۽ همت ٿئي ٿي. سو گهڻو مارو ڇوڪرن تي هوندو هئن ڇو ته هندو ڇوڪرا صاف سٺا، تيل ڦليل ڪيل، خاص ڪري شهري، آزاد هوندا هئا ۽ سولائيءَ سان چڪر ۾ اچي ويندا هئا. بعد ۾ عادتي ٿيڻ کان پوءِ ته واجهه وجهندا وتندا هئا. اسان سان گڏ هاءِ اسڪول ۾ هڪ پڙهندو هو ڊاڪٽر شامداس جو پٽ ڀڳوانو، اسڪول جي موڪل ٿي ويندي هئي ته به اوسيئڙي ۾ ويٺو هوندو هو. پوءِ جڏهن ڪلاس صفا خالي ٿي ويندو هو ته پوءِ ڪو لوفر مسلمان ڇوڪرو، مثلاً محمد علي، جو پوءِ بمبئي ڀڄي ويو، جو تاڙ ۾ بيٺو هوندو هو، سو يا ڪوئي پٽيوالو رڳو وڃي هٿ وجهندو هئس ته ڀڳوانو چوندو هئس ”اڙي ڄٽ، ڪٿي هئين؟“ پوءِ ڪلاس ۾ يا ورانڊي ۾ اهو ڪم شروع ٿي ويندو هو. ٻيا ڪيئي اهڙا مثال، نالا صحيح نه کڻبا، نه لکبا.
مسلمانن ۾ به اهڙا ڇوڪرا هئا. هڪ عبدالعزيز مونکي ياد آهي جو ساڳئي محمد علي کي منٿون ڪري گهر وٺي ويندو هو ۽ ان کان اهو ڪم ڪرائيندو هو. محمد علي ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ دفعي شرط وڌائيندس ته اڳ ۾ زال آڻي ڏي ته اها به آڻي ڏنائين. اهڙي ته ڪا بڇڙي عادت آهي اها. لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ڊپٽي ڪمشنر آيو، ان کي به اها عادت هئي. هڪ انگريزي ڪليڪٽر لاءِ به سندس نائيڪ اهڙي ڳالهه ڪئي. سکر ۾ هڪ ائڊيشنل سيشن جج هئو، ان وٽ ڪو پٽيوالو ڏهن پندرهن ڏينهن کان وڌيڪ بيهي ئي نه. هڪڙي کان پڇيم ته ”اڙي ڇو ڀڄي آئين؟“ چي ”سائين رات جو صاحب چوي ته مونسان هي ڪم ڪر ۽ ڏينهن جو بيگم صاحبه، سو سائين اهڙي ٻه وقتي ڊيوٽي ڪير ڪندو!“ لاڙڪاڻي ۾ به ٻه مشهور وڪيل هڪ هندو ۽ ٻيو مسلمان اهڙا هئا جو سندن نوڪر ۽ منشي کانئن رسي ويندا هئا ته کين پرچائي ايندا هئا. هڪ دفعي جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ رات جو هڪ شاگرد آيو ۽ ٻه چار ٽائيون کيسن مان ڪڍي کڻي کٽ تي رکيائين. چيومانس ”استاد وٺي آيو آهين ڇا؟“ چي ”نه!“ چيائين ته ”شام جو پريڊي اسٽريٽ مان گهمندو لنگهيس ته سامهون بلڊنگ بالڪني مان هڪ پارسيءَ سڏ ڪيو.“ اتي رڳو پارسي ۽ ڪرستان رهندا هئا. چيائين، ”ويس ته اندران در کڻي بند ڪيائين ۽ کڻي هٿ وڌائين ۽ پوءِ اهو ڪم ڪرايائين ۽ تحفي ۾ ٽايون ڏنائين!“
لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ تعليم کاتي جي آفيس هئي. مٿي گهر هو، هيٺ هڪ ڪمري ۾ ادا وڏو پڙهندو ۽ سمهندو هو ۽ ٻي ننڍي ڪوٺيءَ ۾ اسان جو بورچي خميسو سانگي رهندو هو جو ڳڀرو جوان هو. پوئين گهٽيءَ ۾ هندو ماڻهن جا گهر هئا. خميسي ٻه ٽي زائفون ٺاهي ورتيون. هڪ ڏينهن مونکي وٺي هڪ در ڏانهن اشارو ڪيائين ته اتي هڪ زائفان در تي پٺيري بيٺي هئي ۽ هٿ پٺيان هئس، جنهن ۾ پاپڙ جهليون بيٺي هئي. مان ٻار هئس، مونکي چيائين ”ڀڄ وٺي اچينس!“ مان ڊوڙندو پاپڙ سندس هٿن مان وٺي آيس ته مُڙي مشڪي نهاري دروازو بند ڪري ڇڏيائين. مان ننڍو هئس پر سمجهي ويس ته خميسي کي دعوت ملي آهي. ٻيون به اهڙيون کوڙ ڳالهيون منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ آيون. رڳو ٻڌل ڳالهيون نه، پر سچا واقعا آهن. جنس جي معاملي ۾ انسان ويچارو وس ۾ ناهي. ان ڪري اهڙن ڪيسن ۾ مان سزائون گهٽ ڏيندو هئس. البته زوريءَ جي معاملي ۾ وڌ ۾ وڌ سزا ڏيندو هئس. جنسي معاملن ۾ هندڪي، مسلمانڪي ۽ تعصب ليکي ۾ ئي ڪونه هئا.
ٻيو قصو تعصب جو ٻڌايانوَ. اسان وٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ هڪ حيدرآبادي عامل مسٽر شهاڻي ماسٽر ٿي آيو. فل سوٽ پائيندو هو ۽ ڏاڍو چتر ۽ چالاڪ هو. اسان جي ڪلاس جا ٻه پارٽ هئا ’اي‘ ۽ ’بي‘ جن ۾ ڪل ستر کن شاگرد هئا،. مسلمان رڳو ٻه مان ۽ جلال پٺاڻ جو مئٽرڪ کان اڳ ئي اسڪول ڇڏي وڃي سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ٿيو. ٻيو هوندو هو شيرل عرف شير محمد سو ته ڪڏهوڪو اسڪول ڇڏي وڃي ريلوي اسٽيشن تي گهوراڙو (وينڊر) ٿيو. سو، شهاڻي صاحب اعلان ڪيو ته حساب جو پيپر ٿو ڪڍان جيڪو پهريون نمبر آيو تنهن کي خاص انعام ڏيندس. نتيجي واري ڏينهن اچي اعلان ڪيائين ته ”هڙ ڇوڪرا ناپاس ٿيا آهن سواءِ هڪ جي. جنهن ستر سيڪڙو مارڪون کنيون آهن، جو نمبر وٺان ٿو اهو اٿي بيهي!“ نمبر ورتائين ’پنجٽيهه‘ جو منهنجو هو ۽ مان اٿي بيٺس. مسلمان کي حسابن ۾ پهريون نمبر کڻڻ تي ٻوٿ کڻي بڇڙو ڪيائين. انعام ته ٺهيو سکڻي شاباس به ڪانه ڏنائين. ايڏو هو تعصب، جو هڪ مسلمان شاگرد جي هوشياري ۽ قابليت به برداشت نه ڪندا هئا.
ٻيو هڪ ماستر صاحب مسٽر گانڌي شڪارپور کان بدلي ٿي آيو، آلجبرا جو هڪ پرابلم ڏنائين ته گهران ڪري اچجو. ڪنهن کي ڪونه آيو، رڳو مان ڪري آيس. جيڪي هوشيار ڇوڪرا هئا، ارجن، سنتو، رهندومل، نند ۽ ٻيا تن به مون تان ڪاپي ڪيو. انهن سڀني کي ’برابر!‘ چوندو شاباس ڏيندو آيو، جڏهن مون وٽ آيو ته ڇنڊ به ڪڍيائين، غلط ڏنائين ۽ ٿڦ به هنيائين. ان ڏينهن مان روئي ويٺس، ڪوبه ڇوڪرو ڪونه ڪڇيو، شاباش هجي رهندي مل کي جنهن ڀرئي ڪلاس ۾ اٿي بيهي چيو ته، ”سائين اسان سڀني جمال تان ڪاپي ڪئي آهي، اسان کي ته ’برابر‘ ڏنو اٿو!“ سڀ ماٺ ٿي ويا معنيٰ اها ڳالهه مڃيائون. پوءِ به ماستر صاحب مون سان ٻه اکر همدرديءَ جا نه ڳالهايا. نتيجو اهو نڪتو جو مان جيڪو پهريان نمبر کڻندو هئس سو هر پيپر ۾ ناپاس ٿيندو رهيس. قدرت اهڙي ٿي جو بابا جي بدلي حيدرآباد ٿي ۽ مون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اتي ساڳيو پهريون، ٻيون يا ٽيون نمبر. خالد اسحاق کي به ماري ويندو هئس. ائين اسان مسلمانن کي تعليم جي ميدان مان ڀڄائيندا هئا ۽ ائين پاڻ پاڪستان جو بنياد رکيائون.
هي جو وليرام ولڀ ’ڄٽ‘ لقب جي بچاءَ ۾ تاويلون ڏنيون آهن سي سڀ بي بنياد ۽ ولي رام جي چڱائي جو عڪس آهن. باقي اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ۽ ذاتي تجربو آهي ته هندو ماڻهو اسان کي نفرت وچان ’ڄٽ‘ سڏيندا هئا. وڏن پڙهيل لکيل، عالمن ۽ پروفيسرن کي به پنهنجي ذاتي محفلن ۾ ’ڄٽ‘ سڏيندا هئا. ”اڙي هو ته ڄٽ آهي!“ معنيٰ مسلمان آهي. نفرتن جي حد ڇا ٻڌايانوَ ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڀائي آسنداس جيڪو رسيس ۾ دال پوري وڪڻندو هو سو وڏي واڪ شيوا جِي ۽ گرو گوبند سنگهه جا ڪارناما ٻڌائيندي فخر وچان چوندو هو ته مغل شهزادين کي پڪڙي سندن مخصوص عضون ۾ مرچ وڌائون. مان ڏسندو هئس ته اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هندو ڇوڪرن جي منهن تي چمڪ اچي ويندي هئي ۽ خوش ٿيندا هئا. هڪ شاگرد هاسو عرف هاسو مل، جو منهنجو سنگتي هو ان کي مون چئي ڏنو ته ”هيءُ ته گروءَ جون گلائون پيو ڪري ۽ شيوا جِيءَ جون بڇڙايون پيو ٻڌائي!“ هو مون سان سهمت ٿيو پر ڪري ڇا ٿي سگهيو. محبت کي ڪير ٿو ڪوٽ ڪڙن ۾ بند ڪري سگهي.
ڪيترين هندو ڪاليجي ڇوڪرين مسلمانن سان محبت ڪئي ۽ هزارين مخالفتن جي باوجود مسلمانن سان شادي ڪري ڇڏيائون. هندو ڀائرن ايڏا گوڙ مچايا ۽ پوليس ۽ ڪورٽن ۾ هنگاما ڪيا ڄڻ پاڻي پٽ جو ميدان هجي. ٻئي طرف اسان جي ميهڙ جي سيٺ چمن داس (نالو صحيح نه ٿو لکان متان ان جا پويان اڃا ميهڙ ۾ هجن) هڪ مسلمان عورت سان شادي ڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ سيٺ ٽيئون مل جو پوءِ ون يونٽ ۾ ايم پي اي به ٿيو تنهن به هڪ مسلمان عورت سان شادي ڪئي ۽ اها کلئي عام مسز ٽيئون مل سڏائي آفيسن ۾ آفيسرن وٽ پيئي ايندي هئي. جيتوڻيڪ مسلمان وڌيڪ اڻ پڙهيل ۽ ڪاري ڪاريءَ جي رسم ۾ ورتل هئا تڏهن به ڪجهه نه ڪڇيائون، ”چي بڇڙي رن وڃي بڇڙو ڪم ڪيو، وڃي ڌوڙ پائي!“
نفرتن ۽ تعصب کي ڇڏي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون ورتل هيون، اهو مڃبو ته هندو ماڻهو سنڌ جي سونهن هئا. ڇا صفائي سٺائي ڇا سونهن ۽ فيشن، ڇا محل ماڙيون، ڇا کاڌو پيتو ۽ مهمان نوازي ڇا نياز نوڙت ۽ تهذيب، ڇا خير خيرات ۽ علم ۽ اسپتالن جي خدمت، هر ڳالهه ۾ پارس هئا. ميون جا ٽوڪرا ڀرائي اسپتالن ۽ جيلن ۾ ويندا هئا ۽ وڃي مريضن ۽ قيدين ۾ ورهائيندا هئا. اسڪول، اسپتالون ۽ لئبرريون هلائيندا هئا. ڪيترا مثال ڏئي ڪيترا ڏجن. شڪارپور جو جماڻي هال اڄ به شان شوڪت سان کڙو آهي، ان جي ڀرسان ائني بيسنت لئبريري آهي. نيڀن پور سان لڳ شڪارپور جو شاهي باغ ۽ بيگاري واهه جي ڪپ تي ننڍڙا بنگلا، سنڌي ثقافت جو شاندار مثال آهن. شڪارپور جي سول اسپتال اصل ۾ راءِ بهادر آڌوداس، تاراچند خانگي خيراتي اسپتال هئي. حيدرآباد جو هوم اسٽيڊ هال ۽ بيسنت لاج ۽ ڪراچي ۾ ڊينسو هال ۽ لئبريري شاندار يادگار آهن. راءِ بهادر اوڌوداس پنهنجو نالو گيٽ جي فرش تي لکائي ڇڏيو هو ته ڀلي ماڻهن جي پيرن هيٺ هجان ،مٿي نه، اهڙا هئا ڌرماتما.
ڪراچيءَ جي مسلمان سيٺين به ائين ڪيو جن ۾ سيٺ ڦدو (فداعلي) سيٺ چاڳلا، سيٺ موليڏنو ۽ سيٺ خالق ڏنو مشهور هئا. پارسين به ڪونه گهٽايو، سڀني کي مات ڏئي ويا،. جهانگير ڪوٺاري، نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا ۽ جمشيد نسروانجيءَ جهڙا اَملهه ماڻڪ پارسين پيدا ڪيا. جمشيد نسروانجي ته مون پاڻ ڏٺو. اڇيون مڇون، اڇو مٿو ۽ اڇا ڪپڙا، بس فرشتن جهڙو لڳندو هو. ڪراچيءَ جو ميئر هو. ڪراچي جا رستا صبح سوير پاڻ بيهي ڌورائيندو هو. وڪٽوريا گاڏيون ۽ ٽانگا هلندا هئا ڪو گهوڙو لڏ لاهيندو ته اتي جو اتي ڀنگي ايندا هئا ۽ کڻي وٺندا هئا. مينهن پوندو هو ته رستا ڌوپي اجرا ٿي پوندا هئا ۽ ڪو دُٻو به پاڻيءَ جو ڪٿي ڪونه بيهندو هو.
اهڙي هئي ڪراچيءَ جي صفائي ۽ رٿابندي جو ايشيا جو صاف ترين شهر سڏبو هئو. آزاديءَ کان پوءِ اهڙو انتشار متو جو هر شيءِ جو ٻيڙو ٻڏي ويو. رڳو هئا قبضا ۽ غير قانوني اڏاوتون ۽ ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه هو. ميمڻ مسجد بندر روڊ وٽ وڏو قبرستان هو جو مسجد ۽ دڪانن ۾ تبديل ٿي ويو. ڪڇي ڪير؟ پلازه ڪوارٽرز جي اوريان به قبرستان هو، اهو به گم ٿي ويو. حيدرآباد ۾ ته ميان سرفراز وارو قبرستان جو تلڪ چاڙهي کان وٺي غلام شاهه ڪلهوڙي جي قبي تائين هو، سو شهر ٿي ويو. ميرن جا قبا به بنگلن ۾ لڪي ويا. ٻيو ته ٺهيو پڪي قلعي ۾ شهر اڏجي ويو ۽ هڪ بهادر سپاهي جي قبر تي دڪان ٺهي ويا. ڇو، آخر ڇو؟ لاهور جي قلعي ۾ گهر نه ٺهيا، پشاور جي قلعي ۾ نه ٺهيا، ويندي لال قلعي دهليءَ آگري ۾ هندن به ائين نه ڪيو، پر اسان جي پنهنجن مسلمان ڀائرن اسان جي سيني تي مڱ ڏريا ۽ اسان اُف به ڪونه ڪئي ــ پوءِ به اسين بڇڙا! سچ آهي، جيڪو پنهنجن حقن جي حفاظت نٿو ڪري ان کي ڌاريو به بڇڙو ٿو سمجهي ۽ شايد اهو صحيح آهي. ڪلفٽن جو جهانگير ڪوٺاري پارڪ ۽ اڏاوت، صاف شفاف جرڪندڙ هئا. اسان راتيون وڃي اتي گذاريندا هئاسون ۽ پڪنڪ ملهائيندا هئاسون. اڄ ڌپ، بدبو ۽ موٽانڳو لڳو پيو آهي. موالي ويٺا سوٽا هڻن.
شِوَ جو ميلو به واهه جو لڳندو هو. هندو مسلمان جو ڀيد ڀاءُ ڪونه هو. سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا. ڪراچيءَ جو سمورو حُسن اتي اچي ڪٺو ٿيندو هو. ڪا زيادتي، نالائقي يا جهيڙو جهڳڙو ڪونه ٿيندو هو. هر ڪو اکين جي پياس اجهائي هليو ويندو هو. جمشيد نسروانجي نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ جي هاري، پورهيت ۽ سماج سڌارڪن جي به مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندو هو. ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاڻ مونسان اهڙي ڳالهه ڪئي. الائي ڪهڙو واءُ وريو جو ماڻهو توڙي ملڪ ڊانواڊول ٿي ويا. حيدرآباد واري شاهه مڪيءَ جو قلعو سڄو قبرستان ۽ بنگلن ۾ تبديل ٿي ويو. اتي به مسجد ۽ دڪان ٺهي ويا. مسجد ته بهانو آهي، اصل ڳالهه آهي دڪانن جي ۽ انهن جي پڳڙي ۽ مسواڙ جي. پارسي ماڻهن هڙئون وڙئون، دل جگر سان ڪراچي ۽ سڄي سنڌ جي خدمت ڪئي. عوامي شاعر گدائي واهه جو چيو ته:
دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي،
چيڙهه چڳن ۾ ڇتن ۾ ڇائي
ادو مئو، ادي ڄائي
واهه جي آ آزادي آئي!
ٻيو هڪ دادو جو عوامي شاعر هوندو هو جمعو خان. غريب، اهو به سماج جو ۽ عوامي مسئلن جو واهه جو اظهار ڪندو هو، پر بزم مشاعره جا ڪرتا ڌرتا حاجي محمود خادم ۽ ڊاڪٽر ابراهيم خليل صاحب کيس اڳيان اچڻ نه ڏيندا هئا ته سندس ٻولي عوامي ۽ غير مهذب آهي. اڄ هجي ها ته کيس ترقي پسند ۽ انقلابي سڏيو وڃي ها.

3

انقلاب ۽ آزادي جو آندولن به هندو ماڻهن شروع ڪيو. باقي عام مسلمانن کي ان سان ڪا دلچسپي نه هئي، زميندار ته هئا ئي انگريزن جا نمڪ خوار ۽ خير خواهه! جيڪي چند پڙهيل ڳڙهيل مسلمان هئا سي به گهڻو تڻو سڀ ڪانگريسي هئا. مولانا محمد علي، شوڪت علي توڙي محمد علي جناح صاحب به ڪانگريسي هئا. پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي تي جو ترڪيءَ جي وڏي شاهي سلطنت ۽ خلافت ختم ٿي ته مسلمانن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو ۽ خلافت تحريڪ شروع ڪئي وئي. سڄي هنڌ سنڌ جي مسلمانن هندوستان جي انگريز حڪومت کي غير اسلامي سمجهي افغانستان ڏانهن هجرت جو فيصلو ڪيو. سنڌ ۾ لاڙڪاڻي جو مسٽر جان محمد جوڻيجو بئريسٽر ان تحريڪ جو اڳواڻ ٿيو. هوڏانهن ترڪي ۾ خود مصطفيٰ ڪمال پاشا خلافت ختم ڪري غير مذهبي (سيڪيولر) رياست جو بنياد وڌو، پر مسلمانن جو جوش ۽ جذبو ڪونه گهٽيو جنهن کي انگريزن خلاف هٿيار طور استعمال ڪري مسلمان ليڊرن زور وٺايو. مهاتما گانڌيءَ به وڏي سياسي چال هلائي خلافت تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي. انهيءَ ڪري جو هندو مسلمان اتحاد پيدا ٿيو. تنهن انگريزن جون وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون، انگريز به وڏا استاد هئا. نيٺ ته سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي هئائون. اهڙي چالبازي ڪيائون جو مُلن کي هُشي ڏنائون ته تبليغ ڪري هندن کي مسلمان ڪيو. ڪيترائي هندو مسلمان ٿي ويا ۽ مسلمان خوشيءَ مان هنبوڇيون پيا هڻن. هوڏانهن انگريزن ڪن هندو دانشورن کي آماده ڪيو ته هو شڌي تحريڪ هلائي مسلمانن کي هندو ڪن ۽ اهي به انگريزن جي چڪر ۾ اچي ويا ۽ نفرتون چوٽ چڙهي ويون.
حقيقت ۾ نه هندو ازم ڪو مذهب آهي، نه وري ڪو غير هندو، هندو جاتيءَ ۾ اچي سگهي ٿو. هندو ازم هڪ ڌرم نه پر سڀيتا آهي ۽ تمام جانداز ۽ وسيع آهي، جنهن هر مذهب کي پنهنجي ڌرم ۾ مدغم ڪري ڇڏيو. ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم ۽ پڻ گرونانڪ جو سک ڌرم به هندو سڀيتا جو حصو ٿي ويا. مسلمانن جي مزارن، مقبرن، پيرن، فقيرن وٽ به ويندا هئا. ويندي عاشورن جي تابوتن ۾ به هندو ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا ڪي هندو ته برڪت خاطر قرآن شريف به پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ان کي نمسڪار ڪندا هئا. مطلب ته ويڇا مٽبا ٿي ويا ۽ هڪ گڏيل تهذيب جنم پئي ورتو. پر ڌارين انگريزن پنهنجي مفاد خاطر نفرتون ۽ ويڇا وڌائي هڪ تاريخي ۽ سماجي وهڪري کي بند ٻڌي پنهنجي حڪومت کي ٽيهه چاليهه سال طول ڏئي، هميشھ لاءِ ڏچو پيدا ڪري ويا. مغلن به واهه جو ڪم ڪيو ۽ هندن مسلمانن کي هڪجهڙا حق ڏئي هڪ گڏيل تهذيب جي راهه هموار ڪئي، پر تاريخ جي ستم ظريفي جو اورنگزيب پيءُ کي قيد ڪري پنهنجي صوفي ڀاءُ داراشڪوه کي قتل ڪرائي، زوري تخت نشين ٿي مسلمان نوابن، زميندارن ۽ فوجي سپهه سالارن جا مفاد مضبوط ڪيا جن هندو راجائن، زميندارن ۽ فوجي سالارن کي نٿي سَٺو. جيڪڏهن دارا شڪوه تخت نشين ٿي وڃي ها ته اڄ تاريخ مختلف هجي ها. منهنجو وڏو پٽ بدر هڪ سٽ يا هڪ جملي ۾ ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪري ويندو آهي، هڪ لڱا چيائين ته، ”مهاجرن ۽ اسان ۾ رڳو هڪ فرق آهي ته هو اورنگزيب جا حمايتي آهن ۽ اسين داراشڪوه جا!“ هندو ۽ مسلمان ميل ۾ به ڏاڍا عجيب عجيب ۽ وڏا وڏا واقعا ٿيا آهن. اڪبر اعظم جهانگير ۽ شاهجهان جهڙا عظيم حڪمران انهي ميل جو نتيجو هئا.
پير پٿورو ۽ اڏيرو لعل ته ڄڻ هوندا ئي هئا هندن جا ڌرمي آستان. قلندر شهباز تي به هندن جي نج پنهنجي مينديءَ جي رسم ٿيندي هئي. ڏسو ته قلندر شهباز جا فقير اڄ تائين ڏاڙهي، مڇون، مٿو ڪوڙائين ۽ هندن وانگر چوٽي رکائين ۽ شِوَجي پوڄارين جيان سنک وڄائين. سنڌ جي عظيم شاعر ۽ دانشور شيخ اياز جي ماءُ هندو ۽ پي مسلمان هئا. سر غلام حسين هدايت الله جي ماءُ مسلمان ۽ پيءُ هندو هئا. امير خسرو جنهن اردو زبان کي جياري ڇڏيو، تنهن جي ماءُ هندو هئي. جي ائين نه هجي ها ته اڄ اڙدو زبان جو وجود ئي نه هجي ها ۽ فوجي ڇانوڻين ۽ درٻارن ۾ ختم ٿي قدرتي موت مري وڃي ها. پر امير خسرو برج ڀاشا ۽ پوربي زبان جي سنگم جي مٺاس ۽ ترنم سان ان کي جلا بخشي کيتن، ڳوٺن، گهٽين ۽ عوام جي جذبن ۾ زنده جاويدان ڪري ان کي دلين جي ڌڙڪڻ بڻائي ويو.
ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪراچي کان لاڙڪاڻي ريل رستي اچڻ وڃڻ ايترو ته ٿيندو هو جو هر هڪ اسٽيشن جو سلسليوار نالو ۽ خصوصيتون ياد هونديون هيون. جهمپير اسٽيشن تي لٿس ته هڪ ڌوتي بند هندو وينڊر وٽ ويس، ساڻس حال احوال ڪيم ته نالو ۽ ذات پڇيائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ابڙو آهيان ته ٽڙي پيو. چي ”ڪاڪو علي خان ابڙو سڃاڻين؟“ چيم ته ”ان جو پٽ آهيان.“ پوءِ ته چنبڙي پيو ته لهه مون وٽ هلي مهمان ٿي. ٻئي دفعي جو آسرو ڏئي هليو ويس. پوءِ سدائين ساڻس ملندو هئس چي ”مان جيڪي آهيان سو ڪاڪي علي خان ابڙي جي ڪري. هو هت ايندو هو ته ٽڪندو ئي اسان وٽ هو. مونکي همٿائڻ ۽ پڙهائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. اڃا به تون مونسان گڏجي سري ۽ ڪرچات هل ته اتي جا سڀ هندو کيس سڃاڻن، توکي به مان ڏيندا ۽ ڏاڍو خوش ٿيندا!“ هڪ پڪو مسلمان پنج وقتو نمازي سو هندو ماڻهن جو گهر ڀاتي ۽ هڏ ڏوکي ٿي وڃي اهو هو علي خان ابڙو.
هندو ماڻهو پڪا ڏاڍا ٿيندا آهن، پڪائي ته چڱي ڳالهه آهي. مسلمان زميندارن جيان هٿ ڦاڙ ٿي، قرضي بڻجي، زمينون گروي رکڻ ڪهڙي چڱي ڳالهه آهي؟ پر هندو ماڻهو ته نالا ئي رکندا هئا، هزاري مل، لکي مل، ڪروڙي . هڪ دفعي لاڙڪاڻي ۾ دڙي محلي ۾ شام جو گهمي بابا هڪ گهٽيءَ ۾ لڙيو ته سيٺ ٽهڪڻ داس سان ملندا هلون. سيٺ ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين. گهر ۾ کٽن تي ويهاريائين. ڪچهري کان پوءِ اٿياسون ته سيٺ به گڏجي نڪتو. گهٽي پار ڪرائي چونڪ وٽ پهچي موڪلايوسين ته سيٺ چيو ته ”خان صاحب ايئن وري ڪيئن، ويهو پاپڙ پاڻي ته ڪيو!“ مان ٻار هئس کل روڪڻ لاءِ وات تي هٿ ڏنم. بابا به مشڪي چيس ته، ”سيٺ ڌار ٿورو ئي آهيون وري ٻئي دفعي!“ ڏسو گهر مان وٺي گهٽي ٽپائي چوسول تي پاپڙ پاڻي جي صلاح هنيائين، پر ماڻهو ٺاهوڪو هو. نه هٿ ڦاڙ، نه ڦرمار، ڪرمان باغ ۾ سندس ٻه جايون خالي پيون هيون. هڪ بابا پندرهن رپيا مهينو مسواڙ تي ورتس. ڪرمان باغ اڄ وارو ڪونه هو. سڃ، پوٺو ۽ جهنگ هو. بس جهنگ ۾ ٻه خالي جايون هيون، جتي ڪو به ڪونه ٿي آيو. اسان آياسون ته ٻي جاءِ ۾ عبدالڪريم منگي مختيارڪار آيو، ڪارو جهڙو ڪٺ، پر مڙس جي چال ڍال گفتگوءَ ۾ وڏ ماڻهپائي ظاهر ظهور هئي. نيٺ ته مختيارڪار هو ۽ 32-1930ع جو مختيارڪار اڄڪلهه جي ڊپٽي ڪمشنر جي هلندي پڄندي کان گهٽ ڪونه هو. نوڪر تپيدار ڪوٺار خلق جو هجوم لڳو پيو هوندو هئس.
اسان جي در تي پٽيوالو به ڪونه هو. بابا هئو ته وڏو آفيسر پر پٽيوالو نه ساڻ کڻندو هو، نه گهر گهرائيندو هو. بس هڪ خانگي نوڪر اسان جي ڳوٺ جو مائٽ جمعو سانگي هوندو هو. نوڪر ڇا، گهر جو مالڪ هو. اسين ٻار سڀ کيس مامو جمعو چوندا هئاسون ۽ اوڙي پاڙي وارا کيس جمعو خان سڏيندا هئا. آفيسر به کيس ڪرسيءَ تي ويهاريندا هئا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ڌوٻي ڌوتل ڪپڙا پائيندو هو ۽ پڳ ٻڌندو هو. ڳالهائڻ جو اهڙو فهميدو هوشيار ۽ نيڪ ڪردار جو مجال آ جو ڪو به مٿس آڱر کڻي! خير خواهه ۽ ايماندار اهڙو جو اسان کي سيڌو مهانگو ملي ۽ هو سستو وٺيو اچي. گهر جو هر ڪم ڪار، خرچ پکو، ٻارن جي سنڀال، اسڪول، بيماري سيماري سڀ سندس کاتي ۾ هئا. پيءُ کان وڌيڪ اسان تي سندس نظر هوندي هئي. مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته مان يا ڪو به ٻار بيمار ٿيو ته مامو جمعو کٽ ڀرسان ڪرسي وجهي سڄي سڄي رات جاڳندو هو ۽ مٿي تي پٽيون رکندو ۽ ٿرماميٽر سان بخار ڏسندو هو. امان هئي ڪاوڙيل ۽ چيڙاڪ، سان گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئس ته صبر سان سهي ويندو هو. هڪ دفعي مان ڏاڍو بيمار ٿيس، امان ۽ جمعو سڄي رات جاڳندا رهيا.صبح جو امان چيس وڃي ڊاڪٽر پوهو مل کي وٺي آ. ڊاڪٽر جي في هڪ رپيو ۽ ٽانگي جا اٺ آنا، امان انتظار ۽ خوف ۾ ايترو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. مامي جمعي ڌيرج سان چيو ته وڃان ٿو پر ڊاڪٽر ايندو ڪونه . هيڏو وڏو ڊاڪٽر آهي ۽ مريضن جي به ڀيڙ هوندس، الائي اچي الائي نه! امان ڪاوڙ مان ٻه ٽي گٿا لفظ ڳالهائي چيس ته، ”وڃ ڪيئن به ڪري وٺي اچينس!“ جمعو ويو ته گم ٿي ويو. ڪچڙي منجهند جو ڊاڪٽر کي وٺي آيو. امان ٻه ٽي دڙڪا وهائي ڪڍيس. ڊاڪٽر پاڻ چيو ته، ”مون وٽ ويٺو رهيو جيسين وڃي ڪجهه واندڪائي ٿي سو به اهڙا اکر ڳالهايائين جو مان مجبور ٿي هليو آيس!“ چي صاف جواب ڏنوماس ته به ويهي رهيو جڏهن ڪجهه هلڪائي ٿي ته چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب! هاڻي کڻي هلو اسان جو به ڀلو آهي ته توهان جو به فائدو آهي.“ ڊاڪٽر صاحب چڙي پيو چي ”توهان جو فائدو آهي ئي، پر مونکي ڪهڙو فائدو؟“ ڊاڪٽر کي فيءَ جي ته پرواهه ڪانه هئي سو مورڳو ڪاوڙجي پيو. جمعي ڏاڍي صبر ۽ عزت سان چيس ته ”ڊاڪٽر صاحب توهان جو به فائدو آهي، ڏسو ته توهان کي به پنهنجي مريض جو انتظار هوندو سو لهي پوندو!“ ڊاڪٽر صاحب کلي ويٺو چيائين ڏاڍو زورآور آهين وٺي اچ ٽانگو! اهڙو هو مامو جمعو گفتگو جو هوشيار ۽ سمجهدار. ٻيو ته ٺهيو پر خانبهادر اسراڻ جهڙو مدبر ۽ دٻدٻي وارو ماڻهو به کيس سڏي ڪرسيءَ تي ويهاري ڪچهري ڪند هو. اسان جون مٽيون مائٽيون ۽ نياڻين جي اٿارڻ ۾ به سندس هٿ هو. پڇاڙي ۾ ٽي بي (سلهه) ٿي پيس. اسان به وس آهر سندن علاج ۾ ڪونه گهٽايو. برانڊي، بيضا ۽ ڪڪڙ وغيره سندس لاءِ ايندا هئا. آخر چيائين ته ”هاڻ ڇڏيو ته ڳوٺ وڃان!“ ڳوٺ وڃي ٻارن سان ٻه ٽي مهينا گذاري لاڏاڻو ڪري ويو. آهن اهڙا وفادار، سياڻا ۽ ايماندار نوڪر اڄڪلهه! مير صاحبن وٽ ڪي اهڙا خانداني پشتي ماڻهو هجن ته هجن باقي ٻيو مڙيوئي خير آ. ذوالفقار علي خان ڀٽي هڪ دفعي مير علي احمد خان کي چيو ته، کيس ڪو وفادار ايماندار ماڻهو ڏئي جو سندس خاص خدمتگار ۽ باڊي گارڊ ٿي ڪم ڪري. مير صاحب کيس پنهنجو آزمايل ماڻهو نُورو ڏنو، جنهن خوب پاڻ ملهايو. جڏهن ڀٽو صاحب پريزيڊنٽ ٿيو ته نورو، نور محمد مغل ٿي ويو ۽ وڏي عزت ماڻيائين ۽ خوشحال ٿي ويو. سندس هڪ ٻالڪو فهيم مغل اڄڪلهه ڊپٽي ڪمشنر جي گريڊ جو آفيسر آهي ۽ وڏي پئسي وارو آهي.
بابا جون ڪهڙيون وصفون بيان ڪري ڪهڙيون ڪيان. ڪڏهن ڪاوڙ ڪونه ڪيائين، ڪڏهن ٿڦ ڪانه هنيائين. هڪ دفعو ياد اٿم ته ميرپور خاص ۾ نوڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪيائين ته چيائينس ته ”وڏو گڏهه آهين!“ بس.
مونکي گشت ۾ پاڻ سان گڏ کڻندو هو. ماستر صاحب جو ڪچو ٻاراڻو ۽ پڪو ٻاراڻو پڙهائڻ ۾ ٻه سال وٺندا هئا سو ٽن مهينن ۾ پورو ڪرائي ڇڏيائين. عجيب طريقو پڙهائڻ جو هوندو هئس جو روزانو رڳو اڌ ڪلاڪ پڙهائيندو ۽ لکائيندو هو ۽ هڪ هڪ اکر ذهن تي نقش ٿي ويندو هو. ٻار جي ذهن کي اجاگر ڪندو هو ۽ کيس سوچڻ تي مجبور ڪندو هو. مثلاََ ’الف بي‘ جو آخر اکر ’ي‘ ياقوت آيو ته مونکي ’ي‘ ڏيکاري چيائين ؟هيءَ ڇا جهڙي آهي؟“ چيائين ”بس سبق پورو ٿيو، سڀاڻي ٻڌائجانءِ!“ مان راند ۾ لڳي ويس پر ڌيان سڄو ’ي‘ ڏي هجي. شام جو ئي مونکي خيال آيو ۽ ڊوڙي وڃي کيس چيم ته ”اها ڄڻ ڪُڪڙ آهي، ۽ هيٺان ٻه آنا پيا اٿس.“ ڏاڍو خوش ٿيو. خوشيءَ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو هو. خوش ٿي مونکي شاباس ڏنائين ۽ ’ي‘ لکارايائين ۽ ان جو استعمال سمجهايائين. پوءِ اخبار تعليم ۾ مضمون لکيائين ته ٻارن کي سيکارڻ نه، ٻارن کان سکڻ گهرجي. ٽن مهينن ۾ ڪچو ٻاراڻو، پڪو ٻاراڻو، کوڙا ۽ جوڙ ڪٽ به سيکاريائين. کوڙا ۽ جوڙ ڪٽ ماچيس جي تيلين تي سيکاريائين. ڏهه تيليون ڪڍي رکندو هو ۽ چوندو هو ته هنن مان چار ڪڍي ڇڏ يعني ڪٽ ڪر ۽ ٻڌاءِ ته باقي گهڻيون بچيون؟ يا پنج تيليون جدا رکي چوندو هو ته هنن ۾ ٻه واڌو ڪر ته گهڻيون ٿي پونديون؟ مونکي ته جهڙي راند ٿي لڳي ۽ سڄو ڏينهن تيليون کنيون ويٺو جوڙ ڪٽ ڪندو هئس. ڏهن کان مٿي به عجيب نموني آسان ڪري ڇڏيائين. ڇا ڪيائين جو ڏهن تيلين جو مچو ٺاهي ڌاڳي سان ٻڌي بنڊل ٺاهيائين ۽ ٽي تيليون جدا کليل ڪري رکيائين. ڪل ٿيون تيرنهن. پوءِ چيائين ته هنن مان چار ڪٽ ڪر. مون ٽي کُليل ته جهٽ کڻي ورتيون پوءِ منجهي پيس ته چوٿين ڪٿان ڪڍان. چيومانس ته بنڊل کوليان. چيائين شاباس بنڊل، جنهن کي ڏهاڪو چوندو هو سو کولڻو ئي پوندو. پوءِ ان مان هڪ ڪڍي ۽ ڳڻائي پڇندو هو ته باقي گهڻيون بچيون. جواب آسان هو. اهڙو حساب سليٽ تي به لکائيندو هو. ايئن ٽي مهينا پڙهائي مونکي لاڙڪاڻي جي ميونسپل مين اسڪول ۾ پهرئين درجي ۾ داخل ڪرايائين. اتي سائين دين محمد ماستر هوندو هو، جو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ ڪوٽ پائيندو هو. ڀلوڙ ماڻهو هو. اتي به مان پهريان نمبر پيو کڻان. ڪرمان باغ مان پنڌ ئي پنڌ سڄي سيئو بازار لتاڙي تلاءَ کان ڦري، بولس باغ کان ٿي اسڪول پهچبو هو. اتي الهه بخش انصاري (اڄ جو انيس انصاري) دولت ولد ٽيڪچند، دوست محمد ابڙو ۽ فيض محمد ڪاسائي منهنجا هم ڪلاسي هئا ۽ سنگتي به. دولت هندوستان هليو ويو ۽ فيض محمد ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. دوست محمد ابڙو ته سالن جا سال هم پيشي وڪيل رهيو، باقي الهه بخش انصاري خاموش طبيعت ۽ پاسيرو رهيو.
بابا جي زندگي، اٿڻي ويهڻي ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ناتا رشتا سڀ ڪجهه تعليم ۽ سبق هئا. امان چيڙاڪ، اڻ پڙهيل ۽ زبان جي تيز هئي. سا جي مٽبي هئي ته ڌم جهيڙو مچي پوندو هو. بابا جو صبر به مڻن ۾ هو. کيس عزت سان بيگم ڪري سڏيندو هو. سو رڳو ايترو چوندو هو ته ”مار ! بيگم توکي ته ڏاڍي ڪاوڙ آهي.“ بس امان چپ ٿي ويندي هئي. بابا جو ڳالهائڻ نرم، سمجهاڻي سٺي. ڌيرج سچائي، ايمانداري محنت، پاڪائي ۽ پاڪيزگي بذات خود وڏا سبق هئا. ماڻهو پاڻ بذات عملي نمونو بڻجي پوي ته زبان سان چوڻ جي ضرورت شاذو نادر ئي پوي ٿي. مٿان وري هر ڪنهن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي، بس سمجهڻ ۽ پرجهڻ جي ڳالهه آهي، چوڻ جي ناهي. سندس طبيعت ۾ ٺاپر ايڏو هو جو چوندو هو ته منهنجي پٺيان بندوق جا ٺڪاءَ ڪري ڏسو. مونکان ڇرڪ به ڪونه نڪرندو. واقعي ايئن ڪري ڏٺوسون ته کانئس ڇرڪ به ڪونه نڪتو. گرمين جي موڪلن ۾ جاءِ مسواڙ تي وٺي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئاسين. اتي اسانجو ننڍي ۾ ننڍ ڀاءُ نجم گذاري ويو. امان پٽ تي ڪري ليٿڙيون پائي زارو زار پئي روئي. وري اٿي منهن ڌوئي وار ٺيڪ ڪري بابا جي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائينس ته ”شمن جا پيءُ! الله توکي چار پٽ ڏنا، هڪڙو وٺي ڇڏيائين، تون دل ۾ نه ڪجانءِ!“ بابا کان هڪ ڳوڙهو به ڪونه نڪتو. ماٺ ٿي ويو. امان اسانکي چيو ته گهر کان ٻاهر وڻ هيٺان آرام ڪرسي وجهي ڏيوس ۽ اتي وڃي وٽس ويهو. ايئن ڪيوسين ۽ ٻيا ماڻهو به اچي ويا. بابا دل جو مريض هوندي به صبر ۽ سڪون سان ويٺو رهيو. پنهنجو ڏک ايئن برداشت ڪيائين،
ٻئي دفعي مان ۽ پاڻ حيدرآباد کان راجا واري گاڏي ۾ ميرپور خاص پي وياسين. سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويٺا هئاسون، پليٽ فارم تي هڪ هندو ڪٽنب جي ڄڃ هئي. اتي ڪنوار، ماءُ کان موڪلايو ۽ هڪ ٻئي کي چنبڙي رنيون ته هيڏانهن بابا جا بي اختيار ڳوڙها جهل ئي نه ڏين. رومال سان اکيون ۽ نڪ اگهندو رهيو. اها هئي ٻين سان همدردي ۽ هڏ ڏوکي واري جهلڪ. ميرپور خاص وارو سيٺ هرچند راءِ به ساڳئي گاڏي ۾ هئو. تنهن مذاق ۾ چيس ته ”خانصاحب ڄڃ پرائي ۽ توهان؟“ پوءِ سيٺ لائيم سوڍا گهرائي پاڻ لاءِ، مون لاءِ ۽ بابا لاءِ. مون چيس ”سيٺ بس!“ سمجهي ويو. نيٺ ته اصل نج سيٺ هو. سڄي گاڏي لاءِ لائيم سوڍا گهرايائين. تن ڏينهن ۾ ڪوڪو ڪولا وغيره ڪونه هوندا هئا. برف جي ڪارخانن ۾ سوڍا وغيره جون بوتلون ڀربيون هيون. جن جو منهن چدي (شيشي جو بلور) سان بند هوندو هو. سيٺ چرچو ڪندي مونکي چيو ته ”هاڻ ڀر پئسا!“ مان هئس ٻار سو ٺڪ جواب ڏنومانس ته ”اڳ ۾ ٻڌائين ها ته اسان پيئون ئي ڪونه ها!“ بابا به کلي ويٺو ۽ سيٺ کلندي پئسا ڀري ڇڏيا. سيٺ سان پوءِ به ملاقاتون ٿيون ۽ ڏاڍي اڪير سان ملندو رهيو، پر لائيم سوڍا واري ڳالهه ياد نه اٿس. هن وقت عمر 86 سال اٿس.
بابا جو حلم، سادگي ۽ صاف گوئي مثالي هئا. لڄاڙو حيا وارو ۽ وضعدار به حد درجي جو هو.حضور ﷺ بابت پڙهيم ته جيڪڏهن ڪو وٽن ويٺو هوندو هو ته پاڻ به اوستائين ويٺا هوندا هئا، جيسين هو ازخود اٿي يا رستي تي ڪو جهلي ساڻن ڳالهائي ته پيا ٻڌندا هئا، ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ساڻن هٿ ملائيندو هو ته پاڻ هٿ نه ڇڏيندا هئا، جيسين اڳلو نه ڇڏي. بابا مرحوم جي به اها حالت هئي پاڻ وارو شفيع محمد قريشي، بئريسٽر عبدالوحيد قريشي جو پيءُ جو سندس ماتحت به هو، سو موڪل ڏينهن صبح ساڻ اچي وٽس ويهندو ته منجهند ٿي ويندي هئي. قريشي صاحب دراز ريش مبارڪ وارو بزرگ، شريعت جو پابند، اچي فقھ ۽ مذهب جا مسئلا ڇيڙيندو ته پيو ڳالهائيندو. هيڏانهن امان جي دانهن پئي پوي ته ’هي ته ويل ٿيو پڻهين وقت جو پابند. وقت تي دوا کائي، وقت تي لکي پڙهي وقت تي ماني کائي وقت تي سمهي هاڻي ڇا ڪجي؟‘ اسان ٻار چئون ته ’وڃي بابا کي ٿا چئون ماني تيار پئي آ هلي کائو،‘ ته امان جهليندي ته نه اهو مناسب ناهي، مهمان سمجهندو ته مونکي ڪڍڻ لاءِ ٿا چون الائي ڇا. ايتري ۾ ادا وڏو شمس اچي ويندو ۽ چوندو ته ”منٽ ۾ ٿو اماڻيانس!“ امان جهليندس ته ”نه، متان اهڙو ڪم ڪيو اٿئي!“ شمس چوندو هو ته ”مان ڪجهه نٿو چوانس هت ئي ويٺو آهيان ڏسو ته ڪيئن ٿو اٿي!“ فوني کي چاٻي ڏئي کڻي رڪارڊ چاڙهيائين ته راڳ ۽ ساز شروع ٿي ويو. قريشي صاحب شرع جو پابند، غير شرعي عمل ڏسي ’لاحول‘ پڙهي اٿي کڙو ٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو. بابا به اچي نماز پڙهي ماني کائي ليٽي پيو. جڏهن ٻڌايوسونس ته قريشي صاحب کي ڀڄائڻ لاءِ فونو وڄايوسين ته ڏاڍو کليو. مطلب ته پاڻ زبان سان قريشي صاحب کي ته حجاب وچان ايترو به نه چئي سگهيو ته قريشي صاحب هاڻ نماز جو وقت ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ قريشي صاحب سندس ماتحت هو.
حديث شريف آهي ته، ’لڄ ۽ ايمان ٻه گڏيل سڱ آهن، جي هڪڙو اٿي ٿو وڃي‘ ته ٻيو به هليو ٿو وڃي. حديث شريف آهي ته، ’بهترين ورثو جو توهان اولاد کي ڏئي سگهو ٿا سو آهي خلق.‘ ٻي به هڪ حديث شريف آهي ته، ’مان نبي ان ڪري موڪليو ويو آهيان ته ماڻهن جي اخلاق کي زور وٺايان!‘ يعني نبوت جو مقصد ئي هو اخلاقن کي زور وٺائڻ. پاڻ سڳورا اخلاق جو بهترين نمونو هئا، برداشت، ڌيرج، عزت، محبت، مانُ مريادا جهڙيون وصفون منجهن پرڀور ۽ بي حساب هيون. اندازو لڳايو ته هڪ اعرابي سفر ڪري تڪڙو تڪڙو مسجد نبوي ۾ داخل ٿيو ۽ ايترو مجبور هو مسجد ۾ ئي هڪ ڪنڊ ۾ پيشاب ڪرڻ ويهي رهيو. اصحاب سڳورا کيس منع ڪرڻ لاءِ اٿيا ته حضور ﷺ جي کين روڪيو ۽ چيو ته هن کي آرام سان واندو ٿيڻ ڏيو. جڏهن هو شخص واندو ٿي آيو ته حضور رحمة اللعالمين کيس ڪجهه به نه چيو، پوءِ کيس پاسيرو وٺي سمجهايو ته مسجد ۾ ائين نه ڪبو آهي. برداشت ۽ رحم ۽ خلق جي حد ته ڏسو. اڄ جيڪڏهم ان مسجد ۾ ائين ڪريان ته هوند ملان ۽ ماڻهو سندس هڏ گڏ ڀڃي رکن، اهڙيون ڳالهيون ۽ حديثون بابا اسان کي ننڍي هوندي ئي ذهن نشين ڪرائيندو هو. بلڪه اهڙيون حديثون ڪاري مس ۽ ڪلڪ سان سهڻن اکرن ۾ لکائي گهر ۾ لڳائي ڇڏيو هئائين. جيئن هر وقت ڏسندا رهون. پاڻ سڳورن جي اٿڻي ويهڻي، پوشاڪ ۽ کاڌي وغيره بابت به ٻڌائيندو رهندو هو. پاڻ به ڪوشش ڪري عملي طرح ايئن ئي ڪندو هو. ڪڏهن به کاڌي مان وِڏ ڪونه ڪڍيائين.جهڙو مليس جيترو مليس، شڪر ڪري کائي ويندو هو. ڪڏهن ڪو کاڌو وڻيس ته ضرور ساراهه ڪري چوندو هو، ”بيگم! اڄ ته ماني فرسٽ ڪلاس هئي.“ ’فرسٽ ڪلاس‘ جو لفظ گهڻو ڪري پسنديده عمل، نتيجي يا ڪنهن به شيءِ لاءِ استعمال ڪندو هو. اهڙي طرح قرآن شريف جون ننڍيون آيتون به ڪاري مس سان لکارائي گهر ۾ ڀتين تي هڻائي ڇڏيون هئائين. مثلاََ ’فضول خرچ ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن‘ يا ’تحقيق ڪوڙ ڳالهائيندڙ تي الله جي لعنت آهي‘ وغيره. ننڍي هوندي ڪچي ذهن تي اهڙيون ڳالهيون نقش ٿي وڃن ٿيون. ڏسو ٻاراڻي درجن جا پڙهيل بيت اڄ به اسان کي ياد آهن ۽ اڄ ڪوشش ڪرڻ سان به سٺا سٺا شعر ياد نٿا پون. ڀيرومل مهر چند جا بيت ”منهنجي امڙ!“ ... ”وقت چئي آءٌ بادشاهه!“ سٺ پنجهٺ سالن کان پوءِ به اڄ تائين ياد آهن.
بابا کي ٻار جي نفسيات جو ڀرپور علم هو تنهن ڪري ننڍي هوندي ئي اهڙيون تدبيرون ڪيائين. ننڍا ننڍا ۽ سؤلا سؤلا مثال ڏئي وڏا معاملا سمجهائي ڇڏيندو هو، مثلاََ برداشت ۽ ٻين جو حق تسليم ڪرڻ لاءِ چوندو هو ته ”بابا ڏسو ته بازار ۾ اڪيچار ماڻهو آمهون سامهون مخالف رخ ۾ پيا هلن، جيڪڏهن ڪو چوي ته مان ته نڪ سامهون سڌو ويندس ۽ پاسيرو نه ٿيندس ته ضرور ٽڪراءُ ٿيندو ۽ توڙ تائين پهچي به ڪونه سگهبو، پر جي ٻين کي راهه ڏيندو ۽ مُڙندو پاسو وٺندو ويندو ته ضرور توڙ تائين پهچي ويندو!“ اهڙو مثال ٻڌي اسين ٻار ته سيئو بازار جي منظر ۾ گم ٿي ويندا هئاسون ۽ آسيرو پاسيرو ٿي گهاڙ واهه تائين نڪري ويندا هئاسون. ادا وڏو شمس الدين ابڙو ته قوت برداشت جو بيمثال نمونو بڻجي ويو. ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصو ڪونه ايندو هوس بس ويٺو کلندو هو. وٽس هڪڙو نوڪر بورچي هئو. ڏاڍيون چوريون ڪيائين. مون توڙي ٻين دوستن کيس بار بار ٻڌايو ته به چوندو هو ته ”برابر چور آهي پر ويچاري کي جوا جي عادت آهي سو ڇا ڪجي!“ تان جو اوڙي پاڙي جي معزز ماڻهن شڪايتون ڪيس ته ”استاد (سڀ کيس استاد سڏيندا هئا، ويندي ذوالفقار علي خان ڀٽو به کيس استاد ڪري سڏيندو هو.) تنهنجي نالي تي اسان کان روڪ رپيا ۽ هنڌ بسترا به وٺي ويو آهي“ سڏي نوڪر کان پڇيائين ۽ انهيءَ مڃيو. تڏهن وڃي صوبيدار کي گهرائي نوڪر سندس حوالي ڪيائين. مٿس ڪيس هليو ۽ ڇهه مهينا سزا کائي ويو. مان تن ڏينهن ۾ کپري ۾ جج هئس، هڪ دفعي جو اچان ته ساڳيو نوڪر پيو ڪم ڪري. حيران ٿي چيم ته ”ادا هيءُ ڇا؟“ کلي چيائين ته ”ادا ڇا ڪجي بک ٿي مئو، ٻيو ته ڪو نوڪري ڪونه ڏئيس ها، سو چيومانس ته ڀلي ڪم ڪر!“ اها هئي قوت برداشت جي تعليم ۽ تربيت، جا بابا اسان کي ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڏني هئي.
مان جڏهن کپري ۾ جج جي چارج ورتي ته بابا جو جيڪو پهريون خط مون وٽ پهتو سو مون وٽ اڃا سانڍيل آهي. بابا اسان سڀني سان خط و ڪتابت انگريزيءَ ۾ ڪندو هو، اسين به ائين ڪندا هئاسون، پهرئين خط ۾ لکيائين ته، ”پٽ ضمير جو پئسن سان سودو تمام مهانگو سودو آهي. سو ڪنهن به وقت جيڪڏهن سمجهين ته ان کان سواءِ چارو ناهي ته هڪدم نوڪري ڇڏي واپس هليو اچجان. الله وٽ ۽ مون وٽ ايترو ڪجهه آهي جو توکي کارائي سگهنداسون!“ ڇا ٿا ڀانيو؟ ڪنهن جو پيءُ اهڙي معزز نوڪري ڇڏڻ جي تلقين ڪري ته پوءِ ڪير آ جو ضمير جو سودو ڪري ۽ رشوت وٺي، اهڙا پيئر به گم ٿي ويا، الله واقعي ڏئي ٿو. مان ان جو زنده مثال آهيان ۽ گواهي ڏيان ٿو.
الله رب العالمين آهي ۽ رزق جو ذمو پاڻ کنيو اٿائين. بابا جڏهن 1944ع ۾ رٽائر ٿيو ته سندس پينشن 240 رپيه ماهوار مقرر ٿي. پاڻ بلڪل فڪرمند ڪونه ٿيو. هاسٽل ۾ سڀني شاگردن ۽ استادن گڏجي سندس الوداعي دعوت ڪئي، ڪجهه استادن ۽ شاگردن تقريرون ڪيون، ڪجهه شاگرد ته زار و قطار روئڻ به لڳا. آخر ۾ پاڻ اٿي وعظ نموني سڀني کي نصيحتون ڪيائين، ۽ مزاحيه جملا به ڳالهايائين پر مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ به پاڻي تري آيو هو. خدا جو شان ڏسو ته سرڪار پاران کيس مير تاج محمد خان خلف شير سنڌ مير شير محمد خان جو اتاليق مقرر ڪيو ويو، پنج سئو رپيا ماهوار وظيفي سان. ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي پيا. پاڻ ميرپور خاص غريب آباد محلي ۾ جاءِ مسواڙ تي وٺي رهائش اختيار ڪيائين. خانبهادر محمد حيات خان جوڻيجو سندس پاڙيسري هو.
خانبهادر صاحب رڄ چڱو مڙس، لاجواب ماڻهو هو. ڪروڙ پتي پشتي زميندار هو ته به پوشاڪ، رهائش ۽ اٿڻي ويهڻي بلڪل سادگي واري، سونهاري هوندي هئس ۽ اڇي پڳ ٻڌندو هو. مهمان جام ايندا هئس غريب غربا هاري ناري ۽ ٻيا. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته خانبهادر صاحب پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻوڙ جا ڍاڪون ۽ مانين جون ٿالهيون کنيو پيو ايندو هو. وري هٿ به سڀني کي پاڻ ڌوئاريندو هو. اها شانائتي روش به اڄڪلهه گم ٿي وئي آهي. اتي ئي سندس ٻن فرزندن ڪريمداد ۽ علي خان سان واقفيت ٿي جا سالن جا سال هلندي اچي. ڪريمداد گذاري ويو آهي باقي علي خان ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سانگهڙ ڇڏي مستقل ڪراچي ۾ رهن ٿا. علي خان ته نواز دور ۾ فيڊرل منسٽر به ٿيو. خانبهادر صاحب ٻنهي پٽن کي ننڍي ئي پروفيسر ڊيو آرٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي فئملي سان هو گهر ڀاتي طور رهندا هئا. هو ڪريمداد کي ڪينٽ ۽ علي خان کي ايلن ڪري سڏيندا هئا. پر ٻنهي پنهنجو ديسي ڪلچر ڪونه ڇڏيو.
ڪريمداد ته منهنجو گهاٽو دوست هو پر جهڙوڪر منهنجو مريد يعني منهنجي اخلاق ۽ ڪردار کان ڏاڍو متاثر هو. ساڻس گڏ مون پروفيسر ڊيوآرٽ سان به ملاقاتون ڪيون پر هو صاحب مونکي بلڪل سطحي نظر آيو. ٻاهريون ڏيک ويک، پوشاڪ ۽ شاهوڪاري کيس گهڻو متاثر ڪندا هئا (سندس مداحن کان معذرت). منهنجي ننڍي ڀاءُ ڪمال جو هڪ گهاٽو يار هو محمد علي ٽڳڙ، جو نذر محمد ٽڳڙ اي. ڊي. ايم حيدرآباد جو ننڍو ڀاءَ هو. نذر محمد به واهه جو يار ويس ماڻهو هو. حيدرآباد جا سڀ وڏا ماڻهو توڙي غريب غربا مٽ مائٽ وٽس ڳاهٽ پيا ٿيندا هئا. کارائڻ پيارڻ رهائڻ ۽ سندن ڪم ڪار ڪرڻ سندس شيوو هوندو هو. وڏي هلندي پڄندي وارو ۽ فياض هو. محمد علي ٽڳڙ کي شهزادن وانگر پاليائين، محمد علي ٽڳڙ خوبرو جوان هو. پروفيسر ڊيوآرٽ ڊي. جي نيشنل ڪاليج جو پرنسپال بڻيو. ڪو شاگرد وٽس ڪم ڪار سان ويندو هو ته کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين جاچيندو هو ۽ جيڪڏهن منجهس ڪا وِڏ نظر آئي ته اتي جو اتي ڇڙٻ ڏئي واپس ڪندو هو.
محمد علي ٽڳڙ ڏاڍو سمجهو ۽ چتر هو. ڀلو فل سوٽ ڪڍي انهي ئي رنگ جي قميص ٺهرايائين جنهن کي بٽڻ به نيلي رنگ جا وجهارايائين، ان تي ميچنگ ٽاءِ ٻڌي چمڪيلو بوٽ پائي وڃي پروفيسر ڊيو آرٽ سان سندس بنگلي تي مليو، جنهن کيس هيٺ کان مٿي ڏسي کلي چيو. ته ”في الحال منهنجي ڌيءَ سان ڪچهري ڪر مان اجهو ٿو اچان!“ ڪرستان ڪلچر ۽ گووا جو ڪلچر ائين هو. مون به عمر گذاري آهي ڪراچي ۾، ۽ مون ۽ منهنجن ڪيترن دوستن جو اهو ئي تجربو هو. مير علي بخش خان ٽالپر ايم اين اي شاگردن واري زماني ۾ رهندو ئي سامرسيٽ اسٽريٽ جي هڪ فليٽ ۾ هو جتي رڳو ڪرستان ۽ گوواني هئا. مرحوم قيصر خان جتوئي ايڊووڪيٽ به اتي ئي رهندو هو. شمس الدين بلوچ ته شادي هڪ ڪرستان ڇوڪري سان ڪئي ۽ هاڻي ان سان گڏ آمريڪا ۾ رهي ٿو.
غريب آباد ميرپور خاص ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بابا ڀرپور زندگي گذاري. هڪ ته مير تاج محمد خان، جو جوانيءَ ۾ قدم رکي رهيو هو، ان جي سنڀال سندس ذمي هئي ۽ ان تي پورو پورو توجهه ڏنائين. مير صاحب هڪ ته ميراڻو ٻار ٻيو سندس عادتون پڪيون ٿيل، مثلاََ مير صاحب صبح جو ننڊ مان دير سان اٿندو ۽ سڄو ڏينهن آلسي ٿيو پيو اوٻاسيون ڏيندو هو. مهيني ٻن ۾ مير صاحب ماڻهو ئي ٻيو ٿي ويو. صبح جو سوير اٿڻ، ڏندڻ ڪرڻ، وهنجڻ، ورزش ڪرڻ، کاڌي ۾ ڀاڄيون، ميوا ۽ کير استعمال ڪرڻ، پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ، استادن جي عزت ڪرڻ، اسلامي ڳالهيون شوق سان ٻڌڻ، جڏهن اهي سڀ تبديليون مير صاحب ۾ اچي ويون ۽ هڪ ذميدار نوجوان ٿي پيو ته بابا پاڻمرادو مٿي لکي موڪليو ته هاڻي مير صاحب کي سنڀاليندڙ جي ضرورت نه آهي، بلڪ هو پاڻ سڀ ذميواريون سنڀالي سگهي ٿو. مير صاحب اڃا به جڏهن مونسان ملندو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ بابا ته ڇا، منهنجي به عزت ڪندو آهي.
غريب آباد ۾ اسان جي گهر جي پٺيان واري گهٽيءَ ۾ مير امام بخش خان ولد سردار بهادر مير الهداد خان ٽالپر نئون بنگلو جوڙايو جو تمام سهڻو هو. مير امام بخش خان منهنجي دوست مير علي بخش خان جو وڏو ڀاءُ هو. مير صاحبن ۾ مزاح جو حس ڏاڍو ڀرپور هئو. خود سردار بهادر جو به اهو ذوق هو. بابا هڪ دفعي سردار بهادر کي چيو ته ”توهان وٽ سون امانت رکڻو اٿم.“ سردار بهادر خنده پيشاني سان چيو ته ”ڀلي، دير ڇا جي آهي؟“ مان پاڻ حيران ته بابا وٽ سون ڪٿان آيو؟ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بابا وري سردار بهادر وٽ هليو ۽ کيسي مان هڪڙي ڏهن تولن واري سون جي ڏٽي ڪڍي کيس ڏنائين. سردار بهادر ٽهڪ ڏئي چيو، ”مار! خانصاحب توتي ته وڏو بار هو، سڄو ٻاچڪو سون جو پٺيءَ تي لڏي آيو آهين“ بابا طنز سمجهندي مشڪندي چيو ته ”منهنجو ٻاچڪو اهو ئي آهي.“ مڄاڻ بچت خاطر هڪ هندو ماستر جي صلاح تي ڏهه تولا سون وٺي رکيو هئائين. تن ڏينهن ۾ سون جو اگهه پنجاهه سٺ رپيه تولو هو.
انهيءَ پوئين گهٽيءَ ۾ مسجد هئي، جنهن ۾ جمعي نماز پڙهندا هئاسون. خطبو ملان پڙهندو هو، امامت به اهو ڪندو هو. دعا کان پوءِ بابا اٿي بيهندو هو ۽ سڀني کي ويهڻ لاءِ چوندو هو ۽ پوءِ وعظ ڪندو هو. اسلامي معاشري ۽ سماج تي ۽ سيرت النبي ﷺ عالم ته هو وري اخلاص ۽ همدردي به سو ماڻهو سندس عزت ڪندا هئا ۽ کيس سڃاڻندا به هئا سي هر جمع تي سندس وعظ جو شوق سان انتظار ڪندا هئا. ملان کي اچي ڊپ لڳو ته هي رٽائرڊ ڪامورو ڪو سندس جاءِ ڀرڻ ٿو چاهي، سو هڪ جمعي تي جيئن ئي بابا اٿيو ته ملان ڪاوڙ ۾ اچي کيس جهليو ۽ منع ڪئي ۽ ماڻهن کي به ڇيڙيائين ته هي ڏاڙهيءَ ڪوڙيو کين گمراهه پيو ڪري. مون ڀانيون ته اجهو ٿو جهيڙو ٿئي پر بابا اڏول ٿيو مشڪندو رهيو ۽ ملان ۽ ماڻهن کي سمجهايائين ته از روءِ قرآن، چڱائيءَ جي تلقين ڪرڻ ۽ براين کان روڪڻ هر مسلمان جو فرض آهي ۽ ڪيتريون ئي آيتون پڙهي انهن جو ترجمو به ٻڌائيندو ويو ۽ مسجد جا آداب به سمجهائيندو ويو. ملان ککو وکو ٿي ويو، ڇو ته وٽس ايترو علم ڪونه هو سو بڙ بڙ ڪندو نڪري ويو.
بابا جيسين ميرپور خاص ۾ هئو ته اهو تبليغ جو سلسلو مسجد ۾ هلندو آيو. ماڻهن جي سوالن ۽ مسئلن جا جواب به شريعت موجب ڏيندو رهندو هو. ميرپور خاص جي جامع مسجد جو امام هڪ شيخ صاحب هو ان سان به سندس ڪچهريون ٿينديون هيون. ٻيو به ريلوي جو بابو هو جنهن ۾ تڙپ ۽ تلاش جو جذبو هو. رستي تي بيهاري سوال جواب ۽ علم جي گفتگو ۾ لڳي ويندو هو. بابا جيتوڻيڪ ٿور ڳالهائو ۽ وقت جو پابند هو ته به ساڻس اسلام بابت گفتگو ڪندو رهندو هو. بابو صاحب تصوف ۽ روحانيت ڏانهن مائل ۽ بابا سختيءَ سان اسلامي سماج معاشري ۽ دنيوي ترقي جو قائل هو ۽ ٻئي هڪٻئي کي هم خيال نه ڪري سگهيا. شيخ عبدالستار ائڊيشنل ائڊووڪيٽ جنرل ڳالهه ٿو ڪري ته هو ۽ ان جا ڪجهه دوست هوٽل تي چانهه پيئندي سائين يعني بابا کي رستي تي ڏسندا هئا ته سائينءَ جي رعب کان هوٽل جي پٺئين دروازي کان ڀڄي ويندا هئا ته متان سائين چوي ته ڇوڪرا لوفر ٿي پيا آهن ۽ هوٽلن تي ويٺا آهن. ان دور ۾ مارل ڪوڊ (اخلاقي قدر) ايڏو مضبوط هئا جو سئنيما ته ڇا پر هوٽل تي ويهڻ به عيب هو. هي مان 1945-1940ع جي ڳالهه ٿو ڪيان. پر وڏي ڳالهه آهي بابا جي اخلاقي رعب جي! اڄ ماستر شاگردن سان گڏ هوٽلن تي ويٺا سگريٽ پيئن ۽ مٿان وري شڪايت ڪن ته استادن جي اها عزت نه رهي آهي.
بابا مونکي ننڍي هوندي جڏهن اڃا مان سنڌي پرائمريءَ ۾ هوندو هئس ته ڳوٺ نظر ابڙي ۾ داخل ڪرايو جتي هڪ سٺو استاد سائين جڳتراءِ هو. وري چوٿين درجي سنڌيءَ ۾ ڳوٺ وليد ۾ داخل ڪرايائين جتي سائين آسنداس استاد هو، هيڏو سارو پنڌ ڪري شهر کان ٻاهر ستن اٺن سالن جي ٻار کي موڪلڻ، مونکي سمجهه ۾ نه آيو. شايد ٻهراڙي جي ماحول کان مانوس ڪرڻ مطلب هو يا استاد سٺا هئا. ڪجهه استاد جو اخلاقي ڪردار ڪجهه مائٽاڻي تربيت اهڙي هئي جو استاد لاءِ بيحد احترام هوندو هو. هڪ دفعي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ راءِ صاحب ٽوپڻ داس واري بنگلي جي ٿلهي تي ڪرسيون وجهيو يارن دوستن سان ويٺا هئاسون ته ڏٺم ته رستي سان هڪ ڌوتي بند پوڙهو هندو پيو وڃي. اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ، هٿ ۾ لٺ ۽ چمپل ڦاٽل، چتائي چتائي چيم ”اڙي هي ته سائين جڳتراءِ‘“ اٿي وڃي پيرين پيومانس. منجهي پيو پڇيائين ”ابا ڪير آهين؟“ چيم سائين جمال الدين ابڙو. چي ”ابا تون ته سيشن جج آهين نه؟“ مون چيو ”هائو سائين! پر آهيان ته توهانجو شاگرد“ هٿ مان وٺي ٿلهي تي ويهاريومانس. لمليٽ جي بوتل به پياري مانس. ڏاڍيون دعائون ڏنائين. سائين جڳتراءِ عزت لهڻي، يعني ڪمانڊ ڪئي. سندس اخلاق ۽ ڪردار ئي اهڙو هو. عزت ڪمانڊ ڪبي آهي، نه ڪ خيرات ۾ ملندي آهي. پنهنجو اخلاق ۽ ڪردار صحيح هجي ته ڪو ٻيو بيعزتي ڪري ئي نٿو سگهي. اها ڳالهه مان ور ور ڪري پنهنجي گهر ۾ دهرائيندو آيو آهيان. منهنجا ٻار ته اها ڳالهه سمجهي ويا پر منهنجي گهر واري مرحوم اصلي نه سمجهي سگهي. ڇاڪاڻ ته عورتن جو ماحول ئي ٻيو ٿو ٿئي ۽ پچر ٿي هلي.
ڇاڪاڻ ته سندس اخلاق ۽ ڪردار بيداغ هئا، ان ڪري هوءَ پچر ۽ گلا کي بيعزتي سمجهندي رهي. مونکان سوال ڪندي هئي ته ”رستي ويندي توهان کي ڪو گار ڏئي ته اها بيعزتي نه ٿي؟“ مان کلي چوندو هئس، ”سرڪار منهنجي عزت ايتري ٽانڪئي آهي ڇا جو ڪنهن جي گار سان ٽٽي پئي؟“ لاجواب ٿي ويندي هئي پر مطمئن نه ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن گهر ۾ ٻارن جي روبرو مون ان موضوع تي سيشن (نشست) ڪيو. مثال ڏنم ته حضور ﷺجن کي به گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. مٿس پٿر ۽ گند ڪچرو اڇليو ويو پوءِ ڇا اها حضور جن جي بيعزتي ٿي يا انهن ملعونن جي؟ عزت ماڻهوءَ جي عمل ۽ نيڪ نيتي سان محفوظ آهي، جنهن کي ڪو خارجي عمل، ڪا رهڙ يا رنڊ پهچائي نٿو سگهي.
علامه آءِ آءِ قاضي هڪ لڱا چيو ته ”مان جيڪڏهن ٻهارو کڻي تلڪ چاڙهيءَ تي ٻهارو ڏيان ته مان علامه قاضيءَ مان مٽجي ٻيو ماڻهو ٿي پوندس ڇا؟“ منهنجي مرحوم گهر واري ڳالهه ته سمجهي وئي، ته به چيائين ته ”اهو ٻيو زمانو هو ۽ هاڻوڪو ماحول ٻيو آهي، ماڻهن جي سوچ به ٻي آهي ۽ نه وري اسان اهڙا وڏا علامه آهيون.“ سندس ڳالهه ۾ به سچائي هئي ۽ ڇوڪرين به سندس پاسو کنيون ته اسڪول ڪاليج ۾ سادا ڪپڙا پائي ٿيون وڃيون ته سُڃائيءَ جا طعنا ٿا ملن. ڳالهه اها به سچي هئي پر پرائي سوچ تي پاڻ کي مٽائبو رهبو ته پوءِ ’ريساڙو گدڙ‘ وڃي ٿبو. ڇوڪريون به سمجهي ويون پر عملي طرح سوسائٽيءَ جي ڌارا مان ته عورتون ٿيون گذرن تنهن ڪري مون وڌيڪ سختي ڪانه ڪئي، رڳو بابا جو مثال ڏنم ته ”ڏسو ڪيڏو سادو هو ڪپڙي لٽي کاڌي پيتي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾، مسواڙي گهر ۾ رهيو. گاڏي ڪار ته ٺهي ٽانگي ۾ به ڪين چڙهي پر سندس عزت سندس علم ۽ اخلاق جي ڪري آهي جا کانئس ڪير به کسي نه سگهندو.
هاڻي توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته هو علم ۽ اخلاق ڇڏي ماڻهو جي سطح تي لهي اچي يا ماڻهو سندس سطح تي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ۽ مٿس رشڪ ڪن. جبل تي بيهبو ته سڀڪو سندس چوٽيءَ ڏي نهاريندو ۽ مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو. باقي جي وڇائجِي گِلم ٿي پئبو ته سڀ ڪو مٿس بالم ٿي چڙهي ويهندو. ڇا ڪو پرمتڙيو ٿيڻ قبول ڪندو؟“ بهرڪيف، مناظرو مون کٽيو ۽ سڀ ماٺ ٿي ويا. اڄ جڏهن پروفيسر ڀارواڻيءَ جو ڪلچر بابت مقالو مان گهر ڀاتين سان لاڳو ڪيان ٿو ته مطمئن آهيان ته ڪي، بلڪه ڪافي داڻا چڱائيءَ جا منهنجي هر هڪ گهرڀاتيءَ ۾ پاڇي رهجي ويا آهن، الحمد الله جنهن به شعبي ۾ آهن، ڌيئون توڙي پٽ، مڙيئي ڪجهه قدر يگانا آهن.
نڪي مان، نڪي بابا ڪرامتن جا قائل هئاسون، بابا ته سختي سان ڪرامتن ۽ روحانيت جي مخالفت ڪندو هو. پيري، مريدي ۽ مرشدن ۾ انڌو عقيدو، سندس تنقيد جا موضوع هئا، خفِي ذڪر ۽ جلي ذڪر تي طنز ڪندو هو ته رڳو ’الله الله‘ چوڻ يا ’لاالھ الاالله ‘ جي وِرد مان ڇا ورندو؟ سندس سڄو زور عمل تي هو. چوندو هو ته ” ’الله الله‘ يا ’لاالھ الاالله ‘ چوڻ ته طوطي جي ٻولي آهي، جيسين ان تي دل سان يقين رکي اِهي عمل ڪجن جن بابت الله ۽ سندس رسول حڪم ڪيو آهي. چوندو هو ته، ڪلمي جو مطلب ئي اهو اهي ته زندگي جي هر ڪم ڪار ۾ الله ۽ رسول جي احڪام کانسواءِ، ٻئي ڪنهن جو به حڪم نه مڃجي ۽ سموري زندگي اهڙي نموني ئي گذاري وڃجي. بندو هڪ نوڪر جيان آهي، ڇو ته هو ’عبد‘ آهي.“ مثال ڏيندو هو ته ”جيڪڏهن نوڪر هٿ ٻڌيو بيٺو هجي ۽ پيو چوي ته ’سائين مان تنهنجو نوڪر، ٻانهون، غلام‘ مالڪ چويس ته ’چڱو مان وڃان ٿو، صفائي ڪري ڇڏجانءِ. بوٽ پالش ڪري ڇڏجانءِ ۽ ماني ٺاهي رکجانءِ‘، جڏهن مالڪ موٽي ته نوڪر ٻانهون ٻڌيو بيٺو هجي ته ’سائين مان نوڪر غلام‘ جي پڇيس ته ’صفائي ڪيئي؟‘ چي ’نه سائين‘، بوٽ پالش ڪيئي چي ’نه سائين‘، ماني ٺاهي اٿئي چي ’نه سائين، مان توهان جو نوڪر، غلام، ٻانهون!‘، ته مالڪ کيس نالائق سمجهي ڪڍي ڇڏيندو يا خوش ٿي شابس ڏيندو؟“
اهو حال سڄي امت جو آهي، جو نه الله جي عزت نه رسول جي عزت. رڳو زباني جمع خرچ. پڇاڙيءَ واري بيماريءَ ۾آخري وقت اسان جو ننڍو چاچو علي محمد وٽس آيو ۽ چيائينس ته ”ادا هي ڪلمي پڙهڻ جو وقت آهي ڪلمو پڙهو!“ ته ڪمال اعتماد سان جواب ڏنائينس ته ”هيءُ ته بيڪاري جو وقت آهي، ڪلمو پڙهڻ ته سڄي زندگيءَ جو مسلسل عمل هو، هاڻي پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ چاچو ڏکارو ٿي اٿي ويو. چي ”ڪلمو به نصيب نه ٿيس!“ پر بابا مطمئن هو ۽ سندس منهن تي عجيب پراعتماد رونق هئي. پاڻ اندازو لڳايو ته ان ماڻهن جي عملي زندگي ڪهڙي نه پاڪيزه ۽ بي داغ هوندي ۽ سندس ايمان ڪيڏو نه غير متزلزل هوندو.
بابا وٽ ٻه پٽيوالا هوندا هئا. هڪڙو نائڪ، خيرپور ميرس جو صاحب خان جانوري، جوا هلِ تشيع جو هو، وڏا اڇا شهپر هوندا هئس ۽ گهڻو ڪري روزانو شيوَ ڪندو يعني ڏاڙهي ڪوڙيندو هو، ٻيو محمد اسماعيل جو ننڍو نيٽو خوبرو جوان هو جو بورچيءَ جو ڪم ڪندو هو. ٽيون هو جت ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ آفيسر اُٺ تي چڙهي گشت ڪندا هئا. مون به ڪئين ڀيرا اُٺ جي سواري ڪئي. هڪ دفعي لڪي شاهه صدر جي سرڪاري بنگلي ۾ منزل انداز هئاسين. منجهند جي ماني کائي هٿ ڌوئڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. اسماعيل هٿ ڌوئاريا ۽ صاحب خان ادب سان بيٺو هو. سامهون لڪيءَ جا جبل ڀت وانگر بيٺا هئا. مون جبل پهريون دفعو ڏٺا هئا. ايئن پي لڳا ڄڻ اوڏڙو بيٺا آهن. ٽاڪ منجهند غضب جي گرمي ۽ لُڪ پي لڳي مون بابا کي چيو ته ”مان جبل ڏسي ٿو اچان“. چيائين ته ”بابا ويجهو ڪونهي ڪوهه پنڌ جو پري آهي!“ مونکي اعتبار نه آيو. ڀلا اکئين بيٺو ڏسان سو چيومانس ته ”توهان رڳو موڪل ڏيو مان ڊوڙي جبل کي هٿ لائي جهٽ ٿو موٽي اچان!“ منع ڪري چيائين ”سڀاڻي ٽانگي تي هلي توکي گهمائي ايندس، اتي چشما به آهن، واهه جو نظارو آهي پر جي مينهن پئجي وڃي ته واهه واهه، جبل تي آبشار وهي هلندا ۽ نئن ڪڙڪا ڪري وهندي!“ ائين چئي بابا سمهڻ لاءِ اندر هليو ويو. اتي خان صاحب چيو ته ”خدا خير ڪري اڄ الائي ڪيڏو مينهن وسندو!“ مون چيو ”ههڙي لڪ ۽ گرمي، هڪ ننڍڙي ڪڪري به آسمان ۾ ڪانهي، مينهن وري ڪٿان پوندو!“ صاحب خان وري به چيو ته ”ڏسجو ويٺا، مون صاحب جا اهڙا ڪيئي معجزا ڏٺا آهن!“ خير مان به اندر وڃي سمهي پيس.
عصر نماز مهل جڏهن نڪرون ته ڪارونڀار لڳو پيو هجي. مينهن جا ڪڙڪا هجن ۽ جبل تان آبشار پيا وهن. صاحب خان فاتحانه انداز ۾ چيو، ”ڏٺئي ننڍا صاحب!“ مون ته سندس ڳالهه تي ڌيان ڪونه ڏنو پر منظر اڃا تائين چٽو ياد اٿم. هاڻي سوچيان ٿو ته ڪرامت ۽ معجزي جو سوال ئي ڪونهي پر الله تبارڪ و تعاليٰ جي رحمت جوش ۾ اچيو وڃي ۽ اهڙا واقعا ظهور پذير ٿين ٿا. ترقي پسند ماڻهو انهيءَ کي اتفاق چون ٿا. بابا پاڻ ان کي اتفاق ۽ الله جي رحمت سڏيو، پر بقول صاحب خان جانوريءَ جي ته اتفاق به ايڪڙ ٻيڪڙ نه، هت ته هر هر اتفاق ۽ حادثا پيا ٿين. مان انهيءَ معمي کي اڃا سمجهي نه سگهيو آهيان ۽ آهي به سمجهه کان ٻاهر.
ڳوٺ ۾ ننڍي هوندي ڇا ڪندا هئاسون. جو هڪڙو ننڍو کڏو کوٽي ان ۾ پاڻي جو دلو هاري هڪ دُٻو ٺاهيندا هئاسون. وچ ۾ هڪ ننڍي ڪاٺي کوڙي پوءِ هڪ ماڪوڙو پڪڙي ان کي ڪاٺيءَ تي چاڙهي ڇڏيندا هئاسون، پوءِ اهو ماڪوڙو ويچارو پيو هلندو هو. چوٽ تي چڙهي خلا ڏسي هيٺ لهندو هو ۽ وري پاڻي ڏسي مٿي چڙهندو هو. اسين کيس ائين لهندو چڙهندو ڏسي مزو وٺي راند ۾ لڳي ويندا هئاسين، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ موٽي اچي ڏسون ته ماڪوڙو انهي لهه چڙهه ۾ لڳو پيو هجي. کيس نه اهو مانڊاڻ سمجهه ۾ اچي، نه ان مانڊاڻ کي مٽائي يا ڊاهي سگهي. اسان جي به اها ئي حالت آهي. صبح سان بٽڻ دٻايو ته وٺ وٺان شروع، ويندي جڏهن رات جو بٽڻ بند ڪيو ته ڦهه بستري تي ۽ وري ٻئي صبح مشين جي پرزي وانگر ساڳي ٺڙا ٺڪ شروع. ائين اڇا پئجي وڃن ۽ لڱ جواب ڏئي وڃن. پوءِ خبر پوي ته مار هي مٿان ماري ڪنهن اڻ ڏٺي قوت جي اڻ سڻئي حڪم هيٺ ڪري اچي لڙي ٽيپهري ٿي ۽ اجهوڪي اجهو سج لٿو. اها خبر ۽ ڄاڻ به ڪن ڇٽل ۽ شفاف روحن کي پوي ته پوي، باقي سڀ اوندهه ۾ هٿوراڙيون ۽ ٿاڦوڙا هڻي گدلاڻ ڦهلائي وڃي ته نرڳ يا سرڳ واسي ٿين. ڄاڻي ڄاڻڻهار اسين نٿا ڄاڻون، نٿا ڄاڻون. شل ڪا پنهل کي ٻاجهه پوي. ٻيو ڪو ڳَٿو ڳلي ڪونهي. سچل سائينءَ واهه جو چيو:
ميري آهيان مندي آهيان، بيشڪ تيڏي بندي آهيان،
ڍڪين تون ڍولڻا عيب نه ڦولڻا، ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا.
اهي هئا استاد اديب جن جي عمل ۽ ڪردار ۽ ڪلام ۾ ڪو فرق ڪونهي. اڄ ڏيڍ هريڙ وارو به اديب ٿي پيو آهي. ٻڌو اٿم ته اهڙا اديبڙا کِجَ (فرسٽريشن) وچان چون ٿا ته پوڙهن اديبن مان جند ئي نٿي ڇٽي. اهو ايئن آهي جيئن ڪو نئون ڳائڻو يا ڳائڻي چوي ته ميڊم نورجهان يا اُم ڪلثوم مان الائي ڪڏهن جند ڇٽندي. ظاهر آهي ته جند تڏهن ڇٽندي جڏهن توهان به موسيقي جي ان منزل تي پهچندا. هو ته مرڻ کان پوءِ به جيئنديون ۽ ڪي ماپا ۽ ماڻ ڇڏي وينديون. هو مري به ڪونه مرنديون. شيخ اياز به ڪونه مرندو.
موسيقي به ڪن قدرتي عناصر تي قابض ٿيو وڃي. آواز جو جادو يا آواز جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي جوڙجڪ کان ڪو به انڪار نٿو ٿي سگهي. اڄ سائنسدان آواز جي قوت ماپين ٿا ۽ ڪتب آڻين ٿا. گوريلا باندر ۽ هاٿي به سُر ۽ آواز جو اثر قبول ڪن ٿا. ننڍي هوندي زمين ۾ ڪو ننڍڙو گول نشان ڏسندا هئاسون ته ان کي آهستي آهستي کوٽي ڦوڪون ڏئي مٽي پاسي ڪندا هئاسون ته هڪ ميرانجهڙو مٽيءَ جهڙو جيتامڙو نڪرندو هو. صفا گڪُ مُڪ ٿيو پيو هوندو هئو. هلندو يا ڀڄندو ڪونه هو. نالو ته ڪو به ڪونه هئس پر اسان انهيءَ کي گهگهه سڏيندا هئاسون. پوءِ ٿالهي کڻي ان کي ڪاٺي سان وڄائيندا هئاسين ته اهو جيتامڙو جهڙوڪر نچڻ شروع ڪندو هو. ايئن مزو وٺي وري کيس وارياسي زمين تي رکندا هئاسين ته جهٽ مٽيءَ ۾ گم ٿي ويندو هو. ننڍي هوندي. مونکي ياد آهي ته ڪنهن ٻار کي ماتا، ارڙي يا لاکڙو نڪرندو هو ته امان، جنهن جي هندو عورتن سان ڏاڍي چَس هوندي هئي انهن مان ڪن کي سڏائيندي هئي ۽ اهي اچي ڀڄن يا گيت ڳائينديون هيون، مونکي ان گيت جو بند اڃا ياد آهي:
ٺار ماتا ٺار، پنهنجي ٻچڙن کي ٺار!
بيماري کڻي نه ويندي هئي، پر ڪجهه قدر آرام اچي ويندو هو. اڄڪلهه ڊاڪٽر به اها ڳالهه مڃين ٿا. دعا ۽ الفاظ جو اثر ته هر ڪو مڃي ٿو. بابا خود بيمار مٿان هڪ دعا پڙهندو هو ۽ مريض کي فائدو ٿيندو هو پر بابا ان ڳالهه کي اهڙي نموني نه مڃيندو هو. چوندو هو ته الله تعاليٰ کي ٻاڏائجي ٿو ۽ هوئي قادر ۽ شفا ڏيندڙ آهي، اسين ته رڳو عرض ڪرڻ وارا آهيون، بلڪل ٺيڪ، پر اهو به ته ڏسڻو آهي ته عرض ڪرڻ وارو ڪير آهي. بيشڪ الله سائين دعائن ٻڌڻ وارو آهي، پر مون جهڙي هڪ ماڻهو جي دعا ۽ پاڪ پيغمبر جي دعا ۾ الاهي فرق آهي. ڀلا جي آواز، الفاظ ۽ سُر ۾ تاثير آهي ته هڪ نيڪ نيت باعمل ۽ نيڪ ڪردار ماڻهو جي دعا يا صرف اندروني خواهش جو اثر ڇو ڪين ظهور پذير ٿيندو؟ انهيءَ جو اهو مطلب ڪونهي ته اسين ڪچي ايمان جا ٿي ڀورڙا ۽ وسوسي وارا ٿي پئون. بيشڪ نفعو نقصان الله ۽ صرف الله تعاليٰ وٽان آهي.

4

بابا وانگر مان به انهيءَ اٽل وشواس جي موحد ۽ ذري گهٽ وهابي آهيان، پر هاڻي مون ۾ ڪجهه لچڪ آئي آهي. هڪ دفعي حيدرآباد ۾ مان سب جج هوس ۽ قادري صاحب جو وڏو پرهيزگار، عبادتگذار ۽ فقير منش هو، سو سيشن جج هو. مان وٽس ويس ته، کهڙن جو مخدوم صاحب مخدوم نيڪ محمد وٽس ويٺو هو. ڏاڍي ڳوڙهي گفتگو ۾ مشغول هئا. مخدوم صاحب سان منهنجي به دعا سلام هئي جو مان خيرپور ميرس ۾ جج رهي آيو هئس، اوچتو قادري صاحب، مخدوم صاحب کان سوال ڪيو ته ”قبلا! ڇا تقدير مٽجي سگهي ٿي ۽ موت جو ٽائيم جو مقرر آهي سو ڦري سگهي ٿو؟“ مخدوم صاحب جواب ڏنو ته ”هائو!“ قادري صاحب چپ ٿي پڇيو ته ”ڀلا ڪيئن؟“ مخدوم صاحب مختصر جواب ڏنو ته ”الله سائين پاڻ دعا جو پروويزن(provision) رکيو آهي“. هڪ معصوم ۽ نيڪ بندي جي دعا تقدير مٽائي سگهي ٿي ته پوءِ رواجي ڪرامات يا حادثات جي ڪهڙي حيثيت؟ اهڙا ڪيئي مشاهدا هر ڪنهن جي زندگي ۾ ٿيا هوندا. رڳو ويهي ياد ڪيو ته ڌنڌلا واقعا نروار ٿي پوندا.
ٻي ڳالهه بابا جي جنهن تي مان سختي سان پابند هئس، سا هئي، پنهنجا اعمال. سندس چوڻ هو ته عمل چڱو ڪيو ته اجورو به چڱو ملندو. مون تي اهو اصول اهڙو ذهن نشين ٿي ويو هو جو ڪاليج ۾ امتحان جي ڏينهن ۾ ڇوڪرا نمازون پڙهڻ ۽ دعائون گهرڻ لڳندا هئا، مان الٽو نمازون ڇڏي ڪتابن کي لڳي ويندو هئس ۽ چوندو هئس ته اهائي منهنجي نماز ۽ دعا آهي. بابا ته انهيءَ حد تائين ويندو هو جو چوندو هو ته ”مون لاءِ خير خيرات. ٽيجهو، چاليهو، قرآن خواني ۽ ختما نه ڪجو ڇو ته توهان جو عمل مونکي نه پهچندو. اهو ثواب اوهان کي ئي ملندو، مونکي منهجا عمل ڇڏائيندا!“ مان ڀانيان ٿو ته سندس اهڙا خيال وقت جي تقاضا ۽ ماڻهن کي صحيح راهه تي آڻڻ جي ايماندارانه ڪوشش ۽ پيرن فقيرن ۽ مرشدن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ ضروري هئا. مون ۾ هاڻي لچڪ آئي آهي. اعمال ۽ خلق پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ ضروري آهن ۽ موجب رسالت آهن پر حج بدل به آهي ته دعا به آهي ۽ شفيع المذنبين به آهي. درود شريف ته الله، انسان ۽ ملائڪ به پڙهن ٿا ۽ ان جو ضرور اثر ۽ اجر آهي. الله جو فضل ۽ شافع المحشر جو ڪرم به برحق آهي.
بقول ڀٽائي رحمة الله عليھ جي:
هتُ ڪتڻ واريون ڪيتريون، ڪتڻ ڪبو ڪوهه،
جو بندو ڪم ڪري، سو سڀوئي ڏوهه،
تون پارس آءٌ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
مڌو لال حسين به چيو ته ”البيلي ڪيوين ڪَتي“ البيلي ڇو ڪَتي؟ هن جي هر ادا پئي وڻندي سندس ڏنگائي به پئي وڻندي، پر هي ڳالهيون اسان رواجي ماڻهن لاءِ ناهن، پهرين اها منزل ماڻڻي پوندي، نه ته ماڻا ڪونه هلندا، ڪونه وڻندا.
مان هروڀرو ثابتين جي جهنجهٽ ۾ ڦاسجي ويس. هاڻ ته سائنسدان به مابعد الطبيعات کي مڃين ٿا. بيجان مادي ۾ به بيحساب لڪل(kinetic) قوت موجود آهي. ان ۾ به جوهر آهي. مان سائنس جو شاگرد رهيو آهيان، پوءِ وڃي ايل ايل بي ڪيم. هئس اڃا ڪچي ذهن جو سترهن سالن جو الهڙ ڇوڪراٽ پر سوچ ۾ گم ٿي ويندو هوس. هر ڳالهه عجب جهڙي! مئٿميٽڪس هجي، يا بايولاجي، ڪيمسٽري توڙي فزڪس. مونکي هر شعبي ۾ عجيب روحاني منظر نظر ايندا هئا. مثال ڏبا ته وڏي ڊيگهه ٿي ويندي. دل نٿي رهي، هڪ هڪ مثال کڻي ڏجي. حساب ۾ جوڙڪٽ رواجي ڳالهه پر هڪ واڌو هڪ، واڌو هڪ، واڌو هڪ يا ٻه ضربيان ٻه اڻ ڳڻيا اڻ کُٽيا چئجن ته جواب ڪهڙو بيهندو؟ جواب آهي لامحدود(Infinity) . اها لامحدوديت صرف سوچ ئي ٿي سگهي ٿي ۽ اسان جي صوفي فقيرن ’لاحد‘ جو اپٽار ڪيو آهي. لاحد ۾ گم ٿي وڃو ته الله نظر اچي ويندو يا سندس لامحدوديت جو احساس ٿي ويندو. انهيءَ حس ۽ تجسس جو جاڳڻ آهي، ايمان جو پهريون ڏاڪو: يعني توهان مڃو ته توهان جو علم ۽ عقل ناقص آهي ۽ غيب ڪجهه ٻيو آهي. قرآن حڪيم شروع ئي انهي شرط سان ٿو ٿئي ته هي ڪتاب هدايت آهي. انهن متقين لاءِ جي مڃين ٿا ته ڪجهه آهي، غيب يا ڳجهه. جيڪو هو نٿا ڄاڻن.
’نٿو ڄاڻان‘ بنياد آهي هر ڄاڻ جو. هاڻي اچو بايولاجيءَ تي. پهرئين ئي ليڪچر ۾ پروفيسر ملڪاڻي چيو ته بايولاجي (علم حياتيات) جو بنيادي اصول آهي ته زندگي جو وجود اڳي ئي موجود زندگي مان آهي(life exists from pre-existing life) . مان چپ ٿي ويس. ڪلاس وٺي ملڪاڻي صاحب ٻاهر نڪتو ته وٽس وڃي پڇيم ته ”سائين پوءِ نيٺ زندگي آئي ڪٿان؟ ٻئي هٿ کولي چيائين ”خبر ناهي!“ مون اڃا ارتقا ۽ ڊارون جو نالو کنيو مس ته چيائين، ”سڀ ٿاڦوڙا آهن. پر ڪوشش ڀلي ڪجي، تون به ڪر!“ ۽ مون ڏي ڏسي همت افزائي طور مرڪيو. ڊارون ۽ نظريه ارتقا بابت مان به ايترو ڪونه ڄاڻندو هوس پر ٻڌل هئم. هاڻي جڏهن ڪجهه پڙهيو اٿم ته سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ڀولڙو ترقي ڪري انسان بڻجي سگهي ٿو ته ڇو ڪين انسان ’اسفل سافلين‘ ٿي ڀولڙو بڻجي سگهي ٿو. جيئن ڊائنو سار مان ڳوهه، سانڊو يا ڪرڙي بڻجي پئي آهي. هي ساري دنيا مڪافات عمل آهي. هاڻي کڻون ٿا ڪيمسٽري يعني علم ڪيميا کي. قسمت سان مون کي استاد سٺا مليا. ميرپور خاص ۾ مئٽرڪ ۾ ڪيمسٽري جو استاد هو مسٽر رامچند مير چنداڻي مئٿميٽڪس جو مسٽر فتح چند ۽ مسٽر ماني. انگريزي ۽ تاريخ جو مسٽر چيلارام کيمچند آڏواڻي. سڀني جا پنهنجي پنهنجي شعبي تي ڪتاب لکيل هئا. مسٽر رامچند مير چنداڻي هڪ ڏينهن سوليوشن (solution) يعني ڳار تي سبق پڙهايو ۽ پاڻيءَ ۾ کنڊ ملايائين ته ڳري وئي، وري کنڊ تيل ۾ ملايائين ته ڪانه ڳري. شام جو مان سندس گهر ويس ۽ پڇيم ته ”اها ڪهڙي قوت يا طاقت هئي جنهن پاڻيءَ ۾ کنڊ کي ڳاري ڇڏيو؟“ چيائين ”اها پاڻي جي خاصيت آهي“ پر مونکي تسلي نه ٿي ۽ پڇ پڇان لائي ڏنم ته اها ڪهڙي قوت آهي ۽ ان جو ماپو ڇاهي؟ چيائين ”اهو مٿي ڪاليج ۾ وڃي پڙهندين، هر پاڻيٺ ۾ پنهنجي پنهنجي ڳارڻ جي قوت آهي ۽ ان کي osmotic pressure يعني ڳارڻ جو زور چئبو آهي ۽ ان کي ماپڻ جو فارمولا به آهي.“ پوءِ وڃي منهنجي ڪجهه تسڪين ٿي.
ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ فزڪس جو هڪ گنجو پروفيسر هو. نالو وسري ويو اٿم. پهرئين ئي ليڪچر ۾ چيائين ته، ”فزڪس معنيٰ مادي جي سائنس. مادو اها شيءِ آهي جو صورت ته مٽائي پر ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي.“ هاڻ سائين ڏيو منهن! هي سائنس آهي يا تصوف، جيڪڏهن مادو لافاني آهي، ته پوءِ بعد ۾ ڪراچي ڪاليج ۽ سياسي تحريڪن ۾ جو مادو پرستيءَ جو غوغاءُ، سالن جا سال هليو سا ڪهڙي بيوقوفي هئي؟ مان ته ان ننڍي ليڪچر کان پوءِ ماٺ ۾ اچي ويس. پروفيسر صاحب جو حيدرآبادي عامل ۽ ڪڙڪ مزاج هو، ان وٽ وڃڻ جي جسارت ڪانه ڪيم. گهر آيس ته ماٺ ڪري ڪوٺي تي وڃي هڪ واڻ جي کٽ تي ليٽي پيس. سوچيم ڪا شيءِ فاني ناهي. انسان به فاني ناهي. مان به فاني نه آهيان. رڳو صورت مٽايان ٿو. لڪڙيءَ کي ڀلي جلايو، گرمي ڏيندي، ڊڳڙي پچائيندي. بکيا پيٽ ڀريندي، ڪوئلا ٺهندا ۽ رک بچندي جنهن سان ٿانءُ باسڻ ملبا ۽ ايئن ٻيو روپ وٺي ويندي. مادو پاڻيٺ ٿي ويندو. گيس ٿي ويندو يا خاڪ ٿي ويندو. ختم ڪڏهن ڪونه ٿيندو.
انهن ڏينهن ۾ هڪ گانو عام هوندو هو ته ’الله باقي، من ڪل فاني‘ان تي کل آيم. ڪجهه به فاني ناهي ته پوءِ هي سڀ ڇا آهي؟ پاڻهئي جواب مليم ته ”الله باقي ۽ ٻيو جو ڪجهه آهي اهو به الله جو پرتوو آهي.“ مان انهيءَ عبادت ۾ انهماڪ سان گم هئس ته امان دٻيل پيرن سان مٿي آئي، کيس شڪ پيو ته متان ڪنهن ڇوڪريءَ سان اکيون پيو لڙايان. مونکي چپ چاپ ليٽيل ڏسي مٿي تي هٿ رکي چيائين هل هيٺ هتي ڇا پيو ڪرين ۽ مان هيٺ هليو آيس.
بعد ۾ خبر پئي ۽ ڄاتم ته مادو نه رڳو باقي آهي پر منجهس بيحساب ۽ بي انداز قوت موجود آهي. سائنسي سچ به مڪمل سچ نه آهي. سچ اڃا آڳاهون ٿيو. اسان کي پڙهايو ويو ته مادي جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو جو وجود رکي ٿو سو آهي ماليڪيول، جو ڪيترن ائٽمن جو ٺهيل آهي ۽ ائٽم پنهنجي ليکي وجود قائم نٿو رکي سگهي. بعد ۾ نه رڳو ائٽم لڌو ويو پر ائٽم اندر اليڪٽران ۽ پروٽان جا جزا هڪ محور يا جوهر جي چؤگرد طواف ڪندا نظر آيا. ان محور کي نيوڪلس چيو وڃي ٿو. جنهن جي چوڌاري اليڪٽران ۽ پروٽان بيضوي يا ڊگهي گول جي دائري ۾ ڦرن ٿا. ان جڪڙيل نظام مان ڪنهن اليڪٽران يا پروٽان کي ڌار ڪيو ته وڏو گهمسان مچي ٿو وڃي ۽ ائٽمي قوت جهڙي بلا وجود وٺي ٿي. ڏسو، مادي جي هڪ اڻي ۾ ڪيڏي نه بي پناهه قوت يا سگهه محفوظ ويٺي آهي ۽ ان سان هٿ چراند وڏي گهمسان کي جنم ڏئي ٿي. 1971ع ۾ ستيتاليهه سالن جي پڪي عمر ۾ حج تي ويس. حرم شريف تي مٿان بيهي جو نظارو ڪيان ته ڏندين آڱريون اچي ويم. اهو ئي ڊگهائي گول واري دائري ۾ ماڻهن جو هجوم ڏينهن رات پيو ڪعبة الله جي چؤگرد ڦري. پوءِ ته سوچ جا دروازا ويا کلندا. هي سڄي ڪائنات جنهن ۾ ڪروڙين اربين تارا ستارا آهن. سا سڄي جو سڄي علم نجوم مطابق پئي ڦري. ان جو محور ڪيڏي بي پناهه قوت جو نيوڪلس، جوهر يا نور هوندو. ڪو به اندازو نٿو لڳائي سگهي.
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،
ته لڳي مـاٺ مـرن کي، ڏونـگـر پـون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪينڪي. (شاهه)
رڳو سوچجي ٿو ته هنيون ٿو ڦاٽي. انهيءَ سائنسي صورتحال باوجود، ماڻهو پاڻ کي ناستڪ يا دهريو سڏائين، حيرت آهي. سنڌي ۾ چواڻي آهي ته ”ڄاڻي پاڻ ڪونه، ماري کتابي!“
ماسڪو ۾ مونکي جيڪو گائيڊ ڏنو ويو سو هو ڊاڪٽر سخوچوف جو شايد پروفيسر هو. مون پئراسائيڪالاجي (مابعد نفسيات) بابت ٻڌو هو ته روس ۾ يونيورسٽي سطح تي شعبو قائم ڪري حيرت انگيز نتيجا ڪڍيا ويا آهن. مثلاََ : اڏامندڙ جهاز کي خيالي قوت سان ٽوڙڻ ڇڏڻ يا ڏور ويٺل ماڻهو جي دماغ کي خيالي قوت سان دڳ لائڻ. سو مون ڊاڪٽر سخوچوف کي چيو ته، مونکي اهو شعبو ڏيکاري. پهريائين حامي ڀريائين ۽ چيائين ته جاچ ڪري سڀاڻي توکي ٻڌائيندس. ٻئي ڏينهن صفا ڦري ويو ۽ چيائين ته اهڙو ڪو به شعبو ڪونهي. گهڻن سالن کان پوءِ اخبارن ۾ پڙهيم ته عالمي شطرنج مئچ اسپين جي شهر بارسلونا ۾ ٿي رهي هئي. روسي عالمي چئمپين نه وڃي سگهيو ۽ ٻيو نمبر کيڏاڙي ويو سو راند ڪندي هڪ چال نه سمجهي سگهيو ۽ منجهي پيو ته ماسڪو ۾ ويٺل عالمي چئمپين خيالي طاقت ذريعي، حل سندس دماغ ۾ منتقل ڪيو جو هو استعمال ڪري، مشڪل مان نڪري ويو، هيءَ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.
حضرت عمر رضي الله تعالي عنھ مديني منوره ۾ ويٺي رڙ ڪري چيو ته ”سڄي پاسي وڃو!“ ۽ ٽي دفعا ائين پڪاريائين. ماڻهن جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”مسلمان لشڪر مصر ۾ هڪ ٻه واٽي تي منجهي پيو ته ڪهڙي طرف وڃون، سو انهن کي ٻڌايم ته سڄي پاسي وڃو!“ لشڪر جڏهن ڪامياب ٿي موٽيو ته تصديق ڪيائون ته برابر هڪ ٻه واٽي تي اسان کي امير المؤمنين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته سڄي پاسي وڃو. ان کان به اڳ ۾ جڏهن مسلم مجاهد ملڪ شام ۾ موته جي مقام تي جنگ ڪري رهيا هئا، ته حضور نبي ڪريم ﷺمديني منوره ۾ مسجد نبوي ۾ جنگ جو سڄو احوال ويٺي ٻڌايو ته فلاڻو شهيد ٿيو آهي ۽ جهنڊو فلاڻي سنڀاليو آهي. ان کان به گهڻو اڳ ۾ جڏهن هستناپور ۾ عيسوي سن کان ٻه ٽي سئو سال اڳ نابين راجا ڌرتراشٽر محل ۾ ويٺو هو ته ڪروکيتر ضلعي ٿانيسور جي ميدان ۾ ڪورون ۽ پانڊون جي هلندڙ جنگ جو ذري پرزي احوال سنجيو نالي هڪ شخص کيس ويٺي ٻڌايو، نه رڳو ايترو پر شري ڪرشن ۽ ارجن وچ ۾ هلندڙ گفتگو ۽ بحث مباحثا به کيس ويٺي ٻڌايا، شري ڪرشن جي اها ٻاڻي هندن جو مقدس ڪتاب ’شريمد ڀڳوت گيتا‘ ٿي، جنهن لاءِ مشهور ديني اسڪالر خالد اسحاق چوي ٿو ته، ”اسي يا نوي سيڪڙو قرآن آهي.“ هيءَ سڀ ڪهڙي ماجرا آهي؟ آهي ته ’ايشور جي ليلا‘ يا ’الله جو اسرار ‘ پر الله سائين جو ڪو به ڪم بغير قانون ۽ سبب جي ناهي. ان قانون ۽ اسباب تي الله جا پسنديده بندا تڏهن قابض ٿي وڃن ٿا جڏهن هو جسماني توڙي روحاني (خيال ۽ عمل) طور پاڪ ۽ معصوم ٿي وڃن ٿا ۽ الله جي مدد ساڻن شامل حال ٿي وڃي ٿي. انسان ۾ اهڙيون قوتون وديعت ٿيل آهن. رڳو اهي گُر سمجهه ۾ اچي وڃن ۽ تابع ٿي وڃن يا وري الله سائين پنهنجي ڪامل قدرت سان ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه بوءِ بهار جي پيدا ڪري ڇڏي، پوءِ صرف سندس خيال ۽ چاهنا سان قدرتي عناصر جوش ۾ اچي الله جي حڪم سان ان جي تعميل ڪري ٿا ڇڏين.
ٻهراڙيءَ جو هڪڙو گهرجائو ماڻهو ٿي ڪري جنهن بک ۽ ڏک اکئين ڏٺا هجن، اهو ماڻهو انهن ضرورتن کان اهڙو بالاتر ٿي وڃي جو دنيا جو ٺاٺ اڊمبر وغيره تڇ نظر اچن، اها عجب جهڙي ڳالهه آهي. بابا جنهن بمبئي يونيورسٽي ۾ مئٽرڪ کان وٺي ايم اي تائين فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي هجي، تنهن کان مون هڪ ڏينهن جڏهن اڃا مان مئٽرڪ ۾ هجان، پڇيو ته ”بابا توهان آءِ سي ايس جو امتحان ڇو نه ڏنو؟“ نهايت اطمينان ۽ اعتماد سان جواب ڏنائين ته ”آءِ سي ايس ته ڪا ڳالهه ڪونه هئي پر مونکي ته ماستر ٿيڻو هو ۽ تعليم عام ڪرڻي هئي؟“ اهڙي غريب ماڻهو کي اهڙي سوچ بنيادي ۽ شخصي بي غرضائي الله جي طرفان عطا ڪيل هوندي، ٻيو ڇا؟ چوندا آهن ته ڪي شخص ڄمندي ڄام هوندا آهن ۽ مان اها ڳالهه مڃان ٿو. پير سائين پاڳاري جي جد امجد پير سائين روزي ڌڻي جي ولادت رمضان المبارڪ ۾ ٿي. تولد ٿيڻ سان پير سائين کير نه ڌاتو جيسين مغرب جي آذان آئي ۽ روزو کولڻ جو وقت ٿيو. سڄو رمضان شريف ائين ابهم ٻالڪ روزا رکيا، حضرت عيسيٰ عليھ السلام ڄمڻ سان ڳالهايو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايو. قدرت جو ڪو پرو پاند آهي ئي ڪونه. الائي ڪهڙيون قوتون انسان ۾ لڪل آهن جو وقت اچي ته شايد انسان پنهنجو پاڻ بنا ڪنهن مشيني سهاري جي خلا ۾ سفر ڪري سگهي. ائين ٿيو آهي. هنومان جو هماليه جبل تان جڙي بوٽي کڻي، سريلنڪا پهچائڻ، حضور نبي ڪريم ﷺجو معراج تي وڃڻ، حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو بيمارن ته ڇا مئلن کي جيئرو ڪرڻ، بنا دوا درمل ۽ بنا آپريشن جي. مڃو نه مڃو آهي ته ايئن!
هڪ دوست مونکان کهرو سوال ڪيو ته ”ڇا تو الله ڏٺو آهي؟“ مون ٺڪ جواب ڏنو ته ”هائو!“ چيائين ”مونکي ڏيکار!“ مون چيو ته ”مان ته ڏسان ويٺو، تون نٿو ڏسين سگهين ته مان ڇا ڪيان؟“ سر سلطان محمد آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ”يورپ ۾ سپر هاءِ وي تي ڪار ۾ ويندي مون الله ڏٺو. ڇا ٿيو جو رستي تي هڪ ٻڪريءَ ڦر کي جنم ڏنو، ڦرڙو اڃا ٽنگن تي بيهي به نٿي سگهيو پر ڪڏي لمي اٿيو ۽ ٿڻ ۾ وات وجهي کير ڌائڻ لڳو“ آغا خان فرمائي ٿو ته ”ان منظر مون کي الله ڏيکاريو جو هڪ جيتامڙو گوشت جو لوٿڙو اڃا دنيا ۾ آيو مس آهي ته ڪنهن ان کي ٿڻ چوسڻ جي خبر ڏني ۽ سندس لاءِ اڳ ۾ ئي کير مهيا ڪري ارهه ۾ جمع ڪري ڇڏيو!“ واقعي وڏي ڳالهه آهي جا آغا خان جهڙي عالي دماغ ڏسي ورتي ۽ اسين روز ڏسندي به نٿا ڏسون، اڳي الله کي ڪو نه ڪو روپ ڏنو ويندو هو. انسان جو يا ابوالهول جو يا شينهن ۽ هاٿيءَ جهڙو چهرو ڏيڻ جو يا پٿر جي مورتيءَ جو، پر نبي ڪريم ﷺکي الله تعاليٰ وحيءَ ذريعي هڪ اهڙو تصور ڏنو جو آخر دنيا تائين قائم رهندو ۽ منجهس ڪا ڦير ڦار ڪانه ايندي. فرمايو ويو ته، ”چئه ته الله احد آهي، بيپرواهه آهي، نه ڄڻيو ويو نه ڄڻيائين ۽ هو يڪتا ۽ يگانو آهي“ (سورة اخلاص) مون هت ڄاڻي واڻي قرآني لفظ ’احد‘ استعمال ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان جو ترجمو نٿو ٿي سگهي. گهڻا مترجم احد جي معنيٰ ’هڪ‘ ڪن ٿا جا منهنجي سمجهه موجب صحيح ناهي. عربيءَ ۾ هڪ کي واحد چيو ويندو آهي، نه احد، هاڻِ جو توهان وٽ واحد ماني يعني هڪڙي ماني آهي ته ان کي ٻه ٽڪر ڪري سگهو ٿا بلڪه ڪيئي ٽڪر ڪري سگهو ٿا، پر الله سائين جو اهو شان ناهي جو حصن ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃي. ايئن ماني ته ڇا پر هر چيز کي ٽڪر ٽڪر ته ڇا پر ذرا ذرا به ڪري سگهو ٿا ۽ نيٺ ننڍي ۾ ننڍي ذرو جو توهان ڪري سگهندا، سو هوندو ماليڪيول ۽ ان ماليڪيول ۾ هوندا ائٽم ۽ هر ائٽم ۾ هوندو هڪ نيوڪلس جنهن جي چئوگرد اليڪٽران ۽ پروٽان گردش پيا ڪن. اهو نيوڪلس يا جوهر ’احد‘ ٿي سگهي ٿو. هاڻي ڳالهه جو ڪجهه اندازو ٿيو ته هن سموري ڪائنات جو نيوڪلس يا محور ”احد“ ٿي سگهي ٿو؟ مولانا احمد ملاح ڏاڍو سهڻو منظوم ترجمو ڪري لفظ ’هڪ‘ بجاءِ هيڪڙو استعمال ڪيو آهي. فرمائي ٿو:
چئو آهي حق اِهو، ته الله آهي هيڪڙو،
الله بي اَحتياج سو، نه ڪنهن سڱ سِهو،
ته ڄائين، نه ڄائو، ڪونهين ڪير ڪَهو
جنهن جيڏو. جنهن جِهو هرگز ناهي هيڪَڙو.
الحاج مرزا بشير الدين (قادياني) صاحب به تمام سٺو ترجمو ڪيو آهي ته:
"کہتا چلاجاکہ اصل بات یہ ہے کہ اللہ اپنی ذات میں اکیلا ہے وہ {ہستی} ہے جس کے سب محتاج ہیں وہ کسی کا محتاج نہیں اس نے کسی کو جنا ہے اور نا وہ جنا گیا ہے اس کی صفات میں کوئی بھی اس کا شریک کار نہیں"
مٿيان ٻئي بزرگ ڪمال بصيرت سان لفظ ’هڪ‘ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري ويا آهن. مولانا احمد ملاح چوي ٿو، ”جنهن جيڏو جنهن جِهو هرگز ناهي هيڪڙو،“ هيڪڙو معنيٰ ”ڪوبه نه“ الحاج مرزا صاحب به چوي ٿو ته ”پنهنجي ذات ۾ اڪيلو“ اهو محاورو به ڏاڍو معنيٰ خيز آهي، حضرت شاهه عبداللطيف فرمايو ته ”قادر ’پنهنجي قدرت‘ سان، قائم آهي ’قديم“. قديم جو مطلب ”اصل ۽ نج“ به وٺي سگهجي ٿو ۽ ’پنهنجي قدرت‘ سان جو مطلب آهي پاڻ مرادو. ڏسو سڀ بزرگ هڪ ئي اک سان ڏسندا آهن.
گهڻا سال اڳ انجيل مقدس ۾ بني اسرائيل لاءِ پڙهيم ته، ”توهان کي وطن مان ڪڍيو ويندو، پوءِ دنيا جي ملڪن ۾ پکڙجي ڇڙوڇڙ ٿي ويندؤ ، پوءِ هڪ وار وري توهان ان سرزمين تي قابض ٿي اچي گڏ ٿيندؤ، پوءِ توهان پاڙي وارن ملڪن سان اچائيندؤ ۽ سندن زمين تي قبضو ڪندؤ ۽ کين تڙي ڪڍندؤ ۽ مٿن طنز ۽ ٽوڪون ڪندؤ‍.“ ٻه هزار سال اڳ ٿيل اهڙي سؤ سيڪڙو سچي اڳڪٿي پڙهي مون رسول بخش پليجي کي ڏيکاري جو لاڙڪاڻي آيل هئو. پليجي صاحب ان ڪرامت کي ڪو وزن نه ڏيندي چيو ته، ”انساني ذهن جي بي انتها قوت جو مان قائل آهيان باقي انهيءَ ۾ ڪابه آفاقي يا روحاني ڳالهه نه آهي.“ ٺهيو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جو اهو قرآني ڊيفينيشن ته هو يگانو ۽ يڪتا آهي، ”نه ڄڻيائين نه ڄڻيو ويو، نڪي جهڙس ڪو آهي، نه ڪنهن شڪل صورت جو محتاج آهي، هو هنڌ هر وقت موجود آهي ۽ اهڙو عليم ۽ بصير آهي جو کيس وڻ جي پتي جو لڏڻ به معلوم آهي“، هندو مت ۾ به صرف ٻن لفظن ۾ ”الک نرنجن“ يا ”اوم!“ موجود آهي، منهنجي هڪ دانشور دوست وري به مونکان هڪ کهرو سوال ڪيو ته ”اهو ڪيترو نه منجهيل ۽ ڪنفويشن وارو ۽ ڊسڙ ۾ پير هڻڻ وارو ڊيفينيشن آهي جو هڪ غير مادي، بي شڪل، بي صورت، بي پرواهه ۽ موهوم شيءِ هر هنڌ حاضر ناظر آهي. وڻ جي هر پتي جي لڏڻ ۽ اڏامڻ جي به خبر پويس ٿي!“ مون چيس ته ”حضور تو ۾ به اهڙو هڪ ننڍڙو الله ويٺو آهي، جنهن کي نه صورت شڪل آهي نه هٿ پير، نه اکيون، نه اوزار پر تنهنجي جسم ۾ جيڪي ٻه سئو ڪروڙن کان به مٿي جيو گهرڙا آهن تن تي قادر آهي ۽ عليم، ۽ بصير!“ چيائين ”مونکي ته ڪونه سُجهي“، چيم ته ”اهو ئي ته راز آهي ته توکي پنهنجي جسم يا ان جي اندر جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، ان جي خبر ڪونه آهي، پر هُن کي سموري خبر آهي ۽ تنهنجو خيري يا خير گهرندڙ ۽ خيرڪندڙ (بيده الخير) آهي ۽ تو تي ٿيل هر وار کي هڪ سيڪنڊ جي به ڪنهن ڀاڱي ۾ بنا تنهنجي عرض ڪرڻ جي ٽاريو ڇڏي. اهڙو ڪو رحمان رحيم ٻيو؟ اهو آهي سائين جن جو ميڄالو، نه هٿ اٿس نه پير نه اوزار نه اکيون، نه شڪل، نه شبيهه ۽ نه اٿس غرض، پاڻمرادو ويٺو حڪم هلائي، رڳو مٽيءَ جو ذور به تو تي نه سهي، جي مٽي يا واري يا ڪک اڏامي تو ڏانهن اچي ئي اچي ان کان اڳ ’ڪُن‘ چئي تنهنجي اک کي حڪم ڪري جا توکي خبر پوڻ کان اڳ بند ٿيو وڃي!“ منهنجودانشور دوست ويچار ۾ پئجي خاموش ٿي ويو. ڀلا جڏهن خبر ئي نه هجي ته ڊاڙ ڇو هڻجي؟ واڪا ڇو ڪجن ۽ فتويٰ ڇو ڏجي؟ اسان ته وڏڙن جون اوطاقن ۾ ڳالهيون ٻڌيون ۽ سندن دعائون به ٻڌيون ته، ”رب منهنجا! تون ڄاڻين ٿو ته مان نٿو ڄاڻان، شل توکي چڱي وڻي!“ اهي اڻ پڙهيل ڪيڏا نه دانشور هئا!
1950ع کان وٺي 1980ع تائين اهو دور هو جو دهريت دانشوريءَ جو طرع امتياز هئي، جيڪو دهريو سو دانشور، ٻيا سڀ ڀُوڪ! ڪُڇي ڪير؟ ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ٿي هليو، جنهن لاءِ پيار علي الانه صاحب کيرون لهڻيون. سڄي دنيا مان محقق ۽ دانشور اچي گڏ ٿيا هئا. انهن مان هڪڙي سويڊش دانشور آسڪو پرپولا کي رشيد آخوند، جو اسان جو پيارو دوست آهي، پنهنجي اباڻي گهر دعوت ۾ گهرايو. مان پهتس ته هو يورپي صاحب ۽ نورالدين سرڪي، سراج الحق ميمڻ ۽ رشيد آخوند اڳ ئي ويٺا هئا ۽ وسڪيءَ جو دور پي هليو. منهنجي اچڻ سان رشيد واڪو ڪري چيو ”اچي ويو هڪ ٻيو دهريو!“ مان بيهي رهيس ۽ اعلان ڪيم ته ”مان دهريو قطعي نه آهيان!“ هو يورپي دانشور به اهڙو هيسيو ويٺو هو جو منهنجو ايئن چوڻ ۽ هو به اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين ”مان به دهريو ناهيان!“ هو غريب ڪو ڦاٿو ويٺو هو ۽ ڪڇي نٿي سگهيو. بنا سمجهڻ جي الله سائين کي نه مڃڻ ۽ بنا سمجهڻ جي مڃڻ ڳالهه ته ذري گهٽ هڪ آهي. ٻئي مجهول. ان ڪري قرآن الحڪيم الله تعاليٰ جي صفتن سان ڀريو پيو آهي. ڀلا انسان به ڇا آهي سواءِ صفات جي، نه ته ماڻهو ماڻهوءَ جهڙو. باقي نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر جو مقولو آهي ته “what is in a name?” اسان جو سانگي شاعر، ڇتو سانگي، فرمائي ٿو ته، ”اهو ڇتو نانءُ ڌريائون ڪهڙي عضوي تي.“ جسم جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، ”هي ته مٿو آهي، هي اکيون، هي هٿ پير، هي ٽنگون ٻانهون، پوءِ ڇتو نانءُ ڌريئون ڪهڙي عضوي تي؟“ وڏو سليس ۽ معنيٰ خيز سوال آهي. دانشور حضرات پاڻ سوچن ۽ سلين، صفات، صفات، بس صفات ئي سڀ ڪجهه آهي.
ڀاءُ رشيد آخوند هاڻي چوندو آهي ته مان دهريو نه ناستڪ آهيان. ناستڪ کي انگريزي ۾ ائگناسٽڪ چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ”نڪا خبر آهي، نڪا خبر پوي ٿي ۽ نه ماديت کانسواءِ ڪا ڄاڻ پوي ٿي.“ الحمد الله اهو ته ٿيو بانبڙا پائڻ ۽ ڪنهن شيءِ جي ’اصل‘ کي نه سڃاڻڻ. مان فلسفي نه آهيان ۽ نه شيخ اياز وانگر فلسفي جو ايڏو مطالعو اٿم، باقي ماده جي اصليت تي ۽ ان جي لڪل قوتن تي سائنسي اصولن مطابق مون اڳ ۾ ئي ڪجهه روشني وڌي آهي. باقي ’اديون آئون اڻڄاڻ، مونسان مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.‘ اهڙي عقلمنديءَ کان ڀورائي چڱي! ڀلا جي ماديت کانسواءِ ڪا ڄاڻ نه ٿي پوي ته ڇا انساني جسم هڪ مادو ناهي؟ ان ۾ ته سڀ ڌاتو پيل آهن ۽ هر ڌاتو جو پنهنجو پنهنجو بي پناهه قوتن وارو جدا اڻو يعني ائٽم ٿئي ٿو پوءِ ته انساني جسم بي پناهه قوتن جو هڪ جوالا مکي چئبو. ميڄالو جو هڪ ننڍڙو الله ٿيو هر انسان ۾ ويٺو آهي. اهو به ته مادي قوتن جو ڀنڊار ۽ مادو ئي آهي.
مادو ڇڏيو، هاڻي ته سائنسدانن مخالف مادو (antimatter) به ڳولهي لڌو آهي ته هر جسم يا مادي جو مخالف مادو وجود ۾ آهي. ان کي ئي اسان جا عامل، مجذوب ۽ ديني بزرگ همزاد چوندا هئا، جنهن جو سائنسي ثبوت اڄڪلهه ملي چڪو آهي. ماٺ ڪيان ته مشرڪ ٿيان! منهنجا دانشور دوست چوندا ته جمال هاڻي واڦي پيو ۽ دقيانوسي خيال ’همزاد‘ ۾ اعتبار پيو ڪري. همزاد جي ڳالهه پوءِ ٿا ڪيون، اول اچو ’خيال‘ تي. خيال ئي ته جڙ آهي هر سوچ ۾ فلسفي توڙي حيات ۽ موت جو. مارڪسزم، ’خيال‘ کي ’آئيڊيا‘ چئي هڪ مفروضو ٺاهيو ته ”خيال ته بذات خود ڪجهه نه آهي ۽ مادو ان کان اڳ يا اول آهي. خيال پوءِ جي پيدائش آهي“، سچل سائين ته ڳنڍ سلجهائي ڇڏي، پر اسان جي دانشورن کي ديسي فيلسوف بجاءِ ولايتي فيلسوف کپي، سچل سائين سليس نموني چيو ته، ”مين ته ڪوئي خيال هان ڄلسان نال خيال دي“ آهيان ئي خيال ۽ هلائڻ وارو به خيال آهي ۽ ائين ’ڪريئٽر‘ ۽ ’ڪريئشن‘ يعني خلقڻهار ۽ تخليق کي هڪ ڪري ويو. مهاتما گانڌي به اهو ئي اصول اپنايو. قرآن الحڪيم ته ٻن لفظن ۾ سڄو بکيڙو ختم ڪري سلجهائي ڇڏيو. ”هو الاول وهوالآخر“ اول به هو آهي ۽ آخر به هو. اهڙي مختصر سليس ۽ بامعنيٰ سمجهاڻي ٻيو ڪير ڏيندو؟ سڄو هي مانڊاڻ، ڪائنات جو وجود، مادو ۽ خيال، حيات ۽ موت ۽ ٻيو سڀ ڪجهه انهن ٻن لفظن ۾ بند ٿي ويو.
هاڻي اچون ٿا مخالف مادي يا همزاد تي، جنيوا جي يورپي لئباريٽري (سائنسي کوجنا گهر) ۾ سائنسدانن مادي جي ذرن جي کوج لڳائيندي ’مخالف مادو‘ نه رڳو ڳولهي لڌو پر هڪ شيشي گهر جي خال ۾ جوڙي به ڏيکاريو جتي 1932ع کان وٺي ذرن تي کوجنا ٿي رهي هئي. سائنسدانن جي اها سڄي رپورٽ منهنجي سامهون رکي آهي، جنهن جو مفصل ترجمو ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي، نه ئي عام ماڻهو اهو سمجهي سگهندو. سائنسدان ان رپورٽ ۾ فرمائن ٿا ته ڏيڍ لک ڪروڙ ورهيه اڳ جڏهن مادو وجود ۾ آيو ته ان سان گڏوگڏ هوبهو اهڙو ئي مخالف مادو يعني همزاد وجود ۾ آيو ۽ اهو ”اڃا جيئي“ پيو! ۽ اهو همزاد، مادي جي بلڪل آئيني جي عڪس جهڙو آهي ۽ جيئن اسين ڪيون پيا ان جيان مخالف عمل پيو ڪري مثلاََ اسان وقت ۾ اڳتي يعني مستقبل ۾ پيا وڃون ته هو وري پوئتي يعني ماضيءَ ڏي پيو وڃي. ”هر شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي“ (قرآن)، پوءِ هي ماضي حال ۽ مستقل ڇاهي، پوءِ اي عقل وارؤ سوچيو. (قرآن) پوءِ وقت ڇاهي؟ آئنسٽائين چوي ٿو ته ”وقت ته زيرو محض هڪ ٻڙي آهي، جنهن کان شروعات ڪجي ٿي ته وقت به شروع ٿئي ٿو. وقت مستقل نه آهي، شروعات ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿو.“ هلائين ته هلي هلان، بيهارين ته بس، واڳ تنهنجي وس آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
اسان جي يارن نه اضافت جي ٿيوري پڙهي آهي ۽ نه وقت، مسافت ۽ چمڪ يعني نور تي سوچيو يا سمجهيو آهي، آئنسٽائن لائيٽ کي مستقل (constant) سڏي ٿو باقي وقت ۽ فاصلي کي غيرمستقل، وڌيڪ پليجو صاحب ڄاڻي ٿو، مان نٿو ڄاڻان، مان ته پنهنجي چريائپ ۾، خفتي ته آهيان، سوچيان پيو ته ڪٿي اسين ڪو اولڙو يا عڪس ته ناهيون ڪنهن گذريل ڊرامي جو جنهنجو اڳئي ڊراپ سين ٿي چڪو آهي، پر جي اصل آهيون ته پوءِ اسين زمين اندر هونداسون ۽ اسان جو همزاد ٻاهر. بلهي شاهه فرمائي ٿو، ”بلها اسان مرڻا ناهين، گور پيا ڪوئي هور.“ ڏسو هڪ صوفي بزرگ ههڙي دقيق سائنسي حقيقت کي ڪيئن ڄاتو، خبر ناهي ته قبر ۾ اسين آهيون يا اسانجو همزاد. ڪو مڙئي ٻاهر آهي ۽ پوءِ ڪهڙو عجب، ته ان سان ملاقاتون به ٿين. جنگ بدر ۾ جيڪي ڪفار قتل ٿيا ۽ کوهه ۾ اڇلايا ويا تن سان ٽن ڏينهن کان پوءِ حضور اڪرم ﷺجن مخاطب ٿيا ته حضرت عمر رضي الله عنھ چيو ته، ”يا رسول الله ﷺ! هي ته ڍونڍ آهن، هي ته ٻڌن ڪونه ٿا“، پاڻ فرمايائون ته ”هي توهان کان وڌيڪ ٻڌن ٿا“ (سيرة مصطفيٰ مولوي محمد عظيم شيدا“ ’هم اسمع منڪر‘ صفحو 178) هاڻي جيڪڏهن مئا اسان کان به وڌيڪ ٻڌن ٿا بلڪ منڪر نڪير جي سوالن جا جواب ڏين ٿا ته هي ته عجيب اسرار آهي ۽ سائنسي راز آهي.
مان ڪراچي ۾ 1969ع جي آڪٽوبر ۾ بدلي ٿي آيس. منهنجو سيشن جج هو مسٽر هدايت حسين سي.ايس.پي ڏاڍو چڱو ۽ مذهبي ماڻهو هو. مون لاءِ جيئن ٻڌي رکيو هئائين ته هي دهريو آهي، سو جو مونکي نمازون پڙهندي ڏٺائين ته حيران ٿي هڪ ڏينهن منهنجي چيمبر ۾ پاڻ هلي آيو ۽ چيائين ته ”ابڙا صاحب توکان هڪ سوال پڇڻ آيو آهيان ته ڪهڙي سبب يا دليل هيٺ تون الله کي مڃين ٿو”“ مون چيو ”ڪنهن به سبب ۽ دليل کانسواءِ!“ جواب اهڙو وڻيس جو اٿي مونکي ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ”واقعي ڪهڙو دليل ڪهڙو سبب؟“ بنان سبب بنان دليل مون مارو مڃيان پر محمد ﷺڪارڻي، ماڻهو اٿارٽي ڏين ٿا مارڪس، انجيلس، انگرسال، برٽرانڊ رسيل، برنارڊشا وغيره جي. جيڪڏهن اٿارٽي دليل آهي ته مون وٽ سڀ کان وڏي اٿارٽي محمد مصطفيٰ ﷺجي آهي، هونئن به هر دليل يا سوال کي کڻو ته آخر وڃي سوال جي نشاني تي بيهبو ۽ اڳتي ڪو جواب نه ملندو. پوءِ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت يا ناستڪ ٿي بانبڙا پائڻ، چھ معنيٰ دارد، شاهه لطيف کي اٿارٽي مڃو ٿا ته ان به چيو ته مڃ محمد ﷺڪارڻي.
تازو تاريخ 25 سيپٽمبر 1995ع تي مون وٽ دادو جو محترم علي احمد قريشي ايڊووڪيٽ ملڻ آيو. کيس مون تي ۽ شيخ اياز صاحب بابت حيرت هئي ته اسان ڪيئن ايڏي ڪلٽي کاڌي. مون چيو ڀائو تون اسان کي پنجويهه يا چاليهه سالن کان سڃاڻين. اسين ته اصل کان اهڙا هئاسين، پرائو درد پنهنجي سيني ۾کنيو وتندا هئاسين. هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر تي جُلهه ڪندا هئاسين. دشمن کي به نقصان ڪونه پهچايوسين. ڏاڍي جي آڏو اڏول ٿي بيٺاسين ۽ ڌڪيا ۽ ڌڪاريا به وياسون، اسين ته جهڙا هئاسين تهڙا آهيون. اڄ به اڏول آهيون، ڪنهن حاڪم جو سلام ڪونه ڀريو اٿئون، جن زندگيءَ سان اکيون اکين ۾ ملائي جيئڻ جا دستور سيکاريا تن تي اهي هٿ ٺوڪيا دانشور ٿا الزام هڻن ته ”شيخ صاحب موت کان ڊڄي ويو آهي يا جمال ملان ٿي ويو آهي.“ ٻيو ته ٺهيو ڪَنئيو گيانچنداڻي جهڙو ٻالڪو به شيخ صاحب تي تنقيد ٿو ڪري ته هو موت کان ڊڄي ويو آهي!
ڇا ڪنئيو موت کان نٿو ڊڄي؟ ڪنئي جهڙا ڪيئي، موت کان ته ڇا زندگي کان ڊڄي فراريت جي گپ ۾ گپجي ويا. هر جيو جنتر، ڪول ڪينئو ماڪوڙو، نانگ بلا، شينهن ۽ هاٿي به موت کان ڊڄي ٿو. ڊڄ يا ڊپ هڪ مثبت جذبو آهي ۽ انسان ذات جي ارتقا ۽ ترقيءَ جو باعث آهي، انسان مينهن واچ کان ڊنو ته غار نما گهرڙا ۽ پوءِ قلعي نما پڪا گهر ٺاهيائين. بک کان ڊنو ته پوکي راهي ڪري ميداني ڪلچر کي وجود ۾ آندائين، انداهيءَ کان ڊنو ته ڏيئو، لالٽين ۽ پوءِ بجلي ايجاد ڪيائين، اهو ڊپ جو جذبو ڪڍو ته سماج جي ترقي منجمد يا ٺپ ٿي ويندي، باقي اسين ته موت سان مهاڏو اٽڪايو بيٺا آهيون. 1967ع ۾ مونکي ڊاڪٽر ڪريم عباسي ۽ پوءِ ڪراچي، لنڊن ۽ آمريڪا جي ڊاڪٽرن صاف ٻڌايو ته ”تون باقي صرف ڏهه سال زندهه رهندين“، مان ته ڪونه ڊنس، موت سان ياري ٿي وئي. اياز به اڃا موت کي ڀڀڪي ويٺو ڏئي ته، ”موت موٽي وڃ، اڃا مونکي فرصت ڪونهي!“ باقي جيڪي ويچارا سڄي عمر ڊڄندا آيا، سمجهوتا ڪندا، فرار اختيار ڪندا رهيا ۽ ڊيڄڙي جي بيماري جو شڪار آهن، سي ٿا اسان کي مهڻو ڏين، بلي سائين بلي! اسين ته تيار ويٺا آهيون، موت برحق آهي. زندگي جي اها ئي هڪ حقيقت آهي ٻيو سڀ ڪوڙ. سچي ٻڌايانؤ. موت کان ڪونه ٿا ڊڄون پر مرڻ نٿا چاهيون. موت ته منٽ منٽ جو ساٿي آهي. جڏهن ان کي چڱي طرح سڃاڻي وٺبو ته پوءِ ڊپ ڪهڙو؟ ڊپ ٿيندو آهي اڻ ڏٺي آفت جو، ڄاڻ سڃاڻ سنگت ساٿ واري جو ڪهڙو ڊپ؟ جيڪي کيس نٿا سڃاڻن اهيئي ان کان ڊڄن ٿا ۽ هڻن ٿا ٻين تي! حضرت علي رضي الله عنھ فرمايو ته، مان موت کي ايترو سڃاڻان جهڙو ٿڃ پياڪ ٻار ماءُ جي ڇاتي جي ڏنڊڙن کي. واهه! ڇا ٿڃ پياڪ ٻالڪ به ڪڏهن ماءُ جي ڇاتي جي ڏنڊڙن کان ڊڄندو؟ ناممڪن: بقول شيخ اياز جي ته:
ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا!
مون مٿي سائنس جي سڀني شعبن ۽ شاخن، طبيعات، حياتيات، مادي ڪيميا، رياضي، سائنس، مابعد الطبيعيات، نفسيات وغيره جي بنيادي اصولن تي روشني وڌي آهي. باقي هڪ شاخ آهي ’آواز ‘ يعني (سائونڊ) جنهن کي به قوت آهي، جنهن کي به ماپي سگهجي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ جو ”ڪُن“ چوڻ ۽ ڪائنات جو وجود ۾ اچڻ ڪا جادوئي يا ديومالائي ڳالهه نه آهي. توهان زور سان ”ڪُن“ ٻه ٽي دفعا چوندا رهو ته توهان کي آواز جي اسرار ۽ سگهه جو ڪجهه ڌپو پوڻ لڳندو. هاڻ ته سائنسدان به مڃين ٿا ته ”ڪائنات هڪ وڏي آواز big bang سان وجود ۾ آئي.“ ويٺي ڳالهه خيال شريف ۾؟ الله ۽ سندس رسول ۽ وحيءَ جي ڳالهه کي توهان فرسودو سمجهندا رهيا ۽ هڪ معمولي سائنسدان جي ڳالهه تي جهٽ ’آمنا صدقنا ڪري ويا‘. ”معمولي“ ان ڪري ٿو چوان جو ويچارو سائنسدان خود مونجهاري ۾ آهي ۽ سڄي عمر تحقيق ۽ تجسس ۾ گذاريندي به آخر اقرار ڪري ٿو ته مان ”نٿو ڄاڻان.“
مشهور سائنسدان نيوٽن جنهن ڪشش ثقل جو بنيادي اصول ڳولهي لڌو ۽ ان جا ماپا ۽ ماڻ به ڳولهي ورتائين ۽ رفتار ۽ ماڻ جو رشتو ۽ ڳانڍاپو به جاچي ۽ ماپي ورتائين، تنهن کان جڏهن سندس علم ۽ ڄاڻ متعلق پڇيو ويو ته معصوميت سان جواب ڏنائين ته ”مون ته رڳو ڪناري تان ٻه چار پٿريون ميڙيون آهن. علم جو ساگر ته اٿاهه ۽ عميق اڻ ڳولهيو ۽ اڻ ماپيو، ڀريو پيو آهي!“ نيوٽن جي بنيادي اصول ”ماڻ ضربيان رفتار ضربيان رفتار برابر آهي سگهه جي. E=MV1 “ کي ئي آئن اسٽائن رفتار ۽ وقت جي ڳانڍاپي سان ملائي هڪڙي حيرت انگيز ايجاد ڪئي، جنهن فلسفي کي نئين دڳ لائي وقت ۽ خلا جي اسرار کان واقف ڪرايو. اسان جا ڄامڙا دانشور پوءِ ٽائيم ۽ اسپيس جي موضوع تي بحث مباحثا ڪري کڳيون هڻڻ لڳا، پر تڏهن به اهو نه پيا مڃين ته سرور ڪائنات حضور نبي ڪريم ﷺجڏهن آسمانن جو سير ۽ سفر ڪري موٽيا ته سندن وضو جو پاڻي اڃا وهيو پئي ۽ در جو ڪڙو اڃا لڏيو پئي. ڳالهه سولي پئي آهي، جي وقت کي منجمد ڪري ڇڏيو، تيز رفتاري سان يا ماڻ جي بي وزنيءَ سان، ته هر شيءِ جامد ٿي ويندي. پوءِ جڏهن وقت کي چالو ٿيڻ جو حڪم ٿيندو ته ڪڙو به لڏڻ شروع ڪندو ۽ پاڻي به وهڻ لڳندو، اها ڳالهه آئن اسٽائن جي ٿيوري جي عين مطابق آهي، آئن اسٽائن تي اعتبار آهي باقي فاطر السموات والارض تي اعتبار ڪونهي ڇاڪاڻ ته ناستڪ ڪوٺائڻ هڪ اعزاز آهي، تقو برتو اي چرخ گردان تفو.
برصغير هند و پاڪ ۾ به تمام وڏا ڏاها ٿي گذريا آهن. هڪ ايم اين راءِ ۽ ٻيو علامه عنايت الله المشرقي. اياز، راءِ کان متاثر هو ۽ مان علامه صاحب جو پوئلڳ هوس. ايم اين راءِ ماديت پرست هو ۽ علامه صاحب وڏو موحد ۽ روحانيت جو صاحب. جيتوڻيڪ علامه بنيادي طور سائنسدان ۽ مئٿميٽڪس جو ماهر هو، انهيءَ هوندي به مان شيخ اياز صاحب جو مداح هئس ڇو ته هو ٻار جهڙو معصوم، ڏکويلن جو ساٿاري، نيڪدل ۽ تمام پيارو انسان هو ۽ آهي. سڄي عمر حق جي تلاش ۾ رهيو آهي ۽ اها تمام وڏي ڳالهه آهي. ڪلفت ڪينو ۽ نفرت منجهس اصل ڪونه آهي. دشمن سان به دوست جهڙو ورتاءُ ڪندو اچي، ڄاڻندي به. محترم محمد ابراهيم جوئي، اياز جي روبرجو مونکي ٽوڪ طور چيو ته، ”اياز ته بي نمازي آهي“، مون چيو ته ”اياز چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ آهي“. علم ۽ حق جي تلاش ۽ علم جو حصول مسلسل عبادت آهي، حضور سائين ﷺجون ٻه ٽي حديثون لکان ٿو. فرمائين ٿا:
1. عالم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ آهي.
2. جو عالم جي عزت ٿو ڪري سو منهنجي (رسول پاڪ جي) عزت ٿو ڪري.
3. جو شخص علم جي شغل ۾ ٿو رهي سو گويا نٿو مري.
4. علم واري جا الفاظ ٻڌڻ ۽ ٻين کي علم جا سبق سيکارڻ عبادت کان بهتر آهي.
مان چئلينج ٿو ڪيان ته دنيا جي ٻئي ڪنهن به مذهبي، ادبي، فلسفي دانشور جي قول ۾ مٿين قولن کان بهتر ڪو مقولو پيش ڪري ڏيکارين.
ائين ته مهاتما گانڌي به تمام عظيم انسان هو. سادگي پسند، سچو ۽ سندس فعل ۽ قول ۾ تضاد به نه هو، اها تمام وڏي ڳالهه آهي صاف چوندو هو ته ”مان واڻيو آهيان، ۽ منهنجو مقصد رام راڄ قائم ڪرڻ آهي.“ علامه مشرقي صاحب به آءِ سي ايس جي آفيسري ڇڏي لاهور کان ٻاهر اڇڙي ۾ هڪ ڪچي جاءِ وٺي ٻاهر کليل مٽيءَ واري ميدان تي تنبوءَ ۾ خاڪسار تحريڪ جو مرڪزي دفتر قائم ڪري اڪيلي سر عملي طور خاڪسار بڻجي ويو. خاڪي زِين جي قميص خاڪي پائجامو ۽ ڪلهي تي بيلچو کڻي گهٽين ۽ رستين تي مارچ ڪندو هو ۽ عام ماڻهن جي مدد ڪندو هو. ڇٻي هٿ ۾ کڻي سودو سامان پاڻ وٺندو هو ۽ رڌ پچاءُ سندس گهر واري، جا وڏ گهراڻي هئي سا پاڻ ڪندي هئي. علامه صاحب صاف چوندو هو ته منهنجو مقصد آهي ’غلبه اسلام‘. رام راڄ ۽ غلبه اسلام مان ٻنهي ليڊرن جي نيت هئي هڪ فلاحي رياست قائم ڪرڻ.
خاڪسار تحريڪ ٿوري مدت ۾ ايترو ڦهلجي ۽ ايترو زور وٺي وئي جو انگريز سرڪار بار بار تحريڪ تي بندش وڌي ۽ علامه صاحب کي ديوناگري جيل ۾ بند ڪيو ته به تحريڪ روز افزون ترقي ڪندي وئي. ڀلا خدمت خلق کان ڪير ٿو ڪنهن کي روڪي سگهي. علامه صاحب سادگيءَ جو ۽ بنا معاوضي خدمت جو حڪم ڏنو. ايتري قدر جو خاڪسار ماني به پنهنجي هڙئون کائيندا هئا ۽ سمورو خرچ خود برداشت ڪندا هئا. چندو وٺڻ جي به سختي سان منع هئي. ڀائپي ۽ اخوت، جو اهڙو عملي نمونو پيدا ٿي ويو جو غريب ۽ غربي کي ايڏي عزت نفس ۽ جرئت ملي وئي جو هن مان ڪمتري جو احساس بلڪل گم ٿي ويو. هاسٽل ۾ جيڪو اسانجو بورچي ولي محمد هو سو اسان جو سالار مقرر ٿيو. هو اسان تي حڪم هلائيندو هو ۽ اسين کيس سلام، سليوٽ ڪري چوندا هئاسون، حاضر سالار صاحب. سڄي سنڌ جو حاڪم اعليٰ شڪارپور جو هڪ واڍو مستري فيض محمد هو ۽ اهو مير صاحبن، وڪيلن، سردارن، شآگردن وغيره کي حڪم ڪندو هو ته هي ڪم ڪري اچو.
علامه صاحب ڪٽرپڻي کان بلڪل آجو هو. حڪم ڪيائين ته هندن کي به تحريڪ ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن خاڪسارن ۾ ڪافي ٿرٿلو هو. مونکي چٽو ياد آهي ته ان رات ڪافي خاڪسار محترم محمد حفيظ قريشي، تڏهن شاگرد ۽ هاڻ وڪيل ۽ زميندار وٽ اچي گڏ ٿيا. سڄي رات بحث مباحثو هليو ۽ صبح جي فجر نماز جي آذان تي اٿياسون. محمد حفيظ صاحب تمام ڄاڻو، عالماڻي ۽ منطقي گفتگو ڪندو آهي. از روءِ قرآن ۽ حديث ثابت ڪيائين ته ان حڪم ۾ ڪا به غير اسلامي ڳالهه نه آهي بلڪه عين اسلام آهي. مونکي اهي حديثون ۽ قرآني آيتون اڃا ياد آهن جيتوڻيڪ اهو 1942ع جو واقعو آهي، بحث جي طوالت سبب انهن کي نٿو ورجايان، رڳو هڪ ڳالهه چوان ٿو ته حضور اڪرم ﷺيهودين کي کلي دعوت ڏني ته اچو جيڪڏهن اتحادِ عقيده نٿا ڪيون ته اتحادِ عمل ته ڪيون. سڀ خاڪسار مطمئن ٿي اٿيا ۽ هڪ رات ۾ ڦرڪو ئي ڦري ويو. ڪٽرپڻو صفا نڪري ويو. توهان کي شايد معلوم نه هجي پر ڊاڪٽر وطن مل، مشهور سماجي ڪارڪن خاڪسار ٿي ويو ۽ حيدرآباد جو ڊاڪٽر امرناٿ سوري به خاڪساريءَ ۾ اچي ويو.
ڊاڪٽر امرناٿ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهل دل ماڻهو هو سچار، ايماندار ۽ سادو. سندس طب جو دڪان ڇوٽڪي چاڙهي تي هو. ڪشادو صاف سٺو ماحول جتي سنگ مرمر جون چار کن ميزون ۽ ڪرسيون به پيل هونديون هيون ۽ ريسٽورانٽ جي ڏِک ڏيندو هو. حيدرآباد جي سخت گرمي ۽ لُڪ ۾ دڪان ۾ وڃبو هو ته ٺار محسوس ٿيندو هو. شربت خاص ڪري مِلڪ روز اهڙو ملندو هو جو وڃي ٿيا خير. اهڙو مِلڪ روز مون اڄ تائين وري نه چکيو آهي. ٿڌو، گهاٽو، پستا، بادام پيل بس لڱ ٺري پوندا هئا ۽ تراوت اچي ويندي هئي. قيمت به معمولي . ڊاڪٽر امرناٿ خدا نٿو ڀلائي ته پٺاڻ نسل جو هو ۽ ننڍي اڇي ڪاري ڏاڙهي به هئس. دل جو اهڙو نرم جو ٿوري گهڻي ڳالهه تي يا رڳو مان ملڻ تي دل ڀرجي ايندي هئس ۽ ڳوڙها جلدي ۾ اگهي وٺندو هو.
ڊاڪٽر وطن مل رڳو وتندو هو ماڻهن جي خدمت ڪندو. شل نه ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي، ڊوڙي وڃي مدد ڪندو هئس. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به رهيو پيو هو. هڪ دفعي مان لاڙڪاڻي کان ڪراچي ٿي ويس ته ڊاڪٽر صاحب ساڳيءَ گاڏي ۾ مٿين سيٽ تي ليٽيو پيو هو. ٻانهن ڀڳل هئس ۽ ڪپڙي سان ڳچي سان ٻڌل هئس. سن اسٽيشن اچڻ کان اڳ جيئن تيئن ڪري سيٽ تان لٿو ۽ هڪ هٿ سان ننڍي بئگ لاهي دروازي وٽ رکيائين. مون سمجهيو ته سن، سائين جي ايم سيد سان ملڻ پيو وڃي، هاڻ ڊاڪٽر صاحب جو بسترو ڪيئن ويڙهجي. ننڍو انٽر ڪلاس ۾ گاڏو هو، جنهن ۾ سڀ پڙهيل لکيل ماڻهو ويٺا هئا، پر ڪو به نه چُريو. مان اڃا ايل ايل بي جي آخري سال ۾ پڙهندو هئس ۽ ڊاڪٽر صاحب مون کي ڪونه سڃاڻندو هو. مون اٿي ڊاڪٽر صاحب جو بسترو ويڙهيو ۽ پڇيومانس ته ٻڌڻ لاءِ ڪا رسي آهي. چيائين فراسي هيٺان نوڙي پئي اٿئي. مون بستر ٻڌي بئگ سان گڏ دروازي وٽ ڪري رکيو. گاڏي سن اسٽيشن تي ٻه ٽي منٽ مس بيهندي هئي. مون چيومانس ته ڊاڪٽر صاحب توهان الڪو نه ڪيو. توهان آرام سان لهجو، سامان مان پاڻهئي لاهيندس. مون ڊاڪٽر صاحب جي اکين ۾ چمڪ ڏٺي ڄڻ اهو اطمينان هجيس ته سندس خدمت خلق جو پيغام نوجوانن وٽ پهچي چڪو هو.
انهي ريل گاڏيءَ ۾ ٻيو به هڪ واقعو پيش آيو. جهمپيرو ٽ هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ نوجوان ڇوڪراٽ چڙهيو، مون ساڻس سنڌي ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. هو اهڙا ڪپڙا پائي انٽر ڪلاس ۾ ان ڪري چڙهيو هو ته سڀ پڙهيل لکيل شريف ماڻهو هوندا ۽ ڪو خطرو ڪونه هوندو. مڄاڻ ڪيئن ٻين مسافرن کي شڪ پئجي ويو ته هو هندو هو. سڀئي مهاجر هئا سو شوخ لهجي ۾ چوڻ لڳا ته ”اڇليوس هيٺ!“ ۽ واقعي هو اٿي بيٺا ۽ هن هندو ڇوڪر ڏانهن وڌڻ لڳا. مان اٿي بيهي سندن مخالفت ڪئي ته مون سان به وڙهڻ لڳا. چي ”تون نٿو سمجهين ته هنن انڊيا ۾ اسان سان ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا آهن.“ مون چيو ”ڀائي هي ته هتي جو ڳوٺاڻو آهي هن جو انڊيا جي واقعن سان ڪهڙو واسطو؟“ پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائون ۽ هن ويچاري ڊنل هيسيل ڇوڪر ڏانهن وڌڻ لڳا، پر مان به ڍال ٿي بيهي رهيس جيتوڻيڪ مان سنهو سڪو ۽ ڪمزور هئس ۽ هو ڏنڊا متارا هئا. نيٺ مونکي به دڙڪو ڏنائون ته توکي به اڇلائينداسون. مون چيو ڀلي پر ههڙو ڪِيس ڪرڻ نه ڏيندوسانوَ. ائين ڪندي ٻي اسٽيشن اچي وئي ۽ مان ان هندو ڇوڪر کي در تائين گهليندي چيو ته ”ڀڄي وڃي ڪنهن ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهه، اهي اڻ پڙهيل هنن پڙهيل ڳڙهيل آفيسرن کان وڌيڪ چڱا هوندا“ ڇوڪر به لهي وٺي ڀڳو ۽ مون ڏٺو ته هڪ ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ چڙهي پيو. پوءِ ته ڪراچي تائين هو آفيسر مون کي لوئيندا آيا ته تون مسلمان هوندي به هڪ هندوءَ جي جان بچائي بيغيرتيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. مون ورندي ڪانه ڏني. منهنجو اندر وارو انسان خوش هو. ڀلا ورندي به ڪهڙي ڏجي، جڏهن ضمير ڪارو ٿي وڃي ته عقل تي پڙدو چڙهي ٿو وڃي ۽ سمجهه، سوچ توڙي رحم ۽ انسانيت جاجذبا معدوم ٿي وڃن ٿا، قرآني زبان ۾ هو ’گونگا آهن، ٻوڙا آهن ۽ سندس اکين تي پڙدا چڙهي ٿا وڃن. هو نه ڏسن ٿا، نه سمجهن ٿا‘.
ريل گاڏي جي حوالي سان هڪ ٻيو واقعو ياد اچيم ٿو. لاڙڪاڻي کان ڪراچي ٿي ويس، ۽ انٽر ڪلاس ۾ ويٺو هئس مڄاڻ ڪو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جو ميڙو پورو ٿيو هو. اسٽيشن تي انبوهه ماڻهن جا بيٺا هئا ۽ گاڏي بيهڻ سان ماڻهو ڌوڪي پيا. مون واري گاڏي ۾ مڪراني گهڻا چڙهيا، مڪراني جانٺا ۽ ڏاڍا مڙس. گاڏي ڀري در تي بيهي رهيا ۽ جيڪو پيو چڙهي تنهن کي ڌڪو ڏئي، دڙڪو ڏئي هٽائي ٿي ڇڏيائون. مان دري واري سيٽ تي ويٺو هئس. ڏسان ته هڪ واڻيو ننڍي نيٽيءَ زال سان هيسيو، حيران پريشان بيٺو آهي. گاڏيءَ جي دروازي وٽ وڃي کيس سڏ ڪري چيم ته ڀائي هلي آ. وائڙو وائڙو ٿي چڙهي پيو. مون کين پنهنجي جاءِ تي ويهاري ڇڏيو ۽ پاڻ بيهي رهيس. مڪرانين کي مٺيان لڳي ۽ پنهنجي مخصوص ۽ کهري انداز ۾ مونکي چيائون، ”اڙي هڪڙو بيهڻ جي جاءِ ڪانه تون وري سواريون پيو چاڙهين!“ منهنجو به نوجوان رت سو رکو جواب ڏنومان ته ”توهان جو ڇا وڃي، مون پنهنجي جاءِ کين ويهڻ لاءِ ڏني آهي“ منهنجو ائين چوڻ ۽ لٺيون اڀيون ٿي ويون. رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها پر هڪ نوجوان خاموش طبع مڪراني ٻين کي هٿ جي اشاري سان جهليو ته لٺيون هوا ۾ ئي رڪجي ويون. پوءِ مون ڏي منهن ڪري سوال ڪيائين ته هي ڇا پيو چوين. ڇا پيو ڪرين. مون عزت سان چيومانس ته، ”واجا مون ڪهڙو ڏوهه جو ڪم ڪيو آهي، تون ڀلي جيڪي وڻئي سو فيصلو ڪر“. ”اڙي ٺيڪ آ ٺيڪ آ.“ هن جو ائين چوڻ ۽ جهيڙو ختم ٿيڻ. پاڻ جيڪي سو ماڻهن کي سوري سوڙهه سنگهر ۾ جاءِ ڪرائي مون کي چيائين ”ويهي رهه!“ سندس ضمير زندهه هو، گهڻا سال پوءِ مون اياز قادري جو لکيل افسانو ’بلو دادا‘ پڙهيو ته مونکي بار بار اهو مڪراني ياد آيو. مڪراني ماڻهو ڏسڻ جا ۽ ڳالهائڻ جا کهرا ۽ شوخ، پر سندس دليون سون ورنيون آهن.
اهو مهل تي منهن ڏيڻ ۽ يڪدم فيصلو ڪرڻ ڪو منهنجي رت (حيات جيوڙي) ۾ پيل آهي. لاڙڪاڻي ۾ جاڙل شاهه ڀرسان هڪ ننڍي مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هئاسون. اها 1946ع جي ڳالهه آهي سياري جي رات جو 11 بجي ”خون خون!“ ۽ ”بچايو بچايو!“ جون رڙيون ٿيون. مان ان وقت بستري تي ليٽيو پيو هئس. ٽپ ڏئي اٿس ۽ ٻاهرئين دروازي ڏي ڀڳس. ڇا ڏسان ته امڙ اڳ ۾ ئي در کي پٺي ڏئي بيٺي هجي. امڙ جي دل اولاد جي دل کي ڪيئن نه اڳواٽ ئي سمجهي وئي. مون امان کي پري ڪري نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. چي ”ابا الله جو واسطو، قرآن جو واسطو اٿئي ٻاهر نه وڃ!“ چيم ”امان ٻاهر الائي ڇا پيو ٿئي. تون ٿي جهلين؟“ چي ”رئو ميڙ ٿئي موٽي وڃ!“ سو موٽي اچي خارون کائيندو کٽ تي ليٽي پيس. ٻئي ڏينهن خبر پئي ته لاڙڪاڻي جو مشهور دادا مير محمد عرف مير جنهن اڳ ۾ ٻه ٽي خون ڪيا هئا، سو آيو هو ، خالي ڌنئوس ڄمائي هليو ويو.
ڳالهه پئي هلي نيوٽن، آئنسٽائن، ۽ بنيادي سائنسي اصولن جي. مونکي ڳالهه ڪرڻي هئي حيات جيوڙن جي. اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيو آهيان ته بايولاجي يعني علم حياتيات جو بنيادي اصول آهي ته ’زندگي اڳي ئي پيدا ٿيل زندگي (حيات) مان پيدا ٿئي ٿي‘. اهو ته ٺهيو پر ’حيات جيوڙا‘ فطرت ايڏو ته وافر انداز ۾ پيدا ڪيا آهن جو عقل چرخ ٿيو وڃي. اناج، ٻج ۽ ڪينئين ماڪوڙين يا ماڪڙ جي واڌ ويجهه کي ڇڏي رڳو انساني حيات جيوڙن ڏي ڏسو ته بس حيرت آهي، حيرت! مڙداني ٻج جو جيڪڏهن هڪ ذرو سُئيءَ جي چُهنب تي رکبو ته ڏهه لک حيات جيوڙا اچي ويندا ۽ چهنب تي اڃا به ڪجهه جاءِ بچي پوندي، انسان جا ايڏا ڪروڙن جا ڪروڙ حيات جيوڙا پيدا ڪرڻ ۾ فطرت جو ڪونه ڪو عظيم مقصد هوندو.

5

علامه المشرقي 1945ع ۾ ڪراچي جي ڪاليج چوراهي تي هڪ اهڙي ته تقرير ڪئي جو سندس متنازع شخصيت جي باوجود هزار کن شاگردن جن ۾ هندو مسلمان، سک ڪانگريسي، مسلم ليگي ۽ ڪميونسٽ به هئا، اهڙي خاموشيءَ ۽ توجهه سان ٻڌي جو هوند هڪ سئيءَ ڪرڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي. علامه صاحب جيئن ته وڏو سائنسدان، رياضيدان ۽ مفڪر هئو تنهن ڪري سندس تقرير توڙي تحرير جي هر جملي ۾ منطقي لحاظ کان سوال به هوندو هو ته ازخود جواب به. سندس مشهور ڪتاب ”تذڪره“ به انهيءَ طرز تي لکيل آهي، انهي تقرير جهڙو ئي خط علامه صاحب دنيا جي سمورن سائنسدانن کي اماڻيو. شيخ اياز کي پڙهڻ لاءِ ڏنم ته پڙهي اهڙو حيران ٿيو جو چيائين ته، ڪمال آهي هن ماڻهوءَ جو. جڏهن خلا ۾ سفر ڪرڻ جو تصور ئي ڪونه هو ته هن ماڻهو اڳواٽ اها ڳالهه ڪري ڇڏي آهي. اهو خط انگريزي ۾آهي ۽ ان ۾ ٽيهارو کن پئراگراف آهن. مان رڳو چئن پئراگرافن جو ترجمو ڪري نموني طور پيش ڪيان ٿو:
مان وارا فطرت جا ڄاڻو ۽ علم جا معزز متلاشي، سائنسدان، انجنيئر، سماج سڌارڪ، قانوندان وغيره.
1. جيڪڏهن هن بي انت ۽ لامحدود ڪائنات جون ڪل سهوليتون حيات جي واڌ ويجهه لاءِ رڳو هڪ ننڍڙي ڌرتيءَ جي مخلوق لاءِ مخصوص ۽ ميسر آهن ته پوءِ چئبو ته باقي لکين ڪروڙين تارا ستارا وغيره محض مئل ۽ اجايو زيان آهن، ۽ جي ائين آهي ته پوءِ فطرت جو هي سڄو مانڊاڻ ۽ خود فطرت بيوقوفي جي حد تائين بيسود، بي مقصد ۽ اجايو زيان آهي ۽ فقط انسان ئي هن وسيع ۽ عريض ڪائنات ۾ واحد ۽ اڪيلي مخلوق آهي جو لازماََ ڪنهن وڏي دانشمندانه مقصد ۽ ڪارنامي خاطر خلقيو ويو.
2. جيڪڏهن دانش يا شعور، ماس ۽ رت کان سواءِ وجود نٿا رکن ته پوءِ چئبو ته هيءَ سموري ڪائنات (سواءِ ڌرتيءَ) دانش ۽ شعور کان وانجهيل آهي ۽ پوءِ اهو نتيجو اخذ ڪبو ته هيءَ لامحدود ۽ بي انت ڪائنات توڙي فطرت، حيرت جي حد تائين اجائي ۽ بنا مطالب بنا مقصد اجايو زيان آهي. ان جي برخلاف جيئن ڪيترائي فطرت جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته فطرت جي ههڙي دانشمندانه، بي عيب ۽ باقاعدي ساخت پاڻمرادو ٻڌائي ٿي ته ضرور ڪجهه تمام عظيم ۽ همھ گير ’قوت‘ ئي اهڙو عجيب ۽ حيرت انگيز نظام خلقيو هوندو، جيڪڏهن ان حقيقت کي مڃيو وڃي ته پوءِ اهو قبول ڪرڻو پوندو ته دانش ۽ شعور، ماس ۽ رت کانسواءِ به موجود ٿي سگهن ٿا (يا وجود رکن ٿا) پوءِ اسين آساني سان ان نتيجي تي پهچي وينداسين ته ماس ۽ رت، دانش ۽ شعوري زندگي لاءِ ضروري نه آهن. پوءِ ائين پڻ ٿي سگهي ٿو ته ان ”وڏي همھ گير قوت“ کان سواءِ ٻي به ڪا دانشمند ۽ باشعور مخلوق هن ڪائنات ۾ هجي جنهن جو مدار هن زميني ماس ۽ رت کانسواءِ هجي.
3. اشرف المخلوقات: جيڪڏهن ماس ۽ رت کانسواءِ ڪا باشعور مخلوق هن ڪائنات ۾ موجود آهي يا اهڙي ئي ڪا ٻي مخلوق آهي، جنهن جا عضوا ۽ حيات گهرڙا زميني ماڻهو کان مختلف آهن تڏهن به اهو ڪونه چئي سگهبو ته اها مخلوق، زميني انسان کان ڪو عقل شعور ۽ دانش ۾ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اڃا زميني انسان سان نه ڪوئي رابطو قائم ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو نماءُ ڪري سگهيا آهن، تنهن ڪري موجوده وقت ۾ هڪ يقيني نتيجو اهو ٿو نڪري ته زميني انسان ئي هڪ مخصوص وجود آهي جو هن ڪائنات ۾ نمايان ۽ ظاهر ظهور بيٺو آهي، لاشڪ ڪنهن وڏي خاص مقرر ڪيل مقصد لاءِ.
4. اهو خاص مقرر ڪيل مقصد صرف اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو هن سموري ڪائنات کي مسخر ڪري (فتح ڪري يا قابض ٿي وڃي). اهو مقصد تيسين حاصل ڪين ٿيندو جيسين انسان پاڻ کي ڪنهن ٻي مٿاهين سطح ۾ تبديل ڪري، اهڙو وجود اختيار ڪري جو ماس ۽ رت کان آزاد هجي يا ڪم از ڪم اهڙو روپ يا وجود جيڪو ڪائنات جي ٻين آسماني ۽ خلائي جڳهن تي وڃڻ، ۽ رهڻ جي صلاحيت رکي. جيتوڻيڪ ڪائنات جي وسعتن ۽ اسرارن کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه احمقانه آهي، ته جيڪڏهن ماڻهو جي تخليق انهيءَ مقصد لاءِ نه آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ اهڙيون صلاحيتون ئي ڪونه آهن جو اهو مقرر ڪيل مقصد حاصل ڪري سگهي ته پوءِ هيءَ سموري تخليق هڪ بي معنيٰ نمائش آهي. ۽ پڻ ماڻهوءَ جو شعور ۽ دانش ۽ ان ڏس ۾ سندس لکن ڪروڙن سالن جي ارتقائي ڪوشش ۽ ترقي جنهن سبب هو هيٺاهين سطح کان اڀري مٿي آيو ۽ جا ڪجهه ڄاڻ ۽ قوت، فطرت جي عنصرن مان حاصل ڪيائين، سو سڀڪجهه اجائي ڪوشش هئي. جنهن کيس ڪنهن به منزل تي نه پهچايو، ۽ اهو سڀ ڪجهه اجايو ۽ اوندهه به ٿاڦوڙا هئا. جيڪڏهن اهڙو مفروصو قبول ڪيو وڃي ته پوءِ هيءَ سڄي ساري ڀرپور ۽ جاندار ڪائنات محض هڪ بيجان، بيمقصد ۽ ڀوڪپائيءَ جو بي معنيٰ ڊرامو آهي، انهيءَ ڪري هن زمين تي ماڻهوءَ جهڙي مخلوق جي وجود جو صرف اهو ئي مقصد ٿي سگهي ٿو ته هو ڪائنات ۽ ان جي اسرار کي مسخر ڪري ۽ مٿس فتح حاصل ڪري ۽ قابض ٿئي، ضرور اهو ئي انسان جي تخليق ۽ وجود جو مقصد آهي، جنهن لاءِ ماڻهو کي هڙني مشڪلاتن کي هٽائي ڪيئن به ڪري حاصل ڪرڻو آهي.
مٿيان ته ٿيا ٽيهن مان چار پئراگراف. علامه صاحب عجيب سحر انگيز سائنسي ۽ منطقي طريقي سان ويو، ڪائنات جا اسرار کوليندو. پوءِ ڪيئن نه پِن ڊراپ خاموشيءَ ۾ اهڙي تقرير ٻڌي ويندي. حقيقت ۾ تقرير ڪندڙ صاحب وٽ علم جو درياهه هجي ۽ اخلاق به هجي ته مجال آ جو تقرير ٻڌندڙ ڌيان سان نه ٻڌن، البت ڪو ڄاڻي واڻي اڳواٽ سنبت ڪري اچي وڳوڙ پيدا ڪري ته پوءِ اهڙي ڪرائي جي ٽٽونءَ کي ڇا ٿو ڪري سگهجي. علامه صاحب تقرير جي آخر ۾ دنيا جي عالمن ۽ سائنسدانن کي اهو مشورو ڏنو ته هو انساني توڙي ٻين حيات جيوڙن تي تحقيق ڪن، جنهن شعبي کي هنن قطعي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو ۽ انسان کي خلا ۾ موڪلڻ جي تياري ڪن. ان کان پوءِ جا ڪجهه خلائي سائنس ۽ جينيٽڪس يعني حيات جيوڙن جي سائنس ۾ ترقي ٿي آهي. سا اسان جي اکين آڏو آهي. اسان جو هڪ پيارو الهه لوڪ دوست هوندو هو جسٽس علي نواز ٻڍاڻي تنهن جو اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ته گهريءَ سوچ ۾ غرق ٿي ويو ۽ ٽٻيءَ مان بيدا ٿي چيائين ته ”جمال قدرت جو هيڏا ڪروڙين حيات جيوڙا مرد جي ٻج جي هڪ ڦڙي ۾ وڌا آهن. اهي بي سبب ته ڪونه هوندا. فطرت جو مقصد ئي هوندو انهن سڀني کي جنم ڏيڻ. جيئن بي انت انسان پيدا ٿي هن ڌرتيءَ تي نه ماپن ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو ارتقائي تبديلين مان گذري خلائي ڪائنات ڏانهن منتقل ٿي وڃن!“ ٻڍاڻي صاحب جي ڳالهه بي وزن ڪانه هئي. هو وڏو ڄاڻو هو جنهن کي شاهه لطيف ۽ قرآن الحڪيم جو ڪافي مطالعو هو.
علامه صاحب تمام عظيم انسان هو. غريب غربن سان گڏ زمين تي ويهي گوڏو گوڏي ۾ ملائي ڪچهريون ڪندو هو ۽ سندن همت افزائي ڪندو هو. 1946ع ۾ ڪراچي آيو ته اسان کيس روپ ولاس هاسٽل ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ رهايو. خاڪسارن جون ڀيڙون اچي گڏ ٿيون ۽ علامه صاحب جو سمورو وقت ساڻن ميل ملاقات ۾ صرف ٿيڻ لڳو. اسان خيال ڪيو ته ڪراچيءَ جي سمورن دانشورن کي گهرائي علامه صاحب سان ملائجي. علامه صاحب مڃيو ۽ وقت ۽ ڏينهن مقرر ڪري سڀني ڏي دعوتي خط موڪلياسون. ڪافي هندو، مسلمان ۽ مختلف سياسي جماعتن جا دانشور اچي گڏ ٿيا. خاڪسار هئا علامه صاحب جا عاشق سي به اچي مڙيا پر خاڪسار تحريڪ هڪ منظم جماعت هئي. تنهن ڪري کين حڪم ڏنو ويو ته ڪو به خاڪسار اندر نه اچي.
سڀ خاڪسار ٻاهر فٽ پاٿ تي ويهي رهيا پر هڪ خاڪسار لال خان اندر گهڙي آيو. هو بگل ڏاڍو سٺو وڄائيندو هو. جهنڊي کي سلاميءَ مهل يا علامه صاحب کي سلامي ڏيڻ مهل لال خان بگل وڄائيندو هو ۽ جذبي سان ٽمٽار ٿي ويندو هو. مون پڇيومانس ته لال خان خاڪساريءَ جي تبليغ ڪيئن ڪندو آهين؟ ٺڪ جواب ڏيندو هو ته چوندو آهيان ته ”علم (جهنڊو) ڏسو ۽ علامه صاحب کي ڏسو انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تبليغ؟“ مون چيو لال خان ؟سچو آهين!“ سو ان ڏينهن علامه صاحب تمام باريڪ نقطا فلسفي، سائنس ۽ سياست جا پي ٻڌايا ۽ سڀني غور سان ويٺي ٻڌو ته وچ ۾ اوچتو لال خان رڙ ڪري چيو ”علامه صاحب مين سمجهه گيا، ڀلا مين ڪيسي سمجهه گيا؟“ ته علامه صاحب بنا ڪنهن خفگيءَ جي ورجائي پڇندو هئس ته ؟هان جي ڪيسي سمجه گئي؟“ لال خان پوءِ پنهنجو عقل جهاڙيندو هو ۽ علام صاحب خاموشيءَ سان ٻڌي. ”ٺيڪ!“ چئي وري پنهنجي ڳالهه شروع ڪندو هو. وري وچ ۾ لال خان چوندو هو ”علامہ صاحب میں سمجہ گیا. بہلا کیسے سمجھ گيا؟“ اهو سلسلو هلندو رهيو جو ڏاڍو ناگوار لڳو. ڊاڪٽرنبي بخش خان مونکي اشارو ڪيو ۽ مان اٿي وڃي لال خان جي ڀرسان ويٺس. گفتگو چوٽ تي هجي ته وري لال خان رڙ ڪئي ته ”علامه صاحب مين سمجهه گيا!“ مون کيس منع ڪئي ۽ چيومانس ته ”توکي حڪم ٿو ڏيان ته خاموش ٿي ويهي رهه!“ حڪم جو ٻڌي ويچارو هيسجي چپ ٿي ويو. وري ڳالهه چوٽ تي پهتي ته لال خان جذبات ۾ ڀرجي چيو ”علامہ صاحب میں سمجھ گیا“. مون کيس منع ڪئي ته ڀري ڪچهريءَ ۾ علامه صاحب کي چيائين ته ”علامه صاحب هي مونکي روڪي ٿو!“ علامه صاحب مون ڏي منهن ڪري مونکي چيو ته ”بھائی اسے مت روکیں، یہ سمجھ رہاہے!“ پوءِ لال خان جي همت افزائي ڪندي چيائين ته ”ہاں بھائی کیا سمجھے؟“ ۽ لال خان خوشي ۾ ڦولجي پنهنجي عقل جو اظهار ڪيو. اهڙو هو علامه صاحب وڏ گڙدو ۽ عوام الناس جو قدردان.
ٻيو به هڪ واقعو ياد ٿو اچيم. علامه صاحب حيدرآباد ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جي بنگلي تي ٽڪيل هو. هر ڪو خاڪسار بنان روڪ ٽوڪ جي پئي علامه صاحب وٽ اندر هال ۾ آيو ويو، جتي فرشي نشست لڳي پئي هئي. حيدرآباد جو مشهور معروف هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر نامي آيو ۽ ٻاهر ورانڊي ۾ ويهي رهيو. ڪلاڪ ٻه گذري ويا، ٻاهر ويٺو رهيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته علامه صاحب مٿس ناراض آهي جو هو بي عمل ٿي ويو آهي. خاڪسار لاءِ بي عمل ٿيڻ يعني اجلاسن ۾ نه اچڻ ۽ خدمت خلق ۾ شامل نه ٿيڻ. وڏي معيوب ڳالهه هئي. علامه صاحب جي ڇڪ ۽ محبت ۾ هو ڌنڌو ڌاڙي ڇڏي اچي ته ويو پر علامه صاحب سان ملڻ جي همت نه ٿي ٿيس. علامه صاحب کي ٻڌايوسين ته ڊاڪٽر نامي ٻاهر ويٺو آهي ۽ اندر اچڻ کان شرمائي ٿو ته هڪدم چيائين، ”ڪيون جي وه تو بهت اڇا آدمي هئه، هم ني تو ڪڀي ڪسي ڪي سياه پهلو پر نظر نهي ڪي، وه تو بهت خوبيون ڪا مالڪ هي، بلائو اس ڪو “ ڊاڪٽر نامي آيو ته علامه صاحب ڏاڍيءَ محبت سان ساڻس مليو ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجيون مجبوريون ٻڌائڻ شروع ڪيون، ته علامه صاحب روڪي چيس ته ”اسان ته تو ۾ رڳو خوبيون ڏٺيون، باقي تون ڄاڻين تنهنجو عمل. اسان ڪا فتويٰ ڪانه ڏني آهي!“
سچ ڀلا انسان انسان تي فتويٰ ڪيئن ڏيندو؟ حضرت عيسيٰ عليھ السلام به فرمايو ته” فتويٰ نه ڏيو، متان توهان تي فتوائون اچن!“ هر ڪو انسان ڪمزورين ۽ اوڻاين جو گهر. وڏي ڳالهه ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو ادراڪ ۽ شعور رکندڙ، تنهن کي ٻئي جي مقرر ڪيل معيار جي چِيلي تي ڪيئن هلائبو يا پرکبو؟ آسڪروائيلڊ چيو ته، ”مان دوستن سان محبت ڪندو آهيان، سندن اوڻاين سبب ۽ دشمن سان سندس خوبين سبب.“ محبت، قدر ۽ عزت آهي ته پيارن جون چلولايون ۽ اوڻايون به پيون وڻنديون. باقي خوبي ته دشمن جي ڏسي داد ڏبو. غالب به فرمايو ته ”هيءَ ڪهڙي دوستي آهي جو دوست بڻيا آهن، ناصح!“ دوستن جو ڪم آهي مدد ڪرڻ، مرهم رکڻ، نه ڪه نقطه چيني ڪرڻ.
ڪالهه تاريخ 9 نومبر 1995ع تي مون وٽ سوڀو گيانچنداڻي آيو، جنهن کي سنڌي اديب گُرو ڪري سمجهندا آهن. آهي به گُرو. اچڻ سان منهنجي اڇي ڏاڙهي تي ريمارڪ ڏنائين ته ”هيءَ ته خبيثن جهڙي ڏاڙهي آهي!“ مون چيو ”مان ته خبيث نه آهيان!“ پوءِ خيال آيو ته چوانس ها ته ٽئگور ۽ گرونانڪ جي ڏاڙهي بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ گهڙي رکي وري چيائين ته ”شيخ اياز جا ته انجيس ئي ڍرا ٿي ويا آهن!“ اڙي ڀائي فتوائون ته ملا ڏيندا آهن پوءِ اهي کڻي ادب جا ملا هجن يا ڪميونزم جا. ههڙو مهان اديب ۽ دانشور سو ائين چوي! هوڏانهن علامه صاحب هڪ معمولي بگل وڄائيندڙ لاءِ چوي ته ”ڀائي سمجهدار آهي سمجهي پيو چوڻ ڏيوس“، ۽ هڪ بي عمل خاڪسار جي ساراهه ڪري ۽ چوي ته ”اسان ته منجهس ڪا اوڻائي ڪانه ڏني آهي“ هتي فتويٰ اها آهي ته شيخ اياز کي ڪڇڻ نه ڏيو ۽ جمال کي ڏاڙهي رکڻ نه ڏيو. واهه گرو واهه. ڪاسترو ۽ چي گويرا جا پوئلڳ ڏاڙهي رکن ته اهو ٺيڪ آ.
عجب زمانو آيو آهي، جو ڏاڙهي رکڻ تي ٽوڪ زني ٿي ٿئي، علي احمد بروهي به هڪ مجلس ۾ مون کي چيو ته ”جمال تنهنجي ڏاڙهي هوش مان نڪري وئي آهي!“ هڪ پاسي ’اسلام!اسلام!‘ به چئبو ۽ حب رسول ﷺجي دعوي به ڪبي ته ڪنهن کي نيچو نوائڻ لاءِ بيهوده ٽوڪ به هڻبي نه ته سڀني جي والدن، چاچن، مامن کي ڏاڙهيون هيون، ٻيو ته ٺهيو هندو عامل به ڏاڙهي رکندا هئا. منهنجي يادگيري ۾ زائفون ڏاڙهي ڪوڙيندڙ لاءِ چونديون هيون ”ماريو ڏاڙهي ڪوڙيو، مادي منهون!“ وغيره. ڀائپي ۾ ڪنهن کي سزا ڏيندا هئا ته چوندا هئا ته ”ڏاڙهي ڪوڙي شهر ۾گهمايوس“، اها وڏي بيعزتي جي ڳالهه ليکبي هئي. ٻيا ته ٺهيو ٻُچي به ڏاڙهي رکائيندا هئا ڀنڀي ۽ چاپئين ڏاڙهي جي ته ڪچهرين ۾ تعريف هلندي هئي. سنڌي ثقافت ۾ ڏاڙهي کي چوندا ئي هئا ’سونهاري‘. سونهاري جي معنيٰ نه رڳو سونهن واري پر سڳوري به آهي. ڏاڙهي تي ساک وٺبي هئي. وعدي وفا لاءِ ۽ سچ ڳالهائڻ لاءِ به چئبو هو ته ”رک ڏاڙهي تي هٿ!“ ڪيترا محاورا ٺهيا، مثلاََ ’ڏاڙهي ته ڏيکاري وڃجان‘معنيٰ ملاقات ڪجانءِ. چئبو ته ’ڏاڙهيءَ ۾ ڪونه اٿس‘ معنيٰ ڪانئر آهي. دليري ڪانه اٿس، ’ڏاڙهي نه لڄائجانءِ‘ يعني ڪو اعتراض جوڳو عمل نه ڪجانءِ ؛ اهڙو هو ڏاڙهي جو مان ۽ شان.
انگريز جن کي ماڻهو ڀولڙي ۽ لنگور سان تشبيهه ڏيندا هئا، پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن نوڪريون حاصل ڪري انهن جي تقليد ڪرڻ شروع ڪئي ته سڄو سارو ڪلچر ئي الٽو لڳو، ڏاڙهي ۽ پڳ تي ٽوڪون جدا طاقت ۽ محنت تي به جلهه ٿيڻ لڳي. اڳي جو حشمت ۽ طاقتور سجيلي بدن تي ماڻهو ٻلهار ويندا هئا ۽ ’جنهن جا پير پنج سير‘ جو فاتحانه الاپ ٿيندو هو، تنهن جي جاءِ تي نوان ڳيچ ڳائڻ ۾ آيا ته ”سنهڙا ٻانهن لوڏجان ۽ سهڻا رومال کڻجانءِ!“ اسان جي بهادر ۽ سگهاري ڪلچر کي ائين ڪمزوري ۽ نفاست ۾ تبديل ڪيو ويو. اسان جي ناچ ’هو جمالو‘ توڙي جهمر ۾ ڇاتي ۽ ٻانهن جي ٻل ۽ لوڏ جو اظهار هو. اسان جي نوجوانن ان ۾ به ولايتي تقيلد ڪندي پولهه جي لوڏ جو اضافو ڪيو. جنهن سان اصل مفهوم نه رڳو مٽجي، پر معدوم ٿي ويو. هڪ دفعي محترمه پروفيسر اينميري شِمل صاحبه چيو ته، ”توهان جي ڪلچر ۽ ڊانس يا ناچ، تي اٺ جي لوڏ جو اثر آهي.“ انهي ۾ شايد ڪجهه سچ به هجي پر پوءِ به اهو فطرت کي ۽ محنت کي وڌيڪ ويجهو آهي. مون محترمه کي جواب ڏنو ته ”توهان جي مغربي ڪلچر ۽ ناچ تي جنسيات ۽ جمنئزم (جسماني ورزش ۽ نمائش) حاوي آهي.“ جواب ڪونه ڏنائين، اسان جو جنهن شيءِ سان محبت ۽ انس هوندو ان جو اثر ضرور قبول ڪندو.
اسان جا خاڪسار علامه صاحب جا عاشق هئا. سو نه رڳو علامه صاحب جهڙي ڊريس پائيندا هئا پر ڳالهائڻ جو لهجو به اهو ئي اختيار ڪندا هئا ته پوءِ جيڪي عشق رسول ﷺ ۾ مبتلا هوندا سي ڇو نه ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا؟ مان اڳي چوندو هئس ته ملان اسان کي حضور سائين ﷺجن جون سوليون سوليون سنتون ٻڌائن ٿا مثلاََ سرمو پائڻ، ميندي لڳائڻ، خوشبو استعمال ڪرڻ وغيره وغيره پر وڏيون سنتون مثلاََ جهاد ڪرڻ، لنگهڻ ڪاٽڻ، پيٽ سان پٿر ٻڌڻ، پٽ تي سمهڻ، سادو پهرڻ ۽ ورهائي گڏجي کائڻ جهڙيون ڳالهيون نه ٻڌائين ٿا، نه انهن تي زور ڏين ٿا. پر مان غلط هئس. محبوب جون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به اهڙو ئي وڻن ٿيون جهڙيون سندن تيز تند ۽ مشڪل ڳالهيون ۽ جيڪڏهن حب آهي ۽ نيت سچي آهي ته فرق مٽجي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ پير سائين روزي ڌڻي (پير صاحب پاڳاري جي جد امجد) جون ملفوظات پڙهي ڏسو ته عجيب لطف ايندو. ڪيوبا ۾ ڪاسترو ڏاڙهي رکي ٿو ۽ انقلابي ليڊر چي گويرا ڏاڙهي رکي ٿو ته اسان جا هندستاني توڙي پاڪستاني نوجوان، شرف سمجهي ڏاڙهي رکن ٿا ۽ پوءِ اهو فيشن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪير به کين طعنو نٿو ڏئي. پر جيڪڏهن ڪو رسول عربي ﷺجي اتباع ۾ ائين ڪري ٿو ته ان تي ملامت وسي ٿي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ۾ اهڙي جرئت ڪانه اٿن يا صرف رسول ڪريم ﷺسان عداوت. هي ته سنئين سڌي منافقي چئبي.
اصل ڳالهه پي هلي سائنس ۽ حيات جيوڙن جي. سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته انهن ڪروڙها حيات جيوڙن مان هر هڪ ۾ سندن ماءُ پيءُ ۽ وڏڙن جون عادتون، اخلاق حتا ڪه بيماريون وغيره وديعت ڪيل آهن، اهو ته اسان مان هر ڪنهن اکئين ڏٺو آهي. شڪل شبيهه ته ٺهيو پر عادتون گفتار ۽ لوڏ به هڪجهڙي! ڳڙهي ياسين جي محترم ڪريم بخش بروهي اٺ پٽ ڄڻيا. سڀ اي ڪي بروهي سندس حيات جيوڙي ۾ اهڙي ڪا ذهانت ڀريل هئي جو سندس هر هڪ پٽ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ داڻو هو داڻو. هڪڙو سندس پٽ علي نواز بروهي اسان سان گڏ انٽر سائنس ۽ پوءِ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ گڏ هو. ڏاڍو پيارو ۽ قابل. الله کيس حياتي ڪانه ڏني جو ڪاليج جي زماني ۾ ئي موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ گذاري ويو. اهو سلسلو هليو اچي محترم ڪريم بخش بروهي جي ڏوهٽي نفيسه شاهه به ڏسو ته بلاڙي آهي بلاڙي. توهان ساڻس ڳالهائڻ ۾ پڄي ڪونه سگهندا. مون کان جڏهن اياز سوال ڪيو ته ”جمال تو ڪڏهن کان لکڻ شروع ڪيو“ ته مون چيو، ”ڄمڻ کان اڳ.“ شيخ صاحب تمام ذهين ۽ سمجهو آهي. سمجهي ويو ۽ ورائي سوال نه ڪيائين، اسان معمولي ڪين جهڙن ماڻهن جي اها حقيقت آهي ته پوءِ آل ابراهيم عليھ السلام ۽ آل محمد ﷺبابت ڇا چئبو! ڀلي ڪو آسمان ڏانهن ٿڪون اڇلي ته اهو سندس ظرف.
ڳالهه اتي ڪانه ٿي بيهي، سائنسدان چون ٿا ته ماڻهو جي جسم جي هر گهر جيوڙي ۾ ان جو مستقبل رڪارڊ ٿيو پيو آهي ته هو ڇا ڇا ڪندو. ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو. ڪهڙيون بيماريون ٿيندس ۽ ڪيئن ۽ ڪڏهن انت ايندس. اعتبار نه اچيو ته انسائيڪلوپيڊيا کڻي يا اهو به نه مڃيو ته آڪسفورڊ يا چئمبرس جي ڊڪشنري کڻي اينٽيليڪيENTELECHY متعلق پڙهو. صاف لکيو پيو آهي ته سائنس جي اها شاخ جنهن موجب انساني گهر جيوڙن ۾ انسان جو مستقبل رڪارڊ ٿيو پيو آهي، اهو لوح قلم ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ هاڻي ته سائنسدانن ۽ طبي ماهرن ڊي اين اي ڳولهي لڌو آهي، جي ڪنهن جيئري توڙي مري ويل ماڻهو جو رڳو هڪ وار جو ٽڪر يا چمڙي جو ذرو هٿ اچي وڃي ته سائنسدان چون ٿا ته ان کي بنديءَ جي ڪاڳر وانگر کولي پڙهي سگهجي ٿو. بشرطيڪ اها لکيل ٻولي يا لپي ڪو ڄاڻندو هجي، ڀلي پڇي ڏسو ڪنهن به ڊاڪٽر يا طبي ماهر کان.
اچو ته حيات جيوڙي جي اصليت جاچيون، حيرت آهي حيرت! انساني جسم خود هڪ ڪائنات آهي، نظام شمسي کان به وڏي. هر ماڻهو جي جسم ۾ سئو ڪروڙن کان به وڌ حيات گهرڙا آهن. اهو حيات گهرڙو رڳو خوردبين سان ڏسي سگهبو. اهو پتڪڙو نظر نه ايندڙ حيات گهرڙو به اهو ئي گول دائري وارو نظام شمسي آهي، ان ۾ به هڪ اڻ لکو نيوڪلس يعني وچ آهي. ان توانائي جي مرڪز نيوڪلس ۾ وري آهن ڪروموزوم جون لڙهيون جي خس خس جي داڻن وانگر جڙيل يا پوتل آهن، حيات جيوڙا، اڻ ڏٺا اڻ لکا، نظر نه ايندڙ واري ته ڇا پر دز جي ذري کان به ڪروڙين ڀاڱا ننڍڙا. ان حيات جيوڙي جو ڪرشمو آهي هي حضرت انسان جنهن ۾ وري آهن ڪروڙين حيات گهرڙا ۽ اربين حيات جيوڙا جن مان هر هڪ ۾ اسان جون عادات، افعال ۽ مستقبل رڪارڊ ٿيو پيو آهي. اهي ڪروموزوم کي چنبڙيل لکين ڪروڙين جهڙوڪر روح آهن جن کي اياز الائي ڪهڙي اک سان ڏسي چيو ته اهي ڄڻ لٽڪيل چمڙا آهن. مار قدرت تنهنجا ڪمال! سمجهڻ، سوچڻ، پرجهڻ کان پري آهن.
چڱو جو مان سائنس ۽ بائيولاجي پڙهيس نه ته ڪورو ڄٽ رهجي وڃان ها. اونداهه ۾ ٿاڦوڙا ڪهڙا هڻبا. اسان جا دانشور دوست لوح قلم تي ته هزار ٽوڪون ۽ اعتراض ڪندا پر هن سائنسي سچ بابت ڇا چوندا. مان ائين ڪونه ٿو چوان ته مقدر تي ڀاڙي چپ ڪري ويهي رهجي. هٿ پير ضرور هڻجن ۽ بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ جنبي وڃجي ڇاڪاڻ ته توهان جي مقدر ۾ ائين ئي لکيل آهي. انسان ۽ حيوان ۾ اهو ئي فرق آهي انسان ۾ ادراڪ ۽ شعور جو روح ڦوڪيو ويو آهي، انهي ڪري انسان کي باشعور جانور چيو ويو آهي جنهن موجب هن جي اندر ۾ مقدر کي بدلائڻ جو مڪينزم به رکيو ويو آهي انسان رڳو حالات جو شڪار بيوس بندو نه آهي، پر حالات کي بدلائڻ جي قوت ۽ شعور به رکي ٿو. انسان عزم، همت ۽ محنت جو مجموعو آهي. انهي ڪري ئي افضل ۽ اشرف المخلوقات آهي. کيس حالات جوغلام ناهي ٿيڻو، پر حالات کي مسخر ڪرڻو ۽ بدلائڻو آهي. انهي جذبي هيٺ مون اياز قادري جي بلو دادا ۽ رباني جي شيدو ڌاڙيل جي جواب ۾ ’پشو پاشا‘ لکيو، جنهن جي ڏاڍي واکاڻ ٿي پر ڪن پيارن دوستن وٺ به ڏاڍي ڪئي. مون اکين سان سڀ ميارون مڃيون. پر دل نٿي مڃي. هاڻ به مان مٿي جن خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهيان تن تي به ڏاڍي وٺ ڪندا پر مان ڇو مڙان؟ اهي بهرحال سائنسي حقيقتون آهن مون ڪونه گهڙيون آهن
ٻي ڳالهه ٻڌايانوَ اڃا ٻه هفتا ٿيا ته هڪ سائنسي مخزن ۾ پڙهيو اٿم ته اٽڪل هڪ ڪروڙ سالن کان پوءِ سج مقدار ۾ وڏو ٿي ڌرتيءَ جي قريب ٿي ويندو ۽ ايڏي تپش ٿيندي جو ڌرتي توڙي جيو جنتر سڙي خاڪ ٿي ذرا ٿي اڏامي ويندا. عام ماڻهو چوندا آهن ته ’سج سوا نيزي تي اچي ويندو ۽ ڌرتي ٽامڻي هلي ويندي‘. قرآن الحڪيم جي زبان ۾ ڌرتي ۽ جبل تڃيل ڪپهه جيان ٿي ويندا. اهڙي اڳڪٿي هڪ ڪروڙ سال اڳ ۾ ئي هڪ اُمي نبي سڳوري عرب جي بيابانن ۾ ٻڪريون ۽ اٺ چاريندي ڪيئين ڪئي؟ ڪو ته رابطو الله ۽ انهي وچ ۾ هوندو، رسول بخش پليجو صاحب چوندو آهي ته هو انساني دماغ ۽ ذهن جي وسعتن جو قائل آهي، پر اهو بيجان، بي شڪل، اڻ ڏٺو، اڻ سڃاتل ذهن آهي ڇا ۽ آيو ڪٿان جو جسم جا ڪروڙين ڪم ڪاريون وائرليس ذريعي هڪ کن ۾ ڪيو ڇڏي ۽ جسم کان ٻاهر ناپيد ۽ مستقبل بعيد جا واقعا سائنس کان اڳ حل ڪيو وٺي؟ مان ڪا ڳالهه زوري توهان جي نڙگهٽ ڪونه ٿو ٺوسيان. رڳو سوچڻ جي دعوت ٿو ڏيان. اي اکين وارا عبرت حاصل ڪيو.
مون ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي پيءُ علي خان ابڙي جي ته ڪيئن هڪ ڳوٺاڻو غريب آبادگار گهر جو ماڻهو بمبئي جهڙي شهر ۾ ويٺي يونيورسٽي جو فيلو هوندي، پهريان نمبر کڻندي به آءِ سي ايس جي ڪئريئر کي تڇ سمجهي، ماستر ٿيڻ جو فيصلو ٿو ڪري ته جيئن تعليم عام ڪري سگهجي. اهڙي عجيب سوچ جي تهه ۾ پهچڻ لاءِ مون مٿي هيڏا سارا صفحا ڪارا ڪيا آهن. سو بابا وڃي ماستر ٿيو، نوشهرو فيروز ۾، سنڌ مدرسھ ڪراچي ۾، لاڙڪاڻي ۾ ۽ نيٺ وڏو آفيسر ٿيو ته به ڌن اها ته تعليم ڪيئن عام ڪجي. سڄي عمر ان مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
اسين سندس اولاد، ڌيئون، توڙي پٽ، مٿس فخر ٿا ڪيون، حيدر بخش جتوئي جي پٽن وانگر نه، جو چون ٿا ته بابو ڊپٽي ڪليڪٽري نه ڇڏي ها ته اسين سڀ ڪمشنر جا پٽ سڏجون ها. ڪٿي ڪمشنر جو معمولي عهدو. ڪٿي حيدر بخش جتوئي جو شان! تفو برتو اي چرخ گرادن تفو. مان ۽ منهنجو اولاد ته علي خان ابڙي تي ايڏو فخر ٿا ڪيون جو ڪوئي صدر مملڪت يا وزيراعظم تي به نه ڪري.
صاحبو! هاڻي ڊي اين اي تي به تحقيق ٿي آهي. تازو آمريڪا ۾ او جي سمپسن هڪ ڪاري آمريڪيءَ تي تهمت هنئي وئي ته هن پنهنجي اڳين گوري زال ۽ ان جي گوري يار کي قتل ڪيو هو. سڀني نشرياتي ادارن تي ان ڪيس جي ڪارروائي ڏيکاري وئي. ڊي اين اي ڇا آهي، هڪ معمولي نظر نه ايندڙ گهر جيوڙو جو انسان جي جسم ته ڇا پر هڪ وار جي ٽڪر ۽ چمڙي جي ذري مان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڊاڪٽر ٽي وي تي سمجهايو ته ”جي ان نظر نه ايندڙ ذري کي خوردبين سان ڇڪي اينگهائي ڏسو ته ان ۾ ڄڻڪ هڪ آسماني ٻولي ۾ لکيو پيو آهي ته هي ڪنهن جو آهي. سندس ماءُ پيءُ ڪير آهي يا سندس اولاد ڪير آهي. بشرطيڪ ڪو ماهر اها ٻولي پڙهي سگهي.“ آهي نه عجب جهڙي ڳالهه! سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’نه کي نوَ ڪوٽ‘، ڪو نوَ اکر واري ويهي رهندو ته ان کي ڇا ڪري سگهبو؟ بهرحال جاءِ واردات تان هٿ آيل ڊي اين اي، او جي سمپسن جي ڊي اين اي سان مشابهت نه پيو رکي، جنهن ڪري کيس بيڏوهي سمجهي ڇڏيو ويو. امير المؤمنين حضرت علي رضي الله عنھ لاءِ به چيو وڃي ٿو ته هڪ ڌر جي وڏن جي قبر کوٽائي ان جي پاسراٽي جي هڏي سان مشابهت ڪري، فتويٰ ڏئي، هڪ نڪاح منسوخ ڪرايو ته عورت ۽ مڙس پاڻ ۾ ماءُ پٽ هئا. هاڻي پاڻ ٻڌايو ته حضرت علي ﷦جن کي طب جي سائنس جو اهو جديد ڊي اين اي جو اصول ڪيئن ۽ ڪٿان مليو؟
هي ڏندڪٿائون نه آهن، تحرير شده حقيقتون آهن، منهنجو بابا، جهولن ۽ ساڙيندڙ لُڪن ۾ توڙي پاري جهڙي سردي ۽ قنڌاري هوائن جي موسم ۾ اٺ تي چڙهيو جهنگن، جبلن ۽ بيابانن ۾ پيو هلندو هو ۽ نه رڳو تعليم جو پرچار ڪندو هو پر ماستر صاحبن کي پڙهائڻ جا طريقا به سيکاريندو هو. نوان اسڪول کولرائيندو هو. ملا مڪتب به سندس ڪوشش سان منظور ٿيا ۽ کليا. نياڻين جا خانگي اسڪول کولرائي انهن کي حڪومت وٽان امداد وٺرائي ڏيندو هو، امداد جو مقدار به تعليم جي معيار تي رکيو ويو، نه تعداد تي. پاڻ پنهنجي سر انسپيڪشن ڪندو ۽ امتحان وٺندو هو ۽ پوءِ اهڙي سفارش ڪندو هو. مون ڏٺو ته سندس سچائي، اخلاق ۽ محنت ڪري سندس ايڏي عزت ٿي جو سندس بالا عملدارن کي به نصيب نه ٿي. سندس هم عصر آفيسر مسٽر فاروقي يا مسٽر بشير شيخ يا مسٽر آءِ واءِ سليمان ته جيڪي سو تنقيد جو نشانو بڻيا. ائين تمام گهڻي محنت ۽ جاکوڙ ڪري 1939ع ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا ٿي بستري داخل ٿيو ته ٻيون به ڪيتريون بيماريون کيس وٺي ويون.
اسين تن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هيرآباد ۾ رهندا هئاسون. هوشيار هوشيار هندو ڊاڪٽر امان گهرايا جن مان هڪ جو نالو مسٽر رامچنداڻي هو جو حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول جو پرنسپال هو. بابا ايڏو ڪمزور ٿي ويو جو رت جو ڦڙو نه هجي. مٿان ٻلي ڦرڙي نڪتس جا ڇٽي ئي نه، پيٽ جو حال اهڙو ٿيس جو کاڌو ته پري رڳو چمچي سان پاڻي پياريوس ته اهو به وات مان وهي وڃي. پوءِ ڊاڪٽر رامچنداڻي ٽي ٻيا هوشيار ڊاڪٽر به گهرايا. مٿان وري جو بابا کي هِڏڪي شروع ٿي ته بند ئي نه ٿي. نيٺ ڊاڪٽرن گڏجي فيصلو ڪري جواب ڏنو ته لاعلاج آهي، مون ڏٺو ته امان فڪرمند ته ڏاڍي هئي پر همت ڪونه هاريائين. بابا ته بلڪل صابر ۽ شاڪر رهيو، ڪا ڏِک ئي نه ڏنائين. امان ڊاڪٽر کي چيو ته ”ڀلا اجازت ڏيو ته لاڙڪاڻي کڻائي وڃونس!“ ته به چيائون ته ”ترسو ته پاڻ ۾ صلاح ڪيون“ صلاح ڪري چيائون ته ”پنهنجي جوابداري تي کڻائي وڃو ته ڀلي، باقي اسان اجازت نٿا ڏيون!“ بس پوءِ ته منٽ ٿي ويا. امان ۾ فيصلي جي قوت ڏاڍي اٽل هئي. اتي جو اتي مامي جمعي کي لاڙڪاڻي موڪليائين ته ڊاڪٽر پوهو مل کي اطلاع ڪري هٿيڪو رکي ۽ جاءِ به مسواڙ تي وٺي. تن ڏينهن ۾ جاءِ ملڻ مشڪل ڪانه هئي سو ڪرمان باغ ۾ جاءِ وٺي مامو جمعو اسٽيشن تي انتظار ڪرڻ لڳو. امان به دير ڪانه ڪئي. سامان ڪجهه ڇڏيو ڪجهه کنيون ٻگهوڙي بگيءَ ۾ بابا کي کڻي رات واري گاڏيءَ ۾ ڪوٽڙي اسٽيشن تان چڙهياسون ۽ صبح جو سوير اچي لاڙڪاڻي پهتاسين. سڌو مسواڙي جاءِ ۾ وڃي ويٺاسين.
ڊاڪٽر پوهو مل آيو. واهه ڊاڪٽر پوهو مل واهه! ڪمال ڪري ڇڏيائين. انهن ڏينهن ۾ خون وغيره جون چڪاسون ايڪسري وغيره ڪونه هئا. بس علم هو، تجربو هو ۽ هٿ ۾ شفا هئي. ڊاڪٽر پوهو مل رايو ڏنو ته مريض جي دل ۽ رڳن ۾ رڳو دوائون پيون هلن، رت آهي ئي ڪونه ، سو سڀ دوائون بند ڪيوس. ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي پر ڊاڪٽر صاحب تي اسان جو پورو يقين هو سو سڀ دوائون بند ڪيونسين ۽ سندس صلاح موجب دوائن بجاءِ يا ته گلوڪوس جي پاڻي جو هڪ چمچو يا چانورن جي پيڄي جو هڪ چمچو يا جوَن جي ڪش جو هڪ چمچو؛ امان جو ڏينهن رات هر ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اهو عمل جاري رهيو. خدا جو شان جو هِڏڪي ڏينهن ٻن کان پوءِ بند ٿي. پيلي رت کان خالي منهن تي ڪجهه رونق آئي. کاڌو بس اهو هڪ ٻه چمچو پيڄيءَ جو يا گلوڪوس جو يا جوَن جو ڪش. ڊاڪٽر روز پيو اچي پر دوا ڪا به نه. مهيني ٻن ۾ بابا پاڻمرادو پاسو ورائڻ يا اٿي ويهڻ جهڙو ٿيو ۽ نيٺ چڱو ڀلو ٿي ٿوري گهڻي پسار به ڪرڻ لڳو. حيرت جي ڳالهه جو ٻِلي ڳڙ به پاڻهئي ڇٽندو ويو. ٻارهن مهينن کان پوءِ بابا سرڪار کي درخواست موڪلي ته هو موڪل تان موٽي ڪنهن هڪ جاءِ تي ويهڪ واري نوڪري ڪرڻ گهري ٿو. عثمان علي انصاري صاحب کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي بابا کي ميرپور خاص هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو.
مٿيون حيرت انگيز ڊاڪٽري معجزو اڄڪلهه جي ترقي يافته درو ۾ ٿيڻو ئي ناهي. اڄڪلهه ته ڊاڪٽر مٿو وڃائي ٿا ڇڏن. هڪ مٿان ٻيون چڪاسون! بس آنڊا، گجيون ڪڍي ٿا رکن. رڳو چڪاس تي هزارين رپيه خرچ اچيو وڃي ۽ پوءِ به پوري خبر نه پوي. پوهو مل ٽڪو خرچ نه ڪرايو ۽ بنا دوا جي مريض کي موت جي دروازي تان واپس وٺي آيو. ڳالهه آ مرض سڃاڻڻ جي ۽ موزون علاج جي. هڪ دفعي مامو جمعو بيمار ٿيو. بخار لهي ئي نه. پوهو مل ٻاهر ويل هئو. تن ڏينهن ملڪ کان ٻاهر ڪو به ڪونه ويندو هو. بس رڳو مٽن مائٽن ڏي حيدرآباد سکر يا خانواهڻ وڃبو هو. سو ڊاڪٽر ڀڳوانداس ۽ ٻين هڪ ٻن ڊاڪٽر کي ڏيکاريوسين سڀ چون ته ٽائيفائيڊ يعني مدي جو بخار آهي. بس کاڌي پيتي جي پرهيز ڪرايوس، پاڻهي ئي ايڪيهه ڏينهن کان پوءِ بخار ٽٽندو. مامو جمعو ويو پؤڻو پوندو. نيٺ ڊاڪٽر پوهومل آيو. کيس وڃي ٻڌايوسين ته ٽائيفائيڊ ٿي پيو اٿس. چيائين ته ڏسان ته خبر پوي ته سو گهر آيو. ڏسي ٿورو گهڻو چڪاسي اٿي بيهي رهيو. چي، ”مان نه چوان ته ٽائيفائيڊ آهي!“ ”پوءِ ڀلا ڊاڪٽر صاحب ڇا آهي؟“ چي ”مليڙيا؟“ هندو ماڻهن کي ر ۽ ڙ جي خبر اصل نه پوندي هئي. حيدرآباد ۾ هندو توڙي مسلمان ر ۽ ڙ جي چڪر ۾ ڏاڍو منڌل هوندا هئا ۽ اڃا تائين آهن. سو ڊاڪٽر پوهو چوي ته مليڙيا يعني مليريا آهي. هڪ وڏي سئي ڪڍي ڏهه سي سي ڪونئنن جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. چي ”سڀاڻي احوال ڏجو!“ ابا، ٻئي ڏينهن بخار ٽٽي ويو. اها هئي بيماري جي تشخيص ۽ علاج. تن ڏينهن ۾ چڪاس جا نڪي اوزار هئا نه ائنٽي بايوٽڪ دوائون. ويندي پينسلين به ڪانه نڪتي هئي. ڊاڪٽر پنهنجي ذهانت ۽ تجربي سان ۽ مڪمل اعتماد سان تشخيص ۽ علاج ڪندا هئا.
ڊاڪٽرن تان هڪ ٻيو واقعو به ياد اچي ٿو. 44-1943ع جو زمانو. ٻي مهاڀاري لڙائي هلي پئي. ايل ڊبليو هاسٽل، اڄ جي جناح ڪورٽس، آمريڪي فوجي سپاهين سان ڀريل هئي، اسان شاگردن کي سنڌ مدرسي جي خيرپور هائوس ۽ ٽالپر هائوس ۾ رهايو هئائون. اتي نوابشاهه ضلعي جو هڪ غريب شاگرد غلام شاهه لغاري به رهندو هو. اهو ڪو بيمار ٿيو. جڏهن بيماريءَ زور ورتو ته ڪجهه شاگرد مون وٽ آيا ۽ چيائون ته غلام شاهه سخت بيمار آهي، چڪر ٿا اچنس ۽ هلي ٿو ته ڪري ٿو پوي، هاڻي تون ڪجهه ڪر. اهو رواج ٿي ويو هو ته ڪو به بيمار ٿئي يا ڪو اڻ معمولي واقعو ٿئي ته چوندا ”هلو جمال ڏي!“ سو مان وڃي غلام شاهه لغاري وٽ ويٺس ۽ دلداريون ڏنيون مانس، حال احوال وٺندي خبر پئي ته پهرين ويو هو هڪ هندو حڪيم وٽ جيڪو سنڌ مدرسي جي ٻاهران ئي دڪان کوليو ويٺو هو. ان ڏنس جلاب. تن ڏينهن ۾ اهو رواج هو ته جو حڪيم توڙي ڊاڪٽر پهريائين جلاب ڏئي پيٽ صفا ڪندا هئا. حڪيمن جو جمال گهوٽو جلاب مشهور هوندو هو ۽ ڊاڪٽر ڏيندا هئا ميگ سلف يعني مئگنيشم سلفيٽ. ان کان پوءِ ڏيندا هئا ڪونئنن.
هاسٽل جو سرڪاري طرح مقرر ٿيل ڊاڪٽر هو شڪارپور وارو ڊاڪٽر ڪئپٽن اي ٽي شيخ (عطا محمد شيخ) ڏاڍو پروقار شخصيت جو مالڪ، ڳاڙهو ڳاڙهو جهڙو انگريز، زال به انگريز هئس، سندس پٽ هو ٺاهوڪو جوان خورشيد، پلازه ڪوارٽرس ۾ رهندا هئا جو علائقو ان وقت ڪراچي جي پوش لوڪيلٽي هئو. مون ڇوڪرن کي چيو ته ”اطمينان ڪيو مان ڊاڪٽر ڏي وڃان ٿو!“ مان ڊاڪٽر صاحب جي گهر مدرسي کان پنڌ ئي پنڌ ويس. کيس احوال ٻڌايم ته چيائين ”منهنجا هفتي ۾ ٻه ڏينهن مقرر آهن، سو اڄ هونئن ئي هلڻو اٿم. چئين بجي شام جو ايندس تون گيٽ وٽ بيٺو هججانءِ!“ شام جو ڊاڪٽر آيو. غلام شاهه کي چڪاسي دوا تجويز ڪري نڪتو ۽ مونکي سڏ ڪيائين. ٻيا ڇوڪرا به آيا تن کي موٽائي ڇڏيائين. مونکي پاسيرو وٺي چيائين ته ”اڄ ڇنڇر آهي، پوءِ آچر، سومر ۽ اڱاري ڏينهن شام جو چئين وڳي مري ويندو!“ مونکي خار لڳي ته هي ڊاڪٽر آهي ڪه عزرائيل! مون چيومانس، ”ڊاڪٽر صاحب هي ڇا ٿا چئو! “ چيائين ته ”بابا تون سمجهدار آهين تنهن ڪري اڳواٽ خبردار ڪري ٿو ڇڏيان؟“
مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ دل ۾ هڪ فيصلو ڪري ورتم. ڇوڪرن کي چيم ته ”غلام شاهه کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرڻو آهي سو شاگردي جو رعب هلائي جدا ڪمرو وٺي ڇڏيو!“ غلام شاهه کي دلداري ڏئي چيومانس ته ”ادا تنهنجو ڪو ويجهو مائٽ هجي ته ان کي گهرائي وٺون ته توسان اسپتال ۾ گڏ رهي!“ چيائين ”ادا هڪ پوڙهي چاچي کانسواءِ ٻيو ڪونه اٿم!“ سندس ائڊريس وٺي ان کي تار ڪيم ۽ غلام شاهه سان اسپتال ۾ پٽ تي بستر وڇائي مان پاڻ رهڻ لڳس. ٻئي ڏينهن شام جو غلام شاهه جو پوڙهو چاچو، اڇي ڏاڙهيءَ سان تسبيح هٿ ۾ ۽ مصلو ڪڇ ۾ اچي نڪتو. اچڻ سان بستري ۽ ماني ٽڪي جي انتظام جي پڇا ڪيائين. جيئن تيئن راضي ڪري کيس اسپتال ۾ رهايوسين. سڄو ڏينهن پيو وظيفا پڙهندو هو ۽ شوڪارا هڻندو هو. مان ته اسپتال ۾ صبح منجهند ۽ شام هوندو ئي هوندو هوس. شاگرد به پيا ايندا ويندا هئا. ڇنڇر، آچر، سومر ۽ آخر اڱاري ڏينهن منجهند جو ٻي بجي ڌاري غلام شاهه گذاري ويو.
مان اسپتال جي ورانڊي ۾ ويٺو ڳوڙها اگهان ته منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال اچي نڪتو. مونکي روئندو ڏسي ڪمال چيو ”سائين ڪمال ٿا ڪيو، توهان پاڻ ويٺا رؤ!“ ڄڻ مون جهڙي ماڻهو لاءِ روئڻ هڪ اڻ ٿيڻو عيب هو. اها ڪنهن کي ڳڻ ئي ڪانه ته منهنجي ظاهري ڏکي اندر به هڪ تمام نرم ۽ نازڪ دل هئي.اها ويڌن مون سان عمرڀر رهي آهي. ڄڻ جمال ڪو جبل هجي، اهو نه ته هي به هڪ ڏکايل ايترو ڏکايل جو ڏک جي حد ٽپي ڏکن جي سمنڊ ۾ داخل ٿي ويو هو. منهنجي شيخ مرشد، صحيح سڃاتو جو ڏسندي ئي چيائين ته ”مڇي کي ڪهڙي خبر ته پاڻي ڇا ٿيندو آهي!“ سو ڪمال جي ايتري چوڻ تي مون وارو ارڏو جمال جاڳي پيو ۽ اڏول ٿي اٿي بيهي رهيس. اتي ٻيا شاگرد به اچي ويا. وڏو حادثو هو پر سڀني کي ڪم سان لائي ڇڏيم. ڪن کي موڪليم ته گاڏي کاتي ميمڻ جماعت خاني ۾ غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪيو. مولانا وفائي جماعت خاني جي مٿان واري فليٽ ۾ رهندو هو. اڄڪلهه جي همدرد دواخاني جي پٺيان. لاش کڻي اتي وياسين. باقي انتظام جماعت خاني وارن بنا معاوضي ڪيو. مون ڇوڪرن کي گڏ ڪري چيو ته وڃي چندو گڏ ڪري اچو ته لاش نوابشاهه موڪليون، لاکا روڊ جو خميسو ميمڻ جو پوءِ اسلام ميمڻ ٿيو ۽ ٻيلي کاتي ۾ ڊي ايف او جي عهدي تي پهتو، سو بيٺو رهيو ۽ اچي منهنجو پاسو ورتائين چي ”ڀائو اسان جي چندي وغيره مان ڪجهه نه ٿيندو، تون پاڻ ڪا مڙسي ڪر!“ مان گڏيل ڪوشش جو قائل هئس سو چيومانس ته ”نڪري پئو، رپيو ٻه پنج پنجاهه گڏ ڪري وٺو، فلاڻن فلاڻن ماڻهن ڏانهن به وڃو باقي مان ڪجهه ڪيان ٿو!“ اتي اطمينان ٿيس پر وري به چوندو ويو ته ”خرچ ٽي چار سئو رپيا ايندو، ايترو اسان کان گڏ ڪونه ٿيندو!“ مون سڀني کي روانو ڪري ڇڪيو پنڌ کي، رام باغ روڊ کان فريئر هال ۽ پوءِ اچي ’سي فيلڊ‘ هارون خاندان جي اباڻي گهر پهتس.
يوسف هارون جي پڇا ڪيم ته پتو پيو ته ويٺو آهي. وڃي سلام ڪيومانس، خوبصورت ٺاهوڪو نوجوان هو. هڪدم پڇيائين ڪيئن آيو آهين؟ چيومانس ”سائين شاگرد آهيان سنڌ مدرسه هاسٽل ۾ رهان ٿو، هڪ شاگرد گذاري ويو آهي، ان جو لاش نوابشاهه اماڻڻو آهي چندو ڏيو؟“ هڪدم چيائين، ”بابا چندو وري ڇا جو؟ مائٽن اسان کي ٻار موڪليو ته هن کي پڙهائي ڊاڪٽر انجنيئر بڻائي اسان ڏي موڪليو. اسين سندس لاش به نه موڪلينداسون ڇا؟“ هڪدم منشيءَ کي سڏي چيائين ته ”هن ڇوڪري سان وڃ گاڏي ۾ لاش موڪلي پوءِ اچ، خرچ سڀ اسان تي آهي!“ واهه هارون صاحب واهه. مان گاڏي وٺي جماعت خاني پهتس ته ڊمب شاگردن جو بيٺو هو چي ”ٽيهه چاليهه رپيا مس گڏ ٿيا آهن!“ مون چيو ”اهي مرحوم جي چاچي کي ڏئي ڇڏيو“. جنهن آلين اکين سان الوداع ڪئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ علي گوهر کهڙي سان گڏ جو ڊاڪٽر صاحب جي پٽ خورشيد جو دوست هو، ڊاڪٽر شيخ جي گهر ويس، علي گوهر ۽ خورشيد ته ڊبو راند ۾ لڳي ويا.مان وڃي ڊاڪٽر صاحب سان مليس، ۽ سمورو احوال ڪيم ۽ پڇيومانس ته ”توهان اهڙي اڳڪٿي ڪيئن ڪئي؟“ چيائين ”اڳڪٿي وري ڇاجي، ڊاڪٽري حساب سان ڳالهه چٽي لڳي پئي هئي. هڪ ٽائيفائيڊ جو مريض مٿان ڏنائونس جلاب ۽ ڪوئنن وري ڪِري به ڪانه، سو آنڊن ۾ (پرفوريشن) سوراخ ٿي پيا هئا. مون حساب ڪري توکي خبردار ڪيو ته انتظام وغيره لاءِ تيار رهين!“
ڊاڪٽر صاحب کي هڪڙو ئي پٽ هو جنهن وڪالت پاس ڪئي. هڪ ڪرسچن ليڊي سان شادي ڪئي ۽ سکر هليو آيو. ڊاڪٽر صاحب به پٽ خاطر ڪراچي ڇڏي اچي شڪارپور وسائي ۽ ڪامياب ڊاڪٽر ۽ شانَ مانَ وارو ٿي رهيو. خورشيد جلد ئي ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪار جي دکدائڪ حادثي ۾ نوجوان وني ۽ معصوم ٻار ڇڏي گذاري ويو. مان جڏهن 1956ع کان 1958ع تائين شڪارپور ۾ سٽي مئجسٽريٽ هئس ته ڊاڪٽر صاحب سان سلام دعا جو گهرو رستو رکيم. شام جو جڏهن ريڪيٽ کڻي ٽينس کيڏڻ ويندو هوس ته اڪثر مرحوم خورشيد جي نوجوان ونيءَ کي رستي تي ويڳاڻي نموني پنڌ ڪندي ڏسندو هئس ۽ مان عزت وچان ٽوپلو لاهي کيس جهڪي سلام ڪندو هئس. هن ويچاري به سڄي جواني سوڳ ۽ عزت سان گذاري ڇڏي. ڊاڪٽر صاحب جي خلف مان پروفيسر ڪمال فاروقي بئريسٽر، ايس ايم لا ڪاليج ۾ پروفيسر آهي، ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. ڊاڪٽر صاحب به هتي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
بابا جي ميرپور خاص واري زندگي جو ڪجهه احوال ته مون مٿي لکيو آهي، غريب آباد ۾ مسواڙي جاءِ ۾ رهندي هڪ بورچي رکيائين قنبر علي خان جو ويٺل ڌڻي بخش مستوئي، مان به پڙهائي خاطر ڪراچي مان ٽپڙ کڻي اچي بابا وٽ ميرپور خاص ۾ رهيس. ڌڻي بخش مستوئي گنجي ۽ گوڏ ۾ سڄو ڏينهن پيو ڪم ڪندو هو. شام جو وهنجي سهنجي شلوار قميص ڪوٽ پائي اڇي پڳ ٻڌي چيڪٽن وارو بوٽ پائي، لوڏ سان گهمڻ نڪرندو هو. چيومانس ”ڌڻي بخش ڪاڏي ويندو آهين؟“ ”جي سائين! لٽا ڪپڙا پائي نڪرندو آهيان ته سمجهندا آهن ڪو خانداني ماڻهو آهي، بس واءُ سواءُ وٺي موٽي ايندو آهيان“ چوندو هو ”سائين ماڻهو ٿين مال جا ڌنار پر اسين (يعني بورچي) آهيون ماڻهن جا ڌنار، گهٽ ڪونه آهيون!“ وفادار ۽ ايماندار به ڏاڍو هو. هڪ دفعي رات جو بابا کير نه پيتو موٽائي ڏنائين ته ”رڳو آهي پاڻي!“ ڌڻي بخش جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. کير وٺي هاري ڇڏيائين. صبح جو نيرن ڪري آرام سان ويٺا هئاسون. ٻاهر رستي تي گوڙ ٿي ويو. هڪ ٻه ماڻهو اندر آيا ۽ چيائون ته ڌڻي بخش جهيڙو ڪيو آهي. ٻاهر جو نڪران ته ڌڻي بخش ڊگهو ۽ طاقتور، کير واري کي دسيون مار موچڙو پيو ڪري. مون دڙڪو ڏئي ٻانهن کان وٺي پري ڪيومانس پر مستوئي پيو ڀڙڪي چي ”خون پيئندوسانس! نه ڇڏيندوسانس، منهنجو صاحب رات بنا کير جي سمهي پيو آ، مان هن کي ڪونه ڇڏيندس!“ کير واري اهو رستو ئي ڇڏي ڏنو.
بسترو سٺو رکندو هو. فراسي، پٿرڻي ۽ سٺي گلن واري چادر ۽ ٻه وهاڻا. پڇيومانس ته چيائين ته ”سائين خانداني ۽ عزت جي خبر ته بستري مان ٿي پوي!“ ڳالهه ڪيائين ته ’هڪ ڳوٺ ۾ مسافر ٿي وڃي هڪ اوطاق تي نڪتس، بوٽ ڪوٽ ۽ پڳ مان سمجهيائون ته آهي ته ڪو معتبر، سو وڏيري حڪم ڪيو ته ”ابا مهمان لاءِ رلي وڇايو!‘ مون چيو ته، ’منهنجو بسترو کولي وڇايو‘، سو سائين بسترو جو کولين ته وائڙا ٿي ويا. وڏيري هڪدم چيو ته ’بابا رئيس جي ماني ٽڪي جو بندوبست ڪيو!‘ اهي اٿئي بستري جا ڪمال جو بورچي مان رئيس بڻائي ڇڏيائين.“ ڏاڍو سڌو ۽ سادو سودو ماڻهو هئو.
هڪ لڱا بورچيخاني ۾ ڪم پئي ڪيائين ته منهنجو هالا نوان وارو پيارو دوست محمد سعيد انصاري اچي نڪتو. مون خوشي مان رڙ ڪري چيو، ”اڙي سعيد خوش آهين؟“ ڌڻي بخش مستوئي جو ٻڌو، سو اٽي هاڻا هٿ ڌوئي محمد سعيد جي ڪرسي وٽ پٺ تي ويهي پيرن تي هٿ رکيائينس. محمد سعيد ويچارو اچي ششدر ٿيو چي ”اڙي هي ڇا ٿو ڪرين!“ ته چيائينس ته ”باقي سيد وري ڇاجي لاءِ ٿيو آهين!“، هن سعيد کي ’سيد‘ ڪري سمجهيو هو. مستوئي هڪ ڏينهن ڪنهن ڏاڍي مڙس جي ڏاڍائي بيان ڪندي چيو ته، ”الله به عبدالغفور آهي، اهڙو پڳس جو ...“ مون روڪي چيومانس ”اڙي اهو ڇا چيئي؟“ ٿورو شڪجي چيائين، ”الله به منهنجو عبدالغفور آ“. چيومانس، ”چريا الله غفور آهي، عبدالغفور وري ڪيئن ٿيندو؟“ ته ڏاڍو معصوماڻو جواب ڏنائين ته ”سائين اڌ نالو ڪيئن وٺانس، نيٺ ته الله آهي!“
بابا ميرپور ڇڏي لاڙڪاڻي ادا شمس وٽ هليو ويو. ٻه ٽي ورهيه گذري ويا. اسين شاگرد ڪراچيءَ ۾ روپ ولاس هاسٽل مئڪلوڊ روڊ تي رهندا هئاسين. هاسٽل ۾ ڇوڪرن جون پنهنجون پنهنجون مانيءَ جون ڪلبون هونديون هيون. اسان جي ڪلب جو معيار مڙيئي مٿڀرو هوندو هو. ٻين جو ويلو ايندو هو چار پنج آنا ته اسان جو ڇهه، اٺ آنا، تن ڏينهن ۾ سڄي ڪراچي ۾ ٻه ويلا ماني کائڻ جو رواج هو. صبح جو نوين ڏهين بجي هر ڪو پيٽ ڀري ٻوڙ ماني کائي اسڪول، ڪاليج يا نوڪريءَ تي هليو ويندو هو. وري شام جو پنجين وڳي موٽي وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي ماني کائي هر ڪو نڪري ويندو هو. گهمڻ ڦرڻ دوستن يارن ڏي يا سئنيما تي. اهو ٻه وقتو مانيءَ جو ڏاڍو سٺو رواج هو. اڄ به ائين ڪجي ته هوند ڏاڍو سٺو. آچر موڪل هوندي هئي. ان ڏينهن صبح جو ناشتو ۽ منجهند جو پلاءُ ۽ مٺو وغيره ٿيندو هو. بس منجهند کان پوءِ بورچي به آزاد ته گهر وارا به آزاد، موڪل ائين ملهائبي هئي.
هڪ ڏينهن ڌڻي بخش اچي نڪتو. مون مهمان ڪري رهايومانس. پوءِ نوڪري گهريائين. مان ڪلب مئنيجر هوس. شيخ اياز به اسان جي ڪلب ۾ ماني کائيندو هو. سو سڀني سان صلاح ڪري مستوئي کي بورچي ڪري رکيوسين. اوچتو بابا اچي ويو ۽ زميندار هوٽل بندر روڊ، لڳ الله والا مارڪيٽ تي اچي رهيو. تن ڏينهن ۾ بس ٻه هوٽلون زميندار ۽ ٻي جاگيردار هوٽل ميونسپل بلڊنگ جي سامهون، مشهور هيون. نظام صاحب جي سنڌ اسلاميه هوٽل پوءِ ٺهي. هوٽل جو ڪرايو پنج رپيا روز. ماڻهو اهڙا سادا جو اسيمبلي ميمبر ۽ وزير به انهن هوٽلن بلڪ مولو مسافر خاني ۾ رهندا هئا. مان پاڻ ڪيترن اسيمبلي ميمبرن سان مولو مسافر خاني ۾ مليس. پنڌ يا بگيءَ ۾ هلندا هئا. ڏيک ويک هئو ڪونه . سادا ڪپڙا، سادو کاڌو ۽ سادي رهائش. هڪڙو سيد نور احمد شاهه، ميمبر ۽ پوءِ وزير به (سيد مراد علي شاهه هاڻوڪي وزير جو والد صاحب) سو صدر ۾ گارڊن روڊ تي هڪ چڱيرڙي هوٽل سرتاج ۾ رهندو هو. اهو به ڏاڍي مٺي مزاج جو ۽ سٻاجهي گفتگو ڪرڻ وارو ۽ صبر شڪر وارو ماڻهو هو. ان سان به مان اتي ملڻ ويو هئس، ڪنهن مسئلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ. مسئلو ڇا هو سو وسري ويو اٿم. ڪو شاگردن جو معاملو هوندو. شاهه صاحب جو دوست هو عبدالله سومرو ڍڪ منشي محراب پور جو منهنجي هم ڪلاسي شمس الدين سومري جو والد صاحب هئو. ڏسو! ڪٿي ڍڪ منشي ڪٿي وزير صاحب ۽ ٻنهي جي دوستي. عبدالله سومرو صاحب به واهه جو ماڻهو هو. ڇا نشست و برخواست. ڇا مهمان نوازي، ڇا کل ڀوڳ، وڏو اوطاقي مڙس هو. وڏا وڏا آفيسر، ميمبر، وزير، زميندار سندس دوست هئا. ٻوڙ پلاءُ هر وقت تيار. حڪمت به ڪندو هو ۽ سڀ وڏا ماڻهو کانئس قوت باهه جا نسخا ۽ ڏس پڇندا هئا. رٽائر ڪري مورو الائي نوشهري ۾ دوائن جو دڪان ڪڍي ويهي رهيو. سندس پٽ شمس الدين سومرو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿيو. ان جو ذڪر پوءِ ايندو.
بابا اچي رهيو زميندار هوٽل ۽ ڌڻي بخش ڏس ته ڏهين بجي کان منجهند تائين گم. مونکي شڪايتون مليون سو چيومانس ته ائين نه ڪري. چي ”سائين منهنجو صاحب آيل آهي، سو منهنجي هوندي هوٽل جي ماني کائي؟“ هوٽل جي ماني تن ڏينهين عيب هوندو هو. مهمان کي به هوٽل جي ماني کارائبي هئي ته ناراض ٿي هليو ويندو هو. اڄڪلهه ته هوٽل جي ماني وڏو شان ٿي پيو آهي. ماڻهو نياڻن سياڻن ۽ زال سميت هوٽل تي ويٺا آهن ۽ سڀ ڀاتي فخر سان ڳالهه ڪن ته ”اڄ فلاڻي هوٽل تي ماني کاڌي سون!“ واهه زمانا واهه. ڌڻي بخش کي منع ڪيم ته ”ائين نه ڪر ڇوڪرا وڙهندءِ!“ ٺڪ جواب ڏنائين ته ”ڇو نڌڻڪو آهيان، ڇا جو وڙهندا؟“ اصل نه مڙيو. صبح منجهند، شام ماني هٿ سان ٺاهي پنڌ ئي پنڌ وڃي بابا کي کارائي پوءِ موٽندو هو. عيد ڏينهن مزو ڪيائين، سيون ٺاهڻ نه اينديون هئس پر ڪراچيءَ جي رعب ۾ هڪ ٻئي بورچي کان جو پنجابي يا هندستاني هو تنهن کان پڇيائين تنهن چيو ته ”چاش پچائي ان ۾ سيون وجهه ته واهه جو ٿي پونديون.“ ائين ڪيائين ته سيون ته لوهه ٿي ويون. چمچو وجهي زور ڏنائين ته چمچو ٻه ٽڪر، اوچتو شور مچي ويو. ڏسون ته مستوئي ان بورچي کي دسي ڀڳل چمچي سان پيو ڪُٽي. اردو اچيس ڪانه سو ان کي سرائڪيءَ ۾ گاريون پي ڏنائين، ”تيڏي مان ڪون، تيڏي ڀيڻ ڪون، منڍي ڀڃ ڇوڙيسانءِ،!“ وغيره. وڃي ٿڌو ڪيوسينس ته اکين ۾ پاڻي اچي ويس چي ”سائين منهنجي صاحبن کي بک ماريو اٿائين سو ڇڏي ڏيانس؟ اڃا ته ڦيهه ڪڍندوسانس چڱي سيکت ڏيندوسانس!“
هڪ ڏينهن شيخ اياز مون وٽ کلندو آيو. کل بس ئي نه ٿئيس. ان ڏينهن مستوئيءَ کان مانيءَ ۾ دير ٿي وئي هئي. شيخ صاحب ٻه ٽي دفعا ڪلب ۾ ويو ته ڌڻي بخش چويس ته ”سائين اڌ ڪلاڪ ترس ته هڪ منٽ ۾ (چپٽي وڄائي) ٿو ماني ڏيانءِ!“ نيٺ شيخ صاحب تنگ ٿي چيس ته ”شرم نٿو اچئي!“ مستوئيءَ چيس ”ڇو مون سان ڪو برو ڪم ڪيو اٿئي ڇا؟“ سو شيخ صاحب کلندو آيو ته جواب ته معصوماڻو ڏنو اٿائين پر هن مست مان جند ڇڏاءِ متان ڪو حادثو نه ڪري وجهي. خير مستوئيءَ کي ته ڪڍيوسين پر هو محنتي ۽ ايماندار ماڻهو هو، سکر ۾ ٻوڙ مانيءَ جي هوٽل کولي خوشحال ٿي ويو. مان جڏهن شڪارپور ۽ خيرپور ميرس ۾ جج هئس ته ڏاڍا زور ڀريائين ته ”منهنجي ماني کاءُ!“ ويچارو پوءِ جلد ئي گذاري ويو. ننڍي عمر ۾ چاليهه يا پنجيتاليهه سالن جو مس هو. اسان جا نوجوان ڇوڪراٽ، توڙي وڏي عمر واري کي پوڙهو سمجهندا آهن. اسين به ننڍي هوندي ايئن سمجهندا هئاسين، امان ويچاري چاليهه سالن جي ڦوهه جواني ۾ هئي ته اسين کيس پوڙهي سمجهندا هئاسين. منهنجي مرحوم گهر واري سورهن يا سترهن سالن جي هئي ته سندس شادي ٿي، پهرئين سال ئي ٻار ٿي ويس ۽ ٻئي سال ٻيو ٻار. ٽيهن پنجٽيهن سالن جي هئي ته ٻار کيس پوڙهو سمجهندا هئا. مئٽرڪ ۾ جڏهن ٿامس هارڊي جو ناول ’ميئر آف ڪئسٽر برج‘ پڙهيم ته هارڊي صاحب ناول جي هيرو هينچرڊ لاءِ لکي ٿو ته، ”ويچارو ٻاونجاهه سالن جي ننڍي عمر ۾ گذاري ويو!“ کل اچي ويم ۽ وڃي بابا کي ڏيکاريم ته هي ڏسو ڇا ٿو لکي! بابا پنهنجي نموني سان سمجهائي چپ ڪرائي ڇڏي.
خيرپور ميرس ۾ جج ٿي رهيس 1958ع کان 1961ع تائين. خيرپور جيمخاني جي سامهون سرڪاري بنگلا آهن تمام وڏا ۽ ڪشادا جن ۾ وڏا آفيسر رهندا هئا. مونکي به هڪ بنگلو ’مخدوم هائوس‘ مليو. ڀر واري بنگلي ۾ ظهير انصاري، سول سرجن رهندو هو ۽ تنهن کان پوءِ پير غلام حيدر سيشن جج، ٻئي پاسي وري حق نواز مغل شڪارپوري، ڊائريڪٽر ائگريڪلچر رهندو هو. انهيءَ مخدوم هائوس ۾ ئي ’سچل اڪيڊمي’ جو بنياد پيو، جنهن جو مان صدر هئس پر حقيقي روح روان هئا لالا مڪند رجسٽرار ڪو آپريٽو سوسائٽيز ۽ هادي بخش لاڙڪ ائڊووڪيٽ. پهرين ادبي ڪانفرنس سچل سرمست جي روضي درازا شريف ۾ عرس جي موقعي تي ڪئي وئي، جنهن ۾ هند سنڌ جا مرد توڙي عورتون هندو مسلمان جهجهي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مرحوم عبدالغفور انصاري ادا ڪيا جو باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. هادي بخش لاڙڪ جو گهاٽو دوست هو ۽ ساڻس چرچا گهٻا ڪندو هو. سو ڄاڻي واڻي لائوڊ اسپيڪر تان هادي بخش لاڙڪ چوڻ بدران چوڻ لڳو هادڪڻ لاڙي بخش، ٻيا ته کليا پر مرحوم هادي بخش ويٺي ئي اشاري سان ڀونڊو ڏنس ته کلي کڻي ماٺ ڪيائين.

6

خيرپور ميرس ۾ منهنجي عمر چوٽيهه، پنجٽيهه سال مس هئي. آفيسرن جو پنهنجو طبقو ٿو ٿئي ۽ پاڻ ۾ ئي ميل جول رکن ٿا. پر مونکي سندن سنگت ۾ مزو ڪونه ايندو هو. رڳو ڪندا هئا بدلين ۽ پروموشن جون ڳالهيون، پنهنجي هوشياري، قابليت ۽ ڪارنامن جون ڳالهيون سو ورچائي ڇڏيندا هئا. هڪ ڏينهن شام جو پنهنجي پٽيوالي در محمد کان هادي بخش لاڙڪ جي جاءِ جو ڏس پڇيم، چيائين ”سائين سامهون سامهون هليا وڃو ته ڪورٽ جي پريان سرڪاري لئبريري وٽ هادي بخش صاحب جو گهر آهي، ٻاهران ڪرسيون رکائي ويٺو هوندو آهي!“ مان سڄو ڏينهن ڪن ڪڍيون گهر جو ڪڪڙ ٿيو ويٺو هوندو هئس. سو پتلون ۽ بشرٽ پائي اوڏانهن روانو ٿيس ته در محمد پٽيوالي جهليو چي، ”صاحب هي ڇا ٿا ڪيو، جج ڪو وڪيلن ڏي ويندا آهن ڇا؟ حڪم ڪيو ته لاڙڪ صاحب کي هت وٺي اچان!“ مون کلي هٿ جي اشارن سان انڪار ڪيو ۽ پنڌ روانو ٿيس. ڏٺم ته در محمد پٺيان پيو اچي. تن ڏينهن بلڪ اڄ تائين رواج آهي ته آفيسر پٽيوالو ساڻ کڻندا آهن. جيئن خلق کي خبر پوي ته آفيسر پيو وڃي. مون در محمد کي موٽائي ڇڏيو ۽ پاڻ وڃي لاڙڪ صاحب وٽ ٺڪاءُ ڪيم. اتي سيد قائم علي شاهه، سيد غوث علي شاهه ۽ محبوب کيمٽيو اڳئي ڪچهريون لڳايون ويٺا هئا. چارئي نوجوان ۽ مونکان ننڍا هئا. کل ڀوڳ ۽ ڪچهريءَ ۾ مستقل دوستي ٿي وئي جا اڄ تائين قائم آهي.
محبوب جو ان وقت ڪمشنر آفيس ۾ ڪلارڪ هئو تنهن کي کٿ ڪيون ويٺا هئا ته ”مڄو آهي!“ مون کي ڏسنديئي يڪ آواز چيائون ته ”اِجهو جج صاحب اچي ويو ان کان ٿا فيصلو ڪرايون!“ غوث علي شاهه هڪدم سڌو سوال ڪيو ته ”توهان جو مڄو مڙس جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ڏٺم ته محبوب کيمٽيو سُسي ڪڪڙ ٿيو ويٺو هو ۽ ٻيا طنزيه مٿس کلي رهيا هئا. مون به نه ڪئي هم نه تم، چيم ”مڄو مڙس، معنيٰ نهايت شريف ماڻهو“، اتي محبوب ٽِڙي پيو ۽ فاتحانه انداز ۾ چيائين ته ”بس ججمينٽ اچي وئي!“ غوث علي شاهه اعتراض ڪندي سبب پڇيو. مون چيو، ”سائين! زال ويچاري ڇا چوندي؟ بس اهو نه، ته رات جو گهر ۾ دير سان نه اچ، جوئا نه کيڏ، شراب نه پيءُ ۽ اجايون هيڏي هوڏي گهتون نه هڻ. پوءِ مڄو مڙس، شريف چئبو ڪي نه؟“ سڀ ان ڳالهه ۾ مونسان شامل راءِ ٿيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته محبوب بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين پهتو ۽ وسڪيءَ تي لهي پيو ۽ جلد ئي گذاري ويو.
سائين غوث علي شاهه ڇوڪراٽ هجي جو مون وٽ 1950ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ منهنجي وڪالت واري آفيس ۾ آيو ۽ پندرهن رپيا اخبار ڪڍڻ لاءِ چندو گهريائين. مون چندو ڏيڻ بجاءِ کيس هڪ ننڍو ليڪچر ڦهڪائي ڪڍيو ته ”اخبار ڪڍڻ لاءِ واپاري ذهن، حساب ڪتاب ۽ مستقل تنظيم جي ضرورت آهي جا توهان وٽ ڪانه آهي”، ۽ اڳڪٿي ڪيم ته ”اها اخبار بند ٿي ويندي ڪانه هلندي!“ شاهه صاحب جواب اصل ڪونه ڏنو ۽ گهڙي کن ويهي موڪلائي اٿيو. مون کيس منع ڪري ويهاريو ۽ چيو ته ”اڃا چانهه به ڪونه پيتي اٿو. چندو به ڪونه ورتو اٿوَ. ائين ٿا وڃو!“ چيم ”ويهو چانهه پيئو، چندو به مليوَ ٿو!“ منهنجو نوڪر حنيف چانهه ٺاهي آيو سا پيتيسون. شاهه صاحب چانهه جي تعريف ڪئي. مون چيو صرف توهان نه سڄو لاڙڪاڻو منهنجي چانهه جي تعريف ڪندو آهي.
سوال جواب ڪندي ٻڌايومانس ته هت مان ۽ منهنجو ڀيڻيوو مسٽر عبدالحق وڪو چانهه جا خفتي سڏيا ويندا آهيون، سبب پڇڻ تي چانهه ٺاهڻ جون لوازمات ٻڌايون مانس ته چانهه ٺاهڻ جي ديڳڙي توڙي ان جو ڍڪڻو ٻين ٿانوَن کان بلڪل الڳ هجن ته جيئن انهن ۾ ٻين طعامن يا بصر ٿوم وغيره جي بوءِ نه هجي. باهه به دونهين واري نه هجي. ڪوئلن جي سگري يا اليڪٽرسٽي تي پاڻي اٻارجي، پوءِ ان ٻڙڪندڙ پاڻيءَ سان ڪٽلي امائجي. تنهن کان پوءِ ڪٽلي ۾ هڪ ڪوپ تي هڪ چمچو پتيءَ جو وجهجي ۽ پوءِ مٿانئس ٽهڪندڙ پاڻي وجهي، ٽي ڪوزي سان بند ڪري ڇڏجي، ڪوپ ۽ چمچا به ٽهڪندڙ پاڻي سان آگهاري رکجن ۽ ٽوال يا ڪپڙي سان نه اگهجن، متان ٽوال ۾ ڪا بوءِ هجي. پوءِ ٽن يا پنجن منٽن کان پوءِ چانهه پيئو پر کير ٿورڙو ملايوس، نه ته چانهه جي خوشبو (ايروما) گهٽجي ويندي.
هڪڙو لطيفو به ٻڌايومانس ته لپٽن جي سائي دٻي واري ’گرين ليبل‘ چانهه استعمال ڪندا آهيون. سو دٻو ويو مهانگو ٿيندو ٽن رپين مان پنج پوءِ اٺ ۽ ڏهه رپيا ٿي ويو سو مسٽر عبدالحق وڪو سان شڪايت ڪيم ته ”سائين چانهه ته ڏهه رپيا دٻو ٿي وئي آهي ته ٻئي هٿ مٿي کڻي چيائين ته ”سائين الله ڪري پنجاهه رپئي دٻو ٿئي“. وائڙو ٿي چيم، ”ڇو؟“ چيائين ”سائين اهو ئي ته هڪڙو شوق ٿا ڪيون، ڀلي پنجاهه رپئين ٿئي!“ ڳالهه وڻيم پر ماڳهين گرين ليبل ملڻ ئي بند ٿي وئي، ڪجهه وقت دوستن معرفت انڊيا مان گهرائڻ لڳاسون، نيٺ وڃي ييلو ليبل تي پياسون، ان جي ڪوالٽي (ساخت) ۾ فرق آيو ته اصفهاني بليڪ اسپاٽ تي گذارو ٿيڻ لڳو. پوءِ ته ايتري ملاوٽ ٿيڻ لڳي جو چانهه جو مزو ئي نڪري ويو. سائين غوث علي شاهه اٿيو ته اخبار جو ساليانو چندو پندرهن رپيا ڪڍي ڏنامانس، مونکان ته اهو واقعو وسري ويو پر شاهه صاحب پاڻ ياد ڏياريو. ائين اسان چئن ڄڻن جي دوستي پختي ٿيندي ويئي.
ڳالهه پئي هلي ننڍي يا وڏي عمر جي. مان چوٽيهه پنجٽيهه سالن جو هجان. غوث علي شاهه صاحب ڇوڪراٽ هجي ۽ نئون نئون وڪيل ٿي آيو هو. سو ڳالهائيندي مون ڪنهن جو ذڪر ڪندي چيو ته ”هو اڃا ڇوڪرو آهي، اسان جيترو!“ ته شاهه صاحب کان سَٺو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته، ”سائين جي توهان ڇوڪرا آهيو ته اسان جا ته پويان ڏينهن آهن“ مان ڪجهه هٻڪي ويس ۽ پاڻ لاءِ ڇوڪري جو لفظ استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ لڳس. پوءِ جڏهن شاهه صاحب ڪراچيءَ ۾ قانون جو وزير ٿي آيو ۽ سندس عمر پنجاهه کن سال هئي ته چيومانس ته ”شاهه صاحب هاڻي ڪيئن پاڻ کي جوان ٿا سمجهو يا پويان ڏينهن آهن!“ هڪدم ياد اچي ويس ۽ کلندي چيائين، ”اسان ته جوان لڳا پيا آهيون!“
هڪ دفعي شاهه صاحب سان ڪچهري ڪندي پڇيومانس ته ”شاهه صاحب وڪالت جو ڪهڙو حال آهي؟“ چيائين ”پويان ڏينهن آهن!“ اهو جملو شاهه صاحب جو جهڙوڪر تڪيو ڪلام هئو. انهيءَ تي خيال جي ڏي وٺ ڪندي چيومانس ته ”منهنجي دعوت ڪر!“ چيائين ته ”دعوت ڪجي پر پوءِ، ڇاڪاڻ ته منهنجي جاءِ غريباڻي علائقي ۾ گهٽين ۾ آهي، توهان لهي ڪونه سگهندا. ڪنهن چڱي هنڌ جاءِ وٺان ته پوءِ دعوت ڪبي!“ مون چيو ته ”هاڻي! ڇو ته سڀ گهٽيون لتاڙيون پونديون ۽ هر هڪ ايندڙ ويندڙ کان ڏس پڇبو ته چوندا ته جج صاحب غوث علي شاهه ڏي پيو وڃي!“ ڳالهه سمجهندي مشڪيو چيائين ته ”بس سڀاڻي!“ مون چيو ”هائو!“ هونئن مان گهڻو ڪري ڪنهن وڪيل وٽ نه ويندو هئس. نه دعوت کائيندو هئس. شاهه صاحب منهنجي زندگيءَ ۾ پهريون وڪيل هئو، جنهن کان دعوت گهري ورتم. پوءِ ته گهٽين مان ٿيندو، اڪيلو ئي اڪيلو پڇائون ڪندو، شاهه صاحب جي آفيس ۾ مٿي ماڙيءَ تي پهتس. بس مان ۽ شاهه صاحب، ٻوڙ ماني کائي واپس موٽيس. پٽيوالن سان به پاڻ ڳالهه ڪيم ته شاهه صاحب جي دعوت تي ويو هئس. ڳالهه مشهور ٿي وئي.
شاهه صاحب کي پهريون ڪيس جيڪو مون وٽ مليو سو هو ٿڏي تي پڪڙيل چور جو. ٿڏي تي پڪڙيل جوابدار مشڪل سان ڇٽندو آهي. شاهه صاحب وڌي ضامن جي درخواست جنهن جي مخالفت سرڪاري وڪيل سيد علي عباس ڪئي ته فرياديءَ جي وڪيل گل محمد شيخ به ڪئي جو هڪ گاگهه ۽ هوشيار وڪيل هو. مون شاهه صاحب کي چيو ته ”محنت ڪري هاءِ ڪورٽ جو رولنگ (فتوائون) ڪڍي اچي“. ٻه ڏينهن مهلت ورتائين ۽ آيو ته هڪ به رولنگ ڪانه آندائين. چيائين ته ڪا به رولنگ ڪانه ملي. مون پڇيومانس ته ڪهڙي نقطي تي قانون ڳولهيائين، چيائين چوري جي قلم 379 ۽ 380 تي. ڀري ڪورٽ ۾ چيومانس ته ”شاهه صاحب پينل ڪوڊ وڃي قلم 49 ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تي قانون ڳولهيو!“ وڪيل به وائڙا ٿيا ته جج صاحب ته ظاهر ظهور ڌر بڻيو ويٺو آهي. ٻئي ڏينهن شاهه صاحب کوڙ سارا ڪتاب کڻي آيو ۽ ويو رولنگون پيش ڪندو. مون صاف چيومانس ته ”ضامن منظور ٿيو پيو آهي. مون رڳو چاهيو ٿي ته توهان محنت ڪيو!“ شاهه صاحب محنتي ۽ هوشيار ته هو سو ويو چڙهندو ۽ ناميارو وڪيل ٿي ويو. جڏهن چيف منسٽر ٿيو ته پاڻ مونکي چيائين ته ”مان جو ڪجهه آهيان سو توهان جي ڪري“ اها هئي شاهه صاحب جي عظمت، منهنجو عمل ته معمولي هو صرف هڪ جونيئر وڪيل کي همٿائڻ.
هڪ ٻئي وڪيل صاحب سان به مان ائين هليس، اهو هو حيدرآباد جو آفتاب شيخ جو بعد ۾ ايم پي اي ميئر ۽ سينيٽر ٿيو پر جڏهن مان هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار هئس ته مونسان ڄڻ ته وڙهيو ٿي ڇاڪاڻ ته سندس ڀاءُ کي جو سب جج هو تنهن کي هاءِ ڪورٽ رشوت جي الزام هيٺ نوڪري مان ڪڍيو ٿي، حالانڪه رجسٽرار جو اهڙن معاملن ۾ عمل دخل هوندو ئي ڪونه آهي، اهو آهي پنهنجو پنهنجو ظرف!
ڌڻي بخش مستوئيءَ جي ڳالهه، عمرين جي ڳالهه ۽ وڃي وڪيل صاحبن جي ظرف تي پياسون. بابا پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪري ڪجهه وقت ميرپور خاص ۾ گذاري، لاڙڪاڻي ادا شمس وٽ اچي رهيو. سندس مشغلو هو ڪتاب لکڻ، قرآن شريف جو تفسير لکڻ ۽ اخبارن ۾ مضمون ڏيڻ، ادا شمس ڇاڪاڻ ته عملي سياست ۾ هو ته بابا جو به اهڙن معاملن تي ڌيان مرڪوز رهيو، هڪ ڪتاب لکيائين ’اسلام ۽ اليڪشن‘ جو ڇپجي ظاهر ٿيو. ٻيو ڪتان لکيائين ’اسلام ۽ ڪميونزم‘ جو قلمي صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سوڀو گيانچنداڻي وٽ پيو آهي. ايتري ۾ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ۽ هندو ملڪيتون وڪڻي لڏڻ لڳا. امان جنهن جو هندو عورتن سان گهڻو اٿڻ ويهڻ هو تنهن ڏاڍا وس ڪيا ته هندو نه لڏين پر هي ته تاريخي عمل هو سو ڪير ٿي روڪي سگهيو؟ هندن فرنيچر ۽ ٻيو گهريلو سامان ٿي وڪيو سو ته امان اصل نه ورتو، باقي گهر ته کپندو هو، جنهن گهر ۾ راءِ صاحب ٽوپڻ داس رهندو هو، جنهن جو پٽ گوبند مون سان گڏ پڙهندو هو. سو وڪائو ٿيو، شاندار، ڪشادو سول لائينس ۾ گهر، صرف ڏهن هزارن ۾! اسان وٽ ڏهه هزار به ڪونه هجن.
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’شادي ڪيو ته رزق پاڻمرادو اچي ٿو وڃي ۽ گهر ٺهرائڻ شروع ڪيو ته پاڻئي ٺهي ٿو وڃي‘. مان انهن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد ۽ زنده مثال آهيان، خبر ناهي ماڻهو باقي پريشان ڇاکئون ۽ ڇو ٿا ٿين؟ بس اهو سڀ ڪنهن جو پنهنجو روَيو ۽ سرشٽ آهي، نه ته حياتي ته ڏاڍي مٺي آهي، پوءِ جيڪو جيئن ڏسي! شيخ اياز صاحب چوي ٿو، ”گهڙي گهڙي گهاءَ“ مان ته چوان ٿو ته ”گهڙي گهڙي پيار، پيار جا انبار لڳا پيا آهن، رڳو چڳڻ واري جي چوڳي تي نظر پوي“ پٿر ۾ اندر ويٺل ڪيئين کي به رزق ملي ٿو. پيار به هر ڪنهن وٽ جهول ڀري اچي ٿو، باقي ڏسڻ واري جو ڏوهه آهي. نظر نظر جو فرق آهي.
مان نئون نئون وڪيل ٿي آيس، لاڙڪاڻي ۾. روزانو شآم جو رستي تي ڇڻڪار ڪري ڪرسيون ٻاهر وجهي ويهبو هو. اهو آهي گرميءَ جو ڪلچر، پوءِ ڌما ڌم ڪچهري لڳندي هئي. هرڪو آيو ويو آسائش ڪري چار ٽهڪ ڏئي اٿي ويندو هو. توهان انهيءَ کي اوطاقي ڪلچر به چئي سگهو ٿا. اتي مون وٽ هر روز هڪڙو اڻ واقف ماڻهو اچي ويهندو هو، پٽڪو ٻڌل، ڪارو نيلامي ڍلو ڪوٽ، پاڻ سنهو ۽ قدآور، مون ڪڏهن به کانئس نالو ۽ ذات نه پڇي. هئو اڻ پڙهيل پر ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو چڱو گفتو ڪڍندو هو. پڇندو هئومانس ته ”اهڙيون ڳالهيون ڪٿان سکيو آهين“ ته نماڻائي سان ورائي منهن ۾ ڏيندو هو ته ”توهان جهڙن اميرن وٽان!“ حالانڪه مان ماستر جو پٽ هئس ۽ نئون نئون وڪيلڙو. هڪ ڏينهن ميونسپالٽي جي گند ڪچري کڻڻ واري گاڏي (پڪ اپ) اچي لنگهي، ڌپ ٿي وئي، پر هو ماڻهو اٿي بيٺو ۽ چيائين ”ڏٺئي سائين ڏٺئي! گند ڪچري کي به سواريءَ جو موقعو ملي ٿو.“ سچ چوندا آهن ته جيڪي ڪجهه آهي، نظر ۾ آهي نظاري ۾ ڇاهي.
ڪاليج جي زماني ۾ پنهنجي پياري دوست محمد سعيد انصاريءَ سان اها ڳالهه ڪيم ته ناراض ٿي پيو، چي ”يار تون ته گهمندي ڦرندي به فلسفي جون ڳالهيون پيون ڪرين، بابا اسين ته نظارو پيا ڪريون. ڪا سهڻي صورت ڏسنداسون ته دل سٽون ڏيندي ۽ ساراهه به ڪنداسون. باقي تو وانگر نظر جي فلسفي ۾ پياسون ته مزو ئي ڪرڪرو ٿي ويندو!“ سو جڏهن کيس تفصيل سان سمجهايم ته، ذهين ته ڏاڍو هو سو هڪدم سمجهي ويو ته به چيائين ته ”هاڻي گهڻو ٿيو، اسان کي نظارو ڪرڻ ڏي، بابا اسين سنوا سڌا رواجي ماڻهو، اسان کي پيچيدگين ۾ نه منجهاءِ بس مزو وٺڻ ڏي ۽ تون به مزو وٺ!“ واقعي گهڙيءَ گهڙيءَ جو مزو وٺجي ته دنيا ۾ ئي بهشت ماڻي سگهجي ٿو. وسيلن کي وڃڻ ڏيو. اميدن ۽ آسرن جا اٺسٺا نه ٻڌو، گهڙو ڀڳو نه گهوريو، ڀڄي شال م گهڙي. اهو ڀٽائي گهوٽ آهي. پوءِ به چون ته ’گهڙين ۾ گهارجي‘ وارو فلسفو فرانس جي زان پال سارتري ۽ سندس داشته مئڊم سائمون ڊي بو وار ڏنو. مغرب کي مان آهي!؟ اها اسان جي مغرب زده غلامانه سوچ آهي.
اڪبر الهه آبادي به فرمايو ته ”چلي هين شيخ ڪعبه ڪو، هم انگلستان جائينگي، وه ديکهي گهر خدا ڪا هم خدا ڪي شان ديکهين گي“، توبه توبه، مان لنڊن توڙي آمريڪا ويس، خبر نه آهي ڇا ڏٺو آهي ماڻهن اتي، جو ويزا لاءِ قطارن جي لانڍ لڳي پئي آهي. چڱايون به آهن پر بيهودگي ۽ بي حيائي جي به انتها ئي ڪونهي. سرِبازار، سرِعام، روڊن ۽ باغيچن ۾ ظاهر ظهور اهڙا مظاهر ڏٺاسون جو اسان کي ته شرم پئي آيو. منهنجا ترقي پسند دوست ان کي ’آزادي جو بنيادي حق‘ ۽ ’جسم جي لذت حاصل ڪرڻ جو حق‘ چئي اهڙين ڳالهين جي پاسداري پيا ڪن. پر پارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’گفتن و ڪردن فرق ميدارد‘. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي. پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ، ماءُ ۽ زال کي اهڙي حالت ۾ ڏسڻ برداشت ڪندا؟
منهنجو لنڊن ۾ مهربان ميزبان ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر حسينا اتي پنجويهه سالن کان رهن ٿا ۽ کين پنهنجو نجي بنگلو آهي. سي ڏٺم ته لڏڻ جي تيارين ۾ هئا. سبب پڇيم ته پنهنجي ننڍڙي پنجن سالن جي نياڻي، جا سندن اڪيلو ٻار هئي، ڏي اشارو ڪري چيائون ته، ”هن کي ههڙي ماحول ۾ نٿا رکي سگهون!“ نوجوان چون ته بهتر مستقبل جي تلاش ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃون ٿا. مستقبل ڪنهن ڏٺو آهي يا لکي لڌو آهي. لنڊن ۾ هڪ دوست مگسي صاحب چانهه جي دعوت تي گهر گهرايو. سندس نوجوان ڌيئرون جين جي پتلون ۽ چست گنجي (ٽي شرٽ) ۾ پي آيون ويون ۽ ٽهڪڙو لڳو پيو هئن. اتي هڪ باريش و ضعدار ٻروچ جو پڳ سان فوٽو ڏٺم ۽ پڇيومانس ته ڀائو هي شاندار شخص ڪير آهي؟ چيائين ”منهنجو ابو آهي، پر جي هت اچي ويو ته موچڙا هڻندم ۽ چڱي گُڏ ڪڍندم؟“ مون سندس ڪرب (درد) محسوس ڪيو پر کوٽ کوٽان ڪانه ڪيم. چپ ٿي ويس، ڳالهه ظاهر پئي هئي. سو ڀَوِش (مستقبل) جي ڪنهن کي خبر؟
شري رامچندر جڏهن پنهنجي ڀاءُ شري لڪشمن کي رياضتون ڪندي ڏٺو ته پڇيائينس ته ”ڀائو تون ته وڏي درجي وارو درويش آهين پوءِ ڪهڙي ڳالهه ۾ اچي مُنڌو (منجهيو) آهين؟“ جواب ڏنائين ته ”ڀَوِش جي خبر نٿي پويم!“ شري رامچندر کلي چيس ته ”ڀَوِش (مستقبل) ۾ رکيو ڇاهي. ڄاڻي ڇا ڪندين؟ ائين ته پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪندين، ڇاڪاڻ ته جيڪي تڪليفون اچڻيون آهن سي اڳواٽ ڄاڻي پريشان ٿيندين ۽ جيڪي ٿيڻو آهي، تنهن کي ٽاري به ڪونه سگهندين، پوءِ اهڙي ڄاڻ لاءِ وهلور وڃڻ مان ڇا هڙ حاصل؟“ شري لڪشمڻ (لڇمڻ) ڳالهه سمجهي شانت ٿي ويو.
مستقبل ۽ وري روشن مستقبل! ڪراچي وارا چون ٿا اسين محرومين جو شڪار آهيون. حيرت آ، پڪا گهر جُهڙي ڦڙيءَ کان محفوظ، روڊ رستا، بجليون، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، نلڪي جو پاڻي باٿ روم ۾ هڪيو حاضر، سواريءَ لاءِ موٽرون، بسيون، رڪشائون، سائيڪلون وغيره پوءِ به چي ’محرومين جو شڪار آهيون‘. ڳوٺن ۾ وڃو ته ڪچا رستا، نه اسڪول، نه اسپتال، نه دوا نه دارون، نه بجلي نه فون نه پاڻي، مايون ويچاريون دلا مٿن تي کڻي وڃي کوهه تان ڀري اچن. کائڻ لاءِ رُکي ماني ۽ لسي. پوءِ به پڇون ته چوندا ته ”شڪر آهي، پنهنجن ڪکن ۾ ويٺا آهيون، پورهيو ڪيون پيا، اَن جي گندي يا پلي ڀري پئي آهي. بس شڪر آهي!“، اهو آهي رويو ۽ سوچ يا انگريزيءَ ۾ چئجي ايٽيٽيوڊ يا ايپروچ. شيڪسپيئر چواڻي ”ڪجهه به بڇڙو يا برو ناهي، رڳو سوچ ان کي اهڙو بڻائي ٿي“. اسان ته ڀوڳنا جو لطف وٺون ٿا ۽ صاحب جي صاحبي ويٺا ڏسون. اسان جا شهري ڀائر سڀ ڪجهه هوندي تر جيتري تڪليف به نه سهي سگهن ۽ وٺي ڪان ڪان ۽ واويلا ڪن.
منهنجو مرحوم دوست، علي دوست بگٽي کين سڏيندو ئي هو” ڪوَي ڪِي اولاد“ يعني ڪانءُ جو اولاد. علي دوست به عجب مست منش هو، نياڻيون ڪراچيءَ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايائين. اٿارڻ جو فڪر ئي ڪونه. مون تي گهڻو مهربان هو سو هڪ ڏينهن وجهه وٺي چئي ڏنومانس ته ”بگٽي تون نيٺ نياڻين جو پيءُ آهين“ ته هڪدم گنڀير ٿي ويو ۽ چيائين ته ”جمال ڀائي مونکي ڀلي جيڪو موچڙو وڻئي سو هڻي ڪڍ، باقي منهنجي نياڻين جو نالو به نه کڻ؟“ چي ”انهيءَ ۾ فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪنهن ڏينهن ڪو خانداني ڇوڪرو هٿ آيو ته مٿس ٿورو (احسان) ڪري ڇڏيندس!“ مون چيو ” ڏسبو ته سهي نه، ته پڙهيل ڳڙهيل آهي يا نه ۽ روزگار سان آهي يا نه؟“ چيائين ته ”ڪو ضرور ڪونهي، پڙهيل ۽ پئسي وارا لوفر ڪونهن ڇا؟ بس رڳو خانداني ڇوڪرو هجي. خاندان هوندو ته پاڻهئي روزگار پيدا ڪري وٺندو ۽ زال جي ننگ (عزت) کي سڃاڻندو؟“ ڏسو! هيڏو سارو شادي وهانءُ جو مسئلو به اصل ۾ ڪو مسئلو ڪونهي. رڳو ڦِڏي سوچ مونجهارا پيدا ڪيا آهن نه ته اسان جي ملڪ ۾ ڇوڪرن جي پيٽ ۾ ڇوڪرين جي کوٽ آهي. ڇوڪرن کي زالون پوريون ڪونهن، ۽ هت واويلا ته ڇوڪرين لاءِ رشتو ڪونه ٿو ملي. رڳو سوچ جو فرق. ڪو به بااخلاق محنتي ڇوڪرو ڪنهن به راشي آفيسر يا سيٺ جي پٽ کان بهتر آهي پر هن پئسي جي ڪلچر ۾ ڪنهن کي سمڪ ئي نه ٿي پوي.
مونکي منهنجي هڪ مهاجر دوست، جو پاڻ به سيد آهي. ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ هڪ ڪسٽم کاتي جو ملازم ڇوڪرو اچي رهيو ۽ سيد سڏائيندو هو. اوڙي پاڙي جا سکر ماڻهو سندس رشتي حاصل ڪرڻ لاءِ آتا ٿي پيا. نيٺ هڪ سيد گهراڻي جي ڇوڪري سان شادي ڪيائين ۽ ٻار به ڄائس. بعد ۾ خبر پئي ته ڀنگي پاڙي ۾ هڪ جهوپڙي ۾ رهندڙ ڀنگي هئو. سيد سڳورا زهر جو ڍڪ پي چپ ٿي ويا. ۽ ٻڙڪ به ٻاهر ڪونه ڪڍيائون. ههڙا هاڃا ٿين، نياڻين سان، سو به پنهنجي پيءُ ماءُ جي ٽيڏي سوچ ڪَنان. هاڻي پاڻ ٻڌايو ته اخلاق ۽ محنت وڌيڪ يا ڊگري ۽ نوڪري؟ جي اخلاق، ڪردار ۽ محنت کي مان آهي ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونهي. پريشاني ڇاجي؟
الله سائينءَ رزق جو ذمو پاڻ کنيو آهي. مونکي 1967ع ۾ دل جي بيماري ٿي. انفارڪشن. دل جي مک ڪارونري شريان سئو سيڪڙو بند ٿي وئي. اهڙي حالت ۾ نوي سيڪڙو موت واقع ٿيندو آهي. مان بچي ويس. منهنجو وڏو ڀاءُ شمس الدين پهرين اٽيڪ ۾ 47 سالن جي جوانيءَ ۾ گذاري ويو. پهرين جون 1967ع تي مونکي اٽيڪ ٿي. ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ وڏي جانفشاني سان منهنجو علاج ڪيو. منهنجي گهر واري جا ان وقت ٻٽيهه سالن جي هئي تنهن ڏينهن رات هڪ ڪري منهنجي نگهداشت ڪئي. سمهندي به اسپتال ۾ هئي. ننڊ ۾ به پئي دعائون گهرندي هئي. مان سمجهان ٿو ته منهنجي چڱ ڀلائيءَ ۾ سندس دعائن جو عمل دخل ضرور آهي. جيئن شيخ اياز صاحب مڃيندو ته هر ڀيري موت جي منهن مان موٽڻ ۾ ڀاڀي زرينه جي دعائن جو وڏو دخل آهي. چڱو ڀلو ٿي نڪتس ته ڪريم عباسي چيو ته ”هاڻي پرواهه ناهي، ڏهه سال جيئرو رهندين!“ وري مشهور ڊاڪٽر صالح ميمڻ ڏيپلائي، جو منهنجو ميرپور خاص هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جو ساٿي ۽ بابا جو شاگرد آهي. تنهن به چيو ته ”ڏهه سال جيئرو رهندين!“ ڪراچيءَ ۾ دل جي ماهر ڊاڪٽر کمڀاٽا به چيو ته ”ڏهه سال جيئرو رهندين“. 1967ع 1977ع 1987ع ۽ هي 1995ع اچي لڳو آهي اڄ 27 - ڊسمبر منهنجي شادي جي سالگرهه آهي، اڃا ته جيان پيو. وري ٻي انفارڪشن ٿيم، جنهن ۾ سئو سيڪڙو موت واقع ٿيندو آهي. بچي ويس. دل جي وچين خاني ۾ سوراخ ٿيو جو بند ٿيندو ئي ناهي. ڪراچي جا سڀ مشهور دل جا ماهر منهنجا دوست ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر سيد شوڪت (جهڙو فرشتو) ڊاڪٽر سيد شريف، ڊاڪٽر رضا ۽ هاڻ ڊاڪٽر اظهر فاروقي جنهن کي پوئين ڏهن سالن کان هر مهيني ڏيکاريندو اچان، ڪو به مونکان في ڪونه وٺي. گذريل مهيني ڊاڪٽر اظهر فاروقي مونکي چڪاسي حيرت مان ٻئي ڊاڪٽر کي منهنجي سڄي ميڊيڪل هسٽري ٻڌائي چيو ته، ٻيو ته ٺهيو پر سوراخ به پاڻ مرادو بند ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪرشمو مونکي دنيا جي ميڊيڪل جرنل ۾ لکڻو پوندو. پوءِ مون ڏي منهن ڪري چيائين ته ابڙا صاحب اهو ڪهڙو راز آهي جو هن عمر ۾ جڏهن تنهنجي دل صرف چوويهه سيڪڙو ڪم ڪري ٿي ۽ ڇاهتر سيڪڙو مئل آهي، ته به تون بلڪل نارمل آهين. نه بلڊ پريشر ۽ نه دهڪو سهڪو ۽ نه ئي وري ڪا ملولائي. جڏهن ته مون وٽ پنجويهه ٽيهه ۽ پنجٽيهه سال جا نوجوان انهن مرض ۾ ورتل اچن ٿا ۽ ڪو پروگريس نٿا ڏين؟“ مون چيو ”ڊاڪٽر راز وري ڪهڙو؟ تون ٻڌاءِ ته زندگي ۽ موت جو محڪمو ۽ مڪمل اختيار الله وٽ؟“ چيائين ”هائو“. مون وري پڇيومانس ته ”عزت ۽ ذلت به الله جي وس“، چيائين ”هائو“. چيم .رزق جو ته ذمو ئي پاڻ کنيو اٿائين پوءِ باقي مان ڇو ملول ٿيان يا مٿو کپايان؟“ ته هڪدم چيائين ته ”پوءِ اهڙيون ڳالهيون اخبارن ۾ لک ته ڪا ماڻهن کي هدايت اچي!“ مون انڪار ڪندي چيو ته ”لکڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي جيسين ڪو هدايت حاصل ڪرڻ لاءِ آتو هجي ۽ هينئين سان هنڊائي. اهو محڪمو به الله جو آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي هدايت ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهه ڪري تباهه ڪري ڇڏي“. ڊاڪٽر صاحب لاجواب ٿي ويو رڳو ايترو چيائين ته ”تنهنجي ايمان جو داد ڏيڻو پوندو!“
1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي آمدني جو ذريعو هو بابا جي پينشن 245 رپيا مهينو ۽ ٻي ادا شمس جي ڪمائي. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڪراچي ۾ پڙهندا هئاسون ۽ بابا اسان ٻنهي کي پندرهن پندرهن رپيا يعني ڪل ٽيهه رپيا مهينو موڪليندو هو. سالياني في ۽ ڪتابن جو خرچ الڳ. باقي بابا کان، عزت وچان، ٻيو ڪو به گهر ڀاتي پئسا نه گهرندو هو. هو به دل جو مريض هو ۽ دوا درمل پاڻ وٺندو هو ۽ برادريءَ ۾ خرچ ڪندو هو. ادا شمس ٿوري ئي وقت ۾ وڪالت جي ڌنڌي تي ڇانئجي ويو هو. محنت ايتري ڪونه ڪندو هو. يار ويس ماڻهو هو، پر بلا جو ذهين هو. آڏي پڇا جو ايڏو ته ماهر هو جو ٻيا وڪيل سيڙجي اچي سندس آڏي پڇا ٻڌندا هئا. کيس سڏيندا ئي هئا ’استاد!‘ ويندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڻ تمام ذهين ۽ بئريسٽر هئو اهو به کيس استاد ڪري سڏيندو هو. ٻيو ته ٺهيو پر ڏيئل مل جهڙو مشهور معروف فوجداري ڪيسن جو ماهر تنهن به لاڙڪاڻي اچڻ ذري گهٽ بند ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي صاف چوندو هو ته ”بابا شمس جهڙو وڪيل گهر ۾ ويٺو اٿوَ ته مون تي ڇو ٿا خرچ ڪيو!“ هڪڙن ماڻهن کيس چيو ته ”سائين شمس الدين خان کي ته وڪيل ڪيو اٿئون. پر تون به هل!“ نيٺ وڏي في ڏئي کيس آندائون. ڪورٽ ۾ آڏي پڇا وقت شمس، سينيئر وڪيل جي عزت خاطر، ڏيئل مل کي چيو ته ”آڏي پڇا تون شروع ڪر!“ هن چيس ته ”نه تون ڪر!“، تون تون ڪندي سيشن جج به چيو ته مسٽر ڏيئل مل آڏي پڇا ڪر. ڏيئل مل اٿي بيهي چيو ته ”يوئر آنر آڏي پڇا مسٽر شمس الدين ڪندو ۽ مان آخر ۾ هڪ ٻه سوال پڇندس!“ ادا شمس آڏي پڇا ڪري پوري ڪئي ته ڏيئل مل اٿي چيو ته ”مونکي ڪو به سوال ڪونهي ڪرڻو“. سڀني شاهدن سان ايئن ئي ٿيو.
لاڙڪاڻي ۾ هڪ مشهور ڪيس ٿيو. محترم احمد خان لانگاهه جي ننڍي ڀاءُ عنايت الله لانگاهه ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ سنڌ ڪوآپريٽيو بئنڪ کي ڌاڙو هنيو ۽ مقابلي ۾ زخمي ٿيو، وڃي فادري پاڙي ۾ عبيدالله لاکي جي مسواڙي جاءِ ۾ لڪو. پوليس نوس نوس ڪندي کيس زخمي حالت ۾ بندوق سميت پڪڙيو. مٿان مئجسٽريٽ وٽ ڏوهه جي قبولداري به ڏٺائين. وڪيل ۽ جج ئي سمجهي سگهن ٿا ته ڪيڏو نه مضبوط ڪيس هوندو. احمد خان لانگاهه جيتوڻيڪ پاڻ مشهور وڪيل هو. پر ادا شمس کي منٿ ميڙ ڪري وڪالت نامو وجهارايائين. هر ڪو پيو چويس ته ”استاد اهو ڪيس ته هارائي ويندؤ. في به ڪانه، اجايو مفت ۾ نالو خراب ڪندا!“ شمس جو آڏي پڇا شروع ڪئي ته شاهدن جا لاهه ڪڍي ڇڏيائين. ڪي مهينا لاڳيتو اهو ڪيس هليو ۽ پنهنجا ڪيس نظرانداز ڪري ڇڏيائين. ٻيو ته ٺهيو دلاور حسين شاهه جو تجربيڪار ۽ کڙپيل ڊي ايس پي هو، ان کان ٻه ڏينهن لاڳيتو آڏي پڇا ڪيائين ۽ هو مجبور ٿي مڃي ويو ته جوابدار کان قبولداري زور زبردستي استعمال ڪري ورتي وئي. ڊي ايس پي صاحب پگهر ۾ شل ٿي ٻاهر نڪتو ۽ پاڻ تي ويساهه ئي نه پيو اچيس ته هو اهڙي ڳالهه ڪيئن مڃي ويو. وڪيل برادري جا اچي ڪورٽ ۾ گڏ ٿيندي هئي، سي خود وائڙا ٿي ويا ۽ شمس کان پڇڻ لڳا ته ”هيءَ ڪهڙي جادوگري ڪري وئين!“
بهرحال عنايت لانگاهه ڇٽي ويو ۽ ڌوم مچي وئي. ستم ظريفي ڏسو ته ڪمال ۽ ٻين ڪيترين آفيسرن کي جڏهن 1971ع ۾ مارشل لا ۾ نوڪري مان ڪڍيو ويو ته رٽائرڊ جسٽس فضل غني انهن پاران هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو . ڪمال به مون وٽ ڪراچيءَ ۾ آيو ته هو به ان ڪيس ۾ شامل ٿيڻ ٿو گهري. مون جسٽس فضل غني (اڄوڪي مشهور وڪيل مخدوم علي خان جي والد) سان ڳالهايو تنهن چيو ته في ته مون ٻين کان وٺي ڇڏي آهي باقي جيڪو نئون مدعي اچي ٿو ته کانئس صرف هڪ هزار رپيا وٺندس ۽ دعويٰ ساڳي ئي رهندي کيس هزار رپيا ڏناسون. مڄاڻ ته احمد خان لانگاهه وٽس ڪم ڪندو هو سو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته ڪجهه درستيون ڪري ٺاهي جوڙي ٽائپ ڪري نئين درخواست وجهبي ۽ ان تي ڪجهه خرچ ايندو. مان حيرت ۾ ويٺو کيس ڏسان ته سندس ڀاءُ کان شمس ڪهڙي في ورتي هئي جو هي وري شمس جي ڀاءُ کان صرف ليپا پوتيءَ جا پئسا ٿو گهري. مون کيس ڪا به ورندي نه ڏني، پر لانگاهه صاحب سيڙجي ڪمال جي گهر حيدرآباد ويو ۽ کانئس في وصول ڪري آيو. واه ڙي زمانا واهه! پئسو اهڙو ته ڪو آهي جو سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته، نر کاريو ڇڏي. لانگاهه صاحب هونئن ته تمام چڱو ماڻهو نيڪ، بااصول پر پئسي آڏو ڪمزور. ٻيا به ڪيئي اهڙا دوست ڏٺم پر ڍڪي ڀلي.
بابا جي پينشن کان سواءِ ادا شمس مرحوم جي ڪافي آمدني هئي پر يار ويس، سخي ۽ مهمان نواز اهڙو جو وٽس هڪ پائي به ڪانه بچندي هئي. ڪورٽ مان موٽي اوطاق ۾ ڪوٽ لاهي ويهي مس ته دوست احباب وڃي ڪوٽ جي کيسن مان نوٽ ڪڍن. حضور شرم ۽ وضعدار اهڙو جو ڪنهن کي ڪونه جهلي. رڳو ايترو بار بار چوندو هو ته گهر جي خرچ لاءِ پندرهن رپيا بچائجو. اهي پندرهن رپيا روز گهر واريءَ کي ڏئي چوندو هو ”هاڻي پاڻ ئي گهر هلائجانءِ وڌيڪ ڪونه اٿئي!“ هوءَ بختاور به اهڙي صابر ۽ شاڪر جو کڻي ماٺ ڪندي هئي. اڄ به شمس جي سخا پروري ۽ صبر جا واقعا ماڻهن کي ياد آهن، جيتوڻيڪ کيس گذرئي 32 سال ٿي ويا آهن. غريب غربو، مستري مزدور، ٽانگي وارا اڃا به سندس ڳڻ ڳائيندا آهن.
چوندا آهن ته ’الله هڪ دروازو بند ٿو ڪري ته سئو دروازا کولي ٿو‘. هندو ماڻهو اها حقيقت ڄاڻندا هئا. نوڪريءَ ۾ اکيون وجهي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ڪونه ويهندا هئا، نڪو هوٽلن تي ويهي چانهه جا آرڊر هڻندا هئا. هڪدم ڪرت سان لڳي ويندا هئا. ڪو گهوراڙو، ڪو ڦيري وارو، ڪو مٿي تي ٽول کڻي ته ڪو بهن جو ڪُنو کڻي روزيءَ ڪمائڻ کي لڳي ويندا هئا ۽ ڏسندي ڏسندي ترقي ڪري ويندا هئا ڌنڌا ڪو کٽا آهن؟ ڪا خاص سيڙپ جي به ضرورت ڪانهي. مٿي تي ڇٻو زيتونن جو کڻي نڪرو ته شام تائين پنجاهه سئو رپيا ڪمائي موٽبو. پر مسلمان کي ڌنڌي کان عار، اصل ٻرو پيو چڙهندن. وڏيري جي پيرن کي ويٺو زور ڏيندو، باقي پورهيو ڪونه ڪندو.
اسان جنهن دور ۾ هئاسون ان ۾ اهو نوڪريءَ جو ڀوت سوار ڪونه هوندو هو. مون انٽر سائنس پاس ڪئي ۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا به مليم ۽ پنجاهه رپيا ماهوار اسڪالر شپ به، پر مان ڪو ٻي مٽيءَ جو ٺهيل هئس الائي ڇا جو هر هر اهو خيال پيو اچيم ته انگريز جي نوڪري ڪيئن ڪبي؟ ۽ انجنيئري کاتي جي رشوت ۾ ڪيئن منهن وجهبو؟ نڪو مان انقلابي هئس نڪو دولتمند ته به انگريز جي غلاميءَ ۽ رشوت کي اسان جي پيڙهي ۾ ڪڌو ڪرتوت سمجهيو ويندو هو. هڪ ڏينهن هڪ غريب ماڻهو هاسٽل ۾ آيو ۽ اچي ڳالهه ڪيائين ته ڪلارڪن کانئس رشوت وٺي ڪم ڪري ڏنو. اسان جو نه واسطو نه وجهه، تڏهن به چار پنج ڇوڪرا گڏجي سيڪريٽريٽ وياسين ۽ چيف منسٽر جي آفيس ۾ وڃي سندس سيڪريٽري ۽ پٽيوالي تي زور وڌوسين ته اسان کي چيف منسٽر سان ملايائين، چيف منسٽر هو رڄ چڱو مڙس ۽ شريف ماڻهو پير الاهي بخش سو هڪدم اندر گهارايائين. اسان ڪاوڙ ۽ غصي ۾ کيس دانهن ڏني ته هينئين رشوت پئي هلي. پڇيائين ته ”توهان کان ورتي اٿن ڇا؟“ ۽ اسان جواب نهڪار ۾ ڏنو. پوءِ به اسان کي اطمينان ڏياريائين ته اتي جو اتي بيٺي پير قدم کڻندو ۽ اسان جو شڪريو به ادا ڪيائين جو کيس اهڙو اطلاع ڏنوسين. اسان به خوش ٿي وياسو. اهو هو باهمي اعتماد، وزير صاحب کي اسان تي اعتبار ۽ اسان کي وزير صاحب ۽ حڪومت تي اعتبار. هاڻي اهو باهمي اعتماد مفقود ٿي ويو آهي تڏهن ڳالهه وڃي گارگند، جهڳڙي ۽ احتجاج تي پئي آهي. اهڙو هو ان وقت جي نوجوانن جو جذبو.
ابا پاڪستان جو ٺهيو ته ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي مون پنهنجي گنهگار ڪنن سان ڪن نوجوانن کي چوندي ٻڌو ته، ”اماں، جو رشوت نہیں لیتا وہ تو بدھو ہے“ اهو ضرور مائٽن جو سبق هوندو. بابا جو ڪراچيءَ آيو ته کيس چيم ته ”مان پڙهندس ڪونه ، ڌنڌو واپار ڪندس!“ ذرو به منهن ڪونه گهنجايائين. پاڻ همت افزائي ڪندي چيائين ته ڪيترائي سيٺ منهنجا واقف آهن. شام جو ئي وڃي ساڻن مشورو ڪري ٻڌائيندو. ٻئي ڏينهن انهن سيٺين جا نالا ٻڌائي چيائين ته چون ٿا ته هي جو بندر روڊ ۽ جهونا مارڪيٽ ۾ گاڏڙن تي مال وڪڻندا وتن، اهي سڀ نوجوان سندن ڪروڙ پتي سيٺين جا پٽ آهن. ائين ڌنڌو سکي ترقي ڪن ٿا. بابا چيو ته تون به چوين ته انهن سيٺين سان ملايانءِ ۽ پوءِ گاڏڙو وٺي شروعات ڪر. مان منجهي پيس ۽ جواب ڪونه ڏنم. منهنجي وڏي پٽ بدر به رشوت واري نوڪريءَ کان صاف انڪار ڪيو. اڄ پنهنجي سر ماشاء الله معزز ماڻهو آهي.
ڌنڌي ۾ وڏي برڪت آهي. حيدرآباد ۾ خان بهادر جلال الدين کان مسلم ليگ لاءِ چندو وٺڻ وياسون. مان، قاضي عبدالمنان ۽ عبدالشڪور منشي صدر ۾ رٽز هوٽل ڀرسان وڏو ڪشادو بنگلو هئس. قدآور، بدن ۾ ڀريل، شڪل شبيهه جو ٺاهوڪو، شيرواني ۽ ڪڙتي سان، شهپرن کي تاءُ ڏيندو آيو. پنجابي گاڏڙ سنڌي ڳالهايائين. پاڻ ٻڌايائين ته هو ريلوي اسٽيشن تي گهوراڙو هو، پوءِ ڪيبن لڳايائين ۽ بعد ۾ ريلوي ريسٽورانٽ جا ٺيڪا کنيائين ۽ هن درجي تي پهتو. کيس پنهنجي محنت مزوري تي ندامت ڪانه بلڪ فخر هو. کپري جي راءِ صاحب شيوَڪرام وٽ اڪيچار جايون، دڪان، زمينون، باغ ۽ ماڙيون هيون. پڇيومانس ته ”راءِ صاحب ايترو سڀ ڪجهه ڪيئن ٺاهيوَ؟“ چيائين ”صفا مسڪين اڻ پڙهيل هئس. پائي پيسو ڪونه هئم. سو هڪ سيٺ کان ڏهه رپيا اڌارا وٺي نڪتس. واٽ تي پرارٿنا ڪيم ته ڀڳوان هن ڏهن جي نوٽ کي رڳو هڪ ٻڙي وڌيڪ هڻي ڏينم ته تنهنجا لک ٿورا، پوءِ ته ڀڳوان الائي ڪيتريون ٻڙيون هڻندو ويو ياد به ڪونه اٿم!“ اهو آهي محنت جو ڦل. رب جو پالڻهار آهي اهو ڏئي ٿو، بي حساب ڏئي ٿو رڳو طلب ڪيو ۽ وِک وڌايو.
ڪراچيءَ ۾ امپريس مارڪيٽ ۾ هڪ ٻهراڙيءَ جو سنڌي، يارو ڪاسائي آيو، اگهه وڌيڪ وٺندو هو پر گوشت تمام سٺو رکندو هو. مٿان ڳالهائڻ جو به رُکو! جيڪڏهن ڪو گراهڪ رڳو اگهه پڇندو هئس ته چوندو هو ”هل بابا هل، گوشت ڪونهي، کپي ويو!“ تڏهن به ڪراچيءَ جا سڀ سکر ۽ وڏا ماڻهو پڇا ڪري يار محمد وٽ ويندا هئا. منهنجي مرحوم گهر واري ته رڳو چوندي هئس ته ”ادا يار محمد ڏهه سير گوشت تيار ڪري رک ته مان ٻي خريداري ڪري ٿي اچان“ ته ”حاضر!“ چئي ٻين جو ڪم ڇڏي اسان جو ڪم ڪري رکندو هو. پوءِ رڳو چئبس ته پئسا ڪيترا ته جيترو چوندو هو اوترو ڏئي ڇڏبس ته خوش ٿيندو هو ته قدردان ته اهڙا. ٻيا ڪاسائي ٽيهه رپيا سير وڪڻندا هئا ته هي ٻٽيهه يا پنجٽيهه وٺندو هو. ته به ويو چڙهندو.
ڄام صادق علي به يار محمد کان گوشت وٺندو هو. يار محمد ويو چڙهندو ۽ ڪراچي ۾ بنگلو به ٺهرايائين ۽ ڪار به رکيائين. اسان جا نوجوان ڪاسائيءَ جي ڌنڌي کي عيب ڪري سمجهندا. منهنجو هڪڙو سانگي مائٽ، پوليس ڪانسٽيبل هوندي گهر ۾ ٻيڙيون ٻڌندو هو ۽ چڱو خوشحال ٿي ويو. گهر به پنهنجو اٿس ۽ اڃا تائين رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نانوائيءَ جي هوٽل صبح جو ڏهين وڳي کان ٽين چئين وڳي تائين هلائي ٿو ۽ انهن پنجن ڇهن ڪلاڪن ۾ سئو کن رپيا ڪمائي ٿو. ٻيو منهنجو سانگي مائٽ گاڏڙي تي ڳنڍيري وڪڻڻ لڳو. اڄ سٺو پڪو گهر اٿس ۽ سندس پٽ چڱين نوڪرين سان آهن. انهيءَ ۾ ڪو اهم ڪونهي برڪت ئي برڪت آهي.
برڪت تان ياد آيم ته هڪ برڪت پنجابي اسان سان پڙهندو هو. اسڪول مان ئي پڙهڻ ڇڏي وڃي چمڙي جو ڌنڌو ڪيائين. کلون وٺندو ۽ وڪڻندو هو.اهو به عزت وارو واپاري ٿي ويو. هي جسٽس غلام رسول شيخ ۽ سندس ڀاءُ غلام النبي شيخ ائڊووڪيٽ به اصل چمڙي جا واپاري هئا. خبر ناهي اڄڪلهه جي نوجوانن کي مٿي ۾ الائي ڪهڙو اٺ ويٺو آهي جو ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي هوٽلن ۾ ويٺا آهن ۽ پٽيوالي، ماستري يا ڪلارڪيءَ جي نوڪري پٺيان سٽون ڏيندا وتن ۽ پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو سمجهن، علم ته نوڙت آڻيندو آهي پر هي يار خودپسندي ۽ پوءِ خود فريبي جي ڄار ۾ وڪوڙجي نااميدي ۽ ملولائپ جو شڪار ٿيو وڃن. خود پسندي جنم ڏئي ٿي خود مطلبي ۽ انفراديت کي. نتيجتاََ سماجي ڌارا مان نڪري، ڪڙم قبيلي کان لاپرواهه ۽ لاتعلق ٿي اذيت پسند ٿيو پون. پوءِ يا ٻين کي مارين يا ڌاڙا هڻن يا خودڪشي ڪري پنهنجي ئي لاش تي ڳوڙها ڳاڙڻ جو تماشو ڏسي سڪون وٺن. اسان جا اديبڙا وري، خودڪشي تي نوحا لکي، ان کي شهادت سڏين. ڇا جي شهادت؟ ڪارو منهن آهي اهڙن بزدل ڪوئن جو جيڪي ٻڏي مئا ۽ پوئين کي مصيبت جي آڙاهه ۾ اڇلي ويا. هو زندگيءَ کان ڊڄي ويا. پهرئين نمبر جا ڀاڙي هئا. اسان جا، ابتي سوچ وارا ليکڪ وري چون ته موت کان ڪونه ڊنا. ڪوڙ، سئو سيڪڙو ڪوڙ، موت کان نه ڊڄن ها ته مري ٿين ها نه مات. پوءِ ته دلير ٿي سر جو سانگو لاهي، تڪليفن کي اکين تي چائين ها ۽ بي رحم غلط سماج سان مهاڏو اٽڪائين ها، پر هي ڀاڙيا ته پنهنجن کي سهائڻ خاطر غلط ڪاري اختيار ڪري هڪ گندي روايت کي هٿي ڏئي ويا.
مونسان گڏ ايل ايل بي ۾ عيد محمد کوکر گڏ پڙهندو هو. غريب هو سو مون صلاح هئين مانس ته منهنجي ڀاءُ شمس وٽ يا مون وٽ هليو اچي ته ٺهي ٺڪي آفيس، رهائش ۽ لئبريري ملي ويندس. ”هائو!“ چئي گم ٿي ويو. ڏاڍو خوش مزاج، قابل ۽ محنتي ماڻهو هو. ڇهن مهينن کان پوءِ اوچتو بازار ۾ ملي ويو. ڏوراپو ڏئي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيوسانس ۽ حال احوال پڇيومانس ته ”ڇا پيو ڪرين؟“ کلي جواب ڏنائين ته ”هَـرَ تي بي اي ايل ايل بي لکائي ڇڏيو اٿم، پيو ٿو ڪاهيانس!“ بعد ۾ ٽريزري آفيسر ٿيو ۽ مشهور قابل، محنتي ۽ ايماندار آفيسر ثابت ٿيو. غربت، ڪڏهن به منجهس احساس ڪمتري پيدا نه ڪئي. شهاڻي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ منهنجو هم ڪلاسي هئو. اسان جا ٻيا مشهور مسلمان هم ڪلاسي هئا شيخ اياز صاحب، عبدالوحيد ڪٽپر، جسٽس عبدالقادر شيخ، جسٽس آغا امداد علي (جنهن جو والد صاحب جسٽس آغا حسن به هاءِ ڪورٽ جو جج هو) ۽ علي گوهر خان کهڙو، خانبهادر کهڙي جو ڀاءُ.
عيد محمد پنهنجي غربت ۾ مست خاڪي زين جي قميص ۽ سلوار ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو هو جا ميري هوندي هئي ۽ ڪنارن تي گر لڳل هوندي هئس. ڪڏهن به سوٽ ڪونه پاتائين. لاپرواهه، کلڻو ۽ مزاحيه طبيعت جو ماڻهو هو، جنهن ڏينهن ڪاليج جي الوداعي دعوت پئي ٿي ته ان ڏينهن عيد محمد کي نئين خاڪي سلوار قميص ۽ نئين ترڪي ٽوپي پيل هئي ۽ ڦاٽل بوٽ بجاءِ نئون بوٽ پاتل هئس. مون ڏانهس ڏسي مشڪيو ته زور سان چيائين ”الله جو قسم پنهنجا اٿم!“ ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. مون چيومانس ته ”ڏاڍو ٺاهوڪو ٿو لڳين“ ته هڪ پارسي ڇوڪري جا اسان سان گڏ پڙهندي هئي ان ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”ڇو ڪِين، انهيءَ کان ته گهڻو چڱو آهيان!“ انهيءَ زماني ۾ اعليٰ تعليم يافته هجڻ جو مٿس ڪو منفي اثرنه هو، جيئن اڄڪلهه جا ڇوڪرا چار اکر پڙهي واندا خان بڻجي والدين تي بوجهه ٿيو پون . عيد محمد نه ڪئي هم نه تم وڃي هر ڪاهڻ لڳو.
مان جڏهن 1961ع کان وٺي 1963ع تائين سجاول ۾ جج هئس ته ان علائقي ۾ چوري ڏاڍي هئي. سجاول سب ڊويزن هڪ تعلقو نه بلڪ ڄڻ ته الڳ ضلعو آهي. جنهن ۾ چار تعلقا آهن، سجاول، ميرپور بٺورو، جاتي ۽ لاڏيون يا شاهه بندر. اتان جا وڏا ماڻهو سڀ هڪ ٻئي سان وڙهيل هئا. ڪو ڪنهن سان ٺهيل ڪونه هو. سجاول ۾ مهر علي شاهه جو ون يونٽ ۾ ڊپٽي اسپيڪر به هو ۽ علي شير شاهه، بٺوري ۾ خواجه محمد عيسيٰ جو فقير سڏائيندو هو ۽ ڪشتو کڻندو هو پر هئو وڏو استاد ۽ ٻيو جمال خان لغاري جو خانبهادر فضل محمد خان لغاريءَ جو ڀائيٽيو هو ۽ ميمبر اسيمبلي به هو، جاتيءَ ۾ مامون خان ملڪاڻي جت قوم جو سردار، لاڏيون ۾ محمد يوسف خان چانڊيو ميمبر اسيمبلي، دڙو ۾ ارباب غلام دستگير ۽ جاتي ۾ خليفو غلام قادر ٿهيم جو درگاهه مغل ڀين عرف مگرڀين جو متولي هو، سڀ صاحب هڪ ٻئي جي خلاف ۽ سڀني جو نشانو مقامي آفيسر.
مان جڏهن چارج وٺڻ ويس ته جسٽس نانا مونکي چيو ته ”ابڙا ڏاڍي ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندئي پر مونکي يقين آهي ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ مثال قائم ڪندين ته آفيسر کي ڪيئن هلڻ کپي!“ ٿيو به ائين. جنرل برڪيءَ کي موڪليو ويو ته سر زمين تي انڪوائري ڪري قدم کڻي، هن هڙني آفيسرن کي بدلي ڪري ڇڏيو، سواءِ منهنجي. ماڻهن کان مسئلا پڇيائين ته هرڪنهن چوريءَ جي دانهن ڪئي. چوريءَ جا سبب پڇيائين ته ڪنهن ڇا چيو ڪنهن ڇا چيو. بٺوري وارو فقير محمد عيسيٰ خواجه ڏاڍو دلير دل گڙدي وارو مڙس هئو. سچ چوڻ کان يا ٻڌائڻ کان رهندو ڪونه هو، سو اٿي اسٽيج تي آيو ۽ ڀرئي ميڙ ۾ جنرل برڪيءَ کي چيائين ته ”جنرل صاحب! چوريءَ جو اصل سبب آهي تعليم. ڇورا مئٽرڪ پاس ڪري نڪما ۽ نالائق ٿيو پون، نه هر ڪاهن، نڪو هنر اچين. اصل اڳيون نور به چٽ. پوءِ هوٽلن تي ويٺا چانهيون پين ۽ گانا ٻڌن ۽ اتي ئي ويٺا چوريءَ جي مال جو ڀنگ تي سودو ڪن ۽ چورن سان ياريون رکن.“ ڳالهه ۾ ڪافي وزن هو ۽ جنرل صاحب چيو ته هو حڪومت کي هنري اسڪول کولڻ لاءِ آماده ڪندو.
اهو 1961ع ۾ اڄ پنجين جنوري 1996ع. منهنجي ڄاڻ موجب سجاول سب ڊويزن ۾ اڃا تائين هنري اسڪول ڪونه کليو آهي، ٿئي ڇا ٿو جو ڪا چڱي رٿابندي ٿئي ٿي ۽ پئسا منظور ٿين ٿا ته شهري آبادي وارا، جن وٽ اخباري زور، ڪامورا شاهي جو زور ۽ هنگامي بازي جو زور آهي، سي رٿائون شهرن ڏانهن منتقل ڪرايو ڇڏين ۽ ڳوٺ ۾ دور افتاده آباديون هر ترقيءَ کان وانجهيل رهجي وڃن ٿيون. ڪامورا شاهي، اخبارون ۽ اقليتي طبقا پاڻ ۾ قدرتي ڀائيوار آهن ۽ هڪ ٻئي جي زور تي هلن ٿا ۽ هڪٻئي کي هشي ڏين ٿا ۽ ڳجهي مدد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن جياپو انهيءَ ۾ آهي. جمهوريت ۾ کين ڪڏهن به فائدو ڪونه پهچندو تنهن ڪري فطري طرح هو جمهوريت جا توڙ جا ويري آهن. جمهوريت ايندي مس ته ڳانڍڙ سانڍڙ ٿي ان جي پٺيان پئجي ويندا ۽ ان کي هاڃو رسائي يا توڙئون اکيڙي پوءِ ساهه پٽيندا. اهي سڀ طبقا پٽين ۽ چڪين ٿا وڏيري ۽ هاري کي، جيڪي جمهوريت ۽ سياست ذريعي اڃا مس ساهه پٽين ٿا ته هاهوڙ ۽ باهوڙ مچي وڃي ٿي. وڏيري تي بداخلاقي جا الزام ۽ هاريءَ تي جاهليت جو الزام هنيو وڃي ٿو. حالانڪ قائداعظم سڄو مدار انهن تي رکي پاڪستان ٺاهيو.
قائداعظم وٽ هئو ئي ڇا سواءِ وڏيرن، نوابن، خانبهادرن، سر صاحبن ۽ جاهل ديهاتي عوام جي، شهري ۽ پڙهيل ڳڙهيل آبادي ته هئي هندن جي، جيڪي پاڪستان جا سخت مخالف هئا. انهيءَ ڪري ئي مسلم ليگ جو وفادار ڪارڪن محترم جي.ايم.سيد مسلم ڪامورا شاهي جي پٺڀرائي سان هندن کي ڌڪ هڻڻ خاطر تحريڪ هلائي ته نه هندن سان خريد و فروخت ڪيو نه ساڻن اٿو ويهو، يعني مڪمل سماجي بائيڪاٽ ڪيو ۽ باقاعده اهڙا پوسٽر ڇپايا ۽ ورهايا ويا جي ڳولهڻ سان اڃا به ملي ويندا. پوءِ به ڪم نه ٺهيو ته منزل گاهه مسجد جي آڙ ۾ هندو مسلم فساد ڪرايا ويا ۽ بيگناهه عام توڙي خاص هندو قتل ڪرايا ويا، جهڙوڪ شڪارپور جو مسٽر پمناڻي، ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيا. نه رڳو هندو بلڪ مسلم قوم پرست ليڊر جهڙوڪ: خان بهادر الهه بخش سومرو وغيره شهيد ڪرايا ويا ۽ سندن قاتل جو هڪ جلباڻي هو، ان کي غازي سڏيو ويو. توبهه!
چوڻ جو مقصد اهو هو ته اقليتي طبقو ڪڏهن به جمهوريت جي مرحبا نه ڪندو ۽ هميشھ پنهنجا ڳڙهه ٺاهي جمهوري حڪومت کي بليڪ ميل ۽ ڪمزور ڪندو رهندو. تنقيد اها ئي ڪندو ته عوام کان ووٽ جو حق ئي کسيو وڃي ۽ ووٽ جو حق ڪم از ڪم مئٽرڪ پاس کي ڏنو وڃي. ڄڻ ته پڙهيل ماڻهو وڏا شريف ۽ سمجهدار هوندا آهن. مشهور هاري ليڊر مولوي نذير حسين جتوئي پڙهيل ماڻهو لاءِ هڪ موٽي گار ڏئي چوندو هو ته ”ڀائو پڙهيل جهڙو حرامي ماڻهو ٻيو ڪونه ٿيندو. رشوت اهو وٺي، سمگلر اهو ٿئي، ملاوٽ اهو ڪري، چور بازاري، ذخيره اندوزي اهو ڪري يا ڪرائي، مٽن مائٽن کان نفرت ڪري ۽ صاحبن اڳيون پڇ پيو لٽڪائي ۽ ليلڙاٽ ڪري!“ مولوي صاحب جي ڳالهه ۾ سچ تلاش ڪيو ته ملي ويندؤ. رڳو ويچار ڪيو ته توڙ تائين پهچي ويندؤ. هي سڄي جُلهه جا هاري ۽ وڏيري تي پئي ٿئي. سا رڳو ان ڪري ته کين لٽجي ۽ ڦرجي ۽ کين حقن کان محروم ڪجي ۽ سندن اربين رپين جي پيداوار ڪوڏيءَ ملهه وٺي کين مستقل طور مفلس ۽ ڳيجهو بڻائجي، حالانڪ هو ئي سڄي پيداوار ۽ ملڪ جا حقيقت وارث آهن.
ٻيو مقصد اهو آهي ته شهري بدمعاشن سرمائيدارن، چورن ۽ سماج دشمنن کي ڍڪ فراهم ڪجي. اڄ جاگيردار ۽ وڏيرو ايڏو پيو ڪٽجي ۽ هوڏانهن حرامي سرمائيدار، جو ڏچي جو بنياد آهي، سو محفوظ، بزرگ، خدا ترس، سخي ۽ مومن بڻيو پيو عيش ڪري. ڀلي مهانگائي ڪري ڀلي ملاوٽ ڪري گيهه ۾ ڊيزل ملائي، ڀلي مال لڪائي، قحط آڻي، چور بازاري ڪري، ڀلي مزور جا حق ماري تالابندي ڪري، ڀلي ڪسٽم نه ڀري، انڪم ٽئڪس نه ڏئي ۽ ڪوڙو روانگي واپار ڏيکاري ڪروڙين ڊالر غيرملڪي بئنڪن ۾ رکي ۽ سڄيون ساريون بئنڪون هڙپ ڪري وڃي. بس رڳو ويٺو نمازون پڙهي ۽ حج ڪري ۽ ڪو سندس نالو نه وٺي. الائي ڪيئن اهو واءُ وريو آهي جو اسان جا سڄاڻ ليڊر به اليڪشن کٽڻ جي چڪر ۾ انهيءَ انڌاريءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. نه ته جڏهن اسين ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسون ته شيطان نمبر ون هوندو هو. سرمائيدار، سماج وادي پارٽيون مدد ڪنديون هيون هارين ۽ ننڍن کاتيدارن (يعني وڏيرن) جي. هاڻي وڏيري تي آهي گار جي رَئي.
ڳالهه جي تهه ۾ وڃو ته اصل لفظ آهي ’وڏو‘ اوهان مان هر ڪو گهر جو وڏو آهي ۽ ان جو حڪم گهر ۽ گهر ڀاتين تي هلي ٿو. پوءِ چار پنج يا ڏهه ويهه گهر گڏ هجن ته اها سماجي ضرورت آهي ته گهر وڏي کان مٿڀرو ڪو هڪ وڏو يا وڏيرو هجي. اها ئي لفظي معنيٰ وڏيري جي، يعني وڏن کان ڪجهه وڏيرو. اهو ضروري نه آهي ته اهو وڏيرو ڪو وڏو زميندار يا جاگيردار هجي. ڀلي رڳو مڇي ماني وارو هجي. هو هڪ ادارو آهي جو سماجي طور هڪ وڏي ضرورت آهي. کيس مک پئنچ به چئي سگهجي ٿو. هندو کيس سڏن مُکي ۽ مسلمان چون چڱو مڙس. پاڻ به تڏي تي يا واڻ جي کٽ تي دونهين دکايو ويٺو هوندو ته آيو ويو به ساڻس اتي ئي ويهندو ۽ ڏک سور سليندو.
مکي يا وڏيري جي اوطاق هڪ ئي وقت مسافر خانو يا مهمان خانو به آهي ته ڪورٽ به آهي ته بينڪ به، بنا رشوت جي بنا سفارش جي بنا لکپڙهه جي پنجاهه، سئو قرض به ملندو ته ترت ۽ سستو انصاف به. آئيءَ ويل ۾ وڏيرو ڪم ايندو. ڀلي آڌي يا هجي مانجهي، وڃي ننڊ مان اٿاريوس ته اٿي ايندو. چوري ٿي هجي، ڪو ڀاتي بيمار هجي، ڪو پوليس جو سڏ هجي، ڪو پاڻيءَ جو وارو هجي، ڪو ڦڏو فساد هجي، ڪو تپيدار يا سرويئر جو ڪم هجي، ڪو ننگاوتي معاملو هجي ته اتي جو اتي وڙول ڏبي ۽ ڪونه ڪو تدارڪ ٿيندو. تپيدار، سرويئر، پوليس وارو ماستر به وٽس ايندا. وٽس رهندا ۽ ماني ٽڪي کائيندا. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ايل ايل بي پاس ڪري اليڪشن جي شوق ۾ چوندا ته ماڻهو ڀوڪ ڄٽ ۽ جاهل آهن جو کين ڇڏي، ووٽ وڏيري جي چوڻ تي ٿا ڏين ۽ جيڪڏهن کين ميمبر بڻائن ته هو سندن سٺي خدمت ڪن.

7

صاحبو! ماڻهو نه ڪو ڀوڪ آهن، نه جاهل، نه بيوقوف. توهان ميمبر ٿيڻ کان اڳ ۾ سندن ڪم ڪونه اچو ته ميمبر ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ڪم ايندا؟ ماڻهو اکئين ويٺا ڏسن ته توهان کي منجهند جي ننڊ کانئن وڌيڪ پياري آهي. توهان کين دڙڪا ڏئي موٽائي ٿا ڇڏيو يا وڌ ۾ وڌ پئسا وٺي سندن وڪيل ٿي ڪيس ٿا ڪرايو. پوءِ ڪيسن ۾ ڳهي ڳهي هو لاچار ٿي واپس مکي ۽ وڏيري وٽ وڃن ٿا جو ڏينهن ٻن ۾ سندن فيصلو ڪري دشمنيون دور ڪرايو ڇڏي. هو هر وقت سرزمين تي هڪيو حاضر آهي، پوءِ ڪهڙو بيوقوف کين ڇڏي توهانجي چوڻ تي ووٽ ڏيندو؟ هي سڄي سازش آهي جو چڱي مڙس کي ’بڊيرا .. بڊيرا‘ چئي بڇڙو ڪيو ٿو وڃي، ٻيو وري طوفان اٿاريو ويو آهي جاگيرداري ۽ زمينداري ظلمن جو. اهي پڙهيل ڳڙهيل جوان نه ڪجهه ڄاڻن ٿا نه ڪا خبر اٿن.
مان جڏهن لنڊن ويس ته اتي مسٽر باري مون سان سڀني کي ملائڻ خاطر دانشورن جي هڪ ميٽنگ سڏائي، جيڪو به هٿ ٺوڪيو دانشور اٿي سو وڃي جاگيرداري ۽ زمينداري تي ڇوهه ڇنڊيندو. آخر ۾ باري صاحب مونکي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. مون چيو ”باري صاحب! مون سمجهيو هو ته تون ڄاڻو ماڻهن کي جن کي ڪو سياسي پس منظر هوندو تن کي سڏايو هوندو. هت ته کوڙيءَ کي گهمرو آهي. کين اها به خبر ڪانه آهي ته جاگيرداري ته ڪڏهن ڪو ختم ٿي چڪي آهي.“ انهيءَ تي حاضرين چوٻول مچايو ۽ مونکي رد ڪد ڏيڻ لڳا. هئا سڀ سنڌ دشمن سو آپي مان ٻاهر پيا وڃن. انهيءَ تي مون کين چيو ته ”صاحبو! مونکي اها سعادت نصيب ٿي آهي جو مون ميان افتخار الدين، جناب حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، ميجر اسحاق، سوڀو گيانچنداڻي، حسن ناصر، جمال الدين بخاري، عبدالسلام بخاري، سيد باقر شاهه، ڊاڪٽر نذير ۽ امام علي نازش جهڙن مست ملنگ ۽ هڏڏوکي ڪارڪنن سان ڪم ڪيو آهي ۽ انهن جيڪا ميراث ۽ حاصلات ڇڏي آهي تنهن کان انڪاري ٿيڻ پنهنجي اڻڄاڻائي جو ثبوت ڏيڻ جي مترادف آهي، حقيقت اها آهي ته جاگيرون اسيمبليءَ قانون هيٺ 1953ع ۾ ختم ڪيون ويون ۽ ڪو جاگيردار نه بچيو. منهنجو عزت مآب مهربان دوست سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر جو پندرهن سو ايڪڙ جاگير جو مالڪ هو سو ٻئي ڏينهن هڪ به ايڪڙ جو مالڪ نه هو. خانداني سون ۽ زيور وغيره بئنڪ ۾ گروي رکي قرض کڻي چاليهه ايڪڙ زمين خريد ڪري سفيد پوشي قائم رکندو آيو. نواب سلطان احمد چانڊيو جو ’نو لکي‘ جاگيردار سڏبو هو سو به رڳو سرداري ڏن تي گذر بسر ڪرڻ لڳو. سو جاگيرداري ته وئي ختم ٿي، باقي رهي زمينداري تنهن کي به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پارٽي سسٽم ايجاد ڪري، اهڙو ڪاپاري ڌڪ هنيو جو ٻيو ته ٺهيو وڏا وڏا ڊِنگ زميندار غلام مصطفيٰ خان جتوئي، عبدالحميد خان جتوئي، سردار غلام محمد مهر، نواب سلطان احمد چانڊيو، ويندي پير صاحب پاڳارو ۽ پٻڻ وارا پير به پنهنجي ئي تڪ ۾ معمولي ماڻهن هٿان اليڪشن هارائي ويا. يعني سندن سياسي پاور يا سندن ووٽ بئنڪ کانئن ڦرجي ويو.“
جمهوريت جي معنيٰ ئي آهي هر بالغ کي ووٽ جو حق ۽ پارٽي سسٽم. اسان جا هٿ ٺوڪيا شهري دانشور شرم وچان جمهوريت جي مخالفت ته ڪري نٿا سگهن سو ڇوهه ڇنڊين ٿا پارٽي سسٽم تي ته ان ذريعي پارٽي ڊڪٽيٽر شپ يا فاشزم جنم وٺي ٿو. ڏسو! ظاهر ظهور منافقي ۽ ٻٽا معيار. پارٽي سسٽم ۾ ته ائين ئي ٿيندو آهي، ته ووٽ پارٽيءَ کي ڏبو آهي، نه ڪنهن فرد کي. ائين پارٽي ۽ پارٽي جو منشور زور وٺندو آهي ۽ چونڊيل ميمبر مجبور ٿيندو آهي ته پنهنجو شخصي مفاد قربان ڪري پارٽي ڊسيپلين (قبضي) ۾ رهي. خود قائد اعظم ائين ڪيو، نه ته پاڪستان ٺهي ئي ڪونه ها. مون پاڻ سندن تقرير عيد گاهه ميدان ۾ ٻڌي، جنهن ۾ چيائين ته ”ووٽ ڏيو موزلم ليگ کي، (هو مسلم کي انگريزي لهجي ۾ موزلم ليگ چوندو هو) پوءِ کڻي هڪ اليڪٽرڪ جي ٿنڀي کي ووٽ ڏيڻو پوي!“ قائداعظم لفظ ’ليمپ پوسٽ‘ استعمال ڪيو هو. هاڻي شهري دانشور ڇو ٿا قائداعظم ۽ سندس اصول جي مخالفت ۽ تصحيح ڪن.
باقي هي جو هٿ ٺوڪيا دانشور گهوڙا گهوڙا پيا ڪن سو ته سڌي سنئين منافقي ۽ سرمائيدار لابيءَ جي دلالي آهي. هونئن به سرمائيدار ۽ زميندار جي ڀيٽ ڪبي ته ڪٿي هي، ڪٿي هو! زميندار ٻج، خرچ، ڀاڻ، پاڻي، ڍل سڀ پاڻ ڀري پوءِ به پيدائش جو اڌ هاريءَ کي ڏئي. ڏيندو ڪو سرمائيدار يا صنعتڪار اڌ پيدائش مزورن کي. ڍل به زميندار باقاعده ڀري نه ته مشڪلاتن کي منهن ڏئي. زميندار قرض کڻي يا بيٺل فصل وڪڻي به ڍل ادا ڪندو. هوڏانهن واپاري صنعتڪار ۽ سرمائيدار انڪم ٽئڪس جو ڳپل حصو هڙپ ڪري ويندو. مٿان زرعي پيداوار جي اگهه تي ڪنٽرول. واپاري ته انهيءَ مقرر ڪنٽرول اگهه کان به گهٽ اگهه ڏيندو، صنعتڪار تي ڪو ڪنٽرول ناهي ته ڪيترو اگهه وٺي. جيترو وڻيس اوترو اگهه ڪپڙي جي وال جو يا ٽوال گنجي ۽ چادر جو رکي کيس ڪو منع ڪرڻ وارو ناهي ۽ جي وڻيس ته سمورو مال ٻاهرين ملڪن ۾ وڪڻي ناڻو ڪمائي. اهو حق زميندار کي ناهي جو چانور، ڪڻڪ، يا ڪپهه عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي مرضي سان وڪڻي نفعو ڪمائي هيءَ آهي سڌي سنئين زميندار ۽ هاري کي سڃو رکڻ جي سازش.
هاڻ بينظير ڀٽو صاحبه زرعي پيداوار جا اگهه وڌايا آهن ته هاري ناري ويچارا سکيا ۽ سرها ٿيا آهن ۽ قرض لاٿا اٿن. شاديون ڪيون اٿن. گهرڙا ٺهرايا اٿن ۽ ريڊيا ورتا اٿن نه ته پيرين اگهاڙا گهمندا هئا، سيءَ ۾ ڏڪندا هئا ۽ بيماريءَ ۾ علاج لاءِ پئسو ڪونه هئن. اڳي آبادگار ويچارا زرعي پيداوار شهر ۾ وڪڻڻ ايندا هئا ته ڀاڙو به ڪونه نڪرندو هئن ۽ خارن وچان ٽماٽا، ونگا وغيره وڪڻڻ بدران اڇلي ڇڏيندا هئا. مان جڏهن 1955ع ۾ سکر ۾ سٽي مئجسٽريٽ هئس ته خبر پيم ته آبادگارن ٽماٽا ٻيڙين ۾ وجهي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيا جو خرچ ۽ لاڳت به نٿي نڪتن. منهنجو ڀيڻيوو عبدالحق خان وڪو جو ٽنڊي آدم جو معزز ماڻهو ۽ زميندار آهي. تنهن پنهنجي ڪمند جي بيٺل فصل کي تيلي ڏياري ساڙائي ڇڏيو. هاڻي ڪجهه اگهه چڱا ٿيا آهن ته سرهائي ٿي آهي. پوءِ به منافق دانشورن ۽ دڪاندارن جي هاءِ گهوڙا ته مهانگائي ڳاٽو ڀڃي ڇڏيو آهي. حالانڪ ڳاٽو ڪنهن جو ڪونه ڀڳو آه. رڳو سندن ڦر جي مال جي صحيح ورڇ ٿي آهي.
اسان جا اقتصادي ماهر به يا ته ڄٽ آهن يا منافق يا سرمائيدارن ۽ واپارين جا دل. اقتصاديات جو اهو به اصول آهي ته اگهن کي ڇوٽ ڇڏي ڏيو (ان کي فلوٽ يا ترڻ جو عمل چوندا آهن) ته جيئن پيداوار ۾ اضافو اچي. ’اگهه ۽ پيداوار‘ جو گهرو ڳانڍاپو آهي. مقامي ماڻهن کي کير جي مناسب قيمت نه ملي ته کير ڏيندڙ مال کي ڪوس گهر جي حوالي ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو کير پيئندڙ ۽ کير ۾ پاڻ ڀري قوم کير جي کوٽ ۾ اچي ويئي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ڪروڙين جو سُڪو کير پيو گهرائجي. جيتوڻيڪ هاڻي کير پيئڻ وارا به نالي ماتر وڃي رهيا آهن. اڳي هر گهر ڀاتي کير ضرور پيئندو هو ۽ مهمان کي ته کير پيارڻ لازمي هو. نه ته مهمان ئي ڪاوڙجي ويندو هو.
وري گوشت سستو ٿيو ته واپارين چوريءَ گوشت ڌارين کي وڪڻڻ شروع ڪيو. ڏس کڻي ته ٻاهرين ملڪن جا کوڙ جهاز ڪراچيءَ جي بندر کان ٻاهر بيٺا آهن. لنگر ئي نه کڻن، چي سيڌو سنڌ مان سستو ٿو ملي، سو هتان لڪ ڇپ ۾ گوشت وٺي جهاز ڀري ٿا وڃن. ڀلا گوشت ٽين رپئي سير ۽ ٽماٽا ۽ ڀاڄيون مڻن جي حساب سان ٻن ٽن ڊالرن ۾ جهڙوڪر مفت. تن ڏينهين ۾ منهنجو دوست عبدالقادر ابڙو جو پوءِ ڪمشنر ۽ هوم سيڪريٽري به ٿيو سو بندر جو ايس ڊي ايم هاربر هئو، ان سان گڏ سمنڊ تي گهڻا شيل شڪار ۽ محفلون ڪيون سون. سڄو ڏينهن لانچ ۾ گذاري، لنچ کائي گهمي ڦري مڇي پڪڙي ايندا هئاسون. ٻيڙيءَ ۾ اسان جو ميزبان مڇيءَ جا قسمين قسمين طعام ٺهرائي ايندو هو. اتي مونکي مور منگري جو قيمو کارايو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ڏاڍو مقوي ۽ قوت بخش آهي. پڇيم ته ”اهو مور منگرو آهي ڪهڙي بلا؟“ چي ”شارڪ جو ٻچو!“ اڙي مٺياسون! يار حرام ته ڪونهي“. چيائون ته ”نه، حلال آهي!“ سو عبدالقادر ابڙي کان خبر پئي ته گوشت ڪيئن ٿو اسمگل ٿئي. ان جي تصديق اسان جي هڪ دوست لطيف صاحب به ڪئي جو هاڻ هوٽل پلازه جو مالڪ آهي ۽ ڪروڙ پتي آهي. تن ڏينهين ۾ پوليس جي نوڪري مان ڪڍيو ويو هو ۽ پاڻ ٻڌايائين ته ٻڌي اگهه ۾ ڏيڍ رپيه سير وڏو گوشت وٺي پنجاهه سٺ رپئي سير سپلاءِ ڪندو هو ۽ جام پئسا ڪمايائين. گوشت جو سستو ٿيو ته ڊمانڊ وڌي ۽ گوشت جي قلت ٿي ۽ مال به ڪسجي ويو. پوءِ مس وڃي حڪومت کي سمڪ پئي ۽گوشت جو اگهه وڌايو ويو ته جتي ڪٿي ڪيٽل فارم يا مال پالڻ جا کيت کلي ويا ۽ گوشت جي کوٽ کان بچي وياسون نه ته سڪل گوشت گهرائڻو پئجي وڃي ها. ڪڻڪ، ڪپهه ۽ چانورن جو به اهو حال ٿيو. ڪو به ملڪ جي کاڌ خوراڪ ۾ پاڻڀرو آهي ته پوءِ پرواهه ئي ڪانهي. جي ٿو کاڌ خوراڪ جو ذخيرو کٽي ته پوءِ ڀلي سوين ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري ڪڻڪ ۽ چانور گهرايو ته به بيچيني ۽ کوٽ ڪر کنيون بيٺي هوندي ۽ حڪومت توڙي ملڪ لوڏن ۾ هوندا. ڪڻڪ پنجين رپئي مڻ وٺي واپاري ان مان سوجي ۽ ميدو ڪڍي الڳ ڪمائين ۽ اٽي مان جدا ڪمائين.
بسڪوٽ، سيون وغيره ٺاهي وڪڻن ته پوءِ ته سئوڻو نفعو. ملڪ جو ستر اسي سيڪڙو هاري عوام بکن ۾ ۽ واپاري عيشن . ڪپهه به اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي زرمبادله ڪمائڻ جو. انهيءَ سان به واپارين اهو حال . نتيجو اهو ٿيو جو ماڻهن وونئڻ بجآءِ ڪيلا، مرچ، زيتون، انب مڱيرا ۽ ٻيا وکر جهڙوڪ ادرڪ ۽ هيڊ پوکڻ شروع ڪيا ۽ ڪپهه جي پيداوار گهٽجي وئي. جڏهن حڪومت اک پٽي ۽ اگهه وڌايا ته ماڻهن وري وونئڻ پوکڻ شروع ڪيا ۽ هن سال 96-1995ع ۾ رڪارڊ پيداوار يعني هڪ ڪروڙ ڳٺڙيون پيدا ٿيون آهن، معنيٰ ملڪ تان ڏولاوا ئي لهي ويا ۽ جام زرمبادله اچي ويندو ۽ ملڪ پيرن ڀر ٿي ويندو.
اسان وٽ گڏهه دماغ ۽ اٺ جهڙن حاڪمن ۽ منافق شهري دانشورن جي کوٽ آهي ئي ڪونه . وڏي واڪ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندا وتن ۽ پنهنجي پر ۾ سمجهن ته وڏو ڪو سياڻپ جو اصول نروار ڪيو اٿن. ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ جنرل فيض علي چشتيءَ کان سوال ڪيو ويو ته ”ملڪ ۾ افراط زر آهي ان لاءِ ڇا سوچيو اٿوَ؟“ صاحب موصوف عقل جهاڙيو ته ”ٻاهرين ملڪن مان پاڪستاني ماڻهو ناڻو ڪمائي موڪلين ٿا. انهيءَ ڪري افراط زر آهي.“ ڀوڪپائيءَ جي به حد ٿيندي آهي. هت ته گڏهه ۽ اُٺ چوڻ کان سواءِ چارو ئي ڪونهي ٻاهرين ملڪن مان ناڻو ڪمائجي ايندو ته افراط زر گهٽبي. وڌندي ڪانه. انهيءَ ڪري پاڻ ڪوشش ڪبي آهي ته ماهر، مزور ۽ ٻيا ماڻهو گهڻي ۾ گهڻا ٻاهر موڪلجن ته ناڻو ڪمائي ملڪ موڪلين ته افراط زر گهٽجي ۽ ڏيتي ليتي جي توازن رکڻ ۾ مدد ملي، پر هتي هڪ فوجي جنرل صاحب سمجهيو ته ”افراط زر جو مطلب اهو آهي ته ماڻهن وٽ پئسو گهڻو آهي ۽ آسوده حال آهن“. ڪير ويهي اسڪول کولي پڙهائي اهڙن پڪن گهڙن کي.
ٻيو به هڪ واقعو مون سان پيش آيو. مان هئس ليبر ڪوٽ جو جج. هڪ برگيڊيئر صاحب جو ڪراچي جي ضربخاني جو مئنيجر هو سو مون وٽ آيو ۽ ضرب خانه گهمڻ جي دعوت ڏنائين. کيس ڪو ليبر پرابلم، مزدورن جو مسئلو درپيش هو. برگيڊيئر صاحب مونکي بار بار اهو ذهن نشين پئي ڪرايو ته هو ملڪ کي روزانو ڪروڙن روپين جي پيداوار ٿو ڏئي سو سندس ڀرپور حمايت ڪئي وڃي. پوءِ مونکي ضربخاني وٺي وڃي سڄو نوٽن ڇاپڻ جو سلسلو ڏيکاريائين ۽ بار بار فخر سان چوندو رهيو ته ”روزانو ڪروڙها رپين جي پيداوار پيو ڏيان ملڪ کي!“ ڪير چوي ڪير ڪڇي؟ اقتصاديات جو معمولي شاگرد به ڄاڻي ٿو ته پيپر ڪرنسي (ڪاغذي نوٽن) جو تڇ برابر ملهه ناهي. اهي صرف حڪومت جي ضمانت تي مٽا سٽا جو ذريعو آهن. اڄ حڪومت ضمانت ڪڍي وٺي ته سڀاڻي صبوح جو هڪ ڪروڙ پتي يا لک پتي، ڪک پتي ٿي پوي. ان ڪوري ڪوڙ کي ڄاڻندي به ڪراچيءَ جا ڪوڙا دانشور ۽ هٿرادو اقتصادياتي ماهر ويٺا ڪوڙ ڪٽين ته سڄي پاڪستان کي ڪراچي ويٺي پالي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ڪل ٽئڪس جو سٺ سيڪڙو ڪراچي ٿو ڏئي، اول ته ڪاغذي نوٽن جا بنڊل ڏيڻ سان پيداوار ۾ ڪو اضافو نٿو ٿئي ۽ وڏي ڳالهه اهي ڪاغذي نوٽ به سڄي ملڪ جا رهواسي کڻي اچي ٿا ڪراچي کي ڏين. هي ڏيتي ليتي جو اهڙو بکيڙو آهي جو توهان کي لئو ٽالسٽاءِ جو ڪتاب (what then must we do) جو پنهنجي سر مطالعو ڪرڻو پوندو. خوش قسمتيءَ سان ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ سٺو ترجمو ڪري نورالدين سرڪي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان ”نيٺ ڇا ڪجي“ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. لئو ٽالسٽاءِ پاڻ هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو ۽ ڪائونٽ يا لارڊ هئو پر ان سان گڏ نهايت وڏو دانشور مخلص ۽ الهه لوڪ ماڻهو هو،. هن چيو ته ”پئسا معنيٰ پورهيو“ ۽ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري چيائين ته ”پورهيو ۽ پيداوار گڏجي، سماجڪ سهوليت لاءِ پئسي جو روپ وٺن ٿا جو هڪ جڙتو ٽڪساٽ آهي“. ٽالسٽاءِ پڇي ٿو ته ”ڀلا اهي پئسا اچن ڪٿان ٿا؟“ چوي ٿو ته اقتصادي ڦرلٽ جو سلسلو آهي ۽ اهو عوام جي پگهر جي پورهئي کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ آهي. پوءِ ويچارو عوام پنهنجي وڃايل وٿ، هر چيز، محنت ۽ ملڪيت، وڪڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو.، پورهيت گهڻو ڏئي ٿو ۽ گهٽ وٺي ٿو. مزدور جي محنت جو ڦل سندس هٿن مان نڪري آهستي آهستي بيڪار شخصن جي جهوليءَ ۾ پوندو وڃي ٿو. جدا جدا ترڪيبن ۽ چالاڪين سان پورهيت عوام کان زندگيءَ جون سڀ سهولتون کسي پنهنجي لاءِ قارون جو خزانو گڏ ڪيو وڃي ٿو. شهر اهڙي جڳهه آهي جتي هر چيز خرچ ته برابر ٿئي ٿي پر پيدا ڪجهه به نٿو ٿئي، جتي پورهيتن کان زندگيءَ جون ضرورتون کسيون وڃن ٿيون. اها ڦرمار اهڙي ته منظم طريقي سان ڪئي وڃي ٿي جو ڦرمار ڪندڙ آساني سان ٻين جي محنت تي قبضو ڪري وڃي ٿو.
هي ته ٿيو ٽالسٽاءِ، روس جو هڪ مٿي ڦريل پوڙهو جاگيردار. ڏسون ته اسان جو پنهنجو هڪ سنجيده، شريف مخلص حڪيم محمد سعيد، سابق گورنر سنڌ ڇاٿو فرمائي. هو ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڳالهائي. فرمائي ٿو ته ”ڪراچيءَ ۾ روزانو اٽڪل ٽن ڪروڙن رپين جو کاڌو زيان ٿو ٿئي“. ٽي ضربيان ٽي سئو پنجهٺ ٿيو هڪ هزار پنجانوي ڪروڙ يعني ساليانو تقريباََ يارهن سئو ڪروڙن جو کاڌو صرف ڪراچي ۾ زيان ٿو ٿئي ته پوءِ کاڌو استعمال ڪيترو ڪيو ويندو هوندو. ڪراچيءَ جا ماڻهو يارهن هزار ڪروڙن جو کاڌو ته کائيندا ئي هوندا. اهو ڪٿان ٿو اچ. اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، جاهل، چور، ڊاڪو، زميندار جو پِٺو، بيوقوف هاري ۽ خود زميندار ئي ڏئي ٿو. وڏو گڏهه آهي کيس نه ووٽ جو حق ڏيڻ کپي نه کيس اسيمبلي ۾ اچڻ ڏجي!
هي ته ٿيو کاڌو جو مون ڏهه رپيا ماڻهو جي حساب سان لڳايو. حقيقت ۾ ڪيئي ارب کرب رپين جو اناج، ڀاڄيون، گوشت، ميوو، کير، کنڊ، گيهه، مصالحو وغيره ڪراچي جو شهر هڙپ ڪري ويندو هوندو. موٽ ۾ ’ڄٽ‘ کي ملي ڇا ٿو؟ هڪ کل کڻي اچي شهر ۾ چاليهه رپين ۾ وڪڻي ٿو. جنهن مان چاليهه بوٽ ٺهن ٿا ۽ اهو ئي ماڻهو جڏهن شهر مان بوٽ وٺڻ اچي ٿو ته کيس چار سئو رپيا ڀرڻا پون ٿا. اهڙي طرح ڪپهه جي هڪ ڳٺڙيءَ مان الائي ڪيترو ڪپڙو ٺهي ٿو. ۽ جڏهن ڪپهه اپائيندڙ پاڻ وري اچي هڪ قميص وٺي ٿو ته کيس چار سئو رپيا ڀرڻا پون ٿا. اها آهي ڦرمار ۽ لٽ مار. انڪم ٽئڪس ۽ سيلس ٽئڪس به خريدار مان ڪڍي وڃي ٿي ۽ مٿان وري هاءِ گهوڙا اها ته سڄي پاڪستان کي ڪراچي جون ٽئڪسون يا ڍلون ٿيون پالين. اهو سڀ پئسي يا پيپر ڪرنسي جو ڪرشمو آهي، جنهن کي ٽالسٽاءِ سڌي سنئين ڦرلٽ ۽ ڦرمار چوي ٿو ۽ نسورو نپٽ ڪوڙ.
اڳ ايئن ڪونه هوندو هو. اها اسانجي ئي وقت جي ڳالهه آهي جا اسان اکئين ڏٺي جو مٽاسٽا جو ذريعو اناج هو، نه پئسو. اسان ٻارن کي ان جي لپ يا ٻُڪ ملندو هو ته وڃي ريوڙيون، لائي ۽ کنڊ ڀڳڙا وٺندا هئاسون. موچي، واڍو، ڪنڀر، مڱڻهار، ۽ حجام به ائين ڪندا هئا. اناج وائرجي تيار ٿيندو هو ته هر هڪ ڪمي ڪاسبيءَ لاءِ پاٽي يا ٽويو الڳ نڪرندو هو جو هو کڻي وڃي گنديون يا پليون ڀريندا هئا ۽ سڄو سال سک ۽ اطمينان سان ويٺا هوندا هئا ته بک ڪونه مرنداسون. هرڳوٺ جو عجيب خود ڪفيل نظام هو جو ڄڻ مفت ۾ جُتي، کٽولو، مٽ، دلا، هر ڪنهن کي ملي ويندا هئا. ٻيو ته ٺهيو حجام به مفت ۾ سيرب ٺاهي يا مٿو ڪوڙي ٺوڙهو ڪري ويندو هو، ان آسري تي ته هر ڪنهن جي اَن جي ٻارِ مان سندس ٽويو نڪرندو ۽ گنج ٿي پوندا. رپيو چاندي جو هوندو هو، نه ڪاڳر جو. اهو چانديءَ جو رپيو هاڻي ساڍي ستين رپين به ڪونه ٿو ملي. مٽاسٽا جو ذريعو جنس هئي. ظاهر آهي ته اها جنس يعني اناج، اپائيندڙن وٽ هو ۽ هوئي شاهوڪار هئا. شاهوڪار کي چوندا ئي هئا مالدار معنيٰ جنهن وٽ اناج ڍڳا ڍور مينهون، ٻڪريون ۽ کير مکڻ جام هجي. ان حساب سان هر ڳوٺاڻو مالدار هو ۽ هر شهري نپٽ سڃو. پوءِ حڪومتي شيطانن مٽا سٽا جو ذريعو مٽائي پيپر ڪرنسي ڪئي ۽ ملڪ ڦري ناڙ ڪيائون.
کير مکڻ جيڪو وڪڻڻ گناهه سمجهبو هو سو ڪاغذي نوٽن عيوض بازارين ۾ ملاوٽ جي نذر ٿي ويو. کير کي پير چيو ويندو هو سو پاڻيءَ جو مريد ٿي ويو. بيٺل فصل جو اناج، ڪڻت جي حساب سان واپاري جي ملڪيت ٿيڻ لڳو، ڪمي ڪاسبي جو ٽويو پاٽيءَ ته ٺهيو خود هاري به هٿ ڇنڊي ٿي اٿيو. سڀ ڪجهه سود خور واپاريءَ جو ٿي ٿي ويو. هاري ۽ سندس ٻچا ان ڪڻن لاءِ ٻاٿون کائڻ لڳا ۽ لٽي ڪپڙي بجاءِ ليڙون پهرڻ لڳا. سمڪ ڪانه پئي پوين، سو چون ته ”سائين بس برڪت نڪري وئي آ“. پگهر ۽ حلال جي پورهئي مان برڪت ڇو نڪرندي؟ فطرت ماءُ ته اهو ئي ساڳيو هڪ داڻي بجاءِ هزار داڻا پئي موٽائي. آسمان پنهنجي ڀرپور رحمت ۽ شفقت سان مفت ئي مفت ۾ جالارا مينهن وسائي ڌرتيءَ مان مسلسل پيو اوڀڙ اڀاري ۽ سج به بنا معاوضي جي ٻڌل ٻانهي جيان، وقت مقرر تي روزانو پوري مقدار ۾ گرمي پهچائڻ جي ڊيوٽي ڏئي سلا پيو نسرائي. ڍڳا ڍور ۽ هاري به اهو ساڳيو پورهيو ڪندا اچن، پوءِ اهو ٽياڪڙ آهي ڪير جو شيطاني ڪري سڀ ڪجهه کنيون وڃي ۽ کائيو وڃي؟ ڪجهه سمجهو يارو! ڪجهه سمجهو ۽ ڪجهه ڪيو. پنهنجي پيداوار جا پاڻ مالڪ ٿي ويهو. پوءِ ضرورتمند پاڻ ئي جهولي ڦهلائي توهان وٽ ايندو. پوءِ توهان من گهريو اجورو حاصل ڪري سگهو ٿا يا ماڳهين انڪار به ڪري سگهو ٿا. رڳو گڏجي سڏجي هڪ ٻئي جا واهرو ٿي، ونگار به وهي، گڏيل کيتيءَ جو نظام قائم ڪيو. جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ مئٽرڪ يا بي اي پاس آهيو ته پوءِ ته هٿئون سولو. ماڻهن کي گڏي سڏي سمجهائي، لکپڙهه ڪرائي گڏيل سڏيل کيتي جو بنياد وجهو. پاڻ کڻو پاڻ وڪڻو!
دلال کي هڻو موچڙو يا ڏيوس منهن ۾ موچڙو. پوءِ روزگار جا ذريعا به کوڙ. زراعت رڳو پوکي راهي ناهي پر وڏي صنعت آهي، کوڙ ساريون راهون کلي پونديون. واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا. وڻ به وڏي صنعت آهي ايتري لاڳت به ڪانهي. اسان جي سنجهي يا ٽالهي، ساڳ برابر آهي ۽ سون جي ملهه تي وڪامي ٿي. آرا مشينون چيچڙا، ڇڙڻ ڇنڊڻ ۽ پيسائي جون مشينون، بي حساب ذريعا ۽ موقعا آهن، رڳو وڏائي ڇڏي، سندرو ٻڌي ڪاهي پئجي ته برڪت پاڻهي ئي پيرين پوندي. نوجوان سوچن، سمجهن ۽ رٿابندي ڪري گهاگهائي گهڙي پون ته ٻيڙائي پار آهن. جيڪڏهن هڪ لک مئٽرڪ پاس نوجوان نوڪرين پٺيان وقت ۽ پيسو وڃائين ٿا ته اهو ته اجايو زيان ٿيو ڪي نه؟ هر هڪ نوجوان هزار ٻارهن سؤ ڀاڙي ڀتي ۽ هوٽلن تي خرچ ڪندو هوندو! رشوت نٿا ليکيون. هاڻي هڪ هڪ نوجوان جيڪڏهن هڪ هڪ هزار ڪڍي ته ڏهه ڪروڙ رپيا گڏ ٿي ويندا.
ايتري سيڙپ سان ڇا نٿو ٿي سگهي؟ رڳو اين ڊي ايف سي يعني قومي ترقياتي ناڻي واري اداري جي حوالي اها رقم محفوظ ڪريو ته هر ماهه ڏهه لک رپيا نفعو ملندو. اصل رقم کي هٿ لائڻ بنا، انهن ڏهن لکن مان اسڪول ٺاهيو ته بنا رشوت جي ماستريءَ جون نوڪريون ملي وينديون. پر جي آرا مشينون چيچڙا، گهاڻا يا ڇڙڻ ڇنڊڻ جون مشينون لڳايو يا ٽريڪٽر ٽئڪسيون وغيره وٺو ته بيروزگاري ختم! دلال ته آهي دَلو، ان کان جند ڇڏايو. اڄڪلهه ته سياسي عوامي نمائندا به دلال ٿي پيا آهن. مان 1973ع ۾ روس ويو هئس، مون ڏٺو ته اتي دلال جو تصور ئي ڪونه هو. پيداوار کيت مان يا ڪارخاني مان سڌي آئي ٿي سرڪاري دڪان تي. دڪان جي نه مسواڙ، نه پڳڙي. دڪاندار به سرڪاري پگهاردار، تنهن ڪري ان کي به نفعي جي نه لالچ نه موقعو. سرڪاري قيمت لکي پئي آهي، جيڪو خريدار اچي سو مقرر اگهه ڏئي شيءِ کڻي وڃي. رڳو دلال نڪري وڃي ته هر ڪم سؤلو ۽ ڦرلٽ به ڪانه . مان ڪو معيشت دان يا اقتصاديات جو ماهر ڪونه آهيان، پر جيئن ڏٺو مون، سو حال حاضر آهي. رستي جا ڪنڊا ڪرڙ پاڻ ئي نوجوان صاف ڪندا ويندا.
رڳو کپي همت، موقعو ته ڪرپٽيءَ کي به ملي ٿو. اسان جو هڪ مائٽ غلام رسول سانگي، پيراڻيءَ جو پٽ، لاڙڪاڻي ۾ اچي حجام ٿي ويو. چيومانس ”ادا حجامڪو هنر ڪيئن سکئين؟“ چي ”ادا وار لاهڻ ڪونه اچنم، باقي ڏاڙهي ته پنهنجي به لاهجي ٿي، سو بيٺي پير ٻي چئين آني ۾ لاهيو وٺان!“ نالو ئي حجام پئجي ويس. اتان ايتري موڙي ٺاهيائين جو هنڌ کٽولي جو ڌنڌو شروع ڪري ڏنائين. ماڻهو روزانو شهر اچن ٿا. رات پئجيو وڃين. هوٽل جو خرچ ڀري ڪونه سگهن سو رستي جي ڀر ۾ کٽولا رکي پيو هوڪو ڏيندو هو ته ”هنڌ کٽولو! هنڌ کٽولو!“ ٻه چار پنج رپيا خاص ڪري سياري ۾ هر ڪو ڀري آرام جي ننڊ ڪري هليو ويندو هو. غلام الرسول چڱا پئسا گڏ ڪري نيٺ ڪپڙي جو دڪان کوليو ۽ چڱو سکيو ستابو ٿي ويو. هي زندهه مثال ويٺو ڏيان ان لاءِ ته نوجوان ڪو سبق وٺن ۽ ٻين جون جتيون چٽڻ بجاءِ پاڻ ڪو ٻوٽو ٻارين.
ڳالهه ته اصل الائي ڪهڙي پي ڪيم پر وڃي ان ميدان ۾ پيس جو منهنجو مضمون ئي ڪونهي. ها، سو اسان وٽ ڏهه هزارڪونه هجن جو راءِ صاحب ٽوپڻ داس وارو بنگلو وٺون جو اصل ۾ منهنجي هم ڪلاسي دوست سنتوءَ جي پيءُ پيسو مل جهانگهياڻيءَ جو ٺهرايل هو. پيسو مل جي گهر واري جاءِ ۾ اڄڪلهه عبدالفتاح ميمڻ ۽ سندس ڀاءُ نظام الدين وڪيل ويٺا آهن جي اسان جا سٺا پاڙيسري آهن. چوندا آهن هڪ در بند ٿيندو آهي ته الله سؤ دروازا کولي ڇڏيندو آهي. مڃو يا نه مڃو، مان ته مڃان ٿو ته الله سائين پنهنجي نيڪ ۽ ايماندار بندن جي نه رڳو سار سنڀال لهي ٿو پر سندن عرض به اگهائي ٿو ۽ کين دنيا توڙي آخرت جون چڱايون عطا ڪري ٿو. بابا سان به اهو ئي ٿيو. اڃا رٽائر ئي ڪونه ڪيو هئائين ته مير تاج محمد خان جي سار سنڀال سرڪاري طرح سندس حوالي ڪئي وئي ۽ ان لاءِ کيس پنج سؤ مهينو وظيفو مقرر ڪري ڏنو ويو. وري جڏهن ميرپور خاص ڇڏي ٽپڙ کڻي لاڙڪاڻي اچي ادا شمس ۽ ڪٽنب سان گڏيو ته پاڻمرادو نواب غيبي خان چانڊئي ڏانهس نياپن تي نياپا موڪلڻ شروع ڪيا ته سندس پوٽي سلطان احمد خان جي تعليم ۽ تربيت جو فريضو ادا ڪري ته کيس پنج سؤ رپيا ماهوار پيش ڪيا ويندا. پر بابا صاف انڪار ڪري ڇڏيو. بابا طبيعتاََ تمام نفيس ۽ وضعدار ماڻهو ۽ هوڏانهن بلڪل اڻويهين صدي وارو ٺيٺ ٻروچڪو ماحول، سو بابا کي اها ڳالهه نه آئڙي.
تنهن زماني ۾ پنج سئو رپيا ڪا معمولي رقم ڪانه هئي. پر بابا جي پنهنجي طبيعت ۽ وري ڪو کيس زور ڀري به نه سگهي. وڏي ڳالهه ته کيس چوي به ڪير؟ هاڻي جو ههڙو سٺو بنگلو ٿي مليو ۽ رقم به وڏي، ڏهه هزار گهربا هئا، سو اداشمس همٿ ڪري بابا سان ڳالهايو ۽ مشورو ڏنائينس ته نواب صاحب کي چئو ته ويهن مهينن جي پگهار ائڊوانس ۾ يڪ مشت ڏئي. بابا کي اها ڳالهه پسند آئي. هڪ ته مهيني سر پگهار گهرڻ جي کِٽ پِٽ کان به ڇٽي پئبو ٻيو ته گهر به وٺي سگهبو ۽ بابا کي اها به اميد هئي ته نواب صاحب انڪار نه ڪندو، سو هلي ويو نواب صاحب جي بنگلي تي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري جي درگاهه کان ٿورو پرڀرو ريلوي ڦاٽڪ وٽ آهي. نواب صاحب واڻ جي کٽ تي ليٽيو پيو هو ۽ نوڪرن پي زور ڏنس. ڊگهي ڪاري ڏاڙهي، مٿي تي ڊگها ٻروچڪا وار، اڇو پهراڻ پهريل. بدن ڀريل. پيٽ ٿورو ٻاهر نڪتل. ٻڌايائونس ته خان صاحب علي خان ابڙو آيو آهي. مخصوص انداز ۾سواليه چيائين ”هائو؟“ هائو کي چوندو هو ”هَئو!“ تڪڙو اٿي اڇي پڳ مٿي تي رکيائين ۽ کٽ تي ٽنگون لڙڪائي اٿي ويٺو ۽ بابا کي ڀليڪار ڪري، هَم نه تم، سڌو سوال ڪيائين ته ”خانصاحب اچي وئين؟“ بابا ڌيرج سان چيس ”هائو! اهو بار کڻان ٿو پر هڪ شرط آهي“
”پوءِ چئه نه!“ نواب صاحب ڳالهائڻ جو صاف سڌو، سو مطلب تي پهچي ويو. بابا چيس ”نواب صاحب پئسن جي ضرورت اٿم سو يڪمشت وڏي رقم کپيم!“ نواب صاحب وٽ پئسن جي کوٽي ته ڪونه هئي پر ”وڏي“ رقم جو ٻڌي پنهنجو شاهاڻو انداز هڻي ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو ته به سوال سڌو ڪيائين.
”خانصاحب رقم ٻڌاءِ نه، ڳجهارت نه ڏي، چئه چئه!“
بابا چيو ”ڏهه هزار!“ نواب صاحب کلي چيو، ”خانصاحب بس!؟ اجايو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو هيئي، پر ڪڏهن ٿو اچين، رقم کڻڻ. اچ نه؟“ بابا چيو، ”سڀاڻي“. ”ڀلي! ڀلي! تون رڳو اچ.“ ڀلي چوڻ ۾ ’ي‘ کي زير جي اچار سان نه پر ”ڀلي ڀلي! ڀلو ڀلو!“ چوندو هو. بابا جي منهن تي خوشي مون ان ڏينهن ڏٺي. مشڪندو ٻاهر آيو. گهر اچي ادا کي چيائين، ”شمن! سڀاڻي گهر وڃي وٺ. سڀني گهر ڀاتين ۾ سرهائي اچي وئي. الله ائين ڏيندو آهي، ڇت ڦاڙي، مسبب الاسباب آهي!“
غيبي خان چانڊيو، چانڊيا قوم جو لٺ سردار، رڄ چڱو مڙس، راڄائتو ۽ شانائتو ماڻهو. حد درجي جو سياڻو ۽ تمام وڏ گڙدو مڙس. نؤ لک ايڪڙ جاگير جو مالڪ! جا سڏبي ئي هئي ’نؤ لکي جاگير‘، قنبر ۽ وارهه کان پريان کيرٿر جي چوٽي، ڪتي جي قبر تائين سندس جاگير هئي. پوٺا ۽ پَٽ هئا، جتي هرڻ جام، پيا ڇال ڏيندا هئا. هرڻن سان ڏاڍو پيار هوس، راکي اهڙي سخت جو مجال آ جو ڪوئي هرڻ ماري يا شڪار ڪري وڃي! سندس پٽن کي به شڪار ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. سندس فرزند محمد خان چانڊيو اسيمبلي جو ميمبر هو ته به شڪار جي اجازت لاءِ پيو منٿون ڪندو هو پر نواب صاحب صاف انڪار ڪندو هو. پوٽي سلطان احمد سان ڏاڍي دل هوندي هئس سو نواب محمد خان وڃي پٽ کان سفارش ڪرائيندو هو. نواب صاحب، سلطان احمد کي انڪار ڪري ڪونه سگهندو هو سو شرط وجهندو هو ته رڳو هڪ هرڻ مارڻ جي اجازت آهي وڌيڪ نه.
خانگي راڄوڻي رک ايڏي اثرائتي آهي. باقي سرڪاري راکا ته خرچي وٺي درجن جانور مارايو ڇڏين يا وڏن ماڻهن ۽ آفيسرن آڏو ڪڇي به ڪونه سگهن. نواب صاحب هڪ هرڻ جي اجازت ڏئي پوءِ به انتطار ۾ ويٺو هوندو هو ۽ پيو پڇندو هو ته اڃا ڪونه موٽيا؟ منهنجا هرڻ ٽاهي ڇڏيا هوندائون. ٿاڻي بولا خان پريان جبلن ۾ مان بجاراڻي مير صاحبن جي دعوت تي هرڻن جي شڪار تي ويس. جابلو ماڻهو توڙي راکا مير صاحب جي اهڙي پيا عزت ڪن جو ڄڻ اڃا سنڌ جا حاڪم هجن. اها آهي دلي عزت ۽ وفاداري. مير همت علي خان بجاراڻي نوجوان مير صاحب هو پر کيس هرڻن جو سڄو وچور ٻڌايائون ۽ اهو به ٻڌايائون ته ڪير ڪير ڪيترا هرڻ ۽ ڪهڙي تاريخ ماري ويو. عزت ۽ وفاداري هوندي ته سچ پاڻهي اُڪلي ويندو. باقي نه هوندي عزت نه وفاداري ته اهڙي پٽي پڙهائي ويندس جو ڀلي ته ڪِياڙي کنهندو وڃي. مير صاحب به اهڙو سچو شڪاري جو مادي هرڻ مارڻ کان انڪار ڪري. کپري جو ڊاڪٽر احمداڻي صاحب به وڏو ۽ سٺو شڪاري هئو. هاڻي ته پيرسن ٿي ويو آهي، وقت جو پابند ۽ باريش مذهبي ماڻهو. فجر نماز پڙهي جيپ تي ٻه ماڻهو ساڻ کڻي روزانو شڪار تي نڪري ويندو هو. اهو به ايئن، جيڪڏهن مادي هرڻي پاڻمرادو بُل ڏئي اچي سامهون بيهي ته به بندوق نه هڻندو. تترن جي ٻچن واري موسم ۾ به شڪار اصل نه ڪندو. اهي شوق جا پنهنجا اصول آهن ۽ اهي اصول اصل قربان ڪونه ڪبا هئا.
ٻيو ته ٺهيو ڌاڙيلن ۽ چورن کي به پنهنجا اصول هئا. عورتن کي ڪونه ڦريندا هئا. مورڳو عورتن کي چوندا هئا ته بابا پنهنجا زيور وغيره يا پائي کڻي جدا ڪمري ۾ وڃي ويهو، پوءِ ڏانهنِ اک کڻي به ڪونه نهاريندا هئا. هڪ ڌاڙيل ساماڻو عبدالرحمان بروهي. اهو ته اڳواٽ اطلاع ڏئي وقت مقرر تي ايندو هو ۽ آرام سان سامان گڏ ڪري بيل گاڏين ۾ ڀرائي ويندو هو ۽ بيل گاڏي جو ڀاڙو ڏاندن جي سڱن ۾ ٻڌي گاڏيون موٽائي موڪليندو هو. هڪ دفعي کوهه تي وهنجندي مارجي ويو. اڄ ته سڄو معاشرو ئي بي اصول ٿي ويو آهي. اصل کوڙيءَ کي ئي گهمرو. اصول واري کي سڏن ’بيوقوف‘، مان جڏهن اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ته منهنجي هڪ معمولي ماتحت عبدالقيوم چاچڙ منهن تي چئي ڏنو ته Sir, rules are for fools يعني اصول ۽ قاعدا قانون بيوقوفن لاءِ ٿيندا آهن. توبهه، ايڏي ديده دليري!
نواب غيبي خان چانڊيو ڏسڻ ۾ سادو، ڳالهائڻ جو سادو، لباس جو سادو پر بلا جو ذهين ۽ دور انديش. ايڏو دور انديش جو پٽن مان آسرو لاهي سڄو ڌيان ڏنائين ننڍڙي پوٽي سلطان احمد خان تي. سندس دور انديش نظر الائي ڪيئن ۽ ڪٿان وڃي پيئي علي خان ابڙي تي جنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪيترو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. نيٺ بابا کان هائو ڪرائي، سلطان احمد جي مڪمل چارج بابا جي حوالي ڪري مطمئن ٿي ويٺو. بابا به وس ڪيا. سڀ ادب آداب، تعليم ۽ انتظامي معاملن بابت سندس تربيت ڪندو رهيو. چوويهه ڪلاڪ مٿس نظرداري رکندو هو. ايتري قدر جو غيبي ديري جهڙي دور آفتاده ڳوٺ ۾ به مهينو مهينو رهي پوندو هو. اسان بابا لاءِ پريشان ته رک جو کاڌو، دوائون، ڊاڪٽر جي نگهداشت ميسر هوندس الائي نه؟ پر بابا فرض نباهڻ مهل، پنهنجو پاڻ کي صفا وساري نظرانداز ڪري ڇڏيندو هو. سو قطعي فڪرمند ڪونه هو. فڪر هئس ته رڳو سلطان احمد خان جو ۽ سندس اٿڻي ويهڻي ۽ تربيت جو.
مير تاج محمد خان جي تعليم ۽ تربيت کيس نسبتاََ سؤلي هئي. جو مير صاحب وٽس رهندو هو. سو به اڪيلو. هت معاملو الٽو هو جو بابا نواب صاحب وٽ رهندو هو ۽ سلطان احمد نوڪرن وزيرن ۽ چاپلوسن جي نرغي ۾ هو ۽ انهن جي ڪوشش هئي ته سلطان احمد خان سندن وس ۽ چوڻ ۾ هجي ۽ کين سندس مڪمل اعتماد حاصل هجي. اها ڇڪتاڻ حل ڪرڻ کان زور هئي. نواب غيبي خان جو وزير هئو سونو خان جنهن تي نواب صاحب کي مڪمل اعتماد هو. سوني خان جا پٽ وري سلطان احمد خان کي چهٽيا پيا هوندا هئا. نواب صاحب جو جيڪو به ڪمدار يا وزير ٿيو سو خود لکپتي ۽ وڏو زميندار ٿي ويندو هو.
سوني خان لاءِ به گهڻا قصا ڪهاڻيون مشهور هيون، پر اکين ڏٺي ڳالهه اها ته سونو خان ويو پئي ڪراچي سو سلطان احمد خان انگل ڪيو ته ”بيوڪ ڪار گهرائي ڏيو!“ نواب صاحب چيو ته ”سونا خان اها ڀوڪ ڪار ته وٺيون اچجانءِ متان نه آڻين.“ سوني خان چيو ”قبلا لک رپيا کپندا!“ ”ڀلي! ڀلي! پوءِ کڻي وڃ نه لک رپيا!“ بيوڪ ڪار ٽن ڏينهن ۾ ملندي هئي چاليهه پنجاهه هزار رپين ۾. سونو خان ڪراچيءَ ۾ هفتو کن رهي موٽي آيو. الائي ڪراچي ويو به الائي ڪونه . نواب صاحب هڪ هڪ اکر جدا ڪري لانڍ سان ڳالهائيندو هو سو چيائين:
”سونا خان اها ڀوڪ ڪار آندئي؟“
”نه سائين!“
”ڀلا اهو وري ڪيئن؟“
”سائين بنگلي جي چوڪيدار کي پگهار به ڏيڻي هئي!“
”پوءِ اها به ڏينس ها نه!“
”سائين ڀنگيءَ جون پگهارون به رهيل هيون، اليڪٽرڪ جو بل به ڀرڻو هو.“
”ها پوءِ اهو به ڀرين ها نه!“
ته سوني خان ٻئي هٿ کولي چيو، ”ته سائين پوءِ باقي بچندي ڌوڙ!“
نواب صاحب رڳو ڌيرج سان چيو، ”هائو؟ بروبر“ ائين لک رپيا آيا ويا.
هڪ دفعي بابا جو حال احوال وٺڻ لاءِ مامي جمعي کي چيوسين ته غيبي ديري وڃي روبرو ڏسي حال احوال وٺي اچي. پنڌ اڻانگو، لاريون الائي ڪيڏي مهل نڪرن ڪيڏي مهل پهچائن سو جمعو سڌو ويو بنگلي تي ته نواب صاحب جو ڪو ماڻهو وڃڻو هجي ته ان سان گڏ موٽر ڪار ۾ هليو وڃي. اتفاق سان سونو خان وزير ملي ويس جو هڪ پڪ اپ ۾ هو ۽ جمعي کي ساڻ کنيائين. سڌو آيو سيئو بزار. چي ”نواب صاحب چيو هو ته انب ضرور آڻجانءِ“ ۽ ٽي ٽوڪرا انبن جا ڀرائي کنيائين. غيبي ديري کان ٿورو اڳ ۾ هڪ ڳوٺڙو آيو اتي پنهنجي هڪ سريت جي گهر ٽوڪرو پهچائي باقي ٻن ٽوڪرن سان اڳتي هليو. غيبي ديري ۾ اڳ ۾ پنهنجي گهر هڪ ٽوڪرو انبن جو ڏنائين. باقي هڪ ٽوڪرو کڻي نواب صاحب جي ديري تي پهتو ته عام ماڻهو ۽ نوڪر چاڪر ٽوڪري کي لٽڻ ۾ لڳي ويا. سونو خان زور زور سان هڪلون ڪندو آيو ته ”پري ٿيو! پري ٿيو! نواب صاحب جا انب آهن“ پر ماڻهو ڪونه مڙيا. سونو خان به سٽ ڏئي ٻن هٿن ۾ ٻه انب کڻي ٻانهون مٿي ڪري اچي نواب صاحب وٽ پهتو ۽ دانهن ڏنائين ته ”سائين سڀ انب ماڻهو کڻي ويا باقي هي ٻه بچيا آهن.“ نواب صاحب کلي چيو، ”اڙي بچيا آهن نه؟ کڻي اچ ته کائون!“ اها هئي نواب صاحب جي فراخ دلي ۽ سچي پچي ريپبلڪ. انب ماڻهن جي پيٽ ۾ ويا، زيان ته ڪونه ٿيا!
سرڪار مير احمد علي خان ٽالپر وٽ هڪ لڱا، لڙي ٽپهري مهل، ڪراچيءَ جا ٽي چار مهمان آيا. مير صاحب پنهنجي خاص ڪارندي کي چيو ”بابا مهمان آيا آهن!“ بس اهو چوڻ ڪافي هو ۽ هن به چيو ”حاضر سرڪار!“ مهمان سمجهي ويا ۽ چيائون ته ”مير صاحب ڪا تڪليف نه ڪيو، اسان ماني کائي آيا آهيون، پيٽ ڀريا پيا آهن. بس جو معمولي کاڌو توهان لاءِ ٺهيو آهي سو گڏجي کائينداسون!“ مير صاحب به سندن لفظ ورجايا ته ”معمولي کاڌو جو تيار آهي سو گڏجي کائينداسون.“ ڪارندو ”حاضر سرڪار!“ چئي نڪري ويو. گهڙي رکي مهمانن ارادو ڏيکاريو ته ٻاهر نڪري کلي هوا ۾ پسار ڪجي. سڀ نڪري پياسون. ڇا ڏسون ته شيدي بادشاهه ست اٺ ڪڪڙ ڪهيون ويٺو هجي ۽ پسيل چانورن جو وڏو ٿالهه آڏو رکيو هجيس. مهمانن دانهن ڪئي ته مير صاحب ”هي ته اجايو زيان ٿيو!“ مير صاحب جواب ڏئي ئي ڏئي ته ان کان اڳ ۾ شيدي بادشاهه جو وڏي پيٽ سان پلٿي ماريون ويٺو هو تنهن پنهنجي مخصوص انداز ۽ آواز ۾ جواب ڏنو، ”نه بابا زيان ڪونه ٿيندو!“ مير صاحب اچي کل ۾ ڇٽيو. ڀلا ان کان تز صحيح ۽ بهتر جواب ٻيو ڪهڙو ٿي ٿي سگهيو. مير صاحب به اردوءَ ۾ ورجايو ته ”سرڪار کاڌو ڪو زيان ٿيندو آهي ڇا؟ وڃي پيٽن ۾ پوندو!“ اها آهي سنڌ جي درياهه دلي، فراخ دلي، مزاج ۽ ثقافت جو روح. مير صاحب وٽ اڄ به اهو راڄائتو ريپبلڪ جو نمونو هليو اچي. ڪا جهل پل ڪانهي، ڪا ترش روئي يا ترش زباني ڪانهي. نوڪرن چاڪرن، شيدين جن کي عزت وچان مير صاحب خود ’ڏاڏا‘ چئي سڏين، تن سڀني جون آڪهيون مير صاحبن جي بورچي خانن مان پيون پلجن.
سرڪار مير علي مدد خان وٽ هڪ نوڪرياڻي هئي مائي سنهت (نالو صحت هوندو). ڏاڍي سٺي ماني ٺاهيندي هئي. هڪ دفعي مير صاحب فڪرمندي سان ٻڌايو ته مائي سنهت ڪاوڙجي کين ڇڏي وئي هئي. مون پڇيو ”سرڪار پگهار گهڻي وٺندي هئي؟“ چي ”چاليهه رپيا. منهنجي گهر ۾ جو ضرورت هئي سو ڀوڪپائي ڪري چيم ته ”سرڪار مائي سنهت اسان جي حوالي ڪندا“ مير صاحب نهڪر نه ڪندا آهن سو عجب سان، سواليه انداز ۾ چيائين ”سرڪار توهان مائي سنهت کي رکندا؟“ مون وائڙو ٿي پنهنجي دوست غلام النبي سومري ڏانهن نهاريو، غلام النبي هو ڪهاڙو سو چيائين ”نڀاڳا تون ڪڏهن کان نواب صاحب ٿيو آهين جو ميرن جي مائي سنهت ٿو طلبين!؟“ چي ”اول ته تنهنجي سڄي بورچيخاني جو کاڌو ديڳڙن سميت ويندو مائي سنهت جي گهر!“ مون مير صاحب ڏانهن نهاريو تنهن فرمايو ”ها سرڪار اڳ ۾ نوڪر پوءِ جيڪي اسانجو نصيب!“ مون ڦڪائيءَ ۾ کڻي معافي ورتي پنهنجي ڇسائپ جي، اسين ته رڳو ڳالهيون ٿا ڪيون، پر هي صاحب ته ونڊي ورڇي ٿا کائين.
هڪ دفعي نواب صاحب جي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي مان ۽ ادا شمس وياسون. ٻيو ڪو هڪ اڌ مهمان نواب صاحب وٽ آيل هو، نواب صاحب حڪم ڏنو ته ”ٿاڌل ٺاهيو!“ اڳي ڪوڪا ڪولا يا شربت وغيره جو رواج ايڏو ڪونه هو. هر چڱي چوکي گهر ۾ شام جو ٿاڌل گهوٽبي هئي. اسان جي گهر ۾ به ادا، مان ۽ ڪمال شام جو واري واري سان ٿاڌل گهوٽيندا هئاسون. ٻي چئين آني جا ٻج، گاؤزبان، وغيره ۽ پنج ست باداميون، گهوٽي ڇاڻي، ڦوڳ ڦٽي ڪري، مصري يا کنڊ ملائي هر هڪ ڀاتيءَ کي گلاس ٿاڌل جو پياربو هو، نواب صاحب وٽ ڳالهه ڇڙي پئي ته سندس نوڪر سندس پئسا کائي ٿا وڃن. نواب صاحب مڃي ئي نه. نيٺ ويٺلن مان هڪ چيو ته ”نواب صاحب! ڀلا هن ٿاڌل جو حساب وٺون ته گهڻو خرچ ٿيو؟“ ”هئو!“ (هائو) ڪري نواب صاحب سوني خان جي پٽ کي سڏيو ۽ پڇيو ته ”ٿاڌل تي گهڻو خرچ آيو؟“ هڪدم جواب ڏنائين بي پرواهي سان، ته ”هڪ سؤ ويهه رپيا!“ اسان جا حيرت ۾ ڪنڌ مٿي ٿي ويا. نواب صاحب به عجب سان چيو، ”هڪ سؤ ويهه رپيا!؟“
تيار جواب مليس ته ”سائين ٻڪ ته پيو اٿس بادامين جو!“
”هئو!“ نواب صاحب مطمئن ٿي اسان کي ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي، ”هاڻي ته بس نه؟“ نواب صاحب ڪو اهڙو سادو به ڪونه هو پر راڄ هلائڻ وارو ماڻهو هلڪڙو ڪيئن ٿيندو؟
ڊاڪٽر پوهو مل سڀن جو خيرخواهه ۽ سڀني خاندانن جو گهرو ڊاڪٽر ۽ سڀني جو مٿس ويساهه. سو هڪ ڏينهن ڳالهه ڪيائين ته کڻيم ٿي کٽي جو هڪ ڏينهن خلاصائيءَ ۾ نواب صاحب کي سوني خان جا سڀ پرڪار ۽ ڪارناما ٻڌايم ۽ سندس ڪچو چٺو پيش ڪيم. نواب صاحب ڌيرج سان ٻڌي چپ ٿي ويو. ٻئي دفعي سوني خان کي ڊاڪٽر صاحب جي روبرو گهرائي ڊاڪٽر صاحب کي چيائين، ”ڊاڪٽر، سونو خان اهو اٿئي، ڏاڍو چڱو ماڻهو اٿئي! توکي الائي ڪنهن ڀريو آهي جو سوني خان جون ايتريون شڪايتون ٿو ڪرين!“ ڊاڪٽر صاحب اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ماٺڙي ڪري هليو آيو. ڊاڪٽر صاحب به عجب ماڻهو هوندو هو. هڪ دفعي سهراب موديءَ جي فلم ”جيلر“ رائل سئنيما تي لڳي. جيڪو اچي سو ساراهه ڪري ته ”واهه جي فلم آهي!“ ڊاڪٽر صاحب به ٻڌي ٻڌي نيٺ هڪ ڏينهن وقت سيڙائي فلم ڏسڻ ويو. اڌ مان اٿي آيو. فلم هئي ٽريجڊي! ڊاڪٽر صاحب چوي ته ”ماڻهن کي ٿيو ڇاهي جو هن فلم جي هيڏي ساراهه پيا ڪن!“ چي ”جيلر صاحب ڪيڏو ته چڱو ماڻهو ڏيکاريو اٿن هر ڪو پيو ساڻس دوکا ڪري ويندي زال به بيوفائي ڪري ڀڄي ويس. اهڙي فلم مان فائدو ڪهڙو؟ ٿڪجي ٽٽجي، وقت سيڙائي، ماڻهو وڃي ٿو خوش ٿيڻ لاءِ يا روئڻ لاءِ؟“ بابا به ڪا اهڙي فلم ڏسندو هو ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هوس. پٿر پرائي سور سڀڪا پنهنجا روئي.
هڪ دفعي وائسراءِ اچڻو هو سو فيصلو ٿيو ته عوام جي طرفان به دعوت ٿيڻ گهرجي. ڪليڪٽر، ڪماني (ايس پي) وغيره سڀ انگريز هوندا هئا. ڪمشنر جي اجازت کان پوءِ فيصلو ٿيو ته دعوت نواب غيبي خان چانڊيو ڪري. ڪليڪٽر کي عام طرح ’ڪلٽر صاحب‘ چوندا هئا. ’ڪلٽر‘ اڇي ڪاري جو مالڪ هو. جيئن وڻيس تيئن ڪري! منهنجو دوست غلام النبي سومرو ٽي چار سال آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ گذاري موٽيو ته هتان جا حالات ڏسي چيائين ته هتان جو ڪليڪٽر ته آمريڪا جي پريزيڊنٽ کان به وڌيڪ بااختيار (پاور فل) آهي. هئو به ائين. مولانا ظفر علي خان لاهوري هڪ دفعي پنهنجي اخبار ۾ پنهنجو ئي لکيل حمد الله تبارڪ تعاليٰ جي شان ۾ ڇپيو. الله سائين جون سڀ تعريفون لکي آخر ۾ لکيائين ته، ”بس خدا ڪلٽر هي.“ انهي کان وڌيڪ خدا جي تعريف ممڪن نه هئي.
سو نواب غيبي خان ڪليڪٽر صاحب وٽ ويو. مدعا ٻڌي نواب صاحب چيو، ”صاحب اها به ڪا ڳالهه آ، ڇو نه دعوت ڪنداسون؟“ ڪليڪٽر صاحب کيس سمجهايو ته نئون سٺو فرنيچر، ٽيبلون، ڪرسيون، پليٽون، چمچا، ڪانٽا ۽ ٻيو سامان آڻڻو پوندو ۽ بيئرا به ڪراچيءَ مان گهرائبا.“
”هائو هائو صاحب سڀ ٿي ويندو!“ ته به ڪليڪٽر صاحب چيو ته ”ڊپٽي صاحب، (ڊپٽي ڪليڪٽر کي رڳو ڊپٽي چوندا هئا ۽ وڏي شان مانَ وارو هوندو هو) بندوبست جي نگراني ڪندو!“ نواب صاحب جي ڪارڪنن جي ٻيگهي مچي وئي. لکن جو سامان آيو ۽ گم به ٿي ويو.
هڪ شرط نواب صاحب کي مڙوئي ڏکيو لڳو. چيائونس ته ”ڪوٽ ضرور پائي اچجانءِ!“ نواب صاحب چوي ته ”پهراڻ ۽ پڳ آهي ته بس، ڪوٽ وري ڇاجي لاءِ؟“. بهرحال انگريز صاحب جو حڪم مڃڻو ئي هو. سو ڪپڙو گهرايو ويو، درزي بنگلي تي آيو ماپ وٺي ويو ۽ هزارين رپين ۾ ڪوٽ ٺهي تيار ٿيو. دعوت واري ڏينهن نواب صاحب وهنجي سهنجي ڪوٽ ته پاتو پر ان جي مٿان پهراڻ پائي، پڳ ٻڌي وائسراءِ جي آجيان ڪئي. ائين پنهنجي روايت به قائم رکيائين ته سرڪار جو حڪم به بجا آندائين. چون ٿا ته مانيءَ مهل وائسراءِ سان ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺو ته گوشت جي هڪ ٻوٽي کڻي وائسراءِ جي پليٽ ۾ وڌائين. وائسراءِ کيس ڏٺو ته چيائين، ”صاحب ! ڏسين ڇا ٿو، سٺي اٿئي، کائي ڏس!“ وائسراءِ مشڪي اها ٻوٽي ڪانٽي سان کڻي پنهنجي اي ڊي سي جي پليٽ ۾ وجهي ڇڏي. نواب صاحب اهڙي سادي ۽ معصومانه انداز سان انگريز حاڪم کي پاڻ جهڙو ڪري حاڪم ۽ رعايا جو فرق مٽائي ڇڏيو. ماڻهو کلون ڪندا آهن، پر مان نواب صاحب جي ذهانت ۽ شانائتي رويي جو داد ڏيان ٿو.
بابا غيبي ديري ۾ پنهنجي سڌارڪ ڪردار کان ڪونه مڙيو. ڪچهري ۾ روزانو ننڍو ليڪچر ڏيندو هو ۽ نواب صاحب غور سان ٻڌندو هو. ذات ٻروچ اچي گڏ ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن بابا معاشري جي خرابين جي اپٽار ڪئي ۽ کليل لفظن ۾ ماڻهن ۽ سڀني شهر وارن جي عادات اطوار ۽ اخلاق تي تنقيدون ڪيائين. نواب صاحب چيس ”ٻڌاءِ خانصاحب! ڇا ڏٺو اٿئي؟“ چي ”چوري، دغا، دولاب، دوکو، ڏاڍ مڙسي، جهيڙو جهڳڙو، شراب خوري، ڇوڪرا بازي، زنا“ نواب صاحب پلٿي ماريون ويٺو ٻڌي. بابا جڏهن اهو سڀ ڪجهه چئي چڪو ته نواب صاحب چيو، ”خانصاحب بس؟ ويٺو ڏس!“ ٻڌايو ته اهو غالب وارو ”بازيچه اطفال هي دنيا ميري آگي، هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي.“ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ نواب صاحب کي سڀ معلوم هو ۽ پاڻ تماشو ويٺي ڏٺائين. ڪيڏي نه فراخ دلي ۽ وسيع نظري چئبي.
هي جو ماڻهو نواب صاحب وٽ پٽ تي ويهي سندس پير پڪڙيندا هئا يا سندس کٽ جي پائي کي جهلي منٿون ميڙون ڪندا هئا سو هڪ ڏينهن، ڀري ڪچهري ۾ بابا اهڙي هٿرادو تفاوت کي ننديندي چيو ته ”ماڻهو سڀ هڪ جهڙا آهن. الله انهن کي هڪ جهڙو خلقيو، هٿ پير هڪ جهڙا، اکيون، نڪ، ٽنگون ۽ ٻانهون...“ ته نواب صاحب وچ ۾ روڪي چيس ته، ”خانصاحب مقعد (سنڌيءَ ۾ ويهڪ جو نالو وٺي) به هڪ جهڙي ڏنائين.“ اهڙي گندي جڳهه جو نالو وٺي پاڻ کي ۽ ٻين سڀني کي هڪ ڌڪ سان هڪجهڙو ڪري سڄو ڦند ڦير ڊاهي وڌائين. ڪيڏو نه وڏو ماڻهو چئبو.
سندس دور رس نگاهن ڏسي ورتو هو ته مستقبل سلطان احمد خان جو آهي. ان ڪري سڄو ڌيان ان جي تعليم ۽ تربيت تي ڏنائين ۽ سندس شادي به نواب مڪران جي نياڻيءَ سان ڪرايائين ۽ پڳ به کيس ڏنائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته الهڙ جواني، سرداري ۽ سنگت وغيره ڪري سلطان احمد خان پاڻ تي پورو ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ ٻه ٽي شاديون ڪيائين، پر مان مريادا اڄ تائين ڪونه ڇڏيائين. اڄ به آئي جو آڌرڀاءُ ڪري ۽ هر ڪنهن کي ڪم اچي. اسان جي خاندان جي ته هر فرد کي چوندو آهي ته ”حڪم ڪريو! منهنجي استاد جا اولاد آهيو“ هر ڪنهن سان مٺو ڳالهائي، مهمان نوازي ڪري، ستم ظريفي اها جو سندس جاگير سرڪار کسي ڇڏي. چوندا آهن ته لڇمي وڃي ته لڇڻ به وڃن، پر سلطان احمد خان مان شان، مان مريادا ۽ نهٺائي ڪونه ويا آهن. الحمدالله. بابا پنهنجو فرض احسن طريقي سان نڀائي نواب صاحب کان اجازت وٺي لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري شغل ۾ مصروف ٿي ويو.
وقت جي ڌارا کان ڪڏهن به پاڻ کي ڪونه ڪٽيائين. هر طبقي ۽ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ۽ نوجوانن سان تبادله خيالات جاري رکيائين ۽ ميل جول به رکيائين. 53-1952ع ۾ اليڪشن جو دور آيو ته ان مسئلي تي ”اسلام ۽ اليڪشن“ نالي هڪ ڪتابڙو لکي ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن جي اهميت اڄ به اهڙي ئي آهي، جهڙي اڳ هئي. ان ئي دور ۾ هاري ۽ پورهيت تحريڪن ۽ اشتراڪيت جو به وڏو زور هئو. ناڻي جي صحيح ورڇ، هاري ۽ زميندار جا حق، مزدور ۽ سرمائيدار جا فرائض ۽ حقوق، ڪافي موضوع بحث هيٺ رهندا هئا. ان صوتحال جي پس منظر ۾ به هڪ ڪتابڙو ”اسلام ۽ ڪميونزم“ لکيائين. بدقسمتي سان اهو ڇپايو نه ويو پر ان جي هڪ هٿ اکر لکيل ڪاپي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ محفوظ آهي ۽ ٻي ڪاپي مون وٽ هئي جا مون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏني ته نظر مان ڪڍي ان کي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي. بابا ان وچ ۾ انتقال ڪري ويو ۽ مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻه ٽي دفعا ياد ڏياريو ته ڊاڪٽر صاحب چيو ته وٽس تمام گهڻو مواد هٿ اکر نسخن جو پيو آهي ۽ هو ڳولهيندو ۽ جي ملي ويو ته مونکي واپس ڪندو جو اڄ تائين نه ٿيو.
ايئن ڪيئي ڪتاب هيٺ مٿي ٿي وڃن ٿا. منهنجي مرحوم سهري ڪوٽڙي واري ميان شمس الدين قريشيءَ سالن جا سال محنت ڪري نور نچوڙي قديم سنڌ جي تاريخ تي هڪ ضخيم ڪتاب لکيو، جنهن جو صرف مهاڳ ”آئينه قديم سنڌ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. اصل ڪتاب قديم سنڌ، ميان شمس الدين پاڻ وڃي هالن واري مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي روبرو سندس گاڏي کاتي حيدرآباد وري بنگلي ۾ سن 62-1961ع ۾ ڏنو جو وٺي مخدوم صاحب وعدو ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ معرفت ڇپارائيندو، اهو ڪتاب مخدوم صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي به ڪيو پر پوءِ اتان کڻي پنهنجي ذاتي لئبريري هالا ۾ رکي ڇڏيو. مخدوم صاحب کي جڏهن به عرض ڪيو ويو ته اهو ئي اطمينان ڏياريو ويو ته ”ڪتاب محفوظ آهي، دلجاءِ ڪيو.“ چوٽيهه پنجٽيهه سال گذري ويا آهن، ۽ خبر نه آهي ته ڪتاب جو ڇا حشر ٿيو. وري به هاڻوڪي مخدوم صاحب کي عرض ڪري ڏسبو.
ايئن بابا مونکي ٻڌايو ته هن هڪ ڪتاب لکي ڄيٺمل پرسرام کي ڏنو هو جو هن نه موٽائي، نه موٽايو ۽ شايد ٿوري ڦير گهير ڪري پنهنجي نالي سان ڇپائي ڇڏيو. اهڙا ڪيئي واقعا ٿيا هوندا. پير غلام حيدر، خيرپور ميرس ۾ منهنجو سيشن جج هو. ان پنهنجي والد صاحب پيرڪمال جو اڻ ترتيب ڪلام منهنجي حوالي ڪيو ته ان کي ترتيبوار ڪري مهاڳ لڳي ڪتابي صورت ڏيان، جنرل ايوب جو سخت مارشل لا وارو دور هو ۽ مان عدالتي ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هئس سو مون اهو ڪلام مرحوم عطا محمد حامي کي ڏنو ته هو صاحب نظر مان ڪڍي ڏئي ڇاڪاڻ ته مرحوم پاڻ به سٺو شاعر هو ۽ ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ حامي صاحب اهو ڪتاب پنهنجي نالي، سهيڙيندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ ڪري، ڇپائي ڇڏيو. کهڙن جا مخدوم صاحب وڏا بزرگ ۽ عالم فاضل آهن. سندن وڏو ڪتبخانو آهي. مخدوم نيڪ محمد صاحب، جو تازو وفات ڪري ويو آهي، تنهن سان منهنجي دعا سلام هئي. مون سان عزت ڀريو ورتاءُ ڪندو هو ۽ بار بار دعوت ڏيندو رهيو ته اچ ته سڄو ڪتب خانو کولي ڏيکاريان ۽ ناياب کان ناياب ڪتاب قلمي يا ڇپيل تون ڀلي چونڊي کڻي وڃ. پوءِ ڳالهه کي وزندار بنائڻ لاءِ ٻڌائيندو هو ته هن اهڙي رعايت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي به نه ڏني، بلڪه کيس انڪار ڪيو.

8

سو، ڪتابن کي ڏاڍو سنڀالڻو ٿو پوي. منهنجي دوست تاج محمد ابڙي وٽ جديد ادب جي ڏاڍي سٺي لئبريري هئي ۽ هر ڪنهن کي صلاح ڏيندو هو ته فلاڻو ڪتاب ضرور پڙهي ڏس، پر جيڪڏهن کانئس ڪو ڪتاب گهربو هو ته رکائي سان جواب ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته مهربان پنهنجو وٺي پڙهه. سندس گذارڻ کان پوءِ سندس ڪتاب به هيٺ مٿي ٿي ويا، مان جڏهن سجاول ۾ سب جج هئس ته سراج ميمڻ اتي انڪم ٽئڪس آفيسر جي حيثيت ۾ گشت تي آيو، مون وٽ مهرباني ڪري روز شام جو ايندو هو. مونکان پڙهڻ لاءِ ڪتاب گهريائين. مون وٽ ڪي ٿورڙا ڪتاب هئا سي ڏيکاريامانس انهن مان چونڊي ٽي ڪتاب جي مونکي انعام طور مليل هئا سي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ کڻي ويو. اڄ ٽيهه پنجٽيهه سال ٿي ويا آهن ته اهي ڪتاب مونکي موٽي ڪونه مليا آهن. شيخ اياز صاحب به ڪنهن کي ڪتاب ڪونه ڏئي. مير علي احمد خان ٽالپر به ڪتابن کي هٿ لائڻ ڪونه ڏيندو هو. جڏهن به لنڊن ويندو هوس ته تمام قيمتي ڪتابن جا کوکا ڀرائي ايندو هو. سندس وفات کانپوءِ سندس مهاجر گهر واري گهر ته ڇڏي وئي پر سمورا ڪتاب ۽ ٻيو نوادرات به کڻي وئي. ظاهر آهي ته سڀ وڪڻي ڇڏيا هوندائين. قدرِ جوهر، جوهري بداند، ڪتاب وٺڻ، رکڻ ۽ سنڀالڻ به هڪ عشق آهي.
ڪتابن سان هڪ قسم جي پنهنجائپ ۽ دوستي ٿي وڃي ٿي. چرچل چيو ته ڪتاب کي کڻي، ڇنڊي وري ساڳي جاءِ تي ٺاهي رکڻ به وڏي ڳالهه ۽ سعادت آهي. بابا جو به سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذرندو هو. عمر ۽ دل جي بيماريءَ کان بي نياز، ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ باوجود پنهنجو اهو مشغلو آخري وقت تائين نه ڇڏيائين. صبر ۽ شڪر اهڙو جو ڪڏهن ڪا شڪايت ڪانه ڪيائين. ماني به جهڙي مليس، جيڪي مليس چپ چاپ کائي ويندو. وقت جي ورڇ اهڙي ڪري ڇڏيائين جهڙو روباٽ. وقت تي سويل اٿڻ، نماز پڙهڻ، قرآن شريف جا مختلف تفسير پڙهڻ. صبح شام پنڌ ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ کان ٿڪ ٿيندس ته اڪيلي سر پاڻ سان ڊبو، ڪيرم، ليوڊو يا تاس جي پتن جي راند ڪندو هو. هڪ پاسي پاڻ ۽ ٻئي پاسي به پاڻ وارو وٺندو ۽ ان تي خوش ٿيندو ۽ خوشي حاصل ڪندو هو. ٻئي ڪنهن جي محتاجي راند ڪرڻ ۾ به ڪونه ڪڍيائين. پاڻ تي ڪنٽرول اهڙو جو ماني ته ڇا، انگورن يا ڪشمڪش ۽ ڊاک يا بادامن جا داڻا ۽گورا به ڳڻي کڻندو ۽ ان کان وڌيڪ اصل نه کائيندو.
گرميءَ جي مهيني ۾ هر سال لاڙ جي ٿڌن علائقن ۾ گذاريندو هو. ڪوٽڙي ته اسان جو ڄڻ ٻيو ڳوٺ هو. هر سال ڪوٽڙيءَ ۾ ٻن ٽن مهينن لاءِ جاءِ مسواڙ تي وٺي سڄي فئملي کي اتي رهائيندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڪيلي سر ڪڏهن خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي مدرسة البنات ۾، ڪڏهن ٽنڊي آدم خان صاحب عبدالحق وٽ ته ڪڏهن محترم محمد حسين پهوڙ وٽ کپري ۾ اچي ٽڪندو هو. ڪڏهن ٿاڻي بولا خان ۽ ڪرچات ۾ پنهنجن پراڻن واقفڪارن وٽ ويندو هو. دوست تمام مختصر رکندو هو. ڪراچيءَ ۾ مسٽر علي بخش چنا جسٽس ضياءَ الحق چنا جو والد صاحب ۽ علامه دائود پوٽو، حيدرآباد ۾ مٽياريءَ وارو الهه بخش انصاري رٽائرڊ ڪمشنر، بس ٻيا ڪي عالم ماڻهو. کپري ۾ ماستر محمد حسين پهوڙ جو هڪ ڀلوڙ ماڻهو هو ۽ سندس زيردست به رهيو هو، ان سان چڱيون روح رهاڻيون هئس، لاڙڪاڻي ۾ خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ جو هڪ درويش صفت، راڄائتو ۽ انصاف پسند انسان هو، ان سان دوستي هئس، ايتري قدر جو خان بهادر صاحب پنهنجو معصوم پٽ رئيس روشن علي خان عرف رئيس زين العابدين خان ڪجهه وقت لاءِ سندس حوالي ڪري چيو ته ڀلي پاڻ سان گڏ رهائينس ۽ ڀلي گشت ۾ به پاڻ سان وٺي وڃينس ته جيئن ادب آداب سکي ۽ علم سان دلچسپي به ٿئيس. رئيس به عجب ماڻهو هو وڏو شانائتو ۽ راڄائتو. هڪ ته رئيساڻو ٻار ٻيو طاقت ۽ جسامت ۾ به وڌيڪ سو بابا سان گڏ رهندي به اسان کي هر ڳالهه پنهنجي مڃائي ويندو هو. بااخلاق، باڪردار ۽ دلبر مڙس هو. پوءِ ته اسان جي ننڍي ڀيڻ سان سندس شادي به ٿي ۽ واهه جو نڀايائين.
بابا ڳوٺاڻي زندگي وڌيڪ پسند ڪندو هو. سندس مکيه مشغلو هئو قرآن شريف جو سليس ترجمو ۽ معياري تفسير، جنهن تي سالن جا سال ڏينهن رات محنت ڪيائين پر تڏهن به رهائش ڳوٺن ۾ رکندو هو. ٻنين ۾ گهمڻ ۽ هارين نارين توڙي ڪمي ڪاسبين ۽ ڪڙمين سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ سندن مسئلا ۽ گفتا ٻڌي لطف اندوز ٿيندو هو ۽ اهڙي طرح حقيقي مسئلن متعلق پنهنجي ڄاڻ ۽ سوچ وڌائيندو ۽ صحيح رکندو هو. بنگلن، موٽر ڪارن ۽ ايئرڪنڊيشن ڪمرن جي ماحول کان پري هوندو هو. خاموشي صبر شڪر گهري سوچ، فڪر ۽ تدبر جو ڄڻ ته پتلو هو.
هڪ ڀيري گشت ۾ جڏهن مان پنجن سالن جو ابهم هئس ته اٺ تي شاهه پنجو ٿي وياسين، سامهون ريل جو ڦاٽڪ هئو جنهن هيٺان اٺ کي گذرڻو هو کيس انديشو ٿيو ته متان ڦاٽڪ جو لوهو هئو، ان سان ٽڪر نه ٿئي. اٺ جي پاکڙي ۾ به سيٽون (ويهڪون) ٿينديون آهن. اڳئين ويهڪ ۾ جت ويهندو آهي ۽ پٺئين ۾ صاحب. مونکي وچين ٿوهي تي ويهاريندا هئا. بابا سختي سان جت کي چيو ته اٺ هشاءِ ته لهي پنڌ اڪرون. پر جت ته آهي ئي جت. چي نه صاحب لنگهي وينداسون! سو اٺ کي پاڻ هشي ڏئي تيز ڪيائين. ڦاٽڪ ويجهو آيو ته جت پاڻ خطرو محسوس ڪندي رڙ ڪئي ته جهڪو! جهڪو! جهڪياسون ته سهي پر مان جو ٿوهي تي ويٺل هؤس تنهن جو مٿو ٽڪرائجي ويو. مان ٻار سو رڙ نڪري ويم. پيءُ جي دل سو منهنجي رڙ سان بابا به ٿورو مٿي ٿيو ته کيس به نرڙ تي ڌڪ لڳو. ٻئي رتو رت! جت ڦاٽڪ اُڪري پوءِ اٺ هشايو. مونکان وڌ بابا کي ڌڪ لڳو هو. توهان صورتحال جو اندازو ڪيو ته موت به واقع ٿي سگهيو ٿي، پر بابا جت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بجاءِ بلڪل خاموشي ۽ ٿڌائي سان جت کي چيو ته ”ڪاٺ واري پيتي لاهي کول!“ پوءِ ان مان فوري طبي امداد جو سامان ڪڍي ٽنچر آيوڊين مونکي به هنيائين ۽ پاڻ کي به هنيائين. تن ڏينهن اسپرٽ بجاءِ ٽنچر آيوڊين جو استعمال ٿيندو هو جا جسم تي ڪارو ناسي نشان ڇڏيندي هئي. ڊاڪٽر انجيڪشن (سئي) هڻڻ کان اڳ به ٽينچر آيوڊين هڻندا هئا. ٻيو تن ڏينهن ۾ رت بند ڪرڻ لاءِ انٽينمي يعني سرمو استعمال ڪندا هئا. سو بابا زخمن ۾ سرمو لڳائي پهو چاڙهي ڇڏيو. جت، جو ويچارو پريشان هجي تنهن کي اکر به نه چيائين. اهو سرمي جو نشان بابا کي پڇاڙيءَ تائين ساڄي ڀرونءَ مٿان هوندو هو. مونکي نشان ڪونه ٿيو. شايد ڪچي عمر ۽ معمولي زخم سبب.
تن ڏينهن ۾ سرڪاري بنگلن تي ٿورا ڪتاب به رکيا ويندا هئا. جن ۾ مشهور ڪتاب مٽيريا ميڊيڪا به هوندو هو. آفيسر منزل دوران نه رڳو انهن ڪتابن مان مستفيد ٿيندا هئا. پر وڃڻ مهل پنهنجو ڪونه ڪو ڪتاب انهن ۾ ملائي واڌارو ڪري ڇڏيندا هئا. مٽيريا ميڊيڪا ته بابا بازار مان خريد ڪري ڇڏيو. ڏاڍو سولو سليس ۽ ڪارآمد ڪتاب هو، جنهن ۾ مرض جو تفصيل مرض جون نشانيون ۽ علاج سڀ ڪجهه لکيل هو جيئن عام آفيسر پاڻ به فائدو وٺن ۽ خلق جي به خدمت ڪن. مان جڏهن ٿورو وڏو ٿيس ته مون به اهو سڄو ڪتاب پڙهي ڇڏيو. ننڍي هوندي يادداشت تيز ٿي ٿئي ۽ مونکي ڪافي ڳالهيون ياد رهجي ويون ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري ڊاڪٽرن کي به حيران ڪري ڇڏيندو هئس.
کپري ۾ مون وٽ هڪ نوڪر هوندو هو محمد سالار. نوجوان ڦوهه جوانيءَ ۾ پر صفا ڪمزور ۽ رنگت ۾ پيلو. مون کيس چيو ته، ”بابا ڊاڪٽر صاحب ڏي وڃ علاج ڪراءِ“ ڊاڪٽر صاحب هجي احمد خان احمداڻي جو ڀلوڙ ماڻهو، ڀلوڙ ڊاڪٽر ۽ شفا وارو هجي. چيومانس ته ”ڊاڪٽر صاحب کي مان چوان؟“ چيائين ”سائين ڊاڪٽر صاحب کان گهڻو علاج ڪرايو اٿم چوي ٿو هنيانچو (تليءَ جي خراب) اٿئي، جلد ئي جلندر ٿيندئي، تنهنجو ڪو علاج ڪونهي!“ مٿيس مايوسي طاري ٿي وئي. چيومانس ”منهنجو علاج ڪندين؟“ جهٽ هائو ڪيائين. ان بيماريءَ ۾ زهر ڪچلو ڏاڍو فائديمند آهي جنهن کي انگريزي ۾ سٽرڪنن چوندا آهن. مون کيس دوا لکي ڏني ’ايسٽن سيرپ‘ جنهن ۾ زهر ڪچلو ڪئنن ۽ ٻين ضرور دوائن جي آميزش آهي. شربت جي صورت ۾ اهو ڏاڍو ڪؤڙو آهي، سو چيومانس ته گوريون ملنس ته اهي وٺي. مهينو کن انهن جو استعمال ڪرايومانس ته چڱو فائدو ٿيس. مون کيس خبردار ڪندي چيو ته متان دوا بند ڪري، ڪم از ڪم ڇهه ٻارهن مهينا علاج جاري رکي. پوءِ ته ڳاڙهو ٿي پيو. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر صاحب کيس سڏي ورتو ۽ پڇيائينس ته ”ڪنهن کان علاج پيو ڪرائين؟“ چيائين ”جج صاحب کان!“ حيران ٿي چيائين ”بابا جج صاحب جو ڊاڪٽري سان ڪهڙو واسطو. وڃ دوا کڻي اچي مونکي ڏيکار. ايئن اجايا سجايا علاج نه ڪر!“ دوا ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو ته جج صاحب ڪا استخاره ڪئي ڇا جو ههڙي پراڻي دوا وڃي کوٽي ڪڍيائين. بلڪل صحيح علاج پيو ٿئي.
ٻئي دفعي ٽنڊي الهيار ۾ جج هجان ته منهنجي گهر واريءَ کي ڇڪي آئي ۽ ٻار ضايع ٿي ويو. منهنجي بنگلي جي بلڪل سامهون زناني اسپتال هئي سو ڊاڪٽرياڻيءَ کي گهرايم جا ڪراچيءَ جي ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي پڙهيل هئي. وقت سر پهچي وئي ۽ خير ٿي ويو. ٻئي ڏينهن به چڪاسي ٻاهر نڪتي ته گهڙي سوا مون وٽ ويهي فڪرمنديءَ مان چيائين ته ٻچيدانيءَ جي پوري صفائي نه ٿي آهي، ڇا ڪجي؟ مون هڪدم چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب ارگٽ مڪسچر ڏنو اٿؤ؟“ ويچار مان لوندڙيءَ تي آڱر رکي، چپٽي وڄائي نرس کي چيائين ته ”وڃ هڪدم آرگٽ مڪسچر ٺاهي اچ!“ نرس وئي ته حيرت مان مونکي چيائين، پر توهان ڪيئن اهڙي ڳالهه ڪئي؟“ مون مذاق مان چيومانس ته ”جج کي هر فن مولا ٿيڻو پوندو آهي“ اعتبار ڪري وئي. اهو به ٻڌايومانس ته ”ويم کانپوءِ عورت کي انفيڪشن ڪري جو بخار ٿيندو آهي ان کي پيوپرل فيور چوندا آهن ۽ ان جو هي علاج آهي“ ان ڳالهه تي وڌيڪ حيرت ٿيس.
حقيقت ۾ اها انگريزن جي دؤر ۾ رکيل ڪتابن جي ڪرامت هئي. جيڪو آفيسر ايندو هو سو اهڙن ڪتابن مان فائدو ته وٺندو هو پنهنجو هڪ ٻه ڪتاب به اتي ڇڏي ويندو هو. ايئن بنا پئسي ۽ بنا محنت ڪتابن ۾ واڌارو ٿيندو رهندو هو. پاڪستان ڇا ٺهيو، ڄڻ لٽ مار جو ڪلچر شروع ٿي ويو. نوان پوءِ ڍاوا، ڇوڪراٽ آءِ سي ايس آفيسر آيا، سي ڪتاب ته ٺهيو، فرنيچر به کڻي ويا. ڄڻ ابي ڏاڏي جي ميراث يا مفتوح ملڪ جو مالِ غنيمت هجي. اهو لٽ مار ڪلچر اڃا جاري آهي. اعتبار نه اچيوَ ته ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر يا ٻئي ڪنهن آفيسر کان پڇي ڏسو. پاڻ ئي روئڻو روئندو ته مونکان پوءِ يا مون کان اڳ آيل آفيسر، ڪرسيون، قالين ويندي ايئرڪنڊيشنر وغيره به کڻائي ويو. منهنجي اکين ڏٺي شاهدي اها ته خيرپور رياست جڏهن ون يونٽ ۾ شامل ٿي ته ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر وغيره اچي پهتا. هزهائنس مير صاحب کي هڪ خانگي رهائش ۽ ٻيو فيض محل پنهنجي نجي ملڪيت ۽ استعمال ۾ هئا. کيس چيو ويو ته انهن ٻن جاين مان هڪ جو انتخاب ڪري پاڻ وٽ رکي ۽ ٻي سرڪار جي حوالي ڪري.
هزهائنس، حاڪم ۽ خانداني وضع قطع وارو ماڻهو سو خاموشيءَ سان گهر وارو ڪامپليڪس خالي ڪري ويو ۽ فيض محل پاڻ وٽ رکيائين. نه ته مير صاحب انڪار به ڪري سگهيو ٿي، نه ته به ڪروڙ کن رپيه خانگي رهائشگاهه ڇڏڻ لاءِ سرڪار کان قانوني طرح به وٺي ٿي سگهيو. مير صاحب کي رڳو رهائش گاهه خالي ڪرڻ جي دير هئي. پوءِ لٽ مچي وئي. مير صاحب سڀ فرنيچر، قالين پردا وغيره اتي ئي ڇڏيا. فرنيچر مون پاڻ ڏٺو ڏاڍو سهڻو شاهاڻي قسم جو ڪاٺ تي اُڪر ۽ گهڙاوت ٿيل هئو. اهو سڀ گم ٿي ويو. ٻيو ته ٺهيو مڪان ۾ اندر ئي هڪ خانگي چڙيا گهر به هئو. جنهن ۾ هرڻ، مور، تتر، چڪور، طوطا وغيره هئا سي به کڄي ويا. هڪ شيشي جو مڇي گهر به هئو جنهن ۾ سهڻيون رنگين مڇيون پيو تڙڳنديون هيون. اهو به ويو. مڪان تي ڪيتريون توبون به رکيل هيون. بلڪل هلڪڙائيءَ ۽ خسيس پڻي جو مظاهرو ڪندي ڊي سي صاحب، ايس پي صاحب ۽ ٻين آفيسرن اهي توبون کڻائي پنهنجن بنگلن جي دروازن تي نصب ڪرائي ڇڏيون. اڄ اهو مڪان سرڪٽ هائوس آهي، وڃي ڏسو شايد ڪا مير صاحب جي ڇڏيل نشاني اڃا به هجي، ڏسي عبرت وٺو.
هي ته ٿي متحرڪ ملڪيت، غير متحرڪ ملڪيتن سان به ايئن ٿيو. بلڊنگ، خالي پلاٽ، زرعي زمين، باغ وغيره قبضو ڪري ويهي رهو ته مجال آ جو توهان کان خالي ڪرائي سگهي. ڀلي وڃي ڪيس ڪري ۽ لوڙي. ’قبضا سچا مدعي جوٺا‘، اها هڪ قانوني چوڻي ٿي وئي. اڃا تائين اهو سلسلو جاري آهي. موهاٽا پيلس (هاڻي فاطمه جناح هائوس) ڪلفٽن ڪراچي جهڙي شهر ۾ آهي. ان جي اڳيان چؤدڳي وٽ هڪ سرسبز پارڪ هر ڪنهن ڏٺو هوندو. اڄ وڃي ڏسو ته ان تي خانگي ملڪيت جو بورڊ لڳو پيو آهي ۽ جايون به ٺهيون پيون آهن. ڇا سڀ انڌا آهن، ميونسپل ڪارپوريشن، پوليس، روينيو عملدار اکيون ٻوٽيون ويٺا آهن. اهڙي انڌير نگري ٿي وئي آهي.
مون سان مئٽرڪ ۾ هڪ دوست پڙهندو هو حاجي احمد رئيس. رئيس سندس ذات هئي. مان کپري ۾ جج ٿي ويس ته هو سپروائيزنگ تپيدار هو. سنگت ڪانه ڇڏيسون. مون وٽ اڪثر ايندو هو ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. ڏوراپو ڏنومانس ته ”ڀائو هي قبضي جو راڪاس ڪيئن پيدا ڪيو اٿوَ؟“ چيائين ”جج صاحب اهو ڪوٽ جو تون پايو ويٺو آهين سو ٿوري دير لاءِ لاهي مونکي پائڻ ڏي، پوءِ تون مونکان اهو ڪوٽ واپس ته وٺي ڏيکار، خبر پئجي ويندءِ. توکان پڇندا ته ڪپڙو ڪٿان ۽ ڪنهن کان ورتو هئي، رسيد ڪٿي آهي ۽ درزي ڪهڙي کان سبايو اٿئي ۽ اهو به ثابت ڪر ته منهنجي بدن تي ڪيئن اچي ويو.“ مٿو کنهي کڻي چپ ڪيم. قانوني تقاضائون ڪير پوريون ڪري.
هڪ سگهڙ مون وٽ آيو هٿ ٻڌي چيائين ته ”دل ۾ نه ڪرين ته ڪورٽ جي حقيقت ٻڌايانءِ!“ مون چيو ڀلي ٻڌاءِ. چيائين ”شروع ئي ٿئي ٿي ’ڪاف‘ يعني ’ڪوڙ‘ سان. ٿاڻي تي وڃ ته چوندا هيئن لکاءِ هونئن لکاءِ! جوابدار به ڪي سچا ته ڪي ڪوڙا، شاهد به ڪي ڪوڙا ڪي سچا، واردات ۾ به مرچ مصالحو. اهو ڪوڙ جو ڏاڪو چڙهئين ته پوءِ ’و‘ جا وٽ وڪڙ ۽ ور، وڪيل صاحب جا سوال ۽ آڏي پڇا، اهڙا ور وڪڙ ڏيندس جو سچ جو ته ساهه ئي نڪري ويندو. پوءِ ’ر‘ جا رولڙا، پيو ٿاڻن ۽ ڪورٽن جا پنڌ ڪر ۽ وڪيلن جي اوطاق تي سلام ڀر ۽ شاهدن کي ميڙ منٿ ڪري لاريءَ جا ڀاڙا ڀري مانيون کارائي. وڃ ڪورٽ ۾ ته ڪيس ملتوي ۽ وري ٻي حاضري جا ساڳيا رولڙا. آخر ۾ ڪيس ختم ٿيو ته ٻنهي ڌرين کي ’ٽ‘ هٿ ۾، نه هوند نه شڪر. مال به چور جي حوالي.“
مسٽر دريشاڻي سيشن جج جي شڪارپور واري اباڻي گهر مان چوري ٿي وئي. هڪ ڳوري صندوق ڏسي چور کڻي ويا. مڄاڻ ته ان صندوق ۾ سندس والد صاحب عبدالعليم دريشاڻي جا ڪتاب سانڍيل هئا. سي چورن جي ڪهڙي ڪم جا. ڪجهه اڇلايائون، ڪجهه کڻي ويا. چور جهلجي پيا ۽ ڪيس هليو مرحوم مير علي بخش ٽالپر صاحب جي ڪورٽ ۾. مير صاحب انصاف پسند سفارش اصل ڪونه ٻڌي ۽ ڪيس جلدي نپٽائڻ جو خفت. دريشاڻي صاحب ساڻس مليو ۽ اشارن ۾ احوال به ڏنائينس. پر مير صاحب تڙ تڪڙ ۾ ڪيس هلائي چور ته ڇڏي ڏنا پر هٿ آيل ڪتاب به کين ڏياريا. دريشاڻي صاحب هميشه اهو ڏک ڪڍندو هو ته ”ڪم از ڪم ڪتاب ته مالڪن کي ڏياري ها!“ قانون جي غير لچڪيدار اصولن موجب ته ائين ئي ٿيندو.
انهيءَ ڪري ڪورٽن جي نظام ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي. اسلامي دؤر ۾ ته قاضي کي خانگي جاچ ڪرڻ جو به اختيار هو ۽ جابدار کان به آڏي پڇا ڪري سگهندو هو. هاڻي ايئن ناهي. صحيح انصاف جاچ ڪرڻ سان ئي ٿيندو. انهيءَ ڪري وڏيري جي اوطاق تي ايئن برادريءَ جي روبرو ڪيل فيصلو، وڌيڪ صحيح ۽ اثرائتو ٿئي ٿو. جيڪڏهن جج، جاچ آفيسر ۽ تر جو چڱو مڙس واردات تي گڏجي ويهي فيصلو ڪن ته اهو جلدي به ٿيندو ۽ صحيح به، نه ته ڪيس سالن جا سال رلي ٿا وڃن، پوءِ نانگ وڃي نڪري، ليڪو پيو ڪٽجي. مان 1970ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جج هئس ته هڪ ڪيس جو فائيل ڏٺم ته ايڏو موٽو هو جو اٿلائڻ تي دل ئي نه چوي. نيٺ سرشتيدار کان پڇيم ته ان به چيو ته سائين هي پراڻو منجهيل ڪيس آهي ڪو به جج انهيءَ کي هٿ ڪونه لائيندو آهي. توهان به ڇڏي ڏيوس. مونکي اها ڳالهه نه وڻي. کڻي جو ڏسان ته 1927ع جو ديواني مقدمو هجي. مدعي ۽ مدعا عليھ به مري ويا هئا ۽ سندن پويان به پوئواري ڪري ٿڪجي پيا هئا. اهڙين حالتن ۾ منهنجو اندر وارو ضد ڪاوڙ ۾ اچي ويندو آهي سو ڪيس کڻي پاڻ وٽ رکيم ۽ ٽي ڏينهن ريزڪي موڪل وٺي ڪيس کڻي گهر آيس. پنو پنو ڪري پڙهيم ۽ قانوني ڪتاب اٿلايم. محنت سان ڇا نٿو ٿئي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويم ۽ اڳو پوءِ ججمينٽ به لکي ڪيس کڻي ٽئين ڏينهن اچي ڪورٽ ۾ نڪتس ۽ فتويٰ ڏئي ڇڏيم، چاليهه ٻائيتاليهه سالن جو ڪم ٽن ڏينهن ۾ ٿي ويو. انگريزي ءَ ۾ چوندا آهن ته ارادو ڪيو ته واٽون کلي ٿيون پون.
بابا جي تدبر ۽ تحمل جي ڳالهه پي ڪيم ته ڪيئن حادثي جي صورت ۾ به آرام ۽ صبر سان زخمن جو فوري علاج ڪيائين ۽ جت، جنهن سندس چوڻ نه ورتو هو، تي ڪاوڙ اصل ڪانه ڪيائين، جت ويچارو ڊنل ته متان نوڪري مان نه ڪڍيم، سو شام جو اسان جي ڪرسين ڀرسان پٽ تي ويهي معافي گهرڻ لڳو. بابا مشڪندي کيس دلجاءِ ڏني ۽ چيو ته ”بابا تو ڄاڻي واڻي ٿورو ئي ايئن ڪيو. اتفاق هو سو ٿي ويو، ڳالهه ڇٽي!“
ٻيو به هڪ واقعو ذڪر جهڙو آهي. آهي ته گهرو معاملو پر نٿو ٻڌائجي ته بابا جي سوچ تدبر ۽ مثبت انداز فڪر جي خبر نٿي پوي. ٿيو ڇا جو منهنجا ٻه ننڍا چاچا شير علي ۽ علي محمد ٻئي باريش بزرگ، نيڪ نمازي، تهجد گذار بابا وٽ سهي سنڀري آيا ۽ چيائونس ته ”توسان شمس بابت ڳالهائڻو آهي!“ چي ”تون ڪهڙو نيڪ نمازي، عالم، فاضل! ۽ شمس آهي جو وٽس روز شراب خوري ۽ غير عورتن جي اچ وڃ آهي، سو تنهنجو فرض ٿو بڻجي ته پيءُ جي حيثيت ۾ کيس منع ڪر!“ بابا کين چڱي طرح ٻڌي چيو ته انهيءَ ڳالهه جو جواب مونکان سڀاڻي اچي وٺجو. ٻئي ڄڻا ”بيشڪ!“ چئي اٿي ويا. سمجهيائون ته شايد سوچڻ لاءِ مهلت ٿو گهري. مون به ان مهملي جو مقصد ڪونه سمجهيو. اڄ جڏهن مان حڪومتي ادارن جو سربراهه رهي چڪو آهيان ۽ سي ايس پي آفيسرن سان دوستي اٿم ته خبر ٿي پويم ته ڪنهن به مسئلي کي التوا ۾ وجهڻ خود ان جو حل آهي. جيڪو دانهن کڻي آيو تنهن جي داد رسي به ٿي ۽ ڪم جي اڪلاءُ جو آسرو به ٿيو. وڏي ڳالهه ته ڪيس ڪنفيوز به ڪيو ويو ۽ ٻڏتر ۾ وڌو ويو ته الائي ڪهڙو جواب ملندو؟ معنيٰ هن کي مڪمل طرح بي هٿيار ڪيو ويو ۽ سندس ناراضگيءَ جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي وئي ۽ کيس مڪمل طرح پابند ڪيو ويو ته فيصلو، فيصلو ڪرڻ وارو ئي ڪندو ۽ کين اهو قبول ڪرڻو پوندو. بابا ته تعليمي ماهر هو پر منجهس انتظامي صلاحيتون به بدرجه اُتم موجود هيون.
ٻئي ڏينهن چاچا آيا ته بابا کين اهڙو مختصر، دانشمندانه ۽ اهڙو صحيح جواب ڏنو جو اڳلا بلڪل لاجواب ٿي ويا. بابا اصل مسئلي يعني شراب خوري ۽ غير عورتن جي اچ وڃ کي ته ڪمال ذهانت سان گول ڪري ويو. چيائين ته، ”ادا! شمن منهنجو جنتي آهي ڇاڪاڻ ته هو ماءُ جي بيحد عزت ٿو ڪري ۽ خدمت ٿو ڪري. ماءُ جي غير واجبي ڏنگاين تي به اُف نٿو ڪري. هاڻي هن جون عادتون پڪيون ٿي ويون آهن. پوءِ مان ڇو کيس پيءُ جو نافرمان ڪري سندس جنت وڃايان؟“ ٻئي ڄڻا لاجواب ٿي اٿي ويا ڇو ته هڪ ته اها ڳالهه صحيح هئي ته شمس ماءُ جي آڏو گونگي گانءَ هوندو هو ٻيو ته چاچن کي پنهنجي پٽن جا افعال سُجهندا هئا ته ماءُ پيءُ سان ڪيئن ٿا هلن.
ادا شمس به ڪمال جو صابر ۽ شاڪر هو. هڪ دفعي ڪو ڪراچيءَ مان ڪجهه مهمان عورتون آيون هئس. لڙي اڌ رات ٿي وئي. ۽ سندس گهر واري انتظار ۾ ويٺي هئي. امان جي به اک کلي وئي ۽ پڇيائين ته شمن اڃا ڪونه آيو آهي ڇا؟ در وٺي بيهي رهي. امان ۾ به فيصلي جي قوت ڀرپور هئي سو در جي اندران بيٺي رهي. شمس جو اندر گهڙڻ ۽ وارن مان جهلي پادر لاهي وٺي ويس چي ”ههڙا تهڙا، جوان زال گهر ۾ ويٺي آهي ۽ تون پيو ٻاهر ٿڪون کائين!“ هيڏو وڏو وڪيل، سياست ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ، ماءُ آڏو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ڀلو ٿئي سندس گهر واريءَ جو جيڪي سو مڙس جو پاسو کڻي چيائين، ”چاچي تون به انصاف ٿي ڪرين؟ ڀلا رنون پاڻ هلي ٿيون وٽس اچن ته هي ويچارو ڇا ڪري؟“ مار شمس ته شمس پر سندس گهر واري جا حيدرآباد جي شهري ماحول جي آهي، ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري وئي ۽ بگڙيل صورتحال کي مٽائي مورڳو چڱو ڪري ڇڏيائين. مير صاحب سان اها ڳالهه ڪيم ته ان به حيران ٿي چيو ته ”ان معاملي ۾ اسان جون ميرياڻيون تمام دانشمند آهن، پر ڀاڀي ته ميراڻين کي به مات ڏئي وئي!“ پڇيائين ”ڪٿي جي آهي؟“، چيم سرڪار ”حيدرآباد جي“ ته فرمايائين ته ”نه سرڪار نه، پاڙو ٻڌايو هتي پاڙا ڪلچر هلندو آهي، ميمڻ محلو هڪڙو ڪلچر، پشوري پاڙو ٻيو ڪلچر، ٽنڊو ٺوڙهو مرزا ڪلچر، هيرآباد ڪامل ڪلچر، کوکر پاڙي جو پنهنجو ڪلچر!“ چيم ”سرڪار صدر جي آهي!“ مير صاحب صدر وارن کي سڏيندو ئي هو ’هوٽل پوٽا‘. صبوح جو ننڊ مان اٿي وڃي هوٽل تي چانهه پيئندا. منجهند جي ماني به هوٽل تي ۽ پيا گانن جا رڪارڊ ٻڌندا. مهمان آيو ته به هوٽل تي وڃي ويهاريندس. ڪراچي هوٽل جو سيٺ ابو ڄڻ ته سڀن جو مائٽ ۽ گهر ڀاتي هو. سو مير صاحب ارشاد فرمايو ”سرڪار خدا جي پناهه صدر جون مايون ته مڙسن کي کڙي تي کنيو وتن باقي توهان جي ڀاڀي ڪا فرشتو آهي!“
مير صاحب ڪنهن به عورت کي ’رن‘ اصل نه سڏيندو هو. چوندو ”نازڪ مهمان آيل آهن!“ پڇين به ته ”سرڪار سان نازڪ رستو اٿن؟“ ته هڪدم انڪار ڪندو، وڌ ۾ وڌ چوندو ته ”اسان تي مهربان آهن!“ هوڏانهن ذوالفقار علي خان ڀٽو جنهن به ليڊي کي ايندو ڏسندو ته صاف چوندو ته ”انهيءَ تي مون سواري ڪئي آهي!“ مير صاحب اهڙي گفتگو ٻڌي محفل ڇڏي اٿي ويندو هو ۽ ڀٽي صاحب کي ڳالهه ناخوشگوار لڳندي هئي. هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف.
هڪڙي رات تقريرون ۽ جلسا ڪري مير صاحب ۽ ڀٽو صاحب دير سان موٽيا. مير صاحب جي ٽنڊو مير محمود واري بنگلي تي ڀٽي صاحب ۽ مير رسول بخش پيئڻ جي محفل ۾ مصروف هئا ته ڀٽي صاحب پڇيو مير صاحب ”ڇوڪريون؟“ مير علي احمد خان ڪاوڙ ۾ سرخ ٿي ويو ۽ چيائين ”ڀٽا صاحب ڇوڪريون هر ڪو پنهنجون وٺي اچي!“ اهي طبيعتن جا اختلاف نيٺ سندن سياسي اختلافن ۾ تبديل ٿي ويا. ايتري قدر جو هڪ ڏينهن ڀري محفل ۾ ڀٽي صاحب مير علي بخش خان ٽالپر ايم اين کان طنزيه پڇيو ته ”مير صاحب، مير ڪهڙي هنڌان هنگندا آهن؟“ مير علي بخش خان نهايت چتر ۽ حاضر جواب هو تنهن هڪدم جواب ڏنس ته ”اتان جتان ڀٽا هنگندا آهن!“ مان اهي ڳالهيون اٿارٽي سان ٿو چوان، ڇاڪاڻ ته منهنجي مير صاحبن سان گهڻي نيازمندي رهي آهي. ايتري قدر جو ماڻهو مون وٽ ڪم کڻي ايندا هئا ۽ چوندا هئا ته مير صاحب توهان جو دوست آهي. مان هڪدم کين درست ڪندو هئس ته ”مير صاحب مون تي مهربان آهي، عزت ڏئي ٿو، بس مان سندس حڪم جو بندو آهيان.“
هي تاريخ جو هڪ وسريل باب آهي جو ڀٽو صاحب، جنرل ايوب کان ڌار ٿي پهريون دفعو حيدرآباد آيو ته ڪنهن هڪ شخص به کيس پاڻ وٽ نه رهايو. ويندي قاضي عابد وارن کيس هوٽل اورينٽ ۾ ڪمرو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀٽو صاحب دلشڪستو ٿي وڃي ريلوي ويٽنگ روم ۾ ويهي رهيو. مونکي خبر پئي، ته منهنجي لاڙڪاڻي واري غيرت جوش کاڌو. مرحوم سڪندي علي خان سان ادا شمس ۽ منهنجي چڱي دعا سلام هئي ۽ پڻ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان به. مان معمولي سب جج هئس ۽ لطيف آباد ۾ بنگلو هئم سو پڪو پهه ڪيم ته ڀٽي صاحب کي مان مهمان ڪندس. سرڪار مير علي مدد خان کي فون ڪيم ته سرڪار ڪار هڪدم کپي. سائين ڪار حاضر آهي، پر ڳالهه ڇاهي ...“ ٻڌائڻ اخلاقي فرض هو سو کيس ارادو ٻڌايم. مير صاحب ڪجهه نه چيو صرف ايترو چيائين ته ”سوچي وٺو نوڪري وارا آهيو باقي ڪار حڪم موجب اچيوَ ٿي!“ ڪار اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ دير ٿي وئي. اسٽيشن تي وياسون ته ڀٽو صاحب هليو ويو هو. جيڪڏهن ڀٽو صاحب ملي وڃي ها ته منهنجو سڄو ڪيريئر مختلف هجي ها.
ان ڳالهه کي هفتو کن مس گذريو ته لاڙڪاڻي کان تاج محمد ابڙو، ڀٽي صاحب جو نياپو کڻي آيو ته ”اسان کي مير ٺاهي ڏي!“ هڪدم مير علي احمد خان ٽالپر جي بنگلي تي ٽنڊي مير محمود پهتاسون، مڄاڻ ان ڏينهن مير صاحبن جي ڪا برادري جي گڏجاڻي هئي. سڀ فرشي قالين تي ويٺا هئا. بجاراڻي مير، ماڻڪاڻي مير، ويندي مير بنده علي خان ۽ ڪوٽائي مير، مير نور محمد خان به هئا. اسان به ڪنڊ وٺي ويٺا سون. مير علي احمد خان هئو ئي ڪونه . تاڙ ۾ هئاسون ته ڪو وجهه ملي، ته ائين مير بهرام خان آيو ۽ اچي کيڪاريائين. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”مير علي احمد خان پنهنجي ڪتبخاني ۾ ويٺو آهي ۽ اتي اسان مان ڪونه وڃي سگهندو. البت پاڻمرادو سڏايائين ته توهان جو ٻڌائيندوسانس!“ ٿيو به ائين ۽ مير صاحب مهرباني ڪري اسان کي جلد سڏائي ورتو. اهي مير صاحب جا قرب وسرن ئي نٿا. ڪتبخاني ۾ وياسون ته مير صاحب پٽ تي ڪتاب رکيون ويٺو هو ۽ رڳو پيو ڪتابن متعلق ڳالهائي. مونکي حيرت ٿي ته مير صاحب انگريزي پوئٽري (شاعري) به پڙهي پيو ۽ ان جي مفهوم ۽ خوبصورتيءَ تي سمجهاڻي ڏيندو پيو وڃي. مير صاحب انگريزي پڙهيل ڪونه هو. پر مطالع جي شوق ۾ انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪري ويو هو. مان اڃا ڪم جي ڳالهه ڪڍان ته مير صاحب اڌ ۾ روڪي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب تي ليڪ ڏنل سٽن پڙهڻ لاءِ پيو چوي. اتي اچي منجهند جا ٻارهن ٿيا ته مون هٿ ٻڌي کانئس اجازت گهري ته واچ ڏسي چيائين ”سرڪار هاڻ ٻارهن ٿي ويا سو ماني کائڻ کان سواءِ ڪونه ويندا!“ پوءِ پاڻ به ٻاهر نڪري آيو ۽ سڀني مير صاحبن سان ڪچهري ڪيائين. ماني کائي هٿ ڌوئڻ لاءِ اٿيو ته مان پٺيان ويومانس، ۽ زوريءَ ڀٽي صاحب جو نياپو ڏنومانس. مير صاحب وارا ته اڳ ئي جنرل ايوب خلاف ممڻ مچايون ويٺا هئا مونکي چيائين،
”سرڪار اسان جا مٿا اڳيئي اکرين ۾ پيا آهن، جن کي مهريون کائڻيون هجن سو هليو اچي. فقير جو در کليو پيو آهي!“
مون تاج محمد کي چيو ته ”اکر ياد ڪري ڇڏ ۽ وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌاءِ!“ ڀٽو صاحب بلا جو ذهين ۽ اڻٿڪ محنتي ماڻهو هو سو ٻئي ڏينهن ئي اچي ٺڪاءُ ڪيائين ۽ مير صاحب جي بنگلي تي رهي پيو. روز پنهنجي عوامي مهم تي نڪرندا هئا ۽ رات جو دير سان موٽندا هئا. مير صاحب ڳالهه ٿو ڪري ته ”رات جو ٻارهن هڪ بجي اچون، وهنجي سهنجي سمهون ته ڀٽو صاحب چوي ته صبح جو پنجين بجي وري نڪرنداسين!“ مير صاحب شاهاڻي طبيعت جا آرام پسند ماڻهو پنهنجي مرضي سان تيار ٿين. مير علي احمد خان ته غسل، شيو ۽ ڪپڙا پائڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ باٿ روم ۾ لڳائيندو هو، مير صاحب ڳالهه ٿو ڪري ته ڀٽو صاحب اهڙو وقت جو پابند جو پنجين بجي صبح تائين وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي جوراب پائي بوٽ جون ڪهيون به ٻڌيون ويٺو هجي. ڀٽو صاحب بي حساب قوت ۽ جذبي جو مالڪ ۽ ارادي جو پختو پهاڙ هئو. مير صاحبن کي جيپ ۾ ويهاري ڳوٺڙڻ ۾ نڪري ويندا هئا. هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ اڌ رات تائين پيا هلندا هئا. غضب جي گرمي ۽ ماني ٽڪي جو ڪو اڳواٽ انتظام ڪونه . ڀٽو صاحب ته واڻ جي کٽن تي يا وڻ هيٺان ويهي ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪري اٿندو هو. هڪ ڀيري ٽاڪ منجهند جو اٿيو ته هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس چيس ”سائين ماني کائي وڃو!“ ڀٽي صاحب صاف انڪار ڪيو ته ”وقت ڪونهي اڃا ٻين پاسن ڏي به وڃڻو آهي. تون ماني تيار ڪرائيندين، ٻڪر يا ڪڪڙ ڪهائيندين ته دير ٿي ويندي!“ چڱي مڙس چيو ته ”سائين ماني تيار پئي آهي رڳو جيپ تان لهو!“ ڀٽو صاحب تمام سياڻو ماڻهو ۽ عملي طبيعت جو هئو. تنهن چيس ”چڱو اسين جيپ ۾ ئي ويٺا آهيون جيڪي ڊڳڙيون تئي تان لٿيون آهن سي کڻي اچ، پر جلدي!“ هو خوش ٿي ڊوڙندو ويو ۽ ڏهه ٻارهن ڊڳڙيون کڻي آيو ۽ چيائين ته ”ٻوڙ به ڍاڪن ۾ پوي پيو!“ ڀٽي صاحب هڪ هڪ ڊڳڙي ڪري سڀني ۾ ورهايون ۽ هٿ ۾ جهلي کائڻ لڳو ۽ يقين سان سمجهائين ته ٻوڙ ۾ دير هوندي سو چيائين ته ”ٻوڙ نه باقي ڪا به ڪچي شيءِ ٽماٽا بصر وغيره ڪجهه به هجي کڻي اچ!“ هو ڊوڙندو ويو سو کوڙ سارا ٽماٽا به کڻي آيو. ٽماٽا به ائين ورهايا ويا ۽ ڀٽو صاحب هڪ هٿ ۾ ويڙهيل ماني ٻئي ۾ ٽماٽو چڪ هڻندو کائيندو ويو. اها هئي ڀٽي صاحب جي عوامي طبيعت. مون اڄ تائين اهڙو عوامي ليڊر، بشمول قائداعظم جي ٻيو ڪونه ڏٺو. نه گانڌي، نه نهرو، نه مولانا آزاد، نه جناح، نه لياقت علي. هر ڪنهن ۾ پنهنجون پنهنجون خوبيون ۽ ڪمزوريون هيون. پر ڀٽو صاحب ته ڪو جن هو. بيشمار قوت ارادي جو مالڪ، وڏي ڳالهه جذبي جي آهي.
حيدرآباد ۾ راجپوتانا اسپتال سامهون، واٽر پمپ جي ڀرسان ڪولهين، ڀنگين ۽ ٻين غريبڙن جون جهوپڙيون سڀ ڪنهن ڏٺيون هونديون. ڀٽو صاحب ان وقت پريزيڊنٽ ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هئو ۽ سندس قافلي ۾ ملٽري جا جنرل، ڪمشنر، وڏا آفيسر هئا. جيئن ئي سندس نظر جهوپڙين تي پئي ته ڪار کي اوڏانهن موڙائي لهي غريبڙن کي سڏي ساڻن گڏ کٽولن تي ويهي رهيو. پوليس، ملٽري ۽ آفيسرن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ڇاڪاڻ ته رٿيل پروگرام توڙي پروٽوڪول وغيره درهم برهم ٿي ويا. ماڻهن جا مسئلا ٻڌي ٿڏي تي حڪم ڏنائين ته بجلي، پاڻي ۽ روڊ جو بندوبست ڇهن مهينن اندر ٿي وڃي جو مان هت وري اچي پاڻ ڏسندس ۽ ائين ئي ٿيو. اهو هو ڀٽي صاحب جو ڪرشمو.
ڳالهه ٻڌم ته ضياءَ جي مارشل لا دوران پنجاب ۾ پڪي رستي تان ملٽريءَ جي گاڏي پئي وئي. اڳيان هڪ پنجابي ڳوٺاڻو بيل گاڏيءَ تي پنهنجي ڌن ۾ مست بي پرواهي سان ويو پئي. ملٽري وارن گهڻو ئي هارن وڄايا پر هن گاڏي روڊ تان نه لاٿي. ملٽري وارن پنهنجي گاڏي بهر صورت اڳيان ڪڍي، بيل گاڏيءَ کي روڪي، ان پنجابي ڳوٺاڻي کي هيٺ لاهي ٿڦ وهائي ڪڍي، پوءِ هڪ ملٽري واري کانئس فاتحانه انداز ۾ پڇيو ته ”خبر اٿئي ته توکي ٿڦ ڇو هنئي اٿئون؟“ هن پر اعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو ته، ”هائو خبر اٿم!“ چيائونس ته ”ٻڌاءِ ته ڇا خبر اٿئي ته توکي ڇو ٿڦ لڳي؟! هن ڳوٺاڻي وري به پراعتماد لهجي ۾ ورجايو ته، ”ڀٽو ناهي!“ مار! ڳوٺاڻي کي اهو احساس ته ٿڦ انهيءَ ڪري لڳي جو ڀٽو ناهي. جي ڀٽو هجي ها ته مجال آهي ڪنهن کي جو کيس ٿڦ هڻي.
گهڻا سال پوءِ 1980ع ۾ مان فيڊرل سروس ٽربيونل جو جج هئس ۽ جسٽس ڪئپٽن دائود اسان جو چيئرمين هو. سرحد جي قبائلي علائقي ۾ وڃڻ ٿيو. اتي هڪ پير مڙد قبائلي پٺاڻ کان جسٽس دائود پڇيو ته ”اليڪشن ۾ ووٽ ڪنهن کي ڏيندين؟“ ته قبائلي بنا تردد جواب ڏنو ته ”ڀٽي کي!“ جسٽس دائود جو پاڻ پٺاڻ هو تنهن کيس چيو، ”ڀٽو ته مري ويو!“ هن وري چيو ته، ”ته به ووٽ ڀٽي جو آهي نه!“ اها هئي ڀٽي صاحب جي مقبوليت جو ماڻهن جي دلين تي ڇانئجي ويو هو. قبائل جي دور دراز پهاڙي علائقن ۾ به ماڻهن جي دلين تي ڀٽي صاحب جون مهرون لڳل هيون. يادداشت به غضب جي هئس. حيدرآباد ۾ قمرالزمان شاهه، ڀٽي صاحب جي مان ۾ ائٽ هوم (آجياڻو) ڏنو. ائٽ هوم ۾ ميزون ڇڙوڇڙ رکبيون آهن ۽ هر هڪ ميز جي چؤگرد ڇهه، اٺ مهمان ويٺل هوندا آهن ۽ آخر ۾ مهمان خصوصي هر هڪ ٽيبل تي پاڻ وڃي مهمانن کي کيڪاريندو آهي. منهنجي ساڻس المرتضيٰ تي ٻه چار دفعا نجي محفلن ۾ شرڪت ٿيل هئي. جڏهن اسان جي ٽيبل وٽ آيو ته مونکي فرسٽ نيم سان سڏي چيائين، ”جمال ڪو ڪم ڪار هجي ته بلاشڪ چؤ!“ مون شڪريو ادا ڪندي چيو ته، ”سائين ڪم پيو ته ٻيو ڪنهن کي چونداسين!“ ٻئي دفعي جلسي گاهه ۾ هڪ ماڻهو هر هر اٿي پيو بيهي ته جيئن ڀٽو صاحب کيس ڏسي. ڀٽي صاحب به تقرير ڪندي لائوڊ اسپيڪر تي سندس نالو وٺي چيو ته، ”فلاڻا ڏٺو اٿمانءِ، هاڻي چپ ڪري ويهي رهه!“ نجي محفلن ۾ ته ڪو ٽوڪ ڪو رک رکاءُ ڪونه ڪندو هو ۽ مزو ڀرپور وٺندو هو ۽ پاڻ تي ڪا نقلي روڪ ٽوڪ ڪونه مڙهيندو هو. اهي نجي ڳالهيون ڪرڻ مناسب ناهن. ڀٽو صاحب دوستيءَ ۾ ننڍ وڏائي نه ڪندو هو. هڪ معمولي ڊپٽي ڪليڪٽر جمال الدين جماڻي کي به سندس دوست هجڻ جي دعويٰ هئي، جمال الدين جماڻي لاهوري محلا لاڙڪاڻي جو هو ۽ ڪلارڪي مان چڙهي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو هو ۽ ڏاڍو يار ويس ماڻهو هو. جون 1967ع ۾ پنهنجي دوست گلاب رنگ ائڊووڪيٽ سان گڏ ڪراچي ٿي آيو ته روڊ حادثي ۾ گذاري ويو.
بابا جو ذڪر ڪندي وڃي اسان جي مرحوم مهربان دوست شهيد ڀٽي تي پياسين. جو سر ڏئي سرهو ٿيو هو ۽ ثابت ڪيائين ته اهڙا اڙٻنگ ڪڏهن به مري مات نه ٿيندا آهن. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. اسين ته ٺهيو پر يورپ ۽ آمريڪا جي اخبارن به لکيو ته زندهه ڀٽي کان مردهه ڀٽو وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو جا حقيقت سندس نياڻي بينظير ڀٽو صاحبه سچ ڪري ڏيکاري، ترڪيءَ جي وزيراعظم عدنان ميندرس جو مثال به اهڙو ئي آهي.
اڄڪلهه هر ڪو ايم اي پاس ڪري پاڻ کي ماسٽر ٿو سمجهي. نه اهي خصلتون، نه اها سوچ ۽ دانش، نه اهو اخلاق ۽ ڪردار پوءِ به چي مان ايم اي آهيان. خير الله کين تنبيهه ڪري عزت به الله ٿو ڏئي ۽ کنگهائي کنگهائي ٿو ڏئي. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ڪير ٿو ڪنهن کي پڇي. مون ته هاءِ ڪورٽ جي هڪڙي رٽائرڊ جسٽس کي ڏٺو ته جڏهن سامهون پئي آيو ته ڪي آفيسر ڦيرو ڏئي ٻي گهٽيءَ ۾ ترڪي ويا. پڇڻ تي چيائون يار ڦاسي وڃون ها، پنهنجا گذريل ڪارناما ٻڌائي ميڄالو چٽي وڃي ها. رٽائرڊ آفيسر واقعي ٻاٿون پيا کائن ته ڪو پاڻ جهڙو واندو مل هٿ اچي ته گذريل ڳالهيون ڪري، چار ٽهڪ ڏجن. بابا جو الٽو اهو حال هو جو وٽس وزير، امير، آفيسر شوق سان ملاقات لاءِ ايندا هئا، پر پاڻ پيو لهرائيندو هو. سندس زندگي اهڙو مڪمل ڪتاب هئي جو ڪا ڏند وٿي ڪانه هئي. جو واندو ويهي تيلو يا تيلي کڻي ويهي وِٿي کوٽجي. سندس دانش تدبر، صبر ۽ شڪر جو مثال ته مٿي ڏئي چڪو آهيان، ته ادا شمس جي ڪمزورين تي ڪيئن سولائي، سياڻپ ۽ سهڻي طريقي سان ڪک رکي يا ڍڪ ڍڪي، جيڪي سو اڳلي کي سبق سيکاري ويو.
هون به اسان پٽن کي ڪافي آزاد ماحول ۾ رکيائين ۽ پنهنجي تقدس جي پنجوڙ کان به آزاد رکيائين. نماز، روزي ۽ قرآن شريف جي دؤر لاءِ به ڪڏهن سوڙهو ڪونه گهٽيائين، البت ان جا فائدا بحث مباحثي جو موضوع بڻائيندو هو، پوءِ هر ڪنهن جي مرضي. ڀلا زوريءَ نماز پڙهڻ يا مٿو ٽيڪڻ مان ڪهڙو هوند شڪر. اسڪولي ڪم لاءِ به زور نه ڀريندو هو. جيڪي سو مئٽرڪ جي پرلمنري امتحان ۾ مونکي پاڻ چيائين ته ”جمال ڏسون ته بنان پڙهڻ ۽ محنت جي ڪيتريون مارڪون ٿو کڻين يا ڪهڙو نمبر ٿو اچين!“ مون به ڪتاب کڻي ڇڏيا ۽ پوءِ جڏهن نتيجو نڪتو ته ڏاڍو خوش ٿيو جو مان بنا پڙهڻ جي ذهانت جي زور تي سڄي ڪلاس ۾ پهريون الائي ٻيو نمبر آيس. ايئن مون ۾ هڪ قسم جي خود اعتمادي اچي وئي يا هڪ رٿا موجب پيدا ڪئي وئي. مئٽرڪ جي امتحان لاءِ، ته محنت ڪرڻي ئي هئي.
هڪ ڏينهن الائي ڇا جي ڪري مان ڪتابن جي ويجهو ئي ڪونه ويس. مان ۽ بابا ميرپور خاص ۾ اڪيلا رهندا هئاسون. سو هن منهنجي اها بي خيالائي نوٽ ڪري ورتي. رات جي ماني تي آرام سان سمجهايائين ته پڙهائي کي اڌ ۾ ڇڏڻ سان سلسلو ٽٽي ٿو وڃي سو توکي ائين ڪرڻ نه کپي. کيس اهو به شوق هو ته مان پهريون نمبر اچان. سندس نصيحت جو نتيجو اهو نڪتو جو مان ماڳهين پڙهائي ڇڏي ڏني ۽ ٽي چار ڏينهن ڪتابن کي هٿ ئي نه لاتم. پوءِ اُها منهنجي انا هئي يا عزت نفس يا باغي طبيعت يا ٻيو ڪجهه، خبر ناهي. بابا اها صورتحال ڏسي مونکان پڇيو ته ”ائين ڇو!“ مون کيس صاف ٻڌايو ته ”توهان جو ان ڏينهن مونکي چيو سو انهيءَ جو نتيجو اهو آهي!“ پاڻ بلڪل ڪونه ڪاوڙيو. رڳو مرڪي چيائين ته ”مار تون ڪو ايڏو جذباتي آهين، مونکي خبر ئي ڪانه هئي، بس بابا اڳتي مان نه چوندس تنهنجي مرضي!“ اڄ ٿو سوچان ته پيءُ کي ايئن صاف منهن تي چئي ڏيڻ، سندس ئي تربيت ۽ همت افزائي جو نتيجو هوندو.
ٻيو به هڪ واقعو ٿو ياد اچي. حيدرآباد ۾ هيرآباد ۾ رهندا هئاسون ته ٽيپهري جو منهنجو دوست محمد سعيد انصاري آيو ۽ خيال ڪيوسين ته غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري تائين پنڌ ڪري اچون. اسين تيرهن چوڏهن سالن جا ڇوڪرا هئاسين ۽ تن ڏينهن ۾ ان طرف صاف ميدان هو ۽ ڪا به وسندي ڪانه هئي. اٿياسون ته ”بابا پڇيو ته ڪاڏي ٿا وڃو!“ چٽو ياد اٿم ته کيس چيم ته ”مڙيئي رلڻ پنڻ ڌڪا کائڻ!“ اکر ڪونه ڪڇيو ۽ کلي ماٺ ٿي ويو. هي ٻيو ثبوت ته اسان کي ڪيڏي نه راءِ جي آزادي ڏئي ڇڏي هئائين جو بي ڌڙڪ صاف سڌي ڳالهه چئي ٿي ڇڏيسون. انهيءَ طبيعت مونکي زندگيءَ ۾ گهڻا فائدا به ڏنا ته وڏا نقصان به پر ان لاءِ ڪو افسوس ڪونه اٿم ۽ بابا جو ٿورائتو آهيان، جنهن مونکي اظهار جي ايڏي آزادي ۽ جرئت ڏني جو مان ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو ڪونه جهڪيس. ڪڏهن حوصلو ڪونه وڃايم ۽ ڪڏهن غلط ڪم نه ڪيم بلڪ منهن تي انڪار ڪرڻ کان به ڪونه مڙيس. منهنجي وڏي ڀاءُ شمس الدين ۽ ننڍي ڀاءُ ڪمال الدين جي به اها ئي روش هئي. يعني ته بابا جو فيض عام هو. نه ڪنهن هڪ لاءِ مخصوص.
سندس زيردست ماستر صاحب به وٽس بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا ۽ دل جون ڳالهيون ڪري شڪوه شڪايت ڪري دل جو بار هلڪو ڪري ويندا هئا. پاڻ ماستر صاحبن سان اٿي بيهي هٿ ملائيندو هو ۽ موڪلائڻ مهل به اٿي اڳڀرو ڪري ايندو هئن. انهيءَ ڪري پٽيوالا ڪلارڪ ۽ ماستر صاحب سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. مون اڳ به لکيو آهي ته عزت ڪمانڊ ڪبي يعني وصول ڪبي آهي. خيرات ۾ ڪانه ملندي آهي. عزت ملندي آهي اخلاق، ڪردار ۽ اخلاص کي. ماڻهوءَ جي هڏ ۽ ماس کي عزت ڪانه ملندي آهي. عام ماڻهو چوندا آهن ته ’عزت آهي ڪرسيءَ کي‘، يعني عهدي ۽ رتبي کي. ڪوڙ، غلط، ڪرسي يا عهدي کان ماڻهو ڊڄن ٿا، عزت نٿا ڪن. هڪ معمولي پوليس وارو اچي ٿو ته ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ٿو وڃي ۽ بيوقوف پوليس وارو انهيءَ کي پنهنجي وڏائي ۽ عزت سمجهي ٿو. ماڻهن جي انهيءَ غلط رويي سبب آفيسر به ائين سمجهڻ لڳن ٿا ته رعب تاب ۽ مار موچڙي ۾ عزت آهي ۽ پوءِ اهو سندن وطيرو ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح ظلم وڌندو رهي ٿو ۽ غلط رويا جنم وٺندا رهن ٿا ۽ معاشري جو ڪلچر ائين تبديل ٿي وڃي ٿو، جو ظالم ۽ ڏاڍ ڪندڙ لاءِ چون ته ’مڙس ماڻهو آ، شينهن مڙس آ، وڏي دٻدٻي ۽ رعب وارو آهي‘، چڱي ماڻهوءَ لاءِ چون ته ’پهرئين نمبر جو ڀاڙي آهي‘. ’ڪو حال ڪونه اٿس‘، ’اڳڙيءَ جو ٺهيل آهي‘. انهيءَ کي چئبو آهي ’گهٽ اشراف، زور ڪميڻو‘. انهيءَ ڪري محاورا ٺهي ويا ته ’درويش آهي‘، ’ساڌ‘ آهي معنيٰ بيوقوف آهي. پر حقيقت ۾ جيڪو اصول تي اڏول ٿي بيهي ۽ ڏاڍ توڙي ڏاڍي کي جهڪائي وجهي، اهو ئي صحيح معنيٰ ۾ مڙس ماڻهو آهي.
مون وٽ خيرپور ميرس ۾ هڪ پراڻو واقفڪار آيو. ويهي چانهه وغيره پيتيسون ۽ ڪچهري ڪئي سون. ڳالهين ڪندي ڪن آفيسرن جي ساراهه ڪندي واقعا ٻڌائيندو ويو ته ڪيئن ڪم ڪرڻ جا مڙس ماڻهو آهن، اصل تريءَ تي بهشت! واهه فلاڻو مڙس! واهه فلاڻو شينهن جو پٽ! مون آرام سان چيومانس ته ”ادا مان مڙس ماڻهو انهيءَ کي سمجهندو آهيان جو ويجهي ۾ ويجهي دوست توڙي سڳي ڀاءُ کي منهن تي جواب ڏئي ڇڏي!“ هو ڪو ڪم کڻي آيو هو سو اها ڳالهه ٻڌي ککو وکو ٿي ويو ۽ چوڻو پيس ته ”ها اها به مڙسي آهي!“
سجاول ۾ هڪ دفعي آڌي رات جو منهنجو تمام پيارو دوست مرحوم نور محمد سمو، ماڙي جلباڻي وارو، جيپ ۾ چڙهي حاجي عبدالخالق سومري جو پوءِ ايم پي اي به ٿيو، سان گڏ آيو، عزت سان ويهاريومان مرحوم نور محمد چيو ادا حاجي عبدالخالق جو ڪم آهي سو تو وٽ هلي آيا آهيون. مون چيو حڪم ڪيو. چيائون ته ”فلاڻو ڪيس پيو تو وٽ هلي، ان ۾ جوابدارن کي سزا ڏي!“ مون چيومانس، ته ”ادا هڪ ته ڪيس جي باري ۾ چوڻ ئي نه کپندو هئو ٻيو ته ڪنهن جي چوڻ تي سزا ڏيڻ جهڙو ڪُڌو ڪم ڪرڻ منهنجو اصول ئي نه آهي!“ عبدالخالق سومرو ٻاهر نڪتو ته نور محمد سمي ڏاڍو خوش ٿي ڏوراپو ڏيڻ بدران چيو ته ”ادا ڏاڍو سٺو جواب ڏنئي!“
ٻه ٽي ٻيا به اهڙا واقعا ٿيا. هڪ ماڻهو منهنجي وڏي ڀاءُ شمس جو خط کڻي آيو. لکيو هئائين ته ”هن ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻڌي انصاف ڪندا!“ خط پڙهي چيومانس ”حڪم ڪر!“ چيائين ”فلاڻي ماڻهوءَ کي سزا ڏي!“ هن جو ايترو چوڻ ۽ پير مان چمبل لاهي اچي ٿو وٺانس. وٺي ڀڳو مان به پادر هٿ ۾ پٺيان در تائين ويومانس. پر ڀڄي ويو. نوڪرن پٽيوالن ڏٺو ته سفارشيءَ جو ڇا حشر ٿيو. اهڙا واقعا ساک ڄمائي ٿا ڇڏين ۽ پوءِ ڪنهن کي اهڙي جرئت نٿي ٿئي.
حيدرآباد ۾ 1961ع ۾ منهنجو سابق استاد مسٽر ورياڻي ايم پي اي آيو ۽ چيائين ته ڪم اٿم. عزت سان کانئس پڇيم ته چيائين ته ”فلاڻو مٺيءَ جو مکي تنهن تي فلاڻي وڪيل مسٽر امر ڪيس ڪيو آهي سو ان کي سزا ڏي!“ هٿ ٻڌي چيومانس ته ”سائين ائين ڪونه ڪندس!“ ته وري چيائين ”ڇو ڀلا؟“ چيومانس ته ”سائين مون اصول ٺاهي ڇڏيو آهي ته ڪنهن جي چوڻ تي جوابدار کي ڇڏي ته سگهجي ٿو پر سزا اصل نه!“ اهو ٻڌي اٿي کڙو ٿيو ۽ مون وٽ اچي پٺي ٺپي چيائين ”اهو سٺو اصول آهي!“ جيڪو پاڻ جهڪي ويو سفارش پئسي (رشوت) آڏو يا زورآور آڏو، اهو ڪيئن مڙس ماڻهو! ناممڪن، اهو ته ڀاڙيو بي ضمير، ۽ زرمريد چئبو.
بابا اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو. مونسان نه، پر منهنجي روبرو ٻين سان. سمجهائڻ جو اهو اڻ سڌو طريقو ڏاڍو اثرائتو آهي. پنهنجا خيال ٻين ۾ زوريءَ ٺوسڻ جي ڪوشش نه ڪجي ڇو ته ائين ڪرڻ سان اڳلي جي دل ۾ مخالفت جي ڍال اڀري اچي ٿي ۽ چڱا خيال به ان سان ٽڪرائجي زخمي ٿي اچي ٿا ڦهڪو ڪن. منهنجا ٻار جڏهن ننڍا هوندا هئا تڏهن، توڙي هاڻي جڏهن وڏا ۽ مضبوط ڪردار جا مالڪ ٿي چڪا آهن. مان اهڙي نموني سان ڪنهن مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري معاملي کي ڇڏي ڏيندو آهيان ۽ هو سوچ ۾ پئجي پنهنجا نتيجا اخذ ڪندا آهن. اها ڳالهه مونکي ورثي ۾ ملي آهي. ۽ شال پشت به پشت هلي.
اڄڪلهه جا ٻار ته پاڻ زور ٿي پيا آهن ۽ الٽو وتن مائٽن ۽ ٻين مان ويڪو ڪڍندا. ٻيو ته ٺهيو پر ٽي وي وارا به ان رجحان کي وتن زور وتائيندا. ڀائي، پاڻ کي گهٽ سمجهڻ ۽ اڻ ڄاڻ سمجهڻ بهترآهي انهيءَ کان جو پاڻ کي عاقل ۽ سڄاڻ سمجهي ماڻهو وتي ٻين تي جُهلون ۽ اُلرون ڪندو. پوءِ فرض وڃن ٿا وسري ۽ رڳو حقن جي ڳالهه هلي ٿي. جنهن ڪري خود مطلبي، خود پسندي ۽ خود غرضي جو ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. هميشھ فرض پنهنجا سڃاڻجن ۽ حق ٻين جا. ماءُ پيءُ جا حق، مٽن مائٽن جا حق، اوڙي پاڙي جا حق، رستي تي هلندڙ هر شهري جا حق، گراهڪ يا خريدار جا حق، جيڪڏهن پراون جا حق نڀائڻ جي عملي ڪوشش ڪجي ۽ فرض سمجهي ڪجي، ته پنهنجا حق ياد ڪرڻ جي فرصت ڪانه ملندي ۽ اهي حق جن لاءِ اسين چيخون پڪاريون ٿا سي پاڻهي ئي اچي جهوليءَ ۾ پوندا. هر ڪو پنهنجا فرض نڀاهي ته هوند معاشري ۾ ماٺار، سڪون ۽ چڱا عمل ڪرڻ جي چٽا ڀيٽي ٿي وڃي ۽ سڄو معاشرو سڌري وڃي. اسين ان بجاءِ خار، ساڙ، حسد، ۽ هنگامي جو ڪلچر پيا پيدا ڪرين ۽ وتون ٻين کي ٽيڪرون ڏيندا ته لٺڙيا ٿين ۽ مار ڌاڙ ختيار ڪن. خدا جو شان جو اهڙن غلط رجحانن کي سورهيائي ۽ هيروازم جو درجو ڏيو ڇڏين، جيئن پنهنجو پجيرو ۽ بنگلو سلامت رهي. ٻيا ته ٺهيو خود استاد، نفاق ۽ ويڙهه جو ٻج ڇٽي، پنهنجي ڏاڪڻ ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، چوندا آهن ’ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو‘، ’جيئن لُڙ تيئن لئه، جيئن لُڙ تيئن لئه، ‘.
اڄ تاريخ ڏهين مارچ 1996ع تي جنگ اخبار ۾ هڪ وڏي اشرافيه دانشور ۽ ڪروڙ پتي طبيب، حڪيم محمد سعيد صاحب جو بيان آهي ته، ”اسين غلام آهيون سو مان نوجوانن کي باغي بڻائيندس!“ نعوذ بالله، پنهنجي آزاد جمهوري ملڪ ۾ غلام ڪيئن چوائبو ۽ نوجوانن کي باغي، شرپسند ۽ قانون ٽوڙ ۽ امن دشمن بڻائي ملڪ مذهب ۽ ان مخصوص مراعات يافته طبقي جي ڪيئن ۽ ڪهڙي خدمت ڪري سگهبي. سواءِ پنهنجي مخصوص مفادات کي تحفظ ڏيڻ جي ۽ پنهنجي اشرافيه طبقي ۽ سرمائي جي بچاءُ ۽ ليڊري چمڪائڻ جي، نوجوانن کي ايئن انڌ جي گهوڙي تي چاڙهي، ٻليدان جو ٻڪرو بنائڻ منافقانه ۽ غير اسلامي عمل آهي. اسلام ته آهي ئي امن جو مذهب جو اعلانيه فحشا منڪر و بغ (تشدد ۽ بغاوت) جي منع ٿو ڪري ۽ هڪ انسان جي قتل کي سموري ذات جو قتل ٿو سڏي ۽ حڪومت وقت جي اطاعت جي تلقين ٿو ڪري. هي ڪهڙا دانشور ۽ مؤمن آهن جو بغاوت جو درس پيا ڏين. ياد رهي ته حضور نبي ڪريم ﷺجي سموري مڪي توڙي مدني زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ٻنهي ڌرين يعني مسلمانن توڙي ڪفارن جا صرف هڪ هزار ۽ ست ماڻهو قتل ۽ شهيد ٿيا هئا. اڄ صرف ڪراچيءَ ۾ اسان جي پڙهيل لکيل دانشورن ۽ ليڊرن رڳو هڪ سال اندر اڍائي هزار بيگناهه نوجوان قتل ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ اڃا هينئون نه ٺريو اٿن. اي چرخ گردان تفو بر تو. لعنت الله علي المفسدين والفاسقين.
بابا جي طبيعت ۾ ايڏي ماٺار ۽ اطمينان هو جو قلب مطمئنه جو گمان ٿيندو هو. قلب مطمئنه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿئي. هميشه هڪ ڪندي مون نه ڪڏهن کيس ٽهڪ ڏئي کلندو ڏٺو نه رئندي. ماءُ گذاري ويس. پٽ گذاري ويس. ته به ماٺ. نيٺ امان پڇيس ته، ”شمن جا پيءُ ماءُ جو ڏک ٿيئي ڇا؟“ چيائين ”نيٺ ته ماءُ هئم!“ بس انهيءَ کان وڌ ڪجهه نه چيائين. ڳالهائڻ مهل ڪڏهن به هٿ هلائي يا مڪون هڻي جوش جو مظاهرو ڪونه ڪيائين. جوش هوندو ته هوش نه هوندو. جي هوش هوندو ته جوش نه هوندو. جوش جو همت ۽ جرئت سان واسطو نه آهي. ايئن ته سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’سکڻي ڪني گهڻو اڀامي‘. هڪ دفعي پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا کان پڇيم ته، ”خوشي ڇا آهي؟“ منهنجو تڪيو ڪلام هوندو هو جو، جڏهن ڪو رسمي طرح پڇندو هو ته ”خوش آهيو، چڱا ڀلا؟“ ته مان جواب ڏيندو هئس ته ”خوش آهيان پر خوشي ڪانهي!“ سو پروفيسر جهامنداس کان هڪ اکرو ڏکيو سوال پڇيم ته، ”خوشي ڇا آهي؟“ هڪ اکرو جواب مليم ته ”توازن!“ ’توازن معنيٰ ماڻهو ڪنهن به ننڍي وڏي ڳالهه يا واقعي تي توازن نه وڃائي ۽ پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکي‘. ڪهڙو نه سهڻو جواب ۽ سهڻي ڳالهه! اسين آهيون جو پليٽ ٽٽڻ تي ڇرڪ اچي وڃي. رڙ ڪيون يا آپي مان نڪري وڃون. پوءِ خوشي ڪيئن ملندي؟ پوءِ ته قدم قدم تي پاڻ لاءِ پاڻ ئي آزار پئدا ڪنداسون. سو توازن، يعني صبر ۽ شڪر آهي. سچي خوشي. مان ٿورائتو آهيان پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو ۽ ٻين انيڪ ڪرم فرمائن جو جن سهڻا سهڻا نڪتا ٻڌايا ۽ سمجهايا. جي دل سان هنڊائي مان صبر شڪر ۽ توازن جي طفيل هيڏي وڏي شهر ۾، مهلڪ بيماري هوندي به آرام سان جيان پيو. اها شاهدي منهنجا پٽ ۽ ڌيئون به ڏيندا.
پر هڪ ڳالهه آهي ته مان جوش تي قابو پائي نه سگهيو آهيان. بعضي ته غضبناڪ به ٿي ويندو آهيان. جوش ۽ غصي تي قابو پائڻ وڏي ڳالهه آهي. مهانتا آهي. اها مهانتا شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو ۾آهي. سائين جي ايم سيد ۾ ڪانه هئي پر ان جو ٻيو سبب هو، ڇاڪاڻ ته هو اصول تي سوديبازي ڪونه ڪندو هو ۽ پنهنجي فيصلي تي اٽل هو، جي ٻيئي هڪ ڪندي خوبيون آهن. هونئن، مون جيڪي ڪجهه سمجهيو آهي، ۽ فطرت کان پرايو آهي، سو اهو ته ڪو به جذبو منفي ناهي، هر جذبو صحيح استعمال سان مثبت ۽ شاندار ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو. مٿي لکي آيو آهيان ته ڊپ يا خوف جو جذبو ماڻهوءَ کي مدافعت سيکاري ٿو. اوندهه کان ڊنو ته روشني ايجاد ڪيائين. جهڙ مينهن، سيءُ ۽ درنده جانورن کان ڊنو ته گهر اڏڻ شروع ڪيائين. بک کان ڊنو ته کيتي ڪيائين. ڏسو ته سڄي ترقي ۽ تمدن جو بنياد خوف جي جذبي جي مرهون منت آهي. ايئن ئي ڪوڙ، ڦرلٽ ۽ ڏاڍ تي ’غصو‘ اچڻ، مثبت جذبو آهي، ايئن ڇڪي تاڻي پاڻ سان جهيڙيندي مان جج هجڻ دوران ان نتيجي تي پهتس ته چوري به مثبت سوچ جو نتيجو آهي، چور آخر ايڏو جوکم ڇو ٿو کڻي، جنهن ۾ سر به وڃي سگهي ٿو، يا ٽنگ ٻانهن به ڀڄي سگهي ٿي، جيل به اچي سگهي ٿو. محرڪ جذبو ته اهو ئي آهي نه ته پاڻ توڙي ٻچن کي چڱو کارائجي، چڱو پهرائجي ۽ زندگي جون چڱيون شيون حاصل ڪجن. اها ته چڱائي آهي. پوءِ پاڻ سان جهيڙيندي جهيڙيندي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اهو چڱائيءَ جو غلط استعمال آهي، جو ڏوهه به آهي ته گناهه به. ڳالهه ته اصل عمل جي آهي يا شري رامچندر چواڻي ’ڪرم‘ يعني ’ڪم‘ جي. اهڙن ويچارن ڪري مان سزائون هلڪيون ڏيندو هئس. ڦاسيءَ جي سزا ته ڪنهن کي ڪونه ڏنم. ٽالسٽاءِ چواڻي، ”ڦاسي بهر صورت ظاهر ظهور هڪ ٻيو قتل آهي!“
بابا به مڪمل صبر ۽ شڪر جي باوجود، عمر جهيڙيندي يعني جهاد ڪندي گذاري. جذبي کان عاري ڪير ٿو ٿي سگهي. سندس جذبو اهڙو سچو ۽ اتم هو جو ڪڏهن به هٿ هٿ تي رکي ماٺ ڪري نه ويٺو. ڪتاب لکيائين ”رسومات تباهي“ جنهن ۾ معاشري جي خرابين ۽ غلط رسمن خلاف آواز اٿاريائين. پيرن جي خلاف ته مسلسل ۽ زور شور سان جهاد ڪيائين. ان وقت پير به پير هئا، جو نالو ٻڌندي گهر ويٺي ماڻهن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي. راڻي پور جو سائين صالح شاهه، ٽنڊو سائين داد جو خواجه حسن جان سرهندي ۽ ٻيا بيشمار پير اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيا ويٺا هئا. بابا نه رڳو گفتار جو بلڪ ميدان جو به غازي هو، ڪتابن ۽ مضمونن سان، تقريرن سان ڌوڙيو لائي ڏنائين. پوءِ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي سندس صحبت ۾ اها واڳ سنڀالي ۽ واهه جا وار ڪيائين. اهو صحيح آهي ۽ ايئن ڪرڻ ضروري آهي.
ماٺ ڪرڻ سان مشرڪ ٿيو. قرآن حڪيم ۾ آهي ته ’چڱائي جي تلقين ڪيو ۽ برائي کان منع ڪيو‘. حديث شريف ۾ ته ’ايمان جي تشريح، اها آهي ته جتي به برائي ٿيندي ڏسو ته ان کي زور سان روڪيو، ان کان گهٽ درجو ايمان جو اهو آهي ته جيڪڏهن زور سان روڪي نٿا سگهو ته پوءِ ان کي زبان سان روڪيو‘. ظاهر آهي ته زبان ۾، قلم يعني زور تحرير و تقرير شامل آهي. چئلينج آهي سڄي دنيا جي اديبن، دانشورن، فلسفين ۽ انقلابي اڳواڻن کي ته ان کان ڪو بهتر انقلابي دستور يا نعرو ايجاد ڪري ڏيکارين! جيڪڏهن قوم يا معاشري جو هر فرد ان اصول تي هلڻ شروع ڪري ته انقلاب اچي چائنٺ چمي. ڀلي ڀيٽي ڏسو مارڪس، لينن، روسو، موسيٰ عليھ السلام، عيسيٰ عليھ السلام کي ته هن کان بهتر نسخو ڪنهن وٽ ڪونه آهي. مارڪس، لينن ۽ مائو ته صاف چيو ته عوام جي هٿياربند ويڙهه اڻٽر آهي. اهو به ’تاڪ شود‘ (جڏهن وڃي ٿئي) آهي.
حضرت عيسيٰ عليھ السلام فرمايو ته، ڪو ”هڪ ڳل تي ٿڦ هڻي ته ٻيو ڳل پاڻمرادو ڏيوس ته ڀلي ٻي ٿڦ هڻي!“ حضرت گوتم ٻڌ به مڪمل اهنسا جي تلقين ڪئي. عملي صورت ڏسو ته عيسائي اڄ تائين ڪروڙين ماڻهو ماريندا اچن ۽ ٻوڌي حضرات به ڪمبوڊيا، لنڪا ۽ ٻين ٻوڌي ملڪن ۾ ڪمال بي رحمي سان ڪِيس جاري رکيو اچن. ظاهر آهي ته اهو عيسائي ۽ ٻوڌي اصول فقط وقتي ضرورت مطابق هو ۽ ان کي آفاقي ۽ هر دؤر ۾ لاڳو ڪرڻ جي حيثيت قطعي ناهي ۽ خود ان جا پوئلڳ ان کي رد ڪري چڪا آهن. ڏسو ڪمبوڊيا، ٿائلينڊ، برما ۽ سريلنڪا ۾ ٻوڌي ڇا پيا ڪن؟ لکين ڪروڙين ماڻهو مارجي ويا آهن. جيڪي جيت جڻئي کي مارڻ کان به منع ڪن سي انسانن جو بي دريغ خون وهائيندا اچن. عيسائي حضرات جيڪي هڪ ٿڦ لڳڻ سان ٻيو ڳل آڏو ڪرڻ جا قائل آهن تن ڪروڙين انسانن جو قتلام ڪري ڇڏيو.
ماضي قريب يا ماضي بعيد ته ڇڏيو، اڄڪلهه ڇا ڇا نه ٿيو ۽ ڇا ڇا نه پيو ٿئي. چليءَ ۽ بوسنيا ۾، چيچنيا ۾، آفريڪا ۾ ڪروڙين ماڻهو ديده دانسته، سنڌي ۾ چون ’ديناداستي‘، ڪٺا ۽ ماريا ويا. پوءِ به اسلام ۽ مسلمان بڇڙا! حالانڪ نبي پاڪ ﷺجن جي سموري مڪي توڙي مدني زندگي ۾ ٻنهي ڌرين، مسلمانن توڙي ڪفار جا، ڪل هڪ هزار، صرف هڪ هزار ماڻهو قتل يا شهيد ٿيا. پوءِ به ٺڪر ڀڄي مسلمانن تي! منهنجيون ڌيئرون جي. منهنجي خيال ۾ هر ڪنهن سان چڱو هلن، آئي ويل ڪم اچن، تن مونکان سڌو سوال ڪيو ته بابا ’چڱائي جي بدلي ڏنگائي ڇو ٿي ملي؟‘. سوال ڏکيو هو. چوندا آهن ته ’ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه!‘ ڀلي موٽ ۾ چڱائي نه ڏيو پر ڏکويو ته نه. مون چيو ’چڱا ڪن چڱايون مدايون مدن، جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سيئي ڪن!‘ الائي ڪهڙو واءُ وريو آ جو ’اشراف‘ کي چون ’ڪميڻو‘ ۽ ’ڪميڻي‘ کي ’اشراف‘.

9

منهنجو مرحوم دوست نور محمد سمو هر ڳالهه ۾ مذاق ئي مذاق ۾ هڪڙو جملو ورجائيندو هو ته ”خراب ٻار، خراب خيال!“ (bad boy bad thoughts) ڪو گلا ڪندو، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي اسڪيم ٺاهيندو، ڪنهن جي رنج تي خوش ٿيندو ته نور محمد صاحب کلندي کلندي چئي ويندو ته ”بيڊ بواءِ، بيڊ ٿاٽس!“ ڏاڍو معنيٰ خيز جملو آهي ۽ هر هنڌ ٺهڪي ٿو اچي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته اهڙن ماڻهن ۾خاميون پاڻ ۾ آهن، پوءِ ٻين جون خوبيون به کين خاميون ٿيون نظر اچن. مون اڪثر ڏٺو آهي ته جنهن ۾ جا خرابي هوندي آهي، اها هو هر ڪنهن ۾ ڏسڻ چاهيندو آهي. جي ڏسڻ ۾ نه ايندس ته هٿرادو ٺاهي مٿس ٿڦيندو آهي. توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته رشوتي آفيسر، هر ڪنهن آفيسر کي رشوتي سمجهندو آهي ۽ ڪوڙو ماڻهو هر ڪنهن کي ڪوڙو سمجهندو آهي. بخشي ڇڏيوس ۽ توهان پنهنجو وڙ نباهيندا اچو. سو عيسائي، يهودي ۽ هندو ڪٽيندا اچن اسلام کي. پنهنجي ڪارنهن نظرئي ڪانه اچين. مونکي هڪ هندو نوجوان غصي ۾ چيو ته ”طوائفن جو ڪلچر مسلمانن آندو!“ ويچارو ڪم علم هو ۽ وئشائن ۽ وش ڪنيائين بابت پڙهيو ئي ڪونه هئائين جي شري رامچندر ۽ شري ڪرشن جي دور ۾ به هيون.
اسلامي نظريو لازمي به آهي ته اعتدال وارو به آهي. ان کي ان انقلابي شرط جو پابند ڪيو ويو آهي ته، ”جيڪڏهن جتي به، جڏهن به، ڪير به زيادتي ڪري ته هر فرد تي لازم آهي ته اڳتي وڌي ان کي روڪي! هي اصول بلڪل اهڙو آهي جهڙو جهرڪيءَ کي باز سان ويڙهائڻ، ان ۾ بهادري به آهي. دليري به، ايماني جذبو به، نيڪي به، شِولري (chivalry) به ۽ ٻيو سڀڪجهه به ۽ هر دؤر، هر وقت، هر مهل ۽ هر ڏاڍاين ۽ ڏاڍ خلاف آهي. هن سونهري اصول آڏو ٻيا سڀ فلسفا ۽ تحريڪون ۽ ادبي ترقي پسندي يا ناپسندي جا نظريا، ختم ٿي ٻڌا ٻانها ٿي وڃن ٿا. ڀلي شيخ اياز صاحب تي الزام هنيو وڃي ته هو ادب ۾ ترقي پسندي وغيره جو قائل ناهي پر مونکي خبر آهي ته شيخ صاحب هڪ گهڙي لاءِ به ڪنهن تي ظلم ٿيندو ڏسي چپ ڪري برداشت ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ هو اهو عملي طرح ثابت ڪري چڪو آهي ۽ بگهڙن جي وچ ۾ بيهي لاپرواهيءَ سان مٿن وار مٿان وار ڪندو رهيو آهي. اهڙي ماڻهوءَ تي اهو الزام! تفو برتو، تفو برتو! اياز ته سڄي عمر جهيڙيندو رهيو آهي ٻال جتيءَ کان پيرسنيءَ تائين دل جي مرض هوندي به اڃا جهيڙيندو اچي. باقي توهان جيڪو وڻيوَ سو چئو جيڪي وڻيوَ سو ڪيو، ڀلي سرمد کي سوليءَ چاڙهيو يا شمس تبريز جي کل لهرايو. ڪو فرق نٿو پوي. ائين ٿيندو آيو آهي، ائين ٿيندو رهندو. باقي جنهن کي توهان ترقي پسندي سڏيو ٿا سا ته ازل کان آهي، هومر کان وٺي هيمنگوي تائين. اها توهان جي ’خلقيل ٻانهي‘ ڪانهي. اسان جو مڃيل هيرو به فرمائي ٿو ته، ”ڪريو بري تي بڇ!“ غالب جهڙو فقير منش به چوي ٿو ته، ”روڪ لو گر غلط چلي ڪوئي!“
بابو سائينءَ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين جهيڙيندو آيو. اوهان ڀانيو ٿا ته 1945ع کان وٺي 1954ع تائين پاڪستان توڙي پاڪستان جي ليڊرن خلاف ڳالهائڻ يا لکڻ ڪو مذاق يا معمولي ڪارنامو آهي؟ ڪير اهڙي همت ۽ جرئت ڪري يا ڏيکاري! اياز چواڻي ”ٻاٻري ڪنڊ تي هلڻو يا ڪاريءَ تي پير پوڻ جي مترادف“ هو. بابا ته نحيف، نفيس، دل جي عارض ۾ مبتلا، اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، ته به پيريءَ تائين ٻري ٻاريندو آيو. اياز ته عملي طور ڪڏي پيو. ’ڪاريءَ تي به پير پيس‘ ته ’ٻاٻري ڪنڊ تي به رهيو‘. جيل ۽ ڦاسيءَ جا امڪان کيس ڌوڏي نه سگهيا. چوٽ تي چڙهيل وڪالتي ڪاروبار ڇڏي معمولي پنج هزار ماهوار تي سنڌ يونيورسٽي سينگاريائين ته حاسدن جا غول سندن چوڌاري باهوڙ لائي بيٺا ته اياز وڪامي ويو. اياز جي به ڪا قيمت ڪَٿي سگهجي ٿي ڇا؟ اها يونيورسٽي جنهن ۾ ڪلاسن کي تالا لڳا پيا هئا ۽ پروفيسر صاحب بنگلن کان ٻاهر ئي ڪونه نڪرندا هئا ۽ ڇوڪرا شراب پي پستول کڻي ڦاٽڪ تان زوري چِڪن تِڪا ڦري کائي، مارئي هاسٽل ۾ ٽپڻ جون سٽون سٽيندا هئا. تن جي ٽڪ مان ور ڪڍي ڇڏيائين ۽ پروفيسر صاحب بادل ناخواسته مقرر وقت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اوٻاسيون ڏيندا اچڻ لڳا.
مونکي، سراج الحق ميمڻ کي ۽ نثار ميمڻ کي، جو بعد ۾ معين قريشيءَ جي وقت ۾ فيڊرل منسٽر ٿيو، گورنر صاحب جنرل عباسيءَ سئنڊيڪيٽ تي نامزد ڪيو. اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون. ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سنڌي ۾ چوندا آهن ته ’پنهنجي اوگهڙ تان پلئه لاهڻو آهي‘ هي رڪارڊيڊ حقيقتون آهن پر ڍڪي ڀلي! ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ مان ٽي لک اسي هزار جو چيڪ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نڪتو ۽ هٿئون هٿ روانو ٿيو. اهو چيڪ ڄاڻي واڻي ڀلجي ڄامشورو ۽ حيدرآباد ٽپي اڳڀرو هليو ويو ۽ اڃا تائين روپوش آهي. يونيورسٽيءَ ۾ بنگلي اڏڻ جو سمورو سامان آيو. ويندي ٽائيلون نلڪا، بجلي جو فينسي سامان ۽ ٻيو سڀ ڪجهه، پر بنگلو لڀيئي نه! پراڻي ڪئمپس يعني ودياليه جو ڪروڙن جو ميدان ڀڳڙن مٺ تي ورهايو ويو. ٻيو ته ٺهيو پر يونيورسٽيءَ جي ٽاڪري زمين لاءِ نه رڳو ٽرئڪٽر خريد ڪيو ويو پر ڊرائيور جون پگهارون به ڏنيون ويون ۽ ڊيزل خريد ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ جا الائي ڪهڙا زرعي ايڪڙ آباد ڪيا ويا؟ اياز کي چيم ته ”هيءَ انڪوائري ٿيڻ کپي!“ وات تي آڱر رکي چيائين ”ڀائو ڍڪي ڀلي، گهڻن پارسا شخصيتن جو ڪچو چٺو ظاهر ٿي پوندو؛ اها به سنڌ جي گلا، ڇڏي ڏي ان ڳالهه کي!“ اها هئي اياز جي مهانتا جو جيڪي سندس دشمني ۾ الائي ڇا ڇا وڦلندا هئا انهن جو نالو به نه کنيائين ۽ بڇڙائيءَ جي ڀوت تي ڍڪڻو چاڙهي هميشھ لاءِ بند ڪري ڇڏيائين. منهنجي ڪم ظرفي ڏسو، جو ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ويٺس. توبهه، الله معاف ڪندو.
جيڪي صاحب پاڻ ڪوششن ۾ لڳا پيا هئا. ته اياز کي ٿيڙي پاڻ وائيس چانسلر ٿي اچن سي اياز تي ٽوڪون ۽ کلون ڪندا آيا ته نوڪريءَ کي چنبڙي پيو آهي. رب جو شان! اياز کي ته نڪو لهر نڪو لوڏو. جڏهن جنرل ضياءُ الحق کيس ڪڍيو ته سکر جو سمورو علائقو ۽ سندس ڄميل وڪالت جي آفيس ۽ پراڻي سکر وارو وڏو شاهي گهر سندس منتظر هئا. اياز لاءِ ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي پيا. سندس ماهوار آمدني تنهن زماني ۾ پنجاهه سٺ هزار کان گهٽ ڪانه هئي. مٿان وري هاءِ ڪورٽ کلي سکر ۾. اياز ڪم جي ڇانٽي خاطر، ڪيس کڻڻ گهٽائي ڇڏيا ته ڪيترا وڪيل اچي سندس جونيئر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. اڄڪلهه جو فيڊرل منسٽر خورشيد شاهه، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا سندس جونيئر ٿي رهيا. مان جڏهن هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار هئس ته هلي وڃي ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقاتي ٿيس. سندس شان مان ۽ دٻدٻي ۾ ڪو فرق ڪونه آيو هو. اياز اڄ به شينهن بڻيو ويٺو آهي ۽ منجهس تر جيتري به وڏائي ۽ تڪبر ڪونه آهي. اهو ئي مٺو ماڻهو، اهو ئي کلڻو، اهو ئي معصوم. ڀلي مونسان ٻيا اختلاف ڪن پر مون ته منجهس هڪ الهه لوڪ ڏٺو آهي. توهين جيڪي وڻيوَ سو چئو، پر ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو. هي شور اجايو آ پيارا!
منهنجو ته اهو عقيدو آهي ته اديب ٿيڻ لاءِ پهرين الهه لوڪ ٿيڻ ضروري آهي. جيڪو ڏينهن رات پرائي ڏک ۾ ڏکي، ۽ ڀلائيءَ جون واٽون ڳولهي پوءِ ڀلي ڪنڊا لڳن، ويڻ ملن، فتوائون اچن ته به ننڊون ڦٽائي، سوچ جا گهوڙا ڊوڙائي ڪجهه اڳڀرو ٿيڻ لاءِ پيو جاکوڙي سو الهه لوڪ نه چئبو ته ٻيو ڇا؟ محمد ابراهيم جوئي صاحب، منهنجي ڏاڙهي ۽ نمازن تي ٽوڪ ڪندي اياز جي روبرو چيو ته ”ڀلا اياز ته بي نمازي آهي!“ مون چيو ”مون ته اياز کي چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ ڏٺو آهي!“ ڀلا ڇو ڪين؟ ’فڪر جي هڪ گهڙي سئو سالن جي عبادت کان بهتر آهي‘. ’سي سُتا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي‘. جويو صاحب چپ ٿي ويو، قائل ڪونه ٿيو. ڪن ماڻهن جي دلين تي ۽ بصيرت تي مهرون لڳي وينديون آهن پوءِ هو نه سمجهندا آهن نه ٻڌندا آهن ۽ نه ڏسي سگهندا آهن.
بابا کي به ائين عبدالغفور ڀرڳڙي وڪيل ’ٿڪل دماغ‘ جو خطاب ڏنو هو. اهو عبدالغفور ڀرڳڙي ڪمال منافقي سان خوشامديون ۽ چاپلوسيون ڪري وڃي ضياءُ الحق جي هنج ۾ ويٺو ۽ غير نمائنده وزارت وٺي ويهي رهيو. وزارت ۾ هلندي پڄندي وري ايتري هئس جو هڪ رات مونکي لاڙڪاڻي مان فون آئي ته ”فلاڻي عزتدار ماڻهوءَ کي پوليس جهلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، توهان ڪجهه ڪيو!“ مون چيو ”بابا ڀرڳڙي صاحب وزير آهي ان ڏي وڃو!“ چي ”اهو ويچارو مٿو هڻي بيٺو آهي پر ٺپ جواب مليو اٿس!“ مون چيو ”ڀائي جيڪڏهن وزير صاحب کي انڪار ٿيو آهي ته مون معمولي ماڻهوءَ کي ڇو ٿا خوار ڪيو؟“ ڀانيان ٿو ته مان تن ڏينهن رٽائر ڪري چڪو هئس. رٽائر ڪاموري کي ڪير ٿو پڇي؟
جسٽس جمال الدين ميمڻ جو ڀيڻيوو ۽ مسٽر رسول بخش لغاري سيشن جج جو وڏو ڀاءُ لغاري صاحب چيف انجنيئر بٺوري تعلقي جو زميندار هو. مان بٺورو ۽ سجاول جو سڀ جج هئس ته لغاري صاحب چيف انجنيئر رٽائر ڪيو ۽ هڪ ڏينهن مختيارڪار وٽ آيو ۽ اچي شڪايت ڪيائين ته ”مختيار ڪار صاحب هي ٽيون دفعو توهان وٽ آيو آهيان پر منهنجي معمولي ڪم اڃا نٿو ٿئي“. مختيارڪار صاحب گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي چيو ته هيڊ منشيءَ کي سڏي اچ. هيڊ منشي اچي اڳيان بيٺو ته مختيارڪار صاحب کيس تنبيهه ڪئي ته، ”وڏا منشي توکي چيو اٿم ته رن زال، يتيم ٻار ۽ رٽائر ڪاموري کي تنگ نه ڪندو ڪر!“ مختيارڪار جو ائين چوڻ ۽ لغاري صاحب اٿي، ڪرسيءَ کي پٺيان ٿيڙ ڏئي، پنهنجي ٻاهر بيٺل جيپ ڏي ڊوڙ پاتي. مختيارڪار صاحب سڏ ڪري چيس ته ”لغاري صاحب بيهو توهان جو ڪم ٿئي ٿو“ پر لغاري صاحب ڪونه بيٺو وراڻيائين ته ”صاحب هاڻي گهڻو ٿيو، رن زال ۽ يتيم ٻار جهڙو ڪري ڇڏيوَ، هاڻي ڪهڙي منهن سان توهان وٽ ايندس!“ لغاري صاحب ۾ مزاج جو حس ڏاڍو هو.
مسٽر رسول بخش ڳالهه ٿو ڪري ته، ”موڪلن ۾ ٻئي ڀائر آڳر ۾ کٽولن تي ليٽيا پيا هئاسون ته ائين گهرو عورتن ۾ جهيڙو ۽ ڪڙڪا شروع ٿي ويا. ادو ٽپ ڏئي اٿي رلهي ۽ وهاڻو ويڙهي ڪڇ ۾ ڪري وٺي ڀڳو. چيومانس ’ادا ڪاڏي؟‘ ته اشاري سان چيائين ته ’تون به اچ!‘ سو مان به رلهي ويڙهي ڪڇ ۾ ڪري ڀڳس، ادو وڃي ڀڄندو مان به پٺيان. پري وڃي هڪ وڻ هيٺان رلهي وڇائي وهاڻو رکي ليٽي پيو. مان به رلهي وڇائي ليٽي پيس. پڇيومانس ته ’ادا خير ته آهي!‘ چيائين ’خير وري ڪهڙو؟ مايون ڇتيون ٿي پيون آهن. گگ ڳاڙي ٿانئينڪيون ٿين ته پوءِ هلنداسون، پاڻ ڇو موڪلن جو مزو وڃايون!“ اهڙا ڀلا ماڻهو پيا هئا پر عزت اڄ تائين اٿن.
ڪاموري وٽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ’عزت ۽ دعائن‘ جي فنڊ کانسواءِ ٻيو هجي ئي ڇا ٿو؟ پر جيڪو اِهي اَملهه وٿون ڪمائي سگهي! ڪَم ته الله ٿو ڪري پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻانهي معرفت ڪرائي ته سندس اسپيشل ڪرم. سو مون به الله توهار ڪري کڻي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي فون ڪئي جنهن سان منهنجي معمولي ڏيٺ ويٺ هئي. گفتا سو چڱا استعمال ڪيم، لفظن کي پنهنجو جادو آهي. چيم ”اڳي ائين هياس جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا، هاڻ ائين ٿياس جو جت نه ڏينم پاڻ سين.“ جيڪو ايس ايس پي، وزير کي انڪار ڪيو ويٺو هو تنهن چيو ته ”سائين توهان فون رکو ۽ انهيءَ ماڻهو سان سندس گهر ڳالهايو!“ واهه ايس پي صاحب تنهنجو جواب، ڪهڙو نه سهڻو اتر ڏنائين. مون به ان ماڻهوءَ جي گهر فون ڪئي ته پاڻ ڳالهائي چيائين ته” الائي ڇا ٿيو جو مونکي چيائون ته بس سڌو گهر وڃ!“ اها هئي هڪ خوشامدڙي مارشل لائي وزير جي عزت ۽ ٻئي طرف هن حقير فقير جا ٽيليفون تي ٻه اکر. تعزمن تشاءَ وتذل من تشاءِ، جنهن کي چاهي عزت ڏئي، جنهن کي چاهي تنهن جي نصيب ۾ ذلالت لکي ڇڏي. اهو آهي الله رب العزت.
جون 1954ع ۾ مان کپري ۾ سب جج هئس. مون خواب ڏٺو ته چوڏهين جو چنڊ پيو چمڪي ۽ ان ۾ خانبهادر اسراڻ جي صاف شبيهه نظر آيم. خانبهادر صاحب 1951ع ۾ گذاري ويو هو جڏهن مان لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هئس. وري ڏسان ته خانبهادر سان گڏ بابا جي شبيهه به چنڊ ۾ ظاهر ٿي ۽ ٻئي خوش هجن ۽ منهن تي مشڪ هجين. صبح جو اٿي گهر واري سان ڳالهه ڪيم ۽ انديشو ظاهر ڪيم ته خدا خير ڪري! الائي ڇا ٿيڻو آهي. هن دلداري ڏيندي صلاح ڏني ته تعبير هميشه چڱي ڪڍجي ۽ هروڀرو ملول نه ٿجي. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻئي ڏينهن بابا جو هٿ اکر لکيل انگريزيءَ ۾ خط مليو ته، ”اڄ مون سالن جي محنت کان پوءِ قرآن شريف جو تفسير لکي پورو ڪيو ۽ منهنجي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿيو.“ هي جون 1954ع جو آخري هفتو هجي. پهرين جولاءِ تي ادا وڏي جي تار مليم ته بابا سخت بيمار آهي. بدر ۽ شاهده ننڍڙا هجن ٻئي ڏينهن صبح جو سوير زال ۽ ٻارن کي هڪ دوست (مرحوم وڏيري حافظ راڄر) جي جيپ ۾ کڻي سڌو سيشن جج ميرپور خاص جسٽس قادر نواز اعواڻ جي بنگلي تي ويس. پٽيوالي کي چيم ته ”صاحب سان ضروري ملڻو آهي“. موٽي اچي چيائين ته ”صاحب وهنجي پيو.“ مون موڪل جي درخواست پٽيوالي کي ڏئي ٻڌايو ته ”مان وڃان ٿو. ڪوٽڙي تان ريل پڪڙڻي اٿم“. چيائين ”بيهو صاحب کي ٻڌايان“ وري ڊوڙندو آيو چيائين صاحب چوي ٿو ته ”بيهو مان اچان ٿو“. ٻن ٽن منٽن ۾ ٻاهر آيو. پٽيوالي اڳ ۾ ئي کيس درخواست ڏني هئي سو همدردي ڪندي چيائين ته ”توهان ڀلي وڃو پر خان صاحب علي خان کي منهنجا گهڻا سلام عرض ڪجو!“. الله الله ڪندي ڪوٽڙي اسٽيشن تي پهتاسون. گاڏي اڃا بيٺي هئي.
شام جو اتاوليءَ سان گهر پهتاسون، بابا ظاهري طرح خوش ٿي ڏٺو. چيائين ته دل وڌي (اينگهجي) وڏي ٿي وئي آهي ۽ چڱي طرح سان پمپ نٿي ڪري سگهي ۽ کيس بار بار شديد دورا پون ٿا. بابا کي اوڀر وارو ڪمرو ڏنو هئائون جو هونئن منهنجي حوالي هوندو هو. بابا جي ننڍي نياڻي رئيس روشن علي خان اسراڻ پنهنجو خاص نوڪر سندس خدمت ۾ ڏنو هو، جو ڏينهن رات سندس کٽ ڀرسان پٽ تي هنڌ وڇايون ليٽيو پيو هوندو هو. جيئن فوري خدمت ڪري سگهي.
ٻي ڏينهن مان بابا جي ڀرسان ڪرسي وجهي ويٺس ته کيس سرهو ڏٺم. هڪدم ڳالهه ڪيائين ته ”شمن ڇت جو پکو هڻائي ڏنو آهي ۽ سول سرجن کي به روز گهرائيندو آهي!“ مائٽ کي اها ئي آسيس ۽ خوشي ته اولاد سندس خيال رکي ٿو. تن ڏينهين نه هئا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ نه وري ٻاهرئين ملڪن ۾ وڃي علاج ڪرائڻ جو تصور. ان ڏينهن منهنجي ويٺي کيس ٻه ٽي شديد دورا پيا. اهڙا جو ڏسي نه سگهجي، سهڪو، آنڌ مانڌ ۽ لوڇ پوڇ. شام جو سول سرجن آيو ’ڪارو ٻارڪزئي‘. رنگ ڪارو هئس، ان ڪري کيس ائين سڏيندا هئا. حيدرآباد صدر جو ويٺل هو. سندس ننڍو ڀاءُ جو به ڊاڪٽر ٿيو، مونسان گڏ پڙهندو هو. اهو ته ڏاڍو سٺو ماڻهو هئو، هو، پر هي مغرور ۽ ڏاڍو لالچي هئو. بس رڳو بلڊ پريشر ڏسي ويندو سندس روزانه مقرر في کري هوندي هئي.
مون ساڻس ڳالهايو ته صاف ٻڌايائين ته ”ڪو علاج ڪونهي، تنهن ڪري سندس هر چاهنا پوري ڪيو ۽ کاڌي پيتي تي بندش نه وجهوس جيڪي طلبي سو ڏيوس!“ مون چيو ”ڊاڪٽر صاحب دوري مهل جو تڪليف ۽ سور ٿئيس ٿو تنهن جو ڪو عارضي علاج ٻڌايو، اسان کان سندس تڪليف ڏٺي ۽ برداشت نٿي ٿئي!“ هڪڙا ڪئپسول لکي ڏنائين ته ”تڪليف مهل ڪئپسول کيس سنگهايو!“ ائين ڪندا آياسون پر ڪجهه فائدو يا فرق نه پيو. ان ڏينهن کان مان ڪرسي بابا جي کٽ وٽ وجهي ويهي رهيس. رئيس صاحب جي نوڪر کي موڪل ڏئي ڇڏيم. سڄي سڄي رات ائين گذري ويندي هئي. رڳو ضرورت آهر آهستي آهستي ڪري باٿ روم طرف ويندو هئس ته پٺيان بابا سڏ ڪندو هو ۽ مان بيٺي پير واپس موٽي ڪرسيءَ تي ويهي رهندو هئس. پڇندو هو ته، ”سمهڻ پي وئين ڇا؟“، ”نه بابا!“ ٿورو جواب ٿوري ڳالهه، ادا وڏو شمس چوندو هو ته ”ادا ٽين چئين بجي رات جو مونکي اٿاريندو ڪر ته واري سان ڪجهه آرام تون به ڪر!“. ”ها ادا.“ بس، پر هو ويچارو آفيس مان ايندو ئي هو يارهين ٻارهين بجي رات جو ۽ وري صبح ساڻ ڪورٽ ۽ ڪيسن جي وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويندو هو. سو کيس اڌ رات جو اٿارڻ تي دل نه چوندي هئم. ادا فجر جو سويل اٿي ايندو هو ۽ ميار ڏيندو هو ته، ”ادا مونکي نه اٿاريئي؟“ ”بس ادا“ هو به ڏاڍو سمجهدار ۽ بردبار هو، سڀ ڪجهه سمجهندي به ڪجهه نه چوندو هو، صرف اهو ته، ”رات مونکي اٿارجان!“ ائين ڪندي پندرهن راتيون لاڳيتيون مون ڪرسي تي ويٺي گذاريون. اڄ جو منهنجو اولاد، ڌيئون توڙي پٽ منهنجو ايڏو خيال ۽ اونو رکن ٿا سو مان ڀانيان ٿو ته مونکي الله طرفان پنهنجي ڪئي جو اجر پيو ملي.
بس هڪ مونکان بي ڌياني ٿي وئي جنهن جو سڄي عمر افسوس رهيو اٿم ۽ شرمندو به آهيان. بابا کي کاڌي جو ته ڪو خاص شوق نه هئو پر هن لاءِ روزانو هڪ انب گهرايو ويندو هو. تن ڏينهن فارمي انب عام نه ٿيا هئا. بمبئي کان ٻه جنسون، هڪ آلفنسو، جنهن کي عام سنڌي ماڻهو ’آپوس‘ چوندا هئا ٻيو ’طوطا پوري‘ ايندا هئا. انب جهڙي لذيذ ميوي جي مند رڳو هڪ مهينو، جُون ٿئي ٿي. جولاءِ ۾ انب گهٽ ٿي وڃي ٿو. بهرحال طوطا پوري مليا ٿي. آلفنسو اچڻ بند ٿي ويو هئو. نوڪر جيڪو انب وٺي ايندو هو تنهن ۾ شايد ڪونه ڪو نقص هوندو هو. سو بابا مونکي چيو ته سندس لاءِ انب وٺڻ مان پاڻ وڃان. مان وري سڄي رات جي اوجاڳي ۽ ٿڪ سبب نوڪر کي تاڪيد ڪري موڪليان ته انب ڳولهي سٺو وٺي اچي، پر نوڪر ۽ مالڪ ۾ ته فرق آهي ئي آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’مالڪ جهڙي اک ٻئي ڪنهن وٽ ٿي نٿي سگهي‘. بابا پڇندو هو ته ”جمال ڀلا اڄ پاڻ ويو هئين؟“ ته مان چوندو هئس ”نه بابا!“ ته سندس پيشانيءَ تي جيڪي ناپسنديدگي جا آثار نمايان ٿيندا هئا سي مونکي اڄ به ياد آهن. مونکي يقين آهي ته اها سزا مونکي اڄ به ملي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن منهنجا پٽ اهڙي طرح نوڪر کي ڪم چئي بار لاهي ٿا ڇڏين.
ڳالهه آهي شرڌا جي. گانڌي جي جڏهن گول ميز ڪانفرنس تي لنڊن ويو ته سندس وڏو آڌرڀاءُ ٿيو، جيتوڻيڪ ڪن اخبارن لکيو ته هندوستان کان هڪ ننگو فقير آزادي وٺڻ ويو آهي. مهاتما لاءِ گڏجاڻيون ۽ آجياڻا ٿيا، کيس پارليامينٽ جا ميمبر ۽ وزير ملڻ ويا، ويندي مهاراڻي به سندس شان ۾ ڊنر ڏني جتي به احرام جهڙا ڪپڙا پائي لٺ کڻي ويو. جڏهن به اخبار وارا پڇنس ته چوي ته ”هائو! سڀ ڪجهه هئو پر شرڌا ڪانهي!“ ويندي شاهي محل جي آجياڻي بابت به چيائين ته ”ها، تمام شاندار هئي پر شرڌا ڪانهي!“ انگريز اخبار نويسن بيزار ٿيندي پڇيس ته ”اها شرڌا نيٺ آهي ڇا؟“ جواب ملين ته ”هندستان اچي ڏسو!“ شرڌا معنيٰ دلي عقيدت، عزت، احترام ۽ اونَ. پيءُ ماءُ ويچارا ٻيو ڇا ٿا گهرن سواءِ شرڌا جي. بس سندن ڳالهه کي مانُ ۽ مڃتا ملي ته هنن وٽان ڍير دعائن جو موٽ ۾ ملي ٿو. اولاد ڀانئين ٿو ته ماءُ پيءُ کي ته منٽ ۾ پرچائي وٺندو. اهو نٿو ڄاڻي ته هو پرچائي نه پرچائي، مائٽ ته خودبخود پرچيو، ويٺو اوسيئڙو ڪري ته اچي دعائن جو انبار کڻي وڃي.
والدين، ٻچن جا ڪيڏا نه بيجا انگل کڻن ٿا ۽ پوءِ جڏهن اولاد کين ٿورو به نظرانداز ڪري ٿو يا صرف بي ڌيان ٿئي ٿو ته سندس دل کي جهٻو اچيو وڃي ۽ سا به هو پنهنجو پاڻ ئي ميساري ڇڏين ٿا. منهنجو ڀيڻيوو عبدالحق وڪو جو هڪ ڪامياب پوليس آفيسر رهيو آهي. اهڙو ٺوس ۽ وزندار دليل ڏيندو آهي جو ماڻهو نه رڳو قائل ٿي بلڪ ويچارا ڌارا ۾ گم ٿي وڃي. اولاد جي بي نيازيءَ جي ڳالهه نڪتي ته حضرت آدم عليھ السلام جي شان ۾ هڪ موٽي گار ڏئي چيائين ته ”سائين هن کي ته ابو امان هئو ئي ڪونه سو هن (گار) کي ڪهڙي خبر ته ابو امان ڇا ٿيندا آهن؟ سندس ڪيتو اسين پيا لوڙيون!“ ڳالهه صحيح هجي يا نه، ويچار جهڙي آهي. مونکي امان کان وڌيڪ بابا پاليو. چئن سالن جو هئس جو پاڻ سان گڏ گشت ۾ توڙي آفيس ۾ ساڻ وٺي ويندو هو. مونکي ياد آهي ته آفيس ۾ بلوري پيپر ويٽ ڏيندو هو ته انهن سان کيڏ. چئن سالن جو ٻار ڪيڏو نه مٿي جو سور هوندو! پندرهن منٽ صبح ۽ پندرهن منٽ شام جو سبق پڙهائيندو هو. هڪ دفعي چيائين ”سليٽ قلم کڻي اچ ته سبق لکرايانءِ“ مون قلم وڃائي ڇڏيو هو سو سليٽ کڻي چيم لکايو. هو چوندو ويو ۽ مان نهن سان لکندو ويس. ورجائي پڇيائين ته لکين پيو؟ ”ها بابا!“ جڏهن لکائي پورو ڪيائين ته چيائين ته ”سليٽ ڏي ته ڏسان!“ مون کڻي سليٽ کيس ڏني. ڏسي چيائين ته ”لکيو ته ڪجهه ڪونه اٿئي!“ چيم ”سڄو لکيو اٿم پر نهن سان، قلم ڪونه هو!“ ٻيو ڪو اسڪولي ماستر هجي ها ته ڪٽي رکيم ها. بابا رڳو ايترو چيو ته ”قلم ڪونه هو يا وڃائجي ويو هو ته ٻڌائين ته ها. ٻيو قلم کڻون ها، مون قلمن جي باڪس گهرائي رکي ڇڏي آهي، ٺهيو وري سڀاڻي!“. پيءُ ماءُ، ٻار جا اهڙا انگل کڻن ٿا ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪن ٿا. اسين آهيون جو ٿورڙي ڳالهه تي گهه ڪري بيهي رهون. حيف هجي اسان جهڙن تي. مبارڪ هجي انهن کي جن جا والدين جيئرا آهن ۽ کين خدمت جا موقعن تي موقعا پيا فراهم ڪن، جيئن سندن ٻچا جنت ڪمائي وٺن.
مان ۽ بابا ماني گڏجي کائيندا هئاسون. ٻوڙ هڪ پليٽ ۾ ايندو هو. مان هٻڇ مان ٻوٽيون تڪڙو تڪڙو کائي ويندو هئس. ڀانڊو تڏهن ڦاٽو جو آڦري ٿيڻ ڪري الٽي ڪيم. بابا اچي الٽي کي جاچي ڏٺو ته ان ۾ ٻوٽين جا وڏا وڏا ٽڪر هئا. ڳالهه سمجهي ويو، سو نوڪر کي سڏي چيائين ته ”جمال جو ٻوڙ جدا پليٽ ۾ آڻيندو ڪر!“ مونکي رڳو ايترو چيائين ته ”اهو سڀ ٻوڙ تنهنجو هوندو، آهستي آهستي ۽ چڱي طرح چٻي چٻي کائجان!“ اها عادت اڄ تائين مون ۾ آهي، ٻيا تڪڙو تڪڙو کائي هٿ ڪڍي وڃن، مان ويٺو کانوان. هٻڇ، اها هٻڇ به فطري ۽ مثبت جذبو آهي. گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو تلاش ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي تمنا، محنت ۽ مشقت جا طريقا ۽ گُر سيکاري ٿي.
مير صاحب جڏهن شهيد ڀٽي سان گڏ زور شور سان سوشلزم جو پرچار ڪندا هئا تڏهن سندن ڪوٽ لڳ مسجد جو ملان سوشلزم خلاف سخت تقريرون ڪندو هو. مير صاحب مرحوم مير علي احمد خان ٽالپر کي چيم ”سرڪار هي غريب ملڙو، ونڊ جي ٽڪرن تي پلجندڙ، اهو ڇو ٿو سوشلزم جي مخالفت ڪري؟“ چيائين ته ”انهيءَ کي به مالدار ٿيڻ جو شوق ۽ آسرو ته آهي نه؟ سوشلزم غريب کان اهو آسرو به کسيو وٺي!“ ڳالهه تز ۽ وزندار هئي. انهيءَ ڳالهه ئي سوشلزم کي ڪيرايو بلڪ اهوئي هڪ وڏو سبب هو. مان جڏهن 1974ع ۾ سوويت يونين ويس ته مون کي اتي ڏاڍي خوشحالي ۽ ترقي نظر آئي پر جنهن سان ڳالهاءِ سو اهو ئي چوي ته، ”نظام به اسان جو چڱو، محنت به اسين وڌيڪ ڪيون، قربانيون به اسين ڏيون پوءِ به آمريڪي يا يورپي ماڻهو کائي به اسان کان چڱو. پهري به اسان کان چڱو ۽ سندس رهائش جو معيار به اسان کان وڌيڪ. ائين ڇو، ائين ڇو آهي؟“ سوال سندن اندر کي کائي رهيو هو. ماڻهو جي سر جي مٿان ٿي اچي ته دليل ۽ منطق ڪا معنيٰ نٿا رکن. ڪو به ڪوئي وزندار دليل ٻڌڻ توڙ ي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. دليل ٿيندو ئي آهي آس يا سوچ جو غلام. آسرو يا سوچ وڌيڪ سحرانگيز آهي ۽ دليل ويچارو محتاج بڻيو هيسيو بيٺو هوندو آهي. اسان وٽ اڄڪلهه مهاجر طبقي جي به ساڳي ڪيفيت آهي. دليل ۽ سچ جي حيثيت اهڙي آهي جهڙي لوٽي مٿان پاڻي هارڻ جي.
بابا جي اهڙي صبر، تدبر ۽ عميق خاموشي مون کي سوچ جي سمنڊ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ چپ چاپ ۾ گهڻو ئي پرائي ويندو هئس. پر ڏاڏي آدم جي لڇ ڪري، هڪڙي سِهوَ پئجي ويم. الله معاف ڪندو.
بابا جي بيماريءَ ۾ سندس ڪيترن ئي دوستن خط لکيا جي اسان ڪونه سانڍيا. مٽياريءَ جي الهه بخش انصاري مرحوم، رٽائر ڪمشنر جو بابا جو اسڪولي دوست هو تنهن مونکي ڏاڍو جذباتي خط لکيو. سندس هڪ جملو مونکي اڃا ياد آهي. لکيائين، ”علي خان کي چئه ته ترسي ۽ مون کان ڪم از ڪم هن ڳالهه (موت) ۾ اڳ نه ڪڍي. مان سڀ دوست وڃائي ويٺو آهيان هاڻ علي خان کي وڃائڻ جي مون ۾ سهپ ڪانهي ضرور ٻڌائجانس!“ مون ڪونه ٻڌايو مانس صرف چيومانس ته سلام لکيا اٿئين ۽ چيو اٿئين ته هاڻ اڳ نه ڪڍجانءِ! بابا رڳو مشڪيو. دل ته ڀرجي آئي هوندس پر اهڙو تاثر ڪونه ڏنائين.
هڪ ڏينهن چيائين ”منهنجي پينشن رهيل آهي وڃي وٺي اچ!“ پينشن جو فارم ڀري مان ’حضور مختيارڪار‘ وٽ ويس. اڳي خزانه آفيسر يا ٽريزري آفيسر کي ’حضور مختيارڪار‘ چوندا هئا، جنهن کي مئجسٽريٽ جا اختيار به هئا ۽ فوجداري ڪيس به هلائيندو هو. عام خلق کيس صرف ’حضوري‘ ڪري چوندا هئا. ڏاڍو ڀلو ۽ پيارو ماڻهو هو. منهنجي دوست سنتو درياڻي ۽ هري دلگير جو وڏو ڀاءُ هو، سو رٽائر ڪري چڪو هو. ٻيو ڪو چيڙاڪ پاڻ کان بيزار ماڻهو ويٺو هو. فارم نظر مان ڪڍي موٽائي ڏنائين ۽ چيائين ته گزيٽيڊ آفيسر کان تصديق ڪرائي اچ ته پينشنر زنده آهي. مان سڌو آيس بارڪزئي سول سرجن وٽ چيومانس ته ”تنهنجو مريض آهي روز ڏسينس ٿو تصديق ڪري ڏي!“ چيائين ”هائو! پر في وٺندس ٻٽيهه رپيا!“ مون اعتراض ڪيو ته مون کي چيائين ته ”توهان کي به پئسا ملندا ان ۾ منهنجو به حصو ٿيندو!“ ائين چئي صحيح ڪرڻ وارو هو ته مون کانئس فارم کسي ورتو ۽ چئي ڏنم ته ”اهڙي ڪريل ذهنيت منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي!“ اطمينان سان وراڻيائين ته ”تنهنجي مرضي!“ پئسي جا پوڄاري ماڻهو ٿوري گهڻي بيعزتيءَ لاءِ هر وقت ذهني طرح تيار هوندا آهن. سو بارڪزئي صاحب تي به ڪو اثر نه ٿيو. مان سڌو آيس ڪليڪٽريءَ ۾ ته هڪ اسسٽنٽ مختيارڪار پنجابي نزاد سنڌي ڏٺم وڃي پڇيومانس ته ”گزيٽيڊ آفيسر آهين؟“ چيائين ”ڪم ٻڌاءِ!“ ڪم ٻڌي فارم منهنجي هٿ مان وٺي صحيح ڪري، مهر هڻي مون کي چيائين ته ”ٽريزري آفيسر وري ڪو ٻيو اعتراض ڪري ته مون کي ٻڌائجانءِ. ڏسان ٿو ته ڪيئن نٿو ڪري؟“ پر ڪم ٿي ويو. اهو هو فرق روز في وٺندڙ ڊاڪٽر بارڪزئي ۾ ۽ هڪ ننڍڙي پنجابي آفيسر ۾ جو پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊپٽي سيڪريٽري به ٿيو. الله خوش آباد رکيس، ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريس.
بابا زور ڪونه ڏياريندو هو. بيماري ۾ سمهئي سمهئي کيس پيرن ۾ سور پوڻ لڳو. زور ڏنائونس ته پسند ڪيائين ۽ مزو آيس. پوءِ ته هڪڙو اٿي ته ٻيو سندس پيرن کي زور پيو ڏئي، پر بابا سختيءَ سان غير عورت ويندي ننهرن کي به منع ڪئي ته اهي زور نه ڏين. رڳو پٽ ۽ ننڍي نياڻي خيرپور جوسي واريءَ کي اجازت هئي، بس. وڏي نياڻي ته سانگهڙ ۾ هئي جتي خانصاحب عبدالحق وڪو ايس ايس پي هو. انهن کي ته اطلاع ئي ڪونه ڏنو هئوسون.
16جولاءِ 1954ع، جمعي ڏينهن بابا ڪجهه بهتر نظر آيو. ڳالهيون ٻولهيون به ڪيائين. مون کي چيائين ته نوٽ بڪ ۽ قلم کڻي اچ ته هڪ تمام ضروري مضمون لکائڻو اٿم. مضمون جو عنوان هو ”دنيا جي مسلم قومن کي انتباهه“ ظاهر آهي ته اهڙي مضمون لاءِ سياسي، معاشي، اخلاقي ۽ بين الاقوامي حالات تي بحث مباحثو ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻي هئي. ٻه صفا کن لکائي ٿڪجي پيو ۽ چيائين ته باقي پوءِ. ان ڏينهن عجيب عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو. لاڙڪاڻي جو آرهڙ، جولاءِ جو مهينو، سخت گرمي، ڪڙڪيدار اُس، اصل ڪانوَ جي اک پئي نڪري پر بابا چوي ته ڪهڙو نه جهڙالو ۽ ٿڌڪار آهي، هير پئي لڳي ۽ مون کي ڏاڍو سڪون پيو لڳي. ماني ڏني سونس ته انڪار ڪيائين. چي ”هاڻي هن جسم کي ڪا ضرورت ناهي!“ دوا ته ياد ڪري خوشيءَ سان وٺندو هو، پر ان ڏينهن دوا وٺڻ کان به انڪار ڪيائين. چوڻ لڳو ته ”جنازي کي غسل پُٽ ڏين، ملان کي نه سڏائجو، جنازي نماز به پٽ يا ڪو عالم پڙهائي، جيڪو معاوضو نه وٺندو هجي!“
چوندا آهن ته موڪلائيندڙ ماڻهو کي پِرون پئجي ويندا آهن. هيءَ به اها ئي ڳالهه ٿي نه! مان وٽس ڪرسي وجهيون ويٺو رهيس. گهر جون عورتون پي آيون ويون. چاچو علي محمد آيو ۽ اچي چيائينس ته ”سائين ڪلمو پڙهو! هي ڪلمي پڙهڻ جو وقت آهي.“ ناراض ٿي، ڪمال اعتماد سان چيائين ”هي ته بيڪاري جو وقت آهي، ڪلمو پڙهڻ معنيٰ ان تي عمل ڪرڻ، ان لاءِ ته سڄي حياتي ملي ٿي، پر ماڻهو ان تي عمل ڪونه ٿا ڪن. وتن ايري غيري جي خوشامد ۽ تعريفون ڪندا!“ چاچو ڏکارو ٿي اٿي ويو ۽ اندر وڃي اسان جي ننڍي ڀيڻ کي دانهن ڏنائين ته ”پڇاڙيءَ ڪلمو به نصيب نٿو ٿئين!“ اتي اچي شام جا پنج ٿيا ته چيائين ”منهنجي پٽن کي گهرايو!“ ادا شمس ۽ ڪمال اوطاق تي ويل هئا. جيسين اهي اچن ته عورتن جو ڊنبلو اندر هليو آيو. خفي ٿي چيائين ته ”مون ته پٽن کي سڏايو آهي، توهان کي نه، توهان وڃو، وڃو!“ سڀ عورتون هليون ويون. امان به هلي وئي. مون ٽي ڪرسيون ملائي رکرايون. جڏهن ٽئي ڀائر ويٺاسون ته اسان ڏي منهن ڪري چيائين ته ”مون کي ٽي ڳالهيون چوڻيون آهن:
هڪڙي ته ماءُ کي عزت ڏجو.
ٻيو ته جيئن گڏيل گهر هلائيندا ٿا اچو، ڪوشش ڪري هلائيندا اچجو.
ٽيون ته پاڻ ۾ ڪو به اختلاف ٿئيوَ ته ڪنهن مشترڪه دوست کي ٻڌائجو.
بس مون کي اهو چوڻو هو هاڻي توهان وڃو!“
اسان کي جهڙو سپ سنگهي ويو. ڪو ئي ڪونه چُريو ته سختي سان چيائين ته ”چيم ته وڃو!“ ادا شمس ۽ ڪمال اٿي اوطاق ڏانهن ويا. مان اٿي چپڙي ڪري سندس مٿن کان ٿي بيٺس. ادي ننڍي جا تمام داناءُ ۽ صابر آهي سا آئي ۽ اچي بابا کي چيائين ته ”بابا ڪلمو پڙهڻ ۾ ڪو گناهه ته ڪونهي!“ نياڻيءَ جي الجهن کي سمجهندي مشڪيو ۽ چيائين، چڱو چوان ٿو:
”ربنا آتنا آمنا فغفرلنا ...“ بس، معنيٰ ”يا رب تحقيق توتي ايمان آڻيان ٿو پوءِ منهنجا گناهه بخش ڪر ۽ باهه جي عذاب کان بچاءِ.“
مون اهي اکر دل نشين ڪري ڇڏيا ۽ اڳتي هلي منهنجي زندگي بچائڻ جو سبب بڻيا. اهو ذڪر بعد ۾ ايندو.
بس گهڙي اها گذري. پنج لڳي ويهه منٽن تي ڇرڪ ڀري سڌو ٿي سمهيو ۽ روح پرواز ڪري ويو. مون وٺي زور زور سان ”بابا! بابا!“ ڪري رڙيون ڪيون. مون کي جيڪو ان وقت پهريون ۽ اوچتو جهٽڪو محسوس ٿيو سو اهو هو ته مان يتيم ٿي ويس. ڀلي پيءُ ماءُ پيرسن يا معذور يا بيمار هجن تڏهن به سندن وجود اهڙو مرڪز ۽ گهاٽي ڇانوَ آهي، جنهن جي آسائش نس نس، وار وار ۾ وکرجي وڃي ٿي ۽ ماڻهو هر لُڪ لُوساٽ ۽ ڪوسي واءُ جي جهوٽي کان پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو ۽ هر ايندڙ آفت کان بي نياز ٿي وڃي ٿو. اهو احسان ايڏو ته اونهو ۽ گهرو آهي جو اڄ جڏهن خود به پيرسن ٿي ويا آهيون، ته به اٿئي ويٺي ابو امان وسري نٿو. منهنجي زوردار چيخ تي سڀ گهر جون عورتون، مائٽياڻيون اوڙي پاڙي واريون ڳاهٽ ڪري اندر آيون ۽ مان ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري جافري جي دروازن کي زور سان پڪڙي بيٺس ته ادا وڏو شمس سڌو مون وٽ آيو ۽ ڳراٽڙي پائي، دلداري ڏيندي چيائين، ادا تون ته سمجهدار آهين، پاڻ جيڪي سو ٻين کي سنڀال ۽ آٿت ڏي. امان، ڪمال صبر سان اکيون اگهندي اندر آئي ۽ آخري سلام ڪري ٻاهر اڱڻ ۾ وار ڇوڙي ويٺي. گهر ۾ ٻاهرئين ٿلهي تي اچي ماڻهو گڏ ٿيا. ڳوٺ، ميهڙ ۽ ٻين پاسن ڏي اطلاع موڪليو ويو. سانگهڙ عبدالحق کي تار ڪئي وئي. حيدرآباد مان ادا شمس جا ساهرا ۽ منهنجا ساهرا پهچي ويا. سانگهڙ مان عبدالحق ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ ڪونه پهتا. ڇا ٿيو جو ڪلارڪ تار وصول ڪري، عام سرڪاري ٽپال ۾ رکي ٽئين ڏينهن ايس پي صاحب جي سامهون فائيل ٺاهي رکيو. تار تي نظر پيس ته پريشان ٿي اٿيو ۽ ٻار ٻچا وٺي چوٿين ڏينهن اچي پٿر تي ويٺو.
بابا جي وصيت موجب ته غسل کيس سندس پُٽ ڏين، سو اسين ٽيئي جوان پٽ ويٺا هڪٻئي کي ڏسون. خاموشي جي سوالن ۽ جوابن ۾ اهو معلوم ٿيو ته ڪنهن ۾ اهڙي همت ڪانه هئي. ڪير هو جو پنهنجي پياري کي مرده ڏسي ۽ اٿلائي پٿلائي. اهو معاشرو ئي ويو جو اوڙي پاڙي يا مٽ مائٽ جي موت تي هر ڪو ٻانهون کنجي بيهي ته مان ٿو اهو نيڪ ڪم سرانجام ڏيان ۽ ايئن هر ڪو دل ڏاڍي ڪري وڃي ۽ لوازمات به سکي وڃي. هاڻي هرڪو ڪڻو ڪڻو ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن ۾ اهڙي ڪا مراد رکڻ به بيوقوفي آهي. سو بابا جي آخري وصيت اسين سندس فرمانبردار پٽ پوري ڪري نه سگهياسون. ادا شمس عملي ماڻهو هو پنهنجي منشيءَ کي چيائين ته ”ملان کي وٺي اچ!“ مون رڳو ايترو ڪڇيو ته چئجانس ته ”بنا معاوضي جي ڪم ڪري وڃي!“ هي دؤر ماهرن جو آهي. هر شعبي جو ماهر ماڻهو آهي، ته پوءِ مذهب ۽ شرع جو ڇو نه؟ ملان آيو ته پاڻي گرم ۾ ٻير جا پن ڪاڙهيائين، ٻيا به الائي ڪيترا وکر، صابڻ، ڪپڙو وغيره ۽ تختو به گهرايائين. ٿلهي تي اوٽ ڪري بابا کي غسل ڏنو ويو. اسين به مدد لاءِ اٿي وياسين، پر دل جهلي نه سگهياسين ۽ سڄو ڪم ملان ۽ هڪ ٻن ٻين مائٽن تي ڇڏيوسين.
جنازي نماز لاءِ هڪ عالم سڳورو مولانا غلام الرسول ٻيڙو چانڊيو وارو جو جان محمد عباسي جماعت اسلامي واري جو والد ۽ استاد هو، ان ڏانهن نياپو موڪليوسين. هو آيو کيس ٻڌايو ويو ته تدفين ٻئي ڏينهن ٿيندي. واعدو ڪيائين ته هو عين وقت تي ايندو. هاڻي سوال هو ته قبرستان ڪهڙي ۾ رکجي؟ مون کي ڪيترن ڏينهن کان ور ور ڪري اهو خيال ايندو هو ته درگاهه قائم شاهه بخاري تي رکجي، سو اهو اظهار ڪيم. رئيس روشن علي خان جو اصرار هو ته کيس اجازت ڏني وڃي ته هو سندس ڳوٺ خيرپور جوسه واري مسجد وٽ جتي خانبهادر صاحب جي مرقد آهي، اتي تدفين ڪرائي. سٺو خيال هو پر پاڻ ئي چيائين درگاهه قائم شاهه تي بندوبست ٿي وڃي ته اهو تمام چڱو ٿيندو. ادا شمس، وڏي رهائي پکائي وارو هو سو اهڙو بندوبست ٿي ويو. قائم شاهه بخاري جي درگاهه، وچ شهر ۾ مدرسه هاءِ اسڪول جي ڀرسان آهي. ڪليڪٽر کان ۽ متوليءَ کان اجازت وٺڻي پوي ٿي. جسد کي غسل ڪفن ڏئي ساڳي ڪمري ۾ رکيو ويو. ڪمري ۾ گرم موسم سبب، برف جو وڏيون وڏيون ناديون رکيون ويون. عبدالحق ۽ وڏي ادي جو انتظار ڪندا رهياسون، پر هو ڪونه پهتا. ٻئي ڏينهن ٽيپهري ڌاري جنازو کڄيو. گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. الله اڪبر ۽ ڪلمه شهادت سان گڏ مولوي مولود ڳائيندا هليا ۽ جلد ئي اچي درگاهه قائم شاهه بخاري تي پهتاسون. درگاهه جي پٺيان اولهه ۾ پڌر آهي جتي ٻه چار قبرون اڳي ئي هيون.
جنازي نماز ٻيڙي چانڊئي واري بزرگ بنا معاوضي پڙهائي. مولوي صاحب وڏو عالم ۽ بزرگ هو ۽ سندس خيال ساڳيا بابا وارا هئا. مولوي صاحب ته هليو ويو، باقي ٻيون رسمون پيشه ور ملان پوريون ڪيون. جنازو لحد ۾ لاهڻ، منهن ڦيرائي قبلي طرف ڪرڻ، پهريون مٽيءَ جون لپون قرآني آيتون پڙهي مڙهه مٿان اڇلڻ ۽ پوءِ لوڙهه لٽڻ تائين قرآن شريف جون آيتون پڙهڻ ۽ دعائون گهرڻ اهي سڀ فرض ملان سڳوري نڀاهيا. ڪيترن قرآن بخشيا وغيره. لاڙڪاڻي جا معزز ماڻهو، سڄي وڪيل برادري، جج صاحبان ۽ سانگي مائٽ ۽ قوم جا ڳچ سارا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. جڏهن سڀ ٽڙي پکڙي ويا ۽ ملان موڪلايو ته ادا کيس پاسيرو وٺي پنجاهه رپين جا نوٽ لڪائي ڏنا. هو ڏاڍو خوش ٿيو، تنهن زماني جا پنجاهه رپيا وڏي ڳالهه هئي. بابا جي وصيت موجب معاوضو نه، ته به سيڙپ ۽ محنت جو معاوضو نيٺ ته هن به لهڻو.
درگاهه تي هڪ پوڙهي مائي متولي هئي، ان ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا ۽ ڪاوڙي. جڏهن تربت تي وڃون ته اعتراض ڪري ۽ ڪوسو ڳالهائي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو هڪ ملان درگاهه تي قبضو ڪري مالڪ ٿي ويٺو، پڌر جا پلاٽ وڪيائين دڪان ٺهرايائين. مائي ويچاريءَ جو پتو ئي ڪونه پيو ته ڪاڏي وئي؟ هونئن مائيءَ به حق تي اعتراض ڪيو. اسان کانپوءِ هر سکر ماڻهوءَ جو جنازو اتي پورجڻ لڳو. قاضي عبدالمنان ۽ سندس مامو قاضي فضل الله سابق چيف منسٽر به اتي ئي مدفون آهن. هاڻي ته اهڙي سوڙهه ٿي وئي آهي جو پير رکڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. مرقد لاءِ سنگِ مرمر جو پٿر مان حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽان هڪ جيسلميري خاڪسار کان پنج سئو روپين ۾ وٺي آيس. نالي جي تختي جو مضمون محترم احمد خان لانگاهه ائڊووڪيٽ، جو لفظن جي چونڊ جو ماهر هو.، تنهن لکيو جو ساڳئي جيسلميري خاڪسار کان نقش ڪرايم. هي پٿر تي ٽڪ جڙاءُ ۽ نقش نگاري جو ڪم جيسلمير، راجسٿان، اجمير ۽ احمد آباد وارن جو آبائي پيشو آهي. مڪلي جا مقبرا به سندن هنر جا مرهون منت آهن.

10

بابا جي لاڏاڻي بعد ڪيترن اديبن، عالمن ۽ عالم ماڻهن جا سندس عملي، ادبي ۽ اخلاقي جاکوڙ بابت، مهينن جا مهينا اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ تاثر ڇپبا رهيا جي مان گڏ ڪندو ويس ۽ هڪ وڏو بنڊل يا ٿهو ٺهي پيو، جنهن کي سانڍيندي سانڍيندي سال گذري ويا ۽ نيٺ اوٿيءَ جو کاڄ ٿي ويا. پنجويهه ٽيهه سال مون وٽ محفوظ هئا، پر پوءِ گئراج ۾ رکڻ سبب 1980ع ڌاري سڄو ڪُٽو ٿي ويا. شابس هجي علي نواز وفائيءَ کي جنهن مولوي دين محمد وفائي تي لکيل تاثر ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ڇڏيا.مون کي به اڃا تائين بار بار چوندو اچي ته ”خان صاحب علي خان ابڙي جا لاجواب مضمون وٽس ڇپيل صورت ۾ ’توحيد‘ رسالي ۽ ’اخبار تعليم‘ ۾ موجود آهن جي گڏ ڪري ڇپائجن“ پر ائين نه ٿي، نه ٿيو. بدر جاکوڙي آهي، من اُهو، هي ڪم سرانجام ڏئي وجهي! بابا جو لکيل قرآن شريف جو تفسير به هاڻي چاليهه سالن کانپوءِ ، بدر جي ڪوشش سان ڇپائي جي مرحلي تي پهچي چڪو آهي. الله اجر ڏيندس، شال اهو جذبو ۽ ولولو قائم ۽ دائم رهيس.
بابا جي حڪم موجب سندس جماڻا ۽ ٻارها ڪونه ڪياسون نڪو ورسيون ملهايونسين. باقي ٽيجهو ۽ چاليهو ڪيوسين. سندس چوڻ هو ته اسان جو ڪو به عمل کيس ڪونه پهچندو، هر ڪنهن کي پنهنجا عمل ڇڏائيندا. ماڻهو جيڪي سڄي عمر چڱو يا برو عمل ڪيو، ان جي جزا ۽ سزا پاڻ ئي ڀوڳيندو. اهو ته برابر آهي ۽ عين قرآن مطابق آهي، پر منهنجا خيال هاڻ بدليا آهن. الله رحيم ۽ رحمان آهي. غفور ۽ مغفرت ڪرڻ وارو آهي ۽ مالڪ مختيار آهي. عجب نه آهي جو هڪ جو عرض اگهائي ٻئي کي معاف ڪري يا مغفرت ڪري ڇڏي! کهڙن جي مخدوم نيڪ محمد صاحب جي چوڻي مطابق ته ”موت جو معين وقت به ٽري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته الله سائين مجيب الدعوات آهي!“ حج بدل به ته آهي نه؟ پوءَ چه عجب ته هڪ جا چڱا عمل، مالڪ الملڪ ٻئي جي کاتي ۾ لکي ڇڏي. ڇا به هجي، شخصي عمل ۽ حسن سلوڪه، عدل ۽ احسان، پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ بنياد آهن، نجات لاءِ.
ادا شمس، مان ۽ ڪمال ٽيئي ڏيک ويک ۽ ديکا ديکيي کان پري، خاموش طبيعت ۽ هيـٺائين ڊگر جا ماڻهو آهيون (اهو ڊگر اکر، انگريزيءَ جي ڊگري اکر سان يعني سطح سان ڪيڏو نه ملي ٿو.) انهيءَ محجوبيءَ ۾ بابا جي نالي تي ڪو به يادگار ادارو، مڪتب يا لئبريري وغيره قائم ڪونه ڪري سگهياسون. ٻيو نه ته جيتري اسان جي هلندي پڄندي هئي ۽ جيترو علي خان ابڙي جي عزت ۽ شان مان هو، ان آهر ڪم از ڪم لاڙڪاڻي جي ڪنهن روڊ يا گهٽيءَ کي ميونسپالٽي معرفت سندس نالي ڪرائي سگهياسون ٿي. علي خان ابڙي جو نانءُ رڳو ماڻهن جي دلين تي نقش رهيو. پر اهي ماڻهو به آهستي آهستي الله کي پيارا ٿيندا وڃن. تازو 1995ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مونسان هڪ ماستر محمد بشير جوکيو، ويٺل ڪاٺوڙ نزد ڪراچي، وڏي اُڪير سان ملڻ آيو ۽ اچي بابا جون ڳالهيون عزت ۽ عقيدت سان ڪندو رهيو. وٽس بابا جا ڪتاب ۽ ڪجهه مخطوطا به هئا. عبدالله ميمڻ صاحب، سابق هوم سيڪٽري ۽ ڪمشنر، هاڻ ڪجهه مهينا ٿيا ته ڪن سي ايس پي آفيسر دوستن سان گڏجي منڇر ۽ نئين گاج جي سير تي ويو، ٻڌايائين ته هڪ صاحب جو ٿرپارڪر جو هو سو ڳالهين ڪندي اچي جو علي خان ابڙي جي وصفن بيان ڪرڻ ۾ پيو ته ماٺ ئي نه ڪري،. مڄاڻ ته هو بابا جي ميرپورخاص ۾ قيام دوران، اتي ئي پليو ۽ وڏو ٿيو هو ۽ هڪ محض لاتعلق شهري ۽ مداح هو. ٻيا به اهڙا ڪئي قصا.
اڄ تاريخ 10 مارچ 1996ع شام جو چيف جسٽس سيد سجاد شاهه جي نياڻيءَ جي شادي جي دعوت ۾ ويس. وڏا وڏا ماڻهو، آفيسر، جج صاحبان، خود پريزيڊنٽ فاروق احمد لغاري صاحب ۽ چيئرمين سينيٽ وسيم سجاد صاحب به آيل هئا. مونکان پرين ٽيبل تي ويٺل ڪجهه صاحبن بابا متعلق ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سندس وصفون بيان ڪرڻ شروع ڪيون. مان اُٿي وڃي ساڻن مليس. مان کين سڃاڻان ئي نه پيو. هڪ صاحب ته مهاجر هو ۽ سنڌي وڏي روانيءَ سان ڳالهايائين ٿي. مڄاڻ ڪو ميرپور خاص جا هئا. مون تعارف ڪرايو ته سڀ ڏاڍي اُڪير سان مليا. ماڻهو هليا وڃن ٿا پٺيان رڳو نيڪيون ڇڏي وڃن ٿا جي پيون ڳائجن.
مان جڏهن پٿر تان موٽي کپري آيس ته دوست احباب ۽ آفيسر همدردي خاطر اچي مون وٽ گڏ ٿيا. ذڪر خير هلندي ماستر محمد حسين پهوڙ به آيو جو بابا جو وڏو مداح ۽ دوست هو. ان کي ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ ڪچهري مان اٿي اندر هليو آيس ۽ کٽ تي ويهي ڳوڙها اگهندو رهيس. جڏهن پندرهن ويهه منٽ ائين گذري ويا ته منهنجو حجائتو دوست سانوڻ خان بلوچ اندر هليو آيو ۽ مون کي ٻانهن کان جهلي ٻاهر وٺي آيو. موت جا ڦٽ ڀلا ڪٿي ٿا ڇٽن. اڻ مندائتي مينهن وانگر اوچتو چڪي ٿا پون.
بابا جي ڏاڍي گهڻ پاسائين شخصيت هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به وٽس آفيسر، عالم، مولوي صاحبان، شاگرد، ڳائڻا پيا ايندا هئا. مون استاد مٺو خان ڪلهوڙو اڪثر وٽس ايندي ڏٺو جو سندس چوڻ تي راڳ ۽ راڳڻيون کيس جهونگاري ٻڌائيندو هو. مٺو خان جو ”اڏر وڃ طوطل“ مون ائين روبرو ٻڌو جو نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائيندو هو، پر ”گگ مم پد“ بدران هو اکرن جو ورجاءُ ڪندو هو جيئن طوطل بجاءِ ”طوطل طوطل“ ڪري ڪلاسيڪل انداز ۾ ورجائيندو هو. ٻيو ته ٺهيو بابا وٽ هندو ڀڳت به گهڻو ايندا هئا. هڪ قد جو ننڍڙو سنهڙو پتڪڙو ڀڳت جنهن جو نالو دل تي نٿو اچيم شايد پوهو ڀڳت اهو وٽس گهڻو ايندو ويندو هو، ان جي ڀڳت روبرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ به ويندا هئاسون.
ڀڳت ڪنور رام جي ڀڳت به هڪ رات اسان جي پاڙي ڪرمان باغ ۾ مون پاڻ ڏٺي ۽ ٻڌي. ڀڳت صاحب ۾ ڏاڍي نماڻائي ۽ نهٺائي هئي. گهير وارو پهراڻ پائي، پڳڙي ٻڌي. ڇير ڇمڪائي، ٻه ڀڳت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهي اوراڻا ڏيندا هئا ۽ پوءِ ڦيرڙي پائي، ڇير ڇمڪائيندي هڪڙو هڪڙي پاسي ٻيو ٻئي پاسي هليا ويندا هئا، وري وري اوراڻا ڏئي ائين ڪندا هئا. بابا کي راڳ جي به ڪجهه ڄاڻ هئي. منهنجي زور ڀرڻ تي هڪ دفعو سر سارنگ ۽ سر سورٺ جهونگاري ٻڌايائين ۽ اهو مون کي ذهن نشين ٿي ويو. سر سورٺ جي ڪافي جي هڪ سٽ ته مون کي اڃا ياد آهي ته ”هڪ درد اڳيئي دل ۾ گهڻو، ٻيو سڄر سور سمايو آ.“
بابا جي طبيعت ۾ صبر، ڌيرج ۽ شانتي ايترو ته ڀرپور انداز ۾ موجود هئا جو ماڻ ماپ کان مٿڀرو هئا. اونهاري جي سخت گرمين ۽ اٺ تي سفر ڪري، آفيس جو ڪم اُڪلائي، ٽاڪ منجهند جو نماز پڙهي ماني کائي سمهندو هو. تڏهن بجلي جا پکا، ايئر ڪنڊيشنر (ٿڌڪارا) يا ريفريجريٽر (برفارا) ڪين هئا. سرڪار طرفان جهلي ڇڪيندڙ مقرر هئا، جي جهلي هلائيندا هئا ته دروازا بند ڪري اوندهه ڪري سمهبو هو. منجهند جي ننڊ ڪهڙي نه مٺي ٿئي ٿي. ڦڪا عرف خدا آباد جي بنگلي ۾، ڀان بنگلي ۾ توڙي لڪي تيرٿ بنگلي ۾ بابا سمهي ۽ مان پنجن سالن جو ٻار! نه ننڊ اچيم نه سک سان ويهان. نيٺ ورچجي ڇا ڪيان جو اڱرين سان بابا جون اکيون ڇڪي پٽيان ته جيئن جاڳي! حيرت آهي جو بابا کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي. پيشانيءَ ۾ رڳو گهنج به نه پيس. کلي چوندو هو ”بابا اٿارڻو آهي ته سڏ ڪر يا ٻانهن کان وٺي لوڏ. ائين اکيون نه پٽ! پر منهنجي اها ساڳي ٻاراڻي حرڪت ۽ ٻي ڳالهه سجهيم ئي ڪونه، پر ’ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏئي‘. رڳو کلي کڻي ماٺ ڪندا. بس ايترو چوندا ’بابا ڏاڍو زورآور آهين!‘ اهڙي شفيق پيءُ جون اهڙيون شفقتون وسرئي نه ٿيون وسرن جو اڄ به اڇي ڏاڙهي سان اٿئي ويٺي ابا! امان! پئي پوي. خوش نصيب آهن. اهي جن جو ابو امان حيات آهن ۽ اڃا کين خدمت جو موقعو ميسر آهي.
بابا جي دوستي تمام محدود هئي. هڪڙو ته مٽياريءَ وارو الهه بخش انصاري صاحب جنهن پوءِ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ الهندي ڪچي ۾ اسان جو پاڙيسري هو. ڪراچيءَ ۾ ٽي چار ماڻهو سجهن جن وٽ بابا اسان ٻارن کي به وٺي ويندو هو ڇاڪاڻ ته انهن سان گهرو رشتو هو. هڪڙو خانبهادر غلام النبي قاضي پاٽ وارو جو سولجر بازار نشترپارڪ وٽ هڪ بنگلي ۾ رهندو هو. سندس ٻه پٽ تمام مشهور ٿيا هڪ اي جي اين قاضي جو اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ پاڪستان حڪومت جو سيڪريٽري جنرل به ٿيو، ٻيو جسٽس بشير قاضي. خانبهادر صاحب وجيهه شڪيل ۽ تمام شاندار شخصيت جو مالڪ هو. جيتوڻيڪ بابا جو بالا عملدار هئو ته به کيس گهڻي عزت ڏيندو هو ۽ ڀائپيءَ جو رستو رکندو هو. امان ۽ اسين ٻار سندس گهر اڪثر ايندا هئاسون.
ڪراچيءَ جو ڪلچر ايڏو مختلف هو جو 1935ع ۾ خانبهادر صاحب جي گهر واري هڪ انگريز ليڊي جيان لڳندي هئي. ويس به اهڙو يعني صرف فراڪ پائيندي هئي ۽ وار ڪٽيل هوندا هئس ۽ اسين انهن ڳالهين تي حيران ٿيندا هئاسين. خانبهادر صاحب ڳالهائڻ جو ڏاڍو فهميدو ۽ مهذب هوندو هو. مونکي ياد آهي ته هڪ هڪ لفظ جدا ڪري ڌيرج سان ڳالهائيندو هو. مثلاََ چوندو هو ته، ”خان صاحب توهانجي تجويز نهايت مناسب آهي، انهيءَ تي ويچار ڪرڻ کپي!“ اهو سندس انداز ڏاڍو پيارو لڳندو هو. هڪ لڱا وڃون ته پنهنجي پٽ جي اين قاضي سان ڊرافٽ راند ويـٺو کيڏي ۽ نهايت محو هجي. بعد ۾ پڇڻ تي بابا کي ٻڌايائين ته سندس مذڪوره پٽ جو ڌيان هڪ جڳهه نٿو کپي ۽ ان ڪري پڙهڻ ۾ به خيال ڇڙوڇڙ ٿي ٿا وڃنس ۽ علم جي حصول ۾ پوئتي پوندو وڃي سو ڊاڪٽر صلاح ڏني آهي ته ساڻس شطرنج يا ڊرافٽس راند کيڏو ته سندس ڌيان هڪ جاءِ کپندو ۽ پڙهڻ ۾ به هوشيار ٿي ويندو. ٿيو به ايئن جو قاضي صاحب نهايت محنتي ۽ ڄاڻو آفيسر ٿيو ۽ آءِ سي ايس جو امتحان به پاس ڪيائين ڏسو شطرنج جا رنگ.
اتي ئي سولجر بازار وٽ وڏا بنگلا هئا جتي معزز مسلمان آفيسر ۽ ٻيا وڏا ماڻهو رهندا هئا. سائين جي ايم سيد جو بنگلو حيدر منزل به اتي ئي آهي. علامه آءِ آءِ قاضي به اتي ڀرسان ئي رهندو هو. ٻيو بنگلو مسٽر علي بخش چنا جو جيڪو ان وقت ڪراچيءَ جو سٽي مئجسٽريٽ هو جو تمام اهم ۽ بااثر عهدو هئو. جسٽس ضياءَالحق چنا سندس فرزند آهي. انهن تي به اهڙو ڪراچي ڪلچر جو اثر هئو جو انگريزي پتلون ڏينهن رات پئي هوندي هئن. اسين سلوار قميص وارا، سو اها ڳالهه پسند ته ڪونه ڪندا هئا پر مورڳو سلوار قميص واري سان ڳالهائڻ ۾ به گهٽتائي سمجهندا هئا. علي بخش چنا صاحب جي بابا سان گهاٽي ياري هئي. ايتري قدر جو اسان ٻارن جي ڪنن تي اهي ڳالهيون به پيون ته ڪا سڱا بندي ٿيڻ واري آهي. اها ڳالهه ڪانه ڪبي.
خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو مان ستن اٺن سالن جو هئس ته مون کي پيٽ ۾ سخت سور پيو جو لهي ئي نه! تن ڏينهن ايڪسري وغيره ته هئا ڪونه پر ڊاڪٽر پوهومل سمجهي ويو ۽ بابا کي سمجهايائين ته ”هي اپينڊڪس جو سور آهي، ان لاءِ آپريشن ضروري آهي جا لاڙڪاڻي ۾ ڪانه ٿيندي، دير نه ڪر ڪراچي وڃو!“ بابا اهڙو ڪو تاثر نه ڏنو ته متان گهر وارن کي هراس ٿئي. سو رڳو ايترو چيائين ته ”ڪراچي علاج لاءِ وڃڻو پوندو!“ امان هراسجي ته وئي پر هڪدم تياري شروع ٿي وئي. تن ڏينهن تياري ڪا اڄ جيان ڪانه ٿيندي هئي جو بئگ ۾ ٻه وڳا وڌا ۽ ماڻهو روانو ٿي ويندو. ڪڻڪ پيسائي اٽي جون ڳوڻيون تيار ڪيون ويون. چانورن جون ڳوڻيون، سچي گيهه جا وڏا دٻا، مرچ مسالا، نوان سليٽا (بيڊ، ڪور) گهرايا ويا جن ۾ بسترا بند ڪيا ويا. ڪپڙن جون لوهي ٽرنڪون ڪلفن سان تيار ڪيون ويون. مامو جمعو ته هئو ئي پر ٻيو به هڪ نوڪر ۽ مائٽ موسيٰ سانگي ساڻ کنيوسين ۽ پاڙي جي هڪ مائي اسماعيل ماءِ، نوڪرياڻي طور شامل ٿي.
بابا پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ سان حسن علي آفندي مرحوم وارن کان هڪ فليٽ، خورشيد لاج بلڊنگ آرام باغ روڊ تي ورتي، جا هنن مهربانن بنا مسواڙ جي ڏني. اها خورشيد لاج اڄڪلهه ڊهي وئي آهي جا پروفيسر اياز قادري واري ڌني رام بلڊنگ لڳ هئي. چار ڀائر، ٻه ڀينر ، امان بابا، ٻه نوڪر ۽ نوڪرياڻي اچي ڪراچي رهياسين. ڪراچي عجيب پئي لڳي، پڪا روڊ، وڏيون وڏيون بلڊنگون، ٿڌيون هوائون ۽ جهڙالو ڄڻ ته ملڪ ئي ڪو ٻيو هو، پر انهن اوچين بلڊنگن ۾ اسماعيل ماءِ اهڙو اچي منجهي جو ڀنڊڻ لائي ڏنائين ته ”منهنجو ساهه ٿو گهٽجي، مون کي واپس موڪليو!“ نيٺ روئي، رئو لاهي امان جي پيرن تي رکيائين. امان کيس ڪجهه خرچي ڏئي، ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چاڙهائي ڇڏيو ۽ هوءَ هلي وئي.
ڪراچي جو دستور اهڙو جو رڳو پيا ڊبل روٽي کائين جا ڦيڦي ۽ بنا ذائقي جي هئي. اسان کي کل تڏهن آئي جڏهن هڪڙو ماڻهو گاڏڙي تي مِٽي کڻي وڪڻڻ جا هوڪا پيو ڏئي. چيوسين مار ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ جو به مانُ آهي جو ٽڪن تي ٿي ملي. ڪراچيءَ ۾ هوائون تن ڏينهن ۾ اهڙيون تيز گهلنديون هيون يا جايون اهڙو هوا جي رخ تي ٺهيل هيون جو وڇايل هنڌن تان چادرون اڏامي وينديون هيون. اهو انجنيئرن ۽ معمارن جو ڪمال هو جو سنڌ سيڪريٽريٽ جهڙي بلڊنگ ۾ پکا به لڳل ڪونه هئا پر آمهون سامهون وارا در کول ته ميز تان ڪاغذ به اڏامي ويندا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پڙهيل اڻ پڙهيل ڪوڙيون ڊگريون کڻي هر محڪمي ۾ گهسي ويا ۽ اهڙيون دٻهڙ جايون ٺاهيائون ۽ اهڙي شهري رٿا بندي ڪيائون جو هوا مورڳو ڪيڏانهن منهن ڪري ڀڃي وئي. گهر جهڙا ڪبوترن جا دڙٻا. گٽر پيا اٿلن. مينهن پوي ته تلاءُ ۽ دٻا ٺهيو پون. گهٽ ۽ ڪمسرو اهڙو جو ساهه پيو نڪري. مٿان ڌنئونس وري اها ته ڪراچيءَ جي موسم، معشوق جي مزاج جيان تبديل ٿي وئي آهي.
اهو معشوق به ظاهر آهي ته ڪوئي هڪ درجن رقيب رکڻ وارو سندن ئي ڪڙم قبيلي جو هوندو. اسان تي ٽوڪ اها ته سنڌي سڀ اڻ پڙهيل ۽ گڏهه گاڏي ۽ اٺ گاڏي هڪلڻ وارا تن کي شاندار رهائش وارو شعور ئي ڪونهي. نڪي مرچ مسالي ۽ طعام مان ڄاڻن تنهنڪري احسان ڪري، اسان کي ڪلچر سيکارڻ ۽ حڪومتي گُر سمجهائڻ آيا آهن. پاڪستان تي به ٿورو، اسان تي به ٿورو. مون ته ڪو به اهڙو هڪ به اديب، دانشور، آفيسر، نواب، نوابزادو نه ڏٺو جنهن وٽ ”امان ڀانچوت، سالا ۽ چوتيا“ جو ڪلچر نه هو. سڌريل وري اهڙا هئا جو حيدرآباد ۾ هندن جي محل نما مڪانن ۾ جو سنگ مرمر جا چلهن وارا ڪاڪوس ڏٺائون ته انهن کي بورچيخانا سمجهي اتي رڌ پچاءُ شروع ڪيائون. اها سزا حقيقت ۾ اسان کي ملي آهي. پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون جو پنهنجا هڏ ڏوکي، هم زبان ۽ هموطن نرم مزاج ۽ نياز نوڙت وارا پاڙيسري ڪڍي، ياجوج ماجوج آڻي وهارياسون جن اسان کان اسان جي ڪلچر کان ۽ اسان جي ٻوليءَ کان نفرت ڪئي ۽ اسان کي ماري ڪٽي، ڪُهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهرن ۽ شهرن مان لوڌي ڪڍيائون.
حد کان وڌيڪ شريف ٿيڻ به ڏاڍو خطرناڪ عمل آهي. پنهنجي ورثي جي پاڻ حفاظت نه ڪبي ته ٻيو ست ڌاريو ڪئين ڪندو؟ اسان رڳو مذهب جي ڀُتي رسي کي چنبڙي پياسون. اها ڀُتي رسي ڀلا ڪيئن ٿي بچاءَ ڪري. اڳي ئي هنڌان هنڌان ٽٽي پئي هئي. مذهب ۾ ئي سئو فرقا ٿي پيا آهن ۽ هڪٻئي جي رت جا پياسي آهن. مذهب ته رڳو ڍڪوسلو آهي باقي اصل ۾ ته هر ڪو پنجابي، پٺاڻ، سنڌي، بنگالي ۽ اڙدستاني آهي. اها ڳالهه مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ اڳ ۾ ئي صاف سڌي طرح چئي ڇڏي هئي. بلڪ اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. پر اسان به مولانا جي ٻڌي نه علامه المشرقيءَ جي. هيءَ ياجوج ماجوج جي قوم ته اصل کان نرلڄي، نڪ پڪي ۽ پُستيون هڻڻ واري هئي. مولانا آزاد جهڙي نفيس، شريف، عالم ۽ ديندار شخص تي عليڳڙهه ريلوي اسٽيشن تي گاڏي اندر گهڙي حملو ڪري هاٿا پائي ڪري سندس بيعزتي ڪيائون، پوءِ به سڄي هندستان مان ڪنهن هڪ مسلمان به ان بي شرميءَ جي عمل جي نندا نه ڪئي. الٽو هنبوڇيون هڻڻ ۽ خوش ٿيڻ لڳا ڄڻ ڪو وڏو تير ماريو هجين. مٿان جناح صاحب به مولانا کي ’شو بواءِ آف ڪانگريس‘ يعني ”ڪانگريس جو گڏو“ چئي، جهڙوڪر شرپسندن جي پٺي ٺپري ڇڏي. ڪهڙا اندر جا ڦٽ کولي هڪڙا کولجن. ڪاغذ ڪارا ڪبا ته اهو دفتر کٽندو ئي ڪونه! اکين ڏٺا شاهد آهيون ۽ اندر ۾ اهڙا ۽ ايترا ڦٽ آهن جو کولبا ته جدا دفتر ٿي ويندا. اسان وٽ چوڻيون به اهڙيون آهن جو الٽو ڳچيءَ ۾ پئجي ٿيون وڃن. چي ’مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ!‘ ائين هوندو، پر معروضي حالتن هيٺ، هينئر ۽ ههڙي دور ۾ ماٺ مِٺي ڪيئن چئبي؟ ها صبر ۽ دفاعي تياري لاءِ چئجي ته پوءِ ٺيڪ آهي. نه ته هاڻي ته ماٺ، مُٺي آهي، جٺ آهي، تعدي آهي.
سو ڳالهه پي ڪيم بابا جي دوستن جي، علامه عمر بن محمد دائودپوٽي سان تمام گهڻيون روح رهاڻيون هئس. هڪ دفعي سڄي فئملي کي ٻگهوڙي بگيءَ ۾ چاڙهي علامه صاحب جي گهر وٺي ويو. اهو گهر، خدا نٿو ڀلائي ته عامل ڪالونيءَ ۾، اڄ جي ڊاڪٽر قمر صديقي جي نئشنل هاسپيٽل جي پٺيان هئو. ڊاڪٽر صاحب ۽ بابا ته ٻاهر ٿلهي تي ڪچهريءَ ۾ ويهي رهيا. اسين ٻار، اديون ۽ امان اندر گهر هليا وياسون. مونکي جيترو ياد پوي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي رڳو نياڻين جو اولاد هئو. ٻه نياڻيون ته ذري گهٽ جوان يعني تيرهن چوڏهن سالن جون هيون ۽ اسان ٻارن سان نهايت شفقت سان پيش آيون. انهن مان هڪ نياڻيءَ جي شادي حيدآباد جي مشهور وڪيل ۽ رڄ چڱي مڙس الهه بچايو آخوند سان ٿي، جنهن جو فرزند عبدالحميد آخوند نهايت قابل ۽ صاف ذهن وارو وڏو آفيسر آهي. ٻي نياڻيءَ کي ڪنهن بدمعاش چور، زيل پاڪ جي بنگلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب ٻي شادي بعد ۾، حيدرآباد جي مشهور شخصيت ضياءُالدين شيخ جي ڀيڻ سان ڪئي. علامه صاحب کي بابا لاءِ ۽ بابا کي علامه صاحب لاءِ ڏاڍي عزت ۽ محبت هئي. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڳالهه ٿو ڪري ته جڏهن علامه صاحب کي بابا جي موت جو ٻڌايو ويو ته آبديده ٿي ويو ۽ وفات جي تاريخ ڊائري ۾ نوٽ ڪري ڇڏيائين.
بابا جو حجائتو ۽ گهاٽو يار هو مسٽر علي بخش چنا، سٽي مئجسٽريٽ ڪراچيءَ جو. ان ڏينهن، 1932ع ۾ وڏو اهم عهدو هو. چنا صاحب قابليت ۽ چڱي طبيعت ڪري وڏو اثر رسوخ وارو هئو. مون کي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. ڪرنل سمپسن سرجن هو ۽ سندس بنگلو به اتي ئي هو. اها اسپتال اڄ واري نه هئي جو رڳي ڌپ ۽ گندگيءَ جو ڍير لڳي پئي آهي. بس اهو سامهون وارو پٿر جو ٺهيل بلاڪ هو. صفائي اهڙي جو مک پئي ترڪي. صبح شام ٽائيلس وارو فرش فنائيل جي پاڻي سان ڌوپبو ۽ اگهبو هو. نرسون گهڻو ڪري اينگلو انڊين هيون. سهڻيون اهڙيون جهڙيون پريون! ڀانءِ ته ويٺو ڏسجين. مان هئس ٻار سو مون سان ڏاڍو پيار ڪنديون هيون. ٽوال سان لڱ اگهي، ڪپڙا مٽائي، سينڌ ڪڍي، ڦڻي ڏئي منهنجا ڳٽا پٽينديون هيون. ذري پرزي جو خيال ڪنديون هيون ۽ ڏاڍو ڌيان ڏينديون هيون. اڄڪلهه جي نرسن جيان ڪونه، جو هڪ ته چُهڙن جهڙيون، مٿان پاڻ کي سمجهن اپسرائون ۽ ڳالهائڻ جون رُکيون ۽ کهريون، ۽ ڊيوٽي کان جواب. هڪ انگريز نرس ته ڪرسي وجهي منهنجي ڀرسان ويهي رهندي هئي ۽ دل وٺندي هئي. منهنجا وار هئا گهاٽا ۽ وڏا سو ڦڻي ڏئي چوندي هئي، ”اب بيبي بن گئي!“
نيٺ آپريشن وارو ڏينهن به آيو. بابا مونکي ٻڌايو نه گهر وارن کي. پاڻ ۽ مسٽر علي بخش چنا اسپتال ۾ بيٺا رهيا. جڏهن مونکي اسٽريچر تي کڻي هلڻ لڳا ته بابا چيو ته رڳو ”چڪاس ڪري واپس ڪندا!“ خيال هئس ته متان ڊڄي. پاڻ ۽ چنا صاحب اسٽريچر جي پٺيان پٺيان پئي آيا. جڏهن هڪ دروازي وٽ آيا ته مون پڙهي ورتو ته آپريشن ٿيٽر لکيل هو، سو وٺي ”بابا!، بابا!“ ڪري سڏ ڪيم ته متان بابا کي ٻڌائڻ بنا آپريشن پيا ڪن. دروازو بند ٿي ويو ته به مان ”بابا! بابا!“ ڪندو رهيس ته خبر ته پويس. تن ڏينهين ۾ نه بيهوش ڪرڻ وارا ماهر هئا، نه بيهوشيءَ جي سئي. ڪلوروفارم جو هڪ کوپو کڻي نڪ تي رکيائون. مونکي ڏاڍي گهٽ ۽ مونجهه ٿي سو هٿ سان کوپو کڻي پري ڪيم. پوءِ ته هٿ پير کڻي جهليائون ۽ مان ڦٿڪندي ڦٿڪندي بيهوش ٿي ويس.
پوءِ جڏهن اسان ڪاليج ۾ ڏيڏر ۽ سهي کي ڪلورو فارم سان بيهوش ڪرڻ لڳاسون ته ڏٺم ته ويچارا ڪيئن ته ٿڙڦيا ۽ ڦٿڪيا ٿي. بابا جو منجهند تائين ڪونه موٽيو ته امان سمجهي وئي ۽ ويچاري قرآن مٿي تي رکي کلئي آسمان هيٺان بيهي رُئندي ۽ دعائون گهرندي رهي. آپريشن ڪري مونکي ٻاهر ڪڍيائون ته مونکي هوش ئي نه اچي! شايد ڪلورو فارم، انداز کان ڪجهه وڌيڪ اچي وئي هئي. نيٺ ٽيپهريءَ جو امان کي گهرايائون. بابا ۽ مسٽر چنا به شام تائين بيٺا رهيا. ڊاڪٽر به پريشان. نيٺ ڊاڪٽر سمپسن پاڻ آيو ۽ چڪاسي چيائين ”ڪو خطرو ناهي!“ نرسون مونکي جاڳائڻ لاءِ ٿڦڙون پيون هڻن پر مان ٻڙهه ٻٽ. بابا جو وڏي دليري سان اڏول ٿيو بيٺو هو سو ان کي چيائون ته ”تون سڏ ڪرينس!“ بابا جو ”جمال! جمال!“ ڪري ٻه سڏ ڪيا ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. امان چوندي هئي ته دل جي بيماري ان واقعي کان ٿيس. ڊاڪٽرن منهنجي پيٽ ڇاتيءَ کي زور ڏنا ته وات مان گجي نڪرندي رهي ۽ نيٺ اکيون کوليم ته سڀني جي جان ۾ جان آئي. اتي اچي اوندهه ٿي ۽ سڀ هليا ويا. اهو قائدو هو. رڳو موسو نوڪر مون وٽ رهيو.
ٽي ڏينهن کاڌو ته ٺهيو پر پاڻي به ڪونه پيا ڏين. پاڻي بجاءِ هڪ دوا گاڏڙ پاڻيٺ چمچي سان پيا ڏين. مان پيو منٿون ڪيان ته خالص پاڻي! خالص پاڻي! پر انتظام اهڙو جو مجال آ جو هڪ ڦڙو پاڻي جو مليم. ٽن ڏينهن کانپوءِ اسپتال جي ماني ڏنائون. اها اهڙي سٺي جو مزو اچي ويو. ڪسٽرڊ ۽ ميوو به ماني سان گڏ. اهڙو هو انتظام ۽ ايمانداري، جي ٻئي اڄ ناپيد آهن. بستري تي اٿڻ به ڪونه ڏيندا هئا. پيشاب ٽامچينيءَ جي ٿانءَ ۾ ڪرائيندا هئا جو موسو وڃي غسلخاني ۾ هاري ايندو هو. مهينو کن اسپتال ۾ رهايائون. ڦيٿن واري ڪرسيءَ تي گهمائيندا هئا. آخري ڏينهن تي امان پيشاب ڪرايو ۽ وڃي هاري آئي ته صفا پيلي ٿي وئي، چي ”گهوڙا !پيشاب رڳو رت.“ امان جو وهم ته شايد پيٽ ۾ يا آنڊي ۾ ڦٽ آهي، پر موسو چوي ته اهڙي ته ڳالهه ڪانهي روز ڳاڙهو پيشاب ايندو آهي. امان ڀونڊو گهروڙي ڏنس چي ”ههڙا تهڙا تو ڳالهه به ڪانه ڪئي!“ ڊاڪٽر کي سڏايو ويو ۽ ڊاڪٽر سمپسن پاڻ آيو ۽ مونکي ۽ رڪارڊ کي چڪاسي چيائين ته ”ڪو فڪر نه آهي، بلڪل ٺيڪ آهي، ڀلي گهر وٺي وڃوس. مثاني ۾ ننڍڙي پٿري آهي، جنهن معمولي زخم ڪري وڌو آهي. دوائن سان پٿري پاڻهئي ڳري نڪري ويندي!“ ٿيو به ائين. اهڙي ئي تشخيص، بنا چڪاسن ۽ بنا ايڪسري جي.
اهي پٿريءَ جون دوائون مونکي اڃا به ياد آهن. هڪ يورو ڊونل، ٻي سالوٽي، پوءِ به مونکي ڏاڪڻ لهڻ چڙهڻ، ڊوڙڻ، ڊڪڻ ۽ سائيڪل هلائڻ جي ڇهن مهينن تائين منع هئي. بهرحال، آپريشن وارو سڄو ڏينهن، صبح کان شام تائين، مسٽر علي بخش چنا، بابا سان ٻٽ اسپتال ۾ بيٺو رهيو ۽ ڊيوٽيءَ تي ڪونه ويو. مونکي جنهن ڏينهن اسپتال مان ڊسچارج پيا ڪن ته مان ڏکارو هئس. نرسن جو پيار، اسپتال جو ماحول ۽ سٺو کاڌو. سڀني مونکي گهر جهڙو بلڪ گهر کان به چڱو پيار، محبت ۽ سک ڏنو. اهڙو هئو انتظام ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جو ورتاءُ، تن ڏينهين. اڄڪلهه ته سڀ ڪو پيو چَڪي ۽ ڏاڙهي ۽ اسپتالون گند ۽ ڌپ جو مرڪز ٿي ويون آهن. ڊاڪٽر هڪڙو انگريز ٻيا سڀ هندو ماڻهو شيوا ڌاري سو جيڏي مهل سڏ ڪجين ته هڪدم هليا اچن. اسان مسلمان وانگر ڪونه جو طور خان ۽ صاحب بڻيو آڪڙ خان ٿيو پيا گهمن.
لاڙڪاڻي آياسون ته اوڙي پاڙي وارا ۽ ڳوٺ جا مائٽ به پهچي ويا. همدردي ۽ ڀائپيءَ جا اهي نظارا ياد ٿا اچن ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي. اڄ در در سان گڏ آهي ته پورو سڃاڻن به ڪونه، اچڻ وڃڻ ته ٺهيو! ڏوهه اسان جو پنهنجو آهي. ماڻهو ته قرب وارا آهن، ماڻهو ته آهي ئي ملڻسار جانور پر هي مڪينڪي (مشيني) دور اهڙو آيو آهي جو اسين پاڻ ئي ڪل پرزي جهڙا بيجان ۽ بي حس ٿي ويا آهيون. آئي جو آدر نه ڪبو ته اڳلو ڇو ايندو؟ ڪنهن جي گهر سيڙجي ملڻ ٿو وڃجي ته اڳواٽ ٻڌائي ۽ وقت وٺي وڃڻو ٿو پوي. سو به پڇندا ته ڪيئن اچڻ ٿيو؟ اهو ڪيڏو نه ناموزون ۽ اڻ سهائيندڙ سوال آهي. ملڻ ته ٺهيو رڳو ڪنهن کي فون ڪيو ته به پڇندو ”ڀلا ڪيئن فون ڪيوَ، حڪم ڪيو؟“ مان انهيءَ کي سڏيندو آهيان ’ڪراچي ڪلچر‘ پر هاڻي اهو ڪلچر سرحدن جو پابند نه رهيو آهي. ڀائي هي به ڪا ڳالهه آهي جو ڪنهن کي ياد ڪري خوش خير عافيت لاءِ فون ڪجي ته اڳلو وري پڇي ته ڪم ڪهڙو اٿئي؟ مان ته چئي ڏيندو آهيان ته ”سائين معافي ملي، اڳتي فون ڪونه ڪنداسون.“
حيدرآباد ۾ وڪيل هوندو هو مسٽر نور محمد ٻگهيو، مرحوم گذاري ويو آهي. لطيف آباد ۾ پاڙيسري هئاسون. سو چڱي حجائتي دوستي ٿي وئي. مون وٽ ته ڇا، مرحوم جو ڪنهن به ڪورٽ ۾ ڪيس ڪونه هوندو هو. هو روينيو جا ڪيس کڻندو هو ۽ ان ۾ ماهر ليکيو ويندو هو. اڪثر بورڊ آف روينيو ۾ سندس ڪيس هوندا هئا. هڪ ڏينهن ڪورٽ ۾ مان پنهنجي چئمبر ۾ ويٺو هئس ته نور محمد صاحب حجت ڪري هليوآيو. اٿي هٿ ڏنومانس ۽ ڪرسيءَ تي ويٺو. مان جو ڪم مان ورچيو ويٺو هئس سو سڌو سنئون سوال ڪيومانس ته ”ٻگهيا صاحب حڪم؟“ هن به نه ڪئي هم نه تم اٿي سلام ڪري چيائين، ”صاحب سلاماليڪم، اڳي به ڪڏهن ڪم سان آيا آهيون، جو اڄ ٿا ائين چئو! “ مونکي هڪدم غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ اٿي بيهي کيس سڏ ڪري چيم ته ”ويهو!“ ته ويٺو ته ڪونه الٽو چيائين ته ”صاحب جڏهن ڪم پيو ته اينداسين!“ ۽ هليو ويو. مان پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو شرمسار ٿيس ۽ شام جو سندس بنگلي تي ويس ۽ چار ٽهڪ ڏئي موڪلايوسين، پر ندامت جو احساس اڄ به اٿم. اڳي ڪو قدم ڀري ايندو هو ته چنبڙي پئبو هئس ۽ وڃڻ ڪونه ڏبو هئس. اٿي موڪلائيندو هو ته به چئبو هئس ته ”نه ويهو!“
مامو حاڪم اسان وٽ ايندو هو ته مامي جو بوٽ لڪائي ڇڏيندا هئاسين، تڙ تڪڙ ۾ اٿي بوٽ ڳولهي ڳولهي، کلي ويهي رهندو هو ۽ چوندو هو ته ”ٻارن بوٽ لڪائي ڇڏيو آهي، ٺهيو نٿو وڃان!“ پوءِ اسين وٺي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائيندا هئاسون ته مامو امان کي چوندو هو ”ادي ڏٺئي نه ٻارن جا ڪم؟“ اهڙو هو پيارو زمانو ۽ پيار ونڊڻ جو هنر. اڄ اهڙو نفسانفسي جو دور آيو آهي جو ماني پئي ميز تي رکجي ۽ مهمان ڀڳا پيا وڃن پنهنجين جيپن ۽ گاڏين ڏانهن! ”اڙي سائين، ويهو ماني کائي وڃو!“ ته پيا واچ ڏي ڏسندا ته ”سائين ٽائيم ڪونهي!“ پر منهنجو مرحوم دوست تپيدار تڳوسر وارو احمد خان رئيس اها ڳالهه اصل نه مڃيندو هو. هن جا وزندار ۽ حقيقت پسندانه پنهنجا نجي خيال ۽ تجربا هئا، سو چوندو هو ته ”ڀائو ماني کارائڻ واري جي نيت سچي ۽ پختي هجي ته پوءِ مجال آ جو کائڻ وارو نه کائي!“ اها ڳالهه به سورنهن آنا سچي آهي ۽ وزندار. ڪجهه پاڻ ڏي به ڏسجي.
ڊيل ڪارنيجيءَ چواڻي، ”غلطي پاڻ ۾ ڳولهجي!“ ڀٽائي گهوٽ به سسئي جي زباني چيو”ونگيئي ڪين وارن سين، تن گورن جا گوڏا“. ڏسو! سسئي پنهون توڙي ڏيرن کي بيڏوهي ٺهرائي، پنهنجي غلطي ۽ ويسلائي ڏي ٿي ڏسي. چي ”اٺن جا گوڏا پنهنجي وارن سان ٻڌي ڇڏين ها ته ڪو پنهون وڃي ها ڇا؟“ اهو سوچي چيم ”ملا سچو آهين!“ احمد خان کي اسين سڀ دوست ’ملان احمد‘ ڪري سڏيندا هئاسين. الله هن کي ملان جهڙو علم لدني عطا ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه آهي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ۽ پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ جي. اڄ هر ڪنهن جي هوڏ ته مان بيڏوهي ۽ اڳلو ڏوهي. پوءِ لٺيون ڪهاڙيون (اڄ جي زبان ۾ بندوقون) کڄنديون ڪِ نه؟ شاهه سائين چيو ته ”نمي کمي نهار!“ نمڻ کمڻ جو مطلب ڀاڙيائپ ۽ بزدلي ڪونهي. تربيت، تياري، سجاڳي ۽ ترتيب پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ ضروري آهي، نمرتا ۽ گيديپڻي وچ ۾ هڪ اڻ لکو سنڌو آهي. ڏاڍو، ڏمر ۽ ڏنگي يا بري تي بڇ ته ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي. اها عين عبادت آهي.
ملان احمد ٻي به هڪ پتي جي ڳالهه ڪندو هو. ڪنهن ڪاموري يا آفيسر جي ڳالهه هلندي هئي ته ”فلاڻو ههڙو ايماندار، ههڙو آنيسٽ!“ ته ملان چپ ڪري ٻڌي ٻڌي چوندو، ”مان نه مڃان!“. ”اڙي ملان! فلاڻو ته ٺپ آنيسٽ آهي!“ ته به چوندو، ”مان نه مڃان، ها قيمت وڌيڪ هوندس، باقي آنيسٽ هڪ الله آهي!“ ’قيمت وڌيڪ هوندس‘ اهو به هڪ وڏو سچ آهي پر سڄو سچ نه. مون شمس الدين صديقي ولد ماستر تاج محمد صديقي رٽائرڊ سيشن جهڙا عملي توڙي ذهني ايماندار شخص ڏٺا آهن جي ڪنهن به قيمت تي ڪونه وڪاڻا. ملان احمد جي ڪسوٽي پنهنجي جاءِ تي سچي پر تڏهن به، ’اڃا پڻ آهين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي‘. جسٽس محمد بچل ميمڻ جون ڪهاڻيون ته گهڻن کي ياد هونديون. مون ته پنهنجو پيءُ ڏٺو جنهن جو ملان احمد به معترف هو. ڳالهه پي هلي منهنجي آپريشن جي. ڳوٺاڻن جو منهنجي پيٽ تي چير ۽ ٽاڪن جا نشان ڏٺا سو حيران پيا ٿين. چي ”بلي! انگريز بلي! پيٽ ڦاڙي مرض کي جڙئون ڪڍيو ڇڏين!“ هاڻي ته اپينڊڪس جي آپريشن اهڙي عام رواجي ٿي وئي آهي، جهڙو طهر، اسڪول ويس ته منهنجي ماستر سائين همت سنگ به سڏي پيار ڪيو ۽ مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيريو.
بابا جو مونکي بيهوشيءَ جي عالم ۾ سڏ ڪري روئڻ، مون ته ڪونه ڏٺو پر سوچي اڄ به غمزده ٿي وڃان ٿو. اهي ٿورا ۽ محبتون ڪي وسارڻ جون آهن!؟ وساري نٿيون وسرن. مان پاڻ به اهڙين وارداتن مان گذريو آهيان ۽ اهي گهڙيون ڏاڍيون اذيتناڪ ٿين ٿيون. انهيءَ واردات جي ڪري يا هونئن ئي، بابا جو پيار ۽ شفقت مونسان مڙيئي مٿڀرو هئو، يا مان ائين سمجهندو هئس. مان آخر گهڙيءَ تائين ساڻس گڏ هئس. سندس نبض جي ٺڪ ٺڪ اڄ به منهنجي ذهن ۽ آڱرين ۾ محسوس ٿيندي آهي جو اتاولي مان هر هر سندس نبض تي هٿ رکندو هئس. اڄ رڳ رڳ کيس دعائون پئي ڪري. بلڪه لکين ماڻهن جون دعائون مٿانئس نڇاور پيون ٿين جن کي پڙهائي، علم ۽ اخلاق ڏئي، مانَ وارو شهري بڻايائين.
مير علي احمد خان ٽالپر چوندو هو ته سندس گرو ۽ گائيڊ علي خان ابڙو هو، حالانڪه مير صاحب پاڻ وڏو عالم، حافظ قرآن هو ۽ ڪڏهن به بابا جو شاگرد نه رهيو هو جڏهن بدر کي ضيائي مارشل لا دوران جيل ۾ وڌو ويو ته مير صاحب ڊفينس منسٽر جي حيثيت ۾ سرڪاري طرح ضياءُالحق کي خط لکي موڪليو ته ملٽري وارن منهنجي گهڙيندڙ جي پوٽي کي بيگناهه جيل ۾ وڌو آهي. اهڙي جرئت صرف شاهي خاندان جو مير علي احمد خان ئي ڪري سگهيو ٿي. ان خط جي ڪاپي سرڪاري طرح مون ڏي به آئي، جا مون وٽ هٿيڪي هوندي. بنا شاگرد هوندي، ڪنهن ماڻهو جي علم، اخلاق ۽ ڪردار مان ايڏو متاثر ٿيڻ معمولي ڳالهه ناهي. اهو خط مون ملٽري ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو. جيتوڻيڪ اسان جي وڪيل جسٽس شفيع محمدي اصرار ڪيو. مير صاحب سان ڳالهه ڪيم ته مرڪندي فرمايائين ته ”سرڪار، اهو تعويذ اتي اڳ ۾ ئي پهچي ويو هوندو ۽ يقيناََ اسان جي ۽ اسان جي قوم تي علي خان ابڙي جا احسان ناقابل فراموش آهن.“
قدر جوهر، جوهري بداند
ڪنهن به ماڻهو جي عظمت جي ڪسوٽي آهي، سندس واسطيدارن جي اخلاقي، معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ تي. پير، بزرگ ۽ چڱا مڙس پاڻ وڃن ترقي ڪندا، ماڙيون اڏيندا ۽ زمينداريون وڌائيندا ۽ سندن مريد ۽ پوئلڳ وڃن پؤڻا پوندا ۽ بد کان بدحال ٿيندا. اهو ڪهڙو فيض آهي؟ بس رڳو ٺڳي جو ٺاهه آهي. نبي سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن آيا ته پاڻ اهو ئي فقيري حال، سادو کاڌو يا لنگهڻ، سادو ڪپڙو، پٽ تي سمهڻ وغيره. هي پير صاحب ڏسو ته ڪوٽ قلعا ماڙيون بنگلا اڏيندا وڃن، ۽ سندن پوئلڳ ساڳيائي جاهل، اڻ پڙهيل ۽ سڃا، جيڪي ٿورو گهڻو هجين سو به پيرن جي حوالي. انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيو ته کري ۽ کوٽي جي ڄاڻ سولائيءَ سان پئجي ويندي. بابا هڪ نوڪر يا پٽيوالو رکيو جان محمد جمالي، سندس تعليم ۽ تربيت به ڪندو رهيو. نيٺ ان کي ماستر ڪيائين. اهو ساڳيو جان محمد جمالي سنڌي استادن جو وڏو جوشيلو اڳواڻ ۽ مثالي استاد ٿي ويو، ڪڏهن ڏاڍ آڏو ڪونه جهڪيو ۽ جيل به ڪاٽيائين. هي ته ٿيو جهرڪيءَ کي شاهين بڻائڻ، ٻيو ڇا. انهيءَ ليڊري واري زماني ۾ به مونکي ڪٿي ڏسندو هو ته ڏاڍي قرب ۽ نوڙت سان هلي اچي ملندو هو.
هرقل شهنشاهه روم، پنهنجو خاص داناءُ ماڻهو موڪليو مدينھ منوره ته پنهنجي سر جاچ ڪري اچي ته پيغمبر اسلام ﷺ۾ اُها ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جو ماڻهو سندس فدائي بڻجي ٿا وڃن. ان ماڻهوءَ جيڪا رپورٽ ڏني سا دلچسپ ۽ وزنائتي آهي. چيائين ته، ”جيڪو به وڏو ماڻهو رسول عربي ﷺسان ملي ٻاهر اچي ٿو سو پاڻ کي ائين ٿو سمجهي ته هن جهڙو معمولي ماڻهو ٻيو ڪونهي، انهيءَ جي برعڪس جيڪڏهن ڪو معمولي ماڻهو رسول ڪريم ﷺسان ملي ٻاهر نڪري ٿو ته، هو ائين ٿو ڀانئي ته هو ڪو تمام وڏو ماڻهو آهي.“ اهي آهن رسول اڪرم ﷺجا اصلي معجزا جو گهڙيءَ ۾ ڦرڪو ڦريو وڃي جو هڪ وڏو ماڻهو پاڻ کي تمام ننڍو ماڻهو سمجهڻ لڳي ۽ هڪ مسڪين ماڻهو سمجهي ته مان معمولي نه پر تمام وڏو ماڻهو آهيان. لڳي جادو ٿو، پر اها هڪ غير جانبدار دانشور جي رپورٽيڊ راءِ آهي. لاشڪ حضور سائين جا غلام، سڪندر ۽ دارا کان عظيم تر هئا.
علي خان ابڙي ۽ جان محمد جماليءَ جو ذڪر انهيءَ پس منظر ۾ پيش ڪيو ويو آهي. باقي تڪبر کان توبه الله معاف ڪندو. مونکي به ابي کي به.
***

اونهي ڳالھہ اسرار جي

---

امڙ

منهنجا ناناڻا منگواڻا آهن. يوسف ميرڪ، تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ کين وطن پرستي ۽ وطن دوستيءَ جي پاداش ۾ فرمائي ٿو ته، ”منگواڻا وڏا حرامي آهن ۽ اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو اٿن.“ مان دشمن وٽان اهو چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ سمجهي اکين تي چايان ٿو. منگواڻا ويڙهاڪ، جنگجو ۽ ڏاڍمڙسيءَ ۾ اڄ تائين مشهور آهن، جيتوڻيڪ منجهن الهه لوڪ، درويش ۽ بزرگ پيدا ٿيا جيئن حضرت احمد فقير منگواڻو جنهن جي درگاهه الهندي ڪچي حيدرآباد ۾ واقع آهي. مغل شهزادو يوسف ميرڪ جو کين ههڙي تيز ۽ تند لقب سان ٿو نوازي تنهن جا ضرور ڪي وڏا سبب هوندا. سندن، ڳڙهه ٽلٽي ۽ انڙپور وارو علائقو هو. اهو علائقو لاڙڪاڻي، ڳاها ۽ شڪارپور تائين هو جنهن کي باغبان يا ڪاهان به سڏيندا هئا. مان ڀانيان ٿو ته اهو ڪاهان لفظ جو تاريخن ۾ آيو آهي سو اصل ۾ آهي ئي ڳاها. ڳاها ابڙا اڄ تائين انهيءَ علائقي ۾ گهڻي تعداد ۾ آهن. اهو علائقو دولهه دريا خان جو هو جو پاڻ به سماٽ قبيلي جو هو ۽ سڀ سماٽ قومون ڳاها، سميجا، ابڙا، سانگي، پنهور، ساند، منگواڻا وغيره، مغلن لاءِ مٿي جو سور هئا، جنهن جو ذڪر مغل نواز تاريخ نويسن دل کولي ڪيو آهي. دولهه دريا خان جي شهادت کان پوءِ به سنڌي، سالن جا سال وڙهندا آيا.
تاريخ طاهري (ترجمو: نياز همايوني، ص. 70) ۾ آيو آهي ته ”مغل (يعني شاهه بيگ ارغون) 921 هجريءَ ۾ سنڌ ۾ آيا پر تڏهن به سمن 927 هجري تائين حڪومت هلائي، معنيٰ ته سما پيش نه پيا ۽ وڙهندا آيا. دريا خان جي پٽن مٺڻ خان، محمود خان ۽ امير سارنگ ڪيئي جنگيون جوٽيون. انڙپور ۽ ٽلٽيءَ وٽ وڏيون لڙايون لڳيون. تاريخ طاهري وارو لکي ٿو ته، شاهه بيگ ارغون، باغبان پرڳڻي کي لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڇڏيو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”شاهه بيگ 924 هجريءَ ۾ مئو ته سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري سمن ڍل ڏيڻ بند ڪئي، شاهه حسن وٽ عذرخواهي لاءِ به ڪونه ويا ۽ دڙڪن جي باوجود بغاوت تي سندرو ٻڌي بيٺا“ (تاريخ طاهري، صفحا 68، 69، 70). صفحي 70 تي اچي ٿو ته ”مغل قتل عام تي لهي آيا. ڳورهارين زالن جا ڪچا ٻار پيٽان ڪڍي نيزن تي چاڙهي گهٽين ۾ گهمائيندا ڦيرائيندا سڄي لوڪ کي ڏيکاري ڏهڪائيندا رهيا. جيڪو به سامهون ٿي آيو تنهن کي بنا پڇاڳاڇا ۽ ڪهل جي ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿي ڇڏيائون. سمن جون زالون ٻار ڪڇن تي کڻي انهن سوڌو درياهه ۾ ٻڏي ميون. جيڪي باقي بچيا تن کي مغلن ٻڌي بنديخانن ۾ هڻي ڇڏيو.“ نه رڳو شهر پر سڄو ملڪ تباهي ۾ اچي ويو. ڇا مسلمان ۽ اسلام ائين ٿيندو آهي؟
سنڌ جي ست سال جنگ آزاديءَ جي تاريخ ”خرابي سنڌ“ مان ڪڍي ويئي ۽ شاهه حسن حڪومت ورائي ورتي. اهو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جو اولاد وري اچي ڪڙڪيو آهي ۽ خرابيءِ سنڌ لاءِ سندرو ٻڌيون بيٺو آهي. تاريخ ڏاڍي ظالم آهي، ڪنهن کي بخشي نٿي. آزادي حاصل ڪرڻ کان، آزاديءَ کي برقرار رکڻ تمام اوکو عمل آهي. ذري غفلت به اهوئي حال ڪندي جيڪو درنده صفت شاهه حسن ۽ سندس اوپرن فوجين ڪيو. صفحي 71 تي اچي ٿو ته ”شاهه حسن (غازي) ملڪ جي اصلي مالڪن کي اهڙو نيست نابود ڪيو جو ڄڻ سندن وجود ئي ڪو نه هو. فسادي سمن جون پاڙون ئي پٽجي ويون، جنهن به تابعداري کان منهن ٿي موڙيو تنهن کي مغلن جيئرو نٿي ڇڏيو. سردارن توڙي زميندارن سان اهڙيون جٺيون ٿيون جو نيزا ڀالا ڇڏي، گهوڙا ڦٽي ڪري هارپي ۽ ٻئي پورهئي ۾ جنبي ويا. زالن توڙي مردن تي مغلن جي ظلم جي اهڙي هيبت طاري ٿي ويئي جو ڪنهن مغل کي ڏسندي سندن ساهه سڪي ٿي ويو ۽ زالن جا ٻار ڪِري ٿي پيا.“
”ڪڇ جي راڻي راءُ کنگهار سمي جڏهن آڻ نه مڃي ته شاهه حسن، ڪڇ ۾ ڪاهي پيو ۽ سڄي ملڪ جون آباد ٿيل زمينون ساڙائي پٽ ڪري ڇڏيائين. 933 هجريءَ ۾ مرزا شاهه حسن ملتان تي ڪاهيو ۽ اتي داخل ٿيڻ سان رڻ ٻاري ڏنو، ڄڻ ڪا آسماني آفت نازل ٿي. اهڙي محشر ۾ پيءُ پٽ کان ۽ ڀاءُ ڀيڻ کان وڇڙي غنيم جي وَر چڙهي ويا. اهي زالون جن ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو منهن ته ڇا پر آواز به ڪونه ٻڌو هو ۽ سدائين سندن ست سلامت رهندو ٿي آيو، سي اوپرن (مغلن فوجين) وٽ قيد ٿي ويون“ (تاريخ طاهري صفحا 50 ۽ 51). ”پوءِ اي اکين وارا عبرت وٺو!“ (قرآن). خبردار سنڌواسيو، بگهڙ وري اچي رڍن ۾ پيا آهن.
” 948هجريءَ ۾ همايون بادشاهه سنڌ ڏي ڀڄي آيو ته مرزا جي حڪم تي ٺٽي کان بکر تائين بيٺل سڀ فصل ساڙائي تباهه ڪيا ويا. جنهن به ڪڙميءَ ڪو زمينن جو ٽڪرو آباد ٿي ڪيو ته ان جي کل لهرائي بُهه سان ڀرائي ٿي ڇڏي. ماڻهن اَنَ ڪڻو اکين سان ڪو نه ٿي ڏٺو. هر ڪو ماني ماني ڪندو مرندو ٿي رهيو. آخرڪار سخت ڏڪار اچي منهن ڪڍيو ۽ ماڻهو بک وگهي جان کان بيجان ٿيندا رهيا. سڄي سنڌ ۾ ايڏي ڀينگ ڪاهي پيئي جو جتي ساوڪ ۽ رونق ڏسي پکي لاتيون لنوندا هئا اتي چٻرن جا چرڙاٽ ٻڌڻ ۾ پي آيا.“ (تاريخ طاهري صفحو 82 ۽ 83). ”پوءِ عبرت وٺو. اي اکين وارؤ!“
ظاهر آهي ته اهڙي افراتفري ۽ بربريت جي عالم ۾ عزتدار ماڻهو، مال متاع ڇڏي، عزت ۽ لڄون بچائي گمناميءَ ۾ دور دراز علائقن ۾ ويا. گهڻن ته ذاتيون به مٽائي ڇڏيون. اڄ تائين نج سومرا ڏسوته واڍا، ڌوٻي، ڊکڻ، کنهنباٽي ۽ عيساڻي وغيره پيا سڏائين. ائين سميجا ابڙا به چنا ۽ پوءِ سانگي ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته چنا به ڪاڇي جا ڏاڍا مڙس ۽ زوراور هئا ۽ مٿن به حڪمرانن جي ڪٽڪي هئي. ارغونن ۽ ترخانن جي به آخر اهڙي حالت ٿي جو ارغون ۽ ترخان قوميت کي رد ڪري ترڪ سڏائڻ لڳا ۽ نيٺ ترڪ لفظ به ترڪ ڪري لوهر ٿي ويا. هي سڀ تاريخ جون ستم ظريفيون آهن.
منهنجا ناناڻا به ٽلٽي ۽ انڙپور جو علائقو ڇڏي باغبان ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ميهڙ ۾ شاهه گودڙئي طرف گوشه عافيت تلاش ڪري پنهنجو جدا ڳوٺ منگواڻي ٻڌي ويٺا ۽ سڄي تر تي تسلط قائم ڪري ويا. شهر به منگواڻي، تپو به منگواڻي، ديهه به منگواڻي ۽ وڏيرو به منگواڻو. ڏاڍا مڙس ۽ جنگجو ته هئا سو سڄو تر پنهنجي اثر رسوخ ۾ آڻي ڇڏيائون. سندن ڳڙهه تي حاڪمن کي وري کٽڪو ٿيو، تن جانوري چانڊيا آڻي اتي آباد ڪيا جي حاڪمن جي هشيءَ تي کنؤنس جاري رکندا آيا. نيٺ وڏيري لانگهه خان منگواڻو سانگين ۽ منگواڻي کان سڏ پنڌ تي خلاصو ڳوٺ ٻڌي ماڙيون ٺهرائي ويٺو. منهنجو نانو وڏيرو مير محمد به ان ڳوٺ جو ئي هو. مون کي سندس نقش اڃا ياد آهن. جهڙو يوناني، گهڙيل نڪ نقشو، ڪشادي پيشاني ۽ گورو رنگ، امان به هوبهو نانا جهڙي هوندي هئي. مون کي شڪ پوندو آهي ته منگواڻا ڪٿي يوناني يا منگول نسل جا ته نه آهن. ڇاڪاڻ ته سڀن جو قد ڪاٺ ۽نقش اهڙا آهن. هي ته ڌڪا آهن پر نانو ڏاڍو خوبرو جوان ۽ گرم مزاج جو هو. جيڪڏهن ڪو کيس وڏيرو ڪري نه سڏيندو هو ته منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندو هو. جانورين تي ڪٽڪي هوندي هيس، جيتوڻيڪ اهي زور وارا، شاهوڪار ۽ وڏي قوم وارا هئا، کين وڏيرو ڪري تسليم نه ڪندو هو ۽ عيد براد تي سندس سلام تي ويندو هو حالانڪه منهنجو ڏاڏو عمر خان، زماني سارو وڏيري محمد صادق جانوريءَ وٽ ويندو هو. جيتوڻيڪ سانگي ۽ جانوري پاڻ ۾ اٽڪندا رهندا هئا پر ڏاڏو سائين تدبر کان ڪم وٺي صلح سانت سان رهندو آيو؛ پر ڪنهن جانوريءَ کي مجال نه هئي جو سانگين جي ڳوٺ ۾ اچي يا ڀرسان لنگهي.
هڪ دفعي ڪو وڏيري جو پٽ گهوڙي تي چڙهي گهرن ڀرسان لنگهي ويو. پوءِ ته ممڻ مچي ويو. نيٺ وڏيري پنهنجي پٽ کي ڇينڀ ڪڍي. ٻهراڙيءَ ۾ وجود قائم رکڻ لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. سانگي ڏاڍي ارڏي قوم آهي. لاڙڪاڻي شهر ڀرسان دودائيءَ جا سانگي ته مشهور آهن. ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ لاڙڪاڻي جي بازار ۾ دشمن کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري دنبها هڻندا هليا ويندا. دودائيءَ جا زميندار سيد سڳورا سيد بخشل شاهه ۽ ٻيا تن سان ٿورا اختلاف ٿيا ته سيد سڳورا زمينون توڙي حويليون ڇڏي هليا ويا ۽ انهن ۾ سانگي پيا رهن. ڀرسان ڏاهاڻي بلوچ ٿا رهن جي وڏا ڪاٽڪو ڌاڙيل ۽ خوني آهن پر اهي به سانگين کان ڪن هڻن. غلام حسين انڙ جهڙي زبردست ماڻهوءَ سان به مهاڏو اٽڪايائون. دودائيءَ جا ٽي مڙس سعدو، سدائي ۽ روشن سانگي ته ناليرا، ڄڻڪ ڪهاڻي ڪردار، ڏاڍا مڙس هئا. ٿوري ڳالهه تي مڇ پئي ڦرڪندي هئن، پنهنجن سانگين سان اٽڪيا ته پاڻ به سانگين هٿان خون ٿي ويا. سيد عمر شاهه هڪ ڌاڙيل ساماڻو. ان سان ته اهڙي ڪار ڪيائون جو اڄ تائين خبر ڪانه پيئي ته ڪٿي غار ٿيو. لاش به ڪو نه لڌس. ڪجهه سال اڳ هڪ جتوئيءَ به هڪڙو سانگي اسڪولي ٻار قتل ڪري وڌو. ڳالهه ڦهلي ته ذات سانگي نڪري پيا. نيٺ، جيڪب آباد ضلعي ۾ ڏس پيو ته هڪ سانگي مڙس فقير بڻجي هڪ نار تي ديرو ڄمائي ڀنگ گهوٽڻ ۽ مڪان هلائڻ لڳو. نيٺ ملزم جتوئيءَ کي ڳولهي ساڻس سنگت رکي، هڪ رات سندس منڍي لاهي گودڙيءَ ۾ وجهي لاڙڪاڻي اچي سردار اڳيان ڦٽي ڪيائين. ٻهراڙيءَ ۾ جيئڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا.
پير صاحب پاڳارو مون تي ڏاڍو مهربان آهي، جڏهن وٽس حاضري ڏيندو آهيان ته کلي کيڪاري ڀاڪر پائي گڏ ويهاريندو ۽ ڪافي پياريندو آهي. مون کي چوندو آهي: ”آ ابڙا بادشاهه!“ هڪ ڏينهن چيو مانس ته ”قبلا، مان سانگي آهيان!“ ته خوش مزاج ته آهي سو هڪدم مونکان پري بيهي چيائين ”تون ته خطرناڪ آهين. ايڏا سال لڪ ڪيو اٿئي، نيت ڇاهي؟“
پير سائين ڏاڍو مٺو ماڻهو ۽ وضعدار آهي سو اتي ئي گڏ ويهاري ڪافي پياريائين. چيائين ”اڄ مون سان انگريز علي شاهه ملڻ ٿو اچي سو ويهه متان مونکي انگريزي سمجهه ۾ نه اچي!“ هڪ ته پير صاحب انگريزي تمام سٺي ڄاڻي جو لنڊن ۾ رهيو ۽ پڙهيو آهي، ٻيو ته انگريز علي شاهه جي ڳجهارت سمجهه ۾ نه آيم سو پڇيم ته ”سرڪار، اهو انگريز علي شاهه الائي ڪهڙو؟“ کلي چيائين ”اهو قومي اسيمبليءَ وارو ڊپٽي اسپيڪر!“ هڪدم سمجهيم ته پير سائين، ظفر علي شاهه جي ڳالهه پيو ڪري ڇو ته شاهه صاحب زور ڪري انگريزي ڳالهائيندو آهي. پير صاحب ۾ مزاح جي حس ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ آهي. هڪ ماڻهو آيو فخر الدين حبيب جو ضيائي دؤر ۾ شوريٰ جو نامزد ميمبر هو. مون کي چيائين ته پير صاحب کي سفارش ڪري مون کي سينيٽ جو ميمبر ڪرائي. مون انڪار ڪيو ته مان اهڙي ڪا جسارت نه ڪندس ته به چيائين ته تون ڳالهه ڪڍ پوءِ مان پاڻهي عرض ڪندس. انهيءَ کسڙ ڦسڙ ۾ هئاسون ته پير صاحب جو بلا جو ذهين آهي کلي پڇيو ته ”ابڙا بادشاهه تنهنجي دوست کي اميدواري (حمل سان هجڻ) آهي ڇا؟“ مون چيو ”هائو قبلا!“ ۽ پوءِ موڪلائي ٻاهر نڪري ويٺس ۽ هو ٻاهر پگهرجي نڪتو ۽ مون کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي گهر پڄائي ويو ۽ ڏوراپا به ڏيندو هليو.
نانو سائين به اڪيلو سر، جانورين جي ڳڙهه ۾، وڏي همت ۽ مردانگيءَ سان ديرو ڄمائي ويٺو. ٻني ٻارو پنهنجو هئس ۽ مال متاع به سو ٻاهريون شان ۽ دٻدٻو رکندو آيو، جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي کهرو، تند، تيز مزاج، جهڳڙالو ۽ جهيڙاڪ ٿيڻو ٿو پوي. نانگن بلائن ۽ ڍورن ڍڳن ۾ رهڻ سان اهڙيون ئي خاصيتون ڌارڻ ڪرڻيون پون ٿيون. نانو ڏاڍو دلير، بهادر ۽ قوت فيصلي ۾ اٽل هو. اها رڳ امان ۾ به هئي ۽ مان سمجهان ٿو ته مون ۾، ڪمال ۾ ۽ ادا وڏي (شمس الدين) ۾ به هئي.
جيتوڻيڪ ادا وڏو نهايت بردبار، خاموش طبيعت ۽ ٿڌو هوندو هو. پر هڪ لڱا آرهڙ جي ٽاڪ منجهند جو ادا جي آفيس (اوطاق) ٻاهران چيخون ۽ رڙيون پئجي ويون. سامهون هو گهر ڪرسچن نرسن مس مل ۽ مسز فتح چند جو. ادا دير ئي ڪا نه ڪئي، اگهاڙي پيرين ٻاهر ڊوڙيو. پاڙي وارا ٻه چار نڪتا پر چُپ، هٿ ٻڌيو بيٺا رهيا. ٿيو ڇا جو ڪي لوفر هڪ ڪرسچن نياڻيءَ کي زوريءَ ٽئڪسي ڏانهن گهليندا پي ويا ۽ مس مل ۽ ٻين جون رڙيون پيون پون. ادا، بدن جو ڳورو ته به هڪلون ڏيندو ڊوڙي وڃي ان لوفر کي ٿڦون هنيائين ۽ ڇوڪريءَ کي ڇڏائي چيائينس ”وڃ اندر ۽ دروازو بند ڪري ڇڏ!“ بدمعاشن تي به دهشت اهڙي ويٺي جو وٺي ڀڳا. نرسون ته پوءِ ادا جون مريدياڻيون ٿي ويون. امان به ۽ نانو سائين به ائين هڪدم فيصلو ڪري صورتحال جو نقشو ئي ڦيرائي ڇڏيندا هئا.
چوندا آهن ته ’مڙس اهو جو مهل تي ڪم اچي. مهل وئي، ته هٿ مليندو رهجي وڃبو.‘ آرهڙ جي گهٽ ۽ حبس ۾، مڇرن ۽ ڪُت جي آزار کان نانو ڪپڙا لاهي چادر مٿان وجهي ڪهاڙي پاسي ۾ رکي سمهي پوندو هو. آڌي رات جو رڙيون ٿين يا چور چور جي پڪار اچي ته نانو سٽ ڏيئي ڪهاڙي کڻي چورن پٺيان ڀڄندو ويندو هو ۽ پٺيان ناني ويچاري سندس گوڏ کنيو سَڏ ڪندي ويندي هئس. پوءِ جي چور ڀڄي ويا ته نانو به گوڏ ٻڌي موٽي اچي کٽ تي ويهندو يا چوڌاري ڪن تاڙ ڪري چؤنڪي ڏئي ايندو هو.
نانو بيمار ٿيو ته لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ اچي داخل ڪيائونس. ٽنگ پڪريز ڪري سڄي وئي هئس. نه هئي اليڪٽرسٽي نه پکا، سو مريضن جون کٽون وارڊ مان ڪڍي ٻاهر کليل هوا ۾ رکندا هئا. ڊاڪٽرن چيو ته آپريشن ٿيندي، شيشي سنگهائي بيهوش ڪبو. نانو ضد ٻڌي بيٺو ته ڇاجي شيشي ڇاجي بيهوشي، مونکي اتيئي وارڊ ۾ آپريشن ڪيو. سندس ضد آڏو ڊاڪٽرن آڻ مڃي پر خدشو هئن ته متان رڙيون ڪري ۽ ٻيا مريض وياڪل ٿين. پر ڊاڪٽرن جو وڍ ڪٽ شروع ڪرڻ ۽ ناني سائينءَ جو دعائن ۾ شروع ٿيڻ: ”اڙي ڊاڪٽر شل ٻچا بچندئي، شل ست پٽيتو ٿيندين، الله ڪندو خوش هوندين، وڏو داختر (ڊاڪٽر) ٿيندين!“ کٽ تي ٽنگ لڙڪايون پيو هو، هيٺ باٽلي رت ۽ پونءِ سان ڀرجي ويئي پر ناني سسڪي به نه ڀري. اهڙو دل گڙدي وارو هو. پر ڦٽ ويو خراب ٿيندو. تن ڏينهن ۾ پينسلين به ڪانه نڪتي هئي، سو زهر چڙهي ويو يعني انفيڪشن ڦهلجي ويئي. ڊاڪٽرن آسرولاهي ڇڏيو. ناني کي لاريءَ ۾ کڻائي ڳوٺ آندائون، جتي پهچڻ سان ڪلمو پڙهي دم ڏنائين.
مامو حاڪم، سندس وڏو پٽ اڃا ٻار هجي، ماءُ ته اڳ ۾ ئي گذاري وئي هئس پر مامي اهڙا جوهر ڏيکاريا جو ناني کي به مات ڏئي ويو. مامو حاڪم ڇاڪاڻ ته ٻار هو، نه هئس ماءُ نه، پيءُ نه، چاچو نه مامو، سو امان کيس پاڻ سان وٺي اچي ڳوٺ سانگي ۾ رهايو. پر مامو اهڙو اولي العزم جو چوي ته ”منهنجو ڳوٺ، منهنجا ٻني ٻارا، منهنجا گهر گهاٽ. سو مان هت ڪيئن ويهان!“ حالانڪه گهر ماڙيون ڊهي پٽ ٿي ويا هئا. پر مامو نيٺ ڀڄي اچي پنهنجي ڪکن ۾ ويٺو. لسڙاٽ، مُڇن جي ساوڪ سان هجي پر اهڙو انتظام رکيائين ۽ اهڙو ڌاڪو ڄمايائين جو هر ڪو پيو کانئس ڪن هڻي. ويندي جانوري وڏيرا به ساڻس نه الجهندا هئا، جيتوڻيڪ هو وڏي زور وارا ۽ راڄ وارا هئا ۽ سندم وڏيرو محمد صادق جانوري وڏو بردبار ۽سمجهدار ماڻهو هو. مون پاڻ ڏٺو. ڊگها مٿي جا وار ۽ سونهاري ڳاڙهي مينديءَ رتل، پڳ سان کٽ تي آهليو پيو هوندو هو ۽ هر آئي وئي جو آڌر ڀاءُ ڪري کيڪاري، پيو راڄن جا فيصلا ڪندو هو. مڃوتي به ڏاڍي هئس. مامو وٽس لڙي به ڪونه ويندو هو. اهو کٽڪو رهندو هئس، مٿان وري مامو سندس راڄ وارن جانورين سان به گهڻو الجهندو هو پر وڏيرو ڪجهه نه ڪري سگهندو هو.
مامو هڪ اڙٻنگ جوان ٿي اسريو ۽ نسريو. طاقتور اهڙو جو گودڙئي جبل تي ويو ته اتي هڪ وڏي جانڊهه رکي آهي. گهڻائي پهلوان ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ڪي ته ان کي چوري به ڪو نه سگهندا آهن. مامو به ويو. ۽ ويٺي ئي زور لڳائي ان کي مٿڀرو کنيائين. پوءِ ته ان کي پٽي کڻي ڪلهي تي رکيائين ۽ پوءِ اٿي بيهي رهيو. ائين اها جانڊهه کڻي ويو. پوءِ ته سڄي ميلي ۾ واهه واهه ٿي ويئي. جانڊهه کڻڻ سان مامي جي ڪلهي تي جو ڦٽ ٿي پيو سو اسان پاڻ ڏٺو ۽ ڪي مهينا ڪو نه ڇٽو ۽ نيٺ ڪڙي ٻڌي ڇٽي ويو. اها مامي جي ڦوهه جواني هجي. طاقت وري اهڙي جو چانديءَ وارو روپيو چپٽيءَ ۾ جهلي وٺي جو مهٽو ڏئي ته اڪر ٿيل اکر گسي وڃن. ڪوڏيون کڻي هٿ جي ترين سان جو ڀڪوڙي مهٽو ڏئي ته ڪُٽو ٿي وڃن.
هڪ دفعي لاڙڪاڻي ۾ مان، ڪمال ۽ مامو گهمندا پيا وڃون ته هڪ هنڌ ڊنب ماڻهن جو بيٺو هجي. اتي ڪنهن هرڻ جي نري آندي هئي. شرط لڳي پئي هئي ته ڪو ٽوڙي ڏيکاري. گهڻن ئي پهلوانن زور ڏنا پر نري ڪانه ٽٽي. شايد ڪا اهڙي مضبوط ٿي ٿئي. مامو به نه مڙيو وڃي پٽ تي ويهي نري ٻنهي هٿن ۾ جهلي وٺي جو زور ڏنائين ته ٽِڙ ڪو ڪري ڀڄي پيئي. جنهن ماڻهوءَ نري آندي هئي تنهن جو منهن ئي لهي ويو. مٿان وري مامي چيس ته ”ٻه نريون ڪڍ ته هڪ سٽ گڏي ڀڃان!“ هو ته خوش ٿيو ته هاڻي ته پڪ هارائيندو سو ٻه نريون ڪڍي ڏنائينس. مامي به پٽ تي ويهي پير کپائي، وٺي جو زور ڏنو ته ٻئي نريون ٽِڙڪو ڏيئي ٽٽي پيون. ائين ڪڪڙ جو بيضو به ڪنڊائتو نه ٽٽندو آهي. سو گهر اچي جو مامي جو ڪارنامو ٻڌايو سين ته ادا شمس چيو ته ”بيضو ٽوڙي ڏيکاري ته مڃيون!“ اسان به پيا عجب کائون ته بيضو ڪيئن نه ٽٽندو! واري واري سان اول گهر ڀاتين ڪوشش ڪئي پر بيضو ڪو نه ٽٽو. نيٽ مامي تريءَ ۾ جهلي چيو ته ”بابا ڇو ٿا اجايو منهنجا ڪپڙا خراب ڪيو، ڇڏيو کڻي!“ پر ادا شمس به ضد تان لهي ڪونه. مامي به بيضو ترين جي وچ ۾ جهلي زور ڏنو ته ٽِڙڪ ڪري ڦِسي پيو ۽مامي جا هٿ ۽ ڪپڙا خراب ٿي پيا. سو چيائين ته ”بابا اجايو ٻاراڻو ضد کڻي ڪيوَ!“
ٻانهن جو ٻَل ٻي ڳالهه آهي، دل جو ٻل ٻي ڳالهه. اِهو به مامي ۾ ڀرپور هو. هزار دشمنين باوجود، گهر ٻاهران جهنگ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو ڪهاڙي پاسي ۾ ڪيون ستو پيو هوندو. جهنگ ۾، جهانگي ٿيڻو ٿو پوي. شڪر جو منهنجو ٻالڪپڻو به جهنگ ۾ گذريو، جيتوڻيڪ ڪنهن به وڏي واردات سان دوبدو ٿيڻو ڪو نه پيو. ها، هڪ لڱا ڇا ٿيو جو ڳوٺ مان هاري لاڙڪاڻي دانهن کڻي آيا ته چاچي غلام علي ناليءَ کي ٻنڊو هڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي زمينن جو پاڻي بند ڪيو اٿائين ۽ سڀاڻي نالِي جا سندس زمينن مان ٿي نڪري سا لٽائيندو. چوندا آهن ته ٻني ۽ ونيءَ تي سر ڏبا آهن. امان ۽ ادا شمس به مون کي ۽ ڪمال کي روانو ڪيو ته ”وڃو ڳوٺ!“ مان سترهن سالن جو ۽ ڪمال پندرهن سالن جو. انهيءَ مهل ريل ۾ چڙهي راڌڻ پهتاسون ۽ لاريءَ ۾ ميهڙ. ميهڙ وياسون چاچي غلام عليءَ جي گهر ته خبر پيئي ته ٻنين تي ويل آهن. اسين ٽانگو ڪري مامي وٽ لانگهه جي ڳوٺ رات گذاري ۽ مامي سان حالي احوالي ٿيا سون. مامي خبر لهي ڏني ته سانگين ۾ ڏاڍو شور آهي. صبح جو غلام علي خان پاڻ بيهي نالي لٽائيندو.
صبح جو سويل اٿي مامي کي چيوسين ته ”اسان سان گڏجي هل!“ صاف انڪار ڪيائين. سياڻو ماڻهو، چيائين ”بابا هي سانگين جو پنهنجو معاملو آهي، مان منگواڻو وچ ۾ نه پوندس. توهان پاڻ وڃو!“ اسان ٻئي ڇوڪراٽ هٿين خالي، پهرين سڌو ڳوٺ ويا سون ته خبر پيئي ته چاچو لٺين ڪهاڙين سان همراهه وٺي، بندوق کڻي پاڻ بيٺو نالي لٽارائي. اسان وڃڻ لاءِ تيار ٿياسون ته پڦيون، ٻئي قرآن مٿي تي کڻي روئڻ لڳيون ۽ اسان کي واسطا وڌائون ته ”نه وڃو!“ پر اسين ڪو نه مڙيا سون. سڌو آيا سون واردات تي. اٺ ڏهه مڙس ڪهاڙين ۽ ڪوڏرن سان نالي بيٺا لٽائين. مان ناليءَ تي ٿي بيهي رهيس. ڪمال ننڍو منهنجي ڀرسان بيٺو رهيو. چيم: ”چاچا هي مناسب ناهي!“ چاچي کڻي بندوق سڌي ڪئي ۽ هڪل ڪيائين ته ”هٽي پري ٿيو!“ سندس آڱر بندوق جي گهوڙي تي هجي، پر اسين اصل ڪو نه چُرياسين. ٻيا ته ٺهيو، اسان جو پڦاٽ ماستر خان محمد، جنهن کي نوڪري به بابا وٺي ڏني هئي، سو ٻه ٻه هٿ پيو اڏامي ۽ ڪهاڙي پيو اولاري. هڪ بندوق ٻيو ڪهاڙي، صورتحال ڏاڍي گنڀير هئي. ائين ئي ته خون ٿيندا آهن. پر مان ڪمال نه ڊناسون نه چُرياسون. معمولي شهري ڇوڪرا تن ۾ ايڏو صبر ۽ همت به هڪ عجيب ڪارنامو هو.
هوڏانهن وڏو چاچو علي نواز جو چاچي غلام عليءَ سان ٻِٽ بيٺو هو، سو کيس ڪن ۾ ڪجهه چوندو رهيو. صورتحال موجب مون سمجهيو ته بندوق هڻڻ لاءِ پيو چويس. جڏهن صورتحال چوٽ (ڪلائيميڪس) تي پهتي ته اوچتو بگهڙ وانگر رومڙ ڪري، مامو هٿين خالي، ڪمال جرئت سان هڪ ٻوٽي مان نڪتو ۽ خان محمد کي ٿڦ هڻي ڪهاڙي کسي، بندوق سامهون ٿي بيهي رهيو. سندس اهڙي جرئت ۽ حوصلي تي سڀ سراپجي ويا. مامي، چاچي کي مخاطب ٿي چيو ته ”مان منگواڻو آهيان، اوهان سانگين جي جهيڙي ۾ منهنجو واسطو ناهي، باقي خانصاحب علي خان جي ٻچن کي لاوارث ڪري مارائڻ ڪو نه ڏيندس. گهڻن جون منڍيون لهنديون!“
چاچو علي نواز جو مڄاڻ چاچي غلام عليءَ کي بندوق هلائڻ کان روڪي رهيو هو، تنهن موقعو موزون سمجهي ڳالهايو ته ”وڙهو نه، هلو ته وڏيري کان فيصلو ڪرايون!“ انهيءَ تي سڀني راضپو ڏيکاريو. مامو وڏي رٿابندي، حوصلي ۽ عقلمنديءَ سان سويل ئي هٿين خالي اچي هڪ ٻوڙي ۾ لڪي ويٺو هو ۽ پنهنجي رشتي جي سؤٽ شيرل منگواڻي کي وري ٻئي ٻوڙي ۾ لڪائي ويهاريو هئائين، جا خبر مون کي پوءِ پئي. شيرل کي چيل هو ته هو تڏهن ظاهر ٿئي جڏهن جهيڙو اڻ ٽر ٿي وڃي يا چوٽ چڙهي وڃي. اهڙي نوبت ئي ڪانه آئي، سو مامو شيرل ظاهر ئي ڪو نه ٿيو. ٻهراڙيءَ ۾ جيئڻ لاءِ ائين جتن ڪرڻا پون ٿا. سڀ آياسون وڏيري محمد صادق جانوريءَ وٽ. وڏيري صاحب سڀن سان خوش خيرعافيت ڪري حال احوال پڇيا ته ڪو ڪونه ڪڇي.
وڏيري مامي ڏي ڏٺو ته مامي چيو، ”مان ته خيري واٽهڙو، سانگين جو ڊنبلو لٺين ڪهاڙين سان ڏٺم سو جهيڙو ٽاري توهان وٽ آندو اٿمان. ٻيو مڙيئي خير!“
وڏيري مون کان پڇيو، مان ڇا ڄاڻان اوطاقي آداب ۽ حال احوال جا طور طريقا. سو بنا للي چپيءَ جي چيم ته ”چاچي جي ٻنيءَ مان نالي اسان ورهين کان وهائيندا آيا آهيون. اوچتو چاچي کي الائي ڪهڙي سُجهي جو نالي لٽائڻ بيهي رهيو. مان ۽ منهنجو هي ڀاءُ وٽس وياسون ته چاچي کڻي بندوق سڌي ڪئي. هاڻي آيا آهيون توهان وٽ!“
وڏيري چاچي غلام عليءَ کي چيو ”وڏا منشي..“ (هيڊ منشيءَ کي ائين چئبو هو) ”هي ڇا؟“
چاچي چيو ته ”هائو! منهنجي زمين آهي، منهنجي مرضي جيئن وڻي تيئن ڪيان.“ وڏيري چيو، ”نه ميان غلام علي نه ! ائين مناسب ناهي، جڏهن ورهين کان اها نالي وهي ٿي ته هاڻي ڇو بند ٿيندي؟ ڪو سبب ڪو اهنج؟“ ڪو سبب ته هو ڪونه، سو چاچو چپ رهيو. مامي موقعي جو فائدو وٺي وڏيري جي تعريف ڪندي چيوته ”واهه وڏيرا واهه، تنهنجو انصاف. بيشڪ، انصاف وارو آهين!“ ائين وڏيري جي ڳالهه کي انصاف جو ٺپو هڻي معاملو ختم ڪري ڇڏيائين. وڏيري به کلي چيو ته ”اٿي ڀاڪر پايو!“
شابس هجي وڏيري محمد صادق کي. جي چاهي ها ته جهيڙو وڌائي سانگين کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪري ڇڏي ها، پر حق جو ڪلمو چئي معاملو سلجهائي ڇڏيائين. لاڙڪاڻي موٽي ڳالهه ڪئي سون ته امان ته سراپجي وئي پر ڏک ڪانه ڏنائين. ادا شمس تپي ڳاڙهو ٿي ويو. بابا کي خبر پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس ته جن ڀائرن جي هڙئون وڙئون هر طرح جي مدد ڪئي هئائين تن سندس پٽن تي بندوق سڌي ڪئي. چاچو غلام علي پوءِ به اسان وٽ ايندو ۽ ٽِڪندو هو ۽ مان کيس ڊاڪٽر پوهومل ڏي علاج خاطر وٺي ويندو هئس. بابا کي ايترو ڏک هو جو چون ٿا ته آخري بيماريءَ ۾ چاچو غلام علي کانئس پڇڻ آيو ته منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين؛ باقي سالن جا سال ڀاءُ کي نه ڏوراپو ڏنائين. نه اف چيائين. دل جي ڳالهه دل ۾ رهجي ويس.
مامي حاڪم جو هڪ ٻيو واقعو به ذڪر ڪجي ته چڱو. ان مان مامي جي مزاج ۽ پنهنجي طبيعت جي به خبر پوي ٿي. سال 1943ع ۾ مان ڪراچيءَ ۾ انٽر سائنس ۾ پڙهندو هوس. بابا خرچ لاءِ مهيني سر موڪليندو هو پندرهن رپيا. جن ۾ کاڌو، ڪتاب، ڪپڙو لٽو، صابڻ، تيل، دوا درمل سڀ اچي ويو. پئسو پنجڙ پاڇي هوندو ئي ڪونه هو. مامي جي تار مليم ته ”يڪدم پهچ!“ هڪ پئسو ڪونه، ٻيو پنڌ اڻانگو، ڍڪرن ۾ اچي ويس. بهرحال، پنج ڇهه رپيا ڪري ٽڪيٽ وٺي صبح جو راڌڻ پهتس جتان لاريءَ ۾ ميهڙ. مامو اڳواٽ بيٺو هو، چيائين ته ”ابا جانورين مٿي پڪاريو آهي، سو اڄ ڊپٽي چڙهي ايندو!“
’ڊپٽي‘ معنيٰ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سندس آمد کي چڙهائي سمجهيو ويندو هو. سو مامو ڪجهه فڪرمند هو. پاڻ پنڌ ئي ڳوٺ روانو ٿيو ۽ مون کي چيائين ته ”تون ڀلي بگيءَ ۾ اچ. ابا، تون انگريزي ڄاڻين ٿو. الائي ڪهڙي گٽ مٽ ڪن، تون ضرور هججانءِ!“
ٽانگي جي انتظار ۾ هئس ته هڪ ٽانگي ۾ ٻه معتبر ماڻهو ڏٺم سو ٽانگي واري کي چيم ته ”مون کي به کنيو هل!” صاف انڪار ڪيائين، چي ”ڏسين نٿو صاحب ويٺو آهي!“
صاحب ڪو رڄ چڱو مڙس هو سو مون کان پڇيائين ته ”ڪٿي ويندين!“ مون چيو ”منگواڻي.“ چيائين ”پوءِ ويهه، اسين به منگواڻي ٿا وڃون!“ مون کي پاڻ سان ويهاريائين. حال احوال ڪندي خبر پئي ته هو خود ڊپٽي صاحب هو ۽ منگواڻي جانورين جي شڪايت ٻڌڻ ٿي ويو. ڊپٽي صاحب هو مسٽر شاهه محمد شيخ جو بعد ۾ گهڻا گهڻا سال پوءِ جڏهن مان شڪارپور ۾ سٽي مئجسٽريٽ ٿي ويس ته اتي رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪندو هو ۽ منهنجي پياري ۽ فرشته سيرت دوست ڊاڪٽر انور شيخ جو پيءُ هو. شيخ صاحب پاڻ به ڀلوڙ ماڻهو، وضعدار ۽ انگريزي ادب جو عالم هو.
ائين ڊپٽيءَ سان گڏ مان به وڏيري محمد صادق جانوريءَ وٽ وڃي مهمان ٿيس. وڏيري جا پڪي عمر وارا پٽ وڏيرو محمد صديق ۽ وڏيرو محمد صالح به هئا. مون کي خدشو ٿيو ته شايد ڪو وڏو جرگو ٿئي. اتي ڊپٽي صاحب پڇيو ته ”وڏيرا اهو ڪير شخص آهي جنهن جي آزار کان توهان پڪاريو آهي ۽ مون کي سڏايو آهي؟“
وڏيري محمد صادق جانوري وڏي معصوميت سان جواب ڏنو، ”سائين! الائي ڇا نالو اٿس. ياد نٿو اچي. ايئن چئي ٻنهي پٽن ڏانهن نهاريائين ته انهن به ٻئي هٿ کولي لاعلمي ڏيکاري. هيءَ وڏي چالاڪي هئي وڏيرن جي. هڪ ته اهو ٿي ڏيکارڻ چاهيائون ته سندس ڪا به شخصي دشمني يا ڄاڻ سڃاڻ ان ماڻهوءَ سان ڪانه هئي. ٻيو اهو ته مذڪوره شخص تمام معمولي ۽ غير اهم هو. اتي مون هڪدم چيو ”وڏيرو حاڪم!“ ته وڏيري محمد صادق ٽوڪ وچان چيو ته ”هائو، حاڪم حاڪم!“
ڊپٽي صاحب چيو ته ”پوءِ سڏايوس نه هتي!“
سڀني وڏيرن يڪ آواز چيو ته، ”صاحب، اسان جي سڏ تي ڪو نه ايندو. تون پاڻ گهرائينس!“ هي ٻيو حملو هو مامي حاڪم تي ته هو ڪو اهڙو سر ڦريو آهي جو سڏائڻ تي ڪونه ايندو.
ڊپٽي صاحب ان صورتحال ۾ پنهنجي ماڻهوءَ، جو شايد سپروائيزنگ تپيدار هو، کي چيو ته ”بابا تون وڃ ۽ انهي حاڪم کي وٺي اچ!“ تپيدار صاحب ڊپٽيءَ واري بگيءَ تي چڙهي مامي جي ڳوٺ ويو. ائين مامي جي پاڻ عزت ٿي ۽ وڏيرن جو وار خطا ويو.
مامو ته مڇن کي تاءُ ڏئي، ڏاڙهيءَ کي اُڀي ڦڻي ڏيئي، پڳ ٻڌي اڳيئي تيار ويٺو هو. مامو پڳ جا ور ڏاڍا سٺا ڏيندو هو ۽ سندس پٽڪو مشهور هوندو هو. اوطاق ۾ گهڙڻ سان ”صاحب اسلام عليڪم!“ چئي وڏيرن کي نظر انداز ڪري ويو. ڊگهو، قداور، لڱن جو راٺوڙ، پنجٽيهه کن سالن جو مضبوط جوان، پنهنجي شخصيت سبب ڇانئجي ويو. اچڻ سان، چوڦير نظر ڦيرائي ويهڻ جي جاءِ جو جائزو ورتائين. پٽ تي ويهڻ وارو مڙس ڪونه هو. هڪ خالي ڪرسي ڏسي، ڇڪي ان تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهي رهيو. هي ڳالهيون ماڻهوءَ جي سرشت ۽ ساخت ۾ ازخود اچي ٿيون وڃن. جيڪا گفتگو هلي سا اکر به اکر ڏيڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. ڊپٽي صاحب شروعات ڪئي:
”ها حاڪم خان، توکي ڇا چوڻو آهي؟“
مامو: ”صاحب مون کان ڇا ٿو پڇين، مون ته توکي ڪو نه گهرايو آهي. پڇ انهن کان جن توکي گهرايو آهي!“ (مامو ڏاڍو پر اعتماد هو.)
ڊپٽي: ”هائو، برابر، پوءِ وڏيرا ٻڌاءِ ته ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
وڏيرو صادق: ”صاحب، حاڪم ڏنگو ماڻهو آهي.“
اتي مامي رڙ ڪري، آڱر وڏيري ڏي سڌي ڪري چيو:
”خبردار وڏيرا! ڇا ۾ ڏنگو آهيان. ڪنهن جي رن کنئي اٿم؟“
وڏيرو: ”نه !“
مامو: ”ڪنهن جو لوڙهو لتاڙيو اٿم؟“
وڏيرو: ”نه !“
مامو: چور آهيان؟
وڏيرو: ”نه !“
مامو: ”چور ويهاريان ٿو؟“
وڏيرو: ”نه !“
مامو: ”چوريءَ جو مال وٺان ٿو؟“
وڏيرو: ”نه !“
مامو: ”پوءِ باقي ڇا ۾ ڏنگو آهيان؟“
ڊپٽي: ”وڏيرا، چوي ته سچ ٿو. ڪيئن ڏنگو ٿيو؟“
مامو: (ڇاتي ٺوڪي) ”صاحب ڏنگو آهيان. (مامي اهو ڊرامائي موڙ ڏنو) آهيان ڏنگو. لچ، لوفر، چور چڪار کي ڳوٺ جي ڀر مان لنگهڻ ڪو نه ڏيان. جيڪو ڏاڍائي ڪندو تنهن سان پڄي ڄاڻان. اها ڏنگائي اٿم!“
ڊپٽي: ”اهو ته ٺيڪ آهي!“
مامو: ”پوءِ بس نه؟ مان وڃان؟“
ڊپٽي: ”ها بابا تون ڀلي وڃ!“
مامو فاتحانه انداز ۾ سٽ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ هليو ويو. ڊپٽي صاحب وڏيرن کي چار تکا اکر چيا ۽ وڏيرا ڦِڪائيءَ وچان بروبر! بروبر! چوندا رهيا. اها آهي هنيانءُ جي سڄائي جا مامي ڏيکاري ۽ پڻ اخلاق ۽ ڪردار جو ٻل، جو اهڙي ماڻهوءَ ۾ ازخود اتپن ٿئي ٿو.
اصل ۾ مون کي ذڪر ڪرڻو هو پنهنجي ناناڻڪي ۽ پڻ ڏاڏاڻي رڳ جو، جا ورثي ۾ ملي ٿي. مامي جي ڪردار جو ٻيو پهلو به ياد اچيم ٿو. مامي شيرل کان ڪو رنج پهتس، سو رات جو وڃي کيس گهران سڏيائين ته ”اچ ڪم آهي!“ مامو شيرل به هليو آيو.
اڌ منو ميل اڳتي وڃي چيائينس ”خبردار ٿجانءِ، اچئي ٿي ڪهاڙي!“ سڌي ڪهاڙي سندس منهن ۾ وهائي ڪڍيائين. مامو شيرل رتو رت ٿي ڪري پيو ته ٻيهر ڪهاڙي اڀي ڪيائين ۽ صفا خون ڪري ڇڏيس ها پر مامي شيرل هٿ ٻڌي چيس ته، ”بخش ڪرينم، مارينم نه اڳتي توبهه ڪيم!“
مامو هٿ روڪي کيس اِتي ئي ڇڏي واپس وريو ته پٺيان شيرل سڏ ڪيس، ”او ادا، او ادا مري ويندوسانءِ.“ مامو موٽي آيو. چوندا آهن رت دانگيءَ تي به ورندو آهي. هيڏي ساري مڙس شيرل کي ڀاڪر ۾ کڻي موٽي گهر وارن کي سڏ ڪري رتو رت مڙس کين ڏئي ويو. شيرل به اصل سچي نه ڪئي. چي: ”اڻ سڃاتل چور ڪهاڙي هڻي ڀڄي ويا.“ اهو ڪهاڙيءَ جو نشان مامي شيرل جي نرڙ ۽ نڪ تي پڇاڙي تائين رهيو پر پوليس سان به سچي ڪانه ڪيائين. اهو هو منگواڻڪو رت، اصيل، اڻ جهليو ۽ ٺاپر وارو.
امڙ 1900ع ۾ ڄائي. سن ۽ تاريخون ته لکندا ڪو نه هئا پر چوندا هئا ته ٺوڙهي بادشاهه (ايڊورڊ ستين) جي بادشاهي شروع ٿي ته امڙ ڄائي. نالو رکيائونس نج سنڌي ”ٻائي“ ـ ٻائي معنيٰ راڻي يا مالڪياڻي. چوندا آهن ٻائي ۽ ٻانهيءَ جو نيٺ ته سَنڌو (فرق) آهي. معنيٰ ٻائيءَ جو درجو مٿاهون آهي. نانيءَ جو نالو هو، ڀاڳل. اهو به سٺو نج سنڌي نالو. ناني مون ڪانه ڏٺي جو مون کان اڳ ئي گذاري وئي. ناني ٻي شادي ڪئي پلهه ذات مان. ان مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڄاوس، جن مان هڪ پٽ قمر الدين ۽ هڪ نياڻي امراء خاتون ڪچي جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويا. ناني قائم خاتون ڦلاتڻ هئي ۽ هڪ نياڻي پهرئين مڙس مان هئس جا مامي حاڪم کي پرڻايائون.
ناني ۽ سندس ڌيءَ شڪل شبيهه جون تمام سهڻيون هيون. مامي حاڪم جي زال سان ڏاڍي دل هوندي هئي ۽ کانئس هڪ ڏينهن به ڌار نه ٿيندو هو. لاڙڪاڻي ايندو هو ته زال کي به وٺيو ايندو هو. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’سواري پاڻ سان، پئسو جان سان ۽ زال ران سان ته مڙس آشان سان!‘ مامي هڪڙو پٽڙو ڄڻي ٻئي ويم ۾ گذاري وئي. اڳي علاج هئا ڪونه، سو ويم معنيٰ موت. چوندا هئا ’ويائي آهي ڪهائي!‘ سو زالون ويچاريون ويم مهل روئي مڙسن کي پارتون ڪنديون هيون. مامو، مڙس ته گهڻو ئي پهلوان ۽ دلير پر زال سان دل اهڙي جو ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪري پيو ۽ وري شادي ڪرڻ تي دل ئي نه ٿيس. نيٺ پڪي عمر ۾ جڏهن سندس ويجهو رشتيدار مامو احمد گذاري ويو ته سندس بيوهه سان نڪاح ڪري ان جو به ۽ سندس سنهن ٻچن جو رکوالو ٿي ويو. اهو اسان جي ملڪ ۾ ڏاڍو سٺو رواج آهي ۽ سڌي سنئين قرباني ۽ ذميداري آهي.
هڪڙي يورپي ليڊي اهو رواج ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين هي ته ونڊرفل (عجب) ڪارنامو آهي، جو بيوهه ۽ سندس ٻچن کي مستقبل جو ڪو خوف خطرو ڪونهي. ائين اسان جي طلاق جي رواج ۽ طريقي کي به هڪ يورپي خاتون عجب جهڙو، سليس، سؤلو ۽ شانائتو سڏيو. چي: ”بس رڳو زبان سان مڙس چوي طلاق، ته طلاق ٿي وئي. واه واه! اسان وٽ ته الزام هڻن، غير مڙدن سان اگهاڙا فوٽا ڪڍائجن پوءِ به ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ الزام تراشيون ڪري طلاق وٺجي. ڏاڍو اذيتناڪ ۽ بيعزتي وارو دستور آهي!“
اسان جون ’عورت آزاد‘ واريون مايون وري اهڙي آسان، سٺي ۽عزت ڀرئي دستور تي جلهه ڪن ۽ هاءِ گهوڙا ڪن. اصل ڳالهه آهي طلاق کان پوءِ خرچ پکو ۽ حرجاڻو ڏيڻ. انهيءَ اصل مسئلي جي ڪو نشاندهي نٿو ڪري. جنهن لاءِ تحريڪ هلائي قانونسازي ڪرڻ کپي. پر قانونسازي به تمام نازڪ مسئلو آهي. قانون سازيءَ سان ڪو مسئلو حل نٿو ٿئي بلڪه اڻ ڏٺا اڻ ڳڻيا ۽ ڀوائتا نوان مسئلا ڪَر کڻي ٿا بيهن. ڏسو جيڪڏهن حرجاڻو ۽ ماهوار وظيفو گهڻو هجي ته پوءِ زائفون ڪوڙيون شاديون ڪري طلاق وٺي دولتمند بنجي وينديون يا ته مڙس کي اهڙي مصيبت کان بچڻ خاطر، طلاق ڏيڻ بجاءِ يا ته زال تي ڪوڙيون تهمتون هڻڻيون پونديون يا ماڳهين کيس زهر ڏئي مارڻو پوندو ۽ اهڙا ڪيئي واقعا يورپ ۽ آمريڪا ۾ روزانو پيا ٿين.
قانون اهڙي لازوال چيز آهي جا هر وقت ۾، هر دؤر ۾، هر ماحول ۾ ۽ هر حالت ۾ ٺهڪي اچي. اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جسٽس بشير قاضيءَ کي سرڪار طرفان وظيفو ڏئي قانون سازيءَ جي تربيت وٺڻ لاءِ لنڊن موڪليو ويو. قاضي صاحب ٿو ڳالهه ڪري ته هڪ ڏينهن کيس حڪومت برطانيه وٽان ليٽر مليو ته فلاڻي معاملي تي قانون ٺاهڻو آهي. قاضي صاحب سخت پريشان ٿي ويو. بيچينيءَ جا ٻه ٽي ڏينهن گذاري شام جو پنهنجي استاد وٽ ويو. ان سندس پريشاني تاڙي کانئس سبب پڇيو ته قاضي صاحب کيس معاملي بابت ٻڌايو. استاد کلي چيس ته ”مسٽر قاضي انهيءَ ليٽر کي ميز جي خاني ۾ بند ڪري چار پنج مهينا وساري ڇڏ ۽ درميان ۾ جيڪي ويچار اچنئي سي لکندو نوٽ ڪندو وڃ، پوءِ ڏسي وٺبو ته اهو قانون ٺهڻ جهڙو آهي به يا نه!“ اها ڳالهه قاضي صاحب مون کي پاڻ ٻڌائي.
قانون سازيءَ ۾ ڪا وٺ پڪڙ ۽ تڪڙ نه ٿيندي آهي. ٻئي پاسي گورنمينٽ آف پاڪستان جي هڪ رٽائرڊ لا ڊپارٽمينٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري فخراَ مون سان اها ڳالهه ڪئي ته قائد اعظم جو حڪم آيو ته جلديءَ ۾ پاڪستان لاءِ عارضي آئين جو مسودو ٺاهي ڏئي. هو ان ڏينهن ئي لاهور کان ڪراچي روانو ٿيو ۽ رات وچ ۾ هن کي مسودو ٺاهڻو هو. ريل گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي سوڙهه هئي سو هن صاحب چيو ته هن فرسٽ ڪلاس جي غسلخاني ۾ ڪموڊ مٿان ويهي صبح تائين مسودو ٺاهي ورتو. ڪموڊ مٿان ويهي ٺاهيل آئيني مسودي جو جيڪو حشر ٿيو سو پاڪستان جي پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ اسان پاڻ ڏٺو ته ڪيئن قائد اعظم مان جند ڇڏائي ويئي، ڪيئن لياقت علي خان کي ٺڪاڻي لڳايو ويو. ڪيئن وزير اعظم کي ڊسمس ڪيو ويو، ڪيئن مولوي تميز الدين ۽ آئين ساز اسيمبلي کي ختم ڪيو ويو، ڪيئن گورنر جنرل کي گرفتار ڪري هڪ فوجي جنرل کي گورنر جنرل ۽ پريزيڊنٽ ٺاهيو ويو ۽ الائي ڇا ڇا ٿيو ۽ اڃا ٿئي پيو.
سو قانون سازي جون هنبوڇيون هڻڻ ته راشي ۽ زانيءَ کي ڦاهي چاڙهيو وغيره مان ڪجهه ڪونه ٿيندو. ڦاسين ۽ ڦٽڪن سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو، فرينچ انقلاب ۾ به گلوٽين وغيره جو ۽ پاڪستان ۾ ڦٽڪن جو عمل ۽ اثر هر ڪنهن ڏٺو. اسين انهيءَ کي غلط سمجهون ٿا پر مولوي سڳورا چون ٿا ته ”هٿ ڪپڻ وغيره سان عدل ۽ انصاف قائم ٿي ويندو!“ عدل ۽ انصاف ته وڏي ڳالهه آهي. ان تي ڳالهائبو ته داس ڪئپيٽل، اسلام، ٻڌمت وغيره وغيره تي وڃي پئبو. اصل ڳالهه آهي معاشري جي تبديلي ۽ معاشي انقلاب جي. ان کانسواءِ عدل ۽ انصاف ته هڪ خواب خيال ئي رهندو.

1

قانون، بذات خود ڪا چيز نه آهي. قانون ويچارو ته عدل انصاف جي هڪ معمولي شاخ آهي، بنياد نه آهي. ان معمولي شاخ (قانون) جون وري ڪيئي شاخون آهن ۽ انهن مان هڪ معمولي شاخ آهي سزا جي نوعيت يا Law of punishment وري ان ’لا آف پنشمينٽ‘ جون به ڪيتريون شاخون آهن. مثلاَ بدلي جي سزا (اک بجاءِ اک، ڏند بجاءِ ڏند ۽ خون بجاءِ خون)، سڌارڻ جي سزا (reformation)، روڪي رکڻ (preventive) جي سزا، مالي مار (ڏنڊ) جي سزا وغيره وغيره. اسان جي مولوي سڳورن کڻي ڳت ٻڌي آهي ته عدل انصاف معنيٰ هٿ ڪپڻ وغيره. هاڻي صرف لا آف پنشمينٽ جي هڪڙي شاخ کي انصاف سڏڻ ڪٿان جي عقلمندي يا علمي ڄاڻ آهي؟ ڄڻ ته سڄو عدل انصاف ۽ قانون آهي جوابدرن کي ڳٿڙ مان جهلي ڦيهه ڪڍڻ. ڇا عدل انصاف رڳو اهو ڪجهه آهي؟
اسان جو موجوده قانون ته رڳو آهي جوابدارن کي بچائڻ خاطر. فريادي، جيڪو ڏکويل آهي، تنهن کي انصاف پلئه پوڻ لاءِ ته ڪجهه ڪونهي. ماڻهن جو ڪورٽن تان اهڙو ارواح کڄي ويو آهي جو منهن تي چيو ڏين ته ”جج صاحب، اصل حقيقت ته هيئن آهي پر ڪورٽ ۾ ائين ڪونه چونداسون؟“ اهو ٿيو سنئون سڌو منهن تي موچڙو هڻڻ، ٻيو ڇا! ڏسڻا وائسڻا پڙهيل لکيل ماڻهو به چون ته ”ڪورٽ تي ڪيئن چڙهبو؟“ حالانڪه ٿاڻي ۾ پوليس وارن وٽ ويٺا پيا ٺاشا ماشا هڻندا، باقي ڪورٽ جا عزت ڀري جڳهه آهي، اتي اچڻ کي بيعزتي سمجهندا. اهو انهيءَ ڪري آهي، ۽ صاف ظاهر پيو آهي ته ڪورٽ ۽ ماڻهن جو تعلق نه رهيو آهي. ٻنهي وچ ۾ هڪ وڇوٽي آهي ۽ پهچ نه آهي. اڳي ائين نه هو. قاضي کي اختيار هو ته ويس مٽائي ماڻهن ۾ ملي حقيقتون معلوم ڪري ۽ پڻ جوابدار کان آڏي پڇا ڪري جو موجوده قانون ۾ ممنوع آهي ۽ ان لاءِ چڱا چوکا سبب به آهن. پر مان ان خيال جو آهيان ته جج، جاچ آفيسر ۽ تر جو چڱو مڙس گڏجي ٽربيونل ٺاهي ٿڏي تي فيصلو ڪن ته اهو صحيح به ٿيندو ۽ مؤثر به. وڌيڪ خبر خاوند کي. اسان وٽ هر ڪم آزمائشي طور پيو هلي. پوءِ هڪڙي آزمائشي اسڪيم هيءَ به.
مان ڀانيان ٿو ته مامي حاڪم جي ڳالهه پئي هلي ۽ پوءِ امڙ جي، جا ٺوڙهي بادشاهه جي تخت تي ويهڻ واري سال ڄائي، يعني سن 1900ع ڌاري. بابا ان وقت ڏهن ٻارهن سالن جو هو، يعني امڙ کان ڏهه ٻارهن سال وڏو. جڏهن هيڏيون ڊگريون وٺي، بمبئي مان پڙهي اچي هوَيزر (آفيسر) ٿيو ته سندس شاديءَ جو سوچيو ويو. تن ڏينهن ۾ ڌارين ۾ سڱ ڏبو ته ڪونه هو، پر وٺبو به ڪونه هو پر سانگين ۾ سڱ ڪونه هو. سنڌ ۾ سدائين سڱ جي کوٽ رهي آهي جا اڄ تائين قائم آهي ۽ انهيءَ کوٽ اسان کي هندن ۽ مهاجرن واري ڏاج جي گندي رسم کان بچائي رکيو آهي جنهن موجب الٽو نياڻيءَ وارا پيا پٽن وارن کي منٿون ايلاز ۽ خوشامديون ڪندا ۽ ڏاج ۾ ڪار، روڪ رقم ۽ رهڻ لاءِ گهر جي به آڇ ڪندا. ائين ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل سٺين نوڪرين وارا سنڌي ڇوڪرا، ڪراچيءَ ۾ مهاجر ڇوڪريون پرڻجي ويٺا. خود منهنجا سانگي مائٽ به. پڇڻ تي چيائون ته سائين، ”هڪ ته اڌ منو لک يا ٻنيءَ جو ٻارو گهُرن ۽ مٿان رعب به ڄمائن ته توسان وڙ ٿا ڪيون. هت ته مفت ئي مفت ۾ پڙهيل ڳڙهيل، نوڪريءَ سان لڳل ڇوڪريون، منٿون ڪري ڏين ٿا ۽ خرچ به سڄو پاڻ کڻن!“
هڪ پي ايس پي آفيسر جو ايس ايس پي هو، سو به ڪراچيءَ ۾ مهاجر ڇوڪري پرڻجي ويٺو. پڇڻ تي چيائين ته، ”سائين! سنڌ ۾ به ايس پي ٿي رهيس ۽ سڱ لاءِ واجهه وڌم پر هر ڪو پيو منهنجو خاندان ڪڍي ته اهو ته جَت آهي، ڪهڙو عزتدار انهيءَ کي سڱ ڏيندو؟“ پر بابا انهن ڳالهين جو سخت مخالف هو سو ڌارين مان سڱ ڳولهڻ لاءِ چيائين. وڏيري مير محمد منگواڻي جي ننڍي نياڻي ٻائي، ننڍي نيٽي چوڏهن سالن جي ۽ تمام سهڻي، سو سانگي ويا منگواڻن وٽ. ڌاريو سڱ وٺبو ته ڪونه هو، پر ڌارين کي ڏيڻ تِـهائين مشڪل! اصل ڪهاڙيون کڄي وينديون ته ڌارين کي سڱ ڏيندين ته ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏينداسونس. پر وڏيري مير محمد منگواڻي کي الائجي ڪهڙي سُجهي جو سانگين کي ٻه ٽي پنڌ ڪرائي هائو ڪيائين. ڳوٺ هو سڏ پنڌ تي، وري ٻئي پاڙيسري زميندار يعني دنگئي، وڏي ڳالهه ته جانورين سان ٻنهي قومن جي پَوَتِ ڪانه، سو ناني مير محمد، دُور جي سوچ ڪري ”هائو!“ ڪئي. امان چوڏهن سالن جي عمر ۾ پرڻجي آئي جنهن سال پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي.
امان، هڪ ته الهڙ جواني، ٻيو صفا اڻ پڙهيل ۽ ٽيون منگواڻڪو گرم رت، سو ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين. هڪ ڌارِي ٻيو ڏئي کتا جواب، سو سانگياڻيون ڪونه ٺهيس. پر بابا جو مٿس ڏاڍو راض هو، سو نالو مٽائي رکيائينس حيات خاتون. اهو نالو مٿس پڪو پئجي ويو ۽ اصل نالو ٻائي، ماڻهن کان وسري ويو. بابا کيس لکڻ پڙهڻ سيکاريو جو جلد سکي وئي. بلا جي ذهين هئي. خطري ۽ منصوبي سازيءَ جو اڳواٽ پرو پئجي ويندو هئس ۽ ان جو دفاع به ٺاهي وٺندي هئي. سندس بهترين دفاع هو، اڳرائي! پاڻ اڳرائي ڪري مخالف کي ملزم بڻائي کيس دفاعي پوزيشن ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. جهيڙي جا گُر به سڀ ڄاڻندي هئي. انهيءَ ڪري هر ڪو ساڻس الجهڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچيندو هو. ڳوٺاڻي اڻ پڙهيل ماحول ۾ اهي ئي جيئڻ جا گر آهن.
ادا شمس ڄائو 1916ع ۾. چون ٿا ته اهڙو سهڻو هو جو ماڻهن کان دانهن نڪري ويندي هئي. صحتمند به اهڙو هو جو بانبڙا گوڏن ڀر ڪونه ڏنائين پر ترين ۽ پيرن جي آڌار تي چوپائي وانگر هلندو هو. پنڌ وري ائين ڪيائين جو ڏهين مهيني اٿي بيهي رهيو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. ماتا نڪري پيس ۽ سندس رنگ ۽ سونهن تي مڙيئي ڪجهه اثر پيو، تڏهن به وجيهه، شڪيل ۽ طاقتور جوان ٿي اسريو. اهو به بلا جو ذهين هو. بنا تياريءَ جي سيشن ڪيس ائين هلائيندو هو ڄڻ ته آڱرين تي رانديڪو پيو کيڏائي. طبيعت ۾ امان جي ابتڙ، نهايت صبر شڪر وارو، ڳنڀير ۽ٿڌي طبيعت جو. رلڻو ملڻو اهڙو جو شام جو ڊنب ماڻهن جا وٽس اچي ڪچهري ڪندا هئا جن ۾ غريب، امير، آفيسر توڙي سردار ۽ زميندار به شامل هئا. نهٺائي اهڙي جو ورندي ڪانه ڏيندو هو. ان ڪري آفيسرن ۾ پسنديده شخصيت سمجهيو ويندو هو. ٻيو ته ٺهيو پر جج ۽ ڊپٽي ڪمشنر به ساڻس ملڻ سندس اوطاق تي ايندا هئا. هڪڙي ڊپٽي ڪمشنر، الوداعي دعوت اهو شرط وجهي قبول ڪئي ته دعوت شمس الدين ابڙي جي اوطاقت تي رکي وڃي ۽ ائين ئي ٿيو. رهائي پکائي ايڏي وڌي ويس جو 1957ع جي صوبائي اسيمبليءَ اليڪشن ۾ خانصاحب غلام رسول ڪيهر خلاف بيٺو ته ڪيهر صاحب جو ڪروڙ پتي، بنيادي زميندار، راڄائتو ۽ شريف النفس ماڻهو هو. تنهن دانهن ڪئي ته ”بابا وارو ڪيو مونکي ڇوڪرو ٿو ماريون وڃي!“ پوءِ ڪيهر صاحب پئسو هلايو ۽ اسان جا پنهنجا ابڙا، وڏيرو الهيار ابڙو ۽ وڏيرو علي محمد ابڙو جن تي شمس جا ٿورا ڪيل هئا سي به پنج پنج هزار وٺي ڦِري ويا. ٻيا ته ٺهيو شمس جي جگري دوست ۽ جونيئر پارٽنر علي اڪبر جلباڻي به اليڪشني جوڙ توڙ جو سمجهوتو ڪري ووٽ ڪيهر صاحب کي ڏياريا. اهڙي واقعي کان پوءِ به ادا شمس، علي اڪبر جلباڻيءَ کي خالي ڏوراپو به ڪونه ڏنو. رڳو وڪالت ۾ کانئس جدا ٿي ويو. باقي سنگت آخر تائين قائم رکيائين.
شمس وٽ مست فقير به ايندا هئا جي ٻئي ڪنهن جو چوڻ نه وٺندا هئا، پر شمس جيئن چوندو هئن تيئن ڪندا هئا. ڪپڙا ميرا، پاڻ ميرا، وات مان گِگ پئي وهين. شمس چانهه ٺاهي پياريندن ته پي، اڌ ڪوپ وري شمس کي پياريندا ۽ شمس پي ويندو. اسان کي پئي ڪَرِڀ ايندي پرشمس ويٺو کلندو. انهن فقيرن جون مون اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون جو تفصيل ۾ وڃبو ته ماڻهو مون تي کلندا. ان ڪري ڍڪي ڀلي! علي گوهر خان کهڙو جو ميل جول گهٽ رکندو آهي ۽ ٿور ڳالهائو ماڻهو آهي، اهو به روز وٽس ايندو هو. تاج محمد ابڙو، دوست محمد ابڙو ۽ ڪٽپر به روز وٽس ايندا هئا. سندس ڪچهريءَ جي خاص خوبي اها هئي جو ڪنهن جي به گلا ۽ پچر ڪانه هلندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن به اتفاق سان ڪو گٿو لفظ ڪنهن جي هِجوَ ۾ چيو ته شمس جهڙو صابر ماڻهو به اتي جو اتي کيس چوندو ته ”مهربان! هت اهڙي ڳالهه نه هلندي.“ ڀري ڪچهريءَ ۾ جو ڪنهن کي ائين روڪجي ۽ ٽوڪجي ته ڪير ٻيو ساهس ڪندو اهڙي حرڪت ڪرڻ جي. وري ڪچهريءَ ۾ هجي ارباب شاهه جهڙو دهل ته سڄي شهر ۾ ڍنڍورو اچي ويندو ته فلاڻي ڪچهريءَ ۾ هيئن چيو ته شمس هيئن دٻ ڪڍيس.
ارباب شاهه به عجيب ڪردار هو. واٽ ويندي بازارن ۾، آفيسن ۾، مطلب ته جتان لنگهندو زور زور سان ڳالهائيندو. سڄي شهر، ماڻهن، آفيسرن، ٿاڻن ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ جون ڳالهيون، وڏي وات، اخباري بليٽن جيان ورجائيندو ويندو هو. ڪچهريءَ جو به مور هو. پٽ تي به ويهي رهندو. کل مذاق ۾ چوندو ته ”روپيو اڇليو ته ٻِيٽ سان کڻي ڏيکاريانوَ!“ روپيو ته ڇا سنهي پائلي به کڻي ويندو هو. کڳي، جهمر، ناچ، لوڪ گيت، شروع ٿي ويندو هو. ماڻهو چوندا هئا ته ”بليڪ ميلر آهي.“ غريب ماڻهو! پئسا ڏهه ويهه يا رڳو پنج ڏبس ته به خوش ٿي ويندو. تاج محمد وٽ حيدرآباد آيو ته تاج محمد اڦراٽا پچارائي کيس نيرن ڪرائي ته جيڪي ٽڪر بچيا سي پوتڙي جي پلوَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين.
”اڙي هي ڇا ٿو ڪرين، ماني کوڙ!“ چي، ”بس وڃان ٿو. ههڙي سڻڀي ماني واٽ تي ته ڪونه ملندم سو سفر لاءِ کنيون ٿو وڃان!“ اها هئي غربت. بليڪ ميلر هجي ها ته ائين نه ڪري ها. البت صوبيدارن ۽آفيسرن کان پنجويهه پنجاهه منٿن ميڙن سان ڪڍي ايندو هو. پنهنجن مان به ڪونه مڙندو هو. شمس سان ته سچو هو. پر ڇا ٿيو جو عمر شاهه ڌاڙيل، جنهن سانگين کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو، جنهن جي ڊپ کان مولا بخش سانگي مرحوم ڳوٺ ڇڏي اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ رهيو، سو قتل ٿي ويو ۽ سندس لاش جو به پتو ڪونه پيو. ٿاڻي تي ڳالهه هلي ته ”شمس الدين ابڙو به سانگي آهي، متان انهيءَ کي خبر هجي!“ بس ڳالهه ايتري ۽ ارباب شاهه سيئو بازار مان لنگهي هوڪو ڏيندو ويو ته ”شمس الدين ابڙي، عمر شاهه کي مارائي لاش ٻوڙائي ڇڏيو!“ عادت. شام جو وري شمس جي اوطاق تي. شمس رڳو ايترو چيس، ”ارباب شاهه اهو ڇا؟“ ته هٿ کڻي ٻڌائين. چي ”ٽِٽ جهلي نه سگهيس!“ سڀ کلي ويٺا، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
ٻيا ته ٺهيو، هڪ ڏينهن اڌ رات جو ذوالفقار علي خان ڀٽو جو ان وقت فارين منسٽر هو سو اچي نڪتو. شمس وٽ ان وقت پاڙي وارا موٽر مستري ۽ لارو ٽانگي وارو ويٺا هئا ۽ وهسڪيءَ جو دؤر پي هليو ته شمس جو نوڪر ڏاڙهون ڀڄندو آيو ۽ چيائين ته ”سائين ڀٽو صاحب پيو اچي!“ مستري جنهن کي ميرا گر لڳل ڪپڙا پيا هئا ۽ گوڏ پاتل ٽانگي وارو، پنهنجا گلاس کڻي اندر ڪمري ڏي ڀڄڻ لڳا ته شمس کين روڪي ويهاريو. ڀٽو صاحب به اچي نڪتو ۽ کيسي مان پوو وهسڪيءَ جو بوتل جو ڪڍي چيائين، ”استاد تون ته اچين ڪونه ٿو، مان پاڻ تو ڏي هلي آيس.“ شمس اٿي کيڪاريو ۽ پنهنجن دوستن، مستري ۽ لاري سان واقفيت ڪرايائينس. شمس ۾ ننڍ وڏائي جو تصور ئي ڪونه هو ۽ نه ڪنهن کي گهٽ سمجهندو هو. شابس ته ڀٽي صاحب کي هجي جو شاهانه طبيعت ۽ ماحول ۾ پليل هوندي ۽ ايوب شاهي دؤر ۾ منسٽر هوندي به منجهس اهڙو ڪو ڪامپليڪس (گهٽتائي وارو احساس) ڪونه هو، سو ٻنهي سان گرم جوشيءَ سان هٿ ملائي ٽيبل وٽ ويهي رهيو. لاري ۽ مستريءَ جون اکيون چمڪي پيون. مون کي اندر واري ٻڌايو ته ٻئي ڀٽي صاحب جا زر خريد غلام ٿي ويا. غريب کي ٿوري عزت ۽ پيار يا هڪجهڙائي جو احساس ملي ٿو ته هو ٻلهار وڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. رڳو هن کي پنهنجائپ ۽ حجت جو احساس اچي وڃي ته هو پاڻ ارپي ٿو ڇڏي.
هڪ دفعي موڪلن ۾ مان لاڙڪاڻي آيس ۽ شمس جي اوطاق تي وڃي اخبار کڻي پڙهڻ ويٺس ته سندس نوڪر ڏاڙهون اچي پٽ تي ويهي منهنجي ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳو. مون کيس جهليو پر هو نه مڙيو. چوڻ لڳو ”سائين، صاحب کي به زور ڏيندو آهيان.“ کيس ڳالهائڻ جو موقعو مليو، سو چيائين ته ”سائين، صاحب مون سان ڏاڍو ٺهيل آهي ۽ مان ڏاڍو پيارو آهيانس.“ مون چيو ”ڀلا ڪيئن؟“ جهٽ چيائين ته ”سائين، صاحب مون کي ڀونڊو ڏئي چوندو آهي، ڏاڙهون، ڪنڃر، وڏو حرامي آهين!“ ائين چئي کلڻ لڳو ڄڻ ته اها وڏي ثابتي هئي سندس ڳالهه جي ته هو صاحب جو پيارو ماڻهو هو. ڏسو ڀونڊو، ڪڃر ۽ حرامي چوڻ وارو ضرور پيار ڪندو هوندو نه؟ ڪيڏي نه پياس آهي غريب ۾ ته ڪو ته ساڻس حجت ڪري ۽ پنهنجو سمجهي. ادا گذاري ويو ته ڏاڙهون زارو زار رڙيون ڪري رنو. لارو به، مستي به ۽ ٻيا ست ڌاريا، ڪراچيءَ واسين سميت.
ڳالهه ڪيم امڙ جي، وڃي سندس موڀي شمس الدين ابڙي تي پيس. شمس کان پوءِ ٻيو پٽ ڄائو قمرالدين جو جلد ئي گذار ويو. پوٰءِ 1919ع ۾ ڄائي اسان جي وڏي ڀيڻ حميده بيگم جا الحمد الله حال حيات آهي ۽ امان جي ڪاپي آهي. اهو ئي جوش، ولولو ۽ همت. لطيف آباد ۾ هڪ هزار والن جي بنگلي ۾ اڪيلي سر هڪڙي نياڻيءَ سان رهي پئي هجي. مهاجرن جا فساد ۽ مار ڌاڙ لڳي پئي هئي. مهاجر دهشتگرد فون ڪري چونس ته ”بنگلو خالي ڪري وڃ نه ته رات حملو ڪري ٻنهي کي قتل ڪري ويندا سون!“ ته جواب ڏئين ته، ”ڀڙوا، پوءِ اچو نه. اچو ڇو نه ٿا؟“ اهڙي نفسانفسي واري دؤر ۾ اهڙي همت، مثالي آهي. ڀر ۾ اسانجي ڀاءُ ڪمال جو بنگلو هو. ڪمال گذاري ويو ۽ سندس زال خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ڌيءَ، سا ڊڄي وئي ۽ بنگلو اوڻي پؤڻي وڪڻي قاسم آباد ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي ويهي رهي. پوءِ به ادي ڪانه اٿي. جڏهن بنگلي جا ٻارهن لک آڇيائونس تڏهن وڪڻي. اڪيلي قاسم آباد ۾ پندرهن سؤ گزن جو پلاٽ وٺي ٺيڪيدار رکي، فرسٽ ڪلاس بنگلو ٺهرائي ويٺي ۽ هر ڪنهن مٽ مائٽ لاءِ سک ڪيون ويٺي آهي. اسين ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃون ته به ڊاٻو وٽس ڪيون. جي لاڙڪاڻي وارا ڪراچي وڃن ته هڪ رات آرام وٽس ڪن. پٽن ۽ ننهرن کي به اهڙو ڪنٽرول ۾ رکيو اٿائين جو وتن لڪندا. مجال آ جو سندس آڏو اکر ڪڇن. ڪا ته مڻيا آهي اسان جي سانگي ۽ منگواڻڪي رت ۾.
1921ع ۾ وري امڙ کي پٽڙو ڄائو ۽ نالو رکيائونس جمال الدين. اهو به گذاري ويو. 1923ع ۾ ڄائي اسان جي ٻي ڀيڻ زبيده بيگم. اها وري بابا مرحوم جي ڪاپي. شڪل صورت ڏاڏي بصره خاتون جهڙي. اهڙي صابر شاڪر، وڏ گڙدي، راڄائتي ۽ سياڻي جو وڃي ٿيا خير. بابا ۽ ادا شمس واريون سڀ خوبيون منجهس ڀرپور انداز ۾ ڀريل آهن. خانبهادر اسراڻ مرحوم جي ٻئي نمبر فرزند رئيس زين العابدين عرف روشن علي خان سان سندس شادي ٿي. جڏهن اڃا ڪچي عمر چوڏهن سال کن مس هئس تڏهن به اهڙي مدبرانه ۽ شانائتي طريقي سان هلي جو خانبهادر صاحب جي ٽٽل ڪٽنب کي جوڙيون ويٺي آهي ۽ راڄن تي ڪنٽرول اٿس. ڪوٽن جا وارث مڙد هوندا آهن، پر اسراڻن جي ڪوٽ ۽ خاندان کي اديءَ جو وڏو ٻل آهي. دشمن به اها ساک ڀرين ٿا. سڄي تر ۾ ”امان وڏي“ جي لقب سان مشهور آهي. هر ڪو پنهنجا ڏک سور معاشي، مالي، بيماري سيماريءَ گهرو جهيڙا وٽس کنيون وڃي ۽ ڪوبه خالي هٿين ڪونه موٽي. ڏينهن رات ماني پئي هلي ۽ ڍوئجي ۽ اوطاقون آباد آهن. رئيس زين العابدين جي گذارڻ کان پوءِ ته ڏاڍي اداس، ويڳاڻي ۽ اڪيلي هئي پر نه رڳو پاڻ سنڀالي وئي پر گهرو معاملا ۽ راڄ به سنڀالي وئي ۽ اسراڻن جو اهو گهر اڄ به شانائتو مانائتو ۽ اثر رسوخ وارو آهي.
سن 1924ع مطابق 27 رمضان المبارڪ، شب قدر ۽ جمعت الوداع جي رات جي آخري پهر ۾، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ، مان ساڳي انهيءَ جاءِ تي ڄائس جتي بابا ڄائو هو. امان کي اهو ڏينهن ۽ تاريخ چٽيءَ طرح ياد هو. مهينو ۽ ڏينهن هئا ئي اهڙا جو وسرڻ جا ڪونه هئا. وڌيڪ حوالو اهو به ڏنائين ته ان رات اسان جي ڳوٺ جا ٽي ماڻهو حاجي وارث ڏنو، حاجي تاج محمد ۽ حاجي نور محمد پيدل حج تي روانا ٿيا. حاجي وارث ڏنو موٽي آيو باقي هو ٻئي حج ڪري آيا. حاجي وارث ڏنو نفيس طبيعت، پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ ڏاڍو عبادت گذار ۽ پرهيزگار شخص هو. بابا جو ويجهو مائٽ هو. بعد ۾ هو پاڻيءَ جي جهاز ذريعي حج ڪري آيو. هو چاچي شير عليءَ وانگر نماز ۾ روئندو هو. سندس پٽ علي اڪبر سانگي حال حيات آهي ۽ سندس پوٽو محمد جڙيل سانگي انجنيئرنگ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار آهي. مان انهيءَ ڳولها ۾ رهيس ته 27 رمضان المبارڪ جمعي جي رات عيسوي سن جو ڪهڙو مهينو ۽ تاريخ هئي. جڏهن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي آيس ته پتو پيو ته بولٽن مارڪيٽ جي پٺيان مندر ۾ هڪ سٺو جوتشي رهي ٿو، انهيءَ کان خبر پوندي. مان ۽ منهنجي گهر واري سيڙجي وٽس ويا سين. هن جنتري کولي هڪدم ٻڌايو ته 27 رمضان جمعرات ٻي مئي جي تاريخ آهي ۽ ڏاڍو طاقتور ستارو ”ٽارس“ آهي. حضور اڪرم صه جو ستارو به ٽارس آهي. ان کان پوءِ منهنجا گهر ڀاتي منهنجو جنم ڏينهن 2- مئي تي ملهائيندا آهن. مغالطو اهو ٿي ويو جو اڄڪلهه خميس کي جمعرات ٿا چون. مان ته جمعي جي رات فجر نماز کان اڳ ڄائو هئس. تنهن جي معنيٰ ته منهنجي ڄم جي صحيح تاريخ آهي جمعو ٽين مئي 1924ع، ڳوٺ سانگي تعلقو ميهڙ. اسڪول ۾ منهنجي ڄم جي تاريخ لکي وئي ڏهين اپريل 1925ع، انهي ڪري مون رٽائر ڪيو ڏهين اپريل 1985ع تي. نوڪريءَ ۾ ڄمڻ جو هنڌ لکيو ويو دادو، ڇاڪاڻ ته ضلعو دادو هو. پاسپورٽ ۾ ڪڏهن منگواڻي ڪڏهن ميهڙ ڄاڻايم. ائين ڄم جي جاءِ مغالطو ٿي ويندو آهي. منهنجا ٻار ڄاوا ڪوٽڙيءَ ۾، ڪو لاڙڪاڻي ۾، ڪو شڪارپور ۾، ڪو خيرپور ميرس ۾، ته ڪو حيدرآباد ۾، پر سڀني جي ڄم جي جاءِ لاڙڪاڻو ڏيکاريسون ڇاڪاڻ ته اسان 1929ع کان وٺي مستقل لاڙڪاڻي جا باشندا آهيون ۽ اباڻو گهر به اتي ئي آهي. ائين ٿيندو آهي. ملير، لانڍي، پپري، گڏاپ واري کان پڇبو ته هو چوندو ته هو ڪراچيءَ جو آهي.
هاڻي جو هاهوڙ کڻي مچائي اٿن ته جناح صاحب جهرڪ ۾ نه پر ڪراچيءَ ۾ ڄائو، انهيءَ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته جناح صاحب ڪراچيءَ ۾ ڄائو يا بمبئي، بنارس يا ڪاشيءَ ۾. اچي ڪراچيءَ وارا مڇريا آهن ته جناح صاحب ڪراچيءَ ۾ وزير مئنشن ۾ ڄائو. الائي انهيءَ وقت وزير مئنشن هئي به الائي نه! جهرڪ ڪو نئون شوشو ناهي. 1945ع ۾ شاگرديءَ جي زماني ۾ مان، غلام شاهه ائڊووڪيٽ، محمد علي ٻگهيو انجنيئر، شوق ڪري ڪراچي کان سائيڪلن تي حيدرآباد روانا ٿياسون. واٽ تي مکيه روڊ کان پاسيرو جهرڪ شهر آهي. ٿڪ ۽ گرميءَ جي باوجود اسين جهرڪن ڏي لڙياسين جو ٻڌو هئوسين ته جناح صاحب اتي ڄائو هو. بس هڪ بازار آهي جنهن جي ٻنهي پاسي دُڪان ۽ گهر آهن. ماڻهن پڇا تي ٻڌايو ته بازار جي ڇيڙي تي جِهيڻا پونجا جو گهر هو. اسان ڏٺو ته بس سرن جو هڪ ڍير هو، ٻيو مڙيئي خير. پونجا ته اسان کي خبرهئي ته جناح صاحب جو والد هو باقي جِهيڻا ڇا هو، ان لاءِ معلومات ورتي سون. معلوم ٿيو ته پونجا خاندان جا ماڻهو سڀ سنهڙا، سڪڙا ۽ سيپڪڙا هئا ان ڪري سندن ڪنيت ٿي وئي جهيڻا معنيٰ ڪمزور. انهي جهيڻا کي انگريزي اچار ۾ جِينا Jeena چيو ويو، جنهن کي پوءِ جناح صاحب پاڻ بلڪل نئين شڪل ڏئي جناح ڪري ڇڏيو. وڌيڪ خبر خاوند کي. باقي اڄ به ٺٽي ضلعي، بٺوري، جاتي، بدين ۾ رحمڪي بازار تائين خواجن جي بهتات آهي.
سجاول ۾ وڪيل هوندو هو ناٿو خان خواجه، ڏاڍو شريف النفس انسان هو. مون وٽ وڪالت ڪندو هو ۽ اهڙيون گهڻيون خبرون ڪندو هو. بٺوري جو خواجه عيسيٰ ته مشهور ماڻهو هو ۽ سندس ڀاءُ فدا حسين خواجه منهنجو دوست هو. فدا حسين جهڙا ڀلا ماڻهو مون گهٽ ڏٺا آهن. شرافت جو پتلو هو. جيتوڻيڪ سندس وڏو ڀاءُ فقير خواجه عيسيٰ ڏاڍو زورآور ۽ ڏنگو ماڻهو هو. ٻيو به بدين طرف جو منهنجو ڏاڍو پيارو دوست هو ڊاڪٽر جعفري پر اهو اثنا عشري هو، اسماعيلي نه هو. مون سان گڏ روپ ولاس هاسٽل جو واسي هو. پر اهو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو. خواجه پيرن جا مقبرا جيڪي جاتيءَ کان بدين تائين پکڙيا پيا آهن سي مان پاڻ گرمي ۽ اس ۾ ڏسي گهمي آيو آهيان. انهيءَ ڪري ڪو عجب ڪونهي جيڪڏهن جناح صاحب جا وڏا جهرڪن جا رهاڪو هجن ۽ پوءِ ڪراچي لڏي اچڻ ڪري پاڻ کي ڪراچي واسي سڏائيندا هجن، جيئن اسين (يعني بابا جو ڪٽنب) پاڻ کي لاڙڪاڻائي سڏايون ۽ سمجهون ٿا. باقي جناح صاحب ڪراچيءَ جو هو يا جهرڪن جو، انهيءَ سان ڪهڙو آسمان ٿو ڦاٽي؟ جتي جو به هو وڏو ماڻهو هو ۽ سنڌي هو ۽ انهيءَ ڪري سنڌ لاءِ فخر جو باعث. ڀلا ڪراچي ڄائو هو، پوءِ به سنڌي هو ڇاڪاڻ ته ڪراچي نج پج سنڌ جي سر زمين آهي.
منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن، مهينو ۽ تاريخ ته اهڙا هئا جو سيد به سڏائي سگهجي ها. نرا جمعائي سيد به سنڌ ۾ کوڙ پيا آهن. ڪيترا اسان جي ڏسندي ڏسندي سيد ٿي ويا. مدئجيءَ جو باز محمد شاهه پٺاڻ بابا جو دوست هو ۽ سندس گهر واري عنبرماءَ منهنجي ماءُ جي گهاٽي سهيلي هئي. پاڻ ڪاڏي ٻاهر ويندي هئي ته ٻار امان وٽ ڇڏي ويندي هئي. ٽي پٽ هئس: عنبير شاهه، شفن شاهه ۽ نصير شاهه. اسين سڀ سڄو ڏينهن وڙهندا ۽ کيڏندا هئا سين ۽ رات جو گڏ سمهندا هئا سين. عنبر شاهه فوج ۾ ڀرتي ٿيو پر ڇڏي آيو. شڪارپور جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ مارفيا (آفيم) جي عادت پيس ۽ پاڻ کي پاڻ مارفيا جون سيون هڻندو هو. شڪارپور ۾ مان جڏهن 1956ع کان 1958ع تائين جج هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي هئي پر ڏاڍيون اڙيون ٿڙيون ڳالهيون ڪندو هو، نارمل نه رهيو هو. نيٺ هڪ ڏينهن پاڻ کي مارفيا جو ڊبل ڊوز هڻي گذاري ويو. ڏاڍو سهڻو جوان هو. شفن شاهه ڊائريڪٽ مختيار ڪار ٿيو، پر تربيت دوران ڊپٽي ڪمشنر سان وڙهي گاريون ڏئي، نوڪري ڇڏي آيو. پٺاڻڪو گرم رت ۽ جواني سو پڇتاءُ ته ٺهيو پر ڊاڙ ٻٽاڪ هڻندو رهيو. پڻهس کي ڏاڍو رنج پهتو. ننڍي ۾ ننڍو نصير شاهه تمام فهميدو ماڻهو، وڏن عهدن کي پهتو ۽ عزت ڀري زندگي گذاريائين.
باز محمد شاهه اڪثر بابا سان ملڻ ايندو هو. هڪ دفعي جڏهن حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو ته بابا وٽ ٽنڊي ولي محمد ۾ ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي مڪان تي ملڻ آيو. اسين اتي مسواڙي رهندا هئاسين. ادا شمس به موڪلن ۾ علي ڳڙهه کان آيل هو. سڀئي ويٺا هئاسون ته اوچتو بجلي بند ٿي وئي. حيدرآباد جي گرمي، خدا جي پناهه. چوندا آهن ته ”شل نه نيرون جي ٽڪري تپي!“ سڀ پگهر ۾ شل ٿي ويا. ادا شمس چپڙي ڪري اٿي ويو ۽ وڃڻو کڻي باز محمد شاهه جي پٺيان بيهي کيس هوا ڪرڻ لڳو. مون کي اهو منظر چٽو ياد آهي ته باز محمد شاهه ڏکارو ٿي، رومال ڪڍي ڳوڙها اگهيا ۽ بابا کي چيو ته، ”مونکي پٽن به ڪڏهن وڃڻو ڪونه هنيو، توکي مبارڪ هجي ههڙن پٽن لاءِ.“ اها ڳالهه به چٽي ياد اٿم ته باز محمد شاهه چيو ته ”اسين سيد نه آهيون پر پٺاڻن ۾ اهو رواج آهي ته عزت دار ماڻهو يا خاندان کي شاهه جو لقب عام جام ڏيندا آهن!“ هي باز محمد شاهه جا پنهنجا اکر ۽ مان عيني ۽ سمعي شاهد. پر پوءِ باز محمد شاهه جا پٽ ڀائٽيا سڀ سيد سڏائڻ لڳا ۽ اڄ تائين سيد سڏائن پيا ۽ سڏجن پيا. اهڙا ڪيئي واقعا ٻيا به هوندا.
مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي اهڙن سيدن ۽ پيرن جي چڱي قلعي کولي آهي. (هونئن قلعي لاٿي چوڻ کپي ڇو ته محاوري سان هٿ چراند ڪرڻ ناجائز آهي). حميد سنڌيءَ جهڙو اديب ماڻهو هڪ ڏينهن مون سان ڳالهائيندي هر هر چوي ته ”لاهه پٽي ڇڏيائين!“ لاهه جيڪڏهن پٽڻ جهڙي شيءِ هجي ها ته اهو محاورو ئي نه ٺهي ها. پٽبا ته ليما آهن، انب آهن، ٻير آهن. لاهه ڪيئن پٽبا؟ لاهه ته ڪڍبا آهن. اسين شهري ماڻهو زمين کان ڪيئن جدا ٿي ويا آهيون سو احساس ئي ڪونه اٿئون ته ڇا پيا چئون. لاهه ته زمين کوٽي پاڙئون جڙئون ڪڍي ڦٽا ڪبا آهن. لاهه ڪڍڻ معنيٰ پاڙ کان جڙ کان ڪڍي اڇلڻ، جو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ هاري به ان کان لهرائيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪرڙ ڪانڊيرو يا کبڙ پاڙئون کوٽي ڪڍي ڇڏجي ته وري نه اسرندو، نه نِسرندو. ان ڪري ئي محاورو ٺهيو ته اسان جا ته لاهه ئي ڪڍي ڇڏيائين. قلعي لاهڻ معنيٰ عيب يا کوٽ ظاهر ڪرڻ. قلعي کولڻ معنيٰ اصليت تان پڙدو کڻڻ. قلعي لاهڻ ۾ گلا جو عنصر آهي، قلعي کولڻ محققانه عمل آهي. ٻوليءَ جي موضوع تي اچبو ته دفتر کلي ويندا.
حيدرآبادي چوندا ته ”فلاڻو آهيئي ڪانه!“ ’آهيئي ڪانه‘، مونث صيغو آهي. مرد لاءِ چئبو ’آهيئي ڪونه‘. زائفن کي چوندا زالون ۽ مڙدن کي چوندا مڙس. حالانڪه زال معنيٰ wife ۽ مڙس معنيٰ husband. پوءِ به حيدرآبادين جي ڊاڙ ته ”اسان جي ٻولي نج!“ ٻولي ڪنهن جي ٻانهي ناهي. هر هڪ لفظ کي پنهنجي تاريخ ۽ پس منظر آهي. ڳوٺاڻا اسان کي سمجهائيندا هئا ته ڪي به لفظ هڪ مفهوم وارا نٿا ٿي سگهن. مثلاَ کٽي ٻيو، ڌوٻي ٻيو؛ ڊکڻ ٻيو؛ واڍو ٻيو. حيدرآباد ڪوٽڙيءَ ۾ پوڙها پوڙها چوندا ته ”اي فلاڻا اچ ته ڪڏون!“ اسان ٻارن کي رؤنشو لڳي ته ڏسون ته هي پوڙها ڪيئن ٿا نچن ڪُڏن. خبر تڏهن پوي جو تاس ڪڍي ويهي پتا ڪٽين. وري ڪو لانگهائو پڇين ته ڇا پيا ڪيو ته چوندا ته ”ڪڏون پيا ٻيو؟“ ٽَپڻ ڪُڏڻ ٿيندو آ ٻارن جو. راند، ڪبي آهي يا کيڏبي آهي. شطرنج ۽ تاس ۾ ڪيئن ڪڏبو؟ پوءِ به اسان کي اترادي چئي ٽوڪون ڪن. خير، هي دفتر بند ٿا ڪيون.
شڪر خدا جو، جو مان نقلي سيد نه ٿيس سانگي هجڻ تي فخر اٿم. البت ابڙو سڏائڻ ۾ مزو ڪونه ايندو اٿم، پر آهيون يقيناَ ابڙا سو ڀؤ ڪونهي. چون ٿا ته مان ڏاڍو وڻندڙ ٻار هئس. پر امان چوندي هئي ته ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ٻه پٽ گذاري ويا هئا ۽ پوءِ ٻه ڌيئون ڄايون هيون، ان ڪري هوءَ مون کي زور ڪري بد شڪلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته جيئن بچي پوي ۽ نظر نه لڳيس. مثلاَ مون کي آڍيائين اصل ڪونه ۽ مٿو به ڪونه وهاريائين. الٽو منهنجي پيشانيءَ کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي زور ڏيندي هئي ته ڀلي لوندڙيون سوڙهيون ٿينس ۽ پيشاني به بي ڊولي ٿئيس. پر مان ته جهڙو هئس، اهڙو ئي ٿيس، شايد ٿورو گهڻو ڪو فرق پيو هجي ته هجي.
سنڌي عورتن جو ٻارن کي آڍڻ ۽ مٿو ويهارڻ به هڪڙو وڏو فن آهي. تاريخ ۾ يونانين توڙي ايرانين اهڙو ذڪر ڪيو آهي ته سنڌي ماڻهن جا مٿا ڏاڍا ڊولائتا ۽ سٺا ويهاريل آهن. پنجابي توڙي مهاجر اسان جا مٿا ڏسي اندازو لڳائيندا آهن ته هي سنڌي ماڻهو آهي! بهرحال، منهنجو مٿو چٻو ڦڏو آهي پر خبر رڳو تڏهن پئي جڏهن حج ۾ مٿو ڪوڙايم. سنڌي عورتن جو اهو چوڻ ته ”ماريو چريو!“ به ڪو قديمي آهي جو هڪ ايرانيءَ جو شعر پڙهيم ته لکيو هئائين ته ”کوهه تي سنڌي عورت وٽ ويس، چيم ته ’پياسو آهيان، پاڻي پياريو‘ ته، ”بخنديد و گفت ماريو چريو“. يعني کِلي ٽهڪ ڏئي چيائون ته ماريو چريو! شاعر کي اها ادا ڏاڍي پسند آئي ۽ سڄي شعر ۾ ’ماريو چريو‘ کي رديف بڻايو اٿائين.
مون کان پوءِ 1926ع ۾ ڪمال ڄائو. ڪمال تمام ٺاهوڪو هو ۽ رنگ جو گورو هوندو هو. سڏيندا ئي هئس پٺاڻ، ڪمال ۽ مان ڄڻ ته هڪ جيڏا هئاسون ۽ هڪ ٻئي جا دوست هئاسون. هونئن اسان ٽيئي ڀائر شمس، مان ۽ ڪمال بلڪل دوستن جهڙا هئاسين، اهڙو جو ماڻهو رشڪ ڪندا هئا ته هي ڪهڙا ته مثالي ڀائر آهن. ڪمال ۽ منهنجو رشتو ته مشهور مصور وان گو ۽ سندس ڀاءُ ٿيئو جهڙو هو. ڪمال مون لاءِ ٿيئو کان به وڌيڪ هو. هر آئي ويل هڪٻئي جي ڪم آياسون ۽ اونو رکيوسين. ڪمال کان پوءِ ڄائو چوٿون ڀاءُ نجم. اهو سڀني جو دادلو هو پر نون سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ڄڻ ته سڄي گهر جون خوشيون لٽي ويو. کيس ماتا نڪتي ته امان پاڙي ۾ جدا گهر وٺي کيس اتي کڻائي وئي جيئن ماتا ٻين ٻارن کي نه وچڙي. پوءِ گرمين ۾ اسان سڀني گهر ڀاتين کي دستور موجب ڪوٽڙيءَ اماڻي ڇڏيائين جتي باغ جي ڀرسان هڪ شاندار رنگين شيشن واري ماڙي، بابا مسواڙ تي ماستر عبدالحق، جو به تعليم کاتي جو آفيسر هو، کان اڳ ۾ ئي وٺي ڇڏي هئي.
مهيني کن کان پوءِ امان چوائي موڪليو ته نجم جون هاڻي ڪڙيون لٿيون آهن سو جدا جاءِ جو بندوست ڪيو ته کيس کڻائي اچجي. ميان شمس الدين قريشي، جو ڪوٽڙيءَ جو هڪ معزز ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، تنهن هڪدم جدا جاءِ جو بندوست ڪري ڏنو ۽ امان نجم کي کڻائي اتي اچي رهي. اسان سڀ شوق مان امان سان ملڻ ۽ نجم کي ڏسڻ وياسون. ڇا ڏسون؟ نجم ته هڏن جو ڍانچو وڃي بچيو هو ۽ سڃاڻڻ ۾ نٿي آيو. امان ته جهري پئي هئي. ميان شمس الدين جي صلاح تي ريلوي جو ڊاڪٽر جونس جو انگريز هو ان کي گهرايو ويو ۽ سندس علاج شروع ٿيو. تن ڏينهين ريلوي جا آفيسر ته ٺهيو پر انجڻ ڊرائيور به انگريز هئا. ڪوٽڙيءَ ۾ ڪافي انگريز رهندا هئا. هڪ ديول به هئي جا اڃا تائين آهي. انگريزن جو قبرستان نانگي لين وٽ هو ۽ سندن قبرن جي چوڦير لوهه جو جهنگلو هوندو هو. ماڻهو ان کي سوجهرن جو مقام سڏيندا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا هئا ته سوجهرا رات جو قبرن مان اٿي ٿا اچن. ان ڪري قبر جي چوڦير زنجير هڻي ٿا ڇڏن. اهو سال 1936ع آهي.
ڊاڪٽر جونس جي في گهڻي (ڪوٽڙي جي زبان ۾ ڳري) هئي ته به امان ان کي گهرائيندي هئي. نيٺ ان جي اجازت سان نجم کي کڻي اسان واري ماڙيءَ ۾ آيا. نجم ويو پئوڻو پوندو. هڪ ڏينهن عجب واقعو ٿيو. نجم چوڻ شروع ڪيو ته ”اڇن گهوڙن تي ماڻهو آيا آهن، چون ٿا ته نجم الدين پٽ علي خان ابڙي جو اچي!“ پوءِ قرآن شريف جون ڊگهيون ڊگهيون آيتون پڙهڻ شروع ڪيائين، حالانڪه نه قرآن شريف پڙهيل هو ۽ نه وري ڪا آيت سڳوري کيس ياد هئي. امان ويچاري ”گهوڙا، مٺيس!“ چئي مٺيون ڀڪوڙي پيٽ کي ڏيئي ويهي رهي. صبح جو ڏهين بجي کن نجم ائين چوڻ شروع ڪيو ۽ اٽڪل ساڍي ڏهين بجي دم ڏنائين. اهو مون لاءِ توڙي سڄي گهر ڀاتين لاءِ پهريون ۽ وڏو سانحو هو. امان زار زار روئندي پٽ تي ڪري ليٿڙيون پائڻ لڳي ته به ڏاڍيان روئڻ يا پار ڪڍڻ کان پاڻ کي روڪڻ لاءِ وات تي ٻئي هٿ هئس، ڇاڪاڻ ته ڀر واري ڪمري ۾ بابا دل جو مريض ويٺو هو.
ائين ڪندي امان اٿي ۽ منهن تي پاڻيءَ ڇنڊا هڻي، اگهي، وار سنوراي بابا جي ڪمري ۾ وئي ۽ چيائينس ته، ”شمس جا پيءُ، الله توکي چار پٽ ڏنا، هڪڙو گهرائي ورتائين. تون خيال نه ڪر!“ شاباس هجي اهڙي ماءُ کي. هڪ ڪمري ۾ پٽ جو لاش پيو آهي ۽ ٻئي ڪمري ۾ اهڙي دليريءَ جو مظاهرو. وري اچي پُٽ واري ڪمري ۾ پاڻ سٽيائين. اسان کي چيائين ته پيءُ کي ٻاهر وٺي وڃو ۽ ڪرسيون وجهي کيس ۽ ماڻهن کي ويهاريو. امان ارادي جي به ڏاڍي پختي هئي ۽ اتي ئي فيصلو ڪيائين ته لاش تعلقي ميهڙ ڳوٺ سانگي اباڻي قبرستان ۾ دفنائبو. گهڻو ئي سڀني سمجهايس پر جواب هڪڙو ئي ملين ته ”پٽ جو لاش پرديس ۾ ڪونه رلائينديس.“
وڏو مسئلو هو بندوبست جو ۽ پئسن جو. پئسا علاج وغيره تي صفا کپي ويا هئا ۽ ريلوي ڪرايو به سؤ کن روپيا پيو ٿئي. هر عورت ڪجهه نه ڪجهه پئسا آئي ويل لاءِ لڪائي ٿي رکي. سو، امان ٻه سؤ رپيا ڪڍي ڏنا. ميان شمس الدين قريشي، ڪوٽڙيءَ ۾ وڏي اثر رسوخ وارو هو. ان ريلوي جو به انتطام ڪري ڏنو ۽ لاش لاءِ ڪاٺ جي پيتي به جلدي ٺهرائي ورتائين. انهيءَ ڏينهن شام جو ئي امان لاش کڻائي رواني ٿي. فيصلو ڪيو ويو ته راڌڻ اسٽيشن بجاءِ سيتا اسٽيشن تي لهجي جتان خيرپور ناٿن شاهه نسبتاَ ويجهو پوندو. عام طرح اسان جي ڳوٺ لاءِ راڌڻ اسٽيشن تي ئي لهبو آهي جتان ميهڙ لاءِ لاريون ملنديون آهن.
الله جو شانُ! اسان جي ڳوٺ ۾ مائي رهندي هئي مائي ڀانڀيڻ (ڀائن ڀيڻ) حاجي وارث ڏني جي سس، جا نيڪ، عبادت گذار ۽ الله واري هئي. انهيءَ سومهڻي نماز کان پوءِ، ڳوٺ وارن کي سڏ ڪري ٻڌايو ته ”ادا خان جو پٽ گذاري ويو آهي سو لاش کنيون ٿا اچن پر توهان وڃو سيتا اسٽيشن تي جو اتي لهندا.“ رات جو پوئين پهر امان ۽ لاش سيتا اسٽيشن تي لٿا ۽ ڳوٺ جا پنج ڇهه مڙس اڳيئي بيل گاڏيون جهليو بيٺا هئا ۽ ٻڌايائون ته کين مائي ڀانڀيڻ لڙي سومهڻيءَ جو ننڊ مان اٿاري موڪليو هو. امان ائين پٽڙو اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرائي ٽن چئن ڏينهن ۾ موٽي ڪوٽڙيءَ آئي پر ڀڄي ڀور ٿي پيئي هئي.
مٿي ٻه عجيب واقعا مون بيان ڪيا آهن. هڪ نجم جو قرآن شريف جون آيتون پڙهڻ ۽ ائين چوڻ ته اڇن گهوڙن تي ماڻهو آيا آهن ۽ چون ٿا ته نجم الدين پٽ علي خان ابڙي جو اچي. ٻيو مائي ڀانڀيڻ جو بنا تند تار جي اڳواٽ ٻڌائڻ ۽ ڳوٺ وارن کي راڌڻ بدران، سيتا اسٽيشن اماڻڻ. مان انهن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، ڪو مڃي نه مڃي! انهيءَ لاءِ سائنسي اسباب ٿي سگهن ٿا پر ڳالهه انساني سمجهه کان ٻاهر آهي. انساني ذهن يا ميڄالو به هڪڙو عجيب حيرت انگيز اوزار آهي جو بهترين ڪامپيوٽر ۽ ٽيپ رڪارڊر ۽ سئنيما اسڪوپ آهي. بٽڻ دٻائي ذهن کي ڀلي ڏهه ويهه پندرهن سال پٺتي وٺي وڃو ته تصويرون توڙي آواز چٽا چٽا پڙدي تي اچي ويندا. هڪ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته ٻار جو ائين عربي يا انگريزيءَ ۾ لس ئي لس جملا چئي وڃڻ جو هڪڙو جواز اهو آهي ته ٻال جتيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان انگريزي يا عربيءَ ۾ بيخبريءَ ۾ ئي تلاوت ٻڌي ورتي هوندائين ته اهو ٽيپ رڪارڊ ٿي ويو هوندو. بعد ۾ ڪن مخصوص سببن ڪري اهو ياد اچي وڃي ٿو. مار، ايڏو حساس اوزار آهي! ائين هوندو پر اهڙو بي عيب، عجب جهڙو ۽ اهڙو تمام حساس برقي اوزار ٺهي ڪيئن ويو؟ اهو تمام وڏو سوال آهي ۽ ان جو جواب تمام مشڪل. باقي مائي ڀانڀيڻ کي اڳواٽ خبر پوڻ بابت ته مغربي دانشور به مڃين ٿا ته ڪشف ٿئي ٿو، بنا تند تار جي، يعني ان ۾ درمياني مادي جو ڪو عمل دخل نه آهي. ان کي ميٽا فزڪس چون ٿا، جنهن جو دائرو مادي کان ٻاهر آهي. هاڻي اها ميٽا فزڪس جي قوت هڪ معمولي ڳوٺاڻي مائيءَ کي ڪٿان آئي؟ حيرت آهي، عجب آهي!
نجم 1926ع يا 1927ع ۾ ڄائو. ٽين ڀيڻ حسينه به 1929ع ۾ ڄائي، انهيءَ سال ئي گذاري وئي. مون انهيءَ جو موت به ٻالڪپڻي ۾ ڏٺو. نجم نالو اسان کي نه ڦَريو. ادا شمس کي پٽ ڄائو ته امان نالو رکيس نجم ۽ ان تي ايڏو آر رکيائين جو هو ماءُ ڏي ويندو ئي ڪونه هو. اهو به الهڙ جوانيءَ ۾ 1961ع ۾ چوڏهن سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. هاڻي اسان جي ڪٽنب ۾ نُون سان شروع ٿيندڙ نالي کان خوف ايندو آهي. منهنجي مرحوم گهر واري جو نالو به نورالنساءَ هو. هئي ته بختاور جنت جي حور ۽ خوبين جي کاڻ پر چوونجاهه سالن جي ننڍي عمر ۾ اوچتو بي موت مري وئي. سندس آخري نهار به نصيب نه ٿيم. اهو به رب جو راز. شايد سندس آخري نهار جو تاب نه جهلي مان به پر لوڪ پڌاري وڃان ها.
امڙ سان پنهنجن جو حسد ويو وڌندو. هڪ ته مڙس مٿس تمام مهربان، ٻيو ته وٽس پئسو به جهجهو. ٻيا سڀ غريب ۽ مٿان وري امان جي تيز طبيعت. ڳالهه چوٽ تڏهن چڙهي جو مٿس ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو سو به تڏهن جڏهن نؤ ٻار: ڇهه پٽ ۽ ٽي ڌيئون ڄڻي بيٺي هئي. حالتن کي ايترو خطرناڪ حد تائين ويندي ڏسي ۽ ٻارن جي تعليم تربيت جو سوچي بابا هڪدم فيصلو ڪري لڏي پلاڻي ٻار وٺي اچي لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. پوءِ به اسانجون پڦيون ۽ چاچا اسان وٽ ايندا رهيا ۽ امان وٽان عزت ۽ قرب وٺي ويندا هئا. امڙ کين ڪڏهن به ڏوراپو ڪو نه ڏنو. صبر هئس يا زور سياڻي هئي. مان ڀانيان ٿو ته زور سياڻي هئي.
لاڙڪاڻي جي حياتيءَ کي اسين، شهري حياتي چونداسين. ڳوٺ جا کليل ميدان، ٻنيون ۽ جهنگ، کوهه، نار ۽ پوکون، ريل ڇيل گهمڻ، کليو آسمان ۽ هوائون، شهر ۾ ڪٿان آيون؟ دڙي محلي ۽ نوان تڪ کي ڌار ڪندڙ هڪ واٽر ڪورس جي ڪپ تي ٻه وڏيون ڪچيون جايون هيون. هيٺ بابا جون آفيسون هيون ۽ مٿي گهر. ڀر ۾ گهر هو هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر جو، جيڪو بعد ۾ خانبهادر به ٿيو. مان جڏهن شڪارپور ۾ جج ٿي ويس ته سندس ٻن پٽن سان سٺا تعلقات پيدا ٿيا. هڪڙو غياث الدين بلوچ ائڊووڪيٽ جنهن کي سچل سڏيندا هئا ۽ ٻيو مقبول بلوچ جنهن جي گهر واري حنيف صديقيءَ جي خاندان مان هئي. جڏهن مان ٻيو دفعو ضيائي دؤر ۾ سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري ٿيس ته اها اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي آئي. غياث بلوچ به لڏي اچي ڪراچي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. سندس ٽيون ڀاءُ اقبال بلوچ جنهن جي حادثي ۾ ٽنگ ڪپجي وئي هئي، اهو اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ پوءِ سيشن جج ٿيو. ڏاڍو پيارو ماڻهو هو، پر جلد ئي گذاري ويو. غياث بلوچ ڪجهه سخت طبع ماڻهو آهي ۽ ميل جول ڪونه رکي.

2

امان جهڙي اڻ گهڙيل اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي عورت، لاڙڪاڻي جي شهري ماحول ۾ پاڻ کي اهڙو ٺهڪائي ڇڏيو جو اڄ سوچيان ٿو ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. اوڙي پاڙي جي هندو مسلمان توڙي آفيسري ڪلاس جي عورتن سان اهڙو ملي جلي وئي جو يقيناَ هڪ مقبول شخصيت بڻجي ويئي. مسلمان عورتون کيس شمش ماءُ سڏينديون هيون ۽ هندو عورتون جمال ماءُ. هندن ۾ شايد رواج آهي جو ٻئي نمبر پٽ جي نالي سان سڏيندا آهن. هندو عورتن ۾ ته اهڙي مقبول هئي جو چونديون هيون ته جمال ماءُ آهي ته مسلمان پر آتما هندوءَ جي اٿس. اسانجي گهر ٿڌڙيءَ جا لولا ۽ ڏياريءَ جي مٺائي، جام ايندا هئا.
بابا جو عهدو تبديل ٿيو يا ڇا ٿيو جو اسين دڙي محلو ڇڏي ڪرمان باغ ۾ سيٺ ٽهڪڻ داس جي مسواڙي جاءِ ۾ اچي ويٺاسون. ڪرمان باغ ان وقت جهنگ هوندو هو. ڪي ڇڙوڇڙ غريبن جا جهوپڙا هوندا هئا. ٻيو ٿيو خير. پري اوڀر طرف ولي محمد ابڙي جي پڪي جاءِ هئي جتي ڪوڪڙي رهندا هئا. ولي محمد ڪوآپريٽو کاتي جو آفيسر هو. پاڻ شڪل صورت جو اهڙو سادو هو جو ڇا چئجي. سندس زال وري اهڙي سهڻي هئي جو اسان ٻار به کيس ويٺا ڏسندا هئاسون. بس ’حور جي پهلوءَ ۾ لنگور‘ واري ڳالهه هئي. مائي، ماستر عبدالڪريم جي ڌيءَ هئي ۽ سندس والده غفور ماءُ، امان جي گهاٽي دوست هئي. غفور اسان کان گهڻو وڏو ته به گڏ رانديون کيڏياسون. کيس گردن ٽوڙ بخار ٿيو، جنهن مان بچي ته ويو پر بعد ۾ بلڪل موڳو ۽ خاموش طبيعت ٿي پيو. گهڻو پوءِ ولي محمد ابڙي جي گهر ڀرسان، ڪچي جو هڪ زميندار وليداد خان اعواڻ هڪ وڏي پڪ سري جاءِ ٺاهي اچي ويٺو. ديندار ۽ خير خيرات ڪندڙ ماڻهو هو. سندس پٽ غلام مصطفيٰ اعواڻ وڪيل ٿيو. ننڍو پٽ محمد نواز اعواڻ اسان سان گڏ پڙهندو هو ۽ فقير منش ماڻهو هو. پوءِ اسان جي ڀر ۾ فتح چند هڪ هندو اوور سيئر عاليشان محل جوڙايو جنهن جو نالو ئي رکيائين ’فتح محل‘. ڏسو ڪلچر جو ميل جول، جو هندن جا نالا به فتح چند، شوڪت راءِ، قسمت راءِ، حشمت راءِ وغيره ٿي ويا. چيم نه، ته هندو ڌرم هڪ سڀيتا آهي، ڪو غير لچڪدار مذهب نه آهي. هڪ هندو عورت جيڪا پڙو پائيندي هئي ۽ چري به هئي. اها به امان وٽ ايندي هئي ته امان کيس وهنجاري سهنجاري، مٿي ۾ تيل وجهي ڦڻي ڏيئي کيس پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيندي هئي. ويچاري بي گهر هئي يا پنهنجن جي ستايل هئي.
هڪ ڏينهن ڇا ڪيائين جو غسل خاني ۾ ڪاڪوس ڪري ڇڏيائين. چڙڻ جي ڳالهه هئي پر امان چڙي ڪانه، رڳو چيائينس ته ”اڙي فلاڻي! هي ڇا ڪيئي؟“ ويچاري اڌ چري ته هئي سو جواب ڏنائينس ته ”آئي ذرڙو ته ڪيو اٿم، ڇا ٿي پيو!“ امان نڪ کي رئو ويڙهي بالٽيون ڀري ڀري گند صاف ڪيو ۽ هن هندواڻيءَ کي اکر به نه چيائين. رڳو ايترو چيائينس ته ”وري ائين نه ڪجانءِ!“ هن به موٽ ۾ چيس ته ”ڪو چري آهيان ڇا جو ائين ڪنديس!“ اها هئي امان جي فقيراڻي طبيعت. مان ڀانيان ٿو ته سندس انهيءَ هڪ عمل ڪري الله شل جنت نصيب ڪندس. سندس مقناطيسي شخصيت ڪري عورتن جو وٽس ميڙاڪو لڳو پيو هوندو هو. مقناطيس وري ڪهڙو. ڳالهه آهي اخلاص جي. ڪلفت ڪدورت نفرت کي ڪڍي محبت ۽ نيڪ نيتيءَ کي جڳهه ڏيو ته گهڙيءَ ۾ ڦِرڪو ئي ڦري ويندو ۽ هڪڙو نئون انسان جنم وٺندو. امان ڪاوڙيل، تيز ۽ تندخو سهي، پر دل شيشي وانگر صاف هئس. ٻيو ته ٺهيو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مهاجر عورتون به وٽس ڏک سور کڻي اينديون هيون ۽ کانئس ڪجهه گهرنديون هيون ته اڙدوءَ ۾ دلجاءِ ڏئي چوندي هئن ته، ”بيهو، ڳولهان ڍونڍيان، هونگا ته ڏينگا.“ اها هئي سنڌ ۾ اڙدوءَ جي حالت سو به شهرن ۾. ٻهراڙي ۾ ته ايترو به ڪونه ايندو هئن، جنهن ڪري ٻهراڙيءَ جا مهاجر بلڪل اسان جهڙي سنڌي سکي ويا. اها فلمن، ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڪرامت هئي جو اڙدو عوام وٽ پهتي.
سو امان جي شخصيت جي ڳالهه پئي ڪيم. جهنگ جي، اڻ پڙهيل عورت 1929ع ۾ لاڙڪاڻي جي شهري ماحول ۾ آئي. 1930ع ۾ يا 1931ع ۾ تجر باغ ۾ قاضي فضل الله جي بنگلي ڀرسان نئين نئين ليڊيز ڪلب جي بنيادي ميمبرن مان هئي. ليڊي سر شاهنواز ڀٽو کي مهمان خاص ڪري گهرايو ويو. امان نه رڳو ان فنڪشن ۾ بهرو ورتو پر ليڊي ڀٽو کي گهر اچڻ جي دعوت به ڏنائين جا هن قبول ڪئي ۽ تاريخ مقرر ٿي. مونکي اهو ڏينهن ۽ امان جي پريشاني ۽ انتظامي صلاحيتن جي جهلڪ ياد آهي. ڪٿي اسانجو غريباڻو گهر، ڪٿي ليڊي ڀٽو! ڀٽو صاحب ان وقت شايد بمبئي پرڳڻي جو وزير به هو.
اڳي ڊرائنگ روم وغيره ته هوندا ڪونه هئا. بس هڪڙو وڏو صفحو هو جنهن کي هال چوندا هئا. ان ۾ چوڌاري کٽون پيون هونديون هيون ۽ هڪ کٽ تي بسترا سٿيا پيا هوندا هئا. هڪڙو توتاري وارو فونو به اسان وٽ هوندو هو. امان اول ته هنڌ کٽولا کڻائي سڀ ٻاهر ڪرايا پوءِ فرش ڌوئاريائين. بابا جي آفيس مان سرڪاري گلم ۽ ٻه ٽي ننڍا غاليچا گهرائي وڇايائين. اهو سڀڪجهه ڏسي خوش ٿي پر وڏو مسئلو اهو هو ته ليڊي صاحبه کي ويهارجي ڪٿي؟ اسان وٽ رڳو هيون ڪاٺ جون ڪرسيون، ڪن کي نيٽ لڳل ۽ ڪن کي تختو لڳل. نيٺ امان فيصلو ڪيو ته ڪوچ گهرائجن. اڳي سوفا ڪونه هئا. ڪوچ چئبا هئا جن کي لوها اسپرنگ هوندا هئا جن مٿان ڪاٻار يا ڪپهه مٿان ڦولدار ڇيٽ جو ڪپڙو چڙهيل هو. پاڙي ۾ ته ڪنهن وٽ ڪونه هئا. امان ڊوڙايو مامي جمعي کي ته بازار مان مسواڙ تي وٺي اچي. مامو جمو موٽي آيو ته دُڪان وارو مسواڙ تي نٿو ڏئي، چوي ٿو خريد ڪيو. امان جلدي فيصلو ڪري چيو ته وٺي اچ. جمعي چيو ته پنجاهه رپيا ٿو گهري. امان اها ڪؤڙي گوري به کاڌي (حيدرآباد جي تر جا ماڻهو لفظ مان واو ڪڍي ڪؤڙي کي چون ڪڙو ڪنئوري کي چون ڪَرو يا ڳؤري کي چون ڳرو. حالانڪه ڪڙو در جو ٿيندو آهي، ڪرو يا ڪريو فعل آهي ۽ ڳرو يا ڳري، ڳرڻ معنيٰ هيڻو ٿيڻ يا حل ٿي وڃڻ کي چئبو آهي). تن ڏينهين پنجاهه روپيا تمام وڏي ڳالهه هئي. ڪوچن جو سيٽ وچ تي باقي چوڌاري ڪاٺ جون ڪرسيون رکيون ويون. امان دُڪان جا ٺهيل بسڪوٽ گهرايا، بس ٻيو ڪجهه ڪونه. ها! بوتلون آيون پر امان جڳ ۽ گلاس گهرائي رکيا ۽ ڌيئن کي چيائين ته، جڳن ۾ ڪجهه پاڻي ڀري ڇڏيو ۽ عام عورتن کي اهو پاڻي مليل لمليٽ ڏجو. ان ۾ به برف گهڻي وجهجو ۽ منهنجي ڀينرن اهو ڪم بخوبي انجام ڏنو. ليڊي صاحبه لاءِ هڪ سادو ڪيڪ ۽ گلن جو هار گهرايو ويو.
ليڊي صاحبه کي هار پارايو ويو ۽ ڪيڪ بسڪوٽ آڏو رکيا ويا. ٽپائي به رڳو هڪڙي هئي. ڪلاڪ کن عورتن جي ڪچهري ٿي ۽ ليڊي صاحبه خوش ٿي کلندي موڪلائي وئي. اها هئي اڳئين وقت جي سادگي ۽ خوش اخلاقي. ليڊي صاحبه امان کي ڪونه وساريو، جڏهن 1932ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو طُهر ٿيو ته امان کي خاص دعوت موڪلي نئون ديرو گهرايو ويو ۽ امان وئي. ان وقت کان وٺي ڀٽا خاندان سان سلام دعا جو رستو هليو اچي. ادا شمس هر عيد تي ٻن ماڻهن سان عيد ملڻ ضرور ويندو هو. هڪ وڏيري غلام عمر انڙ سان علي آباد ۾ ۽ ٻيو نواب نبي بخش خان ڀٽي سان ڳڙهي خدا بخش ۾. مان به ساڻس گڏ ويندو هئس. هڪ لڱا نواب نبي بخش خان وٽ ڪجهه دير سان پهتاسون ته سيڙيو ويٺو هو ۽ عيد ملي چيائين ته ”هن (خاص خادم ڏي اشارو ڪري) هر هر پئي ياد ڏياريو ته نواب صاحب، هاڻي دير ٿي وئي آهي هلي آرام ڪيو پر مان چوان ته شمس الدين خان ضرور ايندو!“
سڪندر علي خان ڀٽي سان ته ادا شمس جي گهاٽي دوستي هئي ۽ مان ساڻن نجي محفلن ۾ گڏ هوندو هئس. سڪندر علي خان ڏاڍو شانائتو ۽ مهذب ماڻهو هو. علم ادب سان به چاهه هئس. پاڻ انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. شڪار ۽ ڪرڪيٽ جو شوقين هو. عشق جي لار به لڳل هئس. هڪ دفعي نجي محفل ۾ کوٽيومانس ته دل ڀرجي آيس. ڇاتيءَ وٽ کيسي ۾ پيل فوٽو ڪڍي کڻي مون کي ڏنائين. مشهور فلم ائڪٽريس نرگس جو ڪرڪيٽ جي ڊريس ۾ ٽوپيءَ سان فوٽو هو جنهن تي نرگس جا هٿ اکر هئا، ”منهنجي پنهنجي ڪرڪيٽر سڪندر ڏانهن.“
مون پڇيومانس ته ”پوءِ ڀلا ڇا ٿيو؟“ چيائين ”قسمت (بيڊ لڪ)“ سر شاهنواز کي عزت وچان سر صاحب چوندو هو (بابا، نه). چي، ”همت ڪري سر صاحب سان ڳالهه ڪيم. ان چيو ته ڇوڪريءَ کي وٺي اچ. گڏ ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون. نرگس کي چيم سا خوشيءَ سان ڊوڙندي آئي. بد قسمتيءَ سان ان وقت کيس سوڙهي انگريزي پتلون پاتل هئي، سو سر صاحب کيس پيرن کان مٿي تائين ڏسي، مون ڏي منهن ڪري (انگريزيءَ ۾) چيو ته ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو اٿئي يا سندس پتلون سان. نرگس ته ڏکاري ٿي موٽي وئي مان به ششدر ٿي چپ ڪري ويس!“ خانداني ماڻهن ۾ سر صاحب جو ايترو چوڻ ڪافي هو، معنيٰ صاف انڪار ۽ وڏي آڏو وري عرض ورجائڻ بي ادبي جي زمري ۾ اچي ها. اهو هو سڪندر علي خان جي شاعري، شراب نوشي ۽ شڪار جو راز. اهڙا ڪروڙين ڪيس ٿيا هوندا ۽ دلين ۾ دفن ٿي ويا. ازل کان ابد تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. اهڙين ٽٽل دلين جو هڪڙو الڳ ڳوٺ ٻڌجي ته هوند ڌرتيءَ تي جنت ٺهي وڃي. اهي ٽٽل دليون ئي ته آهن جو ٻين جا ڏک محسوس ڪن ٿيون ۽ اهڙا ڏک ڏور ڪرڻ لاءِ آڙاهه ۾ ڪڏيو پون. پر ڪي ويچارا مٺيون ڀيڙيون پنهنجي ڏکن جون ڀريون پاڻ ڪلهن تي چايون وتن. نه رون نه چون ڪي. اهڙا دل جي اٿار وارا ماڻهو، موتيءَ داڻا هوندا آهن.
ڳالهين ڪندي پنهنجي گهر جي ڪچائي بيان ڪري ويٺس ته بوتلن ۾ پاڻي ملايو ويو. ڇا ڪجي، سفيد پوشي ۽ غربت جي ميل ۾ ائين ئي ته ٿيندو، ڪو گناهه ته ڪونه هو. منهنجي مرحوم گهر واريءَ وري ٻيو طريقو اختيار ڪيو. آئي جو آڌر ته ڪبو، سفيد پوشيءَ کي به قائم رکبو. نيٺ ته جج صاحب جي زال هئي ۽ ننڍن شهرن ۾ جج صاحب جو وڏو مانُ آهي. پر سُڪي پگهار مان ڇا ٿو ٿئي؟ سو ڇا ڪندي هئي جو پاڻيءَ ۾ ڪچي کنڊ ملائي اسينس، ڪيوڙي، گلاب، موتئي يا ڪنهن ٻئي قسم جو جوهر ملائي شربت ڪري موڪليندي هئي. مزو اهو جو مهمان به ساراهه ڪري پڇندا هئا ته شربت ڪٿان گهرايو اٿؤ؟ نيٺ مون گهر واريءَ کي ٻڌايو ته امان گهر ۾ شربت ٺاهي شيشا ڀري رکندي هئي جي سٺا به هئا ته سستا به. سگهڙ ته هئي سو هڪدم چيائين طريقو ٻڌايو. انهيءَ ڏينهن ئي پساريءَ کان صندل جو چورو گهرايائين. ان کي ڪاڙهي ڪاڙهي، چورو ڇاڻي ڪڍي، باقي پاڻيءَ ۾ چاش پچايائين ته کوڙ سارا شربت جا شيشا تيار ٿي ويا. صندل جو شربت ڏاڍو سٺو ۽ فرحت بخش ٿو ٿئي.
شيشن تان هڪ ٻي ڳالهه ياد آيم. لاڙڪاڻي جو مسٽر گوبند رام وڪيل ڏاڍو حاضر جواب ۽ چرچائي هوندو هو. قنبر يا شهداد ڪوٽ وڃڻ لاءِ وڪيل صاحب گهڻو ڪري ريل گاڏيءَ جي سيڪنڊ ڪلاس ۾ چڙهندا هئا ۽ گپ شپ هڻندا ويندا هئا. حنيف صديقي ۽ قاضي فضل الله گڏ رهندا ۽ گڏ وڪالت ڪندا هئا پر ٻنهي جون طبيعتون مختلف هيون. صديقي صاحب خاموش طبيعت ۽ ڪتابن سان چاهه رکندڙ ماڻهو هو ۽ قاضي صاحب سياست ۾ کهڙي صاحب جو چيلو هو. سو قمبر ٿي وياسون ته قاضي صاحب ۽ گوبندرام به گڏ هئا. گوبندرام قاضي صاحب کان سوال ڪيو ته ”جنسي عمل هڪڙو ’ج‘ سان ٻيو ’ي‘ سان، انهن ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ قاضي صاحب گوبندرام جو چرچو نه سمجهندي چيو ته ”ڪو فرق ڪونهي. ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي. ڪهڙو فرق؟“ گوبندرام کي ته اهڙو بُل کپندو هو سو چيائين ته، ”فرق اهو جو حنيف جيم وارو ڪم ڪندو آهي ۽ تون ’ي‘ وارو!“ سڄي گاڏي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ته قاضي صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو، ڳالهه ڇا هئي جو حنيف صاحب عورتن جو شوقين هو ۽ قاضي صاحب ڇوڪرن جو. اهو چرچو اهڙو لڳو جو سڄي لاڙڪاڻي ۾ مشهور ٿي ويو. ٻئي دفعي هڪ هندو وڪيل وٽ ويٺا هئاسون ته گوبند رام آيو ۽ اتاوليءَ مان چيائين ”يار دوا لاءِ شيشو کپيم سو ته ڏينم، اٿئي؟“ ۽ هن چيو ”کوڙ شيشا!“ ۽ پنهنجي ننڍڙي نياڻيءَ کي چيائين ته ”ماءُ کان شيشا وٺي اچ!“ ننڍڙي ڪا ٻاتي هئي سو جهٽ موٽي آئي ۽ چيائين ته ”امان چوي ٿي ته شيشا (’ت‘ سان) ڪونه آهن باقي شيشيون (’ت‘ سان) کوڙ آهن.“ وڪيل صاحب ته ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو پر گوبندرام جي مذاق جي رڳ ڦڙڪي اٿي پاڻ ئي ٻاتلي ٻوليءَ ۾ چيائين، ”امان ٺهيو شيشا (’ت‘ سان) ڪونهن ته سڀ شيشيون (ت سان) ميڙي سيڙي کڻي آ.“ هُن حجائتي يار به ڀونڊو کڻي ڏنس پر گوبندرام کلندو رهيو. اهڙا هئا پيارا ماڻهو.
امڙ جي ڳالهه ته رهجي وئي. ايتري واقفيت ۽ سوسائٽيءَ ۾ اٿڻي ويهڻيءَ جي باوجود سادگي ايڏي جو گهر جو ڪم سڄو پاڻ ڪندي هئي. ڪم واري مائي، مائي جنان سرهياڻي ته ماني پچائيندي ۽ ٿانوَ ڌوئيندي هئي پر ٻيا به ته اڪيچار ڪم آهن. امان مينهن به رکندي هئي. مينهن وڏي خدمت ٿي گهري. کڙ ۽ ڪٽي گهرائي ڪتر ۾ ملائي چارو تيار ڪري مينهن کي ڏيڻ، ڏهڻ، ساجهر سوير ولوڙي مکڻ ڪڍڻ، اسڪول وڃڻ کان اڳي اسين ٻار چاڏيءَ وٽ قطار ڪيون ويٺا هوندا هئاسون. مائي جنان گرم گرم ماني تئي تان لاهي پنڊيءَ ۾ هڪ ٻار جي اڳيان رکندي ۽ امان مکڻ جو چاڻو مانيءَ تي رکي ڳڙ جي مُستي مٿانس وجهندي هئي ۽ اسان ڏاڍو چاهه سان کائي ڍؤ ڪر ي اٿندا هئاسين. ته مٿان ڏيندي هئي مهيءَ جو گلاس جو اڳ ۾ ئي ڪڍي رکندي هئي. حيدرآباد وارا اهو ڪونه سمجهندا. مکڻ ڪڍڻ کان اڳ ولوڙيل ڌونئرو، پاڻيءَ سان گاڏڙ ٿيو مهي. مکڻ نڪرڻ کان پوءِ ٿيندو ڏڌ جو گهاٽو ٿئي، ڏڌ ۾ پاڻي ملايو ته ٺهندي لسي. لسيءَ ۾ گهڻو پاڻي ۽ لوڻ ملائبو ته ٺهي پوندي ڪانجهي.
ٻارن کي وهنجاري سهنجاري، ڪپڙا پارائي اسڪول موڪلڻ ۽ منجهند جي ماني اڳڙيءَ ٽڪر ۾ ٻڌي هر ڪنهن جي ٿيلهي ۾ رکڻ. اسڪول جو وقت هوندو هو صبح جو يارهين بجي کان شام جو چئين بجي تائين. وچ ۾ مانيءَ لاءِ رسيس ٿيندي هئي. ڳڙ ذرو يا گهران آڻبو هو يا هڪ پئسي جو هٽ تان وٺي ماني کائي ڇڏبي هئي. اڳي رپيا ڪونه ملندا هئا خرچي لاءِ. بس رڳو هڪڙو پئسو يا هڪڙي پائي. رپئي ۾ هونديون هيون هڪ سؤ ٻيانوي پايون. ڪوڪا ڪولا وغيره جو تصور ئي ڪونه هو. اسڪول ۾ پاڻيءَ جا مٽ ڀري رکندا هئا، اتان پاڻي پيئبو هو. بس.
هر ٻئي ٽئين ڏينهن تي ٽينُ کار جو چڙهندو هو. گاسليٽ واري خالي وڏي ٽين ۾ پاڻي ۽ ميرا ڪپڙا وجهي ٿورو کار (ڪاسٽڪ سوڊا) ملائي باهه تي چاڙهي ڇڏبو هو. پوءِ هڪ هڪ ڪپڙو ڪڍي. سونٽيءَ سان سَٽي صاف پاڻيءَ سان ڌوئبو ۽ سڪائبو هو. استريءَ جو تصور ڪونه هو. ان ڪري اهي مروڙيل سروڙيل گهنجيل ڪپڙا پائبا هئا ۽ ڪو شرم يا عار ڪونه ٿيندو هو. اهو عام رواج هو. اهو سمورو عمل نهايت ٿڪائيندڙ ۽ وقت کائو هو پر هر گهريلو عورت ائين ڪندي هئي. امان به ائين ڪندي هئي. ان لاءِ ڪو خاص سبب ڪونه هو ڇاڪاڻ ته ڌوٻي پاڻمرادو گهر اچي ميرا ڪپڙا کڻي ويندو هو ۽ صرف ٽي رپيا سؤ ڪپڙن جي ڌورائي وٺندو هو. سو به کنڀ جا صاف ڌوتل ڪپڙا، استري ڪيل ۽ ڪلف لڳل. مان ڀانيان ٿو ته گهر ڌياڻيون هڪ ته بچت خاطر ۽ ٻيو انهيءَ لاءِ ڪنديون هيون ته اڳي وڳا گهڻا ڪونه رکبا هئا. هر ڪنهن کي هڪ ٻه وڳو هوندو هو جو کار چڙهندي هئي ته ڌوئڻ لاءِ ڏئي پاڻ پٺيءَ اگهاڙو ڪم تي هليو ويندو هو. ٻارن جا ڪپڙا ته جهٽ جهٽ ميرا ٿا ٿين سو انهن جي ڪپڙن لاءِ کار چاڙهڻ لازمي هئي. ٻيو ته تن ڏينهن ۾ نه هئا پئمپر، نه ڪڇا نه نئپڪن، رڳو هئا رلڪا جي ٻار هر هر خراب ڪندا هئا ۽ انهن جو ڍير کار تي چڙهندو هو.
مان ننڍي هوندي کان ڏاڍو ڌيرج وارو، هر ڳالهه کي نظر انداز ڪندڙ ۽ بي نياز هئس. مونکي آڙاهه بخار يا ڪو سور هوندو هو ته به ڳالهه ڪونه ڪندو هئس. وتندو هئس ڊوڙندو کيڏندو. جو نستو ٿي چپ ڪري ويهي رهيس ته امان ويچاريءَ کي اڊڪو ٿي پوندو هو ۽ ور ور ڪري پڇندي هئي ته ”جمال ڇو کيڏين نه ٿو، ٺيڪ ته آهين نه؟“ ته مان چوندو هئس ”ها امان ٺيڪ آهيان!“ اڄڪلهه ننڍا ته ننڍا پر وڏا ۽ وڏيون به ٿورو ٿئين ته هاءِ گهوڙا مچائي ڏين. شل نه مٿي جو سور ٿئين، پوءِ ”گهوڙا مئس! مٿو ٿو ڦاٽي، چڪر ٿا اچن، مران ٿي يا مران ٿو!“ لڳي پئي هوندي.
ولايت ويس ته ڏٺم ته ڪو ڪنهن کي پنهنجي تڪليف ڪونه ٻڌائي. اسان پارو مشرقي ماڻهو کڻي ڪنهن گوري کي ٻڌائيندو ته هو خاموش ٿي منهن کڻي ڦيرائيندو، نه ته به رکائي ۽ طنز سان چوندس ته، ”مان ڀانيان ٿو ته توکي ائسپرين جي ضرورت آهي.“ ڪو ته ائين به چئي ڏيندس ته ”مائينڊ يوئر اون بزنس!“ يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رک؛ ۽ اهو جملو جهڻڪڻ يا ڇنڊ ڪڍڻ برابر هوندو آهي. ڪو شريف ماڻهو هوندو ته وڌ ۾ وڌ چوندس ”ٽيڪ اِٽ ايزي“ يعني مڙيئي خير آهي. مون لاءِ ڊاڪٽر پوهومل، امان کي ۽ ٻين گهر ڀاتين کي سخت تاڪيد ڪري ڇڏيو هو ته هن ڇوڪري جو خيال رکجو. ٿوري به ڪا تڪليف ڏسوس ته وڏي ڪري سمجهجو ۽ هڪدم مونکي اطلاع ڪجو.
مون اڳ ئي ذڪر ڪيو آهي ته ڪرمان باغ محلو تن ڏينهن ۾ جهنگ لڳو پيو هو. هڪ ڏينهن مان دروازي جي چائنٺ تي ويهي مٽيءَ تي ويٺي ليڪا پاتا ۽ ڊاٿا. کڻي جو ڏسان ته کليل در جي تاڪ مان هڪ ڀوري رنگ جي نانگ جي منڍي مون ڏانهن تمام هوريان پئي سرڪي. اٿي وڃي امان کي چيم ته ”امان هڪ ننڍڙي نانگڙي در جي ٻيڪڙ ۾ ويٺي آهي.“ امان ويٺي ڪپڙا سَٽيا سو اها سونٽي هٿ ۾ کڻي هلي آئي. در جو کڻي ورائي ته چيائين ”گهوڙا هي ته هيڏو سارو کپرآهي، تون ٿو نانگڙي چوين!“ پوءِ مونکي چيائين ”پري ٿي بيهه!“ ۽ پاڻ وڌي سونٽيءَ سان کپر کي ڌڪ هنيائين ته کپر شوڪٽ ڪري پوئتي بُل کائي اچي امان جي پيرن وٽ ڪريو. پوءِ ته امان سونٽيون هڻي ماري وڌس ۽ مئل نانگ سونٽيءَ تي کڻي اندر آئي ۽ چيائين ”هيءَ جمال جي نانگڙي ڏسو!“
ڪپڙي لٽي ۽ ڏيک ويک ۾ به بي نياز هئس. عيد براد تي امان پڻئي ۽ بوسڪيءَ جا تاڪيا گهرائيندي هئي. بوسڪي به نج بوسڪي هئي ۽ رنگين ليڪن واري. ٻيا ٻار، منهنجا ڀائر ڀينر پيا پنهنجي پسند جو ڪپڙو چونڊيندا هئا ته هيءَ نه هيءَ ۽ مان بي پرواهه پيو کيڏندو هئس. نيٺ امان سڏ ڪري چوندي هئي ”جمال هيءُ ڏس ڪهڙي سٺي آهي، ڪهڙي ڊزائن وٺي ڏيانءِ؟“ ـ مان ”توهان جي مرضي“ چئي بي خيالائي سان هليو ويندو هئس.
ٻيو ته ٺهيو 1974ع ۾ جڏهن پنجاهه سالن جو اچي ٿيو هئس ته بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس ماسڪو ۾ وڃڻ ٿيو. ڏينهن ٻن کان پوءِ ڏسان ته هر ڪنهن مندوب کي سندس نالي واري پتل جي پٽي لڳي پئي آهي ۽ ادب جي حوالي سان هڪ نِب به ڪوٽ تي لڳي پئي آهي ۽ لکڻ لاءِ پيڊ ۽ پينون به هجن. مون ڊاڪٽر ميڊم لڊميلا واسلويا کان پڇيو ته ”هي ڇاهي؟“ عجب مان چيائين ”تو ڪونه ورتا آهن؟ هڪ سٺي چمڙي جي بيگ ملي ٿي، جنهن ۾ تمغا ۽ اهو سڀ سامان پيل آهن ۽ پڻ پنجاهه روبل به ملن ٿا.“
روبل وڏي ڳالهه هئي ۽ هڪ روبل ٻن ڊالرن جي برابر هو. پوءِ به ٻه ڏينهن گذري ويا ته ميڊم لڊميلا صاحبه پاڻ وڃي وٺي آئي ۽ مونکي اچي ڏنائين ۽ چئي ڏنائين ته ”عجيب بي نياز ماڻهو آهن!“ حالانڪه هوءَ اسان جي وفد جي ليڊر فيض احمد فيض صاحب سان وابسته هئي پر منهنجو اونو رکندي آئي. هڪ ڏينهن منهنجي طبيعت ڪجهه ٺيڪ نه هئي سو ڪانفرنس ۾ ڪونه ويس ۽ چادر ويڙهي سمهي پيس. اوچتو اکيون جو کوليان ته ميڊم لڊميلا ڪرسي وجهيو ويٺي هئي. اها آهي عورت ذات جي فطري اون. مون کي جاڳندو ڏسي چيائين ته، ”مان ڊاڪٽر وٺي ٿي اچان!“ مون گهڻو ئي جهليو مانس پر هوءَ پنجن منٽن ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻي وٺي آئي جنهن چڪاسي هڪ گوري پاڻيءَ سان کارائي ٻي شام جو کائڻ لاءِ چيائين ۽ چوندي وئي ته شام تائين بلڪل ٺيڪ ٿي ويندين ۽ واقعي ائين ٿيو. مون کي عجب لڳو ته اسان جي ملڪ ۾ ته ڊاڪٽر اڌ ڊزن دوائون بمع ائنٽي بايوٽڪ جي لکي ڏيندا ۽ پوءِ به چار پنج ڏينهن لوڙي اٿبو آهي.
مون ميڊم لڊميلا کان ڊاڪٽر جي فيءَ جو پڇيو ته چيائين ته، ”هتي سڀ ڊاڪٽر سرڪاري آهن ۽ ڪنهن کان به في ڪونه وٺن.“ اهو هو اشتراڪي نظام جو ڪمال جنهن کي روسين، معمولي شخصي آزادين ۽ مراعات جي آڙ ۾ ڊاهي ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيو، جنهن روسيءَ سان ڳالهاءِ سو ’خود رحميءَ‘ جي مرض ۾ مبتلا. اها خود رحمي (self-pity) جنم ڏئي ٿي خود پسندي ۽ پوءِ خود مطلبيءَ کي. اهي ڏاڍا خطرناڪ ڏاڪي وار جرم آهن. پهريان self-pity پوءِsin of self righteousness ۽ پوءِ خود مطلبي، (selfishness) جي ڏاڪي تي جڏهن ماڻهو پهچي ٿو ته عقل مت مارجي ٿا وڃن. ماڻهو رڳو پنهنجي ذات ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ چڱي مَٺي جي خبر نٿي پويس. هر روسيءَ کي اها شڪايت ته ”محنت به اسين وڌيڪ ڪيون. چڱا به اسين ٿيون، قربانيون به اسين ڏيون پوءِ به سڀ وئرٿ، جو هڪ معمولي آمريڪي ماڻهو يا مزور وٽ به اهو سڀ ڪجهه آهي، جنهن لاءِ اسين سِڪون پيا.“ اڙي ڀائي، ڏسو ئي ڪونه ٿا ته توهان جي انهن ئي عملن جي ڪري، روس جا ڪروڙين شهري خوشحال، صحتمند، تعليم سان آراسته، بيمارين ۽ بک کان بچيل ۽ وڏي ڳالهه ته امن امان سان پيا گذارين. مان ته وڪيل ۽ جج ماڻهو سو خاص ڌيان ڏنم ڏوهه ۽ ڪورٽن طرف. ڪو ڏوهه ئي ڪونه هجي. نه قتل، نه ڌاڙو، نه چار سؤ ويهه، نه ديواني مقدما، نه طوائفون. ڪورٽن ۾ بس هڪڙي ئي جرم جي ڀرمار هجي ته رات جو شراب پي ڊرائيور مقرر رفتار کان تيز گاڏي هلائين ٿا.
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته عورت کي فطري طرح اونو رهي ٿو. تخليقڪار آهي نه، تڏهن. مان جڏهن اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ته هڪڙي ليڊي ائڊووڪيٽ بلقيس جمال مهيني ۾ هڪ ٻه دفعو مون سان آفيس ۾ ملڻ ايندي هئي. عجيب غريب رٿون کڻي آئي ته چار شاديون قانوناَ لازمي ڪيون وڃن. مون طنزاَ چيو مانس ته ”واقعي پاڪستان جو وڏو ۾ وڏو مسئلو آهي باجي، آپي ۽ ڀيڻ جي شادي!“ سو تيئن زور زور سان دليل ڏيڻ لڳي. ٿيو ڇا جو مون ڪجهه دوا جون گوريون ڪڍيون (دل جو مريض آهيان) ته ڪلارڪ اچي ويو ۽ وري ڪو ٻيو ماڻهو آيو ته دوا رهجي وئي. ڪم ڪار کان واندو ٿي وري ساڻس مخاطب ٿيس ته چيائين ”ڳالهيون پوءِ، اڳ ۾ پاڻي گهرائي گوريون کائو!“ ڏسو هڪ ست ڌاري عورت به اهو اونو رکيون ويٺي هئي ته هن کي دوا کائڻ وسري وئي آهي، اول اها کائڻ کپيس.
امڙ ايماندار ايتري هئي جو ڪنهن جي پائي به ميري ڪانه ڪندي هئي. تن ڏينهن ۾ رواج هوندو هو ته واڻيا گهوراڙو هر ڪا شيءِ کنيو گهر گهر وڪڻندا هئا. مثلاَ ڪپڙن جا ٿان، ڳوٽا، چوڙيون، ٿانوَ وغيره. عورتون شاپنگ جون ماهر ٿين ٿيون. يا واڻين جهڙيون پڪيون. واڻيو گهرندو رپيو ته امان چوندي ٻه آنا. ڪجهه شيون وڪڻي واڻيو ٽپڙ ويڙهي ويندو ته ڪانه ڪا شيءِ رهجي ويندس. پوءِ اسان ٻارن لاءِ آزار. امان چوندي کڻ اهو سامان ۽ ڀڄ واڻئي جي پٺيان. نٽهڻ اس ۾ پيرين اگهاڙي واڻئي جي پٺيان ڀڄندا ويندا هئاسون ۽ وڃي کيس سندس سامان موٽائيندا هئاسون. ڪڏهن ته واڻيو هليو ويندو هو، هٿ ڪونه ايندو هو ۽ ٻئي ٽئين ڏينهن هوڪو ڏيندو هو ته کيس سڏي امانت موٽائيندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو تاڪيو ڪپڙي جو يا سڄو پاڪيٽ ڳوٽن جو ڇڏي ويندا هئا ۽ اها شيءِ ائين جو ائين، پنجين ڇهين ڏينهن به واپس ملندي هئن ته ڪجهه حيران ٿيندا هئا. هڪ دفعي ته هڪڙو چوڙين جو سڄو اسٽينڊ ڇڏي ويو جنهن ۾ پنج سؤ کن چوڙيون هيون. اهو کيس هفتي کان پوءِ ثابت مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. ائين اسان گهر ڀاتين کي ابي توڙي امان پاران ايمانداريءَ جي ستي پيل هئي.
هڪ دفعي 1960ع ۾ فئملي سان گڏ سجاول مان حيدرآباد آياسون. فردوس سئنيما ڀرسان هڪ ڏيپلائيءَ جي جنرل اسٽور تان سامان ورتو سون. هڪ سؤ جو نوٽ ڏنو مانس سو ڏيپلائي ماڻهو پڪو، ور ور آڱرين تي حساب ڪري باقي پئسا موٽائي ڏنائين. اسين جيپ تي واپس سجاول پي موٽياسون ۽ حيدرآباد ڇڏي زيل پاڪ وٽ پهتاسون ته مون جيپ واري کي چيو ته واپس دُڪان تي هل. ڊرائيورسميت سڀني چيو ته وقت ٿا وڃايو دير ٿي ويندي، پر مون چيو ته، دُڪان واري سترهن رپيا وڌيڪ موٽايا آهن سي واپس ڪرڻا آهن. ائين ڪيوسون ته دُڪان وارو وائڙو ٿي ويو ته هي ڪهڙا ماڻهو آهن جو پئسا موٽائڻ لاءِ سجاول ويندي ٽنڊي محمد خان روڊ تان موٽي آيا آهن. اها هئي امڙ جي اسان کي ٻالڪپڻي کان تربيت.
حقيقت ۾ تربيت ئي سڀ ڪجهه آهي، تعليم ڪجهه نه آهي. تربيت، جنهن جو بنياد اخلاقيات تي هجي، اها ئي چڱا ماڻهو ۽ شهري پيدا ڪري سگهي ٿي. باقي جيڪڏهن صرف لکپڙهه سان اهڙو ڪارج سڌ ٿئي ها ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ جتان جون نوي پنجانوي سيڪڙو مائرون پڙهيل آهن، اتي ڪالا نانگ، وڇون، لنگڙا، ڪانا، ڪمانڊا ۽ ٻيا الائي ڪهڙا زهريلا ۽ چٻا ڦڏا جانور پيدا نه ٿين ها؛ نه وري چانهه جي پتيءَ ۾ چڻن جون کلون، گيهه ۾ ڊيزل ۽ مصالحات ۾ سرن جو ڪٽو ملائڻ وارا، يا چور بازاري ۽ ذخيرو اندازي ڪرڻ وارن جي ايڏي وڏي کيپ تيار ٿئي ها. پڙهڻ لکڻ جي اهميت پنهنجي جاءِ تي ڇاڪاڻ ته اهو علم حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي، باقي بذاتِ ته اهو ڪجهه به نه آهي. اهڙا ڪيترائي گريجوئيٽ ۽ ماستر صاحب پيا آهن جن جا ڪڌا ڪرتوت نه رڳو شرم جوڳا بلڪه ڪيترين بڇڙائين جي جڙ آهن.
انهن کان ته اڻ پڙهيل وڏيرا چڱا جي ڀائرن (عام ماڻهن) سان گڏ تڏي تي يا واڻ جي کٽن تي چوويهه ڪلاڪ دونهين دکايون ويٺا آهن، جتي هر آيو ويو، مسافر، غير ملڪي يا تر جو، ڄاتل سڃاتل توڙي اڻ سڃاتل اچي آسائش ڪري ماني ٽڪي کائي پنهنجا مسئلا حل ڪرائي وڃي ٿو. اهڙو وڏيرو سڏجي ٿو تر جو چڱو مڙس يا نيڪ مڙد. سندس اوطاق سماجڪ سينٽر به آهي ته مهمان خانو به، ڪورٽ به، بئنڪ به ته ٻانهن ٻيلي به، ڪورٽ اهڙي جو سستو انصاف بنا وڪيل ۽ پوليس جي، اتي جو اتي، ڌرين کي گهرائي ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻئي ڌريون راضي خوش ٿي وڃن ٿيون. بئنڪ اهڙي، جو نه درخواست، نه ئي ڪو فارم ڀرڻو، نه ئي ضمانت، شخصي سڃاڻپ تي رڳو رجسٽر ۾ صحيح ڪري پئسا وٺي هليا وڃو. اها ٻي ڳالهه آهي ته چڱن مڙسن جا پويان، شهري تعليم پرائي، پنهنجن وڏن جون قائم ڪيل روايتون وساري، اڳيون نور به وڃائي ويٺا آهن. هونئن به ان پڙهيل لکيل طبقي ڏنو به ڇاهي، سواءِ رشوت خور ڪاموري، ويڪائو استاد ۽ بي ايمان واپاري ۽ دڪاندار جي.
پڙهڻ لکڻ سان نه ڪو انقلاب آيو آهي نه ايندو. هي ته رڳو شهري شودن جو شوشو آهي. پنهنجي بڇڙائين تي پڙدو وجهڻ جو بهترين طريقو آهي ۽ پڻ ٻين جي پڳڙي لاهڻ جو. ڀلا ڪهڙو انقلاب پڙهڻ لکڻ جي ذريعي آيو؟ حضرت موسيٰ عليھ السلام جو فرعون خلاف، حضرت دائود عليھ السلام جو جالوت خلاف، حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو سود خورن خلاف، حضرت محمد صه جو قبائلي سردارن ۽ واپارين خلاف، يا فرينچ انقلاب يا مارڪس ۽ لينن جو روسي انقلاب يا چين جي مائوزي تنگ جو جنگجو سردارن خلاف؟ ڪو به نه. اهي انقلاب ته پاڻ پڙهيل ڳڙهيل گمراهن، سردارن ۽ بي ايمان واپارين خلاف هئا جيڪي ٻين کان ڦري لٽي پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا ۽ مسڪينن کي وڌيڪ مسڪين ڪندا رهيا. انقلاب جو مطلب ئي اهو آهي ته مسڪينن جي منظم قوت سان، اهڙن سرمائيدارن، واپارين ۽ ٻين ڦورو طبقن ۽ ٽولن کان مسڪينن ۽ پورهيتن کي نجات ڏياري کين خوشحال ڪجي. چڱي ماڻهو، پير فقير درويش جي سڃاڻپ ئي اها آهي ته پاڻ اهو ئي مسڪينن وارو گذر بسر هجيس ۽ سندس لاڳاپيدار، مريد خادم وڃن خوشحال ٿيندا. پر هتي ته الٽي گنگا ٿي وهي.
امان جي ديانتداري ۽ دليري مثالي هئا. دليريءَ جو مثال رڳو کپر نانگ مارڻ وارو ناهي. حالانڪه اها به وڏي ڳالهه آهي. ادا شمس جي اوطاق يا آفيس هوندي هئي مدرسھ هاءِ اسڪول ڀرسان. اتي ڏينهن ڏٺي جو هڪڙو ڪارو نانگ اچي نڪتو. ماڻهن جو ڊنبلو اچي گڏ ٿيو پر رڳو ڪاريهر ڪاريهر جي دانهن پئي پوي. همت ڪنهن ۾ نه هجي جو ان کي ماري. نانگ به ماڻهن جو انبوهه ڏسي منجهي پيو ۽ مدرسھ جي ڪمپائونڊ وال جي وٽ ۾ ڇپ هڻي پيو. هڪ ڳوٺاڻو اچي نڪتو تنهن ڇاهي ڇاهي ڪري، نانگ ڏسي هڪ ماڻهو کان هاڪي وٺي ٻه ٽي ڌڪ هڻي نانگ ماري وڌو. مون ڏٺو ته نانگ ڪاريهر به نه هو. گڊو هو ڇاڪاڻ ته پيٽ اڇو هئس. اها هئي ڊنب ماڻهن جي همت جو نانگ جي دهشت کان، سڀ پري پري بيٺا هئا. هڪ دفعي مان ڄامشوري لڳ پنياريءَ جي پل تي ويٺو هئس ته هڪ نانگ ور وڪڙ کائيندو اچي لنگهيو. اسان سان گڏ ويٺل هڪ ٽالپر، جو منهنجي ساهرن جي عزازت وارو آهي، پادر لاهي اٿيو ۽ نانگ ماري وڌائين. نانگ ويچارو ڏاڍو نازڪ جانور ٿئي ٿو. ٿوري ڌڪ لڳڻ سان سندس ڪرنگهو ٽٽي پوي ٿو ۽ پوءِ ڀڄي نٿو سگهي. پوءِ رڳو سندس مٿو چٿڻو آهي، پر هجي ڪنهن ۾ همت!
بابا جي گذارڻ کان پوءِ ڳوٺ واريون زمينون امان سنڀاليندي هئي، جيتوڻيڪ عمر به چڱي ٿي وئي هئس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مريض به هئي، تڏهن به ڏکيو سکيو سخت سيءَ ۾ به مهينو ٻه وڃي ڳوٺ گذاريندي هئي. فيصلا به ڪندي هئي. هڪ دفعي ڳوٺ مان ڪنهن جو گهرو سامان چوري ٿي ويو. ڪنهن هاري ناري يا مِٽ عزيز جي چوريءَ کي زميندار يا چڱو مڙس پنهنجي شخصي بيعزتي سمجهندو آهي. امان کي به دانهن ملي ته باهه ٿي وئي. ڪمدار ڪاراون تي بار رکيائين ته چور ۽ چوري لهي ڏيو. خبر پيئي ته چور پنهنجو ئي خان سانگي هو ۽ چوريءَ جو مال به سندس گهر ۾ ئي هو. چار پنج ماڻهو موڪليائين ته وڃي خان جي گهر مان سامان ڪڍي کڻي اچو. خان کي به کڙڪ پئجي وئي. اهنڊ ماڻهو، هڪ ٻه خون به ڪيل هئس سو ڪهاڙي کڻي در تي بيهي رهيو ۽ هڪل ڪيائين ته ”خبردار جي ڪو اڳتي وڌيو آ ته منڍي لاهي رکندوسانس!“ سڀني موٽي اچي امان کي صورتحال ٻڌائي. امان ويتر باهه ٿي وئي. چي، ”ٿڪ اٿو ڀڙوا، هي مڙس ٿيا آهيو؟“ هاڻي منگواڻي قوم جي هڪڙي عورت ٿي سانگين کي ائين چوي. اٿي پاڻ هلي ۽ چيائين ”اچو مان ٿي هلان، ڏسون ته ڪيئن نٿو مال ڏئي!“ هڪ عمر جي پڪي ٻيو بدن جي ڳؤري ۽ بيمار. پر سچائي ۽ جرئت کي پنهنجي هڪ الڳ قوت ٿي ٿئي. خان سانگي اهوئي ڪهاڙي کنيو بيٺو هجي. امان به واچوڙي وانگر اڳتي وڌي ٺڪاءُ جو ٿڦ ڪرايس ته پٽڪو وڃي پري پيس. پاڻ در تي بيهي سانگين کي چيائين ”گهڙو اندر ۽ مال سڃاڻي ڪڍو!“ خان جي ڪهاڙي به ڪري پئي سا کڻي هڪ سانگيءَ کي ڏنائين. ائين مال چور کان ڇڏائي ڀاڳين کي ڏنائين. اهي هيون سچائي، جرئت ۽ نيڪ نيتي جون تربيتون جي اسان اکئين ڏٺيون ۽ ڪنين سُڻيون. هاڻي پاڻ ٻڌايو ته اڻ پڙهيل ماءُ جي عملي تربيت بهتر يا پڙهيل ڳڙهيل ڄٽيءَ جي بدنيت، لالچ لوڀ ۽ حسد جي تعليم؟
امڙ جو صبر ۽ شڪر به ڪو منڇر ڍنڍ جهڙو عميق ۽ وسيع هو. 1954ع ۾گهر وارو گذاري ويس. 1960ع ۾ پاڻ کي اڌ رنگ ٿيس. 1961ع ۾ سندس سڪي لڌو پوٽو نجم گذاري ويو ۽ 1963ع ۾ عظيم شخصيت جو مالڪ سندس موڀي پٽ شمس الدين ابڙو گذاري ويو. بس قيامت مٿان قيامت هئي. مصيبتن جون ڇپن مٿان ڇپون. امڙ به ڪو اڏول پهاڙ هئي. ويٺي سور سٺائين پر ڪڇي اصل ڪانه ۽ نه ڪنهن کي پنهنجو مَنجهه ڏنائين. صبر شڪر سان سڄا سارا تيرهن سال اڌ رنگ ۾ گذاريائين پر نه هلڻ چلڻ کان مُڙي نه ڳوٺ ڏي زمينن تي وڃڻ بند ڪيائين. اهڙي بيماريءَ ۾ به لاڙڪاڻي جي ٽانڊن جهڙي گرميءَ ۾ ٽيهه ئي روزه رکندي هئي ۽ قرآن شريف جو ختم ڪڍندي هئي. نظر ڪانه پوندي هئس پر ميگنيفائينگ گلاس (عڪسي شيشو) گهرائي ان وسيلي قرآن شريف پڙهندي هئي. گهڻ گرج ۽ انتظامي صلاحيتون پڇاڙيءَ تائين قائم رهيس. ڪنهنجي ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين نڪي ڪنهن آڏو هٿيار ڦٽي ڪيائين. آڻ مڃڻ ته سندس خون ۾ ئي ڪونه هو. سڀ وسيلا وڃائي به ڌيئن، پٽن، نهرن پوٽن پوٽين تي حڪم هلائيندي رهي. ڪنهن کي مجال نه هئي جو کيس انڪار ڪري. زبان جي تيز، تند خو، پر دل شيشي جيان شفاف. گهڙيءَ ۾ ڏسو ته ڄڻ بندوق هڻي ڪڍندي ۽ گهڙيءَ ۾ ڏسو ته انهي ساڳئي ماڻهوءَ کي ڳراٽڙي پائي پئي سمجهاڻيون ڏيندي. ٻيو به اهڙو صاف دل ۽ نيڪ نيت ماڻهو مون ڏٺو ٽندي مير محمود جو مير رسول بخش خان ٽالپر، رڳو اهو فرق هو ته مير صاحب مرحوم جلالي طبيعت جو نه هو، خوش اخلاق، خوش مزاج، ڏمر کان ڏور، کلڻو، رلڻو ملڻو ۽ نرم مزاج، پر هڪوار فيصلو ڪندو ته جهڙو پٿر تي ليڪ. اهو يگانو مثال به مير صاحب قائم ڪيو جو گورنريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.
1973ع جو لڱن ۾ وڍ وجهندڙ سيارو. امڙ اڌرنگ هوندي به دستور موجب ڳوٺ زمين تي هلي وئي. سڀني جهليس به پر ڪونه مڙي. مُڙڻ واري ته هوءَ هئي ئي ڪانه. ڊسمبر جو مهينو، ڳوٺ جا کليل پڌر ۽ ڪکاوان گهر، ڪنهن هاري، ڪمدار جي گهر ٽڪي پوندي هئي. هئا ته سڀ سانگي مائٽ، هڪ ابي جو اولاد، ڇاڪاڻ ته اسان ڪنهن ڌارئي کي، ڀلي سانگي ڇو نه هجي، ڳوٺ ويهڻ ڪونه ڏنو. دودائيءَ جا سانگي به ايندا هئا پر اوطاق ۾ ٽڪي مهمانيون کائي هليا ويندا هئا. امان به پڦي صابڻ (صاحب خاتون) جا ابي جي سؤٽ هئي ان وٽ رهندي هئي جا چاهه سان سندس خدمت ڪندي هئي. مون ڏي ڪراچيءَ نياپن مٿان نياپا موڪليائين ته ”جمال کي چئو ته گرم لوئي وٺي موڪلي!“ مان ڪن لاٽار ڪري ويس ته امان کي کوڙ شالون کيس هڪڙي لوئيءَ جي ڪهڙي لوڙ. پر اوچتو خيال آيم ۽ منهنجي اک ڦڙڪي اٿي. ابي امان کي رڳو آسيس ٿي کپي، سو اها ڳالهه هوندي. گهر واريءَ کي چيم ته سائين هڪدم صدر مان هڪ سٺي سفيد شال وٺي اچو ته امان کي موڪليون. هن ڀاڳوان به دير ڪانه ڪئي ۽ هڪ سٺي ۽ وڏي گرم شال وٺي آئي جا نياپي آڻيندڙ کي ڏني سون. بعد ۾ ڳوٺ وارن ڳالهه ڪئي ته لوئي ويڙهي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هر ڪنهن کي پئي ٻڌايائين ته ”جمال وٺي موڪلي آهي ڪراچيءَ مان!“
هونئن به امڙ هميشھ هر سال گرميءَ جا ٻه مهينا کن مون وٽ اچي گذاريندي هئي. شڪارپور ۾ به، خيرپور ميرس ۾ به، ٽنڊي الهيار ۾ به، حيدرآباد ۾ به ته ڪراچيءَ ۾ به. منهنجي گهر ۾ سندس ڏاڍي خدمت ٿيندي هئي ۽ وڏي ڳالهه ته حڪم سندس هلندو هو. لاڙڪاڻي مان امان تار موڪليندي هئي ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي گاڏيءَ ۾ اچان پئي. مان ٽنڊي الهيار مان ٽئڪسي يا ڪار اڌاري وٺي ڪوٽڙي اسٽيشن تي اڳواٽ بيٺو هوندو هئس. معذورن واري ڪرسي هٿ ڪري چار قُلي اڳواٽ ٻولائي بيهاري ڇڏيندو هئس جي کيس گاڏيءَ ۾ ئي ڪرسي تي ويهاري ڪار تائين کڻي ايندا هئا. اڌ رنگ ۾ ورتل، پيرسن، ڀاري ڀرڪم بدن! ڇا نه اهتمام، خدمت ۽ خبرداري ڪرڻي ٿي پوي. حيدرآباد لطيف آباد ۾ مون بنگلو ٺهرايو ته هڪ بيڊ روم ۾ خاص ڪري هڪڙو ڪموڊ دڪيءَ تي مٿاهون ڪري ٺهرايم ته جيئن امان کي ويهڻ ۾ سهوليت ٿئي ۽ ڀرسان ڀت ۾ لوهه جي ٿلهي سيخ به لڳايم جيئن اٿڻ ويهڻ ۾ ٽيڪ ميسر هجيس. ڪراچي ايندي هئي ته اسٽيشن تان ساڳئي نموني بندوبست ڪري وٺي اچبو هئس. بس، بدقسمتيءَ سان 1972ع ۾ مان کيس رهائي نه سگهيس جو منهنجو گهر باٿ آئلينڊ ۾ مٿي ٽين منزل تي هو. سو ڪمال کي چيم ته امان کي حيدرآباد ۾ رهائي. نه ڪمال ۾ کوٽ هئي، نه ڪا کيس ڪا ڏکيائي هئي. بنگلو، ڪار، نوڪر چاڪر، پئسو، سڀ ڪجهه هئس پر امان اتان ڏکاري ٿي موٽي ۽ مون کي ميار ڏنائين ته تو مون کي نه ٽڪايو. چيم: ”امان مون وٽ ٽماڙ تي ڪيئن چڙهين ها ۽ ٻيو ته ڪمال جو گهر به ته پٽ جو گهر اٿئي!“ ته چيائين، ”نه، ادا نه!“ اسان پٽن کي ”ادا“ ڪري مخاطب ٿيندي هئي. سندس اندر جو ڏک مون محسوس ڪيو ۽ ڪجهه اندازا به لڳايم. پوءِ معلوم ٿيو ته ساڻس عزت ڀريو ورتاءُ نه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ڪمال ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه هئي ۽ وڏو درياهه دل ماڻهو هو، پر..... ڍڪي ڀلي، هر ڪنهن جو گهرو ماحول پنهنجو ٿئي ٿو.
مير رسول بخش خان ٽالپر، حيدرآباد جو پرنس علي خان ليکيو ويندو هو. بس ايترو چوڻ ڪافي آهي. پرنس علي خان اهو جنهن ائڪٽريس ريٽا هيورٿ سان شادي ڪئي ۽ فرانس توڙي يورپ جي هر محفل جو مور هوندو هو. سو هڪ ڏينهن مير علي احمد خان ٽالپر کان سوال ڪيوسين ته سرڪار، توهان عالم فاضل، سياستدان، ليڊر، تقرير جي فن جا ماهر، توهان پس پرده (بئڪ گرائونڊ ۾) هليا ويا ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر اڳ ڪڍي ويو.“ مير صاحب مخصوص انداز ۾ مشڪندي، ڪجهه هٻڪندي فرمايو، ”سرڪار، گهر جي سک اسان کي اهڙو بيڪار ڪري ڇڏيو جو گهر مان نڪرون ئي ڪونه. مير رسول بخش خان کي گهرو حالتن، ليڊر بڻائي ڇڏيو، صبح سوير جو گهران نڪري ته لڙي آڌي رات موٽي اچي سو عوام سان ڪچهريون ڪندي سندن ڏک سور ٻڌندي ليڊر ٿي ويو.“ مان به هٻڪندي چوان ٿو ته مون کي (جمال ابڙي کي) به گهر جا اهڙا ئي سک مليا.
منهنجو مرحوم دوست غلام النبي سومرو سهڻا جملا ڳالهائڻ جو ماهر هو. هڪ ڏينهن مون کي خبردار ڪندي چيائين ته، جمال هن گهر ۾ تنهنجي پوڄا ٿي ٿئي، سڀاڳا، ڪٿي ڦيڏ (distrot) نه اچي وڃنئي. هو گهڻو ڪري انگريزي ۾ ڳالهائيندو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته انگريزيءَ جا جملا وڌيڪ جاندار (پاور فل) ٿين ٿا. مير علي احمد خان به غلام النبيءَ جي ڪچهريءَ جو مشتاق هوندو هو، سو ڪار موڪلي کيس گهرائي وٺندو هو. غلام النبي محنتي ماڻهو سو ائين وقت وڃائڻ تي کِٿ ڏاڍو ٿيندو هو، پر حيدرآباد جي ماڻهوءَ کي ڪو مير صاحب سڏائي ۽ هو نه وڃي، ائين ٿيڻو ئي ڪونهي. عبدالله ميمڻ صاحب جڏهن حيدرآباد جو ڪمشنر ٿي ويو ته مون کي دانهن ڏنائين ته ماڻهو ڪمشنر سان ملڻ لاءِ آتا هوندا آهن پر غلام النبي سومري ڏي ماڻهو موڪلي بيٺو آهيان پر اچي ئي نٿو. مون چيو ڪم ڪهڙو اٿئي ته سندس اکر مون کي ياد آهن، چيائين ته، غلام النبيءَ جو هڪ جملو وهسڪيءَ جي پيگ کان گهٽ نه آهي. مان غلام النبيءَ کي وٺي وٽس آيس ته ميار ڏنائينس ته سومرا صاحب، اسان کان ڀلا ايترو پري ڇو ٿا ڀڄو. غلام النبيءَ اطمينان سان جواب ڏنس ته: ”غير مساوي ڳانڍاپا، هميشھ هيڻي لاءِ هاڃيڪار هوندا آهن.“ (Unequal combinations are always detrimental to the weak) اهو جملو انگريزيءَ ۾ ادا ڪرڻ سان لطف دوبالا ٿي وڃي ٿو. عبدالله صاحب به ٽهڪ ڏئي چيس ته سومرا صاحب، تنهنجا اهڙا سوٽا (حيدرآبادي چون سؤنٽا) سهڻ جا مشتاق آهيون. هڪ ڪمشنر ۽ ائين هڪ عام شهريءَ کي ڦٽڪار لاءِ دعوت ۽ داد ڏئي. اهو عبد الله صاحب جو ئي شانُ آهي.

3

شڪارپور ۾ هڪ رات غلام رباني آگرو صاحب ۽ مرحوم رشيد ڀٽي مهمان ٿي آيا. غلام النبي سومرو اڳواٽ ئي مون وٽ ٽڪيل هو، سو اڌ رات جو مونکي ننڊ مان اٿاري آسڪر وائيلڊ جو ڪتاب (مڪمل تصنيفات) کولي مونکي سندس لازوال چوڻيون پڙهائيندو ۽ ٻڌائيندو رهيو. رباني ۽ رشيد جي اک کلي وئي، سي اسان تي کلڻ لڳا ۽ سمهي پوڻ جي صلاح ڏنائون جا اسان چئيوان ٻار جيان قبول ڪئي. رباني صاحب اڃا اها ڳالهه مزي خاطر ڪندو آهي. پر مان ٿورائتو آهيان غلام النبي مرحوم جو. آسڪر وائيلڊ جون اُهي چوڻيون مونکي اڄ تائين ياد آهن ۽ جڏهن به اهي، ڪهڙي به مجلس ۾ ورجائيندو آهيان ته واهه واهه پئجي ويندي آهي. ائين چرچل جون چوڻيون، ڊيگال، مائوزي تنگ ۽ ٻين غير معمولي عظيم هستين جون چوڻيون مون غلام النبيءَ وٽان ٻڌي ذهن نشين ڪري ڇڏيون. هو زندگيءَ جي روزانه واقعن تي به نهايت اثر انگيز تمام مختصر ۽ لازوال جملا ڳالهائي ويندو هو جن جو ذڪر موقعو مليو ته بعد ۾ ڪبو.
امڙ، اهو 1972ع جو نڀاڳو سال مونکان جدا رهي ۽ 1973ع ۾ انهيءَ جو ازالو ڪرڻ خاطر مونکان لوئيءَ جي فرمائش ڪري منهنجي دلجوئي ڪيائين ۽ ڄڻ ته گناهه ثواب معاف به ڪيائين. ادي ننڍي ان سال پنهنجي شوهر نامدار رئيس زين العابدين اسراڻ سان گڏ حج تي رواني ٿي. ان گهڻو جهليس ته هن سال ٻنين تي نه وڃ، جو سيءَ ڏاڍا آهن. هُن وري جهليس ته هيل حج تي نه وڃ، آئيندي وڃجانءِ. ٻئي ڪونه مُڙيون. امان ڳاهه ڪرايا، ان وائرايا ۽ بٽئيءَ جي تيارين ۾ هئي ته اوچتو 26- ڊسمبر خميس جي ڏينهن ڳوٺ وارن کي چيائين ته ”مونکي حاڪم (مامو حاڪم) جي ڳوٺ وٺي هلو. بس مان لاڙڪاڻي وينديس!“ ڳوٺ وارن، هارين، ڪمدارن، مائٽياڻين جهليس ته اڳو پوءِ بٽئي ڪرائي پئسا کنيون وڃ ته چيائين، ”نڪو اڄ وڃان ٿي.“
مامي جي ڳوٺ ڇڏي آيس. مامي کي چيائين ”هڪدم ميهڙ مان ٽئڪسي گهراءِ، مان لاڙڪاڻي ويندس!“ مامي به گهڻو ئي جهليس ته ”آئي آهين ته ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پوءِ وڃ!“ پر هڪ نه ٻڌائين. نيٺ منجهند ڌاري ٽئڪسي آئي ته ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿي اول ميهڙ ۾ چاچي غلام عليءَ جي گهر وئي ۽ انهن وٽ ڳالهيون ٻولهيون ڪري موڪلائي، رواني ٿي ۽ لڙي ٽپهريءَ لاڙڪاڻي گهر پهتي. چون ٿا ته گهر آئي ته هڪ پير گسڪائي ٿي هلي. گهر ۾ سندس وڏي ننهن، ادا شمس جي گهر واري ۽ وڏو پوٽو شرف الدين، ادا شمس جو پٽ، سندس گهڻو خيال رکندا هئا. سندس کٽ، گهر جي وچئين هال ۾ پوندي هئي. اتي کيس آرام سان ويهاري سگري ٻاري سندس اڳيان رکيائون. ڪجهه دير کان پوءِ ماني آندائونس ته چيائين ته، رڳو کير ڏيو. اسان سڀني وانگر کير جي شوقين هئي. سندس وٽو مخصوص هوندو هو. اهو کير وٽو ڀري ڏنائونس، پي پورو ڪيائين ته وٽو هٿ مان ڪري پيس ۽ کٽ تي ڪرڻ جيان پئجي رهي. هڪدم ڊوڙندا ڊاڪٽر وٺي آيا، جنهن چڪاسي چيو ته، شيءِ وڃي رب کي پهتي. شرف مون کي ڪراچي نوين بجي ڌاري رات جو فون ڪئي ته مونکي اعتبار ئي نه اچي. چيم ”بابا فلاڻا فلاڻا ڊاڪٽر گهرائي وٺو!“ چيائين ”چاچا ڳالهه پوري ٿي وئي!“ ان رات تاج محمد ابڙو مون وٽ مهمان طور ٽڪيل هو سو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. ان سان به پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. ڪمال کي حيدرآباد فون ڪري ٻڌايم ته اعتبار ئي نه پيو اچيس. نيٺ چيائين ته توهان مون وٽ پهچو ته صبح سويل گڏجي نڪرئون. وري پڇيائين ڪيڏي مهل ٿا پهچو ته چيم ته ”ٻارهين يا هڪ بجي پهچي ويندا سين.“ پڇيائين ”گاڏي ڪير هلائيندو؟“ چيم ”بدر“. سختيءَ سان جهليائين ته ”بدر ٻار آهي، رات جو هاءِ وي تي گاڏي ڪيئن هلائيندو.“ پر بدر ڏاڍو پُر اعتماد هو. چيم: ”ادا پهچي ويندا سون. الله خير ڪندو“
” الله خير ڪندو!“ چئي فون بند ڪيائين. گاڏيءَ مون وٽ سرڪاري اسيمبليءَ جي هئي، سو اسپيڪر صاحب خانصاحب غلام رسول ڪيهر کي اطلاع ڏئي روانا ٿيا سون. بدر ۽ مان اڳيان ويٺاسون. پٺيان منهنجي گهر واري، ماسي حاڪم زادي، منهنجيون ٽي ڇوڪريون ۽ ساجد ننڍڙا ننڍڙا هئا. باقي اطهر، اظهر ۽ تاج محمد پٺيان رهيا. تاج محمد چيو ته ”اسان لاءِ ترسجو، اسان صبوح سوير واري ريل ۾ چڙهنداسين ۽ اڍائي ٽين بجي پهچنداسون.“ ڪراچيءَ جو شهر، صبح سوير اسٽيشن تي پهچن ڪيئن؟ سو عبدالنبي عباسي جو ان وقت غالباَ ڊپٽي سيڪريٽري هو، فون ڪري عرض ڪيم ته صبح جو پنجين بجي کين ڊرائيور هٿان گاڏي موڪلي ڏئي. ڏاڍو اطمينان سان هائو ڪيائين. مون به حجت ڪئي مانس جو سندس ڀائو تنوير عباسي ۽ الطاف منهجا دوست هئا. الطاف مرحوم ته ماڻڪ موتي هو. تاج محمد وارا ٽين بجي پهتا ته جنازو روڪائي چيائين ته ”مان منهن ڏسندس!“ حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه لڳي. هو ڪڇي ڍاڍر جو ڪاڪيپوٽو، اسين سانگي، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئا، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو.
اسين اڌ رات جو ڪمال وٽ پهتاسون ۽ منهن اونداهيءَ جو نڪتاسون. ڪمال پنهنجو ڊرائيور لالو پٺاڻ اسان کي ڏنو. تڏهن مورو دادو پل ڪانه هئي سو سيوهڻ کان آياسون. خير پور ناٿن شاهه وٽ مامو حاڪم سڄي آڪهه سان بيٺو هو. اسان کي جهلي چيائين ته مون هڪڙي کي ميهڙ تائين کڻي هلو ته اتان ٽئڪسي ڪري ٻارن ٻچن کي وٺي لاڙڪاڻي پهچان. پاڻ ئي اندر جهاتي پائي چيائين مار، گاڏي ۾ ته جاءِ ئي ڪانهي بسون به ٽمٽار ٿيون اچن. نيٺ مڊگارڊ تي ويهي ميهڙ پهتو. اسان ڪچڙي منجهند جو لاڙڪاڻي پهتاسون. امڙ ڄڻ ته چڱي ڀلي جيئري ستي پيئي هئي. سهڻي، رنگ جي گوري ۽ نقش تراشيل ڄڻ ته ڪو يوناني مجسمو هجي. صفا نانا مرحوم جهڙي هئي. مون ته پٽ تي ويهي سندس پير جهلي رُنو ۽ چيو آکيو بخشايو.
تاج محمد کان پڇيم ته ”ڪراچي اسٽيشن تي ڪيئن پهتا؟“ چيائين ”عبدالنبي عباسي صاحب پاڻ سياري جي رات ۾ اچي اٿاريو ۽ گاڏي ڊرائيو ڪري اسٽيشن تي پهچايو.“ واهه عباسي صاحب واهه، اهي ٿورا ڪي وسرڻ جا آهن. اها آهي ماڻهوءَ جي اندر جي سونهن ۽ چڱائي نه ته آفيسر لوڪ ته وڏائي ۾ پيا ڇڄن. اهڙا ڳئيءَ ڳورا جو اٿي هٿ ملائڻ نه پڄين. مون رڳو هڪڙو جسٽس فيروز غلام علي نانا ڏٺو جو اسين ماتحت به وٽس ويندا هئاسون ته اڀو ٿي بيهي رهندو هو. موڪلائڻ مهل ته در کان ٻاهر نڪري اچي ڇڏيندو هو، ڀل پيا پٽيوالا، ڪلارڪ ۽ وڪيل ڏسن. وڏو شانائتو مانائتو ۽ هر ڪنهن ڪامپليڪس (مونجهاري دٻيل ذهني احساس) کان آزاد هو. هڪ دفعي غلام النبيءَ سومري وٽ سول لائينس حيدرآباد واري بنگلي تي پراڻي تعلقات جي بنياد تي ملڻ آيو. مان ۽ سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر اڳيئي ويٺا هئاسُون. مير صاحب اٿي موڪلايو ته جسٽس نانا ٻاهر اچي ڪار جو دروازو کوليو ۽ جيسين گاڏي رواني ٿي تيسين بيٺو رهيو ۽ پوءِ وري اچي اندر ويٺاسون. گهڻن، پوءِ ڍاون آفيسرن کي نانا صاحب جي اهڙي روش تي حيرت لڳندي، پر تواضع طبيعت جو حصو ٿي وڃي ٿو ۽ ٻيو ته نانا صاحب کي پنهنجي تاريخ سان انس هو ۽ مير صاحب اسان جي تاريخ جو حصو آهن.
مان جڏهن خيرپور ميرس ۾ سب جج هئس ته هر هائينس اقبال بيگم حال حيات هئي. خيرپور جا ماڻهو ئي کيس اڇاتري نموني بالي بيگم بالي بيگم ڪري سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن ڪورٽ ۾ ڪيس پي هلايم ته هڪ ماڻهو هر هر در مان منهن اندر ڪري هٽي ٿي ويو. مان ڪورٽ جو شانُ ۽ دٻدٻو اهڙو رکندو هئس جو پوليس آفيسر خار ۽ ٽوڪ وچان منهنجي ڪورٽ کي سڏيندا هئا هاءِ ڪورٽ. سو ان ماڻهوءَ جي اهڙي حرڪت تي سڀ ڪنهن کي حيرت لڳي پر مون کيس سڏائي ورتو. خدا نٿو ڀلائي ته پنهنجي تعارف ”گورايا“ ڪرايائين چيائين ته ”سائين بيگم صاحبه جو سيڪريٽري آهيان. نياپو ڏنو اٿائين ته ڪو زمانو هو جو اسان ڦاسيءَ جي تختي تان ماڻهو لهرائي ڇڏيا، اڄ اسان جو ڊرائيور ائڪسيڊنٽ جي ڪيس ۾ ڦاٿو آهي ته ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي.“
مون چيومانس ته ”بيگم صاحبه کي چئه ته اڄ به ائين ئي ٿيندو حڪم ڪر، ڪيس ڪڏهن آهي ۽ جوابدار جو نالو ڇاهي؟“ چيائين ”اڄ حاضري آهي جوابدار جو نالو فلاڻو آهي.“ مون وچ ڪيس هلندي ان جوابدار کي سڏايو ۽ پوليس وارن کي چيم ته ”هٿڪڙيون کوليوس!“ مسٽر علي عباس ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر هو، ان اعتراض ڪيو ته ”ڪيس اڃا هليو ئي ناهي.“ مون اعتراض رد ڪندي چيو، ”مون به کيس ڇڏيو ناهي ۽ هٿڪڙيون ڪورٽ جي ڪهڙي قانون موجب لازمي آهن؟“ ماٺ ٿي ويو. پهريون ڪيس پورو ڪري مون ان ڊرائيور جو ڪيس کنيو. شاهدن جا بيان لکيم. حادثاتي ڪيس ۾ ڪهڙي جان ٿي ٿئي. اتي ئي جوابدار کي ڊسچارج ڪيم ۽ هو آزاد ٿي هليو ويو.
شام جو گورايا منهنجي بنگلي تي آيو ته بيگم صاحبه شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ چانهه جي دعوت ڏني آهي. مون چيو، ”مان بيگم صاحبه جو ٿورائتو آهيان، جج ڪنهن جي دعوت تي ڪونه ويندو آهي باقي بيگم صاحبه کي مون پاران عرض ڪجو ته ائڪسيڊنٽ جو ڌڪي اسپتال ۾ توهان جي سخا جو منتظر آهي.“ بيگم صاحبه کي جيتوڻيڪ پئسي جي ٻاڙائي هئي ته به شاهاڻو مظاهرو ڪندي ڌڪيءَ کي پنج سؤ رپيا ڏياري موڪليائين. تنهن وقت ۾ هو غريب پنج سؤ رپيا وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دعائون ڏنائين.
مسٽر علي عباس، منهنجي سيشن جج پير غلام حيدر صاحب کي دانهن ڏني. پير صاحب ڏاڍو باخبر رهندو هو، تنهن کي اڳي ئي سڄي معاملي جي خبر پئجي وئي هئي. علي عباس کي جواب ڏنائين ته ”ڌڪيءَ کي سڄا سارا پنج سؤ رپيا ڏياريا اٿائين. انهيءَ کان وڌيڪ ابڙو صاحب ڪهڙو انصاف ڪري ها.“ پير صاحب وڏو دلبر ماڻهو هو. ان جو ذڪر ڇڙندو ته دفتر ٿي ويندا.
ٻيو اتي وڪيل هوندو هو ميرعلي مردان خان ٽالپر. شان مان وارو قدآور، صاف گو پر ڪجهه مڙيئي ڳالهائڻ جو کهرو ۽ ڪؤڙو. خيرپور جيمخانه جو ميمبر هو ۽ روزانو ٽينس کيڏندو هو. هڪ ڏينهن ٽينس ڊبلس ۾ مان ۽ مير صاحب هڪ طرف هئاسون. مان ٽينس جو اهڙو سٺو کيڏاري ڪونه هئس. مون کان هڪ شاٽ غلط لڳي ويو ته مير صاحب هڪدم ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چئي ڏنو ته ”کيڏڻ نه اچي ته اجايو ٻين جي راند ڇو خراب ڪجي!“ اهو ئي مير علي مردان صاحب ويهن ايڪيهن سالن کان پوءِ مون وٽ هاءِ ڪورٽ ۾. جڏهن مان رجسٽرار هئس ته ڪنهن ڪم سانگي آيو. مون اٿي سندس آجيان ڪئي ۽ ويهاري حال احوال ورتو ۽ وس آهر ڪوشش ڪري ڪم ڪرائي ڏنو. خيرپور ۾ مير عطا حسين خان جڏهن وزير ٿيو ته اسيمبلي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون ساڻس تمام چڱو تعاون ڪيو. مير صاحب تمام معصوم، ڀلو ماڻهو ۽ اڻ ڄاڻ به هو. ڄام صادق علي ته کيس ٽوڪ يا مذاق وچان چوندو هو ”مير ياحسين.“ مير صاحب جي شرافت ۽ وضعداريءَ ۾ ڪو جهول ڪونه هو.
ڳالهه پي هلي مسٽر عبدالنبي عباسيءَ جي چڱائيءَ جي ۽ وڃي نڪتاسون خيرپور ميرس جي مير صاحبن تي. هونئن مسٽر عبدالنبي عباسي خيرپور ميرس جو، سوڀي ديري جو آهي. خيرپور جا ماڻهو ڏاڍا قربائتا، نرم مزاج، مهمان نواز ۽ فنون لطيفه، خاص ڪري موسيقيءَ جا شائق ٿين ٿا. درٻاري ڪلچر جو نيٺ ته ڪجهه اثر ٿيندو. مسٽر عبدالنبي عباسي سيڪريٽري ٿيو، پي آءِ ڊي سي جو چيئرمين ٿيو ۽ اڄ به باعزت نموني سان ڊفينس جي علائقي ۾ بنگلو ٺهرائي رهي ٿو. الله خوش آباد رکيس. انهن ڀائرن ۾ به مثالي پيار آهي. منهنجي سندن والد صاحب رٽائرڊ ڪليڪٽر مسٽر گل حسن عباسي سان به دعا سلام هئي. اهو به وڏو شانائتو ماڻهو هو. مان خيرپور ميرس ويندو آهيان ته ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر مسز قمر تنوير وارن ڏي ضرور لڙندو آهيان ۽ هو ڏاڍي پاٻوهه سان آڌرڀاءُ ڪندا آهن ۽ مانيءَ لاءِ زور ڀريندا آهن. سندن ننڍو ڀاءُ ارشاد النبي عرف پارس منهجي وڏي پٽ بدر جو گهاٽو دوست آهي. مان جڏهن اسلام آباد ۾ فيڊرل سروس ٽربيونل جو جج هئس ته ارشاد جي بار بار صلاح ڪرڻ تي ايم اين اي هاسٽل جو ڪمرو ڇڏي سندس فليٽ ۾ ڪيترا مهينا مان ۽ منهنجي گهر واري سندس گهر ڀاتي ٿي رهياسون. منهنجي گهر واريءَ کي سڏيندو ئي امان ڪري هو ۽ هوءَ به سندس انگل آرا پٽن جيان کڻندي هئي. تمام قربائتو ۽ خانداني ٻار آهي. ٻار ته نه سي ايس پي آفيسر آهي. هاڻ به مان جڏهن 23- مارچ 1994ع تي اسلام آباد ۾ ادب جو صدارتي اعزاز حسن ڪارڪردگي وٺڻ ويس ته سيڙجي سندس رهائش بلو ايريا ۾ ملڻ ويس ته پاڻ وٽ ٽڪڻ لاءِ زور ڀريائين. سندس قرب؛ پر مان نواب يوسف ٽالپر جو مهمان هئس جنهن هڪ خلاصي ڪار ڊرائيور، پئٽرول سميت چوويهه ڪلاڪ منهنجي حاضريءَ ۾ ڏئي ڇڏي هئي سو ارشاد کان معافي ورتم. هونئن به وٽس سندس سهرو ٽڪيل هو جنهن ملٽري اسپتال پنڊيءَ مان دل جي آپريشن ڪرائي هئي.
نواب صاحب مون کي هڪ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ رهايو هو جتي ٽيليفون سميت هر سهوليت مهيا هئي. اتي مون سان غلام رباني آگرو ۽ امر جليل صاحب به ملڻ آيا. ٽي ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مان ۽ منهنجو پٽ اطهر، ريسٽ هائوس جي مئنيجر وٽ وياسون ۽ کانئس ٽن ڏينهن جي مسواڙ ۽ مانيءَ جو بل گهريو سين ته جواب ڏنائين ته نواب يوسف ٽالپر ائڊوانس ۾ (اڳواٽ ئي) بل ڀري ڇڏيو آهي. پوءِ به نواب صاحب جي گاڏي اسان کي ايئر پورٽ (هوائي اڏي) تي ڇڏڻ آئي. مون کيس شڪريي جو خط به ڪونه لکيو.
امان کي جمعي ڏينهن، درگاهه قائم شاهه بخاري، بابا ۽ ادا مرحوم جي ڀر ۾ دفنايو ويو. ادي ننڍي جيڪا حج تي ويل هئي، تنهن جا فون تي فون پيا اچن ته امان ڪيئن آهي. اسين رڳو ايترو چئونس ته دعا ڪرينس، پر کيس پرون پئجي ويا هئا. جڏهن حج تان موٽي ته ايئر پورٽ تي مون کين وٺي وڃي وي آءِ پي ۾ ويهاريو. اتي پهريون سوال امان بابت ڪيائين. مون کيس ٻڌايو ته روئي ويٺي.
اهو جمعي جو ڀلارو ڏينهن اسان کي اهڙو لڳو آهي جو بابا جمعي ڏينهن، ادا شمس جمعي ڏينهن، ڀائٽيو نجم جمعي ڏينهن ۽ منهنجي ننڍڙي شهلا راڻي جمعي ڏينهن گذاريو. هڪ عجب واقعو ٻڌايانوَ. اسان جي وڏي ڀاڀي، شمس جي گهر واري ذري گهٽ ذهني مريض ٿي پئي. کيس ماليخوليا اها ته ”گهوڙا جمعي ڏينهن الائي ڇا ٿيندو؟ کيس گهڻو ئي سمجهايون پر هن کي بي آرامي. لوڇ پوڇ ۽ روئڻ، دانهن اها ته الاڙي، جمعي ڏينهن الائي ڇا ٿيڻو آهي.“ جمع خير سان گذري وڃي ته کيس سمجهايون ته ”ڏس جمعو گذري ويو، سڀ خير آهي.“ پر سندس آنڌ مانڌ لهي ئي نه. نيٺ کيس سندس پيڪن ۾، صدر حيدرآباد ڏياري موڪليوسين. جتي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ماهر نفسيات سندس مهربان ۽ پاڙيسري هو. ڊاڪٽر صاحب کان علاج ڪرايو ويو پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو. نيٺ ٻارهن مهينن کان پوءِ اوچتو جمعي ڏينهن سندس خاوند، ادا شمس گذاري ويو. ان ڏينهن کان پوءِ خود بخود ٺيڪ ٿي وئي. اها ڳالهه مون شيخ اياز صاحب سان ڪئي هئي جو ٻڌي، الائي ڪهڙي ويچارن ۾ غرق ٿي ويو. نيٺ چيائين، ”حيرت آهي!“ واقعي حيرت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو چارو!
اهڙا حيرت جهڙا واقعا ڪيترائي ٻڌائجن. ماڻهو چريو چريو چوندا. 1976ع ۾ اوچتو بنا سنبت جي گهر واريءَ کي وٺي حج تي هليو ويس. حج ڪري ڪعبت الله ۾ بيٺي خيال آيم ته مون ته هڪ حج اڳ ۾ به ڪيو آهي، ڇو نه هن حج جو ثواب امڙ کي بخشيان جا گذاري وئي آهي. اهڙي نيت اڳواٽ ڪبي آهي پر مون عرض ڪيو ته ”الله سائين تو وٽ ڪهڙي دير آهي، هي عرض اگهاءِ!“ موٽي ڪراچي آياسون ۽ لاڙڪاڻي وياسون ته ڀاڀي وڏي، جا طبيعتاَ فقيرياڻي آهي چيو ته ”ادا چاچيءَ کي (امڙ کي) خواب ۾ ڏٺم ته احرام ٻڌي وڃڻ لاءِ تيار پئي ٿئي. پڇيومانس ته ڪاڏي ٿي وڃين. چيائين ته حج تي ٿي وڃان. چيومانس چري ٿي آهين ڇا، تون پوڙهي، بيمار، اڌرنگ جي مريض، تون وري حج ڪري سگهندينءِ ڇا. ته جواب ڏنائين ، ’جمال سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي سو مان ته وڃان ٿي.‘ ۽ هلي وئي.“ هاڻي، اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته مون دل ئي دل ۾ ڪعبت الله ۾ بيٺي ڪهڙو عرض ڪيو هو.
اها خوابن جي دنيا به عجيب آهي، ڪو مڃي نه مڃي. مارچ 1991ع ۾ منهنجي گهر واري گذاري وئي. مان گم سم رهڻ لڳس بلڪه ڪجهه اهڙيون بيوس حرڪتون ڪرڻ لڳس جو منهنجو پٽ اظهر جو پڻ سٺو ڊاڪٽر آهي، سو مونکي ڪراچيءَ جي مشهور ماهر نفسيات ڊاڪٽر سيد اختر ڏي وٺي هليو. منهنجي ننڍي نياڻي شبانه جنهن جي اڃا شادي نه ٿي هئي، تنهن خواب ۾ هڪ شهر ڏٺو جنهن ۾ گهٽيون سوڙهيون، گهر ڪچا ٽيڪي جا ۽ ڪاٺ جي بالڪنين سان هئا ۽ ڪنهن کيس سرگوشيءَ ۾ چيو ته اهو مدينھ منوره آهي. مونکي ڊاڪٽري علاج مان فائدو نه ٿيو سو خيال آيم ته عمري تي وڃان. شبانه به تيار ٿي بيٺي، ٻيا گهر ڀاتي به هليا. عمرو ڪري مدينھ منوره ويا سون ته اتي ته وڏيون وڏيون بلڊنگون ۽ پڪا ڪشادا روڊ لڳا پيا هئا. شبانه چوي ته ”بابا هي ته مدينھ منوره آهي ئي ڪونه جيڪو مون خواب ۾ ڏٺو آهي.“ سڄو مدينھ شريف ڊاهي حرم شريف ۾ آڻي ڇڏيو هئائون.
مون پاڻ جيڪو مدينھ منوره ۽ جايون بازاريون 1971ع ۾ ڏٺيون تن جو به نالو نشان نه هو، نه اهي ماڻهو هئا. ٻيو ته ٺهيو جبل احد تي به ماڙيون بنگلا ۽ پڪا روڊ ٺهي ويا هئا. دل کي ڏاڍو رنج پهتو. احد جو سڄو نقشو ڄڻ ته زائل ٿي ويو هو. اهو لنگهه جتي حضور اڪرم صه جن تيرانداز بيهاريا هئا. اها جاءِ جتي پاڻ سڳورا زخمي ٿيا هئا ۽ اهو هنڌ جتي سيدالشهداءَ حضرت امير حمزه رضي الله تعاليٰ عنھ شهيد ٿيا هئا، سڀ هنڌ ڀتين جي اوٽ ۾ اچي ويا آهن. نه حضرت ايوب انصاري رضي الله تعاليٰ عنھ ۽ نه خلفاءِ راشدين جي گهرن جو ۽ ماڳن جو ڪو نشان پتو آهي. مڪھ مڪرمھ ۾ پاڻ سڳورن جي جاءِ ولادت کي هڪ لئبريري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اٿن. مڪھ مڪرمھ ۾ هڪ علم دوست صاحب عبد الله ابڙو سان ملاقات ٿي جنهن مانيءَ جي دعوت به ڪئي. هو اخبار النبا ۾ ڪم ڪري ٿو. هو مڪھ مڪرمھ جي پراڻي جاگرافيءَ تي شوقيه ڪم ڪري رهيو هو. مونکي چيائين ته ”شعب حضرت ابو طالب ڏسندين؟“ مون اشتياق سان هائو ڪئي. ڪعبت الله کان اڌ ميل کن پري هڪ هند وڃي بيهاريائين جتي رڳو بنگلا، روڊ ۽ بلڊنگون هئا. حڪومت ڄاڻي ۽ سندن ڪم. اسان جو واسطو ناهي. پر پنهنجي تاريخ ۽ تاريخي مقامن کان هيڏي بيپرواهي ڏاڍو ڏکوئي ٿي.
لنڊن وڃان ته ڪنهن جاءِ لکيو پيو آهي ته هت ڪجهه عرصو ڊاڪٽر سيموئل جانسن قيام ڪيو هو. ٻئي هنڌ لکيو پيو آهي ته هي اهو هنڌ آهي جتي ڪنهن وقت شيڪسپيئر جو ناٽڪ گهر هوندو هو. زنده قومون پنهنجي تاريخي ورثي ۽ شخصيتن سان ايڏي محبت ڪن ٿيون ۽ سندن ياد کي محفوظ ڪن ٿيون. سر ونسٽن چرچل ننڍڙا ۽ سهڻا جملا لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو ماهر هوندو هو. پنهنجي مشهور ڪتاب ”انگريزي ڳالهائيندڙ قومن جي تاريخ“ ۾ شيڪسپيئر لاءِ هن هڪ لازوال جملو لکيو آهي ته، ”آخري انگريز جنهن کي وساريو وڃي.“ ڏسو کيس سڀني بادشاهن، سالارن، فاتحن جنگي جوڌن وغيره کان مٿاهون مقام ڏئي ڇڏيائين، سو به هڪ ننڍڙي سادڙي جملي ۾. مشهور ظالم بادشاهه هينري اٺين لاءِ لکي ٿو ته: ”هن جا گناهه انگلينڊ جي سڀني بادشاهن جي جملي ثوابن ۽ ڪارنامن کان مٿاهان هئا، جو انهيءَ ڪارڻ اسان کي مئگنا ڪارٽا مليو.“ مئگنا ڪارٽا، انساني حق ۽ آزاديءَ جو اهم قانون آهي جو اڄ دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ملڪن ۾ لاڳو آهي.
انگريزن به اسان محڪوم قومن جي تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪئي. 1940ع ۾ جو ميرپور خاص وڃان ته هڪ سرڪاري آفيس تي سنگمرمر جي تختيءَ تي لکيو پيو آهي ته ”هيءَ مير شير محمد خان ٽالپر جي جڳهه آهي.“ اڄ اها تختي آهي الائي ڪانه يا مورڳو جاءِ ئي ميسارجي وئي. ٻيو ته ٺهيو ڪوبه سياسي ليڊر يا قلمڪار لڙي شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ ڪونه ويو آهي. اهو شير جو آخر تائين انگريزن سان وڙهندو جهيڙيندو آيو. شهيد هوش محمد شيديءَ جون ڳالهيون ته ڪيون ٿا پر ڪوبه دوآبي سندس مزار تي حاضري ڏيڻ ڪو نه ٿو وڃي بلڪه خبر به ڪانه اٿن ته سندس مزار دوآبي ۾ آهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪالونيون ٺهي ويون ۽ ميرن جي قبن تي مجاورن جا قبضا ٿي ويا جن پلاٽ وڪڻي کائي کپائي ڇڏيا. ڪن ٿورن کي خبر هوندي ته احسان علي شاهه وارا (جو تعليم کاتي جو چڱو وڏو آفيسر ٿي ويو) مير صاحبن جي قبن جا مجاور هئا. قلعي جي بيحرمتي پهريائين هندو سيٺين ۽ ديوانن ڪئي جو قلعي ڀت ڊهرائي نئون لنگهه ۽ روڊ ٺاهي پلاٽ ديوانن کي ڏنائون، جي بنگلا ماڙيون ۽ دُڪان ٺاهي ويٺا. هنن به سنڌ جي تاريخ کي، مسلمانن جي تاريخ سمجهي، اهڙي بيدرديءَ سان باهيون ڪڍيون ۽ گدومل ۽ نائون مل جي روايت ورجائي. پوءِ ڌارين تي ڪهڙي ميار. جن جي دلين ۾ درد ته ٺهيو، نفرتن جا انبار آهن.
مدينھ منوره جي عجيب واقعي ۽ نياڻي شبانه جي خواب جي ڳالهه پي ڪيم. 1971ع ۾ مان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪمال، ڪاماري شريف واري پير عبد الله شاهه قريشيءَ جا مهمان هئاسون. حرم شريف کان ٿورو پرڀرو، گهٽيءَ ۾ سندس جاءِ هئي. اسان جي عرض ڪرڻ تي اسان کي الڳ جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏنائين. پير صاحب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! وڏو وضعدار، شاندار، مهمان نواز ۽ رهائي پکائي وارو ماڻهو هو. اسان جي ساڻس ملاقات منيٰ جي ميدان ۾ ٿي جتي ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ پير ڪمال شاهه ڪاماري واري اڳيئي کيس اسان لاءِ لکيو هو، سو چڱو جو هتي ئي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. پوءِ ته نقشو ڪڍي پنهنجي گهر جو نشان پتو ۽ دڳ ٻڌايائين ۽ زور ڀريائين ته ٽئڪسي واري کي سڌو منهنجي جاءِ وٽ وٺي اچجو. پاڻ سعودي شهريت حاصل ڪري چڪو هو ۽ سعودي اميرن ۽ آفيسرن سان اٿڻي ويهڻي هئس.
شهريت، جا ڏاڍو ڏکيو ٿي ملي، ان جو به عجيب قصو ٻڌوسون ته شاهه فيصل جي درٻار ۾ پير صاحب اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”ڪهڙي حساب سان مونکي شهريت نٿا ڏيو؟ مان ته قريشي آهيان، هتان جو شهري هئس، هڪ عرب جي حيثيت ۾ عجم ويس. هاڻي پنهنجي اباڻي وطن موٽي آيو آهيان، سو مونکي ڪيئن نٿا قبول ڪيو؟“ شاهه فيصل وراڻيس ته، ”تنهنجي اصلي شهريت موٽائي ٿا ڏيون !“ ۽ لکيت ۾ آرڊر به ائين مليس ته کيس سندس اصلي شهريت موٽائي ٿي وڃي. پير صاحب جي مهمان نوازي اهڙي جو تهجد جي ٽائيم تي به چانهه کڄيو اچي. ناشتي ۾ سيون، بيضا وغيره. منجهند ۽ رات جو برياني پلاءُ ۽ مرغيون، شام جي چانهه الڳ. اسان گهڻو ئي جهليس ته اسان وٽ گيس جو چلهو آهي ۽ ٻه عورتون به آهن اسين پاڻ ئي سادو هلڪو کاڌو ٺاهي کائينداسون. پر پير صاحب صفا پڙ ڪڍي بيٺو ته اها اڻ ٿيڻي آهي. اسين ته ٺهيو، ماڻهو هوٽلن ۾ رهيا پيا آهن ۽ مانيءَ جا ڀريل طشت، پير صاحب جي گهران ڀرجي. هوٽلن جي ڪمرن ۾ پيا پهچن. مون گهر واريءَ کي چيو ته وڃي بيبين سان ملي اچي ۽ ڏسي به اچي ته ڪيترا نوڪر نوڪرياڻيون وٽن ڪم پيا ڪن، سا وڃي ساڻن ملي آئي. اچي ٻڌايائين ته نه نوڪر، نه نوڪرياڻي، نه ڪو ڇوڪرو نه ڪا ڇوڪري. رڳو ٻه بيبيون آهن جي ڏينهن رات لڳيون پيون آهن ماني ٺاهڻ، موڪلڻ ۽ ٿانوَن ڌوئڻ ۾. بس بيٺي نٿيون پڄن ۽ پيون کِلن ۽ خوش ٿين. اٺن ڏينهن کان پوءِ موڪلايوسين ته پير صاحب ٽئڪسي واري کي گهرائي اسان جي ائڊريس سمجهائي کيس تاڪيد ڪيو ته پرديسي آهن اصل گهر جي در تي کين لاهجانءِ. اسان جنهن جاءِ ۾ رهيا هئاسون تنهن جي مسواڙ جا ٽي سؤ ريال ڪڍي ڏناسون ته چيائين ته ”مالڪ مڪان وٺندو ئي ڪونه، جو مون کيس اڳ ۾ ئي ادائگي ڪري ڇڏي آهي!“ واهه پير صاحب تنهنجو شان. پير صاحب هاڻ گذاري ويو آهي. سندن پٽن مان اها خوشبو ڪانه آئي.
سندس واچن جي دُڪان تي وياسون ته اهو تاثر ڏنائون ته ڄڻ هو سنڌي سمجهن ئي ڪونه ٿا. ٻئي هڪ دُڪان تي چڙهياسون ۽ ٻولي نه اچڻ ڪري منجهيا بيٺا هئاسون ته دُڪان جي ٻن مالڪن پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته مان خوش ٿي ساڻن سلاماليڪ ڪري سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته مونکي حيرت مان ڏسي، اڻڄاڻائي ڏيکاري، عربيءَ ۾ شروع ٿي ويا. ان جي مقابلي ۾ گهٽيءَ مان موٽندي پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا ٿي وياسون ته هڪ ڪپڙي وارو ڊوڙندو آيو ۽ سِڪ وچان پڇيائين ته ”سنڌي آهيو؟“ پوءِ ته زوريءَ ڪپڙو منهنجي ڀاڄائي ۽ گهر واريءَ کي سستي اگهه ۾ ڏنائين.
مونکي هڪ دوست مرحوم محمد هاشم ابڙي چيو ته هو ”مديني ۾ حاجي غلام علي ڌوٻيءَ سان نه ملئين ته ڄڻ ڪنهن سانه ملئين!“ مون جانچ ڪئي ته خبر پئي ته شهر جي ٻاهرئين حصي ۾ پرڀرو ٿو رهي، سو مون رڳو سلام ڏياري موڪليامانس ته ٺڪاءَ اچي ڪيائين ۽ ڏاڍو زور ڀريائين ته هلي سندس مهمان ٿيون، اسان معافي ورتي ته چيائين ته ”هڪ ويلو ماني ضرور کائو!“ اهو به انڪار ڪندي کيس سمجهايوسين ته ”پير صاحب جا مهمان آهيون. مناسب ناهي جو ٻئي وٽ ماني کائون“ ته به چيائين ته ”سڀاڻي منجهند جي ماني مون وٽ!“ اسان سندس گهر پري هجڻ جو بهانو ڪري انڪار ڪيو ته به چيائين ته ”پوءِ هتي ماني کڻي ايندس!“ ڏاڍو جهليوسينس ته به پاڻ پنهنجي سر پلاءَ زردي جو طشت ڀري کڻي آيو. اهڙا قربائتا ۽ مهمان نواز ماڻهو به پيا آهن جو نه ڄاڻ نه سڃاڻ، ته به چي ”منهنجا مهمان آهيو!“ هي 1971ع جي ڳالهه.
وري 1991ع ۾ منهنجي مدينه منوره ۾ حاضري ٿي. حرم شريف جي کليل پڙ ۾ جتي اڳي پٿريون هونديون هيون ۽ هاڻي سنگ مرمر ۽ قالين آهن، سنڌي ماڻهو اڪثر اتي ويهندا آهن. اتي هڪ درويش مليم، کبڙ فقير. اصل نالو ته محمد اٿس پر حضور سائين جي عزت وچان نالو مٽائي ”کبڙ“ سڏائي ٿو. ٻڌايائين ته هو ميهڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙن جو ويٺل آهي. مون چيس ته ”اتان جو شمس الدين صديقي سيشن جج منهنجو دوست آهي“ ته چيائين ”ها، ماستر تاج محمد جو پٽ؟“ مون چيو ”هائو!“ ۽ ٻڌايومانس ته مرحوم تاج محمد صاحب گذاري ويو ته ڏک ٿيس ۽ سندس گهر واريءَ لاءِ پڇيائين ته چيومانس ”اها به گذاري وئي!“ ... ”هائو؟ اها به وئي؟“
مون کانئس حاجي غلام عليءَ جو پڇيو ته چيائين ته ”هائو! حال حيات آهي هن ئي پڙ ۾ فلاڻي ڇٽيءَ وٽ مغرب کان عشا، تائين ويهندو آهي. ملجانس، جهونو ٿي ويو آهي.“ مغرب مهل ڏسان ته هڪ سفيد ريش بزرگ عربي لباس ۾ بيٺو آهي. ڪجهه مهانڊا لڳا، سو وڃي سلاماليڪ ڪيومانس ته خوش ٿي حال احوال پڇڻ لڳو. چيم، ”نماز پڙهي پوءِ ٿا حال احوال ڪيون!“ نماز کان فارغ ٿي پلٿي هڻي منهنجي سامهون ٿي ويٺو. حال احوال پڇيائين. چيو مانس ”هي 1991ع پورا ويهه سال اڳ 1971ع ۾ ٻه ڀائر جمال ابڙو ۽ ڪمال ابڙو اچي پير عبد الله شاهه جا مهمان ٿيا هئا!“ هڪدم ياد آيس ۽ چيائين ته ”هائو! مون زوريءَ ماني کڻي اچي کارائي هئي مان.“ پوءِ پڇيائين ”تون جمال يا ڪمال؟“ مون چيس ”جمال!“ ته ڪمال جو پڇيائين، چيم ”گذاري ويو.“ هٿ کڻي دعا مغفرت گهريائين. پوءِ زور ڀريائين ته وٽس هلي رهون. مون انڪار ڪندي چيو ته ”پاڪستان هائوس ۾ رهون ٿا. صاف سٺا ڪمرا مليل آهن. ماني به آرڊر تي ملي ٿي سو معافي ڏيو.“
پوءِ زور ڀريائين ته ”ماني مون وٽ کائو!“ وري به عذر پيش ڪيم ته ”توهان جو گهر پرڀرو آهي، ٻيو ته مون سان ڀيڻ به گڏ آهي جا عمر ۾ مونکان به وڏي آهي. ٻه نياڻيون، ننهن ۽ پٽ به ساڻ اٿم!“ ته پاڻ وڌيڪ خوش ٿيو، چي ”منهنجي به پوڙهي آهي، نياڻيون ۽ ننهر آهن سو ضرور هلو!“ مون کي آمادو نه ڏسي هڪڙو عجيب جملو ڳالهائين. چي ”انهيءَ ۾ منهنجو به فائدو آهي، توهان جو به فائدو آهي!“ مان حيرت مان کيس ڏسڻ لڳس ته ڪهڙو فائدو؟ جهڙوڪر منهنجو اندر جو احوال پروڙي چيائين ته ”منهنجو فائدو اهو آهي ته مهمان آهيو نبي ڪريم صه جا ۽ ماني کائيندا منهنجي. توهان جو فائدو آهي، اهو آهي ته ڳوٺ ويندا ته ڳالهيون ڪندا ته مدينھ ۾ هڪ پوڙهي ۽ پوڙهيءَ جي گهر وياسون. ماني کاڌي سون، هي ڳالهيون ڪيون سين؟ آهي نه فائدو؟“ مون هائوڪار ڪئي. چيائين ”بس پريهنءَ عشا مهل منهنجي پوڙهي به ايندي. ٽئڪسي مان ڪري ايندس، گڏجي هلندا سون!“
مقرر ڏينهن تي هڪ ويگن ڀاڙي تي وٺي آيو. اتي جا مقامي عرب وغيره سڀ سڃاڻن پيا ۽ ويگن وارو گهٽين مان ٿيندو، ور وڪڙ ڏيندو اچي سندس در وٽ بيٺو. اڃا گهٽين مان لنگهياسين پي ته منهنجي نياڻي شبانه رڙ ڪئي ته ”بابا! هي مدينو، هي گهٽيون، هي گهر، هي ڪاٺ جون بالڪنيون!“
مار! ڳوٽ وڃي اتي ڀڳي، جنهن لاءِ درويش اشارو پئي ڪيو ته توهان جو به فائدو آهي!! ڪوئي ڪيئن سمجهي! ڪوئي ڪيئن ڏسي؟ مان ته ائين ٿو ڏسان ته شبانه مائيءَ جي خواب جي تعبير جو بندوبست ويهه سال اڳواٽ ئي 1971ع ۾ ڪيو ويو هو جو حاجي غلام علي زوريءَ ماني کڻي اچي اسان کي کارائي. 1991ع ۾ ڪافي عمر رسيده، ضعيف ۽ بيمار هو. مان جڏهن آڪٽوبر 1995ع ۾ وري مدينه منوره ويس ته پتو پيو ته حاجي غلام علي جنت البقيع ۾ آرامي آهي. جنهن کان پڇ سو چوي ته وڏو درويش هو ۽ دعا جو در هو. ويندي اُچ شريف جي هڪ پِير به حرم شريف ۾ سبز گبنذ جي سامهون ائين چيو.

منهنجو احوال:
ابي امان جو ۽ ڳوٺ جو احوال ته ڏئي بيٺو آهيان. اهو پس منظر يا بڻ، بنيادي پيڙهه برابر آهي. جيئن جاءِ اڏڻ کان اڳ پيڙهه پوڻ ضروري آهي تيئن بڻ بنياد، آس پاس ۽ ماحول ضروري آهي. ان مان ئي اڏاوت جي خبر پوندي. مان به هڪ خسيس معمولي ٻار ٿي پليس. پير اگهاڙا، بنا سلوار جي رڳو قميص پيل، ڌر تتي توڙي پاري ۾ ڊوڙندا وتندا هئاسون. سياري ۾ مائرون چلهه وٽ ويهاريون ويٺيون هونديون هيون ۽ ٻاهر نه ڇڏينديون هيون ته اڃا تڙڪو نه نڪتو آهي. جيسين سج نڪري تيسين چلهه تي راتوڪي ماني سيڪي مک ڏئي کارائينديون هيون ته ’بکئي پيٽ تي سيءَ لڳي ويندو.‘
پراڻن هالن وارو مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب جو حيدرآباد ۾، بابا وٽ ايندو هو ۽ ڏاڍو خوش مزاج هو، سو ڳالهه ٿو ڪري ته کين مائرون ٽڙڪيل ڪڻڪ جي رٻ رڌي مکڻ ڦُٽي ۽ ڳڙ وجهي گرم گرم کارائينديون هيون. اهو رواج اسان ڏي، اتر ۾ ڪونه هو، پر هو سٺو. اسان ته هوندا هئاسون تڪڙ ۾ ته سج جو تڙڪو نڪري ته ڀڄون ٻاهر، پوءِ ڇو نه کڻي سڪل ماني ملي. اڄڪلهه جي مائرن کي شڪايت آهي ته ٻار ماني کائن نٿا. عجب آهي! ڀلا ٽافيون، بسڪوٽ، چاڪليٽ آڏو پيا آهن، ته ٻار سڪل ٽڪر ڇو کائيندا، کير ڇو پيئندا، مکڻ ڇو کائيندا. اسان ته ماني ٽڪر هٿ ۾ چڪ هڻندا پيرين اگهاڙا ڀڄي وڃي تڙڪي تي کيڏندا ۽ ڊوڙون پائيندا هئاسون. سخت سيءَ ۾، نه سئيٽر نه ڪوٽ نه جوراب، نه بوٽ. ها! مائرون مٿي تي ٻُڪل سو ٻڌنديون هيون جنهن سان مٿو، ڪن ۽ گلو گرم رهندا هئا. ڪيترن ٻارن کان سِنگهه پئي وهندي هئي ۽ ٻانهن سان اگهي ڇڏيندا هئا. ڇاجي صفائي سٺائي، ڇاجي ٺاهه ٺوهه! باٿ روم ته هئا ئي ڪونه. ٻار جهنگ ۾ فارغ ٿي ڀتر سان اگهي ڇڏيندا هئا. ڪي ته رڳو پٽ تي ويهي گيسي ڪري ڇڏيندا هئا. کليل فضا، آزادي، ڪا بندش ڪانه، ڊوڙڻ، ٽپڻ، وڙهڻ، ڪا روڪ ٽوڪ، دڙڪو داٻ ڪونه.
اڄڪلهه جا ٻار هيسيل، ڊنل، گهر جي در کان ٻاهر ڪونه نڪرن. پوءِ ڪيئن وسيع نظري ۽ ڪشاده دلي ايندي. ميڄالي ۾ رڳو ڪوڙ، دولاب، بهانو، ٺڳي، لچائي ۽ فتنو پيا جنم وٺندا. مٿان سيٽ وري اهڙي جو چون ته اسين سڌريل ۽ هو جهنگلي، اڻ گهڙيا ڪاٺ. مان ڳوٺ جي انهن اڌ اگهاڙن، بکايل، گدلن ٻارن کي وڌيڪ خوش قسمت ٿو سمجهان. اهي ئي وڌيڪ هوشيار ۽ کليل ذهن جا ثابت ٿيا آهن. سندن صحت به بهتر. سياڻن جو قول آهي ته صحتمند جسم ۾ صحتمند ايمان يعني سوچ، اعتماد ۽ عمل هوندا آهن. هاضمو اهڙو جو جيڪي کاءُ سو هضم. گهر سُڪا ٽڪر ۽ پاروٿو ڀت. ٻاهر ٻنين ۾ چڻن مٽرن جي پلي، ڄانڀي جا ڪؤڙا زهر جهڙا پن، متيرا يعني چڀڙ، ونگا ۽ ٻير جيڪي آيو سو کائي وڃبو. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو چون ته ”جيڪي چَرن، سي نه مرن.“ ڄڻ ته انسان به هڪ جانور آهي جيڪو جيسين چُرندو رهندو تيسين جيئرو هوندو. ٻيو ته ٺهيو اسين ٻار انبن جون کلون ۽ ککڙيون به سيڪائي رکندا هئاسون. سڪل کلون ته ڪرٽ ڪرٽ ڪري کائي ويندا هائوسون. جيڪي مٺيون ذائقيدار هونديون هيون. باقي ککڙين کي (حيدرآبادي چون ڪوئلو) باهه ۾ پچائي ڀڃي ان جو گورو جو ذائقي ۾ ڪسارو ۽ بي مزي هوندو هو اهو به رڙڪي کائي ويندا هئاسون. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ ستر ٻاهتر سالن جي عمر ۾ به جيڪي ملي ٿو سو کائي هضم ڪري ٿا وڃون. تڪبر کان توبهه، الله پناهه ڏيندو.

4

پنهنجين مينهن جو نج گهاٽو کير الائي ڪيترو ڏوڪي ويندا هئاسون. هر ڪنهن جا الڳ لوٽا هوندا هئا. پهرين امان پوءِ گهر واريون اهي لوٽا ڀري رکنديون هيون جي رات جو پيئندا هئاسون. منهنجو لوٽو ٽن پائن جو، ادا شمس جو هڪ سير جو ۽ ڪمال جو ڏيڍ سير جو، ڇاڪاڻ ته ڪمال پهلوان باڊي بلڊر هو. ايترو کير، اهڙو پچائي ويا هئاسون جو گڙڪو ئي ڪونه پوندو هو. جڏهن ڪراچي پڙهڻ آياسون ته کير ۽ سچي گيهه جي ٻاڙائيءَ ملول ڪري ڇڏيو. گيهه جا ته خير سان امان شيشا ڀريندي هئي جو رجائي ڪچو ئي نيرن سان کائيندا هئاسون. ان لاءِ مون 1945ع ۾ هڪ مراد آبادي پيالي ورتي هئي ان ۾ گيهه ۽ ماکي کائيندا هئاسون. اها پيالي اڄ به مون وٽ سانڍيل آهي جا بدر گهري ورتي ته هو يادگيري طور سنڀالي رکندو. باقي کير جو ڪراچيءَ ۾ آزار هو. پاڻيءَ جهڙو، ڇاڇ جهڙو. اتفاق سان عبدالحق وڪو، بولٽن مارڪيٽ جو انسپيڪٽر ٿي آيو. ان وقت بولٽن مارڪيٽ جي پوليس انسپيڪٽر کي فوجدار چوندا هئا جو وڏي هلندي پڄندي وارو هو. سندس گهر واري، اسان جي وڏي ڀيڻ حميده بيگم کي صلاح هنئين ته کير مون وٽ پيئڻ اچو جو پوليس آفيسرن کي سچو نج کير ٿو ملي. پوليس جون فليٽون هيون سنڌ مدرستھ جي سامهون، سو اسين ٻئي ڀائر ڪمال ۽ مان روپ ولاس مئڪلوڊ روڊ، جتي هاڻي اخبار جنگ جو دفتر آهي، کان پنڌ ئي پنڌ کير ڪارڻ سنڌ مدرسي تائين روزانو ايندا هئاسون ۽ کير پي پنڌ ئي پنڌ موٽندا هئاسون. کير سٺو ملائيءَ وارو! مهيني تي حساب ڪري کير جا پئسا اديءَ کي ڏئي ڇڏيندا هئاسون. هي ته ٿي کير جي ڪهاڻي پر مکڻ به اسان جي ايڏي ڪمزوري آهي جو اڄ تائين بُسري ٺهرائي جام مکڻ وجهرائي، ڊاڪٽر جي منع باوجود کائيندا آهيون. هيرآباد حيدرآباد ۾ جڏهن عاملن جي پاڙي ۾ اچي رهياسون ته هڪ اڌڙوٽ عمر وارو هندو عامل، بابا کي واٽ تي روڪي پنهنجا ڪارناما ٻڌائڻ لڳو. وڏو ڪارنامو اهو ته ”کير به پاءُ پيان، اڌ به نه، پاءُ!“ ۽ هر هر اهو جملو پيو ورجائي ته، ”اڌ به نه، پاءُ!“ مونکي ۽ ڪمال کي کل ته ڏاڍي آئي پر روڪي وياسون. ٻارن کي هر ڳالهه تي کل اچي، ڪو ڌِڪو کائي ته به کِل، ڪو ڪري پوي ته به کِل، ڪنهن جا ڪپڙا گپ جي ڇنڊن سان خراب ٿي پون ته به کِل. الا، ائين کِلي وقت گذارجي ۽ حياتيءَ سڄي ائين هجي ته واهه. اهو عقل، دانش ۽ ڏاهپ، ڏور رهن ته چڱو، ”الا! ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن، مونسان مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“
گرو رجنيش کي جو ڪئسيٽ تي ڏسان ته اکيون پوري منهن تي مرڪ آڻي، پنهنجي آمريڪي ٻڌندڙن کي پيو فرمائي ته ”ڏکن کي اوڏو اچڻ نه ڏيو، سکن جو ساٿ ڏيو. جيڪي وڻيوَ سو ڪيو ته ڄاڻ پئجي ويندؤ ته اوهين اصل ۾ آهيو ڇا.“ واهه جي هيءَ دانش آهي. ڀلي چوري ڪيو ته خبر پئجي ويندؤ ته مان چور آهيان. ڀلي زنا ڪيو ته خبر پئجي ويندؤ ته مان وحشي جانور آهيان. هيءَ هزارن سالن جي ويدڪ دانش ته ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار کان پري ڀڄو، سا ڇٽي؟ پوءِ ته ماڻهو ٿيو بي شعور وحشي جانور، ٻيو ڇا.
وري چي ”ڏکن جي اوڏو نه اچو رڳو سک وٺو!“ ڪيڏي نه احمقانه ڳالهه. ڏک جو احساس ئي نه هوندو ته سک جي خبر ڪيئن پوندي. پاڻ جيڪي سو پرائو ڏک پنهنجو ڪبو ته ٿورو گهڻو سک جو احساس ٿيندو. سک ۽ ڏک ته ڳانڍڙ سانڍڙ آهن. هڪٻئي کان ڌار ئي ڪونهن. ڀٽائي رحمة الله عليھ فرمايو ته، ”ڏک، سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ.“ قرآن الحڪيم فرمايو ته ”تحقيق، ڏکن سان گڏ سُک آهي ۽ پوءِ (وري چئون ٿا) ته ڏکن سان گڏ سک آهن.“ هي اٽل فيصلو آهي. گرو راجنيش جنهن کان اول ته ماڻهو ڪافي متاثر ٿئي ٿو پر حقيققت ۾ هو رڳو پنهنجي امريڪي پوئلڳن يا ٻين وسوڙن کي پنهنجي شخصيت ۽ سطحي دانش سان مصنوعي خوشي ڏئي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پنهنجن ۽ ٻين جي ڏکن کان ماڻهو ڏکارو نه ٿيندو ته سنگدل پشاچ ٿي ويندو ۽ پوءِ اهڙي ماڻهوءَ مان ڪهڙي ڀلائي ٿيندي؟ ”ڏکن ڏڌي آهيان ... ڏکن سندو ڏجهرو ... سارو ڏيل ڏکن ۾،“ اهڙا اهڃاڻ ته عظيم ماڻهن ۾ ٿيندا آهن. شاهه لطيف ته سسئي، سهڻي، سورٺ ۽ ٻين جا ڏک پنهنجي ڏيل ۾ سانڍي آهون دانهون ڪندو ويو، ”واڪا ڪنديس وو، مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري!“
شيخ اياز ڪامياب وڪيل، باعزت، باوقار، عالم فاضل، دولتمند، پوءِ ڪهڙي ويڌن هئس جو هيڏو وڏو شاعر ٿي پيو؟ جيلن ۾ ويو ۽ عتاب هيٺ آيو ۽ اڄ آخري عمر ۾ پنهنجن جا ويڻ به ويٺو سهي. سوڀو گيانچنداڻي، اعليٰ تعليم يافته، شانتي نڪيتن جو پڙهيل وڏو زميندار، ان کي ڪهڙي پئي جو هارين پورهيتن جا سور مالها جيان پوئي ڳچيءَ ڳل لاتائين ۽ جيلن جون عقوبتون سٺائين. رسول بخش پليجو، غريب جو ٻار، نور نِچوئي اٺ ڪتابن جا پڙهي وڏو ڏاهو ۽ داناءُ بڻجي، بيماري سيماري ۾، ننڊ آرام ڦٽائي، گرمي سرديءَ ۾ وتي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهندو ۽ جيلن کي دعوتون ڏيندو. اِهي پروا ڏک آهن، جي سک سمهڻ ئي نٿا ڏين. جي اهڙا مست ملنگ ماڻهو نه هجن، ته درد وندين جو ديس ڪيئن وسي؟ اهڙائي ماڻهو تقديرون بدلائيندا آهن. جي سک سان ٿي ويهن ها ته ٽيئي وڏا ڪامياب وڪيل آهن ۽ هاءِ ڪورٽن تي ائين ڇانئجي وڃن ها جيئن مرحوم حسن علي عبدالرحمان، طفيل علي عبدالرحمان، شير محمد شيخ، اي ڪي بروهي، خالد اسحاق ۽ ٻيا ۽ اڄ بيماري ۽ بيوسي بجاءِ، ايئر ڪنڊيشن بنگلن ۽ موٽر ڪارڪن ۾ دولت جا ڌڻي ٿي آرام ۽ سک سان ۽ وڏي اثر رسوخ سان حياتيءَ جا آخري ايام گذارين ها، پر هو ڄاڻي واڻي ڏوري ڏک لهن ٿا ۽ اهو ئي هڪڙو سک ماڻن ٿا. اها ئي ’پروڙ‘ آهي، نجات جي راهه جا سک سمهڻ نٿي ڏئي. ڄاڻي واڻي اها راهه چونڊي اٿن. نه ته اهي ٽيئي سڄاڻ، حسن، موسيقي ۽ محبتن جا به ماهر آهن. اهڙن ئي ماڻهن جي وجود سان ديش بديش جي ڀلائي وابسته آهي. ڪارساز قدرت جي چڪيءَ ۾ هو ڪيرَ (قطب) مثل آهن جنهن بنا چڪي، مڪڙي ۽ مُٺيو ڪم ئي ڪونه ڪندا ۽ خالي پُڙ نه ان پيهندا، نه اٽو ملندو. باقي گرو راجنيش پنهنجو رعب ڄمائڻ لاءِ جيڪي وڻيس سو چوي.
راجنيش ته خير تمام داناءَ ۽ قابل ماڻهو آهي پر اڄڪلهه هر ڪو ٻڌ سڌ تي ٻه چار جملا يا واقعا ياد ڪري، چڱي محفل ۾ ويهي، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ جي ڌاڪ ويهارڻ چاهيندو آهي. 1977ع واري ڏهاڪي ۾ سينيٽر شيخ رفيق پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر هو. سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر خانصاحب غلام الرسول ڪيهر جو تمام داناءَ ۽ مدبر هو سو سندس دعوت ڪندو هو. هڪ دعوت ۾ ڪيهر صاحب جي مسلم آباد واري بنگلي تي شيخ رفيق صاحب پنهنجي علم جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪيو ته ”وليم پيٽ جو بعد ۾ انگلينڊ جو وزير اعظم ٿيو. سو جڏهن پهريون دفعو تقرير لاءِ اٿيو ته تقرير ڪري نه سگهيو ۽ ٽي دفعا ’آءِ ڪنسيو، آءِ ڪنسيو، آءِ ڪنسيو‘ چئي ويهي رهيو. يعني ’مون اعتراف ڪيو يا مان مڃان ٿو، مان مڃان ٿو‘ ۽ وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو. ’ڪنسِيو‘ جي هڪ ٻي معنيٰ پيٽ سان ٿيڻ به آهي ... هڪ ميمبر طنز مان چيو ته مسٽر وليم ٽي دفعا پيٽ سان ٿيو پر ٻار ڪونه ڄڻيائين.“ ڪيهر صاحب اهو ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو. مون سمجهيو ته مون کان تصديق ٿو گهري ته مون چيو ته ”اهو واقعو مسٽر ڊزرائلي جو آهي جو به انگلينڊ جو مشهور وزير اعظم ٿي گذريو آهي.“ شيخ رفيق صاحب ڦڪي مرڪ مرڪي چيو ”ها ها برابر!“
ڳالهين ڪندي پارليامينٽري مهذب مذاق جو ذڪر ڇڙي پيو. اڄ ته گهٽين جا ڇوڪرا ميمبر ٿي آيا آهن ۽ اهڙي بازاري زبان ٿا ڳالهائن جو ٻڌندڙن کي شرم اچيو وڃي پر ميمبر صاحب جيڪي سو فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺا آهن ڄڻ ته ڪا کيپ کٽي هجين. اسيمبليءَ ۾ اهو چوڻ ته ”ڪوڙ ٿو ڳالهائي“، سو به غير پارلياماني آهي. وڌ ۾ وڌ چئبو ته ”اهو صحيح نه آهي يا غلط آهي، يا ميمبر صاحب جي معلومات ڪمزور آهي.“ هاڻ ته اسيمبليءَ ۾ گاريون ۽ هاٿاپائي، سورهيائي ليکي ٿي وڃي. سو مون وري چرچل جو هڪ واقعو ٻڌايو ته ”ڪنهن مخالف ڌر جي ميمبر چيو ته چرچل کي پنجاهه سيڪڙو ميمبرن جي حمايت حاصل نه آهي. چرچل اٿي بيهي چيو ته ’پنجاهه سيڪڙو بيوقوف (fool) آهن.‘ چرچل جي انهي ريمارڪ تي هنگامو مچي ويو ته چرچل غير پارلياماني زبان استعمال ڪئي آهي ۽ پنهنجا لفظ واپس وٺي. اسپيڪر به چيو ته چرچل غير پارلياماني زبان استعمال ڪئي آهي. چرچل جو اهڙن گفتن جو ماهرن تنهن اٿي بيهي چيو ته، ”سر، پوءِ مان چوان ٿو ته پنجاهه سيڪڙو ميمبر بيوقوف ناهن!“ ۽ ويهي رهيو. ٽهڪڙو مچي ويو ۽ چرچل به پنهنجي ڳالهه ٻئي انداز ۾ چئي ويو جا غير پارلياماني نه هئي. ڪير چوي ته ’ميمبر بيوقوف ناهن‘ غير پارلياماني آهي!“
چرچل جو ذڪر آيو آهي ته ڳالهه ڪندو هلجي سندس چپن وچ ۾ سِگار پيو ئي پيو هوندو هو. ڊاڪٽر کيس مشورو ڏنو ته پنهنجي صحت جي صدقي سِگار پيئڻ ڇڏي ڏئي ته ڊاڪٽر کي گهوري چيائين، ”ڊاڪٽر، مان پنهنجن عادتن ۾ مداخلت پسند نه ڪندو آهيان.“ انگريزي زبان جو لطف ئي پنهنجو آهي. چيائين Doctor, I do not interfere with my habits. اڄ جي ’برسات‘ اخبار جي هڪ ڪالم ۾ چرچل جو ذڪر آهي ته ”ڊاڪٽر کيس چيو ته، شراب نه پيءُ، سِگار نه پيءُ ۽ ماني گهٽ کاءُ.“ پر اصل ڳالهه ائين ناهي. ڪنهن کانئس سوال ڪيو ته تنهنجي ڪاميابي ۽ وڏي عمر جو راز ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنائين ته ”مان ڍؤ تي شراب پيئندو آهيان، ڍؤ تي ماني کائيندو آهيان ۽ ڍؤ تي سِگار ڇڪيندو آهيان،“ سندس اکر آهن:
“I drink to my fill, I eat to my fill, I smoke to my fill” ليڊي سارا چرچل لکي ٿي ته مانيءَ جي وقتن کانسواءِ به مان سندس ٽيبل تي سڪي ميوي ۽ نمڪين شين جي پليٽ ڀري رکندي هئس ۽ هو ڦڪ هڻي پيو کائيندو هو ۽ پليٽ خالي ٿيندي هئي ته وري ٻي پليٽ ڀري رکندي هئس. پوءِ به چرچل وڏي عمر ماڻي ۽ ذهن تيز رهيس. وڏو ’بادشاهه پرست‘ هو. جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي ته بادشاهه جارج ڇهين کي صلاح ڏني وئي ته ”چرچل کي وزير جنگ يا وزير دفاع بڻائي.“ بادشاهه چرچل کي نياپو موڪليو ته اچي ساڻس ملي.
چرچل جا دوست ۽ ڪي سياستدان اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ بحث ڇيڙيائون ته چرچل کي وزير اعظم ٿيڻ کپي، نه ته وزير دفاع جي حيثيت ۾ هو چئمبرلين جهڙي ڪمزور وزير اعظم جي ماتحتيءَ ۾ ڪجهه ڪري نه سگهندو. چرچل آخر ورچجي کانئن پڇيو ته ”نيٺ اوهان چاهيو ڇا ٿا؟“ هنن چيو ته ”تون بادشاهه کي انڪار ڪر!“
چرچل پنهنجي مخصوص فيصله ڪن انداز ۾ چيو ته، ”بادشاهه سلامت هِز مئجسٽي کي ڀلا مان No (نهڪر) ڪيئن ٿو چئي سگهان؟ ناممڪن.“
دوست احباب وري بحث مباحثي ۾ پئجي ويا ۽ نيٺ چيائونس ته ”تون ڀلي نه به نه چئه، رڳو خاموش رهه، ڪو جواب نه ڏي!“
”اهو ٿي سگهي ٿو!“ چئي چرچل بادشاهه وٽ حاضر ٿيو، جڏهن بادشاهه، بادشاهه وزير دفاع ٿيڻ لاءِ چيس ته ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين ۽ جواب ڪو نه ڏنائين. بادشاهه وري به چيس ته چپ رهيو. بادشاهه سمجهي ويو ته چئمبرلين کي گهرائي استعيفا ڏيڻ لاءِ چيائين ۽ چرچل کي وزير اعظم ٿيڻ لاءِ چيائين. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ن شهه سرخي اها ڏني وئي ته، ”خاموشي، جنهن کيس وزير اعظم بڻايو.“ پوءِ ته چرچل ڏينهن رات مست هاٿيءَ جيان ڪم ۾ جنبي ويو.
ان وقت لنڊن تي بمباري پئي ٿي. چرچل کليل جيپ ۾ سوار ٿي آڱرين سان فتح جو نشان ٺاهي سڄي لنڊن جو دورو ڪيو ۽ چوندو ويو ته، ”مان توهان سان ڪوبه واعدو نٿو ڪيان، سواءِ ڏکن ڏوجهرن، سورن سختين ۽ پورهئي پگهر جي.“ اها فلم مون پاڻ ڏٺي. ائين قوم کي ساڻ سور کڻي هليو ۽ هار کي فتح ۾ بدلائي ڇڏيائين. انهيءَ دوران ڊيگال، جو به هڪ وڏو ماڻهو هو تنهن کيس ”فرانس! فرانس!“ ڪندي ڪڪ ڪري وڌو سو چرچل ويٺي ئي خار مان ڏانهس نهاري چيو ”ڪٿي آهي فرانس؟ فرانس ته ختم ٿي چڪو هو.“ ڊيگال به ڊگهو، سنهو، ملٽري ورديءَ ۾ ملبوس، اٿي اٽينشن ۾ بيهي چيو، ”مان آهيان فرانس!“ چرچل ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ڊيگال جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
هڪ دفعي چرچل کان پڇيائون ته ”تون به عظيم آهين. ڊيگال به عظيم آهي پوءِ توهان ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو؟“ چيائين ”ڊيگال کي تڏهن غصو ايندو آهي جڏهن هو صحيح هوندو آهي ۽ مونکي تڏهن غصو ايندو آهي جڏهن مان غلط هوندو آهيان!“ ويچار ڪيو ته اهي ٻئي ڪيڏا نه وڏا گڻ آهن. ڊيگال جڏهن فرانس جو صدر ٿيو ته چيائونس ته ”سارتر باغي آهي کيس جيل ۾ وجهه!“ جواب ڏنائين ته ”سارتر فرانس آهي.“ مشهور فرانسي ائڪٽريس برجي باردو لاءِ چيائونس ته ”پنهنجي فئشني ۽ آزادانه حرڪتن سان عيسائيت کي نقصان پئي پهچائي، ان کي جيل ۾ وجهه!“ ته چيائين ”برجي باردو به فرانس آهي.“ مار، ڪيڏا نه وڏگڙدا ۽ صاف ذهن جا ماڻهو هئا. چرچل ۽ ڊيگال جون ڳالهيون ايتريون آهن جو موضوع تان هٽڻو پوندو، تنهن ڪري ڇڏيونس ٿا.
ڳالهه پي هلي ڏکن ڏورڻ ۽ سورن سانڍڻ جي، جن بابت ذڪر ڪندي سوڀو، اياز ۽ پليجو، چرچل ۽ ڊيگال اچي ويا ۽ جي مائو، هوچي منهه ۽ اسٽالن جو ذڪر نڪرندو ته دفتر ٿي ويندا. منهنجو پنهنجو نماڻو خيال آهي ته انسان ۽ انسانيت ته پيداوار ئي آهن ڏک درد جي. ڏک درد نه هجي ته نه انسانيت هجي، نه انساني رشتا. مولانا رومي ۽ شاهه لطيف فرمايو ته،
”مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ پانڌ پسائين.“
معنيٰ ته ڏکن ڏولائن ۾ پوڻ عين آزمائش ۽ عبادت آهي، جتان نج سون ٿي نڪرڻو آهي. قرآن الحڪيم ته فيصلو صادر فرمايو ته
”تحقيق انسان آهي خساري ۾، سواءِ انهن جي جن حق جي تلقين ڪئي
۽ چيڙهالائيءَ سان ان کي چنبڙيا رهيا.“
هاڻي ته بس! ان هڪ قرآني جملي ۾ سڄي ترقي پسند تحريڪ اچي وئي. ”حق جي حمايت ڪرڻ ۽ پڻ تلقين ڪرڻ.“ اهي ٻئي وڏا انقلابي عمل آهن. مٿان وري اهو حڪم ته اهڙي عمل کي صبر ۽ اورچائيءَ سان لڳا رهو، نه ته خبردار خساري ۾ رهندا. هيءَ قرآني فتويٰ آهي. حرف آخر. پوءِ به اسين اهڙن کاهوڙين کي چئون دهريا ۽ ڪافر.
خيرپور ميرس ۾ تن ڏينهن ۾ ڪمشنر هوندو هو عبدالحميد خان. هڪ ڪن ڪٽيل هوندو هئس. بت جو هلڪڙو ۽ قد ننڍو پر هو آگ جو شعلو، ايوب جي مارشل لا هجي ۽ نواب ڪالا باغ گورنر هجي. ٺيڙهي جي ملن کي کڻي ٿي کٽي سو عبدالحميد خان کي پنهنجي سالياني اجلاس جو مهمان خصوصي ڪري گهرايائون. وڏا وڏا وعظ ڪري آخر ۾ عبدالحميد خان کي دعوت ڏنائون ته چار اکر ڳالهائي. ڇوڏا لاهي ڇڏيائين، چي”هي ڏاڙهيءَ جا چار کنڀ رکي، مسواڪ کيسي ۾ وجهي، صبح سان مسجد جي نلڪي تي سنگهون ڪڍي گوڏيون ڌوئي، توهان سمجهو ٿا ته توهان اسلام جي وڏي خدمت ڪري ڇڏي. توهان کان ته اهي ڪرستان ڇوڪريون چڱيون جي آفريڪا جي جهنگن بيابانن ۾ گدلن شيدي ٻارن کي ۽ خود پاڪستان ۾ ڀنگين جي ٻارن جا گونهه ڌوئارن ٿيون، سنگهون صاف ڪن ٿيون، وهنجارين ٿيون ۽ کين تعليم ڏين ٿيون ۽ بيمارن جا علاج ڪن ٿيون. اسڪول ۽ اسپتالون کولين ٿيون ۽ هلائين ٿيون. اهي دوزخ ۾ وينديون باقي توهان جيڪي ڏاڙهي پٽ ۾ لڳا پيا آهيو سي بهشت ۾ ويندؤ؟ جن پينسلين ڳولهي لکن ڪروڙن جي جان بچائي، جن عينڪ جا لينس (شيشا) ڳولهي لکن ڪروڙن کي اکيون ڏنيون سي دوزخ ۾ ويندا، باقي توهان جي هڪٻئي جون اکيون ڪڍڻ لاءِ آتا آهيو، اهي بهشت ۾ ويندا؟ هت به ڍؤ ڪري اوڳرايون ڏيندا ۽ اتي به مال مليدا کائيندا؟ نڪرو پنهنجي خود فريبيءَ جي کوپي مان ۽ ڪا انسان ذات جي خدمت ڪيو!“ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه چيائين. ملا اهڙو ڪڇن جهڙي ڀت. اهي هئا پراڻا آءِ سي ايس آفيسر. نه ملا جي پرواهه ڪندا هئا، نه سياستدانن جي، نه حاڪم جي. سچ چئي ڏيندا هئا.
سندن نوڪريءَ جي گارنٽي، سندن نوڪريءَ جي قاعدن ۾ ڏنل هئي. پوءِ جن جو ضمير زنده هو، اهي حق جي ڳالهه تي اٽل ٿي بيهندا هئا ۽ کين ڪو لهر لوڏو ڪونه هو. البت ناراضگي ۽ بدلين وغيره لاءِ ذهني طرح تيار هوندا هئا. 1973ع ۾ عبد الله ميمڻ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو. ممتاز علي ڀٽي جهڙو ڪڙڪ ۽ اعليٰ منتظم چيف منسٽر هو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته ”ٽنڊي محمد خان جي فلاڻي ماڻهوءَ کي هڪدم گرفتار ڪري جيل ۾ وجهه!“ـ ”حاضر!“ چئي فون رکي ڇڏيائين. سندس ضمير زنده هو سو حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر ان ماڻهوءَ وٽ وڃي پهتو. ڏٺائين ته اهو ماڻهو پنجهتر سالن جو پيرسن شريف ماڻهو هو. معلومات وٺندي معلوم ٿيس ته مير اعجاز ٽالپر، جو ان وقت وزير هو سو کانئس ناراض هو. ناراضگيءَ جو سبب معلوم ڪري ان ماڻهوءَ کي چيائين ته جي مان هيئن فيصلو ڪيان ته قبول ڪندين؟ هُن چيو ته تون جيڪو به فيصلو ڪندين سو مونکي قبول آهي. عبد الله صاحب کيس گرفتار نه ڪيو ۽ موٽي آيو. مير اعجاز تپي باهه ٿي ويو ۽ ممتاز صاحب کي چيائين ته عبد الله ميمڻ تنهنجو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ممتاز صاحب به باهه ٿي ويو ۽ عبد الله کي فون تي سخت ڪاوڙ ۾ چيائين:
”تو فلاڻي کي گرفتار نه ڪيو؟“
جي نه ۽ نه ڪو گرفتار ڪندس. باقي مسئلو حل ڪري ڏيندس.“
”ميمڻ! ميمڻ! تون ان جو نتيجو ڄاڻين ٿو؟“
”هائو ڄاڻان ٿو ۽ سڀاڻي توهان کي به ڄاڻ پئجي ويندي.“
ٻئي ڏينهن عبد الله صاحب نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، هٿئون هٿ چيف منسٽر صاحب کي ڏياري موڪلي. مان پنهنجي آفيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺو هئس ته آغا شهاب ۽ عبدالقادر ابڙو (يا مير امداد) منهنجي آفيس ۾ گهڙي آيا. حيران پريشان! مون کي چيائون ”هي عبد الله جا ڪم ڏٺئي؟“ مون کي ڪا خبر ئي ڪونه هجي. ٻڌايائون ته ”نوڪريءَ تان استعيفا ڏني اٿائين.“ مان پاڻ حيران ٿيس ته هڪ غريب ماڻهو، جيڪو هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو ۽ محنت ۽ لياقت سان سي ايس پي جو امتحان پاس ڪري وڏي عهدي تي پهتو، سو ڪيئن ٿو استعفا ڏئي!
مونکي چيائون ”تون فون ڪري جهلينس!“ مون جڏهن کانئن حقيقت معلوم ڪئي ته مون عبد الله صاحب کي فون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته صحيح ۽ اصولي فيصلي کان ڪيئن جهليانس؟ چيم، ”توهان چئوس!“ هنن چيو ته ”اسان گهڻو چيو اٿس پر اصل نٿو مڃي. تنهنجي عزت ڪري ٿو تنهنجو چوڻ وٺندو!“ آغا شهاب ڇا ڪيو جو حيدرآباد فون ملائي کڻي منهنجي ڪن تي رکيائين ته ”هاڻي وٺ سختيءَ سان منع ڪرينس!“
حيدرآباد مان ”هيلو“ جو آواز آيو ۽ مون سڃاتو ته عبد الله آهي سو مون چيو مانس، ”عبد الله مبارڪ هجئي!“ آغا صاحب ۽ عبدالقادر ٻنهي يڪ آواز چيو ”ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيئي!“ هوڏانهن عبد الله صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ”جمال صاحب توهان پهريان ماڻهو آهيو جنهن مبارڪ ڏني آهي ٻيا ته ڪالهه کان منهنجو هنيانءُ ئي کائي ويا آهن.“ مون چيو ”ڪا نظر ثاني جي گنجائش؟“ چيائين ”بلڪل نه!“ مون فون کڻي رکيو ۽ هو دوست به مون تي ناراض ٿيندا نڪري ويا. نوڪريءَ جي گارنٽي سبب عبد الله صاحب جي استعفا منظور ڪانه ٿي باقي کيس بدلي ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هو انهيءَ ۾ وڌيڪ خوش ٿيو جو ڪراچيءَ ۾ پگهار ڪجهه وڌيڪ ٿي ملي.
ٻيو به هڪ اعليٰ مثال آهي. 1973ع جي زبان جي مسئلي تي اڙدو پريس هروڀرو وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي. اخبار تي حڪومت سنسر لاڳو ڪئي. هڪڙو ڊپٽي سيڪريٽري هو مسٽر طارق امين تنهنجي ضمير اها ڳالهه قبول نه ڪئي سو حڪومت جا آرڊر نه مڃيائين. ٻيو هو مسٽر ايم يوسف ائڊيشنل چيف سيڪريٽري، انهيءَ به ائين ڪيو. ٻنهي کي معطل ڪيو ويو. طارق امين ته بعد ۾ استعفا ڏئي وڃي فلپس ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. مسٽر روئداد خان چيف سيڪريٽري هو. هو به هڪ کڙپيل ۽ سخت مزاج آفيسر هو. ان به حڪومت سان تعاون نه ڪيو ۽ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. چوڻ جو مطلب آهي ته هي جو آفيسر صاحب ’مجبوري‘ جو لنگڙو عذر ڏين ٿا، اهو صحيح ناهي. اها ظاهر ظهور ’ڪمزوري‘ آهي. يا ته سندن هٿ صاف نه آهن، ان ڪري ضمير جو زور وڃائي ويٺا آهن. هي جو معاشري ۾ يا تنظيمي ڍانچي ۾ خرابيون پئدا ٿيون آهن، تن جو مکيه سبب اهو آهي ته ڪامورا شاهي يا بيورو ڪريسيءَ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. آهي نه ڇرڪ ڪڍڻ جهڙي ڳالهه؟ اٺ تڏهن ٿي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
آزاديءَ کان اڳ گانڌي جي جيڪا مهم هلائي سا هئي سول نافرماني يا قانون جي ڀڃڪڙي ڪري جيل ڀرڻ، ڪامورن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، بيعزتو ڪرڻ ۽ سندن انحرافي ڪرڻ. ان وقت جي حالتن آهر شايد اهو ضروري ٿي پيو هجي پر علامھ عنايت الله خان المشرقي نجي محفلن ۾ ان ڳالهه تي سخت تنقيد ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته سياستدان وقتي مفاد يا حاصلات لاءِ جيڪي غلط قدم کڻن ٿا تن جو اڳتي هلي قوم ملڪ ۽ معاشري کي ڏاڍو ڀاري نقصان ڀرڻو پوندو. وقت ايندو جو جيل وڃڻ اعجاز ٿي پوندو، قانون ٽوڙڻ انقلابي قدم ۽ وقت جي حاڪم جي تذليل، دليري ليکي ويندي. اڄ پنجاهه سالن کان پوءِ اهي ڳالهيون اسان اکئين ڏسون ويٺا.
سڄو معاشرو ڊانوانڊول ٿي ويو آهي، هر ڪو ڏاڙهي پٽ ۾ لڳو پيو آهي. هر سياسي ڪارڪن تاڙ ۾ ويٺو آهي ته ڪيئن قانون ڀڃان ۽ هيڪر جيل وڃان ته قرباني جو تمغو ڇاتيءَ تي سجائي ڍنڍورو ڏيان. اهڙين حالتن ۾ انتظامي معاملن جو ڪم سياسي ڪارڪنن ۽ وزيرن پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي، جو بلڪل غلط يا هاڃيڪار آهي. سياسي ڪارڪن ۽ وزير انتظاميه تي الزام مڙهي، جواز پئدا ڪري، انتظامي معاملا پنهنجي هٿ ۾ رکي پاڻ فيصلا ڪن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙا فيصلا يڪ طرفا، غلط ۽ سياسي مفاد يا رشوت طور ڪيا ويندا. ڪامورو ڪهڙو به فيصلو ڪري، قانون، رُولس ۽ ريگيوليشن کي خيال ۾ رکي ان موجب ڪندو، جيڪو فيصلو قاعدن قانونن مطابق ڪيو وڃي، اهو ئي انصاف چئبو. ڪامورو ته قانوني ڄار ۾ چوکنڀو ٻڌل آهي. مٿس بالا آفيسرن، عوام ۽ عدالتن جي تلوار به ٽنگيل آهي. سو ڪيئن غلط فيصلو ڪندو؟ جي غلط فيصلو ڪري به، ته مٿانئس اپيل ٽپيل به ڪري سگهجي ٿي. سندس چال ڍال تي هر سال ڳجها رمارڪ (اي سي آر) به لکيا وڃن ٿا. هوڏانهن سياسي ڪارڪن ۽ وزير ته مادر پدر آزاد آهن. وڻين ته آنا لاهن، وڻين ته ٻچا ڏين. نه انهن لاءِ اي سي آر آهن، نه ائنٽي ڪرپشن، نه پروموشن ۽ نه سسپينشن جو چڪر. اهي ڪيئن آزاد ۽ منصفاڻا فيصلا ڪندا؟
ضيائي مارشل لا ۾ حڪم آيو ته ”ملائن جا نالا ڏيو ته انهن کي جج مقرر ڪيو وڃي.“ مان هاءِ ڪورٽ ۾ رجسٽرار هئس سو چيف جج کي نوٽ پيش ڪيم، جنهن حڪم ڪيو ته هڪدم نالا معلوم ڪري حڪومت کي موڪليا وڃن. مون ان ڪم ۾ ڍر وجهي ڇڏي. چيف جج جسٽس عبدالحئي قريشي مون کي اڪلاءَ جو تاڪيد ڪيو ته چيم ته ”سائين ملان ته آهي وڏيري جي موچڙي ۾ جيڪي اهو چوندس سو ڪندو. شريفن کي وجهندو ڪاٺ ۾ ۽ ڪاٽڪن اڳيان هوندو بيوس، سو اهڙن عالمن ۽ با ڪردار ملائن جا نالا ڪٿان آڻيان؟“ جسٽس قريشي مرڪي چيو ته ”مسٽر ابڙا توتي ڪهڙو سَتوهه پيو آهي؟ ڪهڙا به حرامي حرامي ملا هجن اسان جو ڇا، تون نالا ڏياري موڪل. ڀل ويٺا خلق خدا جي کي آزارين، حڪومت پاڻ ڄاڻي!“ نالا ته اسان موڪليا الائي نه، پر حڪومت جي مرضي هئي رڳو ماڻهن کي ٺڳڻ ۽ ملائن کي خوش ڪرڻ جي.
حيدرآباد جي ڪمشنر ڳالهه ڪئي ته ملائن جو هڪ وفد جنرل ضياء سان ملڻ آيو. جنرل صاحب ساڻن مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري کين عزت سان روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن اهي روانا ٿي ويا ته جنرل صاحب ڪمشنر ڏانهن منهن ڪري چيو ته، ”هنن حرامزادن کي ويجهو نه آڻجانءِ!“ (Keep these bastards at arms length) . جنرل صاحب اهڙيون ڳالهيون ڪري پڏرجندو هو ته هو سياستدان ٿي ويو آهي.
هاڻي ته اهو عام خيال ٿي ويو آهي ته سياست معنيٰ ڪوڙ بدڙو. ان بجاءِ مونکي ممتاز علي خان ڀٽي جو هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جنهن کي وڏيرو جاگيردار ۽ ڌاڙيل چئي ننديو وڃي ٿو. 1972ع ۾ مان نئون نئون اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ٿيو هئس ۽ ناظم آباد نمبر چار ۾ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هئس. رات جو يارهين بجي ممتاز صاحب، جو ان وقت گورنر هو، فون ڪيو ته هڪدم گورنر هائوس پهچي وڃان جو ضروري ڪم هو. مون عذر پيش ڪيو ته ”مان پري رهان ٿو سرڪاري گاڏي به مليل ڪانه اٿم، رڪشا کي گورنر هائوس اچڻ به ڪونه ڏيندا.“ سختيءَ سان چيائين ته ”ڪيئن به پهچ ته مان هت ائڊووڪيٽ جنرل کي به ويهاريون ويٺو آهيان.“
مان آڌي رات جو پهتس، ممتاز صاحب ۽ حفيظ ميمڻ صاحب ائڊووڪيٽ جنرل ويٺا هئا. مونکي هڪ مهمليءَ جو نوٽس ڏيکاريائين جو ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو هو. ٿيو ڇا هو جو ڪن مهاجرن ڪاليجي ڇوڪرن هاڪس بي تي پڪنڪ دوران مهاجر ڪاليجي ڇوڪرين جا اڳٺ کولي يا ڪپي ڇڏيا هئا. ممتاز صاحب جو چوڻ هو ته ”اها تحريڪ قانوني طرح رد ٿي سگهي ته بهتر ۽ هائوس ۾ اچيئي نه سو تون ۽ حفيظ ميمڻ صاحب گڏجي قاعدا قانون ڏسي صحيح صحيح راءِ ڏيو.“
مون چيو ته ”سائين مهاجر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پڪنڪ دوران هڪ عمل آهي، حڪومت جو ڪهڙو واسطو؟“
ممتاز صاحب چيو ته ”سڄي قوم ۽ ملڪ جي عزت جو سوال آهي، سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿيندي ۽ مان بلڪل سچي حقيقت بيان ڪندس.“ مونکي ممتاز صاحب جا اکر ياد آهن. چيائين ”آڪسفورڊ ۾ مون کي اهو سيکاريو ويو آهي ته ’سياست آهي سچ ڳالهائڻ جو فن‘ سو، ڪوڙ ڳالهائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هاڻي توهان ٻئي جدا ويهي قاعدا قانون ڏسي مونکي مطمئن ڪيو.“
اسان نيٺ هڪ قانوني نقطي تي متفق ٿيا سون جنهن موجب اسپيڪر کي اختيار هو ته اهڙي تحريڪ چئمبر ۾ ئي رد ڪري ڇڏي ۽ هائوس ۾ اٿارڻ نه ڏئي. تڏهن به ممتاز صاحب تاڪيد ڪيو ته مان پاڻ اسپيڪر صاحب کي مطمئن ڪيان ۽ سندس نالو نه کڻان. مون ٻئي ڏينهن صبح جو ائين ئي ڪيو پر اسپيڪر صاحب خانصاحب غلام الرسول ڪيهر صاحب جو حڪومت سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو قائل هو، تنهن مون کان پاڻ پڇيو ته ”ڀلا ممتاز صاحب جو ان باري ۾ الائي ڪهڙو خيال آهي؟“ مون کيس ٻڌايو ته ان جو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل جو به اهو ئي خيال آهي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي شاباس ڏنائين ته خبرداريءَ سان اڳواٽ ڪم پڪو ڪري پوءِ کانئس صحيح ڪم ڪرايو وڃي جنهن ۾ اختلاف جي گنجائش باقي نه رهي.
اصل ۾ مونکي جنرل ضياءَ جي مقابلي ۾ ممتاز ڀٽو صاحب جا سياست بابت ويچار ٻڌائڻا هئا. سندس لفظ هئا “Politics is the art of telling truth to the people.” چرچل به وزير اعظم ٿيڻ سان قوم کي جيڪو پيغام ڏنو سو اهو ته ”مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي سواءِ رت، جفاڪشين، لڙڪن ۽ پگهر جي“ (I have nothing to offer but blood, toil,tears and sweat). اهي چئبا آهن سياستدان. نه اڄ جهڙا جي سبز باغ ڏيکارين يا بقول مرحوم جسٽس ايم آر ڪيانيء:َ جي ڪالاباغ (نواب ڪالا باغ ڏانهن اشارو) ڏيکارين.
منهنجو چوڻ اهو هو ته ڪاموري (بيوروڪريسيءَ) کي ڪمزور ڪيو ويو آهي جو صريحاَ غلط عمل آهي. چوڻ ڪارڻ ته چيو وڃي ٿو ته اختيارين جي ورڇ ڪري هيٺئين سطح تي ئي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، پر اهو منافقيءَ وارو مفروضو آهي. حقيقت ۾ سياسي ماڻهو جيڪي ميمبر چونڊجي اچن ٿا تن جي مٿي ۾ اها هوا هجي ٿي ته هو حاڪم آهن ۽ کين حڪمراني ڪرڻ جو حق آهي. بلڪل غلط.. حڪومت جي وڻ جون ٽي مکيه شاخون ٿين ٿيون. هڪ مقننه يعني قانون ٺاهڻ جو ادارو، اسيمبلي، پارليامينٽ، لوڪل بورڊ وغيره. انهن جو صرف اهو ڪم آهي ته قانون سازي ڪن. ٻي شاخ آهي عدليه يا ڪورٽون جن جو ڪم آهي قانون جي تشريح ڪرڻ ۽ ان موجب سزا وغيره ڏيڻ. عدليه کي، قانون رد ڪرڻ جو حق قطعي نه آهي. وڌ ۾ وڌ عدليه اها سفارش ڪندي ته ڪنهن قانون ۾ جيڪو نقص آهي ان تي پارليامينٽ نظر ثاني ڪري ضروري ترميمون ڪري. باقي قانون تي عمل ڪرائڻ (جنهن کي حڪمراني چئجي) سو نج پج ڪامورن ۽ بيوروڪريسيءَ جو ڪم آهي. ٻيو ڪوبه مداخلت ڪندو ته نظام حڪومت ۾ خرابي پيدا ٿيندي.
ضيائي دؤر ۾ جيڪي سيکڙاٽ ميمبر ۽ وزير آيا سي مغز ۾ اهو اٺ ويهاري آيا ته هُو ئي اصل حڪمران آهن. انهيءَ کي جڏهن سيڪريٽري ۽ ڪامورا قانوني تقاضائن جو ٻڌائيندا هئا ته هو ڪاوڙجي ويندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته سيڪريٽري کين پتائي ٿا وڃن. پوءِ اهڙو ماحول پيدا ٿيو ته وزير صاحب پنهنجي قابليت ئي ان کي سمجهندو هو ته هو آفيس يا سيڪريٽريءَ جي راءِ کي ريٽي ڇڏي. ڪامورن جيڪا پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي اهڙي ٻئي ڪنهن نه ڪئي آهي. ڏينهن رات ڪم ڪري ننڊون ڦٽائي اوجاڳا ڪري حڪومتي تقاضائن جي تعميل ڪرڻ ڪو مذاق نه آهي. هر آفيسر تپيدار کان ويندي ڪمشنر ۽ سيڪريٽريءَ تائين وٺ پڪڙ ۾ لڳا پيا هوندا هئا، ڄڻ ته وقت کان گوءِ ڪڍڻ جي ڳالهه هئي.
پوءِ جو سيکڙاٽ ميمبر ۽ وزير آيا ته پڏڻ پائي ڪري يا خوشامدڙين جي چُرچ تي حڪومتي نار جو ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيائون. هاڻي رڳو رينگٽ آهي باقي لوٽين مان پاڻي ته اچي ئي ڪونه ٿو. هيءَ مان شخصي مشاهدي جي ڳالهه ڪيان ٿو ڇاڪاڻ ته مان پاڻ عدليه جو جج ٿي ڪري ڏهاڪو سال اهم حڪومتي مشينري ۾ رهيو آهيان. مير حيات خان ٽالپر جڏهن 85-1984ع ۾ اسيمبلي ميمبر ٿي آيو ته مونکي چيائين ته ”ابڙا صاحب هتي ته ڪجهه به پاور ڪونهي انهيءَ کان ته يونين ڪائونسل جي چيئرمني چڱي هئي!“ يونين ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمينن ته رِڻ ٻاري ڏنو هو ۽ ڪروڙين رپيا خورد برد ڪري ويا هئا. هي هو عوامي نمائندن جو حال!
غلام حسين انڙ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو ته ٻيو ته الائي ڇاڇا پر آفيس جا صوفا، قالين ۽ ڪرسيون به گهر کڻائي ويو. حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ چيئرمين به جهڙوڪ ڌاڙا هنيا. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو مادر پدر آزاد هئا. اڳي مٿن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر جو ڪنٽرول هو پر سياسي نمائندن انهن تي روڪ وجهي ڇڏي. دادو ـ جوهي تڪ مان رئيس علڻ خان لغاريءَ جو پٽ ميمبر ٿي آيو. ڏاڍو صاف گو ۽ مزاحيه طبيعت جو ماڻهو هو. ڪچهري ڪندي مونکي چيائين ته ”ابڙا صاحب، ميمبري مان ته ڦاسجي ويا آهيون. رڳو آهي ڪوري بک، اڳي معمولي وڏيرا هئاسون ته صوبيدار مختيار ڪار بلڪه هيڊ منشي وٽ به هليا ويندا هئاسون ۽ خلق خدا جا ڪم به ڪرائي ايندا هئاسون ۽ پاڇي بچائي به ايندا هئاسون. ڌُر کان وٺندا هئاسون پنج سؤ، صوبيدار کي ٻه اڍائي سؤ ڏئي باقي پنهنجو کيسو به گرم ڪري ايندا هئاسون. هاڻي آهيون مانَ وارا ميمبر صاحب ... سو صوبيدار کي ماڻهو ٿا موڪليون ته اچ! ته اچي ئي نٿو. ڪم به نٿا ٿين ۽ پئسو به ڪونه ٿو ملي. نانءُ وڏو ديهه ويران.“
پوءِ ته ميمبر صاحبن وڙهي جهڙي، بليڪ ميلنگ جا طريقا اختيار ڪري بندوق جي ليسنن جي ڪوٽا، ٽيليفون جي ڪوٽا ۽ نوڪرين جي ڪوٽا ورتي ۽ اهي وڪڻڻ شروع ڪيا. ائين رشوت ۽ سفارش جي بازار گرم ٿي وئي. اهو تمام اهم سياسي ۽ سماجي مسئلو آهي ته ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏجي. يا ته اسيمبلي سرشتو ختم ڪري ميمبرن مان جند ڇڏائجي ۽ پريزيڊينٽ ۽ گورنرن جي سڌي چونڊ ڪرائجي جيئن آمريڪا ۾ آهي. ٻيو طريقو آهي ته جيئن اڳ هو تيئن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر کي ضلعي جا مڪمل اختيار ڏجن ۽ پوليس به سندس ماتحت ڪجي ۽ هو رڳو گورنر ڏانهن جوابده هجي. اهڙي طرح ماڻهن جا سڀ ڪم ضلعي سطح تي ٿي ويندا ۽ کين ڪراچي حيدرآباد جا پنڌ نه ڪرڻا پوندا ۽ نه وزيرن جي درن تي ڌڪا کائڻا پوندا. وزير به گورنر صاحب رڳو چار يا پنج رکي جي وقت بوقت کيس صلاح مشورو ڏين، بس. انهن کي نه ايگزيڪيٽو پاور هجي، نه هئڻ کپن. پوءِ جيڪڏهن ڪامورو غلط هلي ته کيس وٺ ڪرڻ به سؤلي. هونئن به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’ڪامورو ڪچي پنڊي؛درخواست جو کاڄ.‘ هاڻي ته پنڊيءَ جا تِيلا ئي ڪڍي ڇڏيا اٿن ۽ پنڊي رهي ئي ڪانهي. ڪامورو جهڙو ڪمدار يا ميمبر صاحب جي مُڇ جو وار جيڏانهن ورائينس تيڏانهن وري. استاد دامن اهڙي سياسي مڇ (نواب ڪالا باغ جي مڇ) تي واهه جو وار ڪيو. چي،
اے استاد دامن دا شعر اے، ڪسي دي مڇ تـﮯ نهين.“
پيا آهن اهڙا ڪهڙا شخص، جيڪي چوڻو هئن سو چئي ويا. استاد دامن ۽ حبيب جالب ڪير سڏائي.
سچ ٿو ٻڌايانوَ ته جنهن ڪامورا شاهيءَ کي توهان تمام طاقتور ۽ شانائتي سمجهو ٿا سا تمام ڪمزور ۽ ڪمتر (ذليل لفظ استعمال نٿو ڪيان) ٿي چڪي آهي. اڏوهي کاڌل پيل پائو آهي. ڪنهن به وڏي ۾ وڏي آفيسر کي طاقت ناهي جو هڪ معمولي ڪلارڪ ته ڇا، ڪنهن پٽيوالي تي به قدم کڻي سگهي. هڪدم سياسي زور، بار پئجي ويندا. ٻيو ته ٺهيو ڪنهن ڪلارڪ جي باري ۾ ڪو آفيسر ڳجها رمارڪ به نٿو لکي سگهي. شڪارپور ۾ 1956ع ۾ مان جج هئس. هڪ بيلف ڏاڍو نافرمان هو سو سيڙجي سکر پنهنجي سيشن جج فيروز نانا کي وڃي روبرو عرض ڪيم ته ان کي مون وٽان بدلي ڪري ڇڏي. نانا صاحب جيڪو تمام دلير ۽ با اصول آفيسر هو تنهن مونکي چيو ته بدلي ڪونه ڪندوسانس باقي تون کيس پنهنجي چئمبر ۾ سڏي بُلٽ بند ڪري موچڙا هڻي چڱي ڦيهه ڪڍينس. مان ويٺو آهيان پرواهه نه ڪر. مون به ائين ڪيو کيس سڏي در بند ڪري اچي ٿڦن ۽ مُڪن سان ورتومانس. دانهون رڙيون ڪيائين پر مون به ڪونه ڇڏيومانس. گاريون به ڏنيون مانس سڌو ٿي ويو. هر ڪم ۾ حاضر! حاضر! پئي پويس. نانا صاحب ڏي دانهن کڻي ويو ته ان به دڙڪا ڏنس ته ”وڃ وڃي جج صاحب کان معافي وٺ، نه ته نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندو سانءِ!“ ايڏو هو آفيسرن کي ٻل. ائين هلندو هو انتظام.
پوءِ لڳو 1958ع ۾ ايوب جو مارشل لا، تنهن سڄو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو. آفيسرن جون بيعزتيون ڪيون ويون، کين جيل ۾ وڌو ويو. ڪيترن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. ائين انتظامي ڍانچي جون ڌڄيون اڏايون ويون. پنهنجيون خاميون ۽ غلط ڪاريون لڪائڻ خاطر، فوجين، سول آفيسرن تي ٽوڪون ڪيون، گلائون ڪيون ۽ رشوتخوري ۽ بد انتظاميءَ جا الزام مڙهيا. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو! سو شور مچائي فوجي پاڻ اچي لٽ مار کي لڳا. سڀني کي معلوم آهي ته ڇا ڇا نه ٿيو. گورنر جنرل اسڪندر مرزا لکي ٿو ته ”ڏهن پندرهن ڏينهن اندر اهڙي حالت ٿي جو فوجي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ايلفيءَ جهڙي علائقي ۾ معزز دڪاندارن کان دڙڪي داٻ ذريعي شيون مفت ۾ يا ڪوڏين دام ڦرڻ لڳا.“ فوجين اهڙي ڦر لٽ ۽ ڏاڍ ڏمر جو مظاهرو ڪيو جو چنگيز، هلاڪو، تيمور ۽ نادر واري دؤر جون جهلڪيون ڏسڻ ۾ آيون. ماڻهن جي عزت نفس کي تار تار ڪيو ويو. شريف شهرين توڙي پورهيتن کي رستي ويندي جهلي بيعزتو ڪرڻ، اٿ ويهه ڪرائڻ ۽ ڪن پڪڙي ڪڪڙ بنائڻ ته معمول بڻجي ويو. فوجين خود ايڏيون ۽ ايتريون رشوتون ورتيون جو رشوت جو اگهه چڙهي ويو. ميرپور خاص جي ٻن مشهور ماڻهن سان اهڙيون عقوبتون ڪيون ويون جو هڪ دامن شاهه فوجين کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي پاڻ کي شوٽ ڪري گولي هڻي ماري ڇڏيو ۽ ٻئي فقير محمد مڱرئي پل تان درياهه ۾ ٽپو ڏنو. اهو ڏاڍ ۽ رشوت جو دؤر 1958ع کان 1960ع تائين هليو. جنرل ايوب خود اهو محسوس ڪندي، فوجين کي واپس بئرڪن ۾ گهرائي ورتو.
ڀلا فوجي به ڪو فرشتا ته ڪونه آهن. ساڳيو ئي اسانجي معاشري جي پيداوار آهن ۽ اسان جا مٽ مائٽ آهن. تن ڏينهن خيرپور ميرس ۾ منهنجي بنگلي ڀرسان بنگلو هوندو هو مسٽر حق نواز مغل جو، جيڪو زرعي کاتي ۾ ڊائريڪٽر هو. مڙس قدآور، بدن جو ڀريل ۽ ڳالهائڻ جو ڪڙڪيدار هو. شڪارپوري هو. اهڙي نفسانفسي واري دؤر ۾ ٻاهر نڪري زور زور سان پيو چوي ته ”ير! ڳالهه ته ٻڌو، ابي کي ٻه پٽ، تن مان هڪ ٿيو فوج ۾ ڀرتي ۽ مان ٿيس سول آفيسر ته ڇا هُو ٿي پيو حلالي ۽ مان حرامي؟ ٻيلي نطفو ته هڪڙو ئي هو، جي مان حرامي ته هو به حرامي، نه ته ٻئي حرامي يا ٻئي حلالي!!“
ماڻهن کي اهڙيون خارون هيون. ماڻهن کي ايتري نفرت ٿي وئي جو ڪو ورديءَ وارو ڏسندا هئا ته چوندا هئا چپ ڪر ڪُتو (يا سوئر) پيو اچي! پوءِ جڏهن بنيادي جمهوريت جو سرشتو رائج ڪري يونين ڪائونسلون وغيره ٺاهي عوامي نمائندن کي آندو ويو، تڏهن وڃي ڪو ماڻهن جي دلين تي ٿڌو ڇنڊو پيو ۽ بنيادي جمهوريت جا چونڊيل نمائندا جنرل ايوب جا وفادار ٿي پيا. انهن ئي جنرل ايوب کي ووٽ ڏئي، محترمه فاطمه جناح جي مقابلي ۾ ڪامياب ڪيو. پوءِ ته انهن بنيادي ميمبرن، جن کي جسٽس ايم آر ڪياني ڀري ڪورٽ ۾ ’بي بنياد‘ سڏيو، وڏا جاوا ڪيا جيئن مير حيات ٽالپر صاحب جي ڳالهه ٻولهه مان معلوم ٿيو. جنرل ايوب صاحب انهي سرشتي جو نالو رکيو: ’بيسڪ ڊيموڪريسي‘ ۽ جسٽس ڪيانيءَ چيو ’بيس ليس ڊيموڪريسي‘، خير، مطلب هو معاشري جو بگڙڻ، رشوت جو زور وٺڻ ۽ عوام ۽ بيورو ڪريسيءَ جي تذليل. اهو سڀ ڪجهه مارشل لا جو تحفو آهي.

5

مارشل لا جو سڀ کان وڏو تحفو جو قوم کي عنايت ٿيو سو هو منافقي. دعويٰ اها ته رشوت ۽ شراب خوريءَ کي ختم ٿا ڪيون، جي ٻئي چوٽ چڙهي ويا. ضياءَ دور ۾ ته رشوت، سمگلنگ ۽ شراب خوري زوران زور هئي. اسان پاڻ اکين سان ڏٺو ته جيڪو ملٽري وارو مٿي تي لوهي ٽرنڪ رکي آيو ۽ پٽ تي بسترو وڇائي اچي سمهيو سو ڏسندي ڏسندي بنگلن، موٽر گاڏين، قالينن ۽ پلنگن جو مالڪ ٿي ويو. منهنجو هڪ برگيڊيئر قريشي واقف ٿيو. ان سان اهڙي ڳالهه ڪيم ته ڪاوڙجي تپي باهه ٿي ويو. چي: ”توهان جا سويلين آفيسر ڪمائيندا هئا ته توهان کي اعتراض ڪونه هو، هاڻي جڏهن هي غريب، قوم جا محافظ ڪمائين ٿا ته توهان کي ساڙ ٿو ٿئي.“ هيءَ هئي ذهنيت! مطلب ته ڀلي فوج جو به وارو اچي ۽ هو ڪمائين. شرابخوري اهڙي جو حيدرآباد ۾ سائينجيز هوٽل ڀرسان رمضآن شريف جي مهيني ۾ سڄي سڄي رات فوجي پيا شرابخوري ڪندا هئا. ڪير ڪڇي!؟ مان اسلام آباد بدلي ٿي ويس ته هڪ وڏي آفيسر ڳالهه ڪئي ته اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ جنرل (نالو نٿو لکان) ڏينهن رات ڪار ۾ چڙهي پيو هلندو هو ۽ بندوبستن جي نظر داري ڪندو هو ۽ هلندي هلندي رڳو پيو وهسڪي پيئندو هو. سو هڪ رات نشي ۾ ٽٻ ٿي، ايمبسي روڊ تي اسٽيئرنگ مٿان بيهوش ٿي سمهي رهيو. صبح جو سپاهين کيس سڃاڻي گهر پهچايو. جي چئون، ته چوندا ته ”پوءِ ڇاهي؛ ملڪ مٿان جان قربان ڪرڻ وارا به ته اهي ئي آهن.“
ڄام صادق علي خان مرحوم کي مذاح جو عجب انداز هو. هڪ دفعي سندس هل پارڪ واري بنگلي تي سياري جي رات ۾ ويٺا هئاسون ته هڪ فوجي ڍير ساريون درخواستون پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ کڻي آيو. اهو ڀٽي صاحب وارو دؤر هو. ڄام صاحب ساڻس عزت سان پيش آيو ۽ درخواستون وٺي ”حاضر!“ چئي ٻين ماڻهن سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هن فوجي صاحب کي مٺيان لڳي، سو جوش ۾ اچي چوڻ لڳو ته ”فوجي جوان پنهنجا سر ڪٽائن ٿا، توهان هنن کي پلاٽ به نٿا ڏيو!“ ڄام صاحب قلم رکي نهايت معصوم بڻجي کيس چيو ”ڀائو معاف ڪجانءِ، مونکي خبر ئي ڪانه هئي ته فوجي جوان پنهنجا سر پلاٽن لاءِ ڪٽائين ٿا؟“ هو صاحب اهڙو ششدر ٿيو جو ککو وکو ٿي لاجواب ٿي اٿي هليو ويو.
ڄام صاحب پراڻو پارليامينٽرين هو ۽ ڏاڍو برجستو ۽ بروقت مذاق ڪندو هو. هڪ دفعي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مرحوم ظهور الحسن ڀوپاليءَ جو گُڪو ۽ قد جو ننڍڙو هو سو عادت موجب زور زور سان چيخون ڪري ڳالهائڻ ۽ ميز تي مڪون هڻڻ لڳو. جڏهن بس ڪيائين ته ڄام صاحب اطمينان ۽ صبر سان چيو ته ”اسپيڪر صاحب، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته ’مِڪي مائوس‘ (Mickey Mouse) کي ڪهڙي تڪليف هئي ۽ الائي ڪهڙي چُون چان پئي ڪيائين.“ انهي تي نواب مظفر قدآور ۽ وٽيل مڇن سان، اٿي بيهي رهيو ۽ اعتراض اٿاريائين ته ڪنهن معزز ميمبر کي مِڪي مائوس چوڻ نامناسب ۽ غير پارلياماني آهي. ڄام صاحب وري به اٿي بيهي حيرت ۽ معصوماڻي انداز ۾ چيو، ”سائين، مون مُڇُو مائوس ته ڪونه چيو هو، نواب صاحب اجايو غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو آهي.“ سڄي هائوس ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ نواب مظفر به ڦڪو ٿي چپ ڪري ويو.
معاشري جي بگاڙ ۽ رشوت جي ڳالهه پئي ڪئي سين. جنرل عتيق الرحمان شخصي طرح ڏاڍو ڀلو ۽ شريف ماڻهو هو. ون يونٽ جو گورنر به بڻيو. فيڊرل سروس ٽربيونل جو چيئرمين ٿيو. هڪ ڏينهن فوجين جي وڏي دعوت ۾ اعلان ڪيائين ته ڪجهه جايون تحصيلدارن ۽ نائب تحصيلدارن جون آهن. توهان مان جو اچڻ چاهي سو مون کي هتي ئي درخواست ڏئي. اتي ئي کيس سوين درخواستون مليون جن ۾ ميجر، ڪرنل ۽ برگيڊيئر شامل هئا. هي ملڪ لاءِ سر ڪٽائڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيا هئا. جنرل صاحب کانئن دخواستون وٺي پوءِ جو کين بڇڙو ڪيو سو خدا ڏسي ۽ بندو سهي. ڏاڍو کين شرمسار ڪيائين ته فوج جو ههڙو پيشو ڇڏي محض رشوت ۽ پئسي خاطر معمولي نوڪرين لاءِ ڀڳا ٿي آيا.
رشوت جو چسڪو ۽ پئسي جو چسڪو ماڻهو کي مرون بڻائي ٿو ڇڏي. ايڏي رشوت هلي، ايڏي رشوت هلي جو فوجي آفيسر رشوت ۾ ڪار جون چاٻيون ۽ فليٽ جون چاٻيون گهرڻ لڳا. مون کي مسٽر خالد ٽالپر جو ان وقت هائوس بلڊنگ فائنانس ڪارپوريشن جو چيئرمين هو تنهن ٻڌايو ته ڊفينس جا سڀ بنگلا يا ٻيا فوجين جا گهر، سڀ جو سڀ قرض کان آزاد ٿي ويا ۽ قسطون پيارجي ويون. انهيءَ صورتحال جو فائدو ورتو، پوليس. هونئن جو ڪم 500 روپين يا هزار ٻن روپين ۾ ٿي ويندو هو تن لاءِ پوليس لکين روپيه گهرڻ لڳي. رشوت جو اگهه وڌي ويو. پوليس کلئي عام چوڻ لڳي ته ڇا ڪجي، فوجي صاحبن کي پئسا پهچائڻا آهن. ائين پوليس هٿان به فوج بدنام ٿي. ڊڪٽيٽر هونئن به پوليس کي عوام مٿان سوار ڪري حڪومت ڪندو آهي ۽ پوليس جو اهڙو مٿو ڦري ويو جو ڪنهن جي پٽڪي لاهڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو. ڪراچي جو هر هڪ ايس ايڇ او مهيني ۾ هڪ ڪروڙ ڪمائڻ لڳو. ان ۾ ايس پي کان وٺي آءِ جي تائين حصيدار هئا. ايس پي لاءِ هر ضلعي جي منٿلي مقرر هئي. سکر ضلعي جي 22 لک روپيه مهينو لاڙڪاڻي جي 12 لک روپيه مهينو. مون رڳو هڪڙو ايس پي مسٽر خواجه اهڙو ٻڌو جنهن منٿلي وٺڻ کان انڪار ڪيو.
انهي خواجه صاحب منهنجي دوست ملا حاجي احمد جو مقولو غلط ثابت ڪري ڏيکاريو ته، ”ايماندار ڪو به نه آهي رڳو قيمت وڌيڪ هوندس!“ مون مٿي لکيو آهي ته پئسي جي چوس ماڻهوءَ کي مرون بڻائي ٿي ڇڏي. هرو ڀرو ائين به نه آهي برابر هڪڙا ڪروڙن هوندي به ڄرڪن وانگر وات ڦاڙيو ويٺا آهن ۽ ڍڍ ڀرجين ئي نه ٿو. ٻيا حضرت امام حسن عليھ السلام، حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنھ ۽ حضرت عثمان رضي الله عنھ جهڙا جيڪي سڀ ڪجهه خلق خدا لاءِ خرچ ڪري ڇڏين. شڪارپور جو راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند اهڙي وڏي ۽ شاندار اسپتال ٺهرائي ويو جا اڄ ڊسٽرڪٽ سول اسپتال آهي ۽ منجهس سول سرجن جي رهائش گاه به آهي. ڪن کي پئسي جو موهه آهي ڪن کي نه. ڪي اهڙا جو پئسو جيئن به اچي، ڪٿان به اچي، ڪهڙي به نموني اچي، خوشيءَ سان ڳڙڪائيندا ويندا.
دنيا جا ڏاها اڃا تائين بحث ڪندا اچن ته طريقا اهم يا نتيجا. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”نتيجو (ڪاميابي وغيره) ثابتي آهي طريقن جي صحيح هجڻ جي.“ نيڪ ۽ چڱا ماڻهو وري چون ته ”طريقا چڱا وٺجن ۽ نتيجن جي پرواهه نه هجي.“ اهو جهڳڙو هليو اچي. اسان جي مذهب اسلام ته طريقن کان به اڳ ۾ نيت تي زور ڏنو. لازم آهي ته نيت چڱي ته طريقا به صحيح اختيار ڪبا ۽ نتيجو الله تي ڇڏبو. باقي اها ته سئين سڌي بيهوده ڳالهه آهي ته ڪهڙا به طريقا وٺي ڪاميابي حاصل ڪجي. ائين اصل ڳالهه ته وٿين مان وهي ٿي وڃي ته جنهن کي اسين ڪاميابي چئون ٿا سا ڪاميابي آهي به يا نه؟ ائين ته هر بڇڙائي جو جواز نڪري پوندو. علاؤالدين خلجي سهري کي مارائي بادشاهه ٿي ويٺو. اورنگزيب پيءُ کي قيد ۾ وجهي ڀاءُ دارا کي شهيد ڪري شهنشاهه بڻجي ويو، ڇا ان کي ڪاميابي چئبو؟ حقيقت ۾ مغل سلطنت جي زوال جو بنياد ئي اورنگزيب وڌو.
ڀلا ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪرڻ صحيح آهي يا ڪاميابي آهي؟ ڳالهه چٽي پئي آهي. ڀلي پيو ڪوئي ڌوڙ پائي. هڪڙا ته اهڙا نيڪ دل آهن جو ڪاميابي حاصل ڪري به خوش ڪونهن. 1950ع ڌاري مان سکر ويس. علي حسن منگي وٽ رهيس جو پوءِ ايم. اين. اي به ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ اسان جو پاڙيسري دوست هو. شيخ اياز سان ملڻ ويس. هو ڪو منهنجو دوست ڪونه هو بس ڪاليج ۾ گڏ هئاسين. عليڪ سليڪ هئي ۽ هڪٻئي لاءِ عزت به هئي. مون کي اڃا وڪالت جي سند ڪانه ملي ۽ شيخ صاحب ڪامياب ۽ مشهور وڪيل ٿي چڪو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ کيس سٺي آفيس، سٺو گهر، جام پيسو ۽ زندگي جون سڀ سهولتون ميسر هيون. مون کيس سندس ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني. شيخ صاحب جيڪو جواب ڏنو سو اڄ به 46 سال گذري وڃڻ جي باوجود مون کي اکر به اکر ياد آهي. چيائين ته، We are thriving on the miseries of others يعني اسين وڪيل، ٻين ماڻهن جي ڏکن ۽ تڪليفن تي پيا تڳون ۽ جاوا ڪيون. مطلب ته ڪاميابي ماڻي به دليئون خوش نه هو. اها هئي سندس حساس دل. نه ته عام وڪيل ته هڪ ڪيس مان ٻه ٽي ڪيس ٺاهي ماڻهن کي پيا وچڙائيندا.
ٻڌو هئم ته اياز مهمان جو آڌرڀاءُ نه ٿو ڪري. اهو مون پاڻ خيال سان ڏٺو. مان شام جي مهل وٽس ويو هئس. مون سان ڪجهه وقت گڏ ويهي اٿي کڙو ٿيو، چيائين ”تون ويهه مان ڪم ڪري وٺان!“ ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪيسن جا فائيل ڪڍي پڙهڻ ۽ نوٽ لکڻ بلڪه ٽائيپ ڪرائڻ لڳو. ڪلاڪ ڏيڍ مون ويٺي اوٻاسيون ڏنيون. نيٺ اندر وڃي موڪلايو مانس ته چيائين ته ”ويهه، اجهو ٿو ڪم اڪلائي اچان!“ مون ڏٺو ته ڏاڍي ڌيان سان هر هڪ ڪيس بابت لکرايائين پي. ان وچ ۾ مشهور وڪيل ۽ پيارو دوست جمال صديقي به پنهنجي گاڏي کڻي آيو ۽ کيس راڳ ناچ تي وٺي وڃڻ جي دعوت ڏنائين پر اياز ساڻس نه ويو. چيائين ته ”اڃا ڪم ڪرڻو اٿم.“ اياز رات جو يارهين بجي ٻاهر آيو ۽ مون کي چيائين ”هل ته هاڻي تازي فضا ۾ نڪرون!“ پنهنجي گاڏي ۾ کڻي سکر بئراج اڪري پرئينءَ ڀر سينٽرل جيل طرف گاڏي بيهاري لٿاسون. تارن ڀري رات، ٿڌڙي رات، پرئينءَ ڀر سکر شهر جو جهر مر ڪندڙ بتين وارو شهر، مقناطيسي نظارو هو. وڏي ڳالهه ته بئراج جي برجن تي جي بتيون هيون تن جو درياهه جي پاڻي مٿان لهردار اولڙو اهڙو ته جادو خيز هو جو مان هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ اياز کي چيو ته ”اياز هي بتين جو اولڙو ته ڏس!“ اياز بيهي رهيو ۽ چيائين ”جمال منهنجي شاعري جو راز هي نظارو ۽ روشني آهي، بس!“ فقط مون ۽ اياز ڄاتو ٿي ته هن روشنيءَ جو مطلب ڇا هو. ٿورو اڳتي هلي اياز مون کان اوچتو سوال ڪيو، ”جمال، خدا کي مڃين ٿو. مون چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن!“ تن ڏينهن گفتگو گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ ٿيندي هئي. ايتري قدر جو مان ته سوچيندو به انگريزي ۾ هئس. سو سوال هو “Do you believe in God?” مون چيو “sometimes” اياز هن جواب کان ايڏو متاثر ٿيو جو ڦري منهنجي اڳيان ٿي بيٺو ۽ منهنجي ٻنهي ٻانهن کي هٿن سان پڪڙي چيائين، ”سچ ٿو چئين. ڪڏهن ڪڏهن ان کان سواءِ چارو ئي ڪونهي.“ True, (sometimes there is no wayout) مون ان ڏينهن، ان مهل، اياز جي اکين ۾ هڪ ازلي mystic ڏٺو. ان واقعي کان پوءِ اسين هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا ويا سين. مون ته ڄڻ سندس روح ۾ جهاتي پائي ورتي هئي. هاڻي پاڻ فيصلو ڪيو ته اهڙو مٺو ماڻهو، اهڙو دل جي اٿار وارو ماڻهو ۽ اهڙو فرض شناس ۽ محنتي ماڻهو ڪيئن رکو طبيعت ۽ غير مهمان نواز سڏبو. ماڻهو اهڙا لقب اڪثر پنهنجي اوڻاين کي ڏسي الزام وري ٻئي تي ٿوپيندا آهن.
منهنجو پيارو دوست نور محمد سمو چوندو هو ”گندو ٻار، گندا خيال!“ منهنجو ذاتي تجربو آهي ته ڪوڙو ماڻهو، هر ٻئي ماڻهوءَ کي ڪوڙو سمجهندو ۽ سڏيندو آهي، سو به وڌاءَ ڪري چوندو، ” فلاڻو! توبهه، قرآني، ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪوڙو!“ هڪ مختيارڪار هو مسٽر سرهيو. هن کپري کان وٺي ميرپورخاص تائين مون سان سفر ڪيو. هو مشهور رشوتي هو. سڄي واٽ پنهنجي ايمانداري جي تعريف ۽ ٻين تي راشي هئڻ جا الزام زور زور سان هڻندو آيو. منهنجا ڪن پچائي ڇڏيائين. ٻيو ته، اسلام اسان کي اصول ڏنو آهي ته حسنِ ظن رکو! يعني جيڪڏهن ڪو به واقعو ڏسو يا ٻڌو جنهن مان چڱائي، جون جهلڪون اچن ته چڱائي وارو خيال دل ۾ آڻيون. مون اياز ۾ اها چڱائي ڏٺي ته گِلا کان بي نياز پنهنجي ڌن ۾ پنهنجي محنت ۽ فرض جي پوئواري ۾ لڳو رهيو، پوءِ ڀل اڳلا کيس بي مروت سمجهن.
سنڌ يونيورسٽي ۾ آيو ته ائين بي نياز ٿي استادن ۽ شاگردن ٻنهي ڌرين کي ڪاوڙائي پڙهائي جو ماحول قائم ڪيائين. ڪنهن تيسمار کان ڪونه ڊنو ويندي سائين جي ايم سيد جنهن جي هو مرشد جهڙي عزت ڪندو هو سو به ڪاوڙجي پيس. ٿيو ڇا جو جيئي سنڌ جا شاگرد شراب پي، ڦاٽڪ جي هوٽلن تي ويهي ڪباب ۽ ڪڪڙ کائي، هوٽل واري کي پئسا گهرڻ تي مار ڏئي يونيورسٽيءَ جون گاڏيون کڻي لوفرپائي ۽ بي حيائي واريون حرڪتون ڪندا هئا. اياز کنيو ڏنڊو ته سائين جي ايم سيد به ڪاوڙجي پيس. مون ڏهاڪو سال سياستدانن سان قريبي طرح ڪم ڪيو آهي. مون اهو ڏٺو آهي ته هر سياستدان سخت شڪي مزاج، شخصي وفاداري کڻي ’خوشامد‘ چئجي، جو قائل ۽ هڪدم وار ڪرڻ وارو ٿئي ٿو، ڪنهن کي ڪونه بخشيندو، ڀلي کڻي سندس پٽ يا ڀاءُ ڇو نه هجي. اڳلي جون مجبوريون چڱايون پل ڀر ۾ وساري ڇڏيندو ۽ بيعزتو ڪندي دير نه ڪندو.
محمد ابراهيم جويو صاحب تمام نفيس، نرم مزاج ۽ ڳالهائڻ جو نهايت منطقي ۽ وزندار ڳالهه ڪرڻ وارو آهي. هڪ دفعي منهنجي روبرو جويو صاحب آيو ۽ پٽ تي ويهي ٻئي هٿ سائين جي ايم سيد جي پيرن تي رکي ساڻس مليو. محفل ۾ ڪنهن معاملي تي سائينءَ، جوئي صاحب کان رايو پڇيو. جوئي صاحب ڪي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون ۽ اهڙو رايو ڏنو جو سائينءَ پنهنجي مخالفت سمجهيو ته هڪ دم ڏند ڪرٽي چيائين ”ڀيڻچوت، فلاڻي جي ڀڙوت پيو ڪري؟“ مان ته ائين ٻڌي سراپجي ويس ته هن ماڻهوءَ سان ڪيئن گڏ هلي سگهبو. انهي واقعي جو تاج جويو شاهد آهي، مڃي نه مڃي سندس مرضي! جيڪو ماڻهو جوئي صاحب جهڙي وفادار ماڻهوءَ کي ٿورڙي ڳالهه معاف نه ڪري سگهيو، تنهن اياز لاءِ ڪيڏو طوفان مچايو هوندو. هونئن مون سائين جي ايم سيد وٽ راتين جون راتيون گذاريون آهن. ڏاڍو مٺو ماڻهو، قربائتو، مهمان نواز، ڌُن جو پڪو، ڄاڻو ۽ وطن پرست، پر رڳو چپ ڪري ويهي ٻڌو، خبردار جو ڪنهن ڳالهه تي تنقيد يا مخالفت ڪئي اٿوَ.
ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪري، ماڻهو الائي ڪٿي وڃي ٿو پهچي. مارشل لا دوران يا چئجي ته گذريل 30 سالن دوران، بيوروڪريسيءَ کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي سمورو ڏوهه ان مٿان لڏيو ويو آهي. بيوروڪريسي کي بڇڙو ۽ ڏوهاري قرار ڏئي؛ سڀ برايون پنهنجي کيسي ۾ وجهي ۽ بيوروڪريسيءَ جي سڀني چڱاين کي طلاق ڏئي، سياستدان پوءِ اهي سويلين هجن يا فوجي، گور ڍڳي وانگر ٿونا هڻندا ۽ ڀيل ڪندا آيا آهن. پاڻ وري اهڙا جاهل ۽ اڻ ڄاڻ جو قابليت جو معيار اهو سمجهڻ لڳا ته بيوروڪريسي جي هر مشوري يا قانوني صلاح کي ريٽي سگهن. چوندا آهن ’هڪ چوري ٻي سينا زوري‘. هڪ ته قائدو قانون ٽوڙين مٿان وري پنهنجي قابليت جي ڊاڙ ۽ لٻاڙ اها هڻن ته ”مون سيڪريٽري کي اهڙي ڇنڊ ڪڍي جو ياد ڪندو يا سندس نوٽ کي ٿڪ به نه هنيم.“ اهو هو معيار قابليت جو، پوءِ اونداهه ٿيندي ڪي نه؟ ائين بيوروڪريسي ڪمزور، هيڻي ۽ بيوس ٿيندي. نتيجي ۾ ماڻهو آزار ۾، ملڪ آزار ۾، سياست آزار ۾ ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن افراتفري، دانهن پڪار، ڌرڻا ۽ ڌوڙيا گارين جا. آفيسر به ڪيترو وڙهندا. هر ڪو ته عبدالله ميمڻ، عبدالحق وڪو، طارق امين ۽ محمد يوسف ڪونه ٿي سگهندو.
هتي عبدالحق وڪي جو ذڪر آيو آهي سو به ٻڌائيندو هلجي. هو بولٽن مارڪيٽ ٿاڻي جو فوجدار (انسپيڪٽر پوليس) هو. کيس کهڙي صاحب چيف منسٽر حڪم ڏنو ته مير غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري اُٺ تي چاڙهي، مٺيءَ ۾ نظر بند ڪيو وڃي. عبدالحق صاحب صاف انڪار ڪيو. ٻيو هتي انسپيڪٽر هو غلام النبي فاروقي (اڄ ڪلهه جي مشهور دل جي ماهر ڊاڪٽر اظهر فاروقي جو والد) تنهن ان ڪم لاءِ حامي ڀري ۽ مير غلام علي ٽالپر جهڙي نفيس ماڻهوءَ کي اُٺ تي چاڙهي مٺيءَ ۾ نظر بند ڪري آيو. غلام النبي فاروقي صاحب کي انهي خدمت عيوض ترقي ڏئي عبدالحق مٿان ڊي ايس پي ڪيو ويو. تن ڏينهن ۾ خان صاحب غلام اڪبر آءِ جي پوليس هو ۽ خان بهادر کهڙي جهڙو ’مرد آهن‘، سندس کيسي ۾ پيو هوندو هو. وري جڏهن مان کپري ۾ سب جج هئس ته عبدالحق سانگهڙ جو ايس ايس پي ٿي آيو. اتفاق سان خان بهادر وساڻ جي اوطاق تان چوري ٿي. خان بهادر وساڻ هڪ ٻيو ’مرد آهن‘ هو جنهن جي خانبهادر کهڙي سان گهاٽي ياراڻي هئي؛ چون ٿا ته کهڙي صاحب جو سمورو خرچ پکو خانبهادر وساڻ جي ذمي هو. کهڙو صاحب ان وقت چيف منسٽر هو.
وساڻ صاحب جي گهر مان چوري ٿيڻ تي وساڻ صاحب اصل ڇتو ٿي پيو. چي ”اها چوري عمر ڪوٽ واري سيد غلام حيدر شاهه (مظفر حسين شاه جي والد) ڪرائي آهي سو ان کي گرفتار ڪيو وڃي.“ مون وٽ به وساڻ صاحب جو سوٽ غلام حيدر وساڻ آيو ۽ چيائين ته ”عبدالحق کي سمجهاءِ!“ مون صاف انڪار ڪيو ته غلام حيدر صاحب ڌمڪي جي انداز ۾ چيو ته ”سوچي وٺو!“. مون چيو ته ”سوچيو پيو آهي.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالحق صاحب بنا گارڊ ۽ سپاهيءَ جي منهنجي گهر آيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي چيائين ته ”مون کي رِورٽ ڪري مٺيءَ جو ڊي ايس پي ڪيو اٿن؛ سو وڃان پيو مٺي ... سائين مزو ٿيو. ڏاڍا شڪار ڪندا سون. هرڻ، مور ۽ نيل گانءِ. واهه واهه ٿي وئي.“ مون وٽ رات گذاري مٺيءَ هليو ويو. پڇيو مانس ته ”چارج شيٽ ڪهڙي ملي آهي.“ کلندي چيائين ”سائين سٺي چال چلت جو سرٽيفڪيٽ آهي ڏسو!“ مٿس چارج هئي ته، ”تون پنهنجي حيثي آفيسرن سان، عام پبلڪ سان حتيٰ ڪه ماتحتن سان به حد کان وڌيڪ سٺو سلوڪ ڪرين ٿو جو هڪ پوليس آفيسر لاءِ مناسب ناهي؟“ پڇيو مانس ته ”چارج جو جواب ڪهڙو ٿا ڏيو؟“ چيائين ”ڇا جو جواب، سٺي چال چلت جو ڪو جواب ڏبو ڇا؟“
خان بهادر کهڙو لٿو ته وري سانگهڙ جو ايس پي ٿي آيو. رٽائرمينٽ جي درخواست ڏنائين ته نامنظور ٿيس ته استعفا ڏنائين ۽ اچي ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي زمينن تي ويٺو. اڄ تائين 85 سالن جي عمر ۾ ٽنڊي آدم جو معزز هلندي پڄندي وارو ماڻهو آهي. ون يونٽ ٺهيو ته پينشن لاءِ درخواست ڏنائين جا نامنظور ٿيس. سندس هڪ ماتحت پوليس آفيسر هو ڪرم الاهي جو ڏاڍو چڱو ماڻهو ۽ سٺي طبيعت جو هو. اهو پنجابي هو تنهن چيس ته ”مان ٿو پينشن منظور ڪرائي اچان.“ اهو لاهور ويو ته اصل آرڊر کڻي آيو ته ”چوڌري عبدالحق جي پينشن پوئين تاريخن کان وٺي منظور ڪئي وڃي ٿي.“ ائين سالن کان پوءِ يڪمشت ٽيهه پنجٽيهه هزار مليس. عبدالحق چيو ته ”بابا وري هي چوڌري ڪهڙو؟“ ڪرم الاهي مرڪي چيو ”سائين انهي کيڏ ته ڪم ڪيو.“ ڇا اڃا به ڪو چوندو ته ون يونٽ ۾ پنجاب ۽ پنجابين جي حڪومت ڪانه هئي.
سو مون ٿي چيو ته بيوروڪريسيءَ کي هٿ وٺي ڪمزور ڪيو ويو. مون مٿي لکيو آهي ته مسٽر فيروز نانا جي چوڻ تي هڪ بيلف کي مون ڪيئن سڌو ڪري ڇڏيو. ان جي ابتڙ سن 1967ع ۾ جڏهن مان حيدرآباد ۾ جج هئس ته منهنجو هڪ شيدي پٽيوالو ڏاڍو حرڪتي هو ۽ وڪيلن سان به الجهندو هو. مان ڪن لاٽار ڪري ويندو هئس. منهنجو سيشن جج هو مسٽر ايم ايس ايڇ قريشي جو ڪمشنري ڇڏي اچي سيشن جج ٿيو هو. ڏاڍو سمجهدار ۽ ڀلو ماڻهو هو. مون کي گهرائي چيائين ته ”ان پٽيوالي تي قدم ڇو نه ٿو کڻين؟“ مون چيو ”بيسود ٿيندو.“ چيائين ”مان ويٺو آهيان چارج شيٽ ڏينس ته مان کيس سسپينڊ ڪري انڪوائري ڪري قدم کڻندس.“ چيم ”نه، ڇو ته اها انڪوائري پٽيوالي تي نه پر مون تي ٿيندي جو هو الزام تراشي ڪندو.“ ته به قريشي صاحب، جو بعد ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو هو، جي چوڻ تي انڪوائري ٿي ۽ پٽيوالي مون تي الزام هنيو ته کانئس خانگي ڪم ورتو ويندو هو ۽ سندس انڪار تي مٿس انڪوائري ڪئي وئي هئي. بهرحال، انڪوائريءَ ۾ هو ڏوهي ثابت ٿيو پر قريشي صاحب ڪا سزا نه ڏني ۽ موٽائي کيس مون وٽ رکيائين. قريشي صاحب مون کي سڏائي افسوس جو اظهار ڪيو. چيائين تو صحيح چيو هو. مون کي مجبور ڪيو ويو، هاڻي ٻڌايو ته ڇا رهيو منهنجي منهن ۾ يا قريشي صاحب جي منهن ۾.
شيدي بادشاهه هنبوشي هڻندو اچي منهنجي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو. مون پنهنجو نسخو استعمال ڪيو. چيومانس ته تنهنجي ڊيوٽي رڳي اها آهي ته ڪورٽ ۾ اندر بيٺو هج ۽ جوابدارن ۽ عام پبلڪ تي نظر رک. پهريائين ته هو خوش ٿيو ته جوابدارن جي مٽن مائٽن ۽ شاهدن اوڳاهن جا ڪم ڪاريون سندس هٿ ۾ هوندا پر مون کيس ڀت سان ٽيڪ ڏياري بيهاري ڇڏيو ته جيسين ڪورٽ پوري ٿئي تيسين ائين جو ائين بيٺو هج. پوءِ ته اچي بيزار ٿيو ۽ ٿڪو، سو وڪيلن کي ميڙ منٿون ڪيائين ۽ جسٽس قريشي صاحب کي به دانهن ڏنائين ته ساڻس ڪهڙي ويڌن آهي. اهو پاڻ خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ”وڃي ابڙي صاحب کان معافي وٺ!“ ايڏو فرق پئجي ويو هو 1957ع کان 1967ع واري ڏهاڪي ۾ جو جنرل ايوب جي مارشل لا جو دور هو.
ان دور ۾ انتظاميه جو ٻيڙو ٻڏي ويو. دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهه ڪئي ته گورنر ڪالا باغ، ايس پي دادوءَ کي سندس روبرو چيو ته هن جي، يعني ڊپٽي ڪمشنر جي پارت اٿئي، هي پنهنجو ٻچو آهي. حالانڪه ايس پي هڪ ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جو ماتحت ليکيو ويندو هو ۽ سيليوٽ ڪري بيهي رهندو هو جيسين ڪليڪٽر صاحب ويهڻ جو اشارو نه ڪري. هاڻي ته معمولي ٿاڻيدار ايس ايڇ او به ڊي سي جو ماتحت نه رهيو آهي. مون سيشن جج پير غلام حيدر جي ڳالهه ڪئي ته هو جڏهن سيوهڻ جو سب جج هو ته دادو جو ايس پي ۽ ڊي سي ٻئي انگريز هئا. پاڻ ۾ دوست هئا ۽ روز ڪلب ۾ گڏ ٽينس راند کيڏندا هئا. پير صاحب مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾، ڊي سي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هو تنهن سان ملڻ ويو. ساڻس ملي ٻاهر نڪتو ته ايس پي جي بنگلي (جيڪو لاڳيتو هو) وٽان لنگهيو ته ڊي سيءَ جو نائب پٺيان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته ڊي سي صاحب توهان کي سڏي ٿو.
پير صاحب حيران پريشان وري ڊي سي صاحب وٽ آيو ته هن انگريز صاحب تيز سوال ڪيس ته ”ايس پي سان ملڻ ٿي وئين ڇا، متان ائين ڪيو اٿئي، تون مئجسٽريٽ آهين ۽ هو هڪ پوليس آفيسر، توکي ساڻس ملڻ نه گهرجي!“ اهو هو انگريز جو انتظام. سنڌ سان بمبئي پوليس ائڪٽ لاڳو هو جنهن موجب پوليس، مئجسٽريٽ جي ماتحت هئي. نواب ڪالا باغ سنڌ سان پنجاب پوليس ائڪٽ لاڳو ڪيو ۽ پوءِ سنڌ به پنجاب وانگر پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي. اها غير جمهوري حڪمرانن جي ضرورت هئي ته پوليس معرفت سڀ اختيار محفوظ ڪن. انهي ڳالهه جي خبر نه هئن نه پرواهه هئن، ته سڄي نظام کي ڪمزور ڪري معاشري ۽ سماج جو ٻيڙو پيا ٻوڙين. نتيجو اهو نڪتو جو پوليس ڌاڙيل پالڻ شروع ڪيا ۽ فوجين کي به سڄي ڄاڻ هئي پر حصه رسي خاطر چشم پوشي ڪندا رهيا.
جنرل ايوب ۾ اها ته چڱائي هئي جو خبر پوڻ تي هڪدم فوج کي واپس بئرڪن ۾ گهرايائين. جنرل ضياءَ ته بادشاهيءَ جا خواب پاڻ به ڏٺا، ٻين جنرلن کي به ڏيکاريائين بلڪه جنرلن جي اولاد ۾ به اهي جيوڙا ڀريائين. اڄ تائين جمهوري حڪومت جي اٺن سالن (1988ع کان 1996ع) باوجود اسان جي مٿان فوج جي تلوار يا بندوق اڀي بيٺي آهي. ڪو اعتبار ڪونهي ته ڪنهن مهل، ڪنهن گهڙي ڇا ٿئي. اهڙي صورتحال غير جمهوري ۽ اقليتي طبقن لاءِ اميد افزا آهي جو هو ڄاڻن ٿا ته جمهوري طريقن سان ڪڏهن به حڪومتي ايوانن تائين نه ٿا پهچي سگهن، سواءِ فوجي راڪاس جي معاونت جي.
هيڪر ڊڪٽيٽر شاهي مسلط ٿي وڃي ته اهي اقليتي ۽ غير جمهوري طبقا ٽولا ٽان ٽان ڪري پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري اچن ٿا. عجيب ۽ غريب دلفريب نعرا، اسلام جو نفاذ، نظام محمدي، شهري حقوق، سرمايه ڪاري جي آزادي وغيره ڏئي خوشامدي پريس ۽ بيوروڪريسيءَ جي طاقت جي غلط استعمال سان پنهنجون بکايل خواهشون پوريون ڪن ٿا. اهڙا طبقا ڪڏهن به جمهوريت کي پسند ڪونه ڪندا بلڪه مخالفت ڪندا ۽ جمهوري ادارن کي تباهه ڪندا ۽ شخصي طبقاتي مفاد حاصل ڪري ڀڀ ڀريندا ۽ ٻين هم خيالن کي به هڏي وجهندا ۽ وڏي ڳالهه تي قانون جي حڪمراني ٽوڙڻ لاءِ پوليس کي زور وٺائيندا ۽ هر چڱي مٺي جي پڳ لاهي کيس ماٺ ڪرائيندا يا لٽ مار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري بريف ڪيس يا لفافن جو ڪلچر وجود ۾ آڻيندا.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته حڪومت جون جيڪي ٽي مکيھ شاخون آهن تن کي محفوظ ۽ خود مختيار رکجي ۽ انهن سان کؤنس نه ڪجي. قانون ساز ادارا (اسيمبليون وغيره) پاڻ کي قانون سازي تائين محدود رکن ۽ حڪمرانيءَ جا خواب نه لهن. بيوروڪريسيءَ کي با اختيار ۽ خود مختيار بڻائي قانوني دائري اندر حڪمراني جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي. جيئن ماڻهو ٻين درن يعني سياسي ليڊرن ۽ ڪارڪنن وٽ ڌڪا کائڻ نه وڃن. عدليه وري آئين موجب بيورو ڪريسي جي عملن تي ڪرڙي نظر رکي ۽ قانون ساز ادارن جو تحفظ ڪري. پوءِ ڪا به گڙٻڙ ڪانه ٿيندي ۽ معاشرو آهستي آهستي نارمل ٿي، ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ويندو؛ يعني هلي پوندو ۽ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻڻ شروع ڪندو.
قانون ساز (ميمبر صاحبان ۽ وزير) به جڏهن حڪمرانيءَ جي جهنجٽ کان آزاد ٿيندا ته سندن ڌيان ويندو ته سرمائيداريءَ جي نانگ جو مٿو ڪيئن ڪچلجي، دلال ۽ دلاليءَ کي ڪيئن ڪڍي ڦٽو ڪجي ۽ زرعي آبادگار کي زنجيرن مان ڪيئن آزاد ڪري معيشت کي زور وٺائجي. هاڻي ڇا ٿيو آهي جو سياستدان پنهنجو اصل فرض وساري، حڪمرانيءَ جي چڪر ۾ هر شعبي ۾ بيوروڪريسي، پوليس، زمينداري ٺيڪيداري، سرمائيداري ۾ هٿ پير ٻوڙيون ويٺا آهن ۽ ويٺا چَڪين ۽ کائن ۽ چشڪيون وٺن. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’ڄاڻين پاڻ ڪونه، ماري خطابي.‘
سياستدان خاص ڪري ميمبر صاحب، به ڄاڻن پاڻ ڪونه ۽ مارو اٿن ٻين تي، ويندي خلق خدا کي به ڪونه بخشين. خدمت خلق جا عجيب عجيب نسخا ايجاد ڪيا اٿن. مثلاَ ترقياتي ڪمن جي ڪوٽا (ڀلي ٺيڪيدار سندن سوٽ ماسات هجن) ليسنن جي ڪوٽا، نلڪن جي ڪوٽا، نوڪرين جي ڪوٽا وغيره وغيره. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اها ڪوٽا بازار ۾ کلم کلا وڪامي ٿي. پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جون سئو کن جايون نڪتيون. مون کي هڪ جهونو واقفڪار اچي چنبڙيو ته سندس پٽ کي هڪ پوسٽ وٺرائي ڏيان. عرفان مروت صاحب وزير هو. هڪ وڏو آفيسر جو مون سان حجائتو هو ان کي وڃي چيم. هن صاف چيو، ”جمال، ڪمال ٿو ڪرين. جا شيءِ بازار ۾ لک سوا ۾ ملي ٿي، ان لاءِ مون کي ڇو ٿو بڇڙو ڪرين؟“ سندس ڳالهه ۾ وزن هو سو چپ ڪري چانهه پي موٽي آيس.
اسان جي دوستن جو هڪ محدود دائرو آهي جنهن ۾ ڪنهن نئين کي اچڻ ڏيون ڪونه ۽ ڪنهن پراڻي کي نڪرڻ ڏيون ڪونه. اسان جا ڪي مقرر ڪيل اصول آهن جن مان هڪ اهو آهي ته دوست کي ڪنهن آزمائش ۾ نه وجهجي. سو مٿي ذڪر ڪيل دوست جي مجبوري ڏسي کلندي نڪري آيس.
مان چيئرمين ائنٽي ڪرپشن هئس ته کاتي جي گهربل نتيجن توڙي طريقيڪار کان مطمئن ڪونه هئس. هڪ دفعي ۾ هڪ اعليٰ ميٽنگ ۾ مشورو ڏنم ته ”اجايو هيڏي ساري کاتي جو خرچ برداشت ٿا ڪريو. رڳو هڪ معمولي طريقو اختيار ڪيو جو سالياني ڳجهي رپورٽ کي اهم بڻايو. جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر کي ٽي سال لاڳيتو خراب ريمارڪ ملن ته ان کي نوٽس ڏئي هڪ اعليٰ ڪميٽي، جنهن جا ميمبر چيف سيڪريٽري، چيف جج، آءِ جي پوليس ۽ متعلقه کاتي جو سيڪريٽري هجن، سي ان آفيسر کي گهرائي کانئس جواب طلبي ڪري سندس موقف ٻڌي اتي جو اتي ڪا به سزا جا سروس رولز مطابق هجي، سا ڏئي ڇڏن ته پوليس جا ڪورٽن جا ۽ ٻين خرچن جا جهنجهٽ ئي ختم ٿي وڃن ۽ رشوت کي به ڪافي ٻنجو اچي وڃي.“ تمام اعليٰ آفيسرن چيو ته ”اهو بلڪل صحيح آهي پر ڪهڙي آفيسر ۾ همت آهي جو ڪنهن ماتحت کي خراب ريمارڪ ڏئي؟“ مار، معاملو ايڏو خراب ٿي ويو آهي! مون کي ته هوم سيڪريٽري چئلينج ڪيو ته تون پنهنجي ڪنهن پٽيوالي يا ڪلارڪ کي رڳو هڪ دفعو خراب ريمارڪ ڏئي ڏيکار ۽ واقعي ائين ڪري مون پاڻ لاءِ مصيبت پيدا ڪئي. ثابت ٿيو ته بيوروڪريسي ۽ ڪامورا شاهي کي نٻل، ڪمزور ۽ غير ضروري بڻايو ويو آهي ۽ مداخلت ڪري ان کي ڪمزور ۽ معذور ڪيو ويو آهي.
انهي نسخي کان سواءِ ڪو چارو نه آهي ته هر اداري يعني مقننه، بيوروڪريسي ۽ عدليه کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو وڃي، ان سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي ۽ ڪو به ادارو ٻئي اداري جي ڪم ۾ ٽنگ نه اٽڪائي. ائين ڪرڻ سان حڪومت ڪمزور ڪانه ٿيندي جيئن عام طرح سمجهيو وڃي ٿو، بلڪه وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ پڻ خلق جو اعتماد بحال ٿيندو. هي جو ڪارڪنن جي لوڌ پيدا ٿي آهي جن ڀئون ڀئون لائي ڏني آهي ۽ جن کي عام ماڻهو نفرت وچان، پيپلا، جماعتيا، نوازيا وغيره سڏن ٿا تن جو به گوگاءَ گهٽجي ويندو ۽ وزيرن ۽ ميمبر صاحبن تان به دٻاءَ لهي ويندو. هر ڪو ڪم پاڻ مرادو ساهه ستيءَ سان قانون ۽ قاعدن موجب پاڻ ئي ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو ڪامورو غلط ڪم ڪندو ۽ دير وجهندو ته ان کي به وٺ ڪري سگهبي. پبلڪ جي اک جهڙي ٻي اک ٿئي ئي ڪانه ٿي. ان ڪري ڪامورو به سؤ دفعا سوچي پوءِ ڪم ڪندو ته متان ڪنهن آزار ۾ نه پوي. انهي ڪري ان ۾ سڀ جي ڀلائي آهي، عوام جي سياستدانن جي، معاشري جي ۽ ٻين سڀني طبقن جي بيوروڪريسي يعني ڪامورا شاهيءَ کي مضبوط ۽ پاورفل بڻايو وڃي. مٿس چوڪسي جا سڀ ذريعا اڳ ۾ ئي مروج آهن، اهي سختيءَ سان لاڳو رکيا وڃن. افراتفري ختم ڪرڻ جو اهو ئي واحد حل آهي.
29 جولاءِ 1996ع تي مسز ارونا آصف علي گذاري وئي. اسپتال ۾ پيل سندس لاش انڊيا ٽي وي تي ڏيکاريو ويو. نه ڏيکارين ها ته چڱو. گوشت جو سڄيل لوٿڙو هو. مرحومه اٺاسي ورهين جي هئي. مون کيس 1943ع ۾ ڪراچي ۾ جيمخانه گرائونڊ پرل ڪانٽينينٽل هوٽل سامهون ڏٺو هو. اتي صبح جو يارهين بجي تقرير ڪرڻ آئي هئي. هزارين ماڻهو سندس انتظار ۾ پٽ تي ويٺا هئا. مان به ويهي رهيس. گهڻو ڪري سڀ هندو هئا. ان وقت آزاديءَ جو آندولن زورن تي هو. وڏا وڏا ليڊر، گانڌي، نهرو، پٽيل، مولانا آزاد سڀ جيلن ۾ بند هئا. هڪڙي ارونا آصف علي جا چوڻ ڪارڻ ته انڊر گرائونڊ هئي، پر کلم کلا پبلڪ جلسي ۾ آئي، ڏاڍي جوشيلي تقرير ڪيائين. اهو اعزاز به سنڌ کي حاصل هو ته ارونا آصف علي روپوشي وارو عرصو سنڌ ۾ گذاريو ۽ هتان ئي آزادي جو آندولن شروع ٿيو. چوڻ ڪارڻ ته اهنسا جي پوڄاري هئي پر سڄي هندستان ۾ واچوڙي وانگر پئي ڦري ۽ هنسڪ ڪاررواين کي ننديائين نٿي. آگ جو شعلو هئي. ننڍي نيٽي پنجٽيهن سالن جي جوان عورت هئي پر سڄي ملڪ ۾ نيتا جو ڪردار ارونا اختيار ڪيو ۽ ٻيو هو سڀاش چندر بوس جنهن کلم کلا انڊين نيشنل آرمي قائم ڪري جاپانين جي مدد سان انگريزن خلاف جنگ ڪئي.
اهو چوڻ ۾ مون کي ڪا هٽڪ نه ٿي ٿئي ته آزاديءَ جي جنگ هندن وڙهي ۽ مسلمانن جو هن ۾ نه ڪو حصو هو نه ڪو تعاون، سواءِ ڪانگريسي مسلمانن جي ۽ انهن سپاهين جي جيڪي سباش چندر بوس جي فوج ۾ شامل هئا. ارونا آصف علي سهڻي، جوان، نڊر ۽ جوشيلي هئي. منهنجي ڀرسان جيڪي هندو ماڻهو ويٺا هئا تن پئي چيو، ”وڏي نيتا آهي اهو مڃون ٿا پر هندڪار کي ته ڇيهو رسايو اٿائين. ڀائي ڌرم ته ڀرشٽ ٿيو نه؟“ سندن اعتراض هو ته هڪ مسلمان سان شادي ڇو ڪئي هئائين؟ ائين ته اندرا گانڌي به هڪ پارسي فيروز سان شادي ڪئي ۽ مسز وجيه لڪشمي پنڊت به هڪ مسلمان سان شادي ڪرڻ واري هئي پر گانڌي ۽ نهرو خاندان جي مخالفت سبب محبت قربان ڪيائين. پوءِ به يونائيٽيڊ نيشن جي اجلاس مان موٽندي مصر ۾ لهي وئي ۽ محبت جي ڇڪ سبب محمود حسين سان ملاقات به ڪيائين جو ان وقت مصر ۾ انڊيا جو سفير هو. ڀلا محبت تي ڪهڙي بندش، عشق نه پڇي ذات، ٻه دليون ملن ٿيون ته ڌرم کي ڪهڙو ڇيهو. مذهب ۽ ڌرم جيڪڏهن اهڙا ٽانڪئان آهن، ته ٽٽا چڱا. هي ته رڳو سوچ جو ڏڦيڙ آهي. شيڪسپيئر چيو ته، ”ڪجهه به چڱو برو نه آهي رڳو سوچ ان کي اهڙو بڻائي ٿي.“
شيڪسپيئر هڪ معمولي ڳوٺاڻو، سندس هڪ هڪ سٽ علم ۽ فلسفي جو خزانو آهي. اهو نيٺ ڪهڙو اسرار آهي جو اوچتو ڪنهن نفس تي علم ۽ دانش جي پالوٽ ٿئي ٿي. ڪير ٿي ڪري، ڇو ٿو ٿئي؟ ڪاليجي دور ۾، مون جهڙي ماڻهو جنهن اخلاقيات جي جڪڙ ۾ پرورش پاتي، تنهن کي اها ڳالهه سمجهڻ ڏکي لڳي. مان ڇا ٻيا جيڪي ترقي پسند ۽ آزاد خيال هئا سي پاڻ به نه پيا سمجهن ۽ نه سمجهائي پيا سگهن پر مان هوندو هيس سوچ جو ڪيڙو سو سوچي مون ڳوٽ به پاڻ ڀڳي. ان گهڙي ڄڻ ته ڪو انڪشاف ٿو ٿي وڃي ۽ ماڻهو هڪ عجيب ڪيفيت مان ٿو گذري. شيڪسپيئر کي ادب ۾ جهڙوڪر پيغمبريءَ جو درجو حاصل آهي. هڪڙي ننڍڙي سٽ (Nothing is god or bad, only thinking makes it so) ۾ اٿاهه علم، ڪوزي ۾ درياهه بند آهي ڪه نه؟ هاڻي پاڻ پيا سوچيو ۽ حل ڳولهيو.
تيمورلنگ جو پوٽو اُلڪ بيگ (الائي علق بيگ) سائنسدان هو. سمرقند ڀرسان هڪ تجربي گاهه بڻائي هئائين جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن. سندس هڪ چوڻي آهي ته، ”سائنس سج آهي ۽ مذهب ڌنڌ. جڏهن سج نڪري ٿو ته ڌنڌ پاڻ ئي دور ٿيو وڃي.“ ملا ڪاوڙجي پيا ۽ کيس قتل ڪيو ويو. هو تيمورلنگ سان گڏ مقبره گور امير ۾ دفن ٿيل آهي. ڪميونسٽن ڇا ڪيو جو ٻئي لاشا ڪڍي جائزو وٺي فوٽا ڪڍي وري لاش دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ثابت ڪيائون ته امير تيمو واقعي هڪ ٽنگ کان منڊو هو ۽ الڪ بيگ کي واقعي خنجر يا ترار سان قتل ڪيو ويو هو. هڪ منڊڙي ماڻهو جي ايڏي جرئت ۽ دهشت جو يورپ توڙي ايشيا کي ڏهڪائي ڇڏيائين. يورپ جون مائرون ٻارن کي اهو ڊپ ڏينديون هيون ته ”ٽيمرلين پيو اچي“ ۽ هڪ شهزادي جي اها جرئت جو سچ جي انڪشاف ٿيڻ سان ملا مولوين کي ڪاوڙائي قتل ٿي ويو پر مڙيو ڪونه. جيڪو سچ ڏسي وٺندو سو ڪيئن مڙندو ۽ چئي به ڏيندو. سچ کي پنهنجي ڳجهي طاقت آهي. نه ڪچي گهڙي سهڻي کي جهليو، نه جبل سسئي کي روڪيو، نه مارئيءَ کي محلاتن ميٽيو. انهن سچ جي جهلڪ ڏسي ورتي هئي. هاڻي شاهه ۽ شيڪسپيئر کي ڀيٽيو. ڏم ۽ ڏيرياڻيون صحيح يا شاهه سائين؟ فرق رڳو سوچ جو آهي.
محترم علي احمد بروهي سان هاڻي ٽيليفون تي ڳالهايم، ٻڌايائين ته سامونڊي فوج واري بغاوت ۾ به ارونا آصف علي جو هٿ هو. اهو به چيائين ته ارونا، رام منوهر لوهيا ۽ راجيندر پرشاد هنسڪ ڪاررواين ۾ ٻٽ هئا ۽ گانڌي کانئن انهي ڪري ناراض هو. ڌاڙا لڳا، ريلون ڪريون بم ڦاٽا هڙتالون ٿيون، اسڪول ۽ ڪاليج بند ٿيا. اهو سڀ آزادي جي آندولن ۾ ڪُئٽ انڊيا (هندستان ڇڏي وڃو) تحريڪ دوران ٿيو. ڌاڙيل روچي (روچي رام) ۽ هيمو ڪالاڻي به ان تحريڪ جي پيداوار هئا. روچي بينڪن کي ڌاڙا هنيا جنهن ۾ ايس پي لالا اسرار ساڻس حصيدار هو. هيمو وري ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ جو هڙتال ڪلچر، گولي ڪلچر ۽ ڌاڙا ڪلچر ان تحريڪ جو ڪلچر آهي. علامه المشرقي سچو هو ته غلط طريقا استعمال ڪبا ته پوءِ اهي اسان سڃاڻپ ۽ طره امتياز ( فخر جي لنگيءَ جو طرو يا تمغو) بڻجي ويندا. اڄ، آزادي کانپوءِ اسان جي آزاد ملڪن ۾ اهڙا غير ذميدار ۽ نقصانده اعمال، هر سکڻي ديڳڙي واري ليڊر جا پسنديده عمل ٿي ويا آهن. اڄ 8 آگسٽ 1996ع واري اخبار ۾ ميان نواز شريف جو بيان آهي ته موجوده حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ماڻهو مارائڻا پوندا ۽ اسين ماڻهو مارائينداسين. اڙي هي ڪهڙي سياست آهي جو دهل جي ڏؤڪي تي ماڻهو مارائڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي. لاشن تي سياست، توبهه! هي سياستدان آهن يا گلٻاٽي ۽ گوگڙن جا ڪيئان جي سڄو فصل کائي ناس ڪن ٿا. ڇا انهن لاشن ۾ ميان نواز شريف جي خاندان جو لاش به هوندو يا نه. اسان ته سائين جي ايم سيد جهڙي صلح پسند ۽ انقلابي ليڊر جي ڪنهن خانداني فرد جو رت وهندي ڪونه ڏٺو حالانڪه ڪي ٻيا ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا.
انهي ڪري سياست توڙي مذهب ۾ بهترين اصول آهي اهنسا يعني عدم تشدد. اسلامي جهاد به رڳو ظلم ۽ ظالم خلاف آهي. پنهنجي شخصي يا گروهي مفاد لاءِ نه آهي ۽ نه ئي ان کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هنسڪ ڪارروايون ته فتنو آهي ۽ فتني لاءِ قرآني حڪم آهي ته الفتنة اشد من القتل. اهو ئي سبب آهي جو ٽئين خليفي حضرت عثمان رضه خلاف فتنو کڙو ٿيو ته حضرت علي عليھ السلام ٻنهي امامن سڳورن امام حسن ۽ امام حسين رضه کي سندس حفاظت تي معمور ڪيو. مومنو، ذرا سوچيو، اها حضرت علي رضه جي ڪا سياسي چال يا نعوذ بالله ڪا منافقانه اٽڪل بازي ته ڪانه هئي.
مسڪينن کي مارائي انهن جي لاشن تي سياست ڪرڻ، هيءَ ته ڪميڻائي آهي. اها نه سياست آهي نه سياسي بصيرت. نج منافقت ۽ مفاد پرستي آهي. مهاجر الطاف حسين لنڊن ۾ ويٺو عيش آرام واري زندگي گذاري ۽ ويٺو ڊينگون ماري ته روزانو هيترا لاش کپن. هتي وري سندا ڪرائيدار ٽٽون ڪلاشنڪوف کنيون بيگناه شهري پيا مارين. بي گناه ۽ بي هٿيار ماڻهن کي مارڻ وري سورهيائي پيا سمجهن. اها سورهيائي ته ڪانه چئبي. اها ته حد درجي جي بزدلي ۽ ڪميڻائي آهي. حيرت آهي سڄي مهاجر برادريءَ انهي ڪميڻائي، منافقانه ۽ بزدلانه عمل کي سورهيائي سمجهي خوش پئي ٿئي. مٿان ڪوڙ منافقي ته اسين ڪونه ٿا ماريون، گورنمينٽ خود ماڻهوءَ ماري اسان کي بدنام پئي ڪري. اهڙو بي شرماڻو عذر! حڪومت ڪيئن فوجي جوان، ڊي ايس پي، انسپيڪٽر، ايس ايڇ او ۽ سپاهي مارائيندي. اسان جا ليڊر به حڪومت جي مخالفت ۾ انهن جي پٺي ٺپي خوش ٿي کڳيون پيا هڻن.
مهاجر غنڊن ۽ بدمعاشن جو ايڏو من وڌي ويو جو ڪلاشنڪوف کڻي ايس پي توڙي ڊي سي جي آفيس ۾ ڌوڪي ڪاهي پون ۽ کين گاريون ڏئي بيعزتو ڪري هليا اچن. ٻاهر نڪري اچي پنهنجي برادريءَ ۾ خوش ٿي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻن ۽ برادري جا ننڍا وڏا خوش ٿي واهه واهه پيا ڪن. ههڙي قوم ڌرتي ماءُ جي سيني تي ڪيئن رهي سگهندي؟ ڪانه رهندي، ڪانه رهندي. تباهه ۽ برباد ٿي مليا ميٽ ٿي ويندي. نه خدا وٽ، نه تاريخ ۾ اهڙو انڌير آهي. چنگيز، هلاڪو، تيمور ۽ نادر نه رهيا ته هي ڪيئن باقي رهندا. چڱو آهي ته نوشته ديوار پڙهي وٺن ۽ حضرت اسرافيل جي هوڪار ٻڌي وٺن نه ته خس و خاشاڪ ٿي ويندا. ظالم جو ظلم کيس ئي تباهه ڪندو آهي. هنن جي ڀيٽ ۾ هندن ويچارن ڇا ڪيو هو جو تاريخ جي بي رحم هٿن هٿان مادرِ وطن مان نڪري بي وطن ٿي ويا.

6

اڄ 11 آگسٽ 1996ع واري اخبار ۾ پڙهيم ته سريلنڪا مان تامل ايلام وارا، جن اهڙو ئي رڻ ٻاريو هو، سي ٻيڙين ۾ چڙهي واپس انڊيا ڀڳا پيا وڃن. ڪُردن جو به اهڙو ئي حال ٿيو آهي. زمين جاءِ نه ٿي ڏئين. جتي وڃن ٿا اتي پنهنجي ڏيڍ چانور جي ديڳڙي الڳ چاڙهين ٿا. بابا جتي رهو ٿا اتي مقامي آباديءَ سان کير کنڊ ٿي، ملي جلي هڪ ٿي وڃو. سنڌ ۾ ترڪ آيا، يوناني آيا، ارغون آيا پر اڄ توهان کي ڳولهيا ڪونه ملندا. ترڪ، لوهر ٿي ويا، يوناني سٿين مان سٺيا ٿي ويا، ارغون ته ماڳهين گمنام ٿي ويا. سڀ ڀائر ٿيو ويٺا آهن. ڪو به پنهنجو حق ڪونه ٿو جتائي. حقن جي ڳالهه به عجيب آهي. حقن کان اڳ فرض ٿا اچن. فرضن جي پوئواري ڪيو ته حق ازخود اچي ٿا پيرين پون.
اڄ اسان جي سنڌي نوجوانن به فرض کان منهن موڙي حقن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ڀائرو، پاڻ سنڀالي وٺو نه ته ڳاٽي ڀر ڪرندا. نوڪري وٺي، ڪم ڪن ڪونه. ڪوڙيون حاضريون ڀرائي پگهار تڳائي مڇن کي تاءُ ڏئي ٻانهون لوڏيندا هوٽلن تي ويٺا آهن. سڄي نئين ٽهي هوٽل پوٽا ٿي پيا آهن. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن گجر موري جيان ڪُتر جي ويندؤ! پرائي عيب جوئي ڪجي، سو به چشڪا وٺي، ته پوءِ اهي ئي عيب پاڻ ۾ پيدا ٿيندا ۽ اڳيون نور به هليو ويندو.
ڪرڻي هئم پنهنجي ڪٿا ۽ ويٺو آهيان پنهنجا ويچار اورڻ. پر منهنجا ويچار ئي ته مان پاڻ آهيان، نه ته رڳو گوشت پوست ۾ هلچل، جنهن کي اياز ’ڳڀي جي ڳولا‘ ٿو چوي. هن ۾ ڇا رکيو آهي؟ ڪٿي پڙهيو هئم ته آتم ڪٿا دراصل آهي آتم اگهاڙ. اهو ته وڏو فن آهي شايد مان نه نڀائي سگهان. هونئن به رب سترپوش آهي، ان جو حڪم آهي ته نه رڳو ٻين جي سترپوشي ڪيو پر پنهنجا عيب به لڪايو. پنهنجا عيب لڪائڻ به چڱي ڳالهه آهي. چوندا آهن ”ڍڪي ڀلي“ اها هڪ سماجي خوبي آهي. عيب کولبا ته آهستي آهستي حيا ۽ شرم موڪلائي ويندا ۽ ٻڌڻ وارا به چوندا: فلاڻو به هيئن ٿو ڪري، جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو؟ ائين برائي جو ٻج ڇو ڇٽجي؟ خود پاڻ به ان کي عيب نه ٿو سمجهجي. پوءِ اهڙو به وقت اچي ٿو جو ماڳهين ان عيب کي چڱو سمجهي ان برائي تي فخر ٿو ڪجي. توهان گهڻن کي اهڙي ڊاڙ هڻندي ٻڌو هوندو ته ”مون به اهڙي ڪئي مانس جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. يا ڪتن سان گڏ کارايو مانس، اهڙو ته ڪم ڪيو مانس جو ياد ڪندو“ چور چوريءَ جا ڪارناما ٻڌائيندو. زاني پنهنجي زناڪاري جون ڪارروايون فخر سان ٻڌائيندو ڄڻ ته ڪا کيپ کٽي هجيس ۽ پوءِ برائي کي برو نه سمجهندو.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان هڪ دفعي پڇيو سين ته ”سائين اهو ’شَرِّ غَاسِقٍ‘ ڇاهي جنهن کان سوره فلق ۾ پناهه گهري وئي آهي ته رب منهنجا پناهه ڏي ان اونداهي شر کان جڏهن ڇانئجي وڃي.“ علامه صاحب جواب ڏنو ته ”اهو گناهه يا برائي جيڪا ڪندي ڪندي اوهان جي ذهن کي اهڙي اوندهه گهيري ويندي جو برائيءَ کي برائي نه سمجهندا ۽ چڱائي جو ڪرڻو به نظر نه ايندو. سو، شر غاسق، اهو شر آهي جو ذهن ۽ قلب تي اهڙو ڇانئجي وڃي جو ان ۾ برائي نظر ئي نه اچي.“ الحمد الله اهڙن عالمن جي صحبت نصيب ٿي جن دلين جا انڌيرا دور ڪري ڇڏيا تنهن ڪري پرواهه نه ڪيو، مون شر غاسق کي غالب پوڻ نه ڏنو آهي، ان ڪري جيڪي ڪجهه آهيان کولي پٽ وجهندس، پوءِ برو چئو يا چڱو، مون کي ڪهڙو ٿو فرق پوي. جوانيءَ ۾ ڪوئي لوئيندو يا الزام تراشي ڪندو هو ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي هئي ۽ پوءِ ٺري ٿانئريا ٿي ويهي رهندا هئا سون. الله سائين صبر جا خرار ڏئي ڇڏيا هئا. سو آهستي آهستي سور پچائڻ جي عادت پئجي وئي ۽ بقول ڀٽائي گهوٽ جي ”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏيئي.“ ڏوراپو نه ڏيڻ جي ڪري اڳلو پاڻ مرادو ککو وکو ٿي اچي پنهنجي صفائي پيش ڪندو هو ۽ پاڻ وري سندس پٺي ٺپري دلجوئي ڪندا هئاسين ته مڙئي خير آهي، انسان خطا جو گهر آهي، ڪڏهن اسان کان به ڪا خطا ٿي پوي ته دل ۾ نه ڪجانءِ، معاف ڪري ڇڏجانءِ. ان دوست تي اهڙو اخلاقي رعب پئجي ويندو هو جو سڄي عمر عزت ڪندو رهندو هو. ائين دوستن ۽ مداحن جو حلقو ويو وڌندو، ويو وڌندو، ۽ رب به رهنمائي ڪندو رهيو جو نه ڪنهن جي دل رنجائي سون ۽ نه ڪنهن جي بيعزتي ڪئي سون. ان ڪري سڀن وٽان مانُ مليو. هونئن به هڪ ڳالهه ٻڌايانوَ، مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. اهڙي ڪا حرڪت ڪانه ڪئي اٿم جو شرمار هجان. ڀلي منهنجي دشمنن کان پڇي ڏسو. دشمن ته اٿم ڪو نه. البته مخالف ته ٿين ئي ٿين ٿا. انهن مخالفن به ڳولهي ڳولهي ڪو الزام هنيو ته منهن جي کائڻي پين.
پنهنجي هڪ ڳالهه ٻڌايان؟ اعتبار ڪونه ڪندؤ آهي ته هام هڻڻ ۽ يا پنهنجي منهن ميان مٺو بڻجڻ پوءِ به چوڻ ۾ ڇاهي. مون ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. ننڍي هوندي کان ئي اها ڳالهه منهنجي سرشت ۾ ويٺل آهي. طبيعت کان مجبور آهيان. خير ننڍا ننڍا بي ضرر ڪوڙ يا خيري ڪوڙ ته ڳالهائجن ٿا. ائين ته ڪنهن بزرگ جو قول آهي ته پنهنجي زال سان کلي ڳالهائڻ، ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ ۽ سندس حسن جي ساراهه ڪرڻ، عبادت آهي. مطلب ته ثواب آهي. ڪنهن کي قاتلن کان بچائڻ خاطر ڪوڙ ڳالهائڻ ضروري ٿيو پوي. شر کي ٽارڻ يا مسئلي کي سلجهائڻ ۽ ٻن ڌرين کي پرچائڻ لاءِ ڪجهه ترڪيب ڪرڻ کي به نندي نه ٿو سگهجي. قاضي امام علي ۽ سندس ڀاءُ قاضي اختر علي پاڻ ۾ ايترو ڪاوڙيل هئا جو ڳالهائيندا ئي نه هئا. مان لاڙڪاڻي ويس ته قاضي اختر علي هڪ شاندار پارٽي ڪئي هئي ۽ ان ۾ مون کي سڏايو هئائين. ممتاز علي ڀٽي سان منهنجي پهرين ملاقات اتي ٿي. ممتاز صاحب خاموش طبيعت ۽ ٿور ڳالهائو ٿي لڳو. مون اتي امام علي قاضي جو ذڪر ڪيو. ڪراچي موٽي اچي امام علي قاضيءَ کي پارٽيءَ جو سارو احوال ڏنم ۽ چيو مانس ته ”اختر علي توکي سلام ڏنا.“ قاضي صاحب تمام ذهين ماڻهو آهي. اعتبار نه آيس سو چئي ڏنائين ته ”هو مون سان ڳالهائي ڪونه سو سلام ڪٿان ٿو موڪلي.” مون چيو ”پڇي ڏسجانئس!“ نتيجو اهو ٿيو ته آهستي آهستي ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. اهڙا ڪي ٿورا واقعا ڇڏي صفا نپٽ سچار هوندو هئس. ڪو زيان ٿي پيو ته امان کي وڃي چوندو هئس ته هي زيان مون کان ئي ٿيو يا هي پليٽ مون کان ڀڳي. امان به ٿڦ وهائي ڪڍندي هئم.
اسڪول ۾ به ائين. شام جو اسڪول وڃي ڪرڪيٽ يا والي بال راند کيڏڻ لازمي هئي. بيٽ، بال ۽ ٻيو سمورو سامان اسڪول وارا ڏيندا هئا ۽ راندين جي في هوندي هئي اٺ آنا مهينو. پوءِ به ڪير ٿو شام جو گهر ڇڏي، پاڙي جون رانديون ڇڏي اسڪول وڃي. سو ڪيترا ڇوڪرا ڪونه ايندا هئا، پر حاضري پوندي هئي. ٻئي ڏينهن ماستر صاحب اهڙن ڇوڪرن کي اٿاري سبب پڇندو هو. ڪو چوي امان بيمار هئي يا مون کي بخار هو يا مهمان آيا هئا. سيڌو وٺڻ ويو هئس وغيره. مون کان جڏهن ماستر صاحب سبب پڇيو ته چيم ”بس دل نه ٿيم سو ڪونه آيس.“ ٻين کي اٿاري بيهاريائين ۽ مون کي چيائين ”بينچ تي چڙهي بيهه!“ ٻئي دفعي ماستر مسٽر ناگراڻي هو شايد تنهن بورڊ تي هڪ پرابلم لکيو ته موڪل جي گهنٽي وڳي. چيائين ”سڀ ويٺا هجو، پرابلم لکي گهران ڪري اچجو!“ ٻئي ڏينهن صبح ساڻ وٺ ڪيائين. جن نه ڪيو هو تن کي دڙڪا به ڏنائين ۽ هڪ هڪ آنو ڏنڊ به وڌائين. ڪن چيو ته ”ڪونه ڪيوسين“، ڪن چيو ”سمجهه ۾ ڪونه آيو.“ جڏهن مون کان سبب پڇيائين ته مون چيو ته ”مون بورڊ تان اتاريو ئي ڪونه!“ چيائين ”ڇو؟“ مون چيو ”بس ائين ئي.“ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ٻه آنا ڏنڊ وڌائين.
شام جو راندين تان موٽندي تجر باغ مان لنگهڻ لاءِ ريل جو بند ٽپڻو پوندو آهي. بند تي گورکا فوجي بيٺا هئا. ڇوڪرا پري بيٺا هئا. چون پيا ”نه وڃو گورکا مارين ٿا جو اڳ ۾ ڪن ڇوڪرين کين پٿر هنيا هئا.“ گورکا قد جا ننڍا، سانورا بدن جا مضبوط ۽ شوخ طبيعت جا ٿين ٿا. پهاڙي ماڻهو آهن ۽ انگريز کين فوج ۾ ڀرتي ڪندا هئا. ڇوڪرا چون ته ”ڦري وڪڙ ڪري ڦاٽڪ وٽان هلون!“ مان چوان ”ڇو؟ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ مان کين سڌو ٻڌائيندس.“ سو اڪيلو ئي اڪيلو بند تي هليو ويس. ڏهن ٻارهن سالن جو ٻار پر سچائي ۾ يقين. هڪ فوجيءَ کڻي ٻانهن کان جهليم الائي ڇا چيائين ڀڳل ٽٽل اردو ۾. مون کيس چيو ”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي جهلڻ وارو. مون ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو آهي.“ ان گورکي سپاهي جا مون کي ٿڦ هنئين اها اڃا ياد اٿم، ڳٽو پوسرڻ لڳو ۽ ڪن مان زوزاٽ نڪري ويا. پوءِ به ٻانهن ڇڏائي بند ٽپي هليو ويس، ٻيا ڇوڪرا ڀڄي ويا. سڄي واٽ پڄرندو خارون کائيندو آيس. سچ ڪو ڏاڍو ڪوڙو ٿو ٿئي، امڙ ئي ڪٽي رکندي هئم. پر جي منهنجي زبان ڪوڙ تي وري نه، ڇا ڪجي.
حيدرآباد ۾ لطيف آباد واري بنگلي تي لڙي منجهند ٽين چئين بجي مير علي مدد خان ٽالپر اچي نڪتو. مير صاحب جو ائين بيوقتو اچڻ سمجهه ۾ نه آيو. مير صاحب چيو ته ”هڪ ماڻهو منهنجي ڳولها ۾ آهي ساڻس ملڻ نه ٿو چاهيان. ڀايان ٿو فون هت به ڪندو پر توهان نه کڻجو يا کڻو ته چئجوس ته مير علي مدد خان هت ڪونه آهي.“ ائين فون جي گهنٽي وڳي. مون فون کنئي ۽ هن ماڻهو چيو ”جمال صاحب مير علي مدد خان کي ڏجو!“ ته مون سوال پڇيو ”مير علي مدد خان؟“ ته مير صاحب فون مون کان کسي ۽ ٻئي هڪ دوست کي ڏني ۽ کيس چيو ته ”چوينس ته ڪونهي.“ هن به فون واري کي چيو ته ”مير صاحب هت ڪونه آيو آهي.“ پوءِ مير صاحب چيو ته ”جمال صاحب معاف ڪجو مون کي خبر آهي ته توهان فون تي به ڪوڙ ڪونه ڳالهائي سگهندا.“
سزائون به کاڌم، ٻالڪ پڻي ۾، اسڪول ۾ ويندي نوڪريءَ جي آخري سالن ۾، پر جي ڪوڙ ۽ دوکو اچيم نه، ڇا ڪجي؟ شاهاڻي لا ڪاليج ۾ ٽي پيرڊ ٿيندا هئا. ٻن پيرڊن کان پوءِ رسيس ٿيندي هئي ۽ گهڻا ڇوڪرا هليا ويندا هئا. ٽيون پيرڊ هوندو هيو مسٽر ٿڌاڻي جو جيڪو آئين جي تاريخ ۽ قانون سازي پڙهائيندو هو. ان کي ڪاوڙ لڳي ته ڇوڪرا سندس پيرڊ ۾ نه ٿا اچن. سو پرنسپال کان آرڊر ڪرايائين ته جيڪو ٽئين پيرڊ ۾ نه ايندو ان کي سڄو ڏينهن غير حاضر ليکيو ويندو. بمبئي يونيورسٽي هئي، ڪو مذاق نه هو. هڪ ڏينهن به حاضر کٽل هوندي هئي ته امتحان ۾ ويهڻ نه ڏيندا هئا، ڪو هڪ پيپر ۾ صرف اڌ مارڪ تان فيل ٿيو ته ڀلي سر غلام حسين جو پٽ هجي پاس ڪونه ڪندس. ٻئي ڏينهن ٽئين پيرڊ ۾ فل حاضري ڏسي پروفيسر صاحب خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”ڪو به جوڳو سبب هجي ته اهو ڇوڪرو کانئس موڪل وٺي سگهي ٿو.“ ڏهه پنڌرهن شاگردن جي قطار لڳي وئي ۽ مان به ان ۾ شامل ٿي ويس. ڪنهن مٿي جي سور جو چيو، ڪنهن پيٽ جي گڙٻڙ، ڪنهن ماءُ جي بيماري، ڪنهن ٻيو ڪو ضروري ڪم پر سڀ ڪنهن کي انڪار ڪندو آيو. مون کان پڇيائين ”ڇاهي؟“ مون دريءَ ڏانهن نهاري برنس گارڊن ڏانهن اشارو ڪيو. جهڙالو هو ۽ بوندون پئي وسيون. چيم ”موسم ڏاڍي سٺي آهي ڀانيان ته ٻاهر ڪنهن وڻ هيٺان وڃي ويهي رهان!“ مون کي چيائين ”تون ڀلي وڃ!“ اهو حياتيءَ ۾ پهريون دفعو سچ ڳالهائڻ جو اجر مليو هئم. پروفيسر صاحب ڪو اهلِ ماڻهو هو. مان به ڀرپور خوشي ۾ نڪري برنس گارڊن ۾ هليو ويس. اهو برنس گارڊن اڄ وارو برنس گارڊن ڪونه هو. سهڻو، وڻن گلن، ناريلن ۽ ڪارن انگورن جي ولين وارو گارڊن هو. هاڻي ته دڪان، مسجدون، فليٽ، آفيسون، ميوزم، آرٽ ڪائونسل وغيره ٺهي ويون آهن. نالو باغ جو وڃي رهيو آهي. انهيءَ ننڍي اجر جي خوشي اڄ به ياد اٿم، باقي ته سزا ئي سزا مليم. پنهنجي امڙ ئي ڪُٽي رکيو.
پنهنجي امڙ جي مار تي ڏک ٿيندو هو، سخت ڏک، ايتري قدر جو اذيت پسند ٿي پوندو هئس ۽ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو سوچيندو هئس ڀل تي امڙ کي سيڪ اچي! اها اذيت پسندي ئي بنياد آهي خودڪشيءَ جو. خودڪشي نه بهادري آهي ۽ بغاوت. اهڙا ماڻهو حد درجي جا گيدي ۽ مقابلي کان عاري ۽ ذهني طرح معذور ٿين ٿا. پوءِ فرار ڳولهين ٿا پنهنجي اذيت پسنديءَ جي تسڪين لاءِ ۽ پنهنجن پيارن کي سهسائڻ ۽ روئاڙڻ ۾. سو پنهنجن نامناسب روين تي ڏک ٿيندو هئم؛ ڏاڍو شديد ڏک. باقي پراون جي ڪاوڙ تي ڪاوڙ ايندي هئم ۽ پنهنجي ڪئي تي پاڻ مضبوطيءَ سان پير کوڙي بيهي رهندو هيس. اهڙا واقعا جيئن ياد آيا تيئن لکندو ويندس. سردست ٻه ٽي سياسي واقعا ياد اچن ٿا تن جو ذڪر ڪندو هلجي.
1972ع کان 1978ع تائين اسيمبلي جو سيڪريٽري هئس ۽ وري جڏهن 1984ع ۾ اسيمبليون قائم ٿيون ته 1985ع تائين سيڪريٽري رهيس. 1972ع کان 1977ع تائين خانصاحب غلام الرسول ڪيهر اسپيڪر هو. تمام شاندار ماڻهو، حد درجي جو سياڻو، صابر نهٺو ۽ قاعدي قانون پابندي هو. سندس دؤر ۾ ميران محمد شاهه کان پوءِ، اسيمبلي جو شاندار دور هو. 1977ع ۾ نيون اليڪشنون ٿيون ته ڪيهر صاحب ڏاهپ کان ڪم وٺي پاڻ اليڪشن ۾ بيٺو ئي ڪونه ۽ سندس وڏو فرزند امداد حسين ڪيهر ميمبر چونڊجي آيو. ڪيهر صاحب اسپيڪر هو ۽ سندس پوٽي جي شادي ممتاز علي ڀٽي جي نياڻي سان لاڙڪاڻي ۾ ٿيڻي هئي. هڪ طرف اسپيڪر ٻئي طرف چيف منسٽر. ته به ڪيهر صاحب مونکي چيو ته ”ابڙا صاحب اسيمبلي جي ويگن کپندي. توهان جي ڇا صلاح آهي؟“ مون چيو ”سائين توهان جي پنهنجي شيءِ آهي ڀلي کڻي وڃو، باقي صلاح پڇو ته پوءِ قائدي موجب اٺ آنا ميل جي حساب سان ٽي سئو روپيه ڀري رسيد وٺي پوءِ کڻي وڃو!“ چپ ٿي ويو. ٻئي ڏينهن مونکي سڏائي منهنجو شڪريو ادا ڪيائين جو صحيح صلاح ڏني هئم. ٽي سؤ رپيا ڀري رسيد وٺي پوءِ ويگن کڻي ويو جا لاڙڪاڻي ۾ مهمانن، آفيسرن، اخبار وارن ڏٺي ڪو ڀؤ ڀولو ڪونه هو جو رسيد ساڻ هئي ۽ قانون جي خلاف ورزي ٿيل ڪانه هئي. شادي تان موٽي هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجو شڪريو ادا ڪيائين. اهو محض پنهنجي ماتحت آفيسر جي همت افزائيءَ لاءِ ڪيائين ته جيئن صحيح صلاح ڏيڻ کان نه هٻڪي.
ان جي ابتڙ 1977ع ۾ آغا صدر الدين اسپيڪر ٿيو ته مونکي چيائين ته سندس حقوق مطابق سندس ”ذاتي بنگلي تي ايئر ڪنڊيشنر لڳايا وڃن ۽ ريفريجريٽر به ڏنو وڃي.“ مون کيس ٻڌايو ته ”اهي سهوليتون سرڪاري بنگلي لاءِ آهن. اوهان اڳي ئي پنهنجي خانگي بنگلي لاءِ گورنمينٽ کان ست هزار رپيا مهينو وٺون ٿا ان ڪري اها قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي جو توهان خانگي ايئر ڪنڊيشنر ۽ ريفريجريٽر به سرڪاري خرچ تي لڳايو. ٻيو ته فلاڻي قانون هيٺ ان لاءِ چيف سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري ۽ ڪميونيڪيشن جي سيڪريٽري کي لکڻو پوندو ۽ هو اسان جي گهر رد ڪري ڇڏيندا جا ڳالهه اسپيڪر جي شانَ وٽان ناهي.“ آغا صاحب ناراض ٿي پيو. وري اچي کيس ٻه خوشامدي ڀولڙا لڳا هڪ مسٽر ولي محمد بلوچ جو ڊپٽي سيڪريٽري هو ۽ ٻيو عبدالقيوم چاچڙ جو ڪلارڪ ۽ هڪ نااهل ۽ فتنه انگيز ماڻهو هو. مسٽر ولي محمد ته محنتي ۽ قابل ماڻهو هو پر کيس نوڪري جي لوڙ ۽ لالچ هئي. قيوم چاچڙ ته ڏڏ، جڏو، اڻڄاڻ ۽ خودغرض ۽ حرفتي ماڻهو هو. اهي ٻئي آغا صاحب کي ورائي ويا ته توهان پاڻ مالڪ آهيو جيئن وڻيَو تيئن ڪري سگهو ٿا ۽ ابڙو صاحب خواهه مخواهه توهان جي مخالفت ٿو ڪري.
نيٺ آغا صاحب کي خانگي بنگلي تي ٻه ايئرڪنڊيشنر ۽ ريفريجريٽر سرڪاري خرچ تي هڻائي ڏنائون. وري آغا صاحب وڃي سکر هاڪي مئچ ڏسڻ ته اچڻ وڃڻ ۽ رهائش جي خرچ جو بل هزارن ۾ ٺاهي مون ڏي موڪليائين ته پاس ڪريان. مون روبرو وڃي کيس سمجهايو ته ائين ڪرڻ ۾ توهانجو ئي نقصان آهي پر آغا صاحب ماڳهين ڪاوڙجي پيو. مون به کيس چئي ڏنو ته هو پنهنجي دستخط سان بل وصول ڪري ۽ هو ائين ڪرڻ لڳو. الٽو چيف سيڪريٽري سعيد احمد قريشيءَ کي لکيائين ته مسٽر ابڙي جي جاءِ تي کيس ٻيو سيڪريٽري ڏنو وڃي. مون کي به کڙڪ پئجي وئي سو وڃي آغا صاحب کان پڇيم ته چيائين ته ”ابڙا صاحب، چيف سيڪريٽري توتي ڪاوڙيل آهي.“ مان به سڌو ويس چيف سيڪريٽريءَ وٽ ۽ ڪاوڙ جو سبب پڇيم. چيائين ”ڪير ٿو چوي ته مان توتي ڪاوڙيل آهيان.“ مون چيو ”آغا صاحب!“ ته هڪدم چيائين ته ”بڪواس ٿو ڪري مان ته تو مان تمام خوش آهيان پر هو پنهنجي مائٽ بارڪزئي کي آڻڻ ٿو گهري!“ مون چيو ”سائين اسپيڪر صاحب پاڻ ائين ٿو چاهي ته پوءِ ٺيڪ آهي ائين ئي ٿيڻ کپي!“ خدا جو شان، مارشل لا لڳي، آغا صاحب نڪري ويو مان ويٺو رهيس. پر ان کان وڏي ڳالهه اها ته انهن ئي ايئرڪنڊيشنر، ريفريجريٽر ۽ گشتي سفر جي بلن جي ڪري آغا صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. اُها ئي ايم پي اي هاسٽل مارشل لا ڪورٽ ۾ آغا صاحب پنهنجن ماتحتن جي روبرو پيدل جوابدار جي حيثيت ۾ پيش ٿيندو رهيو. تعز من تشاء و تذل من تشاء.
وري ٻيو اسپيڪر مسٽر عبدالله حسين هارون به انهن ٻن خوشامدڙين جي وَرَ چڙهي ويو ۽ مٿان مليس نادان دوست آغا رفيق جو تڪڙي پروموشن جي شوق ۾ اکيون ٻوٽي بيهي رهيو. مون هارون صاحب کي گهڻو ئي سمجهايو پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته هارون صاحب جو عقلي درجو (آءِ. ڪيو) پندرهن سورهن سالن جي الهڙ ڇوڪراٽ کان مٿي ڪونه هو. وري مٿي ۾ هوا اها ويٺل ته هو تمام قابل هو. اسيمبليءَ کي به ميونسپالٽي سمجهائين ٿي، جتان هو آيو هو. ڪلارڪن کي ويهڻ لاءِ ڪرسيون ميزون ڪونه هجن ۽ هارون صاحب اُهي پيسا ورائي پنهنجي ڪمري جي آرائش تي خرچ ڪرڻ لڳو. خير، اهڙو کيس اختيار هو ته منظور ٿيل بجيٽ جي حد اندر، هڪ مد جو خرچ ڦيرائي ٻي مد ۾ ڪري، انڪري مون رڳو کيس سمجهايو ۽ مخالفت ڪانه ڪيم.
آفيس جي ڪمري اندر وري هڪ ڪئبن ٺهرايائين جتي دوستن سان ويهي ماني وغيره کائي سگهجي. سو به ٺهيو، مٿان حڪم ڪيائين ته ريفريجريٽر ۽ ڪراڪري (پليٽون، چمچا وغيره) سرڪاري پئسن مان خريد ڪيا وڃن. مون انڪار ڪندي کيس سمجهايو ته اهو غلط ٿيندو ۽ سندس لاءِ ئي نقصانڪار ثابت ٿيندو؛ ٻيو ته ڪا به خريداري ان ڪميٽيءَ معرفت ڪبي جنهن ۾ فنانس منسٽر، فنانس سيڪريٽري ۽ ڪميونيڪيشن سيڪريٽري هوندا. هڪ ڏينهن منهنجي ويٺي ئي يا مون کي پنهنجي هوشياري ڏيکارڻ خاطر فنانس سيڪريٽريءَ کي ۽ وري سيڪريٽري ڪميونيڪيشن کي به لنچ جي دعوت ڏنائين. ٻنهي سيڪريٽرين ڇو ۽ ڇا ڪئي ۽ نيٺ ”حاضر!“ چئي هائو ڪيائون. عبد الله ميمڻ هو فنانس سيڪريٽري ۽ سالڪ نذير هو سيڪريٽري ڪميونيڪيشن. هارون صاحب فخر سان مون ڏانهن ڏسي چيو ته ”ٻئي اچن ٿا“ ۽ پوءِ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل جي مئنيجر کي مختلف کاڌن لاءِ آرڊر ڏنائين ته ڏيڍ بجي گرم گرم پهچايا وڃن.
مان ته سيڪريٽري صاحبن جي ڇو ڇا مان سمجهي ويو هئس ته هو ڪونه ايندا. سي ايس پي آفيسر ڏاڍا سمجهدار، تور تڪ ڪرڻ ۽ ڳڻ ڪرڻ وارا هوندا آهن. ڏيڍ جا ٻه ٿي ويا ۽ هو ڪونه آيا. هارون صاحب جي کين فون مٿان فون پئي پوي ته اچو پر هنن جو پي اي پيو جواب ڏئي ته ”سائين توهان ڏانهن اچڻ لاءِ نڪري چڪا آهن.“ هارون صاحب چيو ته ”بس اچن پيا.“ مان به مشڪندو اٿي ويس ڇو ته منهنجو ويهڻ مناسب نه هو ڇاڪاڻ ته منهنجي بالا آفيسر جي منهنجي روبرو پت وائکي ٿي پوي ها ۽ مون ائين ڏسڻ نٿي چاهيو. اهو هو هارون صاحب جي سوچ ۽ سياڻپ جو انداز!
اهي ته ٿيون رواجي ڳالهيون پر هارون صاحب اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ ۾ به گهپلي بازي ڪرڻ لڳو. مثال طور مهمليءَ جي رٿ هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪڙي کڻي سگهبي آهي، پر هارون صاحب حڪومتي ڌر کي پريشان ڪرڻ خاطر قانون کي ريٽي، پنهنجي مرضي مطابق ڪابه مهمليءَ جي رٿ چونڊي اها کڻندو هو ته جيئن حڪومتي ڌر کي وڌ کان وڌ پريشان ڪري سگهجي. اهڙي طرح ميمبر صاحب ٺهراءُ پيش ڪندا آهن ۽ ان لاءِ سندن روبرو پُکا ڪڍبا آهن پوءِ جنهن جو ٺهراءُ پهرين نڪتو اهو ميمبر صاحب خوش ٿي ان ٺهراءُ لاءِ مواد، حقيقتون، دليل ۽ تقرير جي تياري ڪري ايندو آهي، پر هارون صاحب سڀ قانون کي ٽوڙي پنهنجي پسند جو ٺهراءُ کڻي، ان کي اسيمبليءَ ۾ کڻندو هو. ائين ڪرڻ سان ميمبر به ناراض ٿيندا هئا ته حڪومتي ڌر به ڇو ته ڪو ان لاءِ تياري ڪري ڪونه ايندو هو.
اسيمبلي جي انتظامي معاملن ۾ به ايڏي مداخلت ڪندو هو جو لکت ۾ آرڊر ڪيائين ته ڪنهن پٽيوالي جي بدلي به سندس اجازت کان سواءِ نه ڪئي وڃي. هاڻي غريب پٽيوالا، ڪو بيمار يا پوڙهو، ڪو دل جو مريض، ڪو ٻچڙيوال ملير کوکرا پار کان دير سان پهچڻ وارو هوندو، ڪو بنهه ڇوڪراٽ ۽ اڻ آزمودگار، سو انهن جون بدليون ڊپٽي سيڪريٽري، سيڪريٽريءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سڀني جي سهوليت آهر ڪري ڇڏيندو هو پر هارون صاحب اختيارات استعمال ڪرڻ جي شوق ۾ گڙ ٻڙ گهوٽالو ڪري ڇڏيو. مون به بيزار ٿي کيس چيو ته آغا رفيق کي گهرائي ايڊيشنل سيڪريٽري ڪري رکي پوءِ جيئن وڻيس تيئن ڪري. آغا رفيق صاحب آيو ته مسٽر ولي محمد بلوچ ۽ عبدالقيوم چاچڙ جن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي، سي کيس گهيري ۾ وٺي ويا ۽ ابتا سبتا آرڊر ڪرائي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنائون.
هيڏانهن، هارون صاحب چيف منسٽر خلاف گروپ بڻائڻ شرع ڪيو ۽ باقاعدي سندس چيئمبر سازش جو مرڪز ٿي پيو. هڪ ڏينهن مان به اتي وڃي نڪتس ۽ پاسو وٺي ويهي رهيس. هارون صاحب ايتري حد تائين ويو جو چيف منسٽر جي والد صاحب لاءِ چيائين ”بکيو سيد هو، گڏهه تي چڙهي ونڊ جون مانيون وٺندو هو!“ خيرپور ميرس جو هڪ ميمبر سرڪار علي شاهه ڀڻڪيو ته، ”پوءِ به ٽفن ڪئريئر کان بهتر.“ ياد رهي ته سر عبد الله هارون سائيڪل تي ٽفن باڪس کڻي آفيسرن کي اجرت تي ماني پهچائيندو هو. سرڪار علي شاهه جو رمارڪ هارون صاحب ڪونه ٻڌو پر جن ٻڌو سي کليا. مون پوءِ به ماحول اهڙو سٺو ٺاهيو جو چيف منسٽر، سائين غوث علي شاهه کي آماده ڪيم ته هو روزانو پنج منٽ کن اسپيڪر سان ملي پوءِ اسيمبليءَ جي هال ۾ هلي ته ائين ڪرڻ سان اسيمبلي جي ڪارروائي سؤلي سڌ ۽ چڱي ماحول ۾ هلندي. سائين غوث علي شاهه پهرين ته انڪار ڪيو پوءِ پر مون کيس ٻڌايو ته سر غلام حسين هدايت الله به ائين ڪندو هو ۽ اهڙي روايت قائم ڪرڻ گهرجي. اسپيڪر هڪ غير جانبدار منصف آهي.
هارون صاحب جون سازشون ڏسي سائين غوث علي شاهه هڪ دفعي مون کي چيو ته ”مان ته وٽس ڪونه ويندس، پر هاڻي ڏسجانءِ ته پٽيوالي جي معرفت کيس پاڻ گهرائيندس!“ ۽ مون افسوس سان ڏٺو ته ان ڏينهن ئي هارون صاحب ڊوڙندو چيف منسٽر سان ملڻ ويو ۽ ٻاهر نڪتو ته سندس ڪن ئي ڳاڙها ٿي ويا هئا معنيٰ چڱي ڇنڊ ڪڍي هئائينس پر هارون صاحب غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي مون کي چيو ته ”مسٽر ولي محمد بلوچ تي ڪاوڙيل هو!“ اها ڳالهه دل سان نه لڳي. ولي محمد بلوچ جي ڪاوڙ، اسپيڪر صاحب مان ڪيئن ڪڍبي. مون هارون صاحب کي تمام ٿڌي نموني سمجهايو ته هو قابل آهي، شاهوڪار آهي، چڱي خاندان مان آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ننڍي عمر جو آهي سو هو جيڪڏهن حڪمت عملي ۽ صبر سان هلندو ته سندس سياسي مستقبل شاندار ٿي سگهندو باقي ههڙين حرڪتن سان ته هو اسپيڪر، توڙي اسيمبلي ۽ سيڪريٽريٽ جو وقار وڃائيندو، ته سندس ذهانت جي سطح (آءِ. ڪيو) اهڙو گهٽ هو جو پنهنجي ڪمري جي آرائش ڏي اشارو ڪندي چيو ته ”مان اسيمبلي جو وقار وڌايان پيو.“ مون به چئي ڏنو ته ”سائين اسيمبلي ڪو هوٽل جو ڪمرو ناهي!“
نيٺ هڪ ڏينهن تنگ ٿي مون فيصلو ڪيو ته مان استعيفا ڏئي ڇڏيان. مون گهر ۾ اهڙو اعلان ڪيو. منهنجي مرحوم گهر واري اکر ڪونه ڪڇي ڇاڪاڻ ته هوءَ منهنجي طبيعت کان چڱي طرح واقف هئي. باقي منهنجي داماد لالا سڪندر ۽ پٽن مخالفت ڪئي ته هيڏي وڏي ويهين گريڊ جي نوڪري، ڪار، پيٽرول، شوفر، گهر، ٽيليفون، نوڪر سڀ ڇڏڻا پوندا. پر منهنجي پتي تي پاڻي ڪونه پيو ۽ سڌو اسيمبليءَ ۾ اچي هارون صاحب کي چيم ته ”توهان سان خلاصو ڳالهائڻو آهي اندر ڪئبن ۾ هلو!“ وائڙو وائڙو ٿي اندر هليو. چيومانس ته ”هارون صاحب جيئن تون چڱي خاندان مان آهين، تيئن مان به آهيان، مان ڏسان ٿو ته توهان کي مون سان ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري مون کي سڀاڻي ڪرسيءَ تي نه ڏسندا.“ هارون صاحب ڪجهه وائڙو ٿيو پر ڪمال منافقيءَ سان چيائين ته ”ابڙا صاحب تنهنجي اسان کي ضرورت آهي ۽ توکي ڪونه ڇڏينداسين، ٻڌاءِ ڪهڙا ڪم تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿيا آهن ته اهي تنهنجي مرضي مطابق ڪري ڇڏينداسون.“ مان ته اهڙا مثال پني تي لکي کڻي ويو هئس سو کڻي هٿ ۾ ڏنومانس. هڪ هڪ مثال پڙهندو ان کي قلم سان نشان ڏيندو ويو ۽ چيائين ته ”ائين ٿيندو جيئن تون چوين ٿو، هاڻي ته بس نه؟“ مون کيس جواب ڪونه ڏنو. ماٺڙي ڪري آفيس ۾ آيس ۽ پنهنجا خانگي ڪاغذ پٽ، ڪتاب ۽ مصلو کڻي گاڏيءَ ۾ رکايم.
آفيس ۾ ويٺو ئي هئس ته مير حيات خان ٽالپر، چيف منسٽر خلاف عدم اعتماد جي رٿ کڻي آيو جنهن تي ٻارهن تيرهن ميمبرن جون صحيحون ٿيل هيون. مون لکت ڏسي مير صاحب کي چيو ته ”هي رٿ ته غير قانوني آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ هڪ ميمبر کي الڳ الڳ رٿ ڏيڻ گهرجي.“ مير صاحب رُکائي يا ڊٺائي سان چيو ته ”تون وٺ، پاڻهئي اسپيڪر اُنکي منظور ڪندو ۽ هن ائين چيو آهي!“ ڏسو سائين هارون صاحب جا ڪم. اسپيڪر هڪ اڻ ڌريو منصف ٿيندو آهي هي ته ميمبرن کي ٽيڪ ڏيئي ڌر بڻجي بيٺو هو. مان وٽس ويس ۽ کيس سمجهايم ته هو اڻ ڌريو رهي، پاڻ کي ڏٺو نه ڪري ۽ اجايو چيف منسٽر سان ٽڪر نه کائي. منهنجي حيرت جي حد نه رهي جڏهن هارون صاحب چيو ته هو چيف منسٽر کان مٿاهون آهي. مون چيو ”ڪيئن ڀلا؟“ ته اسڪولي ٻار جيان جواب ڏنائين ته ”مان مٿي ڪرسيءَ تي ويهان ٿو ۽ هو هيٺ بئنچ تي ۽ مان هائوس جو اسپيڪر آهيان.“ مون چيس ”سائين هو هائوس جو ليڊر آهي!“ ڪڇيو ڪونه پر ڳالهه ڪونه وڻيس.
مان موٽي آيس، عدم اعتماد واري رِٿ تي پنهنجا رماڪ ٽائپ ڪرائي ان کي غير قانوني قرار ڏئي اسپيڪر کي ڏياري موڪليم. انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي مان سڌو چيف منسٽر هائوس ويس ته ڪاغذ چف منسٽر کي هٿئون هٿ پهچايان. مسٽر نثار احمد صديقي چيف منسٽر جو سيڪريٽري هو. ان کي گهڻو ئي سمجهايم ته ”مون کي چيف منسٽر کي روبرو ڪاغذ ڏيڻا آهن تون رڳو کيس ٻڌاءِ ته ابڙو آيو آهي يا مون کي فون ڏي ته مان ڳالهايانس.“ پر نثار صاحب منهنجي ڳالهه کي اهميت ئي نه پيو ڏئي ۽ ويٺو کِلي. سمجهي پيو ته منهنجو ڪو ذاتي ڪم آهي. کيس چيم ته ”نقصان چيف منسٽر جو آهي مون کي ڪا پرواهه ڪانه آهي.“ ايترو به چيومانس ته ”چيف منسٽر ڪنهن به سيڪريٽري سان ملڻ کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهي“ ته به نثار صاحب کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ شام جا چار وڄي ويا. مان بيزار ٿي نثار کي کڻي ڪاغذ ڏنا ۽ ٻڌايومانس ته معاملو ڇاهي. چيم ”مون پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪئي، هاڻ تون ڄاڻ چيف منسٽر صاحب ڄاڻي.“ اتفاق سان چيف منسٽر هائوس جي ڪامپٽرولر جيڪو به آغا هو. ان اها ڳالهه ٻڌي ورتي. ان هڪدم آغا رفيق کي فون تي ٻڌايو ته ابڙو صاحب ههڙا ڪاغذ فوٽو ڪاپي سميت پهچائي ويو آهي.
هڪدم ولي محمد بلوچ، چاچڙ ۽ آغا رفيق گڏ ٿي موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ اسپيڪر وٽ ويا ۽ سندس ڪن ڀريائون. آغا سيڪريٽري ٿيو ۽ ڊاڙ هڻندي ٻڌو ويو ته ”ايڏي ننڍي عمر ۾ ڪوبه سيڪريٽري جي عهدي تي نه پهتو هوندو!“ ولي محمد ائڊيشنل سيڪريٽري ٿيو ۽ چاچڙ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اسپيڪر صاحب کان آرڊر ڪرايائون ته مون کي نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو ويو.
ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ هائيدوس مچي ويو. بعد ۾ چيف منسٽر کي مون نثار صديقي جي رويي بابت ٻڌايو ته چيائين ”ماڻهو تمام سٺو آهي پر اها وڏي خرابي اٿس ته پاڻ کي صحيح سمجهندو آهي.“ ٻئي ڏينهن مان خانگي طرح سلوار قميص ۽ چمپل ۾ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ويس ته سمورا ڪلارڪ، پٽيوالا، آفيسر ٻاهر نڪري آيا ۽ منهنجي مرحبا ڪيائون. مان هر هڪ جي آفيس ۾ وڃي کانئن موڪلايو. ولي محمد بلوچ وٽ به ويس ته وائڙو ٿي ويو ڇو ته هن تي منهنجا بيحساب ٿورا هئا ۽ اٺهٺ سالن جي عمر ۾ کيس ارڙهين گريڊ ۾ وري نوڪري وٺي ڏني هئم. هارون صاحب کي جو منهنجي مرحبا جي خبر پئي ته تپي باهه ٿي ويو ۽ آرڊر ڪيائين ته مسٽر ابڙو سيڪريٽريٽ ۾ داخل نٿو ٿي سگهي ۽ چيف سيڪريٽري مسعود نبي نور کي به لکي موڪليائين. مون به چيف سيڪريٽري کي لکي موڪليو ته اسپيڪر جو آرڊر غير قانوني آهي ۽ کيس اهڙو اختيار ئي ڪونهي جو هڪ گورنمينٽ آفيسر کي جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽريءَ جو مقرر ڪيل هجي تنهن کي ڊسمس ڪري ڇڏي پوءِ ته هرڪو وزير پنهنجي کاتي جي سيڪريٽريءَ کي ڊسمس ڪري سگهندو. چيف سيڪريٽري مون کي گهرايو ۽ مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. مون محسوس ڪيو ته چيف سيڪريٽري منهنجي اهڙي قدم تي خوش هو، پر ٻيا سيڪريٽري ۽ وڏا وڏا آفيسر به منهنجي اهڙي دليرانا ۽ اصولي قدم تي خوش هئا ۽ مونکي مبارڪون ڏنائون. ويندي چيف منسٽر به منهنجي دلجوئي ڪندي مونکي اشاري ۾ چيو ته ڪورٽ کان منع نامو وٺي وري اچي سيڪريٽري ٿي. حالانڪ هڪ جج صاحب مونکي پاڻمرادو چيو هو ته مون وٽ ڪيس کڻي اچ ته مان ٿو توکي منع نامو ڏيان، تنهن هوندي به مون چيف منسٽر کي انڪار ڪيو. سبب پڇڻ تي چيومانس ته سائين مون ڏهاڪو سال اسيمبليءَ کي رت ست ڏنو آهي ۽ ان جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو آهي، سو اسپيڪر صاحب ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ڪورٽ ۾ گهلي بدنام ڪرڻ کي مان برداشت نه ڪري سگهندس.
غوث علي شاهه صاحب ناراض ٿيندي چيو، ”تنهنجي مرضي!“ ممتاز علي ڀٽو صاحب جو هڪ وڏو مدبر، دانشور ۽ سياستدان آهي تنهن جي پڇڻ تي به مون جڏهن کيس ٻڌايو ته ڪورٽ ۾ وڃڻ مون پسند نه ڪيو ته چيائين ته ”تو بلڪل صحيح ڪيو.“ خدا جو شان! هارون صاحب ۽ آغا رفيق ايڏو بدنام ٿيا جو جناح اسپتال جي هڪ فنڪشن ۾ جنهن ۾ پريزيڊنٽ ضياءَ الحق خاص مهمان هو تنهن مونکي خاص سڏائي، اٿي بيهي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته ”هي بچا لوگ سياستدان ٿي آيا آهن. تون دل ۾ نه ڪجانءِ.“ مون هڪڙو فقرو چيو ته، ”مون کي ته هارون صاحب جو شڪرو ادا ڪرڻ گهرجي جو سندس ڪري ملڪ جو پريزيڊينٽ مون جهڙي عام ماڻهوءَ سان بغلگير پيو ٿئي.“ جنرل صاحب خوش ٿيو. اخبار واري به اسان جو ڀاڪر ۾ فوٽو ڪڍي ورتو ۽ ڪاپي مون کي به ڏني. گهر وارن جو اهو فوٽو ڏٺو ته ناراض ٿيا ۽ ناپسندي جو اظهار ڪيائون.
جنرل ضياءَ هزار ڪوششن باوجود ماڻهن ۾ مقبول نه بڻجي سگهيو. ماڻهو کيس ’ڪاڻو‘ سڏيندا هئا يا ’وچين سينڌ‘ يا ’ڏندرو‘، ڇو ته سينڌ وچ مٿي تي ڪڍندو هو ۽ هر وقت ڏند ڪڍي کلندو رهندو هو. آغا رفيق، قيوم چاچڙ ۽ ولي محمد بلوچ اهو سهي نه سگهيا ته پريزيڊنٽ ابڙي صاحب سان ڀاڪر پائي مليو سو هُلايائون ته ”مسٽر ابڙو پريزڊينٽ جي پيرن تي ڪري روئي دانهن ڏني تڏهن پريزيڊينٽ صاحب کيس اٿاريو!“ توبهه، ماڻهو ٺاهه به پنهنجي طبيعت وٽان ٿو ٺاهي ۽ واقعي پاڻ اهڙيون چاپلوسيون ڪندا هئا. خير، نتيجو ته جلد ظاهر ٿيو جو مونکي گورنر صاحب چيئرمين ائنٽي ڪرپشن ڪري رکيو جو هڪ شاندار عهدو، آءِ جي پوليس جي برابر آهي. مٿان وري آغا رفيق کي هٽائي ائڊيشنل سيشن جج ڪنڌ ڪوٽ ڪري موڪليو ويو. روئي منٿون ڪري پنهنجي بدلي دادو ڪرايائين. مٿان وري ڀُڏو ڪم اهو ڪيائين جو اسيمبليءَ جي سرڪاري ڪار کڻي دادوءَ وڃي پنهنجي خانگي استعمال ۾ بيهاريائين. دادوءَ جو ائنٽي ڪرپشن انسپيڪٽر مون وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين ”اجازت ڏيو ته سڳ سوڌو گرفتار ڪري جيل ۾ هڻي ڇڏيانس.“ هن سمجهيو ته مان خوش ٿيندس پر مون کيس سختي سان منع ڪئي ته ائين ڪرڻ سان هاءِ ڪورٽ ۽ جج صاحبن جي عزت کي ڇيهو رسندو. هوڏانهن آغا صاحب ماڻهو موڪلي اها ڪار زوريءَ منهنجي گهر وٽان کڻائي ويو هو. ان بيعزتيءَ جو بدلو وٺانس ها ته موقعو سٺو هو. جيڪو ويچارو غريب ڊرائيور منهنجي ڪار ڊيوٽيءَ ۾ هو تنهن کي نوڪريءَ مان به ڪڍيائين ۽ سندس رهيل پگهارون به نه ڏنائين. ماڻهو ڪيئن نه پنهنجي اصليت ظاهر ڪن ٿا ۽ اهڙن ڪريل حرڪتن تي الٽو فخر ڪن ٿا.
حقيقت ۾ آغا صاحب منهنجي خوشامد ڪري، مون کي جيمخانه ۾ مانيون کارائي، اسيمبليءَ ۾ آيو هو. ڪار ته سندس ڪمزوري هئي. جڏهن پهرين چارج ورتي هئائين ته هڪ ننڍڙي ويسپا اسڪوٽر تي چڙهي آيو هو. ائڊيشنل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ کيس سرڪاري ڪار استعمال ڪرڻ جو حق نه هو پر هو اسيمبليءَ جي ڪار، پئٽرول ۽ ڊرائيور استعمال ڪندو رهيو. فنانس سيڪريٽريءَ کي خبر پئي ته سخت ڪاوڙيو ۽ مونکي چيائين ته رپورٽ لکي موڪل ته مٿس قدم کڻجي ۽ سرڪاري خرچ جا پئسا سندس پگهار مان ڪٽجن. مون اها ڳالهه به لئه مٽي ڪري ڇڏي.
هي ته ٿيو آغا صاحب جو حشر. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اسپيڪر هارون صاحب به ٽاپين ۾ اچي ويو. قيوم چاچڙ ، ولي محمد ۽ ٻين جن کانئس ناجائز ڪم ڪرايا هئا تن سرڪار (چيف منسٽر) سان سنمک ٿيڻ خاطر هارون صاحب خلاف ڪچو چٺو تيار ڪري سڀني ميمبرن، گورنرن ۽ پريزيڊنٽ کي ڏياري موڪليو. چيف منسٽر صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي اسپيڪر صاحب خلاف عدم اعتماد جي رٿ پاس ڪرائي هارون صاحب کي ڪڍيو ويو. مان ان ڏينهن اسيمبليءَ جي گئلري ۾ ويٺو هئس ۽ سندس خلاف جيڪي تقريرون ٿيون سي ٻڌم ويٺي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون مثال هو جو اسپيڪر صاحب کي ڪڍيو ويو هو. چيف منسٽر ٻيو قدم اهو کنيو جو اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي لا ڊپارٽمينٽ (قانوني کاتي) جي ماتحت ڪري ڇڏيائين. ائين منهنجي اڳڪٿي پوري ٿي جو هارون صاحب کي چيو هئم ته ”توهان پنهنجو ۽ اسيمبليءَ جو وقار وڃائيندا.“ پوءِ به هارون صاحب ڪونه سمجهيو ۽ الٽو اهو نتيجو ڪڍيائين ته کيس منهنجي ڪري ڪڍيو ويو ۽ انهي سڄي ڪارروائيءَ ۾ منهنجو هٿ هو. الله ٿو ڄاڻي ته منهنجو وري اسيمبلي سيڪريٽري ٿيڻ ۾ ڪو چاهه ڪونه هو.
هارون صاحب کي ڪڍڻ واري پهرئين ئي ڏينهن چيف منسٽر صاحب مون کي چيو ته ”ابڙا صاحب اچي پنهنجي ڪرسي سنڀال!“ پر مون انڪار ڪيو. ٻئي ڏينهن نئين اسپيڪر اختر علي قاضي صاحب سان مليس ته ان به هڪدم چيو ته ”ابڙا صاحب وڃي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهه!“ مون چيو ”سائين اهو مناسب نه ٿيندو!“ چيائين ”ڇو؟“ مون چيو، ”سڄڻ ڏئي سڄي ٻانهن ته سڄي نه ڳڙڪائجي، ان جو خير گهرجي.“ قاضي صاحب وري به چيو ”پر ڇو؟“ مون چيو ”سائين مان اسيمبلي ۽ ان جي روايات جو گهڻگهرو آهيان. اجايو ماڻهن ۽ اخبارن وارن کي چوڻ جو موقعو ملندو ته سيڪريٽريءَ جي ڪري اسپيڪر کي ڪڍيو ويو. مان اسيمبليءَ تي اهڙو ٽڪو لڳڻ نه ڏيندس!“ اها ڳالهه به ڪا اسان جي رت ۾ ويٺل آهي. پنهنجي ڪم ۽ اداري سان اهڙو لڳاءُ پيدا ٿي ويندو آهي جو پنهنجا فرض ۽ اداري جا معاملا، اجنبي احساس طور محسوس ٿيندا آهن. سچائي، وفاداري ۽ پيار جي ڪري اڳواٽ پرون پئجي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڇا ٿيندو ۽ انهيءَ جو ڪيئن ٽوڙ ڪبو. اڄ جڏهن اسيمبلي ڇڏئي مون کي يارهن سال ٿي ويا آهن ته به اسيمبليءَ جي معاملن کي رڳن ۾ ڊوڙندي محسوس ڪندو آهيان ۽ اسيمبليءَ جا آفيسر اڄ به فون ڪري منهنجا تاثرات معلوم ڪندا آهن ۽ صلاح مشورو وٺندا آهن.

7

ضياء دؤر ۾ جڏهن اسيمبلي پهرين پهرين شروع ٿي هئي ته مسٽر سميع قريشي چيف سيڪريٽري هو ۽ هڪ ذميوار آفيسر هئڻ سبب ڪجهه ٻڏتر ۾ هو ته پهرئين ڏينهن ڇا ٿيندو. مان ڏاڍي خود اعتماديءَ سان کيس چيف منسٽر جي روبرو پئي چيو ته ”ائين ڪونه ٿيندو، باقي هينئنءَ ٿي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ به اسان وٽ علاج آهي.“ پڇيائين ته ”ڪيئن ٿو چئي سگهين؟“ مون چيو ”عام فضا ۽ چؤٻول مان خبر پئجي ويندي آهي ته ڇا ٿيندو ۽ ڇا نه ٿيندو؟“ ته قريشي صاحب پڇڻ لڳو ته ”پوءِ اهڙي صورتحال پئدا ٿي پوي ته پوءِ ڇا ڪبو؟“ مون چيو ”منهن ڏئي وٺبو.“ ته به چيائين ته ”آخر ڪيئن؟“ مون چيو ته ”سائين گهڻيئي ترڪيبون ۽ اٽڪلون اسان جي کيسي ۾ پيون هونديون آهن ۽ انهن کي استعمال ڪري وٺندا آهيون!“ تڏهن به مطمئن نه ٿيو ۽ چيائين ”ڇا ڪبو؟“ چيف منسٽر صاحب به پراڻو پارلياماني ماڻهو نه هو، هُو هاءِ ڪورٽ جو جج هو. پوءِ به مثال ڏئي سمجهايومان ته سندن فڪر مندي لهي وئي. هاڻي به پاڻمرادو اسيمبلي آفيسرن کي فون ڪري خبردار ڪندو آهيان ته هيئن يا هونئن ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري خبردار رهجو. اهو آهي پنهنجي ذميوارين ۽ فرائض سان لڳاءُ.
ڪمال، منهنجو ڀاءُ، جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر هو تنهن کي ڀٽي صاحٻ جي دؤر ۾ نوڪريءَ مان تيرهن سؤ آفيسرن سان گڏ رٽائر ڪيو ويو. ڪمال همت ڀريو، محنتي ۽ قابل ماڻهو هو سو ٺيڪا کڻي اڳي کان به وڌيڪ خوشحال ٿي ويو. تڏهن به وٺ پڪڙ ۾ لڳو پيو هو ته کيس ٻيهر نوڪريءَ تي بحال ڪيو وڃي. مون کيس سمجهائيندي چيو ته ”ادا نوڪريءَ ۾ رکيو ڇاهي، وڃي کڏ ۾ پوي، توهان ڇو اچي پريشان ٿيا آهيو؟“ جيڪو جواب ڏنائين تنهن مون کي ماٺ ۾ وجهي ڇڏيو. چيائين ته ”سائين منهنجي دل، دماغ، رت ۽ رڳن ۾ اها ڳالهه پئي ٿي ڊوڙي ته واهه ۽ شاخون ڪيئن وهائجن ۽ پڇڙيون ڪيئن آباد ڪرائجن، سو آرام نٿو اچيم. پاڻيءَ جي آمد ۽ ماپ جا انگ اکر دماغ ۾ جمع ٿي ويندا اٿم ۽ اڌ رات جو اٿي ڪنهن اڻ واقف انجنيئر کي به فون ڪندو آهيان ته بابا فلاڻي واهه يا فلاڻي بند جي فلاڻي هنڌ (آر. ڊي وٽ) کنڊ يا روڻ پوڻ جو امڪان اٿئي، تون ستو پيو آهين.“
هو بند مئنيوئل ۽ کنڊ ٻڌڻ جو ماهر هوندو هو. سندس حد کان ٻاهر کنڊ پوندو هو ته به کيس گهرائي وٺندا هئا ۽ هو گهرٻار ڇڏي ڏينهن رات کنڊ واري جاءِ تي واڻ جي کٽن تي ويٺو هوندو هو. کنڊ ٻڌڻ جو سامان، واريءَ جون ٻوريون، وڻن جا ٿڙ ۽ پڃر اڳواٽ گڏ ڪري رکندو هو جي جلد ئي گهرائي ڪم ۾ جنبي ويندو هو. نه ننڊ جي پرواهه نه مانيءَ جي. کنڊ ٻڌي جڏهن آخري هنڌ ٻڌبو آهي ته اهو ڏاڍو ڏکيو مرحلو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي ان سوڙهي هنڌ مان تمام تيزي ۽ زور سان وهندو آهي ۽ جيڪي ڪجهه وجهبو آهي سو لڙهي ويندو آهي. ان مهل هڪ جانٺي مزور کي چيائين ته ”ٻانهون کولي لڪڙن ۾ هٿ وجهي ڇاتيءَ سان پاڻيءَ کي روڪ ته تنهنجي پٺيان لڪڙا ۽ واريءَ جون ٻوريون تڪڙو تڪڙو اڇلي کنڊ بند ڪيون.“ مزور دل نه ٻڌي، ڊنو. چيائين ”سائين مان لڙهي ويندس!“ ڪمال کيس پري ڪري، ڪپڙن سوڌو پاڻ کڻي ٽپو ڏنو، جيتوڻيڪ تارو به ڪونه هو. پر دلير ۽ طاقتور هو ۽ اونو به هئس سو دير ئي ڪانه ڪيائين.
پڇڙي آباد ڪرڻ جو به ايڏو اونو هوندو هئس جو ڪنهن تيسمار، خانبهادر، سردار، توڙي آفيسر کي همت ڪانه هوندي هئي جو سندس حد ۾ واٽر ڀڃي يا حصي کان وڌيڪ ناجائز پاڻي کڻي. ٻيو ته ٺهيو، ون يونٽ جي دؤر ۾ آبپاشيءَ جو سيڪريٽري هو بلوچ شير محمد. ان وقت نواب ڪالا باغ ۽ جنرل ايوب جو دؤر هو ۽ سيڪريٽري، وزير کان به وڌيڪ پاور فل هو. بلوچ صاحب جا به واٽر ڪورس ڀڳل هئا. ڪمال سيمينٽ ڪانڪريڪٽ سان سندس واٽر ڪورس به ٻڌائي ڇڏيا. بلوچ شير محمد صاحب، مست ٻروچ ماڻهو، کيس چڱي مٺي جي تميز ئي ڪانه هئي. پئسو به ڪروڙن ۾ گڏ ڪيو هئائين جيتوڻيڪ بڻيادي طور مسڪين ماڻهو هو. مان کيس چڱي طرح سڃاڻندو هئس جو گڏ پڙهندا هئاسون ۽ هڪ ئي هاسٽل ۾ رهندا هئاسون. بلوچ صاحب، ڪمال تي تپي باهه ٿي ويو ته سندس هڪ معمولي ماتحت ايس ڊي او ٿو سندس واٽر بند ڪري. پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته ”لٺيون ڪهاڙيون، بندوقون کڻي وڃي واٽر ڀڃي اچو.“ ڪمال کي به کڙڪ پئجي وئي سو ٻه ٽي داروغا، سرويئر وٺي، رائيفل کڻي وڃي واردات تي بيهي رهيو ۽ هڪل ڪيائين ته ”ڏسان ته ڪير ٿو اچي!“ بلوچ صاحب جي ماڻهن کي نه اها توقع هئي نه اهڙي همت سو ماٺ ڪري موٽي ويا. بلوچ صاحب ويتر باهه ٿي ويو. ڪمال سان چپ پئجي ويو ۽ چيف انجنيئر کي حڪم ڪيائين ته هن اسسٽنٽ انجنيئر جي آفيس جي انسپيڪشن ڪري غلطيون ڪڍي کيس رپورٽ ڪري.
مون ڪمال کي سمجهايو ته ”بالا آفيسر سان ڦٽائڻ جوکم جو ڪم آهي“ ته ڏاڍي اعتماد سان ٻئي هٿ کولي چيائين ”سائين منهنجا هٿ آهن صابڻ سان ڌوتل ۽ هنن جا هٿ آهن ڊيزل سان ڪارا ٿيل سو مون کي ڇا ڪندا. ڀلي منهنجون چڪون ڪڍي جيڪي وڻين سو ڪن.“ هي هو پنهنجي ڪم ۽ قابليت تي مڪمل اعتماد. پر مون وري به کيس سمجهايو ته چيائين ته ”سائين پوءِ ڀلا پڇڙيون سڪائي غريبن جون پوکون ساڙائي، ڳوٺ ڦٽائي، زمينون اجاڙي، ماڻهو ۽ مال کي بک ۽ اڃ ماريان. اهو مون کان ڪونه ٿيندو. ڀلي مونکي بدلي ڪري آفيس ۾ اڇلين.“ ٿيو به ائين چيف انجنيئر جي ٽيم انسپيڪشن ڪري رپورٽ ڏني ته ”اسان جي آفيس کي هن ماتحت آفيسر کان سبق سکڻو پوندو. جڏهن ماڻهوءَ جا هٿ صاف هوندا ته همت به ايندي.“ ڪمال جڏهن پڇڙيءَ تي چيف انجنيئر کي وٺي ويو ته ماڻهن سندن استقبال دهل شرنائين سان ڪيو ۽ ديڳيون لاٿيون. فصل ڀلا ٿيا هئا ۽ مال به متارو هيو. گهڻن سالن کان پوءِ هڪڙو ٻيو چيف انجنيئر مليو. ڳالهه ڪيائين ته ان حد ۾ ويو ته فصل ويران، ماڻهو حيران ۽ مال ڏٻرو هو. ماڻهو مڙي وٽس آيا ۽ اچي چيائونس ته ”سائين اسان کي رڳو ابڙو صاحب ايس ڊي او ڏي، بس ٻيو ڪجهه نه کپي.“ ماڻهو هليا ٿا وڃن ڳالهيون ۽ ڳڻ رهجي ٿا وڃن.
بلوچ صاحب اهڙو وير وٺُو، بدمزاج، بدڪلام ۽ چڱ مٺائي کان ايڏو عاري هو جو حد حساب ناهي. مان جڏهن سجاول ۾ جج هئس ته هڪ ايس ڊي او ڳالهه ڪئي ته بلوچ صاحب منزل انداز ٿيندو هو ته هڪ شراب جي بوتل ۽ هڪ عورت کيس روزانو سپلاءِ ڪئي ويندي هئي. هڪ لڱا ايس ڊي او صاحب عورت جو بندوبست ڪري نه سگهيو ۽ عذر ڏنائين ته عورت نه ملي سگهي ته بلوچ صاحب گار ڏئي چيس ته ”ڇو؟ جوءِ ڪانه اٿئي ڇا!“ توبهه. اهڙن آفيسرن سان، سواءِ ويڙهه کائڻ جي ٻيو ڪهڙو چارو؟ هونئن بلوچ صاحب پنهنجي ڪم جو ڄاڻو ۽ هوشيار به هو پر سندس اندر، جيڪو مرون ويٺو هو تنهن کي ڇا ڪجي؟ بلوچ صاحب به ساڙ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪمال جي بدلي ملتان ڪري ڇڏي. ڪمال چارج نه ڇڏي ۽ ڪورٽ مان منع نامو وٺي ڇڏيو. شابس هجي ائڊيشنل سيشن جج غلام محمد ڪونريجي صاحب ۽ سيشن جج حمزي خان قريشيءَ کي جن بلوچ صاحب جي نه ٻڌي ۽ منع نامو پڪو ڪري ڇڏيائون. بهرحال ڪمال کي سزا ڀوڳڻي پئي جو کيس بدلي ڪري سکر جي اووررسيئر اسڪول ۾ ليڪچرار ڪري رکيائون. اتي به ڪمال نالو ڪڍيو. هوشيار ۽ محنتي ته هو سو ڌاڪو ويهاري ڇڏيائين ته هڪ قابل انجنيئر آهي.
وفاداري، سچائي، محنت ۽ لڳاءُ، اهڙي اندر اجار ڪن ٿا جو ماڻهوءَ تي اڳواٽ انڪشاف ٿيڻ لڳن ٿا ۽ اڳڪٿيون ڪري سگهجن ٿيون. اسين ته ٿياسون معمولي پگهاردار ماڻهو، پر وڏا عظيم ليڊر ۽ قومن جي تقدير بدلائڻ وارن ماڻهن جي به ڪجهه اهڙي هيجان ۽ جذب واري ڪيفيت ٿئي ٿي. ٻي مهاڀاري لڙائي کي ختم ٿئي سال لنگهي ويا. آمريڪا ۽ روس جا سڄي دنيا ۾ ٽَڪر ٿيا. ڪوريا ٻه اڌ ٿي. ويٽنام ۾ اڻ کٽندڙ لڙائي شروع ٿي. چين، ڀارت تي ڪاهيو، ڪانگو ۾ لممبا کي ماري سندس لاش تيزاب ۾ ساڙيو ويو. آفريڪا ۾ گورن ۽ ڪارن وچ ۾ لڙايون شروع ٿي ويون ۽ صدر ڪينيڊي، ڪيوبا جهڙي ننڍي ملڪ تي هلان ڪري ڏني ۽ ائٽمي جنگ جو خطرو ڀوت جيان لامارا ڏيڻ لڳو. ان وقت چرچل کان پڇيو ويو:
سوال: هن وقت حالتون خراب آهن؟
چرچل: تمام خراب.
سوال: ٻي جنگ عظيم ڇِڙڻ کان اڳ، جهڙيون 40-1939ع ۾ هيون؟
چرچل: انهيءَ کان به خراب.
سوال: ڇا جنگ جا امڪان آهن؟
چرچل: ڪجهه به غير ممڪن نه آهي.
سوال: پوءِ ڀلا چئبو ته جنگ لڳندي؟
چرچل: نه، جنگ ڪونه لڳندي.
سوال: ڇو ڀلا، اهو وري ڪيئن؟
چرچل: ڇو ته مان جنگ پنهنجي هڏ ۾ محسوس نٿو ڪريان. (I do not feel the war in my bones.)
ڏسو هاڻي، هن ۾ ڪهڙي منطق آهي. حالتون خراب آهن، تمام خراب. تڏهن به جنگ ڪانه لڳندي ڇاڪاڻ جو چرچل صاحب هڏ ۾ ان کي محسوس نه ٿي ڪيو. ڪو کوڙو ئي نٿو لڳي، پر آهي حقيقت.
ڀانيان ته حسين هارون صاحب جو باب بلڪل ختم ڪجي ۽ باقي رهيل ڳالهيون به ڪري ڇڏجن. ويو خانصاحب غلام الرسول ڪيهر صاحب کان پڇڻ ويو ته اسيمبلي ڪيئن هلائجي؟ ڪيهر صاحب رڳو ايترو پڇيس ته ”سيڪريٽري ڪير اٿئي“ چي ”جمال الدين ابڙو.“ ڪيهر صاحب چيس ته ”بس اطمينان سان چپ ڪري ويهي رهه، اسيمبلي پاڻهئي پنهجي مان شان سان قانون قاعدن موجب هلندي!“ پر هارون صاحب کي ته کپندو هو اختيار استعمال ڪرڻ جو چشڪو، سو سک ٿي ڪونه ويٺو. ڪلارڪن، پٽيوالن جون بدليون، هر انتظامي ڪم ۾ مداخلت سو به هرو ڀرو پڏڻ پائِي خاطر. پوءِ نظام درهم برهم ٿيندو ڪه نه؟ ٻيو ته ٺهيو پر اسيمبلي جو اجلاس ڏسڻ خاطر مختلف گئلرين جون پاسون نڪرنديون هيون ميمبر صاحبن جي سفارش تي، ته ان ۾ به مداخلت.
هڪ دفعي بجيٽ سيشن هلندي، مسٽر غوث بخش خان مهر جو ان وقت وزير خوراڪ ۽ زراعت هو تنهن جو ڪو معزز مهمان آيو ته پاڻ وڃي آفيس سپرنٽينڊنٽ مسٽر عبدالحميد سومري کان، جو نهايت شريف، محنتي ۽ قابل آفيسر هو، گورنر گئلري جي پاس هڪ ڪڍائي مهمان کي اتي ويهاريائين. ڀلا وزير کي اهڙي معمولي رعايت ڪهڙو آفيسر نه ڏيندو؟ ۽ حرج به ڪهڙو؟ پر هارون صاحب تپي باهه ٿي ويو ۽ اتي جو اتي اجلاس هلندي مسٽر سومري کي سسپينڊ (معطل) ڪيائين. نتيجو اهو نڪتو جو بجيٽ جي باري ۾ جيڪي موشن (تحريڪون) اتي جو اتي ٽائپ ڪندو، مسٽر سومرو، وزير خزانه مسٽر جپانوالا کي پهچائيندو ٿي ويو سي اچڻ بند ٿي ويون. مسٽر جپانوالا منجهي بيهي رهيو ۽ مون ڏي ڏسڻ لڳو. مان پنهنجي ڪرسي ڇڏي وٽس ويس ۽ ٻڌايومانس ته اسپيڪر صاحب، عبدالحميد سومري کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي. مون وٽ بجيٽ جو مڪمل شيڊول (ترتيبوار وچور) ڇپيل صورت ۾ موجود هو سو کيس هٿ ۾ ڏنم ۽ چيم ته ان مان انگ اکر ڏسي ترتيبوار تحريڪ پيش ڪندو وڃي. جپانوالا صاحب قابل ماڻهو هو سو ائين ڪري منهن ڏئي ويو. پر پڇيائين ته اها سندس خلاف سازش ڪنهن ڪئي آهي؟
منهنجو تجربو آهي ته هر ڪو سياستدان حد درجي جو شڪي مزاج، خود پسند، خود غرض ۽ وڏو وير وٺُو هوندو آهي. غوث بخش خان به ٻاهر وڃي مون کي سڏايو ۽ هارون صاحب کي گهٽ وڌ ڳالهائي چيائين ته هو ڄاڻي واڻي سندس بيعزتي پيو ڪري. مون چيو ”سائين اهو تمام خسيس معاملو آهي. مان پاڻهئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندس. توهان خيال نه ڪيو.“ اجلاس پورو ٿيو ته مان هارون صاحب کي وڃي عرض ڪيو ته ”اهڙي معمولي غلطيءَ کي نظر انداز ڪري معطلي جو آرڊر واپس وٺي نه ته هڪ سٺي ڪارڪن جي دلشڪني ٿيندي ۽ ٻئي پاسي ٻه وزير مسٽر جپانوالا ۽ مسٽر مهر به خواه مخواهه دل ۾ ڪندا.“ پر هارون صاحب ضد تان لهي ئي نه؛ چي ”منهنجي اجازت کانسواءِ پاس جاري ڇو ڪئي وئي؟“ چيم ”سائين توهان اجلاس ۾ ويٺا هئا ۽ پاسون زائد پيون هيون.“ پر هارون صاحب کي ته اها ٻاراڻي لئه کپندي هئي ته معمولي پاس لاءِ وزير اچي کيس منٿ ڪن. حالانڪ اهڙو ڪو قاعدو قانون ڪونه آهي ۽ هڪڙو معمولي ڪلارڪ پاسون ڪڍڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي.
مسٽر غوث بخش مهر جو هڪ راڄائتو ۽ وضعدار ماڻهو آهي سو ازخود هارون صاحب وٽ هلي ويو ته مسٽر عبدالمجيد سومري جي غلطي معاف ڪري ۽ معطلي جو آرڊر واپس وٺي، ڇاڪاڻ ته هن سندس چوڻ تي اها غلطي ڪئي هئي. انهيءَ کي سفارتڪارانه جواب ڏئي ڇڏيائين پر معطليءَ جو آرڊر واپس نه ورتائين. هاڻي مسئلو هو ته صورتحال کي ڪيئن سنڀالجي جو اسپيڪر صاحب جي به عزت قائم رهي ۽ وزير صاحب به نه ڪاوڙجي. وڏي ڳالهه ته بجيٽ اجلاس اسيمبليءَ لاءِ ۽ وزارت خزانه لاءِ هڪ نهايت نازڪ مرحلو هوندو آهي سو ان کي به منهن ڏيڻو هو. جيڪو ڪم مسٽر عبدالحميد سومرو ڪري رهيو هو. انهيءَ ڪم لاءِ ٻيو ڪو به تربيت يافته ڪو نه هو. مون مسٽر سومري کي گهرائي چيو ته هو پنهنجو ڪم جاري رکي. مسٽر سومرو عزت نفس وارو ماڻهو ۽ ڪم جو ڄاڻو به، سو به ڪاوڙيل هجي. چيائين ته ”سائين ڀلي انڪوائري ڪرائي مونکي سزا ڏئي!“
هو منهنجي عزت ڪندو هو ڇاڪاڻ ته مان به ساڻس عزت ۽ پيار ڀريو ورتاءُ ڪندو هئس. چيومانس ته تون پنهنجي ٽيبل ڇڏي ٻئي هند ويهي ساڳيو ڪم ڪر. هن منهنجو چوڻ ڪونه موٽايو ۽ ڪم کي لڳي ويو. اسيمبليءَ ۾ ڏينهن رات ڪم ٿئي ٿو. هيڏانهن آغا رفيق صاحب، ولي محمد بلوچ ۽ عبدالقيوم چاچڙ کي لڙ ۾ مزو لڳو سو هارون صاحب وٽ وڃي ڪاناڦوسيءَ ۾ لڳي ويا ته سائين ابڙي صاحب تنهنجي عزت جو خيال نه ڪري، مسٽر سومري کي بحال ڪري ڪم تي لڳائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ ماتحت آفيسرن کي سيڪريٽريءَ جي اجازت کانسواءِ اسپيڪر سان ملڻ کان منع آهي پر هارون صاحب ڪنن جو ڪچو، پنهنجو مقام نه سڃاڻندي ماتحت آفيسرن کي پاڻ سان ملائي پنهنجي من ماني ڪندو هو. مون کي گهرايائين ته ”تو سومري کي بحال ڪري منهنجي بيعزتي ڪئي آهي.“
چيومانس ته ”سائين هڪ ته تنهنجي آرڊر کانسواءِ هو بحال ٿي ڪونه ٿو سگهي ۽ ٻيو ته نه مون اهڙو آرڊر ڪڍيو آهي نه ڪڍندس، مون ته پاڻ مسٽر سومري کي چارج شيٽ ڏني آهي ۽ انڪوائريءَ ۾ مسٽر غوث بخش مهر ۽ مسٽر جپانوالا ٻئي وزير به توهان آڏو پيش ٿيندا“ ته ماٺ وٺي ويس. چيائين ته ”اهڙي تڪڙ نه ڪجانءِ، باقي سومري کي ڪم تي ڇو لڳايو اٿئي؟“ مون چيو ”قاعدي موجب معطل آفيسر کي آفيس ۾ حاضر رهڻو آهي، پگهار به ٽيون حصو ملندس سو ڀلي هاڻي ئي سزا هجيس ته گهٽ پگهار تي ساڳيو ڪم پيو ڪري!“ لاجواب ٿي ويو پر دل ۾ ڪاوڙ هئس. جپانوالا ۽ مهر صاحب کي چيم ته هارون صاحب سندن خيال رکندي مسٽر سومري کي ساڳئي ڪم تي لڳائي ڇڏيو آهي. ايترو ڪوڙ مون به ڳالهايو. شريمد گيتا ۾ حضرت ڪرشن فرمائي ٿو ته ”هڪڙو اهڙو ڪوڙ جنهن سان ڀلائي پراپت ٿئي سو هزار سچن کان بهتر آهي.“ اهڙا ٻيا واقعا به حياتيءَ ۾ مونکان سرزد ٿيا آهن تنهن ڪري مان ڪو گامون سچار ڪونه آهيان. ڪڏهن ٻن وڙهيل دوستن مان هڪ کي وڃي چوندو هئس ته ”ڀائو اڄ فلاڻو تنهنجي ساراهه مان ڍاپي ئي نه پيو.“ انهيءَ هڪ جملي سان اڳلو پهريائين ته صفا بي هٿيار ٿي ويندو. پوءِ حيرت مان چوندو ”ائين وري ڪيئن هوندو!“ مان به، ”الائي يار، مان پاڻ حيران آهيان.“ چئي گم ٿي ويندس. پوءِ اُهو دل ۾ پوريل تعويذ نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪندو هو. انهيءَ معاملي ۾ محترم محمد حفيظ قريشي نهايت قابل ۽ نفسياتي ماهر هوندو هو. انهيءَ جا ڪيئي دلچسپ واقعا بعد ۾ جي قلم تي چڙهيا ته ٻڌائيندو ويندس.
هارون صاحب. مسٽر سومري تي انڪوائري ڪانه ڪئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس بحال ڪري ڇڏيائين. باقي دل ۾ خوش هو ته هن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي پنهنجي ڊسيپلين (منتظم هجڻ جو) ڌاڪو ويهاري ڇڏيو آهي. هڪڙي دفعي سندس آفيس ۾ وڃان ته هڪ ڇوڪرو ساڻس گڏ ڊبل صوفا سيٽ تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيون ويٺو آهي. هارون صاحب چيو ته ”مسٽر ابڙا هن کي ته اڄ جو اڄ پٽيوالي جو آرڊر ڏي!“
”حاضر سائين!“ چئي، دل ۾ سوچيم ته هي جو اسپيڪر سان هيڏو حجائتو آهي سو ڪنهن جو پٽيوالو ٿي ڪيئن ڪم ڪندو؟ ٿوري دير ۾ هو ڇوڪرو مون وٽ آيو ۽ حڪما چيائين ته ” کہاں ہے۔ ميرا آرڊر؟“ مون چيومانس ته ”درخواست ڏي ته آرڊر ڪڍون ٿا.“ چي، ”هن (اسپيڪر صاحب) جي چوڻ باوجود به درخواست ضروري آهي؟“
مون ائڊمنسٽريشن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري فضل النبي خان، جو پاڻ به مهاجر هو. گهرائي چيو ته ”هن کي ساڻ وٺي وڃ ۽ پٽيواليءَ جو آرڊر ڪڍي ڏينس!“ ٿوري دير کان پوءِ فضل النبي خان لکت ۾ نوٽ موڪليو ته ”منظور ٿيل تعداد موجب پيٽيوالي جي ڪابه جاءِ خالي ڪانهي، انهيءَ ڪري توهان جي زباني آرڊر جي تعميل نٿي ڪري سگهجي جو ناڻي واري وزارت اعتراض ڪندي ۽ اهڙي مقرر ڪيل پٽيوالي کي پگهار ڪانه ملندي.“
مون به ساڳيو نوٽ اسپيڪر صاحب کي ڏياري موڪليو ته هو صاحب پاڻ ڏسي. گهڙي ڪانه گذري ته اهو ڇوڪرو منهنجي آفيس ۾ هليو آيو ۽ سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين ته، ”چئبو ته حڪم مٿئين جو (اسپيڪر جو) نه تنهنجو ٿو هلي!“ مون کيس سمجهايو ته ”بابا پگهار نه اسپيڪر صاحب. نه مان پنهنجي کيسي مان ڀرينداسون. اسپيڪر صاحب جي پگهار ڀري ته مان آرڊر ڪڍڻ لاءِ تيار آهيان.“ بڙ بڙ ڪندو هليو ويو.
ناڻي يا پئسن جو معاملو اهڙو آهي جو هڪڙو پئسو به هيڏي هوڏي نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ٺهيو انهيءَ معاملي تان (ڏسو: مولانا آزاد جو ڪتاب انڊيا وِنس فريڊم). ٿيو ڇا جو گڏيل هندستان ۾ ناڻي جي وزارت ڏنائون لياقت علي خان کي ۽ هو اها وزارت وٺڻ ۾ خوش يا راضي نه هو. چوڌري محمد علي جو ان وقت فنانس سيڪريٽري هو تنهن لياقت علي خان کي راضي ڪيو ۽ چيائينس ته ”هاڻي ڏسجانءِ مزو!“ چوڌري محمد علي اهڙو کڻي سڀني وزيرن کي سوگهو ڪيو جو سردار ولڀ ڀائي پٽيل، هڪ پٽيوالو به نه پيو رکي سگهي. سردار صاحب بيزار ٿي گانڌي جي وٽ ويو ۽ چيائين ته ”ڏئي ڇڏيون پاڪستان، نه ته هي اسان کي حڪومت ڪرڻ ڪونه ڏيندا.“ پٽيل جهڙو آزمودگار سياستدان ڪاوڙجي ته پوءِ هارون صاحب جهڙو ڇوڪراٽ ڪيئن نه ڪاوڙبو؟ مٿان وري هُو ٽيئي منهنجا سڄڻ وڃي هارون صاحب جا ڪن ڀرڻ لڳا ته ”ابڙي صاحب ڄاڻي واڻي اسپيڪر صاحب جي بيعزتي ڪئي آهي“ ۽ هڪڙو واقعو ٻڌايائونس ته مون ڪيئن هڪڙي ماڻهوءَ کي گورنر جي ملٽري سيڪريٽري جي چوڻ تي پٽيوالو ڪري رکيو هو. ڳالهه هيئن هئي ته جنرل جهانداد خان جي ملٽري سيڪريٽري مونکي فون ڪئي ته هڪ ماڻهوءَ کي نوڪريءَ تي لڳايو وڃي. مون صاف انڪار ڪيو ته ڪا جاءِ خالي ڪانهي. ٿوري دير ۾ ملٽري سيڪريٽري پاڻ ان ماڻهوءَ کي وٺي منهنجي آفيس ۾ اچي ويهي رهيو. چيائين ”هي انساني همدردي جو مسئلو آهي. هي ڪو منهنجو مائٽ ڪونه آهي. مان پنجابي آهيان هي سنڌي، بي اي پاس آهي، وڏي ڳالهه ته اڄ نوڪري نه مليس ته سڀاڻي سندس عمران حد کي پهچي ويندي جو هو سرڪاري نوڪريءَ جو اهل نه رهندو. توهان ڀلي پٽيوالو ڪري رکوس پر هن جو مستقبل تباهه نه ڪيو!“ سندس دليلن ۾ وزن هو. مون ڊپٽي سيڪريٽري مسٽر ولي محمد کي گهرايو جنهن سوچي ويچاري هڪڙو رستو ڪڍيو ته ڪوبه پٽيوالو ٽن مهينن کان وڌيڪ موڪل وٺي ته عارضي طرح خالي ٿيل جاءِ تي ٻيو ماڻهو رکي ٿو سگهجي.
مون چيو ”وارو ڪر ڪنهن کي موڪل تي اماڻ.“ چيائين ته ”سائين منهنجو چوڻ ڪير وٺندو؟“ مون سان منهنجو پرسنل اسٽاف گهڻي محبت ڪندو هو. هڪدم گهنٽي وڄائي پنهنجي نائڪ کي گهرايم. هو پٺاڻ هو يا پنجابي ۽ عمر جو به وڏو هو. چيومانس ”يار تون بيمار ٿو ڏسجين موڪل وٺي وڃي آرام ڪر!“ هو ته پاڻ خوش ٿيو. چيائين ”سائين مهينو موڪل ڏيوم!“ مون چيو ته ”ٽي مهينا.“ ڪجهه منجهي چيائين ”حاضر صاحب!“ درخواست لکرائي اتي جو اتي منظور ڪري، هن گريجوئيٽ کي پٽيوالو ۽ پوءِ فوٽو مشين جو مشين مئن ڪري رکيم. منهنجو نائڪ به خوش، گورنر صاحب جو اي ڊي سي به خوش ۽ هن نوجوان گريجوئيٽ جو به مستقبل ٺهي پيو.
اهڙي چڱي واقعي کي مروڙي سروڙي، منهنجن ٽن ياجوج ماجوج صاحبن اسپيڪر صاحب کي اهڙو ڀريو جو هن کي يقين ٿي ويو ته مون يقيناَ ڄاڻي واڻي سندس حڪم عدولي ڪري کيس بيعزتو ۽ بي مانو ڪيو آهي. مون کي گهرايائين ۽ ڏوراپو ڏنائين ته تو هڪ ملٽري واري جو حڪم مڃيو باقي منهنجي چوڻ کي ليکيو به ڪونه. مون کيس سموري صورتحال کان واقف ڪيو ته به مطمئن نه ٿيو چيائين ته ”پوءِ منهنجي ماڻهوءَ لاءِ به ائين عارضي جاءِ ڪڍ!“ چيومانس ”حاضر سائين توهان پنهنجي نائڪ کي ٽي مهينا موڪل تي اماڻيو ته توهانجو ماڻهو توهان وٽ ئي پٽيوالو ڪري ٿا رکون!“ هڪ ته کيس اميد آسرو ئي ڪونه هو ته سندس نائڪ ڪو سندس چوڻ وٺندو ٻيو ته هارون صاحب ڊڄڻو به ڏاڍو هو ته متان سيڪريٽري کانئس غلط ڪم ڪرائيندو هجي ۽ متان مٿس حرف اچي ته هن اهڙي اٽڪل بازي ڪري پنهنجي ماڻهن کي نوڪري ڏياري سو مونکي چيائين ته اهو سيڪريٽري جو ڪم آهي ته جاءِ خالي ڪرائي ۽ کيس وچ ۾ نه آندو وڃي.
ٻيو به هڪ واقعو هارون صاحب جي ڊڄڻي طبيعت جو ياد اٿم. هڪ مهاجر نوجوان کي ڪلارڪ ڪري رکيو هئم. هو سٺو ٽائپسٽ هو. منجهس خرابي اها هئي ته آفيس ٽائيم جيئن ئي هڪ ٻي بجي پورو ٿئي ته هو جهلڻ جي باوجود جواب ڏئي هليو وڃي ته آفيس ٽائيم کانپوءِ هو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه آهي. آفيسن وارن جي شڪايت تي کيس پاڻ وٽ گهرائي سمجهايم ته بابا هڪ ٻي بجي ته اجلاس ختم ٿو ٿئي ۽ اسان جو ڪم ئي ٻي بجي کان پوءِ ٿو شروع ٿئي جو رات جو ٻارهين هڪ بجي تائين ٿو هلي سو ٻيو نه ته ٻي کان پنجين ڇهين بجي تائين تون ٽائيپ جو ڪم اڪلائي هليو وڃ. ڪراچيءَ جو شهري ڇوڪرو سو صاف انڪار ڪيائين. سندس علاج هو جسٽس نانا وارو نسخو استعمال ڪرڻ پر اسيمبلي جهڙي حساس اداري ۾ ائين ڪرڻ ممڪن نه هو، سو کيس نوٽيس ڏئي نوڪريءَ مان ڊسچارج ڪري ڇڏيم. مڄاڻ هو ڪو هڪ ميمبر صاحب، جنهن جو انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل سان ۽ هارون صاحب سان واسطو هو، انهيءَ جو ماڻهو هو. ميمبر صاحب مونکي چيو ته ڪلارڪ کي واپس نوڪريءَ تي رکان. مون عزت سان چيو ”حاضر! پر ڪلارڪ معافي وٺي ۽ ٻي بجي کانپوءِ ڇهين بجي تائين ڪم ڪري.“ هارون صاحب جو به ان ميمبر ۽ مذڪوره هوٽل سان واسطو هو سو ان به مونکي گهرائي چيو ته ڪلارڪ کي واپس رک. مون چيو ”حاضر!“ مون ڇا ڪيو جو سڄو فائيل اسپيڪر صاحب ڏي ڏياري موڪليم ۽ لکيم ته ”ڪلارڪ پنهنجي ڪئي تي پشيمان آهي ان ڪري کيس معاف ڪري نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ۽ اسپيڪر صاحب اهڙي اجازت ڏئي.“ هارون صاحب ڊڄي ويو ته متان هن کان باز پرس نه ٿئي سو فائيل رکي ڇڏيائين ۽ رڳو دستخط به نه ڪيائين. الٽو مونکي چيائين ته مون ڇو اهو معاملو سندس ڳچيءَ ۾ وڌو. چيائين به پاڻ ۽ همت به ڪونه پيو ساري. اهڙا اندر جا ڊڄڻا ماڻهو، ٻاهر ڊڪٽيٽرانه ڏيک ڏيندا آهن ۽ ڏاڍيان ڳالهائيندا آهن ۽ ڊاڙون به هڻندا آهن ۽ ڪمزور ماتحتن جي بيعزتي ڪندا آهن ۽ کين دٻائيندا آهن. ائين پنهنجي اندر جي کوٽ جو ظاهري پورائو ڪندا آهن. شاهوڪار گهرن جا اڻ گهڙيا نوجوان گهڻو ڪري اهڙائي ٿيندا آهن. ٻڌو اٿم ته حسين هارون جو ڀاءُ حميد هارون صاحب به ڊان اخبار جي اسٽاف سان سخت رويو رکندو آهي ۽ بيعزتو به ڪندو آهي. هيءَ ٻڌل ڳالهه آهي ۽ غلط به ٿي سگهي ٿي باقي حسين هارون صاحب بابت جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو سؤ سيڪڙو سچ آهي ۽ منهنجي مشاهدي جي ڳالهه آهي. مون ته هر طرح کيس محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو خسيس ماڻهن جي خوشامد تي سندن چالبازين جو شڪار ٿي ويو.
هڪ دفعي هارون صاحب هڪ مهيني جي موڪل وٺي لنڊن هليو ويو. هفتي کن کان پوءِ سندس پرائيويٽ سيڪريٽري مون وٽ آيو ۽ اچي پرابلم بيان ڪيائين ته ”اسپيڪر صاحب جي گهران حڪم آيو آهي ته ڪار جي پئٽرول ٽانڪي فل ڪرائي ڏيو“. مون چيو هڪدم تعميل ڪيو. چيائين ته ”سائين هو ته لنڊن ويٺو آهي پوءِ پئٽرول پرچي سندس استعمال لاءِ ڪيئن نڪرندي؟“ مون ٿورو سوچي چيو ته پرچي منهنجي گاڏيءَ جي نالي منهنجي صحيح سان ڪڍرائي پئٽرول اسپيڪر صاحب جي گاڏي ۾ وجهايو. حاضر ڪري هليو ويو پر هارون صاحب جيڪا فتني ۽ ويڙهه واري فضا، ماتحتن ۾ پيدا ڪري ويو هو سو ماتحتن جو مڪو مچي ويو هو. هر ڪو پاڻ وڻائڻ لاءِ زياده خوشامد ۽ زياده ڇيهو رسائڻ nuisance value جي قوت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هو. اهڙي صورتحال ۾ ماتحت پنهنجي بالا آفيسر جي غلطي يا ڪمزوري پڪڙي ان جو ناجائز فائدو وٺندا آهن.
هارون صاحب به اهڙو ئي ماحول پئدا ڪري ويو هو. سندس آفيس وارن ڇا ڪيو جو سندس لنڊن واري قيام دوران پئٽرول جون پرچيون سندس ئي نالي تي ڪڍندا رهيا ۽ مان ڀانيان ٿو ته پنهنجين ذاتي گاڏين ۾ پئٽرول به هارون صاحب جي کاتي ۾ ڀرائيندا رهيا. پوءِ جڏهن هارون صاحب جو ڪچو چٺو ٽائيپ ڪرائي سڄي ملڪ ۾ موڪليو ويو ته پئٽرول جي اهڙي ناجائز استعمال جو به ذڪر هو جو هنن بيپرواهيءَ سان ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته وٽن ۽ پئٽرول پمپ تي لکت ۾ ثبوت موجود هو. هارون صاحب اهو سڀ مون ڏانهن منسوب ڪندو رهيو حالانڪ منهنجي ملائڪن کي به خبر ڪانه هئي. مون پوءِ به هارون صاحب سان عليڪ سليڪ جو رستو نه ڇڏيو ۽ هميشھ کيس ’سر!‘ چئي مخاطب ٿيندو آهيان. حالانڪه هو منهنجي ڀيٽ ۾ ٻار آهي ۽ سندس والد سعيد هارون منهنجو چڱو واقفڪار دوستن جهڙو هو. گهڻن مهينن کان پوءِ مون هارون صاحب کي چيو ته مان وٽس ملڻ ايندس ته هڪدم چيائين ته ”ها، مان ڪنهن خلاف دل ۾ غير ڪونه رکندو آهيان.“ مونکي ڌچڪو پهتو ۽ وٽس هڪ ڏوهيءَ جي حيثيت ۾ وڃڻ مناسب نه سمجهيو.
سياستدانن جو هر قسم جي ماڻهوءَ سان واسطو پوي ٿو ۽ هو نهايت اونهي نظر رکن ٿا؛ مون جڏهن چيف منسٽر غوث علي شاهه صاحب تي شخصي زور وجهي مسٽر ولي محمد بلوچ کي اٺهٺ سالن جي عمر ۾ باعزت نوڪري وٺي ڏني ته شاهه صاحب مسٽر ولي محمد سان ٻن ٽن ملاقاتن بعد مونکي چيو ”ابڙا صاحب اهوئي ماڻهو تنهنجا پير ڪڍندو!“ ٿيو به ائين. بعد ۾ مسٽر ولي محمد ڀوڳيو به ڏاڍو ۽ مونکي بار بار چوندو رهيو ته ”سائين مونکي دعا ڪيو!“ مون به چئي ڏنس ته ”دعا ڪيان ٿو باقي معاف ڪونه ڪندوسانءِ!“ اڄ جڏهن هو گذاري ويو آهي ته کيس معاف به ڪيان ٿو ۽ دعا به ڪيان ٿو. مرحوم ڏاڍو محنتي قابل ۽ ڄاڻو ماڻهو هو پر کيس نوڪريءَ جي ڏاڍي لوڙ هئي ۽ کيس غير محفوظ هئڻ جو ڏاڍو احساس ۽ خوف هو. مون ٻڌو ته سندس پٽ به کيس مار ڪڍندا هئا ۽ پئسا ڦريندا هئا. هڪ ڏينهن مونکي نئين ڪوٽي پاتل ڏٺائين ۽ پڇيائين ته ڪٿان ۽ ڪيتري ۾ ورتم. ٻڌايومانس ته مونکي ڪا خبر ڪانه هئي. منهنجو پٽ بدر پاڻمرادو ڪوٽيون کڻائي آيو ۽ ٻه پسند ڪري زوريءَ منهنجي منع ڪرڻ باوجود خريد ڪري ڇڏيائين. اها ڳالهه ٻڌي مسٽر ولي محمد روئي ويٺو ۽ رومال ڪڍي ڳوڙها اگهندو رهيو. ’هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾.‘ پيءُ سان پٽ اها حالت ڪن، سو به اهو پيءُ جنهن نه رڳو جواني پر پيري به سندن حوالي ڪري ڇڏي. الله معاف ڪري.
هڪ دفعي غوث علي شاهه صاحب مون کي چيو ته ”ابڙا صاحب سبب رڳو هڪڙو هو ته تون تمام قابل ۽ ڄاڻو آفيسر هئين ۽ حسين هارون هڪ ڇسو بيوقوف، هو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويو.“ ٻڌايائين ته هن کيس چيو ته ”هارون صاحب، جمال ابڙي جهڙي قابل ۽ مثالي ايماندار ماڻهوءَ سان به تون نه هلي سگهئين ته ٻئي ڪنهن سان ڪيئن هلي سگهندين!“ ته الٽو کيس جواب ڏنائين ته ”اهو پراڻو ايماندار جمال ابڙو مٽجي چڪو هو.“ شاهه صاحب کيس چيو ته ”ڪوبه معمولي ثبوت ڏيکار. مان چئلينج ٿو ڪيان ته اهڙو ڪوبه ثبوت پيش ڪري ڪونه سگهندين.“ هارون صاحب به ڊاڙ هڻي چيو ته ”ٻن ڏينهن اندر پڪو ثبوت پيش ڪندس.“ ٿيو ڇا هو جو منهنجي ٻئي نمبر پٽ ڊاڪٽر اظهر جي شادي هئي ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر فوزيه سلطانه بنت ميان محمد اشرف سان جو هڪ تمام معزز، با اخلاق ۽ وضعدار ماڻهو آهي. سنڌ مان ڪيئي مهمان فئمليون اچڻيون هيون ۽ انهن کي رهائڻ جو مسئلو هو. مون هارون صاحب کان ايم پي اي هاسٽل جا ڪمرا استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري جا هن خوشيءَ سان ڏني ۽ مون ڇهه ڪمرا ڇهن ڪٽنبن لاءِ ورتا. ڪمرا ڇڏڻ مهل مان پاڻ هاسٽل جي ڪيئرٽيڪر سيد قمر حيدر وٽ ويس ۽ پڇيم ته ”ڪِرايو گهڻو ٿيو؟“ هن کي نوڪريءَ ۾ ئي مون رکايو هو ۽ ڏاڍو معزز ۽ شريف آفيسر آهي. ڪِرايو پڇڻ تي چيائين ”سر ڇا جو ڪِرايو، توهان پاڻ سيڪريٽري آهيو ۽ مونکي اسپيڪر جو حڪم آهي ته ڪمرا ڏيان.“ پر مان اڙي ڪري بيهي رهيس ته ”پئسا ٻڌاءِ“ چيائين ”ڇهه سؤ رپيا“ 1985ع ۾ اها چڱي خاصي رقم هئي. مون ڇهه سؤ رپيا کيس ڪڍي ڏنا پر هو وٺي ئي نه. مون پئسا سندس ٽيبل تي رکي چيو ته ”رسيد ڪڍي ڏي ته مان وڃان!“ رسيد وٺي کيسي ۾ وجهي مان هليو ويس.
هارون صاحب کي منهنجي اها ڪمزور رڳ سجهي سو قمر حيدر کي گهرائي چيائين ته ”رپورٽ لکي ڏي!“ چي سائين ”ڇاجي رپورٽ؟“ چيائينس ”ابڙي صاحب گهڻا ڪمرا استعمال ڪيا هئا؟“ چيائين ”سائين ڇهه.“ ”پئسا گهڻا ٿيا؟“ چي ”سائين ڇهه سؤ رپيا.“ چي ”بس اها رپورٽ ڪر.“ هن چيس ”سر ڪهڙي رپورٽ ڪيان، هو ته ڇهه سؤ رپيا ڀري رسيد وٺي ويو آهي!“ هارون صاحب تي جهڙوڪر وڄ ڪري ۽ ڪڙڪو ڪري چيائينس ته ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين!“ هن به چئي ڏنس ته ”سر مان سيد آهيان. ابڙو صاحب سيڪريٽري به نه رهيو آهي، مان ڇو ڪوڙ ڳالهائيندس. پر جي مان ڪوڙ ڳالهايان ته رسيد بوڪ ۽ خزاني آفيس جو چالان ته ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندا“ هارون صاحب کي اعتبار ئي نه اچي ته ڪو آفيسر ايترو ايماندار ٿي ٿو سگهي سو چيائينس ته ”رڪارڊ کڻي اچ!“ قمر حيدر چيس ته ”سائين مان ڪونه ويندس، مان هت ويٺو آهيان، توهان پنهنجو ماڻهو موڪلي رڪارڊ گهرائي وٺو. متان پوءِ چئو ته تو ڪوڙيون داخلائون ڪري پوءِ رڪارڊ آندو آهي.“
عبدالقيوم چاچڙ جنهن جي نوڪري مون بچائي، جيتوڻيڪ چيف سيڪريٽري توڙي سابق سيڪريٽري اڪرام الدين سيد، سندس نوڪري ختم ڪرڻ جا خواهان هئا، تنهن بُل پئي ڏنا ته سيد قمر حيدر ڪوڙ ٿو ڳالهائي ڪاغذ مان ٿو کڻي اچان. بهرحال، رڪارڊ گهرايو ويو ته سڀني جا منهن ڀيلا ٿي ويا ڇاڪاڻ ته نه رڳو رسيدون ڪڍيون ويون هيون پر پئسا به سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا هئا. هارون صاحب کي نيٺ غوث علي شاهه آڏو مڃڻو پيو ته هن جو شڪ غلط ثابت ٿيو ۽ مسٽر ابڙي خلاف ڪوبه ثبوت هٿ نه آيو. الحمدلله!
هونئن به منهنجي عادت هوندي هئي ته سرڪاري گاڏي جا منهنجي استعمال ۾ هوندي هئي سا به جيڪڏهن خانگي ڪم لاءِ استعمال ڪندو هئس ته اول سرڪاري قاعدن موجب اٺ آنا ميل تي ڀري يعني ٻن سون ميلن لاءِ سؤ رپيا ڀري، رسيد کيسي ۾ وجهي پوءِ سرڪاري گاڏي کڻي ويندو هئس، جنهن لاءِ فضل النبي خان اسسٽنٽ سيڪريٽري فنانس ۽ عبدالقيوم چاچڙ مون تي کلون ڪندا هئا ته ”صفا ڊڄڻو آهي.“ اهي ئي چوندا هئا ته “rules are for fools” هاڻي سائين ڏيو منهن، جيڪو ايماندار ٿئي ۽ قاعدي قانون جي پيروي ڪري سو ٿيو ڊڄڻو ۽ بيوقوف. ڪلچر ئي مٽجي ويو نه؟
واقعي ڪلچر تبديل ٿي ويو. جيڪو صوبيدار چڱي مٺي کي ٿاڻي تي گهرائي گاريون ڏئي، پٽڪو لهرائي ۽ مار موچڙو ڪري ان لاءِ چون ته ’واهه جو مڙس ماڻهو‘ آهي، ’وڏو دلير‘ آهي، فلاڻي جو ٽَڪو مانُ ڪيائين. اهو ڀاڙيائپ جو ڪلچر اسان ۾ گهر ڪري ويو ۽ ماٺ ميٺ ۾ ظلم سهندا رهياسون. سنڌي ڪاموري به ان جو ڪافي فائدو ورتو. ڪو غريب غربو ملڻ آيو يا عرض کڻي آيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏيندس. وري جي اندر اچي شڪايت ڪيائين ته نائڪ کي چوندا ”اڙي نائڪ هڻيس ٿڦ، لاهينس پٽڪو، ڪڍينس مٿي مان هوا!“ هي اکين ڏٺا واقعا آهن. شابس هجي مهاجرن کي جن اچي ڪامورن جي ٽَڪَ مان ور ڪڍيو. الهه تلهه اڳيئي ڦرائي آيا هئا سو مختيارڪار توڙي ڊپٽيءَ جي آفيس ۾ زوريءَ گهسي ايندا هئا ۽ الٽو کين دٻائيندا هئا ۽ زوري ڪرسيءَ تي چڙهي ويهندا هئا.

8

مان هڪ دفعي ڊپٽي ڪليڪٽر ٽنڊي الهيار مسٽر محمد مبين وٽ ويٺو هئس ته حاجي محمد اڪرم يوسفاڻي جيڪو وڏو معزز زميندار ۽ ڪروڙ پتي ڪارخانيدار ۽ وڏي ڳالهه ته تمام شريف ماڻهو آهي تنهن ملاقات لاءِ چوائي موڪليو. ڊپٽيءَ کيس گهرايو ۽ ڪرسي به ڪانه آڇيائينس ۽ هو بيٺو رهيو. مون اٿي پنهنجي ڪرسي کيس آڇي پر هو نه ويٺو ۽ ڊپٽيءَ به مون کي چيو ته توهان ويٺا هجو. اها ڪامورڪي ڪنڌ جي ڪلي الٽو سندس آڏو آئي جو اڄ ڪامورا اهڙن ماڻهن معرفت سياسي اثر رسوخ استعمال ڪرائي نوڪريون بچايون ويٺا آهن، پر اسان سنڌين کي ٿورائتو ٿيڻ کپي مهاجرن جو جن ڪامورن جو زور ڀڃي بلڪه پوليس ٿاڻن تي حملا ڪري، اسان ۾ جيڪو ڏر ۽ ڏهڪاءُ ويهي رهيو هو سو ڪڍي ڇڏيائون. اڄ ماشاءَ الله ٻيو ته ٺهيو، سنڌي عورتون به ٿاڻن جو گهيرائو ڪن ٿيون ۽ پريس ڪلب يا ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻا ۽ بک هڙتال ڪن ٿيون. اهو هڪ وڏو انقلاب آهي، جنهن جو ٻج مهاجرن وڌو. نه ته اڳي عورتون ته ڇا، پوليس ايندي هئي ته مرد به ڀڄي ويندا هئا.
رڳو سنڌ ۾ نه، پنجاب ۾ انهيءَ کان به حالتون خراب هيون. پروفيسر عبد الله ملڪ جيڪو خود پنجابي ۽ ناليوارو دانشور آهي سو پنهنجي مشهور ڪتاب ”پنجاب ڪي سياسي تحريڪين“ ۾ لکي ٿو ته پوليس يا فوج، رڳو ڀرتي ڪرڻ خاطر ڪنهن ڳوٺ طرف ويندي هئي ته سڀ مرد ڀڄي وڃي ٻيلن ۾ لڪندا هئا ته متان کين فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. ائين پروفيسر صاحب پنجاب جي انهيءَ دعويٰ جو ڀانڊو ڦوڙيو آهي ته پنجابي ڪا بهادر، ويڙهو ۽ فوجي جذبي واري قوم آهي. حقيقت ۾ انگريزن پنهنجي مخصوص پاليسي هيٺ ميانوالي ۽ جهلم جي ماڻهن کي زوريءَ فوج ۾ ڀرتي ڪيو. هڪ دفعي مون سان مير علي احمد خان ٽالپر ڳالهه ڪئي ته هن هڪڙي وائسراءِ هند جا رمارڪ پڙهيا هئا جنهن لکيو هو ته، ”پنجابيءَ کي مٿي تي هٿ ڦيرجي، پٺاڻ کي خريد ڪجي، بلوچ کي عزت ڏجي ۽ سنڌيءَ کي دٻائي رکجي.“ انگريزي ۾ آهي ته:
Placate the Punjabi, Purchase the Pathan, Supress the Sindhi and Honour the Baloch.
ڏسو ته حاڪم انگريز جو ڪيئن نه قومن جي نبض تي هٿ هو. اڳي اهو رواج هو ته وائسراءِ، گورنر، ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر پنهنجا تاثرات مشاهدا ۽ مشورا هڪ مخصوص ڪتاب ۾ لکي ويندا هئا. قومن، قبيلن، سردارن، وڏيرن ۽ عام ماڻهن بابت به. اهي سرڪاري ڪتاب هٿ ڪجن ته تاريخ جو بهترين ذريعو ثابت ٿي سگهن ٿا. اهڙو ڪتاب، عبدالقادر ابڙي جڏهن هو جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته مون کي ڏيکاريو هئائين پر پڙهڻ ڪونه ڏنائين جو منجهس ڪيترن ئي سردارن ۽ معززن جا نجي زندگي بابت سچا سچا احوال، حوالن سان لکيل هئا. اهو ڪتاب جنرل جان جيڪب کان وٺي مسٽر رڊلي ۽ ٻين ڪيترن جي هٿ اکر لکيل هو. هاڻي به آفيسرن کي اهڙيون هدايتون ڏجن ته مستند تاريخ جو هڪ وڏو ذخيرو محفوظ ٿي ويندو. جس هجي سائين حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ کي جو اهڙا ضخيم ڪتاب لکي سنڌ جي سماجي توڙي شخصيات جي مڪمل تاريخ قلم بند ڪري ويا آهن. مان به هي تفصيل ان ڪري ويٺو لکان ته حقيقتون فاش ٿين ۽ هر ڪو صورت جو اصلي روپ ڏسي سگهي. هي جو عبدالقيوم چاچڙ ۽ هارون صاحب کي پڪ هئي ته ابڙو ضرور ڇهه سؤ رپيا بچائي ويو هوندو، سو حقيقت ۾ سندن پنهنجو اندر پيو ٻولي. پاڻ جيڪڏهن ان پوزيشن ۾ هجن ها ته ضرور ڇهه سؤ رپيا کائي وڃن ها. ۽ 1986ع جا ڇهه سؤ رپيا اڄ جي ڇهن هزارن برابر آهن. اندر جو برو ماڻهو، هر ڪنهن ٻئي جي لاءِ اهو ئي سوچيندو جو هو خود پاڻ آهي.
پر ٻيو هڪ مسئلو تمام ڳنڀير ۽ سوچ طلب آهي جنهن جو مڪمل جواب مون وٽ ڪونه آهي. منهنجيون ٽيئي نياڻيون مارئي عرف شاهده، رابيل ۽ شبانه بلڪل نيڪ، خدمتگار، هر ڪنهن جي ڪم اچڻ واريون بلڪ الله واريون آهن. دشمن کي به تڪليف ۾ ڏسنديون ته ننڊ ڦٽي پوندن ۽ انهن جي هڙئون وڙئون مدد ڪنديون. سندن اوڳڻن کي به گڻ ڪري پيش ڪنديون. سو شاهده مون کان ڏاڍو اڻانگو سوال پڇيو ته ”بابا ائين ڇو آهي جو چڱائي جو بدلو، الٽو برائي سان ڏنو ٿو وڃي!“ سنڌي روايت جو سهارو وٺي چيم ته ”بابا وڇونءَ جو ڪم آهي ڏنگ هڻڻ، نانگ کي کير پياربو ته به ڪکيندو.“ شاهده تمام سمجهدار آهي. مطمئن نه ٿي. مان خود به مطمئن نه آهيان. چيائين ”چڱائيءَ جو بدلو اسين گهرون ڪونه ٿا، نڪو چڱائي مڃوتيءَ لاءِ ڪيون ٿا، پر موٽ ۾ گلا طعنا ۽ گاريون ملن ته ڏک ته ٿئي ٿو.“ چيائين ”جيڪي زالون مڙسن جون کڙيون تپائي ٿيون رکن ۽ سندن ويهڻ وهه ڪري ٿيون ڏين، مڙس انهن تان ٻلهار پيا وڃن ۽ جيڪي زالون ڏينهن رات مڙس جو اونو رکن ۽ خدمتون ڪن انهن جو قدر ئي ڪونهي، چئبو ته چڱائي غلط پاليسي آهي.“ مان انهيءَ سوچ کي سختيءَ سان رد ڪيان ٿو. جنهن عورت خدمت کي شعار بڻايو سا نيٺ وڃي اعليٰ منصب تي پهچندي، گهر ڌياڻي ٿيندي ۽ حڪم هلائيندي تنهن ڪري واٽ اهائي وٺبي.
سوال جو باقي حصو ڏاڍو اڻانگو ۽ حل طلب آهي ته چڱي سان برائي ۽ بري سان چڱائي ڇو ٿي ڪئي وڃي. مان وري به وڇون ۽ نانگ جو مثال ڏيندس. ڀلا ڇا ڪيان. ڳالهه اها آهي ته ڪن ماڻهن جي اندر ۾ وڇون ۽ نانگ ويٺا آهن، انهن ماڻهن جو ضمير مري چڪو آهي. هو خود غرض ۽ خود پسند ٿي پيا آهن ۽ ساڙ ۽ حسد ۾ پيا پڄرن ته ٻيو ڪو ماڻهو کانئن بهتر ڇو آهي. ساڙ ۽ حسد انهيءَ ڏنگ يا چڪ جي ڄڀيءَ کي هوا ٿو ڏئي ۽ اها ڄڀي ڀڙڪو کائي، ڏنگ يا چڪ هڻي اطمينان سان ڦڻ ڪڍي ڄڀ مرڪائي، ور وڪڙ کائي پنهنجي اونداهي ٻِر ۾ اطمينان سان ويهي ٿي رهي. اهڙا زهريلا جانور پنهنجي زهريلي عمل تي خوشي ۽ اطمينان حاصل ڪن ٿا. ساڙ حسد ۽ بنيادي بڇڙائيءَ کي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ خود الله تبارڪ و تعاليٰ قران حڪيم ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جو رحمت اللعالمين هو، کي فرمايو ته، ”تون ڇا به ڪرين، هو ايمان ڪونه آڻيندا، سندن اندر ۾ مرض آهي جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهي ٿو. اهي انڌا آهن، ٻوڙا آهن ۽ سندن اکين تي پڙدا چڙهيل آهن، پوءِ هو نه سمجهندا. انهن جو مثال اهڙو آهي جو پنهنجي ڀرسان باهه ٻاري چون ته روشني آهي حالانڪ ان محدود دائري کان ٻاهر کين اوندهه کانسواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو. وڄ جي روشني ۾ ٿورو هلي وري اوندهه انڌڪار ۾ ٿاٻڙندا رهندا.“ هيڏي وڏي قرآني فيصلي کان پوءِ به اطمينان نٿو ٿئي ته چڱائيءَ جو بدلو چڱائي ڇو نٿو ٿئي. ان جو جواب اهو آهي ته ٿيندو. ضرور ٿيندو. چڱائي جو بدلو نيٺ ملندو پر صبر شڪر ۽ ور ور چڱائي ڪرڻ سان، ماڻهو نه، ته الله ڏيندو. معاشرو ڏيندو، اوڙو پاڙو ڏيندو ۽ ڪو سجاڳ ضمير ڏيندو. وڏي ڳالهه ته پاڻ چڱائيءَ جي موٽ جو نه انتظار ڪجي نه آس رکجي. پر شاهده مائي چوي ته ”دعا ڪيو ته اسين اهڙا فرشتا ٿيون، اسين ته انسان آهيون.“ هائو، ڏک ڏاکڙا ته ڏسڻا پوندا، ان کانسواءِ سک ڪٿان ايندو. ته به شاهده مائي چوي ته ”توهان زور آهيو، اسان بس ڪئي.“ هوءَ به برابر آهي. ماڻهو ايڏو وڏ گڙدو، ايڏو ڪشاده دل ۽ ايڏو وسيع النظر ۽ فقير منش ڪٿان ٿيندو.
سالڪ چون ٿا ته رياضت سان ٿيندو. اهو به بلڪل صحيح پر الله چاهي ته ڪن کي ماءُ پيٽان ئي اهڙو ڪري ڇڏي ۽ ان کي اُمي چئبو آهي. جيئن ڪئمبرج جو پڙهيل ڪئنٽيب، آڪسفورڊ جو پڙهيل آڪسان ۽ عليڳڙهه جو پڙهيل عليگ، تيئن ماءُ پيٽان عالم ٿي آيل اُمي. هونئن الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن جي تقدير ۾ خسارو لکي ڇڏيو آهي، سواءِ انهن جي جن ايمان آندو (يقين رکيو) چڱا عمل يعني چڱايون ڪيون ۽ حق يعني سچ ۽ صبر جي تلقين ڪئي. هاڻي ته بس. الاهي فيصلو مڃڻو پوندو. ماڻهو تيسمار يا ’عقل ڪل‘ بڻجي پاڻ فيصلا نه ڪري، هدايت لاءِ رجوع ڪري. سچ، صبر ۽ چڱائي جو ترهو ٻڌي. راهون پاڻهئي کلي پونديون ۽ ڪنڊا ڪرڙ هٽي ويندا. واٽ وِندر جي وڻ پيا ڏسيندا. شاهده مائي ته صابرين مان آهي پر رابيل چوي ٿي ته ”مونکان سُٺو نٿو ٿئي مان ته بڇڙائيءَ کي بڇڙائي چئي بڇڙي جي منهن تي ڦهڪائي ڪڍيندس.“ اهو به شايد صحيح هجي ڇاڪاڻ ته بڇڙائي تي چشم پوشي ڪرڻ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ بڇڙي کي شهه ڏيڻ برابر آهي ته ڀلي وتي شريفن جون ٽوپيون لاهيندو. هاڻي هن تضاد کي مان ڪيئن منهن ڏيان؟ پر صبر جو مطلب اهو ناهي ته ظلم ۽ سياهه ڪاري تي اکيون پوري ڇڏجن. صبر جو مطلب آهي ته چڱائي جو عمل مسلسل جاري رکجي. نتيجي کان بي نياز رهجي. نتيجو الله تي ڇڏجي. ظالم کي ظلم کان روڪڻ خود هڪ وڏي چڱائي آهي. فرمايو ويو آهي ته مومن هڪ ٻِر مان ٻه دفعا نه ڏنگبو آهي. اها غلطي مون ڪئي آهي. مان مڃان ٿو. تنظيمي معاملن ۾ مان ڪمزور ته نه آهيان پر شخصي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ نرم دل يا ڪمزور آهيان. عبدالقيوم چاچڙ ۽ مسٽر ولي محمد بلوچ مونکي ٻن دفعن کان وڌيڪ ڏنگيو پر مان وري وري مٿن احسان ڪندو رهيس يا بيوقوف بڻجندو رهيس. ان معاملي ۾ سياستدان ڏاڍا زيرڪ ۽ دورانديش ٿين ٿا. مون جڏهن ولي محمد بلوچ کي اٺهٺ سالن جي ڄمار ۾ غوث علي شاهه صاحب تي زور ڀري ٻيهر نوڪريءَ ۾ رکايو ته شاهه صاحب ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ مون کي چيو ته ”ڏسجانءِ ته اهو ئي تنهنجا پير ڪڍندو!“ ٿيو به ائين. پر ڇا ڪجي هر ماڻهو پنهنجي طبيعت کان مجبور آهي. اهو مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته مون ڪنهن به ماتحت کي يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي نقصان نه پهچايو آهي.
چوندا آهن ته جنهن کي ڪو دشمن نه آهي انهيءَ کي ڪو دوست به نه هوندو. مان انهيءَ مقولي جي نفي ڪريان ٿو ۽ پاڻ کي ثبوت طور پيش ڪريان ٿو. دوستن جي معاملن ۾ مان نهايت خوش نصيب رهيو آهيان. مون کي دوست اهڙا مليا آهن جو ذڪر ڪندي ڪندي دفتر ڀرجي ويندا پر ڳالهيون ڪونه کٽنديون. باقي آغا رفيق جهڙا دوست، الله دشمن کي به نه ڏئي. هاڻي به چوڏهن پندرهن سينئر آفيسرن کي ريٽي. سياسي اثر رسوخ هلائي، پروموشن وٺي ويو آهي. ڇا اها ڪنهن مهربان دوست سان سڄڻائپ آهي؟ اهڙا ماڻهو انهيءَ کي ڪاميابي ٿا سمجهن ۽ کڳيون ٿا هڻن. اها ڪاميابي ناهي، غلطي آهي ۽ نيٺ رنگ لائيندي. الله سڀني کي پناهه ۾ رکي. وڏڙا دعا گهرندا هئا ته ’الله حقئون به رکي ناحقئون به رکي. سڀ ڏي خير!‘ مسٽر ولي محمد بلوچ، عبدالقيوم چاچڙ ۽ آغا رفيق صاحب شخصي مفاد خاطر هارون صاحب کي ڀنڀلائي برغلائي مونکي ڊسمس ڪرڻ جو غلط ۽ غير قانوني قدم کڻايو. هارون صاحب ته ان جو نتيجو ڀوڳيو. ولي محمد جو وسوڙل ۽ وهمي هو سو هٿ ٻڌي مون کي چيائين ته سائين مون کي دعا ڪيو ۽ معاف به ڪيو.
هارون صاحب جو باب ختم ڪجي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو پير علي محمد شاهه راشدي وٽ ويو ۽ چيائين ته کيس ڪو اهڙو نسخو ڏئي يا گر سيکاري جو هو سنڌ جو ليڊر ٿي سگهي. پير صاحب چيس ته ”ڦٽائين ٿو جمال ابڙي سان ۽ خواب ٿو لهين سنڌ جي ليڊري جا!“ اها ڳالهه مون سان محترمه بيگم ممتاز راشدي صاحبه ڪئي جا خير سان حال حيات آهي. پير صاحب سان منهنجو ڪو اچ وڃ جو رستو ۽ ڪا گهڻي واقفيت به ڪانه هئي پر هو هڪ نهايت ذهين، عقلمند، عالم ۽ سياست جي رڳ رڳ کان واقف هو. چرچل وانگر سياست سندس رڳن ۾ ڊوڙندي هئي. پير صاحب جڏهن گذاري ويو ته مان سندس تڏي تي ويس. سائين جي ايم سيد ويٺو هو. سندس هڪ پاسي محمود هارون صاحب ۽ ٻئي پاسي حسين هارون ويٺا هئا. مون سائينءَ جي ويجهو ويهي ساڻس هٿ ملايو. سائينءَ پڇيو، ”ميان جمال الدين هينئر ڪٿي آهين؟“ مان رٽائر ڪري چڪو هئس. مون حسين هارون ڏانهن نظرون کپائي سائينءَ کي چيو ته ”هاڻي ڪنهن جو نوڪر نه آهيان!“ سائين به اتر ڏنو ته ”تون ڪڏهن به ڪنهن جو نوڪر نه رهيو آهين!“ اهو سائينءَ جو سرٽيفڪيٽ هو جو مون اکين سان لاتو. سائين ايڏو باخبر هو جو ڄاتائين ٿي ته چوٽيهه سالن جي لمبي سرڪاري نوڪريءَ ۾ مون ڪنهن جي غلامي ڪانه قبولي هئي، نه ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي هئي.
چيئرمين ائنٽي ڪرپشن جي حيثيت ۾ مون جڏهن سنڌ جو گشت ڪيو ته ان بابت باقاعده هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن نڪرندو هو جنهن ۾ ڊي سي، ايس پي ۽ ٻين آفيسرن سان ميٽنگ جا پروگرام ذري پرزي ڄاڻايل هوندا هئا. ان ۾ مون هڪڙو اسم سرڪاري طرح داخل ڪرائي ڇڏيو ته سن ۾ سائين جي ايم سيد سان ملڻ، مون پوليس جي اٽالي کي ٻاهر بيهاري سائينءَ سان خلاصي ملاقات ڪئي ۽ صلاح مشورا ورتا. مطلب ته رڳو هو سائينءَ سان ملڻ ۽ پوليس عملي کي ٻڌائڻ ته سائينءَ جي ڪيئن عزت ڪبي آهي. حسين هارون صاحب ننڍو نيٽو نوجوان، دولتمند ۽ سياسي خاندان جو ماڻهو آهي. سندس چاچا، يوسف هارون ۽ محمود هارون پيرسن ٿي چڪا آهن. حسين هارون لاءِ ميدان کليل آهي. جيڪڏهن هو عوامي ماڻهن ۾ وڃي صبر ۽ نوڙت سان سياسي کيتر ۾ ڪاهي پوي ته هو ڪامياب ٿي سگهي ٿو پر کيس ڄاڻڻ کپي ته سياست چالاڪين ۽ ٻين جي ترن ڪڍڻ جو نالو ناهي پر هڪ نهايت مقدس ۽ نيڪ جذبن جو نالو آهي جنهن ۾ عوام جي امنگن سان گهري وابستگي لازم آهي. شخصي مفاد کي بلڪل پاسيرو رکجي ۽ عوامي مفاد لاءِ پاڻ ارپڻ ڪجي ۽ ذاتي خوشيون ۽ اميدون قربان ڪري ڇڏڻ کپن. پوءِ پاڻهي ايندو هوت. ٿٿان ڦٿان ۽ ڦٿڪڻ مان ڪجهه نه ورندو. مسلسل عمل، مسلسل قربانيون ۽ حق ۽ صبر جي تلقين لازمي امر آهن ڪاميابيءَ لاء.ِ سا ڪاميابي به ڪا پنهنجي جند جيءَ لاءِ ڪانهي، پر عوام جي ڀلي خاطر آهي. هڪ دفعي مشهور قانوندان ۽ فلسفي مرحوم اي ڪي بروهي صاحب تقرير ڪندي چيو ته ”حڪومت اهڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪجي جو حڪومت ڪرڻ نه چاهي.“ مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي. جيڪو حڪومت ڪرڻ نه چاهي ۽ ان کي تڇ سمجهي، اهو ضرور انصاف پسند ۽ اعتدال پسند هوندو ۽ خود پسندي ۽ خود غرضيءَ کان مبرا هوندو. اهڙو ماڻهو پاڻ کي هيڻو ۽ نهٺو ۽ عوام کي طاقتور ۽ خوشحال رکندو. اهائي ڪسوٽي آهي چڱائي ۽ برائيءَ جي.
اسان وٽ نام نهاد پير فقير، گڏهڙيءَ تي چڙهي اچن ۽ ڏسندي ڏسندي مرشد بڻجي ڪوٽن ۽ ماڙين ۽ زمينن ۽ جاگيرن جا مالڪ بڻجي وڃن ۽ سندن مريد وڃن پؤڻا پوندا ۽ سندن حال اهيئي روهه رلا مٿي کلا. اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ملا سڳورو خيرپور ناٿن شاهه، ڪڏڻ واهه جي ڪپ تان ڀڄي اچي مشورين ۾ ويٺو جو پوءِ مشوري شريف ٿي ويو. مون پنهنجي ڪنن سان کيس تجر باغ ۾ تقرير ڪندي ٻڌو. فرمائي رهيو هو ته، ”لائوڊ اسپيڪر تي تقرير ڪرڻ غير اسلامي آهي. جيڪو به لائوڊ تي تقرير ٿو ڪري سو گڏهه جون هينگون ٿو ڪري!“ خدا جو شان مون ان ئي بزرگ کي لائوڊ تان سندس ئي زبان ۾، رڙيون ڪندي ٻڌو. سندس عقيدتمندن ۾ شيخ برادريءَ جا مڙد توڙي عورتون تمام گهڻا هئا. شيخ صاحبان، تاجر برادري جا ماڻهو خوشحال، دولتمند، نرم مزاج ۽ عقيدي جا وسوڙل آهن. بزرگ سڳوري مال ملڪيت، جايون ڪوٽ ۽ زمينداريون حاصل ڪري ورتيون ۽ پنهنجين ٻنين تي مريدن کان مفت هارپو ڪرائڻ لڳو. خود سندس شيخ مريد به سندس عجيب و غريب ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳا جن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي. ٻيو ته ٻڌي ڳالهه نه ڪجي ته چڱو. باقي جيڪي مون پاڻ ڏٺو سو مان چئي سگهان ٿو.
خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ جو خود هڪ انصاف پسند، نيڪ نمازي بزرگ هو، اهو به سندس معتقد هو ۽ وصيت ڪئي هئائين ته سندس جنازي کي غسل اهوئي بزرگ ڏئي ۽ جنازي نماز به اهوئي پڙهائي. 1950ع جو ذڪر آهي. خانبهادر صاحب رات جو پنهنجي اوطاق تي کٽ تي ليٽيو پيو هو ته ڪي مزور گڏهن تي سرون ڍوئي لانگهائو ٿيا ته کين روڪي چيائين ته ”ابا اهي سرون اسان جي مسجد وٽ لاهي وڃو!“ هنن عرض ڪيو ته ”سائين هي پرئين ڳوٺ کنيون ٿا وڃون انهن اڳواٽ پئسا به ڏئي ڇڏيا آهن!“ چيائين ته ”بابا اسان کي انهن کان وڌيڪ ضرورت آهي، پئسا وٺو ۽ اهي سرون مسجد وٽ لاهي وڃو!“ خانبهادر صاحب جو حڪم ڀلا ڪير ٽاري؟ سو پئسا وٺي سرون مسجد جي دروازي وٽ لاهي هليا ويا. صبوح جو نماز مهل خانبهادر صاحب وفات ڪئي ۽ اهي سرون سندس قبر تي ڪم آيون.
سندس جنازي تي مان ۽ ادا شمس پهتاسون. خلقون ويٺيون هجن تڏي تي، گلمن غاليچن تي. عام توڙي معزز ماڻهو پٽ تي ويٺا هئا. دستور به اهو آهي. خانبهادر صاحب جا ٻئي فرزند حاجي غلام مصطفيٰ خان اسراڻ ۽ روشن علي خان اسراڻ ڪنهن اوسئيڙي ۾ هجن. اتي اچي ڏهه ٻارهن وڳا ۽ تپش به شروع ٿي ته پڇيو سين ته ”ڇاجي دير آهي؟“ چيائون ته ”مولوي صاحب ڏي جيپ موڪلي اٿئون، اچي ته غسل به ڏئي ۽ جنازي نماز به پڙهائي.“ نيٺ مولوي صاحب آيو ته چيلهه تي هٿ رکي بيهي رهيو. چيائونس ته ”سائين ويهو!“ ته چؤڦير نظر ڦيرائي بيٺو رهيو ۽ نه ويٺو ته حاجي صاحب نوڪر کي هڪل ڪئي ”مولوي صاحب لاءِ ڪرسي آڻيو!“ هڪ نوڪر سٽ ڏئي موڙو کڻي آيو ته مولوي صاحب ان تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهي رهيو. ڇا هي تڪبر نه آهي؟ ڇا جنهن ۾ رتيءَ ڀر به تڪبر آهي اهو جنت جو حقدار آهي. الله غيب جو علم رکي ٿو. اسان کي خبر نه آهي. ٿي سگهي ٿو بزرگ سڳوري کي گوڏن جو سور هجي پر ائين چيائين ڪونه.
حاجي صاحب کيس خانبهادر صاحب جي خواهش ٻڌائي عرض ڪيو ته مولوي صاحب هلي غسل ڏئي پر هن صاحب انڪار ڪندي ساڻ آندل مريدن ڏي اشارو ڪيو ۽ انهن وڃي غسل ڏنو ۽ بزرگ سڳورو ڏاڍي مڳيءَ سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويٺو رهيو. جنازي نماز پڙهايائين ۽ دعا به گهريائين ۽ جلدي ۾ اٿيو ته حاجي صاحب سڄا سارا پنج سؤ رپيا ڪڍي کيس ڏنا ته هٿ سان مريدن ڏي اشارو ڪيائين ۽ انهن پئسا ورتا. حاجي صاحب عرض ڪيو ته خانبهادر صاحب جي ايصال ثواب لاءِ خير خيراتون ۽ ختما ڪيئن ڪيا وڃن؟ بزرگ صاحب وڏي اعتماد سان چيو ته ”بس ڪا ضرورت ڪانهي. اسان سندس حق ۾ دعا گهري اها ڪافي آهي، ويو جنت ۾.“ اهو به هڪ قسم جو تڪبر. ٻيو به اکين ڏٺو واقعو ته بزرگ صاحب ريل گاڏيءَ مان لاڙڪاڻي اسٽيشن تي لٿو ته چيائونس ته جيپ ٻاهر بيٺي آهي ته ناراض ٿي پيو ته جيپ مٿي پليٽ فارم تي ڇو نه آندي وئي آهي؟ مريد ڀڳا، سو پاسي وارو در کولائي جيپ مٿي پليٽ فارم تي چاڙهيائون تڏهن بزرگ صاحب بالم ٿي جيپ ۾ ويٺو. ڇا اهو تڪبر نه آهي؟ و الله اعلم.
تازو هڪ ٻيو به بزرگ صاحب ساماڻو آهي. سيد محمد شاهه جنهن ڏسندي ڏسندي قنبر ڀرسان هڪ درگاهه جوڙائي آهي. رئيس زين العابدين عرف روشن علي خان اسراڻ سندس ڏاڍو معتقد هو. هڪ ڏينهن رئيس جي اوطاق تي ويٺو هئس ته هڪ ماڻهو سهڪندو آيو ۽ ٻڌايائين ته سائين محمد شاهه آيو آهي. رئيس هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ مون کان پڇيائين ته توهان هلندا. مون هائو ڪئي. ٻئي تڪڙا تڪڙا ورهانگهون ڀريندا ڳوٺ کان ٻاهر مسجد وٽ پهتاسون ته شاهه صاحب جيپ ۾ ويٺو هو. اسان هٿ ڏنس. چيائين ته مسجد ۾ ٿا هلون. مان رئيس، شاهه صاحب جا ٻه ٽي خادم ۽ هڪ ٻه ٻيا ماڻهو مسجد طرف هلياسون ته شاهه صاحب ٻانهون لوڏيندو سڀني جي اڳيان هلندي اچي مسجد ۾ بيهي رهيو. سندس خادم ڊوڙندا آيا ۽ غاليچي نما مصلو وڇايائون ۽ طول وهاڻو به رکيائون. شاهه صاحب اتي ويٺو ۽ اسان سندس آڏو گوڏا ڀڃي ويٺاسون. شاهه صاحب به چار دنياوي ۽ ديني ڳالهيون ڪري اٿيو ۽ اچي پنهنجي جيپ ۾ ويٺو. رئيس کيس چانهه پاڻي، مانيءَ جي دعوت ڏني پر شاهه صاحب ڪوئي معقول عذر ڏئي هليو ويو.
موٽي اوطاق تي پهچي رئيس مون کان منهنجا تاثرات پڇيا. مان ماٺ. نيٺ ٻه ٽي دفعا سوال ورجائي رئيس چيو ”چئي ڏي، مان دل ۾ ڪونه ڪندس!“ مون چيو رئيس مان ڇا ٿو چئي سگهان باقي هڪ حڪايت پڙهي اٿم سا ٻڌايان ٿو، ”سيد علي هجويري، داتا گنج بخش وٽ ڪو اوپرو شخص آيو ۽ وٽس ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي بغير ڪنهن سبب جي موڪلائي هليو ته سيد علي هجويري رحمت الله عليھ کانئس پڇيو ته اي شخص آيو ڪيئن هئين ۽ وڃي ڪيئن پيو؟ ان شخص جواب ڏنس ته ٻڌو هئم ته تون وڏو بزرگ آهين سوچيم ته روبرو وڃي ڏسان. هاڻ وڃان پيو ته درويش پڇيس ته ڀلا ڪجهه ڏٺئي. هن جواب ڏنس ته مون ته ڪجهه به نه ڏٺو ۽ ائين چئي پٺي ڏئي هليو ته سيد صاحب سڏ ڪري چيس ته اهو ٻڌايو ته انهن ٽن ڏينهن ۾ مون ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڏٺئه جا حضور صلي الله عليھ وسلم جن جي سنت جي بر خلاف هجي. هن شخص ويچار ڪري جواب ڏنو ته نه اهڙي ڪا ڳالهه نظر نه آيم. اها ڳالهه ٻڌي سيد علي هجويري الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.“ رئيس صاحب منجهي پيو ۽ چيائين ”ڇا مطلب؟“ مون چيو ”سائين پندرهن ويهه منٽن ۾ هن شخص، سنت رسول صلي الله عليھ وسلم جون ٽي چار ڀڃڪڙيون ڪيون. هڪ ته توهان وٽ اچڻ کان عار ڪيائين ۽ توهان جي ڳوٺ اچي توهان کي گهرائي پنهنجو استقبال ڪرايائين. ٻيو ته پاڻ اڳيان اڳيان ٿي هليو. ٽيون ته مسجد ۾ امتيازي جڳهه تي ويٺو چوٿون دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. اهي سڀ سنت رسول صلي الله عليھ وسلم جي ڀڃڪڙي آهن.
رئيس کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ چپ ٿي ويو. پڇيائين ”توکي ڪو بزرگ مليو؟“ مون چيو ”هائو! ميان منظور صاحب مدني جو اصل ته خيرپور ميرس جو هو پر پوءِ مديني شريف ۾ مستقل رهائش پذير ٿي ويو.“ مان هڪ دفعي لاهور ۾ هئس ته خبر پيم ته بزرگ صاحب گلبرگ ۾ ميان شجاع الدين جو ان وقت لاهور جو ميئر هو ان جي بنگلي تي رهيل آهي. مان ۽ منهنجي گهر واري صبوح جو ڏهين بجي ڌاري ساڻس ملڻ وياسون. وڃون ته شجاع صاحب جي شاندار بنگلي جي کليل لان تي لاهور جا ڪيئي معزز ماڻهو ۽ خواتين اڳ ۾ ئي بزرگ سان ملڻ جي اشتياق ۾ ويٺا هئا. مان شجاع صاحب کي ڪونه سڃاڻندو هئس. پڇا ڪري وٽس ويس ۽ کيس عرض ڪيم ته ”بزرگ کي اطلاع ڪري ته جمال الدين ابڙو حاضر ٿيڻ چاهي ٿو.“ مون کي چتائي ڏسي چيائين ته ”هي سڀ معزز ماڻهو اڳ ۾ ئي انهيءَ انتظار ۾ ويٺا آهن توهان به ويهو.“ مون اصرار ڪيو ته ”توهان رڳو بزرگ کي اطلاع ڪيو پوءِ جي گهرايائين ته واهه نه ته مان هليو ويندس.“ ڪجهه حيرانگيءَ مان مون ڏي نهاري چيائين ته ”نالو لکي ڏيو ته ماڻهوءَ هٿان موڪليونس ٿا.“ مون اڳ ۾ ئي ڪاغذ تي پنهنجو نالو لکي آندو هو. شجاع صاحب اهو پرزو هڪ ماڻهوءَ کي ڏنو ۽ چيو ته جنهن مهل توکي بزرگ سڏي ته پرزو ڏجانس. جهٽ ڪانه گذري ته بزرگ اسان کي گهرائي ورتو.
عجب! بزرگ بدن جو سنهو، ڪمزور، گوڏ، گنجيءَ ۾ ڏاڪڻ هيٺان هڪ تڏيءَ تي ويٺو هو. مون سان گڏ گهر واريءَ کي ڏسي هڪدم قميص کڻي پاتائين. مٿي تي انگوڇو ويڙهيل هئس. سندس منهن ۾ عجيب ڪشش ۽ معصوميت هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ بلڪل مطمئن هجي. پورا لفظ هٿ نٿا اچن. ڇا ڪجي، مان سوچيندو انگريزي ۾ آهيان پوءِ ان جو ترجمو مشڪل يا ذري گهٽ ناممڪن هوندو آهي. مون ڏٺو ته he was completely at peace with himself يعني پنهنجو پاڻ سان مڪمل امن ۽ شانتيءَ ۾ هو. مون ٻڌو هو ته هو ڪنهن جي چوڻ تي دعا لاءِ هٿ نه کڻندو آهي رڳو ايترو چوندو آهي ته الله چڱي ڪندو! الله خير ڪندو! ۽ ماڻهو خوش ٿي ويندا آهن. مون کيس چيو ته منهنجو پٽ بدر مارشل لا ڪيس ۾ بند آهي دعا ڪيو ته آزاد ٿي اچي ته هڪدم هٿ کنيائين ۽ چيائين ”يا الله مظلوم کي ظالم جي ظلم کان پناهه ڏي!“ ڪيترو نه احتياط کان ڪم ورتائين دعا گهرڻ ۾. وري چيومانس ته سائين مون غريب ساڍا ست لک ڀري ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ورتو آهي پر هڪڙو وڏو ماڻهو هرو ڀرو ضد ۾ ڪيس مٿان ڪيس ڪندو ٿو اچي ان لاءِ دعا ڪيوم ته وري به هٿ کنيائين ۽ تمام محتاط لفظن ۾ چيائين، ”يا الله حقدار کي حق ڏيار!“ مون سنئون سڌو محسوس ڪيو ته ولي الله حجت سان مخالفت نه ڪندا آهن.
ائين ڪندي سائرن وڳا ۽ گوڙ ٿيو. بزرگ چيو ته ”هو اچي ويو، توهان ٿورو پاسيرو ٿي وڃو!“ اسان به ٿورو پاسيرو هڪ ڪنڊ ۾ ڀت جي پٺيان ٿي ويٺاسون ته جنرل ضياء آيو. بزرگ چيس ويهو! ويهو! مون محسوس ڪيو ته جنرل صاحب يا ته بغلگير ٿيڻ ٿي چاهيو يا هٿ چمڻ ٿي چاهيا پر بزرگ کيس تلقين ڪئي ته ويهي رهه! پهرين ڳالهه جا بزرگ چيس سا اها ته مون وٽ اچين ته وردي ۾ نه اچ ۽ ٻيو ته اهو سرڪاري گاڏين جو شور شرابو به نه ڪر. جنرل صاحب حاضر! حاضر! چوندو رهيو. ضياءَ صاحب کيس اسلام آباد پريزيڊنٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني پر بزرگ چيو ”هائوس جڏهن موقعو مليو ته ايندس“ جنرل صاحب کيس هيليڪاپٽر اماڻڻ جي آڇ ڪئي پر بزرگ چيو ته ”نه اسان آياسون ته پاڻهئي اچي نڪرنداسون.“ ضياء صاحب عرض ڪيو ته سندس حياتي ۽ حڪمراني لاءِ دعا ڪري. بزرگ چيو ته ”حڪمراني توڙي حيات ۽ موت، الله جو امر آهن.“ جنرل صاحب ويو ته اسين ٻئي وري بزرگ وٽ وياسين.
منهنجي گهر واري عبادت گذار ۽ ورد وظيفن ۽ درود شريف جو مسلسل ورد ڪرڻ واري هئي، تنهن عرض ڪيس ته اسان ٻنهي کي مريديءَ ۾ قبول ڪري ۽ ذڪر الاهي عطا ڪري. مريد ڪرڻ کان ته صاف انڪار ڪيائين ۽ ذڪر لاءِ چيائين ته ”اوهين ٻئي اڳيئي الله الله ڪرڻ وارا آهيو توهان ڇو ٿا مريدي جي جهنجهٽ ۾ پئو!“ اسين ماٺ ڪري موڪلائي هليا آياسون. بزرگ صاحب پنهنجي هٿ اکر هڪڙو مخصوص درود شريف مونکي لکي ڏنو ۽ چيو ته هر نماز کان پوءِ صرف يارنهن دفعا پڙهڻ ڪافي ٿيندو. بزرگ صاحب جا هٿ اکر (صورتخطي) ڏاڍا سهڻا هئا. پاڻ ڪنهن وقت اسڪول ۾ استاد هو. هي 1980ع جي ڳالهه آهي. منهنجي بزرگ سان ٻي ملاقات خيرپور ميرس ۾ سندس جاءِ تي 1983ع ۾ ٿي جڏهن مان هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار هئس. بزرگ اهو ئي گوڏ گنجيءَ ۾، مٿي تي انگوڇو ٻڌل ۽ پٽ تي ويٺل هو، مون سان گڏ خيرپور جو سيشن جج به هو. ٻه ٽي منٽ ويهي مونکي چيائين ته ”ٻاهر مرشد جي مزار تي وڃڻو اٿم. هلون“ اٿي کڙا ٿياسون. منهنجي بدنصيبي جو ساڻس گڏ مزار تي نه ويس. مون ڀوڪپائي ڪري اهڙا ٻه ٽي موقعا وڃايا آهن. شايد منشاء ايزدي ائين آهي، نه ته ڊاڪٽر مظهر کوسو ڳالهه ٿو ڪري ته سائين، پنهنجي مرشد سان ملاقات ڪرائي ٿو. ڊاڪٽر مظهر کوسو ايم بي بي ايس سينئر ڊاڪٽر آهي ۽ ظاهر آهي ته سائنسي سوچ رکندڙ ماڻهو آهي.
ٻيو هڪ واقعو آهي ته ڪوٽڙيءَ ۾ هڪڙو مستانو درويش هوندو هو بابا صلاح الدين. ڪٽلي هٿ ۾ ۽ هڪ ننڍڙي هڙ ڪڇ ۾ سڄو ڏينهن گهٽين ۾ هلندو وتندو هو. ڪٽليءَ ۾ ته الائي پاڻي هو الائي کير الائي ڪاري چانهه. ڪو چوندو هئس ته مونکي پيار ته ”نه! نه!“ ڪندي گهٽين ۾ گم ٿي ويندو هو. ڪوٽڙيءَ جو معزز ماڻهو حڪيم محمد عابد اجميري سندس خدمت ڪندو هو پر ان کي به ڪٽليءَ مان پيئڻ ڪونه ڏيندو هو. منهنجا ساهرا ڪوٽڙيءَ جا آهن. هڪ ڏينهن گهٽيءَ ۾ منهنجي سامهون اچي ويو، مون سان ڪجهه حال اوريائين جو مون بلڪل نه سمجهيو. پوءِ پاڻهئي ڪٽلي مون ڏانهن وڌائي چيائين ”پيءُ!“ مان محتاط ماڻهو، سوچيم الائي اوبر آهي الائي صاف سٺائي واري (هائجنڪ) به آهي الائي نه، سو ڪونه پيتم. شام جو حڪيم صاحب منهنجي سهري ميان شمس الدين قريشي وٽ روزانو ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. ساڻس ڳالهه ڪيم ته افسوس وچان هٿ مهٽيندي چيائين ”جمال صاحب توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو. اسين ته سڪون پيا ته بابا رڳو هڪ ڍڪ پيئڻ ڏئي، جيڪڏهن پين ها ته چوڏهن طبقن روشن ٿي وڃنئي ها!“ مان اهڙو ويسهه وسوڙل ڪونه آهيان سو کلي کڻي ماٺ ڪيم.
ڪجهه سالن کان پوءِ ڪوٽڙي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيو. ٻن طرفن کان درياهه شاهه پنهنجي ڀرپور موج مستي سان ڪوٽڙيءَ کي گهيري ويو. ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. بابا صلاح الدين کي چيائون ته درياهه کي جهل. کلي سوال ڪيائين، ”هان، ائين!“ پنهنجي ڳنڍڙي حڪيم عابد جي حوالي ڪري دياهه طرف ويو ۽ درياهه لهي ويو. بابا صلاح الدين وري ڪنهن نه ڏٺو. ماڻهن جو چوڻ اهي ته درياهه ۾ لهي ويو، پر ائين نه آهي. حڪيم محمد عابد کي چيم ته ”اها ڳنڍڙي ته کولي ڏسون ته ان ۾ آهي ڇا؟“ صاف انڪار ڪيائين ته ”اها مون وٽ فقير صاحب جي امانت آهي، مان نه ڪنهن کي ڏيندس نه کوليندس!“ حڪيم محمد عابد صاحب به گذاري ويو آهي. سندس پوئين اها هڙ سنڀالي رکي آهي الائي نه.
ٽيون واقعو لاڙڪاڻي ۾ آيل هڪ درويش جو آهي جڏهن مان ننڍڙو هئس. ان مون کي هڪ نظر ڏسي ادا شمس کي سڏي چيو ته ”هيءَ ڇوڪر ڪير هو.“ ادا چيس ته ”منهنجو ننڍو ڀاءُ.“ چيائينس ته ”هن جي منهن ۾ مڻيا آهي. حضور جن کي خواب ۾ ڏٺو اٿائين!“ ادا مون کان ان رات خلاصگائيءَ ۾ پڇيو ۽ پوءِ وڃي بزرگ کي ٻڌايائين. بزرگ خواب جو احوال ٻڌي چيو ته ”وڏي ترقي ڪندو پر چوينس ته پنهنجا عقيدا درست ڪري!“ مان تن ڏينهن ۾ هارين ۽ مزدور تنظيمن ۾ ڪم ڪندو هئس. ادا صلاح ڏني ته هلي بزرگ سان ملاقات ڪر ۽ فيض وٺ پر مون ٽاري ڇڏيو. هاڻي ٻڌايو ته هڪ ڌارئي اڻڄاتل اڻ سڃاتل ماڻهوءَ کي منهنجي خواب ۽ منهنجي عقيدن جي ڪيئن خبر پئي. ڀٽائي رح به سچل سرمست کي ٻالڪپڻي ۾ ڏسندي، ڪجهه اهڙائي رمارڪ ڏنا هئا.
ٻيا به گهڻيئي واقعا آهن. پر کول نه ڪجي. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي. هن دنيا جي ظاهري نظام کان علاوه ٻيو به ڪو نظام آهي. چون ٿا ته غوث، قطب ۽ ابدال آهن جن جو حڪم هلي ٿو. دانشور ته کلندا پر منهنجي هڪ ابدال سان ملاقات ٿيل آهي. پڙهندڙن کي بور نٿا ڪيون، مهل موقعي سان اهڙين وارداتن جو ذڪر ايندو رهندو. محترم محمد ابراهيم جويو صاحب اهڙين ڳالهين تي وهلور ويندو آهي؛ پر رڳو اسلام دشمنيءَ سبب. جڏهن مان، اياز ۽ پاڻ هڪڙي رات اسلام ڪوٽ ۾ سيٺ نهالچند وٽ ٿر جي سفر دوران ٽڪيا هئاسون ته هڪ مٺَ ۾ هڪ هندو ٻائي سان ملاقات لاءِ وياسون. مهنت صاحب پنهنجي قابليت ڏيکاريندي ڀٽائي، ڪبير ۽ ميران ٻائي جا بيت حوالن خاطر، غلط سلط پڙهندو رهيو، باقي هئو فقير منش سنياسي. موٽياسين ته جويو صاحب ٻائي جي ساراهه مان ڍاپي ئي نه پيو. باقي جيڪڏهن ڪنهن مسلمان درويش، بزرگ يا رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جي ڳالهه ڪيو ته جويو صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو. هيءَ ڪهڙي ايمانداري آ.
حقيقت ڇا هئي ته ڪميونسٽ حضرات صرف اسلام کي ئي ڪميونزم جو مدمقابل سمجهندا هئا تنهن ڪري اسلام ۽ اسلامي عقيدن تي ٽوڪ ۽ طنز ضروري سمجهندا هئا ۽ اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙيءَ کي همٿائيندا هئا. شرابخوريءَ تي شاباس چوندا هئا، حالانڪ سڄي دنيا شراب خوريءَ تي بندش وجهڻ لاءِ متفق آهي. جوئا، ڪوڙ ۽ زنا کي به صرف اسلام دشمنيءَ ۾ مباهه سمجهندا هئا حالانڪ ڪميونزم ۽ ڪميونسٽ ليڊر به اخلاقيات جا حامي هئا. هوچي منهه هڪ ڪامريڊ جي دعوت کائڻ سندس گهر ويو. اتي ان ڪامريڊ پنهنجي زال سان توهين آميز لفظن ۾ ڳالهايو. هوچي منهه ماني کائڻ بنان اٿي آيو ۽ ان ڪامريڊ کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيائين.
اسان وٽ ڪامريڊن اهڙو ماحول کڻي پيدا ڪيو جو بڇڙائي تي کلي خوش ٿي فخر ڪرڻ لڳا. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي پراڻي سکر جي اهل مماتي واري پير خير الدين شاهه بخاري بادشاهه جي ڳالهه نڪتي جنهن جي درگاهه جا مجاور پيرزاده عبدالستار، عبدالحفيظ ۽ عبدالمجيب جهڙا معزز ۽ پروقار ماڻهو آهن. ڪن چيو ته بخاري بادشاهه مرادون، پڄائي ٿو ته ڪن مخالفت ۾ ڳالهايو. مولوي نذير حسين جتوئي ويٺو هو جو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندو هو. ان چيو ته ”بخاري بادشاهه سندس مراد ته هڪ کن ۾ پوري ڪئي.“ سڀئي وائڙا ٿي مولوي صاحب کان پڇڻ لڳا. چيائين ته ”نماشام جي مهل هئي هڪ زائفان ڏاڍي عاجزيءَ سان پئي دعائون گهريون. چوڪيدار اعلان پئي ڪيو ته سڀ ماڻهو نڪرن ته هو در بند ڪندا. مولوي صاحب مائيءَ کي ڪن ۾ چيو ته تون ۽ مان لڪي ٿا وڃون ڀلي در بند ڪن، سو مان ۽ مائي ڪنڊن ۾ لڪي وياسون ۽ در بند ٿي ويو پوءِ ته سڄي رات بخاري بادشاهه مرادون پڄائيندو رهيو.“
مون کي شڪ ٿيو ته مولوي صاحب هٿ جي ٺاهي پيو هڻي پر جي حقيقت به هئي ته اها ته شرم جهڙي ڳالهه هئي، ان ۾ فخر ڪهڙو؟ جنگشاهي، جو پليجي صاحب جو ڳڙهه آهي. اتي هڪ نوجوان مليم جنهن پنهنجي قابليت ۽ آزاد خياليءَ جو اظهار هيئن ڪيو جو چيائين ته ”سائين نياڻي ستن قرآنن جي برابر آهي پر رات جو نوان نڪور ست قرآن منهنجي ٽنگن جي رحل تي پيا تڙڦندا آهن“، ڪهڙي نه بيهوده ڳالهه پر ماحول اهڙو پيدا ڪيو پئي ويو جو بد اخلاقي ۽ بد ڪرداري کي روشن خيالي سمجهيو ٿي ويو. هيءَ ڪهڙي معاشري جي يا نوجوانن طبقي جي خدمت آهي؟ ڇا اهڙي بيهودگي ۽ بد اخلاقي کي روشن خيالي چئبو؟ تفوبر تو اي، چرخِ گردان تفو.
شخصيات ۽ سندن اعمال ۽ ڪردار جي وڏي اهميت آهي. جيڪڏهن صرف لکڻين ۽ فلسفي سان انقلاب اچن ها ته پوءِ مارڪس لنڊن ۾ ڪسمپرسي جي حالت ۾ نه مري ها. لينن ۽ مائو پنهنجي اعمال ۽ ڪردار سان سوشلزم نافذ ڪري ويا. حضرت موسيٰ عليھ السلام جهڙو جليل القدر رسول به لاڳيتو چاليهه سال سينائي جي پهاڙن ۽ فلسطين جي وادين ۾ قوم جي عملي تربيت ڪندو رهيو. مان پوين اٺن ڏهن سالن کان مسلسل ۽ باقاعدگي سان، دل جي ماهر ڊاڪٽر اظهر فاروقيءَ کان چڪاس ڪرائيندو اچان. منهنجي دل جون مشڪون پنجهتر سيڪڙو ناڪاره آهن. صرف پنجويهه سيڪڙو دل ڪم ڪري ٿي. مٿان وِي. ايس. ڊي (VSD)به اٿم يعني دل جي ٻن حصن وچ ۾ سوراخ، جنهن ڪري ڳاڙهو صاف رت ۽ ڪارو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارو رت پاڻ ۾ مِڪس يعني گاڏڙجي وڃن ٿا. هر مهيني ٻئي، ڊاڪٽر مون کي چڪاس چوندو آهي ته ”بلڪل نارمل!“ لفظ اسٽيبل (stable) استعمال ڪندو آهي. هڪ ڏينهن حيرت وچان چيائين ”ابڙا صاحب حيرت آهي، هن وڏي عمر ۾ هيترن سالن ۾ توهان سٽيبل آهيو، حالانڪ پنجويهه، ٽيهه، پنجٽيهه سالن جا بيشمار نوجوان مون وٽ اچن ٿا جي هائپرٽينشن ۾ ورتل، اعصابي مريض، بلڪ دل جا مريض ٿي مريو وڃن، توهان وٽ ڪهڙو جادو يا راز آهي.“ مون کلي چيو ”ڊاڪٽر صاحب حيات ۽ موت جو مڪمل اختيار الله وٽ؟“ چيائين ”هائو!“ مون وري پڇيو ته ”عزت ذلت جو مڪمل اختيار به ان وٽ“ چيائين ”هائو!“ چيم ”رزق جو ته ذمو ئي پاڻ کنيو اٿائين.“ چيائين ”بلڪل صحيح!“ مون چيو ”باقي مون وٽ ڇا بچيو پريشان ٿيڻ لاءِ؟“ منهنجي هٿ کي زور ڏئي چيائين ته ”پوءِ اهڙيون ڳالهيون لکو نه اخبارن ۾!“ مون چيو ”نه!“ حيرت سان چيائين ”ڇو؟“ مون چيو ”لکڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي، ائين ته قرآن به ڪافي هو، توريت به ڪافي هو پر رسول به ضروري هو جو اعمال ۽ ڪردار جو نمونو بڻجي، تقديرون مٽائي ڇڏي ۽ ڊاڪٽر صاحب هونئن به الله جنهن کي چاهي هدايت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي گمراهه ڪري!“ ۽ قرآن الحڪيم جي آيت پڙهيم ته ’يهدي من يشاء، و يضل مَن يشاء‘ ڊاڪٽر سوچ ۾ پئجي ويو ۽ لاجواب ٿي ويو.
هي جو اسان کي حڪم ڪيو ويو ته درود پڙهو رسول تي ۽ اسين پڙهندا اچون، جو اسان لاءِ بلڪ انسان ذات لاءِ بهترين طرز عمل آهي. هڪ دفعي مان ۽ پروفيسر اياز قادري، تاج محمد ابڙي وٽ ويٺا هئاسون ته تاج محمد، حضور صلي الله عليھ وسلم متعلق هڪ نازيباَ لفظ استعمال ڪيو. قادري صاحب ککو وکو ٿي ويو ۽ ڦڪي کل کلندي تاج محمد کي منع ڪيائين ۽ اعتراض ڪيائين. مون تي ته وِِڄ ڪري ۽ سخت ڪاوڙ ۾ ماٺ ٿي ويس. قادري صاحب ته اٿي ويو. تاج محمد پنهنجي حالت ڀانپي مونکي هٿ کان جهلي اندر ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ مون کي سمجهائڻ لڳو ته ”شخصيات کي اهميت ڏيڻ کي Personality Cult چوندا آهن جيڪو صحيح نظريو ناهي.“ مان چپ رهيس. حقيقت ۾ ته مونکي کيس رد ڪد ڏيڻ کپندو هو يا بائڪاٽ ڪرڻ کپندو هو. پر شايد منهنجو جذبهء ايمان ڪمزور هو.

9

اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ تاج محمد ۽ مان اڪيلا ويٺا هئاسون. مون کيس چيو ته ”تاج محمد، ٻڌو اٿم ته لينن مفعول هو ۽ هارين ۽ مزدورن کان اهو فعل ڪرائيندو هو!“ تاج محمد صفا آپي مان نڪري ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائين، ”مهربان، سمجهي، ڳالهاءِ!“ مون به مشڪندي چيو، ”تاج محمد، تون نظريه شخصيات ۾ جڪڙيل آهين.“ اتي ڳالهه تاڙي ويو ۽ ماٺ ڪري ويهي چيائين ته رومال ۾ ويڙهي موچڙو هڻي ڪڍيئي. پاڻ ڀيري اهو حال اٿن ۽ ٻين جي احساس جي ڪا عزت ڪانه اٿن.
مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ جي به اها عادت هئي. عام جلسن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي الله تبارڪ و تعاليٰ جي شانَ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. ان جو عوام تي الٽو اثر پوڻ لڳو. خود پارٽي وارن کيس منع ڪئي ته مذهب يا الله تعاليٰ بابت هو تقرير ۾ ڪجهه نه ڳالهائي. حيدر بخش ڏاڍو مخلص هو ۽ معصوم طبيعت به. چيائين ”ڇا ڪيان پاڻ روڪي نٿو سگهان.“ پارٽي وارن مونکي حڪم ڪيو ته مان حيدر بخش جي ڀرسان ٿي ويهان ۽ جڏهن تقرير دوران هو مذهب جي موضوع تي اچي ته مان سندس قميص کي ڇڪ ڏيان ته هو پاڻ روڪي ويندو. حيدر بخش کي به اها تجويز وڻي. تقرير ڪندي جڏهن جوش ۾ آيو ۽ مذهب جو موضوع ڇيڙيائين ته مون سندس قميص کي ڇڪ ڏني ته لائوڊ اسپيڪر تي زور زور سان چيائين ته ”ڪامريڊ مونکي نه جهليو، ماڻهن کي سچ ٻڌائڻ گهرجي!“ مون وري به سندن قميص کي ڇڪ ڏني ته نالو کڻي چيائين ته ”ڪامريڊ فلاڻا مون کي نه روڪ، چوڻ ڏي!“
مرحوم جو پنهنجو حال اهڙو هو جو کانئس ڪو ڪم ڪڍڻو هوندو هو يا ڪو مخصوص بيان ڏيارڻو هوندو هو ته تاج محمد ۽ مان، لينن جو فوٽ کڻي پوءِ وٽس ويندا هئاسين. جڏهن مطلب جي ڳالهه تي ايندا هئاسين ته تاج محمد، لينن جو فوٽو ڪڍي اڳيان رکندو هو ته مرحوم حيدر بخش هميشھ جذباتي بڻجي، کٻي مٺ ڀڪوڙي چوند هو ”پارٽيءَ لاءِ جان به حاضر آهي، حڪم ڪيو ڇا ڪرڻو آهي؟“ ڇا اها صاف اگهاڙي شخصيت پرستي نه آهي. اسين ته وري به اصولن ۽ اخلاقيات جي ڳالهه ٿا ڪريون. هُو ته پارٽي جي نانءُ تي سڀ حدود اورانگهي ٿا وڃن.
ڪير نٿو ڄاڻي ته روس ۾ پارٽي مفاد ۾ لکين ماڻهو ۽ ڪارڪن ڪُٺا ويا. اهڙو ڪوس ڪري پوءِ اصول ٺاهيو ويو ته ”زياده ماڻهن جي زياده مفاد خاطر، ڪجهه به ڪرڻ جائز آهي.“ انهيءَ کان ته مهاتما ٻڌ جو اصول چڱو ته ”ڪارو نانگ ته ڇا، هڪ ماڪوڙي به نه ماريو.“ اهو ته هڪ بهشتي اصول چئبو. جنت ۾ ئي ائين ڪري سگهبو. انسان ذات جي مفاد خاطر اهڙا آفاقي اصول جڙندا آهن، اسان جي مذهب ۾ فرمايو ويو ته ”هڪ انسان جو قتل، ساري انسانيت جو قتل آهي.“ انهيءَ آفاقي مذهب جا پيرو وتن ڍولڪيون وڄائيندا ته ڪارو ڪاري جو قتل جائز ۽ عين اسلام آهي. تفو بر تو.
اهو ”تفو بر تو“ تڪيو ڪلام هوندو هو. خان صاحب عبدالحق وڪا جو، هو اڄ ٽين سيپٽمبر 1996ع، اڱاري جي ڏينهن، صبح جو ٽنڊي آدم ۾ گذاري ويو. صبوح جو چئين بجي نوڪر کان پاڻي گهريائين ۽ ننڊ نه اچڻ جي شڪايت ڪيائين. صبوح جو پنجين بجي آرام سان بنان شور شڪايت جي آرام سان دم ڏنائين. ڏاڍو ذهين، دلچسپ ۽ زنده دل ماڻهو هو. ڪچهري ۽ مذاح جو ڪوڏيو. وٽس ويٺي ڏکندو ڏور ٿي ويندو هو، کل مسخري لڳي پئي هوندي هئي. چرچو گهٻو بند ئي ڪونه ٿيندو. عام توڙي خاص وٽس ڳاهٽ پيا ٿيندا هئا. هر ڪنهن کي کلي پيو کيڪاريندو بلڪ ڀاڪر پائي ملندو. ڀلي ڪو مزور، هاري، ڀنگي يا چُهڙو هجي. سندس هڙئون وڙئون مدد ڪندو هو. هٿ جو ڇوٽ، سخي مرد هو. سڀ وڏا ماڻهو سندس سلامي هئا. ٻيراڻيءَ جا ڄام، سنڌڙي جا جوڻيجا، فدا حسين ڏيرو، رسول بخش مري وارا شاهنواز جوڻيجو، مهاجر، پنجابي، آفيسر ۽ عوام هر ڪو پير ڀري وٽس ايندو هو. پاڻ ڪاڏي ڪونه نڪرندو هو. سندس حسن اخلاق ۽ اخلاص اهڙو هو جو سڀ ڇڪجي وٽس ايندا هئا. نوڪرن هارين وغيره کي سڏي گڏ ويهاري ماني کائيندو يا چانهه پيئندو هو. پوليس جو ايس پي هو ته به اردلي يا سپاهيءَ کي سڏي گڏ ويهاري چانهه پياريندو هو. سندس دوستن ۽ مداحن جو دائرو تمام وسيع هو. جتي به رهيو اتي سٺو نالو ناموس ڇڏيائين. اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪيائين ۽ نه ئي پئسي جو پوڄاري هو. هر ڪنهن جي ڪم ايندو هو ۽ هر ڪنهن تي احسان ڪيائين. پنجاسي سالن جي عمر ماڻيائين ۽ سڄي صدي جهڙوڪر دوستن، احبابن ۽ غريب غربي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
وڏو بختاور ماڻهو هو. جتي ويو اتي عزت پاتائين. شڪار جو شوقين، کير ٿر جي پهاڙن ۾، ٿر جي بيابانن ۾، ڪڇ جي رڻ ۾ جتي ڪٿي شيل شڪار ڪيائين. هندو ماڻهو ۽ سيٺيون ته مٿس ٻلهار ويندا هئا. سيٺيون به اڄڪلهه جا پاڪستاني ڪاغذي سيٺ نه بلڪ نج خانداني سيٺ. ڏاڍو ذهين ۽ پنهنجا نجي خيال ۽ سوچ جو خالق هو ۽ اهڙا نقطا ڪڍي وٺندو هو جو ٻئي ڪنهن کان اڌارا ورتل ٿي نٿي سگهيا. مثلاَ هڪ ڀري محفل ۾ جتي مسلمان، رئيس، هندو سيٺ توڙي ٻيا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ويٺا هئا، اٿي بيهي چيائين، ”اسين مسلمان سڀ ڀنگي. چهڙا، چمار يا وڌ ۾ وڌ ڀيل ڪولهي آهيون. جڏهن محمد بن قاسم آيو تڏهن خانداني ماڻهو راڻا، راجپوت، راجا، زميندار ۽ سيٺ ته مسلمان ڪونه ٿيا، باقي ٻاليشاهي ۽ ٻيا اهڙا مسلمان ٿي ويا. اسين انهن جو اولاد آهيون.“ ڄام صاحب اعتراض ڪيو ته به چيائين ته ”سائين توهان به سما راجپوت آهيو نه.“ ڄام صاحب چيو ته ”بيشڪ!“
جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته انب جي وڻ ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”سائين هيءَ شگر فيڪٽري ڪٿان آئي. ڪنهن لڳائي؟“ جرئت ۽ فرض شناسي ايڏي جو مير غلام علي خان ٽالپر کي گرفتار ڪري مٺي پهچائڻ کان انڪار ڪيائين ۽ پنهنجو پروموشن وڃايائين. ٻئي دفعي وري جڏهن سانگهڙ ۾ ايس پي هو ۽ خانبهادر وساڻ جي ڪنڊياري واري اوطاق تان چوري ٿي ته مٿس زور وڌو ويو ته ان ڏوهه ۾ عمر ڪوٽ واري سيد غلام حيدر شاهه کي گرفتار ڪري. انڪار ڪرڻ تي کيس هٽائي مٺيءَ جو ڊي ايس پي ڪيو ويو ته کلندو خوشيءَ سان هليو ويو. بعد ۾ ايس پي جهڙي عهدي تان استعفا ڏئي، ٽنڊي آدم ۾ مستقل رهائش اختيار ڪري ويهي رهيو. هندو سيٺين جو منجهس ايڏو اعتبار جو مفت ۾ کيس زمينون ڏئي هندستان وڃڻ لاءِ تيار هئا پر پاڻ صاف انڪار ڪيائين.
نيٺ هڪڙي سيٺ ٽيڪمداس تلوڪچند پنهنجي پنج سؤ ايڪڙ زمين ديهه ڳاهڪيءَ ۾ خلاصي واٽر ڪورس ۽ بنگلي سميت لک پڙهه ڪرائي دستاويز اچي جهوليءَ ۾ وڌس، پر هي چوي ته مون وٽ پئسا ڪونه آهن. سيٺ چيو ته ”تون رڳو پنجاهه هزار ڏي.“ سو به چيائين ته ”ڪونه آهن“ ته سيٺ پاڻ مرادو حجائتي نموني چيس ته ”ڄٽ هيءَ جيپ تنهنجي آهي نه؟ اها وڪڻ ته پندرهن هزار کن ملندءِ. بيٺل فصل به ويهن پنجويهن هزارن جو آهي اهو وڪڻي مونکي ڏجانءِ. باقي پندرهن هزار کن گڏ ڪري وٺ، کڻي پنهنجيون ميهڙ واريون زمينون وڪڻ. وڃي زمين تي قبضو ڪر نه ته لالا اسرار ان زمين ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي قبضو ڪري ويندو!“ عبدالحق کي ڳالهه دل سان لڳي سو جيپ ۽ ڪجهه ميهڙ جي ملڪيت وڪڻي، سيٺ کي پئسا ڏنائين. بيٺل فصل جون ڦٽيون وڪڻي پنجاهه هزار پورا ڪري سيٺ کي ڏنائين. چوندا آهن الله ڇت ڦاڙي ڏيندو آهي.
عبدالحق کي به ائين لکن جي ڀلي زمين ملي. پاڻ اڃا نوڪريءَ ۾ هو سو زمين منهنجي نالي ۾ کاتو ڪرايائين. پوءِ به ائنٽي ڪرپشن ۾ انڪوائري هلي. مان نئون نئون وڪالت پاس ڪري آيو هئس سو ايترا پئسا ته مون وٽ به ڪونه هئا. پر انڪوائري آفيسر لکيو ته وڏي ماڻهو جو پٽ آهي سو انهن لاءِ پنجاهه هزار ڪا وڏي ڳالهه نه آهي حالانڪ بابا وٽ ڏهه هزار ڪونه هجن جو راءِ صاحب ٽوپڻ داس وارو بنگلو خريد ڪري سگهون. اهو ته ٺهيو، پر ٻيا ڪيترائي سيٺيون هزارين ايڪڙ ڀليون زمينون سندس نالي ڪري هندوستان هليا ويا پر عبدالحق ان مان هڪ ايڪڙ جي پيدائش نه ورتي ۽ هارين کي تلقين ڪندو آيو ته ”بابا سيٺين جي امانت رکندا وڃو!“ پر غريب هاري ناري، ڪوڙا ڪليم خريد ڪري زمينون پنهنجي نالي ڪرائي ويا. عبدالحق جي پٽن کيس چيو ته بابا اسان کي ڇڏ ته اسين ٿا زمينن تي قبضو ڪري پيدائش کڻون. عبدالحق جو اثر رسوخ به هو. خود هاري به راضي هئا، پر عبدالحق صاف انڪار ڪيو ته پرائي امانت جي پائي به حرام آهي ۽ جن اعتبار ڪري زمين سندس نالي ڪئي هئي انهن کي دوکو ڪيئن ڏبو. سندس پٽ نادر چوي ته بابا جڏهن سيٺ آيا، يا مالڪي ڪيائون ته کين موٽائي ڏينداسون پر عبدالحق اصل نه مڙيو. اڄ هو زنده ناهي پر غريب غربو، اوڙي پاڙي وارو، سڀڪو کيس ياد ڪري روئي ٿو.
ڪن ٿورن کي خبر هوندي ته مشهور ڌاڙيل، ميرو نظاماڻي، ڦل ماڇي، پوڙهو ۽ منٺار کي عبدالحق ماريو هو جڏهن هو ٽنڊي محمد خان ۾ ڊي ايس پي هو. انهن ڌاڙيلن جو ايڏو ڏهڪاءُ هو جو وڏا وڏا ماڻهو ڪوٽن منجهه هوندي کانئن ڏڪندا هئا. عبدالحق کي انهن ڪارنامن تي انعام، آفرين ناما ۽ هڪ سوني روليڪس واچ سرڪار طرفان مليل هئا. جڏهن ڌاڙيلن پوڙهي ۽ منٺار کي ماريائين ته مان به وٽس ٽنڊي محمد خان ۾ ٽڪيل هئس. ڏينهن جو يارهين بجي جاسوسن اچي خبر ڏنس ته پوڙهو ۽ منٺار ساجن سوائي جي ميلي تي آهن. ان وقت سائين الهه بخش شاهه سان شطرنج ويٺي کيڏيائين. راند کي ڊاهي چيائين ”هلو ته هلون!“ سائين الهه بخش شاهه ڪونه هليو باقي مان سپاهين سان گڏ ٽرڪ ۾ چڙهي پيس. ٽاڪ منجهند جو سخت گرمي ۽ لڪ ۾ اچي ڏس واري هنڌ پهتاسين. عبدالحق سپاهين کي آڙ ۾ ليٽائي ڇڏيو. مان ساڻس گڏ هئس. پر ڌاڙيل جي نهايت چالاڪ ٿين ٿا سي اڳواٽ ئي اتان نڪري ويا هئا.
اسان ميلي جي ٻاهران وڻن هيٺ ويهي رهيا سين. جاسوسن اعتماد سان چيو ته ”ڀرپاسي ۾ هوندا، اجهو ٿا خبر لهي اچون.“ سپاهين اجازت گهري ته ماني کائي وٺون. عبدالحق اجازت ته ڏني پر چيائين ته ڪو به هيڏي هوڏي نه ٿئي. رڳو هڪڙو ڄڻو وڃي ٻوڙ ماني وٺي اچي. ماني آئي سپاهين ماني کائڻ شروع ڪئي. مان ۽ عبدالحق به پٽ تي ماني کائڻ ويٺاسون اڃا هڪ گرهه پٽيو هئوسون ته جاسوسن اچي اطلاع ڏنو ته فلاڻي ڄار (کبڙن) ۾ ويٺا آهن. عبدالحق پٽيل گرهه کڻي رکيو ۽ اٿي بيٺو چيائين ”جوانو هلو، چڙهو ٽرڪ ۾“ سپاهين چيو ماني کائي وٺون ته چيائين ”نه، مهل نڪري وئي ته ڳالهه وئي!“
سپاهين کي ڄار جي چوڌاري پوزيشن ۾ ويهاري، توتاري تي ڌاڙيلن کي چيائين ته ”نڪري پيش پئو نه ته مارجي ويندؤ!“ جواب ڪونه آيو. فائرنگ جو آرڊر ڏنائين ته موٽ ۾ ڌاڙيلن به فائرنگ شروع ڪئي. خوش ٿيو جو پڪ ٿيس ته ڌاڙيل گهيري ۾ آهن. اڌ منو ڪلاڪ فائرنگ هلي پوءِ ماٺي ٿي وئي پر سپاهين کي پوزيشن تي قائم رهڻ جو آرڊر ڏنائين ته متان ڌاڙيل دوکو ڏئي نڪري وڃن. پوءِ گرنيڊ (هٿ سان اڇلڻ وارو بم) اڇلائڻ جو حڪم ڏنائين. وري توتاري تي ڌاڙيلن کي پيش پوڻ لاءِ چيائين ته به اتر ڪونه مليو. پوءِ ڄار ۾ اندر گهڙڻ جو ارادو ڪيائين ته سپاهين خطرو ڏيکاريو ته متان ڌاڙيل اوچتو حملو ڪري سپاهي ماري وجهن. عبدالحق چيو ته سپاهي نه مارائبو. پوءِ ڄار کي باهه ڏياريائين ته ان صورت ۾ ڌاڙيل ضرور ٻاهر نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا. پوءِ به هو ڪونه نڪتا ته پڪ ٿيس ته مارجي ويا سو پنهنجي سر ٻن چئن سپاهين سان ڪاهي پيو ڄار ۾. ڏسون ته ٻئي ڌاڙيل مئا پيا آهن.
مئلن کي ڀونڊا ڏئي، ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنائين. چيائين ”سائين ههڙا تهڙا هيڏا ظالم نه نياڻي سياڻي جو ننگ نه حياء شرم، ڀيڻ (.....) وتن مسڪينن کي ماريندا. لاش ڄنڊن کان گـهلائي، ٽرڪ ۾ وجهائي ساجن سوائيءَ جي ميلي تي کڻائي خلق خدا کي ڏيکاريائين ته ظالم مارجي ويا. ماڻهن به سک جو ساهه کنيو.
مشهور حر ڌاڙيل ميرو نظاماڻي عرف حاجي امير علي نظاماڻي کي به ائين هڪ ننڍڙي ٻن ٽن گهرن واري ڳوٺڙي تي صبوح سوير ڪڙو چاڙهيائين ۽ للڪاريائين ته ”ميرا نڪري پيش پؤ نه ته مارجي ويندين“ چپ چپات ٿي وئي. ائين ڪندي هڪ ماڻهو اجرڪ ويڙهي ڪجهه ڪرونڊڙو ٿي مسجد طرف وڃڻ لڳو. عبدالحق جي پوليس واري اک ڏسي ورتو ته اجرڪ اندر رائفل هئي سو هڪل ڪيائينس.”بيهه! نه ته مارجي ويندين“ ڪو نه بيٺو وري هڪل ڪيائونس. ميروءَ اجرڪ اڇلي ڀيڄ پاڳارا! جو نعرو هنيو ۽ رائفل سنڀاليائين ته عبدالحق جي اشاري سان هڪ لحظي ۾ گولين جو ڌوڙيو ٿي ويو ۽ ميرو ڦهڪو ڪري ڪري پيو. پوءِ به خبرداري سان آهستي آهستي وڌندا وڃي سندس رائفل کنيائون ته متان ڇل ڪيو هجيس ۽ اڃا جيئرو هجي. پر هو مري چڪو هو. چاپئين ننڍڙي ڏاڙهي، وٽيل مڇون، نڪ نقشو سهڻو ۽ ڇاتي ويڪري. ايس پي آر جي جوانن خوشي ۽ جوش وچان دنبها هنيا. ميرو نظاماڻي جي معرڪي کان متاثر ٿي مون پنهنجو پهريون افسانو لکيو، ”هو حر هو“. جو لال بن يوسف جي اخبار ”طوفان“ ۾ ڇپيو.
منهنجو ٻيو افسانو ’پيراڻي‘ قادر بخش نظاماڻيءَ جي ڊيلي اخبار ۾ ڇپيو. افسانا اخبار ۾ ڇپجڻ تي مون کي ته ڪا خوشي ڪانه ٿي. جيڪي سو ڀئه ٿيم ته متان ڪو غلط نظريو يا تاثر نه پيدا ڪيو هجيم ڇاڪاڻ ته ليکڪ تي وڏي ذميواري پوي ٿي. ذميواريءَ کان مادر پدر آزاد لکڻيون ڪيئن معاشري، قوم يا نوجوان طبقي جي ذهن ۾ ٺوسي وجهبيون. اسان جي ٽهيءَ کان پوءِ جيڪي ليکڪ پيدا ٿيا سي اهڙي ڇڙواڳيءَ تي مورڳو پڏرجندا هئا، جي سندن لکڻي ڪنهن اخبار ۽ رسالي ۾ ڇپبي هئي ته نه رڳو خوش ٿيندا هئا بلڪ ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندا هئا ۽ اهڙي اخبار يا رسالي کي سند طور سانڍيندا ۽ پيش ڪندا هئا؛ ڄڻڪ اهو دانشوريءَ جو سرٽيفڪيٽ هجي. دانشور کي سرٽيفڪيٽ جي ڪهڙي ضرورت؟
محترم محمد حفيظ قريشيءَ کي سٺا ۽ سهڻا جملا ڳالهائڻ جي ڏات آهي يا سندس سچو ۽ پرخلوص جذبو آهي جو کانئس اهڙا جملا چورائي ٿو. جهونا ڳڙهه ۾ پڙهندا هئاسون ته ڪارلائيل جو ڪتاب هيرو آف پرافٽس پڙهيوسين جنهن ۾ حضورصلي الله عليه وآلھ وسلم جي جي شان ۾ تعريف ڪيل آهي. هڪ دوست اها ڳالهه ڪئي. حفيظ صاحب هڪدم چيس ته، ”مهربان، رسول الله صلي الله عليه وآلھ وسلم جي ذات کي ڪارلائيل جي سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ڪانهي. البت ڪارلائيل کي اهڙي ڳالهه چوڻ تي، چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهجي ٿو.“
واهه. سٺا جملا ڳالهائڻ جو ملڪو مون ٻن شخصن ۾ ڏٺو، هڪ محمد حفيظ قريشي ۽ ٻيو منهنجو مرحوم دوست غلام النبي سومرو، جنهن کي مير علي احمد خان ٽالپر زوريءَ سڏائي ساڻس ڪچهري ڪندو هو. ان جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان جنهن جي گفتن کي عبدالله ميمڻ وهسڪيءَ جي پيگ برابر ٿي چيو. مان غلام النبيءَ کي سندس ٽنڊي ولي محمد واري فليٽ تان وٺي آيس. جڏهن عبدالله صاحب کيس سڏ تي نه اچڻ جو ڏوراپو ڏنو ته غلام النبيءَ انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو،Unequal combinations are always detrimental to the weak يعني غريب ۽ وڏي ماڻهوءَ جو تعلق، هميشه غريب لاءِ نقصانڪار هوندو. اهڙو لاجواب گفتو!
ٽنڊي آدم واري خانصاحب عبدالحق وڪي جو ذڪر پئي ڪيم. ميرو نظاماڻيءَ لاءِ جڏهن مون چيو ته ”وڏو دلير هو!” ته چيائين ”واهه سائين واهه! ههڙو ڀاڙيو، بزدل ڪميڻو جو اتيت غريبن ۽ مسڪينن کي ڦري لٽي، سو ڪيئن بهادر چئبو؟“ سچي ڳالهه ڪيائين. محترمه بينظير ڀٽو به دهشتگرد مهاجرن کي ’بزدل ڪوئا‘ ڪوٺيو ته ڏسڻا وائسڻا پڙهيل ڳڙهيل مهاجر ڪاوڙجي پيا. اسان وٽ به ڌاڙيل کي هيرو جو درجو مليو وڃي ۽ خودڪشي ڪندڙ ۽ پاڻ ساڙيندڙ کي ’شهيد‘ جو. ڪارو منهن آهي اهڙن هٿرادو هيرو ۽ شهيدن جو ۽ اسان جي اونڌي سوچ جو. اخبار ۾ خبر آئي ته هڪ نوجوان کي ڪنهن پوليس آفيسر گاريون ڏنيون ته گهر اچي پاڻ گاسليٽ هاري باهه ڏنائين. ٿڪ هجيس. اڙي ڀاڙيا! انهيءَ کان ته بهتر هو ته ان پوليس آفيسر جي پٽڪي لاهي، ڀونڊا ڏئي موچڙا هڻي اچينس ها ته پوءِ چئجي ها ته ها ٻيلي مڙس غيرتمند هو. باقي ڏاڍي جي آڏو ڪوئو بڻجي گهر اچي پاڻ ساڙڻ ته حد درجي جي بيوسي، ڀاڙيائپ ۽ انسان ذات جي توهين آهي.
انساني سوچ کي ڪو غلط فڪر اچي ٿو وڃي پوءِ سندس ذهن کي ڪوريئڙي جي ڄار جيان ڄارو لڳي ٿو وڃي ۽ ماڻهو جهالت جي گپ ۾ گچندو ٿو وڃي. پوءِ فيصلا به اهڙائي بيوقوف ڀولڙي جيان ڪندو ويندو ۽ نيٺ پنهنجو ڳاٽو ڀڃندو يا ڀڃائيندو. ميرپور بٺوري ۾ مان جج هئس ته هڪ ڌاڙيل ساماڻو مامُو گڙدالي. گرفتار ٿي منهنجي ڪورٽ ۾ آيو ته هر حاضريءَ تي ماڻهو کيس ڏسڻ پيا اچن. مون مٿس ڪيس هلائي ست سال ٽيپ ڏئي ڇڏي. ٻيا ته ٺهيو پر محترم قاسم پٿر جو هڪ ئي وقت دانشور، اديب ۽ سياستدان آهي، تنهن مون کي اچي ميار ڏني ته ”ڪهڙي نه قنڌار مڙس کي سزا ڏني اٿئي!“ ”اڙي!“ مون چيو، ”پٿر، ههڙي ڪميڻي کي ٿو تون دلير ۽ دلاور مڙس چئين جنهن هڪ غريب هٽ واڻئي جي گهر ۾ گهڙي ڦر ڪئي ۽ ويچاري واڻئي کي زال ۽ نياڻين آڏو ٿڦا ٿوڦي ڪئي!“ قاسم پٿر ڏاڍو ڦڪو ٿيو. سچ ۽ سچائي ته هر انسان ۾ اڳيئي موجود آهي، جا هو وساري ٿو ويهي. پوءِ جڏهن کيس ياد ٿو ڏيارجي يا ڌونڌاڙجي ٿو ته کيس سچ، سج جيان چٽو ٿو نظر اچي. مون کي به اهو سچ عبدالحق ڏيکاريو.
حياتيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا معمولي واقعا، انسان جو مستقل ڪردار تشڪيل ڏيڻ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. رڳو مهل ۽ موقعي جو فائدو وٺي ٻار يا نوجوان کي سنئين دڳ لائجي ته هڪ نئون شخص، تشخيص ڏجي ٿو. مترڪو رڳو وقت آهر ۽ مناسب ضرب سان هڻجي. جڏهن لوهه اڃا گرم هجي. پاڻ پنهنجي سر آڳڙيو بڻجي عمل ڪجي ته ننڍا پاڻهئي بنان چوڻ جي وڏا وڏا سبق ائين سکي ويندا جيئن پٿر تي ليڪ. اسين وري الٽو عمل ڪيون. ٻار سچ ڳالهائي ته ٿڦڙ هڻي ڪڍونس، ڪوڙ ڳالهائي ته ڇڏي ڏيونس. وڙهي اچي ته شابس چئونس. غم کائي اچي ته ڀونڊو هڻوس. ’غم کائڻ‘ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن صبر يا برداشت کي. سهپ جو مادو هئڻ يا غم کائڻ يا صبر ڪرڻ تمام چڱا ڳڻ آهن. پر چڱائيءَ کي اڄڪلهه ڏسي ڪير ٿو؟ هر ڪنهن کي جلد فائدو ۽ جلدي نتيجا کپن پوءِ ڀلي ڪنهن جا ترا ڪڍجن يا چڱائيءَ جا سڀ اصول ۽ قدر ٻَلي چاڙهي ڇڏجن يا داؤ تي لڳائي ڇڏجن.
رسڪن لکيو آهي ته، سڀ ماڻهو مٿي چڙهڻ واري ديويءَ جا پوڄاري ٿي ويا آهن. انکي هو “Godess of Getting on” ٿو ڪوٺي. هر ڪو ڪلها گس ڪري به، اڳتي وڌي حاڪم جي نظرن ۾ اچڻ گهري ٿو جيئن ڪجهه مفاد حاصل ڪري سگهي. حالانڪ جيئن مون مٿي مرحوم غلام النبي سومري جي چواڻي لکيو آهي ته ”ڏاڍي ۽ ڪمزور جو لاڳاپو هميشه ڪمزور لاءِ نقصانڪار هوندو آهي.“ خليفي مامون الرشيد چيو آهي ته ”خوش قسمت آهي اهو (شخص) جنهن وٽ چڱي زال آهي، چڱو گهر آهي ۽ بادشاهه سان ڏيٺ ويٺ نه اٿس.“ اهو جيڪو آخري شرط آهي خوش قسمت هجڻ جو، سو تمام اهم آهي. اسان جا جيڪي هندوستاني ڀائر آيا آهن سي سڀ جو سڀ ”درٻاري ڪلچر“ جي پيداوار آهن، يعني خوشامد ۽ مفادپرستي. هرڪو ايران ۽ توران کان منزلون ڪڇيندو ايندو هو ته من ڪا درٻار تائين رسائي ٿي وڃي. وڏا وڏا ليکڪ، دانشور ۽ تاريخدان انهيءَ وٺ وٺان ۾ لڳا پيا هوندا هئا ته ڪنهن حيلي بهاني سان درٻار ۾ پهچي، ڏاڪڻ چڙهي، ڪجهه مفاد حاصل ڪري وٺجن. اڄڪلهه جو هيءَ نئين رسم هلي پئي آهي ته ڪتاب جي رونمائي ڪرائي وڃي سا به ڪنهن حاڪم کان سا به انهيءَ ڪلچر جي ڪڙي آهي. ٻيا ته ٺهيو حضرت غالب جهڙو عظيم شاعر ۽ فقير منش ماڻهو به سڄي عمر انهيءَ وٺ پڪڙ ۾ رهيو ته بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ حاضري لڳي وڃي ته ٻيڙا ئي پار ٿي وڃن. بي نيازي ۽ بيپرواهي، جهڙي مون سنڌي ليکڪ ۾ ڏٺي آهي سا ڪنهين ۾ ڪانه ڏٺم. خود پسندي ۽ خود ثنائي ٻي ڳالهه آهي ۽ معاف ڪري سگهجي ٿي. باقي بي نيازي سنڌي ليکڪ جو طرهء امتياز آهي.
عبدالحق صاحب جي ٻي هڪڙي مون عجيب ڳالهه ڏٺي. نه مان ويساهه وسوڙل آهيان نه عبدالحق. هُو ته هڪ پوليس آفيسر هو، ان ڪري شڪي مزاج هو ۽ هر ڳالهه جي تور تڪ ڪندو هو. پيرن فقيرن ۾ ويسهه ڪونه هئس پر سندس دلي لاڙو ۽ رغبت فقيرن، غريبن ۽ درويشن ڏانهن ڏاڍي هئي سو به اهل مماتي بزرگن ڏانهن، پر مون اها ڳالهه خاص نوٽ ڪئي ته جتي به جنهن به درگاهه تي ويو ٿي ته سندس خاص آڌرڀاءُ ٿيو ٿي، هي نج شخصي مشاهدا پيو لکان. هڪ لڱا مون وٽ خيرپور ميرس ۾ مهمان ٿي آيو. مان ڪورٽ ۾ مصروف، هڪ ٻي بجي منجهند جو موٽيس ته عبدالحق صاحب بور ٿيو ويٺو هو. خوش مزاج، کلڻو ڳالهائڻو ماڻهو ۽اوطاق ۾ اڪيلو ويٺو اوٻاسيون ڏئي، ماني ٽڪي کائي چيائين ته ”سائين هل ته ڪيڏانهن هلون!“ وٽس جيپ هئي.
منهنجي ننڍڙي نياڻي تمام بيمار هئي، سو بي دليو چيومانس ته ”سائين ڪيڏانهن هلنداسون؟“ چي ”سائين هي ته درويش بزرگن جو ضلعو آهي، لونگ فقير، شادي شهيد، درازا، راڻيپور، گمبٽ، اٿوَ، اُٿو ته هلون!“ هاڻي انڪار به ڪيئن ڪجي. اندر گهر ويس، منهنجي مرحوم گهر واري ننڍڙي ربيءَ کي جهول ۾ ڪيون ويٺي هئي. ڳالهه ڪئيمانس ته ڏکاري ٿي چيائين ”سائين پاڻ ڏسو ٿا، منٽ منٽ ۾ ٿي اسهال ڪري، ڊي هيڊريشن ٿي وئي اٿس، توهان اهڙي حال ۾ ٿا وڃو!“ کيس دلداري ڏنم ته ”الله وڏو آهي، ڊاڪٽر غوث محمد اچي پيو الله خير ڪندو!“ائين چئي پٺڀرو ٿي هليس ته پٺيان چيائين ”سائين شابس هجيو!“ مون سندس ڪرب محسوس ڪيو پر ماشاءَالله چئي نڪري پيس. ان وقت ٽپهري جا ٽي لڳا هئا.
آياسون لونگ فقير جي لوڙهي تي، اڌ ڪلاڪ به ڪونه لڳو. اتان جو گادي نشين لوڙهي کان ٻاهر نه نڪرندو آهي. وڃون ته اڳواٽ ئي هڪ خوبصورت نوجوان، اڇي پڳ ٻڌيو ويٺو آهي، اشارن ۾ هڪ ماڻهوءَ کان پڇيم ته ان ڪن ۾ ٻڌايو ته اهو گادي نشين پاڻ آهي. اسان کي کيڪاريائين ۽ پلاءُ گهران گهرائي کارايائين ۽ پوءِ درگاهه کولرائي پاڻ پنهنجي سر بزرگ لونگ فقير جي مزار تي وٺي هليو ۽ دعائون گهريائين. پوءِ موڪلائي اڳتي هلياسون. شادي شهيد به ساڳئي رستي تي آهي ۽ پندرهن منٽن ۾ اتي پهتاسون. گادي نشين، هڪ مسڪين ماڻهو، گوڏ ۾ پيرين اگهاڙو اچي اسان سان مليو ۽ عبدالحق سان ائين ڳالهائڻ لڳو ڄڻ پراڻا واقف هجن. عبدالحق مزار تي بيهي فاتح پڙهي ۽ دعائون گهريون. مون کي به ريچڪ آيو سو حجت مان چيم ته ”اي شهيد مان پيرن فقيرن کي ڪونه مڃيان، پر چون ٿا ته شهيد جيئرا هوندا آهن جي ائين آهي ته منهنجي ننڍڙيءَ جا اسهال هاڻي جو هاڻي، هن مهل (وقت ڏٺم ته چار لڳي ويهه منٽ ٿيا هئا) بند ٿين ته پوءِ مڃيندوسانءِ!“ ائين چئي ٻاهر نڪتس.
اڃا اڳڀرو ٽڪرين جي پريان مشهور بزرگ ابراهيم اڌم جي مزار آهي. اوڏانهن ڪونه وياسون جو چيائون ته جابلو علائقو ۽ پنڌ اڻانگو آهي. عبدالحق کي چيم ته ”هلون واپس!“ چيائين ته ”سائين، سچل سرمست ۽ سخي قبول محمد جي حاضري ڀربي!“ ڳوري دل سان ”حاضر!“ چئي اچي درازا شريف نڪتاسون. لڙي ٽپهري هئي. درگاهه تي ڪُڪڙوڪُو لڳي پئي هئي. ائين اوچتو هڪڙو مستانو ماڻهو نڪتو. مٿي تي انگريزي ٽوپلو، سلوار قميص پيل ۽ اڳٺ قميص کان هيٺ پئي لڙڪيس. ڪلهي تي هڪڙي لٺ نما ڪاٺي هجيس جا بندوق جيان جهليون بيٺو هو. اهو اچي حالي احوالي ٿيو. پيو کلي ۽ مشڪي ٻه ٽي فقير ڊوڙندا آيا. خبر پئي ته هو پاڻ گادي نشين هو. فقيرن کي چيائين ته بابا درگاهه کوليو مهمانن کي زيارت ڪرايو، اسين هلون ٿا. پڇيوسونس ته ”سائين شڪار تي پيا وڃو!“ چيائين ”ڏسو نٿا؟“
اتان نڪتاسون ته عبدالحق چيو ته ”هلو راڻيپور ۽ گمبٽ!“ انهن درگاهن تي به اسان جو آڌرڀاءُ ٿيو. مونکي ته آنڌ مانڌ لڳي پئي هجي. گهر پهتاسون رات جو ساڍي ڏهين بجي. هڪدم اندر وڃي ننڍڙيءَ جو احوال پڇيم. ماڻس چيو ”الحمدالله خوش آهي، اسهال به بند ٿي ويا اٿس!“ مون پڇيو ”ڪهڙي مهل بند ٿيا آهن؟“ ته چيائين ته ”چار لڳي ويهن منٽن کان پوءِ پيٽ ڪونه آيو اٿس!“ مون کي ماٺ لڳي وئي. نڪي ڪڇيس نڪي ڪنهن سان سچي ڪيم پر دل ئي دل ۾ عقيدن ۾ ڏار پئجي ويا.
اها ساڳي روبي مائي جڏهن ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ واري گرلس ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ته اوچتو پرنسپال فون ڪئي ته توهان جي ڇوڪري بيهوش ٿي ڪري پئي آهي. جهٽ ۾ ماڻس ڪار ۾ چڙهي وئي ۽ وٺي آيس. خبر پئي ته کيس مٿي ۾ سخت سور پوندا هئا ۽ چڪر ايندا هئا. سور ايڏو پوندو هئس جو ڀت سان مٿو ٽڪرائيندي هئي. مونکي اچي ڊپ لڳو سو سندس دماغ جو اِي. اِي. جِي ڪرايم، پر شڪر جو اهڙي ڪا خطرناڪ خرابي ڪانه هئي. ڊاڪٽرن جو علاج ڪرايوسين پر فائدو ڪونه ٿيو. اتي مون کي شادي شهيد ياد آيو. شهيد تي اڌ مٿي جي سور (مِگرين) جا مريض ويندا هئا ۽ شفاياب ٿي ايندا هئا.
خيرپور ميرس ۾ هڪ ڏينهن صبوح جو پنهنجي بنگلي کان جو نڪران ته سول سرجن ظهير انصاري ۽ سندس ڀيڻيويو ڊي آءِ جي پوليس صغير صاحب، سول سرجن جي بنگلي وٽ گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. ظهير جو ننڍو ڀاءُ مرحوم شبير انصاري انجنيئر، منهنجو ۽ منهنجي ڀاءُ ڪمال جو دوست هو. مون وڌي وڃي ظهير انصاري کان پڇيو ته ”ٻيو مڙيئي خير آهي؟ ڪهڙي وٺ پڪڙ ۾ آهيو؟“ چيائين ”منهنجي ڀيڻ (صغير جي زال) کي مٿي جو سور نٿو لهي سو وٺي ٿا وڃنس شادي شهيد تي!“ مون ظهور کي طنزاََ چيو ته ”تون سول سرجن ٿي ڪري اهڙي وسوسي ۾ ڪيئن ٿو اعتبار ڪرين؟“ چيائين ”ڇا ڪجي، اسان کي ڊاڪٽرن وٽان فائدو نٿو ٿئي ته ماڻهو ضرور ٻيا در ڀيٽيندا!“ خدا جو شان، مائي ٺيڪ ٿي آئي. هوءَ پاڻ پڙهيل ڳڙهيل ايم اي پاس ۽ سول سرجن جي ڀيڻ هئي. پر هٿ ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي؟
مان به روبي بلڪ سڄي آڪهه کي وٺي خيرپور آيس. جميل صديقي، بشير صديقي جو ڀاءُ ڊي سي هو، ان کي فون ڪيم. هن نه رڳو سرڪٽ هائوس رزروَ ڪرائي ڇڏيو پر هڪ ايس ڊي ايم، پيرزادي صاحب کي ريلوي اسٽيشن تي جيپ ۽ ڪار سميت موڪليائين، جو عزت ۽ شان سان اسان کي سرڪٽ هائوس وٺي آيو. مان هڪدم پنهنجي گهر واري سميت پنهنجن پراڻن دوستن هادي بخش لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر ويس ۽ ساڻن ملي. خوب ڪچهريون ڪري آيس. سائين غوث علي شاهه ايڏو وڏو مشهور ۽ مصروف وڪيل ٿي چڪو هو جو ساڻس ملاقات ئي نٿي ٿي. ساڻس سندس والد صاحب جي وفات تي تعزيت ڪرڻي هئي. نيٺ منجهند جو فون ڪئي مانس. ان مهل به ايترو مصروف هو جو چيائين ته ”شام جو پنجي بجي اچجو!“ مونکي سکر کان ٿيندو جيڪب آباد وڃڻو هو جتي عبدالقادر ابڙو ڊپٽي ڪمشنر هو، سو غوث علي شاهه کي چيم ته ”نه چئين بجي!“ چيائين ته ”ان وقت مان ننڊ ڪندو آهيان پر توهان اچي اٿارجو!“ مان اڪيلي سر وٽس ويس ته چيائون ته ننڊ پيو آهي اٿاريونس ٿا جو اڳواٽ چئي ڇڏيو اٿائين ته ابڙو صاحب اچي ته مونکي اٿارجو ساڻس تعزيت ڪري کلي ڳالهائي موڪلايومانس. پاڻ به ڀيرو ڪونه ڀڃندو آهي. مان 1990ع ۾ بيمار ٿيس ته گهر آيو. 1991ع ۾ منهنجي گهر واري گذاري وئي ته به تعزيت ڪرڻ آيو. چيف منسٽر ٿيڻ جي باوجود منجهس ڪو هٺ، وڏائي يا گهمنڊ نه آيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت پنجاب جي نارووال تڪ مان پارليامينٽ جو چونڊيل ميمبر آهي. اسان جي دوستي بنا ڪنهن لوڀ لالچ يا غرض جي آهي.
خيرپور وڃجي ۽ ڏاڏا شاهه سان نه ملجي! معنيٰ ته خيرپور ويو ئي ڪونه. سيد اميد علي شاهه عرف ڏاڏا شاهه، پنهنجي جند ۾ هڪ انجمن هو. عجب ۽ تمام پيارو ماڻهو هو. هڪ ئي ملاقات ۾ اهڙو پنهنجو ڪري ڇڏيندو ڄڻ صدين کان سڃاڻندو هجي. ويڇا ئي مٽائي ڇڏيندو. سندس محفل ۾ غريب غربا، فنڪار، استاد گوئيا، ڳائڻا ڳائڻيون، آفيسر، سياستدان، وڪيل، وزير، مشير، لچ، لوفر، داداگير سڀ گوڏا ڀڃيون ويٺا هوندا هئا. هر ڪنهن جي مدد امداد هڙئون وڙئون پيو ڪندو، بنان لوڀ لالچ ۽ مطلب جي. پاڪستان جي جنهن به وڏي شهر ۾ وڃو ۽ ڪهڙي به محفل ۾ وڃوءِ ڏاڏا شاهه جو نالو کڻو ته ضرور سندس ڄاڻ سڃاڻ وارا ملندا ۽ حال ڀائي ٿيندا. ڏاڏا شاهه تي هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي جو جناب علي احمد بروهي بطريقه احسن ڪري سگهي ٿو. مون به خيرپور پهچي ڏاڏا شاهه کي اطلاع ڪيو ته هڪدم اچي نڪتو ۽ شام جو سرڪٽ هائوس تي وڏي ڊنر پارٽي ڪري ڇڏيائين. ڪو ايڏو پئسي وارو به ڪونه هو. پر دل جو غني ۽ سخي مڙس هو. ٻئي ڏينهن صبح جو ٻه موٽر ڪارون موڪلي ڏنائين ۽ مان اهل عيال سان درگاهه شادي شهيد ڏي روانو ٿيس.
اتي پهچون ته گادي نشين اڳواٽ استقبال لاءِ بيٺو هجي ، چي مونکي ڏاڏا شاهه حڪم ڪري ڇڏيو آهي. مدعا ٻڌائيسونس ته هڪدم گهر وڃي بُسري پچارائي آيو ۽ درگاهه کولي اسان کي اندر وٺي ويو. اتي بسري کي شهيد جي خنجر سان آڏا ابتا چير ڏيئي، ربي مائيءَ کي کارايائين ۽ خنجر سندس مٿي تي گهمايائين. ربي مائي ڳالهه ٿي ڪري ته خنجر مٿي کي ٿي لڳو ته ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سندس ميڄالي ۾ اندر ڪا چرپر ٿي ٿِي. وري چيائينس ته درگاهه جي چراغ جي تيل ۾ آڱريون ٻوڙي نڪ ۾ وجهي سڻڪي. الحمدالله! ربي مائي جي مٿي جو سور نوي سيڪڙو لهي ويو. گادي نشين اسان کي ڏاڏا شاهه جا مهمان تصور ڪري هڪ حجري ۾ وڃي ويهاريو ۽ چانهه سان تواضع ڪيائين ۽ پڻ شهيد جو جُبو، ٽوپي، تلوار ۽ پيالو به اسان جي زيارت لاءِ کڻي آيو. تبرڪ طور هر گهر ڀاتيءَ کي ان پيالي ۾ پاڻي پياريائين. ائين ڏاڏا شاهه جي ڪري اسان جي وڏي قدرداني ۽ عزت افزائي ٿي.
وري 1986ع ۾ منهنجي ننڍي نياڻي شبانه جمال کي سخت مٿي جا سور پوڻ لڳا. ان وقت مان چيئرمين ائنٽي ڪرپشن هئس. خيرپور ميرس پهتاسون. پوليس جو اٽالو استقبال لاءِ موجود هو. جن سلامي پيش ڪئي ۽ سرڪٽ هائوس وٺي ويا. هادي بخش لاڙڪ گذاري ويو هو. سندس پٽ ڏي تعزيت لاءِ ويس. منهنجي گهر واري، اندر مسز لاڙڪ وٽ وئي ۽ مون ٻاهر اوطاق ۾ سندس پٽ ڪامران سان تعزيت ڪئي. انهيءَ چيو ته ”پوليس اچي وئي ۽ چيائون ته چيئرمين صاحب ٿو اچي، مونکي ڪهڙي خبر ته چاچا جمال ابڙو ٿو اچي.“ وري ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر مرحوم الطاف جي تعزيت لاءِ وياسون ته اتي به اڳواٽ پوليس جو دستو بيٺو هجي. تنوير کلندي چيو ته ”هي تعزيت ڪرڻ جو ڪهڙو دستور آهي!“ تنوير ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر قمر سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ان ڪمري ۾ وٺي ويا جتي الطاف اچي ٽڪندو هو. الطاف هڪ عجب انسان هو. آهن ته سڀئي ڀائر هيرا، جهڙو عبدالنبي عباسي، تهڙو تنوير، تهڙو ارشاد پارس، پر حقيقي پارس هو ته الطاف. نه منجهس هٺ وڏائي، نه ڏيک ويک، نه آفيسري جي خوءَ ۽ نه ئي منجهس اهو احساس ته هو وڏ گهراڻو، وڏو آفيسر يا اديب ۽ شاعر هو، جو ٽڪو پئسو به ٻين ۾ اڻ لکو ئي سهي موجود آهي. جيتوڻيڪ مان الطاف سان ايترو ويجهو نه رهيو آهيان جيترو ٻين ٽن ڀائرن سان، ته به الطاف جو رڳو ملڻ جو والهانه انداز ۽ اونو رکي ٻين جي ڪم اچڻ، بنان زور بار جي، محض پنهنجي نج خوبيءَ طبيعت تحت، کيس ٻين کان منفرد بڻائي ٿو. الله سندس ٻچن کي خوش آباد رکي ۽ خاص نوازش سان نوازي. انهن ڀائرن ۾ به مثالي پيار ۽ ايڪو آهي. شال خوش آباد هجن ۽ ڏکيو ڏينهن نه ڏسن.
منهنجي ننڍي نياڻي جو به مٿي جو سور پنجاهه سٺ سيڪڙو لهي ويو. مان ڪو ويساهه وسوڙل ڪونه آهيان، جيڪي سو کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ ۽ علي خان ابڙي جو پٽ آهيان جنهن پيرن فقيرن خلاف ملڪ گير مهم هلائي هئي ۽ ماڻهو کيس وهابي سمجهندا ۽ سڏيندا هئا. مون جيڪي ڏٺو ۽ جيئن ڏٺو، سو بيان ڪيو اٿم. جيڪي سو مسٽر گرناڻي جو ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ خيرپور ۽ درازا شريف جو مريد هو، تنهن سان جڏهن ٽوڪ طور گادي نشين جي ڳالهه ڪيم ته ڪيئن نه چرين وانگر سٿڻ تي ٽوپلو پائي لٺ کي بندوق بڻائي شڪار تي نڪتو هو، ته گرناڻي الٽو مونکي چيو ته،”چئبو ته اڃا اندر واري اک ڪونه کُلي اٿئي جو اصل کي ڏسي سگهين.“
ائين هوندو! ڀلا اسين ڄاڻون به ڇا ٿا ۽ جيڪي ڏسون ٿا سو به ڪو نج سچ ته ڪونه آهي. انهيءَ ساڳئي درويش هاءِ ڪورٽ جي ججن کي سفارشي چٺيون لکڻ شروع ڪيون ته ”هي شخص اسان وٽ دانهن کڻي آيو آهي ان جي پارت اٿؤ!“ هاءِ ڪورٽ کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڪڍيو. اخبار ۾ به اهڙيون خبرون آيون. اسين سڀ حيران ۽ وائڙا ته الائي ڇا ٿيندو؛ درويش هاءِ ڪورٽ جي سڏ تي ويندو به الائي ڪونه. پر هو ويو انهيءَ ساڳئي فقيرانه انداز ۾ ۽ بنا وڪيل، بنا لکپڙهه جي وڃي چيائين،”هائو برابر، اسان چٺيون لکيون آهن. ماڻهو الله جو نالو وجهي اچن ٿا. اسان به سفارش جي چٺي الله جي نانءُ تي لکون ٿا. توهان جي مرضي آهي وڻيوَ ته سزا ڏيو وڻيوَ ته ڇڏيو!“ هاءِ ڪورٽ کيس ڇڏي ڏنو ۽ چيو ته آئينده اهڙيون چٺيون نه لکندا ڪيو. هاءِ ڪورٽ وارا سندس معصومانه انداز کان متاثر ٿي ويا.
ٻيو به هڪ واقعو کهڙن جي مخدوم صاحب جو ٻڌم ته هو ماڻهن جون سفارشون کڻي هزهائينس مير علي نواز خان ٽالپر وٽ ويندو هو. مخدوم صاحب وڏو عالم، درويش ۽ بزرگ هو سو مير صاحب کيس انڪار ڪونه ڪندو هو. پر حڪمراني معاملن ۾ بالآخر ڪيتري مداخلت برداشت ڪري سگهبي سو هڪ لڱا مير صاحب چيس ته ”مخدوم صاحب هن ڀيري سفارش قبول ڪيون ٿا پر وعدو ڪيو ته اڳتي ڪنهن جي سفارش نه آڻيندا.“ مخدوم صاحب وعدو ڪيو پر مير صاحب شاهاڻي انداز ۾ چيو ته ”نه مخدوم صاحب ڏاڙهي ڏيو!“ مخدوم صاحب ڏاڙهي تي هٿ رکي وعدو ڪيو ته وري سفارش ڪونه آڻيندس. اڃا وعدو ڪري درٻار کان ٻاهر نڪتو مس ته هڪ سواليءَ اچي ورايس. مخدوم صاحب انڪار ڪندي چيو ته ”بابا مير صاحب کي ڏاڙهي ڏئي آيو آهيان ته وري نه ايندس.“ سواليءَ به چيس ته ”سائين! الله جي نانَو تي منهنجو ڳهو تاريو!“ مخدوم صاحب به موٽي ويو مير صاحب وٽ جنهن سبب پڇيس ته مخدوم صاحب مدعا بيان ڪئي. مير صاحب وعدو ياد ڏياريندي فرمايو ته ”مخدوم صاحب اڃا هاڻي ڏاڙهي تي وعدو ڪري ويا آهيو!“ مخدوم صاحب به صاف چيو ته ”مير صاحب هڪ طرف ڏاڙهي ٻئي طرف الله جو نالو، تارازيءَ جي پڙ ۾ جو وڌم ته منهنجي ڏاڙهي وارو پڙ مٿي هوا ۾ هليو ويو، الله جو نالو ڳورو ٿي پيو، مون واري ڏاڙهي ۾ ته وزن ئي ڪونه هو.“ مير صاحب به کلي ويٺو.
اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته ادا شمس وٽ هڪ مست ملنگ ايندو هو جو چانهه جو ڪوپ پي باقي شمس کي ڏيندو هو ۽ شمس اها اوبر پي ويندو هو. هڪ دفعي شمس جي اوطاق تي ويٺا هئاسون ته عبدالحئي جاگيراڻي آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته قاضي فضل الله جي جاءِ وٽ گوڙ لڳو پيو هو ۽ پوليس به آيل هئي. جاچ لاءِ ماڻهو موڪليوسين ته ان خبر آندي ته هڪڙو فقير قاضي صاحب جي بنگلي جي گيٽ ٻاهران وسلا ۽ گودڙي رکي ويهندو آهي سو اٿيئي نٿو. اسان پاڻ فقير کي اتي ويٺل ڏسندا هئاسون. چيائون ته قاضي صاحب پوليس هٿان کيس اٿاريو پر وري موٽي آيو آهي ۽ اٿي ئي نٿو. اتي، ادا شمس وارو مست ملنگ اٿي بيٺو. چي ”هان! اُٿي نٿو؟ ڏسان ڪيئن نٿو اٿي.“ ايترو چئي مست ملنگ وڏيون وکون کڻندو محڪمانه انداز سان قاضي صاحب جي بنگلي طرف روانو ٿيو. هُن فقير جي نظر جيئن ئي مست ملنگ تي پئي ته وٺي ڀڳو. پٺيان مست ۽ اڳيان فقير، اهڙو ڀڳو جو وري نه ڪنهن ڏٺو، اهو ڪهڙو اسرار آهي؟ جيڪو وزير کان ڪونه ڊنو، پوليس کان ڪونه ڊنو، سو هڪ غريبڙي فقير کي ڏسندي ئي وٺي ڀڳو ۽ لاڙڪاڻو ئي ڇڏي ويو. هي ڪهڙو سرڪاري حڪم هو يا ڪهڙي سرڪار هئي.
مٿي مون پنهنجا اکين ڏٺا واقعا ۽ مشاهدا بيان ڪيا آهن. هاڻي عبدالحق ٿو ڳالهائي. چي، ”سائين ابي کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو سو اجمير شريف، خواجه اجميري جي درگاهه تي دعا گهري آيو ته ’الله پٽڙو عطا ڪريم ته اهو هتي اچي حاضري ڀريندو.‘ مان ڄائس. ميٽرڪ پاس ڪيم ته پوليس سب انسپيڪٽر لاءِ چونڊجي ناسڪ (بمبئي طرف) تربيت لاءِ موڪليو ويس. ڪيئي سال لنگهي ويا، سب انسپيڪٽر ئي هئس ته دهلي ۽ آگري گهمڻ ويس. ابي مرحوم چيو هئم ته ’خواجه اجميريءَ تي حاضري ضرور ڏجانءِ !‘ سو دهليءَ کان ننڍي پٽي واري (راجا واري گاڏي چوندا هئا) گاڏيءَ ۾ جوڌپور ۽ اجمير طرف روانو ٿيس. فرسٽ ڪلاس ۾ ويٺو هئس. گاڏي اجمير شريف پهتي ته ٻه ماڻهو يونيفارم (وردي) ۾ آيا ۽ اچي در کوليائون ۽ ڪنڌ جهڪائي چيائون ’اچو راجا صاحب!‘ مون دل ۾ چيو هي وري ڪهڙو ناٽڪ! پوليس جو ماڻهو سو سوين شڪ شبها پيا پون. پر چيم يار عبدالحق جي ههڙي عزت ملئي ٿي ته بسم الله! لٿس هيٺ ته هڪ وردي وارو گاڏي ۾ گهڙي منهنجي بئگ کڻي آيو ۽ چيائين ته ’راجا صاحب بس هيءَ ئي بئگ آهي؟‘ مون چيو ’هائو!‘ چيائون ’هلو صاحب!‘ ٻاهر ڪار بيٺي هئي ڪنڌ جهڪائي دروازو کوليائون ۽ مان شڪ وسوسي جي ٻڏتر ۾ چڙهي ويٺس. تن ڏينهن ۾ موٽر ڪار ورلي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندي هئي. ڪار اچي هڪ شاندار هوٽل وٽ بيٺي ۽ چيائون ته ’صاحب توهان جو ڪمرو اندر آهي هلي آرام ڪيو!‘ اتي سمجهيم ته شايد اهي ماڻهو ۽ ڪار هوٽل جا ئي هجن. ڪمري ۾ وهنجي سهنجي سوٽ بوٽ لاهي سلوار قميص پائي ويٺس ته وري اهي ماڻهو آيا ۽ چيائون ته ’صاحب درگاهه تي هلندا!‘ چيم ’هائو!‘ چيائون ’هڪ بجي درگاهه کلندي آهي، اسان توهان کي وٺي هلنداسين‘ مان به لنچ ڪري تيار ويٺو هئس ته اهي يونيفارم وارا ٻئي ماڻهو آيا ۽ ڪار ۾ چاڙهي درگاهه جي در تي آندائون. دروازو کليو ته پريان گادي نشين خود بيٺو هو ۽ مون کي کلي کيڪاريائين ۽ خادمن کي حڪم ڏنائين ته ’بابا روضو کوليو!‘ انهن وٽ چاٻين جا ڇُڳا هئا. روضو کوليائون. عام طرح سان روضو ڪونه کوليندا آهن. (اها خبر مون کي به آهي جو مان پاڻ به ٿي آيو آهيان. اهو ذڪر پوءِ ايندو). گادي نشين مونکي اندر مزار تي وٺي ويو ۽ مون مزار جي چوکٺ کي چميو. پوءِ ڀرسان پلٿي ماري با ادب ٿي ويٺاسون. گادي نشين هر هر کلي پيو مونڏي نهاري. نيٺ هڪ خادم کي حڪم ڏنائين ته ’فلاڻو رجسٽر کڻي اچو!‘ هڪ پراڻو رجسٽر آڻي ڏنائون شايد 1909ع جو هو، سو کولي هڪ صفحو مونکي ڏيکاريائين جنهن تي لکيو پيو هو ته ’اڄ فلاڻي تاريخ ميهڙ جو محمد بچل وقاصي آيو ۽ پٽ جي باس باسي ويو.‘ گادي نشين مشڪي مونکان پڇيو ته ’اهو پٽ تون آهين؟‘ سائين ڏسو قدرت! مون چيو ’هائو! مان ڏهين آڪٽوبر 1910ع ۾ ڄائس‘، ۽ نذرانو پيش ڪري موڪلائي موٽي آيس. سائين هي ناٽڪ يا عبدالحق جو بخت. ڏسو مون لاءِ انتظار پئي ٿيو ۽ اڳواٽ رهائش ۽ ڪار وغيره جا بندوبست ڪيا ويا. الائي ڪهڙو راز آهي!“
عبدالحق صاحب ان ڳالهه کي پوليس جي زبان ۾ ’ناٽڪ‘ ٿي سڏيو ۽ حيرت ۽ راز به. انهيءَ کان وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها ٿي جو ٽي سيپٽمبر 1996ع تي ٽنڊو آدم ۾ وفات کانپوءِ جڏهن ان ئي ڏينهن، مطابق 18 ربيع الثاني 1317هجري تدفين ڪري پوري ڪئي سين ته هڪ فقير (درويش) ڊوڙندو اچي پهتو. هڪ چادر تربت مٿان وڇايائين. چي ”هيءَ خواجه اجميري جي مزار جي چادر آهي ۽ اڄ خواجه جي عرس (يا برسي) جو ڏينهن آهي. مونکي حڪم ٿيو ۽ مان ڊوڙندو آيو آهيان.“ چادر چاڙهي هليو ويو. وري ڪونه ڏٺوسون.

10

خواجه اجميري جي درگاهه تي مون سان جيڪو واقعو پيش آيو سو بيان ڪندو هلان. سن 1945ع ۾ جڏهن مان اڃا ڪاليج پڙهندو هئس ته مان غلام النبي سومرو ۽ مرحوم محمد خان سومرو هندوستان جي سير تي نڪتاسون. مهاڀاري لڙائي جو زمانو، گاڏين ۾ رش، گرمي سخت ۽ ٿرڊ ڪلاس جو سفر، جواني هئي جو سهي وياسون. دهلي آگري کان ٿيندا خيال ڪيوسون ته راجسٿان جو سير ڪجي. راجا واري گاڏي ۾ جئيپور، جوڌپور کان ٿيندا اجمير پهتاسون. ٻيو سڀ ذڪر ڇڏي، درگاهه جي ڳالهه ڪبي. درگاهه جو گيٽ کليو ۽ ماڻهو گيٽ کان مزار شريف تائين جو رستو وڃي، ان تي ٻنهي طرفن کان قطار ڪري بيهي ويا. ائين گادي نشين آيو. هٿ ۾ ٻهارو هئس. ماڻهو اشتياق سان ڪنڌ جهڪايو بيٺا هئا ته شال کين ٻهارو هڻي، جو اهو مبارڪ سمجهيو ٿي ويو. ڪجهه ماڻهن کي ٻهارو هڻندو جڏهن منهنجي قريب آيو ته مون سندس اکين ۾ عجب جهڙي چمڪ ڏٺي. مون کي ٻهارو هڻڻ لاءِ وڌيو ته مان قطار مان نڪري پٺتي ٿي ويس. مون انهيءَ عمل کي غلط ٿي سمجهيو.
ايتري ۾ قوال به پلٿي هڻي قواليءَ ۾ شروع ٿي ويا. قوالي جا لفظ مون کي اڃا ياد آهن ته ”خواجه تو سامني آ، تو مين سجده کرون.“ مونکي اها ڳالهه به نه وڻي ته سجدو ته الله کي ڪبو آ، خواجه کي ڪيئن ڪبو. گادي نشين ڪن ماڻهن کي ٻهارا هڻندو وري موٽيو ۽ ڪن ماڻهن کي اشارو ڪندو پاڻ سان گڏ وٺي هليو. مونکي به ڪلهي تي هٿ رکي، ساڻس هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڏهه پندرهن ڄڻا چونڊيائين ۽ مزار شريف کولائي اسان کي اندر وٺي ويو. مزار جي چوکٽ کي جي چانديءَ جا پاوا آهن تن کي ماڻهو چنبڙي چميون ڏئي، روئي روئي خواجه کان دعائون گهرندا رهيا. مان مزار جي ويجهو به ڪونه ويس ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس. منهنجو اهڙين ڳالهين ۾ اعتبار ئي ڪونه هو. پوءِ به گادي نشين چمڪندڙ اکين سان مون کي ڏسندو ۽ مرڪندو رهيو. نيٺ مونکي ڪنڌ پٺيان هٿ ڏئي مزار طرف وٺي هلڻ جي ڪيائين پر مان پاڻ ڇڏائي بيهي رهيس ته به ڪاوڙيو ڪونه رڳو کليو. اها ٻي يا ٽين چانس مون وڃائي. اڄ سوچيان ٿو ته گادي نشين جي شرڻ اچان ها ته ڪهڙو هرج. الله معاف ڪندڙ دلين جو حال ڄاڻندڙ آهي ۽ معاف ڪري ڇڏي ها. جيڪڏهن درگاهه تان ڪجهه پلئه پويم ها ته منزلون آسان ٿي وڃن ها. پهرئين لاڙڪاڻي واري بزرگ سچ چيو هو ته عقيدا درست ڪري ته چڱي منزل ماڻيندو، پر مون ڪن لاٽار ڪئي. ڪجهه وهابيت جا جيوڙا مون ۾ ويهي ويا هئا. الله ته وڏو رحمان، رحيم ۽ عفو سان محبت ڪندڙ آهي.
مونکي حيدربخش جتوئي ٿو ياد اچي. اڪثر مهرباني ڪري مون وٽ پير ڀريندو هو. عادت موجب دهريت جو ذڪر ڇيڙيائين ته مون کيس جهليو ۽ حضرت علي رضي الله عنھ جو قول ياد ڏياريو ته ”جي الله سائين ناهي ته به مڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ جيڪڏهن آهي ته ڪفر جي صورت ۾ سزا ڏيندو!“ ته حيدربخش صاحب ڪمال اعتماد سان چيو ته ”جيڪڏهن الله ناهي ته مونکي خوشي ٿيندي ته مان صحيح آهيان. پر جي الله آهي ته به مونکي ڪو ڊپ نه آهي ڇو ته الله سائين مهربان، رحمان ۽ رحيم آهي ۽ مونکي اجر ڏيندو جو مون سندس خلق جي خدمت ڪئي آهي ۽ محض انهيءَ ڪري سزا ڪونه ڏيندو جو ڪو ئي ڀورڙو سندس وجود کان انڪاري آهي“ اهڙا خيال يا دليل، اڳتي هلي نهايت غلط ۽ نقصانڪار رجحان ۽ لاڙا پيدا ڪن ٿا جي قومن جي تقدير لاءِ نهايت هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا. ماڻهو ته ڀورڙو آهي ئي. پنهنجي علمي يا عقلي سطح آهر هو سوچي ۽ نتيجا اخذ ڪري ٿو. ان ڪري جڏهن به ڪو عالم، اديب ۽ دانشور ڪا ڳالهه ڪري ته نهايت سوچ سمجهه ۽ احتياط کانپوءِ ڪري.
علامه اقبال جي خوديءَ کي اڃا تائين ڪيترا ماڻهو فخر ۽ وڏائيءَ سمجهن ٿا. خود علامه المشرقيءَ جو غلبئه اسلام ۽ مهاتما گانڌيءَ جي رام راجيه جو حشر جيڪو طالبان ۽ بي جي پي وارن ڏاڙهيل گرو گهنٽالن ڪيو آهي سو اڄ اسان جي اکين آڏو آهي. مهاتما گانڌيءَ وارو ستياگرهه ئي وٺو! ڪٿي اهو ستيه گرهه (سچ جو وچن) ڪٿي اڄ جا ايم ڪيو ايم وارا هڙتالي. ڪٿي ان وقت ڌارين جو بهشڪار، ڪٿي اڄ جو گهيراءُ، جلاءُ ۽ راڪيٽ لانچر. ڪٿي ڀڳت سنگهه جو هڪ انگريز جنرل اوڊائر کي گولي هڻڻ، ڪٿي اڄ معصوم شهرين کي ڪلاشنڪوف سان ڀُڃي رکڻ. سياستدانن توڙي دانشورن کي نهايت سوچي سمجهي، چٻي چٿي ڳالهائڻ کپي ڇاڪاڻ ته هو تاريخ ساز موڙ ڏيڻ وارا ماڻهو آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ سوويت يونين جي اسٽالن جهڙي فولادي ماڻهو به ”عالمگير امن“ جو نعرو ڏنو جو آمريڪا ۽ يورپ جي سامراج شاهيءَ کي پسند نه پيو. الائي ڪهڙي انگريز دانشور چيو آهي ته امن جون فتوحات ڪنهن به صورت ۾ لڙائيءَ جي فتوحات کان گهٽ نه آهن. مون سان ويڌن اها آهي جو سن، تاريخ ۽ مصنفن جا نالا اصل ياد نه پوندا اٿم.
ياد جو مسئلو به اهو آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه کي ڪيتري اهميت ڏيو ٿا. جيڪڏهن ڪن واقعن ۽ شخصيتن کي مناسب اهميت نٿا ڏيو ته ياد وري ڪيئن پوندا؟ گورنر يا چيف منسٽر دعوت ڏئي گهرائي ته ڪو وسرندي؟ باقي جي غريب جي شادي به آهي ته تاريخ، وقت ۽ هنڌ وسري ويندا. مون وٽ پئسي جي ٻاڙائي هوندي هئي. مهيني جون پويون تاريخون اوڌر تي گذاريندا هئاسون. پهرين تاريخ تي پگهار وٺڻ ئي وسري وڃي. ائين چوٿين پنجين تاريخ ٿي وڃي، گهر واري ويچاري روز تاڪيد ڪري ته ”سائين گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪونهي اچ ته ضرور پگهار وٺي اچجو!“ پر مونکان هميشه وسري وڃي. پئسي کي مون ڪڏهن اهميت نه ڏني ۽ نه پئسي ڏوڪڙ جو خيال ڪيم ۽ نه رٿابندي. نيٺ جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ منهنجي نوڪري لڳي تڏهن منهنجي گهر واري آفيس ۾ فون ڪري مونکي ياد ڏياريندي هئي ته اڄ پگهار کڻي اچجو.
هوائي قلعا به اهڙا اڏيندو هئس جو هڙ ۾ پئسو نه ٺهي ۽ چوندو هئس ته ”بنگلو ۽ ڪار هجي پوءِ حج ڪري ايندس!“ منهنجو دوست شمس الدين صديقي سيشن جج، منهنجيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي چوندو هو.”ميان مغز ته جاءِ اٿئي. بنگلو ۽ ڪار به ٿي ۽ حج به ڪري آئين، هاڻي لهي آ زمين تي!“ سچ چوندو هو، پر الله ڪري ڏيکاريو ۽ ان ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه هو جي هڪ هڪ ڳالهه جي تفصيل ۾ ٿا پئون ته الائي ڪيڏي پٽاڙ ٿي ويندي.
ذڪر پي هليو ڳالهه جي اهميت جو. ڳالهه جي اهميت هوندي ته وسرندي ته ڪانه پر جيڪي سو الڪو ٿي بيهندو. گلاب وڪيل ڏاڍو پيارو دوست آهي. سينئر وڪيل آهي. هڪ ڏينهن سيشن جج شيخ غلام الرسول، ڀري ڪورٽ ۾ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪري ڪيس جو فائيل اڇلي ڦهڪو ڪرايو گلاب جي منهن ۾! سڀني وڪيلن ۾ ۽ بار روم ۾ چؤپچؤ ٿي وئي. ٻئي ڏينهن گلاب کلندو مون وٽ آيو چي ”سائين شيخ صاحب مون کي سڏائي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته، مونکي هاءِ بلڊ پريشر آهي سو پنهنجي وس ناهيان!“ مون چيو ”اڙي گلاب، اهو بلڊ پريشر هاءِ ڪورٽ جي جج، ڪمشنر ۽ گورنر اڳيان ڇو نه ٿو اچيس. انهن آڏو ته سُسي ڪوئو ٿيو وڃي، بلڊ پريشر به عقلمند اٿس!“ گلاب ڪجهه ڦڪو ٿيو پر مرڪي چيائين ته ”اسان جو تدارڪ ٿيو!“ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، هاڻ کوٽ کوٽان ڇو ڪجيس.
مون چيو اهو رويو صحيح آهي. جهيڙي مان ڪو فائدو ڪونهي. سو بلڊ پريشر به اهميت ٿو ڏسي. گورنر جي اهميت ٻي، وڪيل جي ٻي. مجال آ بلڊ پريشر کي جو وڏن صاحبن جي آڏو آپي مان نڪري. هرڪا ڳالهه، هرڪو عمل، اهميت سان وابسته آهي. ماڻهو نالا، تاريخون ۽ سن الائي ڪيئن ٿا ياد رکن. يا ته واقعي اديبن کي، اديبن جي نالن ۽ تاريخن ۽ تاريخ سان تمام گهري وابستگي يا پيار عزت هوندي. باقي ڪي اديبڙا ته وري بنا پڙهڻ جي مشهور اديبن ۽ سندن ڪتابن جا نالا ياد ڪري ته پنهنجي علم جو ڌاڪو ويهارين ٿا.
ڪن ماڻهن جي دلچسپي ۽ ياداشت غضب جي هوندي آهي. جهڙوڪ: شيخ اياز ۽ مرحوم وڪيل اي ڪي بروهي صاحب جنهن جي بختيارپور وارو ڊاڪٽر مرحوم جان محمد قريشي ڳالهه ٿو ڪري ”ڪراچي هاءِ ڪورٽ ڪنهن ڪيس ۾ شاهدي لاءِ گهرايو سو هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي پهچي ويس. شام جو هوا خوري لاءِ ٻاهر نڪتس ته بروهي صاحب ملي ويو. هڪدم پڇيائين ته ڀائو! ميڊيڪل جورسپروڊنس (ڊاڪٽري قانون وغيره) جو سٺي ۾ سٺو ۽ مستند ڪتاب ڪهڙو آهي؟ مونکي به کڻي ٿي کٽي سو هڪ ڦوڙاٽ ڪتاب ۽ ان جي مصنف جو نالو ٻڌايومانس. ٻئي ڏينهن جو هاءِ ڪورٽ ۾ وڃان ته منهنجي آڏي پڇا ڪرڻ لاءِ بروهي صاحب اٿيو. هڪدم پڇيائين ته فلاڻو ڪتاب ۽ مصنف ڊاڪٽريءَ تي سَندَ آهي. چيم هائو. پوءِ ته مونسان اهڙي ڪيائين جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. ان ڪتاب جا حوالا ڊاڪٽري جي باريڪ نقطن بابت وڃي پڇندو. جي مُنجهان ته ان ڪتاب مان حوالو صفحي سميت ٻڌائي ۽ پڇي ته ائين لکيل آهي. ائين لڳم ڄڻ بروهي صاحب استاد ڊاڪٽر هو ۽ مان سندس شاگرد.”ڊاڪٽر صاحب پاڻ به پنهنجي روبرو ٿيل ورهين جا واقعا اهڙي تفصيل سان ٻڌائيندو هو ڄڻ ته فلم پئي هلي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي ڪتابن ۽ مصنفن جا نالا ته ٺهيو پر حوالا ۽ صفحا به ياد آهن. اهو ٿيو والهانه عشق ۽ شوق.
رسول بخش پليجو به بلاڙو آهي. ڪمال منهنجو ڀاءُ، ماهر انجنيئر هو. رسول بخش ڪو انجنيئري تي ڪتاب پڙهي آيو هو سو ڪمال سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين ته ڪمال کيس نظرانداز ڪري چيو ”پليجا صاحب انجنيئري تمام دقيق ۽ ماهرانه شعبو آهي توهان ٻي ڪا ڳالهه ڪيو!“ پليجي صاحب چيس ته ”نه، ڀلي انجنيئري بابت ڪو موضوع ڇيڙ!“ ڪمال ائين ڪيو ته، پليجي صاحب اهڙا اهڙا نڪتا ٻڌايا ۽ سمجهايا جو ڪمال لاجواب ٿي ويو. هي آهي شوق ۽ ذهانت. اسين ته اهڙي ڪنهن ڪتاب مان هوند ورچجي پئون.
منهنجو دوست غلام النبي سومرو وري گفتن ۽ جملن جو عاشق هو، جتي به ڪو سهڻو جملو يا گفتو ٻڌندو يا پڙهندو هو ته سندس دل و دماغ تي نقش ٿي ويندو هو. پڙهندي پڙهندي وٺي ڪِيڪ ڪندو، ”اڙي ڇا ٿيو!“ ته چوندو ”سڀاڳا هي ته ٻڌ!“ ۽ پوءِ اها سِٽ سڄو ڏينهن پيو ورجائيندو. مير علي احمد خان ٽالپر به ائين ڪندو هو. ڪو شعر يا بيت وڻي ويس ته ٻي ٽي ڏينهن لاڳيتو آئي وئي کي هرهر پيو ٻڌائيندو. مير صاحب تقرير جو آريٽر (وڏو ماهر) هو. مان ته چوندس ته بهادر يار جنگ جي پائي جو تقريري ماهر هو. شروع تقرير ۾ ”ڀانءِ ته! ... ڀانءِ ته ...!“ ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن روان ٿيندو هو ته سامونڊي لهرون ۽ ڇوليون هونديون هيون ۽ سندس ڳالهه ۾ اهڙي نواڻ هوندي هئي جو ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي ڏانهنس متوجهه ٿيندا هئا.
ٻيو هڪ بزرگ هو پير غلام مجدد سرهندي. سفيد ڏاڙهي گورو رنگ، تحريڪ خلافت ۽ سياسي ميدان جو مجاهد. اهو به فن تقرير جو ايڏو ماهر هو جو وڃي ٿيا خير. آغا غلام النبي پٺاڻ جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشدي صاحب گهڻو ڪيو آهي انهيءَ جي تقرير ۾ به جوش، جذبو، ڪڙڪو ۽ رواني هوندي هئي. باقي قاضي فضل الله، خانبهادر کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون تقريرون مون ريجهو باغ لاڙڪاڻي ۾ ٻڌيون ته انهن ۾ اها رواني ڪانه هئي. سائين جي ايم سيد به چٻي چٿي، سوچي سمجهي ۽ آهستي آهستي ڪري تقرير ڪندو هو.
جناح صاحب انگريزيءَ ۾ واهه جي تقرير ڪندو هو. مخصوص لفظن تي زور ڏئي ائين ادا ڪندو هو جو وار ڪانڊارجي ويندا هئا. هي سڀ ڏات جو ڪرشمو آهي. ڏات کان ڪو انڪاري نٿو ٿي سگهي. ڏات سان گڏ جيڪڏهن مشق ۽ شوق به شامل ٿي وڃي ته پوءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ. ڏات ۽ شوق ۽ يڪسوئيءَ سان ماڻهو ڪيئي مرحلا طئي ڪري وڃي ٿو.
منهنجو سوٽ عبدالقادر ماهر انجنيئر آهي. دادو مورو پل ٺاهيائين. حيدرآباد سپر هاءِ وي باءِ پاس ٺاهيائين پر دوائن ۽ ڊاڪٽري معاملن ۾ اهڙو ماهر جو ڊاڪٽرن کي به حيران ڪيو ڇڏي. دوائن جو ڪيميائي رد عمل ۽ انساني جسم جي مختلف عضون جي علاج جو به ماهر، حالانڪ ڊاڪٽري پڙهي ڪانه اٿائين. سندس والد يعني منهنجي چاچي علي محمد ابڙي جي مثانه جا غدود سڄي پيا. وڏي عمر ۾ ائين اڪثر ٿيندو آهي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته ان جو علاج صرف آپريشن آهي، پر جيئن ته چاچو لاغر ۽ ڪمزور هو ان ڪري عبدالقادر آپريشن جي اجازت نه ڏني. سندس چوڻ هو ته غدود سڄن ٿا ڪنهن انفيڪشن جي ڪري سو جي ان انفيڪشن جو علاج ڪجي ته غدود سُسي نارمل ٿي ويندا. پاڻ علاج ڪيائينس ۽ چاچو ٺيڪ ٿي ويو ۽ ڪيترا سال زنده رهيو. سندس ڀيڻ زينت النساءِ زوجه مسٽر غلام سرور عباسي ائڊووڪيٽ لاڙڪاڻو، کي پيٽ جو ڪينسر ٿي پيو. جناب غلام سرور عباسي بي تحاشا پئسو خرچ ڪري سندس علاج ڪرايو. آخر ۾ ڊاڪٽرن جواب ڏنو ته بس هاڻي مهيني ٻن جي مهمان آهي. ادي زينت به واهه جو خنده پيشاني ۽ دليريءَ سان موت جو مقابلو ڪيو، پر عبدالقادر سندس غذا ۾ ماکي ۽ زيتون جي تيل جو اضافو ڪرايو ته کيس ڪافي فائدو ٿيو ۽ پوءِ به ٻارهن مهينا زنده رهي. خير سان تازو رب کي پياري ٿي وئي. ڇا ته شاندار خاتون هئي. اسان جي خاندان ۾ ٻي نهايت شاندار ۽ راڄائتي خاتون آهي منهنجي ٻيو نمبر ڀيڻ رئيس زين العابدين خان اسراڻ جي گهرواري. اها ته مثالي خاتون آهي، لفظ، سندس دانش، صبر ۽ شڪر جي وسعت جي اظهار لاءِ لفظ هٿ ئي ڪونه ايندا.
عبدالحق ولد بچل وقاصي جو ذڪر هلندي مٿيون سڀ ڳالهيون اچي ويون. عجيب فقير منش، سخي مڙد، ڪچهري جو مور ۽ دوستن جو وسيع حلقو رکندڙ شخص هو. جهڙوڪر سڄي ويهين صديءَ تي محيط رهيو. ڏهين آڪٽوبر 1910ع تي تولد ٿيو ۽ ٽين سيپٽمبر 1996 ع تي ٽنڊي آدم ۾ وفات پاتائين ۽ اتيئي انهيءَ هنڌ مدفون آهي جا جاءِ پاڻ پسند ڪري ڏيکاري ويو هو.
عبدالحق صاحب کان ڇهه ڏينهن اڳ سنڌ جو هڪ ٻيو نامور شخص قاضي عبدالمجيد عابد 28 آگسٽ تي گذاري ويو. قاضي صاحب ۽ سندس وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر صاحب سيوهڻ شريف جا هئا. سياڻا ۽ سمجهو ماڻهو هئا جن سوچيو ته سندن لاءِ ترقي جا موقعا حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ هئا. حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ڊاڪ بنگلي ڀرسان اچي رهيا. جلد ئي پنهنجي حسن اخلاق ۽ رلڻي ملڻي طبيعت سبب سڄي حيدرآباد شهر توڙي ضلعي ۾ مشهور ٿي ويا. ڊاڪ بنگلي جي نسبت سان سڏبا ئي هئا ڊاڪ بنگلي وارا قاضي. قاضي محمد اڪبر صاحب گاڏي کاتي ۾ طب جو دُڪان يا دواخانو کوليو. مون پاڻ کيس اتي ڏٺو جڏهن 1940 ۾ مان نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس.
قاضي صاحب وارا علمي ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو هئا ۽ سندن نياڻيون به پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاد خيال هيون جا ڳالهه تنهن وقت جي مسلم معاشري ۾ نياري هئي. مون جڏهن ڊي جي نئشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ته پهريون دفعو هيترين سارين ڇوڪرين سان گڏ پڙهڻ جو موقعو مليو پر هيون سڀ هندو ڇوڪريون سي به گهڻو ڪري عامل. عامل ۽ ڀائيبند واڻين جو وڏو تفرقو هو ۽ هڪٻئي تي ٽوڪون ۽ طنز ڪندا هئا. سڄي ڪاليج ۾ مسلمان ڇوڪريون رڳو ٻه هيون. هڪڙي پنهور خاندان جي هئي جنهن جو نالو وسري ويو اٿم ۽ ٻي اسلم شيخ صاحب جي نياڻي فهميده شيخ صاحبه جا اڄڪلهه خير سان ليڊي ڊاڪٽر آهي. ٻئي مسلمان ڇوڪريون معقول لباس ۾ ۽ سفيد رئو اوڍيل هوندو هئن. باقي هندو ڇوڪريون ته مٿا اگهاڙا، وار ڪٽيل ۽ فراڪ پهريل، ٽنگون اگهاڙيون پيون چمڪنديون هيون ۽ ٽهڪڙا پيا پوندا هئن. ڪيڏو نه هندو اسان کان اڳڀرا هئا. اسان جون ڇوڪريون ته اڃا تائين مٿا ۽ ٽنگون اگهاڙيون ڪري نٿيون هلن. اسان جي سوچ اڃا مُلن واري آهي ۽ ان سوچ جي گهاڻي يا چڪر ۾ قيد آهيون.
لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول ۾ به جتي پنج سئو کان مٿي شاگرد هئا اتي مسلمان ڇوڪري رڳو هڪڙي هئي جيڪا اڄڪلهه مشهور ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي آهي. شابس آهي سندس ڀاءُ مسٽر غلام محمد عباسي ائڊووڪيٽ کي جنهن اهڙي همت ڪئي. مرحوم هڪ خوبرو ترقي پسند نوجوان هو جو اوچتو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. اها هئي مسلمان ڇوڪرين ۾ تعليم جي حالت. اڄ الحمدالله سوين هزارين ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ڪجهه سال اڳ جڏهن سکر مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي چاليهي تي ويس ته شامياني ۾ ڪافي سنڌي مسلمان ڇوڪريون ويٺل ڏٺم. ان وقت مون کي ڏاڍي پرمسرت حيرت لڳي جڏهن هڪ مٿي اگهاڙي سيد ڇوڪري پاڻمرادو اچي مونسان ملي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پوءِ هيڏي ساري مجمع ۾ تقرير به ڪيائين. واقعي اسان جي ٽهي هاڻي جهوني ٿي وئي آهي ۽ اسين نئين ٽهيءَ جا مسئلا نٿا ڄاڻون. رسول بخش پليجو ان معاملي ۾ پيش پيش آهي ۽ نوجوانن سان گهلي ملي ويو آهي جنهن ڪري سندس سوچ به جاندار آهي ۽ سڀ بندشون ۽ هٻڪون ٽوڙي ويو آهي.
قاضي محمد اڪبر صاحب رنگ جو گورو، کلڻو ۽ رلڻو ملڻو هو. طب جي پيشي ڪري هڪدم وڏن ماڻهن، ميرن، پيرن مخدومن ۽ وڏيرن سان بيحجابانه ۽ گهرا تعلقات پيدا ڪري ويو. متوسط طبقي جو ماڻهو هو. مير غلام علي خان ٽالپر وٽ سندن گهڻو اچڻ وڃڻ هو. مير صاحب رڄ چڱو مڙس ۽ شاندار ماڻهو ۽ وڏي هلندي پڄندي وارو هو. غالباََ سندس ئي مدد سان قاضي عبدالمجيد چيف آفيسر ٿيو ۽ پوءِ يڪدم پئسي وارا ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو ٿي ويا. پوءِ ته مسلم ليگ ۽ جناح صاحب جي مدد سان قاضي محمد اڪبر صاحب جي ايم سيد کان اليڪشن کٽي گهڻو مشهور ٿي ويو. اليڪشن ۾ ظاهر ظهور ڌانڌلي ٿي. اسان شاگردن جا ٽولا به ويا هئا. ڪامورن کلم کلا سائين جي ايم سيد جي مخالفت ۽ قاضي صاحب جي مدد پئي ڪئي. ڪوڙن ووٽرن جون ٽرڪون ڀرجي پي آيون. هاءِ ڪورٽ اهڙي تصديق ڪري قاضي صاحب جي چونڊ رد ڪئي. بهرحال ٻنهي ڀائرن جو ستارو زور هو ۽ ويا چڙهندا. سندن سياست به هئي چڙهنديءَ جو سلام. پراڻيون وابستگيون هڪدم وساري، هر حاڪم ۽ حڪومت سان ساٿ ڏيندا آيا ۽ ان جو کٽيو کاڌائون.
قاضي عابد صاحب اها پاليسي رکندو آيو ۽ هر دؤر ۾ با اثر رهيو. پنج وقتو نمازي، نهايت تيز فهم، عقلمند ۽ عملي سوچ رکندڙ يار ويس ماڻهو هو. ڳالهائڻ جو ٿڌو، نرم مزاج ۽ رک رکاءُ وارو. نماز جو پابند اهڙو جو هڪ دفعي مان ڪراچيءَ ۾ فيروزآباد ٿاڻي وار ي روڊ تي سينيٽر مرحوم محسن صديقيءَ جي بنگلي طرف پي ويس ته مغرب نماز جو ٽائيم ڀرجي آيو. نماز آهي حاضري يا پنج وقتو سلام. نمازي ماڻهو، نماز جي وقت تي بي آرام ٿي وڃي ٿو. مان گهران نڪرندو آهيان ته گهڻو ڪري وضو ڪري نڪرندو آهيان. هي 1973ع جي ڳالهه آهي. مون کي به اهڙي اچي هورا کورا ٿي جو هڪ بنگلي جو گيٽ کليل ڏٺم ته پاڻ کي باور ڪرايم ته اهو مير علي بخش خان ٽالپر جو گهر آهي. مير صاحب منهنجو ننڍي هوندي جو دوست هو. بسم الله ڪري اندر گهڙي باغ جي ڇٻر تي نماز نيتي بيهي رهيس. ائين محسوس ڪيم ته ڪا گاڏي در تي رڪي ۽ هڪ ماڻهو منهنجي ڀرسان الله اڪبر ڪري بيهي رهيو. سلام ورائي جو ڏسان ته قاضي عبدالمجيد. هڪٻئي کي کيڪاريون سون. پڇيومانس ته ”هي مير علي بخش جو گهر آهي؟“ چيائين ”خبر ناهي نماز جو وقت نڪتو ٿي ويو سو توکي ڏسي مان به هليو آيس!“ قاضي صاحب به باوضو هو. ائين الائي ڪنهنجي بنگلي جي ڇٻر تي نماز پڙهي هليا آياسون. قاضي صاحب جو ننڍو ڀاءُ قاضي اعظم وڪيل به نماز جو پابند آهي. ٻنهي ڀائرن کي پيشانيءَ تي سجدي جو داغ آهي. مونکي اهو داغ نه ٺهي، نه ٺهيو آهي. الائي ڇو؟ منهنجو ٻيو نمبر پٽ ڊاڪٽر اظهر به پڪو نمازي آهي. اهو به سوال ڪندو آهي ته بابا الائي ڇو اسان کي سجدي جو داغ نٿو ٺهي. چيم مسجد ۾ تڏي تي مٿو رهڙبو ته داغ به ٺهندو. قاضي عابد صاحب به سٺو ۽ شانائتو وقت گذاري، راهه رباني وٺي ويو.
اهي به الله جا لک احسان جو حياتي بخشي دنيا ۾ آڻي ٿو، مهلت به ڏئي ٿو، توفيق به ڏئي ٿو جو ورهين جا ورهيه گذاري آل، اولاد، مال ملڪيت، نالو ۽ ناموس ڇڏي وڃون ٿا. ڪن کي ته ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي ماءُ جي پيٽ ۾ موت ڳڙڪايو وڃي. شاهه لطيف ٿو فرمائي ته،
”انهيءَ منجهه آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرارُ جي“.
انهيءَ اونهي ڳالهه کي سلجهائڻ لاءِ آدجڳاد کان فلسفي ۽ دانشور ڪوشش ڪندا آيا آهن ۽ سمجهي نه سگهيا آهن. انهيءَ اونهي ڳالهه کي وري به سائنسدان ئي سلجهائيندا. اهي ئي قدرت جي ڳجهه ۽ اسرار کي سمجهندا ۽ سلجهائيندا. مون جيڪي سمجهيو آهي سو اهو ته ”موت آهي، وقت جي پنجوڙ مان نجات!“ هڪ ٻج مان وڻ نسري ٿو. اهو وڻ ته پنهنجو مدو پورو ڪري سُڪي وڃي ٿو يا وڍجي وڃي ٿو پر پاڻ جهڙا لکين ٻج ڇڏي وڃي ٿو جنهن مان هر هڪ ۾ سندس بڻ يا جنس يا روح موجود آهي. انسان به نِس پس ائين آهي. سندس مرده جسم ۾ به لکين ڪروڙين DNA موجود آهن ۽ هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به اهو DNA ڪڍي ڪنهن عورت جي ڳڀيرڻ ۾ وجهو ته سندس ٻار ۾ ان جنس جون خصوصيتون پيدا ٿي پونديون. تازو سئٽزرلينڊ ۽ اٽلي جي سرحد وٽ هڪ انساني لاش برف ۾ دٻيل لڌو اٿن. سائنسدانن حساب لڳايو آهي ته لاشو ٻه هزار سال پراڻو آهي. يورپ جي ڪيترين عورتن رضاڪارانه گذارش ڪئي آهي ته ان جهنگلي انسان جو DNA سندن جسم ۾ داخل ڪيو وڃي. جيئن ان دؤر جي جهنگلي مڙد جون خاصيتون ۽ خصلتون سندن ٻار ۾ پيدا ٿين، جنهن سان ڪيترا تاريخي ۽ سائنسي ڳجهه کلي پوندا.
ڳُجهن ۾ ڳُجهه ائين لڪا پيا آهن جيئن دٻليءَ ۾ دٻلي. پوءِ به حضرت انسان دعويٰ ٿو ڪري ته مان جينيس يا سياڻپ جو سرچشمو آهيان، ڪيڏي نه اياڻپ آهي. شاهه لطيف فرمايو:”نمي کمي نهار، آئون ڪهه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو، اديون آءٌ اڻڄاڻ اگلڙي آءٌ.“ اهو اگلڙي اکر انگريزي جي Ugly سان ڪيترو نه ملي ٿو.
هڪ دفعي منهنجي ڪنهن ٻار انگريزيءَ جو لفظ Ago معنيٰ اڳي ويٺي پڙهيو ۽ پڙهڻ نٿي آيس ۽ هر هر پئي چيائين ”اگ، اگ“ ته مون کي هڪدم لڳو ته مار هي ته سنڌيءَ جو اکر اڳ آهي جو ago ٿي ويو آهي. ٻولين جو اڀياس به ڏاڍو دلچسپ ۽ حيرت انگيز آهي ۽ نيٺ وڃي ٿو ثابت ڪري ته سڀني ماڻهن جو ڏاڏو آدم هڪ ئي آهي. هاڻي ته سائنسدانن ثابت ڪيو آهي ته هومو اريڪٽسHomo Erectus انسان آفريڪا مان نڪتو ۽ مصر مان ٿيندو فلسطين ۾ داخل ٿيو ۽ هڪ شاخ اوڀر يعني ايشيا طرف وئي ۽ ٻي يورپ طرف. هومو اريڪٽس اهو پهريون انسان آهي جو ڊارون جي ٿيئري (کوج) موجب ڀولڙي مان ڦري ٻن ٽنگن تي هلڻ لڳو. سندس پيشاني ۽ مٿو ننڍا ۽ ڳچي به گڪي هئي. اهو ٻن ٽنگن تي هلندڙ ڀولڙي جهڙو انسان به ٻه لک سال اڳ ختم ٿي ويو ۽ موجوده انسان جو نسل وجود ۾ اچي ويو. پر سائنسدان منجهيل رهيا ته انهن ٻن نسلن وچ ۾ به ڪجهه اڻڄاتل ڳانڍاپي وارو انسان ضرور هو ۽ اها گم ٿيل ڪڙي هٿ نٿي اچي. ان missing link جي ڪري ڊارون جي کوج اڻپوري رهجي ٿي وڃي.
رڳو آهن اوندهه ۾ ٿاڦوڙا ۽ ڌڪا. هاڻي تازو هڪ کوجنا ٿي آهي جنهن سائنسدانن کي ٻيڻي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڊارون جو اهو اصول ته بهترين صلاحيتن وارو قائم رهي ٿو ۽ گهٽ صلاحيتن وارو ختم ٿي وڃي ٿو Survival of the fittest رولڙي ۾ پئجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته جنهن نسل کي ٻه لک سال اڳ ختم ٿي ويل سمجهيو ويو هو، اهو نسل ستاويهه هزار سال اڳ به موجود هو. هاڻي سوال آهي ته اهو نااهل نسل جنهن ۾ پاڻ کي زنده رکڻ جون اهليتون ئي ختم ٿي ويون هيون سو پوڻا ٻه لک سال ڪيئن ۽ ڇو زنده قائم ۽ دائم رهيو؟ ظاهر آهي ته مڇيءَ کي پاڻيءَ کان ٻاهر رکبو ته اها مري ويندي. جي سمنڊ سڪي وڃن، ته سامونڊي جيوت لازمي ختم ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڌرتيءَ تي جيئڻ جي صلاحيت ئي ڪانه آهي، جيسين اها نانگ وانگر يا آڙيءَ وانگر پاڻ ۾، پنهنجي وجود ۾ اهڙي ڦيرڦار يا صلاحيت آڻي جو پاڻيءَ کان ٻاهر به جي سگهي.
منهنجي سامهون برڪلي (ڪيليفورنيا، آمريڪا) جي جيو ڪرانالاجي سينٽر جي سربراهه سائنسدان ڪارل سئوش جي رپورٽ پئي آهي جنهن ثبوتن سان ثابت ڪيو آهي ته ڀولڙي نما ٻه ٽنگو انسان، اڄ کان ستاويهه هزار سال اڳ به زندهه جاويد هو ۽ اسان سان گڏ گڏ پوڻا ٻه لک سال گذاريا اٿائين. مسٽر بل ڪمبل ۽ مسٽر ڪارل فرمائين ٿا ته ”بنيادي سوال ته هاڻوڪو انسان ڪڏهن، ۽ ڪيئن پيدا ٿيو، اڃا نه سلجهي سگهيو آهي.“ نه اها گم ٿيل ڪڙي ٿي ملي، نه مسئلو ٿو سلجهي. ظاهر ٿيو ته نظريه ارتقا جنهن تي هيڏيون هنبوڇيون هنيون ويون، اهو ڪو حرف آخر ناهي ۽ نه ئي مڪمل. رڳو آهن اوندهه ۾ ٿاڦوڙا. مان ته ڀانيان ٿو ته سڀ جيوت سمنڊ يعني پاڻيءَ مان نڪتي آهي. نظريه ارتقا ڪو نئون نه آهي، نه ئي ڊارون جي ايجاد. الله تبارڪ وتعاليٰ قرآن حڪيم ۾ نهايت آسان ۽ صاف صاف نظريو ڏئي ڇڏيو ته خلق الانسان من الماء معنيٰ ”انسان کي خلقيوسين پاڻيءَ مان،“ ٻئي هنڌ فرمايو ويو ته، ڪل شيءِ نفسً واحدة ”سڀ شيون هڪ ئي بڻ بنياد جي پيداوار آهن.“
هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايانوَ ٿو. مرحوم حيدربخش جتوئيءَ سان بحث مباحثي دوران، مرحوم حيدربخش جتوئي هر هر ان ڳالهه تي زور پئي ڏنو ته ”سائنسي تحقيق ۽ ڊارون جو نظريو ٻڌائن ٿا ته هر وجود هڪ ئي شيءِ جي پيدائش آهي ۽ اهو ئي ماديت materialism جو بنيادي اصول آهي.“ مون کلي چيومانس ته ”اهو ته قرآن شريف ۾ لکيو پيو آهي ۽ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هر شيءِ پنهنجي اصل ڏي موٽي ٿي.“ مون تي اعتبار ڪونه ڪيائين ۽ وڏي اعتماد سان چيائين ته ”مونکي قرآن ۾ اهو لکيل ڏيکار ته مان انهيءَ مهل ايمان آڻيان!“ چيائين ته ”خوش عقيده ماڻهو اجايو اهڙيون سائنسي حقيقتون قرآن ۽ گيتا سان ملائيندا آهن.“ بعد ۾ مون جڏهن کيس قرآن شريف جون مطلوبه آيتون ڏيکاريون ته هو چپ رهيو ۽ ڪو رد عمل نه ڏيکاريائين ۽ ان موضوع تي وڌيڪ نه ڳالهايائين. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته ماڻهو غلام آهي پنهنجي سوچ جو. جا ڳالهه سندس سوچ سان نٿي ٺهڪي ان کي هو رد ڪري اڇلائي ٿو ڇڏي، باقي پنهنجي سوچ جي حق ۾ جواز ڳولهي ان کي هٿي ٿو وٺائي.
منطق ۽ فلسفي جي زبان ۾ جواز ڳولهڻ ۽ هٿي وٺائڻ کي چوندا آهن ريشنلائيز rationalise ڪرڻ ۽ جسٽيفاءِ justify ڪرڻ. چيومانس ”جتوئي صاحب اهو ته ٺهيو پر ڊارون جي کوج جو اهم اصول سروائيول آف دي فٽيسٽ Survival of the fittest يعني بهترين ئي پاڻ کي قائم رکي ٿو ۽ باقي ٻيو ناس يا ختم extinct ٿي وڃي ٿو سو به قرآني اصول آهي ، لکيو پيو آهي ته ’تحقيق زمين جا وارث صالح بندا آهن“ زمين بجاءِ لفظ ارض لکيل آهي جو وسيع تر معنيٰ رکي ٿو. صالح جو مطلب ته صاف پيو آهي ته صلاحيت رکڻ وارا. صالح هوندا ته ارض و سماوات کي سخر يعني زير ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن صلاحيت نه هوندن ته ڳري کپي ويندا، جيئن ڪيترا نسل ۽ قومون ختم ٿي ويا آهن. تازو شيخ اياز جو ڪالم پڙهيم، جنهن ۾ لکي ٿو ته ”انسان ۾ پاڻ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جون اهڙيون ته بڇڙايون ۽ برايون اچي ويون آهن جو ڪو عجب ناهي جو چئجي ته هن پاڻ کي انسان مان ڀولڙو بنائي ڇڏيو آهي.“ اها ڳالهه مون هن ئي ڪتاب ۾ هڪ سال اڳ لکي آهي. مان ته سدائين چوندو آهيان ته اياز جي اندر ۾ اجار آهي ۽ هڪ صالح ماڻهوءَ جيان مٿس انڪشاف ٿيندا رهن ٿا.
منهنجي وڏي ڌيءَ شاهده تي به خواب وغيره جي وسيلي انڪشاف ٿيندا رهندا آهن. آهي نيڪ، خدا ترس ۽ غريب غربن جي سار سنڀال لهڻ واري. کين کاڌو، لٽو ڪپڙو ويندي سندن علاج معالجو بلڪ اسپتال ۾ داخل ڪرائي خرچ پکو ڪرڻ به سندس سرشت ۾ شامل آهي. منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال به ائين ڪندو هو. سو ڪجهه ڏينهن اڳ شاهده ڳالهه ڪئي ته ”بابا ڏاڍو خراب ۽ ڊپ وارو خواب ڏٺو اٿم.“ ٻڌائيندي به ڊني پئي. نيٺ رڳو ايترو ٻڌايائين ته مئل ماڻهو ۽ لاش ڏٺا اٿم، رتو رت ٿيل. مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته ”خواب، خواب ئي آهي، ستل دماغ، لاشعور جي تهن مان الائي ڪهڙيون ڳالهيون کوٽي ٿو ڪڍي جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ناهي.“
گهڻن مهينن کانپوءِ عبدالحق وقاصيءَ جو ٽيون جماڻو ڪري اڄ ٽنڊو آدم مان جمعي ڏينهن شام جو 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي پهتي. سندس گهر 70 ڪلفٽن جي سامهون آهي. پوڻي اٺين بجي مون کي فون ڪيائين ته ”بابا پهتا آهيون پر رستي تي پوليس جون گاڏيون ۽ پوليس ۽ ملٽري جا ماڻهو رائفلون کنيون پوزيشن جهليون بيٺا آهن. الائي ڇا ڳالهه آهي. دير ٿي وئي آهي سو ٻارن کي موڪليو اٿئون ته هوٽل تان ماني وٺي اچن. ٻارن جي گاڏيءَ کي به نه پيا ڇڏين سو انهن به دُڪان تان فون ڪئي آهي ته هو به ڊپ سبب سلطانه وقاصي، پنهنجي پڦيءَ جي گهر پهتا آهن ۽ دير سان ايندا.“ پوڻي نوين بجي مهل شاهده جو فون آيو ته ”ڏاڍي فائرنگ ٿي آهي. خدا خير ڪري ڊڄون پيا ۽ نڪري به نٿا سگهون!“
ساڍي نوين بجي هڪ واقفڪار جو فون آيو ته ”عرب امارات مان لياقت جتوئي(اڳوڻي وزير) کيس فون ڪري ٻڌايو ته مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ بينظير جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي!“ حالانڪ ان وقت مير مرتضيٰ ڀٽو اڃا جيئرو هو. پوئين مهيني ٻن کان ڪجهه واقعا تسلسل سان مرحلي وار ائين پيا ٿين جو ڀانئجي پيو ته ڪنهن ٺهيل ٺڪيل پروگرام هيٺ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي سازش تي عمل ڪيو پيو وڃي. نيٺ ائين ئي ٿيو.
مٿي مان لکي آيو آهيان ته آگسٽ 1996ع ۾ علي الاعلان نواز شريف جو بيان اخبارن ۾ شايع ٿيو ته هاڻي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو مارڻا پوندا. پير صاحب پاڳارو به چوندو آيو ته ڀٽا خاندان کي اڃا هڪ فرد جي قرباني ڏيڻي پوندي. بس هڪ مهيني اندر 20 سيپٽمبر تي فل سرڪاري رٿابندي سان مير مرتضيٰ ڀٽي کي روڪي، رٿابندي موجب شهيد ڪيو ويو. اڳواٽ رٿابندي موجب پرائم منسٽر کي اسپتال ۾ ڀاءُ وٽ وڃڻ کان روڪيو ويو. سندس خلاف نعريبازي ڪرائي وئي. هڪ ڏينهن اندر محترمه غنويٰ کي پاڪستاني شهريت ڏئي مخالف ليڊر طور اڳتي آندو ويو. هڪ ايس ايڇ او کي سندس گهر اندر گولي هڻي قتل ڪيو ويو ته متان ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. پوءِ رٿيل ناٽڪ موجب سفيد ڪوڙ هنيو ويو ته آصف زرداريءَ جي گرفتاريءَ وقت وٽانئونس ستر ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا ويا ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تان ستاويهه مڻ سون هٿ ڪيو ويو، جيڪو آصف زرداري جو هو. اهي وڏا ڪوڙ اشتهار بازي ذريعي تيستائين ورجائبا رهيا جيسين اليڪشن ٿي. اليڪشن کانپوءِ سرڪاري اعلان ڪيو ويو ته نڪي ستر ڪروڙ هٿ آيا هئا نه ئي سون مليو هو. هيءَ ته سنئين سڌي سرڪاري حرائمپائي چئبي اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ.
ٽن مهينن اندر اليڪشن ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. ائين ضرور ٿيندو پر حالتون ٻڌائين پيون ته اها پڪ ڪئي وئي آهي ته محترمه ٻيهر وزير اعظم نه ٿئي. صدرصاحب آهي جو بار بار ٽي ويءَ تي پيو اچي ۽ مونجهارا پيدا پيو ڪري. ووٽرن کي ٽڪرن ۾ ۽ گهڻين پارٽين ۾ ورهايو پيو وڃي ته جيئن اليڪشن کانپوءِ به گڙٻڙ گهوٽالو هجي ۽ حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ صدر ۽ فوج وٽ رهي. مونکي ته حالتون خطري واريون نظر ٿيون اچن ۽ ملڪ جو آئيندو تاريڪ ٿو لڳي. هاڻي ته آمريڪا بهادر به سڌو سنئون فوج جي حق ۾ ۽ محترمه بينظير ڀٽي خلاف پئي اشارا ڏئي. ڪنهن به سياسي يا مذهبي ليڊر توڙي ڪنهن ڏاهي ۾ اها همت نه آهي جو حقيقي لُچ جو نالو کڻي! محترمه بينظير جهڙي بهادر ۽ بي ڊپي ليڊر به خاموش رهڻ ۾ عافيت سمجهي ٿي. اسان وٽ اصل آزار آهي فوج جو. ملڪي پيداوار جو اسي سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو فوج تي. باقي ويهه سيڪڙو مان ڌوڙ ترقي ٿيندي عوام جي ۽ ملڪ جي! فوج جي اسي سيڪڙو بجيٽ مان به الائي ڪيترو ڳڙڪايو وڃن آفيسر ۽ سندن عيش عشرتون ... مير علي احمد خان جڏهن ڊفينس منسٽر هو ته هڪ لڱا مون کي چيائين، ”سرڪار توهان ڪنهن فوجي جنرل جي رهائش ته ڏسو! ڪنهن مغل شهنشاهه کان گهٽ نه آهي.“
فوج کي حڪومت جو چشڪو اهڙو اچي ويو آهي جو اصل چڪ نٿا ڪڍن. پاڪستان جي تاريخ جي پنجاهه سالن ۾ چوويهه سال ته سڌو سنئون فوجي ڊڪٽيٽرن جو راڄ رهيو. باقي پنجويهه ڇويهه سال به فوج حڪومتي ادارن تي حاوي رهي. ٻه وزيراعظم قتل ڪيا ويا. ڪيترا ڊسمس ڪيا ويا، ڄڻ پٽيوالن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو! قانون ساز اسيمبلي ٽوڙي وئي. هڪ فوجي جنرل اسڪندر مرزا کي پريزيڊنٽ بڻايو ويو، جنهن پريزيڊنٽ غلام محمد کي ايوانِ صدر مان زوريءَ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. پوءِ ته ايوب، يحيٰ، ضياءُ الحق وغيره جي لانڍ لڳي ويئي. اوڀر پاڪستان به فوج ڄاڻي واڻي جدا ڪرايو ڇاڪاڻ ته بنگال آدمشماريءَ جي زور تي، ملڪي وسيلن، سياسي ادارن، ڪامورا شاهي توڙي فوج ۾ پنهنجا جائز حق ٿي گهريا. کين حق ته ڪونه ڏنا ويا. اٽلو سندن نسل ڪشي ۽ قتلام ڪيو ويو. هڪ فوجيءَ ته صاف بيشرم ٿي بيان ڏنو ته ”اسان کي بنگالي ماڻهن جي نه، پر سندن زمين جي ضرورت آهي.“
ساڳئي ’نظريه ضرورت‘ هيٺ به سنڌين جي نه، پر کين سنڌ جي زمين ۽ وسيلن جي ضرورت آهي. هيءَ جو هندوستان سان دشمنيءَ جو هائُو بڇيو ويو آهي سو رڳو ماڻهن کي هيسائي سمورا پئسا فوج تي خرچ ڪرڻ لاءِ. باقي هندوستان کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پنهنجا ماڻهو مارائي، پاڪستاني مسلمانن کي هندستان ۾ شامل ڪرائي، پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪري ۽ مٿي جو سور وڌائي. اسان جا فوجي ماهر ڄاڻن ٿا ته هندوستان ڏاڍو مڙس آهي ۽ اسان کيس ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. اسان کان بنگال کسي ويو. حيدرآباد دکن کسي ويو، جهوناڳڙهه ۽ مناودر کسي ويو ۽ ڪشمير به کسي ويو. اسان ڪجهه به نه ڪري سگهياسون. نه قائد اعظم، نه لياقت علي خان، نه جنرل ايوب، نه ضياءُالحق ڪجهه ڪري سگهيا. باقي ٻيا ڪهڙا تيسمار ايندا جي اچي جبل سان مٿو ٽڪرائيندا. اهو هرڪوئي فوجي ۽ سياستدان ڄاڻي ٿو. پوءِ هروڀرو ڪشمير جو شوشو کڙو ڪري، اجايو ڇو ٿو ويچارن ڪشميرين کي ٻوهي ۾ وڌو وڃي. اجايو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ فوجي ۽ سولين ڪامورا شاهي ۽ سياستدان، ويچارن ڪشميرين جون لڄون، عزتون، جانيون ۽ ملڪيتون پيا اوڙاهه ۽ باهه جي آڙاهه ۾ اڇلين.
پنهنجي ملڪ ۾ بک بيروزگاري، بيماري، دهشتگردي، ڌاڙا ڦرون، ڪوس ۽ قتلام لڳا پيا آهن ۽ هليا آهيون ڪشمير جي جنازي کي ڪنڌو ڏيڻ! تفو بر تو ... هندوستان جو ڪشمير ڪيس، اخلاقي طور ڪمزور سهي، پر اسين ڪير ٿيندا آهيون جو آمريڪا وانگر ملڪان ملڪي پوليس واري جو ڪردار ادا ڪيون؟ اسان کي به هشي ڏيڻ وارا ۽ پٺي ٺپرڻ وارا ڪي ٻيا آهن جي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ امن کي خطري ۾ وجهي پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي مفاد سڌا ڪن ٿا. اسان احمقن وانگر هنبوڇيون هڻي پنهنجي پير تي پاڻ پيا ڪهاڙو هڻون ۽ سياسي استحڪام جا تختا ڪڍون. هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ڄاڻن ٿا ته نه هو جنگ ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪا هڪڙي ڌر اهڙي جنگ کٽي سگهي ٿي. ان ڪري فوجي جنرل اسان کان بهتر ڄاڻن ٿا ته جنگ ڪانه ٿيندي. باقي هيڏي ساري فوج ۽ هيڏو سارو خرچو رڳو پنهنجي ئي ملڪ کي هيسائڻ لاءِ ۽ ڀڀ ڀرڻ لاءِ ڪير پيو وڃي. ماڻهن جي جذبن کي اهڙو ڀڙڪايو ٿو وڃي جو، چوتيا ماڻهو نعرا هڻندا وتن ته ”دهلي چلو!“ ۽ ”هندوستان ڪو ڪچل دو!“ ڀوڪپائپ جي به حد ٿيندي آهي. مشهور صحافي ۽ ڪالم نويس مرحوم انعام دراني ته طنز ڪندي لکيو ته ”مون تختي ٺهرائي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏي آهي ته مان هندوستان نه آهيان!“
سن 1972ع ۾ مان اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس. منجهند ڌاري، پگهر ۾ شل، ان وقت جو ايس ايس پي ڪراچي، هڪ پٺاڻ هو، نالو شايد مسٽر قياض يا گوهر زمان هئس، منهنجي چئمبر ۾ آيو. اچي شڪايت ڪيائين ته ”روزانو وات ڳاڙها ڇوڪرا (لفظ لونڊا استعمال ڪيائين) هنگاما ڪن ٿا، دُڪان بند ڪرائن ٿا ۽ نعرا هڻن ٿا ته هندوستان ڪو ڪچل دو، دهلي چلو، شراب جا دُڪان بند ڪرائڻ جي بهاني، پاڻ شراب جون ٻاٽليون کولي پيئن ٿا ۽ ڀڄن ٿا. اهڙي افراتفريءَ کي پوليس ته منهن نٿي ڏئي سگهي.“ مون چيومانس ته
”فياض صاحب ٽرڪن ۾ رائيفلون ڀري سڀني کي سڏي چئون ته وٺو رائيفل ويهو ٽرڪ ۾ ته هلون هندستان هاڻي جو هاڻي!“ ٻئي ڏينهن کلندو مون وٽ آيو چيائين،”صاحب، واهه جو ترڪيب ڪم آئي!“ پوليس وٽ ڪو ڪوڙيون ڊمي رائفلون ٿين ٿيون سي ڇوڪرن ڏانهن اڇلي چيائين ته ”هلو ته هلون هندستان!“ ڇورا سڀ ڏهن پندرهن منٽن ۾ ڀڄي ويا. کوکلا نعرا هڻڻ ۽ سر تريءَ تي رکڻ ۾ فرق آهي.
هندوستان سان دشمني ڪانه هئي پر سنڌي پرائيم منسٽر سان دشمني هئي. ولي خان جو پاڻ کي نئشنلسٽ ليڊر سڏائيندو آهي ان به ڀٽي صاحب لاءِ کليل جلسي ۾ ’سنڌي ٻچا‘ جا الفاظ استعمال ڪيا. بلوچستان جو نواب اڪبر خان بگٽي به اهڙا تحقير آميز لفظ استعمال ڪندو هو. فوجي جنرل ته ائين ئي سڀ پنجابي هئا. مهاجرن جي به خدا ڪارڻ دشمني سنڌين سان، سي به پنجاب سان ٻٽ ٿي ويا ۽ مهاجر پنجابي پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيائون. اصل جهيڙو آهي ئي سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ نوڪرين تي، سو پٺاڻ ۽ مهاجر ته هڪدم پنجاب سان ٻِٽ ٿي ويا جيئن لٽ جي مال ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. هوڏانهن ڀٽو صاحب به نهايت ذهين هو تنهن سڀني کي سُڪ ڪري ڇڏيو ۽ لڳو ٿي ته پندرهن ويهه سال ڀٽو صاحب ۽ سندس پارٽيءَ کي ڪو لهر لوڏو ڪونه آهي.
ڀٽي صاحب جي مضبوطي ۽ سندس مقبوليت ئي سندس دشمن ثابت ٿيون. 1976ع ۾ شاهه فريدالحق صاحب مون وٽ آيو ۽ نهايت رازدارانه نموني چيائين ته ”ڀٽي صاحب کي ڪڍڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي. ورنه اسان کي ته ڏهه پندرهن سال ڪو سياسي مستقبل نه آهي.“ خود ڀٽي صاحب جي ويجهن رفيقن کي به انهي غم جو گُهڻو کائي رهيو هو. نيٺ آمريڪا بهادر کي به ڀٽي صاحب جي مقبوليت ۽ مضبوطي نه آئڙي. آمريڪا جو شاطر فارين سيڪريٽري هينري ڪسنجر، ڀٽي صاحب کي صاف صاف دڙڪو ڏئي ويو ته ”تنهنجو خطرناڪ حشر ڪيو ويندو!“ “We shall make a horrible example of you.” ڀٽو صاحب، مقبوليت جي نشي ۾ پوءِ به نه سمجهيو ۽ اعتماد سان، وقت کان اڳ ۾ ئي نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين. مون سان قاضي عبدالمجيد عابد صاحب، جو تمام سمجهو ماڻهو هو، تنهن ڳالهه ڪئي ته ڀٽي صاحب ساڻس مشورو ڪيو ته هن کيس صاف جهليو ته نيون چونڊون نه ڪراءِ، ڀلي پهرين آمريڪا ۾ چونڊون ٿي وڃن، آسمان صاف ٿي وڃي، پوءِ چونڊون ڪراءِ، پر ڀٽي صاحب 1977ع جي اوائل ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ڇو ته بجا طور کيس سوڀ جو يقين هو.
مون سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ اهم اهلڪار ڳالهه ڪئي ته چونڊن دوران ٽي چار آمريڪي اچي وٽس مهمان ٿيا ۽ شراب نوشي ۽ گپ شپ ۾ شروع ٿي ويا. چيائون ته،”چونڊون، يقيناََ علي ڀٽو وڏي اڪثريت سان کٽندو پر چونڊن جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا ۽ مٿس ڌانڌلين جا الزام لڳايا ويندا ۽ پوءِ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ نيٺ فوج مارشل لا لڳائيندي.“ جنهن لاءِ اڳواٽ ئي جنرل ضياءُ الحق کي تيار ڪيو ويو هو ۽ کيس آمريڪا جي چوڻ تي وقت کان اڳ ترقي ڏئي فوج جو سربراهه بڻايو ويو هو جيتوڻيڪ هو گهڻو جونيئر هو. هو آمريڪا جو آزمايل هو جو هن ئي فلسطيني مسلمانن تي گوليون هلائي سندن قتلام ڪيو هو.
هو خوشامدي ٿي ڀٽي صاحب جي پٺيان پٺيان پيو هلندو هو ۽ سَر سَر Sir, Sir پيو ڪندو هو. چون ٿا ته پنهنجي وفاداري جتائڻ لاءِ ڀٽي صاحب کي ائين به چوندو هو ته ”سرمان توهان خاطر پنهنجي پيءُ کي به گولي هڻي سگهان ٿو!“ چونڊون بلڪک صاف شفاف ٿيون هيون پر آمريڪي پروگرام موجب ڪروڙين ڊالر پاڪستان پهچي ويا ۽ هڪ زوردار تحريڪ شروع ٿي وئي. ڀٽو صاحب به نهايت خبردار ماڻهو هو سو سياستدان سان ٺاهه ڪري ٻيهر چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو. عين ان موقعي تي پروگرام موجب مارشل لا لڳائي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري ڪوهه مري ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ ماڻهن سان دوکو ۽ ڪوڙ ڪيو ويو ته نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وينديون. اهي چونڊون يارهن سالن کانپوءِ ڪرايون ويون سي به جهڙيون تهڙيون، سياسي پارٽين کانسواءِ.
جنرل ضياءَ جهڙو غير مقبول پريزيڊنٽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪونه ٿيو. ماڻهو سندس اهل ڪندا هئا ۽ گاريون ڏيندا هئا ۽ کيس ڪاڻو سڏيندا هئا، ڪاڻي دجال جي نسبت سان. ٽي ويءَ تي ايندو هو ته ماڻهو چوندا هئا ته ”دل ٿي چوي ته اتي ڪهاڙي هڻي ڪڍانس!“ پهرئين نمبر جو ڪوڙو، منافق ۽ پلستر هو. هڪ پاسي اسلام! اسلام! ڪندو وتندو هو ته ٻئي پاسي ڪعبتھ الله ۾ بيهي اعلان ڪيائين ته ٻن مهينن اندر مارچ ۾ چونڊون ڪرايون ويندون. الله جي گهر ايڏو ڪوڙ ۽ دوکو! ڄاڻي واڻي ڪعبة الله جي تقدس کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيائين ته ڀلي ماڻهو مونجهاري ۾ پون ۽ آسري ۾ رهن.
هڪ دفعي سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ عالمن جو وفد ساڻس ملڻ آيو ته ٻاهر اچي سندن استقبال ڪيائين ۽ ”جي حضور! جي حضرت!“ چوندو رهيو. موڪلائڻ مهل به ٻاهر نڪري کين رخصت ڪيائين. جڏهن هو هليا ويا ته ڪمشنر کي چيائين ته ”هنن حرامزادن (لفظ باسٽرڊ استعمال ڪيائين) کي ويجهو اچڻ نه ڏجانءِ.“ اها ڳالهه ڪمشنر صاحب مون سان پاڻ ڪئي. ٻيون به ڪيئي ڳالهيون، پر ڊڄان ٿو ته گلا ۽ غيبت جي وڪڙ ۾ نه اچي وڃان.
حاجي عبدالرحمان پاٽولي هو ڊائريڪٽر پروٽوڪال. اهو چوندو هو ته ”نه نماز جو وقت، نه وضو جو اهتمام، جنرل صاحب چوندو حاجي صاحب جاءِ نماز (مصلو) آهي؟“ حاجي صاحب به ڏاڍو قابل ۽ زيرڪ آفيسر هو سو هڪدم مصلو ڪڍي کيس ڏيندو هو ۽ جنرل صاحب مصلو وڇائي الله اڪبر! ڪري نماز تي بيهي رهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته جنرل صاحب باوضو هجي ۽ نفل نماز پڙهندو هجي. مومن کي هميشه حسن ظن رکڻ کپي. يعني جتي به ٻه مطلب نڪري سگهن ته پوءِ جيڪو چڱو مطلب هجي اهو ڪڍجي. آهي معمولي اصول پر جي ائين ڪجي ته هوند دشمنيون پيدا ئي نه ٿين ۽ نفرتون ڪلفتون ۽ ڪدورتون نڪري وڃن، جيڪو تصوف جو بنيادي اصول آهي.
تصوف جو پهريون ۽ بنيادي اصول آهي ته انسان جو قلب آئينو آهي. ان کي جيترو صاف رکبو يعني نفرت، ڪلفت ۽ ڪدورت کان پاڪ رکبو ۽ هر انسان سان محبت ۽ خير خواهي ڪبي ته اهو آئينو چمڪي پوندو ۽ ان ۾ الله جو عڪس ۽ اسرار چٽا نظر ايندا. ڪو اعتبار ڪري نه ڪري، آزمائش شرط آهي. مخالف يا دشمن سان همدردي، خيرخواهي ۽ محبت ڪيو، نفرت ڪلفت ۽ ڪدورت صفا ڪڍي ڇڏيو پوءِ ڏسو ته اسرار الاهي ڪيئن منڪشف ٿين ٿا ۽ رحمت جي پالوٽ ٿئي ٿي.
سياست مان وڃي روحانيت تي پياسين. مون مٿي چيو آهي ته جنرل ضياءُ ڏاڍو نامقبول هو. حقيقت اها آهي ته پنجاب کي قبول هو ۽ اتي مقبول به هو. پاڪستان جي سياست جي ڳوٽ اتي اچي ٿي ڀڄي. ”پاڪستان معنيٰ پنجابستان!“ اها ڳالهه اسلام آباد ۾ مون کي هڪ وڏي پنجابي آفيسر چئي. جڏهن مون دليلن سان کيس ثابت ڪري ڏيکاريو ته پنجابي مفاد کي اوليت آهي پوءِ ڀلي وزيراعظم قتل ڪيا وڃن يا ڊسمس ڪيا وڃن ۽ ڀلي بنگالين تي پيرٽي (هڪ جيتري نمائندگي) مڙهجي نه ته موچڙا هڻي کين جدا ڪجي. سنڌ جون زمينون ۽ نوڪريون ڦٻائجن وغيره، ته هن صاحب آڱوٺو مٿي ڪري غصي ۾ چيو ته ”پاڪستان معنيٰ پنجابستان نه ته آيو هن تان (آڱوٺي تان).“
ڪوهه مريءَ ۾ نيشنل بئنڪ جي بلڊنگ وٽ بيهبو ته سڄي مال روڊ جي رونق ۽ نظارو نظر ايندو. اتي مان هڪ پنجابي جج صاحب سان بيٺو هئس. ان ڳالهين ڪندي مون کي چيو ته ”سنڌ ۾ اڄڪلهه تعصب ڏاڍو وڌي ويو آهي!“ مون سندس اکين ۾ گهوري چيو ته،”شرم تم ڪو مگر نهين آتي!“ ششدر ٿي چيائين ”ڀائي ڪيون، ڪيا هئا؟“ مون چيس ”سنڌ ۾ آفيسر، ڪلارڪ، پٽيوالا، چوڪيدار، زميندار، واپاري سڀ پنجابي ڀريا پيا آهن، پنجاب ۾ هڪ سنڌي ڏيکار جو پٽيوالو يا چوڪيدار هجي يا رڳو هڪ ايڪڙ زمين هجيس. پوءِ به اسين تعصبي ۽ توهين مومن مسلمان ۽ شريف فرشتا.“ ڪجهه شرمندو ٿيندي چيائين ته ”ها ائين ته آهي!“ جج هو تنهن ڪري مڃي ويو نه ته مهاجرن وانگر چوي ها ”توهان ڄٽ، اڻپڙهيل ڳنوار، اسان ته اچي سنڌ کي سڌاريو آهي.“ اها ڪوهه مري واري ڳالهه 1967ع جي آهي. ان کي اڄ ٽيهه سال ٿي ويا.
وري 1981ع ۾ مان فيڊرل سروس ٽربيونل جو جج ٿي اسلام آباد ويس. پهرئين ڏينهن جڏهن مان چيئرمين جسٽس دائود جي ڪمري ۾ ويس ته اتي اڳي ئي سينئر ميمبر چوڌري نذير احمد ويٺو هو. مون اسلام عليڪم ڪري چيو ته ”مان آهيان ٽربيونل جو نئون ميمبر!“ ته جسٽس دائود هڪدم چيو ته، ”پر ڇو هڪ ٻيو سنڌي؟“ مون به ٺهه پهه چيو، ”واقعي، سنڌي پاڪستاني نه آهن!“ ڊاڪٽر افغان صاحب اڳ ۾ ئي هڪ سنڌي ميمبر هو. ان ڪري ٻيو سنڌي ميمبر کين نه آئڙيو. اسان ٻنهي سان هر قسم جو، ناروا سلوڪ ڪيو ويو. ڊاڪٽر افغان صاحب جو هڪ فرشته سيرت برجستو آفيسر هو، ان کي ته نيٺ نوڪري مان ئي ڪڍايائون. جسٽس دائود کاريان جو ويٺل پنجابي نزاد پٺاڻ هو. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو کيس به بنان سبب نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، باقي چوڌري نذير صاحب نهايت با اخلاق، باڪردار ۽ مذهبي قسم جو ماڻهو هو. ان به اسان سان ڪو چڱو پير نه ڀريو. جيڪي سو لپيٽيل لفظن ۾ اسان جي شڪايت ڪري ويندو هو. کيس پنهنجي پارسائي پاڪدامني ۽ عبادت گذاريءَ تي ڏاڍو ناز هو ۽ ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪونه سمجهندو هو.

11

بدر جڏهن شروع شروع ۾ مارشل لا جي مخالفت ڪرڻ سبب جيل ۾ ويو ته سندس ماءُ ڏاڍي پريشان هئي جو نذير عباسيءَ کي جو بدر جو ٻال جتيءَ جو دوست هو، فوجي حراست ۾ شهيد ڪيو ويو هو. سو رات جو چوڪيدار کان آفيس کولائي، گهرواريءَ کي وٺي ٽيليفون تان ڪراچي ڳالهرايو. چوڌري صاحب ٻئي ڏينهن هيڏو سارو نوٽ لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ طنز ڪيائين ته ”اها ڪهڙي ايمانداري آهي جو سرڪاري فون خانگي ڪم لاءِ استعمال ڪري سرڪاري پئسن جو زيان ڪيو ٿو وڃي.“ حالانڪ پاڻ توڙي ڪلارڪ ڪڙا ۽ چوڪيدار ۽ پٽيوالا به بيدريغ سرڪاري فون جو استعمال ڪندا هئا ۽ چوڌري صاحب کي اهو سڀ ڪجهه معلوم هو. سندس لکيل نوٽ تي ته خير مون ڪجهه به جواب نه ڏنو. رڳو صحيح ڪري کيس واپس موڪلي ڇڏيم. پر مونکي رنج پهتو ۽ ڪاوڙ به آيم. سو وٽس روبرو وڃي هڪ پارسي شعر پڙهيم ته:
اين خاڪسارانِ جهان را به حقارت مَنگرَ،
تو چھ داني ڪَھ در اين گرد سوار باشـــد
يعني دنيا جي هنن گودڙي پوشن کي حقارت سان نه ڏس، توکي ڪهڙي خبر ته انهيءَ ڌوڙ ۾ ڪو شهسوار هجي.
چوڌري صاحب سخن سنج ماڻهو ۽ شعرو شاعري جو دلداده هو سو چپ ٿي ويو ۽ ان موضوع تي هڪ اکر نه ڳالهايائين. پوءِ مون کي آفيس سپريڊنٽ وٽان خبر پيئي ته چوڌري صاحب جو ارادو انڪوائري ڪرڻ جو هو پر منهنجي خاموشيءَ ڳالهه تي پڙدو وجهي ڇڏيو.
جسٽس دائود ته گهڻيون حرڪتون ڪيون. مان سنڌ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ تي گورنر سنڌ جنرل عباسي طرفان مقرر ڪيل ميمبر هئس. ميٽنگ لاءِ حيدرآباد اچبو هو ته سرڪاري خرچ تي ٻارن ٻچن سان ملڻ جو موقعو ملي ويندو هو. دائود صاحب چوري چوري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽون ڪري منهنجي وڃڻ تي بندش وجهرائي ڇڏي جا غلط ۽ غيرقانوني ڪارروائي هئي. وري ڪراچيءَ ۾ منهنجي طبيعت ناساز ٿي ته دل جي اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر جنرل سيد شوڪت، جو هڪ فرشته سيرت انسان آهي، ان جي سرٽيفڪيٽ سان مهينو موڪل ورتم. دائود صاحب ڪاوڙجي پيو چي ”تو غير ذميدارانه عمل ڪيو آهي.“ چيومانس ته ”بيمار ٿيڻ غير ذميواري آهي يا ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽ تي موڪل وٺڻ.“ ته به چيائين ته ”ڊاڪٽر ته وڪامن ٿا.“ مون چيس ڇا ”جنرل ڊاڪٽر سيد شوڪت به؟“ ته ڊڄي ويو ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪئپٽن هو ۽ ڊاڪٽر سيد شوڪت جنرل. ”چيائين مونکي اها خبر ڪانه هئي ته سرٽيفڪيٽ جنرل صاحب جو آهي.“ ٻيون به گهڻيئي هلڪڙايون ڪيائين. مثلاَ سرڪاري گاڏيءَ ۾ گهر واريءَ کي راولپنڊي شاپنگ لاءِ وٺي ويندو هئس ته آفيس وارن هٿان پيٽرول جو بل ڏياري موڪليندو هو جو مان هڪدم ڀري ڇڏيندو هئس. هو ۽ چوڌري صاحب جهُٽ هوندا هئا، سو چوڌري صاحب سان شڪايت ڪيم ته ڀلي کيس ٻڌائي. چوڌري صاحب ڏاڍي پياري ڳالهه ڪئي جا اڄ تائين ياد اٿم ۽ ٻين کي به ٻڌائيندو آهيان. مڄاڻ جسٽس دائود ڪو دهريو هو سو چوڌري صاحب پنهنجي لوندڙي تي آڱر رکي چيو ته ”جمال صاحب هُن جو ڪو ڪنٽرول روم ئي ڪونهي سو انهيءَ جي ڳالهه دل ۾ نه ڪندو ڪر. هن جي دماغ واري ريڊار سسٽم کي ڪو هلائڻ وارو آهي ئي ڪونه ۽ سندس ويڌر ڪاڪ (هوائي ڦرڻي) بي ترتيبو پيو ڦري.“ مونکي اهو مثال وڻيو ۽ کڻي ماٺ ڪيم.
ڳالهه هلي پاڪستاني سياست جي، جنهن جو محور آهي پنجابي فوج ۽ پنجابي ڪامورا شاهي. 1945ع ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر، جو اڇوتن جو نمائندو هو، تنهن دهلي ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي صاف ڳالهه چئي ”هي جو انگريز هڪ ئي صوبي مان فوج پيا ڀرتي ڪن، ته ڇا سندن مقصد هندوستان ۾ فوجي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ جو آهي؟“ ڪيڏا نه ڏاها ماڻهو هئا جي ڪيئي سال اڳ ۾ صحيح اندازو لڳائي ويا. پنجاب مان به ڄاڻي واڻي زوري ڀرتي ڪيائون. ائين ڪونهي جيئن پنجابي ڊاڙ هڻندا آهن ته هو پنهنجي دليري ۽ بهادري سبب فوج ۾ ڀرتي ٿيا آهن. پروفيسر عبدالله ملڪ جو هڪ پنجابي دانشور آهي تنهن اها ڳالهه پنهنجي ڪتاب ”پنجاب ڪي سياسي تحريڪين“ ۾ لکي آهي ته جڏهن فوجي ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ پنجاب جي ڳوٺن ۾ ويندا هئا ته سڀ مڙد ڊپ کان ڀڄي وڃي جهنگن ۾ لڪندا هئا ۽ پويان گهرن ۾ رڳو زائفون ۽ معصوم ٻار اڪيلا پيا هوندا هئا. پوءِ به انگريز کين، نوابن، زميندارن ۽ جاگيردارن جي مدد سان زوريءَ ڀرتي ڪندا هئا. خود علامه اقبال بيت جوڙي ماڻهن کي ترغيب ڏيندو هو ته فوج ۾ ڀرتي ٿي. برطانيه جي تاج شاهي جي حفاظت ڪن. انگريزن کين مراعتون، عزتون ۽ زمينون به انعام ۾ ڏنيون، پوءِ ته هو انگريزن جا پڪا وفادار ٿي ويا. ائين فوج هڪ ئي صوبي جي مفادن جو ڳڙهه ٿي وئي. هاڻي ته سائين ڪير فوجي جو نالو وٺي. ڪجهه چئه ته، ڪاٺ ۾.
اڄ سياست جي سڄي واڳ فوج جي هٿ ۾ آهي. هرڪو ڄاڻي ٿو، پر چئي ڪو به نٿو سگهي. خود پريزيڊنٽ ۽ پرائيم منسٽر کي به مجال نه آهي. بلڪ هو ته سندن رحم ڪرم تي آهن. هڪ عجيب نازيبا صورتحال آهي جو ملڪ جو صدر، وزيراعظم، وزير، ڪامورا، خود پارليامينٽ ۽ عوامي نمائندا هر وقت خوف ۾ آهن ته ڪهڙي وقت ڪو بندوق بردار پهريدار سندن ٽوپي نه لاهي وجهي. سڄي دنيا اسان تي کلندي ۽ ٽوڪون ڪندي هوندي. هر خرابي به فوجي آمريت دوران پيدا ٿي. ڌاڙيل، دهشتگرد، سمگلر، ڪار چور، آفيم، چرس ۽ هيروئن جا ڪروڙ پتي واپاري، بم گولن، راڪيٽ لانچرن ۽ ٻين خطرناڪ هٿيارن جي هيراڦيري ڪندڙ. رشوت ته چوٽ چڙهي وئي، جنهن ملڪ جا فوجي اهڙا ٿي وڃن، ان ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو!
ٻيو ته ٺهيو، هڪ صوبي جو گورنر، جيڪو فوجي جنرل به هو، اهو به ان ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هو، چون ٿا ته جڏهن جنرل ضياءَ الحق، ان گورنر کي چيو ته توکي سفير ڪري ملڪ کان ٻاهر ٿا موڪليون ته ٺهه پهه کيس چئي ڏنائين ته ”پوءِ ٻئي گڏجي هلنداسين!“ اهڙي صاف دڙڪي کان پوءِ جنرل صاحب (ضياءَ) چپ ٿي ويو ۽ مٿانس ڪو به قدم کڻي نه سگهيو. يعني ڊڄي ويو. رڳو ضياءَ نه، جنرل ايوب جي وقت ۾ به ائين ٿيو. سندس پٽ، جو معمولي ڪئپٽن هو ۽ سندس ڀاءُ جو جنرل هو. سي ڪروڙن جا مالڪ ٿي ويا ۽ شهنشاهن جيان گذارڻ لڳا. خانصاحب غلام الرسول ڪيهر جو ان وقت پلاننگ ڪميشن جو ميمبر هو تنهن ڳالهه ڪئي ته جڏهن جنرل ايوب کي اهو ٻڌايو ويو ته ٽهڪ ڏئي چيائين ته ”مونکي خبر ڪانه هئي ته منهنجو پٽ اهڙو قابل ۽ سمارٽ ٿي ويو آهي!“ يعني مونکي سڀ خبر آهي توهان چپ رهو.
ائين پنجاب ملٽريءَ ۽ پٺاڻ ملٽريءَ جا مفاد هڪ ٿي ويا. ائين ٿيڻ سان خان ولي خان جيڪو صوبائي خودمختياري جو چئمپيئن هو، تنهن اهڙي قلابازي کاڌي جو پنجاب مفاد سان ٻٽ ٿي بيهي رهيو. اهو سڀ ڏوڪڙن جو ڪرشمو هو. سڀني جو مارو هو سنڌ تي. پنجابي، پٺاڻ، بلوچ، سڀئي مکين جيان ميڙاڪو ڪري اچي ٽٽا سنڌ تي. مٿان مهاجر به لٽ جي مال ۾ حصيدار ٿيڻ لاءِ پنجاب ۽ پنجابي فوج آڏو پڇ لٽڪائو ٿي ويا. شابس آهي محترم محمد ابراهيم جويو صاحب کي جنهن پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ اها صورتحال ڀانپي ورتي ۽ ڪتاب لکيائين ”سنڌ بچايو، هند بچايو.“ نه سنڌ بمبئي کان ڌار ٿئي، نه هي ممڻ مچي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو واسطو اتر کان وڌ اولهه ۽ اوڀر وارن خطن سان هو. بلوچ ته اسان جا پنهنجا آهن. اوڀر ۾ ڪڇ، گجرات، مارواڙ، راجسٿان، جيسلمير، جوڌپور، ٻارميڙ، احمد آباد، جهونا ڳڙهه ۽ ممبئي ڄڻ سنڌ جا شهر هئا. حيرت آهي ته سنڌ جا ماڻهو بمبئيءَ کي ممبئي چوندا هئا ۽ اسين پڙهيل لکيل ماڻهو سمجهندا هئاسون ته ويچارا اڻ پڙهيل ڄٽ ماڻهو بمبئي بدران ممبئي چون ٿا. هاڻي خود هندوستان حڪومت بمبئي کي اصلوڪي نالي ممبئي سان سڏي ٿي. سنڌي نوجوان گهران ڪاوڙبا هئا ته ملتان يا لاهور وغيره ڪونه ويندا هئا، پر سڌو وڃي ممبئي کان نڪرندا هئا.
هت ڊفينس فيز پنجين ۾ به منهنجي گهر جي سامهون هڪ شانائتو ماڻهو سيد مسعود نقوي رهي ٿو. 1988ع ۾ رمضان جي عيد تي مان ۽ منهنجي گهر واري رسمي طور ساڻن عيد ملڻ وياسين. اتي هڪ فوجي برگيڊيئر صاحب به ويٺو هو. ڳالهين ڪندي، رشوت، بدامني ۽ دهشتگرديءَ جو ذڪر نڪتو. مون کان رهيو ڪونه ٿيو سو چئي ڏنم ته ”در جو چوڪيدرا بندوق جي زور تي مالڪ کي ڪڍي پاڻ ملڪ ٿي ويهي رهي ته اهوئي ڪلچر پيدا ٿيندو.“ برگيڊيئر صاحب کي باهه وٺي وئي سو دليل ڏيڻ لڳو. مون به وٺ ڪئي مانس. نقوي صاحب مونکي جهليو ته جواب نه ڏيان ۽ چپ رهان. پر موضوع هيو ئي اهڙو جو گرما گرمي ته ٿيڻي هئي. برگيڊيئر صاحب نيٺ ڪاوڙ ۾ چيو ته ”ٺيڪ آهي پوءِ ڪڍو اسان کي ٻاهر پوءِ ڏسون ته توهان ڪيئن ٿا ملڪ هلايو!“ مون به ٻئي هٿ مٿي ڪري چيو ته ”الله ڪڍيوَ اسين ته ڪمزور آهيون ڪجهه نٿا ڪري سگهون!“ الله وڏو آهي. خدا جو شان انهيءَ ئي سال 17 آگسٽ 1988ع تي هوائي جهاز جو حادثو پيش آيو ۽ ملڪ کي فوجي آمريت کان نجات ملي. اهو ڏينهن، اڄ 1997ع آهي، نوَ سال گذري ويا آهن فوج ٽنگ اڙايون بيٺي آهي ۽ اهو فوجي آمريت وارو ڪلچر ختم ئي نٿو ٿئي.
فوجي آمريت جو ڪلچر معنيٰ پنجابي آمريت وارو ڪلچر. پنجابي به ايڏو خود غرض آهي جو ملڪ ۽ ماڻهن کان وڌ کيس پنهنجو مفاد ۽ ننڍا فائدا عزيز آهن. ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ته ڀلي باقي سندن شخصي مفاد کي نقصان نه پهچي. ڪراچيءَ ۾ مقيم هڪ پنجابي ليڊيءَ جي ڊاڪٽر پٽ کي نوڪريءَ جو آرڊر مليو پر ڪراچيءَ کان ٻاهر، ته مونسان شڪايت ڪندي چيائين ته ”سنڌي ڊاڪٽرن کي ڪهڙي پيئي آ جو ڪراچي ٿا اچن، پنهنجي ضلعي يا ڳوٺ ۾ ئي نوڪري ڪن، هيڏي ڇو ٿا اچن!“ مون به ٽوڪ مان چيو ”هائو! ڪوٽ راڌاڪرشن، ڪالا شاهه ڪاڪو ۽ اوڪاڙا وارا ڀلي اچن پر سنڌي ماڻهو ڇاجي لاءِ ٿا ڪراچي اچن. مئڊم ماٺ ٿي وئي.
هن ملڪ جي سڀني مسئلن جو واحد حل آهي صوبائي خودمختياري، جيڪا مسلم ليگ جي 1940ع واري بنيادي ٺهراءُ ۾ آهي ۽ جا جناح صاحب ڏيڻ ٿي چاهي پر پنجابي لابي، غلام محمد، گرماڻي ۽ چوڌري محمد علي وارن تمام بيشرميءَ سان روڪي ڇڏي. لياقت علي خان کي پنڊيءَ ۾ جنهن پوليس عملدار قتل ڪرايو تنهن کي ترقي ڏئي بلوچستان جو گورنر ۽ پوءِ صوبه سرحد جو وزيراعليٰ بڻايو ويو. ڪرائي جي قاتل سعيد اڪبر کي ٿڏي تي ماريو ويو جيئن ڪينيڊيءَ جي قاتل لي هاروي آسولڊ کي ماريو ويو. هن ملڪ ۾ جيڪڏهن صوبائي خودمختياري نه ڏني وئي ته خدا خير ڪري، ياجوج ماجوج اچي ويندا ۽ ملڪ جو الائي ڇا حشر ٿئي. پير صاحب پاڳارو وقت بوقت خبردار ڪندو ٿو اچي پر ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سُري.
ڪنهن به اداري کي سياست ۾ پوڻ سان خود اهو ادارو بدنام به ٿئي ٿو ته ناڪاره به. ان جا ترا ئي نڪري ٿا وڃن. پهريائين ڪامورا شاهي اهو شوق ڪيو ۽ اهو تاثر ڏنائون ته هو ئي حڪومت هلائڻ وارا ۽ اهل آهن ۽ سياستدان ته ڀوڪ بصر آهن جن کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي ۽ نڪا اهليت. ائين هڪٻئي سان اٽڪي، پنهنجا ئي ترا ڪڍيائون. جڏهن ٻئي بدنام ۽ ڪمزور ٿي ويا ته مَڪو متو فوج جو ۽ حڪومت تي قبضو ڪري بالم بڻجي ويهي رهيا. فوج جي ذهنيت ئي اها آهي ته مار موچڙي ۽ گوليءَ سان سڀ ڪنهن کي سڌو ڪري سگهجي ٿو. هنن سمجهيو ته ماڻهن کي بيعزتو ڪرڻ، ڪڪڙ بنائڻ ۽ ڦٽڪا هڻڻ سان سڌو ڪري ٿو سگهجي. اها سندن وڏي ڀل هئي. مٿن اهڙيون ٽوڪرون ۽ چرچا ٺهيا جو ماڻهن جون دليون سندن خلاف نفرت سان ڀرجي ويون. اها ڳالهه ڀانپي جنرل ايوب خان عقلمنديءَ کان ڪم وٺي فوج کي جلد ئي بيرڪن ۾ واپس گهرايو ۽ بنيادي جمهوريت جي نالي ۾ چونڊون ڪرائي عوام کي ڪجهه نه ڪجهه حصيدار ڪيائين.
ان دؤر ۾ جسٽس ڪياني مزاحيه انداز ۾ انهيءَ نظام تي ڏاڍيون جُلهون ڪيون ۽ بنيادي جمهوريت کي سڏيائين بي بنياد جمهوريت. فوجي حڪومت دوران، پوليس زور وٺي ويندي آهي ۽ هڪ پوليس اسٽيٽ قائم ٿي ويندي آهي. مٿان وري گورنر مقرر ٿيو نواب ڪالاباغ جنهن وڏيرڪي نموني پوليس کي اهڙو زور وٺايو جو ضلعي جو حاڪم، ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ، ايس پي ٿي ويو. دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهه ڪئي ته هڪ لڱا نواب صاحب ايس پيءَ کي سندس روبرو چيو ته هن(يعني ڊي سيءَ) جي پارت اٿئي پنهنجو ٻچو آهي. سنڌ سان بمبئي پوليس ائڪٽ لاڳو هو جنهن موجب ٿاڻيندار جي بدلي توڙي ساليانه ڳجها رمارڪ لکڻ جو اختيار ڊي سيءَ کي هو. ان کي رد ڪري سنڌ سان پنجاب پوليس ائڪٽ لاڳو ڪيو ويو. اهڙي طرح ضلعي انتظاميه جو ڍينگو ئي ڍيري ٿي ويو. پوليس وارا مڇن کي تاءُ ڏئي پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ لڳا. اڄ ڪلهه جو ايس ايڇ او ته پاڻ ڏسو ٿا. پنهنجي وجود ۾ اڪيلي سر هڪ مڪمل مافيا آهي.
پنجاب ۾ پوليس جو ايڏو زور هو جو مون سان مسٽر رسول بخش لغاري ۽ مرحوم شفيع محمد آخوند، جيڪي اتي ائڊيشنل سيشن جج ٿي رهيا هئا ڳالهه ڪئي ته اتي سيشن جج، ايس پي جو سلام ڀرڻ ويندو هو. پوءِ انصاف ڪٿان ملندو، ڪيئن ٿيندو؟ چون ٿا ته ڪورٽن جي حدن اندر، شاهدن کي پوليس موچڙا مار ڪندي هئي ته شاهديءَ ۾ هيئن چئجو. سيشن جج ڪڇي نه سگهندو هو. سنڌ ۾ وڏو فرق هو. رواجي سب جج به ايس پي جي پرواهه نه ڪڍندو هو بلڪ ڪڏهن ته کيس ڪورٽ جي بيعزتي ڪرڻ جي تهمت رکي. ڪورٽ ۾ حاضر ڪرائيندو هو. مون خود ٻن ايس پي صاحبن کي اهڙا نوٽيس ڪڍي گهرايو ۽ هو آيا ۽ پنهنجي بيگناهي لاءِ سبب ٻڌائي جند ڇڏائي ويا. پنجاب ۾ اها ڳالهه سوچ کان ٻاهر هئي.
سيوهڻ جي سب جج مون سان ڳالهه ڪئي ته دادوءَ ۾ ڊي سي ۽ ايس پي ٻئي انگريز هئا ۽ هڪ ٻئي جا گهاٽا يار هئا. چيائين ته مان ڊي سي سان ملي ٻاهر نڪتس ته ڊي سي جو پٽيوالو (ان کي نائڪ چوندا هئا) ڀڄندو آيو ۽ چيائين ته توکي ڊي سي پيو سڏي؛ مان وائڙو وائڙو وٽس پهتس ته مون کي منع ڪيائين ته متان ايس پيءَ جو سلام ڀرڻ ويو آهين، تون مئجسٽريٽ آهين ۽ هو پوليس وارو آهي. بلي! انگريز بلي! اهڙي هئي سندن سوچ ۽ نظام. جڏهن خيرپور رياست مان ريل ٿي ڪڍيائون ته مير صاحب اعتراض ڪيو ۽ ڪورٽ مان منع نامو وٺي ڪم بند ڪرائي ڇڏيائين ۽ انگريز بهادر ڪورٽ جو حڪم مڃي ريل جو بند وڇائڻ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. پوءِ مير صاحب کي معاوضو ڏئي اجازت ورتائون. هي آهن حڪومت جا آداب ۽ قانون جو احترام. اهو سلسلو پاڪستان ٺهڻ تائين هليو، پوءِ اهڙو ٽٽو جو ٽاڪو ئي نٿو لڳيس. سڄو قصو ڊانواڊول ٿي ويو. ان جا مک جوابدار ايوب شاهيءَ جو مارشل لا ۽ نواب ڪالا باغ جو وڏيرڪو راڄ آهن. اهڙي طرح فوج جو ادارو، پوليس جو ادارو توڙي ڪامورا شاهي نه رڳو بدنام ٿيا بلڪ واقعي ڪمزور ۽ خراب پرزا ٿي ويا. عوام پنهنجي ليکي بد دل، چڙيل ۽ بغاوت تي آمده ٿي ويو. صوبائيت ۽ فرقيواريت زور وٺي وئي ۽ هرڪو ٻي ڌر کي ڏوهي ۽ دشمن سمجهڻ لڳو. ماڻهو سڀني ادارن مان بيزار ٿي ويا. اها ڳالهه جنرل ضياءَالحق جهڙو، اقتدار جي هوس رکندڙ ماڻهو، به ڀانپي ويو ۽ صاف اعلان ڪيائين ته جيڪڏهن چوٿون ڀيرو مارشل لا لڳايو ويو ته ملڪ ئي ختم ٿي ويندو. اهو ئي سبب هو جو جنرل اسلم بيگ، موقعو ملندي به، مارشل لا نه لڳايو ۽ عام چونڊون ڪرايائين. پر چونڊن جو نتيجو اهڙو ته حيران ڪن نڪتو جو سڀ سراپجي ويا ۽ نه چاهيندي به حڪومت جون واڳون بينظير ڀٽو صاحبه جي حوالي ڪرڻيون پين.
چونڊن ۾ وڏا وڏا ڍينگ ڍري پيا. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي سابق وزيراعظم، هڪ معمولي ماڻهوءَ کان هارائي ويو. مهرن جو سردار غلام محمد خان مهر هارائي ويو. چانڊين جو لٺ سردار سلطان احمد خان هڪ عورت کان هارائي ويو. پير صاحب پاڳارو هارائي ويو ته رئيس عبدالحميد خان جتوئي به هارائي ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ هي تمام وڏو واقعو هو جو وڏا وڏا رئيس، پير، وڏيرا ۽ سردار، هڪ پارٽيءَ کان هارائي ويا. پيپلزپارٽيءَ تي اجايو ۽ ڪوڙو الزام آهي ته اها وڏيرن سردارن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آهي. هڪ مضبوط عوامي پارٽي آهي ۽ ماڻهن پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته چونڊيل نمائندا اخلاق، ڪردار ۽ ايمانداري جي ڪسوٽي تي پورا نه آيا ۽ پارٽيءَ کي ئي بدنام ڪري ڇڏيائون. آهستي آهستي، مفاد پرست پارٽيءَ تي قبضو ڪري ويا ۽ نيٺ 1997ع ۾ پارٽيءَ شڪست کاڌي. اها پارٽيءَ خلاف هڪ منظم سازش هئي جو ڪامورا شاهي، فوج، صنعتڪار، واپاري، وڏيرا ۽ وڏي ڳالهه ته اخباري مافيا پارٽيءَ خلاف منظم ۽ مسلسل پرچار ڪري پارٽيءَ خلاف زهر اوڳاڇيو. اخباري دنيا ته ڪوڙ کي اصول بڻائي ڇڏيو ۽ کين حڪومتي ادارن جي مڪمل پٺڀرائي حاصل هئي. توبهه! ڪيڏا نه ڪوڙ گهڙيا ويا. اخبارن وڏيون سرخيون ڏنيون ته آصف زرداري وٽان، گورنر هائوس تي ڇاپو هڻي، ستر ڪروڙ روڪ هٿ ڪيا ويا. انهيءَ ڪوڙي خبر کي اليڪشن ٿيڻ تائين ڪنهن به حڪومتي اداري طرفان رد نه ڪيو ويو. ٻي ڪوڙي خبر هلائي وئي ته اڍائي ٽن سون هٿ ڪيو ويو جو آصف زرداري ملڪ کان ٻاهر ٿي موڪليو. پوليس، فوج، رينجرس، ڪسٽم عملو، ايڪسائيز وارا توڙي نگران وزير، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس وغيره سڀني جي وات ۾ مڱ پئجي ويا. ٽن مهينن کان پوءِ جڏهن چونڊون ٿي ويون تڏهن انهن خبرن جي ترديد آئي. صاف ظاهر پيو آهي ته ملي ڀڳت ڪري سازش طور، چونڊن ۾ اثر انداز ٿيڻ خاطر اهڙي چَتر ڪوڙي خبر هلائي وئي.
نگرانن کي فرشتو ڪري پيش ڪيو ويو حالانڪ انهن به اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي اڳين ڪيا پئي. نگران وزيراعظم معراج خالد کي هڪ دانشور ۽ درويش صفت انسان ڪري پيش ڪيو ويو پر کيس اهڙو ڀورڙو ۽ بيوقوف بنايو ويو جو کانئس پڇڻ يا ٻڌائڻ کانسواءِ وڏا وڏا فيصلا ڪيا ويا ۽ هو صاحب وتيو ترديدون ڪندو. جڏهن حقيقتون ظاهر ٿيون ته بجاءِ احتجاج ڪرڻ يا استعيفا ڏيڻ جي، بيعزتي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ هضم ڪري ويو. ٻيا نگران به صدر لغاري جا چمچا بڻجي، ها! ۾ ها! ملائيندا، وفاقي وزير بڻجڻ جي نشي ۾، پاڻ کي فرشتو سمجهڻ لڳا ۽ ڪم اهي ئي ڪيائون جيڪي ڪامورا شاهي کانئن ڪرائڻ گهريا ٿي. ڪو سوجهرو ڪونه ٿيو، ڪا ترقي ڪانه ٿي مورڳو اڳيون نور به ويو.
اهڙي طرح سڀ ادارا: پوليس، فوج، ڪامورا شاهي، سياستدان، پارليامينٽ، اسيمبليون، سڀني جي ساک ختم ٿي وئي آهي يا ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو وائڙا وائڙا آهن ۽ بي يقيني ۾ گرفتار آهن ته ڇا پيو ٿئي. ڇو پيو ٿئي ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي. ماڻهو لاتعلق ٿي ويا آهن ته وڃي کڏ ۾ پوي! جيڪي به ٿئي رڳو جان، مال ۽ عزت جو خير هجي. اهو به ڄاڻن ٿا ته جان، مال ۽ عزت جو خير ڪونهي.جوناٿن سوفٽ واري ٽيل آف دي ٽب (ٽب جي ڪهاڻي) آهي جنهن کي اونڌو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو علاج ئي ڪونهي. حالتون اهڙيون اچي بيٺيون آهن جو چڱائي ڪرڻ ۽ رشوت نه وٺڻ به ڄڻ ته ڏوهه هجن. قاعدي قانون جي ڳالهه ڪرڻ واري کي بيوقوف ۽ بي فيض سمجهيو وڃي ٿو. رشوت نه وٺندڙ کي خطرو ليکجي ٿو.
هاڻي ڌائي بچي هئي عدليه، يعني ڪورٽون ۽ جج صاحب. مشهور انگريز فلسفي رسڪن لکيو آهي ته،”ڪنهن به قوم جي صفحه هستي تان مٽجي وڃڻ جي آخري نشاني اها آهي ته ان جي عدليه ڪرپٽ ٿي وڃي.“ مون ڄاڻي واڻي رشوت بجاءِ لفظ ڪرپٽ استعمال ڪيو آهي ڇو ته ڪرپشن ۾ ڌنئونس، ڌانڌلي، دٻاءَ، نوڪري وڃائڻ جو ڊپ ۽ ترقيءَ جا خواب به اچي وڃن ٿا. عدليه لاءِ ڪجهه چئي به نٿو سگهجي ۽ چوڻ کان رهي به نٿو سگهجي. هيٺين جڊيشري ۾ ته رشوت ڪاهي پئي آهي. اڳي اٺانوي سيڪڙو جج ايماندار هئا ۽ باقي ٻه سيڪڙو ۾ شڪ هو. هاڻي ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي. اٺانوي سيڪڙو ڪرپٽ ليکيا وڃن ٿا باقي ٻه سيڪڙو ۾ شڪ آهي ته شايد ايماندار هجن. اعليٰ عدالتن ۾ به بريف ڪيسن ۽ لفافن جي ڳالهه هُلي هئي پر پوءِ اهو هُل بند ٿي ويو.
ڀانيان ته جڊيشري جي باري ۾ ڪجهه تفصيل سان لکان. سنڌ چيف ڪورٽ جي چيف جج، جسٽس ڊيوس کيرون لهڻيون جنهن وڏي جدوجهد کان پوءِ سنڌ ۾ عدليه کي انتظاميه کان جدا ڪرايو. انتظاميه سخت مخالفت ڪئي. ايتري قدر جو ڪليڪٽر، ڊپٽي، ويندي مختيار ڪار ۽ تپيدار جي سطح تائين اعتراض ڪيو ويو ته جيڪڏهن مئجسٽريٽ، جج صاحب ٿيا ته سرڪار کي ڍل به ڪونه ملندي ۽ نظام سڄو درهم برهم ٿي ويندو. اهڙن اعتراضن جا جواب جسٽس ڊيوس لکت ۾ اهڙا مدلل ۽ سهڻا ڏنا آهن جو ڪتابي صورت ۾ ڇپجن ته ادب جو شهپارو ٿي وڃي. انهيءَ جسٽس ڊيوس جو چوڻ هو ته جج مقرر ڪرڻ مهل قابليت ۽ ذهانت کان وڌيڪ مونکي با اخلاق، با ڪردار ۽ ايماندار ماڻهو کپن. اها ساڳي ڳالهه هاڻي، هندوستان جي چيف جج ڪئي آهي.
اڳيان جج، توهان کي ياد هوندا ته نه ڪنهن سان ملندا هئا نه گهران نڪرندا هئا نه ڪنهن دعوت ۾ ويندا هئا. وڏي ڳالهه ته اخبار به ڪانه پڙهندا هئا ته متان سندن ذهن تي ڪو اثر نه ويهي. ٻيو ته ٺهيو، هڪ سرڪيولر نڪتل هو ته جج سرڪاري تقريبن مثلاََ آزادي جو ڏينهن، قائد اعظم جي ولادت جو ڏينهن وغيره ۾ به شرڪت نه ڪن. اڄ ڪلهه جج صاحبن کي جي دعوت نٿي ملي ته ڪاوڙجي ٿا پون. هر مهيني سڀئي لانڍ ڪيو گورنر صاحب يا چيف منسٽر جي ڪوٺايل دعوت ۾ بيٺا آهن. اهڙو ڪم ته آسروند ۽ عرضدار ئي ڪندو.
مونکي ٻه چار واقعا ياد ٿا اچن سي ٻڌائي ڇڏيان. ڊي جي ڪاليج جي سامهون هڪڙو پٿرن جو ٺهيل بنگلو آهي، ان ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج رهندو هو جو رڳو منهن اونداهي مهل نڪرندو هو ۽ برنس گارڊن ۾ پسار ڪري موٽي ايندو هو. گهڻا گهڻا سال پوءِ جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ سب جج ٿي آيس ته بنگلي جي چوڪيدار سان خبرون چارون ڪندي پڇيومانس ته ”اڳي ۽ هاڻي ۾ ڪو فرق ڏسين ٿو؟“ ڏاڍو سهڻو ۽ وزندار جواب ڏنائين. چي”سائين اڳي ماڻهو سِڪندا هئا ته جج صاحب کي ڏسون. هاڻي جج صاحب ٿا سڪن ته ماڻهو اچن ۽ ڏسون!“ ڪيڏي نه چڀندڙ تنقيد ڪري ويو. جسٽس محمد بچل ميمڻ ان بنگلي ۾ رهندو هو. پنج ڇهه ماڻهو ڳاهٽ ڪيو فوٽ پاٿ تي بيٺا هوندا هئا ته جج صاحب نڪري ته ڏسون. نڪرندو هو ته ماڻهو تعظيم سان سلام ڪندا هئا ۽ جج صاحب نه سلام جو جواب ڏيندو هو نه ڏانهن نهاريندو هو.
لاهور ۾ اسپيڪرن جي ڪانفرنس هئي ۽ گورنر صاحب سندن مان ۾ دعوت ڪئي هئي. مان اڌ ڪلاڪ کن اڳواٽ وڃي پهتس ته بندوبست نظر مان ڪڍي ڇڏيان. ڏٺم ته هڪ پوڙهو مالي گُڏ ڪري رهيو هو. وڃي پاسو ورتومانس ۽ حال احوال ڏنوسين وتوسين. اتي گورنر کي چون لاٽ صاحب (لارڊ). ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به ائين چون. رڳو سنڌ ۾ گورنر سڏبو هو جو اسان وٽ گورنر، انگريز راڄ جي آخري دور سن 1936ع کانپوءِ آيا. مالهيءَ کي چيم ته ”ڪا خاص ڳالهه جا ڏٺي هجئي ته ٻڌاءِ!“ رنبي کڻي ڇڏيائين. چيائين ”آهو (هائو) سال ۾ هڪ ڏينهن اهڙو ٿيندو هو جو لاٽ صاحب مٿان لهي هيٺ ورانڊي ۾ پيو اچ وڃ ڪندو هو. ائين ڪندي ٻاهريون گيٽ کلندو هو ۽ هڪ گاڏي اچي ورانڊي واري ڇپري (پورچ) ۾ بيهندي هئي. لاٽ صاحب پاڻ وڌي وڃي در کوليندو هو ۽ گاڏيءَ مان چيف جج (صوبائي) لهندو هو ۽ ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏئي ڏاڪڻ چڙهي مٿي وڃي ويهندا هئا.“ اهو هو طور طريقو ۽ اعزاز صوبائي چيف جج جو. اڄ جج صاحب آتا آهن ته گورنر صاحب کين گهرائي ۽ هو ڊوڙندا وڃن.
هڪ ذڪر جوڳو واقعو ياد ٿو اچيم. جسٽس عبدالحئي قريشي چيف جج هو ۽ مان رجسٽرار. قريشي صاحب علاج لاءِ لنڊن ويو ۽ چارج سينئر جج جسٽس نعيم الدين ورتي. گورنر صاحب جنرل عباسي هو. جسٽس نعيم الدين وڃي ساڻس سنڌ اسيمبلي ۾ ملي آيو. ڪجهه وقت کان پوءِ وري به ساڻس ملي کيس سکر هاءِ ڪورٽ بينچ جي افتتاح جي دعوت ڏئي آيو. جسٽس قريشي موٽي آيو ته کيس سڀ خبرون پيون. مون کي گهرائي صلاح طور پڇيائين ته ”مسٽر ابڙا! هي جو جسٽس نعيم الدين گورنر سان ملي آيو آهي ته مون کي به وڃڻ کپي ڇا؟“ مون ٿورو سوچي چيو ته ”سائين بهتر ٿيندو ته توهان به ملي اچوس نه ته سوچيندو ته مستقل چيف جج کيس ليکيو ئي ڪونه!“ پاڻ به ٿورو سوچي چيائين ”ٺيڪ آ، پوءِ ٽائيم وٺ ته مان به ملي اچانس.“
گورنر جو سيڪريٽري هو شاهد عباس جو منهنجو واقف هو. مون کيس فون ڪئي. هن چيو ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي مان جنرل صاحب کان پڇي هينئر ٿو توکي ٻڌايان. پندرهن منٽن ۾ فون ڪيائين ته ”رسيس ۾ يارهين بجي يا آفيس ٽائيم پوري ٿيڻ مهل هڪ ڏيڍ بجي جيئن چيف جج صاحب واندو ٿئي ته هليو اچي!“ساڍي ڏهين بجي جج صاحب چانهه جو وقفو ڪندا آهن. مون وڃي جسٽس قريشيءَ کي ٻڌايو ته بنان دير جي هڪدم چيائين ”مسٽر ابڙا! تون به ڪمال ٿو ڪرين، مان نه ويندس!“ مان ٿورو حيران ٿيس ته چيائين ته ”ايتري ڳالهه به نٿا سمجهو، هڪ چيف جج، مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪيئن ويندو. مان ڪونه ويندس ۽ ٻڌائي ڇڏين!“ ايترو ته پختي ارادي سان چيائين جو منهنجا ڪپاٽ کلي ويا. هيءَ هو هڪ سنڌي جج ۽ هوڏانهن هو درٻاري ڪلچر جو دهلي وارو مهاجر جج.
جسٽس نعيم الدين هو به ڪروڙ پتي، نه هئس زال نه اولاد تڏهن به خوشامد ۽ چاپلوسي سندس رت ۽ رڳن ۾ ڀريل هئي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ جو جج هوندي جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر بڻيو ته ڪهڙو نه ڪارو منهن ڪري ڇڏيائين سڄي قوم جو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي ڌانڌلي ۽ بدمعاشي واري اليڪشن ڪڏهن ڪانه ٿي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو اها ڳالهه ڄاڻي ٿو، پر هن صاحب ٽي وي تي اچي دعويٰ ڪئي ته اليڪشن نهايت صحيح ۽ ايماندارانه ٿي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته صدر غلام اسحاق خان پنهنجن ڇاڙتن روئداد خان ۽ اجلال حيدر زيديءَ جي معرفت وڏي پئماني تي رٿابنديءَ سان ڌانڌلي ڪرائي. ويندي جنرل اسلم بيگ به مڃيو ته کيس ڏهه ڪروڙ انهيءَ لاءِ ڏنا ويا ۽ جسٽس صاحب جي حضوري ڪندو رهيو.
ڳالهه آهي اخلاق، ڪردار ۽ ضمير جي. انهن خاصيتن کانسواءِ ڪو به ماڻهو سٺو جج ٿي نٿو سگهي. جسٽس ڊيوس چوندو هو ته ”قابليت کان وڌ ايمانداري ۽ اصول پرستي آهي ۽ ڀلي ڪو جج قابل نه هجي پر ايماندار ۽ با ضمير هجي ته مان انهيءَ کي چونڊيندس!“ هر محڪمه جي پنهنجي تقاضا آهي. منهنجو اسڪولي ۽ ڪاليجي دوست، عبدالوهاب شيخ، فيڊرل سيڪريٽري آبپاشي جو قابل به هو ۽ نيڪ سيرت به، اهو چوندو هو ته ”مونکي اهڙو انجنيئر کپي جو قابل هجي پوءِ ڀلي رشوتي هجي. ڇو ته اهو لک کائيندو ته ڪروڙن جو ڪم سٺو ۽ مضبوط ڪرائيندو، پر جي ايماندار هوندو ۽ ناقابل، ته ڪروڙن جو نقصان ڪرائي ڇڏيندو!“ هو پنهنجي جاءِ تي صحيح هو پر عدليه لاءِ جسٽس ڊيوس جي راءِ وزندار آهي.
جسٽس عبدالحئي قريشي جو ٺپ جواب ٻڌي، مان پنهنجي آفيس ۾ آيس ۽ مسٽر شاهد عباس کي فون ڪري چيم ته ”چيف جج صاحب تمام مصروف آهي، وڏا وڏا وڪيل اي. ڪي بروهي ۽ خالد اسحاق بحث مباحثا ۽ تقريرون پيا ڪن سو چيف جج صاحب آفيس ٽائيم ۾ نه اچي سگهندو!“ سي. ايس. پي آفيسر نهايت سمجهدار ۽ حقيقت پسند ٿا ٿين سو هلڪو ٽهڪ ڏنائين. چيائين ”ڀائي ابڙو صاحب پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، مان هاڻي ئي جنرل صاحب سان ملي توکي پندرهن منٽن ۾ فون ڪيان ٿو!“ جلد ئي فون ڪيائين ۽ چيائين ته گورنر صاحب چوي ٿو ته ”چيف جج صاحب اڄ شام جو سندس باٿ آئلنڊ واري بنگلي تي وٽس چانهه جي دعوت قبول ڪري!“ مون وڃي جسٽس قريشيءَ کي ٻڌايو ته هن مرڪي چيو ته ”اهو ٺيڪ آهي ڪنفرم ڪري ڇڏ.“ مون فون ڪري پروگرام پڪو ڪرائي ڇڏيو.
شام جو جج صاحب باعزت نموني سان وڃي گورنر سان چانهه پي ڪچهري ڪري آيو. ٻئي ڏينهن مونکي ٻڌايائين ته ”ائڪٽنگ چيف جج صاحب وري ٻيو به گند ڪري آيو آهي. گورنر چيو ته سکر ۾ جو هاءِ ڪورٽ جي شاخ کلڻي آهي، ان جي افتتاح لاءِ کيس دعوت ملي آهي ۽ هو ايندو. هاڻي تون ٻڌاءِ ابڙا، ته اهو ٺهي ٿو جو هاءِ ڪورٽ جو افتتاح هڪ فوجي جنرل ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ڪري. مان ته پاڪستان جي چيف جج جسٽس حليم کي دعوت ڏيندس، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ گهڻن آفيسرن جي عادت آهي ته وڏن صاحبن سان ها! ۾ ها! ملائيندا آهن. پر مون وٽ الائي ڪهڙي جنڙي آهي جو ڪن کان وٺي منهن تي ابتي ڳالهه چوارايو ڇڏي. ڀلي اڳيان چيف منسٽر هجي، گورنر هجي، اسپيڪر هجي يا وزير. وڏي ڳالهه ته اهڙي ڳالهه مونکي ڦٻي به وڃي. اڳتي هلي ناراضگيءَ جو سبب بڻجي ته بڻجي، شايد نقصان به پهتا هجن. پر ضمير مطمئن اٿم.
چيف جج صاحب کي چيم ته ”سائين اهو مناسب نه ٿيندو.“ چيائين ”ڇو؟“ چيم ته ”گورنر پاڻ توهان سان ڳالهه نه ڪري ها ته پوءِ ٺيڪ هو، ڀلي جسٽس حليم کي دعوت ڏيو ها. هاڻ جڏهن گورنر پاڻ ڳالهه ڪري دعوت قبول ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو آهي ته پوءِ هروڀرو کيس نيچو نوائڻ مناسب نه آهي، ڍڳي کي ڳاڙهو ڪپڙو ڏيکارڻ برابر آهي!“ جسٽس قريشي مشڪيو پر چيائين ته ”ڏٺو ويندو!“ بعد ۾ جڏهن سکر بينچ جو افتتاح ٿيو ته گورنر عباسيءَ کي ئي دعوت ڏنائين.
مون مٿي انگريز مفڪر رسڪن جو قول لکيو آهي ته ”ڪنهن به قوم جي تباهه ٿيڻ جي آخري نشاني اها آهي ته ان جي عدليه ڪرپٽ ٿي ويندي آهي.“ اهو انگريز جو لفظ ڪرپٽ، اسانجي سنڌي لفظ ڪِرپٽيءَ سان علامتي طور ملي جلي ٿو. اڳ واري جڊيشريءَ جا شاندار مثال مون مٿي ڏنا آهن. انگريز دؤر حڪومت ۾ عدليه جو وڏو مان شان هو. ڪنهن پوليس آفيسر، فوجي، ويندي انگريز گورنر يا وائسراءِ جي مجال نه هئي جو جڊيشري جي توهين ڪري. خيرپور رياست مان ريل ڪڍي ٿي وئي ته مير صاحب ڪورٽ کان منع نامو ورتو ۽ حڪومت بيوس ٿي وئي. هڪ دفعي ايران جو جج آقا دانشمند صاحب ڪراچي آيو ۽ مون کيس پاڻ سان گڏ مٿي ٿلهي تي ويهاريو ۽ اهو ڪيس هلائڻ جو اشارو ڏنم جنهن ۾ هڪ معمولي شهريءَ، حڪومت خلاف يعني ملڪ جي گورنر ۽ صدر جي حڪم کي چئلينج ڪيو هو. دانشمند صاحب حيران ٿي ويو.
چئمبر ۾ موٽي آياسين ته دٻيل لفظن ۾ اهڙي قانون جي تعريف ته ڪيائين پر چيائين ته ”ايران ۾ اهو تصور ئي ڪونهي ته حڪومت يا شاهه جي ڪنهن حڪم خلاف عدالت ۾ به وڃي سگهجي ٿو.“ هندوستان ۾ جڏهن سباش چندر بوس انگريز حڪومت خلاف زوردار تقريرون ڪيون ته مٿس غداري جو مقدمو هلايو ويو. هاءِ ڪورٽ هڪ اهم تاريخي فيصلو ڏنو ته ”حڪومت خلاف ڳالهائڻ يا ان کي ڊاهڻ جا جتن ڪرڻ غداري نه آهي. البت رياست يعني ملڪ ۽ تاج برطانيه خلاف ڳالهائڻ غداري ٿي سگهي ٿي!“ اهڙيون شاندار روايتون قائم ڪيون ويون جو مولوي تميزالدين خان، گورنر جنرل ملڪ غلام محمد تي ڪيس داخل ڪيو ته هن کي قانون ساز اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحبن، خاص طور تي چيف جسٽس محمد بخش ميمڻ، باوجود سخت حڪومتي دٻاءَ جي فيصلو حڪومت خلاف ڏنو. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني عدليه جو ناماچار وڌي ويو. چون ٿا ته چرچل کي جڏهن اها خبر ٻڌائي وئي ته فخر سان چيائين ته، ”انهيءَ جي معنيٰ ته اسان ڪي فخر جهڙيون روايتون ڇڏي آيا آهيون.“
پاڪستان جو پهريون سيڪريٽري قانون هو هڪ انگريز مسٽر سنيلسن. ان هڪ رازدارانه سمري (مسودو) ٺاهي ته اعليٰ عدالتن جي ڪنهن فيصلي سان جيڪڏهن حڪومت جي معاملن ۾ رنڊڪ پوي يا پريشاني جو سبب پيدا ٿئي ته ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا. اتفاق سان، سندس انهيءَ مسودي جا ڪجهه حصا ظاهر ٿي پيا ۽ مسٽر سنيلسن هڪدم استعيفا ڏئي هليو ويو. ايڏو ۽ اهڙو هو عدليه جو وقار ۽ ڏهڪاءُ.
بعد ۾ حڪومت ۽ حڪمرانن هٿان، هٿ وٺي جڊيشري کي بيعزتو ۽ تباهه ڪيو ويو. مولوي تميزالدين جي ڪيس هلندي جج صاحبن تي ايڏو دٻاءُ پيو جو جج صاحب لڪي لڪي برقعو پائي ڪورٽ ۾ ايندا هئا. فيصلي کانپوءِ، جسٽس محمد بخش ميمڻ تي زنا جو ڪوڙو ڪيس ٺاهي گرفتار ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ڪنهن ننڍي پوليس آفيسر رات جو وڃي سندس مسلم آباد واري بنگلي ۾ اطلاع ڏنو ۽ صلاح ڏني ته رات وچ ۾ ڪراچي ڇڏي وڃي. جسٽس صاحب راتو رات ڀڄي وڃي پنهنجي ٻنين تي ضلعي نواب شاهه ۾ لڪو، نه ته ٻئي ڏينهن بدنام ٿئي ها ۽ گرفتار به ٿئي ها.
مان جڏهن 89ـ1988ع ۾ اسلام آباد ۾ فيڊرل سروس ٽربيونل جو جج هئس تڏهن هڪ واقعو پيش آيو. صدر جنرل ضياءُ الحق فيڊرل سيڪريٽرين ۽ جنرلن جي روبرو، نهايت حقارت سان چيو ته ”منهنجي ساٿي جنرلن جو خيال آهي ته ڪي سيڪريٽري اهڙا آهن جن کي ڦٽڪا هنيا وڃن.“ جسٽس صمداني اٿي چيو ته ”اسان جي خيال ۾ ڪي جنرل اهڙا آهن جن کي ڦٽڪا لڳڻ کپن!“ ڏينهن ٻن کانپوءِ جسٽس صمداني کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. هن جهڙي قابل ماڻهوءَ کي ڪهڙي لوڙ .. ڪراچيءَ ۾ وڪالت مان لکين رپيا پيو ڪمائي. جسٽس فخرالدين ابراهيم به وڪالت مان لکين پيو ڪمائي. اڳي ٿيندو ئي ائين هو جو وڏا قانوندان قرباني ڏئي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ قبول ڪندا هئا. محمد حيات جوڻيجي کي هاءِ ڪورٽ جو جج ڪيو ويو ته استعيفا ڏئي ويو. وري کيس سفير ڪري موڪليو ويو ته به استعيفا ڏئي آيو ۽ وڪالت پيو ڪري. ڀلا اي. ڪي بروهي ۽ خالد اسحاق کي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ کين آڇ ڪئي وئي هوندي ۽ هنن يقيناََ انڪار ڪيو هوندو. هاڻي ته اهڙا وڪيل صاحب ساماڻا آهن جو حيلا ۽ سفارشون پيا هلائين ته کين جج ڪيو وڃي. پوءِ اهڙا ماڻهو ڪهڙو انصاف ڪندا.
ڪجهه وقت اڳ ججن جي مقرري واري ڪيس تي ڪافي ٽيڪا ٽپڻي ٿي ۽ اخبارن ته عدليه جي آزادي لاءِ هائيدوس مچائي ڏنو. اها ته صاف منافقي ۽ بدمعاشي هئي، جو يقيناََ سياسي سازش جي رٿابنديءَ جو هڪ حصو هو. هڪ جنرل ڄاڻي واڻي اخبار وارن آڏو بيان ڏنو ته هن فلاڻي سياسي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن کي نياپو موڪليو ته جيڪڏهن فيصلو سندس راءِ مطابق نه ٿيو ته نتيجا خراب نڪرندا. عدليه جي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي بيعزتي ٿي سگهي ٿي؟ اخبارن ۾ نه اهڙي هاءِ گهوڙا ٿي، نه سپريم ڪورٽ ئي جنرل صاحب کي ٺيڪ ڪري سگهي. جيڪو ورجائي چوڻ لڳو ته هو نوٽيس ملڻ باوجود سپريم ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو! ان کان به وڌيڪ بيعزتي کلي ڪورٽ ۾ شريف الدين پيرزاده صاحب ڪئي جو چيائين ته اوائلي مارشل لا دؤر ۾ هن سپريم ڪورٽ جي چيف جج جسٽس يعقوب عليءَ کي خبردار ڪيو ۽ هن نه مڃيو ته ٻئي ڏينهن تي هن کي ڪرسي خالي ڪرڻي پئي. اها ته سڌي سنئين سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڌمڪي هئي ته توهان سان به ائين ٿي سگهي ٿو پر جج صاحب هضم ڪري ويا ۽ پيرزاده صاحب کي توهين عدالت جو نوٽيس به ڪونه ڏنائون. فتويٰ اها ئي ڏنائون جنهن لاءِ پيرزاده صاحب زور پي ڀريو. پوءِ به اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي تي واهه واهه ٿي وئي ته عدليه جو وقار بلند ٿي ويو. هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ .
ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو! جڏهن مولوي تميزالدين جو ڪيس جسٽس منير وٽ پئي هليو ته هو صاحب مدعا عليھ يعني ملڪ غلام محمد وٽ، گورنر جنرل هائوس ۾ رهندو. مانيون کائيندو ۽ شراب نوشي ڪندو رهندو هو. سرڪاري خرچ تي روزانو سندس شيل شڪار جو بندوبست ڪيو ويندو هو. اکين ڏٺن شاهدن جون شاهديون اڃا به موجود آهن. نيٺ اهوئي فيصلو ڏنائين جيڪو صريحاََ غلط هو. اهو چئي پاڻ بچائي ويو ته هن اهو فيصلو ’نظريه ضرورت‘ هيٺ ڏنو. ضرورت جو، قانون ۽ انصاف سان ڪهڙو تعلق؟ جج صاحب ڪو آسمان کي ڪِرڻ کان روڪي بيٺا آهن ڇا؟ اميرالمؤمنين حضرت علي رضي الله عنھ جي چوري ٿيل زرهه هڪ يهوديءَ وٽان ملي. قاضيءَ نه رڳو يهوديءَ کي ڇڏي ڏنو پر زرهه به کيس ڏياريائين. ڪو آسمان ته ڪونه ڪريو؛ نه ئي اميرالمؤمنين حضرت علي رضي الله عنھ قاضي کي معزول ڪيو.
جج صاحبن کي ڪاوڙ لڳي هئي ته هڪ جونئر جج آغا رفيق کي پندرهن ويهه سينئر ججن مٿان ٽپائي هاءِ ڪورٽ جو جج ڪيو ويو هو. اهو ته آغا رفيق جو ڏوهه هو جو ائين ڪيائين. کيس انڪار ڪرڻ کپندو هو. مان جڏهن ستر جي ڏهاڪي ۾ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ته خانصاحب غلام الرسول ڪيهر جو اسيمبليءَ جو اسپيڪر هو تنهن چيف سيڪريٽري کي لکي موڪليو ته ”مسٽر جمال الدين ابڙي جهڙي قابل ايماندار ۽ تجربيڪار ماڻهوءَ کي ڇڏڻ، اسيبمليءَ لاءِ هاڃيڪار ۽ لا تلافي نقصان ٿيندو، تنهن ڪري کيس گريڊ ايڪيهه ۾ ترقي ڏئي مستقل طور اسيمبليءَ جي حوالي ڪيو وڃي.“ ان وقت مان پنهنجي ڊپارٽمينٽ، يعني هاءِ ڪورٽ ۾ اڻويهين گريڊ ۾ سيشن جج هئس. مون مناسب نه سمجهيو ته هڪدم اوڻويهين گريڊ مان ٽپائي ايڪيهين گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي. مون ان فائيل تي لکيو ته ”اهو منهنجو اختيار ۽ منهنجو نجي معاملو آهي ۽ مون کان نه ان لاءِ پڇيو ويو آهي، نه قبول آهي.“ اهو فائيل اڃا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ موجود هوندو. ڀلي وڃي ڪو تصديق ڪري. نه رڳو ايترو پر مون روبرو وڃي چيف سيڪريٽري سعيد احمد قريشيءَ کي چيو ته ”منهنجو راضپو نه پڇيو ويو آهي.“
آغا رفيق حسين هارون جو به ائين مٿو وڃايو. مون سان ممتاز علي خان ڀٽي، جڏهن هو نگران چيف منسٽر هو. پاڻهئي اها ڳالهه ڪئي ته ”انهي آغا رفيق، نه رڳو حسين هارون، پر بينظير ڀٽو صاحبه جو تڏو ويڙهايو!“ ڪنهن اونچي پد تي پهچڻ جي چاهنا (ائمبيشن) چڱي ڳالهه آهي پر اها جاءِ محنت، لگن ۽ قابليت سان حاصل ڪجي، نه ڪه غلط طريقن سان. اها ته ائمبيشن سان ويساهه گهاتي آهي. مون کي به هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ جي چاهنا هئي جا مان پنهنجي محنت، ايمانداري ۽ قابليت سان حاصل ڪرڻ وارو هئس پر ائين نه ٿيو. مان سڀني کان سينئر هئس ۽ چيف جج صاحب مون کي گهرائي پاڻ ٻڌايو ته منهنجو رڪارڊ تمام سٺو هو ۽ هو منهنجو نالو موڪليندو. مسٽر شمس الدين صديقي، جو تمام ايماندار جج هو ۽ سينئر به هو، ان کي به ائين چيائين. ”مان چاهيان ها ته سفارش به ڪرائي سگهان ها ڇاڪاڻ ته ان وقت جو پرائيم منسٽر محمد خان جوڻيجو مون تي خاص مهربان هو.“ اسان جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن اسان بجاءِ ٻيا ٽي جج کنيا ويا جي نه رڳو جونيئر هئا پر سندن ايمانداري به مشڪوڪ هئي.
مون سمجهيو ته جنرل ضياءَ ڄاڻي واڻي ڪرپٽ جج رکي ٿو جيئن هو ضرورت آهر سندن پُڇ مروڙي سگهي. مان ته کڻي پاڻ کي آٿت ڏيان ته منهنجي سياسي رجحانات ۽ بدر جي ڪيس ڪري مونکي نه کنيو ويو پر شمس الدين صديقي ۾ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. سندس ڪوتاهي صرف ۽ صرف اها هئي ته هو نهايت ايماندار هو ۽ جهڪڻ وارو نه هو. ان ڪري مان ڀانيان ٿو ته منهنجو به اهو ئي ڏوهه هو جيڪو مسٽر شمس الدين صديقيءَ جو هو. الحمد الله! ان لاءِ مون کي اڄ به ڪوڙاڻ محسوس نه ٿي آهي. البت افسوس اٿم ته قدر نه ڪيو ويو. ان وقت صحافت جي وات ۾ مڱ پئجي ويا. نه اسان جو پهلوان اَرديشير ڪاوسجي ڪڇيو، نه اخبار وارن کي سيڪ آيو، پر جڏهن پهلوان ادارن چاهيو ۽ رٿيو تڏهن هرڪو ٻرن مان نڪري ٻوڪٽ ڪندو رهيو ۽ مسلسل ڪندو رهيو ته هاءِ ڪورٽ جا جج مقرر ڪرڻ واري معاملي ۾ بينظير صاحبه جي حڪومت صحيح طريقو استعمال نه ڪيو آهي.
اهي ساڳيا جج صاحب جيڪي هڪ جونيئر جج صاحب جي تقرري تي اعتراض پيا ڪن، سي ضياءَ دور ۾ مارشل لا جي دٻ سببان فوجي برگيڊيئر کي گڏ ويهاريندا هئا. عدليه جي تاريخ ۾ اهو ڪاري ۾ ڪارو عمل هو جو اعليٰ عدالت جي جج صاحبن هڪ فوجيءَ کي پاڻ سان گڏ هاءِ ڪورٽ ۾ ويهارڻ قبول ڪيو. ايڏي وڏي بيعزتي سهڻ بجاءِ کين بائڪاٽ ڪرڻ کپندو هو يا استعيفا ڏيڻ کپندي هئي جيئن انڊيا جي جج صاحبن هڪ لڱا اندرا گانڌي جي دؤر ۾ ڪري ڏيکاريو. پر اسان جا جج صاحب مارشل لا جي ڏنڊي اڳيان ڪوئا بڻجي ويا ۽ اکر نه ڪڇيائون.
هي جيڪي ڪجهه مون مٿي لکيو آهي سو نيڪ نيتي سان ۽ هاءِ ڪورٽن جي وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ لکيو آهي. توبهه! اعليٰ عدالتن جي تحقير، رسڪن چواڻي، قوم جي تباهي جي نشاني آهي. شال ائين م هو، الله اسان جي عدليه ۽ جج صاحبن جي عزت ۽ وقار بلند کان بلند تر ڪري.
مون مٿي پاڪستان جي سياست ۽ پنجاب جي ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي. سڄي ۽ سموري گڙٻڙ پنجاب جي کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿي. بنگال ۾ جيڪي ظلم ۽ ڏاڍايون پنجاب جي فوج، ڪامورا شاهي ۽ صنعتڪارن ڪيون سي تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آهن. ان لاءِ سڄي دنيا اسان تي ٿڪ لعنت ڪئي آهي. پنجاب، بنگالين جي اڪثريت مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي بنگال کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو. بلڪه الڳ ڪيو. کين ظاهر ظهور ايوب دؤر کان وٺي چيو ويو ته توهان الڳ ٿيو پر هنن نه پئي چاهيو جو سمجهيائون ٿي ته اڪثريت جي زور تي هو حڪومت، توڙي صنعت، واپار، نوڪرين ۽ ٻين پيداواري وسيلن ۾ وڌيڪ حصيدار ٿيندا. انهيءَ ڪري کين سبق سيکارڻ ۽ بد دل ڪرڻ لاءِ سندن عزتون لٽيون ويون ۽ قتلام ڪيو ويو. اسان جا پاڪستاني ان تي شرمنده ٿيڻ بجاءِ فخر ڪندا هئا ۽ نفرت وچان کين ”سالا هندو ڪي اولاد!“ چوندا هئا. پوليس به هتان اماڻي وئي.
منهنجو هڪ واقف پوليس وارو ذات جو راٺوڙ هو تنهن مونکي پاڻ ٻڌايو ته سندس خيمه (تنبوءَ) ۾ چار بنگالي عورتون سندس حوالي هيون. هت ڪراچيءَ ۾ منهنجو هڪ ڪروڙ پتي مهاجر دوست هو تنهن پاڻ مونکي فخريه انداز ۾ چيو ته ”سالن بنگالين جو تخم ئي تبديل ڪري ڇڏينداسين.“ انهي ۾ فخر جي ڪهڙي ڳالهه هئي، ٻڏي مرڻ جو مقام هو. ڪيئن فوج اٽڪل بازي ڪري فوجي حملي جو ڊرامو رچائي بنگلاديش هٿ وٺي ٺاهيو، ان لاءِ اقبال آخوند جو ڪتاب ”هڪ بيهي ڏسندڙ جون يادگيريون“ انگريزيءَ ۾، وٺي پڙهڻ گهرجي. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. فوجي جنرلن چالبازي ڪري، ڏوهه سياستدانن مٿان مڙهڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون ۽ افواهه هلايا. حقيقت ۾ شروع کان ئي فوج ۽ پنجاب (فوج معنيٰ به پنجاب) ڪمال خود غرضي ۽ مفادپرستيءَ سان پاڪستاني سياست ۾ ڊاهه ڊوهه ڪندا آيا، جا اڄ تائين جاري آهي.
لياقت علي خان کي قتل ڪرڻ، خواجه ناظم الدين کي ڊسمس ڪرڻ. اسيمبليون ٽوڙڻ، وزيراعظم هڪ ٻئي پٺيان ڪڍڻ ۽ رکڻ. آئين معطل ڪرڻ مارشل لا لڳائڻ ون يونٽ ٺاهڻ، سڀ هڪ ئي ڊرامي جون ڪڙيون آهن. سنڌ جي مفاد تي ڌاڙا هڻڻ ۽ هتان جي نوڪرين، زمينن ۽ پيداواري وسيلن تي قبضا ڪرڻ سندن مول متو آهي ۽ بکي نگاهه آهي. ملاڪاتيار کان پرڀرو جتي يونين ٽيڪساس وارن تيل ڳولهي لڌو آهي اتي، حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر سان گڏجي ويس. ڀر واري ڳوٺڙي مان هڪ به ماڻهو اتي ڪونه هو. پنجابي آفيسر کان سبب پڇيم ته چيائين ته ”سنڌين ۾ ڪو به تربيت يافته ڪونه آهي.“ پڇيومانس ته ”چوڪيداريءَ لاءِ ڪو ٽريننگ اسڪول آهي ڇا؟“ جواب ڪونه ڏنائين. سنڌ جي دولت تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌين خلاف نفرت ڦهلائڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري مهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ ٺهيو. چوندا آهن ته حب علي آهي يا بغض معاويه. هتي حب پاڪستان ناهي. بغض سنڌ آهي. جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏنائون ته مون مشهور شاعره فهميده رياض کان پڇيو ته ”ڀٽو صاحب سنڌي نه هجي ها ته ڇا ڦاسي اچيس ها!“ هوءَ تمام ذهين ۽ صاف گو آهي سو صاف چيائين ته ”بلڪل نه. جيڪڏهن ڀٽو صاحب پنجابي، پٺاڻ، بلوچ، مهاجر يا ڪشميري سواتي هجي ها ته ڦاسي نه اچيس ها!“
ڀٽي صاحب جي ڦاسي به عدليه تي داغ آهي. تڏهن به صحافتي ادارا خاموش رهيا. ڪيئن ته جج صاحبن سان حالتون ڪيون ويون. پنجاب مان سينئر ججن کي ڪڍڻ مولوي مشتاق کي چيف جج ڪيو ويو ۽ کانئس ڪڌو ڪم ورتو ويو. سپريم ڪورٽ مان هڪڙن ججن کي ڪڍيو ويو. هڪڙو افغانستان ڀڄي ويو ۽ هڪڙو وڃي لنڊن ۾ پناهه گزين ٿيو. جسٽس وحيد الدين جو شينهن مڙس هو تنهن کي بيمار قرار ڏئي زوريءَ موڪل تي ڪراچي اماڻيو ويو. اهڙين ڏاڍاين ۽ زيادتن تي ڪنهن کي ضمير جي چهنڊڙي ڪانه پئي. نه ڪنهن ڪاوسجيءَ کي نه ڪنهن صحافيءَ کي. معنيٰ ته ميڊيا مافيا ۽ ٻيون سڀ مافيائون ڳانڍڙ سانڍڙ ۾ هيون ۽ سندن وچ ۾ هڪ ناپاڪ ڳجهو ٺاهه هو. تڏهن ته ڪراچيءَ ۾ مٺايون ورهايون ويون ۽ فوجين کي گلن جا هار پارايا ويا. ان وقت عدليه جي عزت ۽ آزاديءَ جي ڪنهن کي پرواهه ڪونه هئي. ضياءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن عارضي فوجي آئين P.C.O نافذ ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جج سميت جسٽس دوراب پٽيل جهڙي ماڻڪ موتي ۽ ڪيترن ٻين جج صاحبن کي بنان سبب ڄاڻائڻ جي ڪل ٻارهن ججن کي نوڪريءَ مان ئي ڪڍيو ويو. ان وقت ڪنهن کي سيڪ نه آيو نه وويڪ جي چهنڊڙي پئي. ويندي نام نهاد بابائي صحافت به گوشئه عافيت ۾ خاموشي اختيار ڪئي. تڏهن ته عدليه جي اختيارن ۽ عزت ۽ وقار کي ڪنهن ڪونه کنگهيو. جيڪي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ويٺا آهن سي به چپ رهيا. نه ڪنهن نظامي، شامي، حقاني ۽ نه ئي صحافت جي هٿرادو شيرن کي ڪڇڻ جي همت ٿي. هي اوچتو عدليه سان عشق به ان ئي مافيا جو ڪرشمو آهي. ڳالهه اصل اهائي آهي. جي ايم سيد سان ضياءَ الحق جو عشق به ساڳي ڪڙي آهي.

12

سنڌ جي سدا بهار سرزمين کي ڳڙڪائڻ لاءِ هرڪو سانڊي جيان جهپٽ هڻڻ لاءِ لالچي اک وجهيون ويٺو آهي. سنڌ کي الله ڪيو به سون جي کاڻ آهي. گئس هت، ڪوئلو هت، پيٽرول هت، چيرولي ۽ چونو هت، گرنائيٽ پٿر هت، مٽي اهڙي ڀلي جو هڪ آمريڪي مونکي چيو ته ”هت ماڻهو پوکيو ته ڦٽي پوندو!“ ڏسو نه، انب هت، ڪيلو هت، نارنگي هت، چِڪو ۽ ڦاروان هت، ڪپهه، ڪڻڪ، چانور، مڱ، مڱيرا، وڏڦ، تر، کجور، زيتون، جيڪي پوکيو، ويندي پان جي پوک ۽ سڻي به هت پوکجن ٿا. حضور اڪرم صلي الله علي وآلھِ وسلم کي هتان ائين خوشبو نه آئي هئي. ڪا ته ڳالهه هئي. اڃا ته الائي ڇاڇا سنڌ ۾ هوندو. وڏي ڳالهه ته هتئون جو ماڻهو به مٺڙو، نيڪ نيت، جيءُ ۾ جايون ڏيڻ وارو، صابر ۽ شاڪر اهڙو جو جيل ۾ هوندو ته به چوندو ”شڪر آ.“ اهڙن ماڻهن کي الله رڻ ۾ ڪونه روليندو، نڪو اهڙو عرفه ۽ اعليٰ ڪلچر تباهه ٿيندو. نهٺائي نياز نوڙت الڳ. اهوئي سبب آهي جو هر ڪنهن جون بريون اکيون اسان ۾ آهن، پوءِ به اسين سلامت آهيون. رڳو پنهنجو اخلاق ۽ ڪردار بهتر کان بهتر ڪيون ۽ ڪجهه جاکوڙيون. هٿ تي هٿ ڌري نه ويهون، نه ٻين ۾ آسرو رکون. چوندا ئي ائين آهيون ته ’اپڻي گهوٽ ته نشا هووئي.‘
مذهب ۾ اسان ڪشاده دل آهيون. ڀنگ عام پيئون ۽ ان کي برو ڪونه سمجهون. ڪٽر ڪونه آهيون. ملان کي ملامت ڪيون ۽ مستن کي پوڄيون. منهنجي دوست غلا النبي سومري وٽ هڪ آمريڪي دوست آيل هو. ڪيترا ڏينهن رهڻ کان پوءِ عجب ظاهر ڪيائين ته ”ههڙي غريب ۽ پوئتي پيل ملڪ ۾ نه نفسياتي ڊاڪٽر آهن نه نفسياتي شفاخانه!“ غلام النبي سومرو نه رڳو ذهين هو، پر منجهس مزاح جي به اعليٰ خوبي هئي. سو چيائينس ته ”هت چريو ايترو اڻلڀ آهي جو اتفاق سان ڪو چريو ٿي پوي ته اسان ان کي سنت saint سمجهي پوڄيندا آهيون.“ مون چيو ”نه، ملان کي ملامت ڪيون ۽ چرئي کي درويش سمجهون. ماءُ پيءُ، چاچي مامي ۽ وڏي ڀيڻ کي پيرين پئي ملون، ٻين سان هٿ جوڙ جي واٽ. باقي سر زمين ۾ ساهه اٿئون. نه سنڌ ڇڏي ٿا سگهون نه ان تان هٿ کڻي ٿا سگهون.“ لُڪ ۽ لوءِ ۾ مٿي اگهاڙا پيرين اگهاڙا بيهڻ برداشت ڪيون ٿا پر سنڌ کي ڪوسو واءُ لڳندي سهي نٿا سگهون. اسان جي انهيءَ ڄر تي گهڻائي ليڊر سڳورا پنهنجي کچڻي پچائڻ لڳي وڃن ٿا. عجب نه آهي جو مهاجر به ائين اسان جيان ٿي وڃن ۽ شل اهو قدم سڳورو ٿئي.
مون مٿي پنجاب تي ۽ پنجابي فوج تي تنقيد ڪئي آهي پر اها سورنهن آنا صحيح نه آهي، رموٽ ڪنٽرول ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ آهي. اهو جيئن چاهي چئنل مٽائي ويٺو ۽ اسين ان مٽ سٽ ۾ گڏن جيان پيا نچون ٽپون، ڪِرون ۽ مرون. اهو پس پڙده دجال شايد اصل ڪاڻو دجال هجي جو سڀ ڪجهه، پنهنجي مفاد ۾، هڪ اک سان ويٺو ڏسي. اصل ڏوهه ان دجال جو آهي جو آءِ. ايم . ايف جي روپ ۾، يونائيٽيڊ نيشنس جي روپ ۾، نئين ورلڊ آرڊر جي روپ ۾ ويٺو رموٽ ڪنٽرول جو ٻٽڻ دٻائي.
هيڏا سارا صفحا سياست تي ڪارا ڪري ويس حالانڪ سياست منهنجو سبجيڪٽ ئي نه آهي. اسان جي بکئي ڏکئي ملڪ ۾ مکيه موضوع سياست نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ آزاديءَ کان اڳ هڪ آمريڪي سولجر مونکي چيو ته ”حيرت آهي، توهان جو هر هڪ ماڻهو سياست تي ڳالهائي ٿو.“ کلي چيائين ته ”سياست جي ڳالهه هجي نه هجي توهان ڦيرائي گهيرائي ان ۾ سياست ٽنبيو ٿا.“ چي ”هڪ ماڻهوءَ کان پڇيم ته توهان هندوستاني مرچ ايترا گهڻا ڇو ٿا کائو؟ ته چيائين ته غلامي ۽ غريبي ۾ ٻيو ڪجهه کائڻ لاءِ ميسر ناهي ته مرچن جي چهر تي رکي سڪي کائي ٿا وڃون!“ سياست ۽ حڪومت سان عوام جو واسطو نه هوندو ته ٻيو ڪنهن جو هوندو؟ اهو ته لازمي امر آهي. تنهن ڪري ائين چوڻ ته اسان جو سياست سان واسطو ناهي، منافقي ٿيندي.
باقي سياست کي جيڪا اڄ معنيٰ ڏني وڃي ٿي ته سياست معنيٰ ڪوڙ، ٺڳي، دولاب، دوکو ۽ چالاڪي، اهو سڀ غلط آهي. سياست معنيٰ قرباني، مال جي ملڪيت جي، اولاد جي، سر جي، وقت جي، عيش آرام جي، ۽ شخصي مفاد جي. اڄڪلهه ان جي بلڪل ابتڙ پيو ٿئي، يعني شخصي مفاد لاءِ ٻين جي سڪون آرام ۽ مفاد کي قربان ڪري ڇڏڻ، جيڪو ڏس سو ميمبري حاصل ڪرڻ لاءِ حيران پريشان ۽ دهل جي ڏؤنڪي تي پيو چوي ته ”مونکي ووٽ ڏئي ميمبر ڪيو ته توهان جي خدمت ڪيان.“ صفا ڪوڙ! اها ڳالهه ئي غلط آهي ته ميمبر ٿيڻ سان ڪو ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائي سگهبا يا سندن مفاد جو تحفظ ڪرائي سگهبو. حقيقت ۾ ميمبر صاحب وزير بڻجڻ جا خواب پيو ڏسي ۽ مسئلا ۽ مفاد پنهنجا بچائيندو، عزت ماڻيندو، ٺيڪا کڻندو، رشوتون وٺندو، بنگلا گاڏيون ۽ زمينون خريد ڪندو ۽ ساڳي ڦرلٽ ڪندو جيڪا ٻيا پيا ڪن.
حقيقت ۾ سياست ۾ هڪڙو فرد ڪابه حيثيت نه ٿو رکي. ووٽ فرد کي نه، پارٽيءَ کي ڏبو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ منظم طاقتور عوامي پارٽي ئي مهاڏو اٽڪائي مسئلا حل ڪرائي سگهي ٿي. ها، پارٽيءَ کي به پنهنجا مفاد آهن ۽ اتي مار کائي وڃي ٿي جيئن ڪميونسٽ پارٽي، جا همھ گير، عالمي ۽ عوامي پارٽي هوندي به مار کائي وئي. پر ڇاڪاڻ ته اها عوام دوست منظم ۽ عالمگير پارٽي هئي تنهن ڪري پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي وئي آهي جي زنده سلامت آهن ۽ ڪڏهن به آرس ڀڃي ڪر موڙي اٿي بيهي رهندي. باقي اسان جا شوقيه سياستدان ته اهڙا آهن جو خدا جي پناهه!
مون مٿي ڪٿي لکيو آهي ته ماڻهو اهڙا ڀورڙا ناهن جو شهرن ۾ مقيم وڪيلن، ليکڪن ۽ دانشور سڏائيندڙ قوم پرستن کي ووٽ ڏئي وتن ڌڪا ٿاٻا کائيندا. اهڙا صاحبلوڪ ساڻن ملڻ به پسند ڪونه ڪن، نه مٺي ننڊ ڦٽائڻ نه کين سڏ ۾ سڏ ڏين. وڏيرو ته وچ ميدان ۾ آڌي مانجهي اوطاق ڪيو ويٺو آهي. بنان پئسي وڪيل بڻجي ٿاڻي تي به ويندو، تپيدار وٽ به ويندو ته ٽنڊيل آبدار وٽ به ويندو. جي ڪو گهرو جهڳڙو يا راڄائتو مسئلو هوندو ته اهو به نبيريندو. اسان جا دانشور سڳورا پاڻ سڌارڻ بجاءِ چوندا ته ماڻهو ڄٽ اڻ پڙهيل ۽ بيوقوف آهن. اڄڪلهه مشهور صحافي اياز امير ميمبر چونڊيو آهي سو صاحب مهيني ٻن ۾ اهڙو بغان ٿيو آهي جو فرمائي ٿو ته ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ نه وٽس وقت آهي نه سهپ. چئو اڃا به ته جمال ڪوڙو، وڏيرن جو دلال.
ڪير سچ چوي. ڪير سچ ٻڌي. هاڻي ته قانون ٺاهيو اٿن ته جيڪو جناح، پاڪستان يا فوج تي تنقيد ڪري سو پينل ڪوڊ هيٺ ڏوهاري ۽ سزا جو مستحق آهي. هي ته آهي سڌي سنئين حرامپائي! ڀلا تاريخ تي پڙدا ڪيئن وجهبا؟ جناح کي جو هٿ وٺي مرڻ ڏنو ويو ان لاءِ ڪو ڪونه ٿو ڪڇي. فاطمه جناح دانهون ڪندي مري وئي پر اخبارن سندس ڳالهين کي بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. هاڻي ڪمال منافقيءَ سان فاطمه جناح ۽ لياقت علي خان جون ورسيون پيون ملهائجن. چي ”جناح وڏو جمهوريت پسند ۽ اصول جو پختو هو!“ هڪ سال اندر سنڌ جي چيف منسٽر کي ڊسمس ڪيائين. پنجاب جي چيف منسٽر ۽ سرحد جي چيف منسٽرن کي ڊسمس ڪيائين جيتوڻيڪ ٽنهي کي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت حاصل هئي. ٻيو ته ٺهيو لياقت علي خان کان به اڳواٽ استعيفا لکائي پوءِ کيس پرائم منسٽر ڪيائين. اها ڳالهه مون سان مير علي احمد خان ٽالپر پاڻ ڪئي. وري جو لياقت علي جي سوانح عمري پڙهون ته سندس سيڪريٽري نواب صديق علي خان لکي ٿو ته لياقت علي خان کي پرائم منسٽر ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونه هو، ان ڪري هن جناح صاحب کي اڳواٽ ئي استعيفا لکي ڏئي ڇڏي هئي. ڳالهه ظاهر پئي آهي، پر چئبو ڪين.
چي ”جناح صاحب وڏو مدبر سياستدان بلڪل اسٽيٽسمن هو!“ اڄ پاڪستان جو هر پڙهيل لکيل ماڻهو ڄاڻي ٿو، جسٽس دوراب پٽيل به چوي ٿو ته ”هندستان جو سربراهه مملڪت، لارڊ مائونٽ بيٽن، پرائم منسٽر نهرو جو پيغام کڻي آيو ته ڪشمير وٺو ۽ حيدرآباد دکن ڏيو. جناح صاحب روايتي شوخي ۽ ضد سان انڪار ڪري ڇڏيو!“ نتيجو سڀني ڏٺو ۽ ڏسن ويٺا. ڪشمير به ويو، دکن به ويو. دکن ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪشمير ۾ اڄ تائين هزارين ماڻهو مارجن پيا ۽ ٽي لڙايون لڳي چڪيون آهن، جي ٽيئي اسان هارايون. هيءَ ڪهڙي سياسي بصيرت چئبي؟ اهي فاش سياسي غلطيون جناح صاحب جي کنڌي ۾ وجهون يا لياقت علي خان جي کنڌي ۾ جنهن مُڪو اڀو ڪري هندوستان کي للڪاريو. ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا. ڪروڙن اربن جو نقصان ٿيو ۽ وريو ڪجهه به نه.
مونکي هندوستاني فلم جو گانو ٿو ياد اچي ته ”بولونگا تو بولينگي کھ بولتا هي!“ ڪُڇي ڪير؟ ڪشمير ۾ به ڪوس مسلمانن جو ۽ دکن ۾ به ڪوس مسلمانن جو، جن کي جناح صاحب سڏيندو هو ”موزلمانس!“ اهڙيون من گهڙت ڪهاڻيون کڻي ٺاهيائون جو خدا جي پناهه. چي ”آڌي رات جو پريزيڊنٽ هائوس ڪراچيءَ ۾، هڪڙو اردلي جان کڻي جناح صاحب جي ڪمري ۾ جهاتي پائي ته جناح صاحب تهجد پيو پڙهي“ توبهه، ڪوڙ جي به حد ٿيندي آهي. هُن ويچاري کي نماز پڙهڻ ته ڇا وضو ڪرڻ به ڪونه ايندو هو.
ٿيو ڇا جو 1945ع ۾ سنڌ مدرسھ ۾ ٽالپر هائوس ۽ خيرپور هائوس کي شاگردن جي هاسٽل ڪيو ويو هو. اسان شاگردن جناح صاحب کي دعوت ڏني جا هن مهرباني ڪري قبول ڪئي. هڪ ننڍو جلسو ڪيوسين. سپاسنامو احمد خان لانگاهه پڙهيو ته ٽپهري نماز جي ٻانگ آئي. مون جناح صاحب کي چيو ته ”نماز لاءِ مسجد ۾ هلون!“ سنڌ مدرسھ ۾ ٻه مسجدون، سني مسجد ۽ شيعا مسجد آهن. جناح صاحب مهل ۽ موقعو ڏسي هائوڪار ڪئي ۽ مسجد ۾ هليو. ڇوڪرن وضو ڪيو ته جناح صاحب ڏسندو رهيو. نيٺ ٿورو جهڪي رڳو هٿ آگهاريائين. مان سندس ڀرسان بيٺس. اکين ڏٺو شاهد آهيان ته جناح صاحب لوڻا ڦيريندو ڏسندو رهيو ته ڇا ٿا ڪن ۽ ائين ڪندو رهيو. مس وڃي رڪوع، سجدي ۽ نماز مان جند ڇڏايائين. ٻيو دفعو مون کيس عيدگاهه تي عيد نماز پڙهندي ڏٺو. سر غلام حسين ۽ خدا نٿو ڀلائي ته خانبهادر کهڙو ساڻس گڏ هئا. ڪو خاص اهتمام ڪري ڪونه آيا هئا جو آخري صِفن ۾ عام ماڻهن سان گڏ بيهي رهيا. جناح صاحب گورنر جنرل هو پر جَس هجيس جو نه پوليس جو اٽالو آندائين نه ڪنهن مخصوص جاءِ تي بيٺو ۽ نه ئي اڳين صفن ۾ بيهڻ جو بندوبست ڪيو هئائين. مان سندس پٺيان واري صف ۾ هئس ۽ اتي به اهو ئي نظارو ڏٺم جو ٻه اڍائي سال اڳ سنڌ مدرسھ واري مسجد ڏٺي هئم. هونئن به هرڪو ڄاڻي ٿو ته اسماعيلي خواجه نه نماز مان ڄاڻن نه ئي قرآن جي تلاوت ڪن. بس جماعت خاني ۾ گڏ ٿين ۽ گنان پڙهن.
خواجه ڏاڍا ڀلا ماڻهو آهن ۽ ڪيترا منهنجا گهاٽا دوست آهن. فيروز خواجه ڪيمسٽ، جنت علي خواجه، شير علي خواجه، مِس گلشن حاجي اسيمبليءَ جي لئبريرين کي ته رکيو ئي مون نوڪري ۾، منهنجي سرڪاري گاڏي جو ڊرائيور به مون هڪ خواجه رکيو. سڀ ڀلا ماڻهو هئا. فدا حسين خواجه هاءِ ڪورٽ وارو ۽ سندس وڏو ڀاءُ فقير محمد عيسيٰ خواجه جا به مونسان تمام سٺا تعلقات هئا پر اهي اسماعيلي نه هئا. الله جنت نصيب ڪرين ٻئي گذاري ويا آهن.
هي ته مسلمان ڀائر آهن پر مان هونئن به مذهبي ڀيد ڀاؤ ڪونه رکان. هندو ڀائرن سان به تمام سٺا تعلقات رهيا آهن. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ته هئا ئي هندو دوست پر ٻين سان به ڀائپي وارا تعلقات رهيا آهن. ميرپورخاص جا سيٺ ته گهڻا ئي گڏ پڙهندا هئا ۽ دوستي هلندي آئي. سيٺ گنومل جا پٽ سيٺ سوڀراج ۽ سيٺ آسنداس سان سٺو نباهه ٿيو. سيٺ ديارام ۽ رتن آباد وارن سيٺين سان به سٺي دعا سلام رهي. ٽنڊي آدم وارا سيٺ سيرومل ۽ ٻيا مهربان هئا. سيٺ جمنومل ته هندوستان مان به خط موڪليندو هو ۽ دعوتون ڏيندو هو. اتم سان به سٺي سڪ محبت اٿم جو بمبئي مان حال احوال موڪليندو رهندو آهي. دبئي ۾ به جيتوڻيڪ منهنجا عزيز رهن ٿا پر مان وٽن وڃڻ بجاءِ سڄو وقت موتي پرڪاش ۽ ڀيڻ ڪلا وٽ گذاريو جن ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو. مونسان گهر واري به ساڻ هئي. جيتوڻيڪ منهنجي پير صاحب جي مون کي منع ٿيل آهي ته هندن وٽ ماني نه کانوان ڇو ته ان ۾ شايد پاڪيزگي نه هجي، پر مون انهي اذن جي پوئواري نه ڪئي آهي. ٻڌو ويو آهي ته هندو ماڻهو کاڌي جي شين کي گانئٽ جو ڇنڊو هڻندا آهن. اسان ته ننڍي هوندي کان هندن جا ٿڌڙيءَ جا لولا کاڌا آهن. پنهنجي اکين سان ڏٺوسين ته گانءِ پيشاب ڪندي هئي ته هندو ماڻهو برتن جهلي هو گڏ ڪري گهر کڻي ويندا هئا ۽ ان کي گانئٽ سڏيندا هئا ۽ برڪت وارو سمجهندا هئا عجب جهڙا عقيدا آهن. ڇا چئجي.
اسان سان هڪ ڇوڪرو پرڀو گڏ پڙهندو هو جو سنجوڳي شيخ هو يعني اڌ مسلمان اڌ هندو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهو ۽ سندس ڪٽنب هندوستان پيا وڃن ته سڀ هندو دوست (پڙهيل ڳڙهيل) مٿن ٽوڪون پيا ڪن ته ”توهان هندوستان ڇو ٿا وڃو، توهان ته مليڇ آهيو ڌرم ڀرشت ڪري ڇڏيو اٿؤ، توهان کي ته نه ڪوئي سڱ ڏيندو نه وٺندو!“ پر جيئن هتي تيلي، ڪوري ۽ ڪاسائي، مٽجي سيد مرزا ۽ نوابزادا ٿي ويا تيئن هو به اتي کُپي ويا. بابا جي به هندن سان گهڻي پوندي هئي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نياز نوڙت، صفائي سٺائي ۽ ڌرم ڪرم جي شناس هئي. امڙ ته ڀنگياڻيءَ سان به سٺو ورتاءُ ڪندي هئي. ڪيسري ڀنگياڻي، امان سان اهڙو ٺهي وئي جو جنهن محلي ۾ وڃي، ڪيسري به اتي اچي ٺڪاءُ ڪري. ڪرمان باغ ۾ به اها، دڙيءَ ۾ به اها ته جاڙل شاهه ۽ نوان تڪ ۾ به اها. آخر تائين توڙ نباهيائين. ڪم ڪار لاهي امان سان ڪچهريون ڪري، ڏک سور ونڊي، ڍڳ مانين جو يا بچيل چانور رئي جي پلاند ۾ ٻڌي کڻي ويندي هئي. نلڪو گيڙي بالٽيون ڌوئي ڀري ويندي هئي. ٻيون مايون اعتراض ڪنديون هيون ته امان چوندي هئي،”هي ڇا؟ اسان جهڙي الله جي خلقيل آدم زاد آهي. ڇا ٿي پيو.“ مايون نڪ چاڙهي چونديون هيون ته ”ڪرپٽيءَ ۾ هٿ ٿيون هڻن.“ امان به مات کائڻ واري ڪانه هي. چوندي هئي ”ڪير نٿو ڪرپٽيءَ ۾ هٿ وجهي. پنهنجي ڪرپٽيءَ ۾ روز هٿ وجهون. ٻارن جا گونهه ڌوئون. ڪيسري ويچاري ته پرائو ڪچرو ٿي کڻي. باقي هو صابڻ رکيو آهي. هٿ ۽ ٻانهون صابڻ سان ڌوئي پوءِ ٿي بالٽيون ڀري. ڀنگياڻي هجي يا چهڙي، آهي ته اسان جهڙي.“ مون چيو نه، ته گهر وڏو درسگاهه آهي، بلڪه يونيورسٽي آهي. جتي اهڙيون ڳالهيون ٻڌبيون ۽ ڏسبيون، اتي تربيت به اهڙي ٿيندي. هي جو چوندا آهن ته خاندان سٺو هجي انهي جو مطلب به اهو آهي ته اٿڻي ويهڻي، سوچ ويچار، اخلاق ۽ ڪردار سٺو هجي پوءِ کڻي پئسي ۽ مال ملڪيت ۾ خانداني نه هجن.
چڱو جو ڪيسريءَ جي ڳالهه نڪتي ۽ سياست مان جند ڇٽي. نه ته سياست تي لکڻ ويهجي ته ڪيئي دفتر ڪارا ٿي وڃن. سوئي اسان جي ملڪ جي سياست ۽ سياستدان. سڀ مفاد پرست، انا پرست، خود پرست ۽ نڪ چڙهيا. اڳتي جيئن جيئن ذڪر آيو ته مختصر ٽيڪا ٽپڻي ڪبي رهبي.
پنهنجو پاڻ تي لکڻ به ڪو مذاق ناهي. پاڻ تي لکڻ معنيٰ پنهنجو پاڻ کي ڳولهي ظاهر ڪرڻ. پاڻ کي پٽ وجهڻ، معنيٰ پاڻ کي سڃاڻڻ. پاڻ سڃاڻڻ اهڙوئي اؤکو آهي جهڙو ڪائنات ۽ ان جي اسرار کي سڃاڻڻ. اها ڪا ٽِنڊُو ٽوپڻ جي مجال ناهي جو وڳنڌ جيان کڙيون کڻي کائڻ لاءِ به اک ٽيٽ ڪري ته خوشبوءَ لاءِ به شهباز جيان لامارا ڏئي. اسين عام مخلوق، سڀ وڳنڌ آهيون سو ٻه گدرا ڪيئن مٺ ۾ ايندا. ’اديون آءٌ اڻڄاڻ.‘ ’آءٌ ڪوه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو.‘ اسين گرا، گدلا، گولاڙا، اگلڙا. ’اگلڙي آئون مون کان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا.‘ ’ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لٽي.‘ ڪوچارو ڪونهي، ڪا واهه، وٿي، واٽ ڪانهي، سواءِ ائين چوڻ جي ته ”سما ڄام سلطان، منهنجي ذات مهاڻي.“ هي جو اسان جا ڪجهه يار سمجهن ٿا ته دنيا ڌوڏي ڇڏي. سي الائي ڪهڙي جنت ۾ رهن ٿا. ماڻهوءَ جي محنت جو مان منڪر ناهيان، پر ڪنهن به ڪي ڦاڙها ڪونه ماريا آهن ۽ نه ماري سگهن ٿا. هڪڙو اٽل نظام هلي پيو، هلندو رهندو. ڪو ڀينڊ ڀتر اڇلي ڦينگو ڦهلائي سگهي ٿو، بس! باقي هڪڙو ديوَ هيڪل ڪامپيوٽر، جنهن ۾ اڳواٽ مواد ڀريل آهي، اهو ڪل ڪائنات کي ڪنٽرول ڪيون، پيو پنهنجي ماڳ ڏانهن هلائي. ٿيڻو اهو ئي آهي جيڪي ٿيندو. سک، شانتي ۽ امن سان رهي، پيار محبت ونڊي، عجز نياز نوڙت ۽ خدمت سان، خادم ٿي گذاري وڃجي ته لک کٽيوسين. ماڻهو پڏرجي ته اسان ڪا کيپ کٽي آهي، سو اجايو آهي، پاڻ سان دوکو ۽ دولاب آهي. اسان ڪجهه ڪونه کٽيو آهي، رڳو هارايو آهي. سڄي عمر، خالي ڪشڪول کڻي هليا آهيون. لطيف سائين فرمايو آهي ته:
هــڙ ۾ ڪـيـن هــــون، هـهـئين هن نه چاڙهـيـا،
ســارو ڏيــنـهـن سـمـونڊ تي، لهي سج ويون،
جڏهن سانئينءَ سبب ڪيون، تڏهن ستڙ ٿيا سيد چئي.
اسين به ائين آهيون، ڪشڪول خالي آهي، هڙ ۾ ڪي ڪين اٿئون. اجايو پساري پيا سڏايون. ٿر ۾ ٿرين کان ڏاڍو پيارو گفتو ٻڌم. چي، سائين،”انسان ويچارو ماڙهوءَ جي آچار!“ ماڻهوءَ کي شايد ماڙهو ٿا چون، الائي مڙهه آچار ٿا سمجهن، ڪيڏو نه پيارو سچ آهي ان گفتي ۾! انسان ڪيڏو به عالم، فاضل، بزرگ توڙي بادشاهه ٿئي ته به آهي ته ماڙهوءَ جي آچار. هڻ هڻان ڪيو حياتي وڃايو ڇڏن، هڙ حاصل ڪجهه به نه، ’هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوهه پهي،
ڪڏهن ڪانه وئي هوت ڳولڻ هٽ تي
(شاهه).
هوت ڪو هٽن تي ملندا آهن ڇا!
’هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوهه پرياڻ،
پــنـهنجـــو آهــي پــاڻ ،آڏو عـــجيــبــن کي.‘
اهو ”پاڻ“ جيڪو آڏو به آهي هنج ۾ به آهي، تنهن کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بلهي شاهه جهڙي بزرگ به دانهن ڪري چيو ته،”ڪي ڄاڻان، مين ڪون!“ ”هجڻ“ يا ”نه هجڻ“ ماڻهن کي ڏاڍو منجهايو آهي. شيڪسپيئر به چيو ته ”سوال ئي آهي هجڻ يا نه هجڻ جو!“ غالب فرمايو ته
” ڊبويا مجهه ڪو هوني ني، نه هوتا مين، تو ڪيا هوتا!“
هجڻ ۽ نه هجڻ ۾ ڪو فرق ئي ڪونهي. هجڻ به حالت آهي نه هجڻ به حالت آهي. هوءَ به حقيقت، هوءَ به حقيقت، البت تبديل ٿيل حقيقت! ٻئي حالتون آندل آهن هڪ ئي لازوال هستيءَ جون، جا ازل کان آهي. اسان کي تبديلي کي ناهي ڏسڻو، پر ڏسڻو آهي ان تبديلي آڻيندڙ کي جو آد جڳاد کان موجود آهي ۽ بيحساب تبديليون پيو ٿو آڻي. تارن ستارن ۾، جبلن، سمونڊن ۾، زمين آسمان ۾ ۽ سموري ڪائنات ۾. پوءِ هڪ معمولي تبديليءَ جي ڪهڙي وقعت. هڪڙو تارو اڄ هتي آهي سڀاڻي نه هوندو پر هي مانڊاڻ هڪ نظام هيٺ موجود هوندو. هئڻ ۽ نه هئڻ جي ڪا حيثيت ئي ڪانهي. هئڻ ۽ نه هئڻ جي بکيڙي ۾ نه پئجي ته چڱو! ڀلي ماڻهو ان سوال جو جواب تلاش ڪن. تلاش برحق آهي. پر ماڻهوءَ جي سمجهاڻي، سمجهائي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي ”وجودي طاقت“ ۽ سمجهه جو دائرو، انهيءَ ڳجهه يا اسرار جي سمجهڻ جي سگهه نه ٿو رکي. اهو الاهي اسرار آهي، جنهن جي ڄاڻ الاهي اذن کان سواءِ ممڪن ڪونهي ”وجودي سمجهه“ جي قوت کان ئي جا شيءِ ٻاهر آهي. اها ڪيئن سمجهبي؟ مڇيءَ کي زميني ماحول جي ڪهڙي خبر جيسين کيس پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍي خشڪيءَ تي ڪڍي ڦٽو ڪجي، پوءِ کيس ٿوري محدود خبر پوندي ته گهڻي ويهين سؤ آهي.
ماڻهوءَ کي به اهڙي طرح وجود کان ٻاهر نڪري ڄاڻ پوندي، يا ائين چئجي ته ڪجهه ڌَپو پوندو ته ڪجهه مڙيوئي آهي. هي ڳجهه آهي، اسرار آهي، جنهن کي سلڻ جي امانت انسان کي سونپي وئي آهي. انهيءَ لاءِ منصور حلاج واري اٻهرائي ۽ مستي ڪم نه ايندي ۽ نه ئي گوتم ٻڌ واري تن کي تسيا يا روزا ۽ رياضت. هيءَ ته مهرباني آهي، جنهن تي ٿئي. مستي توڙي صبر ٻئي انساني جبلتون آهن ۽ انهيءَ لحاظ کان ”پڙدو“ آهن. جيسين پڙدو نه کڄندو تيسين ڪيئن ڪجهه نظر ايندو؟
حضرت جنيد بغدادي فرمايو ته ”صبر آهي روحاني تسڪين جي حالت ۽ مستي آهي سڪ ۽ محبت جو حد کان لنگهي وڃڻ“ ۽ اهي ٻئي حالتون يا ڪيفيتون انساني ڪاوش سان حاصل نٿيون ڪري سگهجن. ”او ڪو ٻيو فهم“ مطلب ظاهر پيو آهي پر ٻڌائي نٿو سگهجي. غالب انهيءَ بکيڙي ۾ ڦاسي رڙ ڪري چيو ته
”بَڪ رها هون جنون ۾ ڪيا ڪيا، ڪچهه نه سمجهي خدا ڪري ڪوئي.“
مان به الائي ڇا وڦلي ويو آهيان. چريائپ ڏسو، چوان ٿو ته مطلب ظاهر پيو آهي؛ اهو به ته نيٺ پنهنجي وجودي عقل آهر ٿو چوان نه؟ ان لاءِ ڪهڙي اٿارٽي آهي. اٿارٽي هئي ته ڪن مخصوص چونڊ ٻانهن، نبي سڳورن ۽ معصومن وٽ. چپ رهڻ چڱو! لطيف سائين به چپ رهيو يا چئجي کڻي ته چپ لڳي ويس جو فرمايائين ته
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،
ته لڳي ماٺ مِرن کي ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀري ڪين ڪي.

هيءَ ڳري ڳالهه چئبي. الائي ڪهڙو اسرار آهي.
دوست ڪهائي دادلا، محت مارائي،
الله صمد بيپرواهه، سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
اسان جيتامڙا ڪير ٿيندا آهيون جو انهيءَ اونهي ڳالهه کي پرجهون، پروڙڻ ته پري ٿيو. انهيءَ ڪري ازرا پائونڊ وانگر سڌي ڳالهه سؤنٽي جي ته ”مان نٿو ڄاڻان، نٿو ڄاڻان، نٿو ڄاڻان. بس چپ!“
”ڪي ڄاڻان مين ڪون!؟“
پوءِ به هڪ اهم ڳالهه رهجي ٿي وڃي. ’حيرت ۾ حيران‘ رهڻ پنهنجي جاءِ تي، پر انساني ڪرتوَ يعني اعمال، انسان جو بنيادي فرض آهي. نيٺ ته بشري ۽ سماجي تقاضائون آهن. انهن کي پورو ڪرڻ، ۽ احسن طريقي سان پورو ڪرڻ، انسان جو نهايت اهم فريضو آهي. گهر ٻار، اوڙي پاڙي، توڙي عام مخلوق سان احسن سلوڪ ڪرڻ. اهو آهي تت! حضرت گوتم ٻڌ به ته تپسيائون ڪري انهيءَ نتيجي تي پهتو ته ”منش جو ڪارج آهي ڪرتوَ!“ شري رامچندر به ائين فرمايو ته ”مستقبل جي بکيڙي ۾ نه پئو. توهان جو فرض رڳو اهو آهي ته ڪرم يعني ڪم، چڱا ڪندا رهو!“ حضور صلي الله عليھ وآلھِ وسلم ته پنهنجي رسالت جو مقصد ئي اهو ٻڌايو ته ”ماڻهن جي خلق اخلاق کي زور وٺايان“ فرمايائون ته ”تواضع ۽ نوڙت، پاڪيزگي جا عمل آهن!“
سندس حسن اخلاق اهو هو جو ڪنهن کي سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي پاڻ ڪندا هئا. اسين آهيون جو چئون ته ”فلاڻو ڪير ٿيندو آهي جو مان سلام ڪيانس!“ حسن اخلاق اهڙو جو ڪو ساڻن (حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم ) هٿ ملائيندو هو ته پاڻ هٿ ڇڏائيندا نه هئا جيسين اڳلو ڇڏي. رستي ويندي ڪوئي ساڻن گفتگو ڪندو هو ته پاڻ سڳورا سمورو وقت بيهي سندس ڳالهه ٻڌندا هئا. اسان وانگر ”چڱو ڀلا!“ چئي جند ڪونه ڇڏائيندا هئا. ماني عام ماڻهن سان گڏجي پٽ تي ويهي کائيندا هئا. اسان وانگر ڪونه جو مهمان ويٺا هوندا ته ٻار اچي ڪن ۾ چوندو هو ته ”بابا گهر هلي ماني کائو!“ هي ته مون ڪي معمولي مثال ڏنا جيئن توهان اندازو لڳائي سگهو ته اخلاق ڇا ٿيندو آهي. پاڙي وارن جي خبر گيري ڪرڻ، بيمارن جي تيمارداري ڪرڻ، دشمن تي احسان ڪرڻ، يا ٻين کي کارائي پاڻ بکئي پيٽ سمهڻ. اهڙا ڪرتب روزمره جو معمول بڻائي پوءِ ڏسو ته توهان ڪيئن پاڻ کي پاڻ کان الڳ ڪري ٿا وڃو.
ٻين لاءِ جيئبو ته پاڻ کي وسارڻ سکبو. پاڻ وسارڻ يا وقف ڪرڻ آهي پهريون ڏاڪو تصوف جو. خلوص ۽ اخلاص شرط آهي، ڇو ته اهو بنياد آهي ۽ ضروري آهي. اهڙي طرح ماڻهو پاڻ کان آزاد ٿيندو ته وجودي قوت کان علاوه ڪا ٻي ازغيبي قوت يا قوتون مٿس القا ٿينديون يا واسو ڪنديون. جڏهن اهڙيون ازغيبي قوتون کيس ويڙهي وينديون يا لپيٽي ڇڏينديون ته هڪڙو نئون انسان جنم وٺندو ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن”پهتل شخص“. وري به چئون ٿا ته خود مطلبي، لوڀ يا شوق قطعي نه هجي، مڪمل اخلاص اولين شرط آهي. پنهنجو يا پنهنجن جو ڪو به شخصي غرض نه هجي، نه ئي پنهنجي پذيرائي جو شوق هجي. رڳو ٻين جو خير گهرجي ۽ ٻين کي خير پهچائجي. ويدانت، ڀڳوت گيتا، توريت، انجيل ۽ قرآن الحڪيم اهو ئي درس ڏين ٿا ۽ هڪ ئي يا هڪ جهڙي ڳالهه چون ٿا. ويدانت ته ڏاڍي سولي ۽ سليس سمجهاڻي ڏني ته ”ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار تياڳ ڪيو!“ ڪام معنيٰ نفسياني خواهشون، ڪروڌ ڪاوڙ، لوڀ لالچ، موهه، چاهنا ۽ اهنڪار آهي تڪبر جيڪو سڀ کان خطرناڪ آهي ۽ هڙني نيڪين کي کائي وڃي ٿو. قرآن الحڪيم اڳين ڪتابن جي سختيءَ ۾ اعتدال آندو آهي. برهمچريه ۽ سنياس کي نه قبوليو آهي. بشري تقاضائون به پوريون ڪرڻيون آهن پر حد اندر. بشري تقاضائون احسن طريقي سان پوريون ڪرڻ فرض ڪيون ويون. زالن ۽ ٻارن جي پرگهور لهڻ، ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ، عزيزن قريبن کي ڪم اچڻ، پاڙيسري، مسافر ۽ مظلوم جي ڪم اچڻ عبادتن ۾ شامل آهي. رڳو پاڻ وساري، شخصي مفاد ڇڏي، عام خلق جي خدمت ۾ لڳي وڃڻ سان روح کي غذا ۽ تقويت ملي ٿي ۽ ان ڏس ۾ انسان جو کنيل هر قدم ذڪر الاهي جي مترادف آهي. عملي ذڪر اهو ئي آهي باقي ڪنڊ ۾ ويهي ”هُو! هُو!“ ڪرڻ ڪا خاص معنيٰ نٿو رکي، البت ياد الاهي به ضروري آهي. ”لاڳاپا لاهي، حسن اخلاق سان خدمت خلق ڪرڻ، الله ڪارڻ، خوف ۽ عجز سان“ اهو آهي تصوف جو نچوڙ. الله جون مهربانيون پوءِ پاڻهئي وسڻ شروع ڪن ٿيون. هڪ نئون لاغرض انسان جو تخليق ٿئي ٿو، اهو آهي صوفي! اهڙو انسان جو پاڻ کي، پنهنجي مفاد کي ۽ پنهنجي انا کي مڪمل طرح ڇڏي، هر انسان جي بلا تفريق نسل ۽ مذهب جي خلوص ۽ خيرخواهي سان خدمت ۾ جنبي وڃي، اهو ئي آهي صوفي يا درويش يا ولي. پنهنجو ڀلو ڇڏي ٻئي جو ڀلو چاهڻ ۽ خلق خدا جي خدمت ۾ لڳي وڃڻ وارو آهي ڀلومانس. ٻي ڪا واٽ ئي ڪانهي. ڪرامتون يا پٽ پاراتو يا تعويذ وغيره، ڪا ڪسوٽي ناهي.
ڪرامتون ۽ معجزا انسان جي وسن ۾ ناهن، ڪرامتون معجزا، نفعو نقصان سڀ الله جي طرفان آهي جو مهربان ٿئي ته سڀ ڪجهه ٿي وڃي ٿو؛ ۽ الله مهربان ٿئي ٿو جڏهن ماڻهو تن من ڌن ۽ خلوص سان انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ جنبي وڃي، بنا معاوضه، لوڀ، لالچ يا پذيرائي جي. رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھِ وسلم رحمت العالمين هئا. صوفي درويش يا ولي به صرف اهوئي ٿي سگهندو جو ٻين لاءِ رحمت جو باعث بڻجي وڃي. هر ڪنهن جو دعاگو هجي، خير خواهه هجي، خدمتگذار هجي ۽ مندو نه چاهيندو هجي. جيڪو ائين ڪري سگهي سو هن پِڙ ۾ پير پائي. پاڻ وڃائڻ، پاڻ وسارڻ، پاڻ ارپڻ اهو آهي پاڻ سڃاڻڻ تهان پوءِ جيڪو قدم کڻندو سو رحمت ئي رحمت هوندو، عبادت هوندو ۽ ذڪر هوندو. اهڙو ماڻهو ڀلائيءَ جو ڀنڊار ٿي پوندو.
درويش الله لوڪ ۽ ٻهروپئي وچ ۾ فرق ۽ سڃاڻپ جو سؤلو ۽ سؤ فيصد صحيح طريقو توهان کي ٻڌايان ٿو. سچي درويش جي سڃاڻپ آهي ته پاڻ وڃي وڌيڪ سادو ۽ مفلس ٿيندو ۽ سندس پوئلڳ يا مريد وڃن خوشحال ٿيندا. ان بجاءِ اسان الٽو طريقو ڏسون ٿا ته هڪ غريب مفلس فقير اچي ديرو ڄمائي ٿو ۽ درويش سڏجي ٿو. ڏسندي ڏسندي ڪوٽ قلعا ماڙيون اڏبيون وڃن ٿيون ۽ زمينون زمينداريون ۽ ٻيا آمدني جا وسيلا وڌندا وڃن ٿا ۽ هو موٽر ڪارون ۽ پجيرا وغيره رکڻ شروع ڪري ٿو؛ هوڏانهن سندس پوئلڳ ۽ مريد وڃن وڌيڪ بدحال بکيا ۽ ڏکيا ٿيندا ۽ هو انهن کي نوڪر ۽ هاري ڪري هلائي ٿو ۽ کين پنهنجا ٻانها ڪري سمجهي ٿو. هيءَ ڪهڙي فقيري ۽ درويشي آهي. سڌو سنئون ڍؤنگ ۽ فريب آهي. پير فقير اهو آهي جو ڏيندو وتي ۽ ورهائيندو اچي؛ پاڻ وٽ پئسو پنجڙ نه رکي، نه گڏ ڪري. قرآن الحڪيم ٿو فرمائي ته ”جيڪو ميڙي ٿو ۽ ڳڻي ڳڻي ٿو رکي ان لاءِ وڏو عذاب آهي ۽ انهيءَ ئي سون چانديءَ سان کيس ڏنڀ ڏنا ويندا“ هاڻي ته ڳالهه صاف ٿي وئي نه، بنا شڪ شبهي جي، ته اهڙو ماڻهو درويش ڪيئن ٿيندو. ڀلي حضور صلي الله عليه و آلھِ وسلم ۽ سندس آل ۽ اصحابن ۽ بعد جي بزرگن جون حياتيون جاچي ڏسو.
مولا علي ڪرم الله وجھ ته صاف فرمايو ته ”جتي به ملڪيت گڏ ٿيل ڏسو ته سمجهو ته غلط طريقا استعمال ڪيا ويا آهن!“ پوءِ ڀلا غلط طريقن استعمال ڪرڻ وارو ڪيئن درويش بزرگ يا ولي الله ٿيندو؟ سڄو مدار آهي اعمال حسنه ۽ حسن اخلاق تي. اهو ئي آهي تصوف، اهائي آهي درويشي ۽ بزرگي. ذڪر الله به اهو ئي آهي، هي جو چون ٿا ته قلبي ذڪر ڪجي يا ٻين لفظن ۾ قلب ذڪر ڪري، بي معنيٰ ۽ غير مستند ڳالهه آهي. ڀلا دل کي ڌڙڪائڻ سان ڪهڙو خلق خدا جو فلاح ۽ بهبود ٿيندو! سورتھ جمعھ ۾ قرآن الحڪيم ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته، ”اي مؤمنو! جمعي جي ڏينهن جڏهن نماز لاءِ سڏيو وڃي ته ڪم ڪار ڦٽي ڪري ڊوڙو الله جي ذڪر ڏانهن!“ صاف ٿيو ته ذڪر الله، دل کي ڌڙڪائڻ ۾ نه پر، باجماعت نماز ۾ آهي جتي خطبو ٻڌڻ فرض آهي ۽ نماز ’واجب‘ يعني ”اجتماعي طور گڏجي قرآن شريف ٻڌڻ سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ“ آهي ذڪر. اجتماعي طور قرآن جي روشني ۾ سوچ ويچار ڪري صحيح عمل جو تعين ڪرڻ ۽ گڏجي ان راهه تي عمل پيرا ٿيڻ آهي ذڪر الله. مان ڪو عالم نه آهيان ۽ نه ئي دستار بند مولوي پر جيڪي ڪجهه مون پڙهيو آهي ۽ پرايو آهي سو بيڌڙڪ چوان ٿو، ڇو ته اهو چوڻ گهرجيم. ماٺ ڪبي ته مشرڪ ٿبو آهي.’سچ‘ اهو ته پاڙيسريءَ سان اهڙو سلوڪ ڪيو جهڙو گهر ڀاتيءَ سان ۽ هر شخص سان اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو توهان پاڻ لاءِ چاهيندا هجو. هي مان ڪونه ٿو چوان، هي رحمت اللعالمينﷺ جا فرمان آهن. اهو آهي نج تصوف ۽ ان تي عمل ڪندڙ آهي مبتدي (ابتدائي) صوفي. انهيءَ حساب سان توهان مارڪس ۽ لينن کي به مبتدي صوفي سڏي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته انهن سڄي ڄمار عوام جي ڀلي لاءِ سوچيو ۽ جاکوڙيو، سر جو سانگو ڪونه ڪيائون، توهان چاهيو ته رسول بخش پليجي، شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد کي به ان قطار ۾ شامل ڪري سگهو ٿا.
ڪٿي جمال ابڙو ڪٿي هي ڦوڙاٽ ۽ دقيق مسئلا. الله معاف ڪندو! پر مونکي به پنهنجي مهربان شيوخ، هن سمنڊ ۾ ٽٻي ڏياري آهي. پهرين منهنجو ابو علي خان ابڙو ۽ پوءِ سيد اخلاق احمد رضوي صاحب ۽ منهنجو شيخ الشيوخ حضرت سيد افضل حسين شاهه، علي پور سيدان واري جماعت جو گادي نشين، شيخ اياز به هلي ساڻن مليو. سائين تمام ٿورڳالهائو ۽ فرش نشين آهن. اياز کين فقط دعا لاءِ گذارش ڪئي. ڪي تمام ٿورا ماڻهو ساڻن اهڙي حجت ڪندا آهن، پر سائين هڪدم هٿ کڻي اياز جي حق ۾ ٻاڏايو. اياز جو چوڻ آهي ته انهن چند منٽن ۾ سندس پنجاهه سيڪڙو ذهني مونجهارا توڙي جسماني علالت، لهي ويا. هاڻي هيءَ ڳالهه ڳري آهي. اياز جهڙو اسڪالر ۽ دانشور جنهن تي دهريت جو ٺپو به لڳل هجي سو ههڙي ڳالهه ۾ ڪوڙ ته ڪونه ڳالهائيندو ۽ ڇو ڳالهائيندو؟ هيءَ ته معمولي ڳالهه آهي پر هن فقير، يعني مون تي اهڙيون مهربانيون ٿيون آهن جو ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، نه ئي ڪرڻ کپي.
پڙهيو هئم ته لنواري واري بزرگ کان ڪنهن پڇيو ته ”سائين، حضور صلي الله عليھ وسلم جن جو معراج جسماني هو ته ڇا پوءِ ٻيو ڪوئي بشر به معراج جي سعادت ماڻي سگهي ٿو؟“ بزرگ ڏاڍي ڌيرج سان فرمايو ته، ”بغداد جي خليفي دجله تي پل ٻڌائي پوءِ پهريائين پاڻ وڏي شان مان ۽ ٺٺ ٺانگر سان گهوڙي تي چڙهي اتان لنگهيو. هاڻي سڄي خلق خدا جي، ان پل تان پئي لنگهي!“ هي وري تمام وڏي ڳالهه ٿي وئي. حضور سائين صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو ته ”انا بشر مثلڪم“ يعني مان بشر آهيان توهان جهڙو. جي ائين آهي ۽ ضرور ائين آهي ته پوءِ سوال آهي ته هڪڙو بشر پاڻ ۾ اهڙيون خاص خصلتون پيدا ڪري، ڪجهه ڪڻا هڙ پلئه ڪري سگهي ٿو. هيءُ آهي اصل اسرار ۽ اهو اسرار رهڻ ئي کپي ڇو ته ’ڳولها‘ هڪ عمل جاريه آهي.”ڳجهه“ لامحدود آهي تنهن ڪري مسلسل لوچ ۾ ئي انساني ارتقا جو راز سمايل آهي. ”ڳولهيان ڳولهيان، شال مَ ملان هوت“ يا ”اٿي لوچ لطيف چوي!“ يا ”مر مران مارڳ ۾.“
انسان جو اولين فرض آهي ”لوچ“ يا قرآني زبان ۾ عمل صالح. حضرت ابو بن اڌم جڏهن بادشاهي ڇڏي برپٽ رلندو رهيو ته کيس ڄاڻ پئي ته ”سچو علم آهي ئي عمل ۾.“ فرمائي ٿو ته ”جيڪي ڪجهه ڄاڻو ٿا ان تي ئي عمل نٿا ڪيو ته پوءِ جيڪي ڄاڻو ئي نٿا ان جي پٺيان وهلور ڇو ٿا وڃو!“ هيءَ به تمام وڏي ڳالهه! معنيٰ ته ڏاڪو ڏاڪو ڪري جيڪا ڄاڻ پوي ان تي عمل ڪري پوءِ ٻيو ڏاڪو چڙهجي. حضرت امام ابو حنيفه فرمايو ته ”عمل کانسواءِ علم آهي ئي ڪونه؛ ڇاڪاڻ ته علم حاصلات ئي آهي عمل جي!“ اسان وٽ سنڌ ۾ جو ملان يا ٻانڀڻ تي طنز ٿئي ٿي سا به رڳو ان ڪري جو هو آهن عالم ”بنان عمل“ جي، يعني علم اٿن ئي ڪونه ڇو ته علم پئدائش آهي عمل جي.
هاڻي وڏي ڳالهه آهي ته ’علم‘ آهي ڇا؟ علم لامحدود آهي، اسرار آهي. عجب آهي حيرت آهي. ان ڪري جيڪا به هريڙ هڙ پلئه پوي ان تي شڪر ڪري نهٺائي ۽ نماڻائي سان عمل ڪري جيسين وڃي ڪو ٻيو سوجهرو پويس ۽ وري عمل دهرائي. ڇيهه ته آهي ئي ڪونه. فقير عبدالرحيم گرهوڙي رحمتھ الله عليھ ٿو فرمائي:
عجب آهي مون ڌڻي، جامع اضدادن،
اڻ جڙنديون ان جوڙيون، جي مشڪل مخلوقن،
عيسيٰ عبدالله جو، پيءُ ري پيدا چون،
امر سان الله جي، سرجيو سو ڄاڻن،
ريءَ سمجهاڻي رب جي، ڪين ڪڏهن سمجهن،
هيءَ ڳنڍ وهين نه ڇڙڻي، جا ڏني پاڻ پرين.
اهو ڳجهه ۽ اسرار هڪ ڳنڍ آهي، جا ڏني پاڻ پرين. شاهه لطيف به انهيءَ ڳنڍ کي هڙ ٿو سڏي ۽ سندس مشهور بيت آهي ته،
”جا هڙ اندر جيءَ ساهڙ ڏني ساهه کي،
سا هڙ کلي نه ساهه جي سا هڙ، ساهڙ ريءَ.“
شاهه لطيف گهڻو اڳ ۾ چئي ويو ته اها ساهه کي ڏنل ڳنڍ، ساهڙ (الله) کانسواءِ کلندي ڪونه. گرهوڙي فقير به ائين چيو ته ”امر ساڻ الله جي“ پرو پوندو. تت اهو ٿيو ته بي انت علم جو انت تڏهن پوندو جڏهن امر ٿئي الله جو. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. قرآن الحڪيم ڏيڍ هزار سال اڳ ۾ صاف ٻڌائي ڇڏيو ته، ”جيڪي سندس علم جي احاطي ۾ آهي. ان جي گهيري کي ڪو ڇهي به نٿو سگهي، سواءِ سندس مرضيءَ جي.“ (آيت 255 سورتھ البقرتھ) مون لفظ ”مرضي“ استعمال ڪيو آهي. مولانا تاج محمود امروٽي عليھ الرحمتھ ترجمو ڪيو آهي ته ”جي هو (الله) گهري“ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. علامه علي خان ابڙو سليس ٻوليءَ ۾ لکي ٿو ته ،”انسان هن جي علم مان ڪجهه پروڙي نٿو سگهي مگر ايترو جيترو الله تعاليٰ پاڻ عطا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڏئي ٿو.“ چاهڻ، گهرڻ ۽ مرضيءَ جو مطلب هڪ ئي نڪري ٿو. اصل قرآني لفظ آهي ”ماشاءَ“ ۽ مون لفظ احاطه ۽ گهيرو استعمال ڪيو آهي جو قرآن ۾ لفظ آهي ”يحيطون“.
قرآني ٻولي ادبي ۽ سائنسي لحاظ کان به تمام سهڻي آهي. منهنجي سوچ ڇاڪاڻ ته سائنسي آهي ان ڪري جيڪو ٿورڙو علم اٿم سو انهيءَ رنگ ۾ اٻڙڪي ٿو پوي. رياضيءَ جي شاخ جاميٽري ۾ گهيري کي سرڪمفرنس يا گولائي دائرو چئبو آهي. علم جو گولائي دائرو O آهي ۽ جيڪا ليڪ ان جي ٻاهرئين حصي سان لڳي ان کي ٽيجينٽ tangent چئبو آهي. ۽ ان لڳاءَ کي ٽيجينشل ٽچ O يا ڇهاءَ چئبو آهي. هاڻي ڏسو ته ڳالهه ڪهڙي سهڻي ٿي بيٺي. علم جي دائري سان ڇهاءَ، سواءِ رب جي منشا جي ناهي ۽ الله تعاليٰ قرآن الحڪيم ۾ بار بار فرمايو آهي ته ”توهان نٿا ڄاڻو، مان ڄاڻان ٿو.“ رسول الله صلي الله عليھ وسلم به بار بار فرمايو ته ”مان نٿو ڄاڻان. الله کي خبر آهي جو عليم ۽ خبير آهي.“ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاهه لطيف عليھ رحمت به ائين ئي چيو ته،”ريءَ سمجهاڻي رب جي، ڪين ڪڏهن سمجهن“ يا ”سا هڙ کلي نه ساهه جي سا هڙ ساهڙ ريءَ.“ هي تمام اونهي عميق جا معاملا آهن. انهن جي کوج ضروري آهي. جواب مون هيچمدان وٽ ڪونهن، البت ٻين الله وارن بزرگن کي پڙهيو اٿم ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. حضرت علي هجويري جو ڪشف المحجوب، حضرت سلطان باهو جو محڪ الفقراء ۽ حسين بن منصور حلاج جو ڪتاب الطواسين اردو ترجمو، ڪجهه ڪجهه پڙهيا اٿم ۽ سمجهڻ ۽ سوچڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
مون اڳ ئي لکيو آهي ته جسماني حدن ۾ رهي حاصلات ڪرڻ مشڪل آهي. عجب جهڙيون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون پر سلي اهو سگهي ٿو جنهن تي الله طرفان علم القا ٿئي. ان لاءِ قلب، ذهن، ضمير ۽ جسم جو آئينو صاف ۽ اجرو رکڻو پوندو. جو ”عمل“ سان يا ”امر ربي“ سان حاصل ٿيندو. هڪواري اهو آئينو اجرو ٿي ويو ته اهو ريڊيو رسيور جي حيثيت رکي ٿو. رڳو سئي، ريڊيو رسيور جي پوري جاءِ تي فٽ ٿئي. پوءِ بي بي سي جي بگ بين گهڙيال جا ٺڪاءَ لنڊن ۾ ويٺل ماڻهوءَ کان اڳ اوهان ٻڌي سگهندا. آهي نه عجب جهڙي ڳالهه. اسان روزانه اهي ٺڪاءَ ريڊيو تي لنڊن وارن کان اڳ ۾ ٻڌون ٿا پر نه عجب کائون ٿا نه ڄاڻون ٿا ته اهو ائين آهي. علم به ائين اوچتو نور آهي جو القا ٿئي ٿو. ”علم ۽ عمل“ جو مشترڪه هئڻ ته مان اڳ ئي سمجهائي چڪو آهيان، باقي ”امر ربي“ مان نه سمجهائي سگهان ٿو نه سمجهائي سگهندس. هي ايمان ۽ عقيدي جو سوال آهي. ايمان ۽ عقيدو بنياد آهي جن کانسواءِ صحيح علم جو حصول به مشڪل آهي، ڪنهن يورپي فلسفيءَ کي پڙهيو هئم جو چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڪنهن قوم يا ملڪ کي مُسخر ڪرڻ چاهيو ٿا ته اول سندن ايمان ۽ عقيدو کسي وٺو.“ چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ايمان ۽ عقيدو تمام اهم آهن.
امر ربي آهي روح. اهو قرآن چوي ٿو. انهيءَ حساب سان روحانيت جو تعلق به امر ربي سان آهي. الله امر ڪري ته روحانيت جا راز القا ٿين ٿا. مون اڳ ئي چيو آهي ته اسرار ۽ رموز جو راز ڄاڻڻ لاءِ علم ۽ امر ربي ضروري آهي جن ٻنهي لاءِ حسن اخلاق ضروري آهي. پر امر ربيءَ کي سبقت حاصل آهي، جو چاهي ته بنا محنت مشقت جي محبوب ملائي.
ڪيئي مثال آهن، ڪيترا ڄمندي ڄام آهن. ڪي مادر زاد ولي آهن. حضرت عيسيٰ عليھ السلام ڄمندي ڳالهايو ۽ شاهدي ڏني. فقير گرهوڙي فرمايو ته، عيسيٰ عبدالله جو (الله جو ٻانهو) ريءَ پيءُ پيدا چون. اڻ جوڙيون، ان جوڙيون، جي مشڪل مخلوقن، مشڪل رڳو مخلوقن لاءِ آهي، هو ته اڻ جوڙيون ٿو جوڙي ۽ پيءُ ري پيدا ڪري، اهو اڻ ڏٺي تي ايمان ازحد ضروري آهي نه ته نٽشي وارو ڪامل انسان سپر مين، هڪ مشيني روباٽ وڃي رهندو. علامه اقبال به نٽشي کان متاثر ٿي مرد مؤمن جو تخيل ڏنو ۽ خودي کي بلند ڪرڻ جو تصور پيش ڪيو. مان فلسفي جو شاگرد نه رهيو آهيان پر ڪاليج ۾ اچڻ سان نٽشي ۽ افلاطون جي رپبلڪ جو چوٻول ٻڌوسون. ٻنهي ۾ روحانيت جو فقدان هو انهيءَ ڪري ئي کاٻي ڌر جي دهريت پسند طبقن ۾ اهي دانش جو محور هئا. پر مون کي ڪونه آئڙيا.
نٽشي جي نظر ۾ جو ”مرد ڪامل“ نه هو، اهو بيڪار پرزو هو. افلاطون جي ريپبلڪ ۾ ته اهڙي انسان کي جيئرو رهڻ جو به حق نه هو. جيڪو بدصورت، بدشڪل، ڪمزور، بيمار، لولو لنگڙو هو تنهن کي ختم ڪرڻو هو ۽ کانئس شادي ڪرڻ جو حق به کسڻو هو. انسان کان جيڪڏهن رحم، همدردي، تيمارداري، خدمت ۽ ايثار جا جذبا کسيا وڃن ته انسان ڇا رهندو سواءِ هڪ روباٽ جي. پوءِ انسانيت جي آبياري ڪيئن ٿيندي. علامه عنايت الله خان المشرقي، جو وڏو داناءُ ، عالم، سائنسدان ۽ مذهبي ماڻهو ۽ باعمل انسان دوست هو، تنهن ٻه ٽي بنيادي اصول ڏئي ايڏي مضبوط خاڪسار تحريڪ بڻائي جنهن جو مثال نٿو ملي. خاڪسار معنيٰ ئي خاڪ نشين، نياز نوڙت وارو ۽ سادگي سچائي وارو. دعوت عمل ڏنائين خدمت خلق بلاتفريق، مذهب ۽ ملت جي. انسان ذات جي خدمت هڙان ۽ وڙان. سڀني ڏٺو ته انهيءَ سببان خاڪسارن ۾ ڪيڏو اخلاص ۽ جذبو هو. علامه صاحب خاڪسار تحريڪ کي ختم ڪيو ته به جيڪو خاڪسار جتي به جنهن به مقام تي هو اتي اخلاق ۽ ڪردار جو نمونو ٿي رهيو، مثال طور لال بن يوسف، محمد عرس سمو، علي احمد قريشي، تاج صحرائي، شمس الدين شاهه، مستري فيض محمد، نصير محمد نظاماڻي، محمد حسين لوهر (ترڪ)، مير نور احمد ٽالپر، مير علي احمد خان، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا اڪيچار.

13

انسان ذات جي خدمت جي ڳالهه نڪتي ته هڪڙو ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. حيدرآباد کان ٻاهر، ڏيٿا لڳ جهوپڙيءَ ۾ هڪڙو فقير رهندو هو. پير علي محمد شاهه راشدي اڪثر وٽس ويندو هو. اتي ڳالهه نڪتي ته ملاڪاتيار وارو بزرگ جو وڏو عالم، درويش ۽ ولي سمجهيو ويندو هو سو ماڻهن سان هٿ به نٿو ملائي. ڏيٿن وارو فقير اها ڳالهه ٻڌي جلال ۾ اچي ويو. چي ”هيءَ ڪهڙي بزرگي آهي، بزرگ ته اهو جو ماڻهن جا گونهه صاف ڪري، سنگهه اگهي، هٿ منهن ڌوئاري، ڪپڙا ڌوئي پهرائي!“ فقير جي ڳالهه به سورنهن آنا سچ پر مان ملاڪاتيار واري بزرگ لاءِ ڪجهه چوڻ جي قابل ناهيان. اهو راز بزرگ پاڻ ڄاڻي. مون گناهگار کي هڪ د ؤر ۾ منهنجي شيخ چيو ته ڪاري عينڪ پاءِ ۽ نه ڪنهن سان هٿ ملاءِ، نه ڀاڪر پائي مل. الائي ڪهڙو راز آهي. پر توهان ڏٺو هوندو ته هندو ماڻهو ديوي، ديوتا يا ڪنهن ڀلي مانس جي مورتي ٺاهيندا آهن ته ان جي چوڌاري هڪڙو سفيد هالو به ڏيکاريندا آهن. اسين به نور ۽ نوراني چهرو چوندا آهيون. سائنسي تحقيق موجب انسان ۾ برقي قوت موجود آهي. دماغ، دل کي برقي قوت سان هلائيندو آهي ۽ جڏهن دماغ جو اهو عمل گهٽجي ويندو آهي ته سيني ۾ هٿرادو بئٽري وجهي دل کي هلائبو آهي. ڀلي ڪنهن به ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو.
هي جو دعا لاءِ انساني جسم مٿان ڪو بزرگ هٿ ڦيريندو آهي اهو عمل به ساڳيو آهي. بزرگ پنهنجي نوراني (وڌيڪ وولٽيج واري) بجلي سان بيمار ماڻهوءَ جي ڪمزور بجليءَ کي تقويت ڏيندو آهي. جيئن مقناطيسي حلقو ٿيندو آهي جنهن کي ڪنهن ٻي طاقت يا وڌيڪ طاقتور مقناطيس سان تبديل ڪري سگهبو آهي، تيئن بجليءَ جو به هڪ محدود حلقو ٿيندو آهي جنهن کي تبديل ڪري نيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، عجب ناهي ته انهيءَ عمل ذريعي (الله جي حڪم سان) حضرت عيسيٰ عليھ السلام بيمارن کي هٿ گهمائڻ سان شفا ڏيندو هجي. ڇا به هجي ٻيئي نقطئه نظر پنهنجي جاءِ تي صحيح پرمان، پير علي محمد شاهه راشدي واري فقير صاحب جي نقطه نظر کي ترجيح ڏيان ٿو.
انسان ڪهڙو به گرو گدلو ۽ گناهگار هجي. عزت، محبت ۽ رحمت جو حقدار آهي. اسان سڀ اهڙا ئي گرا گدلا ڪوجها ۽ ڪمزور آهيون؛ ڪو به تيسمار يا تورسين ڪونه آهي جو پاڻ کي افضل ۽ ٻين کي گهٽ سمجهي. ڇا ڪوئي ڪوجهو ڪمزور يا لولو لنگڙو وڏو داناءُ (جينئس) نٿو ٿي سگهي. مان ته ڀانيان ٿو ته ملٽن جو نابينا هو، اهو نٽشي ۽ ارسطوءَ کان عظيم تر هو. يونان جو جڳ مشهور شاعر هومر جنهن الياڊ ۽ اوڊيسي جهڙا شاهڪار ڪتاب لکيا، سو به نابينا هو. نيپولين بوناپارٽ جو دنيا جو عظيم جنگي جنرل ۽ بلاجو ذهين هو سو ننڍي هوندي اهڙو ڪمزور ۽ لاغر هو جو اسڪولي ڇوڪرا کيس مارون ڪڍندا هئا. جون آف آرڪ هڪ معمولي ٻڪرار ڇوڪري هئي جنهن وڏن وڏن فوجي جنرلن کي شڪستون ڏئي فرانس جو مان مٿاهون ڪيو. انهن سڀني ۾ ڪا ته جوت هئي. سندن اندر جي اک کليل هئي ۽ هو ايندڙ واقعن ۽ حوادث جو اڳواٽ ئي اندازو لڳائي وٺندا هئا ۽ ان جو حل سندن سمجهه ۾ اچي ويندو هو. چمڙو جو انڌو ٿئي ٿو سو به اندر جي سڄائيءَ تي پنهنجو گهر ڳولهي وٺي ٿو ۽ ڀت سامهون اچيس ٿي ته موٽ کائي ٿو. ڪولين ۽ ماڪوڙين کي برسات اچڻ کان اڳ خبر پئجي ٿي وڃي ۽ چوپائي مال کي زمين ڌٻڻ کان اڳ پرو پئجي ٿو وڃي ۽ مينهون رنڀڻ شروع ڪن ٿيون.
سورة الشمس ۾ حيرت انگيز انڪشاف ڪيو ويو آهي ته الله هر نفس تي چڱائي ۽ بڇڙائي جو الهام ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ تناظر ۾ مون جاچيو آهي ته ڪتو به جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪندو آهي ته ظاهر ٿي پوندو آهي. مثلاََ ماني چورائڻي هوندس ته جهپڙ هڻي اکيون ٻوٽي ڀڄي ويندو. ته هر مخلوق تي الهام ٿئي ٿو. شاعر حضرات به اهڙي دعويٰ ڪندا آهن. غالب ته صاف چيو ته ”آتي هين غيب سي مضامين خيال ۾.“ الله تبارڪ وتعاليٰ ته سورت النحل ۾ تمام اهم انڪشاف فرمايو آهي ته ”تنهنجي رب ماکيءَ جي مک کي وحي ڪيو ته تون پهاڙن ۾، وڻن ۽ انگورن جي منهن ۾ پنهنجو مانارو بڻاءِ“ (سورة النحل آيت 69). هاڻي الهام کان وڌي وحيءَ تي اچي وياسون. مون هي سڀ جانورن جا مثال ڏنا آهن اهو ڏيکارڻ لاءِ ته وحي ڪو عجوبو ناهي بلڪ حقيقت آهي. سڀني نفوس تي الهام ٿئي ٿو (علماءَ سڳورا معاف فرمائين). هومر، ملٽن ۽ هڪ ٻڪرار ڇوڪريءَ تي الهام ٿئي ٿو ته پوءِ جيڪي نفوس قدسيه آهن انهن تي الله جي حڪم سان بيشڪ ٿئي ٿو.
مون هڪ يهودي عالم جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب پڙهيو هو. ڪتاب ۽ مصنف جو نالو ياد نٿو پويم. هن صاحب حضور صلي الله عليھ وسلم جي هر عمل ۽ گفتي جي ڇنڊڇاڻ ڪري اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان مخصوص حالت ۾ ان کان بهتر عمل يا گفتو ٿي نٿي سگهيو تنهن ڪري اهو پيغمبر جي غير معمولي ذهانت جو ثبوت آهي ۽ ان ۾ وحي وغيره جي ڪا ڳالهه ناهي. اتفاق سان حضور ﷺ جن لکڻ پڙهڻ ڪونه ڄاڻندا هئا پوءِ به اهڙا صحيح ۽ تز فيصلا ۽ گفتا ظاهر ڪن ٿا ته حضور صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجي ذات اقدس ۾ وحي هئا يا وحي جو رسيور (ريڊيو رسيور) هئا. سندن اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کائڻ توڙي پهرڻ سڀ ڪجهه اسوه الحسنة هئا ۽ الله جي امر (وحي) جي مطابق هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته پيغمبر جي حيثيت ۾ ڊائريڪٽ پيغام به وٽن ايندو هو جو سلسلو کانئن پوءِ بند آهي. جيڪا قوت وٽن پيغام کڻي ايندي هئي. ان کي به قرآن الحڪيم ”روح“ سڏيو آهي (سورة القدر) ۽ روح معنيٰ ”امر ربي“. هرڪا ڪڙي وڃي امر ربي سان ملي ٿي. اسين به هر ڳالهه ۾ چوندا آهيون،”جيڪو امر الله جو!“ وک وک تي روحانيت جي تصديق ڪندي به، ان کي نه رڳو سمجهڻ کان انڪار ڪيون ٿا بلڪ ان جا منڪر ٿيون ٿا ۽ عذر اهو ٿا ڏيون ته سمجهه کان ٻاهر آهي.
حسين بن منصور حلاج، ڏاڍيون سهڻيون سمجهاڻيون ڏنيون آهن جي طوالت جي سبب ڏيڻ کان پاسو ڪريان ٿو. اصل مقصد، عقلمندن لاءِ ڪافي چٽو ڪري چڪو آهي. هن سڄي ساري اپٽار جو مطلب اهو آهي ته علم، برابر عمل جو يا جاکوڙ جو نتيجو آهي پر ٻيو به ڪجهه وسيلو آهي يعني ”مشقت“ کان علاوه ”عطا“ به آهي ۽ ”عطا“ آهي امر ربي، جو قرآني زبان ۾ روح جو مفهوم آهي. اهو امر ربي هڪ ڳجهه آهي. اها گرهوڙي ۽ شاهه لطيف عليھ رحمة جي زبان ۾ ڳنڍ آهي جا کولڻ وارو به پاڻ ئي آهي، جنهن تي سندس عطا ٿئي، اهو روحانيت جو صاحب ٿي ويندو. جڏهن امر ربي ٿئي ٿو ۽ اها ڳنڍ کلي ٿي ته نفوس قدسيھ تي عجب اسرار ۽ علوم القا ٿين ٿا. انهن کي اهڙا اهڙا علم حاصل ٿيو وڃن جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. مارڪس سالن جا سال مٿو هڻي ڪانٽراڊڪشنس Contradictions جي اصولن جي وضاحت ڪئي.
اسين جڏهن نوان نوان ڪاليج ۾ آياسون ته اسان جا کاٻي ڌر وارا دوست اهڙا الفاظ ۽ فلسفا بيان ڪري کڳيون پيا هڻندا هئا. چيو ويو ته ڪتاب ائنٽي ڊيؤرنگ پڙهي ڏسو. مون اهو ڪتاب هٿ به ڪيو ۽ ڪجهه پڙهيو به. سچي ڪيان ٿو ته پورو سمجهه ۾ ڪونه آيو جو مان اقتصاديات ۽ فلسفي جو شاگرد ناهيان. هِتان هُتان انهن موضوعن تي دلچسپ ڪتاب پڙهيا اٿم باقي ٺوٺ ۽ ڦوڙاٺ ڪتاب پڙهڻ جو صبر ۽ برداشت مون ۾ ڪونه آهي. ڀلي ڪو چوي ته مون ۾ اهڙي اهليت ڪانهي. ڳالهه هئي ڪانٽراڊڪشن يا تضادن جي. مارڪس کان ٻه سؤ سال اڳ، گرهوڙي فقير اهڙي ڳالهه ڪري عجب ۾ وجهي ڇڏيم. فرمائي ٿو:
عـجـب آهـي مـون ڌڻــي جــامــع اضـدادن،
اڻ جوڙيون، ان جوڙيون، جي مشڪل مخلوقن.
اضداد آهي ضد جو جمع يعني ڪانٽراڊڪشن. فقير صاحب اضدادن ۾ الله کي سڃاڻي ٿو، غير معمولي ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ ٿين پيون ۽ اسين بنا ويچار جي لنوائي ٿا وڃون. قمر شهباز سان ڪچهري ٿي ته هن اهڙا حيرت انگيز واقعا ۽ وارداتون بيان ڪيون جي سمجهه کان ٻاهر آهن. فقير گرهوڙي عليھ الرحمة ته هڪڙو ئي اهم واقعو ٻڌائي ٿو ته، ”عيسيٰ، عبدالله جو، پيءُ ري پيدا چون ۽ امر ساڻ الله جي سرجيو، سو ڄاڻن.“ انهيءَ هڪڙي ڪانٽراڊڪشن سبب سڀ قاعدا قانون پاسيرا ڪري، سرجڻهار جي انيڪ قوتن ۽ اسرارن کي ثبوت طور قبول ڪرڻو پوندو. مولا علي ڪرم الله وجھ به فرمايو ته،”مون الله تبارڪ وتعاليٰ کي سڃاتو ارادن جي ٽٽڻ ۾.“ ارادن جو ٽٽڻ به تضادن جو نمونو آهي. ورنه مولا علي جا ارادا ٽٽن ۽ تبديل ٿين، اها اڻ ٿيڻي آهي؛ ڇو ته ارادن جو ٽٽڻ معنيٰ يا ته ارادا ئي غلط هئا يا وري علي سائين ۾ فيصلي جي قوت ڪانه هئي، جيڪي ٻئي مفروضا قبول ڪرڻ جهڙا نه آهن. معنيٰ ته ٻي ڪا اهڙي قوت هئي جا ارادا ٽوڙي رهي هئي. اها قوت خارجي هئي يا داخلي، ان بحث ۾ پئبو ته منصور الحلاج وانگر سوريءَ تي ٽنگجي وڃبو. ان ڪري ان بحث ۾ نه پئبو ۽ نه اسان ۾ اهڙي ڪا ٿوم آهي جو اها ڳنڍ کولي سگهون.
مسئلو آهي مشقت ۽ عطا جو. اهي به ٻه جدا شيون نه آهن. پڙاڏو سو سڏ وارو معاملو آهي. مشقت يا جاکوڙ بنياد آهي عطا جو. تحصيل علم ۽ شريعت جي پابندي (شريعت جي پابندي معنيٰ ڪوڊ آف ڪانڊڪٽ يا حسن اخلاق بمع بندگي جي) سان عطا جي پالوٽ ٿيندي. هڪ ڏاڪو آهي ۽ ٻيو حاصلات. حسن اخلاق ۽ بندگي آهي هڪ ڏاڪو. بندگي معنيٰ بندو يا عبد ٿيڻ يعني حڪم مڃڻ ۽ بجا آڻڻ. حاصلات، حصول به آهي ”عطا“ به آهي. جڏهن عطا ٿئي ٿي، نور جو نزول ٿئي ٿو، يا سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته اوچتو هنيانءُ کلي پيس، ته پوءِ، ڄڻ ته منزل ملي وئي يا سامهون نظر اچي پئي. جڏهن منزل سامهون نظر اچي يا ماڻهو منزل تي پهچي وڃي ته پوءِ نه واٽ جي ضرورت رهي ٿي نه سونهين جي. توبهه! اهڙي مقام تي ڪفر جو خدشو رهي ٿو. اهنڪار (تڪبر) ڪفر آهي. واٽ ڏيکارڻ وارو به ٻيو، واٽ تي هلائڻ وارو به ٻيو، منزل تي پهچائڻ وارو به ٻيو. پاڻسان ”پاڻ“ کڻي اتي ڪونه پهچبو. پاڻ کي پاڻ کان علحدو ڪري علحدگيءَ کان به علحدو ٿيڻو آهي. هي وري ٻيو ڪفر ٿيندو. ڪجهه نه سمجهي خدا ڪري ڪوئي.
ڀانيان ته هن بحث مان جند ڇڏايان، تنهن ڪري ٻُنڊو ٿو ڏيانس. جنهن کي ٻنڊو ٽوڙي ٻوڙ ٻوڙان ڪرڻ جي همت هجي سو وڻيس ته ڪري.
عملي طرح تصوف ۽ صوفي اهو آهي جو هر ڪنهن سان پيار ۽ عزت سان هلي ۽ ڪنهن سان به نفرت نه ڪري يا ڪنهن جو به مندو نه گهري. ”پيار“ ۾ سڀ ڪجهه اچي وڃي ٿو. پيار ۾ عزت ته ازخود شامل آهي ۽ پيار جو بنياد آهي. نفرت جو تصور ئي مري وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته پيار جو مطلب ئي آهي ته پيارل جي هر ڳالهه چڱي هجي يا مَـٺي، غلط هجي يا صحيح ته اها غلطي ۽ مَٺائي به پئي وڻندي. ٻارڙو زيان ڪندو، ٽپڙ پيو اونڌا ڪندو ته به سندس حرڪتون پيون وڻنديون. پيارل جا ڏنل سور، سُکائون ڪري پيا سانڍبا. ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي، چکيبن جي چيت ڪري!“
پاڻ ارپڻ ۽ پاڻ وسارڻ به پيار ۾ ازخود اچي وڃن ٿا. انهيءَ حساب سان جي مان چوان ته تصوف آهي ”پيار“ ته اهو ڪافي ٿيندو. وڌيڪ ڊيگهه جي ضرورت ئي ڪانهي. وري پيار آهي به لامحدود. هر ڪنهن سان پيار. لولي لنگڙي، انڌي منڊي ۽ پڻ ڪاڻي ۽ ڪوجهي ۾ الائي ڇو سونهن جو جلوو، هيڏن وڏن ماڻهن نٽشي ۽ ارسطوءَ کي ڏسڻ ۾ نه آيو. صاف آهي ته الاهي حسن جو پرتو هنن نه ڏٺو هو، انهيءَ ڪري ئي روحانيت ضروري آهي. اها نه هوندي ته باقي ڇا بچندو. ڪميونزم جيڪو انسانيت ۽ غريب عوام جي ڀلائيءَ جو جهنڊو کڻي نڪتو هو، ان جي علمبردارن لکين انسان مارائي ڇڏيا. اسٽالن ته ڇڏيو، لينن جهڙي پياري ماڻهوءَ به قلم جي هڪ نوڪ يا اک جي اشاري سان هزارين ماڻهو ڪهائي ڇڏيا. ظاهر آهي ته اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو روحانيت معدوم هئي.
اسان به، معني مان به جڏهن ڪاليجي دؤر ۾ ڪچو ذهن رکندو هئس ته اهو اصول قبول ڪري ورتم ته ’گهڻن جي گهڻي ڀلائي خاطر ڪجهه ماڻهن ۽ سندن مفادن کي قربان ڪرڻ ضروري آهي.‘ اهو بلڪل غلط آهي. اهڙو فيصلو ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي ۽ ڪنهن کي ڏبو؟ ڪو به هڪ فرد اهڙي فيصلي ڪرڻ جي نه اهليت رکي ٿو، نه حق. پوءِ ته چنگيز، هلاڪو، تيمور، نادر، غوري ۽ غزنوي به تلوار جي زور تي يعني ڏاڍ ڏمر جي زور تي اهڙو حق استعمال ڪري ويا. سندن جانشين ڪندا رهن ٿا. اورنگزيب پنهنجي ڀائرن دارا شڪوه ۽ ٻين کي ڳولهي ڳولهي عذاب ڏئي مارايو. ٻيو ته ٺهيو پيءُ جهڙي مقدم ۽ محترم هستيءَ کي سڄي عمر جيل ۾ رکيو. اسان جا چنگيزي ذهنيت وارا ڀائر اورنگزيب جي اهڙي ڪريهه ۽ ندامت جهڙي عمل کي به اسلامي هڪ هٽي جي بنياد تي صحيح ۽ ساراهه جو ڳو پيا سمجهن. اورنگزيب کي اهو حق ڪنهن ڏنو؟ نه الله نه رسول صلي الله عليھ وسلم هن پنهنجو پاڻ کي اهو حق ڏئي ڇڏيو جا بلڪل غلط ڳالهه آهي. روزا ۽ نمازون منجهس الوهيت ۽ روحانيت پيدا نه ڪري سگهيا. انهيءَ تناظر ۾ لطيف سائين جي ڳالهه تي ويچار ڪيو ته ”روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم، پر...“ اها”پر“ جيڪا آهي سا آهي ’ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي‘. وڌيڪ مونکي نه اهليت آهي نه اجازت. سمجهو ڪي سمجهن.
ڏسو نه، ٻُنڊو پاڻ ئي ٽوڙي ويٺس لکيو لوح قلم، جو قلم ڪياڙيءَ نه وهي. لوح قلم جو لکيو به ڪو ڪل جو گهوڙو ناهي جو چاٻيءَ تي پيو هلي. جبر ۽ قدر جي مامري ۾ به گهڻا داناءُ منڌل (منجهيل) آهن. لوح قلم ۽ اڳواٽ علم ۾ تر برابر ٿورو فرق آهي. بنا پلويڙي واري ڇت تي جيڪڏهن ڪو ابهم ٻارڙو پيو ڊوڙون پائيندو ته هرڪو ذي فهم ماڻهو چوندو ته اجهو ڪي ڪريو پر جيڪڏهن اهڙي ڇت تي ڪو بال گڙڪائيندو ته هرڪو چوندو ته بال هيٺ ڪرندو. اهو آهي اڳواٽ علم، جنهن فاطر السماوات و الارض هي مانڊاڻ جوڙيو آهي. انهيءَ کي واقعات ۽ حادثات جو اڳواٽ علم ڪا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. پر ڳنڍ اڃا به ڳوڙهي آهي. تنهن ڪري ماٺ ڀلي. ڪڇان تان ڪافر.
جُز ۽ ڪُل جو مسئلو به ڏاڍو ڳوڙهو آهي. هرڪو جز يعني هر شيءِ، جمادات، نباتات توڙي حيوانات هڪ ئي ڪُل جا جزا آهن. هي قرآني فيصلو آهي ته ڪُل شيءِ نفس واحدة. صوفي سڳورا يا ٻيا پانڌيئڙا هن مام ۾ الجهي ٿا وڃن ته جز به ڪل آهي. اوائلي دور ۾ ته سوين خدا بڻائي هر هڪ کي الڳ محڪما ڏنا ويا. ڪو شڪتيءَ يعني طاقت جو خدا يا ديوتا، ڪو جنگ جو، ڪو قهر جو وغيره. انهيءَ نظريه کي بهتر انداز ۾ شري رامچندر ۽ شري ڪرشن پيش ڪيو آهي ته ايشور يا پرميشور يڪتا ۽ يگانو آهي جو سڀ کان مٿاهون آهي. سندن پوئلڳن به کين ايشور اؤتار سڏيو ۽ سمجهيو. وقت گذرڻ سان عقيدا مٽ سٽ ٿيندا اچي ان حد تي پهتا جو کين خود ايشور سمجهيو ويو نه ڪه ايشور جو اؤتار. ائين ئي حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي الله جو پٽ ڪري سمجهيو ويو. اسان جي نبي سڳوري صلي الله عليھ وسلم ڳالهه کي صاف سلجهائي فرمايو ته،”مان آهيان الله جي نور مان ۽ باقي خلقت آهي منهنجي نور مان.“ جز ۽ ڪُل جو مسئلو ائين ڪافي حد تائين تمام سهڻي نموني سلجهي ويو. سڀني جزن جو تقدس به قائم رهيو ۽ مڪمل ڪُل به پنهنجي منفرد، يڪتا ۽ الڳ حيثيت سان قائم دائم (حي و قيوم) رهيو. پر ڳنڍ اڃا به منجهي ٿي. ان ڪري ان مسئلي ۾ ڳوڙهو نه وڃجي. ڳوڙهو وڃبو ته راهه تان ٿڙي وڃبو.
عشق معنيٰ جنون. هر شيءِ ۾ محبوب نظر ايندو. انهيءَ حد تائين به ٺيڪ آهي ته هر شيءِ کي محبوب جو پرتوؤ سمجهي ان جي خدمت چاڪري ڪجي. وڌيڪ ۽ وڌيڪ سوچڻ سان، جذب ۽ جنون جي ڪيفيت ۾ الائي ڪٿان جو ڪٿان وڃي ٿو نڪرجي. حسين بن منصور حلاج وانگر چئي ويهندو ته مشڪ ۽ عنبر ۾ ڪهڙو فرق؟ ٻين لفظن ۾ گل ۽ خوشبوءَ ۾ ڪهڙو فرق؟ چوي ٿو ته ”حق، حق سان گڏ حق آهي. پوءِ مان حق آهيان!“ وري حيران ٿئي ٿو ته ”مان جيڪڏهن جزو آهيان ته پوءِ ”ڪل“ جو بار ڪيئن کنيون بيٺو آهيان؟“ هي سڀ ويچارن جا وڪڙ آهن. ڀائي ٺيڪ آهي! جي تون حق آهين ته پوءِ الله وارا سڀ بار کڻ، ربوبيت جا، عدل جا، شفا جا، هدايت جا وغيره وغيره. الفاظن ۾ ڇو الجهجي. مان محض ٽن لفظن ۾ تصوف ۽ صوفيءَ جو خاڪو پيش ڪرڻ جي جسارت ڪيان ٿو: 1 .خير خواهي، 2. خدمت ۽ 3. خُلق. بس اهو آهي صوفيءَ جو يا تصوف جو مڪمل خاڪو. خلوص نيت، خيرخواهي ۾ اچي وڃي ٿي، جي نه ته اها چوٿين ”خ“ به ملائي ڇڏيوس. رب معاف ڪندو غلطيءَ کان ۽ غلط فهميءَ کان ته مڪمل خاڪو آهي.
1.خلوص، 2 . خير خواهي، 3.خدمت ۽ 4 . خُلق. اهي چارئي ”خ“ اسلام جو مول متو آهن:
1. اعمال نيتن سان آهن (خلوص):
2. ٻين لاءِ اهو ئي چاهيو جو پاڻ لاءِ چاهيو ٿا.(خيرخواهي)
3. توهان جي زبان ۽ عمل سان ٻين جي ڀلائي ٿئي، جيڪو بندن سان پيار ٿو ڪري سو الله سان پيار ٿو ڪري. (خدمت)
4. ڏينهن قيامت جي، نبي سڳورن صلي الله عليھ وسلم کي اهو ئي قريب ترين هوندو جنهن ۾ خُلق، تواضح ۽ نوڙت وڌ ۾ وڌ هوندي. (خلق)
ڏسو ڪيڏيون واضح عملي هدايتون آهن، پوءِ به اسين هر ڳالهه ۾ ان جي ابتڙ هلون ٿا:
(1) چوندا، ”مان به ڪري نه ڏيکاريانس ته منهنجو نالو مٽائي رکجو“ (بدنيت)
(2) ٻين کي نيچو نوائڻ: ”پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو. ٽڪ مان ور ڪڍي ڇڏيندوسانس“ (مندو گهرڻ)
(3) گلا غيبت: هتي هرڪو پاڻ کي پيار ٿو ڪري ۽ پاڻ کي چڱو ٿو چوي. پاڻ کي چڱو ثابت ڪرڻ جو سؤلي ۾ سؤلو طريقو آهي ته ٻئي کي گهٽ ڪري ڏيکارجي. اهڙي طرح ماڻهوءَ جو هر قول ۽ فعل مصنوعي يا جڙتو ٿيو پوي ۽ هو خود پنهنجي اصليت کان دور ٿي هڪڙو مصنوعي وجود ٿيو پوي ۽ سندس سڄي حياتي ساڙ ۽ پڄرڻ جي ڌنوڻ ۾ دکندي ٿي رهي. سندس سڄي ڪوشش اها ٿي رهي ته پنهنجيون گهٽتائيون چڱائيءَ جي لباس ۾ پيش ڪري ۽ ٻين جون چڱايون به گهٽتائي جي لبادي ۾ لڪائي مروڙي سروڙي پيش ڪري. اهڙي ماڻهوءَ جي سڄي ڄمار الجهن ۾ گذري ٿي ۽ هو تضادن جو شڪار ٿي پنهنجي اصليت وڃائي ٿو ويهي. اهڙن ماڻهن تي پيار به اچي ٿو، رحم به. اهڙو ماڻهو ٻين سان ڀلائي ته نه ٿو ڪري، الٽو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري.
(4)خُلق تواضح نياز نوڙت نه هئڻ معنيٰ ته پاڻ کي ڪا چيز سمجهڻ: ٻئي لاءِ چوندا، ”مان ڇو سلام ڪيانس، ٽڪي جو ماڻهو، سڃاڻانس ٿو ڌڪا کائيندو وتندو هو.“ هيءَ نشاني آهي تڪبر جي، پوءِ ڀلي اهو رتيءَ برابر هجي. تڪبر سڀني چڱاين کي حتيٰ ڪي عبادتن کي به کائي ٿو وڃي. قرآن الحڪيم نهايت سهڻن ادبي لفظن ۾ فرمائي ٿو ته ”زمين تي آڪڙجي نه هلو، نه زمين کي ڌوڏي سگهندؤ، نه آسمان سان مٿو گسائي سگهندؤ.“ اهڙو ماڻهو نفرت جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. نفرت جو جذبو ايڏو گندو آهي، ايڏو گندو آهي، ايڏو گندو آهي جو چئي نٿو سگهجي. ڪو به ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي ڪڌي عمل سان مون ۾ نفرت جو ذرو به پيدا ڪري وجهي ته چئبو ته هو ڪامياب ٿيو.
انهن سڀني براين جو ٽوڙ آهي، پيار. پيار، آب حيات آهي جنهن پيتو تنهن کي رڳو سڳنڌ ۽ سونهن نظر ايندي. برائيون سڪل پتن جيان ڇڻي وڃي ڪرنديون ۽ چڱاين جا گؤنچ (غنچه) ۽ گل ٽڙي پوندا. انهيءَ ڪري ئي، صوفي فقير مجازي عشق کي اهميت ڏيندا هئا جنهن ۾ پاڻ وساري يڪسوئي سان محبوب جي تات تنوار ۾ لڳي ويندا هئا. اها تانگهه، تات، تنوار تمام چڱو جذبو آهي ۽ اهڙن جذبن سان سرشار ماڻهو نيٺ وڃي منزل ماڻيندو، پر مون گنهگار کي اها سمڪ اصل نه پئجي سگهي آهي ته محبوب سان جيڪو ۽ جهڙو پيار ڪري سگهجي ٿو اهو ۽ اهڙو الله سان ڪيئن ڪري سگهبو؟ اهو ڄڻ ممڪن ئي ڪونهي، پر ڇو ممڪن ڪونهي. جيڪڏهن ڪرڪيٽ سان، راڳ سان، سياست سان، ويندي چوريءَ سان ۽ وهسڪيءَ سان عمر ڀر لنؤ لڳائي ٿي سگهجي ته الله سان ڇو ڪين؟ خليفي گل هالائي الائي قاسم فرمايو ته :
رب جي رهه رمز ۾، ري رب غافل ڪيم گهار،
جا چڱي ڪر ڪرت سا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم،
ڪار ڪم دنيا سندو آهي ذلالت ۽ زيان،
سچ چوڻ، سچ جي سوا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪارڪم.
خليفو صاحب دنيا تياڳڻ (سنياس) جي ڳالهه نٿو ڪري. فرمائي ٿو، ”جا چڱي، ڪر ڪرت سا.“ يعني چڱي ڪرت سان لڳو پيو هج ۽ سچ سان سچو رهه. ائين گهڻن صوفين، درويشن ۽بزرگن ڪري ڏيکاريو. ويندي ٽئگور ۽ ٽالسٽاءِ جهڙا نواب ۽ جاگيردار به ائين ڪري ويا ۽ لازوال نقش ۽ نشان ڇڏي ويا.
تانگهه، تات، طلب ۽ تنوار ته هر انسان ۾ موجود آهي. هو ڪيتري قدر ان کي وڌائي يا وڃائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي. ان ۾ ماحول، تربيت ۽ خواهشون رڪاوٽ بڻجن ٿيون. انهن تي قابو پائي، ذهن ۽ ضمير جي سچ ۽ سچائي مطابق عمل ڪري ته هوند ٻيڙا ئي پار ٿي وڃن. هاڻي ڪي قدر ڳالهه صاف ٿي ته عمل صاف سٿرو هجي ۽ تانگهه تات طلب ۽ تنوار به مسلسل هجي ته ”عطا“ جو وسڪارو ٿئي ٿو ۽ اهڙو ماڻهو اڏجي وڃي ٿو. محنت ۽ مشقت سان ئي احسان ۽ عطا جو مينهن وسي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو:
1- اول ”عشق“
عشق ساڻ اٺاءَ، پير پريان جي پار ڏي،
سڄو بيت آهي:
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.(سر سهڻي)
عشق شرط اول آهي، پير کڻڻ (عمل ڪرڻ) سو به ضروري آهي، سو به ”پاڻ“ وڃائي يعني خواهشون ڇڏي.
2- جهوري يا لوري: اڻتڻ لڳي پئي هجي:
جيئن جهوريءَ کان جهليانس، جهڄيو تئن جهوريءَ پوي (رپ)
سڄو بيت آهي: پل پل ٿي پليانس، پلڪ نه رهي پرينءَ ري،
جئن جهوريءَ کان جهليانس، جهڄيو تئن جهوريءَ پوي (رپ)
3- سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ:
اوڏا ٿيا آڳ کي، سڙيا مٿي سچ(يمن ڪلياڻ)
4-انهيءَ ماجرا کان پوءِ: طالب ۽ مطلوب جو مامرو،
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار.(سهڻي)
يا پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا. (حسيني)
ظاهر ٿيو ته ”پڇڻ“ ۽ ”ڏورڻ“ ضروري آهي، انهيءَ کانسواءِ ”پسڻ“ عبث آهي. لُڇڻ ۽ لَڇڻ به ضروري آهي. لڇڻ معنيٰ خُلق، خلوص ۽ عمل صالح. لڇڻ کي لکڻ به سڏيو ويو آهي جو انساني ڪردار جو جوهر يا تت ۽ ست آهي. فرمايو ويو ته،”جو لکڻ منجهه ماڻهئين سو مکڻ منجهه کير.“ جئن کير جو تت ست مکڻ آهي تئن ماڻهوءَ جو تت لکڻ آهي. مان ڀانيان ٿو ته هاڻ ڳالهه پڌري پٽ پئجي وئي ته لڇڻ، پڇڻ ۽ ڏورڻ سان ماڻهو پنهنجي اعليٰ مقام تي پهچي ٿو جنهن کي وليءَ الله، صوفي بزرگ وغيره سڏين ٿا. انهيءَ لاءِ اعليٰ اخلاق، ڪردار، جهوري ۽ جهڄڻ، تانگهه طلب، تنوار ۽ محنت مشقت ضروري آهي. باقي ائين ڪونهي ته وڏي پير صاحب جي اکيون پورڻ سان سندس مربي پٽ جو کڻي آفيمي، چرسي ۽ ڀنگئي هجي سو هڪ کن ۾ ولي الله ۽ ڪاني ڪرامت جو صاحب ٿيو پوي.
محبوب ملي ٿو پر لوچڻ ۽ ڏورڻ سان. پوءِ اهڙو مقام به اچي ٿو جو،
”پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار “
يا
”پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي،
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا.“
پر رستو اڻانگو آهي، سڻائو ناهي. جيئن خليفي صاحب فرمايو ته، ”سچ چوڻ، سچ جي سوا ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.“ اهو آهي ٽانڊن تي هلڻ. شيخ اياز به چيو ته ”ٻاٻري ڪنڊن تي هلڻو ٿو پوي“، يا ڄڻ ”ڪاريءَ تي پير پيو“. سچ مٿي سڙڻ ته ازلي سچ آهي. ڏسو سڀني ائين چيو آهي. لطيف سائين، گرهوڙي فقير، خليفي صاحب، سچل سائين توڙي ٻين. منصور حلاج به ڳالهه اهائي حق ۽ سچ جي ڪئي پر لفظن جو انتخاب ڪي قدر جارحانه هئس. نه ته گرو نانڪ عليھ الرحمة به اهو ئي چيو ته :
آد سچ، جڳاد سچ، سڀئي سچ،
نانڪ هئه ڀي سچ، هوسين ڀي سچ.
سڀ ئي سچ معنيٰ پاڻ به سچ، ٻي خلقت به سچ، اول کان آخر سچ. ڪهڙو نه سادن لفظن ۾ جز ۽ ڪل جي بکيڙي کي سلجهائي ويو.
هاڻ ڳالهه پڌري پٽ پئجي وئي. وڌيڪ لوڙڻ جي ضرورت ناهي. اجايو اونهو ڇو وڃجي؟ پر اٻڙڪا اچن ٿا. اونهي ڳالهه اسرار جي آهي ته ڇا منزل رڳو محنت ۽ مشقت سان ملي ٿي؟ ۽ ”عطا“ نالي ڪا شيءِ ناهي! انهيءَ ڳنڍ ڇوڙڻ جو نه مون وٽ علم آهي نه اختيار. مشقت ته آهي ئي آهي. انهيءَ تي مان مٿي مفصل بحٿ ڪري آيو آهيان ۽ لطيف سائين جي چواڻي، ”عشق ساڻ اٺاءِ پير پريان جي پار ڏي.“ يا ” جي لوچن سي لهن.“ منهنجي ناقص خيال ۾ عطا کان انڪار ڪفر ٿيندو. تنهن ڪري مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته محنت ۽ مشقت به عطا آهي. پر پوءِ به عطا ۽ مشقت ۾ ڪو رتيءَ برابر فرق رهجي ٿو وڃي. مشقت توڙي عطا ٻئي امر ربي آهن. الله جي امر ۽ رضا کانسواءِ ڪو به محنت ۽ مشقت جي ڏچي ۾ ڪونه پوندو، جڏهن الله جو امر ۽ رضا ٿيندي تڏهن ئي محنت ۽ مشقت يا ڏورڻ ۽ لوچڻ جو عمل شروع ٿيندو. اهو فيصلو به الله تبارڪ وتعاليٰ واضح الفاظن ۾ فرمائي ڇڏيو آهي ته، ”يهدي من يشاء و يضل من يشاء“ معنيٰ جنهن کي مان چاهيان هدايت ڏيان ۽ جنهن کي وڻيم گمراهه ڪيان.“ هيءَ اها ڳنڍ آهي جنهن لاءِ گرهوڙي صاحب فرمايو ته ”کولڻ وارو به اهو الله پاڻ آهي.“ لطيف سائين به فرمايو ته :”سا هڙ کلي نه ساهه جي، سا هڙ ’ساهڙ‘ ري.“ هتي جبر ۽ قدر جو مسئلو اچي وڃي ٿو جنهن تي بحث ڪرڻ منع آهي. انسان جو ڪم آهي ’پڇڻ‘ لوچڻ ۽ لهڻ، جنهن لاءِ مٿي مان گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان.
امر ۽ رضا کانسواءِ پن به نٿو چُري، دل جو چرخو به رضا جو محتاج آهي. لطيف سائين چئي ڇڏيو ته
”واڳ پرين تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي،
هـلائـيـن تـه هـلي هـلان، بيـهـاريـن تـه بـس!“

انهيءَ اٽل نتيجي تي پهچي پوءِ به فهمائش ڪري ٿو ته:
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪري نه ٿئي. ( معذوري)
يا
ستئين سنجهيئي، منهن ويڙهي مئن جيئن،
اوجـــاڳــو اکــيــن کـــي، ڄــاتـوءِ نـه ڏيـئي،
هٿان تو پيئي، ڪچو ڪيچين کي ڪرين!
(ڪوهياري)
ڏسو، هڪ پاسي ’هلائين ته هلي هلان بيهارين ته بس!‘ ٻئي پاسي فهمائش ته ’اوجاڳو اکين کي ڄاتوءِ نه ڏيئي!‘ يا ’سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ!‘ هي ظاهري تضاد، تضاد ناهن. ڳالهه هڪ آهي. امر ربي آهي. رضا رب جي آهي، پر: ’آهي ايءُ گناهه، جا ڪا ڪري پڌري‘ (يمن ڪلياڻ)
هاڻي ٻڌايو ته بندو ڪيڏانهن وڃي؟ ’ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر!‘ سچل سائين به ائين جند ڇڏائي ويو. پوءِ اسان ٻارن جي ڪهڙي مجال. مٺ ڀيڙيائي ڀلي (شاهه ڪريم).
سو هن باب جو اختتام انهيءَ اڻٽر اصول تي ٿا ڪريون ته ’عطا‘ کانسواءِ ڪجهه ناهي؛ ائين جيئن چئجي ته عطا ۽ مشقت جدا شيون ناهن. مشقت به عطا آهي. محنت به عطا آهي. ’سُور پِريان جا‘ به عطا آهي، ڏک ڏاکڙا به عطا آهي ۽ سڀ جهولي پائي جهلڻا آهن، تحفا سمجهي.
’مونکي مون پرين مڪا سور سکائون ڪري.
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
هاڻي مان پنهنجا ڪي ذاتي مشاهدا بيان ڪندس جن ۾ نه ڪوئي وڌاءُ آهي نه خوش فهمي. اهي واقعا مونکي مجبور ڪن ٿا ته مان مڃان ته بنا محنت جي به عطا جي پالوٽ ٿئي ٿي. هي رضا ۽ عطا اصل ۾ امر ربي آهي. لطيف سائين فرمايو ته ”هيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي آڏو اچي!“
مان 1956ع کان 1958ع تائين ٽي سال شڪارپور ۾ سب جج ۽ ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هئس. نيڪ نمازي ڪونه هئس، نه عقيدن جو ڪچو يا ويساهه وسوڙل هئس. جيڪي سو ڪامريڊي لڏي سان واسطو هئم جن کي دهريو سمجهيو ويندو هو. نورالدين سرڪي، حبيب الله ڀٽو، احسان بدوي، بشير مورياڻي ۽ ٻين سان سنگت هئي. شڪارپور جي سخت گرمي، ڪچڙي منجهند، سخت گرميءَ ۾ ٻاهرئين ڪمري ۾ ويٺو هئس ته هڪ ڇوڪراٽ، مٿو اگهاڙو، قميص جا بٽڻ کليل، پير ڌڌڙ ۾ ڀريل اچي در تي بيٺو. ٻاهر نڪري کيس هٿ ڏئي مليس ۽ ٻه ڪرسيون ڪڍي ٻاهر ٿلهي تي هوا ۾ ٿي ويٺاسون. مون سواليه نظرن سان ڏانهنس ڏٺو ته چيائين ته ”منهنجو نالو مظهر شاهه آهي، ائين توڏي هليو آيس!“ شاهه صاحب کي مڇن جي ساوڪ به ڪانه هئي. چيائين ”تو ۾ ڪو ڪم ڪونه اٿم!“ تڏهن به مون شڪ ڀرين نظرن سان کيس ڏٺو ۽ ڪجهه بيزاريءَ سان به ڇو ته اندر ڊاڪٽرياڻي آيل هئي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي ويم جا سور هئا.
سو، شاهه صاحب ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنم. البت شربت جو گلاس گهرائي شاهه صاحب کي پياريم. شربت پيئندي گلاس رکي شاهه صاحب اشهد آڱر کي وڪڙ ڏئي کڻي سڌو ڪيو. مون پڇيو شاهه صاحب ”اهو ڇا ڪيؤ؟“ ته اشاري سان چپ رهڻ لاءِ چيائين ته ڪجهه خفي ٿي چيومانس ته ”ٻڌاءِ اهو ڇا ڪيئي؟“ چيائين ته ”ٻار ابتو هو، سو سڌو ڪيومانس!“ اتي در جو کڙڪو ٿيو ته مان جلدي اٿي در وٽ ويس ته ڊاڪٽرياڻي منهن ڪڍي چيو ”جج صاحب مبارڪ هجئي پٽ ڄائو پر ڏاڍو ڏکيو ويم هو. ٻار اونڌو هو ۽ مان توهان کي سکر وڃڻ جو مشورو ڏيڻ واري هئس ته الائي ڪيئن اوچتو ٻار ڦري سڌو ٿي ويو ۽ گهڙيءَ ۾ ويم ٿي ويو!“ ٻاهر نڪتس ته شاهه صاحب گم هو يعني اٿي هليو ويو بنان موڪلائڻ جي. ڄڻ ته آيو ئي هو ڪنهنجي حڪم سان، اسان جي مشڪل آسان ڪرڻ.
شڪارپور ۾ آفتاب شعبان ميراڻي سان دعا سلام هئم. هو هڪ مهذب، نرم مزاج ۽ نرم گفتار وارو ڀل مانس آهي. ان سان ڳالهه ڪيم ته چيائين ته ”هائو! اهو غريب ٻار اسان جي گهر ڀرسان رهي ٿو، اڃا ننڍڙو ٻار هو گهر ۾ راند پي ڪيائين ته وٺي دانهون ڪيائين ته ’ادي کي ماري ويا!‘ سندن زمين جو ٽڪرو شڪارپور کان ٻاهر هو. ماڻهو ڀڄندا ويا ۽ وڃي ڏٺائون ته شاهه صاحب جو وڏو ڀاءُ قتل ٿيو پيو هو.“
هڪڙي ڏينهن اوچتو وري اچي وارد ٿيو. جج ڪنهن اوچتي ماڻهوءَ جو اچڻ پسند نه ڪندا آهن. منهنجي منهن جو تاثر پڙهي چيائين ته ”جمال صاحب ڪنهن ڏي ڪونه ويندو آهيان، هو ڏاڙهيءَ وارو نمازي (اشارو جسٽس عبدالرحمان شاهه ڏانهن جو به اتي جج هو) ان ڏي به اصل ڪونه وڃان پر توڏي اچان ٿو. ها توڏي اچان ٿو.“ ته مون پڇيومانس ته ”پوءِ مون ڏي ڇو ٿا اچو؟“ چي، ”تون به اڌ فقير آهين، اڌ فقير آهين!“ ائين اکرن جو ورجاءَ ڪندو هو. مون چيومانس ”ڇڏ شاهه صاحب مان ته شرابي ڪبابي، مان فقير ٻقير ڪونه آهيان!“ ته چپن تي آڱر رکي چيائين،”شُو! شُو!، ائين نه چئه اڌ فقير آهين. آهين.“ مون کڻي ماٺ ڪئي. منهنجي گهر واريءَ جو ڀاءُ انورالدين قريشي اتي ئي رينج فاريسٽ آفيسر هو. اسين سڀ ساڻس ملڻ وياسون. شاهه صاحب ڪو منهنجي گهر آيو ۽ اچي انور صاحب جي بنگلي تي نڪتو. انور، شاهه صاحب سان مذاق ڪندو ۽ طنز ڪندو آيو. شاهه صاحب به تنگ ٿي چيس ته ”اها خبر اٿئي ته توکي ڪل ڪيتريون ڀينر آهن؟“ انور چيو پنج. شاهه صاحب چيو ته ”ڇهه!“ مون به چيو ”پنج!“ انور به ضد مان چيو ته ”شاهه صاحب مون کي خبر يا توکي؟“ شاهه صاحب وري به چيو ”ڇهه ڀينر، وڃ وڃ، اٿ وڃي ماءُ کان پڇي اچ، وڃ!“ مڄاڻ انور جي والده به ڪا ڪوٽڙي مان آيل هئي ۽ ڪنهن کي خبر ڪانه هئي. انور بڙ بڙ ڪندي اٿي گهر ويو ۽ منهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪتو ۽ چيائين ”امان چوي ٿي ته ڇهه هيون، هڪ ننڍي ئي گذاري وئي هئي!“ آهي نه حيران ٿيڻ جهڙي ڳالهه! جا خبر ڀاءُ کي نه هئي سا شاهه صاحب کي ڪيئن پئي.
شاهه صاحب هڪ معصوم ٻار جيان هو. هڪ ڏينهن مون وٽ اندر ڪمري ۾ ويٺو هو ته نهايت معصوميت سان پڇيائين ته، ”جج صاحب اهو الائي ڇاهي. هي ڀتيون آهن نه، سي ڄڻ ته آهن ئي ڪونه. مان سڀ ڪجهه ويٺو ٿو ڏسان. اهو ڀلا ڇو؟“ مون چيو ”مونکي ڪهڙي خبر!“ چيائين. ”تون جج صاحب آهين، تون ٻڌاءِ. مونکي ته خبر ناهي!“ اهڙو معصوم ۽ صاف گو هو جو پنهنجي اڻڄاڻائي به ڪانه ٿي لڪايائين. پوءِ ته ڏاڍو مشهور ٿي ويو.
هڪ دفعي ريلوي اسٽيشن تي ويٺو هو ته وڏا واڪا ڪيائين ته ”ائڪسيڊنٽ ٿي ويو سوين ماڻهو مري ويا!“ اسٽيشن ماسٽر ۽ ٻيا بابو اچي پريشان ٿيا، سکر، ڪراچي ۽ حيدرآباد سان رابطو ڪيائون پر سڀني چيو ته ”ڪو ائڪسيڊنٽ يا حادثو ڪونه ٿيو آهي!“ سڀني چيو ته شاهه صاحب ويچارو مستانو آهي، اجايو چئي ويٺو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ خبر آئي ته پنجاب ۾ گمبر وٽ وڏو ريلوي حادثو ٿيو آهي جنهن ۾ سوين ماڻهو مري ويا. پوءِ ته ريلوي وارا مظهر شاهه جا عقيدتمند ٿي ويا. ڇا ڏسان ته شاهه صاحب سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويٺو آهي. تن ڏينهين سيڪنڊ ڪلاس ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ وڏا ماڻهو سفر ڪندا هئا. چيومانس ته ”شاهه صاحب بلي! تنهنجا ته ٺٺ لڳا پيا آهن.“ معصوماڻي انداز ۾ کلندي چيائين ته ”هائو هائو!“ کيس انهي تبديلي جو يا ٺٺ ٺانگر جو احساس ئي ڪونه هو.
اتي شڪارپور ۾ چيف جج جسٽس قدير الدين سالياني انسپيڪشن تي آيو. سائين روشن علي شاهه جسٽس سجاد علي شاهه جو والد به ساڻس گڏ هو. چيف جج صاحب، مظهر شاهه سان ملاقات جو خواهان هو. مظهر شاهه جو اڃا ڳڀرو جوان هو تنهن کي سڏائي چيف جج صاحب ڏي موڪليوسين. ڪجهه دير کان پوءِ ڏسون ته شاهه صاحب ٻاهر نڪتو ته چيف جج صاحب، ادب ۽ نياز سان سندس پٺيان پٺيان پي هليو. ان کان پوءِ مظهر شاهه، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنهن به جج صاحب جي چئمبر ۾ بي ڌڙڪ هليو ويندو هو ۽ جج صاحب احترام ۾ اٿي بيهندا هئا. پڇيومانس ته ”مظهر شاهه تو جسٽس قديرالدين تي ڪهڙو ڦيڻو پڙهيو؟“ ته چيائين ته ”مونکي ڦيڻا پڙهڻ ڪونه ايندا آهن پر اهو، هو قدير الدين، وري منهنجو امتحان پيو وٺي ۽ پڇيائين ته هندوستان ۾ سندس پيءُ گهڻا سال اڳ گذاري ويو هو؟ ٻڌاءِ ته ڪهڙي بيماريءَ وگهي مئو؟ چيومانس ته ”ڪن ۾ سور پيو هوس سو مري ويو!“ چيومانس ته مظهر شاهه ”توکي ڪيئن خبر پئي ۽ ڪن جي سور سان ڪو ماڻهو مرندو آهي ڇا؟“ ته چيائين،”الائي، مونکي ڪهڙي خبر. مون ته جيڪي ڏٺو سو ٻڌايومانس!“ چئبو ته شاهه صاحب لاءِ ماضي، مستقبل ۽ حال ۾ ڪو به سنڌو نه هو. اها الائي ڪهڙي ماجرا آهي.
بقول رسول بخش پليجي ضرور ڪو انساني دماغ جو ڪرشمو هوندو. ٻيا به گهڻي ئي ننڍا وڏا واقعا مظهر شاهه جا سمجهه ۾ نٿا اچن. هڪڙو واقعو ذڪر ڪرڻ جهڙو آهي. شڪارپور جي گرميءَ ۾ ڪورٽ ۾ هڻ هڻان ڪري منجهند جو گهر اچبو هو. ٽپهريءَ جو رئڪيٽ کڻي ميل ڏيڍ پنڌ ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي پريان ٽينس راند ڪري پگهر ۾ شل ٿي سج لٿي گهر پهچي، وهنجي سنهنجي ململ جو پهراڻ ۽ سلوار پائي کُڏ تي دلو پاڻيءَ جو کڻي وڃي گهر واري ۽ ٻارڙن سان گڏ دل وندرائيندو هئس. منهن اونداهيءَ جو آفتاب شعبان ميراڻي صاحب جو ماڻهو آيو ته وٽس دعوت تي وڃان. مون انڪار ڪري ماڻهو موٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته ”مون ماني کائي ڇڏي آهي!“ گهڙي دير کان پوءِ ميراڻي صاحب ڪار موڪلي ته معزز مهمان ويٺا آهن ٿوري دير لاءِ اچو. ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس. ائين سلوار قميص ۾ چمپل پائي روانو ٿيس ته دروازي تي ميراڻي صاحب ڀليڪار ڪئي ۽ معذرت ڪيائين ته اوچتو تمام چڱا مهمان اچي نڪتا سو چيم ته ڪو سندن پايه جو ماڻهو هجي جو ساڻن گفتگو ڪري. اندر ويس ته ڪل ٽي مهمان هڪڙو عمر قريشي، ٻيو زيڊ اي سليري ۽ ٽيون هڪ انگريز جو نيوز ويڪ جو نمائندو هو ۽ ڊاڪٽر هينري هالنڊ بابت فيچر لکڻ آيو هو. ڳالهين ڪندي مظهر شاهه جي ڳالهه ڪڍيائون ۽ ساڻس ملڻ جو اشتياق ڏيکاريائون.
ميراڻي صاحب چيو ته اجهو پنجن منٽن ۾ سڏائي ٿو وٺانس. پنجن ڏهن منٽن ۾ شاهه صاحب آيو. اهوئي مٿو اگهاڙو، پيرن ۾ چمپل ۽ قميص جا بٽڻ کليل. کيس اندرئين ڪمري ۾ ويهاريو ويو. مهمانن فيصلو ڪيو ته هڪ هڪ ٿي وٽس وڃجي. پهرين انگريز ويو، پنجن منٽن ۾ انگريز صاحب نڪري آيو. سندس منهن تي هوائون هيون ۽ زور سان اعلان ڪيائين ته،”مان مڃان ٿو ته سپر نيچرل (مافوق الفطرت) قوتون آهن.“ پوءِ سليري صاحب ويو جو اڌ ڪلاڪ تائين ڪونه نڪتو. مٿس ان وقت بغاوت جو ڪيس پي هليو جنهن کي ’گرماڻي ڪيس‘ ڪري اخبارن ۾ لکيو ويندو هو. سليري صاحب جو وڏو محتاط ۽ سياڻو ماڻهو آهي تنهن به چيو ته ”شاهه صاحب روحاني طاقتن جو صاحب آهي.“ آخر ۾ عمر قريشي، جو به وڏو دانشور آهي سو ويو. پندرهن ويهه منٽن کان پوءِ اهو ٻاهر نڪتو ته محتاط (diplomatic) ٻوليءَ ۾ چيائين ”نوڪامينٽس!“ يعني تبصرو نه ڪبو. شاهه صاحب جيئن آيو هو تيئن سلاماليڪ ڪري نڪري ويو. عمر قريشي صاحب کي زور ڀريوسين ته ائين ڊسڙ ۾ پير نه هڻو، ڪجهه تاثرات ته ٻڌايو ته تمام ڌيرج سان چيائين ته ”وڏو نفسياتي ماهر آهي.“ مون چيو ”قريشي صاحب هو ته اڻ پڙهيل ۽ غريب مسڪين ڪٽنب جو ٻار آهي!“ تڏهن به عمر قريشي صاحب چيو ته ”مان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس!“ مظهر شاهه جون ٻيون به ڪيئي ڳالهيون مون کي ياد آهن جي حيران ڪُن آهن.

14

مٿيان سڀ واقعا مون رڳو ان ڪري بيان ڪيا آهن ته يقين محڪم رکڻ گهرجي ته سڀ ڪجهه عطا آهي، رضا آهي. محنت مشقت کانسواءِ به ماڻهوءَ تي نوازش ٿئي ٿي. ڏسو نه، ڪو ئي ٻوٽو پوکيو يا ڇٻر هڻو يا سارين جو رونبو ڪيو. ايتري محنت توهان تي لازم آهي. بس انهيءَ کان مٿي توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو. ٻوٽو يا سَلو پاڻهئي پنهنجي قوت سان ڏنگو، ڦڏو، ڪمزور يا وري سڌو صحتمند نڪرندو. چپٽيءَ سان ان کي ڇڪي ٻاهر ڪونه ڪڍبو. پاڻهئي اسرندو، نسرندو ۽ مقرر ڦل ڏيندو، گهٽ يا وڌ، مٺو يا کٽو.
مارڪسي يا جديد معاشرتي نظريو اهو آهي ته ماحول ۽ حالات مطابق ماڻهوءَ جي طبيعت، ڪردار ۽ چال ڍال ٺهي ٿي. مٿي مون مظهر شاهه جو مثال ڏنو آهي. هاڻي ٻئي ماڻهوءَ جو احوال ڏيان ٿو. محترم محمد ابراهيم جويو صاحب جي شخصيت مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هو نهايت سٺو ماڻهو، نرم مزاج، نرم گفتار، صبر ۽ ڌيرج وارو، صلح پسند ۽ اصلاح پسند، امن پسند، ڪٽرپڻي کان ڪوهين ڏور، خوبين جي کاڻ آهي. هڪ ڏينهن شيخ اياز صاحب وٽ ويٺي مون چيو،”شيخ صاحب، ابراهيم جوئي جهڙي شخصيت لاءِ مون کي ڪو موزون لفظ هٿ نٿو اچي!“ شيخ صاحب مشڪندي چيو ته ”مون وٽ اهڙو لفظ آهي“ مون اتاولي مان پڇيو ”ڇا؟“ چيائين، ”ڪرائيسٽ!“ ڪرائيسٽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو لقب آهي، جو رحمدلي، صبر، سهپ ۽ ڀلائيءَ جو پيڪر هو. مان شيخ صاحب سان سهمت ٿيس. هاڻي جي کڻي جوئي صاحب جي زندگيءَ تي نظر وجهو ته رڳو ڏک ڏولاوا، مفلسي، تلخيون ۽ ڪڙايون، گهرو توڙي سماجي، معاشرتي ۽ معاشي دل ٽوڙيندڙ واقعا. پر هن ماڻهوءَ ۾ ڪڏهن ڊاهه ڊوهه، ڪوڙاڻ، وير وٺڻ يا ٻيو ڪو به منفي جذبو پيدا نه ٿيو. ماحول ۽ حالات سندس ڪجهه ڪونه بگاڙيو بلڪ کيس وڌيڪ اجاريو.
وري، اڄڪلهه جا نوجوان، ڪارو اٿن منهن، پهرئين نمبر جا ڀاڙيا، ٿوري تنگي ۽ بک بيروزگاريءَ جي دٻ نه جهلي، مائٽن کي سهائيندا ته ڦاهو کائينداسون، درياهه ۾ ٽپو ڏينداسون يا پاڻ ساڙينداسون. هيڏانهن هي شخص آهي محترم محمد ابراهيم جويو صاحب جو اڏول ٿيو بيٺو آهي ۽ حالات جي ٿڦيڙن ۽ دلسوز ڌوڏن سندس شخصيت کي وڌيڪ اجاري ڇڏيو آهي. مون پنهنجن افسانن ۾ اهوئي پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جو ماڻهو ماحول ۽ حالات جي دٻاءُ هيٺ اچي ميڪ! ميڪ! ڪري مري ويو، اهو ماڻهو ئي نه چئبو. ماڻهو اهو جيڪو دٻاءُ ۽ ناساز حالتن هوندي به هر هر ڪڏ ڏئي ڪر کڻي اڀو ٿي بيهي رهي ۽ ناسازگار حالات سان مهاڏو اٽڪائي انهن کي ميساري ڇڏي. جويو صاحب اهڙو ماڻهو آهي. ثابت ٿيو ته ماحول ۽ حالات جي عذر اجايا آهن. هر انسان ۾ ڪو لڪل جوهر (امر ربي) آهي جو چمڪي پوي ٿو ۽ جو محنت، صبر ۽ شڪر سان وڌيڪ چمڪائي سگهجي ٿو.
ٻيئي پاسا يا مختلف زاويا پيش ڪري مان سمجهان ٿو ته سڀ ڪجهه عطا آهي. والله اعلم.
بدر ڏاڍي پياري ڳالهه ڪئي. چيائين ته ”بابا منهنجي زندگيءَ ۾ ٽي تمام اذيتناڪ واقعا ٿيا آهن جي سهڻ کان ٻاهر هئا، پر هاڻي ڏسان ٿو ته اهڙي هرهڪ واقعي منجهان، نقصان بجاءِ اهڙا وڏا فائدا رسيا آهن جيڪي هوند نصيب ئي نه ٿين ها!“ ڏسو نه هيءَ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. سمجهو ڪي سمجهن.
تازو قمر شهباز، جو سنڌ جو مشهور اديب، آفيسر ۽ دانشور آهي، تنهن سان هڪ مخصوص گڏجاڻي جو شرف حاصل ٿيم. شهباز صاف چيو ته ”ڀائو جمال، مان نه متقي پرهيزگار آهيان ۽ نه ئي ڪو روزه نمازون، نفل ۽ چلا ڪڍيا اٿم، ڪچايون ڦڪايون به ڪيئي اٿم!“ انهي هوندي به اهڙا عجيب واقعا ۽ اسرار ٻڌايائين جو ماڻهو حيرت ۾ حيران ٿي وڃي. ڪڏهن هو ڪنهن ست ڌارئي اڻ ڏٺل، اڻ واقف ماڻهوءَ جي ماضيءَ ۾ ۽ پڻ سندس مستقبل ۾ به هليو وڃي ٿو ۽ سندس اهي حيرت انگيز انڪشاف سورهن آنا سچ ثابت ٿيا آهن.
مظهر شاهه مست ۽ قمر شهباز جون ڳالهيون ٻڌي ۽ ڏسي، انهيءَ چوڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي ته ”عطا‘ مشقت کانسواءِ به ٿئي ٿي. پر جي ائين آهي به ته پوءِ ڇا؟ ماضي معلوم ڪرڻ يا مستقبل کي اڳواٽ ڀانپي وٺڻ مان ڇا هڙ حاصل؟ اصل ڳالهه آهي انسان ذات جي ڀلائي ۽ معاشي ۽ معاشرتي ترقي. ان لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ سائنسي سوچ سان سماج ۽ معاشري کي اؤج تي آڻڻ آهي اصل مقصد. ان لاءِ مان پنهنجي اڳوڻي تجزيه تي قائم آهيان ته محنت ۽ مشقت سان ۽ صحيح سوچ ۽ عمل سان ئي پاڻ کي واڳي ڇڏجي. ٻئي بکيڙي ۾ پوڻ اجايو پاڻي ولوڙڻ آهي جنهن مان مکڻ نڪرڻو ئي ڪونهي. مون مٿي چار ”خ“ وارن لفظن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان تي سختيءَ سان قائم آهيان ۽ ان جو داعي آهيان. اهي ”خ“ وارا نيم ورجايان ٿو: 1. خلوص، 2. خُلق، 3. خيرخواهي ۽ 4 . خدمت. انهيءَ کانسواءِ باقي بولهبي آهي. صوفي هجي، يا ليڊر ۽ سياسي ڪارڪن يا ساڌو سنت ۽ مذهبي پيشوا، انهن چئني اصولن جي ڪسوٽيءَ جي پرک تي پورو اچڻ گهرجي. ٻين جا سور پاڻ ڍوئي کڻي ۽ پڻ لوڇ پوڇ ۽ ڳولها ۾ پاڻ وڃائي مئي متي مهراڻ ۾ ڪاهي پوي.
ڪو ٻيلي آهي ٻيلهه، جي سور پريان جا ساڻ مون. (شاهه)
مشقت ۽ محنت ايڏي جو:
هل ته هيڪاندي ٿئين، ويهي وجهه مَ ويرَ،
توڙي لهين نه پيرَ، ته پڻ راحت رڙهڻ ۾. (شاهه)
هڪڙي ويرم به ويهڻو ناهي. مسلسل لوچ آهي. پوءِ به مقام اهو حاصل ٿيندو جو رڙهڻ ۾ راحت ايندي. شيخ اياز به ٿر ۾ سفر ڪندي چئي ويٺو ته ”ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪن جا، ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!“ ٿر جو سفر به رڙهڻ جيان آهي. تڏهن به شيخ صاحب پنهنجي اونهي نظر سان ڏسي چئي ويو ته ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪن جا! ڪيڏا به ٿڪ هجن ته به ٿاڪ ڪري نه ويهبو جيسين ان کي گلزار نه بڻائجي.
صوفي معنيٰ چڱو ماڻهو، جيڪو ڏيتي ليتيءَ ۾ وهنوار ۾، اٿڻي ويهڻي ۾، اوڙي پاڙي، توڙي همسفر ۽ عام خلق سان چڱو هلي. قرآن الحڪيم ۾ الاهي فيصلو آهي ته،”توهان مان الله وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جو تقويٰ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي؟ (سوره الحجرات). رسول الله ﷺ وٽ هڪ شخص هڪ واقفڪار کي وٺي آيو ۽ اچي عرض ڪيائين ته هن ماڻهوءَ کي ڪو عهدو ڏيو. حضور اڪرم جن ٻه ٽي سوال ڪيا جي هيٺ ڏجن ٿا:
سوال: ڇا تون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻين؟
جواب : هائو! يا رسول الله.
سوال: ڇا هي ڪڏهن تنهنجو پاڙيسري رهيو آهي؟
جواب: نه رسول الله.
سوال: ڇا تو ڪڏهن هن سان ڏيتي ليتي ڪئي آهي؟
جواب: نه رسول الله.
سوال: ڇا تو ڪڏهن هن سان گڏ سفر ڪيو آهي؟
جواب: نه رسول الله.
سوال: پوءِ تون ڪيئن هن کي سڃاڻين؟ (يعني ڪونه سڃاڻين)
هيءَ آهي مڪمل ڪسوٽي ڪنهن جي چڱائيءَ جي سڃاڻپ جي. پاڙي وارن سان چڱو هلي، ڏيتي ليتيءَ ۾ کرو هجي ۽ سفر ۾ سٺو ساٿي هجي. نه ته اهو ڪيئن چڱو ماڻهو چئبو؟ صوفي، بزرگ ۽ ولي به ان ڪسوٽي تي پورا اچڻ گهرجن، نه ته ناپاس آهن. باقي ماضي ۽ مستقبل کي ڄاڻڻ بابت رسول بخش پليجي جي ڳالهه وزندار آهي ته ”انساني ذهن بيحساب قوتن جو مرڪب ٿي سگهي ٿو.“ مون جو هيڏو سارو بحث ڇيڙيو سو اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته غيب، حيرت، غيبي قوت (الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ فرشتا) وحي، جزا ۽ سزا (قيامت) ۽ حيات بعد ممات حقيقتون آهن ۽ انهن جو منڪر ڪڏهن به ڪاميابي ۽ سچي خوشي ماڻي نه سگهندو. اها آهي سچي ۽ صحيح راهه يعني صراط المستقيم. اڄڪلهه جا نوجوان (اسين، به ان ۾ شامل هئاسون) ڪميونزم کان ڏاڍو متاثر هئا. پاڻ اکين سان ڏٺائون ته ڪميونزم ڪهڙا ويل وهايا. روس ۾ لکين ماڻهو ماريا ويا. ڪمبوڊيا ۾ اڄ تائين ماڻهن جو ڪوس جاري آهي. ٻين ڪيترن ملڪن ۾ لکين ماڻهو ماريا ويا ۽ اڃا تائين ماريا وڃن ٿا. ڪميونزم سان وقتي آزادي ۽ خوشحالي به آئي پر جٽاءُ نه ڪيائين. ماڻهو هيسيل ۽ بددل رهيا نيٺ پنهنجي حڪومت جو پاڻ تختو اونڌو ڪيائون ۽ انهيءَ کي پنهنجي نجات سمجهن ٿا. ماڻهوءَ جي جان ۽ عزت جو تقدس نه آهي ته پوءِ باقي بچيو ڇا؟
سموري ويهين صديءَ تي ڪميونزم ڇانيو رهيو ۽ ويهين صدي منهنجي نظر ۾ تشدد جي صدي رهي آهي. مليٽنسي، جارحيت ۽ تشدد ويهين صدي جي پيداوار آهي. گهٽي گهٽيءَ ۾ جارحيت، ويڙهه، بندوق بازي، بم، چاقو زني سڀ انهيءَ جارحيت جا ناجائز ٻار آهن. مذهبي ڪٽرپڻو ۽ ملا به جارحيت جا حامي، حمايتي ۽ آله ڪار بڻجي ويا آهن. جارحيت وِرچو (virture) يعني خوبيءَ جو مقام حاصل ڪري ورتو آهي. جنگيون اڳ به لڳنديون هيون. لشڪر اڳ به هلان ڪندا هئا. پر اڄ ته گهر گهر، گهٽيءَ گهٽيءَ، ٻار ٻڍا ۽ عورتون تشدد کي نيڪ عمل سمجهي تحسين ۽ فخر سان گوليون، بم، بارود ۽ باهيون لڳائين ٿا. اڳي پُر امن شهري نه ائين ڪندا هئا نه ان جي حمايت ڪندا هئا. سنڌي ماڻهو ته ڪوس ۽ ڪِيس ڏسي گهوڙا گهوڙا ڪندا هئا ۽ يا حسين! چوندا هئا. مشهور آهي ته ماڻهو جڏهن لشڪر ۽ جنگي گهوڙا ڏسندا هئا ته هر ڦٽو ڪري، دعا گهرندا هئا ته ”يا الله ڪو رحمدل بادشاهه آڻجانءِ!“ ايڏي هئي اسان جي صلح پسندي ۽ امن پسندي. يورپ ٻن عالمي جنگين کانپوءِ عالمي امن جو نظريو پيش ڪيو.
مسلمانن به جمال الدين افغاني، مولانا عبيدالله سنڌي، علامه اقبال وغيره، سڀني شمشير ۽ تيرو تفنگ جي ڳالهه ڪئي. عرب ملڪن ۾ وري اخوان المسلمين جي تحريڪ پيدا ٿي جنهن جو باني حسين بنا هو. هندوستان ۽ پاڪستان ۾ وري اهو ڪردار جماعت اسلامي ادا ڪيو، مطلب ته جتان ڪٿان جارحيت جا پڙاڏا اٿيا ۽ مزاحمت، ترقي پسند ادب جو ضروري انگ بڻجي وئي. سڄي دنيا ۾ هڪڙو يگانو شخص هو، مهاتما گانڌي، جنهن نه رڳو اهنسا يعني عدم تشدد جي تلقين ڪئي پر عملي طرح ان کي امن پسند سياسي انقلاب جو هٿيار ڪري به ڪم آندائين. احرام وانگر گوڏ ٻڌي، انگوڇو پٺن تي رکي پيرين اگهاڙو ڳوٺن ۽ کيتن ۾ ڪاهي پيو ۽ امن شانتي ۽ ڌيرج جي تبليغ ڪيائين. بک هڙتال ۽ هٽ تاڙ جا هٿيار ايجاد ڪيائين جنهن ۾ پاڻ کي نقصان هو ۽ خلق خدا لاءِ ڪو آزار ڪونه هو. سڄي دنيا حيران هئي ته هي ڪهڙو سياسي حربو پيو استعمال ٿئي. سياستدان، سياسي مفڪر ۽ دانشور حيران هئا ته هي ڪهڙو نئون انقلاب پيو اچي ۽ انهيءَ سان ڪيئن فيل مست انگريز کان حڪومت کسبي. چرچل ٽوڪ طور چيو ته، هڪ ننگو فقير ٿو انگريز بهادر کي چوي ته هندوستان خالي ڪيو. برنارڊشا چئي ڏنو ته ايڏي چڱائي خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي. ٿيو به ائين. سندس ملڪ جي ئي هڪ هم مذهب، گوڊسي، گانڌي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو سو به تڏهن جڏهن گانڌي انگريز سرڪار کي تڙي، هندوستان کي آزادي وٺرائي ڏني. انهيءَ شخص کانسواءِ ڪٿان به، ڪنهن به، امن ۽ شانتي ۽ اهنسا جي ڳالهه نه ڪئي. تاريخ شاهد آهي.
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته امن جون سوڀون ڪنهن به صورت ۾ لڙائيءَ جي سوڀ کان گهٽ نه آهن. اسلام جي اکري معنيٰ ئي آهي امن ۽ سلامتي. اها ٻي ڳالهه آهي جو اسان جي نوجوان ٽهيءَ کي لفظ اسلام تي ئي چڙ آهي. اهو برابر آهي ته جيئن گانڌيجي جا پوئلڳ اهنسا ڇڏي هنسڪ ڪارروايون ڪرڻ لڳا تيئن اسلام جا پوئلڳ به نفرت جي اُماڙي کڻي جهاد جهاد ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري ئي تصوف ۽ صوفي پيدا ٿيا ۽ مون انهيءَ موضوع تي هيڏا ڪاڳر ڪارا ڪري ڇڏيا ۽ قلم بس ئي نٿو ڪري. تصوف جو بنياد آهي ته ڪو ڀيد ڀاؤ آهي ئي ڪونه سڀ انسان هڪجهڙا ۽ پاڻ ۾ ڀائر آهن. مون حضور سائين صلي الله عليھ وسلم جي هڪ حديث مٿي لکي آهي، جنهن ۾ فرمائين ٿا ته ،”مان آهيان الله جي نور مان ۽ باقي سڀ خلقت آهي منهنجي نور مان!“ علما سڳورا معاف فرمائين باقي ظاهر پيو آهي ته هر انسان، حيوانات نباتات ۽ جمادات ۾ نبي سڳورن جو نور آهي. پوءِ اهو قابل احترام ٿيو يا نه؟ الله، رب العالمين آهي ۽ نبي سڳورو رحمت للعالمين. فرمايو رحمت للعالمين ته؟ ”مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا سلامت هجن!“ ڏسو ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي ته هٿ ته ٺهيو. زبان سان به نه ڪنهن کي ڏکوئجي نه نقصان رسائجي. اهڙوئي ماڻهو آهي سچو صوفي. اهڙن ئي صاف صوفي بزرگن جهڙوڪ حضرت علي هجويري، خواجه اجميري، خواجه سليم چشتي ۽ ٻين اڪيچار بزرگن جي رويه اخلاق ۽ عمل صالح جي نتيجي ۾ برصغير هندوستان ۾ اسلام ڦهليو جنهن کي ٻنجو اچي ڏنو محمود غزنوي، محمد غوري، علاؤالدين خلجي وغيره جي تلوارن، ۽ اورنگزيب جي ڪٽرپڻي.
اجر توڙي بهشت يا سرڳ تي به ڪو مسلمانن جي ٺيڪيداري يا هڪ هٽي ڪانهي. ذات باري تعاليٰ ته رحمان ۽ رحيم آهي ۽ سندس رحم ۽ اجر جي پالوٽ ته انسانن تي بلا تفريق پيئي ٿئي. سورة زلزال، آيت 8 ۽ 9 ۾ صاف فرمايو ويو ته ”جنهن به ذره برابر نيڪي ڪئي سو ان کي ڏسندو(يعني اجر لهندو) ۽ جنهن به ذره برابر بڇڙائي ڪئي سو ان کي ڏسندو“ يعني نتيجو ڀوڳيندو. سڀني مفسرن اهو ئي چيو آهي ته سڀني انسانن ۽ قومن سان سندن اعمال مطابق ورتاءُ ٿيندو يعني اجر ۽ ثواب يا سزا ڏني ويندي. قرآن الحڪيم جو سڄو زور اعمال صالح (ويدانتي ٻوليءَ ۾ ڪرم) تي آهي. سورة المائدة، 70 ۾ ته عجب ۽ صاف صاف انڪشاف ٿيل آهي ته ،”بيشڪ جن ايمان آندو (يعني مسلمان) ۽ پڻ يهودي نصارا يعني عيسائي ۽ صابئي (يعني انهن کانسواءِ ٻيا). انهن مان جن به ايمان آندو الله تي، ڏينهن قيامت تي ۽ ڪيا ڪم چڱا ته انهن لاءِ اجر آهي ۽ انهن لاءِ ڪو خوف خطرو ڪونهي، نه ئي اهي ملال (رنج) ڏسندا.“ ڏسو الله تعاليٰ قرآن الحڪيم ۾ مسلمان توڙي يهودي، عيسائي ۽ صابيءَ کي الڳ الڳ سندن ئي حيثيت ۾ اجر جي بشارت ڏني. البت ٽي اهم شرط آهن: (1) الله تي ايمان، (2) قيامت جي ڏينهن تي ايمان ۽ (3) عمل صالح. انهن ٽنهي موضوعن تي مولانا ابوالڪلام آزاد تفصيلي روشني وڌي آهي ته انهن ٽن لازمي شرطن کانسواءِ ڪو به ماڻهو يا قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. پاڻ پڙهي ڏسو. مون جهڙو ڪم مايه انسان ان تي تفصيلي ۽ فلسفيانه روشني نٿو وجهي سگهي.
مولانا عبيدالله سنڌي به قرآني آيتن جي آڌار تي ”توڪل“ ۽ صبر جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهائيندي فرمائي ٿو ته ”توڪل معنيٰ انتهائي ڏکين حالتن ۾ پوري همت سان، نتيجن کان بينياز ٿي ڪم ڪرڻ ۽ خوفزده ٿي ڪم نه ڇڏڻ.“ مولانا صبر جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت فرمائي ٿو ته، ”صحيح اصولن تي ڪم ڪندو رهڻ، جيڪڏهن ڏکيائيون پيش اچن ته انهن کي برداشت ڪري ڪم جاري رکڻ ۽ پوئتي نه هٽڻ.“ قرآن پاڪ ۾ سورة انفال، آيت 66) بابت مولانا فرمائي ٿو ته ”صابر معنيٰ اهڙا ثابت قدم ماڻهو جي پاڻ کان ٻيڻي طاقت تي غالب اچن.“ قرآن الحڪيم ۾ بار بار عمل صالح تي ڀرپور زور ڏنو ويو آهي. باقي جوڳي ٿي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ ورد وظائف سان ڪو ولي، بزرگ ۽ اصلاح ڪندڙڪونه بڻجي پوندو. سورة العصر جي تشريح ڪندي مولانا لکي ٿو ، بلڪ توهان پاڻ اکري معنيٰ ڪري ڏسو سورة العصر جي صاف ۽ سؤلو ترجمو آهي ته:
”قسم آهي زماني جو (مولانا لکي ٿو، شاهد آهي تاريخ) ته انسان آهي خساري (نقصان) ۾، سواءِ انهن جي جن ايمان آندو، ۽ عمل صالح ڪيا، حق جي وصيت ڪندا رهيا ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا.“
هيءَ ننڍڙي سورة ڄڻ ته سموري انسان ذات لاءِ جامع ۽ مڪمل منشور آهي. ان موجب عمل نه ڪبو ته خسارو لازمي آهي. معلوم ٿيو ته انسانذات جي ترقي لاءِ عمل صالح لازمي آهن نه ته نقصان اڻٽرآهي. سچ چوڻ ۽ صبر سان مسلسل باعمل رهڻ لازمي شرط آهن. پوءِ الله تعاليٰ جو وعدو آهي ته ”ان الارض يرثها عبادي الصالحون“ (الانبيا، 25) معنيٰ تحقيق صالح ٻانها ئي زمين جا وارث آهن. مولانا سنڌي اکري معنيٰ بجاءِ لکي ٿو ته اسان جا صالح ٻانها ئي حڪومت جا وارث بڻبا، علامه المشرقي به پنهنجي شهره آفاق ڪتاب تذڪره ۾ ائين لکي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ (سورة النور: 55) صاف فرمايو آهي، ”الله جو وعدو آهي صالح مؤمنن سان ته انهن کي ملڪ جي خلافت ضرور عطا ڪندو.“ علامه المشرقي ته جرئت سان چوندو هو ته ”جيڪا قوم حڪومت ڪري ٿي سا ضرور نسبتاََ صالح هوندي“ يعني انگريز به ٻين قومن کان نسبتاََ صالح هئڻ ڪري دنيا جا حڪمران بڻيا. اهڙن خيالن جي ڪري ملن مولوين علامه صاحب لاءِ ڪفر جي فتويٰ ڪڍي. سڄي ڳالهه جو محور وڃي بيٺو عمل صالح يا نيڪيءَ جا ڪم يا خُلق اخلاقي تي.
چڱايون يا چڱا ڪم، صرف روزا، نمازون ۽ ورد وظائف ناهن. اهي ته سڀ تياري يا ارادا يا وعدا آهن چڱا ڪم ڪرڻ جا. علامه المشرقي ته صاف ۽ سڌو چوندو ۽ لکندو هو ته ”نمازون ۽ روزا بذات عبادت نه آهن بلڪ صرف وعده آهن عبادت جا. اصل عبادت آهي الاهي احڪامن جي تعميل“ انهيءَ کي ئي عبديت چئي سگهجي ٿو. ڳالهه وري به اخلاق ۽ عمل صالح تي وڃي بيٺي.
مان اڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته قاضي فضل الله صاحب سان چڱي ڏيٺ ويٺ هئي ۽ هو صاحب مونکي گهڻي عزت ڏيندو هو پڪو مسلم ليگي هو ان ڪري علامه المشرقي تي ٽوڪ ڪندو هو. مون سان به بحث ۾ الجهيو. چي ”اها اخلاق! اخلاق! جي ڪهڙي کڻي مسخري وڌي اٿؤ. ماڻهن کي ملان بڻائي ڏاڙهيون رکائي آزادي وٺندؤ ۽ انقلاب آڻيندؤ؟“ مون به گهڻن ماڻهن وچ ۾ کيس برجستو جواب ڏنو ته، ”قاضي صاحب هيڏا وڏا وڪيل آهيو، وزير آهيو پر توهان کي اها خبر ئي ڪانهي ته اخلاق ڇاهي ۽ ويـٺا ٿا وائڙي تنقيد ڪيو!“ چيائين ”ڀلا تون ٻڌاءِ!“ چيم ”اخلاق جو بنياد آهي ايمان، يعني يقين محڪم conviction، تنهن کانپوءِ نظم ضبط ۽ ڊسپلين ۽ پوءِ اطاعت، ايثار ۽ قرباني!“ هڪدم چيائين ته ”جي ائين آهي ته پوءِ مان توسان متفق آهيان!“
محترم محمد ابراهيم جويو صاحب به حيدربخش جتوئي جي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي آيل هو ۽ گهڻائي ڪميونسٽ ليڊر حسن ناصر سميت آيل هئا. ڪي تاج محمد ابڙي وٽ ٽڪيل هئا ڪي اسان جي اوطاق تي. جوئي صاحب مون کي پنهنجو هم خيال بنائڻ خاطر ڏاڍي ڌيرج سان ۽ دليلن سان خلاصگائيءَ ۾ چڱو لمبو چوڙو ليڪچر ڏنو ۽ مان هائو هائو ڪندو رهيس. آخر ۾ چيومانس ته ”جويا صاحب توهان جو ۽ اسان جو مقصد هڪ ئي آهي يعني عوام جي ڀلائي.“ هن به هائو ڪئي. مون چيو ”عوام جي ڀلائي ٿيندي عوامي جدوجهد سان!“ چيائين ”هائو!“ مون چيو ”ان لاءِ ماڻهن ۾ اهڙي تنظيم پيدا ڪئي وڃي جو هو اطاعت گذار ٿي ايثار ۽ قرباني لاءِ تيار ٿين.“ چيائين ”بلڪل ائين!“ مون چيو ”بس اختلاف رڳو اهو آهي ته اهڙو جذبو ڪيئن پيدا ڪجي. توهان سمجهو ٿا ته ماني ٽڪر لاءِ شخصي مفاد لاءِ ماڻهو منظم جدوجهد ڪندا ۽ قربانيون ڏيندا، پر اسين سمجهون ٿا ته اخلاقيات، خدمت خلق ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ سان ماڻهن ۾ ڀرپور جذبو ۽ تنظيم پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ نه رڳو ٽريڊ يونينزم سان!“ جويو صاحب ماٺ ٿي ويو ۽ وري ان موضوع تي مونسان نه ڳالهايائين جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي چاليهه پنجاهه سال گذري ويا آهن ۽ اسين ملندا رهندا ۽ گڏ کائيندا پيئندا رهيا آهيون. جويو صاحب تمام سمجهدار ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هن شايد پهرين ملاقات ۾ مونکي رد ڪري ڇڏيو پر مان اڄ تائين سندس مداح آهيان.
هڪ دفعي ڪوٽڙيءَ جا شاگرد مون وٽ حيدرآباد آيا ۽ چيائون ته ”هڪ عليڳڙهه جو صاحب آيو آهي، ڏاڍو قابل آهي ۽ ڪنهن کي وٺ ئي نٿو ڏئي سو تون هل ۽ هلي ساڻس منهن ڏي. هي 43 ـ 1942ع جو واقعو آهي جڏهن مان اڃا حيدرآباد نئشنل ڪاليج ۾ ارڙهن سالن جو، انٽر سائنس جو شاگرد هئس. مون گهڻو ئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪرا ضد ڪري بيٺا ۽ مونکي ڪوٽڙي وٺي ويا. هو صاحب آيو ۽ ڏاڍو زور شور سان بحث ڪرڻ شروع ڪيائين. مون چيو مانس ته ”اسين سنڌي ماڻهو بحث کي چوندا آهيون ’ڀئنش‘ معنيٰ اجايو ضد، سو اچ ته رڳو حقيقتن تي ڳالهايون!“ مڙس جي ٽائر مان هوا نڪري وئي ۽ مونکي چيائين ”ڀلي تون حقيقتون بيان ڪر!“ پوءِ ته اهڙي وٺ ڪئي مانس جو ماٺ وٺي ويس ۽ جيڪي مون چيو سو مڃي اٿيو. اها به ڪا الاهي ڏات آهي يا چئجي ته حقيقتن جي ڄاڻ ۽ پنهنجي مؤقف جي سچي هجڻ جو يقين، ته پوءِ دليل از خود اچي ٿا وڃن. صدقِ دل به ضروري آهي.
حضور سائين صلي الله عليھ وسلم فرمائين ٿا ته ”دنيا ۾ خوبصورت ترين شيءِ آهي، دليل.“ سبحان الله! حضرت علي رضي الله عنھ به فرمايو آهي ته ”ڪائنات ۾ سڀ کان اول جا چيز پيدا ٿي سو آهي، دليل“ 1941ع ۾ مان ڪاليج ۾ گهڙيو آهيان ته کاٻي ڌر وارن شاگردن جو اهو بحث ٻڌندو آيو آهيان ته ”مادو اڳ ۾ پيدا ٿيو يا دليل.“ اسين سنڌي ماڻهو خيال کي به دليل چوندا آهيون جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته ”پيئي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.“ منهنجو نجي خيال آهي ته دليل، خيال يا آئيڊيا اول آهي ۽ مادو پوءِ. الله تعاليٰ مسبب الاسباب آهي، اهو منهنجو ايمان آهي ۽ ان ڳالهه کي دليلن سان ثابت ڪري سگهجي ٿو پر بحث ڏاڍو لمبو ٿي ويندو. اصل ڳالهه آهي ايمان جي. جي ايمان ناهي ته پوءِ ”مين نه مانون!“ واري رٽ کي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ انهن لاءِ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته .”اهي گونگا آهن، ٻوڙا آهن، سندن اکين تي پڙدا چڙهيل آهن ۽ اهي ڪونه سمجهندا.“ انهي الاهي فيصلي کانپوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي، پر اسانجا دانشور دوست مغربي عالمن تي انڌو يقين رکن ٿا. مون هڪ مغربي دانشور جو قول پڙهيو هو ته، ”جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم کي تباهه ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا ته اول انهن جو ايمان ٽوڙيو.“ ايمان ايڏي وڏي ڳالهه آهي. انهيءَ دانشور جو ۽ سندس ڪتاب جو نالو ياد ڪونه اٿم. باقي برنارڊشا ۽ لارڊ بيڪن جا نالا ۽ قول ياد اٿم.
برنارڊشا، صاف چوي ٿو ته،”يورپ کي پنهنجي مشڪلاتن ۽ ڏکين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جي نقشِ قدم تي هلڻو پوندو.“
لارڊ بيڪن مشهور فلسفي ۽ دانشور لکي ٿو ته ،”جيڪو ماڻهو ٿورو علم ٿو پڙهي سو الله تعاليٰ جي وجود جو منڪر ٿي ٿو پوي، پر جڏهن گهڻو علم حاصل ڪري ٿو تڏهن وري قائل ۽ مڃيندڙ ٿي ٿو پوي.“
ڪم علم متعلق ڊاڪٽر سئميوئل جانس جو گفتو ٿو ياد پويم ته، ”ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن سڀني جاهلن کي لکڻ پڙهڻ اچي ويندو.“
ڪارلائيل، ”هيرو آف دي پرافٽس“ ۾ حضور صلي الله عليھ وسلم کي پيغمبرن جو هيرو مڃي ٿو. اسان جا دانشور جيڪڏهن اهڙن وڏن فلسفي دانشورن کان به پاڻ کي وڏو دانشور سمجهن ٿا سي لهي اچن ميدان ۾ ۽ ڪن اهڙي دعويٰ.
هالا پراڻا جو محترم محمد حفيظ قريشي هڪ منفرد ۽ يگانه سوچ جو مالڪ آهي. وٽس جڏهن مٿين دانشورن جا رايا پيش ڪيا ويا ته پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين ته ”حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم کي اهڙن سرٽيفڪيٽن جي ڪا ضرورت ناهي. البت جن ائين چيو آهي، اهو انهن جي ذات لاءِ سرٽيفڪيٽ آهي.“
الله ۽ سندس رسول الله صلي الله عليھ وسلم ۾ ايمان ۽ عمل صالح تت آهي تصوف جو. ان کانسواءِ ڪو چارو ناهي. الله ۽ رسول جي اطاعت معنيٰ سندن حڪمن تي عمل ڪرڻ يعني عمل صالح. مٿي مان اهي نقطا صاف ڪري آيو آهيان ته ايمان کانسواءِ علم نٿو اچي. (ٻار جو باهه ۾ آڱر وجهڻ جو مثال) ۽ علم معنيٰ عمل. ان تي به مان مٿي ڪافي روشني وجهي چڪو آهيان. حضرت علي رضي تعاليٰ عنھ جي قول تي هن طويل بحث جو اختتام ٿو ڪجي، فرمائين ٿا ته، ”علم جو لازم نتيجو عمل آهي پر جيڪڏهن ڪو عمل (عمل صالح) نٿو ڪري ته پوءِ چئبو ته کيس علم آهي ئي ڪونه.“ عمل صالح تي به مان ڪجهه روشني وجهي چڪو آهيان ته ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار، ڇڏي، چار ”خ“ يعني خلوص، خُلق، خير خواهي ۽ خدمت اختيار ڪجي ته ٻيڙائي پار آهن. هوت پاڻهئي اچي هنج ۾ پوندو. تصوف جون سڀ منزلون طئي ٿي وينديون.
”عطا“ ۽ ”رياضت“ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ بکيڙي ۾ نه پئجي ته چڱو. مون اڳ ئي عرض ڪيو آهي ته ڪا ڳنڍ مڙيئي آهي جا ڇوڙي نٿي سگهجي ۽ نڪي انکي ڇوڙڻ يا ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪجي ڇو ته اها ڳنڍ کولڻ به صرف ۽ صرف ساهڙ (الله تبارڪ وتعاليٰ) جو مخصوص اختيار آهي. انهيءَ ڪري ڪاني ڪرامت جو منڪر نٿو ٿي سگهجي. اهو ڪيئن ٿو ٿئي، ڇو ٿو ٿئي، اهو علم به ان وحده لاشريڪ لھ کي آهي. مالڪ مختار آهي ۽ مداخلت ممنوع. انسان، امر ربي کانسواءِ بيوس آهي. ڀٽائي گهوٽ به بيوسيءَ جو اظهار ڪهڙو نه سهڻو ڪيو.
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.
(سر آسا، فصل چوٿون، بيت 4)
اها هڪ نازڪ ۽ ناممڪن صورتحال آهي. مولانا روم به ساڳيو بيت چيو آهي. مولانا جي مثنوي جا ڇهه ڪتاب منهنجي آڏو ٽيبل تي پيا آهن پر بيت ۽ حوالو ڳولهڻ جي فرصت ڪانه اٿم. رڳو آخري لفظ بيت جا ياد اٿم ته ”دامن تر م ڪن“ يعني پاند نه پسائجانءِ. اهو ٿئي ڪيئن! مولانا جي مثنوي ته سڄي عمل صالح جي مثالن ۽ ڪهاڻين سان ڀري پئي آهي، پر ڀٽائي گهوٽ اتي جو اتي انتهائي بيوسيءَ مان دانهن ٿو ڪري ته:
پيو جو پاتار، سو ڪئن پسڻ کان پالهو رهي،
سالڪ مون سيکار، ڪو پهه انهيءَ پاند جو.
(بيت 41)
سيکاريندو به اهو ئي. پوءِ بيت 42 کان 51 تائين نهايت غور سان پڙهو ته سڀ منزلون کوليندو ٿو وڃي. حل اهو ئي آهي ته:
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هِنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ.
شريعت جي پابندي ۽ ٻيون منزلون ٻڌائي، آخر وائيءَ ۾ فرمائي ٿو ته:
خدمت ڪر خلقين، پاند ڳچيءَ ۾ پائي،
اديون عبداللطيف چئي، اتاهين ڪي آهي.
خلق جي خدمت سو به پاند ڳچيءَ ۾ پائي. اڄڪلهه جي پيرن فقيرن وانگر نه، جو خلق خدا جي ويٺي، پير صاحب جا پير چمي، زور ڏئي، ٻهاريون پائي ۽ گهڙا ڀري ۽ پير صاحب، پاند ڳچي پائڻ بدران، ڳاٽ اونچو ڪيون ويٺو اوڳرايون ڏئي. شاهه صاحب ته فرمائش ٿو ڪري ته:
پنهنجون ڇڏي پٽ ۾، رِڙهه انهيءَ جي رائي (وائي : آسا)
پنهنجون خواهشون پٽ ۾ ڦٽي ڪري، انهيءَ ذات پاڪ جي راءِ تي رڙهڻ گهرجي. پنهنجي راءِ ناهي رکڻي. ’جي ٿيا حل حبيب سين، سمهڻ تن ثواب‘ (شاهه). اها آهي مڪمل ارپنا. سي ستا ئي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي. آخر حل اهو ٿو ٻڌائي ته ”پُسو منجهه پريت!“ جڏهن پريت ۾ پُسي وڃبو ته ٻي آلاڻ ڪيئن لڳندي. ڳالهه جو حل نڪري آيو نه؟
وري بکيڙي ۾ پئجي وياسون. ان ڪري هي دروازو بند ٿا ڪيون. کولڻ وارا کوڙ. مون ته رڳو رنڍا روڙيا. پر سوچ جا دروازا ڪڏهن به، ڪوئي به، بند نٿو ڪري سگهي. انهيءَ وصف جي ڪري ئي انسان افضل المخلوقات آهي. هڪ وڏي تعليمي ماهر سان گفتگو ٿيم. هن مونکي وڏي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ يقيناََ توهان به سوچ ۾ پئجي ويندا ته ائين بالآخر ڇو آهي. ٻڌايائين ته ٽيهن کان چاليهه سيڪڙو ٻار (شاگرد) اهڙا هوندا آهن جن کي پڙهائڻ جي ضرورت ئي ڪونه هوندي آهي. اهي پاڻ ئي سمجهي ۽ پڙهي ويندا آهن. ٻيا ٽيهه پنجٽيهه سيڪڙو شاگرد اهڙا هوندا آهن جن کي پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت هوندي ۽ هو سمجهي ويندا. باقي پنجويهه ٽيهه سيڪڙو شاگرد اهڙا هوندا آهن، جو توهان کين ڪيترو به پڙهايو ۽ سمجهايو ته به اهي نڪي پڙهندا نڪي سمجهندا. هي ڪهڙو مامرو آهي؟ ڇو آهي، ڇا آهي؟ پوءِ اي اکين ۽ عقل وارا ڪجهه سوچو ۽ سمجهو. تفڪر ۽ تدبر ڪيو (قرآن).
روس ۾ 1974ع ۾ الماٽا جي شهر ۾ مونسان ماسڪو جو پروفيسر سخاچوف گڏ هو. مون هڪ ماڻهوءَ کي رستي تي ٻهاري ڏيندي ڏسي، پروفيسر کي چيو ته ”هي ڇا آهي، هتي به ته طبقاتي معاشرو ڪونه آهي. هڪڙا ٻهاري پيا ڏين ۽ ٻيا ڪارن ۾ پيا گهمن چئبو ته سڀني کي هڪ جهڙا موقعا ۽ سهوليتون ميسر نه آهن.“ ويچار ۾ پئجي ويو. نيٺ مونکي چيائين ته ”موقعا ۽ سهوليتون سڀني کي ميسر آهن پر ڪي ماڻهو طبيعتاََ اهڙا آهن جو منجهن اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ تمنا ئي نه آهي.“
روس ۾ هڪڙي فولادي ڪارخاني جي مئنيجر به مونکي بلڪل اهڙو ئي جواب ڏنو. مون کيس مهڻو ڏنو ته ”تون ته مئنيجر ٿيو ويٺو آهين ۽ ٻيا سڄي ڄمار محنت مزدوري ۾ وڃايو ڇڏين!“ هن هڪدم پنهنجا ٻئي هٿ کولي مونکي ڏيکاريا. سندس هٿن جون تريون ۽ آڱريون سخت هيون ۽ لڦن جا به نشان هئا. چيائين ته ”ڏس! مون به مزدور ٿي سڄي عمر محنت ۽ مزوري ڪئي آهي پر ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيس. امتحان ڏنم، تربيتون ورتم ۽ مختلف شعبن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيم ۽ ائين ڏاڪو ڏاڪو چڙهي هن درجي تي پهتو آهيان. باقي جيڪي مزور پنهنجي فطرت ۾ ئي اهڙا آهن جو نه چاهه ٿا وٺن، نه سکڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ۽ نه اڳتي وڌڻ جو شوق اٿن ته اهڙن کي مان ڇا ٿو ڪري سگهان. محنت ۽ جاکوڙ ڪري ۽ ڪتاب پڙهي مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“ ڳالهه ته وزندار آهي پر اها انساني ”فطرت“ ۽ ”ترقي جي چاهنا“ وغيره آهي ڇا ۽ اچي ڪٿان ٿي. ماڻهو ماڻهوءَ جهڙو آهي. اهو به سچ ته، ماڻهو ماڻهوءَ جهڙو ناهي. ڀٽائي گهوٽ ته اٿارٽي آهي. اهو به فرمائي ٿو ته:
”ماڻهو مڙيئي نه سهڻا، پکي مڙيئي نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.“
سُرآسا ۾ ته جهڙوڪر موچڙو هڻي ٿو ڪڍي ته،”منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس.“ اها آخر آهي ڪهڙي ماجرا، ڪي ڄمندي ڄام، ڪي اٿنديئي ابليس. هي قدرت جو ڪارخانو ڪير سمجهي؟ سمجهو ڪي سمجهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي به سچو جو چوي ٿو ته ”هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو“ ته جنهاڻ سومرو جو لاڙي شاعر ابراهيم منشي به سچو ته ”ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو“.
حق ته اهو آهي، ته ”سچ به ساقط ناهي“. علم بي انت آهي ۽ علم جو دروازو بند ٿيڻو ناهي. انسان جو ازلي ورثو آهي تلاش. انهيءَ ڪري ڀٽائي گهوٽ چيو ته، ”شال مَ ملان هوت“، امير خسرو به فرمايو ته ،”اس وقت مجھےبھٹکا دینا جب سامنے منزل آجائے ۔“ انسان جو ڪم آهي ڳولهه ڳولهان، تلاش ۽ جاکوڙ. جنهن جو تت منهنجي نظر ۾ آهي عمل صالح، جو مقصود نبوي آهي ۽ الهام الاهي، ڀلي امر ربي به چئوس، ڇاڪاڻ ته ضمير جو آواز امر ربي آهي. وويڪ جا وڍ پيا ته ڄڻ غلط ڪاري ٿي ئي ڪانه، ڌوپجي وئي. اسان جا نام نهاد دانشور اخلاقيات تي چٿرون ڪندا هئا ۽ ان کي ’مڊل ڪلاس مورالٽي‘ سڏي طنز ڪندا هئا. پنهنجيون بڇڙايون ۽ بداخلاقيون بيان ڪري کلندا ۽ کڳيون هڻندا هئا ڄڻ وڏو ڪو تير ماريو هجين. خدا جو شان! اڄ اهي ساڳيا دانشور حضرات، ناڪاميون پسي ۽ پنهنجن جا ڏنگ، ڌوڪا مخالفتون ۽ خود غرضيون ڏسي، گهوڙا گهوڙا پيا ڪن. ٻيو ته ٺهيو، رسول بخش پليجي جهڙو زيرڪ سمجهدار ۽ آزمودگار ماڻهو به دانهون پيو ڪري ته ڪارڪنن توڙي سياستدانن ۾ لوڀ، لالچ، خود غرضي ۽ پڏڻ پائيءَ جي وبا ڦهلجي ويئي آهي ۽ اخلاقي قدر جهڙوڪ وفاداري، لگن، نظام ۾ جڪڙجي هلڻ، ايثار قرباني مفقود ٿي ويا آهن.
خود غرضي ۽ خود مطلبي اچي ٿي وڃي ته عقل تي ۽ اکين تي ڇئوڙا چڙهي ٿا وڃن. مان پنهنجي ڪنن ٻڌي ۽ اکين ڏٺي ڳالهه ٿو ڪيان ته سائين جي ايم سيد جو هڪ منظور نظر شاگرد ليڊر، جنهن کي حڪومت مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ سٺي نوڪري ڏني ته تمام شيطاني ٽهڪ ڏئي وچين آڱر ٻاهر ڪڍي سائينءَ لاءِ چيائين ته هڻوس ... وجهوس سينٽرل جيل ۾، ته خبر پويس ته گهڻي ويهين سؤ آهي، باقي بنگلي تي ويٺي ٿو اوڳرايون ڏئي ۽ پستيون هڻي. توبهه! سياست مان اخلاقي قدر نڪتا ته بچندي چنگيزي ٻيو ڇا؟ اڄڪلهه ته ماڻهو فخر وچان ذات جا چنگيزي ٿا سڏائين.
مان مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي گهر ۽ گهرو ماحول. تهان پوءِ ڳوٺ يا پاڙي جو ماحول جتي هرڪو هر ڪنهن کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو. عبدالله ميمڻ سابق هوم سيڪريٽري، ڪراچيءَ جي شهري ماحول سو به لياري ۾ اڇي قبر جو پليل، سو جو خوبين جي کاڻ ڏٺم ته هڪ دفعي سرڪار مير علي مدد خان جي ڪچهريءَ ۾ پنهنجي حيرت جو اظهار ڪري ويٺس. مير صاحب فرمايو ته ”جمال صاحب اهو پاڙي جي ڪلچر جو اثر آهي.“ مطمئن ڪونه ٿيس سو هڪ ڏينهن عبدالله کان پڇي ويٺس. چيائين ته ”سائين پاڙي جي هڪ هڪ ماڻهوءَ تي پاڙي وارن جي نظر هوندي هئي. اتفاق سان تڪڙ ۾ بنا ٽوپي پائڻ جي مٿي اگهاڙو گهران نڪربو هو ته دڪانن وارا توڙي فوٽ پاٿن تي ويٺل ۽ ٻاڪڙن تي چانهه پيئندڙ به چوندا هئا، ’ڏس ڏس جانوءَ جو ڏيڪرو (جان محمد جو پٽ) هاڻي مٿو اگهاڙو ڪري ٿو گهمي.‘ بس ايترو ٻڌي ڊوڙي موٽي گهر وڃي ٽوپي پائي نڪرندو هئس!“ ائين هر ڪنهن کي حق هو تنقيد جو ۽ ننڍن نيٽن جون ڪنڊون پاسا ڀڃي، گهڙي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏيندا هئا. اهو ڪلچر به پاڪ صاف ٿي ويو.
منهنجو ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ان تي بابا، امان ۽ ڳوٺ جو ذڪر ڪندي ڪجهه روشني وجهي چڪو آهيان. ڳوٺاڻا به اڻ پڙهيل دانشور آهن. ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندا هئا جو حيرت آ حيرت! اڄ به دلين تي نقش آهن. چي، ”ابا هڪڙو درويش ويٺو هو اڪيلو ئي اڪيلو جهنگل ۾ ته ٽي اوپرا مهمان سلام ڪري اچي سندس ساڄي پاسي ويٺا. ٽئي سهڻا خوش شڪل ۽ خوش لباس. درويش کين کيڪاري هڪ هڪ کان واقفيت پڇي. هڪڙي چيو ته منهنجو نالو حيا آهي. رهين ڪٿي؟ چي اکين ۾. ٻئي چيو ته منهنجو نالو محبت آهي، رهين ڪٿي؟ چي دل ۾. ٽئين چيو ته منهنجو نالو عقل آهي، رهان دماغ ۾. ائين ڪندي ٽي ٻيا مهمان به آيا ڪوجها، گدلا، ميرا ۽ درويش جي کٻي پاسي ويهي رهيا. هڪڙي چيو ته مان لوڀ لالچ آهيان. رهين ڪٿي؟ چي اکين ۾. ابا اتي ته حيا شرم رهندو آهي. چي، مان ايندو آهيان ته اهو هليو ويندو آهي. ٻئي چيو ته مان ڪينو بغض آهيان. رهين ڪٿي؟ چي دل ۾. ابا اتي ته پيار ۽ محبت رهندو آهي. هائو، پر مان ايندو آهيان ته اهو هليو ويندو آهي. ٽئين چيو ته مان آهيان ساڙ ۽ حسد. ابا رهين ڪٿي؟ چي دماغ ۾. ابا اتي ته عقل رهندو آهي. ها پر مان ايندو آهيان ته اهو اٿي ويندو آهي.
ڳوٺاڻن جا ڏنل اهڙا سبق دل جي ڦرهيءَ تي هميشھ لاءِ لکجي ٿا وڃن. ٻار پاڻ ۾ وڙهندا هئا ته چوندا هئا ته ”ابا پاڻ ۾ ته ڪتا وڙهندا آهن، ڪتو آهي ئي ڪڙم جو ويري.“ اها ڳالهه به وڙهڻ کان روڪيندي هئي سو روئي وڃي ماءُ کي دانهن ڏيندا هئاسين. اها ڳالهه کي سلجهائي ڇڏيندي هئي. دانهن، پيءُ کي نه ڏبي هئي. اصل نه. اسان جي سنڌي ۽ هندي ڪلچر ۾ ماءُ جو ڪردار امن وارو ۽ امين وارو آهي. مڙدن ۾ ڳالهه وئي ته خُلم مچندو، اوطاقن ۽ گهر گهر ۾ پهچندي. مڙدن ۾ به وڏڙا، اونها ۽ عميق هوندا هئا. اوڙي پاڙي ۾ ڪا ڪچي ڦڪي ٿيندي هئي ته مٿا ميڙ ڪري ويهندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڍڪي ڀلي، هرڪو نياڻين سياڻين وارو آهي. ائين ڍڪ ڍڪي ويندا هئا. وڏ گڙدا ماڻهو هئا، ٻاڦ ٻاهر ڪونه ڪڍندا هئا. باقي جيڪو آڏو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ سينڍيون وڄائيندو هو ان کي ڇينڀ ڪڍندا هئا ۽ سندس وڏڙن کي به خبردار ڪري ڇڏيندا هئا. ائين امن آشتيءَ ۾ وقت گذرندو هو ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ تائين ڳالهه ڪانه ويندي هئي. جي ڳوٺ برادريءَ کان ڳالهه ٻاهر نڪتي ته اهو عيب سمجهيو ويندو هو. اهڙو هو مضبوط سماجڪ نظام. هندو ماڻهن ۾ ته اڃا به وڌيڪ مضبوط هو ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پنئچات ۽ مکيءَ جو جاندار نظام هو.
اسان جي تر جو مکيه ڳوٺ آهي منگواڻي جنهن کي شهر سڏيندا هئا. ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“ ته جواب ملندو هو ته ”شهر ٿو وڃان؟“ معنيٰ منگواڻي، جو هڪ ڳوٺڙو آهي. وچ ۾ ننڍي بازار جنهن ۾ هندو ڀائرن جا دُڪان هئا. وڏيرا هئا جانوري جن جو وڏو هو وڏيرو محمد صادق جانوري جو رڄ چڱو مڙس ۽ راڄائتو ماڻهو هو. هندو مسلمانن جا فيصلا انصاف سان ڪندو هو. چار پٽ هئس: محمد صالح، محمد صديق، مير محمد ۽ شاهنواز. پاڪستان ٺهيو ته محمد صالح لڏي راڌڻ هليو ويو جتي هندن جي جاين ۽ زمينن جو مالڪ بڻجي ويو. محمد صديق بلڪل پيءُ جهڙو هو پر لاڏاڻو ڪري ويو. پوءِ ته مير محمد اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويٺو. چور، ڌاڙيل به پاليائين سو پوليس ۽ انتظاميه جي ڪٽڪي مٿانس هلي آئي پر مڙسان مڙسي منهن ڏئي ويو. باقي ننڍو شاهنواز، جنهن جي مونسان به دوستي ٿي وئي هئي. سو وڃي نشي پتي تي لٿو. وڃي مڪان وسايائين جتي موالين سان ڀنگ چرس تي لهي آيو. سهڻو ٺاهوڪو جوان سو ڪاراٽجي هڙٻاٺيون ٿي ويو. 67ـ 1966ع ۾ مان جڏهن حيدرآباد ۾ جج هئس ته مون وٽ به حجت ڪري مهمان ٿي آيو پر هڪ ڏينهن ۾ تنگ ٿي ڀڄي ويو جو وزم پاڻيءَ جي ٻاڙائي ٿي پيس. ٻڌم ته اهو به جلد گذاري ويو.
باقي مير محمد، منگواڻيءَ کي ڄمايو ويٺو آهي. ميهڙ ۾ سؤٽن وٽ ويس ته ايس ڊي ايم هو نظر محمد پٺاڻ. کيس فون ڪيم ته ”جيپ ڏي ته ڳوٺان زمين تان ٿي اچان!“ اهڙو وضعدار ماڻهو جو هيڊ منشيءَ کي به موڪليائين ته روبرو جمال صاحب کي روانو ڪري اچ ۽ دعوت به ڏينس ته موٽندي مون وٽ اچي. ڳوٺ ويس ته سانگين جي مخالفت جي باوجود وڏيري مير محمد وٽ منگواڻي ويس ته ڏاڍو خوش ٿيو. حال احوال ڪندي چيائين ته ”ايس ڊي ايم جي گاڏيءَ ۾ آيا آهيو کيس منهنجي پارت ڪري ڇڏيندا!“ موٽندي نظر محمد پٺاڻ وٽ ويس ته چانهه سان خاطر تواضع ڪيائين ۽ ميهڙ جو مشهور مائو بادامين وارو سوکڙيءَ طور به ڏنائين. چيائين ڪو ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪيو. پاڻهئي جو بُل ڏنائين ته چيومانس ته ”وڏيري مير محمد جانوريءَ جي پارت هجيئي!“ ته حيرت ۽ ناراضگيءَ جي گڏيل لهجي ۾ چيائين ته ”جمال صاحب ڪهڙي بدمعاش جي پارت پيا ڪيو، مونکي ته اڄ هٿ اچي ته اڄ جيل ۾ وجهانس، توهان ڪيئن ٿا اهڙي ماڻهوءَ جي پارت ڪيو!“ مون چيو ”اسان جو وڏيرو آهي!“ وري به چيائين ته ”توهان سانگي هو جانوري. سانگين سان به ڪو چڱو ڪونه ٿو هلي، اهو توهان جو وڏيرو ڪيئن ٿيو؟“ مون چيو ته ”منهنجو ابو ڏاڏو، سندس پيءُ جا سلامي هئا سو اها واٽ قائم رکڻي اٿم!“ کڻي ماٺ ڪيائين ته به پڇيائين ته ”ڇا ڏنگو ناهي؟“ مون چيو ”ڏنگو به آهي، ڏاڍ به ڪري ٿو پر وڏن واري ساڃاهه اٿس!“ اها ڪا ڪنهن وڏيري جي حمايت نه هئي. اهو هڪ نظام هو جو تمام جاندار ۽ لچ لوفر، چور چڪار لاءِ وڏو دهمان هو ۽ پڻ برادرين کي جوڙي رکڻ جو ضابطو هو. ڪو لچ لوفر ساماڻو يا ڪا نازيبا حرڪت ڪيائين ته وڏيرو کيس گهرائي ڀري ڪچهريءَ ۾ سندس ٽَڪَ مان ور ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ بيعزتو ڪندو هو ته هميشھ لاءِ سندس ميس مري ويندي هئي.
ڀٽي صاحب جو عوام کي وڏيري جي جڪڙ مان ڪڍي آزاد ۽ آزاد خيال بڻايو ته سڄو سماجڪ نظام درهم برهم ٿي ويو. هڪ سماجڪ نظام کي ٽوڙڻ کان اڳ ۾ ٻيو متبادل نظام قائم ڪرڻ لازمي بلڪ ضروري آهي. ائين نه ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو ڇورا پاڻ زورآور ٿي ويا ۽ هرڪو بندوق، ڪهاڙي ۽ ڪلاشنڪوف کڻي ڌاڙيل بڻجي ويو. خود وڏيرا به پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا ۽ اهڙن لوفرن بدمعاشن تي هٿ رکڻو پين. پوءِ ته وڏيرن بجاءِ، ڌاڙيلن جو راڄ شروع ٿي ويو. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو سو ملٽري ڊڪٽيٽر به کين هُشي ڏني. هيٺئين سطح وارن فوجي توڙي پوليس عملدارن ته ڌاڙيلن سان حصو پتي رکي ڇڏيو. ائين کين حڪومتي تحفظ به ملي ويو. پوءِ اغوا جو سلسلو شروع ٿيو ڇاڪاڻ ته حصي پتيءَ جو ريٽ وڌي ويو. بعد ۾ ڪن دهشت پسند سياسي جماعتن به جلد ۽ گهڻا پئسا ڪمائڻ خاطر اغوا ۽ بينڪون ڦرڻ جو باقاعدي نظام ٺاهي ورتو.
سياسي گروهه وڏي چالاڪيءَ سان عملي طرز جوڙي وٺن ٿا سو ڌيان هٽائڻ لاءِ اخباري دنيا ۽ سياسي ايوانن ۾ شور اهو مچايايون ته ٻهراڙين ۾ بدامني، اغوا ۽ ڌاڙا زور وٺي ويا آهن حالانڪ انگن اکرن موجب شهرن ۾ وڌيڪ بدامني، قتل، اغوا، ڌاڙا ۽ ڦرون روان دوان هيون. هٿ وٺي، دهشت پيدا ڪرڻ خاطر لاشن جون اکيون ڪڍي ڇڏيندا هئا، سندن مٿا ڀڃي ڇڏيندا هئا ۽ لاش ڳوڻين ۾ بند ڪري اڇلائيندا هئا. انهيءَ خرافات کي وري چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي اولاد، نالو ڏنو ’سياسي حڪمت عمليءَ‘ جو. ڇا ڪجي ڇا چئجي؟ جواب جاهلان باشد خموشي. مزو وري اهو جو اهڙا نپٽ نڪور جاهل پاڻ کي سمجهن پڙهيل عاقل ۽ پاڪستان جو ذهني ذخيرو، ذهني ذخيرو يا شيطاني آکيرو يا بالڪل عقلي انڌارو. هي ايڏو وڏو موضوع آهي جنهن تي انگن اکرن جي وچور سان رسول بخش پليجي يا ڊاڪٽر سليمان شيخ جهڙا دانشور جدا ضخيم ڪتاب لکي سگهن ٿا.

***

ٿوهر ۾ ڳاڙها گل

---

مجرم جي ڪٽهڙي ۾

منهنجي ڪتاب ”ڪٿا“ جو پهريون ڀاڳو ”ڏسي ڏوھ اکين سين“ ڇپيو ته گهڻا پاٺڪ ڪاوڙيا، ايتري قدر جو طنز ٽوڪ کان چڙهي پٽ پاراتي تائين پهتا. شڪر. ڪجھه ته اثر ٿيو. ٻيو ڀاڱو ”اونهي ڳالھه اسرار جي“ ڇپيو ته گهڻا تنقيدي رايا ۽ خط پهتا. اهو وڌيڪ شڪر! اسين پاڻ اهڙي هاڪاري (مثبت) تنقيد جا باني آهيون ۽ هميشھ ان کي ڀليڪار ڪيو اٿئون ۽ همٿايو اٿئون. پر اها به روايت قائم ڪئي اٿئون ته آخر ۾ جواب ڏيڻ ليکڪ جو حق آهي. مان اهو حق استعمال ڪري پاڻ کي وڏي خوشيءَ سان مجرم جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪيان ٿو.
ڀائي چئو، ڀلي چئو، جيڪي وڻيوَ سو چئو، پر اڻ ڪيل گناھ جي سزا ته نه ڏيو. گهڻا يار چون ٿا ته مان عقيدي کي، عمل مٿان اوليت ڏيان ٿو. ڪن ماڻهن تي اهڙو مجموعي تاثر پيو هجي ته ڀلي، باقي مون ته پاڻ اهڙي سوچ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ صاف صاف دليلن سان چيو اٿم ته عمل کي اوليت آهي. ان لاءِ مون قرآن الحڪيم، حديث شريف، اقوال حضرت علي عليھ السلام، شاھ لطيف ۽ مولانا روم جا به حوالا ڏنا آهن. مون بار بار عمل صالح جي ڳالھه ڪئي آهي ۽ ان لاءِ چار اهم نقطا واضح ڪيا آهن. خلوص، خيرخواهي، خُلق اخلاق، ۽ خدمت. منهنجي ته پرورش ئي خدمت جي ماحول ۽ حصول مقصد ۾ ٿي. پهريائين والد صاحب جي عملي تربيت جنهن آءِ سي ايس جهڙي شانائتي ۽ حاڪماڻي مستقبل کي ٿوڪاري، ماستري جو پيشو اختيار ڪيو ۽ اٺ تي چڙهي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي غريب غربن سان گڏ ويهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو. تنهن کان پوءِ مون خاڪساري تحريڪ ۾ عملي ۽ فعال حصو ورتو، جنهن تحريڪ جو مول متو هو خدمت خلق.
وري هي يار عقيدي کي الائي ڇا ٿا سمجهن؟ عقيدو ڪا موهوم آفاقي ۽ وائڙي ڳالھه ناهي. عقيدو آهي ”يقين محڪم“. يقين محڪم تيسين ايندو ئي ڪو نه جيسين علم (مڪمل ڄاڻ) ۽ تجربو حاصل نه ڪبو. ”عمل“ علم ۽ يقين کانسواءِ ٿيندو ئي ڪونه؛ جي ٿيندو به، ته اڌو گابرو رهجي ويندو ۽ ماڻهو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندو ته نا حق پاڻ کي هن جنجال ۾ وڌم! عمل نتيجو آهي علم جو. ان لاءِ مثال آهي: ٻار جو بار بار باھ ڏي هٿ وڌائڻ. لک سمجهايوس! هن کي يقين نه ايندو. باقي هڪ وار باھ ۾ آڱر وجهي ڏٺائين، ته يا عمر باھه ۾ هٿ نه وجهندو. اهو آهي يقين محڪم ۽ تجربو جنهن کي عقيدو ٿو چئجي. حضرت علي عليھ السلام معاملو صاف ڪري فرمايو ته ”جيڪو عالم، عمل نٿو ڪري، ان کي علم ئي ڪونهي! سورنهن آنا صحيح.
ٻي به هڪ دلچسپ چوپچؤ شروع ٿي آهي، جنهن جو موضوع آهي اسراريت يعني مسٽزم Mysticism . اهو به شڪر! ماڻهن سوچڻ شروع ڪيو آهي. سوچ، فڪر، تدبر چڱي ڳالھه آهي. يار (دانشور) پنهنجي دانش جو ويڙهو کوليندي وڏي ڊيگھه ۾ پئجي ويا آهن. اسراريت، وري اسراريت ماضي، اسراريت ماضي بعيد، اسراريت قديم، اسراريت جديد ۽ اسراريت جديد الجديد (الٽرا ماڊرن) وغيره. حقيقت ۾ اسراريت صرف اسراريت آهي. ان کي ڌار ڌار دٻن ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. اسراريت، ماضي، حال ۽ مستقبل جي ٻنڌڻن ۾ نه ٻڌي سگهبي، نڪي قيد ڪري سگهبي. اسراريت اهڙن سنڌن کان آزاد آهي، انهيءَ ڪري ئي هڪ اسرار آهي. انهيءَ جي اسرار ۾ ئي اسرار آهي ۽ اها انجي خوبي ۽ خاصيت آهي. ڳنڍ کلي پئي ته وکر وڃائجي ويندو. ’مٺ ڀيڙيائي ڀلي، اپٽي ته واءَ!‘ سر ۽ اسرار بنياد آهي ڄاڻ جو ۽ کوج جو. ڄاڻ پئجي وئي ته کوج ڇا جي؟ ياد رکو ته ڪا به ڄاڻ، سائنسي توڻي فڪري، نج ڄاڻ (Ultimate Truth) ناهي. انهيءَ ڪري اسرار يا اسراريت جون ڪي به حدون ناهن. اها لاحد آهي. ان ڪري کوج، عمل (عمل صالح) ۽ مسلسل جاکوڙ ضروري آهي. بيهي رهيو، ته ڇٽو. پلڪ ستو ته، چڪو (سوئا پالڪ چوڪا). جنهن کي اسراريت جي رڳو ايترڙي سمڪ پئجي وئي (لاحد هجڻ جي) سو سک ڪونه سمهندو. اها لوري لڳي ته ماڻهو نج سون ٿي پوندو. ويهڻ سندس وس کان ٻاهر ٿي ويندو.
لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون
(شاھ)

پوءِ پٻ جا پهڻ، نيلا نانگ، واءُ، واچوڙا ۽ طوفان ان کي راھه تان هٽائي ڪونه سگهندا. پاڻ راھه جي راحت ٿي پوندا. سڄو معاشرو مٽجي فيل مست ٿي پوندو ۽ پاڻ وساري، پنهونءَ جي پچار ۾ مگن ٿي ويندو. ڏک، ڏاکڙا ۽ سور، سکائون ڪري سمجهندو.
خوبي منجھه خفت، آهي عبداللطيف کي،
سندي سور صفت، آهي عبداللطيف کي،
حزن هوت پنهونءَ جو، رڳيائي راحت، آهي عبداللطيف کي.
(شاھه)
راھه جو، واٽ جو، پنهونءَ جو پيرو لهڻ جو اهڙو اونو ٿي پوندو جو، شاھه چواڻي، توڻي لهين نه پير، توءِ راحت آھه رڙهڻ ۾.
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لک لڳن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پايان.
”علم، عقيدو ۽ عمل“ ائين ڳانڍڙ سانڍڙ آهن. انهن کي ڌار ڌار دٻن ۾ بند ڪرڻ بيوقوفي ٿيندي. ساڳي جٺ تصوف سان به ڪئي اٿن. تصوف، اسراريت ۽ عمل مسلسل نافع يعني خيري هڪ ئي ڳالھه آهي. باقي ٽيڏي پسي ٽي، ته جمال ابڙو ڇا ڪندو؟ ويٺا چون، جيڪي وڻين سو چون.
جـبـل مـاري جـک، جـو اوڏو آريـچـن کـي،
توڻي لڪن لک، سڀ لنگهنديس سڪ سين.
(شاھ)
پيار، سڪ، محبت ۽ شفقت، هٿيار آهن. فقيرن جا. ڏاڍ، ڏمر، مهڻو ۽ ميار انهن جو مرڪ نه آهي. زور زبردستيءَ جو ته سوال ئي نٿو اٿي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي جمهوريت، ”لا اڪره في الدين“. انهيءَ ۾ اهنسا به اچي وئي. بنيادي انساني حقوق به اچي ويا ته مڪمل جمهوريت به. اسان جا اڌو گابرا پڙهيل ملان چوندا ته ”لا اڪره في الدين“ لاڳو ٿئي ٿو رڳو غير مذهب وارن تي. ڀائي هن عظيم قرآني آفاقي اصول کي ائين دٻي ۾ ڇو ٿا بند ڪيو. هي اصول پنهنجي مذهب اندر جدا مسلڪ ۽ جدا جدا فرقن لاءِ به اهڙو ئي مؤثر آهي جهڙو غير مذهب وارن لاءِ. ڇا حضورﷺ، ٽيهتر فرقن بابت امت کي اڳواٽ اطلاع ڪونه ڏئي ويا؟ ان ڪري انهن جو وجود تسليم ڪرڻو آهي. لشڪر جهنگوي وغيره ڪونهن بڻائڻا. نڪي اسان کي اهو حق آهي ته سني، شيعا، قادياني يا آغا خاني وغيره کي مرتد جو ٺپو هڻندا وتون.
وڌيڪ ڊيگھه ڪرڻ اجائي آهي. منهنجي ڪتاب ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ”اونهي ڳالھه اسرار جي“ ۾ (لڳ ڀڳ آخري صفحن تي) تصوف، عقيدي ۽ اسراريت بابت پڙهي ڏسو. مون ته صاف چيو آهي ته صوفي بزرگ يا وليءَ جي پرک اها آهي ته جتي هو اچي ٺڪاڻو ڪري اتي ۽ سندس آسپاس ۽ پسگردائيءَ ۾ آسودگي، امن امان ۽ خوشحالي اچي وڃي ۽ پاڻ اهڙو ئي رهي ”فقير جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي“. بس، اها آهي ڪسوٽي. اهو آهي سچو اخلاق ۽ تصوف.
اخلاقيات جا منڪر الائي ڪهڙا ڪهڙا اصطلاح کڻي آيا. مڊل ڪلاس مورالٽي(morality)، ٽيبو (tabo)، اگهاڙپ جو حق وغيره. ڀائرو ڀينرو، اسان جو قديمي آفاقي ۽ آزمايل، اخلاقيات جو نسخو آزمائي ڏسو اهو ورهين جو آزمايل آهي، صدين کان. باقي جن مسلڪن بابت توهان هنڀوڇي پي هنئين تن دنيا کي ڇا ڏنو؟ گوتم ٻڌ ۽ گانڌيءَ جي اهنسا جي ڇٽيءَ هيٺان لکين ماڻهو هر سال ماريا وڃن ٿا. سوشلزم جو حشر توهان پاڻ ڏسو ويٺا. لکين ماڻهو ڪسجي ويا ۽ اڃا وڳوڙ هلي پيو. آمريڪا ۽ برطانيه جي جمهوريت ۾ ڪروڙين ماڻهو ماريا ويا ۽ ماريا وڃن پيا. ڪنهن کي ڌرڙي ئي نٿي پوي. اسان جو صوفي، ويدانتي، اسلامي مسلڪ به آزمائي ڏسو. تمام سولو آهي. ”پاڻ چڱا ٿيو، ٻين سان چڱائي ڪيو.“ برائيءَ کي زور سان يا زبان سان روڪيو نه ته دل ۾ برو سمجهي ان جي مخالفت ڪيو. خلوص، خيرخواهي، خُلق ۽ خدمت جو عملي اظهار ڪيو ۽ ان کي شعار بڻايو. انهيءَ چاش جو اهڙو سرور ايندو جو ويرم ويهي نه سگهندا.
هل ته هيڪاندي ٿئين، ويهي وجھه مَ وير،
توڻي لهين نه پير، ته پڻ راحت رڙهن ۾.
(شاھه)

واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

احقرالعباد
جمال ابڙو

1

منهنجو ننڍپڻ ماءُ بجاءِ پيءُ سان گذريو. سڀني ڀائرن ۾، چار ڀائر هئاسون، اها خوش قسمتي منهنجي حصي ۾ آئي. اڃا اڳٺ ٻڌڻ به ڪونه ايندو هئم ته بابا گشت ۾ مونکي پاڻ سان کڻندو هو. سندس نظر هيٺ منهنجي تربيت ٿي. هو عالم، تعليمي ماهر ۽ خدا رسيده بزرگ هئو ۽ عالم باعمل هئو. ذهني ۽ اخلاقي تربيت ته ٿي پر سنڌ جا ڳوٺ، کيت، مسجدون، مقبرا ۽ زنده جاويد ماڻهو مون سندس طفيل ڏٺا. جيڪب آباد جا ننڍا ننڍا ڳوٺ ٺلھه، تنگواڻي، لاڙڪاڻي جا قمبر، وارھ، نصيرآباد، ڏوڪري، باقراڻي، شاھه پنجو، دادوءَ جا ماڏو، گوزو، ڪَڪَڙ، ڦَڪا، خدا آباد ، ڀان، ٿرڙي محبت، جوهي، گاجي شاھ، خيرپور ناٿن شاھه، لاکير. جيڪب آباد جا ٻروچ سردار چاڪر خان ۽ ٻيا. لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جا خانبهادر ۽ وڏيرا انهن جي اٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، طور طريقا ۽ ٿڏي تي حڪم احڪام ۽ فيصلا سڀ اکئين ڏٺاسون. تر جي سڀني ماڻهن ننڍن وڏن غريب غربي کي نالي سان سڃاڻن ۽ پڇا ڪن، ”ابا فلاڻو ڪونه آيو؟“ چي ”سائين زال بيمار هئس.“ ”فلاڻو به ڪونه ٿو ڏسجي؟“ چي، ”سائين پار مائٽن ڏي ويل آهي!“ اهي ڳالهيون وري دماغ جي ڪامپيوٽر ۾ محفوظ رکندا هئا ۽ اهو ماڻهو جي نظر اچي وڃين ته پڇندا، ”ابا تنهنجي زال هاڻي ڪيئن آهي؟“ ”ابا تنهنجا پار وارا مائٽ خوش خير سان هئا؟“ پار معنيٰ درياھ پار. اهڙا هئا ڳڻ ڳوت وارا ۽ همدرد ماڻهو.
مون سان به هڪ اهڙو واقعو پيش آيو. 1963ع ۾ منهنجي گهر واري بيمار ٿي سو بنان موڪل جي سجاول مان سڌو حيدرآباد سول اسپتال ۾ اچي کيس داخل ڪرايم. سيشن جج هئو جسٽس نانا جو انتظامي معاملن ۾ تمام سخت هو. سو سول سرجن ڊاڪٽر ضحيٰ کي چيم ته کيس فون ڪري اطلاع ڏئي. پوءِ جسٽس نانا جتي به مونکي ملي ته منهنجي گهر واريءَ جي خير عافيت پڇي. ڏهن ٻارهن سالن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ مليم ته به پهريون سوال اهو پڇيائين ته ”تنهنجي گهر واري ڪيئن آهي؟“ مٿان پارت به ته ”سندس خيال رکجانءِ!“ اهڙا هئا پيارا ۽ وضعدار ماڻهو. هاڻي اهي به گم ٿيندا وڃن.
اصل ڳالھه آهي ته اهو ڪلچر ئي مفقود ٿيندو وڃي. هاڻي آهي رڳو پئسي جو ڪلچر. اهو به عجيب ۽ ڪوريئڙي جي ڄار جيان، منجهائيندڙ ۽ اٽڪل سٽڪل وارو ڪلچر آهي. رسڪن ان ڪلچر کي واڌ ويجھه جي ديوي، ”گاڊيس آف گيٽنگ آن“ ٿو سڏي. اهو ڪتاب پڙهي ڏسو ته انهيءَ ڪلچر جي اصليت جي خبر پئجي ويندي. رسڪن، ڪمال مهارت سان واپاري ذهنيت جون آنڊا گجيون ڪڍي ٻاهر ڪيون آهن. اهو ڪتاب مون اڻويھه ويھه سالن جي عمر ۾ پڙهيو هو ۽ ليکڪ جي مهارت ۽ ذهانت تي حيران آهيان. مان ڪراچيءَ ۾ ٽيهن سالن کان رهان پيو ۽ ڪراچي انهيءَ ڪلچر جو جيئرو جاڳندو ثبوت ۽ آئينو آهي، جنهن سان به واسطو پوي يا دعا سلام جي واٽ هجي اهو توهان کان جائز ناجائز ڪم وٺي ويندو. چوندا آهن ته ڳلن ڪنئري ڳٽا پٽائي. مان به هئس يار ويس طبيعت جو ماڻهو، سو جيڪو اچي سو ڪونه ڪو ڪم کنيون اچي. مان به ڪڏ ڏئي وتان سفارشون ڪندو ۽ ماڻهن جا ڪم ڪار ڪرائيندو. ڳالھه پئي ڪيم واپاري ذهنيت جي، سو هڪ ڏينهن مون وٽ مسٽر آفتاب قزلباش ايڊووڪيٽ رضويه ڪالوني وارو آيو ۽ برادرانه صلاح ڏنائين ته ”ابڙا صاحب ڪم ڪرڻ کان اڳ هر ڪنهن سان پنهنجو حصو پتي طئي ڪر!“ آفتاب قزلباش نهايت صاف سٺو ۽ شاندار ماڻهو آهي تنهن کان اهڙي ڳالھه ٻڌي مان ڪجھه ناراض ٿيس ته آرام سان چيائين ته ”نيٺ تنهنجا سفارشي به مالي فائدو ٿا وٺن سو ڇو نه تنهنجو به ان ۾ حصو هجي!“ مونکي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ هٿ ٻڌي چيو مانس ته ”قزلباش صاحب وري اهڙي ڳالھه نه ڪجو!“ ته به احساس نه ٿيس ۽ اٿندي چوندو ويو ته ”چڱائي چوڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟“ اهو آهي رسڪن وارو پئسا ڪلچر.
بدين وارو محمد خان جوڻيجو، جڏهن ڪراچي ۾ سٽي مئجسٽريٽ هو ته انهيءَ به اهڙيون ڪيئي ڳالھيون ۽ واقعا ٻڌايا. چيائين ته هڪ وڏي ڪروڙ پتي سيٺ جو نهايت اهم ڪم پاڻمرادو بنان سفارش يا چئه چواءِ جي، دوستيءَ ۾ ڪري ڇڏيائين ته ان سيٺ کيس ڏھ ويھه هزار رپيا ڏياري موڪليا جي هن موٽائي ڇڏيا ته سيٺ الٽو مٿس ڪاوڙيو ته ”رقم ته وڏي هئي ڇو موٽايائين؟“ محمد خان ڪو معمولي ڪم چوائي موڪليس ته سيٺ انڪار ڪري ڇڏيو. محمد خان ميار ڏنس ته سيٺ چيو ”تو احسان ڪيو اسان رقم ڏني، تو نه ورتي، اسان کي ڇو ميار ڏين ٿو؟“ پوءِ اهو ساڳيو محمد خان اهڙو ٿي پيو جو جڏهن هوم سيڪريٽري ٿيو ته وڏا وڏا سيٺ سندس آفيس ٻاهران گرميءَ ۾ قطار ڪيون بيٺا هوندا هئا ۽ هو کين ڪونه سڏائيندو هو. چيو مانس ته ”محمد خان تون ڪڏهن کان اهڙو بي مروت ٿيو آهين؟“ چيائين ”جڏهن کان ڪراچي آيو آهيان ۽ انهن سيٺين سان واسطو پيو اٿم!“
هڪ ڏينهن سيٺ احمد ڊاليا ٽيڪسٽائيل مل وارو به ائين ڌڪا کائيندو ڏٺم. منهنجو واقف هو سو سڏي پنهنجي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ويهاريومانس ۽ ڪوڪا ڪولا به پياريومانس پر هر هر ٻاهر در مان منهن ڪڍي ٿي ڏٺائين ته متان سڏ ٿئيم ۽ غير حاضر ليکيو وڃان. پڇڻ تي محمد خان مونکي سمجهايو ته ”ادا ڪراچي وارا سڌا ئي دڙڪي، دهمان ۽ بيعزتي سان آهن!“ سيٺ احمد به منهنجو ائين واقف ٿيو جو هڪ ڏينهن وڏي ڪار اچي منهنجي باٿ آئلنڊ واري سرڪاري بنگلي وٽ بيٺي. سيٺ جو ننڍو ڀاءُ به ساڻس هئو. مون کين عزت سان ويهاريو ته مرحوم محمد صديق گهانگهري جو حوالو ڏنائون جو ان وقت اسلام آباد ۾ جوائنٽ سيڪريٽري هئو. مون چانھه ۽ بسڪوٽن سان سندن خاطر تواضع ڪئي ۽ ڪم پڇيو. چيائون ”ڪو به ڪم نه آهي، بس گهانگهري صاحب جا دوست آهيون سو توهان سان ملڻ آياسون!“
چيائون ”هت بند ويٺا آهيون، هلو ته هوا خوري ڪري اچون!“ مون چيو ”بسم الله!“ مون سمجهيو سمونڊ جي ڪناري تي هلندا. هي سڌو آيا انٽرڪانٽينينٽل هوٽل تي ۽ ٻه ٽي هزار کاڌي پيتي تي خرچ ڪري ڇڏيائون. پوءِ ته اهو معمول ٿي ويو. ٻئي ٽئين ڏينهن انٽرڪان جي خوشگوار ماحول ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ويهي کائي پي هليو اچبو هو. مون کي ڪڏهن ڪار جي ضرورت پوندي هئي ته حاضر! چئي گاڏي پيٽرول سميت ۽ ڊرائيور موڪلي ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن صديق گهانگهرو به ساڻس گڏ اچي نڪتو. پڇيومانس ته ”ڳالھه ڇا آهي جو هيڏا وڏا سيٺ فرش جيان وڇايا پيا آهن؟“ ته حيرت مان پڇيائين ته ”توکي ڪونه ٻڌايو اٿن؟“ مون چيو ”ٻه ٽي مهينا ٿي ويا آهن مونکي ته چون ٿا ته ڪو ڪم نه آهي.“ کلي چيائين ته ”سندن روبرو ٿا ڳالھايون!“
خبر پئي ته ننڍي سيٺ تي موٽر ائڪسيڊنٽ جو ڪو ڪيس هئو سو مئجسٽريٽ کي سفارش ڪرائڻي هئي. ائڪسيڊنٽ جو ڪيس هئين به بيهندو ڪونه آهي سو کين دلجاءِ ڏنيسون. مان هئس اسيمبليءَ جو سيڪريٽري سو گهانگهري کي منٿ ڪيم ته ”منهنجي جند ڇڏاءِ، تون پاڻ ماجسٽريٽ کي چؤ!“ گهانگهرو هئو دلبر ماڻهو سو مونکي چيائين ”تون چپ ڪري ويهي رھه مان ٿو کين چوان ته ڪم ٿي ويندو!“ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڪيس پاڻمرادو يا گهانگهري جي سفارش تي ڊسچارج ٿي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ سيٺ ائين گم ٿي ويا جهڙو گڏھه جي مٿي تان سڱ. فون ڪر ته سيٺ جواب نه ڏين. گهر فون ڪيو ته جواب ملي ته سيٺ ٻاهر نڪري ويو آهي. گهڻن سالن کان پوءِ مان هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي آيس. هڪ ڏينهن ڏٺم ته سيٺ هاءِ ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بيٺو هو. کلي سلام ڪيائين ته مون جواب ڪونه ڏنومانس ته به منهنجي پٺيان هلندو آفيس ۾ اندر هليو آيو. مون ويهڻ جو اشارو ڪيومانس. ويهي کلندي چيائين ”توهان شايد مونکي ڪونه سڃاتو!“ مون ڌيرج سان چيومانس ته ”چڱيءَ طرح سڃاتم!“ ڦڪو ٿي اٿي ويو. وري نه مليو آهي. اهو آهي پئسا ڪلچر يا ڪاروباري ڪلچر. هاڻي ٻڌو اٿم ته سيٺ احمد گهڻي شراب خوريءَ ڪري جگر خراب ٿيڻ سببان گذاري ويو آهي. الله مغفرت ڪندس.
ٻيو به هڪ سيٺ حاجي الياس سوت والا هڪ ڏينهن شام جو منهنجي ناظم آباد واري گهر اچي نڪتو. قائداعظم جي مقبري ڀرسان وڏو عاليشان، پراڻي طرز وارو بنگلوهئس. پنهنجي ڪار ۾ چڙهي آيو هئو. ننڍڙي ڏاڙهي هئس ۽ تمام وضعدار ماڻهو هئو. ويٺاسون، گڏجي چانھه پيتيسون. مذهبي ماڻهو هئو سو مذهب، قرآن، سنت جون ڳالھيون ڪري اٿي ويو. مون ٻڌايومانس ته ”حج تي وڃڻ جو ارادو اٿم.“ اهو سال 1971ع هئو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ وري اچي نڪتو ۽ مونکي حج جي سفر ۽ ارڪانن متعلق ڪافي زباني سمجهاڻيون ۽ ڪتابڙا ڏئي ويو. وري آيو ۽ احرام جو ٽوال وارو ڪپڙو ۽ چمڙي جو پٽو وٺي آيو جنهن ۾ اندرئين پاسي پئسن رکڻ لاءِ لڪل خانو هئو. سمجهايائين ته حرم ۾ ڪي پاڪستاني هندوستاني ڳنڍيڇوڙ به هوندا آهن. مون قيمت پڇي مانس ته ٻڌائڻ کان انڪار ڪيائين. مطلب هئس مون تي ٿورو ڪرڻ جو. اهڙن موقعن تي مونکي به جواب تمام چڱا سُجهي ايندا آهن سو احرام ۽ پٽو کيس واپس ڏئي چيم ته ”حاجي صاحب معاف ڪجو. پراون پئسن تي حج ڪرڻ حرام آهي!“ لاجواب ٿي مونکان پئسا ورتائين.
سيٺ صاحب کي اولاد رڳو هڪ نياڻي هئي. انهيءَ کي به وٺي منهنجي گهرواريءَ سان ملايائين. منهنجي گهرواريءَ ٻڌايو ته اشارن ۾ کيس چيو ويو ته اها نياڻي ئي سندن بنگلي ۽ ڪارخاني جي مالڪياڻي آهي ۽ سندس رشتي جي تلاش ۾ آهن. منهنجو وڏو پٽ بدر ان وقت سترهن سالن جو جوان هئو ۽ سيٺ صاحب مونکي صاف چيو ته هي ڇوڪرو مونکي ڏي ته مان کيس لک پتي واپاري، ڪار ۽ بنگلي وارو بڻائي ڇڏيندس. اسان سنڌي ماڻهن جو واپاري ذهن ته آهي ڪونه، سو مون مشڪي کڻي ماٺ ڪئي. حج لاءِ ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ به پنهنجي ڪار آندائين. مون پٺيان گهر ۾ شاهده، بدر ۽ پنج ننڍڙا ٻارڙا ڇڏيا. انهن جي به خبرگيري ڪندو رهيو. موٽياسون ته شاهده ڳالھه ڪئي ته پئسا کٽي ويا هئا سو حاجي صاحب کان ٽي سؤ رپيا اڌارا ورتا اٿم. حاجي صاحب کي ٽي سؤ رپيا واپس ڪيم ته وٺي نه پيو. چيومانس ته منهنجي حج جو ثواب ضايع نه ڪر ڇاڪاڻ ته اهو انتظام ڪرڻ کانسواءِ حج ٿئي ئي نٿو. پوءِ پئسا ورتائين. ڏسو ڪيڏا نه گهرو، برادرانه ۽ دوستيءَ جا ناتا ٺهي ويا.
منهنجي پيرن هيٺان ترا نڪري ويا جڏهن کيس ڪورٽ ۾ مدعي جي صورت ۾ ڏٺم. طارق روڊ تي سندس ڪو دوڪان هئو جو مسواڙيءَ کان خالي ڪرائڻو هئس. طارق روڊ جي دوڪان جي پڳڙي لکن ۾ هئي. حاجي صاحب پوءِ به ڪمال سادگيءَ سان شام جو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، ”حاجي صاحب ڪيس جي ڪا ڳالھه ڪانهي، نڪي ان لاءِ مان سفارش ٿو ڪيان، توهان جيئن وڻيوَ تيئن قانوني ۽ حقي حقي فيصلو ڪجو!“ مخالف ڌر جو وڪيل هئو مسٽر نعيم الدين جو پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو. پر فيصلو حاجي صاحب جي حق ۾ ٿيو. ڇاڪاڻ ته مسواڙيءَ ڪيترا مهينا مسواڙ ڪانه ڏني هئي ۽ نه ان کان انڪاري هو. بهرحال حاجي صاحب جيئن ته نهايت مهذب، بااخلاق ۽ باڪردار ماڻهو آهي. ان ڪري ان سان اڄ به رٽائر ڪرڻ کانپوءِ به، عيد براد تي سلام دعا جو رستو آهي. مون ٽوڙڻ ڪونه سکيو آهي. هميشه جوڙڻ جون ترڪيبون ڪندو آهيان ۽ رٺلن کي پرچائڻ جا جتن ڪندو آهيان.
بابا جي اعليٰ تربيت ۽ امان جا دڙڪا دهمان، مار موچڙو شايد متوازن طبيعت لاءِ ضروري هئا. امان جو بيحد پيار ۽ گڏوگڏ سختي عجب جذبا پيدا ڪندا هئا. ڏک به ڏاڍو ٿيندو هو جو پنهنجي منهن روئي روئي، سڏڪا ڀري سمهي پوندو هئس ته امڙ ننڊ مان اٿاري کير جو وٽو پياريندي هئم. جي مان ماني نه کائيندو هئس ته پاڻ به ڪانه کائيندي هئي. اهڙا واقعا ٻار جي ڪچڙي ذهن تي نهايت گهرو اثر ڇڏين ٿا. هڪ طرف پيءُ جي صبر ۽ استقلال واري تربيت، ٻئي پاسي امڙ جي مار ۽ دڙڪو داٻ، ٻارڙو توازن رکي به ڪيترو رکندو. ڏاڍو ڏک، رنج ۽ ملال ٿيندو هئم ۽ ماءُ کي سهائڻ خاطر الائي ڪهڙا اونڌا ابتا خيال ايندا هئا ته پاڻ کي نقصان پهچائي ماءُ کي ڏکوئجي. اهڙي صورتحال ۾ ننڍي عمر هوندي به آئيني آڏو بيهي پاڻ کي سمجهائيندو هئس. ڪڏهن ته پاڻ کي پاڻ ٿڦون هڻندو هئس.
اڄ سوچيان ٿو ته مار جو اهو مثبت پاسو آهي جو ماڻهو يا ٻار مجبور ٿي يا انتهائي ڏک، حزن ۽ ملال جي ردعمل ۾ پنهنجو جائزو پاڻ وٺي ۽ پاڻ کي پاڻ سمجهائي. ڪم از ڪم، ٻيو نه ته به ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ سوچ جي عادت وڏي ڳالھه آهي. پاڻ کي ڏوهيءَ جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ به وڏي ڳالھه آهي. ٻيو ڪجھه نه، ته به مونکي اهو يقين آهي ته اهڙين حالتن ۾ جذباتي بنجڻ يقيني امر آهي. انهيءَ سوچ تحت مان پنهنجي وڏي پٽ بدر کي، جڏهن هو اڃا معصوم ٻارڙو هو، ڄاڻي واڻي، بلاوجھه، هروڀرو جهڻڪيندو هئس ۽ مون ڏٺو ته هو ننڍي هوندي ئي نهايت جذباتي ۽ ذميدار ٻار ٿي پيو. ڏک، سور ۽ ملال ته تحفو آهن. شاھ سائين به فرمايو ته ”مونکي مون پرين مڪا سور سکائون ڪري“ سور ته ساٿي آهن. شاھه سائينءَ فرمايو ته، ”ڪو ٻيلي آهي ٻيلھه جي سور پريان جا ساڻ مون!“
هڪ دفعي ليکڪن جي جهرمٽ ۾ ويٺو هئس. ڪن نوجوان ليکڪن مئڊم نورالهديٰ شاھ تي ڪجھه طنز ڪئي ۽ هڪ نامور ليکڪ وڏو طنزيه ٽهڪ ڏئي چيو. ”ميان، سنڌي نياڻي ٿي ڪري لکيو اٿائين ته مان چڪلي ۾ ناهيان وئي!“ هڪ نوجوان اديب ته سڌو سوال ڪيو ته ”گهڻن جو خيال آهي ته نئين ٽهيءَ ۾ هوءَ ئي جمال ابڙي جي جانشين آهي!“ هاڻي ڇا چئجي. جواب جاهلان باشد خموشي. مون دل ۾ چيو ته مئڊم پنهنجي حق ۽ انفراديت جي زور تي هڪ منفرد ۽ جاندار ليکڪا آهي ۽ هوءَ نه ڪنهن جي جانشين آهي، نڪي کيس جانشين ٿيڻ جي ضرورت آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته هوءَ نهايت رنج ملال، ڏک حزن ۽ ڪرب جي ڪيفيت مان عملي طرح گذري آهي. ڏک ۽ حزن جو بنياد آهي پيار. پيار ناهي ته ڏک ڇا جو. ڀلي مجازي پيار هجي؛ اهو جڏهن ڇانئجي ٿو وڃي ته آفاقي ٿي ٿو وڃي. ذاتي نٿو رهي. اهڙي دل، سون ورني دل ٿيو پوي ۽ پراوا ڏک به سميٽي ساڻ کنيون وتي. ان جون آهون دانهون، هر ڪنهن جون آهون دانهون ٿيو پون. ماڻهو ماڻهوءَ جو فرق ميٽجي ميسارجي ٿو وڃي. انهيءَ ڪيفيت جو اظهار مون پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتابڙي ۾ ”انتساب“ جي عنوان هيٺ ڪيو آهي. سڀ پيار ڪندڙ دليون، پيار جي سمونڊ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ ڏک سور ونڊي هڪ آواز ٿي هڪ نمائندي معرفت، اهل دل، اهل سوچ ۽ اهل دماغ وٽ پهچائن ٿيون. پوءِ اهو انهيءَ اهل دماغ صاحب جو ظرف آهي ته دکي دلين جي ان پيغام کي پرکي پرجهي ۽ ان مان لاڀ پرائي يا ٽهڪ ڏئي ٽاري ڇڏي.
مئڊم نورالهديٰ شاھه هونئن ته پخته ذهن ۽ پخته ليکڪا آهي پر منهنجي نظر ۾ عمر جي لحاظ کان معصوم ٻارڙي آهي. ائين ته هر وڏو ليکڪ مخلص ۽ معصوم ٻار وانگر آهي. محترم شيخ اياز جو مونکان به عمر ۾ ٻه سال وڏو آهي سو به، جيڪي مون ڏٺو آهي ته، هڪ معصوم ٻار جيان آهي. اهڙي عظيم اديب، عظيم شاعر ۽ اسڪالر جنهن سڄي عمر عملي ميدان ۾ مئي متي مهراڻ ۾ ۽ سچ جي مچ ۾ ڪڏي گذاري ۽ ٻاٻري ڪنڊن توڙي ٿر ۽ بر ۾ پنهنجي اڻموٽ گونج پهچائي تنهن کي به پنهنجا هم وطن جن کي سنڌي سٻاجهڙا سڏيو وڃي ٿو، جن کي هن پڙهايو سي هاڻ ان مان ويڪون ڪڍي کيس پڙهائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ٻئي نمبر جا شاعر جن جي دلين کي اياز گرمايو سي اول نمبر ٿيڻ جي شوق ۽ تگ و دو ۾ کيس پيا لوئين. اها به عجيب سوچ آهي جو هڪڙي کي مٿي ڪرڻ لاءِ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪجي.
حضرت علي رضي الله عنھ پنهنجي ذات ۾ عظيم ۽ عظمت وارو آهي. سندس عظمت کي ثابت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت جو حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر فاروق ۽ حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنهم جهڙن عظيم اصحابن کي هيٺڀرو ڪيو وڃي. جي اهل تشيع وارا ائين ٿا ڪن ته گهٽ سني حضرات ۾ به ڪونهي.جنهنکي چار کنڀ ڏاڙهيءَ جا ڏسندا ته ان کي مولانا! مولانا! پيا ڪندا. باقي حضرت علي عليھ السلام کي ڪنهن مولا علي چيو ته چڙي پوندا. هرڪنهن جو پنهنجو ظرف. وڏا ۽ عظيم ماڻهو اهڙين معمولي ڳالهين کان مٿاهان هوندا آهن. سر سلطان محمد آغا خان جي سوانح عمري پڙهيم. هو اهل تشيع جو آهي ۽ هڪ گروھه جو امام آهي، سو واشگاف الفاظ ۾ لکي ٿو ته، جيڪڏهن حضرت عمر نه هجي ها ته اڄ دنيا ۾ اسلام نه هجي ها.
اسان جا اديب ۽ شاعر به اهڙا فراخ دل ۽ وڏ گڙدا ٿين. اياز جي ٻولي، اسلوب ۽ خيال کڻي، پاڻ کي نج ۽ اصل تي وڊا نه سمجهن. جيڪي عشق جي آڙاھه مان ڪونه نڪتا آهن، سِسي نيزي پانڌ ڪانه اڇلي اٿن، آڳ آڏو ڪونه ويا آهن، سي ڪيئن ٿا آڳڙيا سڏائين؟ شاھ لطيف به حيرت مان ٿو چوي، ”اڀو ائين چوين ته آڳڙيو آهيان!“ منهنجو ته اهو يقين آهي ته شيخ اياز هجي يا مئڊم نورالهديٰ شاهه، يا مرحوم ثمير زرين کين ڏکن جو ڏاج ازل کان مليل آهي، شاھ سائين ان کي گوندر ۽ غم به سڏي ٿو . ٻين لاءِ ڪُڙهڻ ۽ ڪَڙهڻ، گوندر ۽ غم ناهي ته ٻيو ڇاهي. انهن کي سور سکائون ڪري مليا آهن. بدر تي به ننڍي عمر ۾ غم ۽ گوندر جا پهاڙ ٽٽي پيا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته هو پهاڙ ٿي اڀرندو. الله حياتي ڏئيس.
امڙ جو بيپناھ پيار مليم. اڄ سوچيان ٿو ته سندس سختي به ان بي پناھ پيار جو جز هئي. هوءَ پنهنجي ٻار جي ڪردار ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ ڪا گهٽتائي برداشت نه ڪري سگهندي هئي. اڄڪلھه جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيڪي ماءُ پيءُ جي ٿوري سختيءَ تي بغاوت تي آماده ٿيو وڃن تن کي منهنجي صلاح آهي ته صبر ۽ برداشت سان سهڻ سکن. ڀلا ماءُ ۽ پيءُ به ڪو دشمن ٿي سگهن ٿا. اهي ته پنهنجي سوچ آهر، اولاد جو ڀلو چاهين ٿا. اولاد سهپ، صبر ۽ سوچ سان برداشت ڪري ته نتيجا پاڻ اکئين ڏسندو ته ڀلائي ڇا ۾ هئي. جن بغاوت ڪئي تن ڀوڳيو، جن سَٺو تن کٽيو. ڀلي پنهنجي چوڌاري مثال وٺو.
امڙ جي سختي به عجب هئي. اڄ سمجهان ٿو ته شايد هٿرادو هئي. اسان کي سندس ڪمزورين جي خبر پئجي وئي. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڪا شرارت ڪندا هئاسين ته گهر کان ٻاهر ڀڄي ٻين ٻارن سان گڏجي راند مچائيندا هئاسون. امان سڏائيندي هئي ته به هائو! چئي ڪو نه ويندا هئاسون ۽ امان جي ڪاوڙ جو پارو چڙهندو ويندو هئو. پوءِ عين مانيءَ ويلي ليئو پائي ڏسندا هئاسون. جيڪڏهن بلڪل ماني پئي وڌائبي هئي ته بيخوف ٿي هليا ويندا هئاسون. امان ڪَرڙي اک سان ڏسي، پاٻوھ سان سڏي، ٻوڙ ماني اڳيان رکندي هئي. اسان جي اٽڪل بازي سمجهي کلي ويهندي هئي. مانيءَ مهل اصل ڪونه ماريندي هئي جو ڊڄندي هئي ته رُسي ويندا ته ماني ڪونه کائيندا. هڪ دفعي ڏينهن جو ٻارهين بجي ڌاري مونکي مار ڪڍيائين. مان رُسي وڃي ڏاڪڻ ۾ ويهي رهيس. هڪ بجي ڌاري منجهند جي مانيءَ لاءِ سڀ ڀاتي گڏ ٿيا ته امان مونکي ڏاڍا سڏ ڪيا پر مان نه ويس. سڀ ماني کائي اٿيا ته امڙ اٿي ڏاڪڻ ۾ مون وٽ آئي ۽ پرچائڻ لڳي ۽ ڏاڍيون منٿون ڪيائين ته هلي ماني کاءُ! پر مان نه ويس. اٿي وڃي ورانڊي ۾ تڏيءَ تي ويٺي ۽ مونکي سڏ ڪندي رهي پر مان ڊٺ هڻي ويهي رهيس. وري اچي ڳراٺڙيون پاتائين، منٿون ڪيائين ۽ ٻانهن کان وٺي ڇڪڻ لڳي ته هل هلي ماني کاءُ! پر مان نه ويس. موٽي وري وڃي ورانڊي ۾ ويٺي. هاڻي مان به اچي بيزار ٿيس، هڪ بک ٻيو گرمي سو دل ۾ چيم ته هاڻي وٺڻ آئي ته هليو ويندس.
امان ڪجھه دير ڪئي ته، هورا کورا لڳم. ائين امان سڏ ڪيا ۽ نيٺ ٽيون دفعو آئي ۽ وٺي وڃي ورانڊي ۾ تڏي تي ويهاريائين ۽ گرھه ٺاهي منهنجي وات ۾ وڌائين. سندس ماني به رکي هئي سو پاڻ به گرھه کڻي کاڌائين. مون ڏٺو ته سندس اکين مان ڳوڙها وهيا جي رئي سان اگهي ڇڏيائين. جيسين مون گرھه نه کاڌو تيسين پاڻ کان به گرهه نٿي اڪليس. اهڙي ڀرپور پيار تان هزار مارون قربان، زالن کي ڪهڙي خبر ته اسين ٽيئي ڀائر ماءُ آڏو ڇو گونگي گانءِ بڻيل هئاسون. سندس راضپو، حڪم، بيجا انگل به اسان لاءِ صحيفي جيان پاڪ ۽ اڻٽر هئو. اهي اڻ پڙهيل مائرون به ڪيڏو نه نفسيات جون ماهر هيون. اڄڪلھه جون پڙهيل ڳڙهيل مائرون، انٽ شنٽ بحث ڪري، پاڻ کي درست ثابت ڪري، گهريلو زندگيءَ جي ميٺاج ۽ ڳانڍاپي کي ڀڃي ڀورا ڪيون ويٺيون آهن ۽ پنهنجي غلطين جو احساس به ڪونه اٿن. امان جهڙي مٺي ۽ کهري عورت مون ڪانه ڏٺي. الائي ڪهڙو جادو هئس جو سڄو ڏينهن اوڙي پاڙي جون عورتون، غريب، وڏ گهراڻيون، هندو واڻيون، مسلمان، مهاجر، پيون اينديون وينديون هيون ۽ ڏک سور ونڊينديون هيون. مڙندي ڪنهن مان ڪونه هئي، جنهن جي غلطي سمجهندي هئي ان کي دڙڪا به ڏيندي هئي ۽ شرمائيندي به هئي ۽ حڪما حڪمي چوندي هئي ته وڃ وڃي هينئن ڪر.
ڳائڻ وڄائڻ ۽ سهرن واريون عورتون به بنان سڏئي وٽس اينديون هيون ۽ محفل متي پئي هوندي هئي. هڪ مائي جيوائي ننڍي نيٽي اها به وٽس ايندي هئي ۽ امان ڪنهن نه ڪنهن بهاني سندس سهرن ۽ ڪافين جي محفل مچائيندي هئي. هاڻي ٻڌان پيو ته اڄڪلھه جي نامور ڳائڻي عابده پروين، مائي جيوائيءَ جي ويجهي مائيٽياڻي آهي. اڳي اهي مايون في ڪونه وٺنديون هيون، شريف گهراڻن ۾ ڳائي وڄائي اينديون هيون ۽ جيڪا گهور پوندي هئي سا ورهائي کڻنديون هيون. ناچ ڪونه ڪنديون هيون، بس هٿڙا کڻنديون. اڄڪلھه جي ماڊرن ڇوڪرين جيان نچڪو ٽپڪو ڪونه هو ۽ نه ئي پولھه يا ڇاتيءَ جي لوڏ، جيتوڻيڪ نجي عورتن جي محفل هوندي هئي ۽ ڪوبه مڙد ڪونه ايندو هو. باقي عورتون پاڻ ۾ چرچا ڪنديون هيون ۽ ٽهڪڙو مچي ويندو هو. سو به اڻ پرڻيل ڇوڪرين جي غير موجودگيءَ ۾.
هڪڙو واقعو ٿيو جو مائي جيوائي ڪنهن پوليس آفيسر جي گهر ڳائڻ لاءِ نه وئي ته کڻي مٿس فحش هئڻ جو الزام هڻي ڪورٽ ۾ چالان ڪري ڇڏيائين. مائيءَ وڪيل ڪيو عبدالوحيد ڪٽپر کي جو نهايت محنتي، قابل، سمجهو ۽ سٺو وڪيل هئو. منهنجو هم ڪلاسي ۽ سٺو دوست هئو. ڇا ڪيائين جو مونکي بچاءَ جو شاهد ڪري گهرايائين. مونکي جو سرڪاري سمن مليو ته ڪٽپر تي ڪاوڙ ڪڍيم، ڌيرج سان چيائين ته ”ڀائو سچ ڳالهائڻ ۾ توکي ڪو اعتراض آهي ڇا؟“ مون چيو ”قطعي نه!“ چيائين ”پوءِ، بس! مان توکي نه ڪجھه چوان ٿو نه سيکاريان ٿو، جيڪي سچ آهي سو چئي وڃجانءِ!“
پوليس جو وڪيل هڪ هندو، ڀلو ماڻهو ۽ ڏاڍو معصوم شخص هو. ڪورٽ کان ٻاهر ئي ملياسون ته شرارتي مرڪ مرڪي چيائين ”هڪ ننڍي نيٽي جوابدار عورت، وڪيل به نوجوان ته بچاءُ جو شاهد به ٺاهوڪو نوجوان سو به غير شادي شده!“ ايس ڊي ايم هئو هڪ بنگالي نوجوان سي ايس پي آفيسر. اهو به نوجوان پر ڏاڍو ڌيرج وارو، سمجهدار ۽ پروقار. مون شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ بيهي قسم کڻي بيان ڏنو ته ”مائي جيوائيءَ کي ٻالڪپڻي کان سڃاڻان!“ ڪٽپر ان کان اڳ منهنجي خانداني پس منظر بابت، منهنجي پيءُ جي علم، اخلاق، عزت بابت ۽ منهنجي حيثيت بابت پڇيو. منهنجي نالي ان وقت ٽنڊي آدم ۾ پنج سؤ ايڪڙ زمين هئي. مون ڏٺو ته ماجسٽريٽ صاحب ڪافي متاثر ٿيو. بعد ۾ مون رڳو امڙ جو ذڪر ڪيو ۽ ائين به چيو ته هر موقعي تي عورتن جي محفل ۾ هوءَ مائي جيوائيءَ کي گهرائيندي آهي ۽ چيم ته ڪو موقعو نه هوندوآهي ته به هوءَ ڪو نه ڪو موقعو ٺاهي وٺندي آهي.
سرڪاري وڪيل رڳو ٻه سوال آَڏي پڇا ۾ ڪيا. هڪ اهو ته ”ڇا مڙدن ۾ به ڳائيندي آهي؟“ ته مون چيو ته ”ائين هجي ها ته منهنجي ماءُ اهڙي ڪڙڪ مزاج آهي جو کيس گهر ۾ پير رکڻ به نه ڏئي ها، شريف خاندانن ۾ اهڙيون عورتون پير پائڻ جي جرئت به نه ڪنديون آهن؟“ وڪيل صاحب ٻيو سوال ڪيو ته ”موقعو نه هوندو آهي ته توهان جي والده ڪو موقعو گهڙي وٺندي آهي، انهيءَ جو ڇا مطلب؟“ مون پر اعتماد لهجي ۾ ته ”بهانا هزار، ڪو ٻار بيماريءَ مان صحتمند ٿي اٿيو، ڪنهن سٺن نمبرن ۾ امتحان پاس ڪيو. ڪا عزتدار خاتون مهمان ٿي آئي، سٺو فصل لٿو ۽ ٻيا ڪيئي اهڙا موقعا!“ بنگالي ايس ڊي ايم متاثر ٿي سرڪاري وڪيل صاحب کي چيو ته ”نوابن جي حويلين ۾ ائين ٿيندو آهي.“ مان ۽ ڪٽپر هڪ ٻئي ڏي ڏسي مشڪياسين. اسين ته نه نواب هئاسين نه حويلين وارا. ايس ڊي ايم صاحب انهيءَ ڏينهن ئي مائي جيوائيءَ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. مائي جيوائيءَ سان گڏ ٻيو به سندس هڪ عزيز جوابدار هئو، جنهن جو نالو شايد غلام حسين هئو، پڪ نٿي پويم. ٻنهي منهنجا ٿورا مڃيا. چي ”سڄي عمر تنهنجو ٿورو ڪونه لاهي سگهنداسون.“ مون چيو ”ٿورو ڇاجو، ڪيس ڪوڙو هئو ۽ مون شاهدي سچي ڏني!“
شاهديءَ جي معاملي ۾ مان ڏاڍو سخت آهيان. مون اڳ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مان سچ ڳالهائيندو آهيان، اهو کڻي نسورو سچ نه به هجي پر ڪوڙي شاهدي مونکان ڪو به نٿو ڏياري سگهي. دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ اسان باز محمد شاھ جي جاءِ ۾ مسواڙي رهندا هئاسون. ڀرسان لڳو لڳ آڍي مل جو طنبيلو هو جنهن ۾ سندس ٽانگا ۽ گهوڙا بيهندا هئا. مان شام جو پنهنجن دوستن جلال پٺاڻ ۽ هڪ غريب ڪڙمي هوندو هو خميسو، انهن سان گڏ پنڌ ڪرڻ ويندو هئس. سج لٿي کانپوءِ موٽي، در جي ٻاهران رستي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئاسون.
هڪ رات بيٺا هئاسون ته گهر جي ڪوٺي تان عورتن جون چور! چور! جون دانهون آيون. مون نه ٻڌيون پر جلال تمام سياڻو ۽ سريلو ماڻهو تنهن چيو ”ڀڄ! مٿي تنهنجي گهر ۾ چور گهڙيا آهن.“ گهر ۾ هجن ٻه ڇوڪريون ادا شمس جي نوجوان زال ۽ اسان جي ڪنواري وڏي ڀيڻ. هڪ سيڪنڊ لاءِ مون جلال ڏي ڏٺو ته هن پنهنجي لٺ منهنجي هٿ ۾ ڏني ۽ چيو ”زناني عالم ۾ مان ڪيئن هلندس؟“ مان لٺ وٺي مٿي ڀڳس ته جلال جو پٺيان آواز ٻڌم ته ”مقابلو ٿئي ته هڪل ڪجانءِ اسين ٻئي پهچي وينداسون.“ مان به هڪلون ڪندو مٿي پهتس ته چور ڀڄي چڪا هئا. ڇوڪريون ڪمري جو در اندران بند ڪيون ويٺيون هيون. بند ڪمري مان آواز، جلال جهڙو خبردار ماڻهو ئي ٻڌي سگهيو ٿي جو لٺ، لوڙھ يا هنٽر سدائين پاڻ سان رکندو هو.
مون ڇوڪرين کي سڏ ڪيا ته در ئي نه کولين. نيٺ جڏهن پڪ ڏياريمان ته چور ڀڄي ويا، تڏهن در کوليائون. ڪرڙيءَ وانگر ٿڙ ٿڙ ٿي ڏڪيون. اسان جي ننڍڙي سؤٽ زيب النساءَ به هئي. مون هيٺ وڃي جلال وارن کي چيو ته ”توهان ڀلي وڃو!“ جلال چيو ”تون ڀلي مٿي ادين وٽ وڃ. اسين اڃان اڌ ڪلاڪ کن هت ترسنداسون، متان دشمن هجن ۽ وري موٽي اچن، پوءِ وڃي شمس صاحب کي اطلاع ڪري واپس پنهنجي گهر وينداسون.“ ڪلاڪ کن ۾ ادا آيو ۽ صورتحال ڏسي چيائين ته ”چور آڍي مل جي ڪوٺي تان آيا آهن، اتان ئي موٽي ويا آهن.“ ٻئي ڏينهن آڍي مل کي گهرائي چيائينس ته ”چور پيدا ڪر نه ته توکي ٻڌرائيندس!“ آڍومل ، شريف ماڻهو، قسم کنيائين ته سندس فرشتن کي به خبر ڪانهي. ادا ڪاوڙجي آڍي مل تي ايف آئي آر ڪٽائي. چيائينس پوليس پاڻهئي سچي ڪرائيندءِ. شاهديءَ ۾ نالو منهنجو ۽ ننڍڙي ادي زيب النساءِ جو ڄاڻايائين. مون ادا کي صاف انڪار ڪيو ته ”مان شاهدي ڪونه ڏيندس!“ پوليس شناختي پريڊ ڪرائي ننڍڙي ادي ته جهٽ وڃي آڍي مل تي هٿ رکيو. مون کي پوليس سڏايو ته مون چيو، ”مون چور ته ڏٺائي ڪونه ۽ آڍومل پاڙي جو ماڻهو آهي انهيءَ کي ته اسان سڀ اڳواٽ سڃاڻون ٿا باقي مٿس هٿ رکي سڃاڻپ ڪهڙي ڪيان؟“ ادا کي اها خبر پئي ته مون تي ڪا ڪاوڙ ڪانه ڪيائين ۽ پوليس ۾ وڃي ڪيس واپس ورتائين.
ٻيو واقعو اهو ٿيو جو مشهور هاري اڳواڻ مولوي نذير حسين جتوئي جيل ۾ هئو ته سندس معصوم نياڻي، پنجن يا ڇهن سالن جي، کي ڪو شاهينگ اغوا ڪري ويو. سڄي لاڙڪاڻي ۾ هاهوڙ مچي وئي. اسان جي اوطاق، شمس جي آفيس به شهر جو هڪ مرڪز هئي. گهڻيئي هاري ڪارڪن، ليڊر ۽ عوام اچي نڪتا. تاج محمد ابڙو خاص طور جوش ۽ جاکوڙ ۾ هو. چئني طرف ماڻهو جيپن ڪارن تي ۽ پيدل نڪري پيا. نيٺ ڏينهن وچ ۾ جوابدار کي نئون ديرو ڀرسان نياڻيءَ سميت پڪڙيو ويو. هاڻي سوال اٿيو فرياد جو. ٿاڻي جو وڏو منشي پاڻ اچي اسان جي اوطاق تي ويٺو ۽ چيائين ته ”سائين ڪيس سچو آهي. جوابدار سڳ سوڌو پڪڙيو آهي. فرياد مان پاڻ ٿو ٺاهيان توهان رڳو شاهدن جا نالا ڏيو جيڪي پڪا هجن!“ تاج محمد ابڙي پهريائين ته پنهنجو نالو لکرايو ۽ هڪ ٻي جو ۽ منهنجو به نالو ڏنائين ته مون اتي جو اتي انڪار ڪيو. تاج محمد ڏاڍو ناراض ٿيو، چي ”سچي ڳالھه، سچو ڪيس، تون سنگت ۾ ايترو به ڪونه وهندين!“ مون صاف انڪار ڪندي چيو ته ”ڪوڙي شاهدي قطعي ڪونه ڏيندس. ڇاڪاڻ ته مان نئين ديري ويو ئي ڪونه هئس ۽ نه جوابدار ڏٺو اٿم، نه اغوا ٿيل ٻار!“ تاج محمد چپ ٿي ويو پر ايترو سو چيائين ته ”باقي تو مان ڪهڙو اميد آسرو؟“ مون هٿان جيڪي مرحوم جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو.
مولوي نذير حسين به جيل مان ڇٽي آيو ۽ سندس موجودگيءَ ۾ ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. آڏي پڇا ۾ شاهدن جيڪو گند ڪيو سو پاڻ ڏٺائين ۽ ٻڌائين. جوابدار ته ڇٽي ويو پر شام جو اسان جي ئي اوطاق تي مولوي صاحب جيڪو ٽَڪو مانُ ڪيو تاج محمد ۽ ٻين شاهدن جو، سو سڀني ڏٺو ۽ ٻڌو. مون کي ميار ڏيڻ بدران، ٿورا مڃيائين ته ”توهان تمام چڱو ڪيو جو صاف انڪار ڪيو، هنن يارن ته هٿ وٺي منهن ڪارو ڪيو!“ ٻئي ڏينھن تاج محمد مون کي چيو ته ”جمال تون صحيح هئين. مان غلط هئس!“ مون چيو ته ”ڀائو پراڻا آزموده اصول هزارن سالن جي تجربن کان پوءِ وضع ٿيا آهن. انهن کي وقتي ۽ فوري ضرورت هيٺ تبديل ڪرڻ بيوقوفي ۽ اخلاقي پستي آهي!“ هو مونسان انهيءَ ڳالھه تي متفق نه ٿيو ڇو ته مارڪسي نظريه مطابق فائدو حاصل ڪرڻ خاطر ڪجھه به ڪري گذرڻ جائز سمجهيو ٿي ويو. حالانڪ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’لٺ کڻبي ڀاءُ ڪارڻ، شاهدي ڏبي الله ڪارڻ.‘
هڪ دفعي قاضي فضل الله جي بنگلي تي سندس موجودگيءَ ۾ ڪا ڳالھه قاضي صاحب جي راءِ جي مخالف نڪتي ته چيائين ته ”ڀلا جمال کان ٿا پڇون.“ مون اهڙي ڳالهه ڪئي جا قاضي صاحب جي خيال مطابق نه هئي. قاضي صاحب مونکي گُهوري ڏٺو ۽ چيائين ”کڻندين قسم؟“ مون تمام ڌيرج سان پر اعتماد لهجي ۾ پنهنجي زبان ڏانهن اشارو ڪري چيومانس ته ”قاضي صاحب منهنجي زبان ئي قسم آهي!“ اهڙي جواب تي قاضي صاحب صفا ماٺ ٿي ويو ۽ ان موضوع کي وڌيڪ نه ڇيڙيائين. تمام سياڻو ماڻهو هئو. مان تن ڏينهن ۾ اڃا ڇوڪراٽ هئس پر قاضي صاحب منهنجي گهڻي عزت ڪندو هو.
اسين هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون ته هڪ نوجوان، نوجوان معنيٰ ارڙهن ويھه سالن جو، نالو هئس محرم علي، قاضي صاحب وٽ گهڻو سلامي هئو. ڏاڍو، چتر، چالاڪ ۽ ڳالهائڻ جو بڙاڪي هئو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اچي ڪيترن شاگردن کي چيائين ته ”قاضي صاحب توهان کي سڏايو آهي، هو سياستدان آهي، توهان کي ليڪچر ڏيندو!“ ويھه پنجويھه شاگرد وٺي، مون سميت قاضي صاحب جي بنگلي تي پهتو. قاضي صاحب اسان سان خنده پيشاني سان پيش آيو ۽ هڪ ننڍي تقرير به ڪيائين ۽ پوءِ اسان هليا وياسون. مقصد ۽ مطلب جي خبر ئي نه پئي.
محرم علي اچي مونکي لڳو ته ”تون شاگردن جو ليڊر ٿي وڃِ ۽ وقت به وقت کين قاضي صاحب ۽ کهڙي صاحب وٽ وٺي وڃ ته تنهنجو نالو به ٿيندو ۽ شهرت به.“ مون ۾ شهرت حاصل ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونه هئو. مون ۾ عادت هوندي هئي ته ڪنهن وڏي کي منهن تي انڪار ڪونه ڪندو هئس. چيومانس ته ”هائو! ڏسي وٺبو.“ محرم علي اهڙو استاد جو منهنجي وڏي ڀاءُ شمس سان دوستي رکي انهيءَ کي پنهنجي عزائم کان واقف ڪيائين. پتو پيو ته محرم علي پنهنجا نمبر وڌائڻ لاءِ وڏن ماڻهن جي خوشامد شروع ڪئي هئي. پوءِ اوچتو ڪيترن ماڻهن کي ٺڳي کانئن پيسا وٺي گم ٿي ويو. ڪنهن خبر ڪئي ته انهيءَ کيس بمبئي ۾ ڏٺو هو ۽ وڏي ٺاٺ سان سٺين هوٽلن ۾ رهندو هو. وري ڪنهن کيس دهليءَ ۾ ٺاٺ باٺ سان ڏٺو. غريب جو ٻار صفا مسڪين سو رڳو ٺڳيءَ جي ٺاھ تي پئي تڳيو. پوءِ الائي سرڪاري، الائي غير سرڪاري ايجنٽ هو الائي ڇا، ڪاليج جي زماني ۾ مون کيس ريل جي فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويٺل ڏٺو ته مون وٽس وڃي چيو ته ”محرم علي خوش آهين“ ته ڪمال حرفت سان هيڏي هوڏي نهاري چيائين ”ڪير محرم علي توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.“ مان چپڙي ڪري هليو ويس.مون وري اهو ماڻهو نه ڏٺو. اڏامندڙ خبر ٻڌم ته ٺڳيءَ جي الزام ۾ جيل جي سزا آيس. سچ الائي ڪوڙ، رب ٿو ڄاڻي. جتي به هوندو ڀانيان ٿو ته اثر رسوخ وارو ۽ دولتمند هوندو.
اهڙا ڪيئي افسانن جهڙا واقعا زندگيءَ ۾ رونما ٿين ٿا. سن 1940ع ۾ ادا شمس جهونا ڳڙھ مان بي اي پاس ڪري، علي ڳڙھ ۾ ايم. اي، ايل ايل بي پڙهندو هو ۽ وئڪيشن ۾ گهر هيرآباد حيدرآباد آيل هئو. مان اڃا نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. بابا جي تعليم کاتي جي آفيس، هيرآباد ۾ ميرن جي قبن ڀرسان هئي ته هڪ ماڻهو نوجوان ڊگهو سنهڙو هڙٻاٽيون، ڳل چپڪيل اچي نڪتو. مون بابا جي آفيس ۾ راند پئي ڪئي ۽ هڪ ڊگهو ڄمونءَ جو وڻ هئو تنهن تي پي لٿس چڙهيس. هن ماڻهو مونکي سڏ ڪيو، وٽس ويس. چيائين، ”شمس، شمس ابڙو هئه؟“ مون چيو ”هائو!“ چيائين ته ”ٻڌائينس ته بنارس خان آيو آهي.“ گهر ڀرسان ئي هو. مان بنارس خان جو نالو ورجائيندو ادا شمس وٽ ويس ۽ ٻڌايومانس ته ”هڪ ماڻهو بنارس خان توهان کي پيو سڏي.“ ويچار ۾ پئجي پڇيائين ”جهونا ڳڙھ وارو!“ مون چيو ”الائي!“ ادا شوق ۽ تجسس ۾ اتاوليءَ سان ٻاهر نڪتو. ٻئي پاڻ ۾ ٻکجي ويا. ادا ڪرسيون ۽ ٽِپائي گهرائي باغ ۾ کيس ويهاريو ۽ پڇيو ته هو ماني کائيندو!
اڳي نه چانھه جو رواج هوندو هو نه چانھه جو پڇبو هئو. بلڪ تهذيب اها هئي ته آيل مهمان کان حال احوال وٺڻ کان اڳ کيس ماني کارائجي ۽ پوءِ حالي احوالي ٿجي. ادا مرحوم جو هن کان مانيءَ جو پڇڻ ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ. روئڻ بند ئي نه ٿئس، ادا چپڙي ڪري اٿي گهر آيو ۽ امان کي چيو ته امان جهونا ڳڙھ جو دوست آيو آهي. ماني ڪانه کاڌي اٿئين روئي پيو. بس ٻه اوڦراٽا ۽ آمليٽ ٺاهي ڏي ته کيس کارايان. امان ويچاري دل جي نرم سو هڪدم چيائين ”ابا مان صدقي، ويچارو بکارو آهي، مان گهڙيءَ ۾ ٺاهي ٿي وٺان.“ پاڻ اٽو ڳوهي ٻه موٽا اوڦراٽا، جنهن کي اڄڪلھه پراٺا ٿا چون، ڄڻڪ پاٺا هجن، ٺاهي ورتا ۽ ٻن بيضن جو آمليٽ به ٺاهي ورتائين. ماني ڍڪي مٿان ڪپڙو وجهي مونکي ڏنائين. هو ماڻهو به اچي مانيءَ تي ٽٽو ۽ منٽن ۾ صفائي ڪري ڳوڙهن ڀريل اکيون رومال سان اگهي چيائين ته ”ٻن ڏينهن کان ماني ڪونه کاڌي هئم.“
ادا صلاح هنيس ته هو اچي وٽس رهي جتي کيس ٽيئي وقت ماني ملندي. هو جوان به هائو! چئي ڪچهري ڪري هليو ويو. عزت نفس وارو ماڻهو هئو. وري ٻئي ڏينهن شام جو آيو ۽ دال چانور کائي هليو ويو. ڪجھه ڏينهن اهو سلسلو رهيو ۽ پوءِ گم ٿي ويو. اهو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو دؤر هو. هڪ ڏينهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي وڃڻ ٿيو جو بابا جي بدلي ميرپورخاص ٿي هئي. هڪ گاڏي لاهور ٿي وئي. گاڏي فوجي سپاهين سان ڀريل هئي. جان کڻي ڏسان ته بنارس خان فوجي سپاهيءَ جي ورديءَ ۾ دريءَ وٽ ويٺو آهي. ڏاڍي اشتياق سان مان دريءَ وٽ ويس پر ريلوي اسٽيشن جي هل هنگامي ۾ بنارس خان جو ڌيان مون طرف ڪونه ويو ۽ گاڏي ڇٽي وئي. الائي ويچارو مئو الائي بچيو پر مان اڄ تائين کيس فوجيءَ جي روپ ۾ تلاش ڪندو رهندو آهيان. ڏاڍو پيارو ماڻهو هئو.
ادا مرحوم شمس ڏاڍو يار ويس ۽ دوستي نباهڻ وارو ماڻهو هو، جهڙو ماکيءَ جي لار. جنهن کي لڳي سو چپڪيو رهيو سڄي ڄمار. آفيسر، پوليس عملدار، غريب غربا، ٽانگي وارا، مزور، مڪينڪ مستري مطلب ته جنهن جو به ساڻس واسطو پيو سو ساڻس ٻڌجي ويو. هڪڙو ڊپٽي ڪمشنر صاحب بدلي ٿيو ته ڪنهن جي به الوداعي دعوت قبول نه پيو ڪري نيٺ جڏهن گهڻو زور ڀريو ويس ته شرط اهو وڌائين ته دعوت مسٽر شمس الدين ابڙي جي جاءِ تي منعقد ڪيو ته قبول آهي. دعوت ڏيندڙن به اهو شرط منظور ڪيو.
ٻيو به هڪ معمولي ڪاٺياواڙي ماڻهو هو يوسف پٽيل، جو پراڻي جهونا ڳڙهي ناتي وٽس اچي نڪتو. پٽيل صاحب جا وارا نيارا ٿي ويا. هئو سندس خانگي نوڪر پر حقيقت ۾ سندس جنرل مئنيجر هئو. زمين جي سنڀال، مهمانن جي خاطر تواضع ماني ٽِڪي، گهر جو خرچ پکو، سڀ ڪجھه پٽيل جي حوالي هئو. پٽيل به صاف سٺا ڪپڙا ۽ ڪوٽ به ضرور پائيندو هو ۽ ڳالهائڻ جو ڏاڍو مهذب هو. پِٽئي کي ڪا جوئا جي عادت هئي ۽ پيسا تڳائي ويندو هو. ادا کي سڀ خبر هئي. جڏهن دوستن شڪايتون ڪيس ته پٽيل جي بچاءُ ۾ سندس ساراھ جا ڍڪ ڀرڻ لڳو ۽ سندس وار ونگو ٿيڻ نه ڏنائين. اتفاق سان عبدالله چنا صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو. چنا صاحب پاڻ کي وڏي چيز سمجهندو هو ۽ خود ثنائي جي مرض ۾ مبتلا هئو. اهڙو ماڻهو ٻين کي برو سمجهندو آهي ۽ سندس بيعزتي ڪرڻ يا کين رلائڻ ۾ خوشي ۽ تسڪين حاصل ڪندو آهي. ادا شمس کي به هي ماڻهو نه وڻيو.
شمس ڪنهن جي به گلا ڪونه ڪندو هو پر غير پسنديده شخص تي ڪو نالو رکي ڇڏيندو هو جو زبان زد عام ٿي ويندو هو. چنا صاحب علي الاعلان چوندو هو ته ”ماڻهن کي ڇا کپي؟ حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنھ وارو انصاف ٻيو ڇا؟ سو ته مان ڪيان ويٺو!“ ايڏي ٻٽاڪ ماڻهو ڪٿي ٿا هضم ڪن. سو مٿس ٽوڪ ۽ چٿرون شروع ٿي ويون. چڱن عزتدار ماڻهن کي به ٺپ جواب ڏئي بيعزتو ڪري ڪڍي. سي به سندس مخالف ٿي ويا. ادا مرحوم مذاق ۾ سندس نالو رکيو ”گوڪل ماءُ!“ اهو نالو ايڏو مشهور ٿي ويو جو وڪيلن، وڏيرن، دوڪاندارن تائين پهچي ويو. وچ بازار ۾ ماڻهو بيهي پيا چون ته ”ڀائو! انهي گوڪل ماءُ مان ڪجھه نه ورندو، اجايو آسرو نه ڪيو، ڪجھه پنهنجي ٻاريو.“
تاج محمد ابڙي جي جاءِ هئي ٽائون ٿاڻي سان لڳ. ٿاڻي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪُٽيائون پئي ۽ هن جي رڙ و رڙ لڳي پئي هئي. تاج محمد هو جذباتي ۽ جوشيلو ماڻهو سو اٿي بيهي رهيو. مون کي چيائين ته ”هل ته ٿاڻي تي هلون!“ مون روڪيومانس ته ”چريو نه ٿيءُ، پوليس وارا آهن استاد، وڪيلن کي ڏسي الٽو جوابدار تي وڏو ڏوھه مڙهي ڊائريءَ ۾ تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ لکندا ته ڪنهن ڌاڙيل، چور يا رن چور کي ڇڏائڻ آيا هئا.“ تاج محمد تمام سمجهدار هو سو في الحال چپ ڪري ويهي رهيو. وري جو هن غريب کي ڪُٽيائون ۽ سندس دانهون ٻڌائين ته اٿي بيهي رهيو. چي ”ڪجھه ته ڪرڻو ئي پوندو!“ مون به ٽيڪو ڏنومانس ته ”ضرور ڪجھه ڪرڻ کپي، پر سوچ!“ چيائين ته ”هل ته ڊپٽي ڪمشنر ڏي هلون!“ مون چيو ”هل!“ ٽاڪ منجهند جي گرميءَ ۾ ٽانگو ڪري عبداالله چنا صاحب وٽ پهتاسون. مهرباني ڪري مليو. صورتحال ٻُڌي ڪجھه طنزيه انداز ۾ چيائين ته ”توهان انهيءَ ماڻهوءَ جا وڪيل آهيو؟“
مونسان واقفيت هئس جو حاجي محمود خادم جي سڏايل ادبي گڏجاڻين ۾ چنا صاحب جو لکيل مضمون مونکان پڙهايو ويندو هو. مضمون جي ليکڪ جو نالو نه ٻڌايو ويندو هو. مضمون ورهائي مختلف ماڻهن کان پڙهايا ويندا هئا. رڳو حاجي محمود خادم کي خبر هوندي هئي ته ڪهڙو مضمون ڪنهن جو آهي. هو چنا صاحب جو مضمون مونکي ڏيندو هو. مير مجلس به چنا صاحب، بنگلو به چنا صاحب جو ۽ حاجي محمود خادم تپيدار. هڪ دفعي مضمون جو عنوان هو ”متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين“ مان پڙهندو ويس ته وچ وچ ۾ حاجي صاحب سبحان الله !چوندو رهيو. ظاهر آهي پهريون نمبر چنا صاحب جي مضمون کي مليو. منهنجي ڀر ۾ اياز قادري ويٺو هو تنهن کي چيم ته ”مضمون واقعي سٺو هئو. قادري صاحب چيو ته ”ان ۾ تنهنجي پڙهڻيءَ جو جادو به شامل آهي.“ شايد منهنجي پڙهڻي چڱي آهي. هڪ دفعي اسڪول ۾ ڪشنچند بيوس جو نظم ”مُڪٽ ميواڙ جي ۾ هئو ، عجب پرتاب سنگھه راڻو“ ايڏي جوش ۽ جذبي سان پڙهيم جو ماستر صاحب کان واھه واھه نڪري وئي.
ڳالھه هئي چنا صاحب جي! سو مون حجت ڪري خوشامدانه لهجي ۾ چيومانس ته ”توهان ضلعي جا حاڪم آهيو، توهان وٽ دانهين آيا آهيون!“ چيائين ”چڱو توهان وڃو مان پوليس وارن کي چوان ٿو!“ پوءِ پوليس وارن کي چيائين الائي نه سو خدا کي خبر. بهرحال، کيس ادا شمس پاران ادا ٿيل لقب ’گوڪل ماءُ‘ سندس ڪنن تائين به پهتو، سو مڙس اهڙو ڪاوڙيو جو هاءِ ڪورٽ کي لکي موڪليائين ته ”شمس الدين ابڙي جي وڪالت جي سَندَ رد ڪئي وڃي!“ هاءِ ڪورٽ سندس گذارش رد ڪري ڇڏي. چنا صاحب پوءِ ته بلڪل وير وٺُو ٿي پيو.
ڊسمبر 1951ع ۾ منهنجي شادي هئي سو درخواست ٺاهي وٽس پاڻ ويس ته مڻ کنڊ جي پرمٽ جاري ڪري. بلڪل انڪار ڪيائين ۽ درخواست تي لکيائين ته ”اڍائي سير کنڊ ڏيوس!“ مون عزت سان چيومانس ته ”صاحب شاديءَ جي موقعي تي اڍائي سير کنڊ جي ڪهڙي حيثيت!“ ته رکائي سان چيائين ”تنهنجي مرضي وٺين، نه وٺين!“ مان سڌو آيس اي. ڊي ايم عبدالعليم عقيلي وٽ. واھه عقيلي صاحب واھه! دير ئي ڪانه ڪيائين. هڪدم اڌ مڻ جي پرمٽ ڪڍي ٺپو هڻي مونکي ڏنائين. چيائين ته ”هفتو ڏھه ڏينھن رکي وري اچي ٻي پرمٽ اڌ مڻ جي وٺي وڃجانءِ!“ مون ٻڌايومانس ته ڊي ايم صاحب ته اڍائي سير لکيا آهن ته چيائين ”ابڙا صاحب ڪمال ٿا ڪيو اهڙي ماڻهوءَ وٽ وڃڻ جو ڪهڙو ضرور!“ اها درخواست ۽ مٿس ٿيل آرڊر مونکان وٺي ڦاڙي ڇڏيائين.
هڪڙا آفيسر ٿيندا آهن سخي ۽ فيض وارا ۽ ٻيا منحوس ۽ بي فيض. چنا صاحب ادا مرحوم کي ته ڪجھه ڪري نه سگهيو پر سندس نوڪر يوسف پٽيل کي ’گونڊا ائڪٽ‘ ۾ چالان ڪري سزا ڏياري ڇڏيائين. پٽيل ويچارو هٿڪڙين سان ڪورٽ مان روئندي نڪتو ته مونکي هٿرادو امير جي انصاف تي ڏاڍي دل کي جهٻي آئي. هونئن ته چئجي کڻي ته پٽيل معمولي نوڪر هئو پر ادا شمس جو اهو وڙ نه هو جو ان کي ائين رڻ ۾ رولائي ڇڏي. سو ڪم ڪار، ڌنڌو ڌاڙي ڇڏي، ڳپل پئسا کڻي ڪراچي هليو ويو هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ. ڪراچي ۾ هڪ اعليٰ درجي جو آئيني ماهر وڪيل هئو مسٽر فضيل، وڃي ان سان مليو جنهن اپيل داخل ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اها اپيل رد ڪئي ته مسٽر فضيل ادا شمس سان مشورو ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ٽپيل (اپيل تي اپيل) داخل ڪئي.
مسٽر فضيل کي يقين هئو ته هو اهو ڪيس کٽندو ۽ صاف اکرن ۾ چيائين ته ”شمس صاحب هن ڪيس جي فيصلي سان پاڪستان جي تاريخ مٽجي ويندي!“ ٿيو به ائين، مشهور ’يوسف پٽيل‘ ڪيسن جي فتويٰ آئي ته هميشه لاءِ هڪ تواريخي مسئلو حل ٿي ويو. سپريم ڪورٽ گونڊا ائڪٽ کي ئي رد قرار ڏنو. انهيءَ بنياد تي ته ڪو به هڪ شخص (گورنر، گورنر جنرل يا صدر) قانون ٺاهي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته قانون سازيءَ جو اختيار صرف مقننه، پارليامينٽ، يعنيٰ عوام جي منتخب نمائندن کي آهي. سڀني اخبارن ۾ شھه سرخين سان يوسف پٽيل جو نالو آيو، جتي وڃي اتي ماڻهو اٿي بيهي پيا پٽيل کي کيڪارن ۽ پٽيل ڏس ته ٽڙي پيو. ڏھ سال شمس جو ٻڌو ٻانهو ٿي رهيو. شمس جي گذارڻ کان پوءِ ڏکارو ٿي ڪراچي هليو ويو جتي خوشقسمتيءَ سان سندس وڇڙيل مائٽ ۽ ڀائر ملي ويا جي خوشحال واپاري هئا. انهن شادي به ڪرايس ۽ ننڍي فئڪٽري به سندس حوالي ڪيائون. ته به اسان کي وساريائين ڪونه.
مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ته سڪ ڪري مونسان ملڻ آيو. مون کيس آڌر ڀاءُ ڏنو ته ڏاڍو خوش ٿيو. وري نه مليو اٿم. باقي عبدالله چنا صاحب جي غلط قدم ۽ شمس جي دوستن سان دوستي اهو رنگ لاتو جو پاڪستان جي سياست ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ گورنر جنرل غلام محمد هڪدم مخصوص نمائندن جو اجلاس ڪوھ مريءَ ۾ گهرايو جن 1956ع وارو آئين ٺاهيو ۽ پاڪستان جي سياسي گاڏي وري هڪ وار پٽڙيءَ تي چڙهي وئي. جيئن اڳ لکيو اٿم ته بدر مونکي چيو ته، ”بابا! عجب ڳالهه آهي جو مونسان جيڪي به تمام اذيتناڪ واقعا پيش آيا آهن تن مان مون کي لاحاصل فائدو مليو آهي“ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توڪل برحق آهي ۽ اجايو ڏکايل ۽ دل برداشته ٿيڻ ڪفرانه نعمت آهي. هر ڏک، غم ۽ تڪليف ۾ ڪا بي مثال چڱائي لڪي ويٺي آهي ۽ پيئي مشڪي ۽ چٿرون ڪري.“ بدر جي اهڙي ڳالھه ڪرڻ تي حيران ٿي ويس ته ڪيئن هيڏو ٽپو ڏئي وڃي مٿين منزل تي پهتو آهي. واقعي هدايت به الله وٽان ٿي اچي. مان اڄ سوچيان پيو ته عبدالله چنا صاحب جي فرعونيت ۽ يوسف پٽيل جي آھَه سڄي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ سودمند ثابت ٿي.
عبدالله چنا صاحب، جو پاڻ کي اميرالمؤمنين سمجهيون ويٺو هو تنهن تي ماڻهو اهڙو سڙيا ويٺا هئا جو چنا صاحب ڪنهن سرڪاري ڪم سان ريل جي سيڪنڊ ڪلاس ۾ ويٺو هو ته ڪنهن دل جلئي سندس فوٽو ڪڍي ورتو. اهو ماڻهو تاڙ ۾ رهيو ۽ جيئن ئي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ سيڪنڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندي موٽيو ته وري فوٽو ڪڍي ڇڏيائينس. بعد ۾ جڏهن چنا صاحب بل ٺاهي سرڪار کان فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو ورتو ته هن ماڻهوءَ ثبوتن سان مٿس پڪاريو. چنا صاحب بدنام به ٿيو ۽ انڪوائري به هليس جنهن ۾ کيس ڏوهي ٺهرايو ويو. پر سزا رڳو هيٺ ڦيٺ جي ڏنائونس. هي ٿيو هٿرادو اميرالمؤمنين جو حشر، جنهن ماڻهوءَ سندس فوٽا ڪڍيا ۽ انڪوائري ڪرائي سو ياد نٿو پوي. ٿورو سُجهيم ٿو ته شايد دوست محمد خان هڪڙو هو جيڪو نهايت ذهين ۽ هوشيار ماڻهو هو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو. کائنس پوءِ سندس پٽ علي حسن هڪڙو به اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.
اهو ساڳيو عبدالله چنا صاحب جنهن مون تي اڍائي سير کنڊ جي پرمٽ جو ٿورو ڪيو هو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ جي وڪالت جي سَندَ رد ڪرائڻ جو خسيس عمل ڪيو هو، سو جڏهن مان سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ته مونکي حيدرآباد مان فون مٿان فون پيو ڪري ته فلاڻو ڪم ڪرائي ڏي. چي ”منهنجي پٽ کي نوڪري ملي آ ڪراچيءَ ۾ سو کيس مرڪزي حڪومت جا جيڪي ڪوراٽر آهن، گانڌي گارڊن ڀرسان سو الاٽ ڪرائي ڏي، نه ته ٻچڙو بي گهر رُلي ويندو!“ مون ”حاضر!“ چئي عزت سان عرض ڪيو ته ”سائين وس آهر ڪين گهٽائيندس!“ مون ايماندارانه ڪوشش ڪئي ۽ بااثر دوستن کي به استعمال ڪيم پر معقول ۽ کتو جواب مليم ته ”اهي ڪوراٽر مرڪزي ملازمن لاءِ آهن. صوبائي عملدارن کي نه ملندا“ چنا صاحب جون وري فونون آيون ۽ کيس آگاھ ڪيم ته به چوي ته ”ڪجھه ڪر!“ مون ڪنهن مرڪزي ملازم کان درخواست وٺي ڪوارٽر ان جي نالي الاٽ ڪرائي، چنا صاحب جي پٽ کي ڏياريو. ڀانيان ٿو ته اهڙي درخواست مون مرحوم محبوب علي چنا صاحب کان ڏياري جو ان وقت مرڪزي حڪومت وٽ ملازم هئو. محبوب علي صاحب نهايت پيارو ۽ معصوم طبيعت ماڻهو هئو ۽ ڪم به ڄڻ ته سندس پنهنجو هو. اهڙا هئا حال وڏن عملدارن جا جيڪي پاڻ کي عالم ۽ اديب به سمجهندا هئا. حقيقتون بيان ڪندي، گلا شڪوه ڪري ويو آهيان. الله معاف ڪندم. چنا صاحب لاءِ دعاگو آهيان، الله مغفرت ڪندس. هرڪوئي ته عالم ۽ الله لوڪ نٿو ٿي سگهي.
هڪڙو وڏو عالم ۽ فقير منش ماڻهو سُجهيم ٿو، جو هو علامه آءِ آءِ قاضي. جهڙو اندر تهڙو ٻاهر. اندر به اجرو ته ٻاهر به اجرو. باقي سندس روحاني پٽ ۽ چيلا، خدا پناھ ڏئي. جيئن سائين جي ايم سيد کي ڏاڪڻ بڻائي سندس چيلا سياسي منزل ماڻڻ لاءِ ڳِجھه جيان تاڙ ۾ هوندا هئا، تيئن علامه صاحب جا چيلا به کيس ڏاڪڻ بڻائي دانشور درويش عالم ۽ آفيسر بنجڻ جي چڪر ۾ هئا. ڪن کي ته علامه صاحب علي الاعلان مجلس ۾ ويهي برو ڀلو چوندو هو پر هو اڄ تائين پاڻ کي سندس روحاني اولاد چوائيندا اچن. جناب اي ڪي بروهي جو اهو حال هو جو عهدي خاطر ملٽري ڊڪٽيٽرن جي اڳيان پٺيان لُور لُور پيو ڪندو هئو. ڳڙهي ياسين ۾ منهنجي سڳي سوٽ پرڻيل آهي. هونئن به مان شڪارپور ۾ ٽي سال جج ٿي رهيو آهيان ۽ ڳڙهي ياسين جي ڪيترن ماڻهن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. انهن ٻڌايو ته بروهي صاحب ڳڙهي ياسين ايندو هو ته پنهنجي گهر، پيءُ سان ملڻ به ڪونه ويندو هو. پاڻ انسپيڪشن بنگلي ۾ رهندو هو ۽ پيءُ اٿي کيس ملڻ ايندو هو. هيءَ ڪهڙي وڏ ماڻهپائي آهي؟ ڪم از ڪم بروهي صاحب جهڙي پڙهيل لکيل دانشور کي ته نٿي سونهين. بروهي صاحب جو ننڍو ڀاءُ علي نواز بروهي جو اسان سان گڏ پڙهندو هو، ان مرحوم به اها ڳالھه ڪئي ته ادا ڏي وڃي ڇا ڪجي. ڪلاڪ ٻه ٻاهر ويهي ويهي موٽي اچون ٿا اندر اچڻ لاءِ چيو ئي نٿو وڃي، اها ڪهڙي وڏماڻهپائي آهي جو ڀاءُ سان به نه ملجي! ٿي سگهي ٿو ته بروهي صاحب جون ڪي مجبوريون ۽ مصروفيتون هجن. الله ٿو ڄاڻي اسين نٿا ڄاڻون.

2

لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ننڍي هوندي واري زندگيءَ جو احوال پئي لکيم ته عبدالله چنا صاحب ور چڙهي ويو ۽ عبدالعليم عقيلي صاحب جو احسان به ياد اچي ويم. اسين ڪرمان باغ محلي ۾ سيٺ ٽهڪڻ داس جي جاءِ ۾ مسواڙي رهندا هئاسون. ڪرمان باغ سڄو ويران، جهنگ هئو. بس هڪ برف ڇاپ ڪارخانو هئو جنهن جي سامهون ٽي چار سٺيون جايون هڪ قطار ۾ هندو ديوانن جون هيون. پوءِ محمد پور واري رستي تي خالي ميدان هو جتي سال ۾ هڪ ٻه دفعو هندو ڀائر ڪٿا ڪيرتن ڪندا هئا ته جهنگل ۾ منگل لڳي ويندو هو. جهنڊيون لڳي وينديون هيون. ڪٿا ڪيرتن ۽ پوڄا پاٺ هلندو هو ۽ پرساد به ورهائبو هئو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال پنهنجن هندو دوستن سان گڏجي ويندا هئاسون ۽ پرساد به وٺندا ۽ کائيندا هئاسون جيتوڻيڪ اسان جا مسلمان دوست جهليندا هئا ته پرساد ۾ گانءِ جو مُٽ مليل هوندو، سو نه کائجو.
اسان کي اعتبار ئي ڪين ايندو هو پر پوءِ هندو دوستن ٻڌايو ته برابر هو گائنٽ جو ڇنڊو هڻندا آهن. ان ميدان کان پوءِ ڪچسريون جايون هونديون هيون جن ۾ مسلمان عملدار رهندا هئا. آخر واري جاءِ ۾ مختيار ڪار اميد علي قريشي ۽ سندس ڀاءُ يا سوٽ غلام النبي قريشي رهندا هئا. اڄڪلھه اميد علي قريشي صاحب جو فرزند جسٽس رٽائرڊ احمد علي قريشي هت ڊفينس جي علائقي ۾ منهنجي ڀرسان رهي ٿو. اهو ۽ مان ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون ۽ شام جو سندس گهر وڃي گڏجي کيڏندا هئاسون. جسٽس احمد علي مونکان عمر ۾ ٻه سال کن ننڍو هئو. سندن جاءِ تي عالمگير پريس جو بورڊ لڳل هو ۽ مسٽر غلام النبي قريشي اتان عالمگير نالي اخبار ڪڍندو هو. انهيءَ نسبت سان بابا به ٻنهي ڀائرن وٽ ڪڏهن ڪڏهن وڃي ڪچهري ڪندو هو. انهيءَ مسٽر غلام النبي قريشيءَ جو فرزند آهي ڪراچيءَ جو مشهور وڪيل ۽ باغ و بهار شخصيت جو مالڪ مسٽر جي ايم قريشي جو پاڻ کي گاگن واڻيو سڏائيندو آهي. منجهس مزاح جو حس ڀرپور آهي. هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ مهمانن ڏي اشارو ڪري مونکي ڪن ۾ آهستي چيائين، ”ڪل، قريشي ڪمذات!“ مون چيس ”يار تون به ته قريشي آهين!“ چيائين، ”خيرگهر، مان ته واڻيو آهيان!“
ڪرمان باغ ۾ جو پهريون شخص جاءِ جوڙي اچي ويٺو ، سو هو ڪچي جو زميندار رئيس وليداد خان اعواڻ. باريش، نيڪ نمازي ماڻهو هو. عرس جي مهيني ۾ وڏي خيرات ڪندو هو ۽ اها دعوت عام، منجهند کان شام تائين هلندي هئي. غريب غربو، آيو ويو، توڙي اوڙي پاڙي جا ماڻهو اچي پلاءُ زردو کائي ويندا هئا. وڏي پڪسري جاءِ جوڙائي هئائين ۽ هڪ وڏي پلاٽ تي اوطاق، مهمان خانو ۽ مينهن جو واڙو هئس. کير مکڻ پنهنجو هئن. وليداد خان گذاري ويو ته سندس تدفين لاڙڪاڻي ۾ ٿي، بولس باغ جي ڀر ۾ جو هڪ پير جو مقبرو آهي، ان ۾ ٿي. کيس ماشاءَالله چار پٽ هئا، غلام مصطفيٰ، غلام مرتضيٰ، محمد نواز ۽ چوٿون ننڍو جنهن جو نالو دل تي نٿو چڙهيم. محمد نواز منهنجو دوست هئو ۽ صوفي خيالن جو هئو. غلام مصطفيٰ عليڳڙھ مان بي اي، ايل ايل بي پاس ڪري سڄي عمر ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪئي. غلام مرتضيٰ، ادا شمس جو دوست هئو. ڪراچي گهمڻ آيو ته هوٽل ۾ هارٽ اٽيڪ (دل جو دورو) پيس. ان وقت مهدي شيرازي، صحافي، ساڻس گڏ هئو جو کيس کڻائي جناح اسپتال آيو پر هو گذاري ويو. مهدي شيرازي مڙھه ۽ سامان کڻائي لاڙڪاڻي پهچايو. الٽو مهدي شيرازي تي الزام آيو ته هو مرحوم جي کيسي مان نوٽ ڪڍي تڳائي ويو. سچ چوندا آهن ته چڱائيءَ جو زمانو ڪونهي. حقيقت ۾ مرحوم اهڙو پڪو ۽ خبردار هو جو روڪ پئسا پاڻ سان رکندو ئي ڪونه هو. بئنڪ جا چيڪ رکندو هو. سچ چوندا آهن ته الزام اهو هڻندو آهي جو پاڻ اهڙو هوندو آهي.
مان جڏهن خيرپور ميرس ۾ جج هئس (1961ع -1958ع) تڏهن محمد نواز اعواڻ سڪ ڪري مونسان ملڻ آيو هو. سندن زمينداري خيرپور جي ڪچي ۾ به هئي. سندن سؤٽ هو احمد نواز اعواڻ جو ڏاڍو خوبصورت جوان هو. انهيءَ جي وليداد خان جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. هو بي اي پاس ڪري روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ هيڊ منشي ٿيو. سندن تمنا مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ جي هئي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو هڪ ڏينهن سندس ڊپٽي ڪليڪٽر امداد علي شاھ، جو به هڪ ٺاهوڪو جوان ۽ شڪار جو شوقين هئو سو احمد نواز کي پاڻ سان گڏ شڪار تي وٺي ويو. شڪار دوران احمد نواز کي ٽنگ ۾ گولي لڳي. مان تن ڏينهين ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هئس. احمد نواز کي ڪراچي سول اسپتال ۾ اچي داخل ڪيائون. مان کانئس پڇڻ ويس. امداد علي شاھه به گڏ آيو هئس ۽ ڏاڍو پريشان ٿي لڳو. الائي انهيءَ جي گولي لڳي هئس الائي ڇا. پر احمد نواز اصل سچي نه ڪئي، چي اتفاق سان الائي ڪيئن ۽ ڪٿان اچي گولي لڳي.
هڪ ڏينهن، دستور موجب، مونکي هاسٽل ۾ اطلاع مليو ته احمد نواز جي ٽنگ آپريشن ڪري وڍيندا. شايد گينگرين ٿي وئي هئس. گينگرين جو مطلب ته مرده ٿي ڌپ ڪري خراب ٿي وڃڻ. گينگرين اهڙي خطرناڪ آهي جو ان جو زهر جسم ۾ ڦهلجي وڃي ته ماڻهو مري وڃي ٿو. مان ڪاليج وڃڻ بدران سڌو اسپتال ويس. احمد نواز روئي ويٺو. مونکي چيو ويو ته خون جو بندوبست ڪر جو احمد نواز کي خون جي ضرورت پوندي. ڊاڪٽر مونکي خبردار ڪندي چيو ته صحتمند ماڻهوءَ جو خون سو به اهو جيڪو مريض جي خون جهڙو يعنيٰ ان گروپ جو هجي سو ٽي چار ماڻهو وٺي اچ. مان ڪاڏي وڃان ڪنهن کي چوان. هڪدم هاسٽل آيس ۽ ڇوڪرن کي چيم ”هلو اسپتال، هڪ مريض کي خون ڏيڻو آهي!“ پندرهن کن شاگرد مونسان آيا. ڊاڪٽر ايترا ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويو. چي ”اسان کي ته هڪ ٻه ماڻهو به مشڪل ملندا آهن تو هيترا ماڻهو ڪٿان آندا آهن.“ مون چيو ”سڀ والنٽيئر (رضا خوشيءَ سان خدمت ڪندڙ) آهن“ ته ويتر وڌيڪ خوش ۽ حيران ٿيو. ڇوڪرن جو خون چڪاس ڪيائين ۽ هڪ شاگرد سيد محمود علي شاھ بخاري جو خون صحيح گروپ جو نڪتو. سيد محمود علي شاھ جو ڏاڍو خوش مزاج، کلڻو ۽ رلڻو ملڻو هئو تنهن مونکي کلندي چيو ته قرباني جو ٻڪرو حاضر آهي.
شاھ صاحب بعد ۾ جج ٿيو ۽ مون کانئس آگسٽ 1963ع ۾ ٽنڊوالهيار جي چارج ورتي. مان احمد نواز وٽ روزانو ويندو رهيس. هو جلد ئي ٺيڪ ٿي ويو. پر سندس ٽنگ گوڏي جي مٿان ڪٽي وئي هئي. سو ڏاڍو ڏکارو هو. هٿرادو ٽنگ ٺهرائي لاڙڪاڻي موٽي ويو. سندس ڊپٽي ٿيڻ جا خواب ٽٽي ويا. همت نه هاريائين. ايل ايل بي پاس ڪري استعيفا ڏئي وڪالت شروع ڪيائين. پهريائين لاڙڪاڻي ۽ پوءِ نوابشاھ هليو ويو جتي شاهنواز لاڙڪ، عبدالغني ۽ مير محمد سندس ويجها دوست اڳ ۾ ئي وڪالت جي ڌنڌي ۾ هئا. مير محمد ٺاهوڪو جوان هئو ۽ سندس وڪالت به چوٽ تي هئي. اڄ هن جهان ۾ ڪونهن. ڏاڍا پيارا ماڻهو هئا.
ڏسو پنهنجي ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي، ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتس. تڏهن ته ڪتاب جو نالو ئي رکيو اٿم ’ڪٿا‘. 1940ع ۾ منزل گاھه مسجد وارا هندو مسلم فساد ٿيا ته ٻهراڙيءَ جي هندو ڀائرن پاڻ کي غير محفوظ سمجهي شهرن ڏانهن رخ ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي سڄو ڪرمان باغ پڪين جاين ۽ دڪانن سان ڀرجي ويو. هندو ماڻهو پئسي وارا، وڻج واپار ڪندڙ آسودا ماڻهو هئا. پوءِ ته رونق ٿي وئي. ٻارن جا ڊنبلا هئا ۽ سڄو ڏينهن ويندي لڙي اڌرات تائين، سياري جو سيءَ هجي يا اونهاري جي لُڪ، پيا کيڏندا ۽ ڊوڙندا هئاسون. ڏينهن جو اِٽي ڏڪر ۽ بلور، رات جو اکٻوٽ يا لڪ ڇپ. مان ۽ ڪمال ٻارن جا اڳواڻ ٿي وياسون. ڪو ٻار نه ايندو هو ته انهيءَ کي زوريءَ گهران ڪڍي ايندا هئاسون. پيا ڪوٺا ٽپندا ۽ ڀتين تان ٽپا ڏيندا هئاسون. ٻار اسان سان اهڙو ٻڌجي ويا جو مائٽن جي ٻڌن ئي ڪونه. سندن منع ڪرڻ باوجود هليا اچن ۽ اڌ رات تائين راندين ۾ مست. منهنجو ۽ ڪمال جو رويو ڪجھه جارحاڻو به هئو. هر ڪنهن سان بلڪ وڏن سان به اٽڪي پوندا هئاسين. هاٿا پائي يا وڙهڻ ڪونه هوندو هو باقي زبان جي ڏاڍ مڙسي هئي، ”هل ڙي! تون وري ڇا ڪندين؟ جيڪي ڪرڻو اٿئي سو ڪر.“ واڻيا ماڻهو ويچارا سٻاجها ۽ صلح پسند سو ماٺ ڪري ويندا هئا.
اسان وٽ ايڏو ميڙو متل هوندو هو جو قادرين جي پاڙي مان اياز قادري به هلي ڪرمان باغ ايندو هو. محمد پور جا ٻار به اسان جي ٽولي ۾ ايندا هئا. هندو ماڻهن کي اچي خدشو ويٺو ته متان سندن ٻار کري ٻهر نه ٿين. سندن ڪنٽرول مان ته نڪري، اسان جي ڪنٽرول ۾ اچي ويا هئا. سو پاڻ ۾ صلاح ڪري پنئچات ويهاريائون. ان ۾ مامي جمعي کي به گهرايو ويو. مامون جمعو پئنچات ۾ ڀائپيءَ جي سڏ ڀرڻ خاطر وڃي حاضر ٿيو. پئنچات ۾ رڳو منهنجون ۽ ڪمال جون شڪايتون ٿيون. نيٺ مامي جمعي کان جواب طلبي ٿي. هو سياڻو ماڻهو، ٻانهون ٻڌي اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”مان ڀائپيءَ ۾ ڏنڊ ڏوھه ۾ هر طرح ٻڌل آهيان پر پهريائين ٻارن جو ڪو ڏوھ ته ٻڌايو! ڇا ڪڏهن چوري ڪئي اٿن، ڪڏهن ڪنهن هٽ تي پئسا رهت ڪيا اٿن، ڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ گهڙيا آهن، ڪڏهن ڪنهن نياڻي سياڻيءَ يا ماءُ ڀيڻ جي بيعزتي ڪئي اٿن؟“ هر ڳالھه ۾ پئنچات وارا نه! نه! ڪندا آيا. مامو جمعو پوءِ به هيٺاهين وٺي چيو ته ”پوءِ به جي اسان جا ٻار خراب آهن ته مان ٿو پئنچات کان معافي وٺان باقي ايترو عرض ڪندس ته توهان پنهنجن ٻارن تي ڪنٽرول ڪيو، اسين پنهنجن ٻارن تي ڪنٽرول ڪنداسون.“ هندو ماڻهو، نيت وارا، ڏاڍو خوش ٿيا. ٻئي ڏينهن جيڪو واڻيو ڏس سو پيو مامي جمعي جي ساراھ جا ڍڪ ڀري ته واھ جو ڀلو ماڻهو آهي؛ اسان تي ٻه ٽي ڏينهن امان ٻاهر نڪرڻ تي بندش وڌي پر چوندا آهن ته ’ٻار آهن ٻاڪرا ڦر‘ سو بندشون ٽوڙي اسين توڙي واڻين جا ٻار ڏينهن رات ٺينگ ٽپا ۽ مستي موج ڪندا رهياسون. ڪڏهن خطرناڪ ڪم به ڪندا هئاسون جو آڌي رات جو جهنگلي ٻوڙن ۾ اندر وڃي لڪي ويهندا هئاسون. ڪڏهن وڻن تي چڙهي ويهندا هئاسون ۽ پوءِ وڻ تان ٽپو ڏئي ڀڄي ويندا هئاسون.
اهڙن ڪارنامن ۾ منهنجو ساٿي هڪ هٽ واڻيو ڇوڪرو ڪرپال هوندو هو. ٻيو منهنجو پريت وارو دوست هوندو هو تلسي. اهو ته مونکي پنهنجي گهر به وٺي ويندو هو. اڳين ڏندن ۾ سون جون ميخون لڳل هئس. اهو الائي سونهن سينگار خاطر ڪيو ويندو هو الائي ڪو ٻيو سبب هئو. باقي ٻه ڄڻا پارو ۽ سيتل اسان جي اڳواڻي هيٺ نه آيا جو ٻيئي اسان کان عمر ۾ ڪجھه وڏا، قداور ۽ جانٺا هئا. ٻين سان ته وڙهي رعب رکي سگهجي پيو. پر هنن پهلوانن سان ڪير اٽڪي. انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويندا هئاسون. چئبو ته ڏاڍ ۽ طاقت، ليڊريءَ جو اهم جزو آهن. اسان ٻئي ڀائر جيڪي اهنڊ ۽ مهاڏو اٽڪائڻ وارا هئاسون، سي به انهن ٻن آڏو زهر جو ڍڪ پي چپ ٿي ويندا هئاسون. اچائيندا هو به ڪونه هئا. رڳو لاپرواهي ڏيکاريندا هئا يا هلڪي مخالفت ڪندا هئا. ممڪن آهي ته هو اسان کان اڳرائي ڪرائڻ لاءِ ائين ڪندا هجن جيئن جواب ۾ هو پاڻ بچاءَ جي آڙ هيٺ اسان کي ڦيھه ڪڍي سبق سيکارين.
مون ڏٺو آهي ته طاقتور ماڻهو اُپ ڪري نه وڙهندو آهي. جيڪي سو جهيڙي کي ٽاريندو آهي. اسان سان گڏ پڙهندو هو زمان شيدي، رنگ جو گورو هو، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پوءِ ڪاليج ۾. هو طاقتور، راندين ۾ چئمپين ۽ مشهور دادا هئو. پر جهيڙي مهل هميشه جهيڙو ٽاريندو هو. ڪي شاگرد کيس دانهن ڏيندا هئا ته ”فلاڻا اسان سان بيواجبي وڙهيا آهن، تون گڏجي هل ته هلي کين موچڙا هڻون!“ استاد زمان حاضر! حاضر! ڪري، کلندي کلندي، ڪلاڪ ڏيڍ کين ترسائي ٿڌو ڪري پوءِ چوندو هو ته ”هلو ته هاڻي هلون!“ پوءِ به اتي وڃي منٿ ميڙ ڪري هٿ ٻڌي ٻنهي ڌرين کي پرچائي کير کنڊ ڪري ايندو هو. اهڙو پيارو ماڻهو جو ڇا ڳالھه ڪجي. سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪيائين ڪٽپر وزير ٿيو ته کيس پرائيويٽ سيڪريٽري ڪري رکيائين.
ڪاليجن ۾ هزارين هندو شاگرد هئا. مسلمان جهڙو اٽي ۾ لوڻ ته به ٽي مسلمان ڇوڪرا اهڙا چڱا نڪتا جو ڪاليج چئمپين ٿيا. هڪڙو مظفر وفائي، مولانا وفائي جو وڏو فرزند، ٻيو استاد زمان، ٽيون ڪٽپر عبدالوحيد، مظفر وفائي به واھ جو شاندار ۽ مانائتو ماڻهو هو. سرڪاري نوڪري ڪيائين پر عزت نفس قائم رکيائين، نه ڪنهن جو ڳيجهو ٿيو، نه ڪنهن جو ٿورو کنيائين. بدلي سدلي، اهنج ايذاءُ پهتس پر نه ڪڏهن اف ڪيائين نه ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگيائين. عزت جو وقت گذاري پاڻ به گذاري ويو.
هن عمر ۾ جنهن جو پڇ ته چون ته گذاري ويو. پڇندي ئي ڊپ پيو ٿئي. رات هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ ويس ٻه ٽي جهونا ماڻهو مليا، هڪڙو مير محمد علي خان ٽالپر جو گدوءَ جي ڪوٽائي ميرن مان آهي ۽ چيف انجنيئر هو. اهو قرب سان ڀاڪر پائي مليم. ٻيو رشيد شيخ، عبدالوهاب شيخ جو ننڍو ڀاءُ ۽ پڻ ان جو به ننڍو ڀاءُ عبدالحفيظ شيخ، مزمل اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي سو به مليم . باقي جنهن جو پڇان ته چون ته گذاري ويو. عرض محمد ٽالپر چيف انجنيئر ڏاڍو پيارو ماڻهو هو سو به گذاري ويو. مير محمد علي خان جو ڀاءُ مير علي بخش ٽالپر جو اسان سان گڏ جج هئو سو به گذاري ويو. مير عباس علي خان جو هزهائينس مير حسن علي خان (جنهن جو تخلص سانگي هئو) جي خلف مان هئو سو به گذاري ويو پر سندس فرزند مير حسين علي خان جو انجنيئر هئو سو به گذاري ويو. مير محمد علي خان مونکي ٻانهن کان جهلي چيو ”جمال صاحب وڌيڪ نه پڇ. اجايو توکي به ڏک ٿيندو ۽ مونکي به!“ شيخ عبدالوهاب، جو منهنجو هم ڪلاسي ۽ دوست هو، سو الحمدالله حال حيات آهي ۽ گورنر جو صلاحڪار آهي. وهاب، رشيد، حفيظ سڀ ڀائر آهن. مون سندن والد مرحوم شيخ فضل الاهي به ڏٺو جيڪو نيڪ نمازي بزرگ هئو. سندن هڪڙي ڀاءُ کي بوٽن جو دوڪان شاهي بازار ۾ هئو. اهو به ڏاڍو با اصول ماڻهو هئو. شيخ فضل الاهي پهرين شاهي بازار ۾ پوءِ صدر ۾ ڪراچي هوٽل سامهون هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. اهڙو شريف ۽ با اصول ماڻهو جو جڏهن هندو لڏي هندوستان ويا ته فليٽ جي مسواڙ هر مهيني سالن جا سال، هندو مالڪ کي بمبئي مني آرڊر ڪندو رهيو. سچ چوندا آهن ته وڏن جو کٽيو سندن پويان کائيندا آهن. کٽيو معنيٰ نيڪين ۽ چڱاين جو انبار، نڪي پئسن جو ڍير. شيخ صاحب وچولي طبقي جو محنت ڪش ماڻهو هئو پر با اصول ۽ اشراف اهڙو جو جاءِ جي مسواڙ بمبئي لڏي ويل هندوءَ کي مني آرڊر ذريعي موڪليندو رهيو. سندس سڀئي پٽ ناميارا، دولتمند ۽ عزتدار ٿي ويا.
عبدالوهاب شيخ نهايت قابل، محنتي ۽ با اصول ماڻهو هو ۽ آهي. ڪلاس ۾ هميشه پهريون نمبر کڻندو هو. مان 40ـ1939ع حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول ۾ انگريزي ڇهين درجي (اڄ جو نائون ڪلاس) ۾ داخلا ورتي ته منهنجا هم ڪلاسي هئا عبدالوهاب شيخ، خالد اسحاق ۽ هالن وارو محمد سعيد انصاري. محمد سعيد راڳ جو اهڙو شوقين جو هر جمعي تي هاسٽل مان چوريءَ ڀڄي ويندو هو ۽ سڄي رات ڀٽ شاھ تي فقيرن جو ڪلام ٻڌي صبوح جو ڪجھه دير سان پهچي ويندو هو. هاسٽل جو استاد هوندو هو بالادي صاحب جو تمام سٺو منتظم ۽ ڪڙڪ مزاج هو، سو محمد سعيد کي نيٽ جي لڪڻ سان ڪُٽي رکندو هو. پر لاٽونءَ ساڳا چُگھه. محمد سعيد ڪونه مڙندو هو ۽ جمعرات ڀڄي وڃي شاھ جو ڪلام ٻڌندو هو. نه رڳو ايترو پر پتي جي ٻيڙي پيئندو هو ۽ سئنيما تي به روز ڀڄي وڃي فلم ڏسندو هو. فلمي گانا سڀ ياد هوندا هئس.
تنهن زماني ۾ پٺيان ٻيو ڳائڻ وارو ڪونه هوندو هو. هر ايڪٽر يا ائڪٽريس کي سڌو پاڻ ڳائڻو پوندو هو. مختار بيگم، ثريا بيگم، نورجهان، اما ديوي، ديويڪا راني ۽ ٻي هڪ نئين ڳائڻي پيدا ٿي ڪلياني. اها به واھه جو ڳائيندي هئي. محمد سعيد جي مونسان ڏاڍي چس ٿي وئي. شام جو هاسٽل مان منهنجي گهر هيرآباد ايندو هو ۽ ٻئي گڏجي غلام شاھه جي قبي تائين گهمڻ ويندا هئاسون. سانتيڪو نماشام جو ماحول ۽ محمد سعيد ڪونه ڪو گانو جهونگاريندو هلندو هو. تن ڏينهن غلام شاھ جي قبي تائين ڪابه جاءِ جڳھه ڪانه هئي سواءِ ميرن جي قبن جي ۽ ٻين ڪن مشهور ماڻهن جي قبرن جي. محمد سعيد راڳ جو اهڙو عاشق جو هڪ ڏينهن هلندي هلندي مونکي ٻانهن کان جهلي بيهي رهيو ۽ حيرت مان چيائين ”اڄ خبر پڙهيئي اخبار ۾؟“ مون چيو ”ڪهڙي خبر؟“ ته ناراض ٿي چيائين ”يار تون به ڪمال ٿو ڪرين. اهڙي وڏي خبر به ڪانه ٿو پڙهين؟“
”پر ٻڌاءِ آهي ڇا؟“ ” ٺهيو! ٺهيو! رڍ اڳيان رباب وڃائڻ جو ڪهڙو ضرور؟“ نيٺ منٿن ميڙن کان پوءِ چيائين ”بيبي نورجهان (مئڊم نورجهان 1940ع ۾ بيبي baby سڏبي هئي) جو آواز سائنسدانن، سمجھه ڊاڪٽرن ليبارٽري موڪليو چڪاس لاءِ ...“ پوءِ ڊرامائي انداز ۾ مونکان سوال ڪيائين ته ”خبر اٿئي ڇا نڪتو؟“ مون پڇيو ”ڇا؟“ ته بلڪل معمولي انداز ۾ چيائين ”شگر، يعني کنڊ ٻيو ڇا؟“ مون ڪاوڙ ۾ چيو ته ”آواز ۾ کنڊ ڪيئن هوندي؟“ ڪاوڙجندي چيائين، ”چيم نه ته رڍن آڏو رباب وڃائي ڇا ڪبو. هاڻي پاڻ وڃي فلاڻي اخبار جي فلاڻي صفحي ته پڙهجانءِ!“ (اهڙي ڪا اخبار هئي ئي ڪانه) ”ڀائو، نورجهان جي آواز ۾ شگر نه نڪرندي ته ٻيو ڇا نڪرندو، ڪجھه ته سمجھه!“ اهڙو سگريٽي ڀاڄوڪڙ ۽ راڳ جو عاشق ۽ بلا جو ذهين. پڙهندو ڪونه هئو، رڳو ڪلاس ۾ ڌيان سان استادن کي ٻڌندو هو ۽ هوم ورڪ ڪري ايندو هو.
وچ مدي وارا امتحان ٿيا ته پهريون نمبر محمد سعيد، ٻيو نمبر مان ٽيون نمبر عبدالوهاب چوٿون نمبر خالد اسحاق. رسيس ۾ عبدالوهاب اچي مون واري بينچ تي ويٺو ۽ چيائين ”جمال مان روزانو ارڙهن ڪلاڪ ٿو پڙهان ته به هي محمد سعيد جيڪو رڳو ٿو سئنيمائون ڏسي سو مونکي ماري ٿو وڃي، اهو ڇا آهي؟“ مون وٽ ته ڪو جواب نه هو پر حيرت ٿيم ته اسڪول جي نائين ڪلاس جو ٻار روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪيئن ٿو پڙهي. عبدالوهاب جي محنت رائيگان نه وئي. هو انجنيئري امتحان ۾ اول نمبر کڻي سڌو سنئون ڪلاس ون جو آفيسر ٿيو. تاج محمد شيخ ۽ عبدالوهاب جو ٻيو نمبر ڀاءُ عبدالرشيد به ائين پهريون نمبر کڻي سڌو ڪلاس ون جا آفيسر ٿيا. ڪمال ته تاج محمد شيخ جو هئو ڇاڪاڻ ته ڪاليج ۾ پڙهندي هو ٻارن ٻچن جو پيءُ هو. اهو به ڏاڍو محنتي ۽ پڙهاڪو هئو. پڇيومانس ته عيالدار هئڻ سبب سندس پڙهائيءَ ۾ رنڊڪ نٿي پوي؟ چيائين ته وڌيڪ ذميواري جي ڪري وڌيڪ محنت جو جذبو ٿو پيدا ٿئي.
محمد سعيد مئٽرڪ پاس ڪري عشق جي وڪڙ ۾ اچي ويو. پنهنجي مڱ ڇڏي رسي گهران نڪري ويو. کيس ڳولهي ڳولهي بمبئي مان لڌائون ۽ کيس پسند جي شادي ڪرايائون. سندس خانداني مڱ انهيءَ ڏک ۾ چوڙي چوڙي گذاري وئي. انهيءَ جرم جو احساس محمد سعيد کي آخر تائين ڏنگيندو رهيو، الله سائين سندس زندگي جهڙوڪر مونسان واڳي ڇڏي هئي. مون وٽ حيدرآباد الهندي ڪچي ۾ آيو، چي ”نوڪري وٺرائي ڏي!“ ... ”اڙي بابا مان پاڻ شاگرد مون کي ڪو سڃاڻي به ڪونه!“ بهرحال پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيومانس. اتي ٽائيفائڊ ٿي پيس. امان ويچاري، پنهنجي ٻچي جيان سندس خيال رکيو. پرهيز جو کاڌو تيار ڪندي هئي ۽ اڌ رات جو به وڃي سندس مٿي تي هٿ رکي بخار جو جائزو وٺندي هئي ۽ ننڊ مان اٿاري به کيس کير پياريندي هئي.
اهو نڀاڳو ٽائيفائڊ سڏبو ئي هو ’مدي جو بخار‘ جو ايڪيھه ڏينهن هلندو هو. خدا خدا ڪري محمد سعيد هلڻ چلڻ جهڙو ٿيو ته وري کيس نوڪريءَ جي لوري لڳي. مونکي پتو ئي نه پوي ته مان سندس نوڪريءَ لاءِ ڇا ڪيان. نيٺ پاڻ ئي رستو ڳولهيائين. چي ”هل محمد علي شاھ ڄاموٽ وٽ ۽ چئينس ته مونکي ماستريءَ جي نوڪري ڏئي!“ سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ تمام شاندار، اثر رسوخ وارو ماڻهو، سخي ۽ مهمان نواز هو. سندس بنگلي تي هميشه دعوتون، پارٽيون ۽ شيل شڪار جون ڳالھيون پيون هلنديون هيون. مان معمولي شاگرد، مان ڇا ٿي ڪري سگهيس. خير ٻئي گڏجي سندس سول لائينس واري بنگلي تي وياسون. دربان کي چيم ته ”شاھه صاحب کي چئه ته ٻه شاگرد ملڻ آيا آهن!“
شاھ صاحب هڪدم گهرايو. محمد سعيد اڳيان مونکي ڪيو پاڻ پٺيان پٺيان هلندو آيو. شاھه صاحب لان تي ڪرسيون وجهيون ويٺو هو. سٺي پرسنيلٽي، قدآور، بت جو ڀريل ۽ شڪل صورت جو سهڻو ۽ شاندار. هڪ ڳل تي نڪ ڀرسان ڪارو ڦڙو هئس جو به ڏاڍو ٺهيس ٿي. ڪرسين تي ويهاريائين ۽ خنده پيشانيءَ سان حال احوال پڇيائين. محمد سعيد ڏي اشارو ڪري چيومانس ته ”سائين هي منهنجو دوست آهي، مئٽرڪ پاس ڪئي اٿائين. وڌيڪ پڙهي نٿو سگهي، توهان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ آهيو، هي به توهان جي تر جو هالا نوان جو ويٺل آهي کيس مهرباني ڪري ماستريءَ جي نوڪري ڏياريو!“
شاھ صاحب مشڪندي پڇيو ته، ”۽ توکي ڇا کپي؟“ مون چيو ”سائين مان وڌيڪ پڙهندس!“ چيائين ”چڱو پنهنجي دوست کي چئه ته سڀاڻي مونسان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي آفيس ۾ اچي ملي!“ ٻئي ڏينهن کان محمد سعيد ماستر ٿي ويو. ٻن ٽن سالن کانپوءِ وري مون وٽ حيدرآباد آيو چي ”ماستريءَ مان بيزار ٿيو آهيان، ڪلارڪي وٺرائي ڏي!“ چي ”ڊاڪٽر ضياءَالدين شيخ وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي انهيءَ کي هلي چئه!“ اهو به نه منهنجو ڏٺل نه وائٺل پر هلياسون ڊاڪٽر صاحب جي صدر سولجر بازار حيدرآباد واري دواخاني تي.
ڊاڪٽر صاحب وٽ مريضن جي رش هئي سو ٻاهر ويهي رهياسون. رش گهٽ ٿي ته ٻئي گڏ اندر داخل ٿياسون ته چيائين ته هڪ هڪ ٿي اچي. مون چيو ”ڊاڪٽر مريض ڪونه آهيون، ٻنهي جو ساڳيو مسئلو آهي!“ ڊاڪٽر صاحب ذرو به رنجش جو آثار نه ڏيکاريو. مون پنهنجي واقفيت ڪرائي مانس ۽ عرض ڪيومانس ته محمد سعيد کي ڪلارڪي وٺرائي ڏي. ڊاڪٽر صاحب تمام ذهين ماڻهو هو. ڊاڪٽر صاحب محمد سعيد کان ٻه ٽي سوال پڇي کيس چيو ته ”ماستر آهين ڇا؟“ محمد سعيد اٿي بيهي پٺيان قميص سڌي ڪري جواب ڏنو ها سائين ۽ پوءِ ويهي رهيو. مون ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو ته ”توهان ڪيئن سمجهيو؟“ چيائين ”سندس اٿ ويھه جي ادائن مان.“ بهرحال ڪجھه ڏينهن کان پوءِ محمد سعيد ڪلارڪ ٿي ويو.
سال لنگهي ويا. پاڪستان ٺهي ويو. سرڪار طرفان اسپيشل اوور سيئر ڪورس اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ کوليو ويو. هڪ ڏينهن محمد سعيد اچي ٺڪاءُ ڪيو. مان تن ڏينهن ۾ جناح ڪورٽس جي ڪمرو نمبر هڪ ۾ مولا بخش سانگي (تخلص ساغر) سان گڏ رهندو هوس. ڀر واري ڪمري ۾ علي گوهر کهڙو رهندو هو. ٻئي ايل ايل بي جا شاگرد هئاسون. آغا امداد علي ولد جسٽس آغا حسن علي به اسان سان گڏ پڙهندو هو ۽ ڏاڍو هوشيار هو. امتحان ۾ آيو به اول نمبر ۽ بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين. محمد سعيد کان پچيم ته ڪيئن آيو آهين ته چيائين ته اين اي ڊي ۾ داخلا ورتي اٿم. مان به اين اي ڊي ۾ رهيو هئس سو سڀني دوستن ڪرنل محمد بچل سومرو، غلام عباس شيخ، محمد علي ٻگهيو ۽ ٻين سان واقفيت ڪرائي مانس. پنهنجي سلڇڻي طبيعت ۽ مزاج جي بدولت سڀني يارن دوستن جو مرڪز بڻجي ويو. البت مونکان ڪن هڻندو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجو اخلاق ۽ ڪردار سندس من چلي طبيعت سان ٺاھ ۾ نه پيو اچي. ڪراچيءَ ۾ به اهي ئي عادتون، روز سئنيما، ايلفيءَ جا چڪر ۽ سگريٽ. چيومانس ته ”تون گهر ٻار وارو، نوڪري به ڇڏي آيو آهين. پورت ڪيئن ٿو ڪرين؟“ چي ”يار اهڙيون ڳالھيون پڇي منهنجي لست نه وڃاءِ. رازدارانه انداز ۾ ٻڌايائين ته سندس سگهڙ وفادار گهر واريءَ کيس همٿائي نوڪري ڇڏرائي ڪاليج موڪليو هو ۽ پاڻ سڄو ڏينهن مشين تي اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي گهر به هلائيندي هئي ته مڙس کي پڙهائي جو خرچ به موڪليندي هئي.“ چيائين ته ”ايترو ڪم ٿي ڪري جو رات جو ٿڪجي، مشين تي ئي مٿو رکي سمهي ٿي پوي.“ محمد سعيد کي به ايڏي تانگھه هوندي هئي جو ڇنڇر آچر تي ڪيئن به ڪري هالا ويندو هو ۽ گهر واري ۽ ٻارن سان ٻه ڏينهن يا ڏيڍ ڏينهن گذاري ايندو هو.
پر مڙس هو دل ڦينڪ عاشق، هڪ ڏينهن گاڏي کاتي واري چونڪ وٽ جنهن کي اصل لامبٽ مارڪيٽ چيو ويندو هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان کي مسلمان ڪري پاڪستان چونڪ بڻائي ڇڏيائون، اتان لنگهياسون ته ڪاري برقعي ۾ هڪ ڇوڪري تڪـڙو تڪڙو هلي اچي سندس اڳيان بيٺي. سندس نالو وٺي گلا شڪوه شروع ڪيائين. اردوءَ ۾ پي ڳالهايائين. محمد سعيد منجهي پيو چيائينس ”ڀڄ پري، آهين ڪير؟“ ته ڇوڪريءَ کڻي برقعو مٿي ڪيو. چي ”تنهنجي پٺيان توکي ڳولهيندي ڳولهيندي اچي هت لڌو اٿم، تون سڃاڻين به ڪونه ٿو!“ مان هٽي پرڀرو ٿي ويس. محمد سعيد ڪافي ڦٿ ڦٿ ڪري، ڪجھه تيزي تنديءَ سان ڪجھه هيٺاهين وٺي کانئس جند ڇڏائي. پوءِ ٻئي گڏ رام باغ روڊ ڏي روانا ٿياسون.
مون آڏو ڦڪو ڦڪو ۽ گناھگار پئي محسوس ڪيائين ڇو ته خبر هئس ته مان اهڙين ڳالهين تي سخت ڪاوڙبو آهيان. صفائي پيش ڪندي چيائين ”حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ انهيءَ ڇوڪريءَ جو گهر ٻه فرلانگ کن پري هو پر بالڪنيءَ مان روز نظارو ٿيندو هو. هڪ ڏينهن پاڻهئي اچي مون وٽ نڪتي.“ پوءِ ساڌ بڻجي ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين ”جمال جي وڻ هيٺان ويٺي ڪو پڪل انب اچي جهوليءَ ۾ ڪري ته ڦٽو ته ڪونه ڪبو ضرور کائي وٺبو!“
”مهرباني ڪري مونکي ليڪچر نه ڏي!“ پوءِ به مون تارا ڦوٽاري کيس دڙڪو داٻ يا هيٺ ڦيٺ ڪئي. ته به چيائين ته ”توبھه ڪيم انهيءَ ڇوريءَ ڏي وري ڪونه ويندس پر يار نينهن نظارا ته ڪونه ڇڏبا!“ مون چيو ”منهن تي نظر پئجي وڃي ته نظر ڦيرائي ڇڏجي.“ چيائين ”نڪو، ٿورو ٻه چار انچ هيٺ نظر وجهي پوءِ ڦيرائجي!“ ڏاڍو زنده دل ماڻهو ۽ حياتيءَ جو ڀرپور مزو وٺندڙ شخص هو. امتحان جو نتيجو نڪتو ته محمد سعيد سڄي ڪاليج ۾ پهريون نمبر! مان سندس ذهانت جو قائل ته هئس پر هيترا سال نوڪري ڪندي ۽گهر گرهستيءَ کي سنڀاليندي، ڪراچيءَ جي رنگينين مان مزو وٺندي، چرچا ڀوڳ ڪندي انجنيئري جي امتحان ۾ پهريون نمبر! ته بلڪل لاپرواهيءَ سان جواب ڏنائين ته ”ائين ته ٿيڻو ئي هئو!“ ڄڻ ته اها تمام رواجي ڳالھه هئي. ايڏي خود اعتمادي!
هڪ رات، لڙي اڌ رات، ٻه چار ڇوڪرا آيا. اچي مون کي ننڊ مان اٿاريائون چي ”محمد سعيد آخري پساهن ۾ آهي!“ ڊوڙندو ويس. ڏٺم ته صفا پيلو جهڙو هيڊ ۽ ٻن ٻن منٽن کان پوءِ ڏندڻي بيهوش ٿي پيو وڃي. مون هڪدم ٻه ڇوڪرا موڪليا ته پوسٽ آفيس مان فون ڪري ايمبولنس گهرائي وٺن. کيس کڻائي سول اسپتال ويس. ڊاڪٽر چيو ته ”اپينڊڪس ڦاٽي پئي اٿس هڪدم آپريشن ٿيندي! فلاڻي سرجن کي وٺي آ.“
اهو ڊاڪٽر گاڏي کاتي وٽ رهندو هو. ان کي ننڊ مان اٿاريم ته هڪدم هليو آيو. نالو وسري ويو اٿم، شايد ڊاڪٽر تاراچند هو. هندو ماڻهو ايڏا شيواڌاري جو آڌي رات جو بنا في وٺڻ جي هلي آيو ۽ اچي آپريشن ڪيائين. اڄڪلھه اهڙي ڳالھه نا ممڪن پئي لڳي. ڌني رام بلڊنگ ۾ محمد سعيد جا ٻه ڳوٺائي محمد صديق ميمڻ ۽ ٻيو شفيع محمد ميمڻ جيڪو بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. محمد حسين لوهر جو تمام سلجهيل، سنجيدو ۽ با اصول ماڻهو هو تنهن سان گڏ رهندا هئا. محمد صديق بعد ۾ حيدرآباد ۾ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. محمد حسين لوهر سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي ترڪ سڏائڻ لڳو. هوندو ترڪ، لوهر ته ڌنڌو آهي. ٻه ڇوڪرا موڪليم ته وڃي محمد سعيد هالائي جي ڳوٺاين کي اطلاع ڪن ته محمد سعيد نازڪ حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي.
ڇوڪرا جلدئي موٽي آيا چي ”خواھه مخواھ اسان کي دڙڪا کارايئي. چون پيا ته بابا اسان جو ڇا وڃي جو اڌ رات جو اچي اسان کي ننڊ مان اٿاريو اٿوَ!“ مون ٻن ٻين ڇوڪرن کي موڪليو ته ”مسز محمد سعيد جي نالي ارجنٽ تار موڪلين ته محمد سعيد نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل آهي!“ ٽيليفون تن ڏينهن ۾ هئي ڪانه. اهي تار ڪري آيا. ايتري ۾ محمد سعيد کي آپريشن ٿيئٽر مان ٻاهر آندائون. سڄو پي ڪرڙيءَ وانگر ڏڪيو. مان ڊڄي ويس. ڊاڪٽر کي وٺي آيس. ان رٻڙ جي ٿيلهين ۾ گرم پاڻي وجهرائي سندس مٿي ۽ پيرن کان رکرايون. مون ڇوڪرن کي چيو ”توهان موٽي وڃو هاسٽل!“ ته پڇيائون ته ”تون؟“ . مون چيو ”مان هت اسپتال جي ورانڊي ۾ سمهي پوندس، توهان وڃو.“ مان هر ليٽي پوان هر وڃي محمد سعيد کي ڏسي اچان. ائين صبوح ٿي ويو.
ڪجھه وقت کان پوءِ محمد سعيد جي گهر واري ۽ سهرو به اچي ويا. پوءِ مان اطمينان سان موٽي هاسٽل آيس.خدا جو شڪر! محمد سعيد نوبنو ٿي هاسٽل ۾ موٽي آيو ۽ امتحان پاس ڪري وڃي آبپاشي کاتي ۾ سرويئر ٿيو. ضمير وارو ماڻهو هو. رشوت ڪونه ورتائين ۽ نه پئسو ٺاهيائين. بس سکيو گذر سفر ڪندو هو. هوڏانهن ميرپورخاص جو ڏاتر ڏنو سال ٻن اندر لک پتي ۽ موٽر ڪار وارو ٿي ويو. ڏاتر ڏني جو وڏو ڀاءُ دڪاندار هو سو مونسان مليو ۽ حسرت مان چيائين ته ”هي ته ڏاڍي سٺي بزنيس آهي جيڪر مان به دڪان بند ڪري اها بزنيس ڪيان.“
گهڻن سالن کانپوءِ محمد سعيد لاڙڪاڻي ۾ روڊس ۽ بلڊنگس جو انجنيئر ٿي آيو. رهيو اسان جي (شمس جي آفيس) اوطاق ۾. ادا مرحوم جي اوطاق جا دروازا هميشه ۽ هر ڪنهن لاءِ کليل هئا. هر ڪنهن کي عزت آهر ماني ٽڪي کٽ بسترو ۽ آڌر ڀاءُ ملندو هو. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ محمد سعيد لاهوري محلي ۾ جاءِ مسواڙ تي وٺي اڪيلو رهڻ لڳو. اتي هڪ ڇوڪري زوريءَ سندس ڳچيءَ پئجي وئي. مون تائين اها ڳالھه پهتي ته ادا شمس کان پڇيم جو ان ميدان جو ڄاڻو هو. ادا مرحوم کلي هائو ڪئي. ڳالھه انهيءَ حد تي پهتي جو اها ڇوڪري محمد سعيد سان گڏ گهر ۾ زال وانگر رهڻ لڳي. ڳالھه ايترو هُلي وئي جو محمد سعيد جي گهر واري هالن کان هلي لاڙڪاڻي آئي. اسان جي گهر منهنجي گهر واريءَ سان ملي افسوس وچان چيائين، ”ادي، ڏس ته، جيئري ئي بيوفائي!“
مونکي جڏهن پنهنجي گهر واريءَ اها ڳالھه ڪئي ته مون محمد سعيد کي اهڙي ڇنڊ ڪڍي، اهڙي ڇنڊ ڪڍي جو ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويو هوندس. پوءِ مونسان سڄو قصو بيان ڪيائين ته ڪيئن پهرين کيس ننڍي ڀيڻ هٿان سلام موڪليائين، جنهن کي دڙڪا ڏيئي موٽائي ڇڏيائين ته ٿوريءَ دير کان پوءِ وري اها ٻارڙي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ٻوڙ ماني کڻي آئي ۽ چيائين ته ”اڪيلو آهين ادي چوي ٿي ته ماني نه موٽائجانءِ.“ چيائين ته ”اها به نه کاڌم. ٻئي ڏينهن ٻن پهرن جو ٿڪو ٽٽو ليٽيو پيو هئس ته هڪ تمام سهڻي جوانڙي چُپڙي ڪري اندر گهڙي آئي ۽ پٽ تي ويهي مون کي زور ڏيڻ شروع ڪيائين؛ مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ منهن ورائي دڙڪو جو ڏنومانس ته کڻي برقعي جو پلئه مٿي ڪيائين. جمال تون ٻڌاءِ ته پوءِ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي. هاڻي ليڪچر نه ڏجانءِ. هر عورت ماءُ ڀيڻ ته ڪونهي، حقيقت ۾ ڪنهن به عورت کي ادي ڀيڻ چوڻ ئي سندس عورتپڻي جي توهين آهي!“
گهڙي سوا ته مونکي به ماٺ وٺي وئي. هر ڳالھه ۾ ڪجھه نه ڪجھه وزن ۽ ڪجھه نه ڪجھه سچ جي جهلڪ هجي ٿي پر اهو سچ سمورو سچ نه آهي. في الحال مان بي هٿيار ٿي هليو ويس. ادا شمس سان ڳالھه ڪيم ته مشڪي چيائين ته ”وڏي استاد عورت آهي ۽ پيشه ور آهي. شڪارپور واري مختيارڪار غوث علي شاھ جي ته رکيل آهي. چوين ته رات هت اوطاق تي گهرائي توکي ڏيکاريان!“ پوءِ ته هٿياربند سپاهيءَ جيان محمد سعيد جا اهڙا نڪ وڍيم جو اچي ششدر ٿيو. پر پڃري ۾ ڦاٿل ڪبوتر هو سو چيومانس ته ”نڪر لاڙڪاڻي مان، بدلي ڪرائي وڃ!“ صالح طبيعت ته هئو. ڏٺائين ته پاڻ به بدنام ٿيندو ۽ سندس گهرو حياتي به تباھ ٿيندي سو منهنجي صلاح وٺي بدلي ڪرائي ويو، پر ان مائيءَ جيڪي سک ڏنا هئس سي ياد ڪندو رهندو هو. پنهنجي گهر ٻار سان نهايت سچو ۽ وفادار هو. ٿاٻو ته هر ڪو ماڻهو کائي ٿو. نيٺ ته گوشت پوست جي زندگي آهي جنهن جون بشري تقاضائون آهن.
وري 1959ع ۾ جڏهن مان خيرپور ميرس ۾ هئس ته محمد سعيد جي قابليت جو ٻڌي چيف انجنيئر محمد سليمان ميمڻ کيس بدلي ڪري پنهنجي هيڊ آفيس سکر ۾ سپرنڊنٽ ڪري رکيو. اها ته جهڙي سزا جو هڪ آفيسر کي ڪلرڪيءَ جو ڪم ڏئي ڇڏجي. مون وٽ پريشان پريشان آيو ”چي نه اٿم گهر، نه نوڪر، نه ڪا ٻي سهولت، منهنجو بنگلو مخدوم هائوس وڏو هو جنهن ۾ اوطاق وغيره الڳ هئا. سو چيومانس ته ”مون وٽ رهي پئه. ماني ٽڪيءَ جو فڪر نه رهندو ۽ خيرپور سکر سڄو ڏينهن بسون ٽئڪسيون پيون وڃن، صبوح جو وڃجانءِ شام جو موٽي اچجانءِ!“ ڪمال منهنجو ڀاءُ به مونسان رهندو هو جو ان کي به انجنيئري اسڪول سکر ۾ ليڪچرر ڪري رکيو هئائون. ڪمال جي تازي شادي ٿيل هئي سو ڇنڇر آچر تي حيدرآباد پنهنجي گاڏيءَ ۾ گهر ويندو هو. محمد سعيد به ڪو ڇنڇر آچر ڪونه ڇڏيندو هو سو ڪمال کي چيائين ته ”مان به سکر مان سوير ڀرو موٽندس مونکي کنيون هلجان ۽ هالا ۾ لاهي ڇڏجانءِ!“
ڇنڇر ڏينهن ڪمال، محمد سعيد جو انتظار ڪيو پر هن کي ڪجھه دير ٿي وئي سو ڪمال روانو ٿي ويو. اچڻ ساڻ، ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي مونکي چيائين ته ”ٽئڪسي گهرائي ڏي ته مان هالا ويندس!“ سمجهايومانس ته ”ريل گاڏيءَ ۾ هليو وڃجان صبوح ڌاري پهچي ويندين!“ پر هن کي اهڙي آنڌمانڌ جو چيائين ته ”ٽئڪسي گهرائي ٿو ڏين يا مان پاڻ وڃان ٽئڪسي اسٽينڊ تي.“ مون پنهنجي پٽيوالي در محمد کي موڪليو ته رعايت سان هالا لاءِ ٽئڪسي ڪرائي اچي. در محمد موٽي آيو. چيائين ته ”سائين ٻه سؤ رپين کان گهٽ ڪوئي نٿو وٺي!“ مونکان به رڙ نڪري وئي ته ”سڄا سارا ٻه سؤ رپيا!“ جي اڄڪلھه جي چئن پنجن هزارن جي برابر هئا. پر محمد سعيد چيس ته ”بابا پوءِ وٺي اچ نه، دير پئي ٿئي!“ در محمد ويو ٽئڪسي وٺڻ.
مون محمد سعيد ڏي عجب مان نهاريو ته منهنجو هٿ جهلي ڏاڍي پياري ڳالھه ڪيائين. ذهين ۽ مزاح جو بادشاھ ته هئو. چيائين، ”ميان جمال صاحب، هو (يعني ڪمال) جنهن جي شاديءَ کي اڃا ارڙهن ڏينهن ٿيا آهن، سو ڀڳو ٿو وڃي. منهنجي شادي کي ارڙهن سال ٿيا آهن، ارڙهن سال! فرق ته ڏس نه. ڪجھه سمجھه!“ مون چيو ”سمجهاءِ. چي ميان ارڙهين سالن جي رفاقت ائين آهي جيئن منهنجي پير ۾ زنجير جنهن جو ٻيو ڇيڙو هالا ۾ منهنجي گهر جي کٽ سان ٻڌل آهي. ڪاڏي به چران پران، هلان چلان ته اهو زنجير پيو ڇڪي!“ مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ محمد سعيد ٻه سؤ رپيا ڀري ٽئڪسيءَ ۾ پنهنجي رفيقه حيات سان ملڻ خاطر هالا روانو ٿي ويو. مونکي انگريزيءَ جو مشهور نظم اسڪاءِ لارڪ ياد اچي ويو ته زمين جو پکيئڙو ڪيئن وٺي ٿو آسمان ڏي اڏامي ۽ وري اچي ٿو زمين تي لهي ۽ اهڙي طرح پر خلوص ۽ سچو آهي پنهنجي زمين سان به ته آسماني اڏام سان به.
هڪ ڏينهن ٽپهريءَ جو ٿڪل ۽ پريشان سکر کان موٽيو. اچڻ سان چانھه جي فرمائش ڪيائين. مون ٻاهر نڪري پنهنجي بورچي نظر محمد کي چيو ته هڪ ٿلهو اوڦراٽو، جنهن کي اڄڪلھه پراٺو ٿا چون، سچي گيھه ۾ تري چانھه سان گڏ کڻي اچ. محمد سعيد ٿورو مشڪيو ۽ سڄو ٿلهو اوڦراٽو چانھه سان کائي ويو. پوءِ مونکان پڇيائين ته ”تو ڪيئن سمجهيو مان بکارو آهيان ۽ ماني ڪانه کاڌي اٿم!“ ڪهڙو جواب ڏيان. چيم ته ”ماءُ ڪيئن سمجهي ويندي آهي؟“ جواب وڻيس. چيائين، ”سچو آهين“. پريشاني جو سبب پڇيومانس. ٻڌايائين ته سندس چيف انجنيئر سليمان صاحب کيس گهرائي چيو ته ”ٻڌو هئم ته تون ڏاڍو قابل آهين پر مون ته تو ۾ ڪا خاص قابليت ڪانه ڏٺي.“ مون به چئي ڏنومانس ته ”صاحب گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪو رمائينڊر (دٻ نامو) آيو آهي ته فلاڻي معاملي يا ليٽر جو جواب نه ڏنو اٿؤ!“ سوچي چيائين ”واقعي ڪا به جواب طلبي نه ٿي آهي.“ چيومانس ته ”صاحب انهيءَ کان وڌيڪ، آفيس ڪم جي ٻي ڪهڙي ثابتي ٿي سگهي ٿي جو ڪوبه جواب طلبيءَ جو ليٽر نه آيو آهي ۽ سڀ ڪم وقت اندر ۽ صحيح جواب ۽ صحيح انگن اکرن سان ڏٺو ويو آهي. ڇاتي ٺوڪي چيومانس ته ڀلي ڪو انجنيئر، سپرنڊنٽ انجنيئر، چيف انجنيئر يا ٻيو ڪو صاحب هن غريب معمولي ماڻهوءَ مان ڪا ڀل چڪ يا غلطي ڪڍي ڏيکاري.“ ماٺ وٺي ويس پوءِ به شابس ڪونه ڏنائين. جيڪي سو چيائين ”چڱو هاڻي وڃ، وڃي پنهنجو ڪم سنڀال!“ ڏٺم ته محمد سعيد جهڙي ذهين، محنتي ۽ ذميوار آفيسر کي انهيءَ معمولي واقعي ڏک پهچايو هو. ڇو نه ٿئي؟ قدر ته ڪو نه ٿو ٿئي الٽو ڪيڙا ڪڍيا وڃن. اهو اڄڪلھه معمول ٿي ويو آهي.
انگريز آفيسر جڏهن منزل انداز ٿيندا هئا ته ماتحت عملدار خوش ٿيندا هئا. مثلاََ ايس پي صاحب ٿاڻي جي چڪاس جو پروگرام ٺاهيندو هو ته ٿاڻي تي جشن جو سمو اچي ويندو هو. معمولي سپاهي به پنهنجون ورديون ڌوئاري پاڻ استري ڪري، پٽي ۽ پتل جي بڪل کي چمڪائي بوٽ پالش ڪري وڃي سامهون بيهندا هئا. ڪماني صاحب ايندو هو ته هڪ هڪ وٽان لنگهندي، مشڪندو هو ۽ هر ڪنهن کان هڪ ئي سوال پڇندو هو، ”سڀ ٺيڪ آ“. اٽينشن ۾ کڙيون ملائي، سيلوٽ ڪري سڌو سنئون عرض ڪندا هئا بدليءَ جو، پروموشن جو، ڪوارٽر جي مرمت وغيره ۽ صاحب هر ڪنهن جو نالو ۽ سندس گهرج نوٽ ڪرائيندو ويندو هو ۽ گهڻو ڪري سڀني جا ڪم ٿي ويندا هئا. ڪن کي شاباس، ڪن کي آفرين ناما ملندا هئا. اڄ ائين ناهي. جيڪو عملدار اچي ٿو سو چڪون ڪڍي ٿو ۽ ڪاوڙ دڙڪا ۽ دهمان وجهي هليو ٿو وڃي. پوءِ ڪنهن جي دل چوندي ڪم تي!
حقيقت ۾ بالا عملدار پاڻ ڪورا ڄٽ آهن ۽ حالتن ۽ حقيقتن جي ڪا خبر ڪانه اٿن. وري قائدن قانونن جي به ڪا خبر ڪانه اٿن. اڄڪلھه جا وزير سڳورا به ائين آهن. کاتي جي سيڪريٽريءَ کي ته سمجهندا اول نمبر جو دشمن، ڇاڪاڻ ته هو کين قاعدن قانونن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ڪوبه ڪم يا معاملو صحيح نموني سان نپٽائڻ جي صلاح ٿو ڏئي. وزير صاحب وري سمجهن ٿا ته هو کين تپائي ٿو وڃي. پوءِ گارگند ۽ ڦوڪ شوڪ تي لهيو اچن. ڦوڪ شوڪ ڪاوڙ ۽ رڙيون ڪندو ئي اهو آهي جنهن وٽ ڪو جواز نه هوندو آهي ۽ ڄاڻندو آهي ته سندس ڪيس (مدعا) ڪمزور آهي. پوءِ رڙين کان سواءِ وٽس ڪو چارو نه هوندو آهي.
1974ع ۾ هڪڙي وزير صاحب وٽ سيڪريٽريءَ وٽان ڪا سمري آئي. سمري معنيٰ ڇنڊ ڇاڻ ڪري آخري تت پيش ڪرڻ. اها سمري وزير صاحب جي تقاضا مطابق نه هئي، پر سور پي صحيح ڪري ڇڏيائين. مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته، ”يار، هي ماڻهو (پنجابي ۽ مهاجر سي ايس پي آفيسر) واقعي ڏاڍا قابل آهن.“ غلط ڳالھه کي برداشت ڪرڻ جي قوت مون ۾ ڪجھه گهٽ آهي. ان تي غصو به ايندو اٿم ۽ ڳالهائڻ جو به ڪجھه کرو آهيان. چيومانس ”هائو سائين سچ ٿا چئو، اهي قابل آهن ڇاڪاڻ ته توهان جي جائز ڪم ۾ به رنڊڪون وجهي قائدن قانونن جو ڄار اڇلي توهان جو ڪم نٿا ڪن، ۽ اسين آهيون ناقابل جو توهان جي ناجائز ڪم کي به قائدن قانونن جي وڪڙ ۾ آڻي توهان جي لاءِ سهولت پيدا ڪري ڇڏيون.“ ڳالھه ڪجھه دل سان لڳس سو قلم هيٺ رکي، لونڌڙيءَ تي آڱريون ٽيڪي مونکي چتائي ڏسي چيائين ته ”يار چوين سچ ٿو. مونسان ڪجھه حجائتو به هئو سو دل ۾ ڪونه ڪيائين.“ ائين وزير صاحبن کي خبر پوي پاڻ ڪونه ۽ ڏوھ ماتحتن جو. ٻيا به ڪيئي اهڙا واقعا آهن پر هڪ جو ذڪر ڪري ڇڏجي ته چڱو، وري آنٽ تي چڙهي الائي نه.

3

ممتاز علي خان ڀٽي جهڙو قابل ۽ سختگير چيف منسٽر هو ته مونکي وزير قانون سيد قائم علي شاھ، جو منهنجو مهربان دوست آهي، تنهن چيو ته ”مسٽر ابڙا، صاحب توهان تي ڏاڍو ناراض آهي.“ مون چيو ته ”ڇو؟“ ته چيائين ته ”صاحب کان ڪير پڇي؟“ ممتاز صاحب کان ايڏو ڊڄندا هئا جو ڪو به وزير ساڻس حجت ڪونه ڪندو هو. ساڻس ملڻ کان به ڇرڪندا هئا. مون پاڻ ڏٺو ته ڄام صادق علي جهڙو گهاگھه ماڻهو به ٻاهرملاقاتين جي ڪمري ۾ اچي ويهي رهيو ۽ پٽيوالي کي سڏي کانئس پڇيائين ته صاحب جو موڊ ته ٺيڪ آهي يا ڪاوڙيو ويٺو آهي. جڏهن پٽيوالي دلجاءِ ڏنس ته پوءِ کيس چيائين ته صاحب کي ٻڌاءِ ته صادق علي آيو آهي. مونکي به ان ڏينهن بلڪل مقرر وقت تي سڏايائين ۽ اسيمبلي معاملن بابت ڪجھه معلومات ۽ هدايتن کان پوءِ چيائين ته ”بس توهان ڀلي وڃو !“ پر مان ڪونه اٿيس ته سواليه نظرن سان مون ڏانهن نهاريائين. اتي مون چئي ڏنومانس ته ”مون کي ٻڌايو ويو آهي ته توهان منهنجي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيو “ ته هڪدم چيائين ته ”مخالف ڌر وارن سان ايترا رابطا نه رکندا ڪيو.“ مون چيو ته ”هر ميمبر مون لاءِ پي آءِ وي آهي. سندن مسئلا حل ڪري مان جيڪي سو حڪومت جي مدد پيو ڪيان ته اجائي واويلا نه ٿئي.“ ممتاز صاحب نهايت ذهين ماڻهو آهي. هڪدم سمجهي ويو. ان ڪري منهنجي ڳالھه اڌ مان ڪٽي چيائين ”آل رائيٽ، گو اهيڊ“ يعني ٺيڪ آ، ڀلي ائين ڪر. وڌيڪ ترسڻ ۽ چوڻ جي گنجائش ڪانه هئي سو اٿي هليو آيس. سيد قائم علي شاھ صاحب کي چيم ته ڳالھه ۾ ته ڪجھه نه هو. مون ته مخالف ڌر جي ميمبرن جي شڪايتن جا در بند ٿي ڪيا ۽ سندن ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي. جي ائين نه ڪيان ته اسيمبلي جي ايوان ۾ به وڳوڙ ڪن ۽ اخبارن ۾ به دانهون ڪن. اها ڳالھه سچ هئي ۽ سچ کي پنهنجو وزن ٿيندو آهي ۽ سائين قائم علي شاھ کلي کڻي ماٺ ڪئي.
هونئن حقيقت اها آهي ته مخالف ڌر وارن ظهور حسين ڀوپالي، شاھ فريدالحق، مدني صاحب ۽ ٻين سڀني کي مان تمام گهڻي عزت ڏيندو هئس ۽ سندن اسيمبلي اندر مسئلا هڪدم حل ڪندو هئس. بعضي ته اختيارن کان ٻاهر وڃي به سندن مدد ڪندو هئس. مثلاََ سيد احد يوسف جي ميمبري خلاف عدالت ۾ درخواست پيل هئي. هن جي شنوائيءَ جي تاريخن تي اجلاس پيو هلي ته ڪيس جي ٻڌڻي باربار ملتوي ٿي ٿي وئي. سيد احد يوسف ۽ ڀوپالي مون وٽ ايندا هئا ته اجلاس جون تاريخون اهڙيون مقرر ڪرايو جو ڪورٽ جي شنوائيءَ تي اثر نه پوي. مان به هڪدم چوندو هئس حاضر! جيئن حڪم. حالانڪ اجلاس سڏائڻ جو اختيار سيڪريٽري جو نه، پر گورنر ۽ چيف منسٽر جو آهي پر سمري اهڙي ٺاهبي هئي جو مخالف ڌر جو به ڪم ٿي وڃي. انهيءَ ۾ ڀلا ڪنهن کي ڪهڙو نقصان يا حرج. پاڻ جيڪي سو عدالتن جي ڪم ۾ مداخلت نٿي ٿي. اهڙا ٻيا ڪيئي واقعا جن جي تفصيل ۾ وڃڻ اجايو ٿيندو.
ذڪر هليو پئي منهنجي دوست محمد سعيد انصاريءَ جو، جيڪو بالا آفيسر جي هڪ معمولي رمارڪ تي ڏکارو ٿي ويو ۽ چڙ به آيس. اها نشاني آهي هڪ قابل ۽ با ضمير انسان جي، نه ته مون اهڙا آفيسر به ڏٺا آهن جيڪي گاريون ۽ دڙڪا کائي به کلندا ٻاهر نڪرندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي وزن ۽ افعال جي ڄاڻ هوندي آهي ۽ هو هرقسم جي بيعزتي هضم ڪري ويندا آهن. ٻئي طرف باضمير ۽ قابل ماڻهو پنهنجي عزت نفس جي بچاءُ ۾ هر جوکم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال جڏهن اسسٽنٽ انجنيئر ميرپورخاص هو تڏهن سندس چيف انجنيئر جماڻي صاحب هئو، جو تمام ايماندار، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهو هو پر مرحوم ۾ وِڏ هئي جو گاريل هئو. انجنيئرن وغيره کي به گاريون ڏيندو هو.
ميرپورخاص، ڪمال جي حد ۾ انسپيڪشن تي آيو ته وقت کان اڳ بندن تي پهچي ويو. ڪمال کي ٽي شوق هئا: هڪڙو ته ڪپڙا سٺا پائيندو هو، ٻيو فرنيچر ۽ رهائش چڱي رکندو هو، ٽيون بورچي سٺو رکندو هو. ان ڏينهن به فل سوٽ پائي ٽاءِ ٻڌي، نئين جيپ ۾ چڙهي روانو ٿيو. نئين جيپ وِليز تن ڏينهن پرمٽ تي ڇهن هزارن ۾ ملندي هئي ۽ اهڙي پرمٽ ادا شمس کيس خانبهادر ايوب کهڙي چيف منسٽر کان وٺرائي ڏني هئي. ڪمال ائين ٺاٺ باٺ سان پنج منٽ کن دير سان پهتو ته جماڻي صاحب اڳ ۾ ئي ماتحتن کان ڪاوڙ ۾ پڇي رهيو هو ته ”اڙي اهو ايس ڊي او، ڪمال، ڪمالڙو آهي ڪهڙو؟“ ته ڪمال به جيپ مان لهي، ڪوٽ لاهي جيپ ۾ اڇلايو ۽ ٽاءِ به کولي ڍري ڪيائين ۽ پوءِ ٻانهون کنجي جماڻي صاحب آڏو بيهي اکيون اکين ۾ ملائي چيائينس ته ”اهو ڪمال مان آهيان مان، چئه ڇا چوڻو اٿئي!“ جماڻي صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ چيائين ”بابا تون ته ڪو زورآور آهين مون ته ائين پي پڇيو.“ ڪمال وري به چيس ته ”ڪا به غلطي پڪڙي هجيوَ ته ٻڌايو!“ جماڻي صاحب ”نه بابا! نه!“ چئي هليو ويو.
جماڻي صاحب ته وري به شريف ماڻهو ۽ سٺو آفيسر هئو. بلوچ شير محمد آبپاشي کاتي جو سربراھ سيڪريٽري ۽ ڏاڍو ڏنگو ۽ وير وٺو ماڻهو هو. ان سان به اٽڪي پيو سندس ناجائز وهندڙ واٽر ڪورس زوريءَ ٻڌي ڇڏيائين. بلوچ صاحب انڪوائري ٽيم موڪلي ته وڃي هن ايس ڊي او جون غلطيون پڪڙي رپورٽ ڪيو. انڪوائري ٽيم آئي ته مون ڪمال کي سمجهايو ته ”ڳالھه کي نه وڌائجي ۽ ڪجھه هيٺاهين وٺي ٺاھ جي صورت حال پيدا ڪجي!“ واھ ڪمال واھ، مونکي اهڙو جواب ڏنائين جو مون لاءِ سبق آموز هو. ڏاڍي پر اعتماد لهجي ۾ ٻئي تريون کولي چيائين ته ”سائين منهنجا هٿ صابڻ سان ڌوتل آهن، هن جا هٿ ڊيزل سان ڪارا آهن، مونکي ڇا ڪندا، جيڪي وڻين سو ڪن“ واقعي ٿيو به ائين جو ڪمال جي توڙي سندس آفيس جي ڪابه غلطي هٿ نه آين، پر بلوچ صاحب ڪمال جو پروموشن ماري ڇڏيو. سندس پٽ عالم بلوچ، ڪمال کان به جونيئر هو، ان کي ٽپائي انجنيئر ۽ ايس. اي ڪري ڇڏيائين جو نيٺ وڃي فيڊرل سيڪريٽري ٿيو. عزت نفس ۽ سچ ڳالهائڻ جو صدقو ته ڏيڻو ئي پوي ٿو.
ڪمال انجنيئري کان مٿي نه چڙهيو. جڏهن ميرپورخاص ۾ هو ته رانا چندر سنگهه، جو ڳالهائڻ جو سخت، کهرو ۽ ويڙهو آهي تنهن سان منهن ماري ٿيس ۽ هن صاحب ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ سندس نالو ڏئي تيرهن سؤ آفيسرن سان گڏ کيس نوڪريءَ مان ڪڍائي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ مان ڪمال ڪيس کٽيو ۽ سندس پينشن منظور ٿي پر نوڪري ته هميشه لاءِ وئي ۽ ان سان گڏ پروموشن ۽ سندس خواب به. ڪمال پينشن ڪانه ورتي ۽ ٺيڪيداري ۽ زمينداري جي ڪرت ۾ جنبي ويو. ڪاڙهي ۾ ۽ سخت سيءَ ۾ ڏاڍي محنت ڪيائين ۽ ننڍي عمر (53سال) ۾ گذاري ويو. سندس پٽ ماشاءَالله هڪ انجنيئر ۽ ٻيو ڊاڪٽر آهي ۽ ٻئي سندس جهڙا ٺاهوڪا جوان آهن. نالا اٿن شهزاد سهيل ۽ ڊاڪٽر ڪامران. شال پيءُ جهڙا شانائتا مانائتا ٿين.
محمد سعيد لاڙڪاڻي مان بدلي ڪرائي هليو ويو. ادا شمس 1963ع ۾ گذاري ويو ته به تعزيت تي ڪونه آيو. امڙ، جنهن ٻچن وانگر سندس خدمت ڪئي هئي سا 1973ع ۾ گذاري وئي ته به ڪونه آيو. مان تن ڏينهين معزز عهدي تي سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس. ست ڌاريا ماڻهو آيا. پر محمد سعيد نه آيو. عجب، يگانه طبيعت انسان هو. مونکي يقين آهي ته کيس ايترو ئي صدمو پهتو هوندو جيترو مونکي. ويهارو سال گم هئو. جڏهن مون سرڪاريءَ نوڪريءَ مان رٽائر ڪيو ۽ پاڻ به رٽائر ٿيو تڏهن مونسان فون تي رابطو ڪيائين سو به جڏهن مون سندس فرزند اقبال سعيد انصاري ٽي وي پروڊيوسر ۽ سندس ٻئي پٽ ڪمانڊر نجم انصاريءَ سان شڪايت ڪئي. مون زور ڀريومانس ته مون وٽ اچ. مس ڪري آيو ته مون سڄو ڏينهن روڪي ڇڏيومانس ۽ ماني به گڏ کارائي مانس. منهنجي ماني چڙهي بيٺس سو ڪجھه ڏينهن کان پوءِ چيائين ته مون وٽ ماني کاءُ. مون يڪدم هائو ڪئي. سندس فرزند ڪمانڊر نجم جي گهر تي دعوت رکيائين ۽ پهر ٻه خوب ڪچهري ڪئي سون. 26-مارچ 1991ع تي منهنجي گهرواري اوچتو گذاري وئي.تعزيت تي آيو پر ڏھ پندرهن منٽن کان پوءِ. ماٺ ڪري هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. جڏهن ٻيا يار دوست، مٽ مائٽ رسمي تعزيت ڪري اٿي ويا ته پوءِ اٿي اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو. منهنجي ٻانهن ۾ ٻئي هٿ وجهي زور ڏنائين ۽ چيائين، ”جمال مقعد جو سور ڪنهن کي ٻڌائبو ۽ اولاد جي شڪايت ڪنهن سان ڪبي؟“ ائين چئي وري اٿي پرڀرو ٿي ويهي رهيو. هي سندس تعزيت جو انداز انوکو ۽ بلڪل حقيقت تي مبني هو. مقعد بدران سڌو سنئون سنڌي لفظ استعمال ڪيائين. واقعي اهي ٻيئي ڳالھيون ماڻهو دنيا ۾ ٻئي ڪنهن سان سلي ڪونه سگهندو. اڄ منهنجي گهرواريءَ کي گذارئي ست سال ٿي ويا آهن انهيءَ عرصي ۾ محمد سعيد جي چوڻيءَ جي صداقت، وڌيڪ ۽ وڌيڪ واضح ٿيندي وڃي.
وري مون وٽ ڪونه آيو. جون 1992ع ۾ مون سندس داماد سينيٽرلطيف انصاريءَ کي فون ڪئي ته ٻڌايائين ته محمد سعيد وٽس آيو آهي. ڳالهايومانس ۽ اچڻ لاءِ چيومانس. ٻڌايائين ته سندس طبيعت ٺيڪ نه هئي. مان ملڻ ويومانس. بدن تي ۽ پيرن تي سوڄ هئس. سندس ڊاڪٽر پٽ جو آئرلنڊ ۾ رهندو آهي اهو به پيءُ وٽ آيل هو. محمد سعيد بيماريءَ کي اهميت ڪانه ٿي ڏني ۽ اها ئي پراڻي کل مذاق جي طبيعت برقرار هئس. مون سندس پٽ ڊاڪٽر کي پاسيرو وٺي چيو ته ”سوڄ معنيٰ گردا، جگر يا دل جي خرابي!“ چيائين ”هائو، پر اهي ٽيئي ٺيڪ اٿس چڪاس ڪرائي اٿئون!“ مون گنڀير ٿي چيو ته ”ڊاڪٽر پوءِ معنيٰ ڦڦڙ، ڇو ته هي ٻاراڻي وهي کان وٺي اڄ تائين ٻيڙي سگريٽ پيئندو اچي. انهيءَ منحوس بيماريءَ جو علاج هت ڪونهي، تون پاڻ سان لنڊن وٺي وڃينس.“ چيائين ”مون زور ڀريو اٿمانس پر اصل نٿو مڃي، توهان سمجهايوس.“ مون ڏاڍو زور ڀريومانس پر اصل لنوائي ويو. چي ”هن عمر ۾ ٻائڙيءَ کي ڪئين ڇڏي وڃان!“ مون چيس انهيءَ کي به وٺي وڃ. پر کيس جهڙوڪر پرون پئجي ويا هئا. چي ”يار آخري عمر ۾ پنهنجا پَڊ (پنڊ) ڇڏڻ تي دل ڪانه ٿي ٿئيم.“ اٺين جولاءِ 1992ع تي خبر پئي ته محمد سعيد آغا خان اسپتال ۾ داخل هئو. مان شام جو سج لٿي مهل شاهده کي ساڻ ڪري اسپتال ويس. وٽس سندس پٽ اقبال سعيد انصاري موجود هئو.
مون کي ڏسي منهنجو هٿ زور سان پڪڙي جهليائين. اصل ڇڏي ئي نه. ساھ کڻڻ مهل سندس ناسون پئي ڦڙڪيون. امان چوندي هئي ته جي ساھ کڻڻ سان ناسون ڦڙڪن ته اهو آخري وقت سمجهڻ گهرجي. سندس تجربو هئو. مون پنهنجي نڪ ۾ ٻه آڱريون وجهي ناسن کي لوڏيو ۽ شاهده کي اشارو ڪيم پر هن نه سمجهيو. اهڙي مهل دعائن کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مس مس ڪري مون هٿ ڇڏايو ۽ خدا حافظ ڪري کانئس موڪلايو ته منهن مٿان چادر وجهي ڇڏيائين. شايد دل ڀرجي آئي هجيس. ٻئي ڏينهن نائين جولاءِ مطابق اٺين محرم محمد سعيد وڃي بهشت ڀيڙو ٿيو. اتي به کل ڀوڳ جي ڪچهري لايون ويٺو هوندو. سندس مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ هالا نوان کڻي ويا. مان نڪي ويس نڪي ڪنهن سان تعزيت ڪيم. نڪي مونسان سان ڪنهن اچي محمد سعيد لاءِ تعزيت ڪئي. باقي هر سال اٺين محرم تي سندس ڳوٺ فون ڪندو آهيان ۽ سندس لاءِ نفل نمازون پڙهندو آهيان. 1995ع ۾ ۽ وري 1997ع ۾ عمري تي ويس ته حرم پاڪ ۾ سندس مغفرت لاءِ دعائون به گهريم ته نفل نمازون به پڙهيم. سندس وفا شعار بيگم کي دل جو مرض لاحق ٿي ويو آهي. الله سندس پونئين کي دنيا ۽ آخرت جون چڱايون نصيب ڪري. ائين هڪ غير معمولي انسان جو انت آيو جنهن جي وفات تي نه چنڊ گرهڻ ٿيو نه ڪو زلزلو آيو. ٻئي طرف عبدالوهاب شيخ جنهن کي هو امتحان ۾ ماريندو هو، سو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ گورنر جو صلاحڪار. واھ زمانه واھ.. غربت جو ايڏو وڏو ڏن.
عبدالوهاب شيخ، ٻيو هڪ هيرو هو. سادو، سچو، نيڪ نيت، با اخلاق ۽ اصول پرست. محنتي اهڙو جو ڇهين درجي انگريزي، اڄ جو نائون ڪلاس، ۾ ارڙهن ڪلاڪ روز، پڙهڻ ۽ اسڪولي ڪمن کي ڏيندو هو. مونسان تمام سٺي دوستي هئس ۽ عزت ڪندو هو. مئٽرڪ پاس ڪري اسان ٻنهي ڊي جي نئشنل ڪاليج حيدرآباد ۾، سائنس ۾ داخلا ورتي. 1942ع ڪُئٽ انڊيا، هندوستان ڇڏي وڃو، جي تحريڪ هلي ته وڳوڙن ۾ سڀ ڪاليج بند ٿي ويا. انٽر سائنس ۾ بنا پڙهائي ۽ بنا ليبارٽري جي تجربن جي ڪيئن امتحان پاس ڪري سگهبو؟ سو ٻنهي ويچاريو ته جهوناڳڙھ هلجي جتي نواب مهابت خانجِي جو راڄ هو ۽ ڪابه سياسي تحريڪ ڪانه هئي. رياست جو ديوان هئو محمد موسيٰ ميمڻ، جو سنڌ جو هئو. ادا شمس، محمد حنيف صديقي ۽ محمد موسيٰ ميمڻ، جون زالون حيدرآباد جي بروهي فيملي مان هيون. نور محمد هاءِ اسڪول جي سيڪريٽري محمد اسلم شيخ ڏانهس خط لکي اڳواٽ اطلاع ڏنو ته سندس ٻه تمام پسنديده شاگرد فلاڻا فلاڻا اچن ٿا، تن کي ڪا تڪليف نه پهچڻ کپي. حقيقت ۾ اصل حڪومت ٿئي ٿي ديوان صاحب جي. اسان پهتاسون ته اسان جو اڳواٽ انتظار ڪيو پئي ويو. داخلا به ملي ته هاسٽل ۾ ڪمرو به، مان، عبدالوهاب شيخ، قادر بخش لاڙڪ، سمندر خان پٺاڻ، حسين علي ارباب هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئاسون. عبدالوهاب سخت محنت ۾ لڳي ويو ۽ مان گهمڻ ڦرڻ ۾. جهونا ڳڙھ جو قلعو، گرنار، ڄام ڏاتار، غيبن شاھ جو ميلو، شاهي قبرستان ۽ ڪتن جو قبرستان. هر جڳھه گهمياسون، ڪتن جون قبرون به سنگمرمر جون ٺهيل هيون جن تي ڪتي جو نالو، بڻ بنياد، جنس ۽ موت جي تاريخ لکيل هئا.
انٽر جو آخري ٽرم ائين گذاري، امتحان جو فارم ڀري، امتحان لاءِ اچي ڪراچي، روپ ولاس هاسٽل ۾ لٿاسون. مون ۾ خود اعتمادي ايڏي بيوقوفي جي حد تائين ڀريل هئي جو اسڪول توڙي ڪاليج ۾، رڳو امتحان واري رات پڙهي وڃي امتحان ڏيندو هئس. بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٻه پيپر ٿيندا هئا ۽ ساڍن ٽن ڏينهن ۾ امتحان پورا ٿي ويندا هئا. ظاهر آهي ته هڪ رات ۾ ٻن پيپرن جي تياري ڪهڙي ٿيندي هوندي. مون اسڪول جا ساليانه امتحان ائين ئي ڏنا. فرسٽ ييئر سائنس به ائين پاس ڪيم پر انٽر ۾ اچي ڦهڪو ڪيم ۽ نپٽ فيل. مونکي ڪو ارمان ڪونه ٿيو ڇو ته اهو ظاهر پيو هو. البت جيڪو ٻڌي پيو ان کي اعتبار نه پيو اچي. تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي پراڻو مئٽرڪ جو استاد سائين چيلارام کيمچند آڏواڻي مليم. ان پڇيو ته کيس ٻڌايم. اصل اعتبار نه ڪيائين، بيهي رهيو ۽ ور ور ڪري پڇڻ لڳو ته ”سچ چئه!“ نيٺ جڏهن اعتبار آيس تڏهن چيائين ”تون بهرحال سڀ مرحلا ٽپي ويندين ۽ ڪامياب ماڻهو ٿيندين پر محنت ته ڪرڻي پوندئي!“
محنت ۽ مسلسل محنت بنياد آهي دانش، سمجھه ۽ ڪاميابيءَ جو. جن به محنت ڪئي سي پاس ٿي ويا. عبدالوهاب ته فرسٽ ڪلاس کنيو ۽ هر سال فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندو، آخري سال ۾ پهريون نمبر آيو جنهن ڪري اٿندي ئي ڪلاس ون آفيسر جي نوڪري مليس ۽ اسان ڪاليج ۾ ئي هئاسون ته وڏو آفيسر ٿي ويو. پر اهو ئي سادو سٻاجهو ۽ نيڪ طبيعت ۽ نيڪ سيرت رهيو. هڪ ڏينهن مون وٽ هاسٽل جي ڪمري ۾ بچل سومرو (بعد ۾ ڪرنل سومرو) ۽ ٻه ٽي ٻيا حجائتا دوست محمد علي ٻگهيو، عباس شيخ ۽ ٻيا آيا. چي ”جمال ڪم آهي سو ڪرڻو اٿئي؛ انڪار اسين ڪونه ٻڌنداسون!“ مان حيران ته مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿن. رب جا احسان جو ننڍي هوندي ئي الله سائين ماڻهن جا ڪم مون هٿانئون ڪرائيندو هو.
پڇيم ته ”ڀائي اڳ ۾ ڪم ٻڌايو، ائين بنا ٻڌ سڌ جي مان واعدو ڪونه ڪندس!“ چيائون ته ”فريئر روڊ واري لڪي اسٽار لانڊري وارن جي ڇوڪري بي اِي انجنيئرنگ جو آخري امتحان ڏنو آهي ۽ فلاڻو پيپر صفا خراب ڪري آيو آهي ضرور فيل ٿيندو ۽ غريب ويچارو وري وڃي لڪي اسٽار تي ڌوٻي ٿيندو.“ اهو به سومرو هئو نالو وسري ويو اٿم. چيم ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ چيائون ”اهو پيپر آهي عبدالوهاب شيخ وٽ جو ڪنهن جي نٿو ٻڌي پر تنهنجي لاءِ گهڻي عزت اٿس توکي ڪونه موٽائيندو.“ مون چيو ته ”ڀائي هو به اصول وارو ماڻهو ۽ منهنجي عزت ان ڪري ڪندو هوندو جو مونکي به با اصول ماڻهو ٿو سمجهي، سو اهڙو غلط ڪم مان نه ڪندس“ صفا پڙ ڪڍي بيٺس پر ڪاليجي يار ڪٿي ٿا مُڙن. مونکي واعدو ڪرڻ ڏکيو ٿي لڳو سو ايترو مڃيم ته ساڻس ملندس ۽ ممڪن ٿيو ته ڳالھه به ڪڍندس. انهيءَ تي ايترو خوش ٿيا جو وٺي خوشيءَ جو نعرو هنيائون.
عبدالوهاب شيخ صدر ۾ پريڊي اسٽريٽ جي هڪ گرائونڊ فلور واري فليٽ ۾ رهندو هو. شام جو وٽس ويس. نوڪر چيو ته ”صاحب هينئر آفيس کان آيو آهي ۽ ڪنهن سان ڪونه ملندو!“ مان اڳيئي سلوار قميص ۽ چمپل ۾ پيرين پيادو آيل سو پٽيوالي مونکي لفٽ ئي ڪانه ڏني. چيومانس ته ”تون رڳو ايترو ٻڌائينس ته جمال آيو آهي.“ دير ئي ڪانه گذري ته ان پٽيوالي اچي مونکي چيو ته سائين اندر اچي ويهو صاحب ڪپڙا مٽائي اجهو ٿو اچي. گهڙي نه گذري ته عبدالوهاب سفيد سلوار قميص ۽ چمپل ۾ مونسان ڀاڪر پائي ڏاڍي قرب سان مليو. خوش خير عافيت کان پوءِ پاڻ ئي پڇيائين ته ”ڪيئن آيو آهين. مون چيو ائين ملڻ.“ ماڻهو تمام سمجهدار آهي سو چيائين ”اها تنهنجي مهرباني پر جيڪا ڳالھه دل ۾ اٿئي سا چئي ڏي“. چيم ”دوستن اهڙو ڪم چيو آهي جو چوڻ جهڙو ناهي ۽ مان نڪي چوندس، نڪي زور ڀريندس.“ همت افزائي ڪندي چيائين ته، ”پرمان به ته ٻڌان ته ڪهڙي نامناسب ڪم تو جهڙي ماڻهوءَ کي پنڌ ڪرايو آهي؟“ ٻڌايومانس ته ”لڪي اسٽار وارو غريب سومرو امتحان ۾ ويٺو آهي. هن جي ڪيريئر جو سوال آهي سو تو ڏانهن موڪليو اٿن.“ مون چيو ”مونکي خبر ئي ڪانهي ته ڪم ڪيئن چئبو آهي نه منهنجو ڪو شخصي غرض آهي ڇڏينس کڻي.“ ته مشڪندين چيائين ته ”اهو ئي بهترين طريقو آهي ڪم چوڻ جو، تون مونکي نالو ۽ رول نمبر لکائي ڇڏ پوءِ کٽنس ڀاڳ!“ بس کلي ڳالهائي اٿي کڙو ٿيس ۽ موڪلائي هليو آيس.
تن ڏينهن ۾ چانھه سان تواضع ڪرڻ جو مرض اڃا نه ڦهليو هئو. اهو ڪلچر به پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بيل گاڏيءَ تي چڙهي بارڊر ٽپي آيو. هاڻي ته ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. موٽي اچي دوستن کي خوشخبري ٻڌايم. اهو سومرو ڇوڪرو اتفاق سان منهنجي ڳوٺ ميهڙ ۾ آبپاشي جو ايس ڊي او ٿي آيو. 53-1952ع جي ڳالھه آهي. مان به ان وقت جج هئس ۽ ميهڙ ڪنهن فيصلي ۾ پنهنجي سؤٽ غلام النبي ابڙو ائڊووڪيٽ وٽ آيل هئس. فيصلي جي جهڳ جهڳ مان تڪڙو تڪڙو جند ڇڏائي سوٽ کي چيم ته ”مونکي جلد راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي ڇڏ ته مان به واپس ڊيوٽيءَ تي وڃان.“ چيائين ته ”ادا دير ٿي وئي آهي لاري ته هلي وئي هوندي من ڪا ٽئڪسي ملي وڃي.“ ننڍو شهر، ٽئڪسي به ڪانه هئي. چيومانس ته ”ڪنهن وڪيل يا عملدار يا ڪنهن دوست کان گاڏي وٺي ڏي، اٺ نو ميل ته پنڌ آهي، اڌ ڪلاڪ ۾ گاڏي موٽي ايندي. پيٽرول به پنهنجو وجهرائينداسون.“ ڪجھه مونجهاري ۾ پئجي ويو ته ائين ڪندي هڪ جيپ اچي بيٺي.
سؤٽ چيو ته ايس ڊي او ويٺو آهي جيپ ۾، ان کان گهري ڏسون. مون چيو ته ”وڃي مون پاران منٿ ڪرينس!“ ته چيائين ته ”نه توهان پاڻ هلي چئوس!“ مون پڇيو ”ڪير آهي؟“ چيائين ”فلاڻو سومرو.“ کڻي جو ڏسان ته ساڳو ڇوڪرو جنهن کي مون پاس ڪرايو هو. هلي ويو سانس ته اڌ مني ڪلاڪ لاءِ گاڏي ڏي ته مونکي راڌڻ اسٽيشن تي ڇڏي اچي. صاف انڪار ڪيائين. مون وري به منٿ ڪئي مانس ته ”مونکي تمام ضروري ريل گاڏي تي پهچڻو آهي.“ ته به صاف انڪار ڪيائين. رکائيءَ سان چيائين ته ”مونکي گاڏي ڏيڻي ناهي!“ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. هھڙا به بي مروت ماڻهو ٿيندا آهن! سال ٻن کانپوءِ اهو سومرو صاحب اوچتو عين جواني ۾گذاري ويو. سندس مرڻ جو ۽ گاڏي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو پاڻ ۾ ڪو سنٻنڌ ڪونه آهي پر اهڙا ڪيترائي واقعا منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيا آهن، ان ڪري ذڪر ڪري ڇڏيم.
عبدالوهاب شيخ نه رڳو قابل ۽ محنتي آفيسر رهيو پر هنيانءُ جو ٻل به ڏاڍو هئس. باضمير ۽ قابل ماڻهوءَ کي اهڙو ٻل از خود اچي ٿو وڃي. حيدرآبادي چون، اچيو وڃي، ڄڻ ور ور ڪري اچي ۽ موٽي وڃي. هڪ دفعي ممتاز علي خان ڀٽي جهڙي تيز فهم ۽ تند منتظم جهڙي چيف منسٽر ميٽنگ هلندي کانئس پڇيو ته ”بالآخر انهي ڊرينيج (سم نيڪال جي نالي) جي ڪهڙي ضرورت آهي جنهن تي پنجاھ يا سؤ ڪروڙ خرچ ٿو اچي؟“ ته عبدالوهاب هڪدم جواب ڏنس ته ”صاحب توهان جيڪڏهن بنا نيڪال واري باٿ روم ۾ هجو ته خبر پئجي ويندؤ.“ ممتاز صاحب ماٺ ٿي ويو. ٻئي دفعي پرائيم منسٽر ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن تيرهن سؤ آفيسرن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو هو ته آفيسرن جي رشوت وٺڻ ۽ ايمانداري تي ليڪچر پئي ڏنائين. سندس ليڪچر کان پوءِ عبدالوهاب اٿي چيو ته صاحب هر ڪنهن کاتي جون پنهنجون تقاضائون آهن. واقعي انصاف ڪندڙ ادارن جا ماڻهو جج صاحب ۽ پوليس وارا ايماندار هجڻ کپن پوءِ ڀلي جڏا هجن پر انجنيئري کاتي ۾ ائين ناهي. مونکي بلڪل قابل انجنيئر کپن ڀلي رشوتي هجن. ڇو ته قابل انجنيئر هڪ ڪروڙ تي ٽي لک کائي مونکي نوي پنجانوي لکن جو مضبوط ۽ ڀروسي جهڙو ڪم ته ڏيندو باقي ايماندار ۽ جڏو انجنيئر ته ڪروڙ ئي لوڙهي ڇڏيندو ۽ لکين ماڻهن کي آزار ۾ وجهندو.“ ڀٽو صاحب کيس رد ڪونه ڏئي سگهيو. اهڙا باضمير آفيسر پيا آهن.
مون ڪنهن هنڌ شايد لا سيڪريٽري جسٽس صمدانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ضياءَ صاحب جڏهن چيو ته منهنجا رفيق جنرل صاحب چون ٿا ته ”ڪي سيڪريٽري اهڙا آهن جن کي ڦٽڪا لڳڻ کپن“ ته صمداني صاحب اٿي بيهي چيو ته ”اسين وري انهي خيال جا آهيون ته ڪي جنرل صاحب اهڙا آهن جن کي ڦٽڪا لڳڻ کپن.“ جنرل ضاءَ ان وقت ته ڪونه ڪڇيو باقي صمداني صاحب جي نوڪري هلي وئي. هو اڄڪلھه ڪراچيءَ ۾ وڪالت ٿو ڪري ۽ اڳي کان خوش آهي.
اهڙي بيباڪ سوچ رکندڙ ماڻهن جي ڪردار پٺيان ڪونه ڪو غير معمولي پس منظر يا بڻ بنياد آهي. عبدالوهاب شيخ وچولي طبقي بلڪ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ هو. سندن بوٽن جو دوڪان شاهي بازار ۾ هئو جنهن جي ساک مشهور هئي ته سٺي شيءِ مناسب قيمت تي ملندي ۽ دوکو نه ٿيندو. مون سندس والد صاحب شيخ فضل الاهي به ڏٺو. درويش طبيعت ۽ فرشته سيرت ماڻهو هو. سفيد ڏاڙهي، سادا ڪپڙا، نيڪ نمازي ۽ اصولن جو پڪو. شاهي بازار مان اٿي اچي صدر جي مکيه اسٽيشن روڊ تي پهرين منزل جي فليٽ ۾ رهيا. مونکي عبدالوهاب اتي وٺي ويندو هو. جاءِ هڪ هندوءَ جي هئي جنهن کي مسواڙ ڏيندا هئا. پاڪستان ٺهي ويو ۽ اهو هندو، هندوستان لڏي بمبئي وڃي ويٺو ته عبدالوهاب جو والد صاحب هر مهيني مسواڙ مني آرڊر ڪري کيس موڪليندو هو. گهڻن ماڻهن سمجهايس ته هندو لڏي ويو ۽ ملڪيت سرڪار جي ٿي وئي، تون خواھ مخواھ مسواڙ پيو بمبئي موڪلين سو به مالڪ کي ملي ٿي الائي نه. تڏهن به شيخ فضل الاهي صاحب نه مڙيو چي ”مان ته پنهنجو فرض پورو ڪيان پوءِ جيئن رب جي رضا.“ سالن جا سال اهو سلسلو رهيو. ڀانيو ٿا ان اخلاق ۽ ڪردار سڄي ڪٽنب جي ڀاتين تي ڪيڏو نه لازوال اثر ڇڏيو هوندو. الله ان فئملي کي ايڏو نوازيو جو شيخ فضل الاهي جو سڀ اولاد خوش اخلاق، خوشحال ۽ عزت ڀري زندگي پيو گذاري. سڀ ڀاتي سنڌي ڳالهائن، پنجابي ماڻهن ۾ اها خوبي آهي ته هو مقامي ماڻهن سان رلي ملي وڃن ٿا. ملن جلن ٿا ۽ ڪلچر به اهو ساڳيو نياز نوڙت وارو ۽ چڱي مٺي کي مان ڏيڻ وارو. سندن ٻار پڙهن به سنڌي اسڪولن ۾. بابا هڪ دفعو جيمس آباد، ڊگهڙي ۽ سامارو اسڪولن جي انسپيڪشن تي ويو. موٽيو ته ڏاڍو خوش هو ۽ سندس ڳٽا به خوشيءَ وچان سرخ هئا. پڇڻ تي ٻڌايائين ته انهيءَ علائقي جا ٻارڙا ڇوڪرڙيون توڙي ڇوڪرا سنڌي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ سنڌي ٻولي سنڌين کان به وڌيڪ مٺي ۽ سٺي لهجي ۾ ڳالهائين ٿا. مثلاََ ٻڌايائين ته، ”جيڪڏهن ڪنهن ٻار کان پڇان پيو ته يارهن مان ست ڪٽ ڪبا ته باقي ڪيترا بچندا؟“ ته جواب ۾ چار چوڻ بدران چون پيا، ”جي، چار!“
ڪلفٽن ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ سنڌي ماڻهو رهي ٿو. ان جي زال پنجاپڻ آهي. پر سنڌي اهڙي نج ٿي ڳالهائي جو سنڌي عورتون به نٿيون ڳالهائين. مثلاََ بورچيخاني يا ڪچن کي چوي رنڌڻو. ماني ٽڪي يا رنڌ پچاءُ کي چوي سانجڻ. پنجابي ماڻهو محنتي، بچت ڪرڻ وارا ۽ خوشحال زندگي لاءِ جتن ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اها ٻي ڳالھه آهي ته پنهنجي اصليت نٿا وسارن. اها ته درحقيقت هڪ خوبي آهي. اسان سان انهيءَ علائقي جو هڪ دوست پڙهندو هو عبدالمجيد گشڪُو، گشڪو نالو يا ذات ڪانه هئس پر اهو نالو مٿس پئجي ويو ڇاڪاڻ ته پير گسائي هلندو هو ۽ بنان فل اسٽاپ جي ڳالهائيندو رهندو هو. ٺاهوڪو فيشنبل جوان پئسي وارو، زميندار، ته به ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهندي شادي ڪانه ڪيائين. مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ جج ٿي آيس ته مونسان مليو. پنجاھ کن سالن جو ٿي چڪو هو ۽ هت به ڌنڌا ڌاڙي هئس. پڇيومانس اولاد گهڻو اٿئي. چيائين ”اولاد ڪٿان ايندو، شادي ئي ڪانه ڪئي اٿم“ سبب پڇڻ تي چيائين ته، ”يار جمال، زال اهڙي ته هجي جو گهر ۾ نج پنجابي ٻولي ٻڌي سگهجي. هت مهاجر ڇوڪرين سان وقت گذر ڪيان پيو. باقي شادي، نه بابا نه.“ کلي، سنڌي طريقي موجب نڪ ۽ ڪن جي پاپڙين کي هٿ پيو لائي.
عبدالوهاب ۽ سندس والد صاحب جي نيڪيءَ جو ذڪر پئي هليو. مونکي هڪ بزرگ درويش مليو، حقيقت ۾ مان پاڻ اهڙن چڱن الھه لوڪ ماڻھن سان ملڻ جي تلاش ۾ هوندو آهيان. ان بزرگ درويش مونکي رازدارانه نموني ٻڌايو ته ڪنهن نيڪ پرهيزگار ۽ عبادت گذار شخص جي چئن پيڙهين تائين رب جو فضل رهي ٿو، اهو بزرگ، مهاجر آهي ۽ ظاهر آهي ته منهنجي پيءُ جو نالو به ڪونه ٻڌو هوندائين پر چيائين، ”تنهنجي والد صاحب جي به چئن پيڙهين کي ڪو لهر لوڏو ناهي.“ الله بهتر ٿو ڄاڻي، اسين نٿا ڄاڻون.
ڪرمان باغ ۾ مان ۽ ڪمال سڀني ڇوڪرن، هندو توڙي مسلمان جا ليڊر هئاسون. آڌي رات تائين اُڌم مچايون ويٺا هوندا هئاسون. پوءِ مامو جمعو اچي سڏيندو هو ته راند ڦٽي ويندي هئي هرڪو گهرن ڏي هليو ويندو هو. ٻين پاڙن جا ٻار اچي شامل ٿيندا هئا. چڱي ڌماچوڪڙي ٿيندي هئي. ٻيا ته ٺهيو پر قادري محلي مان اياز قادري به ايندو هو پر رڳو صبوح جي پهر ۾. اهڙو چڱو ڇوڪرو ۽ اهڙو چڱو ماڻهو، مون نه ڏٺو. محجوب، خاموش طبيعت ۽ لچائي توڙي حرڪت بازيءَ کان پري. انهيءَ ڪري رڳو مونسان جدا ويهي کيڏندو ۽ ڪچهري ڪندو هو. راند ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن ٻار ڪو نازيبا لفظ ڳالهايو ته هڪدم راند ڇڏي پاسيرو ٿي ويهي رهندو. بااخلاق ۽ باڪردار ماڻهو، ٻالجتي کان وٺي پيرسني تائين مون ٻيو ڪونه ڏٺو. تن ڏينهين سئنيما نئين نئين نڪتي هئي. زائفون ته ڪونه وينديون هيون پر ڇوڪرن ۽ نوجوانن کي به منع هوندي هئي. چوندا هئا، ”فلاڻو وري ناٽڪي پٽ ساماڻو آهي.“
اسين ننڍا اسڪولي ڇوڪرا به رڳو موڪل واري ڏينهن آچر تي، سوبه صبوح يا منجهند واري مئٽني شو ۾ ويندا هئاسون. ان لاءِ به ڪونه ڪو بهانو ڪرڻو پوندو هو. مان ۽ ڪمال به گڏجي راند يا ميچ جو بهانو ڪري وڃي فلم ڏسندا هئاسون. پاڻ سان ڪوڏيون کڻي ويندا هئاسون، تن ڏينهين ڪوڏين سان راند کيڏبي هئي. اڄ جيان مهانگا مهانگا رانديڪا ڪونه وٺبا هئا. ڇوڪرين کي به گڏيون، مائرون پراڻن ڪپڙن مان ٺاهي ڏينديون هيون، بازار مان اصل ڪونه وٺبيون هيون. سئنيما تان موٽندي، هٿ مٽيءَ سان ڀري ڪوڏيون هٿن ۾ جهلي گهر ۾ گهڙندا هئاسون. اهڙو سخت گهريلو ضابطو هوندو هو. پوءِ به هڪ ڏينهن پڪڙجي پياسين. امان پريشان ٿي، اسان کي پاڙي ۾ نه ڏسي، مامي جمعي کي موڪليو ته وڃي ڳولهي اچين. اسان به سئنيما هال مان نڪري اڳڀرو ٿياسون ته سامهون مامي جمعي کي ايندو ڏٺوسين. اسان ٻنهي غيرشعوري عمل طور جهٽ ۾ ڪوڏيون ڪڍي هٿن ۾ مٽي ملي، مامو جمعو کلي ويٺو ۽ چيائين ته ڳالھه ڪونه ڪندس. پر امان ته ڪا انتظار ۾ پريشان ۽ صفا بيوس ويٺي هئي سو اسان کي ڏسي هڪدم چيائين ”اڙي توهان ويا ڪيڏانهن هئا، بيهو ته ڪٽ ڪڍانوَ!“ اسان هڪدم هنڌن ۽ سوڙين واري ڍير جي هيٺان لڪي وياسون. سنڌ جي سوَڙ به واھ جي سڪيورٽي (تحفظ) آهي. هڪ دفعو سوڙ جي دڦ ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويو ته ڄڻ وڃي ماءُ جي پيٽ ۾ پيو.
فلمن جي ڳالھه ڪندي ڪندي، ڪي واقعا ڪر کڻي ٿا بيهن ته ڇا ڪجي. فلمن جا مشهور اداڪار هئا، نثار، سردار منصور، بليموريا، جيئنت، سلوچنا، ماڌوري وغيره. سلوچنا ۽ ماڌوري انگلو انڊين (يعني ماءُ انگريز ۽ پيءُ هندوستاني) هيون، ان ڪري ڏاڍيون سهڻيون هيون. ايشيائي ۽ يورپي ميل سان ڏاڍو سهڻو نسل پيدا ٿو ٿئي. ڪوھ قاف کي ديومالائي درجو محض انهيءَ ڪري مليو آهي جو اتان جون عورتون پرين جهڙيون ۽ مڙد شهزادن جهڙا آهن. اسپين ۽ اطاليه (اٽلي) جا ماڻهو به انهيءَ سبب ڪري ڏاڍا سهڻا آهن. اهي سڀ اداڪار اسان جا هيرو هوندا هئا. سئنيما جو فلمي ويڙهو ڪڏهن ڪٽائي جو شڪار ٿيندو هو ته انهن اداڪارن جا فلم ملندا هئا جن کي گڏ ڪم ڪرڻ جو، ڇوڪرن ۾ ڏاڍو شوق هوندو هو. مون ته هڪ خلاصو نوٽ بڪ فلمن سان ڀري ڇڏيو هو ۽ هر ڪو اچي ڏسڻ جي فرمائش ڪندو هو ۽ مان فخر سان ڏيکاريندو هئس. فلم وري ڪهڙو، ڪنهن اداڪار جو هڪ ٻن انچن جو نگيٽو (ڪارو-اڇو) ڪٽيل ٽڪرو هوندو هو. پر هئي ناياب شيءِ سو انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇوڪرا اکر ڀوري (ٽاس) ڪري داؤ تي لڳائيندا هئا، پوءِ جيڪو کٽي، اياز قادريءَ کي اهو بيحد شوق هئو سو روزانو وقت ڪڍي، ڀلي ڪاڙهو تتو هجي يا سيءُ ۾ کاڏي پئي کڙڪي، فلمون کڻي مونسان اکر ڀوري کيڏڻ ايندو هو.
وٽس هڪ ڏاڍو سٺو ماڌوريءَ جو فلم هئو. اهو ڪڏهن به داؤ تي نه رکندو هو. جڏهن سڀ فلمون هارائي ويندو هو ته منهنجي زور ڀرڻ باوجود ماڌوريءَ جو فلم ڪڏهن به داؤ تي نه لڳائيندو هو. وري ٻئي ڏينهن ڪيترا سارا فلمي ٽڪر کڻي ايندو هو پر ماڌوريءَ کي الڳ جدا کيسي ۾ رکي ڇڏيندو هو جيئن متان ڀل ۾ ان کي نه داؤ تي لڳائي ڇڏي. وضعدار ۽ محجوب طبيعت وري اهڙي جو سڪو به مونکان اڇلارائي. پاڻ ڪڏهن به سڪو ڪونه اڇلايائين. هميشه پيو هارائي سو چيائين ته ”جمال تو ڪئائن ٿو ڪرين!“ ڪئائن جي معنيٰ ته سڪو مٿي اڇلڻ مهل سڪي جو ڀوريءَ وارو پاسو ڏيکارجي پر عين اڇلڻ مهل کيس ابتو ڪري اڇلجي. سڪو اڇلڻ مهل، ڄاڻو کيڏاڙيءَ کي صحيح اندازو لڳائڻو ٿو پوي ته مٿان جيڪڏهن ڀوري آهي ته هيترو فاصلو مٿي وڃڻ کان پوءِ پٽ تي پوڻ سان ڀوري هوندي يا ٿوري فاصلي تي اڇلڻ سان ابتو پاسو يعني اکر ايندا. اڇلڻ وارو اڳلي جي نفسيات ڏسي ڪڏهن سڪو ابتو ڪري ٿو ڪڏهن نٿو ڪري ته جيئن هو ڀلجي. اهو به هڪ فن آهي.
مونکي جو ڪئائن ڪرڻ جو طعنو ڏنائين ته مون به سڪو کڻي سندس هٿ ۾ ڏنو ۽ چيم ته برابر مان اٽڪل بازي ڪيان ٿو. جي تون انهيءَ کي ٺڳي ٿو سمجهين ته مون بس ڪئي وري توسان اهڙي راند نه ڪندس ته مورڳو پريشان ٿي مونکي پرچائڻ لڳو. پاڻ سڪو اڇلائڻ کان قطعي نابري واريائين ۽ وعدو ڪيائين ته اڄ ماڌوري به داؤ تي لڳائيندس. اها راند به جهڙي جوئا ۽ جوئا جو پنهنجو چشڪو ۽ هيجان ٿئي ٿو. سڀ فلمون هارائي نيٺ ماڌوري به داؤ تي لڳائڻ لاءِ ڪڍيائين. اتي وري مون ڀل مانسي ڏيکاري ۽ انڪار ڪري چيم ته اڄ نه وري ٻئي دفعي. نيٺ ماڌوري به هڪواري کٽي مانس پر اتي جو اتي موٽائي ڏني مانس پر نه ورتائين. ڏسو ٻاراڻي وهيءَ ۾ به اياز قادري ڪيڏو نه صابر، شاڪر ۽ اصول پرست هئو. ائين ماڌوري منهنجي آلبم جو سينگار بڻجي وئي.
پڙهائيءَ ۾ قادري صاحب ايڏو هوشيار ڪونه هو. پر محنتي ۽ ذميواري جو احساس هئس سو ڪڏهن به فيل نه ٿيو. علم ادب سان ننڍي هوندي کان ئي لڳاءُ هئس. اهو سندس خانداني ورثو هئو. ڪاليج واري زماني ۾ ئي سندس اوطاق تي علمي ۽ ادبي گڏجاڻيون، ڪرائيندو هو. اسان جڏهن انهيءَ ميدان ۾ صفا اڻڄاڻ هئاسون ته اياز قادري شعر شاعري به ڪندو هو ۽ ننڍڙي تقرير به ڪري ويندو هو. هو پراڻن قدرن سان چهٽيو رهيو ۽ روايتي شاعري ۽ ادب جو پاسدار هئو. پر ڪڏهن به پاڻ کي بند دروازن ۾ بند نه رکيائين. ترقي پسند ليکڪن، هاري حقدارن، ويندي ڪميونسٽ خيالن وارن سان کليل دوستي ۽ ميل جول رکندو آيو ۽ انهن جي سٺن خيالن جي تائيد ڪندو آيو، جيتوڻيڪ ڪڏهن به ٻرانگهون ڀري حد نه ٽپيو، يعني ايڪسٽريمسٽ نه بڻيو. حليم، نهٺو، عجز نياز وارو، ڪڏهن به اونچو ٽپو ڏئي چوٽيءَ تي پهچڻ جي تمنا نه ڪيائين. بي اي پاس ڪري وڃي ماستر ٿيو ۽ آهستگيءَ سان وڌندو، ايم اي پاس ڪري، ڊاڪٽوريٽ حاصل ڪري پروفيسر به بڻيو ته لطيف چيئر جو چيئرمين به، پر اهو سڀ ڪجھه پاڻمرادو وٽس هلي آيو. نڪي هٿ پير هنيائين نڪي چاهنا ڪيائين ۽ نه ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيائين.
ڪڏهن ڪنهن لاءِ شڪوه شڪايت ڪانه ڪيائين، جيتوڻيڪ اندر ۾ گهاؤ هئس. ڪيترا ڀيرا مونسان حال اوريندي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هئس يا آواز ڀاري ٿي ويندو هئس، تڏهن به کلي ڳالھه اڌ ۾ کائي، ٽاري ويندو هو. سندس نجي توڙي ٻاهرين زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي محروميون آيون، پر ڪڏهن سور نه سليائين. ڳالھه ڪندي ڪندي اڌ ۾ کائي ويندو هو. هر ڪنهن سان دوستي ياري نباهيائين پوءِ کڻي انهن ڏنڀ ڏنا هجنس. کائين پيئن به وٽس، ٽِڪن به وٽس ۽ سندس ٻڌن به نه. ته به شاھ چواڻي: ”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏئي.“ رشيد لاشاري مرحوم سلھه جو مريض رهي به وٽس، کائي به وٽس تڏهن به اياز کي ڏاڍو پيارو هو. حليم جوش سان به سنگت توڙ تائين نباهيائين. اهي ته ڀلامانس هئا پر ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ زندگي گهاريندي، سندس شامون، ايلفيءَ بجاءِ لياريءَ جي غريبن، مسڪينن، مڪرانين ۽ بلوچن سان گذرنديون هيون ۽ سندن ساراھ مان ڍاپندو ئي نه هئو. سادو سٻاجهو، سادو لباس پهريل، پنڌ يا بس يا ٽرام ۾ يارن دوستن سان پاڻ هلي وڃي رهاڻيون ڪندو هو. هڪ دفعي مان سهي سنبري وٽس مهمان ٿي آيس. ڏاڍو خوش ٿيو. شام جو مون سوٽ بشرٽ پائي تيار ٿي کيس منٿ ڪئي ته مونکي ڪمپني ڏئي (ساٿ ڏئي) ايلفي هلي ته معافي ورتائين چي کيس لياري ضرور پهچڻ گهرجي.
مان اڪيلو ئي اڪيلو، ڪن ڪڍي، وڃي ايلفي پهتس. مزو ڪونه آيو. ڀلا سنگت کان سواءِ ڪهڙو مزو، ڪاليجي دوست ته سڀ جو سڀ هليا ويا هئا. ڪراچي وارن سان ته منهنجي به دوستي ڪانه هئي. اٻاڻڪو ۽ ويڳاڻو ٿي گرين هوٽل ۾ گهڙي ويس. گرين هوٽل ۾ سائي ڇٻر، ناريل جا وڻ ۽ ڌيمي روشني ۾ ٽيبلون ڪرسيون پيون هيون جن جي چوگرد نوجوان ۽ نوجوانڙيون، گهڻو ڪري ڪرستان ۽ مهاجر ويٺا هئا. مان به هڪ خالي ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس، ايڏو رومانوي ماحول ۽ مان اڪيلو ۽ ويڳاڻو، اڃا شادي به ٿيل ڪانه هئم. بيئرو آيو ۽ پڇيائين ته ”ڇا آڻيان؟“ ڏٺم ته سڀ وسڪي يا بيئر پي رهيا هئا. نه پيئڻ جو روزو ته اڳ ۾ ئي ڪٽپر ۽ ادا شمس جي صحبت ۾ ٽوڙي چڪو هئس. اهڙي هوٽل ۾ ۽ اهڙي ماحول ۾ چانھه جو آرڊر ته نٿي ڏئي سگهيس. بيئرو ئي انڪار ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ جو ڏس ڏئي ها سو تڪڙ ۾ چيم”بيئر!“ بيئر جي هڪ ٿڌي يخ بوتل ۽ گلاس رکي هليو ويو. مون گلاس ڀري سرڪيون ڏئي آهستي آهستي پيتو. بوتل مان ٻيو گلاس به نڪتو سو به پي ويس. اڻ پياڪ ته هئس سو هڪ ئي بوتل ۾ خنڪي ۽ ٽاٽائي اچي وئي. ويڳاڻپ دور ٿي وئي. جيڪي سو بود ۾ اچي ويس.
بيئري کي بوتل ۽ ٽِپ (خرچي) جا پنج رپيا ڏئي ٻاهر نڪتس ته سامهون ايمبسيڊر هوٽل تي نظر پيم. طبيعت ۾ ولولو اچي ويو هئم سو چڙهي ويس مٿي. اتي ڪو فلور شو هئو سو رش لڳي پيئي هئي. ٽڪيٽ وٺي اندر ويس ته سڄو هال ڀريو پيو هو ۽ ڪو سڃاڻو نظر ڪونه آيم سو منجهي بيهي رهيس ته هوٽل جو مالڪ جو خوش شڪل ۽ کلڻو ڳالهائڻو هو تنهن کلندي منهنجي ٻانهن جهلي اڳتي وڌڻ جو اشارو ڪيو. سندس نالو به جمال هو. اڳتي ويس ته ڏٺم ته هڪ قطار ۾ شيخ عبدالستار ائڊووڪيٽ، ميرپورخاص وارو ويٺو هو. سڏ ڪيومانس ته مونکي ڏسي ڀر واري ڪرسي والاري ان تي رومال رکي اچڻ جو اشارو ڪيائين. ڪرسين جي ان قطار جي مهڙ تي ٻه ٽي ڇوڪريون ڳالهائڻ ۾ ايترو مصروف هيون جو ڌيان ئي ڪونه هئن ته ڪو رستو روڪيون بيٺيون آهن. بيهي بيهي انتظار ڪري نيٺ هڪ ڇوڪريءَ جي ڪرائيءَ ۾ هٿ وجهي پاسي ڪرڻ چاهيم ته هڪدم ٻرندڙ سگريٽ کڻي منهنجي هٿ تي هنيائين ۽ انگريزيءَ ۾ ڪجھه چيائين.
هو ٽيئي گهاگھه تجربيڪارڪرستان ڇوڪريون هيون. مان پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو شرمندو ٿيس پر هو هٽي پري ٿيون ۽ مان وڃي شيخ صاحب جي ڀرسان ويٺس. ايتري همت ۽ وري ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهڻ تي مان پاڻ حيران هئس پر اها سڄي بيئر جي ڪرامت هئي نه ته مون ۾ اهڙو ٽپڙ ڪونه هئو. حياتيءَ ۾ پهريون دفعو مون اتي ڪئبري ڊانس ڏٺو. ڪا يورپي مائي هئي ۽ ائين پي وٽ وڪڙ کاڌائين ڄڻ ساڻس جنسي فعل ٿي رهيو هو. اهو ڊانس پورو ٿيو ته مان اٿڻ جي ڪئي پر شيخ صاحب ڇڪي ويهاريو چي”اڃا سٽرپ ٽيز ٿيڻ وارو آهي!“ مون نه سمجهيو پر پوءِ خبر پيم ته اهو ڪپڙن لاهڻ جو ڊانس آهي. بتيون بند ٿي ويون ۽ پوءِ آهستي آهستي ميوزڪ سان گڏ روشني اسٽيج جي ٿلهي تي وڌي وئي. هڪڙي مائي ٿڙڪندي آئي ۽ ٿڙڪندي ٿڙڪندي فراڪ لاهي اڇلايائين. چولي ۽ ڪڇو اڃا هئس. پوءِ ڊانس ڪندي هوريان هوريان ناز نخرن سان چولي کولي اها به اڇلايائين پوءِ روشني رڳو سندس ارهه تي اڇلي وئي، ماڻهن جا ڪُوڪرا پئي پيا. ڇوڪرن جا توڙي ڇوڪرين جا. نيٺ ڪڇي ۾ هٿ وڌائين ۽ اهو به آهستي آهستي ميوزڪ جي ڌڙم ڌڙم تي هوريان هوريان لاٿائين ۽ اوچتو لاهي اڇلايائين ۽ پٺي ڏئي چيلھه مٽڪائيندي هلي وئي. ان وقت روشني سندس ٻنڊڙن تي وڌي وئي. تاڙين جي ڦهڪن ۾ شو پورو ٿيو. نياڻيون سياڻيون سڀ خوش ۽ چهڪن پيون. مان وائڙن وانگر هيٺ لٿس. هي ڌاريو ڪلچر، آزاديءَ کان پوءِ ايترو جلد ۽ ڌماڪي سان آيو جو مونکي حيرت وٺي وئي. اهڙو اظهار شيخ ستار صاحب سان ڪيم ته مونکي ڪم علم ۽ ڪم عقل سمجهيائين پر منهنجي عزت رکندي چيائين ته ”جمال صاحب اهو عورت جو حق آهي ته هوءَ پنهنجي جسم جي آزادانه نمائش ڪري.“ بعد ۾ پليجي صاحب به ائين چيو. واھه جو هي بنيادي حق آهي جو اگهاڙپ ۽ جسم فروشي، مردن لاءِ، ٽري (طشت) ۾ سجائي پيش ڪجي.
رات جو يارهين بجي ڌني رام بلڊنگ جو دروازو کڙڪايم ته اياز قادري اکيون مهٽيندو آيو ۽ کلندي مونکي منهنجي کٽ ۽ بسترو ڏيکاريائين ۽ چيائين ته ماني بورچيخاني ۾ پئي اٿئي. اهڙو هئو پيارو ۽ تصنع کان ڏور ماڻهو. مان به بورچيخاني ۾ صندليءَ تي ويهي، ديڳڙي مان چانور ۽ ٻوڙ ڪڍي، پيٽ ڀري سمهي پيس. هيءَ ته ٿي 1950ع جي ڳالھه. گرين هوٽل ان کان اڳ ۾ مرينا هوٽل سڏبي هئي، آخر ۾ پام گروؤ. هاڻي ته واپاري ڪلچر هيٺ، اهڙي سهڻي ۽ ڪشاده تفريح گاھ به ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي سيمنٽ بجريءَ جو کنڊر بڻجي دوڪان ۽ تجارتي آفيسن ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

4

1958ع ۾ منهنجو ٽيون نمبر پٽ اطهر، اهڙو ڪمزور هو جو ويهي به نه سگهندو هو. مون ڏٺو ته سندس هڏيون به ڪمزور هيون. شڪ پيم ته رڪيٽس، هڏين جي بيماري نه هجيس. ماڻس ته فڪرمند هئي پر ويچاري ڪڇندي ڪانه هئي هڪ ته پئسي جي ٻاڙائي هئي، ٻيو منهنجي نوڪريءَ جون ذميداريون هيون، سو مونکي فڪر مند ڪرڻ نه چاهيندي هئي. پر مون فيصلو ڪري ورتو ته ڪراچيءَ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر ڏي ٿا هلون. پنج ڏينهن موڪل جي درخواست ڏنم ته اياز قادريءَ کي لکيم ته فئملي سميت وٽس مهمان ٿيندس، سو ٻن مان هڪ ڪمرو اسان جي حوالي ڪرڻو پوندس. موڪل منظور ٿيڻ سان گڏ منهنجو بدليءَ جو آرڊر شڪارپور مان خيرپور ميرس به مليو. منهنجي گهر واري ويچاري پريشان ٿي وئي ته سامان سڙو ٻڌڻ، ٽرڪ ۾ روانو ڪرڻ ۽ ٻيا انتظام ڪرڻ سبب ڪراچيءَ جو پروگرام رد ڪرڻو پوندو. پر منهنجو فيصلو اٽل هئو. مقرر ڏينهن، مقرر ريل گاڏيءَ ۾ سڀني ٻارڙن کي ساڻ ڪري صبوح جو ڏهين بجي ڌاري، ڌني رام بلڊنگ، رام باغ روڊ، گهوڙا گاڏيءَ ۾ پهتس ته اياز قادريءَ کي هيٺ فوٽ پاٿ تي انتظار ۾ بيٺل ڏٺم. کلي خوش ٿي ڀاڪر پائي مليم ۽ گهر جي چاٻي هٿ ۾ ڏنائينم. چي سڄو گهر تنهنجي حوالي آهي. هنڌ کٽولا، اٽو چانور، پيل آهن، پنهنجو گهر ڪري سمجهجانءِ. مون ٻئي دوست سان ڪجھه ڏينهن رهڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ائين پاڻ گهر خالي ڪري هليو ويو. واھ قادري صاحب واھه. اهڙا وضعدار ۽ پيارا ماڻهو، سوبه ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾، ڪٿي لڀندا.
مون ڏس پتو وٺي، وڪٽوريا روڊ تي ماهر ڊاڪٽر حامد علي خان کان وقت ورتو. ان اطهر کي چڪاسي چيو ته بيماري ڪا به ڪانه اٿس پر چڱو جو وقت سر پهچي ويا، نه ته هڏيون چٻيون ٿي وڃنس ها. چيائين ته هر روز سئي لڳندي ڪئلشم سينڊوز جي ۽ سٽامن (بي ڪامپليڪس) وٽامن جي، لاڳيتو هڪ مهينو. پوءِ به ٻٽي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهي پياسين ۽ ٻارن کي گهمايم، جيئن دستور هئو، ڪياماڙي، منهوڙو، ڪلفٽن، راڻي باغ وغيره. اِلاڪو هائوس صدر ۽ لڪشمي بلڊنگ بندر روڊ به ڏيکاريامان جو سڄي ڪراچيءَ ۾ انهن ٻن بلڊنگن ۾ لفٽ لڳل هئي جن ۾ چڙهي ٻار تمام خوش ۽ حيران به ٿيا.
هڪ ڏينهن ٻارن کي فليٽ تي ڇڏي گهر واريءَ سان گڏ بندر روڊ تي معمولي شاپنگ ڪري، سنڌ مدرسه واري گهٽيءَ ۾ لڙياسين ته رشيد آخوند مليو جو نهايت ذهين، ڪهاڻي نويس ۽ ڳالهائڻو آهي. قرب سان وڌي اچي مليو. مون به گهر واريءَ کي اڳيان ڪري ساڻس واقفيت ڪرائي. رشيد کيس سلام ڪيو. پر هوءَ هئي سنڌ جي روايتي خاندان جي ڇوڪري سا شرمائجي پرڀرو پاسيري ٿي بيهي رهي. رشيد کڻي ڪهاڻيءَ تي بحث ڇيڙيو. منهنجي تازي ڪهاڻي ”مهرباني“ پڙهي هئائين. ان جي ڏاڍي ساراھ ڪيائين پرچيائين ته ”آخري جملا خواھ مخواھ ٽنبي مصنوعي ڪري ڇڏيو اٿئي.“ مون کيس ٻڌايو ته ”اهي جملا مون ڪٽي ڇڏيا هئا پر محمد ابراهيم جويي صاحب نه رڳو وجهي ڇڏيا پر مون کي خط به لکيائين ته جيئن ته اسان جو پڙهندڙ طبقو اڃان مئچوئر (پختو) نه ٿيو آهي تنهن ڪري ان کي اهڙا ڪؤڙا ڍُڪ بنا ملاوٽ ۽ پالش جي پيارڻ ضروري آهن!“ پر رشيد بحث ختم ئي نه ڪري ۽ منهنجي گهر واري ڪراچيءَ جي جولائي مهيني جي پوسرائيندڙ اُس ۾ بيٺي رهي. نيٺ مون رشيد کان موڪلايو. هو ويو ته منهنجي گهر واريءَ مونکي ميار ڏني ته ”توهان به ڪمال ٿا ڪريو جو ڌارئي ماڻهوءَ جي منهن وڌؤ. هڪڙو ته برقعي کانسواءِ وٺي آيا مٿان وري دوستن کي ٻڌايو پيا.“ مون مذاق ڪندي چيو ته ”ڀلا دوست کي ڇا چوان ته هيءَ دوست ڇوڪري (گرل فرينڊ) اٿم“ ته ’توبه! توبه!‘ ڪيائين.
هي ذڪر ايندي ياد ٿو اچيم ته گهڻو پوءِ 1980ع ڌاري تاج محمد ابڙي، جو منهنجو گهاٽو يار، ترقي پسند، آزاد خيال ۽ پارٽي ميمبر هئو تنهن وڏي جوش خروش سان مونکي عورت آزاد بابت ليڪچر پي ڏنو. مون بي خيالائيءَ سان ويٺي ٻڌو نيٺ کيس اڌ ۾ روڪي چيم ته ”رڳو گفتار جا غازي آهيو!“ چيائين ”ڇا مطلب؟“ مون چيو ”ڀائو عورت جي آزاديءَ جو ايڏو چئمپين آهين ته مان به پنهنجي گهر واريءَ کي وٺي آڻي ٿو سڀني دوستن جي منهن وجهان. تون به پنهنجي گهر واريءَ کي آڻ!“ ته وٺي رڙ ڪيائين، ”ائي، گهوڙا، جمال ماري وڌءِ!“، ۽ ڪڏهن به گهر واريءَ کي ٻاهر ڪونه ڪڍيائين. منهنجي گهر واري ته منهنجي سڀني دوستن جي منهن پئي. سواءِ مير صاحب جي، جو پاڻ چيائين ته ”مير صاحب آڏو ايندي شرم ٿو ٿئيم!“ زال کي همٿائجي ته هوءَ بلڪل مڙس ماڻهو ٿي حالتن جو مقابلو ڪري ٿي باقي پاڻ کي ئي اندر ۾ گدڙ هوندو ته زال پنهنجي ڇهين حس سان چڱي طرح ڄاڻي ٿي ته جي مون ائين ڪيو ته هي ڀاڙيو مون مان هزار چڪون ڪڍندو ۽ ٽوڪون هڻندو. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته ”پنهنجي گهر کان شروعات ڪيو!“ اهو سورهن آنا سچ آهي. باقي ٻيو سڀ ڊاڙ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ آهي.
گهر کان شروعات جو ٻيو هڪ واقعو ياد ٿو اچيم. منهنجي هڪ نياڻي کي هڪ پنهنجي رشتيدار نوجوان سان مڱڻو ڪرايم. کڙڪ پيم ته هوءَ راضي ناهي. نيٺ ڪن تي ڳالھه پيم ته هوءَ چوي ٿي ته جنهن جو پيءُ جمال ابڙو هجي ۽ ڀاءُ بدر ابڙو انهيءَ کي ڪا به طاقت سندس مرضيءَ خلاف شادي نٿي ڪرائي سگهي. بهرحال اهو رشتو ٽوڙيو سون ۽ سندس پسند جي شادي ڪرائيسون. ٻئي طرف تاج محمد ابڙي جو اها ڳالھه ٻڌي ته چيائين ته، ”مان هوند نڙيءَ تي لت ڏئي پرڻائي ڇڏيانس ها.“ اها ڪهڙي ترقي پسندي ۽ روشن خيالي آهي.
تاج محمد ابڙي جو ٻيو به هڪ واقعو ياد ٿو اچيم. نوابشاھ ۾ ائڊيشنل سيشن جج هئو ته هڪ ڏينهن اوچتو ڪراچي اچي منهنجي گهر نڪتو. اڪثر ايندو هو پر ان ڏينهن ڏٺم ته ڏاڍو پريشان هو. پڇڻ تي ڇا ڪيائين جو کيسي مان خط ڪڍي کڻي مونکي پڙهڻ لاءِ ڏنائين. ڪنهن نا معلوم ماڻهوءَ کيس لاڙڪاڻي مان خط لکي خبردار ڪيو هو ته هُو پنهنجي نياڻي کي ميڊيڪل ڪاليج مان ڪڍائي ٻئي ڪاليج ۾ داخل ڪرائي ڇو ته سندس نياڻيءَ جا پرڪار ٺيڪ نه هئا. مون خط پڙهي آرام سان چيو ته ”يار هي خط ته سڌو سنئون ڪوڙو ۽ ساڙ حسد تي ٻڌل آهي!“ مڙس هو غيرتي سو چيائين ”ڇا به هجي پر ڇوڪريءَ کي لاڙڪاڻي مان يڪدم ڪڍي نوابشاھ ڪاليج ۾ داخلا وٺرائجي!“ منهنجي ايتري هلندي پڄندي هئي جو مون کيس اطمينان ڏياريو ته ”ائين ٿي ويندو. پر پڪ ته ڪر ته ڪنهن اهو خط بدمعاشي ڪري لکيو آهي؟ نه ته ان بدمعاش جا حوصلا وڌي ويندا ۽ وڌيڪ ڪا بدمعاشي ڪندو.“ ته مونسان اختلاف ڪندي چيائين ته ”واھه جو ٿو ڏس ڏينم ته هٿ وٺي پڙهو ڏئي پنهنجي بدنامي ڪرايان.“ مون چيو ”تاج محمد بدنامي ڇاجي، تنهنجي نياڻيءَ جو ڏوھ ئي ڪونهي ته ڇرڪين ڇو ٿو؟ تون اهو خط نياڻي کي ڏيکار ته هوءَ پاڻ سمجهي ويندي ۽ توکي حقيقت ٻڌائيندي، نه ته به هٿ اکر سڃاڻي وٺندي.“ ڏٺم ته ڳالھه نه وڻيس پر منهنجي ڳالھه کي وزن ضرور ڏيندو هو.
سڌو ويو لاڙڪاڻي ۽ نياڻيءَ کي اهو خط ڏيکاريائين. پتو پئجي ويو ته اهو خط ڪنهن مڙد جو لکيل نه هو پر ڇوڪريءَ جي هڪ سهيليءَ جو لکيل هو جا ساڻس ساڙ ۽ حسد رکندي هئي ۽ ان سهيليءَ اها ڳالھه مڃي. پوءِ تاج محمد اطمينان سان موٽي نوابشاھ ويو ۽ فون تي مونکي سڄو قصو ٻڌائي چيائين ”ميان تون ته ڪا بلا آهين جو جهٽ ڳالھه جي تھه تائين پهچي وئين!“ انهيءَ ۾ بلا هجڻ يعني ذهين هجڻ جي ڳالھه ناهي. اصل ڳالھه آهي...حسن ظن، طبيعت ۾ ماٺار ۽ صبر جي. حسنِ ظن معنيٰ چڱو گمان. حضور سائين ﷺ فرمايو آهي ته حسنِ ظن رکو. يعني ڪنهن به واقعي يا عمل مان ٻه ٽي مطلب نڪرن ته جيڪو چڱو مطلب نڪري اهو قبول هجي. ڳالھه معمولي ٿي لڳي پر تمام اثرائتي ۽ فتني کي ختم ڪرڻ جي بهترين ترڪيب آهي.
ٻيو هڪ دوست ڪراچي ۾ پنهنجي ڀائٽي وٽ اچي ٽڪيو. شڪايت ڪيائين ته ڪمري ۾ ٻه کٽون پيل هيون پر سندس ڀائيٽيو بسترو کڻي وڃي ٻاهر ورانڊي ۾ ستو. ناراضگيءَ مان چيائين ته ”اهڙي نفرت هئس ته صاف چوي ها ته چاچا ڪٿي ٻئي هنڌ رهڻ جو انتظام ڪيو!“ چيومانس ”سائين! انهيءَ ۾ نفرت جي ڪهڙي ڳالھه آهي. ٿي سگهي ٿو چاچي جي عزت خاطر ائين ڪيو هجيس يا متان کيس زڪام کنگھه يا کونگهرا هڻڻ جي عادت هجي!“ پر ڏٺم ته يار کي ڳالھه نه وڻي، چي ”پاڻ ته اهڙي ڳالھه ڪانه ڪيائين توهين پيا مٿس ڪک رکو!“ حقيقت ڇاهي جو ماڻهو پنهنجي موقف تي ڳنڍ ٻڌي ان کي صحيح سمجهن ٿا ۽ چاهين ٿا ته ٻيو به سندن تائيد ڪري. سچ ته، ”سوچ تابع آهي خيال جي!“ جيڪڏهن ڪو خيال توهان جي دل ۾ ويهي رهيو ته هر رواجي واقعي يا عمل کي ان سان جوڙي پنهنجي سوچ جي تائيد ۾ ثبوت طور استعمال ڪندا، تمام ٿورا ماڻهو آهن ڊاڪٽر اياز قادري جهڙا جيڪي پاڻ کي گهٽ سمجهي، مخالف جي ڳالھه کي وزن ڏئي تڪ تور ڪن ۽ پاڻ کي ڏوھ ڏين. سو به کلي کلي ۽ معصوماڻي انداز سان.
مون محسوس ڪيو ته اڳلي کي غلط سمجهندي به قادري صاحب ڄاڻي واڻي ان جي عمل ۽ فعل جي سمجهاڻي انهيءَ حق ۾ ڏيندو هو. اهڙو ماڻهو ڪو هزارن ۾ هڪ به مشڪل ملي. ڇا اهڙو ماڻهو ڪنهن جي گلا ڪري سگهي ٿو؟ گلا ڪرڻ ته پري، پر ڪنهن جي گلا ٻڌي به نه سگهندو. جنهن جي گلا ڪئي ويندي هئي ان جو دفاع ڪندو هو يا ان ڳالھه جو رخ موڙي ڇڏيندو هو. اهڙا فرشتن جهڙا انسان هن ئي دنيا ۾ پيا آهن جن جي صدقي هي دنيا پئي هلي.
ڪراچيءَ ۾ اياز جو گهر، لاڙڪاڻي وارن لاءِ ته کليو مهمان خانو هئو. ڪنهن کي جهل پل هئي ڪانه. جڏهن فئمليءَ سان گڏ رهڻ لڳو ته مهمان جو انتظار بالڪني ۾ بيهي ڪندو هو ۽ کيس ڏسي مٿان ئي چوندو هو ته بيهجانءِ مان اچان ٿو. پوءِ کيس وٺي وڃي ڀر واري ايراني ريسٽارنٽ ۾ ويهاريندو، جتي ڪرسيون ميزون هڪيون حاضر ۽ چانھه به تيار. ڪلاڪ ٻه اتيئي ڪچهري ڪندو هو ۽ ايراني به سمجهي ويو هو ته پروفيسر صاحب جو مهمان آهي ۽ ان سان اهڙو ورتاءُ ڪجي.
اياز صاحب جي قوت برداشت به مڻن ۾ هئي. سندس گهر مٿان هئي مرحوم حفيظ شيخ جي فليٽ. حفيظ جي فليٽ جو فرش ٽٽي پيو معنيٰ اياز جي ڇت اگهاڙي ٿي پئي. مينهن، اس، گندڪچرو سڀ اياز جي گهر ۾. ويٺو کلي ۽ وڃي کين منٿ ڪري ته فرش ٺهرائي ڇڏين. هو سکڻي هائو حاضر ڪيو ڇڏين. نيٺ اياز پنهنجي خرچ تي سڄو ڪم ڪرائي، خوش ٿي ويهي رهيو. اف به نه ڪيائين. فقيري گهر جو فقير ماڻهو، بلڪل عملي طور. صاف گُو به اول نمبر جو. مانيءَ جي دعوت ڏني مانس ته چيائين، ”جمال مهانگي پوندم. ٽئڪسي رڪشا جو اوٽ موٽ جو ڀاڙو، مانيءَ کان وڌيڪ ٿيندو؟“ سچ چيائين. سندس گهر جي ٽڪرن تي پليل ڇوڪرا جڏهن پڙهي پئسن وارا آفيسر ٿي ويا ۽ کيس نظر انداز ڪندا هئا ته به پروفيسر صاحب چپ، ڪڏهن لب ڪشائي نه ڪيائين. شڪوو شڪايت سندس سرشت ۾ ڪونه هئا.
اياز قادريءَ سان سنگت ننڍپڻ کان وٺي هلندي آئي جيتوڻيڪ هو مدرسه هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو جتي سڀ شاگرد مسلمان هئا ۽ وچولي يا غريب طبقي جا هئا ۽ ماستر به سڀ مسلمان هئا. پرنسپال هئو مسٽر اوپل، پوءِ جعفري صاحب پوءِ قريشي صاحب. رحمت الله قريشي وڪيل جو چاچو، نالو وسري ويو اٿم. ها، نالو هئس محمد فتح قريشي ڏاڍو ڀلو ماڻهو ڏاڍو شريف با اخلاق ۽ با ڪردار ماڻهو هئو. مان وري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس جتي اڪثر شاگرد هندو هئا ۽ ماستر به سڀ هندو سواءِ ڊرل ماسٽر جي. يعني اجتماعي ورزش به تعليم جو حصو هئي جنهن لاءِ پيرئڊ مقرر هئا. ڊرل ۾ سڀ شاگرد سواءِ ڇوڪرين جي، حصو وٺندا هئا. جهڙالو ٿيندو هو يا ٿڌڙي هير لڳندي هئي ته سڄي اسڪول ۾ موڪل ڪري ٻاهر ميدان ۾ سمورن ڪلاسن جي گڏيل ڊرل ڪرائي ويندي هئي.
هيڊ ماستر هئو ديوان ڪرمچند هنگوراڻي جو اهڙو چڱو ماڻهو هو جو ڇا ڳالھه ڪجي. سڀ ڪنهن سان پيار ڀريو ورتاءُ ۽ شفقت. منجهس هندڪي مسلمانڪي ڪانه هئي. ساڌ هو ساڌ. مان پنجين درجي (اڄ اٺون ڪلاس) ۾ آيس ته سائين ڪرمچند بدلي ٿيو. سندس جاءِ تي آيو ديوان ڌرمداس جيڪو ڏاڍو ڪڙڪ مزاج، ڪاوڙيل ۽ سخت هو. اُهو اسان کي ڪونه وڻيو. کانئس ڊڄندا هئاسون.
ڪنهن کان ڊڄڻ، ان جي عزت ڪرڻ جي برابر ناهي. اهو سبق مونکي خيرپور ميرس ۾ منهنجي سيشن جج پير غلام حيدر ڏنو جو ڏاڍو پيارو ۽ عجب جهڙو ماڻهو هئو. مان پنهنجن ماتحتن، سرشتيدار، ڪلارڪ، بيلف، ۽ پٽيوالن سان هلندو ته چڱو هئس پر سرڪاري ڪم جي باري ۾ نهايت سخت گير هئس. ٿوري گهڻي غلطيءَ تي به دڙڪو دهمان گهڻو ڪندو هئس. جيتوڻيڪ مٿن ڪو قدم ڪونه کڻندو هئس، نڪي لکت ۾ سندن خلاف رپورٽ ڪندو هئس. وڪيل ۽ پوليس وارا به مون کان ڪن هڻندا هئا. هڪ ايس ايڇ او جي منهنجي ڪورٽ ۾ شاهد طور حاضري هئي. ٻڌم ته صبوح جو سوير اٿي وهنجي سهنجي وردي پائي ڪاغذ پٽ ٺيڪ ڪرڻ لڳو ته پوليس وارن پڇيس ”سائين خير ته آهي“، ته طنز وچان چيائين ”بابا اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري آهي!“ حالانڪ مان معمولي سب جج هئس. اها ٽنڊي الهيار جي ڳالھه آهي ۽ ايس ايڇ او هئو مرحوم اميد علي جوڻيجو، امداد علي جوڻيجي جو وڏو ڀاءُ. خيرپور ميرس ۾ ايس ايڇ او هئا فرزند علي شيخ ۽ پوءِ سيد جهان شاھ جي ٻئي ناميارا همت ڀريا پوليس آفيسر هئا.
پوليس آفيسرن جي عادت هئي ته جاچ مقرر وقت چوڏهن ڏينهن ۾ پوري ڪري نه سگهندا هئا ته ڪچو چالان پيش ڪري ڇڏيندا هئا پوءِ ڇھه ٻارهن مهينا يا اڃا به وڌيڪ جوابدار بي دريافتو جيل ۾ پيو هجي ۽ ڪيس به ڪونه هلي. مان ڪچو چالان يا ٽيمپرري چالان وٺندو ئي ڪونه هئس ۽ ڪاغذ اڇلائي پوليس وارن کي ڏيندو هئس. هڪ ڏينهن سيد جهان شاھ پاڻ ڪچو چالان کڻي آيو ته شايد سندس مان رکي ماٺ ٿي وڃان. انهيءَ جا ڪاغذ به مون کيس اڇلائي ڏنا ۽ چيم ته ”پڪو چالان کڻي اچ!“ ته ناراض ٿيندي همت ڪري چيائين ته ”جج صاحب هن ڪورٽ ۾ ڪ پ ڪ (ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ) نه هلندو آهي ڇا؟“ مون چيس ”هڪ ڏينهن جي مهلت اٿئي قلم 512 ۽ ٻيا قلم پڙهي مون وٽ هليو اچ. لفظ ڪچو چالان ڪٿي به نظر اچئي ته منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪجانءِ“، ڪلاڪ ٻن ۾ موٽي آيو ۽ چيائين ته ”ڪچي چالان بابت ڪابه گنجائش ناهي. باقي ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ٻي تاريخ وٺڻي آهي.“ مون چيو ”بس ائين ڪر.“
روينيو کاتي جا مئجسٽريٽ مختيارڪار ۽ ايس ڊي ايم پوليس سان ڳٺ جوڙ ۾ هوندا هئا ان ڪري اهڙيون غلط روايتون پئجي ويون جن کي بلا تردد قانوني تقاضا يا قانون جو درجو ڏنو ٿي ويو. ٻي به هڪ روايت پئجي وئي هئي ته جوابدار جو چوڏهن ڏينهن رمانڊ وٺڻ ڄڻ پوليس جو حق بڻجي ويو هو. پوليس وارا ڪيس جون جاچ ڊائريون به مئجسٽريٽ کي ڪونه ڏيندا هئا ۽ هڪ صفحي ۾ ڪيس جو اختصار ڏئي رمانڊ وٺي ويندا هئا. مون اها روايت به ٽوڙي. هڪ پوليس آفيسر ته ڪاوڙ ۾ چيو ”ته پوءِ ڇڏي ڏيو جوابدار کي!“ مون به ٺھه پھه چيو ته ”هائو! کوليوس هٿڪڙيون.“ ۽ مون کيس ڇڏي ڏنو. هڪڙو ڪراچيءَ جو ايس ايڇ او مسٽر جعفري ته اڙي هڻي بيٺو ته، ”ڊائرين ۾ ته اسان جون ڪچايون ڦڪايون ڀريون پيون آهن سي ڪيئن ڏبيون ؟ باقي ان جو اختصار ڏبو!“ مون چيس ”وڃي قانون پڙهي اچ!“ بڙ بڙ ڪندو هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ موٽي اچي چيائين ته ”واقعي قانون موجب ڊائرين جي مڪمل ڪاپي ڪورٽ کي ڏيڻي آهي!“
ٻيو ته ٺهيو خود مئجسٽريٽ صاحبن کي به خيرڪو اهڙي ڄاڻ هئي. خيرپور ميرس ۾ هڪڙو ايس ڊي ايم هئو ڪرم الله ميمڻ، عبدالفتاح ميمڻ جو سؤٽ. ڏاڍو چڱو ماڻهو هو پر پاڻ کي قابل ڏاڍو سمجهندو هو. تنهن وقت ايس ڊي ايم کي ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جا اختيار هئا. وٽس ڪا ٽرانسفر درخواست آئي سو مونکان رمارڪ طلب ڪيائين ۽ لکيائين ته ڪيس جو سمورو رڪارڊ کيس ڏياري موڪليان. مون رمارڪس ته موڪليا، باقي ڪيس نه موڪليم ته ڪاوڙ ۾ لکي موڪليائين ته ”هڪ سپيرئر مئجسٽريٽ جي آرڊر جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي آهي.“ مون لکي موڪليو ته ”هن ۾ سپيرئر ۽ انفيرئر (اعليٰ ۽ ادنيٰ) جي ڳالھه ناهي. جهڙو ايس ڊي ايم فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ تهڙو سب جج. باقي جيڪڏهن اعليٰ مئجسٽريٽ صاحب پنهنجي اعليٰ علم مان منهنجي ادنيٰ علم ۾ اضافو ڪري ته سندس مهرباني!“ منجهي پيو ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر علي عباس شاھ کي گهرايائين. مون ان کي اڳ ۾ ئي سمجهائي ڇڏيو هو ته ”ڪيس ته ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو، انتظامي تقاضائن هيٺ. باقي اڳواٽ گهرائي نٿو سگهي.“ رڳو مون ائين نه ڪيو، پر سڀئي جج ائين ڪندا هئا. ان ڪري انتظاميه ۽ پوليس اڄ تائين جڊيشل مئجسٽريٽن جي مقرريءَ جي سخت مخالف آهي.
منهنجا ماتحت، منهنجي سختيءَ سبب مونکان هيسيل ۽ ڊنل هئا. هڪ ڏينهن شام جو پير غلام حيدر صاحب مونکي گهرائي چانھه پياري سمجهايو ته ڪنهن کان ڊڄڻ عزت جي مترادف ناهي. چيائين ”مسٽر ابڙا ڏس نه، هڪڙو پوليس وارو ڳوٺ ۾ ٿو وڃي ته سڀ ڳوٺاڻا ڊپ ۾ ڀڄي ٿا وڃن ۽ هن جي وڃڻ کان پوءِ هن کي گاريون ٿا ڏين. اها عزت ته نه چئبي نه؟“ مونکي نياپو صاف پهچي ويو ۽ مون ڪجھه نرم رويو اختيار ڪيو. ان وقت مونکي سائين ڪرمچند هڱوراڻي ياد آيو. انهيءَ لاءِ اڄ به عزت ۽ محبت اٿم ۽ سائين ڌرم داس تي اڃا تائين ڪاوڙ اٿم. ڇا ٿيو جو هڪ ڏينهن ٽي چار ڇوڪرا ڪلاس کان ٻاهر ورانڊي ۾ ڳالهائڻ ۾ مشغول هئا. مان گهٽ ڳالهائو پاسيرو اڪيلو بيٺو هئس. ڪلاس ٽيچر اڃا ڪونه آيو هو. مسٽر ڌرم داس ڪو رائونڊ تي نڪتو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين ته ”سڀ منهنجي آفيس ۾ اچو!“ مان ڊنس سو ڪلاس ماستر سان ڳالھه ڪيم. ان دلداري ڏئي چيو ته توکي ڪجھه چوي ته چئجانس ته ”سائين منهنجي ڪلاس ٽيچر کان منهنجي چال چلت بابت پڇو. پوءِ مان پاڻهي تنهنجي سفارش ڪندوسانس!“ سائين ڌرمداس وٽ مان آخر ۾ ويس ۽ ڊڄندي ائين ئي چيومانس ته ويتر ڪاوڙ ۾ چيائين ”هي وري چڱو مڙس آيو آهي جنهن لاءِ ڪلاس ٽيچر کان پڇان. ڪڍ هٿ ٻاهر!“ هٿ ڪڍيم ته تريءَ تي نيٽ جو لڪڻ اهڙو زور سان هنيائين جو ڪنن مان زوزاٽ نڪري ويا ۽ ڏکارو ٿي ٻاهر نڪري آيس. اها مون لاءِ ڪنهن استاد جي پهرين ۽ آخري مار هئي. ڪلاس ٽيچر کي وڃي هٿ وارو ڏنو ڏيکاريم ته اهو به ڏکارو ٿي ويو. ان مهربان ڪلاس ٽيچر جو نالو وسري ويو اٿم. شايد شڪارپور وارو مسٽر گانڌي هئو. باقي مسٽر ڌرم داس جو غصيلو چهرو اڃا ياد اٿم ته پڻ نيٽ واري لڪڻ جو هٿ جي تريءَ تي ڏنو. ڏسو، سٺ سال گذري ويا آهن ته اها سختي ياد اٿم ۽ سائين ڪرمچند جو مهربان چهرو به ياد اٿم. پير صاحب، پير غلام حيدر جي ڳالھه وزندار هئي ۽ هينئين سان هنڊايم.
پر چوندا آهن ته آسمان مان لٿا چار ڪتاب (زبور، توريت، انجيل ۽ قرآن) ۽ پنجون ڏنڊو. ڏنڊي مان مقصد توپ، ترار يا بندوق نه آهي، پر معاشري جو ڪو به دٻاءُ، انگريزي ۾ ان لاءِ ڏاڍو سٺو لفظ آهي، سينئڪشن يعني روڪ، اسان جي معاشري ۾ روڪ جا مختلف انداز آهن. روڪ ٽوڪ هڪ عام هلڪي مار آهي جنهن بي هر ڪنهن کي آزادي هوندي هئي. عبدالله ميمڻ صاحب کان هڪ ڏينهن پڇيم ته ”ڪراچيءَ جهڙي شهر ۽ لياريءَ ۾ رهندي تون ههڙو راڄائتو ماڻهو ڪيئن ٿئين؟“ چيائين ”اڙي سائين جي ڀل ۾ ٽوپي پائڻ وسري وئي ۽ ائين مٿي اگهاڙو گهر مان نڪتس ته سڀ ماڻهو دڪاندار وغيره چوندا ”ڏٺوَ ڏٺوَ، جانوءَ جو ڏيڪرو (جان محمد جو پٽ) هاڻي مٿو اگهاڙو ڪري پيو“ اهو ٻڌي ڀڄي گهر ويندو هئس ۽ ٽوپي پائي ايندو هئس. اها هئي معاشري جي روڪ. پوءِ به جيڪڏهن ڪو نه سڌريو ته سندس وڏن کي ڪن کڻائبو يا دانهن ڏبي. جي معاملو سنگين هوندو ته برادري ۾ ڳالهه ويندي. ڀت ڀاڄيءَ مان ڪڍڻ يعنيٰ بائيڪاٽ ڪرڻ جو رواج به هئو. سڀ هڪٻئي کي سڃاڻندا هئا ۽ خبر به رکندا هئا.
هاڻي ته اهو نظام ٽٽي ويو آهي. هڪڙي بلڊنگ ۾ رهندي، آمهون سامهون رهندڙ فليٽ وارا نه هڪٻئي کي سڃاڻن، نه نالو اچين. الحمدالله! لياري ۾ اڃا تائين ائين ناهي ٿيو. 81-1980 ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جون اليڪشنون ٿيون. مارشل لا وارن جو زور هجي ته ڪوڙا ووٽ نه پون. مان پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ٿيس ۽ علائقو مليو لياري ته مطمئن ٿي ويس. ڏاڍي يقين سان چيم ته ”هڪ به ڪوڙو ووٽ نه پوندو!“ ملٽري وارن کي ۽ ڪمشنر صاحب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي ڪيئن ٿو اهڙي اڳڪٿي ڪري. 2، 3 ڏينهن لياريءَ ۾ جيپ تي چڪر هڻي اميدوارن، چڱن مڙسن ۽ پٽيلن کي هٿ جوڙ ڪيم ته ”واجا ڪوڙو ووٽ پيو ته عزت جو سوال آهي!“ اليڪشن واري ڏينهن هر هڪ بُوٿ تي ڀڄ ڊوڙ ڪرڻي پئي، رڳو پنهنجو وجود محسوس ڪرڻ لاءِ، ڪوڙو ووٽ ڪيئن پوندو جڏهن هر ڪو هر ڪنهن کي پيءَ جي نالي سان سڃاڻي پيو. وقت تي اليڪشن ڪرائي لفافا سيل مهر ڪرائي. پولنگ آفيسرن کي روانو ڪري، ڳاٽ اوچو ڪري اچي اعليٰ درجي جي ميٽنگ ۾ گهڙي اعلان ڪيم ته بلڪل فيئر اليڪشن بنا دنگي فساد جي ٿي وئي.
اڄڪلهه اهي معاشري جون بندشون آهن ڪونه. معاشرو صفا ٽٽي ويو آهي. ٻيو ته ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو اصل نه سڌرندا آهن. چوندا آهن ته لتر کي پڄي چڪر يا سوٽي هجي ساڻ ته گڏھه گوهي نه ڪري. ٽنڊو الهيار ۾ منهنجو تمام پيارو دوست هو حاجي محمد اڪرم پاٽولي. مرحوم تازو گذاري ويو آهي. هڪ ڏينهن هٽڪندي هٽڪندي ڳالھه ڪيائين ته ”جمال صاحب هڪ ماڻهو چوي ٿو ته جج صاحب کي پئسا به کارايا اٿم ته به ڪم نٿو ڪري!“ مون چيو ”حاجي صاحب ڏاڍو چڱو، رڳو خبر وٺي ڏي ته ڪنهن کي پئسا ڏنا اٿس!“ حاجي صاحب انهي وير اٿي ڪار ۾ چڙهي روانو ٿيو. ٿوري دير ۾ موٽي آيو، چيائين ته چوي ٿو ته ”خود جج صاحب کي هٿ ۾ ڏنا اٿم! منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، چيم حاجي صاحب هاڻي سڃاڻپ لاءِ قطار ته ڪو نه ٺاهبي. صبر سان تون به جاچ لهه، مان به جاچ ڪيان ٿو.
منهنجو سرشتيدار هڪڙو مهاجر هو، ويهندو مٿي مونسان گڏ ڪورٽ جي ٿلهي تي هو. خبر پئي ته هو روزانو شام جو فُل سوٽ ۽ فليٽ هيٽ (ٽوپلو) پائي لڪُڻ هٿ ۾ کڻي سرڪاري پٽيوالو ساڻ ڪري پسار ڪندو هو. ماڻهو سندس گهر ويندا هئا ۽ پڇا ڪندا هئا ته ”جج صاحب گهر ۾ آهي؟“ جواب ملندو هئن ته ”جج صاحب ويٺو آ پر ملندو ڪونه.“ هاڻي ٻڌايو ته اهڙي ماڻهوءَ سان ڪهڙو رستو اختيار ڪجي. مون کيس ڪجهه به نه چيو پر ڀري ڪورٽ ۾ وڪيلن ۽ ڪيسن وارن ماڻهن جي روبرو تڙيون ڏيڻ ۽ زور زور سان بدشد اکر چوڻ لڳوسانس. مثلاََ ”نالائق، بيوقوف، گڏهه، اُلو، ڪميڻا وغيره“. ٻه ٽي ڏينهن جو ايئن ڪيم ته هو موڪل وٺي حيدرآباد هليو ويو ۽ پنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏيائين. ويچارو جلد ئي پوءِ گذاري ويو. الله پاڪ مغفرت ڪندس. جسٽس نانا ته چوندو هو ته نافرمان ماتحت کي چيمبر ۾ سڏائي در بند ڪري موچڙا هڻوس، اهو زمانو ٻيو هو جو آفيسر به جسٽس نانا جهڙا شاندار ماڻهو هئا ۽ ماتحت به سُور پي ويندا هئا.
چوڻ جو مطلب هو ته آسماني ڪتابن سان گڏ ڏنڊو به ضروري آهي. منهنجو ڀاءُ ڪمال به ڏاڍو ڪڙڪ آفيسر هو. ماتحت ته ٺهيو پر سندس بالا آفيسر به کانئس حتر ڪندا هئا. اهو ڏاڍي پياري ڳالهه ڪندو هو. جڏهن مان کيس ائين ڪرڻ کان معنيٰ ڪندو هئس ته چوندو هو ته، ”سائين، اسين ڏاڍا شريف ماڻهو آهيون، پر ڇا ڪجي بدمعاش ٿا اسان کي اهڙو بڻائين. زوري مجبور ٿا ڪن، اسين به بدمعاش ٿيون؟ چوندو هو کير نج کپيوَ ته مينهن پنهنجي بيهاريو. اٽو صاف سٿرو کپيوَ ته ڪڻڪ ته پنهنجي هجي پر چَڪي به پنهنجي هڻو!“ ائين ڳالهيون ڪندي پنهنجي مينهن وٽ اچي بيهاريائين، چيائين ”هي ڏسو ڏٻري آهي!“ ائين ڪندي نوڪر کي سڏ ڪيائين، چيائين ”بابا هن کي چارو ڪهڙو ڏيندو آهين؟“ هن سڀ نالا کنيا، ”ڪتر، ڪٽي، ڪڪڙا، گهاڻي مان نڪتل سرنهه جو ڦوڳ، کڙ“ ”ڪيترا پئسا روز؟“ ”سائين پنجاهه سٺ رپيا لڳي ٿا وڃن.“ ”پوءِ ڇو ڏُٻري آهي؟“ ”سائين بيمار هوندي!“ اُتي جو اُتي ڊرائيور کي موڪليائين ته ”جانورن جي ڊاڪٽرن کي وٺي آ.“ ڊاڪٽر آيو، چيائين ته ”ڪا به بيماري ڪا نه اٿس. خوراڪ گهٽ اٿس“ پنجاهه، سؤ رپيا ڊاڪٽر به وٺي ويو. اُتي ڪمال چيو ته ”ابا فلاڻي مينهن جو چارو آڻيندڙن کي سڏ ڪيو.“ سندس پارو چڙهندو ٿي ويو ۽ مُٺيون پي ڀڪوڙيائين ۽ کوليائين. اچي ٻڌايائونس ته ”سائين اهو نوڪر ته ڀڄي ويو. موچڙا سُجهي آيس.“ ڪمال چيو ”سائين پاڻ ڏسو. هاڻي ڇا ڪجي. گگدام کي بُک ماري ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو. اهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏجي؟“ ڪهڙو جواب ڏيان. چيومانس ”سائين کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي. ڪيترن کي موچڙا هڻي ڪيترن کي هڻندا؟“
خيرپور ميرس ۾ مون وٽ بورچي هو نظر محمد. سرڪاري پٽيوالو هو پر پير صاحب، سيشن جج جي اجازت سان کانئس بورچيءَ جو ڪم وٺندو هئس. ڏاڍو چورٽو هئو، ڪاٺيون هيون مهانگيون سو ٻيلي کاتي جي صاحب مون ڏي اُٺ ڪاٺين جو ڏياري موڪليو، جو منهنجي پرپُٺ نذر محمد لاهرائي ڇڏيو. شام جو ڪورٽ کان موٽيس ته ڪاٺين جو ڍير ڏسي نظر محمد کان پڇيم. چيائين ته ”سائين اُٺ لنگهيا، سو پنجويهه رپين ۾ بيگم صاحب کان پڇي اُٺ ڪاٺين جو لهرائي ڇڏيم.“ پنجن ستن ڏينهن کانپوءِ ٻيلي وارو صاحب مليو ۽ پڇيائين ته ”اُٺ ڪاٺين جو مليو؟“ ”هائو!“ چئي سندس ٿورو مڃيم. موٽي اچي نظر محمد کان سچي ڪرايم پوءِ ته ٿڦن سان ڪُٽي رکيومانس. هو به اهڙو اُستاد جو روئندو رڙيون ڪندو وڃي سيشن جج کي ٻڌايائين. پير صاحب ڏاڍو خبر رکڻ وارو هو، اُن چيس ته ”موچڙن لائق ته آهين، باقي چوين ته ابڙي صاحب وٽان بدلي ڪري ڇڏيانءِ!“ ته به چيائين ته ”نه سائين بدلي نه ڪر، ٺيڪ آهيان!“ ڪمال جي ڳالهه جو ثبوت ته، ”ٻيا ٿا اسان کي بدمعاش بڻائين. اسين ته شريف آهيون.“ تڏهن به اندر وارو چوي ٿو ته اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. ٻيو ڪو ماڻهو پنهنجي ڪِريل عمل سان اسان کان نامناسب عمل ڪرائي ته ڪوتاهي ته اسان جي چئبي. پنهنجي پرک جي ڪسوٽي ايڏي سخت رکبي ته پنهنجا پَلوَ پسائڻ کان بچي سگهبو. لطيف سائين به فرمائش ڪئي ته مڇڻ پاند پسائين. بلڪل ساڳيا لفظ مولانا رومي به چيا آهن ته دامن تر مڪن.
اياز حسين قادريءَ جون ڳالهيون ڪندي پنهنجي پڏڻ پائيءَ ۾ پئجي ويس، الائي ڇا. اياز پڙهيو مدرسه هاءِ اسڪول ۾ جتي سڀ شاگرد به مسلمان ته ماستر به سڀ جو سڀ مسلمان ڇوڪري هڪ به نه. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪريون گهڻيون ئي هيون پر مسلمان رڳو هڪڙي. انهيءَ مان اندازو لڳايو ته مسلمانن ۾ تعليم جو ڪهڙو حال هوندو. ٻيو ته ٺهيو حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ ڊي جي نئشنل ڪاليج ۾ رڳو جتي سوين ڇوڪريون هيون اُتي مسلمان ڇوڪريون رڳو ٻه هيون. هڪڙي فهميده شيخ صاحبه جا جناب اسلم شيخ صاحب جي نياڻي هئي ۽ ٻي هڪ پنهور فئملي جي ڇوڪري هُئي جنهن جو نالو نه اُن وقت خبر هئم نه هاڻ. ٻئي بافضيلت اُٿڻ، ويهڻ، هلڻ چلڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ محتاط، فيشن ۽ ميڪ اپ اصل نه. لباس سادو سفيد رنگ جو ۽ مٿي تي نه رڳو پوتي پاتل بلڪه ٻُڪل نڪتل. اهڙو هو مسلم معاشرو. اياز قادري به هڪ روايتي خاندان جو فرد بلڪل ان ٻُوساٽيل ماحول ۾ نکڙيو. ننڍي عمر ۾ ئي جمعيت الشعراءِ سان لاڳاپيل رهيو ۽ معمر حضرات حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، نواز علي نياز ۽ ٻين اهڙن اڪابرن جي صحبت ۾ رهيو. انهيءَ هوندي به دل ۽ ذهن جا دروازا ٻوٽيل نه رکيائين. ترقي پسند تحريڪن، هاري مزدورن مسئلن، سياسي اُٿل پٿل سان واڳيل رهندو آيو.
سندس لاڙڪاڻي وارو گهر ته ٺهيو پر سندس ڪراچيءَ واري فليٽ ۾ ڏس ته محمد ابراهيم جويو، رباني، جمال ابڙو، سراج، حيدر، بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ هر قسم جا ماڻهو ويٺا آهن. سنڌي ادبي سنگت جون ميٽنگون وٽس پيون ٿين. مشاعرا پيا ٿين، ڪهاڻيون پيون پڙهجن ۽ قومي ۽ معاشي توڙي سماجي مسئلا پيا بحث هيٺ اچن ۽ جيڪو به پروگرام ٺاهيو قادري صاحب کلندي کلندي پنهنجون خدمتون پيو آڇي ۽ ڀرپور تعاون ۾ عملي حصو پيو وٺي. انڪار ڪندوته به پيو کلندو ۽ هٿ جي تري کولي نه! نه! پيو ڪندو.
اخلاص ۽ اخلاق جو مجسمو. هئو اهل تشيعه جو پر ڪڏهن به اهڙو ذڪر نه ڪيائين، نه بحث ڪيائين. جيتوڻيڪ الطاف قادري بحث جو ڪوڏيو ۽ پنهنجي مسلڪ جي حمايت ۾ جوشيلو ٿي ويندو هو پر اياز قادري کيس به کلندي کلندي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. تعصب کان بلڪل پاڪ، تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار. ايڏو کليل ذهن جو، نماز به سُني مسجد ۾ پڙهندو هو. مونکي اڪثر مغرب يا عصر نماز تي گاڏي کاتي واري ميمڻ مسجد ۾ ملندو هو. پڇانس ته ”اياز هي ڇا؟ نماز ته سُنين سان گڏ پيو پڙهين“، کلندي چوندو هو ته نماز، جماعت ۽ صفون قطارون ته هت ٿين ٿيون مقرر وقت تي. هتي ته الائي ڇا آهي نه وقت سر نمازون نه صفون نه باقاعدگي!“ مان ڪوڙ ڪو نه ٿو ڳالهايان ڀلي قادري صاحب کان پڇي ڏسو. سندس کلڻ ۽ ڳالهائڻ جو انداز ايڏو پيارو ۽ معصوماڻو آهي جو هر وقت اکين آڏو پيو ڦري.
الطاف جو والد صاحب ميان غلام عباس قادري صاحب گذاري ويو ته قادرين ۾ هڪ خال پيدا ٿي ويو ۽ اياز کي راضي ڪيائون ته نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ کي خيرآباد چئي اچي، لاڙڪاڻو وسائي. سندس گهاٽو وفادار ۽ ذهين يار هئو، مرحوم تاج محمد ابڙو. ان سان صلاح ڪيائين ته ان سندس ڀرپور تائيد ڪئي ۽ پڻ همٿائيو. اتفاقاََ مان به تن ڏينهين لاڙڪاڻي ۾ هئس، تاج محمد جي موجودگيءَ ۾ مونسان صلاح ڪيائين، چيائين ته ”ٻني ٻارو اٿم، وڪالت به ڪندس، برادري به سڄي هتي اٿم، سو کڻي ٿو بسم الله ڪيان!“ مان پنهنجي راءِ زوريءَ ۽ زوردار نموني ڪنهن تي ٿوڦيندو ناهيان. سو آرام آرام سان سمجهايو مانس ته پڪي عمر ۾ نوان نوان تجربا نه ڪري. چيم وڪالت جون نامحروميون، زمينداريءَ جا پيچ ۽ برادري جون گهنتريون کيس دلشڪستو ڪري ڇڏيندا. چيومانس ته ”ڀائو جنهن مٽي مائٽي ۽ برادري تي تون ڪُڏين ٿو اُن جا ڏک ۽ ڏنگ سهي ڪو نه سگهندين!“ پر پتي تي پاڻي ڪو نه پيس ۽ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو، چيومانس ته ”ڀائو تنهنجي منظم زندگي، وقت جي پابندي، لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهيل لکيل طبقي سان اٿڻ ويهڻ صرف ڪراچيءَ ۾ پروفيسر رهڻ سان قائم رهي سگهي ٿو. هتي جڏهن عملي تجربا ٿيندئي تڏهن هٿ هڻندين. سو ڇا ڪر جو ڊگهي موڪل وٺ ۽ ڀلي لاڙڪاڻي ۾ ٻارنهن مهينا پاڻ کي آزمائي ڏس!“ شامل راءِ نه ٿيو پر ائين ڪيائين. پوءِ ڏٺم ته لاڙڪاڻو ڇڏي، اچي ڪراچيءَ ۾ تعليمي ۽ تدريسي سلسلو جاري رکيائين.
ڪراچيءَ ۾ مليم ته بنا ڪؤڙاڻ جي چيائين ته، ”جمال سچو آهين جيڪي تو چيو ائين ئي ٿيو.“ هينئر ڪراچيءَ ۾ معزز باعزت باڪردار ماڻهو آهي. صحت ڪري پئي اٿس. شايد ذيابيطس جي بيماري اٿس. ڏاڍي منحوس بيماري آهي، ڊاڪٽر چون ٿا ته ذيابيطس بذات خود بيماري ناهي پرٻٽيهه بيمارين جي ماءُ آهي. اندر کائي ٿي وڃي، قادري صاحب ڪمزور ٿي ويو آهي، نظر به گهٽجي وئي اٿس ۽ ڪراڙو ٿو لڳي. شيريٽن هوٽل ۾ لاڙڪاڻي واسين جو جلسو هيو، ان ۾ تقرير ڪندي چيائين ”اسين ڪراڙا پيرسن ماڻهو!“ ائين جو چيائين ته مون کانئس مائيڪ ڦري زور سان چيو ته، ”ڪوڙ ٿو ڳالهائي مونکان ٻه سال ننڍو آهي ۽ مان اڃا جوان آهيان!“ منهنجي انهيءَ ارڏائي تي کلندي تقرير جاري رکندي چيائين ته ”جمال سچ ٿو چوي!“ اياز ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي، ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي وڏائي تصنع کان ڪوهين ڏور.
اياز قادري جي ڳالهه ڪندي سندس همنام شيخ اياز جو به ذڪر ڪندو هلان. شيخ اياز منهنجي ننڍپڻ جو دوست ڪونهي، نه وري ڪا خاص دوستي آهي. هو جبل جيڏو اوچو ۽ مضبوط آهي. ڄاڻ جو درياهه، بلڪ سمنڊ، مون کيس پهريون دفعو 45-1944ع ۾ سنڌ مدرسه جي هاسٽل خيرپور هائوس ۾ ڏٺو. سنهو، خوبرو، تيز فهم ۽ سندس گهور ڏاڍي تيز. معنيٰ خيز ۽ سحر انگيز هئي. اسين ٻئي ڪوهين ڏور هياسين. مان خاڪسار خاڪي پوش بيلچي بردار سپاهي، اياز ايم اين راءِ جو پوئلڳ. کاٻي ڌر جو ترقي پسند ماڻهو. ائين جُدا ڇيڙن تي بيٺل. اسان الائي ڪيئن ڄڻ ته هڪ نقطي تي بيٺا هئاسون. اهو نقطو هيو اخلاص جو، پيار جو، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هجڻ جو. ڪي ماڻهو هڪ ئي نظر ۾ ائين لڳندا آهن ڄڻ صدين کان واقف هجن. دل چاهيندي هئي ته هڪٻئي سان ڳالهائجي ۽ گڏجي ويهجي، نه هن وٽ وقت هو نه مون وٽ. هو شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي وڏو عالم، دانشور، نهٺو ۽ پيارو ماڻهو هو.
جڏهن به آمهون سامهون ٿيندا هئاسين ته اکيون هڪٻئي کي ڄڻ ته ورهين کان سڃاڻنديون هيون ۽ ڪجهه چوڻ چاهينديون هيون، پر خيالن جي ڏي وٺ ڪا نه ڪئيسون، باقي اهو ظاهر هيو ته ٻنهيءَ کي هڪٻئي لاءِ ڀرپور عزت هئي، عزت ئي بنياد آهي، حال توڙي مستقبل جي تعلقات جو. مونکي هن لاءِ ۽ هن کي مون لاءِ بيحد عزت آهي، مون لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي، هن لاءِ نه. ڇو ته هو اسان جهڙن کان تمام مٿانهون، بلند ۽ بالا آهي. اسان جا تعلقات ڏاڍو آهستي آهستي وڌيا. خيرپور هائوس ۾ مانيءَ جي ڪلب جو مان مئنيجر هيس. وري روپ ولاس هاسٽل مئڪلوڊ روڊ تي آياسون ته به جنهن ڪلب جو مان ميمبر هيس اها ايمانداري ۽ سٺي مانيءَ جي لحاظ کان مشهور هئي. اياز به مونکي چئي ان ڪلب جو ميمبر ٿيو. شايد اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته ديهاتي بورچي ڌڻي بخش مستوئي ڪيئن اگهاڙو جواب ڏنو، شيخ صاحب کي ۽ شيخ صاحب ڪاوڙجڻ بجاءِ کلندي اچي مون سان قصو بيان ڪيو. ايل ايل بي پاس ڪري شيخ صاحب ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ خالد اسحاق سان گڏجي وڪالت ڪئي ۽ پوءِ سکر هليو آيو.
پراڻي سکر ۾ هڪ وڏو شاهي گهر رهائش لاءِ وٺي، ڪئينس روڊ تي آفيس کوليائين. سندس ذهانت، محنت ۽ ماڻهن سان هڏڏوکي ۽ همدردي واري رويي، سندس وڪالت جي ڌنڌي کي جلدي ئي ايترو چوٽ چاڙهي ڇڏيو جو شمس الدين شاهه جهڙا سينئر قابل ۽ شريف وڪيل به ساڻس حسد ڪرڻ لڳا. اهو حسد ڪو خراب معنيٰ وارو ناهي. انهيءَ کي پروفيشنل جيلسي سڏيندا آهن. جيئن ڊاڪٽر ڊاڪٽرن سان ۽ دڪاندار دڪاندارن سان حسد ڪندا آهن ۽ اهو فطري آهي. مون جهڙو نئون سيکڙاٽ لاڙڪاڻي ۾ ويو ته قاضي فضل الله صاحب جهڙو وڏو وڪيل ۽ وڏو ماڻهو به هڪ ڏينهن مون کي چئي ويٺو ته ”بابا وڃي نوڪري ڪر، اجايو ڇو ٿو اسان جي روزگار تي لت ڏين!“
روزانو شام جو وڪيلن جي آفيس تي ٻين وڪيلن بابت چرچا ۽ پچر هلندي هئي. اياز پنهنجي ڌُن وارو، پنهنجي محنت ۾ مصروف، ڏينهن رات ڪم سان لڳو پيو هوندو هو. انهيءَ ڪري ڪنهن کي ٽائيم نه ڏئي سگهندو هو. سندس دوست به تمام محدود هئا. مان ته پاڻ کي انهن ۾ به شامل نٿو سمجهان. محمد ابراهيم جويو صاحب علمي سطح تي سندس ويجهو هو ۽ هو اياز تي سندس روبرو تنقيد به ڪندو هو ۽ اختلاف به. ربانيءَ سان به ڪافي حجائتو آهي. اڃا تائين مان ۽ رباني، اياز سان پرنس ڪامپليڪس ۾ ملڻ ويندا آهيون ته هنن ٻنهي ۾ ڪافي ويجهڙائپ ۽ رازدارانه گفتگو ۽ چرچا گهٻا ٿيندا آهن. رباني ڪڏهن اياز جون ڪچايون ڦڪايون ورجائيندو آهي ته اياز کلندي کلندي کيس ٽن آڱرين جو ڀونڊو ڏيکاريندو آهي ۽ رباني پنهنجي مخصوص انداز ۾ کڳيون هڻي کلي ماٺ ٿي ويندو آهي. مان اهڙي ۽ ايڏي حجت جو تصور به نٿو ڪري سگهان. انهيءَ هوندي به مون کي هڪ قسم جو احساس هوندو آهي ته اياز ذهني طورمونکي زياده ويجهو آهي. هو به مونسان ائين ڳالهائيندو آهي جيئن مان هن جي اندر کي چڱي طرح پڙهندو ۽ سمجهندو هجان، ۽ هو منهنجي ماٺ کي سمجهندو ۽ پڙهندو هجي. ڪٿي پڙهيو هئم ته ماٺ کي به پنهنجي طاقت گويائي آهي ۽ اهو بلڪل سچ آهي.

5

مان ۽ اياز نوان نوان وڪيل هئاسون. مان لاڙڪاڻي ۾، اياز سکر ۾. لاڙڪاڻي جي ماڻهن جو اڪثر سکر ڏي منهن هوندو آهي ڇو ته سکر نه رڳو سڄي اتر سنڌ، بلوچستان بلڪ ڏکڻ پنجاب، ملتان تائين، لاءِ هڪ وڏي منڊي (مارڪيٽ) جي حيثيت رکي ٿو. مان به هڪ ڏينهن ريل رستي سکر پهتس. ٽانگي ۾ چڙهي سڌو ٽاور تي لٿس ۽ بازار ۾ ويس. لڙي ٽپهري ٿي وئي، ڪنهن سان ملان؟ ڪاڏي وڃان؟ سج لهڻ وارو هو ته پڇائيندو وڃي شيخ اياز جي ڪئينس روڊ واري آفيس ۾ پهتس، شيخ صاحب خوش پوشاڪ ۽ خوش خوراڪ ماڻهو آهي. فل سوٽ پاتل هئس. مونسان ڏاڍي قرب سان مليو. وٺي وڃي پنهنجي ننڍڙي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريائين، چانهه وغيره پيتي سون ۽ پوءِ اياز اٿي کڙو ٿيو چيائين ”تون ويهه مونکي ٿورو ڪيسن جو اڪلاءُ ڪرڻو آهي.“ مون چيو ”ڀلي!“ ويندي ويندي مڙي مونکي چيائين ته ”متان هليو وڃين، ويهجان، مان اچان ٿو!“ اهڙي پنهنجائپ ڏسي مان ويهي رهيس. اٺ وڳا، نو وڳا، ڏهه وڳا، مان اچي ڪڪ (بور) ٿيس، دٻيل پيرن سان سندس آفيس واري ڪمري ۾ ويس، ڏٺم ته هڪ ٽائيپسٽ ويٺو هو جنهن کان هرهڪ ڪيس متعلق نوٽ ٽائپ پئي ڪرايائين سو به اهڙي ترتيب سان جو حيرت لڳم، هر هڪ ڪيس جي فريادي ڌر جو موقف، ان جون اوڻايون، ملزم ڌر جي بچاءَ جي رِٿا (ٿيوري) ۽ پوءِ هرهڪ شاهد جي شاهديءَ جو تت ۽ سندس آڏي پڇا جا ڪجهه سوال. منهنجي کج (بوريت) اڏامي وئي، چيم مار! هي ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ۽ ذميواريءَ سان ڪيڏو سچو آهي. مان وري ننڍي ڪمري ۾ اچي ويٺس.
ساڍي ڏهين بجي مهل رات جو جمال صديقي وٽس آيو ۽ اڱڻ تي بيهي اياز کي سَڏ ڪيائين، نشي ۾ ٽٻ هئو. اياز اٿي وٽس آيو جمال صديقي چيس ”اٿي هل مونسان، اهڙو حسن ۽ گهنگهروءَ جي جهنڪار ڏيکاريندو سانءِ جو دنيا جهان وساري ڇڏيندين!“ پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا هئا پر اياز معذرت ڪيس ته هو ڪم ۾ مصروف هو. جمال ٻانهن کان جهلي چيس ته ”اياز تو جهڙو اهل دل ماڻهو هن وير ۽ ههڙي خنڪي واري موسم ۾ دنيائي ڪم جي ڳالهه ٿو ڪرين!“ اياز نه ويو ۽ هن کي اماڻي ڇڏيائين، جمال اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ موٽي آيو ۽ کيس رنگين محفل بابت ٻڌايائين. مان به اٿي جمال صديقيءَ سان مليس هو به ڏاڍو پيارو ماڻهو هو، کليل ڪتاب. جمال مونکي چيو ”ڏس، شاعر ٿيو آهي. شاعرانه ذوق ڏيکاري هان نه!“ جمال صديقي هليو ويو.
اياز آڌيءَ کان ٿورو اڳ اٿيو ۽ پنهنجي ڪار ڪڍي مونکي چيائين ”ويهه!“ مان ويهي رهيس گهر هلڻ بجاءِ، درياهه جو ڪپ وٺي، براج ٽپي، روهڙيءَ واري پاسي گاڏي بيهاري لٿو. مان به لٿس. ٻئي ڄڻا پسار ڪندا، براج طرف هلڻ لڳاسون. چانڊوڪي رات، درياهه شاهه جي هلڪين لهرن کي چانديءَ جهڙي چمڪ ڏئي رهي هئي. بئراج جي هڪ هڪ بتيءَ جو اولڙو درياهه ۾ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪيئي چنڊ درياهه جي هنج ۾ هيج مان پئي جهوميا. اهڙو سحرانگيز نظارو ڏسي مان هڪو ٻڪو ٿي بيهي رهيس ۽ اياز کي چيم ”اياز هي منظر ته ڏس!“
اياز چيو ”اهو منظر ۽ ڪجهه ٻيو، منهنجي شاعري جو راز آهي!“ مون کانئس ڪونه پڇيو ته اهو ”ٻيو ڪجهه“ ڇا آهي؟ جن اياز جو افسانو ”موٽي آءُ“ پڙهيو هوندو تن لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي. هلندي هلندي اوچتو اياز مونکان سوال ڪيو ته ”جمال الله کي مڃين ٿو؟“
مون چيو،”ڪڏهن ڪڏهن!“ جواب اهڙو وڻيس جو ڦري منهنجي اڳيان ٿي بيٺو. منهنجون ٻئي ٻانهون پنهنجن هٿن ۾ زور سان جهليائين ۽ چيائين ويري ٽروُ (very true) ان وقت جيڪا سندس اکين ۾ چمڪ ۽ گهرائي مون ڏٺي سا مون کي اڄ ستيتاليهن سالن کان پوءِ به ياد آهي. منجهس چٽو هڪ ڳجهه ڳولهائو mystic ۽ صوفيءَ جو تڙپندڙ روح، صحيح جواب جي تلاش ۾ هئو. ’ويري ٽرو‘ چئي، وضاحت ڪيائين ته واقعي ڪي گهڙيون (moments) ( اهڙيون آهن جو الله جي وجود کان انڪار ڪفر ٿو لڳي. ياد رهي ته هي سڄي گفتگو انگريزي ۾ ٿيندي هئي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙن لفظن جو مفهوم ڏاڍو ڀرپور ٿو لڳي. انهن پندرهن ويهن منٽن جي عرصي اسان کي وهسڪيءَ کان وڌيڪ نشو ڏئي ڇڏيو. اڻ پيتل نشي ۾ ٽٻ، چپ ئي چپ، اچي اياز جي پراڻي سکر واري گهر پهتاسين.
تن ڏينهن ۾ ٽيليفون سرشتو هئو ئي ڪونه سو ڀاڀي زرينه کي مهمان جو اطلاع ئي ڪونه هو، نه وري اياز ئي اهو ضروري سمجهيو. اياز کي ڀاڀي زرينه جي سالم طبيعت ۽ سگهڙائپ تي مڪمل اعتماد هو. اياز مونکي مٿي کُڏ تي وٺي ويو. گهڙي دير ۾ سٺـو کاڌو ۽ هنڌ بسترا لڳي ويا. اياز مونکي پنهنجي لئبرري ڏيکاري. هزارين ڪتاب هئا. لڳو پي ته اياز سڀ پڙهيا هئا. هر هڪ ڪتاب جو موضوع ۽ اختصار ٻڌايائين پي. لڙي اڌ رات ٿي وئي سو مان سمهي پيس. حيرت لڳم جو جنهن وقت اک کلي ته ڏسان ته اياز کي نوٽبوڪ ۽ پينسل هٿ ۾ کُڏ تي کليل آسمان هيٺ پي اچ وڃ ڪيائين. ڪجهه لکيائين پي يا پڙهيائين پي. قريباََ چئين بجي صبوح جو ڀر واري کٽ تي سمهي پيو.
ساڍي ستين بجي ڌاري اچي اٿاريائونس. هڪدم اٿي. وهنجي سهنجي فل سوٽ پائي آيو. ناشتو گڏجي ڪيوسين. مونکي به جهڙوڪر اوجاڳو هو. چوندا آهن ته هنڌ تبديل ٿيڻ سان ننڊ نه ايندي آهي. هتي ته ماحول ئي انوکو هو. اياز چيو ”ڪورٽ هلندين؟“ چيم ”هائو!“ سندس ڪار ۾ چڙهي ڪورٽ جي وڪيل خانه (بار روم) ۾ آياسون جتي ڪجهه پراڻا دوست واقفڪار وڪيل سائين شمس الدين شاهه، سمندر خان پـٺاڻ ۽ جمال صديقي وغيره مليا. مان جلدئي موڪلائي ٽانگي ۾ چڙهي اسٽيشن پهتس ۽ ريل رستي ٽاڪ منجهند جو اچي لاڙڪاڻي پهتس. البت سڄي واٽ انهيءَ حيرت ۾ حيران هئس ته هن ماڻهوءَ (اياز) ۾ ايڏي قوت آهي جو سڄو ڏينهن ڪورٽن ۾ مٿاماري ڪري، اڌ رات تائين ڪيسن تي ڪم ڪري ۽ رات جو پڙهي ۽ لکي، ماڻهو آهي يا جنّّّ؟ پوءِ به اهڙي عجيب شخص لاءِ سندس ئي دوست چون ته ”رکو آهي، وڏائي اٿس، مهمان نواز ناهي. پورو هٿ به نٿو ڏئي!“ واهه ڙي واهه زمانا واهه! صبر پاڻ ۾ ڪونه، سمجهه پاڻ ۾ ڪانه. قوت برداشت پاڻ ۾ ڪونه، پوءِ به ڏوهه اياز جو.
منهنجي مرحوم دوست نور محمد سمي چواڻي “bad boy, bad thoughts” (ڪنو ٻار، ڪنا ويچار). ماڻهو پنهنجي جند ۾ اهڙو محو ٿي ٿا وڃن جو ٻئي جون چڱايون به برايون ٿيون نظر اچن. انهيءَ ڪري مان پنهنجن پراون کي چوندو آهيان ته پنهنجي جند کان آزاد ٿيو. پنهنجي معمولي مشڪلات، تڪليف يا مسئلي ۾ منجهي ماڻهو سيلفش (خود غرض) ٿيو پوي ۽ پوءِ سيلف پٽي (خود رحمي) ۽ سيلف رائيٽنيس (خود صحيح هجڻ) جي گناهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٿو وڃي. هي مون سوچيو انگريزي ۾ آهي ۽ لکيو سنڌي ۾ آهي تنهن ڪري ايترو اثرائتو نٿو لڳي. انگريزيءَ ۾ چئبو:
Selfishness entangles you in a cobweb of self pity and sin of self righteousness.
مون جڏهن شيخ اياز کي ٿوري وقت اندر وڪالت ۾ ايڏي ترقي ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ته جيڪو جواب ڏنائين سوئي سندس شاعري، تصنيف ۽ ڪردار جو راز لڳم. چيائين ”جمال هي اهو ڌنڌو آهي جو ماڻهو، ٻين جي مصيبتن تي تڳي ٿو.“ چيائين ته we thrive on miseries of others اهو ايڏي ته ڪرب سان چيائين جو مون سوچيو ته هن ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪو الهه لوڪ درويش ويٺو آهي. اهڙو ماڻهو ڪيئن ڪنهنجو مندو گهرندو. هن سڄي عمر ٻين جي ڏکن ڏاکڙن ۽ غمن ۾ ڏکندي گذاري ۽ نيـٺ دل جو مرض وٺي ويٺو آهي. گوندر سان گذارڻ وڏي عبادت آهي. مستقبل جا خواب ڏسڻ ۽ ٻين کي ڏيکارڻ انقلابيت آهي. سچ چوڻ به تمام وڏي ڳالهه آهي، ڀلي ڪنهن کي نه وڻي. اياز ۾ اها جرئت آهي ۽ ڀرپور آهي.
هڪڙي ليکڪ صاحب تقرير ڪندي چيو ته ڊراما لکڻ سان شهرت ۽ عزت ملي ٿي. مونکي ته ماٺ لڳي وئي. ائين ته ”صابڻ سات سؤ سات“ کي به ٽي وي ذريعي وڏي شهرت ملي هئي. باقي سچ چوڻ وارن کي ڪٿي ٿي شهرت ملي، جيڪي سو سدائين آزار ۾. حضرت ابراهيم عليھ السلام کي باهه ۾ وڌو ويو. حضرت موسيٰ عليھ السلام کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي. حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي ڪوڪا هڻي ٽنگيو ويو. حضور عليھ الصلوات و السلام کي پٿر هڻي رتو رت ڪيو ويو. مارڪس ڀڄي اچي لنڊن ۾ پناهه ورتي. مائوزي تنگ لانگ مارچ ڪري وڃي پهاڙن ۾ پناهه ورتي. گانڌيءَ کي گولي هڻي ماريو ويو. اسانجا يار، اخبار يا ٽي وي تي پنهنجو نالو ڏسي ڦونڊ ۾ ٿا ڦاٽن. اياز چواڻي، ”اهي انقلابي نه، لابي جا شاعر آهن.“ جهڙي ماڻهن جي پسند ڏسندا ته انهن جي واهه واهه ڪارڻ اهڙو ڪجهه ئي لکندا ۽ چوندا. اهو ته ٿيو جلال چانڊئي جي ڪيسٽ. جلال به واهه جي شهرت ماڻي آهي. ائين ته پرو چانڊيو (ڌاڙيل) به ڏيهان ڏيهه مشهور هو. مونکي سواءِ چند ليکڪن جي ڪو اهڙو ڪونه سُجهي جو حق ڪارڻ تتل ٽانڊن ۾ هٿ وجهي، يا ڪاريءَ تي پير رکي يا سچي پچي ٻاٻري ڪنڊن تي هلي. اياز جي وک وک تي مخالفت ٿي، پراون توڙي پنهنجن پاران، پر هو اڏول ٿيو بيٺو رهيو ۽ اصل ڪونه مڙيو.
اياز ننڍي هوندي کان ئي منفرد ۽ يگانه طبيعت جو ماڻهو رهيو آهي. مون سندس ننڍپڻ ته ڪانه ڏٺي پر سال ـ 45،44 ،1943ع ۾ جڏهن هو الهڙ جوانيءَ ۾ هئو تڏهن مون کيس سنڌ مدرسي جي خيرپور هائوس ۾، روپ ولاس ۾ ۽ ايل ڊبليو هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ڏٺو. خاموش، تيز فهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو. سنڌ مدرسه جي ميدان تي فوٽ بال مئچون پيون ٿين جن ۾ واجا صديق ۽ داد محمد بلوچ جهڙا آل انڊيا شهرت جا رانديگر هجن ته به اياز لڙي ٽپهري تائين پنهنجي ڪمري ۾ پٽ تي سنئون ليٽي پيو ڪتاب پڙهندو هو ۽ پوءِ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. اڪيلو ئي اڪيلو گم ٿي ويندو هو ۽ رات جو نوين ڏهين بجي موٽي دوستن سان (جن ۾ مان شامل نه هئس) چرچا مذاق ڪري، ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳي ويندو هو.
هڪ دفعي جناح ڪورٽس جي ڏاڪڻين تان لهندي مونکي چيائين ته ”توسان خلاصي ڪچهري ڪرڻي اٿم.“ مون چيو ”بيشڪ!“ مان پنهنجي خوش فهميءَ، بلڪ يقين سان سمجهيو ٿي ته کيس پنهنجي خيالن جو بڻائيندس. اياز صاحب وري اهو يقين رکيون ويٺو هو ته مونکي اونداهه مان ڪڍي موجوده دؤر جي تيز روشنيءَ سان روشناس ڪرائيندو. الله جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اهڙو ڪو موقعو ئي نه مليو. پر ڌيري ڌيري ورهين جي رفاقت کان پوءِ، بنان تبليغ جي ڪجهه مون هن کي ڏنو ۽ گهڻو ڪجهه هن مون کي ڏنو. اهو هڪٻئي کي ڏيڻ ۽ وٺڻ جو عمل ورهين جي آزمائش، طبيعتن جي ڳوڙهي اڀياس ۽ زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرڻ جي تجربن مان پاڻمرادو اڻ لکئي نموني حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ مان مطمئن آهيان ته هن کي منهنجو ۽ مونکي هن جو اعتماد حاصل آهي. وڌيڪ ڇا کپي. هڪ ٻئي جا هڏ ڏوکي ۽ خير خواهه آهيون.
اياز جي علمي ڄاڻ ۽ ذهانت جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت ته 1945ع ۾ جڏهن هو اڃا ٻاويهه سالن جو نوجوان هو ته ايس سي شهاڻي لا ڪاليج ۾ صرف هڪ ايڪسٽيمپور (بنان اڳواٽ تياريءَ جي) تقرير ڪري، هندن مسلمانن جا ووٽ کڻي ڪاليج اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويو. هيءُ، تنهن زماني جي هندڪي مسلمانڪي جي ڌنڌ ۾، هڪ معجزو هئو.
اسانجي تعلقات ۾ ڪو ربط ڪونه هو. گهڻي وقفي کان پوءِ وڪالت واري دؤر ۾ مان سکر وٽس ويس ۽ مهمان طور رهيس ۽ اهو ذڪر ٿي چڪو آهي. وري مان 1955ع ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ سکر ۾ مقرر ٿي ويس. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي سياست ۾ ڪافي اٿل پٿل مچي چڪي هئي. مير غلام علي خان ٽالپر، اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ کي گرفتار ڪري اٺ تي چاڙهي، ٿر جي صحرا مٺيءَ ۾ نيو ويو ۽ نظربند ڪيو ويو. کهڙا شاهي جو راڪاس، اسڪندر مرزا ۽ غلام محمد جي دٻڙ دوس سنڌ کي پنهنجي چنبي ۾ ڀڪوڙيون بيٺا هئا. هر هڪ عالم دانشور، ليکڪ، شاعر، هيسيل ڪوئن وانگر خاموش هو. سواءِ شيخ اياز جي، جو قومي تاريخ جي هر خطرناڪ موڙ تي بنا لوڀ لالچ جي ۽ بنا ڪنهن سياسي عزائم جي، صف اول جو سپاهي بڻيو بيٺو هو. گفتار جو به، ڪردار جو به. حڪومت جي صاحبن توڙي ڪامورا شاهي جي اک جو ڪنڊو هو تڏهن به کل مک ۽ ڌيرج جو پتلو.
ساڻس ملڻ کان به ماڻهو ڇرڪندا هئا. مان سرڪاري آفيسر هوندي وٽس سندس آفيس ۾ لنگهي ويس. اهڙي وڏي ماڻهوءَ جي بارگاهه ۾ هلي نه وڃبو ته ٻيو ڇا ڪبو. ڪجهه حيران ٿيو پر منهنجو ماضيءَ جو ڪردار نظر ۾ رکندي ڪجهه ڪونه چيائين ۽ ٻاهر نڪري مونکي الوداع ڪندي چيائين ته ”احتياط ضروري آهي!“ منهنجو ساڻس ڏاڍو عزت ڀريو ورتاءُ هئو پر شيخ صاحب ڪڏهن به ڪو ڪم نه چيو نه مراعات جو طالبو ٿيو. ڪم چيائين سو به اهڙو جو مونکي ازخود ڪرڻ کپندو هو. مشهور سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ صحافي برڪت علي آزاد تي ڪنهن سڌو فائر ڪيو هو. برڪت علي آزاد اهو شخص هو جنهن هڪ ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“لکيو هو، جنهن سنڌي نوجوانن ۾ چڱي موچاري سجاڳي پيدا ڪئي هئي.
برڪت علي آزاد پهرئين دور جو سپاهي هو جڏهن اياز، پليجو، حيدربخش جتوئي وغيره اڃان ميدان تي نه آيا هئا. اياز کان پڇيم ته ”ڪيس ڪهڙي تاريخ تي آهي؟“ چيائين ”سڀاڻي!“ چيومانس ”صبوح جو سويل ٻيو ڪم ڇڏي برڪت علي کي وٺي ڪورٽ پهچي وڃجانءِ!“ اياز قانوندان هو سمجهي ويو. ٻئي ڏينهن صبوح ساڻ مون پهريان پهريان سندس ڪيس کنيو. پٽيوالي کي چيم ”فريادي ۽ جوابدار کي سڏ ڪري. جوابدار يعني برڪت علي ته اچي ويو پر فريادي غير حاضر هو. قانون آهي ته فريادي غير حاضر هجي ته ڪيس ڊسمس ڪري جوابدار کي ڊسچارج ڪري سگهجي ٿو. مون ائين ڪيو ته برڪت علي اهڙو سادو ۽ درويش جو بار بار چوڻ لڳو ته ”سائين فريادي آيل آهي الائي سڏ نه ٻڌو اٿائين الائي ڇا!“ مون وري پٽيوالي کي چيو ته ”فرياديءَ لاءِ زور سان سڏ لڳاءِ!“ ته به فريادي ڪونه آيو. تڏهن به برڪت علي چوي ته ”سائين مون پاڻ ڏٺو حاضر هئو، ٿوري دير لاءِ هيڏي هوڏي ٿي ويو هوندو!“ اياز مشڪندو رهيو. مون اياز کي چيو ته ”هو کيس سمجهائي وٺي هليو وڃي“ ۽ هن ائين ڪيو.
ڪجهه دير کان پوءِ فريادي آيو ۽ چيائين ته ”سائين مان ته صبوح سوير جو پهتل هئس.“ مون کيس چيو ته ”ڪيس ڊسمس ٿي ويو توهان چاهيو ته درخواست وجهو يا نئين سر ڪيس داخل ڪيو!“ هن به اها تڪليف گوارا نه ڪئي ۽ برڪت علي منٽن ۾ ڪيس مان آزاد ٿي ويو. گهڻن سالن کان پوءِ مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪوئٽيا گرمين ۾ وياسون ته اتي برڪت علي مليو. هو ۽ اسين سندس سادگيءَ تي ڏاڍو کلياسون. برڪت عليءَ جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجيون ڪوئيٽا ۾ رهنديون هيون سو اسان جي ماني موڪلايائين ۽ اسان گهر ڀاتين جيان سندس ماني کائي آياسون. منهنجي گهر واري به مون سان ساڻ هئي. هوءَ ۽ مان ڪڏهن جدا نه ٿيندا هئاسون. موت کي مار پوي، اهو ڪارنامو ڪري ويو.
سکر ۾ مونکي رهڻ جي جاءِ ڪانه هئي. روهڙيءَ ۾ هڪڙي محل نما ويهن ڪمرن واري جاءِ مليل هئي تنهن ۾ اڪيلو رهندو هئس. ڪنهن وڏي سيٺ جي جاءِ هئي. چون ٿا ته ڀريل ٽجوڙيون ڇڏي ننگ وٺي هليو ويو. پٺيان مهاجرن اهي ٽجوڙيون ڀڳيون ۽ مال تڳائي ويا. مان روزانو ليوڪس پارڪ کان ٿيندو، سيشن ڪورٽ جي پٺيان وارو رستو وٺي لئنسڊائون پل ٽپي وچ شهر ۾، راڪاس جهڙي جاءِ ۾ اڪيلو سمهي صبوح جو وهنجي تيار ٿي ساڳيو رستو وٺي ڪورٽ ويندو هئس.
هڪ ڏينهن شام جو موٽڻ مهل ليوڪس پارڪ وٽان لنگهندي ٻه نوجوان ڇوڪراٽ سامهون ايندي مونکي ڏسي هٽڪيا پر اڳتي لنگهي ويا. مونکي شڪ پيو ته يا ته مونکي سڃاتو اٿن يا ڪو ڪم اٿن ۽ ڪُڇي نه سگهيا آهن. جج ماڻهو ائين نه ڪندا آهن پر مان هئس ملڻسار طبيعت وارو. پوئتي مڙي کين سڏ ڪيم ته ”ڀائو ڪير آهيو، خير ته آهي؟“ ٻئي خوش ٿي موٽي مون وٽ آيا. هٿ ملايوسين، واقفيت ڪرائي سون. هڪڙو هو رشيد ڀٽي ۽ ٻيو مقبول صديقي. مقبول صديقي ڪٽيل رهيو، شايد ٻي طبيعت جو ماڻهو هو. مان سندس بابت پڇائيندو رهيس. ٽيهن سالن کان پوءِ خبر مليم ته هلال پاڪستان ۾ ڪم ٿو ڪري. مون کيس پاڻ فون ڪري خير خيريت پڇي ۽ چيومانس ته مان ساڻس ملڻ ايندس پر پاڻ ايتري گرمجوشي ڪونه ڏيکاريائين. اُٽلو اچڻ کان منع ڪيائين، ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم. پتو لڳايم ته خبر پئي ته هو بيمار ٿو گذاري، شايد اڌرنگ ٿيل هئس ۽ سڄو ڏينهن ليٽيل ٿو رهي. اها چڪي چاڙهڻ جي عادت به ڏاڍي بڇڙي آهي. هيڪر سوار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ الف ليليٰ واري لنگڙي جيان جند ئي نٿي ڇڏي. ٻڌم ته مرحوم فقير محمد لاشاريءَ کي به اها ڄؤر چنبڙي چڪي هئي.
هڪ ڏينهن منهنجو دوست عبدالقادر ابڙو جو ان وقت هوم سيڪريٽري هو مون وٽ آيو ۽ تمام فڪرمنديءَ مان چيائين ته ”جمال مان پنهنجو پاڻ کان ڊڄي ويو آهيان!“ پڇيومانس ”ٿيو ڇا“ چيائين ته ”صبوح کان رات تائين آفيس ۾ مٿاماري ڪري ٿڪجي ٽٽجي گهر آيس ته اڪيلي سر وسڪي کڻي پيتم. ڊڄي ويو آهيان ته مان ڇو ايڏو ڪمزور ٿيس جو وسڪي مون تي غالب پئجي وئي. دوستن سان گڏ ويهي پيئڻ ٻي ڳالهه آهي، هيءَ ٻي ڳالهه آهي!“ مون کيس آٿت ڏنو ۽ مبارڪ ڏني جو سندس ضمير جيئرو هو جنهن کيس اهو احساس ڏياريو. پڇتاءَ سان ماڻهو پاڪ ٿي وڃي ٿو ۽ بري عادت کان بچي وڃي ٿو. هڪڙا برائين جو آڌرڀاءُ ڪن ۽ ان لاءِ ڊاڙون هڻي ٻين کي ٻڌائن. اهڙن ماڻهن جي اهڙي عمل لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي ”شرغاسق“ جو اصطلاح ڪَم آڻيندو هو. اياز قادري زور ڀرڻ باوجود ڪڏهن نه پيتو، کلي کلي ٽاري ڇڏيندو هو. شيخ اياز صاحب به پوين ڏهاڪو سالن کان پيئڻ، ذري گهٽ ڇڏي ڏنو آهي. مونکي ٻاويهه سال ٿيا آهن جو نماز پڙهڻ شروع ڪئي اٿم ۽ پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿم، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر چوي ٿو ته ”روزانو سمهڻ کان اڳ هڪ اڌ پيگ پيئندو ڪر!“
دل جو پراڻو مريض آهيان. پهريون دل ڏنڀ (انفارڪشن) پهرين جون 1967ع تي ٿيم. سڀني ڊاڪٽرن چيو ته ”ڏهه سال جيئرو رهندين!“ يعني مون کي 1977ع تائين مرڻ کپندو هو پر 1987ع به ويو ته 1997ع به پـٺتي ڇڏي آيو آهيان. هاڻي ته آس ٿي پئي اٿم ته شايد سن 2000ع جو سج ڏسي سگهان پر آغا احد جان ڪُنڊليءَ ۾ لکي ڏنو اٿم ته 1998ـ 1999ع ۾ سخت خطرو (ويري ڊينجرس) آهي. دل جي ماهر ڊاڪٽر اظهر فاروقيءَ کان هر مهيني ٻئي چڪاس ڪرائيندو آهيان. چڪاس ڪري چوندو آهي ته ”معجزا ٿيندا آهن.“ جيڪڏهن هيڏو وڏو ڊاڪٽر ائين چوي ته ڇو ڪين مڃجي. مان ته مڃان ٿو. روز پيا معجزا ٿين پر ڪو ئي ڪور چشم اکيون ٻوٽي ڇڏي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ مان ڪاني ڪرامت جو قائل نه آهيان پر سوال ته ڪَرَ کنيون بيـٺا آهن. جواب گهرن ٿا.
شيخ اياز صاحب متعلق پئي لکيم. شيخ صاحب ايڏو وڏو شاعر، لاثاني نثر نويس، اسڪالر ۽ عالم آهي جو مون ۾ اها لياقت ئي ڪانهي جو سندس لاءِ ڪجهه لکي سگهان. مان رڳو واقعا ٿو لکان. ان ڪري ئي ڪتاب جو نالو”ڪٿا“ رکيو اٿم. هيءَ آتم ڪهاڻي ناهي. آتم ڪهاڻي لکڻ وڏو فن آهي جنهن لاءِ وڏي علم، ڄاڻ ۽ هر مسئلي ۽ واقعي جي ايماندارانه ۽ عالمانه ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوي ٿي. ان لاءِ روسو، گورڪي ۽ گانڌي جهڙا وڏا ماڻهو گهرجن.
مونکي سکر ۾ رهڻ لاءِ گهر ڪونه هئو. ان لاءِ مان شيخ صاحب ڏي نه ويس، الائي ڇو، يا ته کيس تڪليف ۾ وجهڻ نه چاهيم، يا اهڙي اميد نه هئم يا ساڻس حجت نه ڪيم. انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته شيخ صاحب جي شخصيت اهڙي هئي جو هروڀرو نه ڪنهن سان ويجهو هوندو هو ۽ نه ڪوئي حجت ڪري وٽس وڃي سگهندو هو. اها به هڪ سگهاري ڪردار جي نشاني آهي. مان ويس ته سيد شمس الدين شاهه وٽ جو سينئر وڪيل، وضعدار ۽ ڀلو ماڻهو هئو. سندس آفيس سيشن ڪورٽ واري رستي تي هئي. شاهه صاحب کڻي مانيءَ جي دعوت ڏني. انڪار نه ڪري سگهيس. سندس گهر جي اوطاق واري ڪمري ۾ هن ۽ مون گڏجي ويهي ماني کاڌي. ٽيون ڪو به نه هئو. شاهه صاحب ڪو تازو هرمن هيس جو لکيل ڪتاب ’سڌارٿ‘Sadhartha پڙهيو هو ۽ ٻڌمت جو ڪافي مطالعو ڪيو هئائين. سڄو وقت مونکي ٻڌ مت جي سچائيءَ تي ليڪچر ڏيندو رهيو ۽ ايترا ته ساراهه جا ڍڪ ڀريائين جو مونکي لڳو ته شايد ٻڌڌرم اختيار ڪرڻ وارو آهي. حيرت لڳم ته پراڻو خاڪسار، غلبه اسلام جو سپاهي، سيد سڳورو سو ڪيئن ايڏو ڦرڪو ڦريو آهيس. پر انهيءَ ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. خاڪسار تحريڪ جا سڀ ڪارڪن، جيئن ته صالح طبيعت جا ۽ مخلص ماڻهو هئا انهيءَ ڪري هو هميشھ چڱائي جي تلاش ۾ رهيا.
خاڪسار تحريڪ جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪو به خاڪسار ڪنهن مفاد پرست جماعت ۾ ڪونه ويو. گهڻو ڪري ڪو هاري پارٽي ۾ ويو، ڪو مزدور پارٽي ۾ ۽ ڪوئي سوشلسٽ تحريڪ ۾. شاهه صاحب ٻڌمت، اهنسا ۽ نرواڻ ۾ نجات ڳولهي ورتي ۽ ڪناري ڪش ٿي ويو. مون کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته سوچي سمجهي چيائين ته ”سندس آفيس مٿان هڪ شانائتي زميندار علي نواز خان گهوٽي جي اوطاق آهي جا خالي پئي هوندي آهي، سڀاڻي اچي ڏسجان، پوءِ ڳالهائينداسون!“ ٻئي ڏينهن جاءِ ڏيکاريائين ته عاليشان صاف سٺي، ٽائيلن لڳل ڪشادي کليل ۽ هوادار جاءِ هئي. ڪورٽ جي به ڀرسان هئي سو مونکي ڳالهه وڻي! پر شاهه صاحب خبردار ڪيو ته ”علي نواز خان گهوٽو ايندو آهي ته ساڻس ٽيهه چاليهه ماڻهو هوندا آهن، ان ڪري ڏکيو ٿيندين.“
مان ماٺڙي ڪري هنڌ بسترو ۽ بئگڙي کڻي وڃي اتي رهيس. مهينو کن ته آرام سان گذريو. هڪ ڏينهن شام جو ڏسان ته اوطاق ۾ خلق خدا جي ويٺي آهي. نه منهنجي کٽ لڀي، نه بسترو، نه بئگ. علي نواز خان سان وڃي خوش خير عافيت ڪيم. اها رات گذاري ٻئي ڏينهن ٽپڙ کڻي اچي گهر لاڙڪاڻي نڪتس ۽ بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺي ٽن مهينن جي موڪل لاءِ هاءِ ڪورٽ کي لکي موڪليم. سکر ۾ چار مهينا کن رهندي شيخ اياز صاحب سان ڪا هڪ ٻه مختصر ملاقات ٿي. نه هو منهنجي وڌيڪ ويجهو آيو نه مان. انهيءَ مان مطلب اهو ٿو نڪري ته اسان ۾ ڪا ويجهڙائي واري دوستي ڪانه هئي؛ يا ته ٻنهي جو اٿڻ ويهڻ مختلف هو. پر اهو به نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته حقيقت ۾ اسان جون طبيعتون هڪجهڙيون هيون. دنيا جي شورغل کان پري، پنهنجي دنيا ۾ مگن. اجائي کشٽ کان به ڏور ته دنياوي چک مک ۽ ڏيک ويک کان به ڏور. سڀ ڪنهن سان گڏ ۽ ڪنهن سان به نه. علامه المشرقي اسان کي چوندو هو ته ”باهمه ٿيو ۽ بي همه.“ ساڳي ڳالهه ته هر ڪنهن سان ڏک سک ۾ ساٿ نباهيو، پر ڪنهن هڪ جي مفاد ۾ نه ڦاسو. اهو مقام حاصل ڪرڻ ڪو مذاق ناهي. پر شيخ صاحب اهو مقام بنان محنت جي، طبيعت جي صلاحيت سان حاصل ڪري ورتو هو. اهو ملڪو شيخ اياز کي ڪو ٻالجتيءَ ۾ ئي حاصل ٿي ويو هو، يا سُتيءَ ۾ هئس.
مون ٽي مهينا موڪل ڇا ورتي، ٻارهن مهينا گهر ويٺو هئس. هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي اوندهه جو منهنجو پوسٽنگ آرڊر ئي نه ڪڍن. درخواستون ڪري ڪري ٿڪجي پيس. اهو ون يونٽ جو ڪرشمو هو يا مسٽر اشهد علي رجسٽرار هاءِ ڪورٽ جي قابليت، سو چئي نٿو سگهجي. پگهارون به ڪونه ٿي مليون، وڪالت جو ڌنڌو به بند. هڪڙو فائدو ٿيو ۽ وڏو فائدو، ته انهيءَ واندڪائيءَ جي دور ۾ مون چار پنج ڪهاڻيون لکي وڌيون جي هنڌ، سنڌ بلڪ ٻين ملڪن ۾ به تمام گهڻو پسند ڪيون ويون. اهي هيون. پيراڻي، منهن ڪارو، مهرباني، ڪارو پاڻي، ممڙي (جنهن کي عنوان ڏنائون شاهه جو ڦر) ۽ پشو پاشا، پڻ ڪيترن دوستن سان ويجهڙائپ به پيدا ٿي، مثلاََ مولوي نذير حسين جتوئي، حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، تاج محمد ابڙو، ڊاڪٽر اعزاز نذير، ڪامريڊ امام علي نازش جو پائيپ ڇڪيندو هو انڪري نالو ئي پئجي ويس ڪامريڊ سلفي، حسن ناصر، ميجر اسحاق ۽ ٻيا ڪيترا. ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي به اتي مونسان ملڻ آيو، جيتوڻيڪ اڳ به ملاقاتون ٿيل هيون ۽ منهنجي ڪهاڻي ”پيراڻي“ پنهنجي اخبار ۾ ڇاپڻ لاءِ مونکان وٺي ويو. رسول بخش پليجو به لاڙڪاڻي ۾ منهنجي گهر اچي مليو ۽ منهنجي اڻ ڇپيل ڪهاڻي پشو پاشا پڙهي ڏاڍي ساراهه ڪيائين.
ون يونٽ ٿيڻ ڪري، سيڪريٽريٽ جا سڀ معاملا لاهور ۾ فيصل ٿينداهئا. عبدالقادر ابڙو لاهور سيڪريٽريٽ ۾ هو تنهن کي خط لکي سمورو معاملو سمجهايم. ان جي ڪوشش سان وڃي نبيرو ٿيو ۽ منهنجو آرڊر شڪارپور ٿيو، سب جج ۽ ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ. شهر ۾ ائني بيسنت لائبرري سامهون منهنجي ڪورٽ هئي. رهڻ جي جاءِ هئي شاهي باغ روڊ، نيڀن پور ۾ هڪ ڇڏي ويل هندو سيٺ جو هيڏو سارو بنگلو، شڪارپور ۾ ٽي جج ٻيا به هئا هڪ سيد حيدرشاهه، ٻيو لاڙڪاڻي جو چوڌري حليم جو موهن جي دڙي جي سنڀاليندڙ مسٽر چوڌريءَ جو پٽ هئو. انهي واقفيت ڪري مان ٻه ٽي ڏينهن سندس مهمان ٿي رهيس پوءِ امڙ جي اجازت سان زال ۽ ٽي ننڍڙا ٻار وٺي اچي نيڀن پور ۾ رهيس. اهي 1956ع جي گرميءَ جا ڏينهن هئا. ٽي سال اتي اطمينان سان رهيس. اهي احوال پوءِ ڪبا پر شيخ اياز صاحب جو ذڪر ڪرڻو هو. انهن ٽن سالن ۾ شيخ صاحب سان ڪا هڪ ٻه ملاقات رسمي طرح ڪورٽ ۾ ٿي. شيخ صاحب گهڻو ڪري هيـٺين ڪورٽن جا ڪيس نه کڻندو هو جو وٽس سيشن ڪورٽ جو ڪم ڪافي هو.
صرف هڪڙو دفعو رات جو اٺين بجي مهل ڪن دوستن سان منهنجي گهر محض ملڻ خاطر آيو. اتفاق سان ان ڏينهن مون وٽ ادا شمس هڪ دوست سان گڏ آيو هو ۽ وسڪيءَ جو دؤر پي هليو. شيخ صاحب وسڪي نه پيتي جيتوڻيڪ ادا شمس گهڻو زور ڀريس، ان مان معلوم ٿيو ته شيخ صاحب وسڪيءَ جو مداح ۽ شوقين ڪونه هئو. البت مخصوص دوستن سان خاص موقعن تي خوشيءَ سان شامل ٿيندو هو. مان هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن ميٽنگ تي سکر ويندو هئس پر ويندو هئس شمس الدين صديقي سب جج وٽ جو مثالي ايماندار ۽ قربائتو ماڻهو هئو. الله حياتي ڏئيس، اڄڪلهه رٽائر ٿيڻ کانپوءِ دهشت گرد ڪورٽ جو جج آهي پر حڪمرانن کي ڪونه ٿو وڻي جو سندن چوڻ موجب عمل نٿو ڪري. ڄاڻ نوڪريءَ مان ڪڍنس. اجهو اخبار ۾ احوال آيو آهي ته صديقي صاحب استعيفا ڏئي ڇڏي، سو سکر ۾ نه مان شيخ صاحب ڏي ويندو هئس نه هو مون وٽ شڪارپور ۾ ايندو هو.
شڪارپور مان منهنجي بدلي خيرپور ميرس ٿي ۽ اتي ٽي سال رهيس پر شيخ صاحب سان اتفاقي ۽ سرسري ملاقاتون ٿيندون هيون، مان، غوث علي شاهه، هادي بخش لاڙڪ ۽ قائم علي شاهه گڏجي موڪل واري ڏينهن سکر ويندا هئاسون ته بئراج ڪالونيءَ ۾ مسٽر عطا محمد سومرو جو خيرپوري هو ۽ آبپاشي کاتي ۾ انجنيئر هئو ۽ تمام ڀلو ۽ پيارو ماڻهو هو، ان وٽ سڄو ڏينهن گذاري موٽي ايندا هئاسون. خيرپوري ماڻهو محبتي، ميراڻي ڪلچر وارا، تن جون ٻه نمايان خصوصيتون هيون. هڪ طعام ٻيو موسيقي! خيرپور ۾ سٺا ميراڻا بورچي هئا ۽ موسيقي ته مير علي نواز خان جي ڏينهن ۾ تمام مقبوليت حاصل ڪئي. سومرو صاحب سٺو طعام کارائيندو ۽ سٺو راڳ ٻڌرائيندو هو. وٽس رڪارڊن جو ڏاڍو سٺو ذخيرو هو. ٽيپ ڪئسيٽ اڃا ايڏو عام نه ٿيا هئا، ڏينهن جو يارهين بجي کان شام جو پنجين ڇهين بجي تائين وٽس گذاري، منهن اونداهي اچي گهر ڀيڙو ٿيندا هئاسون، (مڄو) مڙس محبوب کيمٽيو به ساڻ هوندو هو سو ساڻس چرچا گهٻا ڪري جلدي موٽندا هئاسون. اهڙي موقعن تي به مان شيخ صاحب ڏي ڪونه ويندو هئس جيتوڻيڪ گاڏي هڪي حاضر هوندي هئي، محض انهيءَ ڪري ته شيخ صاحب جو وقت تمام قيمتي هو ۽ هو اجائي گپ شپ ڪانه ڪندو هو، نڪي پسند ڪندو هو، مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هوس ۽ هن کي به مون لاءِ ڪافي عزت هئي. انهيءَ کان وڌيڪ ڇا گهرجي. تقاضائون ۽ توقعات گهٽ رکجن ته تمام سٺو ٿو ٿئي ۽ تعلقات پروان چڙهن ٿا.
شڪارپور ۾ هڪ پڪي عمر جي مائي لالان اچي منهنجي نوڪرياڻيءَ طور پناهه ورتي. کيس سندس مڙس سخت مارڪٽ ڪندو هئو. ان ڪري ڀڄي اچي نياڻي وٽ پناهه ورتائين جو دڪاندار هئو. طلاق جو ڪيس داخل ڪيائين ته کيس به ۽ سندس ناٺيءَ کي به قتل جون ڌمڪيون مليون، انهيءَ ڪري مون وٽ نوڪرياڻي ٿي، ٻنهي پاڻ کي محفوظ ڪيو. سندس ڪيس مون شڪارپور جي هڪ وڪيل کي ڏنو. جج هئو سيد عبدالرحمان شاهه (هاڻ جسٽس) جو نهايت نيڪ، خدا ترس ۽ ايماندار ماڻهو هو. ان بنا سفارش جي مائيءَ کي طلاق وٺرائي ڏني. پر سندس مڙس سيشن ڪورٽ سکر ۾ اپيل داخل ڪئي. مون اهو ڪيس شيخ صاحب کي نه، بلڪ مسٽر سمندر خان پٺاڻ ائڊووڪيٽ کي ڏنو، جو جهوناڳڙهه ۾ مونسان گڏ پڙهيو ۽ هاسٽل جي هڪ ئي ڪمري ۾ سمندر خان، مان، عبدالوهاب شيخ، قادر بخش لاڙڪ ۽ حسين علي ارباب رهندا هئاسون. سڀئي محترم حفيظ قريشيءَ جي اثر هيٺ پڪا خاڪسار هئاسون. محمد عرس ٻرڙو ۽ محمد الياس ابڙو، خاڪسارن ۽ خاڪسار تحريڪ جا سخت مخالف هئا ۽ ان موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئا.
سمندر خان پٺاڻ ۽ قادر بخش لاڙڪ سڌومختيار ڪار ڀرتي ٿيا. اها تنهن زماني ۾ توڙي هاڻي به وڏي ڳالهه آهي. پر سمندر خان اهڙو نج سون هئو جو کيس نوڪري نه آئڙي ۽ نوڪري ڇڏي اچي سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڏاڍو کرو ۽ محنتي ماڻهو هو. ساڻس گڏ ڀرتي ٿيل مير شهداد ٽالپر ۽ قادربخش لاڙڪ ڊپٽي ڪمشنر ٿيا پر افسوس عين جوانيءَ ۾ گذاري ويا. سمندر خان پٺاڻ به جلد پوءِ گذاري ويو. الائي ڪهڙي نظر لڳي ٽنهي کي جو سنڌ جا هي ٽيئي بااخلاق موتي داڻا ننڍي ئي گذاري ويا! سو، مائي لالان جو ڪيس، حجت ڪري شيخ صاحب کي نه ڏئي سگهيس ڇو ته هو به سمندر خان وانگر مونکان في ڪونه وٺي ها. اپيل هلندي، منهنجي بدلي خيرپور ميرس ٿي وئي ته ڊپ جي ماري مائي لالان به اسان سان خيرپور هلي آئي. مونکي ان وقت چار ننڍڙا ٻارڙا هئا ۽ منهنجي گهرواريءَ کي نوڪرياڻيءَ جي سخت ضرورت هئي. پڇاڙي تائين مائي لالان جا ڏنل سک ياد ڪندي هئي.
اوچتو پاڪستان جو پهريون مارشل لا لڳي ويو. سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ دهشت جو دؤر دورو هئو. ڪنهن جي عزت سلامت نه هئي. احمد ميان سومرو جيڪب آباد مان گرفتار ڪري خيرپور آندو ويو محض انهيءَ ڪري ته وٽانس اڍائي سير يا پنج سير کنڊ ”ذخيرو“ ٿيل لڌي وئي هئي. مهرن جي سردار عبدالرسول مهر کي به هروڀرو ڏهڪاءَ پکيڙڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو. عمرڪوٽ جي سيد دامن علي شاهه کي گرفتار ڪري عقوبتون ڏئي بيڏوهي سمجهي ڇڏيو ويو. هڪ ڏينهن هو اوطاق مان نڪري ڪار ۾ چڙهي ڪيڏانهن وڃڻ وارو هو ته سامهون هڪ خاڪي رنگ جي جيپ ايندي ڏٺائين. سمجهائين ته فوجي آهن. ويچاري سان اهڙيون ڪي تعديون ٿيل هيون، جو موٽي اوطاق ۾ وڃي پاڻ کي پستول هڻي ماري ڇڏيائين. اندازو ڪيو ته هن سان ڪهڙي نه ويڌن هوندي. ميرپور خاص جي ٻي هڪ مشهور شخصيت هئي فقير محمد مڱريو. عمر رسيده، خوش خوراڪ، مهمان نواز ۽ مزاح پسند ماڻهو هئو. ان کي به فوجي گرفتار ڪري ويا. هن سان به اهڙيون ڪي جٺيون ڪيائون جو جڏهن کيس غلام محمد براج تان وٺيون ٿي ويا ته پاڻ ڇڏائي کڻي درياهه ۾ ٽپو ڏنائين. واپارين، دڪاندارن، صنعتڪارن توڙي آفيسرن جون بيعزتيون ٿيون ۽ کانئن حصو پتي ورتو ويو. پرڻيل ڳرڻيل مائيون جي ٻار ڄڻيون مڙسن سان خوش ويٺيون هيون، تن کي زوريءَ کڻي ڪوڙن حقدارن جي حوالي ڪيائون.
اخبارن به اهڙو منافقيءَ جو ڪردار ادا ڪيو جو اهڙين سنگين وارداتن کي به فوج جي سورهيائي ۽ سونهري ڪارناما ڪري پيش ڪيائون. اهڙي ڏهڪاءُ واري دؤر ۾ مائي لالان جي مڙس به وجهه وٺي وڃي فوجين کي دانهن ڏني ته سندس زال کي هڪ جج ناحق بند ڪيون ويٺو آهي. هڪ ڏينهن مان ڪورٽ ۾ ويٺو هئس ته نوڪر ڊوڙندو آيو ته فوجي ۽ پوليس گهر پهچي ويا آهن ۽ مائي لالان جو پيا پڇن. مون کيس چيو ته کين چانهه وغيره پياري ۽ کين ٻڌائي ته مان کن ۾ پهچان ٿو. مان ويس ته کين ڊرائنگ روم ۾ ويٺل ڏٺم پر مان سڌو اندر گهر هليو ويس. ڏٺم ته مائي لالان ڪرڙيءَ وانگر پئي ڏڪي. چيائين ”صاحب تون مونکي پوليس کي ڏيندين ڇا؟“ کيس دلجاءِ ڏنم. گهرواريءَ کي فڪرمند ڏٺم. ان صرف ايترو چيو ته ”سائين غصو نه ڪجو، ٿڌائي سان ڳالهائجو!“ هوءَ منهنجي اتي پتي کان واقف هئي.
مان وڃي فوجين وٽ ويٺس. سڌو سوال ڪيائون ته ”فلاڻي مائي تو وٽ آهي؟“ آرام سان چيم ”هائو، مون وٽ ٻه اڍائي سالن کان نوڪرياڻي آهي!“ چيائون ”اسانجي حوالي ڪندين؟“ چيم ”قطعي نه!“ چيائون ”ڪمال آهي! جج ۽ آفيسر ٿي ڪري پرائي ٻانهن ويهاري ويٺو آهين ۽ مٿان چوين ٿو ته موٽائيندس به ڪونه!“ چيم، ”آفيسر! ڏس مان گهر ٻار وارو آهيان. مائيءَ مڙس کان ڪورٽ آرڊر هيٺ طلاق ورتي آهي ۽ ڪيس اڃا سيشن ڪورٽ ۾ آهي. ڪورٽ ۽ قانون کي پٺيرو ڪري ٻانهن ڪيئن توهان کي ڏيندس؟“ فوجي سپاهي ڪهڙا به اٻهرا ۽ جوشيلا هجن پر سندن آفيسر نهايت فهميدا ۽ سمجهو ٿين ٿا. سو رڳو ايترو چيائون ته ”چڱو! مائيءَ کي اسان وٽ آڻ ته اسان ان کان پڇون.“ مونکي خبر هئي ته مائي فوج ۽ پوليس جي سامهون آئي ته يا ته ساهه نڪري ويندس يا بيهوش ٿي ويندي يا دڙڪي سان چوندس ته ”هل! اسان سان“ ته انڪار نه ڪري سگهندي.
مون ٿڌائي سان چيو ته ”پڙدي دار عورت کان پڇا ڳاڇا صرف تڏهن ڪري سگهجي ٿي جڏهن اغوا جو ڪيس داخل ٿيل هجي يا ڪورٽ جو حڪم هجي. باقي ائين، مان قانوندان ٿي ڪري ڪونه ڪندس، سڀاڻي سيشن ڪورٽ مونکان پڇي ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس؟“ سندن ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي ته به بڙ بڙ ڪرڻ لڳا. مون چيو ته ”لکت ۾ آرڊر ڏيو ۽ ان سان گڏ رسيد به لکي ڏيو ته فلاڻن فلاڻن فوجي ۽ پوليس آفيسرن کي مائي لالان سپرد ڪئي وئي جيئن مان سيشن ڪورٽ کي رپورٽ ڏياري موڪليان ۽ جيڪڏهن مائيءَ کي مڙس ڪاري ڪري قتل ڪري ڇڏي ته جوابداري مون تي ته نه اچي!“ مون ڏٺو آهي ته فوجي آفيسر لکپڙهه ۽ قانون جي ڳالهه کان ونئن ويندا آهن. سو هي صاحب به اٿي هليا ويا.
اندر گهر جو وڃان ته مائي لالان مٿي تي قرآن رکيون بيٺي روئي ۽ ’الله الصمد‘ جو ورد ڪري. ٻڌايومانس ته پوليس موٽي وئي ته ويچاري منهنجي پيرن تي ڪري پئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سمندر خان آيو تنهن ڳالهه ڪئي ته فوجي اڳ ۾ وٽس آيا هئا ۽ مائيءَ جو ڏس پتو پڇي پوءِ مون ڏانهن آيا هئا. مائي لالان جا جهور ڪراڙا ماءُ پيءُ به ايندا هئا ۽ هڪ ٻه رات رهي مائي لالان سان ڪن ڦسڙاٽ ڪري هليا ويندا هئا. سڀئي مونکي چوندا هئا ته ”صاحب اسين تو وٽ وڪاڻل آهيون!“ مائي لالان به ”منهنجي گهر واريءَ کي چوندي هئي ته جيجي تو وٽ وڪاڻل آهيان سڄي عمر تنهنجي خدمت ۾ گذاريندس!“ پر سندن من ۾ ڪا ٻي هئي ۽ اسان کي منجهه نه ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن شام جو سمندر خان پٺاڻ وٽان اطلاع آيو ته مائي لالان جي مڙس جي اپيل سيشن ڪورٽ رد ڪئي ۽ مائي لالان جي طلاق پڪي ٿي وئي. انهيءَ رات ئي الائي ڪيڏي مهل مائي لالان گهر مان نڪري وئي. پڇا ڳاڇا تي ڪو پتو ڪونه پيو سواءِ انهيءَ جي ته آڌي رات ڌاري مائي لالان جا ڪراڙا پيءُ ماءُ آيا هئا ۽ انهن سان اشارن ۾ ڳالهايائين پئي.
ٻئي ڏينهن منجهند جو مسٽر قائم الدين جتوئي ائڊووڪيٽ سکر جي فون آئي. تن ڏينهن ۾ فون عام ڪانه ٿي هئي. سيشن جج جي آفيس ۾ (گهر ۾ به نه) فون هئي ۽ مونکي گهرائي ورتائين. جتوئي صاحب پڇيو ته ”مائي لالان جو نڪاح ڪنهن خوشحال ماڻهو سان پيو پوي سو توهان جو ڇا خيال آهي ۽ مائي ڪهڙي طبيعت جي آهي!“
مون چيو ”مائي تمام چڱي ۽ محنتي آهي، ڀلي وڃي پرڻجي!“ پر، پڇيم ته ”هڪ ڏينهن ۾ اهو ڪيئن ٿيو؟“ کلي چيائين ”ابڙا صاحب تون به ڪو ڏاڍو درويش (معنيٰ بيوقوف) آهين، اهو ته ڪيترن ڏينهن کان سؤدو ٿيو پيو هو ۽ ماءُ پيءُ پئسا به وٺي ڇڏيا هئا.“ اهو به ٻڌايائين ته ”ان ماڻهوءَ کي اڳ ۾ به هڪ زال آهي ۽ جوان پٽ اٿس پر ڪم ڪار لاءِ ٻي زال جي ضرورت اٿس ڇو ته دڪانداري به ڪري ٿو ۽ مينهن جو واڙو به اٿس.“ ڪجهه سالن کان پوءِ سندس نياڻو مون وٽ ڪراچي آيون ۽ ٻڌايائين ته ان مڙس به ڪڍي ڇڏيس هوءَ وٽس رهي ٿي ۽ بيمار گذاري ٿي.

6

لالان جو قصو پورو ٿيو پر اڃا ٻيو قصو لمبو آهي. منهنجي گهرواريءَ جي ڀاءُ انورالدين قريشي، رينج فاريسٽ آفيسر جو، جنهن کي ائنٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ ۾ گهڻا پنا ڪارا ٿي ويندا. اهو ڪيس به مون سمندر خان جي حوالي ڪيو ۽ ڏاڍي سٺي رٿابنديءَ سان ضامن منظور ڪرايو مسٽر عبدالعليم عقيليءَ کان جو ان وقت ائنٽي ڪرپشن جو مئجسٽريٽ هئو. ڪيس بعد ۾ هليو مسٽر عزيز الله ميمڻ سيشن جج وٽ. انور صاحب اصرار ڪيو ته ڪيس شيخ اياز هلائي. مون سمندر خان کان معافي وٺي شيخ صاحب کي عرض ڪيو جنهن هڪدم بنان في وٺڻ جي ڪيس کنيو. تمام چڱي محنت ۽ تياري ڪيائين ۽ جنهن ڏينهن ڪيس هليو، ان ڏينهن ڊسچارج ڪرايائين ۽ تمام سٺي آڏي پڇا ڪيائين. انهيءَ ڪيس صدقي ٻه ٽي نجي گڏجاڻيون ٿيون. پهريون سوال مونکان اهو ڪيائين ته ”تهمت سچي آهي يا نه؟“ پاڻ ئي وضاحت ڪيائين ته ”جي تهمت ڪوڙي آهي ته ضمير مطمئن رهندو ۽ سچائيءَ جي جذبي ۽ جوش سان ڪيس ۾ ويڙهاند ڪبي؟“ ائين ڪونهي ته هو ڪو حقي ڏوهارين جا ڪيس ڪونه کڻندو هو ڇو ته وڪيل ۽ جج لاءِ ڪو به ڏوهاري ناهي، رڳو ملزم آهي جنهن تي الزام ڌريو ويو آهي. جيسين الزام ثابت ٿئي تيسين ملزم معصوم آهي.
اهو اصول اسين عام رواجي زندگي ۾ لاڳو ڪيون ته هوند جهيڙا جهڳڙا، بد گمانيون ۽ شڪ شبها، اُسرن ئي نه ۽ نڪي وڌي وڻ ٿين. هوند معاشرو ۽ سماج ئي سڌري پوي. ٻيا ته ٺهيو، اسانجا ڏسڻا وائسڻا اديب حضرات به هڪ ٻئي کي غلط سمجهن. نه رڳو هڪ ٻئي، بلڪ مشهور اديبن، فلاسافرن، سماج سڌارڪن ۽ مذهبي پيشوائن جي فلسفي ۽ خيالن تي چٿرون ۽ ٽوڪون ڪن ۽ پاڻ کي يا پنهنجن خيالن کي صحيح سمجهن. عجب آهي؛ جڏهن ڪو به ڪوڙ نسورو ڪوڙ ناهي ۽ ڪو به سچ نسورو سچ ناهي. حق ۽ حقيقت (بقول لطيف سائين جي) اڃا آڳاهون ٿيو. اياز ۽ منهنجيون اهڙيون مختصر ڪچهريون اسان کي هڪٻئي جي ويجهو ڪنديون رهيون ۽ هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام وڌندو رهيو.
خيرپور ميرس ۾ مان ٽي سال رهيس. 1958ع کان 1961ع تائين ۽ منهنجي بدلي لاڙ جي دُن سجاول ۾ ٿي. مان ڏاڍو ملول ٿيس ته ڪوهين ڏور، حيدرآباد کان سٺ پنجهٺ ميل پري، لاريءَ رستي اڻڄاتل علائقي ۾ رهڻو پوندو جتي نه هو گهر، نه بجلي نه پيئڻ جو پاڻي. هٿ پير هنيم ته ٻئي ڪنهن هنڌ بدلي ٿئيم پر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنهنجي هلندي ڪانه هئي. سجاول ۾ به سال رهڻ کانپوءِ اڄ سوچيان ٿو ته منهنجي خوش قسمتي هئي. لاڙ جي ٻولي ثقافت ۽ عوام سان واقفيت جو موقعو مليم ۽ اڄ به اتي جا ماڻهو مونکي ياد ٿا ڪن ۽ تمام چڱن معزز ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليم. اهي ٻه سال به شيخ اياز کان بلڪل ڪٽيل رهيس.
تنهن کانپوءِ ٻه سال 1963ع کان 1965ع تائين ٽنڊو الهيار ۾ رهيس اهو ايوب شاهي جو دؤر هئو ۽ هندوستان سان 1965ع واري لڙائي به لڳي. ٽنڊو الهيار کان ميرپورخاص آهي ويهه پنجويهه ميل ۽ پوءِ آهي ٿر. هندستاني فوجون آرام سان ٿر ۾ گهڙي آيون هيون ۽ اسانجا فوجي جوان رڌل ڪنيون ڇڏي ڀڳا ٿي آيا. اها ڪا سندن بزدلي ڪانه هئي پر فوجي رٿابندي هيٺ حڪم موجب هٽڻو پوندو آهي. روزانو هندستاني هوائي جهاز ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار مٿان اڏامندا حيدرآباد مان ٿي صحيح سلامت موٽي وينداهئا. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته ماڻهن ۾ ڪو هراس يا ڊپ نه هئو بلڪ يقين هئن ته فتح اسان جي ٿيندي! ڀلو ٿئي پير صاحب پاڳاري جو ۽ حر مجاهدن جو جن فوج جي حمايت ۽ رهنمائيءَ ۾ شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪري راجسٿان جي هزارين ميل ايراضيءَ تي ۽ موناباؤ ريلوي اسٽيشن تي قبضو ڪري ورتو. باقي ڇاڇري جو هڪ پوليس صوبيدار، اسانجي لاڙڪاڻي ضلعي جو اسراڻ، وٺي جو کڙين تي زور ڏنو ته واريءَ تان ڊوڙندو، پنڌ ئي پنڌ (لاريون ۽ کيکڙا هلڻ بند ٿي ويا هئا) اچي ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي پهتو ۽ ٺڪاءَ اچي ڳوٺ ڪيائين. بعد ۾ شايد نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ اياز حيدرآباد ۾ الائي ڪٿي ۽ ڪيئن، مونکي پنهنجو هٿ اکر لکيل مشهور نظم ڏيکاريو.
آهه متو سنگرام،
سامهون آ نارائڻ شيام،
تنهن کي گولي ڪيئن هڻان مان،
ڪيئن هڻان.
ان وقت عام ماڻهن جو ۽ سڄي قوم جو مزاج هو جوش جذبو ۽ جنگي جنون وارو! اهو نظم ظاهر ظهور ان سان ٽڪراءُ ۾ اچي ها ۽ ماڻهو اياز جي سوچ جي مخالفت ڪن ها. پر ڳالهه ته سچ هئي ۽ برحق هئي،سو مون رڳو دٻيل لفظن ۾ ايترو چيو ته ”هندي لفظن خاص ڪري سنگرام جهڙا لفظ ماڻهن کي ڪونه وڻندا، تون رڳو سنگرام کي ڪهرام ڪري ڇڏ!“ شيخ صاحب ذهين ۽ گهٽ ڳالهائو آهي. ڳالهائيندو تمام ٿورو آهي پر جيڪو ڳالهائيندو آهي تنهن ۾ ڀرپور علم ۽ دانش ۽ ڪجهه مزاح به هوندو آهي ۽ اڳلو چپ ٿي ويندو آهي. منهنجو مطلب سمجهي چيائين ته ”ڇا چريائپ جي وهڪري ۾ وهي مان به انقلابيءَ مان ڦِري لابيءَ جو شاعر ٿي وڃان؟“ مون ڏٺو ته اياز پهاڙ جيان اڏول ۽ اونچو ٿي ويو. کيس حڪومتي ردعمل يا ماڻهن جي طنز جو ذرو به اونو ڪونه هئو. مونکي ان وقت شاهه لطيف جا لفظ ياد آيا ته ”جي لهوارو لوڪ وهي ته آءٌ اڪيلي وهندس اوڀار.“
وڏا ماڻهو جن کي پيغام پهچائڻ جو فرض سونپيو ويندو آهي، سي ايڏا اونچا پهاڙ ئي هوندا آهن. ٻين شاعرن ۽ ليکڪن ته ماڻهن جي نبض تي هٿ رکي، سندن ها ۾ ها ملائڻ خاطر، ون يونٽي دؤر ۾ توڙي پوءِ، سنڌ سنڌ، سنڌي قوم ۽ مٽي ماءُ جا اصطلاح کڻي سستي شهرت ماڻي، پاڻ موکي ويا. اياز ته پاڻ لاءِ آزار پيدا ڪري ويو. سر اڏيءَ تي رکي، ههڙي ڪاري ڪارونڀار ۾، جڏهن سڀني جي اکين تي پٽيون چڙهيل هيون ۽ ذهنن تي تالا لڳل هئا تڏهن به سچ چوڻ کان نه هٻڪيو نه هٽڪيو. منهنجي سنهڙي صلاح به نه ورتائين. جيڪڏهن سنگرام بجاءِ ڪهرام چوي ها ۽ نارائڻ شيام بجاءِ لتا منگيشڪر چوي ها ته ايڏي ڏچي ۾ نه پوي ها. پر اياز جهڙو ڏات ڌڻي ايئن ڪيئن ٿي ڪري سگهيو جو سچ چوڻ مهل سچ نه چوي يا ڪؤڙي سچ مٿان کنڊ چاڙهي پيش ڪري.
مون انگريزي ۾ هڪ مقولو پڙهيو هو جو لکان ٿو. مون سان ويڌن آهي ته نه مصنف جو نالو ياد رکندو آهيان نه لفظن جو پورو جڙاءَ، رڳو تت ذهن نشين ٿي ويندو اٿم، پر هي مقولو پورو ياد اٿم جو انگريزي بجاءِ سنڌيءَ ۾ لکان ٿو. البرٽ شويئزر چوي ٿو ته،”سچ يا حق کي پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص مهل يا موقعي جي ضرورت نه آهي. انهيءَ مهل، هينئر جو هينئر آهي. هاڻي ۽ لاڳيتو سدائين؛ ۽ بيشڪ خاص تڏهن، جڏهن ان جو اظهار وقت جي حالات جي لاءِ ناسازگار ۽ٽڪراءَ ۾ هجي.“ جنهن ليکڪ اهڙي همت ڪئي هجي سو پاڻ پنهنجو جائزو وٺي پاڻ کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکي ته خبر پئجي ويندي ته گهڻي ويهين سؤ آهي.
اڳ به چيو اٿم، وري به ياد ڏياريانوَ! هڪ ٽي ويءَ جي ڊراما نويس فرمايو ته لکڻ سان مان مرتبو ۽ شهرت ملي ٿي. هيءَ شهرت ته اهڙي ٿي جهڙي ”صابڻ سات سؤ سات“ کي . ورنه ڪهڙي سڌارڪ انقلابي يا پيغمبر کي مان مرتبو ۽ عزت ملي، مارڪس پنهنجو ملڪ ڇڏي سڄي عمر لنڊن ميوزم جي هڪ ڪنڊ ۾ گذاري مري ويو. مائوزي تنگ لانگ مارچ ڪري اتر چين جي برفاني پهاڙن ۾ وڃي پناهه ورتي. حضرت موسيٰ عليھ السلام، مصر مان ڀڄي نڪتو ۽ سينائي پهاڙن ۾ چاليهه سال رلندو رهيو. حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي جسم ۾ ڪوڪا کوڙي ٽياس (صليب) تي ٽنگيو ويو. حضو صلي الله عليه وآلھ وسلم جن جي قتل جا منصوبا بنايا ويا ۽ پاڻ سڳورا غارن ۾ لڪندا، ملڪ ڇڏي اچي يهودين جي بستي يثرب ۾ تشريف فرما ٿيا. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو جو انهن عظيم انسانن مهل موقعي جي پرواهه نه ڪري، سچ ۽ حق چئي ڏنو ۽ زبان ۽ عمل سان ان تي ڄمي بيهي رهيا. اياز به ڪنهن يار دوست جي ڪانه ٻڌي ۽ اهو نظم ڇپائي ڇڏيو. پوءِ پراوا ته پراوا پنهنجا به مخالف ٿي بيٺا. هندستان جو ايجنٽ، غدار، پاڪستان جو دشمن سڏيو ويو ۽ مٿس هر قسم جو اتياچار ڪيو ويو. هو انسان دوست هو ۽ ان جو عملي ثبوت ڏنائين. جاگرافيائي سرحدن ۽ هندڪي مسلمانڪي جي پابندين کان مٿاهون هو، ان ڪري اڃا تائين حڪومتي ادارن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي اک جو ڪنڊو، بلڪ دل جو ڪنڊو، بڻيو بيٺو آهي.
مون اسلام آباد ۾ ويهي رات وچ ۾ افسانو ’فرشتو‘ لکيو. صبح جو امر جليل جهڙو دلير ۽ سچار ماڻهو مون وٽ آيو ۽ کيس ڏيکاريم. پڙهي چيائين،”ڪونه هلندو. لفظ وردي ڪڍي ڇڏ! ’وردي‘ ۽ ’عزرائيل‘، سچ پچ عزرائيل اچي ڪڙڪندو.“ مون اهو لفظ ڪونه ڪڍيو. احمد نديم قاسميءَ کي ڏيکاريم جو هن ان ڪانفرنس ۾ جوشيلي تقرير ڪئي هئي. پر منهن کڻي ڀيلو ڪيائين. شابس هجي يوسف شاهين کي جو کليل مجموعي ۾ گهري ورتائين ۽ ڇپي به ڇڏيائين. وري جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي فسادن جي رد عمل ۾ لاڙڪاڻي ۾ بيگناهه مهاجر قتل ڪيا ويا ته مون ان جي زوردار مذمت ڪئي ۽ ان موضوع تي هڪ ڪهاڻي ”ماءُ جي جهولي“ به لکي ڇپائي ڇڏي. ڪن پنهنجن، فون تي گهٽ وڌ به ڳالهايو ۽ دڙڪا به ڏنا. سچ، جيڪڏهن ماڻهن جي مزاج خلاف آهي، ته پوءِ نڪو مانُ مرتبو ملي ٿو، نه شهرت. پوءِ حليم بروهيءَ وانگر چريو! چريو! چوندس. انهيءَ ميدان ۾ اياز، امر جليل ۽ نورالهديٰ شاهه نسنگ نروار بيٺا آهن. امداد حسينيءَ جي به هڪ سٽ سڀن تي حاوي آهي، جڏهن حيدربخش جتوئي جي موت تي چيائين ته:
نه تيل باقي، نه رات باقي!
مونکي انهيءَ هڪ سٽ مان ٽئگور جي خوشبو اچي ٿي. حيدربخش جتوئي به اياز جيان اڏول ۽ معصوم ماڻهو هئو. آگسٽ 1965ع ۾ مان ٽنڊوالهيار مان بدلي ٿي حيدرآباد آيس. رهڻ لاءِ گهر هجيم ڪونه. لک شابس هجي منهنجي وڏي ڀيڻ کي جنهن پنهنجو نئون نڪور هزار والن تي ٺهيل عاليشان بنگلو لطيف آباد نمبر 6 ۾ بنان مسواڙ رهڻ لاءِ ڏنم. مان جتي رهندو هئس، اتي جا نوڪر پٽيوالا، ڪلارڪ ۽ واقفڪار منهنجا مستقل مهربان ٿي ويندا ها. ٽنڊي الهيار جي بنگلي جو چوڪيدار ته پنهنجي نوجوان نياڻي، نالي سياڻي، سان گڏجي آيو ۽ نياڻي منهنجي گهر واريءَ کي نوڪرياڻي ڪري ڏئي ويو.انهيءَ جو بنگلو باغ ۽ گل ڏٺا ته چيلهه تي هٿ رکي چيائين،”بهشت هي ٻيا ڪيا“ سرائڪي ڳالهائيندو هو. منهنجي گهر واريءَ جي به مقناطيسي شخصيت هئي. نوڪر نوڪرياڻيون ڄڻ سندس مُلهه ڳڌا ٻانها ٿي ويندا هئا. ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي نوڪرن جو وڏو مان آهي، اتي به نوڪر ور ور ڪري موٽي ايندا آهن ۽ چوندا آهن ”امان سان ملڻ آيا آهيون.“
ائين سکر، ساهتي، ميرپورخاص توڙي ٻين پاسن جا، ان وقت جا ڇوڪرا ۽ هاڻ جوان. ماءُ پيءُ واري شفقت ڳولهيندي پڇائون ڪري اچي پهچندا آهن. کين ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ اجهو ۽ ٽي وقت جي ماني ملي ويندي آهي. هڪ نوڪر اعجاز کي ته جوئا جي عادت هئي. پگهار ملندي ئي ٻه ٽي راتيون گم ٿي ويندو هو. سڄي پگهار هارائي پوءِ اچي چوندو هو ته کيسو ڪٽجي ويو. مان کيس مارون ڪڍندو هئس پر هو در نه ڇڏيندو هو. نيٺ مون کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ به ٽن چئن سالن کان پوءِ ماءُ سان ملڻ خاطر هليو آيو. جڏهن ٻڌائين ته گذاري وئي ته مٿي کي هٿ ڏئي روئي روئي، آسيس خاطر وڃي نوڪرن جي ڪوارٽر ۾ ويهي رهيو جتان منهنجو ٽيون نمبر پٽ منهنجي اجازت سان وٺي وڃي پاڻ وٽ بورچي ڪري بيهاريو. راڻيپور جو در محمد ٻچڙو ۽ سرحد جو جميل پٺاڻ جي هاڻ ڏاڙهيءَ سان ٿي ويا آهن سي سندس موت کان پوءِ به مهيني ٻئي پيا ايندا آهن ۽ گهر ڀاتين سان ملي هليا ويندا آهن.
ٻه ٻيا مهاجر نوڪر هوندا هئا سليم ۽ حنيف سي ته سالن جا سال چاليهه رپيا پگهار تي اسان وٽ گهر ڀاتين جيان رهيا. مرحومه سندن غلطين کي نظرانداز ڪندي هئي، بلڪ مون کان به لڪائيندي هئي. نيٺ ته غريب نوڪر هئا ڪانه ڪا شيءِ يا پئسي تي هٿ صاف ڪري ويندا هئا پر مونکي خبر نه پوندي هئي. البت کين چوندي هئي ته ”بيهو! صاحب اچي ته کيس ٻڌايان ٿي ته موچڙا هيڻوَ!“ اهڙو دڙڪو پنهنجي اولاد کي به ڏيندي هئي، سو نوڪر به سمجهي ويا هئا ته امان بچائي ويندي ۽ هو بي اونا ٿي ويندا هئا. البت هڪ دفعي سليم ۽ حنيف، آيل مهمانن جي چوري ڪئي، تڏهن مونکي چيائين ته ”هاڻ نه ڇڏجون!“
پوءِ به مونکي يقين آهي ته هو امان! امان! ڪري سندس پير پڪڙين ها ته سندن بچاءَ ۾ وڪيل ٿي بيهي ها. مرحومه جون ڳالهيون ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون ڪجن. مان ته ٺهيو پر سندس ساهراڻي خاندان وارا اڃا تائين سندس ساراهه مان ڍاپن ئي نه ٿا. چوندا آهن ته ’نڻان ۽ ڏيرياڻي، توڙ جي ويرياڻي!‘ پر هتي قصو الٽو آهي. ٻي پيڙهي يعني منهنجيون ڀاڻيجيون ۽ ڀائيٽيون به چونديون اچن ته ”مامي (يا چاچيءَ) کانپوءِ اها خوشبو ئي ڪانه ٿي اچي!“ ڇا سندس ملڻي (کيڪار) ڇا سندس قرب ڇا سندس اڪرنجهه (اڪير). مٿس لکڻ ويهجي ته الڳ ڪتاب ٿي وڃي. مهمان ايندو هو ته سندس اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ اچي ويندي هئي. شام جو منهنجا دوست مونسان ملڻ ايندا هئا ته بنان پڇڻ جي ماني تيار ڪري ڇڏيندي هئي ۽ در کڙڪائي مونکي اندر سڏائي چوندي هئي ته ”ماني تيار آهي، مهمانن کي ائين نه ڇڏجو!“ ماني وري ڪهڙي، جيڪو غريباڻي گهر ۾ موجود هوندو هو، هڪڙو ٻوڙ، گهڻو ڪري قيمي جو ۽ چانورن جي اٽي جي ماني. بس. جيڪو کاڌو پيار ۽ شوق سان ٺاهجي ٿو، ان ۾ قدرتاََ ذائقو به اچي وڃي ٿو.
مرحوم شفيع محمد آخوند سيشن جج سانگهڙ، هر ڇنڇر تي گهر پهچي، وهنجي سهنجي مون وٽ هليو ايندو هو. ٻه چار دوست ٻيا به اچي نڪرندا هئا. سالن کان پوءِ شفيع محمد آخوند سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي هئي ته چوندو هو ته ”جمال، تنهنجي گهر جي چانورن جي ماني ۽ قيمو وسري ئي نٿو!“ شيخ سعدي رحمتھ الله عليھ فرمايو آهي ته
”هر ڪجا بود چشمھء شيرين، مرغ، مُورو مگس گرد آيند“. يعني جتي به مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو اتي پکي، ماڪوڙا ۽ ماکيءَ جون مکيون، پوپٽ ۽ ٻيا حشرات عالم اچي گڏ ٿيندا. هڪ رات حد جي ايس ايڇ او فون ڪري چيو ته ”صاحب آپ ڪي گهر روزانه رات ڪو گاڙيان کڙي هوتي هين.“ مون به پڄرندي چيو مانس ته ”هائو ڀائي سمگلنگ جو ڪاروبار ٿو ٿئي. تون هاڻي جو هاڻي اچي ڇاپو هڻي گرفتاريون ڪر!“ چپ ٿي ويو. ڀلا هٿ صاف هجن ته ڀؤ ڪهڙو. ضمير جي صفائي، ازخود ٻل اتپن ڪري ٿي، جو عجيب طاقت ۽ رعب رکي ٿو. اياز جو به ضمير ۽ ذهن صاف آهي، تنهن ڪري منجهس مخالفت سهڻ جو بي حساب ٻل آهي.
سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ به اول اول نعرو هڻندڙ شيخ اياز هئو. 1955ع ۾ مان جڏهن سکر مان ڊگهي موڪل وٺي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيس ته مون وٽ مرحوم حفيظ شيخ ڪراچيءَ مان اچي مهمان ٿيو. ٽي چار ڏينهن رهيو. سيمابي طبيعت جو ماڻهو هو، سو سڄو ڏينهن بنا ڪم ڪار جي ڏاڍو مصروف رهندو هو. سندس گهڻو رابطو مئڊم زينت چنا سان ٽيليفون تي ادبي ڪچهري ڪندي گذرندو هو جا ان وقت ۾ جناب عبدالله چنا سان ڊي سي هائوس ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو چيائين ته ”سکر اياز ڏي ٿو وڃان، رسالي لاءِ ڪا نئين شيءِ وٺي اچانس!“ اياز سان پراڻي ياري هئس ۽ سندس رازدان هو. رات جو دير سان موٽي آيو ۽ چيائين ته ”اياز وٽان ناياب موتي وٺي آيو آهيان!“ چيومانس ”ڏيکار!“ ته مون تي وڏو ٿورو جتائيندي، چوٿاڙ پني تي اياز جو هٿ اکر لکيل نظم ڏنائين جو بعد ۾ سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي هئو ۽ اها صدا سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿي ته :
”جاڳ ڀٽائي گهوٽ ..... !
پوءِ وري فخر سان اهو پنو مونکان وٺي قميص جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. حفيظ، اياز جي ڏات جو عاشق هئو. ٻيا ته ٺهيو مرحوم محمد حفيظ قريشي جهڙو ماڻهو جنهن جا عقيدا ۽ نظريا اياز کان مختلف هئا، ان کي مون پاڻ اياز جا شعر گونجاريندي ٻڌو،”سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.“ مون مشڪندي چيومانس قريشي صاحب ”توهان به؟“ چيائين ”شعر ته ڏس، ڪارونڀار ۾ وڄ جو ڪڙڪاٽ آ، ڀنئن ته (ڀانءِ کي ڀنئن چوندو هو) اسرافيل جي صور آ ٻيو؟“ انهن شعرن سنڌ ۾ ايڏو ته ولولو ۽ ولوڙ پيدا ڪئي جو حڪومتي ايوانن جا ڪوٽ ڪنبي ويا. اياز جي شعرن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪ سنڌ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو جنهن ۾ وڏو حصو رسالي ’روح رهاڻ‘ جو به هئو.
اول اول جنهن ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو ڏنو هو سو هو حيدربخش جتوئي. اهو به معصوم ٻار جهڙو، بيحد مخلص، غريبن جو همدرد ۽ بنيادي طورانقلابي هئو. هو پنهنجو وڙ ڪري، مون جهڙي ناچيز وٽ لطيف آباد واري بنگلي تي ايندو هو. تن ڏينهين جسٽس منير تي ڏاڍي ڪاوڙ هئس ۽ سندس خلاف عوامي عدالت ۾ اپيل جيڪا انگريزيءَ ۾ لکي ڇپائي هئائين سا مونکي ڏنائين. خاص مهرباني مون تي اها ڪيائين جو سندس تازو لکيل طويل نظم ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ مون کي ڏنائين. پوءِ جيئن سڀاش چندر بوس جو نعرو ’جئه هند‘ هندوستان ۾ زبان زد عام ٿيو هئو تيئن حيدربخش جتوئي جو نعرو جيئي سنڌ، ٻچي ٻچي جي زبان تي اچي ويو. اها دونهين جا سنڌي ادبي سنگت، اياز ۽ حيدربخش دکائي هئي، سا جڏهن ڄر ۽ ڄڀون ڪڍڻ لڳي ته سائين جي ايم سيد ان جو مهندار ٿي ويو.
سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو ۽ ڪرڏ سياستدان مون نه ڏٺو. ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جيئيم ذرو به نه هٽندو هو. ”زمين جبند، نه جنبند گل محمد!“ وانگر کيس ڌوڏو يا ڌرڙي به ڪانه ايندي هئي. سڄي سنڌ ۾ نعرو گونجي اٿيو، ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“ ان وقت ليڊرشپ جو خال هو، ڪو به ليڊر ڪونه هئو، سواءِ جيئيم سيد جي. ٻئي طرف بدنام وڏيرن جو اهو ٽولو هو. جن ون يونٽ ٺاهيو هو. خبر تڏهن پئي جو جيئم سائين به انهن ئي وڏيرن کي گڏ ڪري هڪڙي ڪانفرنس گهرائي جن ۾ کهڙو صاحب به هئو جنهن کي ماڻهن ون يونٽ جو خالق ٿي سمجهيو (جيتوڻيڪ ائين نه هئو). سائين جيئيم جي اهڙي قدم کڻڻ تي ڍينگو ئي ڍيري ٿي پيو ۽ ماڻهو جيئم سائين جا به مخالف ٿي بيٺا ۽ هو ساک وڃائي ويٺو. حقيقت ۾ سائين جي ايم سيد کي عوام ۽ عوامي ليڊرشپ جو تصور ئي ڪونه هو. بلڪ، مان ته ائين چوندس ته هو عوام کي ناپسند ڪندو هو ۽ کين نجي محفلن ۾ غليظ گاريون ڏيندو هو.
ان وقت جا سمورا ليڊر (ڊرائنگ روم) مهمان خاني جا ليڊر هئا، سواءِ مهاتما گانڌيءَ جي، جنهن موجوده دؤر ۾ پهريون دفعو سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي، گهٽين ۾ به نه، پر کيتن ۾، ڳوٺن ۾، ماٿرين ۾، ڪوهستان ڪاڇي ۾ ۽ دڪانن بازارين ۾ آڻي انگريزن جون وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون. پهريون ته هو مٿس کلڻ ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳا پر پوءِ حيران پريشان ٿي ويا ته هي عوام جو ڇوليون ماريندڙ سمنڊ کين لوڙهي نه ڇڏي! جناح صاحب به ڀاڙيو سر صاحبن، نوابن ۽ جاگيردارن تي جن مغليه راڄ جا عيش ۽ شان شوڪت جا خواب لهڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن کي ڀورڙو بنائڻ لاءِ مسلم مملڪت ۽ مسلم حڪومت جا ڏٽا ڏيڻ لڳا. ياد رهي ته جناح صاحب ڪڏهن به اسلامي ملڪ ۽ اسلامي حڪومت جي ڳالهه نه ڪئي. هو اسلام بجاءِ لفظ مسلم جنهن کي هو موزلم ڪري اچاريندو هو. استعمال ڪندو هو ۽ صاف چوندو هو ته مذهب جو رياست سان ڪو واسطو ئي ناهي. پوءِ اسانجا موزلمان (مسلمان) حضرات مذهبي جوش ۽ جذبي سان ڀرجي الائجي ڇا جو ڇا هوائي قلعا اڏڻ لڳا.
جناح صاحب توڙي ’موزلم ليگ‘ جو بنيادي هٿيار هو هندوءَ کان نفرت ۽ معاشي ناهمواري. هندوستاني مسلمانن ۽ پنجاپين جو ته ساهه هئو نوڪرين ۽ عهدن۾، جيئن ڪنهن ديوَ جو ساهه هوندو آهي طوطي ۾، سو ان طوطي پٺيان ڊيهڙو لائي ڏنائون. نه ته ڪشمير، حيدرآباد دکن ۽ جهوناڳڙهه ڏانهن هجرت ڪن ها ته اڄ هندوستان ۾ ٽي پاڪستان ٻيا به هجن ها. يا جيئن سهروردي صاحب جي رٿا هئي ته متحده بنگال ٺهي ۽ جناح صاحب به ساڻس سهمت هو، ته چوٿون پاڪستان متحده بنگال جي صورت ۾ به هجي ها. هندوستان جا بهاري سڀ جو سڀ بنگال وڃن ها ته متحده بنگلاديش هڪ مسلم اڪثريتي ملڪ هجي ها هندوستان اندر، جتي برما جا مسلمان به آسائش سان رهي سگهن ها. پر هر ڪا ڳالهه يا جيڪي ڪجهه ٿيو سو تڙ تڪڙ ۾، بنا رٿابنديءَ جي ۽ انگريزن جي اڳ ٺاهيل منصوبه بندي موجب ٿيو.
فائدو پهتو ته فوجي جرنيلن ڪرنيلن کي ۽ چوٽيءَ جي ڪامورا شاهيءَ کي ۽ پڻ ناتجربيڪار صنعتڪارن ۽ الهڙ وڏيرڪي سياستدانن کي. هاڻي به اهي ئي طبقا پاڪستان کي لٽين ڦرين ٿا. وڏيرو جيڪو ذهني طور، مختيار ڪار ۽ ڊپٽيءَ جو درٻاري هجڻ تي فخر ڪندو هو، ان کي جو حڪومت جون واڳون مليون ته ڇت ڪتائي وارا چڪ هڻڻ لڳو ۽ هوش مان نڪري ويو. فوج جهڙي پر وقار ۽ منظم اداري کي سياست ۾ آڻي فرعونيت ۽ رشوت جي گندي گپ ۾ ميرو ڪيو ويو. هر مارشل لا ۾ رشوت جو ريٽ يعني ڏيتي ليتي جو مقدار وڌندو رهيو. اڳي جو ڪم، سون ۽ هزارن ۾ ٿيندو هو سو لکن کي وڃي لڳو. پوليسن جي به ٻيگهي متي، چي ”ڇا ڪيون فوجي صاحب ٿا گهرن.“
ڪامورن جا اختيار وڌائڻ سان ۽ سزا جا قانون سخت ڪرڻ سان، ڏوهه گهٽجن ڪونه ٿا، بلڪ وڏا وڏا ڏوهه ۽ وڏي چالبازي سان ٿين ٿا ۽ رشوت جو اگهه به چوٽ چڙهي وڃي ٿو. اڳي پنجاهه سؤ، هزار ٻن جي ڦر ٿيندي هئي، هاڻي ڪروڙين رپيا بئنڪن مان لٽيا وڃن ٿا، ڪارون موٽرون ڦرجن ٿيون ۽ پلاٽن تي قبضا ٿين ٿا. اڳي ڍور ڍڳي جي چوري ٿيندي هئي هاڻي ماڻهو اغوا ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو فوج ۽ پوليس کي کلي ڇوٽ ڏئي قانون جي واڳ سندن بي لغام هٿن ۾ ڏني وئي آهي ۽ سزائون سخت ڪري عدل ۽ انصاف جا دروازا بند ڪري جڙتو ڪورٽون ۽ سمري ملٽري عدالتون کوليون ويون. اعليٰ عدالتن جي اهڙي ۽ ايڏي وڏي بيعزتي ڪئي وئي جو هاءِ ڪورٽ جي معزز جج صاحبن سان گڏ فوج جو هڪ برگيڊيئر ويهاريو ويو. جج صاحبن کي گهربو هو ته اهڙي بيعزتي برداشت ڪرڻ بدران استعيفا ڏئي وڃن ها پر سندن سر مٿان به مارشل لا جو ڪات ٽنگيل هو ۽ سور پي ويا.
اهو جو چون ٿا ته سخت سزا ڏيڻ سان ڏوهه بند ٿي وڃن ٿا سو ٺيٺ ڪوڙ ۽ ڀوڪپائي آهي. منهنجو دوست مرحوم محمد علي ٻگهيو انجنيئر حج تان موٽي آيو ته ٻه ٻه هٿ پيو اڏامي، چي ”جمال سعودي عرب ۾ چوري آهيئي ڪانه، دڪان کليا پيا آهن. گهرن کي تالو ئي ڪونه هڻن. ڏس ته هر جمعي تي ڪنهن جو هٿ ڪپيو پيو آ يا منڍي لاهي لاش ڳوڻ ۾ کنيون وڃن!“ منهنجو قانوني ذهن سو مونکي ڊيٽا يعني مواد ملي ويو. مون چيو ”محمد علي صاحب! رڳو هڪ شهر ۾ هر مهيني اهڙا چار چوريءَ جا ڪيس ٿيا جي ثابت ٿيا. ڪيئي چوريءَ جا ڪيس ٻيا به ٿيا هوندا (ٻيڻا يا ٽيڻا) جي ثابت نه ٿيا هوندا ۽ چور ڇٽي ويا هوندا. ان کان به وڌيڪ ايتريون چوريون ٿيون هونديون جي ماڻهن رپورٽ ئي ڪونه ڪيون هونديون. هڪ شهر جو اهو حال آهي ته سعودي عرب جا سڀ شهر ملائي ڪامپيوٽر تي حساب لڳاءِ ته صرف چورين جا ڪيترا ڏوهه ٿيا. همراهه چپ ٿي ويو.
مون به خير سان ٻه حج ۽ ٽي چار عمره ڪيا آهن. ڪهڙي ڳالهه ڪجي. حرمين شريفين مان روزانو کيسا ڪٽجيو وڃن. البت اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ اتي ڏوهه تمام گهٽ آهن. ان جو واحد سبب بهتر معاشي خوشحالي ۽ بهتر حڪومتي نظام آهي. قاضي ۽ عدالتون توڙي پوليس ۽ ڪامورا ويندي عام شهري به قانون جو احترام ڪن ٿا. هت ته ڍينگو ئي ڍيري آهي. مون عرض ڪيو نه، ته فوج جهڙي اعليٰ ۽ معزز اداري کي سياست ۾ آڻي حڪومتي ادارن ۽ صنعتن ۽ واپار ۾ مراعات ڏئي، خرابيءَ جو ٻج ڇٽيو ويو. پوءِ پوليس کي پاور ڏئي کين ڌاڙيل ۽ ڌنڌاگير بنايو ويو. تنهن کان پوءِ عدليه جي بيعزتي ڪري، جج صاحبن کي نوڪريءَ کان ئي جواب ڏنو ويو. باڪردار جج صاحبن جي جاءِ تي ڄاڻي واڻي اهڙا جج ڀرتي ڪيا ويا جن کي خريد ڪري سگهجي يا دٻائي سگهجي. فوج ۽ عدليه کان پوءِ صحافت کي ڪرپٽ ڪري مڪمل طور نهوڙي چاپلوس بڻايو ويو. تنهن کان پوءِ وارو آيو ڪامورا شاهي (بيوروڪريسي) جو.
تمام ٿورن ماڻهن کي اهو احساس هوندو ته ڪاموراشاهي، حڪومتي سرشتي جي ڪرنگهي جي هڏي جهڙي اهميت رکي ٿي. انگريزن جيڪڏهن هن ملڪ کي ڪجهه به چڱائي ڏني ته اها هئي ڪامورا شاهي ۽ عدليه. سندن ڀرتيءَ جو طريقو ۽ تربيت جو طريقو به بهترين هوندو هو. ملڪ جا قابل بهترين دماغ، اول لکت جو امتحان پاس ڪندا هئا جو هڪ خودمختيار ادارو ڪندو هو. انهن ۾ جيڪي اول نمبر ايندا هئا انهن کان وري روبرو سوال جواب ڪري سندن هوشياري چالاڪي ۽ حاضر دماغي جو جائزو وٺندا ها. پوءِ به انهن جو نفسياتي جائزو ماهرن جي معرفت ورتو ويندو هو تنهن کانپوءِ تربيت وٺي جڏهن نوڪريءَ تي چڙهندا هئا تڏهن به سندن آزمائشي جائزو وٺبو هو ته عملي طرح هو ڪيئن ٿا هلن ۽ حالتن کي منهن ڏين. انهي سموري عمل کانپوءِ کين ذميواري سونپي ويندي هئي. پوءِ به سڄي عمر هر سال سندن چال چلت ۽ ڪارڪردگيءَ جي لکت ۾ رپورٽ ڏني ويندي هئي ۽ انهيءَ جي آڌار تي کين ترقي ملندي هئي. جيڪڏهن منجهن ڪا به ڪمزوري هوندي هئي ته کين ترقي ڪانه ملندي هئي يا مورڳو نوڪريءَ مان ئي ڪڍيو ويندو هو. ڀانيو ٿا ته اهڙي ماڻهوءَ جو اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ عملي زندگي ڪيڏي نه احتياط سان گذرندي هوندي.
اڃا به ائين آهي پر سياستدان توڙي اهي ماڻهو جيڪي ان معيار تي پورا نٿا اچن، سي انهيءَ اداري کي هروڀرو بدنام ڪرڻ جي پٺيان پئجي ويا آهن. معاشرو سڄو ٿي ويو آهي منافق ۽ مطلب پرست. سو پنهنجي گهٽ قابل ٻارن کي مٿي آڻڻ خاطر ڪوڙي باهوڙ مچائي ڏني اٿن ته پبلڪ سروس ڪميشن وارا وڏن ماڻهن جي ٻارن کي هروڀرو پيا نوازين. اهو ايڏو ڪوڙ آهي جو اکئين پيو ڏسجي. مون ته آڱرين تي ويهي ڳڻيا آهن ته وڏا آفيسر جن اهڙا امتحان پاس ڪيا سي گهڻو تڻو غريبن جا ٻار، ڪي پٽيوالي جا، ڪي ڪلارڪن جا، ڪي تپيدارن جا، ڪي هاريءَ جا ته ڪي بلڪل بي سهاري هئا جي مٿا مونا هڻي مقابلي جو امتحان پاس ڪري آفيسر بڻيا آهن، جا ڳالهه سياسي وڏيرن ۽ هندوستان مان آيل نوڪر شاهي، کي نٿي وڻي. سڌو سنئون ويٺا منافقي ڳالهائن ۽ ڪوڙا الزام هڻن جيئن اهو ادارو ئي تباهه ٿئي ۽ پوءِ هو بليڪ ميل رستي، جيڪو هنن جو وطيرو ۽ هڪڙو ئي دڳ بچيو آهي ان ذريعي پنهنجا نا اهل ٻار حڪومتي ادارن ۾ آڻين.
سياسي وڏيرن ۽ وزيرن سان وري ٻي ويڌن آهي جو هو نه تجربيڪار آهن نه ڄاڻو، نڪي اٿن قاعدن قانون جي خبر، سو هوشيار ڪامورا شاهي، مان اڙجي ٿا وڃن ۽ پنهنجي من ماني نٿا ڪري سگهن، پوءِ پنهنجي نا اهليءَ جو ڏوهه مڙهين ٿا ڪامورن تي. انگريزن ٻي به هڪ وڏي ڀلائي ڪئي هن ملڪ تي جو هرهڪ ننڍي وڏي معاملي لاءِ لکت ۾ قانون ٺاهي ويا. ايتري قدر جو کوهه جي ڪيتري ماپ، ڊيگهه ويڪر هئڻ گهرجي اهو به لکت ۾ موجود آهي. ڪنهن به عام رستي کان ڪابه اڏاوت ڪيترا فوٽ ڏور هجي اهو به لکيل آهي. ڪنهن ننڍڙي ڳوٺڙي ٻاهران ڪيترا فوٽ وڻڪار ۽ مال جي چرڻ ۽ ويهڻ جي آسائش هجي اهو به لکت ۾ موجود آهي، انهيءَ ڪري سياستدان، وڏيرا، قبضاگير ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙ قانونن جي ڄار ۾ ڦاٿا پيا آهن. ڄاڻو آفيسر جيڪڏهن قانونن جي نشاندهي ڪن ته ڄٽ وزير ۽ ايم ڪيو ايمي کودڙيا، گارگند تي لهي اچن ۽ پنهنجي پر ۾ سوچين ته ڪامورا کين ڀنڀلائين ٿا يا هٿ وٺي مخالفت ڪن ٿا. پوءِ اهي سياستدانڙا پنهنجي قابليت رڳو انهيءَ ۾ سمجهن ٿا ته اهڙن آفيسرن کي سسپينڊ ڪن يا سندن مشوري جي برخلاف پاڻ حڪم صادرڪن. پنهنجي برادريءَ ۾ ويهي پنهنجي قابليت جي لٻاڙ ائين هڻندا ته مون هيترا آفيسر سسپينڊ ڪيا يا کاتي جي سربراهه سيڪريٽري کي هيئن دٻ ڪڍي، ائين انتظاميه مشينري جو پاڻ پيا ٻيڙو ٻوڙين، پوءِ آفيسر ڇو نه سندن تقليد ڪري ساڳيا غير قانوني آرڊر پاس ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجن کي ورسائين؟ ائين هڪ عاليشان نظام جنهن تي حڪومت جو دارو مدار آهي سو ڊانواڊول ۽ تباهه پيو ٿئي، پوءِ چه عجب ته تباهي اچي ٻنڀي تي پهتي آهي.
اهڙي طرح مک ادارا، عدليه، انتظاميه ۽ صحافت تباهه ڪيا ويا آهن. باقي رهي سياست يا جمهوريت تنهن جا به ترا ڪڍيا پيا وڃن. پهريائين ته اها باهوڙ مچائي وئي ته ووٽر اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن تنهن ڪري سندن چونڊيل نمائندن کي ڪا اهميت ناهي. ان ڪري بار بار هزارن طريقن سان جمهوري نظام کي تباهه ڪيو ويو. اليڪشنون اهڙي ته بي ايماني ۽ ڌانڌلي سان ڪرايون ويون جو ماڻهو ۽ ملڪ حيران پريشان ٿي ويا ته هيءَ ته سنئين سڌي حرامپائي آهي. صحيح اليڪشن به جيڪڏهن ڪرايون ته صرف ٻن فوجي جنرلن، هڪ يحيٰ خان ۽ ٻيو اسلم بيگ باقي ٻين پنهنجو به منهن ڪارو ڪيو ته ملڪ ۽ قوم جو به ۽ ان ۾ شامل رهيا هاءِ ڪورٽ جا جج (چيف اليڪشن ڪمشنر) به ته پريزيڊينٽ به، ته فوجي به، ته ڪامورا شاهي به، ته وزيراعظم به ۽ سياسي جماعتن جا غنڊه گرد ٽولا به . هونئن ته چوڻي آهي ته ڪهڙي به بڇڙي جمهوريت جو ترياق (علاج) وري به جمهوريت آهي. پوءِ ڪهڙي به لولي لنگڙي ڇو نه هجي پر ماڻهن جو اکين سان بدمعاشيون ڏٺيون آهن سو جمهوريت تان به هنن جو ويسهه کڄندو ٿو وڃي بلڪ کڄي ويو آهي. پوءِ خدا خير ڪري، الائي ڇا ٿيڻو آهي.
قومن جون تقديرون ائين ملياميٽ ٿي وينديون آهن. اهڙو بغداد ٿيندو آهي جهڙو بغداد ۾ چنگيز ۽ هلاڪو ڪيو، شال ڪنهنکي سمڪ پوي ۽ ڦرڪو ڦري وڃي. هاڻي حڪومت پئي هلي رڳو لفافن، بيان بازي، اشتهاري وعدن ۽ ميڊيا ( ٽي وي، اخبارون، رسالا وغيره) معرفت. اڳ ته چورن جا به ڪي معيار هوندا هئا، هاڻي ته ميڊيا جا به ڪي معيار ڪونه آهن. نج ضمير فروشيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ڪو ڀته خور، بدمعاش، قاتل مري، ته ان جا فوٽا، ان جي لاش جا فوٽا، رت جا فوٽا، زال ۽ ٻارن جا فوٽا، آخري ديدار ۽ جنازي نماز جا فوٽا، عوام جي همدردي اڀاري، حراميءَ کي هيرو بڻايو وڃي. غريب پوليس وارا هوٽل تي چانهه پيئندي ريگناهه شهيد ڪيا وڃن ته پٺئين يا اندرئين صفحي تي ننڍڙي هڪ ڪالم ۾ خبر ڇپي ٿي وڃي. هي آهي ميڊيا مافيا. هاڻي ڪجي سو ڪجي ڇا؟
مير علي احمد خان ٽالپر جيڪو وڏو عالم، دانشور ۽ سياستدان هئو، تنهن جو هڪ پسنديده جملو هوندو هو ته ”ٽُٽي ته ٽاڪو ئي نه لڳيس“ اهڙي ڀُتي لباس کي جنهنکي ٽاڪو به نه لڳي سگهي، تنهنکي لاهي ڦٽي ڪرڻ کانسواءِ چارو ئي ڪهڙو؟ اهو اسانجو ٽه اکرو سنڌي اصطلاح. ”ٽٽي ته ٽاڪو ئي نه لڳيس“، جوناٿن سؤ فٽ جي سموري ڪتاب ”ٽب جي ڪهاڻي“ جو نچوڙ آهي. سئفٽ صاحب چوي ٿو ته ٽب کي ئي اونڌو ڪري، پاڻي هاري، خالي ڪري ڇڏيوس، ٻي ڪا واٽ واهه آهي ئي ڪانه. پر واٽ آهي. واٽ هميشه هوندي آهي. رڳو اکين کان اوجهل ٿي ويندي آهي. مان نه سياستدان آهيان، نه سياسي مفڪر نه ئي ان واٽ جو پانڌيئڙو پر جيڪي ڏٺو ٻڌو، سو ته چئبو. چوڻ ته چريائپ ناهي، عين جمهوري عمل ۽ حق آهي. ڪو ٻڌي نه ٻڌي. مرضي جو مالڪ آهي. پر موچڙا نه هڻي.
46 _ 1945ع ۾ سرپيٿڪ لارينس ۽ سر سٽئفورڊ ڪرپس، برطانيه سرڪار پاران آزاديءَ جي هڪ رٿا آندي هئي جنهن کي ڪئبينيٽ مشن پلان ڪوٺيو ويو. اسين تن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسون. رٿائون اهڙيون سـٺيون ۽ معقول هيون جو قائداعظم به مڃيون ته مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي به مڃيون. هوڏانهن، گانڌي، نهرو، سردار پٽيل ۽ ڪانگريس به مڃيون. سڄي ملڪ ۾ سرهائي اچي وئي ته هاڻي ڏرت ٽريو ۽ اجهو آزادي به ملي ته هندوستان به متحد رهيو ته هندن توڙي مسلمانن جا مفاد به محفوظ رهيا. ان رٿا موجب صوبائي خودمختياري ڏنل هئي ۽ صوبن کي پاڻ ۾ ملي ڪانفيڊريشن ٺاهڻ جي به اجازت هئي.
ڪانگريس، مسلم ليگ، جناح گانڌي سڀني کي اها رٿا قبول هئي. جناح ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو ان رٿا کي نه رڳو قبول ڪرڻ ۽ مرحبا ڪرڻ بلڪ پنهنجي ڪاميابي سمجهڻ نهايت معنيٰ خيز آهي. سؤلائيءَ سان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته جناح صاحب ۽ مسلم ليگ، جدا ملڪ، پاڪستان، يا اسلامي نظام لاءِ نڪو آتا هئا نڪو وهلور ٿي ويا. سڄي مسلم قوم ته ڇا پر هر سياسي پارٽي، احرار، خاڪسار، علما ڪرام، مهاسڀائي، ڪانگريس، هڙئي اهڙي متحده هندوستان تي خوش هئا جنهن ۾ صوبن کي خودمختياري ۽ مسلمانن کي ڪجهه خصوصي رعايتون ڏنيون ٿي ويون. اهو اهڙو ڪو عاليشان منصوبو يا رٿا هئي جو جمال ابڙو (خاڪسار) شيخ اياز ۽ ابراهيم جويو (ايم اين راءِ جا سوشلسٽ پوئلڳ) بني ڀائي (سجاد ظهير) ۽ ٻيا ڪميونسٽ، پڻ مولانا جان محمد عباسي (جماعت اسلامي) توڙي مهاسڀائي ۽ ٻيا يڪمشت ٿي ويا. علامه اقبال جو ديرينه خواب پورو ٿيندو نظر آيو ته:
مذهب نهين سکاتا آپس ۾ بير رکنا.
هندي هين هم، وطن هي هندوستان همارا.
سڀني اهو مڃي ورتو ته اسين هندي آهيون ۽ اسانجو وطن هندوستان آهي. سرسيد احمد خان ته پنهنجي دؤر ۾ ان حد تائين ويو هو جو چيو هئائين ته اسين(مسلمان) وطن جي لحاظ کان هندو آهيون ۽ هندو سڏائڻ کپي. اهو حق اڄ به اسان کان اهي چوٽير ۽ ڏاڙهيل هندو بنياد پرست، کسي نٿا سگهن جو اسانکي چون ته هندو ٿي وڃو. ڀائي اسين اڳيئي هندو آهيون، وطنيت جي لحاظ کان ۽ اسانجو حق آهي ته اسان کي هندوستان جو پاسپورٽ ملڻ کپي. خير ايڏي وڏي ايڪتا ٻڌي ۽ اتحاد کي ڪا نظر لڳي وئي يا ڪنهن فتنه باز هنئي جو ههڙي ڀلوڙ رٿا، ٻي ملهه ماري نه سگهي ۽ دسجي اچي چوٽيءَ ڀر ڪري ۽ ڏندڻجي وئي. ان کي نهرو، گانڌي، پٽيل يا ٻئي ڪنهن ٿڌو ڇنڊو هڻي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. مان ڀانيان ٿو ته ان ۾ هندو بنياد پرستي ۽ مسلم دشمني جي ڪڌي چال هئي. انهن مها ليڊرن ڄاڻي واڻي، اڪثريت جي تڪبر ۾، اهڙي سٺي ۽ معقول رٿا کي ٿڏي ڇڏيو ۽ مسلمانن ۽ جناح کي جهڙو ڪر للڪاريائون ته توهان ٿيندا ڇا آهيو. انگريز بهادر جنگ عظيم ۾ نستو ۽ نٻل ٿي ويو آهي سو ضرور حڪومت هندن جي حوالي ڪري هليو ويندو پوءِ اسين توهانکي شودر بڻايون يا ٻئي نمبر جا شهري، جيڪي وڻيوَ سو ڪيو. توهان کي ڪي به رعايتون نه ملنديون.
اها هندن ۽ هندو ليڊرن جي فاش غلطي يا وڏي ڀل هئي. جنهن جو انت ورهاڱي تي ٿيو ۽ ٻنهي ڌرين جا لکين بيگناهه ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ جوان ڪُسجي ڌرتي کان ڌار ٿي دربدر ٿي ويا. مان انهيءَ جو جوابدار هندو ليڊرن جي هوڏ، وڏائي ۽ بنياد پرستيءَ کي ٿو سمجهان جنهن کان جناح صاحب قطعي مبرا آهي. جناح صاحب ته پڪو نئشنلسٽ ۽ سيڪيولر رياست جو حامي هو. پر هندو ماڻهن ۽ هندو ليڊرن اکنڊ ڀارت، مهاڀارت ۽ هندو بنياد پرست راڄ جا خواب ٿي ڏٺا جنهن لاءِ هو صدين کان پياسا ۽ نراسا هئا. منهنجي ذاتي راءِ ۾ وڏن سياسي ليڊرن هندو توڙي مسلمانن ۾ ڪو هڪ به جيڪڏهن ورهاڱي (پاڪستان) جي خلاف هئو ته اهو اڪيلو جناح صاحب هئو. ٻيا سڀ ذهني طور سودي بازي لاءِ تيار ٿي ويا هئا ته ڪيئن به ڪري آزادي وٺجي پوءِ ڏٺو ويندو.
ڏٺو اهو ويو ته لکين ڪونڌر ڪسجي ويا، ڀاري لڏپلاڻ ٿي، مٽ مائٽ جدا ٿي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. نفرتون چوٽ چڙهي ويون، جنگي جنون وڌي ويو ۽ انسانيت لڙهي وئي. نه هندوستان ۾ رام راجيه قائم ٿيو نه پاڪستان ۾ اسلامي فلاحي مملڪت. ٻنهي ملڪن ۾ ”پئسا ڪلچر“ پروان چڙهيو ۽ سڀ چڱايون ان جي ڀيٽ چڙهي، قربان گاهه تي قتل ٿي ويون. ڀلوڙ ويدانتي ۽ صوفي ڪلچر بجاءِ، هلڪڙائي، ٽرڙائي، وڏائي، ڏاڍ ڏمر، ڏيک ويک، رشوت ڀتا خوري ۽ دهشتگردي جو راڪاسي ڪلچر ڏندڪرٽي چنبا ڪڍي اٿي بيٺو آهي ۽ سڀڪو پيو ان کي هڪ ڪنواري ڪنيا روزانو ٻليدان ۾ ڏئي. تفو برتو، اي چرخ گردان تفو (پوءِ ٿڪ هجي، هر ڪنهن کي، ٿڪ هجي). تفو جي معنيٰ هونئن حيف آهي؛ پر ههڙن حالتن ۾ معنيٰ مٽجي وڃي ٿي.
جناح صاحب تمام صاف ذهن رکندڙ، سمجهو ۽ نئشنلسٽ. يعني متحده هندوستان جو حامي سياستدان هو. هن آڏو هڪ هندوستاني قوم هئي جنهن ۾ مذهب جو ڪو عمل دخل ڪونه هئو. هو، بس، مسلمانن جي سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو وڪيل هئو جنهن کي ڪابه طاقت، لوڀ لالچ، پئسو يا اقتدار خريد ڪري نٿي سگهيا. پاڪستان جي نعري کي هن محض ترپ جي پتي طور استعمال ڪيو جيئن مسلمانن لاءِ، جن کي هو موزلمانس ڪري سڏيندو هو، وڌ ۾ وڌ سياسي مراعات حاصل ڪري سگهجن. نه ته پاڻ ڏسو نه، ته ڪئبينٽ مشن پلان قبول ڪرڻ معنيٰ:
1. پاڪستان يا جداگانه مسلم مملڪت تان هٿ کڻڻ.
2. ٻه قومي نظريه کي غلط ڪرڻ يا ملياميٽ ڪرڻ.
3. اسلامي مملڪت توڻي سياست ۾ اسلامي نظريي تان دستبردار ٿيڻ.
4. متحده هندوستان کي قائم رکڻ ۽ بهتر سمجهڻ.
5. هڪڙي هندوستان ۽ هڪڙي هندوستاني قوم جي حمايت ڪرڻ يا قبول ڪرڻ.
اهڙا ٻيا ڪيئي مسئلا جن کي اڄ اسين جز ايمان يا نظريه پاڪستان ٿا سمجهون سي سڀ مسترد ٿي وڃن ٿا. ’نظريه پاڪستان‘ هونئن به اهڙي موهوم ۽ تصوراتي ڳالهه آهي، جنهن کي ڪو به نه سمجهي ٿو، نه سمجهائي سگهي ٿو. صرف مان ائين ڪونه ٿو چوان. اها راءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي معزز جج صاحبان جي طئه شده فتويٰ آهي.
هاڻي اچي ٿي موچڙن کائڻ واري ڳالهه، پر چئبي ضرور! هاڻي پيريءَ ۾ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ مونکي ڪهڙي پرواهه. اڳيئي دل جو پراڻو مريض آهيان. ڪجهه ڪندا ته هڪ ڏينهن ۾ ٺڪاءُ ڏئي مري پوندس. ٻڏيءَ جا ٻيڻا. باقي پونئين سان الائي ڇا ڪندا. پونئيرن ۾ رڳو منهنجي آل اولاد ته ڪونهي، سڄي سنڌ آهي سڄو پاڪستان آهي ۽ پڻ هند به آهي. سو ڳالهه ڪبي ضرور.

7

ڳالهه اها آهي ته هاڻ به تاريخ ۾ پنجاهه سال پوئتي وڃي، ڪئبنيٽ مشن پلان، قائداعظم ۽ مسلم ليگ جي قبول ڪيل پلان تي عمل ڪري، پاڪستان، بنگلاديش ۽ هندوستان جي ڪانفيڊريشن ٺاهجي ۽ صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏئي آزاد ڇڏجي ته ڪهڙي به علائقائي فيڊريشن ۾ شامل ٿين. مان ڪو هي ڪؤڙو ڍُڪ زوريءَ ڪنهن جي ڪاڪڙي ۾ ڪونه ٿو اوتيان، ڀلي مٿاميڙ ڪري سڀئي گڏجي سڏجي ويهن، نفعا نقصان جاچين، ڇنڊ ڇاڻ ڪن، ترميمون آڻين ۽ پوءِ ٿڌي دل ۽ دماغ سان فيصلو ڪن. ڪانه ڪا چڱائي جي واٽ نڪري پوندي.
سرِدست مٿاڇريون، چڱايون جيڪي ڏسجن پيون سي آهن:
1. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي مسلم مملڪت وجود ۾ اچي ويندي. ٻارهن ڪروڙو پاڪستاني مسلمان، پندرهن ڪروڙو بنگلاديشي مسلمان ۽ اهڙا پندرهن ويهه ڪروڙ هندوستاني مسلمان، گڏجي سڏجي چاليهه پنجاهه ڪروڙ مسلمانن جو وڏي ۾ وڏو ميڙ ٺهي پوندو.
2. انهن جو هندستاني سياست ۾ ڪيڏو اثر رسوخ هوندو سو به سمجهي سگهجي ٿو.
3. جنگي جنون ۽ لڙايون هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.
4. ڪشمير جهڙو اڻانگو مسئلو، هڪ ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو.
5. ڌار ٿيل ڪٽنب ۽ مٽ مائٽ آسانيءَ سان ملي سگهندا.
6. صوبائي ۽ فرقيوارانه نفرتون ختم ٿي وينديون.
7. متحده پنجاب ۽ متحده بنگال جو ديرينه خواب پورو ٿي ويندو.
8. جهونا ڳڙهه جو مسئلو به ختم ٿي ويندو.
9. قابل شاگرد جن کي پنهنجي قابليت تي ناز آهي تن کي قابليت آزمائڻ لاءِ وڏو وسيع ميدان ملي ويندو ۽ احساس محرومي ختم ٿي ويندو.
10. اهي طبقا جن جي هڪ هٽي قائم آهي، مثلاََ صنعتڪار، فوج، ڪامورا شاهي، ذخيره اندوز، وڏا زميندار ۽ سردار، تن جي گرفت به ڪجهه ڍلي يا ڪمزور ٿي ويندي ۽ شايد اهي طبقا انهيءَ اسڪيم (رٿا) جي مخالفت به ڪن.
جيئن مٿي مون انهيءَ رٿا يا جوڙجڪ جا مثبت پهلو يا فائدا لکيا آهن، تيئن ان جي نقصانڪار اثرات ۽ انديشن جي به فهرست ٺاهجي ۽ بحث مباحثا ڪري، ترميمون آڻي ڪا سهڻي عمل جوڳي راهه ڳولهجي ته واٽون ويهه نڪري پونديون.
شيخ اياز جي ڳالهه ڪندي مان هيڏي ساري سياسي گفتگو ڪري ويس. چوڻ جو مطلب اهو هئو ته مون ٿوري ۾ جڏهن شيخ صاحب سان اها ڳالهه ڪئي ته مون سندس اکين جي چمڪ ۽ هلڪي مرڪ جهٽي ورتي. هو گهٽ ڳالهائو ماڻهو آهي ۽ يڪدم فتوائون نه ڏيندو آهي. مان به گهٽ ڳالهائو، گهڙيءَ جي خاموشي کانپوءِ شيخ صاحب چيو ته ”جمال هن ننڍي کنڊ (متحده هندوستان) جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به جاگرافي حدون مستقل نه رهيون آهن، سواءِ تڏهن جڏهن ڌارين، آرين جي آمد کان وٺي، ڏنڊي ۽ تلوار جي زور تي ائين نه ڪيو آهي. اشوڪ اعظم (اسوڪا) قتلام ۽ خونريزيون ڪندي وڃي ڪابل ۽ قنڌار فتح ڪيو پر انهيءَ شهنشاهيت به جٽاءُ ڪونه ڪيو ۽ ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، جاگرافي حدون مقدس نه ٿينديون آهن، البت انهن کي مقدس سمجهيو ويندو آهي.“
هن ننڍي کنڊ جي قسمت ۾ ڪيئي تبديليون لکيل آهن. شيخ صاحب جي ان ڳوڙهي ڇيد ۾ مون پنهنجي ئي عمر ۾ هندوستان کي ٽڪرا ٿيندي ڏٺو. برما ۽ سري لنڪا ٽٽو ۽ هڪ حصو بنگلاديش ٿي ويو. سرحد بلوچستان ڪڏهن به دليئون پاڪستاني حاڪميت کي قبول نه ڪيو آهي. سنڌ ۾ به آنڌ مانڌ آهي. پنجاب، متحده پنجاب کي ساري رهيو آهي، انهن مسئلن جو حل ته ڳولهڻو ئي آهي. اٺ پکي وانگر اکيون بند ڪري ويهڻ سان ڇا هڙ حاصل ٿيندو. البت مفادپرست طبقا ننهن چوٽيءَ جو زور لائيندا ۽ هائيدوس مچائيندا. اهي طبقا آهن فوج، اعليٰ ڪامورا شاهي ۽ واپاري برادري، انهن وڏا جاوا ڪيا آهن. سرڪار مير علي احمد ٽالپر جڏهن ڊفينس منسٽر هئو ته مونکي چيائين ”سرڪار توهان ڪنهن جنرل صاحب جو رهائش گاهه ڏسو ته ڪنهن مغل شهنشاهه جي محلات کان گهٽ نه هوندو.“ فوجي جنرل، اعليٰ آفيسر ۽ ڪروڙپتي واپاري هاڻي درجنن ۾ نه سَون هزارن ۾ آهن. اڳي سڄي سنڌ لاءِ هوندو هو هڪ ڊي آءِ جي پوليس، هاڻي درجنن ۾ آهن. سڄي سنڌ لاءِ هڪ ڪمشنر هوندو هو هاڻي اڌ درجن آهن. وزير ۽ سيڪريٽري هوندا هئا ٽي يا چار هاڻي اهي به درجنن ۾ آهن. پيرزادي عبدالستار صاحب هڪ دفعي ڏهه وزير کنيان ته اخبارن لکيو ”وزيرن جي لوڌ“ . لوڌ ڇاکي چئبو آهي سو هرڪو پڙهيل، اڻ پڙهيل ڄاڻي ٿو.
اياز صاحب سان ٽنهي ملڪن جي ڪانفيڊريشن متعلق ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مون تاثر اهو ورتو ته شيخ صاحب بلڪل سهمت هئو، ۽ خوش هئو. الحمد الله! اڃا زنده جاويد ويٺو آهي. ڀلي کانئس پڇي ڏسو ۽ راءِ وٺو. هو تمام خبردار ماڻهو آهي تنهن ڪري کُلي ڪونه ڳالهائيندو، حالانڪ مون ۾ مڪمل اعتماد اٿس ۽ نجي گهرو معاملا ڌيئن، پٽن جا به، مونسان ونڊيندو آهي ۽ صلاح مشورا وٺندو آهي. پٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش انيس مان آهي. سليم ۽ مونس تي فخر به ڪندوآهي ته ڪي معمولي رنجشون به اٿس. ائين ڪجهه ويجهن دوستن سان به رنجشون اٿس. جيتوڻيڪ دل درياهه اٿس ۽ ڏِک ڪونه ڏيندو آهي، پيار جو ڀنڊار آهي. ته به ڇاڪاڻ ته شاعر آهي ۽ نهايت نرم مزاج آهي تنهنڪري ننڍي ننڍي رنجش جا گهاءُ به مان سندس اندر ڏسي وٺندو آهيان ۽ کيس کلائڻ خاطر ٻڌائيندو آهيان ته سکر جي مشهور وڪيل، مسٽر جتوئي کي ڪيئن سندس پٽ مارون ڪڍندا آهن. اياز جو ڏکويل ڏيل ڏسي مونکي اڪثر سلطان باهو رحمتھ الله عليھ جي سٽ ياد ايندي آهي ته ”تاڙي مار اڏار نه باهو، اسين آپي اڏڻ هاري هُو“. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙن مٺڙن ماڻهن کي سندن ئي يار دوست ۽ مٽ مائٽ ڇو ٿا ڏک ڏين.
مان پاڻ 1963ع کان 1965ع تائين ٽنڊي الهيار ۾ سب جج رهيس. 1965ع واري لڙائيءَ جا رنگ اتي ڏٺم، ماڻهن ۾ جوش جذبو چوٽ تي هئو. هندوستان جا هوائي جهاز ڏينهن ڏٺي جو بيڌڙڪ اڏامندا حيدرآباد وٽان ٿي موٽندا هئا. تڏهن به رات جو بتي ٻارڻ تي بندش هئي. عام شهري ٻاهر نڪري گهٽين گهرن جو جائزو وٺندا هئا ته ڪٿي بتي ته ڪانه ٿي ٻري. هڪ ڏينهن هڪ مهاجر کي پوليس چالان ڪيو ته هندوستاني ايجنٽ آهي جو رات جو لال روشني ٻاري وسائي هندوستاني جهازن کي سگنل پي ڏنائين. ويچارو ڪو فوٽوگرافر هئو ۽ رات جو ڳاڙهي روشني ۾ فلم پسائي وري سفيد روشني ذريعي ڪاري فلم مان چٽو فوٽو ڇاپيندو هو. مان به شوقيه فوٽوگرافر رهيو آهيان ۽ گهر جي هڪ ننڍي ڪمري ۾ مان ۽ ڪمال منهنجو ڀاءُ ائين ڪندا هئاسون. ماڻهن کي جاسوس تي ڏاڍيون خارون هيون پر مون هڪ ڏينهن ۾ شاهد وٺي کيس ڇڏي ڏنو، اهو ماڻهو مونکي بعد ۾ ڏاڍو ڪم آيو.
هڪڙو وڪيل هو سيد عشرت حسين. ڏاڍو شريف ماڻهو هو پر هميشھ ويڳاڻو ۽ پريشان لڳندو هو. مون اها ڳالهه تاڙي، هڪ ڏينهن کيس اڪيلو چئمبر ۾ سڏائي ويهاريو، صاف سڌو سوال ڪري سندس ويڳاڻپ ۽ پريشانيءَ جو سبب پڇيو ته ويتر پريشان ٿي ويو. چي ”جج ماجسٽريٽ سان ته ڳالهه ڪرڻي ناهي.“ ڏاڍي پيار ۽ نمرتا سان کيس آٿت ڏنم ۽ مدد جي آڇ ڪيم ۽ چيومانس ته ”مونکي ننڍو ڀاءُ ڪري سمجهي“. نيٺ سچي ڪيائين. چيائين ”جج صاحب منهنجو نياڻو آهي هندوستاني سو هر ٻئي ٽئين ڏينهن پوليس در تي بيٺي آهي ته ڪڍ هندوستانيءَ کي ٻاهر! .. پوءِ ته هن کي ڀڄائي ڪٿي لڪايون، مٿان منهنجي ٻارن جو روڄ راڙو الڳ. پوليس به سؤ ٻه سؤ وٺي موٽي وڃي ۽ وري مٿان اچي بيهن!“
مون چيس ته ”شاهه صاحب پوءِ ڇو ٿا لڪايوس، للڪاري پوليس کي چئو ته ڀلي گرفتار ڪريوس!“ صفا ششدر ٿي ويو. چي ”سائين واهه جو ٿو ڏس ڏين جو هٿ وٺي داماد کي گرفتار ڪرايان. سزا ته ضرور ايندس ۽ پاڪستان اينٽري ائڪٽ هيٺ پاڪستان مان ڪڍي بارڊر ٽپائي ايندس!“ مون چيو ”شاهه صاحب سزا ڏيڻ وارو به مان يا ڪو ٻيو. بارڊر ٽپائڻ جو حڪم ڪونه ڪندس ۽ سزا به ڪونه ڏيندس. هڪ وار ڪورٽ مان ٿي وڃي پوءِ آرام سان ويٺو هجي. ڪو هٿ ڪونه لائيندس!“ چيائين ته ”سٽيزن شپ لاءِ درخواست ڏني اٿائين پر اسلام آباد وارا نه منظور ٿا ڪن، نه ڪوئي جواب ٿا ڏين.“ اهڙي هئي سختي ان وقت. هاڻ ته گهر ويٺي پاڪستاني بڻجي پوءِ ٿا پاڪستان اچن.
شاهه صاحب منهنجي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ داماد کي پوليس جي حوالي ڪيائين. مونکي اچي ٻڌايائين. مون سمجهايومانس ته ”سڀاڻي ئي ڏوهه جو قبولدار ٿئي پوءِ ڏس ته مان ڇا ٿو ڪيان!“ ٻئي ڏينهن پوليس هن کي پيش ڪيو ۽ هو ڏوهه جو قبولدار ٿيو. مون کيس ڪورٽ جي اٿڻ تائين سزا ۽ تمام ٿورو ڏنڊ وڌو ۽ لکيم ته ”پاڪستان ۾ نڪاح ٻڌي زال سان ملڻ تي ڪا ٽئڪس (ڍل) وصول نٿي ڪري سگهجي!“ پوءِ ته شاهه صاحب جي ۽ سندس نياڻيءَ جي پوليس مان جند ئي ڇٽي پئي. مون سندس پاڪستان مان نڪري وڃڻ جو مدو مقرر ڪيو. خانگيءَ طرح شاهه صاحب کي چيم ته ”ڀلي ڪورٽ آرڊر جي حڪم عدولي ڪري. جيڪڏهن پوليس وري گرفتار ڪيس ته وري به ساڳيو آرڊر پاس ٿيندو ۽ آرام سان زال ۽ ٻچن سان ويٺو هجي!“ ڪي سنڌي قوم پرست ڀلي اعتراض ڪن پر هي ته نجي انساني مسئلو آهي ۽ مان موقعي ملڻ تي وري وري ائين ڪندس.
ٽنڊوالهيار جا واقعا لکبا ته تمام گهڻا ٿي ويندا. حياتي ۽ صحت اجازت ڏني ته بعد ۾ لکبا. ٽنڊي الهيار ۾ منهنجو قيام ٻه سال رهيو. اهي ٻه سال شيخ صاحب سان ڪا ملاقات ڪانه ٿي. جي ٿي به، ته ياد ناهي.
سورهين آڪٽوبر 1965ع تي مون حيدرآباد ۾ سول جج ۽ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ طور چارج ورتي. منهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي مون کي سيڪشن 30 (معنيٰ ست سال ٽيپ ڏيڻ) جا اختيار مليا ۽ پڻ فرسٽ ڪلاس سول جج جا اختيار جنهن جي معنيٰ ته ڀلي ڪروڙن جي دعويٰ هجي، توڙي گورنمينٽ جي خلاف ته به اها ٻڌي ۽ فتويٰ ڏئي سگهجي پئي. حيدرآباد ۾ قيام دوران جا مونکي وڏي ۾ وڏي ۽ بي بها حاصلات نصيب ٿي سا هئي سرڪار مير علي مدد خان جي مصاحبي جي سعادت. مون جيڪي ڪجهه مير صاحبن جي مصاحبي مان عملي طرح پرايو، سو نه ڪتابن مان، نه خاڪساري تحريڪ مان ۽ نه دوستن ۽ اعليٰ آفيسرن جي مهربانين سان.
حيدرآباد ۾ مان 1965ع کان وٺي 1969ع تائين ڀريا چار سال رهيس. اهو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ تمام نازڪ ۽ هنگامي دؤر هو. هڪ ته جنرل ايوب جي مارشل لا، جنهن جا ڪجهه ڪلور مون مٿي لکيا آهن. مٿان وري ون يونٽ جو ڳٽ، هندوستان سان لڙائي، تاشقند ٺاهه، ڀٽي صاحب جي وزارت تان استعيفا ۽ سندس بي مثال عوامي جدوجهد، سنڌي ٻوليءَ تي بندش ۽ لفظ سنڌ جي استعمال تي بندش. حيدربخش جتوئيءَ جو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو ۽ سائين جي ايم سيد جو ’سنڌو ديش‘ جو اعلان ۽ سندس بزم صوفيائي سنڌ جي تحريڪ، روح رهاڻ رسالو ۽ حميد سنڌي وارن جو باهڙي دکائي رکڻ ۽ اعلانيه ڪانفرنسون ڪوٺائڻ. ڀٽي صاحب جو ۽ شيخ اياز جو قيد ٿيڻ. ڪمشنر مسرور جون ڏاڍايون ۽ فرعونيت، شاگردن جو چوٿين مارچ وارو هنگامو، ڪافي پُرآشوب دؤر هو. سرڪاري نوڪري هوندي به مان انهيءَ ساري هلچل ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملوث هئس.
مهاجر ڀائر انهيءَ دؤر ۾ اسانجا مخالف ٿيا، يا هٿ وٺي ڪيا ويا. اها سڄي مارشل لا ۽ فوجي جنرل صاحبن جي ڪارستاني هئي جن پاڻ کي سياستدان سمجهي، مهاجرن جي پٺي ٺپي، مقامي ماڻهن سان ويڙهائي کين بانور ڪرايو ته هو پنجابي ۽ پٺاڻن سان متحده محاذ قائم ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حق ڦٻائي، حڪمراني ڪندا. ائين سندن اهڙو مٿو وڃايائون جو اڄ تائين ڪيتو لوڙين پيا. هڪ ٻئي جا ڳڀرو جوان روز پيا ڪُهن ۽ پنهنجو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو اٿائون. اها ڳالهه مون الحاج شميم الدين، ايم اين اي، سان ڪئي ۽ ڏک ظاهر ڪيم ته مهاجر، پنهنجي ئي نوجوان مهاجرن کي مارين پيا. شميم الدين صاحب صاف چيو ته ”ابڙا صاحب هيءَ دنيا مڪافات عمل آهي ۽ ڪيتو لوڙيون پيا.“ ڪعبتھ الله ۾ ويٺي ۽ نبي پاڪ جي حرم، اصل رياض الجنت ۾، ڪورنگيءَ جو هڪ مهاجر مليم جنهن به اهڙيون آهون دانهون ڪيون ۽ ٻئي هٿ کڻي دعائون گهريائين ته ماڻهن کي شل هدايت اچي ۽ هي هڪ ٻئي جا ڀائر ۽ گهڻگهرا ٿي وڃن . مان به ساڻس دعا ۾ شامل ٿيس. ماڻهو ويچارا لوڙين پيا ۽پڇتائين پيا ۽ امن جا آسروند آهن. شال سڀن کي سمجهه اچي. هيءَ ته ٿي 1997ع جي ڳالهه، پر 1965ع ۾ ئي مون آفتاب شيخ کي صاف صاف چيو هو ته ”پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻو پيا ۽ ڪنڌ ڀر ڪرندؤ!“ هو تن ڏينهن ۾ سنهڙو سڪڙو، مسڪين، نئون نئون وڪيل ٿي آيو هو. منهنجي ڳالهه پِتي تي ئي ڪانه پيس. الٽو مونکي چيائين ته ”جمال صاحب سنڌين کي ون يونٽ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پئجي چڪو آهي ۽ هاڻي سندن ڪر کڻڻ محال آهي.“ مون ڏاڍي اعتماد سان کيس چيو ته ”ون يونٽ ٽٽي ويندو!“ چيائين ته ”محال آهي!“ مون چيو اهو ”نوشته ديوار آهي ۽ ون يونٽ جو ٽٽڻ اڻٽر آهي!“ آفتاب هينئر سينيٽر آهي ۽ کيس اها ڳالهه ڪانه وسري آهي.
ون يونٽ ته گهڻا سال پوءِ 1970ع ۾ جنرل يحيٰ خان ٽوڙيو. مونکي خبر ڪانه هئي پر مونکي نورالدين سرڪي فون ڪري چيو ته ”اڄ ڪافي هائوس ۾ ضرور اچجانءِ جو سڀ دوست گڏ ٿينداسون.“ ناظم آباد مان رڪشا تي چڙهي صدر ڪافي هائوس پهتس. سراج، سرڪي ۽ ٻيا ڪي دوست مليا. ڏاڍا خوش ٿي ڏٺا ۽ مونکي چيائون ”مبارڪ هجئي!“ پڇيم ”ڇاجي مبارڪ؟“ چيائون ”اڄ يحيٰ خان ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو!“ مون گنڀيرتا سان چيو ”ڪاش! يحيٰ خان ون يونٽ نه ٽوڙي ها.“ ڪجهه حيرت مان چيائون ”ڇو ڀلا؟“ مون چيو ته ”يحيٰ خان نه ٽوڙي ها ته ماڻهو خود ون يونٽ ٽوڙين ها!“ سڀ انهيءَ خيال سان سهمت هئا ته به چيائون ته ”چڱو ٿيو ٽٽو ته سهي!“ اهو ڪنهن نٿي ڄاتو ته اها غير فطري تاريخي غلطي (ون يونٽ ٺاهڻ جي) سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ فطرت جو موڪليل هڪ تحفو هئو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن وڏي مصيبت ۾ شفا جو نسخو تحرير ٿيو پيو آهي. بدر چوندو آهي ته ”هر آفت ۾ ڪانه ڪا چڱائي لڪي ويٺي آهي.“
حيدرآباد ۾ چار سال قيام دوران شيخ اياز صاحب سان ڪيئي ملاقاتون ٿينديون رهيون. اهو سندس وڪالت وارو دور هو. ڪراچي هاءِ ڪورٽ ڏانهن ويندي يا ڪراچي کان موٽندي هو حيدرآباد ۾ غلام رباني آگري صاحب ۽ ٻين دوستن سان ملڻ خاطر هڪ ٻه ڏينهن ترسي پوندو هو. منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال جيڪو ايگزيڪيوٽو انجنيئر هئو، سو به سندس دعوت ڪندو هو. ڪمال جي ساڻس ڏيٺ ويٺ تڏهن کان هئي جڏهن ڪمال سکر ۾ بئراج جو انجنيئر هئو. اهڙين محفلن ۾ اياز جي مخصوص دوستن کي گهرايو ويندو هو جن جي شيخ صاحب سان عقيدت ۽ محبت هوندي هئي. شيخ صاحب جي ياداشت غضب جهڙي آهي. پنهنجو پراڻو توڙي نئون ڪلام، روانيءَ سان ٻڌائي ويندو هو. سندس ڪلام به اعليٰ ۽ سحر انگيز هوندو هو. لفظ ته موتيءَ داڻا هوندا هئا. مون کانئس پڇيو ته اياز اهڙا پيارا ۽ لطيف لفظ ڪٿان ٿو آڻين، چيائين ته جمال اصل ڳالهه ڪيفيت جي آهي. جڏهن اها ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته لفظ پاڻمرادو پوپٽن جيان يا رابيل جي گلن جيان چوڦير اڏامندا نظر اچن ٿا. پوءِ رڳو انهن کي جهٽي، پوئڻ جي ڳالهه آهي.
اياز سان ملڻ جا موقعا جناب حميد سنڌي صاحب به گهڻا پيدا ڪيا. جس هجي حميد صاحب کي جو ميمڻ هوندي ۽ ڊپٽي ڪمشنر (سيٺ اسماعيل) جو پٽ هوندي، نفعي نقصان کان بي نياز ٿي باهه سان کيڏندو رهيو ۽ اهڙي ڏکئي دؤر ۾ هڙان وڙان خرچ ڪري ڪانفرنسون ڪوٺائيندو رهيو. ماڻهو به (لکيل پڙهيل طبقو ) ڪڏي اچي انهن اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ميرمجلس شيخ اياز هوندو هو. اهڙي هڪ ڀرپور ڪانفرنس ۾ 31 مئي 1967ع ۾ بسنت لاج ۾ اياز پنهنجو مشهور نظم پڙهيو:
هيءَ سين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا.
ماڻهو جهڙوڪر منڊ ۾ منڊجي ويا ۽ جڏهن آخري بند پڙهيائين.
هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ،
آخر ته رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا.

ته تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا. ماڻهو جوش مان اٿي بيٺا ۽ جيئي سنڌ جا نعرا لڳا. ياد رهي ته سنڌ جي هڪ هڪ ضلعي مان ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. خيرپور ميرس کان انجنيئر عطا محمد سومرو به آيل هو.
مونکي تاريخ انهيءَ ڪري ياد آهي جو انهيءَ رات مونکي هارٽ اٽيڪ دل ڏنڀ (انفارڪشن) ٿي. يارهين ٻارهين بجي ميٽنگ مان اٿي وڃي ڪورٽ هلايم. چئين پنجين وڳي شام تائين ڪم ڪري، ٿڪو ٽٽو، سيشن ڪورٽ کان پنڌ ئي پنڌ، لطيف آباد نمبر 6 جي ڇيڙي تائين هلندو آيس. ٿڪ اهڙو جو لڱ لڱ ٿي ڏکيو. هڪ هندو ڪاموري جو گفتو ياد پيم جو بيزاريءَ مان هڪ عرضدار کي چيائين،”ڄٽ، قلم ڪلها ٿو ڇني!“ ، يا ”رت ڪٽورو ڏئي، ڀت ڪٽورو ٿا وٺون!“ سؤ سيڪڙو سچي ڳالهه. عام ماڻهو ڀانئن ٿا ته سرڪاري ڪامورا آهن حاڪم، سو ٿڌي ڇانوَ ۾ ڪرسين تي ويٺا آرس ڀڃن، اوٻاسيون ڏين ۽ چانهيون پيئن. اهڙا ڪامورا به هوندا. ڪم جو پورائو ته هر ڪنهن کي ڪرڻو پوي ٿو. هڪ معمولي تپيدار کي ڏسو ته ڪيڏو ٿو ڳهي. ڏينهن رات هڪ ڪري، پڙتال ۽ جمع بندي ٿو ڪري ۽ وصولي به. وصولي به اهڙي جو جيسين بي باقي نه ڏيکاري تيسين ننڊ حرام!
مان به ان ڏينهن ماڻهن ۽ وڪيلن سان جهڳ جهڳ ڪري شاهديون لکي، هر هڪ سان منهن ڏئي، ڪاغذ پٽ نيڪال ڪري، بک ۽ اڃ تي گهر موٽندي اٺسٺا ٻڌندو ويس ته وڃڻ ساڻ ماني ٽڪر کاڌي نه کاڌي جهڙو، ٻه گرهه کائي، سمهي پوندس. ابا گهر جو پهچان ته منهنجو سجاول وارو دوست، محمد جان بروهي ايس ڊي او، ٻارين ٻچي آيل هو. ڀيلي کل کلي کيس کيڪاريم. ليٽڻ ۽ سمهڻ ته ٺهيو، گهر ۾ گهڙڻ ئي ممنوع، جو پڙديدار عورتون آيل هيون. مهمان سان ڪچهري ڪرڻ به لازمي نه ته ميار ڏيندو ته ”ڪو مانيءَ جا بکيا هواسون ڇا؟“ ٻاهر ويهي رهيس. مهمان سج لٿي مهل روانا ٿيا ۽ پوءِ پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت مليم.
ڦوهاري هيٺان وهنجي، سرڪاري ڊريس لاهي، سلوار قميص پائي ٿورو آهلي پيس. ماني ٽڪر به ليٽئي ليٽئي کاڌم. گهرواريءَ کي چيم ته ڏاڍو ٿڪل آهيان. گرميون هيون، کڏ تي سمهبو هئو. هن ويچاري چيو ته منٽن ۾ مٿي هنڌ وڇارائي، پاڻيءَ جو دلو رکرائي، ٻارن کي سمهاري پوءِ توهان کي وٺي ٿي هلان. رات جا نو لڳي ويا چيائين ته ”هاڻي هلو!“ مونکي تن ڏينهين جويي صاحب مارڪ ٽوين جو ڪتاب ”ٽام سائرس جا ڪارناما“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. روزانو ٻه ٽي صفحا ترجمو ڪري پوءِ سمهندو هئس. هٿ لکڻ کان نابري واريون بيٺو هو. مان چوندو ويندو هئس ۽ گهر واري لکندي ويندي هئي. سوچيم ته نيم نه ڀڃڻ گهرجي. بيوقوفي يا ذميواري جو بوجهه. هڪڙو صفحو مس لکرائي گهرواريءَ کي چيم ته ”هاڻي بس!“
هڪ واري خيال آيم ته گهر ۾ برانڊي پئي آهي، ٿورڙو ڍڪ پي ٿڪ لاهيان. پر ائين نه ڪيم جو خيال ٿيم ته اهو مناسب ناهي جو گهر ۾ شراب پيئجي. گهر واري به کٽ پٽ ڪري ها، جو هوءَ سخت مذهبي خيالن جي هئي. چيومانس ته ”هلو ته هلون مٿي!“ شبو مائي جا صفا پتڪڙي تنجڻن ۾ ويڙهي پئي هئي ان کي گهرواريءَ کنيو ته اهو مناسب نه سمجهيم ته مون هوندي هوءَ ٻار کڻي، سو ان کي کڻي ڏاڪڻ چڙهيس ته اڌ ڏاڪڻ ۾ سمجهيم ته مون ۾ طاقت ناهي! ڀت کي ٽيڪ ڏئي ساهه پٽيم ۽ پوءِ ڪوٺي تي پهچي ڇوڪري، گهرواريءَ کي ڏئي، کٽ تي ڦهڪو ڪري ليٽي پيس. هوءَ ويچاري ڊڄي وئي، چيائين ته ”ڊاڪٽر گهرايان!“ چيم ”نه!“ وري به اجايو مڙداڻو ڏکو يا ڦونڊ. سوچيم، خواهه مخواهه ڇو سڀن کي پريشان ڪيان.
رات جا ڏهه لڳا هئا. گهر واري ويچاري بيٺي رهي، انتظار مان ويهي ئي نه. زور پئي ڀري ته ”ڊاڪٽر گهرايون!“ مون پنهنجي حالت محسوس ڪندي، نيٺ يارهين بجي ڌاري چيو ته ”منهنجو دوست ضحيٰ، ڀرسان ستين نمبر (لطيف آباد) ۾ رهي ٿو، ان کي گهرائي وٺو!“ بدر ۽ شاهده کي پٽي ننڊ مان اٿاريائين ته ”ڀڄو وڃي ڊاڪٽر ضحيٰ کي وٺي اچو!“ ٻئي ننڍڙا ٻارڙا پيرين اگهاڙا ڀڄندا ويا. بعد ۾ ڳالهه ڪيائون ته پوليس وارن کين روڪيو ته هي ننڍڙا ٻارڙا الائي ڇو ٿا ڀڄندا وڃن. شاهده ننڍي لاڪر همت ڀري، بي ڊپي ۽ هنيانءُ جي سڄي آهي. بيٺي ڪانه ۽ ڊوڙندي ئي پوليس وارن کي چيائن ته ”اسانجو بابا بيمار آهي، وڃون ٿا ڊاڪٽر کي وٺڻ!“ ڊاڪٽر ضحيٰ جو گهر ٽي چار فرلانگ پري هو، ۽ هو هئو به ڪونه. ڪراچي ويل هو، سو موٽي آيا.
ڊاڪٽر ضحيٰ، خيرپور ميرس ۾ سول سرجن هو ۽ سندس بنگلو منهنجي بنگلو سان لڳو لڳ هو. بهاري هئو، ڏاڍو پيارو ماڻهو، صاف ذهن جو ۽ مذاقيه طبيعت جو. هڪ لڱا مون وٽ ويٺو هو ته سندس ڏهن سالن جو پٽ روئندو آيو جو راند ڪندي سندس مهاڙ وارو ڏند اڌ مان ٽٽي پيو هو. ڊاڪٽر ضحيٰ آرام سان ويٺي ئي جواب ڏنس ته ،”بيٽا ڪوئي پرواهه نهين تيري شادي هوجائيگي، يه ميرا ذمه.“ مان به کلي ويٺس ۽ ڇوڪرو به موٽي راند ۾ ريجهي ويو. گهڻن سالن کانپوءِ سيڙجي حيدرآباد ويس ۽ وڃي سندس گهر جي گهنٽي وڄايم. سندس پٽ نڪري آيو جو خود به ڊاڪٽر ٿي ويو هو. چيومانس ته ”ڊاڪٽر ضحيٰ کي ٻڌاءِ ته جمال آيو آهي!“ چيائين ته ”ڊاڪٽر ته گذاري ويو آهي“ اها اوچتي خبر ڏاڍي اذيتناڪ ٿي ٿئي. وڏي ڳالهه ته سندس پٽ مونکي سڃاتو ئي ڪونه، سو افسوس جو اظهار ڪنهن سان ڪيان؟
ٻيو واقعو اهو ٿيو جو ڪراچي کان حيدرآباد آيس ته نور محمد ٻگهيو وڪيل کي سندس گهر فون ڪيم. فونون ڪري ڪري ٿڪجي پيس، ڪو کڻي ئي نه. نيٺ سندس آفيس فون ڪيم ته سندس منشي چيو سائين ”هو ته صبوح جو گذاري ويو ۽ گهر وارا سڀ، سندس لاش کڻائي نوابشاهه ويا آهن.“ مرحوم ڏاڍو پيارو ماڻهو، صاف گو، قابل روينيو وڪيل ۽ صاف هٿن وارو هئو. هر ڪنهن جو همدرد ۽ گهڻگهرو ۽ يارن جو يار، بنان في وٺڻ جي مدد ڪرڻ وارو. ويو پنهنجو وارو وڄائي! اڄ به کيس هرڪو ياد ٿو ڪري. پنهنجي آفيس، جهمٽ مل وڪيل کي جيئري ئي ڏئي ڇڏيائين ۽ ٻئي هڪ آفيس ۾ گڏ ويهندا هئا. جهمٽ مل به سندس نقش قدم تي هلندي هر ڪنهن جي ڪم پيو اچي.
علي دوست بگٽي سابق جج کي فون ڪيم ته سندس پٽ فون کنئي، جو سي ايس پي آفيسر آهي. منهنجو نالو ٻڌي گرمجوشيءَ سان کيڪاريائين. چيومانس ته فون علي دوست کي ڏي ته چيائين ته،”انڪل هن کي گذارئي ته مهينا ٿي ويا.“ ڏاڍو ڌچڪو پهتو. ٻه اکر ڳالهائي فون کڻي رکيم.
قدير محمد قريشي رٽائرڊ سيشن جج، جيتوڻيڪ ڏاڍو تعصبي مهاجر پرست ۽ سنڌين جي سخت مخالف هو، تڏهن به مون ساڻس ڀيرو نه ڀڳو. فسادن ۾، جڏهن لطيف آباد مان لنگهڻ ئي خطرناڪ هو مان زال ۽ ٻار وٺي سندس گهر وڃي ملي ايندو هئس. جڏهن موٽندا هئاسون ته منهنجي گهر واري سک جو ساهه کڻي چوندي هئي ته ائين لڳو ڄڻ نانگ بلائن مان نڪري آياسون. مهاجرن ئي سندس جوان پٽ قتل ڪري ڇڏيو! ٻڌم ته لڏي اچي نيو ڪراچيءَ ۾ ويٺو آهي، ڏاڍي مشڪل سان سندس فون نمبر هٿ ڪيم. فون ڪيم ته سندس ڌيءَ کنيو. چيومانس ته ”قريشي صاحب کي ڏي مان فلاڻو آهيان.“ سندس سڀ فئملي ميمبر مونکي سڃاڻن پر مائيءَ مونکي رکائيءَ سان چيو (اردوءَ ۾) ته ”ڪهڙي ملڪ ۾ ٿا رهو. هن کي ته پندرهن ڏينهن ٿيا گذاري ويو!“ خير، الله مغفرت ڪندس.
رات جا يارنهن ٿيا هئا جو ٻارڙا ڊاڪٽر آڻڻ کانسواءِ موٽي آيا. منهنجي گهر واري حيران پريشان، اڪيلي پر ٻاهريون ڏکو رکيون بيٺي هئي. چي ”سائين هاڻي ڪهڙو ڊاڪٽر گهرايان؟“ ته به مان پيو چوان ته ”خير آهي توهان سمهي پئو!“ پر هوءَ اڀي بيٺي هئي. شاهده به ساڻس ٻٽ بيٺي هئي. اتي مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ وچ ڇاتيءَ مان ڪو مُچو سوئن جو آرپار لنگهي ويو. خدشو ٿيم ته الائي هارٽ اٽيڪ آ الائي ڇا. گهر واريءَ کي چيم ته ”ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ کي فون ڪيو.“ اتي لائيٽ به هلي وئي. فون هيٺ هئي سو هيٺ لهي. ڊائري مان ڊاڪٽر ڪريم عباسي جي گهر جو فون نمبر ڪڍي پنج ڏهه منٽ فون جو چڪرو گهمائي موٽي آئي چي ”ڪريم عباسي فون کڻي ئي نٿو.“ مون سمجهيو ته هو مصروف ماڻهو، سئچ ئي ڪڍي ڇڏيو هوندائين. گهرواري چوي ته ”هاڻي ڇا ڪيون؟“ سامهون بنگلو هو هڪ راجسٿاني مولانا جو. چيم ”ان کي گهرائي وٺو ۽ توهان مير علي مدد خان کي فون ڪيو جو ڪريم عباسي مير صاحب جو دوست آهي.“ مير صاحب به ڪو فون جو سئچ ڪڍي سمهي پيو هو ،سو ڪو ئي فون کڻي ئي نه پيو. گهر واري موٽي آئي چي ”مير صاحب به فون نٿو کڻي.“
مولانا راجسٿاني هڪدم هليو آيو. ان کي چيم ته پنهنجي موٽر سائيڪل تي ڦليلي ٽنڊو مير محمود وڃي ۽ مير علي مدد خان کي اطلاع ڪري. هن چيو ته ”مير صاحب کيس سڃاڻي ئي ڪونه، سو مسئلو ڏکيو آهي.“ مان پوري هوش حواس ۾ هجان. چيومانس ته بدر کي ساڻ وٺيون وڃي ته هڪدم راضي ٿي ويو. چيومان ته ”مير صاحب کي عرض ڪن ته ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ کي ساڻ وٺيون اچي.“ هو ويا پر موٽڻ ۾ دير ڪين. بي صبريءَ مان منهنجي گهر واريءَ چيو ته ”ٻيو ڪو ڊاڪٽر توهانجو دوست ڪونهي؟“ مونکي هڪدم ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ سُجهيو جو منهنجو پراڻو مهربان واقفڪار هئو. مون چيو ”انهيءَ کي ائڊريس سمجهايو ته ريڊ ڪراس جي اسپتال کان سڌو رستو وٺي ڇهين نمبر جي آخري گهٽيءَ ۾ هليو اچي ته کٻي هٿ تي 26 نمبر بنگلو ملندس.“ فون ڪري گهر واري خوش خوش آئي ته شابس هجيس جهٽ چيائين ته ”بس مان نڪران ٿو ۽ اجهو ٿو پهچان!“
جيسين ڊاڪٽر اچي، مونکي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي. ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته آواز گهگهو نڪتو. مونکي چٽو ياد آهي ته مون انگريزيءَ ۾ سوچڻ شروع ڪيو ته، ”هيءَ پڄاڻي آهي. سو شانائتي ٿيڻ کپي.“ اهو سوچي گهر واري ۽ شاهده ڏانهن نهاري، مشڪي هٿ لوڏي موڪلاڻي ڪيم. پوءِ چيم ته ”هاڻ ڀلي پڙدو ڪري!“ خيال ئي خيال ۾ پڙدو ڪيرايم ته رڳو اوندهه نظر آئي. سمجهه ۾ نه آيم ته هاڻ ڇا ڪجي. عين ان وقت بابا جا وفات مهل چيل لفظ ياد آيم سي ورجايم ته :”ربنا آتنا آمنا فغفرلنا ذنوبنا وقنا عذاب النار“ ائين چئي اطمينان سان اکيون کڻي بند ڪيم. منهنجي گهر واري بيتابيءَ مان ”سائين! سائين!“ ڪري سڏ ڪيم ته اکيون کولي کيس اطمينان ڏياريم ته خير آهي. منهنجي مرحوم گهر واري سالن تائين اهو مهڻو ڏيندي آئي ته ”اسانجو ساهه ٿي نڪتو ۽ توهان کلي پيا هٿ لوڏيو.“
اتي ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ جي گاڏي به اچي در تي بيٺي. لک شابس هجيس. ڊوڙندو مٿي آيو. بلڊ پريشر ڏسي فڪرمند ٿي ويو ۽ هڪ سئي، شايد مارفيا جي هنيائين ۽ ويهي رهيو. منهنجي گهر واري ٻڌايس ته ڊاڪٽر ڪريم عباسي ڏي به ماڻهو ويو آهي. چيائين ”ڀلي اچي ته گڏجي صلاح ڪيون.“ ڪافي وقت کان پوءِ سرڪار مير علي مدد خان ۽ ڊاڪٽر ڪريم عباسي آيا. ان رات منهنجي گهر واريءَ کانئن پڙدو نه ڪيو. کيس خطرو محسوس ٿي ويو هو سو مير صاحب جي ڊرائيور کي چوايائين ته ڪوٽڙيءَ سندس مائٽن کي اطلاع ڪري ۽ بدر ساڻس گڏ موڪليائين. ڪريم عباسي، ڊاڪٽر ابراهيم سان ڳالهائي وري ساڳي سئي لڳائي.
ڊاڪٽر عباسي تمام خبردار ماڻهو! سو گهران ئي ائمبولينس وارن کي فون تي اچڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئائين. مير صاحب بنفس نفيس بيٺو رهيو. کيس خبر به ڪانه هئي ته سندس گاڏي ڪيڏانهن وئي. پر تمام بردبار ۽ ذهين ماڻهو، سمجهي ويو. ڪريم عباسي سول اسپتال ۾ ڪمرور مخصوص ڪرائي ڊيوٽي ڊاڪٽر کي هدايتون ڏئي هليو ويو. في جي آڇ باوجود في ڪانه ورتائين. هيڏو وڏو ڊاڪٽر، اڌ رات جو اٿي اچي ۽ في به نه وٺي. تمام وڏي ڳالهه آهي. لک ٿورا. مون گهر واريءَ کي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم کي في ڏئي ڇڏيو. هن به في ڪانه ورتي. وڏي ڳالهه ۽ لک ٿورا. اهڙي ماڻهوءَ جون گلائون ڪندا آهن ته ڳالهائڻ جي به في وٺندو آهي.
رات جو چئين بجي ڌاري ڪوٽڙيءَ کان منهنجي گهر واريءَ جو ڀاءُ انورالدين قريشي ۽ سندس ڀينر به پهچي ويون. ائمبولينس به ڪا ان گهڙيءَ پهتي. مونکي اهي ڌنڌليون يادگيريون آهن. مونکي اسٽريچر تي کڻي ايمبولنس ۾ سول اسپتال جي هڪ خلاصي ڪمري ۾ آندائون ۽ هڪدم آڪسيجن چاڙهي ڇڏيائون. مير صاحب هڪ گهڙي کن بيهي موڪلايو. مون عرض ڪيو مانس ته ڪمال کي، جو ان وقت ٽنڊي الهيار ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو فون تي اطلاع ڪري ڇڏي پر تاڪيد ڪيومانس ته هارٽ اٽيڪ جو نه ٻڌائيس. صرف اهو چويس ته طبيعت ٺيڪ نه اٿس، سو اسپتال جي ڪمري نمبر فلاڻي ۾ داخل آهي. ٻيو ته رات جو نه، پر صبوح جو دير سان ٻڌائيس. ڏسو اهڙي مهل ڀاءُ ئي ياد اچي ٿو. انهيءَ ڪري چوندا آهن ته ڀاءُ ٻانهن آهي، ٻل آهي. رشتيدار ته گهڻائي ٿين ٿا پر ماءُ ڄاوا ڀائر ۽ ڀينر ڳالهه ئي ٻي آهي. دوست رشتيدار ملي سگهن ٿا پر ڀائر ڀينر ته ڪو نه ملندا. منهنجي گهر واري اڀي پيرين سڄي رات بيٺي رهي. ڄڻ ته سندس ساهه سڪي ويو هو ۽ ڪل جي گهوڙي، روباٽ جيان پي هلي. مان غنودگيءَ ۾ هوس ۽ ڌنڌليون يادگيريون اٿم.
ڊاڪٽر ڪريم عباسي ڏهين بجي صبوح ڌاري آيو ۽ سختيءَ سان منع ڪيائين ته چرڻ پرڻ ته ڇا پر هٿ هلائڻ به نه ڏيوس. پاڻيٺ کاڌو، پاڻي يا کير به، ليٽئي ليٽئي، چمچن سان وات ۾ وجهوس. نرسون اينديون هيون جي پاسو ورائي پٺيءَ کي اسپرٽ ۽ پائوڊر هڻي وينديون هيون، جيئن سڌو سمهئي سمهئي، پٺيءَ ۾ ڦٽ نه ٿي پون جا خطرناڪ ڳالهه آهي.
بعد ۾ خبر پيم ته مير صاحب به رات جو فون جو سئچ ڪڍي سمهندو آهي. ڪوٽ ٻاهران گهنڊ لڳل آهي جو بدر ۽ مولانا زور زور سان وڄايو ته ڏيڍيءَ تي سمهندڙ مير صاحب جو خاص ماڻهو گلالي نڪري آيو. انهيءَ وڃي جتن ڪري ڪنهن ٻانهيءَ کي اٿاريو جنهن وڃي پنهنجي ڍنگ سان مير صاحب کي جاڳايو. مير صاحب بدر کان احوال وٺي کين دلداري ڏئي واپس موڪلي ڇڏيو. پاڻ ڪار ڪڍي سڌو ويو ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ جي گهر ۽ زور زور سان در کڙڪائي کيس ننڊ مان اٿاري ساڻ وٺي آيو.
ٻيو به هڪ واقعو پيش آيو. صبوح جو دير سان اٺين نوين لڳي منهنجي گهر واري ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته ڪو ڪئنٽين هجي ته چانهه وغيره وٺجي. ڏٺائين ته هڪڙو ماڻهو در ٻاهران پٽ تي ليٽيو پيو آهي سو کڙڪي تي اٿي ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو ۽ چيائين ته ”امان، مان صاحب جو سپاهي آهيان. ڪم ڪار مونکي چئو، مان ڊيوٽيءَ تي حاضر آهيان.“ گهرواري موٽي اچي مونکي ٻڌايو. مون چيو ته ”مون وٽ ته ڪو سپاهي ڪونهي. اندر سڏ ڪيوس ته ڏسان!“ ڏٺم ته ڪورٽ جمعدار محمد جمن راٺوڙ. چيائين ته،”سائين جيئن خبر پيم تيئن هليو آيس. بس منهنجي ڊيوٽي ڏينهن رات هتي آهي. جيڪو حڪم، ڪم ڪار هجي، حاضر آهيان.“ پوءِ ته ڏيڍ مهينو ڏينهن رات اسپتال جي ورانڊي ۾ حاضر هوندو هو. پوليس جي سپاهيءَ کي ڪير جهلي. ماڻهن جا اهڙا قرب وسرئي نٿا وسرن. پنهنجي گهرواريءَ کي به وٺي ايندو هو جا نوڪرياڻي وانگر ڪم ڪار ڪري ويندي هئي. ٻئي منهنجي گهرواريءَ کي سڏيندا هئا، جيجي!
ڪمال کي به جيئن خبر پئي تيئن ٻار ٻچا وٺي ٽنڊوالهيار ڇڏي اچي پنهنجو لطيف آباد وارو گهر وسايائين. ڪمال جي گهر واري روزانو کير ۽ انب جو جُوس ۽ ڪڪڙ جو سُوپ باقاعدگيءَ سان موڪليندي هئي.
پهرئين ڏينهن ڊاڪٽر ڪريم عباسي مونکان ڪو حال احوال نه ورتو، رڳو چڪاسي هليو ويو. ٻئي ڏينهن ڪرسي وجهي ويٺو ۽ چيائين ته ”ڪيئن ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ سمورو احوال مونکي ذري پرزي ٻڌايو.“ چي ”تنهنجو وزن به رڳو هڪ سؤ چوويهه پائونڊ، سگريٽ به ڪونه پين، ٻي به ڪا عادت ڪانه، سو مونکي سربستو احوال سمجهاءِ!“
مون ڪورٽ جي ٿڪائيندڙ ڪم ۽ ٿڪاوٽ جو ذڪر ڪندي جڏهن چيو ته ”خيال آيم ته برانڊيءَ ذرو وٺان پر نه ورتم!“ هڪدم چيائين ته ”جي برانڊي پين ها ته اٽيڪ ئي نه ٿيئي ها!“ ڏٺم ته منهنجي گهرواري پاڻ کي گنهگار سمجهي اکيون کڻي هيٺ ڪيون. پوءِ مفصل احوال مرڪي موڪلائڻ، پڙدو ڪيرائڻ ۽ دعا جي ڳالهه ڪئي مانس ته چيائين ته ”جمال صاحب تنهنجي انهيءَ رويي توکي بچائي ڇڏيو نه ته جهڙو تنهنجي ڪارونري رڳ سئو سيڪڙو بند ٿي وئي آهي ته بچڻ هڪ معجزو آهي.“ اٿندي چيائين ”اڃا ٻاهترڪلاڪ خطرو آهي، سو چرپر اصل نه ڪجانءِ.“
ڊاڪٽر ڪريم عباسي اٿي ويو ته مڄاڻ ڪو حيدرآباد جو مشهور بزرگ (سينئر) وڪيل سيد احمد پٺاڻ ڪرسي تي ويٺو هو سو سري اڳتي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. مونکان هڪدم سوال ڪيائين ته ”ابڙو صاحب آپ ڪيا ڪرتي هين. ميرا مطلب هي ڪه ڪيا عمل ڪرتي هين؟“ مان بلڪل نه سمجهيس. چيم ته ”اهوئي جو توهان روز ڏسندا آهيو يعني پوري وقت تي ڪورٽ اچڻ، هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم اڪلائڻ ۽ بنا لنچ (منجهند جي مانيءَ) جي شام تائين ويهڻ ۽ پوءِ گهر ۾ پنهنجن ٻارن سان اکٻوٽ کيڏڻ.“ مطمئن نه ٿيو. چيائين ته ”اها مونکي خبر آهي پر ڪو خاص عمل ڪندا آهيو؟“ مون ڪجهه ڳالهه سمجهندي چيو ته ”شاهه صاحب مان ته گناهگار آهيان. مورڳو نماز به ڪانه پڙهان!“ فوراََ چيائين ”نماز وغيره ڪا ڳالهه ناهي، ٻيو ڪجهه ڪندا هجو ته ياد ڪريو!“ مون چيو شاهه صاحب ”ڪجهه نه، ڪجهه به نه!“ اعتبار نه آيس چيائين ”ياد ڪيو مان وري سڀاڻي ايندس!“
مون اڳ به شاهه صاحب جو ڪٿي ذڪر ڪيو آهي. هو تمام قابل ۽ محنتي وڪيل، ون يونٽ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ نهايت شريف النفس ماڻهو آهي. هو ٻئي ڏينهن وري آيو ۽ جهڙوڪر آڏي پڇا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ روزانا معمول پڇندو رهيو ۽ نيٺ پڇيائين ته ”رات جو سمهڻ مهل ڇا ڪندا آهيو؟ مون توهان جون ڊاڪٽر سان ڪيل ڳالهيون سڀ ٻڌيون آهن. مرڻ مهل اهڙو اطمينان، ضرور ڪو سبب آهي.“ اتي مونکي اوچتو سُجهي آيو ته سمهڻ مهل مان درود شريف (درود ابراهيمي ـ نماز وارو) پڙهندو آهيان سو ٻڌايومانس ته پڙهندي ننڊ وٺي ويندي اٿم ۽ صبوح جو جاڳڻ مهل ائين محسوس ڪندو آهيان ته سڄي رات درُود شريف پي پڙهيم. هڪدم چيائين”بس بس، مون پڪڙي ورتو!“ ڄڻ مون ڪو آڌيءَ جو ڌاڙو هنيو هجي. شاهه صاحب مونکي سمجهايو ته ”جمال صاحب هي درود شريف جي برڪت هئي جو توهان اطمينان سان اهو مرحلو اُڪري ويا.“
گهڻن سالن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ سائين پير حسام الدين صاحب سان ملاقات ٿي. شاندار شخصيت جو مالڪ ۽ پُرڪشش چهرو، پر ڪجهه ملول هئو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته کيس دل جو مرض هو ۽ ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو. تن ڏينهن دل جا آپريشن ڪونه ٿيندا هئا يا عام نه هئا. ڪجهه ڏينهن بعد ٻڌم ته پير صاحب پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد شاهه راشديءَ ڏي منيلا هليو ويو جو راشدي صاحب اتي سفير هو. ڇهن ٻارهن مهينن کان پوءِ پير صاحب موٽي آيو ته سنڌ سينيٽر ۾ (اڳوڻو ميسانڪ لاج) جنهنجو ڊئريڪٽر مرحوم نبي بخش کوسو هو، جو ڏاڍو قابل ۽ چالاڪ هو، پير صاحب سان ملاقات ٿي. ٻاهر نڪتاسون ته مان پير صاحب ۽ غلام رباني آگرو، پيرين پياده پسار خاطر گهمندا گهمندا، ڳائيندڙ ڦوهاري وٽان ڦرندا هوٽل ميٽروپول طرف وڃڻ لڳاسون. ڏٺم ته پير صاحب تسبيح جا داڻا ڦيرائيندو ۽ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو ٿي هليو. مون ڪجهه اڇاتري انداز ۾ پير صاحب کان پڇيو ته،”پير صاحب هي ڇا؟“ چيائين ته ”جمال صاحب انهيءَ ته مونکي بچايو آهي. منيلا ۾ به سڀني ڊاڪٽرن جواب ڏنو. پوءِ ڪٿان ڏس مليم ته درود شريف جو ورد ڪيو. اهو شروع ڪيو اٿم. اڳي جو پؤڻو پوندو ٿي ويس سو هاڻي ٺيڪ ٿيندو ٿو وڃان، ڏس توهان سان گڏ پنڌ ڪندو وتان. هي الائي ڪهڙو اسرار آهي؟“
سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٽي تمام وڏا عالم ۽ درويش بزرگ هئا مولانا عبدالغفور همايوني (تخلص مفتون)، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ مولانا ميان غلام صديق شهدادڪوٽي. ٽيئي حضرات ڏيا وارا، جلالي، انقلابي ۽ جيد عالم هئا. بابا جون ساڻن ملاقاتون هيون. حضرت مولانا حماد الله هاليجوي به وڏو درويش ۽ بزرگ هو. مان جڏهن سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ميرس ۾ جج هئس ته ڪيئي دفعا سوچيم ته مولانا هاليجوي وٽان حاضري ڏئي اچجي پر سائين شمس الدين شاهه ائڊووڪيٽ، جو پڻ پنو عاقل طرف جو هو تنهن دل ڀڃي ڇڏيم. شاهه صاحب جو خيال هو ته اهو سڀ ٺڙڪ ٺڳيءَ جو ٺاهه هو. تعجب آهي ماڻهو ڪن علم جون ڳالهيون ۽ عالم کي اهميت ڏين ڪونه. شايد ڪاني ڪرامت کي اهميت ڏئي؛ سچن پچن عالمن کي مسترد ڪيو ڇڏين. مان پاڻ ڪاني ڪرامت جو قائل نه آهيان. پر جيڪي صاحب، ڪاني ڪرامت تي طنز ڪن ٿا. سي ان کي ئي ڪسوٽي ڇو ٿا بڻائين، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. سوال ته بيٺا آهن. جواب گهرن ٿا.
سنڌ ۾ اڄڪلهه وڏي ۾ وڏو عالم حضرت مولانا عبدالڪريم، ٻير شريف واري کي سمجهيو ٿو وڃي. مان سيڙجي وٽن حاضر ٿيس. مولانا وڏو عالم، قرآن ۽ علم حديث جو وڏو ڄاڻو، فقير منش ۽ نهٺو آهي. هر سوال جو جواب قرآني آيت سان ٿي ڏنائين. مون آخر ۾ اهوئي ڏکيو سوال، جنهن مونکي سالن کان حيرت ۾ رکيو آهي، سو پڇيو ته، ”محض چار لفظ پڙهي شوڪارڻ سان ان جو طبعي اثر ڪيئن ٿو ٿئي؟“ هڪ قرآني آيت پڙهيائين ۽ فرمايائين ته ”هر چيز اکر ۽ انگ کي روح ٿو ٿئي پوءِ اهو ڪنهن به طريقي (چئنل ذريعي) پهچي، پنهنجو اثر ٿو ڏيکاري!“ ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم پر وڌيڪ سوال جواب، آداب جي خلاف هو سو کڻي ماٺ ڪيم. رڳو ايترو چيم ته ”سائين حيرت آهي، جسم جو، مثلاََ مٿي جو يا ڏند جو سور چئن اکرن چوڻ سان ڪيئن ٿو سيڪنڊن ۾ غائب ٿئي؟“ مولانا جيئن کٽ تي ويٺو هو ته لڪڻ سان مٽيءَ تي هڪڙو انگ لکي، وري مٿانس ليڪو پائي چيو ته ”انهيءَ کي ست دفعا ڪُٽي ڏس!“ مون اهو نسخو ڪونه آزمايو.
ڪالهه اوچتو منهنجي ننهن آئي چيائين ”بابا سائين، ڪنڌ، ڪلهي ۽ مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم!“ مون پنهنجو نسخو آزمايو ته چيائين ته ”سور لهي ويو!“ مون چيو ”بابا چئه ته الله جي حڪم سان.“ پر اڃا تائين مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي. بدر جي پڇڻ تي کيس ٻڌايم ته ”مولانا صاحب چيو هو ته اکرن کي ۽ انگن کي به روح آهي سو اهي تحرڪ ۾ اچيو وڃن.“ بدر هڪدم سمجهي ويو ۽ سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هو مجسمه ساز ۽ مصور آهي سو چيائين ته ”بابا پٿر ۽ رنگ ڳالهائين ٿا ته لفظ ۽ انگ ڇو ڪونه؟“ چيائين ته ”مونکي به هاڻي سمجهه پئي ته رنگ ۽ پٿر ۾ به روح آهي.“ مونکي هميشه بدر جي ڳالهين تي حيرت لڳندي آهي ته هو ايڏي منزل تي ڪيئن پهچي ويو آهي؟ شايد شيخ اياز وانگر چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ آهي. شيخ اياز صاحب به لکيو آهي نه، ته ”جيڪڏهن مونکي (کيس) بدر جهڙو پٽ هجي ها ته مان (شيخ صاحب) لکڻ ڇڏي ڏيان ها.“
حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي (ٻير شريف وارو) جنهن کي سندس عقيدتمند امام العصر چون ٿا، جي سمجهاڻي يا چوڻيءَ جي قرآن الحڪيم مان تائيد ملي ويم جنهن ۾ فرمايو ويو آهي ته ”هر حجر ۽ شجر (پٿر ۽ ٻوٽا) ۽ ٻيو جيڪي ڪجهه زمينن ۽ آسمانن جي وچ ۾ آهي سڀ الله جو ذڪر ڪن ٿا (يا عبادت ڪن ٿا)“. مان اڳيئي هن ڪتاب ۾ لکي آيو آهيان ته فزڪس جي سائنس جو بنيادي اصول آهي ته، ”مادو ڪڏهن به مري (destroy) نٿو، رڳو صورت مٽائي ٿو. اهو به فزڪس جو اصول آهي ته هر مادي جو ائٽم ٿئي ٿو جنهن ۾ بي پناهه قوت ڇپ ماريون ويٺي آهي. آهي نه حيرت جهڙي ڳالهه! پوءِ انهيءَ کي روح چئو يا ٻيو ڪجهه، توهانجي مرضي. هونئن به روح ڪو مادو ناهي. اهو ’امر ربي‘ يعني الله جو امر (حڪم) آهي.
حميد سنڌيءَ کي پهرئين ڏينهن خبر پئجي وئي ته مان اسپتال داخل آهيان پر ڪمال سياڻپ سان ڳالهه لڪائي ويو ته متان سڀ يار اسپتال نه وڃي نڪرن. شيخ اياز کي به ڪونه ٻڌايائين. بعد ۾ پاڻ مزاج پرسيءَ لاءِ آيو.
اسپتال جا تجربا ٻڌائبا وڃن ته چڱو، منهنجي گهر واري چوويهه ڪلاڪ اسپتال جي ڪمري ۾ موجود هوندي هئي. رات جو پٽ تي سمهي پوندي هئي. پر اڌ جاڳ جي حالت ۾ هوندي هئي. ننڊ ۾ به پئي دعائون گهرندي هئي ۽ سندس اهڙي چپن جي ڦسڙ ڦسڙ مان ٻڌي وٺندو هئس.
بيماريءَ جو ٻڌي سڀ مٽ مائٽ لاڙڪاڻي وارا، ادي خيرپور جوسي واري، ادي ٽنڊي آدم واري، ٻارن ٻچن سان اچي منهنجي لطيف آباد واري بنگلي (حقيقت ۾ عبدالحق صاحب جو بنگلو) ۾ گڏ ٿيا. سندن مهرباني ڪرم ۽ ٿورا جو آيا ۽ همدردي ڪيائون. پر هي ڪهڙو رواج آهي. مائٽ ته رواج خاطر نه، پر انتظار ۽ همدردي ۾ آيا، پر گهر جو خرچ ڪيئن هلي ۽ ڪير هلائي. شاهده ٻارڙي هئي انهيءَ پي سڄو انتظام سنڀاليو سندس ماسيون (خالائون) به سندس مدد ۾ هيون. پر خرچ جا پئسا ڪٿان اچن. منهنجي پگهار رڳو هڪ هزار رپيا سي پندرهن ويهن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويا. شابس هجي منهنجي ٽنڊي الهيار واري دوستن کي حاجي محمد بچل يوسفاڻي آيو ته پنج سؤ رپيا لفافي ۾ منهنجي وهاڻي هيٺان رکي ويو. حاجي محمد اڪرم ۽ ڊاڪٽر سانوڻ خان ٻٻر به ائين ڪيو. مڙيئي گاڏو گهلبو رهيو. حاجي محمد بچل به ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. سڀني يوسفاڻين ۾ هو غريب هو. سندس سڀ ڀائر ڪروڙ پتي ۽ ڪارخانن جا مالڪ هئا. پر هي يار جهڙو هٿ جو سخي هو تهڙو ٻيو ڪوئي نه هو.

8

ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي. اسان سان گڏ پڙهندا هئا ٻه ڀائر عبدالقادر سنجراڻي جو پوءِ سفير ۽ وزير ٿيو ۽ ٻيو قادر بخش سنجراڻي، خوش پوش، خوش خوراڪ ۽ بااخلاق ماڻهو هئا پر هٿ جا پڪا، سندن والد صاحب ڪروڙ پتي هو پر عام طور ڪنجوس سڏيو ويندو هو. اسان جو دوست خير محمد منگي ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري (جانورن جو کاتو) دل جو مريض ٿي اسپتال داخل ٿيو ته عبدالقادر سنجراڻي اسپتال ۾ کيس پڇڻ آيو. کلي ڳالهائي. موڪلائڻ مهل ڊاڪٽر منگي کي هڪڙو لفافو ڏنائين، تن ڏينهن ۾ هزار روپئي وارو نوٽ ڪو نه هوندو هو. لفافو ٿلهو ڏسي منگي صاحب پڇيو ته ”هن ۾ ڇاهي؟“ لفافو سؤ سؤ جي نوٽن سان ڀريو پيو هو. ڪل پندرنهن هزار هئا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اها تمام وڏي رقم هئي. سو منگي صاحب موٽائي پي ڏنس ته ”يار هيترا پئسا مان ڇا ڪندس ۽ ڪيئن موٽائيندس؟“ سنجراڻي صاحب چيس ته ”في الحال ته رک، خرچ ڪر، پوءِ ڏسي وٺنداسون!“ ائين چئي تڪڙو تڪڙو نڪري ويو. ماڻهو اهو جو آئيءَ ويل ڪم اچي.
اهي تمام چڱا رواج آهن، اڄڪلهه جا چار اکر پڙهيل نوجوان، پُوئي ۽ پَهت تي به تنقيدون ڪن، منهنجي خيال ۾ اهي تمام چڱيون رسمون آهن. ڪنهن تي زور ناهي. رضا خوشيءَ سان ڪو ڏئي نه ڏئي. جيترو به ڏئي، ڀلي هڪ روپيو، پنج يا ڏهه، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. وڏي مدد ٿي پوي، شاديءَ ۾ يا مماتي ۾ اچن ٿا ۽ ٻيا خرچ پکا به ٿين ٿا. غريب جي يا وچولي طبقي واري جي وڏي مدد ۽ مشڪل ڪشائي ٿي پوي ٿي، ڀلي ڪو وٺڻ جو رواج بند ڪري پر ڏيڻ ۾ ته عذر ڪونهي. مون ته ڪن وڏ گهراڻن ۾ به ڏٺو آهي ته هو ڄاڻي واڻي تقريبون (طهر ۽ شادي) گڏي ڪندا آهن جيئن هڪ ئي ڪاڄ ۾ ٽي ٽي مبارڪون وٺي چار پئسا بچائي ٻيون ضرورتون پوريون ڪجن، يا قرض لاهي وجهي، انهيءَ ۾ ڪهڙي برائي آهي. پاڻ هڪ چڱو سماجڪ وسيلو آهي قرض لاهڻ جو به ۽ گڏوگڏ ميل جول جو به.
هڪ دفعي مير علي احمد خان ٽالپر جي ٽنڊي مير محمود واري بنگلي تي فرشي نشست ۾ ويٺو هئس، مير برادري جون سماجي ڳالهيون وغيره پي هليون. مير صاحب منهنجي موجودگيءَ ۾ ڪو عار محسوس ڪو نه ڪندا هئا. ڳالهه نڪتي ته مبارڪون پنج پنج سؤ بلڪ هزار هزار به ڏجن ٿيون. اهو رواج بند ڪرڻ کپي. سرڪار مير علي احمد خان نهايت سنجيدگيءَ سان ويٺي ٻڌو ۽ نيٺ فرمايائين ته ”ٺيڪ سرڪار! اسان اڄ کانپوءِ وٺڻ بند ڪيو!“ نهايت خبرداري وارو جملو هو پر مير عباس علي خان غصي ۾ اٿي بيهي رهيو. اڳيئي رنگ جو ڳاڙهو (هز هائنس جي اولاد مان هو) وڌيڪ سرخ ٿي ويو. سندس ڪو ٽي ڪاڄ رهيل هئا سو چوڻ لڳو، ”واهه جو انصاف آهي. جڏهن اسانجو وارو آيو آهي ته هاڻي ٿو رواج بند ٿئي. ائين ڪو نه ٿيندو. اسان پاڻ ڏنو آهي، هاڻي ڇڪي وٺنداسون!“ مير صاحب کي لکين رپيا مبارڪيءَ ۾ ملڻ جي اميد هئي سو صبر ڪري نه سگهيو.
مير علي احمد خان تمام ڌيرج سان فرمايو ته، ”سرڪار توهان پورو نه سمجهيو. اسان وٺڻ بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، باقي ڏيڻ کان ڪير ٿو ڪنهن کي روڪي سگهي. ڏيڻ کان ڪو انڪاري ناهي. ڏبو، پر وٺبو ڪونه.“ مير عباس علي خان مطمئن ٿي ويهي رهيو. مير علي احمد خان جو فيصلو نهايت دانشمنداڻو هئو. جيڪي وٺڻ بند ڪندا سي آهستي آهستي ڏيڻ به بند ڪندا ۽ مٿن ميار به ڪا نه ايندي. اهو رواج اڃا پيو هلي ۽ چڱو آهي. ڏيڻ مهل ته پنج سؤ ٿا ڏجن، جڏهن موٽي ملن ٿا ته لک کن کي وڃي ٿو ڌڪ لڳي. هي ته هڪ قسم جي سماجڪ بئنڪ ٿي جنهن ۾ نڪو حساب ڪتاب، نڪو وياج، نڪو زور زبردستي.
ڪو گذاري ويندو هو ته اهل مماتي واري جي گهر جو پاڻي به نه پيئبو هو. بلڪه ٽيئي وقت ماني، ٺهيل ٺڪيل، اوڙي پاڙي مان يا مٽن مائٽن وٽان ايندي هئي. وري عذر خواهيءَ ۾ رهيو رپيو، ٻه، پنج ڪري ٻه ٽي هزار جمع ٿي ويندا هئا جنهن مان ڏکويل ڪٽنب وارا آسانيءَ سان ٽيجهو يا جماڻو ڪندا هئا.
منهنجي بيماريءَ ۾ سڀ مائٽ قرب وچان مهينو ڏيڍ سيڙائي، مون وٽ ٽڪي پيا. منهنجي ڀاءُ ڪمال ته لڏو پٽي، مستقل حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، سندس گهر واري مهرباني ڪري روزانو ڪڪڙ جو سوپ ۽ کير گاڏڙ انب جو جوس(milkshake) موڪليندي هئي.
سپاهي محمد جمن اسپتال جي ورانڊي ۾ ڏينهن رات ويٺو هوندو هو. سرڪار مير علي مدد خان ۽ غلام النبي سومرو به پيا ڀيرو ڀريندا هئا. اهڙي قرب ۽ پيار ڀري فلم اکين اڳيان پيئي ڦرندي اٿم.
اڄڪلهه، خاص ڪري شهرن ۾ اهو ڪلچر ختم ٿيندو وڃي. پاڙي ۾ ڀر واري گهر يا فليٽ ۾ رهندڙن جو نالو ئي ڪو نه اچي. پوءِ باقي پير ڪهڙو ڀربو. لاڙڪاڻو خاصو وڏو شهر آهي پر سوسائٽي ايڏي جڙيل آهي جو ڪنهنکي مٿي ۾ سور پوندو ته به شام جو اوطاقن ۾ خبر پئجي ويندي. سرهين جو پڌر جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جي ٻئي ڇيڙي، جيلس بزار جي آخر ۾ آهي ته به ڪرمان باغ ۽ نوان تڪ ۾ خبر پئجي ويندي ته اڄ سيٺ خدا داد سرهيو بيمار هو ۽ اسپتال داخل ڪيو ويو. ٻهراڙيءَ ۾ ته ڪو بنا تند تار جي اهڙو وسيلو آهي جو ڪوئي گهر کان نڪري ته ٽڪوهيءَ تي خبر پهچي وڃي ته فلاڻو پڳ ٻڌي فلاڻي پاسي ويو. اهڙي اون ۽ خبر گيري وڻي ٿي.
منهنجي گهر واري ڳورهاري هئي سو پٽ تي سمهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ڏکيو ٿي لڳس. مونکي منٿ ڪيائين ته هڪڙو ديوان (کٽ جهڙو ننڍن پاون سان صوفا) خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيان، مون چيو اجازت ڊاڪٽر ڏيندو. ڊاڪٽر ڪريم عباسي آيو ته ان سان ڳالهه ڪيم. چيائين ته ”اسان دل جي مريض وٽ سندس زال کي رهڻ ئي ڪو نه ڏيندا آهيون.“ معنيٰ خيز مرڪ مرڪي چيائين ته ”اهو خطرناڪ آهي!“ جڏهن کيس يقين ڏياريم ته ائين ڪو نه ٿيندو تڏهن اجازت ڏنائين. جاچ ڪرائيسون ته ديوان ملي پيو ستر رپين ۾ سو ٻئي ماٺ ڪري وياسون ته پئسا ايندا ڪٿان؟ منهنجي گهرواريءَ دانهن ڏني منهنجي لاڙڪاڻي واري ڀيڻ کي. اها آهي زور سياڻي ۽ گفتگوءَ جي هوشيار سو مونکي موزون لفظن ۾ سمجهايائين ته ”ادا تون عورت جي تڪليف نه سمجهندين ۽ مان گهرايان ٿي اهو ديوان، پئسا پاڻهئي لهي ويندا.“ اڌ ڪلاڪ ۾ جمن سپاهي، ديوان کڻائي اچي اسپتال جي ڪمري ۾ رکايو.
ڊاڪٽر پيو ڊڄي منهنجي من مستيءَ کان. منهنجو حال اهڙو جو چري به نه پيو سگهان. گلاس هٿ ۾ جهلي پاڻي يا کير وغيره به نه پيو پي سگهان. چمچن سان يا تيلي واري نليءَ سان پاڻيٺ کاڌو کائيندو هئس. دل ۾ چوندو هئس ته ”الا! الائي ڪڏهن اهڙو ڏينهن ٿيندو جو کٽ تي ويهي گلاس هٿ ۾ جهلي پاڻي پيئندس.“ سامهون دريءَ مان، هيرآباد جي هڪ دوڪان جو بورڊ اڌ پڙهي سگهندو هئس. سڄو ڏيڍ مهينو اها هورا کورا رهي ته الائي ڇا لکيل آهي، اٿان ته پڙهي ڏسان. انهن سڀني نعمتن جو قدر تڏهن ٿو پوي جڏهن اهي ميسر نٿيون ٿين. جڏهن ڊاڪٽر کي منٿ ڪيم ۽ ”مونکي ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي ڪٻو ٿي ويهڻ جي اجازت ڏي!“ ته ڇا ڪيائين جو پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل چڪاسڻي (اسٽئٿس اسڪوپ) ڪڍي کڻي منهنجي مٿان رکيائين. چيائين ته ”اها تون ڪنن ۾ وجهه پوءِ جيڪي وڻئي سو ڪر!“ مطلب هئس ته ڊاڪٽر هو هئو، ته مان، ايڏي سختيءَ سان هيسجي ويس. پنجن هفتن کان پوءِ جڏهن ويهڻ جي اجازت ڏنائين ته ويهي نه سگهيس. مٿي کي چڪر اچي ويم، ڏيڍ مهيني کان پوءِ ڪرسيءَ تي ويهڻ جي اجازت مليم ته تمام ٿورو وقت ويهي سگهيس. پر هو اڻپورو بورڊ پڙهي ورتم ۽ ڏاڍي خوش محسوس ڪيم. ستن هفتن کان پوءِ گهر وڃڻ جي اجازت مليم. ڪمال ڪار موڪلي. کڻي اچي ڪار ۾ ويهاريائون. جايون، روڊ، رستا ۽ بلڊنگون پيو ڏسان ته واڇون ٽڙي ويم. هر هر گهرواريءَ کي پيو چوان ته ”سائين ماڻهو ته ڏسو ڪيترا گڏ ٿي ويا آهن. الائي ڪو گوڙ ٿيو آهي ڇا؟“ هن چيو ”روز ائين هوندو آهي. توهان کي نئين مان ائين ٿو لڳي، باقي آهي ته ڪجهه ڪونه.“
چيني ليکڪ لن يو تانگ ڪتاب لکيو آهي، ’جيئڻ جو هنر‘ لکي ٿو ته ”ماڻهو ڪهڙا ڀورڙا آهن جو وتن خوشيءَ کي ڳوليندا، حالانڪ خوشيون ته قدم قدم تي پکڙِيون پيون آهن ۽ توهانجو استقبال پيون ڪن، ننڊ مان اٿي، آرس ڀڃي پٽ تي پير رکي اٿي بيهو ته ڪيڏي نه نعمت ۽ مزو آهي. گهر جي در کان ٻاهر نڪرو ۽ ٿڌڙي هير اچي اوهانجي منهن کي لڳي ته ڪيڏي نه فرحت آهي. رستي تي نڪرو ته وڻراهه، پکين جي چرڙ چرڙ ۽ ٻارڙن جون ٽوليون اسڪول ويندي ڏسو ته ڪهڙو نه ڀلو نظارو آهي. گرمي ۽ اس ۾ هلندي هلندي ٿڌو پاڻي پيئڻ لاءِ ملي وڃي ته ڪيڏي نه فرحت آهي. شام جو ٿڪجي ٽٽي گهر اچو ته ننڍڙو ٻارڙو هونگرون ڏيندو ڊوڙي اچي توهانجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ته بهشت جيان من کي ٺار اچي ۽ ٿڪ ئي لهي وڃي.“
اهڙيون ڪيئي ڳالهيون آهن جن جو اسان کي احساس ئي ڪونهي. احساس تڏهن ٿو ٿئي جڏهن اهي کسجي ٿيون وڃن. اياز مونکي هڪ ڏهاڙي چيو ته ”جمال منهنجي هن فليٽ ۽ اڊيالا جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪو فرق ئي ڪونهي، سو پنهنجي پاڙي ڊفينس ۾ ڪو ننڍو گهرڙو وٺي ڏينم ته اڱڻ ۾ بيهي آسمان ۽ تارا ته ڏسي سگهان،!“ مون چيس ته اڄڪلهه اهڙن گهرن جي قيمت پنجاهه سٺ لک ٿي وئي آهي ته بيوسيءَ مان ماٺ ٿي ويو. پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ بيهي آسمان، ڪڪر ۽ تارا ڏسڻ به وڏو عيش آهي پر اسان کي ان جو انڀؤ ئي ڪونهي.
1967ع جا پؤڻا ٻه مهينا، جون جولاءَ جا، هڪ ئي بستري تي پٺيءَ پر ليٽئي گذارڻ سان، مونکي زندگيءَ جي اڻ ڳڻت نعمتن جو ايترو شديد احساس ٿيو جو پهريون دفعو گلاس هٿ ۾ جهلي پاڻي پيتم ته واڇون ئي ٽڙي پيم. گهر ۾ اچي رهڻ ته ڄڻ جنت ۾ اچڻ جي برابر هو ۽ آهي. پنهنجي هٿ سان مانيءَ جو گرهه ڀڃي وات ۾ وجهڻ ڪا گهٽ نعمت آهي ڇا. کاڌو ڪهڙو به، ڪريءَ وارو، بي لذت هجي ته به وڏو مزو آهي.
ماڻهو فطرتاََ بي شڪرو آهي، سو رڳو وتي شڪايتون ڪندو، جيڪي ڪجهه کيس ميسر آهي انهيءَ کي ليکي ئي نٿو. گهر مان هڪڙو ڏينهن، پنج ڏينهن، ڏهه ڏينهن نڪري ڀلي لنڊن وڃو، نيويارڪ وڃو، ڪوهه مري ۽ سوات جي بهترين هوٽلن ۾ قيام ڪيو، گهر جو سک ۽ گهر جي تانگهه لڳي پئي هوندي. موٽي پنهنجي غريباڻي سريباڻي گهر ۾ اچو ته عجيب سڪون ۽ ڪيف اچي ويندو. بي اختيار چئي ويهندا ته ”الحمد الله ! خير سان اچي گهر ڀيڙا ٿياسون.“ انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”ڀلي اوڀر وڃو اولهه وڃو، پر گهر سڀ کان چڱو!“ منهنجي گهر واري ته ڪراچي جو ڪراچي ۾ گهر مان ٻاهر نڪرڻ کان لهرائيندي هئي. ڪلفٽن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي به ڪانه هلندي هئي. سيٺ احمد ڊاليا هاڪس بي تي پنهنجي نجي بنگلي جهڙي هٽ تي انتظام ڪندو هو. سٺا طعام، ڪوڪا ڪولا جا ڪريٽ وغيره. موٽرڪار به اسان جي پنهنجي هئي، ته به، ٻارڙن جي زور ڀرڻ باوجود، صفا پڙ ڪڍي بيهندي هئي ته مان ڪو نه هلندس، توهين وڃو ته ڀلي. ٻار منهن ڀيلو ڪري ويهي رهندا هئا ته انهن کي مٺا پڪوڙا تري کارائي خوش ڪري ڇڏيندي هئي. باقي جي مان بيمار ٿيس ته منڍ کان آخر تائين چوويهه ڪلاڪ اسپتال ۾ بينچ تي ويٺي يا ليٽي پئي هوندي هئي. پوءِ نه هوندو هئس، گهر جو فڪر نه ٻارن جو نه دنيا جهان جو.
ماڻهو آهي ئي گهريتڙو جانور. سڄي عمر ڳهي، پيريءَ تائين اهو خيال هوندس ته سادو سودو گهر ٺاهي ٿانئيڪو ٿي ويهان. انهيءَ ڪري ئي ته هزارين تعميراتي ڪمپنيون ٺهي پيون آهن ۽ ڪروڙن جي ڏيتي ليتي پئي هلي.
بيماريءَ مان اٿي گهر آيس ته ڊاڪٽر صالح ميمڻ ڏيپلائي جيڪو تمام سٺو ڊاڪٽر آهي ۽ ان سان گڏ منهنجو اسڪولي واقفڪار ۽ ميرپورخاص ۾ بابا جو پسنديده شاگرد، تنهن چيو ته ”جمال صاحب، ملڪ ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽر، ڪريم عباسي آهي ڇا؟ اسين به ويٺا آهيون، ڏسون ته هارٽ اٽيڪ آهي به يا نه؟ يا مورڳو ڊرامو رچايو ويو آهي.“ مونکي سندس تيز ۽ تند جملن ۾ پيشه ورانه حسد جي جهلڪ نظر آئي. ته به چيم ته ”ڊاڪٽر صاحب وڏي مهرباني جڏهن چئو حاضر ٿيان!“ چيائين ”اڄ ئي شام جو پنجين وڳي!“ مان وڃي وٽس حاضر ٿيس. چڱيءَ طرح چڪاسي گنڀيرتا سان چيائين ته ”واقعي زبردست هارٽ اٽيڪ ٿيل آهي. فڪر نه ڪر، ڏهه سال جيئرو رهندين!“ في به ڪا نه ورتائين، سندس مهرباني.
وري ڪراچي ڊاڪٽر کمڀاٽا، ماهر قلب کي ڏيکاريم، ان به ائين ئي چيو اهو به چيائين ته ”تمام سٺي ڊاڪٽر تنهنجو صحيح علاج ڪري توکي بچائي ورتو آهي. هاڻي ڏهه سال جيئرو رهندين!“ ڊاڪٽر کمڀاٽا چيو ته ”توکي ڪي مذهبي ٻنڌڻ نه هجن، ته هڪ ڳالهه چوان!“ مون چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب! اسانجو مذهب نهايت لبرل، ڪشاده ذهن آهي ۽ علاج خاطر ڪا به بندش ڪانه آهي.“ چيائين ”ته پوءِ منهنجي صلاح اها اٿئي ته جيڪڏهن پاڻ تي ضابطو، سيلف ڪنٽرول، اٿئي ته پوءِ روزانو سمهڻ کان اڳ هڪ صرف هڪ پيگ وهسڪيءَ جو پيئندو ڪر سو به رڳو اسڪاچ وسڪي ٻي ڪا به نه!“ مان ماٺ ۾ اچي ويس ته ڊاڪٽر پڇيو، ”ڇو، ڇا ٿيو؟“ مون چيو ”ڊاڪٽر اهو مهانگو علاج آهي ۽ مونکي ايتري وسعت ڪا نه آهي!“ کلي چيائين ته ”اهو تنهنجو پرابلم آهي، منهنجو نه!“ موڪلائيندي چيائين ته ”گهڻن ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، معاملو صاف آهي، هر ڪو ائين ئي چوندو، پرواهه نه ڪر ڏهه سال جيئرو رهندين بشرطيڪ ٻي هارٽ اٽيڪ نه ٿئي. ان لاءِ کاڌي جي پرهيز، آرام، اٿڻ ويهڻ گهمڻ ۾ تڙ تڪڙ نه. وڏي ڳالهه ته جذباتي نه ٿجي، غصو نه ڪجي ۽ صبر ۽ ماٺار سان رهجي!“ مون چيو، ڊاڪٽر صاحب، ”توهان ائين ڪري سگهندا؟“ چيائين ته ”سچ ته مان ائين ڪو نه ڪري سگهندس.“
منهنجي گهر واري جا منهنجي بيماري ۾ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پئي هئي سا منهنجي گهر اچڻ ۽ مٿي پاڻي وجهڻ تي ايڏو خوش ۽ باغ و بهار ٿي جو مينديءَ جو فنڪشن ڪيائين جنهن ۾ کيس نئين سر ميندي لاتي وڃي ۽ سڄي رات ڳيچ ڳاتا ويا ۽ کيس مبارڪون ڏنيون ويون. هئي به اڃان ٻٽيهه سالن جي جوان جماڻ ۽ ڇهن ٻارن جي ماءُ. پر مونکي ڏاڍو ڪنٽرول ۾ رکيائين. کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، سمهڻ، گهمڻ ڦرڻ، سڀ قاعدن قانونن موجب ٿيندو هو ۽ دوائون وقت تي کائبيون هيون. بهترين نرس ٿي پئي. وهنجاريندي به کٽ تي هئي سمهئي سمهئي. باٿ روم ۾ ويندو هئس ته اندران ڪڙو بند ڪرڻ جي منع هئي. باٿ روم جي ٻاهران ڪرسي وجهي ويهندي هئي ۽ دلجاءِ ڏيندي هئي ته اندر ڪوئي ڪو نه ايندو. وڏي ڳالهه ته ڀريا ٽي مهينا مونکي هٿ لائڻ به ڪو نه ڏنائين جو ڊاڪٽر منع ڪئي هئس. بهرحال ان کان پوءِ اسان کي ٽي ٻار ٻيا به ٿيا.
اهڙي فوجي ڊسيپلين، ضابطن هيٺ ماڻهو هوند جسماني توڙي ذهني طور مفلوج ٿي وڃي، پر مون ۾ نئين قوت پئدا ٿي وئي ته ڏهن سالن جي مهلت ۾ رٿابندي ڪري وٺجي، سو بدر ٻارهن تيرهن سالن جو ٻارڙو تنهنکي رڪشا هلائڻ سيکاريم. حيدرآباد جهڙو ننڍو شهر، چوپچؤ ٿي ته ”جج صاحب جو پٽ رڪشا ٿو هلائي!“ حلال جي روزيءَ ۾ ڪهڙو شرم، شاهده کي مٿي ۾ وڌم ته کيس ايم اي اڪانامڪس، اقتصاديات، ڪري بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻي پوندي. اهڙو ماحول ڏسي ٻيا ٻارڙا به اليڪٽريفاءِ يعني جذبي سان ڀرپور ٿي ويا. اطهر جو اڃا پتڪڙو هو تنهن ماءُ کي چيو ته ”ڪوهَر رڌي ڏي ته رستي تي ويهي وڪڻان!“ ماڻس کي اها ڳالهه نه وڻي پر منهنجي همٿائڻ تي ائين ڪيائين. اسڪول کان موٽي ڇولن جو ٿالهه گهر ٻاهران ويهي وڪڻندو هو ۽ اٺ آنا، ٻارهن آنا ڪمائي ايندو هو. ڏسو حلال روزيءَ جي تلاش سان ڪيڏا مثبت جذبا جنم وٺن ٿا ۽ ڪوڙ ۽ وڏائيءَ جا ڪافر ڪوٽ هڪ ڌڪ سان ڌڙام ڪري ٽٽي پون ٿا.
الحمد الله! هن وقت منهنجا چارئي پٽ معزز پيشي سان آهن پر رشوت ۽ تگڙم بازيءَ کان ڏور آهن. اهو هڪ ڪندي، منهنجي مهلڪ بيماريءَ ۾ قدرت جو رکيل هڪ وڏو انعام ۽ اسرار ئي چئبو. چوندا آهن، ”انهيءَ ۾ به ڪا ڀلائي.“ سو سورهن آنا سچ آهي، رڳو ماڻهنءَ جي اندرين اک کلي، شاهده مائي به ايم اي پاس ڪري بئنڪ ۾ امتحان ڏنو ۽ چونڊجي وئي پر ننڍي ئي سندس شادي ڪرائي وئي. منهنجي ڀينرن جي دَٻڙ دُس تي، ادي حميده جي پٽ لالا سڪندر سان جو اڄ ماشا الله ڪراچيءَ ۾ عزتدار بزنس مين آهي، سو نوڪري ڪا نه ڪيائين. ڪري ها ته اڄ وڏي بئنڪ آفيسر هجي ها ۽ اهڙو افسوس اڄ به ڪندي آهي؛ پر خوش آهي. الله کيس صالح اولاد، سمجهدار مڙس ۽ سٺي سوسائٽي ڏني آهي. لائنس ڪلب جي متحرڪ ميمبر آهي ۽ سندس اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري هوءَ مقبول ۽ معزز آهي.
منهنجي گهر واري هئي ته تمام همت واري خاتون ۽ پهاڙ جيان مضبوط ٿي مقابلو ڪرڻ واري پر ٻٽيهه سالن جي ننڍي عمر ۾ ايڏو حادثو ۽ منهنجي اوچتي موت جي خوف جي لٽڪندڙ تلوار جو بوجهه سهي نه سگهي. ڏک ڪانه ڏنائين نڪو شڪايت ڪيائين. پگهار جا پئسا کٽي ويندا هئا ته چپ چاپ ۾ بنا ٻڌائڻ جي هڪ سوني چوڙي ٻانهن مان لاهي وڪڻي ايندي هئي ۽ ڪنهن کي سمڪ ئي ڪا نه پوندي هئي ته گهر جو خرچ ڪيئن پيو هلي. جي ڪنهن ٻار کي خبر پئجي وئي ته کيس سختيءَ سان منع ڪندي هئي ته ”متان پيءُ کي ٻڌايو اٿوَ، اجايو پريشان ٿيندو!“ نيٺ دل جي تڪليف انجائنا ۽ ذيابيطس ۾ وٺجي وئي پر سالن جا سال ڪو نه سليائين، صبر سان برداشت ڪندي رهي ته متان مونکي ڪا پريشاني نه ٿئي. هونئن صحت ۽ هاٺي به سٺي هئس سو سڀڪو کيس خوش و خرم ۽ ٺيڪ ٺاڪ ۽ ننڍي نيٽي سمجهندو هو. هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾، مان کيس ۽ شاهده کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس ته ڊاڪٽر شاهده ڏانهن اشارو ڪندي کانئس پڇيو ته هي تنهنجي ڀيڻ آهي ته کلي چيائين ته، ”ڌيءُ!“ اسڪول جون ڇوڪريون به شاهده کي چونديون هيون ته ”تنهنجي ماءُ ڪيڏي نه سمارٽ ۽ خوبصورت آهي!“
هڪ ڏاڍو مزيدار واقعو ٿيو. 1971ع ۾ مان ڪراچيءَ ۾ جج هئس ۽ ناظم آباد نمبر چار ۾ رهندا هئاسون. هڪ ڏينهن ڪورٽ مان سوير ڀرو واندو ٿي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي مکيه روڊ تي لٿس. ٽئڪسي هڪ رپيو في ماڻهو، پنج ماڻهو کڻي، ناظم آباد جي وڏي روڊ تي لاهيندي هئي. کڻي جو ڏسان ته هڪ ڇوڪري ڪاري برقعي ۾، برقعي جو پلئه مٿي ٿيل هئس، پي وئي. هڪ نظر سندس چهري تي وڌم ۽ عادت موجب نظرون ڦيرائي ڇڏيم. دل ۾ چيم ”مار، مائي ڪيڏي نه سهڻي ۽ خوبرو آهي. الله خوش رکيس!“ ڏٺم ته منهنجا ٻارڙا بدر ۽ ٻيا ساڻس گڏ پيا وڃن. چيم هيءَ مائي منهنجا ٻار الائي ڪيڏانهن وٺيون پئي وڃي، سو وڃي کين روڪيم ته ڇو ۽ ڪيڏانهن پيا وڃو؟ اتي مائيءَ به منهن ورائي چيو ته، ”سائين توهان اچي ويا ڇا؟ پوءِ ٺهيو گهر ٿا هلون!“ ڏٺم ته هوءَ منهنجي گهر واري هئي. چيومانس ”ڀلي وڃي ٿي اچو!“ چيائين ”نڪتا هئاسون اڌ سير کن گوشت وٺڻ ٻوڙ لاءِ سو هاڻي بس. جيڪي گهر ۾ آهي ٺاهي ٿي وٺان!“ سگهڙ ته هئي جهٽ کوڙ شيون ٺاهي ورتائين ۽ مزي سان ماني کاڌيسون. پوءِ کيس ٻڌايم ته مون کيس ڌاري عورت سمجهيو هو ته ڏاڍو کلي. ڪيترا ڏينهن ان واقعي تي ورجائي کلياسون. مان ڪيڏو ستو جتو هئس ان جو ته کيس يقين هو ته به ههڙي سادگيءَ جو کيس وهم گمان ڪو نه هئو. مون بيماريءَ کي ۽ موت جي تلوار کي پاڻ تي سوار ٿيڻ نه ڏنو. ڀلا جنهن جا مهربان هجن سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر جهڙا مدبر، صابر ۽ شاڪر ۽ غلام النبي سومري جهڙا حقيقت پسند داناءَ، سو ڪيئن ٿو مايوسيءَ جي ڍنڍ ۾ ٻڏي سگهي. مٿان وري دوست مليم عبدالله ميمڻ، عبدالقادر ابڙي، غلام حيدر عباسي ۽ رسول بخش عباسي جهڙا زنده دل، شريف، صاف گو ۽ مزاحيه طبيعت ماڻهو، سو مون ته ڀرپور زندگي گذاري ۽ جيئڻ جو ڀرپور مزو ورتم، يارن سان ٺاشا ماشا ۾، وقت ڪٽيو عمر لٽي، بقول شيخ اياز، سڀ سانگ سجايو آ پيارا، هو ته شاعر آهي سو ڏاڍن پيارن لفظن ۾ چيائين ته:
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي
ائيـن وقـت ڪـٽيـو ائين عمر لٽي، سڀ سانگ سجايـو آ پيارا
ڪير پڄي اهڙي تصوير ۽ منظرڪشي سان، يار دوست اڪثر فرمائش ڪري مونکان شيخ اياز جا اهڙا شعر ٻڌندا هئا ۽ مان کين ٻڌائيندو هئس:
جي تون آئين رات، الا او رات، ته منهنجي رات امر ٿي ويندي.
واهه واهه پئجي ويندي هئي ۽ مونکي غالب جو اهو مقولو ياد پوندو هو ته جو ڪلام گهٽين ۾ ڪوٺن تي ۽ محفلن ۾ ڳايو وڃي سو ڪو نه مرندو. اياز جيئري ئي اهي رنگ ويٺو ڏسي. پر راڳ اهو جو شاعر جي روح جي راڙ کي پهچي. کيس مئڊم زرينا بلوچ جي ترتيب ڏنل موسيقي پسند ايندي آهي. مٺو ماڻهو آهي، شڪايت ڪو نه ڪندو آهي. ڏک ۽ ناراضپو به کلندي اظهار ڪندو آهي. هڪ ڏينهن مشڪندي چيائين جمال هي ته ڏس مون ڪهڙي صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ سرمد سنڌي (رحمان مغل) اهڙي ڌن ۾ پيو ڳائي جو ماڻهو پيا نچن ۽ تاڙيون وڄائن.
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙا،
ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.
هي ته روئڻ جو مقام آهي. انهيءَ ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ نچڻ جي ڪهڙي تڪ آهي. مون سندس ئي محاورو استعمال ڪيو ته اهي لابيءَ جا فنڪار آهن، پاڻ وڻائڻ به وڏو مرض آهي ۽ ان ۾ سڀ جو سڀ سڄي دنيا جا ماڻهو ورتل آهن. چيائين ”تون ته ڪو نه آهين!“ چيم ”ڇو ڪين، هر ڪو پاڻ کي تسينگ ۽ تيسمار خان ٿو سمجهي!“ کليو. چيم ”تنهنجا ويجهي ۾ ويجها ساٿي دوست پاڻ کي توکان وڏو شاعر ٿا سمجهن ۽ چون ٿا (اظهار ڪن ٿا). کيس سڀ خبر هئي پر چپ رهيو ۽ هٿ سان نه! نه! ڪيائين.
هڪ صاحب عالم، اديب، دانشور، صحافي، آفيسر، تقرير باز سڀ ڪجهه آهي، هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا سکر ۾ اياز وٽ محفل ڪرڻ ويندو هو. وهسڪي پي ماني کائي، ڊاڙ ٺڪاءَ هڻي ايندو هو. اياز جي شاعري جي عظمت جو انڪاري ته ٿي نٿي سگهيو. هڪ رات مان وٽس مهمان ٿي رهيس. واندڪائي ۽ نويڪلائيءَ ۾ ويٺا هئاسون ته تمام گنڀيرتا سان مونکي چيائين ته ”اياز کي ڏسي ڀانيان ٿو ته شاهه لطيف به وڏو فراڊ هوندو!“ هڪڙن ماڻهن جي عادت هوندي آهي هروڀرو ٽنگ هڻڻ. زهر سان ڀريل هوندو ته ضرور اوڪارو ايندو ۽ اوڳاڇيون به. مون اياز سان ڳالهه ڪانه ڪئي. هو پاڻ ئي تيز فهم، سمجهو ۽ ماٺار وارو آهي. هڪ ڏينهن پاڻ ئي ان ماڻهوءَ جو نالو وٺي چيائين ته ”فلاڻي کي گلا ڪرڻ کانسواءِ ننڊ نه ٿي اچي کاڌو هضم ٿو ٿئي.“ معنيٰ ته سندس فطرت ۾ اهو زهر ڀريل آهي. چيومانس ته ”تو وٽ ته ايندو ڪندو آهي!“ چيائين، ”ها، مان وٽ ايندو آهي، چانهه ٻانهه پي ويندو آهي!“ ايندو آهي ۽ چانهه ٻانهن پي ويندو آهي، معنيٰ سڀ ڪجهه معاف اٿس!
ٻئي به هڪ شاعر ۽ طارق اشرف جو ڏک ڪڍيائين پر گڏوگڏ اهو به چيائين ته ”مان وٽ نياڻين سان ايندا آهن ۽ ماني ٽڪي کائي ويندا آهن!“ معنيٰ ڀلا ماڻهو آهن ۽ مون تي مهربان آهن. اهڙو پيارو ماڻهو جو ڏک ڏيندڙن کي به پنهنجو سمجهي، ويٺو ساڻن قرب ونڊي.
اياز جڏهن وائس چانسلر هو ته حيدرآباد جا ٻه سنڌي ڊپٽي ڪمشنر ساڻس اصل نه ٺهيا بلڪ هر محفل ۾ سندس شڪايت، ٽوڪ ۽ طنز ڪندا هئا. چي ”غريب وڪيلڙو هئو، گهر ۾ مُوڙن تي ويهندا هئا، هاڻ جو بنگلا، گاڏيون، قالين ۽ نوڪر چاڪر ڏٺا اٿن سو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويا آهن.“ حقيقت اها هئي ته تن ڏينهين ڊپٽي ڪمشنر پاڻ کي بي تاج بادشاهه سمجهندا هئا ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو ڳيجهو ۽ ماتحت. مونسان هڪ ڊي سي صاحب پاڻ شڪايت ڪئي ته گورنر جي آمد تي سرڪاري طرح پروگرام ٺهندو آهي پر شيخ صاحب هروڀرو ٽنگ اڙائي، گورنر سان سڌو ڳالهائي مداخلت ڪري، ڦير گهير ڪرائي پاڻ موکيندو هو. مان يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو ميمبر هئس. رجسٽرار ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن کان معلومات ورتم. پتو پيو ته ڊي سي صاحبان پنهنجي پذيرائي خاطر گورنر صاحب کي حيدرآباد ڪئمپس جي وزٽ (پڙتال) تي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو پروگرام ٺاهي پيا ڇڏين. اياز کي پروفيسر وغيره اهڙو اطلاع پيا ڏين ته ظاهر آهي ته هو ناراض ٿي پيو وڃي. گورنر آهي چانسلر، سو ضرور وائس چانسلر سان مشورو ڪري پوءِ پروگرام ٺاهڻ کپي. اياز گورنر سان ڳالهائي، ڪلاڪ کن جو وقفو ڪرائي، انتظامات درست ڪرائي، گورنر کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ پهچي پيو وڃي ۽ ڊي سي صاحبان کي پوئتي ڌڪي پيو وڃي ۽ هر وقت گورنر سان گڏ پيو هلي ۽ ويهي ۽ معاملا سمجهائي. اها ڳالهه ڊي سي صاحبن کي اصل نٿي وڻي ته هو ٽئين نمبر پوزيشن ۾ اچي وڃين.
اهو ڀٽي صاحب جو دؤر هو ۽ هو صاحب بيوروڪريسي يعني ڪامورا شاهي جي حق ۾ هو ۽ ان کي طاقتور رکيائين، ايتري قدر جو عبدالقادر ابڙو جو ان وقت، جيڪب آباد جو ڊي سي هو تنهن مون سان پاڻ ڳالهه ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه، خاتون اول، جيڪب آباد آئي ته جيڪب آباد ضلعي جون معزز خواتين اچي وٽس ڳاهٽ ٿيون، بيگم صاحبه شهر جو، رائونڊ لڳائي حالتون بذات خود، نظر مان ڪڍڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته ڪيتريون معزز خواتين اڳرائي ڪري ساڻس گڏ گاڏيءَ ۾ ويهي رهيون. بيگم صاحبه سڀني خواتين کي لهي وڃڻ جو چيو ۽ اظهار ڪيائين ته هوءَ صرف ڊي سي صاحب جي بيگم کي پاڻ سان گڏ ويهاريندي، اهڙو اطلاع ڊي سي صاحب کي ڏٺو ويو ۽ سندس بيگم تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي بيگم صاحبه وٽ پهتي ۽ بيگم صاحبه کيس پاڻ سان گڏ هڪ سيٽ تي ويهاري شهر جا مختلف هنڌ ڏٺا، ٻيون معزز خواتين پنهنجين پنهنجين گاڏين ۾ قافلي جي صورت۾ سندن گاڏيءَ پٺيان هليون. اهو هئو شانائتو طريقو ڊي سي صاحب ۽ سندس بيگم کي عزت ڏيڻ جو.
هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ڊي سي صاحب ضلعي جي هر محڪمي، آفيسر ۽ هر معزز ماڻهوءَ کي پنهنجو ماتحت ۽ رعيت ڪري سمجهندا هئا، اهو هڪ نظام هو. ڊي سي صاحب هر کاتي تي نظر رکندو هو. پوءِ ڀلي انجنيئري کاتو هجي، صحت کاتو، تعليم کاتو يا پوليس کاتو. ائين هو هر ضلعي جو محتسب هئو. پوءِ صوبائي محتسب اعليٰ جي ضرورت ئي ڪا نه هئي جو ماڻهو وتن ڪراچيءَ جا ڌڪا کائيندا، لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽيءَ جو نگران به ڊي سي صاحب هئو. اهڙي طرح در تي گهر ويٺي داد فرياد ٿئي ته باقي ڇا کپي! ڏاڍو چڱو نظام پئي هليو. اڄ جو گهڻن صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه پيا ڪن سا غير ضروري، بيڪار اٽي تي چٽي آهي. منهنجي ته اها صلاح آهي ته ڪمشنر جو عهدو به ختم ڪيو وڃي ۽ هر ڊي سيءَ کي ڊپٽي گورنر بڻائي مڪمل انتظامي اختيار ڏنا وڃن. پوءِ ڏسو ته ڪهڙو ۽ ڪيڏو سماجي ۽ انتظامي ڦيرو اچي ٿو وڃي. اسيمبلي ميمبر صاحبن کي حڪومتي معاملن کان پري رکيو وڃي ۽ کين مداخلت ڪرڻ نه ڏجي. ڀلي مهيني ۾ هڪڙو دفعو ڊپٽي گورنر صاحب کين سڏائي ميٽنگ ۾ ويهاري صلاح مصلحت ڪري بس. هو جوابده رڳو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ڏانهن هجي. مٿس نگران رڳو عدليه هوندي، ٻيو ڪو به نه.
عوامي حڪومت جو اهو قطعي مطلب ناهي ته هر عوامي نمائندو، چور هجي يا دهشتگرد يا ڀوڪ بصر، حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ ٽنگ اڙائي، ائين انتظاميه، عدليه ۽ پارليامينٽ پنهنجي پنهنجي دائري جي اندر رهي، سچائي، خلوص ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجا پنهنجا فرض نباهن ته هي ملڪ هوند سرڳ ٿي پوي ۽ جمهوريت جون به پاڙون پختيون ٿين. ٻي صورت ۾ خبر ناهي، الائي ڪڏهن ۽ الائي ڪهڙو ڌماڪو ٿئي جو سڄو ٽڪساٽ، پتن جي ماڙيءَ جيان اچي ڌڙام ڪري. پوءِ اي اکين وارا غيرت وٺو. شال مال، جانيون ۽ عزتون سلامت رهن، جي ڪجهه نه ڪجهه، ڪوڏي ڪسيرو ئي سهي هر غريب غربي وٽ موجود آهن. انهن نعمتن کان الله رب العالمين ڪنهن کي به وانجهيو نه رکيو آهي، هر ماڻهو رڳو پنهنجي عزت، جان ۽ مال (ٻني ۽ وني به ان ۾ اچي وڃي ٿي) جي صحيح حفاظت ڪرڻ سکي ۽ ڪري ته هوند هي معاشرو سڌري، سکيو ستابو ٿي پوي. باقي جيڪڏهن صبوح کان شام تائين هوٽلن تي چانهيون پيئبيون يا مڪانن تي چرس جا دڳاڙا هڻبا يا ڀنگ جا ڪونڊا خالي ڪبا ته پوءِ پٺيان ڀينگ نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
ڳالهه پي ڪيم شيخ اياز صاحب جي عزت النفس جي ۽ سندس تيز فهميءَ جي جيڪا سنڌي ڊي سي صاحب کي نٿي آئڙي، باقي جڏهن ضياءَ جو مارشل لا لڳو ۽ ملڪ فوج جي حوالي ٿي ويو تڏهن عبدالله ميمڻ صاحب جو ان وقت ڪمشنر هئو تنهن شڪايت ڪئي ته اياز صاحب يونيورسٽيءَ جي معاملن تي فوجي آفيسرن توڙي پوليس عملدارن جي مخالفت نه ڪندو هو ۽ سندن ها ۾ ها ملائيندو هو. عبدالله مميڻ صاحب اهڙو ماڻهو آهي جو سندس ڳالهه ۾ ضرور وزن هوندو. مون اياز سان ڳالهه ڪئي، هن مڃيو ته عبدالله صاحب صحيح ٿو چوي، پر کلندي کلندي چيائين ته عبدالله صاحب ڪمشنر آهي کيس جيل ۾ ته ڪو نه وجهن ها، ايوب جو جيل به مون ڪاٽيو وري ضياءَ جو جيل به مان ڪاٽيان؟ نوڪريءَ کي به انهي ڪري چنبڙي پيو آهيان ته متان ٻاهر نڪرڻ سان بي دريافتو جيل ۾ نه هڻي ڇڏين. هو ڪيتري قدر صحيح هو. اهو فيصلو مون ته ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٻڌايم به ۽ صلاح ڏني مانس ته هاءِ ڪورٽ جي جج جي نوڪري مليس ته وٺي ڇڏي. جنرل ضياءَ صاحب نهايت چتر ۽ چالاڪ هو. کيس هائو! هائو! ڪندو آيو پر جج ڪو نه ڪيائينس. موٽي وڃي شان سان سکر ۾ وڪالت ڪيائين ۽ ٻڏي جا ٻيڻا ٿي پيس.
مون ڳالهه پي ڪئي 1965ع واري لڙائيءَ جي ،جڏهن شيخ صاحب پنهنجو مشهور نظم ”آهه متو سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام“ لکيو ۽ مون کيس صلاح ڏني ته سنگرام بجاءِ ڪهرام لکي ۽ نارائڻ شيام بجاءِ لتا منگيشڪر يا ٻيو ڪو فنڪار لکي ته شيخ صاحب وراڻيو ته ”ڇا مان به انقلابي بجاءِ لابيءَ جو شاعر ٿي وڃان؟“ اهو هو ارڏو شيخ اياز جو اڄ به اهڙو ئي ارڏو پهاڙ ٿيو ويٺو آهي ۽ مٿس تنقيد جي بوڇاڙ پئي پوي پر هو لهوارو نٿو وهي ۽ اڪيلو پيو وهي اوڀار. اهڙو ٻيو ارڏو ليکڪ مونکي مئڊم نورالهديٰ شاهه ۾ نظر اچي ٿو يا مئڊم خيرالنساءِ جعفري ۾ جن کي ٿڦيڙن جي يا ڪنهن ٻي طاقت جي ڪا پرواهه ناهي. باقي ٻيا ته ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۾ ۽ داد وٺڻ جا مجنون آهن. اياز انهن مان آهي. جيڪي اول اول سر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ ڪڏي اڳتي وڌن ٿا. جيڪو ماڻهو اهڙي بيباڪ نموني سان ڀالا کڻي رڻ ۾ لهي پيو، ان کي اڄ سندس مداح ڳالهائڻ جي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هو جيڪي سچ سمجهندو سو چوندو ۽ کيس ڪو به ۽ ڪا به ڳالهه روڪي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته هو خود موڙ ڏيڻ وارو ماڻهو آهي، مڙڻ وارو ناهي. سندس نيتن تي شڪ ڪرڻ وارا خود بدنيت آهن.
هو هن وقت حيرت جي مٿاهين مقام تي آهي ۽ هن سچ جي ڪجهه جهلڪ، روحانيت، اسراريت ۽ الوهيت ۾ ڏسي ورتي آهي. هاڻِ ڪُهي وجهوس، هو ڪو نه مڙندو، منصور ثاني ٿي ڏيکاريندو. بدطِينت ۽ بدنيت ماڻهو (اڄوڪا دانشور) چون ته اياز جو انهيءَ ۾ به ڪو مطلب ۽ مقصد هوندو. شايد جماعت اسلامي يا طالبان يا ايران مان ڪجهه دنيوي دڳل حاصل ڪرڻ ٿو گهري. مون اڳ به عرض ڪيو آهي ته هر ماڻهو پنهنجي دل وٽان ڳالهه ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ خوشامدي ۽ جي حضوري ۾ گذاريو اٿن، تنهن ڪري اياز سان به اها ئي ڳالهه منسوب ڪن ٿا. محترمه بينظير صاحبه وزيراعظم ٿي ته هن شيخ صاحب کي ملاقات لاءِ گهرايو. مونکي گهرائي ها ته مان به وڃان ها. هر ڪو وڃي ها. پر شيخ صاحب ويو ته سندس سڄڻن باهوڙ لائي ڏني ته ڪو عهدو وٺڻ ويو آهي. ٻيو طبقو جيڪو خوشامدي يا جي حضوري نه به هجي، پر خوشامد پرست، داد پرست ۽ شهرت پرست ضرور آهي، اهڙا ماڻهو مسهو هوندا آهن.

9

ڄام صادق علي مشهور سخي مرد هو. هر ڪنهن کي اڻ گهوريو پيو ڏيندو هو. چيف منسٽر ٿيو ته شيخ صاحب کي ملڻ لاءِ چيائين پر شيخ صاحب ڪو نه ويو. ڄام صادق علي پاڻ وٽس پرنس ڪامپليڪس ۾ ملڻ ويو. شيخ صاحب جي ناساز صحت ڏسي ڄام صاحب اتي جو اتي سندس علاج لاءِ ڏهه لک رپيا منظور ڪيا. اهڙو آرڊر لکت ۾ به شيخ صاحب کي پهتو. پر پئسا نڪو مليا نه وري شيخ صاحب ان لاءِ هٿ پير هنيا. شابس هجي، جناب عبدالحميد آخوند صاحب کي جنهن وس آهر گهڻي ڪوشش ڪئي پر وزير خزانا هئو لياقت علي خان جتوئي جنهن چيو ته ”خزانو خالي آهي ته پئسا ڪٿان ڏبا؟“
ٻيو اهڙو مست ملنگ، کرو ۽ سچو ماڻهو مون ڏٺو، سوڀو گيانچنداڻي. ڇا به ڪيو، هو نه وڪامندو، نڪي مڙندو. منهنجي ڪا ساڻس گهڻي ڏيٺ ويٺ ڪانه هئي. ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته هڪ ٻه دفعو ادبي ميٽنگن ۾ ڏٺو هئم. تمام مخصوص ميٽنگ ٿيندي هئي. پنج ست ماڻهو، سوڀو، ڪيرت، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، شيخ ستار ميرپور خاص وارو ۽ شيخ اياز. ترقي پسند اديب سڏبا هئا. مان نڪي لکندو هئس، نڪي منجهائن هئس. مهرباني ڪري مونکي گهرائيندا هئا. يا ته ڪنهن سفارش ڪئي هوندي يا ته مون ۾ ڪو وکر ڏٺو هوندائون. هئس ته نمازي ۽ خاڪي پوش خاڪسار. اهو ڌنڌلو خاڪو سوڀي جو ياد اٿم. وري ڪا ملاقات ڪا نه ٿي، سوڀو وڃي جيل ۾ پيو ۽ مان اچي لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿيس. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي ٿي ويم جو هو به لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿي آيو ۽ ادا شمس وٽ جونيئر ٿي ڪم ڪيائين.
اهو سڀ تاج محمد جو ڪرشمو هئو جو مان کاٻي ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽي ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس، مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستي جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. ان ۾ مهاجرن مان مرحومه صمد رضوي صاحب ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪجهه ڪتاب به عطيو ڪيائين. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. حقيقت ۾ اها سياڻپ يا چالاڪي هئي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ۽ تاج محمد ان ۾ سؤ فيصد ملوث هئو. اصل مطلب هو ته ڇاپو لڳي يا وٺ پڪڙ ۽ گرفتاري ٿئي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر بچي وڃن ۽ مٿن ڪو ڏوهه نه پوي. مون به اها اٽڪلبازي سمجهي ٿي ۽ تاج محمد به ڄاتو ٿي ته جمال سمجهي ويو آهي. پر ڇاڪاڻ ته اسان جي دوستي پختي هئي ان ڪري نه ڪو بغض رهيو نه غلط فهمي. سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو قيام به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي.
پارٽي ميٽنگن جي بحث مباحثي ۾ مان به ڀرپور حصو وٺندو هئس. هر ميٽنگ جي شروعات ائين ٿيندي هئي ته اڳين ميٽنگ ۾ اسان هي هي فيصلا ڪيا ۽ ان ۾ هي هي غلطيون هيون ۽ هي جي نقصان ٿيا. اها هڪ سٺي روايت هئي پر مونکان سَٺو نه ٿيو ۽ چئي ڏيندو هئس ته ”ڪامريڊ پوءِ هر ڀيري غلطيون ڇو ٿا ڪيو؟ هر حڪومت جي مخالفت ڪري جڏهن ان کي ڪيرايون ٿا يا پاڻمرادو ڪري ٿي پوي ته وري نئين حڪومت خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي، مخالفت تي سندرو ٻڌي ٿا بيهون. انهيءَ ۾ ڪهڙي تڪ آهي يا دانشمندي آهي؟“ منهنجي اهڙي تکي تنقيد تي سڀن جون نظرون مون ۾ کپي وينديون هيون ۽ پڇندا هئا ته ”ڪامريڊ توهان جو ڇا خيال آهي، ڇا ڪيون؟ ڇا هر ايندڙ حڪومت جي آجيان ڪيون؟“ مان پنهنجي لائين ڏيندو هئس ته ”اسين پنهنجو ٽارگيٽ مطالبن جو تعين ڪيون ۽ جڏهن نئين حڪومت اچي ته پنهنجي حيثيت مڃارائي، پارٽيءَ لاءِ يا پارٽي ورڪرن لاءِ فائدا وٺون ۽ آهستي آهستي قدم ڄمائيندا وڌندا هلون!“ منهنجي سوچ کي ’بورزوا سوچ‘ جو ٺپو هڻي رد ڪري ڇڏنيدا هئا. بلڪ ائين به چئي ڏنائون ته منهنجي سوچ بيوروڪريٽ سوچ آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪامورن سان اٿڻي ويهڻي هئي.
پارٽيءَ ۾ ڪير ڪڇي! خاص خاص ڪامريڊ اڳواٽ پاڻ ۾ گڏجي، فيصلا ڪري ايندا هئا. پارٽي ميٽنگ ۾ اهو ئي ٿيندو هو جيڪي اڳواٽ رٿيل هوندو هو. چوڻي آهي ته ’اڻت اها ئي ٿيندي جيڪا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي‘ بس ’ڪوريءَ‘ جو اکر ڪڍي، ڪميونسٽ وجهي ڇڏيو ته به اها چوڻي سورهن آنا سچي بيهندي. هڪ ڪندي انهيءَ ۾ ڪا خرابي به ڪانهي. چار چڱا دماغ ويهي سوچي سمجهي فيصلا ڪري اچن ۽ پوءِ ان تي پيرکوڙي بيهي رهن ته گهڻا مونجهارا ۽ انتشار دٻجي ٿا وڃن. اهڙو ڊسپلين رکبو هو. پر نيٺ به ته انسان آهي ۽ هر ڪو پنهنجي سوچ رکي ٿو سو ڪي آزاد خيال ڪامريڊ، ڊسيپلين جي دٻاءُ هيٺ ماٺ نه رهندا هئا پر ٻاهر نڪري خاص دوستن يا ڪنهن دوست سان ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي وجهندا هئا ته، ”ڪامريڊ هي ته سڌو سنئون سوچ تي پهرا آهن.“ محاورو استعمال ڪندا هئا، ريجيمينٽيشن آف ٿاٽ (regimentation of thought) بس وڌيڪ ڪو نه ڪڇبو هو.
هڪڙو تاج محمد ابڙو هو جنهن سان مان کُلي ڳالهائي سگهندو هئس. چوندو هئوسانس ته ”تنهنجا هي ڪامريڊ الائي ڪهڙي خيالي جنت ۾ ٿا رهن ۽ ڏاڍيون خوش فهميون اٿن.“ ٿوري ٿوري ڳالهه تي چوندا، بس سرخ سويرو دستڪ پيو ڏئي اجهو آيو ڪي آيو. چين هندوستان تي حملو ڪيو ته کڳيون هڻڻ لڳا ته اجهو سرخ انقلاب پهچي ويو. مون ته تاج محمد کي چئي ڏنو ته ”اڄ ڪميونزم کي هندستان ۾ هميشھ لاءِ گهٽو ڏئي ماريو ويو.“ تاج محمد ڪجهه ششدر ٿي ويو ۽ محتاط انداز ۾ چيائين ته ”پارٽيءَ ۾ اها ڳالهه ڪر!“ وري روس جهڙي سپر ديو هيڪل طاقت افغانستان تي حملو ڪيو ته سڀ ڪامريڊ يڪراءِ ٿي ويا ته ”اجهو افغانستان توڙي پاڪستان سرخ ٿي ويندا!“ اڙي ڀائي، اکيون ٻوٽي ڪيئن ٿا ائين چئو. اها ڳالهه ته مارڪسي فلسفي جي به خلاف آهي ته ڌرتي ڌڻين جي رضا خوشي ۽ شرڪت کانسواءِ ڪو انقلاب اچي سگهي ٿو. انقلاب حقيقت ۾ ڌرتيءَ مان ئي اڀري ٿو جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين جي منظم سگهه ۽ رضاڪاراڻه شرڪت لازمي آهي. تاج محمد مونسان شامل راءِ هو ته به چيائين ته ”پارٽي قيادت جي فيصلي هيٺ اهڙو ائڊوينچر (مهم جوئي) ڪرڻ غلط ناهي ۽ صحيح نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا!!1“ ڇا چئجي؟ سوچ تابع آهي چاهنا جي.
مهم جوئي سان يا ٻين آزاد ملڪن کي زوريءَ ڪميونسٽ جهنڊي هيٺ آڻڻ، خود مارڪسي نظريي جي خلاف آهي. لينن انهيءَ خيال جو هو، پر اسٽالن فوج ڪشي ڪري ازبيڪ، تاجڪ، ڪرگهيز توڙي ترڪمانستان وارن کي زوريءَ سوويت رياستون بنائي ڇڏيو. چوندا آهن ته زور اڳيان زاري آهي، سو انهن قومن ۽ ملڪن جا ماڻهو خاموش ته رهيا پر قوميت ۽ مذهب جا جذبا اهڙا ته قومي ۽ طاقتور آهن جو، مون اکئين ڏٺو ته انهن ماڻهن ۾ اڌما هئا ۽ نفرت جو ٻج به هئو.
ڳالهه نڪتي آهي ته اکين ڏٺو احوال به ڪندو هلجي. 1974ع ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت هئي. رشيا ۾ چوٿين آفريڪا ايشيا ادبي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. ڪانفرنس ۾ پاڪستاني نمائندا موڪلڻا هئا. سنڌ مان صرف منهنجو نالو هو. پنجاب مان ڪشور ناهيد ۽ افضل رنڌاوا. ان جٿي جو ليڊر هئو فيض احمد فيض. هي پهريون دفعو هو جو هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ هڪ نج سنڌيءَ کي نمائندو چونڊيو ويو هو. نه ته اڳي عالي، جعلي، جالبي، موهاني، حسرتي ۽ وحشي چونڊيا ويندا هئا. اهو ڪرشمو هئو ڀٽي صاحب جو، جنهن هر شعبي ۾ هڪ مخصوص طبقي جي هڪ هٽي ٽوڙي هئي. پوءِ ظاهر آهي ته اهي مخصوص طبقا سندس جاني دشمن ٿي بيٺا. واپاري، ڪارخانيدار، وڏيرا، ڪامورا، فوجي، سياسي ليڊر، مذهبي طبقا، شهري مفاد پرست، ادبي ٺيڪيدار ۽ ٻيا سڀ.
مان هميشھ دوستن، اديبن، ۽ نوجوانن کي چوندو آهيان ته هر ڳالهه جو بنياد آهي سياسي بالادستي. سياسي بالادستي سان اڻ ٿيڻا معجزه ٿي ويندا آهن. ان کانسواءِ ذلالت ۽ پستي پلئه پوندي آهي. توهان پاڻ ڏٺو ته ڀٽي صاحب جي پاور جو سرچشمو پنجاب هو، تڏهن به ڇاڪاڻ ته هو سنڌي هئو ان ڪري هڪدم اڻ ٿيڻا معجزه ٿيڻ شروع ٿي ويا. بغير ڪنهن ڪوشش جي، مهاجرن چوڻ شروع ڪيو ته هو نوان سنڌي آهن. هنن پاڻ به ۽ سندن ٻارن سنڌي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جي ايماندارانه ڪوشش ڪئي. هو اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ لڳا. وڏ گهراڻيون عورتون سوسيءَ جا ڪپڙا پائڻ لڳيون. وڏا وڏا عهدا سنڌين کي ملڻ لڳا. گورنر هڪ ٻئي پٺيان سنڌي ٿيا، جو اڳ ۾ نه ٿيندو هو. سنڌين ۾ هڪ قسم جو احساس برتري اچي ويو.اهو ڪنهن قوم جي جاڳڻ جو وڏو اهڃاڻ آهي.
پر جيئن مون مٿي چيو آهي ته سڀ مفاد پرست طبقا، جن پاڻ کي تورسين ٿي سمجهيو، سي سندرو ٻڌي ڀٽي صاحب ۽ سندس پارٽيءَ پٺيان پئجي ويا. جن بنان شرڪت غيري چاڳ پي ڪيا، پاڻ کي عوام جو بي تاج بادشاهه ٿي سمجهيو ۽ پاڻ کي اشرافيه طبقي جو مراعات يافته فرد پي سمجهيو ۽ عوام جو ڄئورن وانگر رت پئي چوسيو، تن جو ڪُت خلق کي طاقت جو سرچشمو ٿيندو ڏٺو، ته سندن وايون ولڙيون ٿي ويون. انهن هر حربو ۽ هٿيار استعمال ڪري ڀٽي صاحب خلاف کڏون کوٽڻ شروع ڪيون. ٻيا ته ٺهيو خود سائين جي ايم سيد جهڙي پخته مشق سياستدان به ڀٽو دشمنيءَ ۾ جنرل ضياءَ جهڙي ڍيڍ ڊڪٽيٽر کي شريف النفس انسان جو خطاب عطا فرمايو. اهڙين عوام دشمن قوتن گڏجي سڏجي، سلهاڙجي اهڙو هنگامو مچايو جو ڏاڙهيل ملا، شراب خور ڪامورا ۽ بکايل سياستدان ڀاڪر پائي ڀائر ٿي ويا ۽ هڪ چونڊيل وزيراعظم کي قيد ڪرائي، ڦاهيءَ چاڙهائي، مارشل لا جي پنجوڙ جي آجيان ڪري عهدا وٺي ويٺا. اڄ هر ڪو پاڪستاني ڄاڻي ٿو ۽ مڃي ٿو ته اهو سڄو ڪرشمو آمريڪا بهادر جو ۽ سندس ڊالرن جو هئو جو کلم کلا وڳوڙين ۾ تقسيم ڪيو ويو.
ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ به سندس ٻاويهن سالن جي نياڻي بينظير صاحبه ۽ بيگم نصرت صاحبه ۽ سندن عوامي ساٿ کان فوجي جرنيل توڙي سياستدان ايڏو ڊنل هئا جو اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار نه هئا. بلوچ ۽ پٺاڻ سياستدان ۽ سردار، جيڪي پاڻ کي تيسمار سمجهندا هئا ۽ سڏائيندا هئا تن به انهن ٻن محترمائن جي ڪاميابيءَ جي خوف کان، جنرل ضياءَ کي منٿون ڪيون ته اليڪشن نه ڪراءِ. جنرل ضياءَ پنهنجي سر انهن جي پت وائکي ڪئي ۽ هو خاموش رهيا. پير علي محمد شاهه راشدي جو ضياءَ جو به ساٿاري رهيو ۽ صلاحڪار هئو تنهن ايم جي اڪبر، هندوستاني صحافيءَ سان گهڻيون سچيون ڪيون.
جڏهن ايم جي اڪبر پنهنجو ڪتاب ڇپيو ته راشدي صاحب کي ڪجهه اڻتڻ هئي ۽ مونکان پڇيائين ته اهو ڪتاب جيڪڏهن مون وٽ آهي ته کيس ڏيان. يقين ڏياريائين ته هو هڪ ڏينهن ۾ پڙهي مونکي واپس ڪندو. مون کيس ڪتاب ڏنو. راشدي صاحب گارڊن وارو گهر وڪڻي ڊفينس ۾ نئون گهر ورتو. بيگم ممتاز راشدي صاحبه چيو ته گهر بدلائڻ ۾ ڪتاب گڏجي سڏجي ڊانوان ڊول ٿي ويا آهن ٿائينڪا ڪري، مونکي واپس ڪندي، پر ڪتاب واپس ڪو نه ٿيو. مان اڳ به لکي چڪو آهيان ته ڪتاب هيڪر ويو ته ڇٽو. سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب نه ڏيندا هئا.
راشدي صاحب جي ڳالهه هيئن نڪتي جو ٻڌڻ ۾ آيو ته جنرل ضياءُ ساڻس صلاح ڪئي ته هي جو ٻه مٿي جو سور، ڀٽو ليڊيز آهن انهن مان ڪيئن جند ڇڏائجي؟ راشدي صاحب چيو ته تمام سؤلو معاملو آهي، صرف ٻه گوليون خرچ ٿينديون. هن ڳالهه جي ڪا سند ناهي ان ڪري معافي ٿو وٺان سڀني واسطيدارن کان. مون سان به هڪ وڏي ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي جا ڪوڙي به ٿي سگهي ٿي. مون ان صاحب کان پڇيو ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه مانع آهي، چيائين ته جنرل صاحب به قابل آهي، ٻيا سياستدان جڏهن ڪوئن جيان پنهنجي ٻرن مان نڪري بي تڪي بيان بازي يا جمهوريت جي گهنڊڻي وڄائڻ شروع ڪن ٿا ته جنرل صاحب به انهن ٻن ڀٽو ليڊيز کي اڳيان آڻي ٿو ۽ ڪوئا سڀ ڊوڙي ٻرن ۾ لڪي وڃن ٿا ۽ جنرل صاحب وري ٺهي ٺڪي بالم ٿي ويهي رهي ٿو. اهي ٻيئي ڳالهيون يعني 1ـ ڀٽو خواتين کي مارائڻ جون سازشون ۽ 2ـ جنرل صاحب جي کين زندهه رکڻ جي مجبوري، مون محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي خبردار ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون. اهو نياپو مون سرفراز اسراڻ کي ڏنو جنهنکي محترمه بينظير صاحبه پنهنجو ننڍو ڀاءُ سڏيندي هئي ۽ هو منهنجو ڀاڻيجو آهي.
ڀٽو ليڊيز کي مارائڻ جا اٺسٺا ڪا هوائي ڳالهه ناهي. هي ته دستاويزي ڳالهيون آهن ۽ علي لاعلان اخبارن ۾ ڇپيون آهن. پير صاحب پاڳارو جو نهايت ذهين ۽ اندروني ڳجهن جو ڄاڻو آهي تنهن صاف چيو ته ”ڀٽو خاندان مان اڃان هڪ فرد جي قرباني ڏيڻي پوندي.“ وري ڇهين آگسٽ 1996ع تي اخبارن ۾ ميان نواز شريف بيان ڏنو ته ”بينظير حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهو مارائڻا پوندا.“ ههڙا صاف ۽ چٽا بيان. ڪيڏي نه پٺڀرائي ۽ رٿابنديءَ سان ڏنا ويا هوندا. بس ڏيڍ مهينو به ڪو نه گذريو ته 20 سيپٽمبر 1996ع تي دينا داستي بنا سبب جي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي گهري سازش هيٺ پوليس فورس هٿان شهيد ڪرايو ويو. رٿابندي وري اهڙي پڪي ٿيل هئي جو ملڪ جي پرائيم منسٽر کي پنهنجي زخمي ڀاءُ وٽ وڃڻ کان روڪيو ويو ۽ مڊايسٽ اسپتال وٽ ئي سندس خلاف نعره بازي ڪرائي وئي ۽ کيس ڀاءُ جو قاتل سڏيو ويو. حالانڪ مير صاحب اڃا زنده هو. رات وچ ۾ محترمه غنويٰ ڀٽو کي پاڪستاني نئشنل بڻايو ويو ۽ کيس پارٽيءَ جو ليڊر ڪيو ويو ۽ عدت دوران کيس اليڪشن لڙڻ تي آماده ڪيو ويو. پير صاحب پاڳاري پاڻ مڃيو ته اليڪشن ۾ ڀٽو مخالفت لاءِ کيس پئسا ڏنا ويا. جنرل اسلم بيگ به مڃيو ته ان ڪم لاءِ کيس ڏهه ڪروڙ رپيا ڏنا ويا جي هن متعلقه ماڻهن ۾ ورهايا. دبئي مان لياقت جتوئي جي فون نوين بجي آئي ته مير مرتضيٰ قتل ٿي ويو. (حالانڪ هو ان وقت اڃا جيئرو هو) بينظير به وئي پئي آ. مان موٽي ٿو اچان ۽ انشاءَ الله چيف منسٽر ٿيندس، ڏسو ڪيڏي اڳواٽ رٿابندي ٿي پئي هئي.
مير مرتضيٰ کي مارائڻ لاءِ نهايت چالاڪيءَ سان ڊراما رچايا ويا. پهرين چيو ويو ته ڪراچي جيمخانا وٽ بم ڦاٽو آهي. وري سنڌ سيڪريٽريٽ پٺ واري ڪمپائونڊ وال وٽ بم ڦاٽو. اهي ٻيئي واقعا شهه سرخين سان اخبارن ۾ ڇپيا ويا. اخبارن ۾ به ڪمال منافقيءَ سان بنان ڇنڊڇاڻ جي اهڙن واقعن جي تشهير ڪئي. مزو اهو جو انهن ٻنهي واقعن ۾ نقصان ڪجهه به نه ٿيو. مان پاڻ ڏٺو ته ٻنهي جايون تي هڪ بلاڪ واريون سنهيون ڀتيون هيون پر ڀتين کي به ڪو نقصان ڪو نه پهتو هو. رڳو ڪاراڻ جا نشان هئا.ڄڻ ته دونهي دکائي ڀتيون ڪاري ڪري پوءِ ڦٽاڪا ڇوڙيا ويا هئا. ائين ڊراما ڪرڻ کان پوءِ مير مرتضيٰ جا خاص ڪارڪن گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌا ويا ته جيئن هو چڙي ۽ اٻهرا قدم کڻي. نوجوان رت، ڀٽو خاندان جو فرد ۽ ايم پي اي، سو ڇو ڪين ٿاڻن تي ويندو پنهنجن ڪارڪنن سان ملڻ؟ عام ماڻهو ئي وڃن ٿا. ايم ڪيو ايم جون مايون ئي ٿاڻن جو گهيراءُ ڪري پنهنجن ماڻهن کي زوريءَ ڇڏائي ٿيون وڃن. اتي پوليس جي بيعزتي ڪانه ٿي ٿيئي باقي مير مرتضيٰ خلاف پروپئگنڊا ڪئي وئي ته پوليس آفيسرن جي بيعزتي ٿو ڪري.
اهڙو هائُو پيدا ڪيو ويو ڄڻ ته وڏو ڪو امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻو آهي. جنهن لاءِ مير مرتضيٰ کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نه بچيو هو. ائين مير مرتضيٰ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪيا ويا. مير مرتضيٰ به گرفتاريءَ جي پرواهه ته ڪئي ڪا نه سو لاپرواهه ٿي ويو. بلڪ پاڻ چيائين ته جڏهن به چون مان گرفتاريءَ لاءِ تيار آهيان. پر اصل وڏن صاحبن جي من ۾ ته ٻي ڳالهه هئي. نه ته گرفتار ڪرڻ لاءِ ته ٻه ٽي سپاهي ۽ هڪڙو آفيسر ڪافي هئا. هت ته بڪتر بند گاڏيون ۽ فوجي طريقن جي رٿابندي ڪئي وئي ۽ تربيت يافته نشاني باز ڪنڊائتي اوٽ وٺي، اهڙي طرح تيار بيهاريا ويا ڄڻ ته ڪنهن فوجي چوُنڪي تي دست بسته حملو ڪري، مئي مارائي کانسواءِ واپس موٽڻو نه هئو. اهڙي اڳواٽ رٿابندي ڇو، ڇالاءِ ۽ ڪنهن جي حڪم تي ڪئي وئي. جواب ظاهر پيا آهن، پر چئبو ڪين.
بعد ۾ جيڪي ڪجهه چيو ويو ۽ ڪيو ويو، اهو ئي ان ڳالهه جو تمام وڏو ثبوت آهي ته هٿ وٺي مير مرتضي کي ماريو ويو ته جيئن بينظير صاحبه جي مخالف قوتن کي يڪجاءِ ڪري، کيس ڪڍي، سندس جاءِ تي لاهوري نواز شريف کي آندو وڃي.
ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪن وڏن ماڻهن جي هڪ محفل ۾ مان به هئس. اتي هڪ نگران وزير ۽ پوليس جو ايس پي صاحب به موجود هئا. مون. جيئن منهنجي طبيعت آهي، ڳالهه جي ڳاٽي کان جهلي، سوال ڪيو ته چيو وڃي ٿو ته آصف علي زرداري نهايت ذهين ۽ سمجهو ماڻهو آهي. واقعي ائين آهي يا هو بلڪ کريل ٻار ۽ ٻُڌو آهي. سڀني ائين ئي چيو. جيئن منهنجي منشا هئي، ته ”هو تمام ذهين ۽ سمجهدار آهي!“ سڀني کان اها قبولداري وٺي پوءِ مون گولي هلائي ته ”پوءِ جڏهن هر ڪو گهٽيءَ ۾ گهمندڙ ماڻهو، هاري، مزدور، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل اهو سمجهي پيو ته مير مرتضيٰ جو قتل ٿيڻ معنيٰ بينظير صاحبه جي حڪومت وڃڻ ته پوءِ آصف جهڙو ذهين ماڻهو اها ڳالهه ڇو ڪين سمجهي سگهيو جو هٿ وٺي پنهنجي حڪومت جا ترا ڪڍيائين ۽ پاڻ توڙي پنهنجي سموري ڪٽنب کي آزار ۾ وڌائين؟“
مون ڏٺو ته منهنجي ڇوڙيل گولي نشاني تي پوري لڳي جو سڀ چپ رهي مون ڏي نهارڻ لڳا. ائين کين بي هٿيار ڪري، مون ٻيو وار ڪيو. چيو ته ”صاف ظاهر آهي ته آصف خلاف اهو الزام ته هُن ڪانسپرسي ڪري (منصوبه بندي ڪري) مير مرتضيٰ کي قتل ڪرايو آهي، بلڪل جڙتو ۽ سرڪاري رٿابندي جو حصو آهي.“ اتي هڪ وڏي صاحب ڳالهايو. چيائين ”جمال صاحب توهان ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهو. واقعي کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ خلقن آصف ۽ درانيءَ (ايس پي) کي لاڳيتو ٻه ڪلاڪ کليل جيپ ۾ گهمندو ڏٺو آهي.“ دل ۾ چيم ته هي به ظاهر ظهور سرڪاري رٿابندي جو حصو پر طبيعت موجب الٽو سوال ڪيم ته ”هت پوليس آفيسر اڳوڻو هوم سيڪريٽري، جج صاحب ۽ وڪيل ويٺا آهن، ڪو به چوي ته ڇا منصوبو ڪندڙ ائين خلق وچ ۾ کلم کلا گهمندا آهن، هو ته اشارن ۾ توڙي ٽيليفون تي به ڪو نه ڳالهائيندا آهن.“ سڀ چپ. البت وزير صاحب چيو ته ”ڇڏيو سياسي ڳالهين کي، ڌوڙ وجهون“ مون به کڻي ماٺ ڪئي.
مير مرتضيٰ صاحب جڏهن پاڪستان آيو پئي تڏهن ئي بينظير صاحبه کيس منع ڪئي هئي ۽ چيو هو ته جن جي هشيءَ تي تون اچين پيو سي ئي توکي مارائيندا. هڪ کي سندس ئي زال هٿان زهر ڏياري مارايو ويوـ ٻئي جي زال رات وچ ۾ ليڊر بڻجي، اليڪشن ۾ بيهي وزيراعظم ٿيڻ جا خواب لهڻ لڳي. اسان جي سياست جا داءُ پيچ، ڪوريئڙي جي ڄار ۽ نانگ جي ڏر جهڙا آهن، رڳو آهن کپر، وڇون ۽ راسپوٽين (روس جي راڻي اليگزينڊر يا جو شودو دوست).
مير مرتضيٰ جي قتل ٿيڻ سان، سنڌ سان جيڪي ويل وهايا ويا تن جي مون ويٺي لسٽ (وچور) ٺاهي ته ڪي ملڻ وارا اچي ويا. منهنجي سوچ جي تند ٽٽي وئي. هيڪر سوچ جي تند ٽٽي ٿي ته وري آنٽ تي نٿي چڙهي، بقول شيخ اياز، لفظن جي لڙهي ائين آهي جيئن سمنڊ ۾ بيٺي ڪا رنگين مڇي هٿ ۾ اچي ترڪي وڃي. پوءِ ان جو ٻيهر ملڻ محال آهي.
1. سنڌ جو هڪ اڀرندڙ نوجوان جوشيلو ليڊر قتل ڪيو ويو.
2. سنڌي وزيراعظم کي صدارتي حڪم ذريعي برطرف ڪيو ويو.
3. نگران وزيرن ۾ سنڌ جو ڪو به سياستدان شامل نه ڪيو ويو.
4. صدارتي حڪم ذريعي فوجي سربراهن کي ڪئبينيٽ ميٽنگن ۾ شامل ٿيڻ جو حق ڏنو ويو. ائين فوج کي سياست ۾ ملوث ڪرڻ، ڄڻڪ سول مارشل لا لڳايو ويو.
5. اليڪشن جي ڳڻپ ۾ اهڙي چالبازي ڪئي وئي جو پنجاب مان پ پ جو هڪ به ماڻهو قومي اسيمبليءَ ۾ نه چونڊيو. بظاهر اها ڳالهه ناممڪن ٿي لڳي.
6. مرڪزي وزيرن ۾ هڪ به سنڌي نه کنيو ويو. مهينن کان پوءِ مس ڪري، ٻاٿون کارائي، سائين غوث علي شاهه کي وزير ڪيو ويو.
7. حڪومت ٺهڻ سان اعلان ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي ڪا کوٽ ڪانه آهي. پ پ حڪومت خواهه مخواهه زرمبادله زيان ڪري ٻاويهه لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي آ. مٿان وري سنڌ حڪومت جي مرضي خلاف مرڪزي وزير زراعت اچي سنڌ مان ڪڻڪ خريد ڪري پنجاب موڪلڻ لڳي. چيائين ته ڪڻڪ جي بدلي ڪڻڪ موٽائي ڏينداسون. اها ڪڻڪ ته ڪا نه موٽايائون بلڪ جيڪا ٻاويهه لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران آندي سا به سڌو پنجاب موڪليائون. سنڌ ۾ حال اهو ٿيو جو اٽو وڃي يارنهن روپيه سير (ڪلو) لڳو.
8. مهانگائي اهڙي چوٽ چڙهي وئي جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. بدر مونکي چيو ته، ”بابا اسانکان جيڪو ڪم وڻين اهو وٺن. اسان سارو ڏينهن ڳهي به اهو ڪم مفت ۾ پورو ڪري ڏينداسون، رڳو اسانجو بورچيخانو هلائين،“ ڪيڏي نه پيڙا هئي بدر جي ان گفتي ۾.
مون وٽ مالهي هوندو هو منور بهاولپوري. ٻه سؤ رپيا مهينو وٺندو هو ۽ ٽن چئن بنگلن ۾ ڪم ڪندو هو. هڪ ڏينهن هٻڪندي مونکي چيائين ته صاحب پگهار وڌائي ڏيو پورت نٿي پوي. مون کيس سختيءَ سان جواب ڏنو ته پورت اسانجي به نٿي پوي. کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. رڳو منور ڇا، ڪنهن نوڪر، مزور، پورهيت يا غريب کي اها ڳالهه اصل سمجهه ۾ نٿي اچي ته هي بنگلي ۾ رهندڙ، اڇا ڪپڙا پهريندڙ، ڪار ۾ چڙهندڙ، ڪيئن غريب هوندا. منور ته اهڙي ڳالهه ڪا نه ڪئي پر اهڙي ڳالهه ڪيائين جو اڄ تائين ڏکوئيندي اٿم. چيائين ته، ”صاحب! سڄي ڏينهن ۾ اٺ ڏهه ڀاتين لاءِ هڪ هنڊي ته چڙهندي نه؟ ڀلي گيهه نه وجهوس، رڳو دال چانور وجهوس ته هڪ هنڊي (يعني هڪ ويلو) ٻه سؤ رپين کان وڌي ٿو وڃي. پوءِ پيءُ ماءُ کي بکيو رکان، زال ٻارن کي بکيو رکان يا پاڻ بکيو رهان!“ ان وقت سندس آواز ڀرجي آيو ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس. مون حاتم طائي جي سخا کي مات ڏئي سندس پگهار ۾ پنجاهه الائي سؤ رپين جو واڌارو ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڇوڪراٽ سندس جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ آيو. منور جو پڇيومانس ته چيائين ”بيمار آهي بنگلا (ڪم لاءِ) مونکي ڏنا اٿائين. چونس ٿا ته اسپتال داخل ٿي پر پئسا ڪو نه اٿس.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان سيکڙاٽ کي مون ڪڍي ڇڏيو جو گلن ۽ ٻوٽن جي ڄاڻ ڪا نه هئس. منور جي جاچ ڪرايم ته پتو پيو ته سندن جهوپڙي خالي پئي هئي. کيس بهاولپور سندس ڳوٺ کڻائي ويا هئا جو اهڙي آخري خواهش ظاهر ڪئي هئائين. پتو پيو ته کيس هاءِ بلڊ پريشر (خون جو زياده دٻاءُ) هو ۽ ٻيئي گڙدا خراب ٿي ويا هئس ۽ دوا لاءِ پئسا ڪو نه هئس. سندس ڇا حشر ٿيو؟ پتو نه پيو، پر اسين سڀ گهر ڀاتي کيس ساريندا آهيون، ڪم سان پيار هئس، گلن ٻوٽن سان پيار هئس.
ڪراچي ڊفينس جي علائقي ۾ پاڻيءَ جي ٻاڙائي (کوٽ) سو، اسانجو بنگالي بورچي سعيد بابا، منور سان اٽڪي پيو ته باغيچي کي پاڻي نه ڏي! سندس نلڪو بند ڪري ڇڏيائين ته سندس هٿ ۾ جا پلاسٽڪ جي پائيپ هئي تنهن مان پاڻي اچڻ بند ٿي ويو. پاڻيءَ بنان، خالي پائيپ هٿ ۾ جهليون بيٺو هو ته مان ٻاهر نڪتس. مان اڪثر ساڻس گلن ٻوٽن بابت ڪچهري ڪندو هئس. مونکي ڏسي دانهن ڏنائين ته ”صاحب هي ويچارا کائين ته ڪجهه ڪو نه ٿا رڳو پاڻي ٿا پيئن، اهو به نه ڏيون؟“ هو ڏکارو ٿي ويو، مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته ڪير به توکي جهلي، تون ضرور هنن کي پاڻي ڏي. پوءِ منهنجا پٽ به جهليندا هئس ته انهن کي جواب ڏيندو هو ته ”ابڙي صاحب ني اجازت دي دي هي.“ کانئس پوءِ گل ٻوٽا به ويڳاڻا ٿي پيا ۽ ويا مرجهائيندا. سؤ کن ڪونڊيون هيون.
منهنجي مرحومه گهرواريءَ کي به انهن سان ڏاڍو پيار هئو. پاڻ ويهي ڪونڊين کي رنگ هڻندي ۽ چٽسالي ڪندي هئي. اها به 1991ع ۾ الله کي پياري ٿي وئي ته باغ ئي سڪي ويو ۽ ڪونڊين ۾ خالي مٽي ڀري پئي آهي. ابو ظهبيءَ مان سندس ڀاڻج آفتاب شاهه فون ڪئي ته رات خواب ۾ آئي هئم ۽ شڪايت پئي ڪري ته ”منهنجو باغ سڪائي ڇڏيو اٿن!“ سو ور ور پڇي پيو ته واقعي ائين آهي ڇا؟ هيءَ ٻي حيرت انگيز ڳالهه! ابو ظهبي ۾ ويٺل هڪ شخص کي اهڙي دانهن ملي ٿي ۽ هو اڻتڻ مان، فون جو خرچ برداشت ڪري پڇي ٿو بلڪ دانهن (فرياد) اسان تائين پهچائي ٿو.
چڱو جو منور مالهيءَ جي ڳالهه نڪتي ۽ سياسي چڪر جي ڄاري مان نڪتاسون، توهان پاڻ پنهنجي سر ويهي واقعات ۽ نتائج جي لسٽ (وچور) ٺاهيو. حقيقت ۾ پنهنجي نجي سوچ سان وڌيڪ ڄاڻ ملي ٿي ۽ نيون نيون حقيقتون القا ٿين ٿيون. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’اپڻي گهوٽ ته نشا هووئي.‘ القا معنيٰ لقاءَ ٿيڻ، جو تمام عام فهم سنڌي لفظ آهي جو چوندا آهن ته ’لقاءَ لڳو پيو آهي،‘ انهيءَ ڪري ٻارن کي واڌو سيکارڻ ٽيوشن ڏيڻ آهي، سندن نجي ذهني اوسر کي ٻنجو ڏيڻ. تعليمي ماهر ائين چون ٿا ته اسانجي پيءُ ڪنهن ٻار کي ٽيوشن ڏياري، نه مون.
منهنجي ننڍي پٽ ساجد کي مان ۽ ماڻس پاڻ سان اسلام آباد وٺي وياسون. ٽن چئن مهينن کان پوءِ موٽي کيس سينٽ پئٽرڪ اسڪول موڪليم ته سندس استاد ڪاوڙجي پيا ته پڙهڻ ۾ پوئتي پئجي ويو آ. وڃي فادر لوبو سان مليس، ان به ائين چيو ته پاس ڪو نه ٿيندو. مون چيو ”ٽيوشن ڏياريندو سانس!“ ته ويتر ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته ”متان ائين ڪيو اٿئي، اڳيون نور به هليو ويندس!“ ڀلا ماڻهو ڌارئي ذهن سان ڪيئن سوچيندو؟ پوءِ مون چيو ته ”ٻار ذهين آهي، توهان ڪلاس ماستر کان پڇي وٺو.“ ٽيچر لفظ بهتر آهي جو ان ۾ ماستر توڙي ماسترياڻي اچي وڃن ٿا. ٽيچر آئي نه ان به تائيد ڪئي ته ڇوڪرو ذهين آهي محنت ڪندو ته پاس ٿي ويندو. ٿيو به ائين. ساجد نيٺ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ايس. ڊي ايم ٿي ويو. انهيءَ ۾ا صل جادو هئو ٻار تي نفسياتي اثر ۽ اعتماد جو ته استاد کيس ذهين سمجهي ٿو. ٻار کي ڪڏهن به نه چئجي ته تون موڳو آهين يا نڪمو آهين. ائين چوڻ سان هو واقعي ائين ٿي پوندو.
ماڻهن کي ڇڏي ڏجي ته پنهنجو برو ڀلو پاڻ سوچين، البت ماڻهن کي مسئلن ۽ ممڪن واٽن بابت ضرور ٻڌائي دڳ لائبو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪبو. فيبروري 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي تي جڏهن مون ۽ ٻين شاگردن قائداعظم سان ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ڪري سنڌ جي ماڻهن جي جذبات ۽ عام راءِ بابت ڳالهايو ته هڪدم اسانجي ڳالهه کي ڪٽي چيائين، ”ڇا ٿيندي آ راءِ عامه؟ راءِ عامه کي ته موڙبو آهي ٺاهبو آهي!“ هو ان ميدان جو تمام وڏو ۽ ذهين کيڏاري هو. بلڪل سچ چيائين. عوام کي دڳ لائڻو پوندو. سياسي ميدان جا سڀ گر سکڻا پوندا. مونجهارن جو ڄارو صاف ڪري، واٽ ڪڍبي، پوءِ هر ڪو آسانيءَ سان منزل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃيِ خيما کوڙيندو، ويڙهاند، گڏيل، منظم ۽ نقشي (اڳواٽ رٿابندي) مطابق هوندي ته فتح ۽ ڪامراني پاڻهئي اچي پير چمندي. باقي هڪ هڪ ٿي ڪنڌ اڏيءَ تي رکي ڪپائبو ته نه هوند نه شڪر، سڄو رت رائيگان ۽ سڄو پورهيو پاڻي ٿي ويندو.
ڏسو ته ڪيڏو ڪارو ڪارونڀار ۽ اوندهه انڌڪار آهي، سڀئي سربراهه هڪ صوبي جا، فوج به سندن ته حڪومت به سندن. وڻين ته اناج کڻي ڏڪار پيدا ڪن، وڻين ته پوکون سڪائين، وڻين ته اوڳاڙي جا سڀ پئسا پاڻ کڻن، وڻين ته سنڌ جي رستن ۽ ترقياتي منصوبن جا پئسا پنهنجن رستن ۽ منصوبن تي خرچ ڪن، وڻين ته حصو پتي ڪرڻ بجاءِ هڙ پاڻ ڳڙڪائي وڃن ۽ جي ڪڇون يا ڪڻُڪون ته موچڙا هڻي ماٺ ڪرائين. هيءُ سڀ ڪجهه اسان سان ٿئي پيو. رنجيت سنگهه جا غلام آهيون نه؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌين ۽ بلوچن مير صاحبن جي اڳواڻيءَ ۾ رنجيت سنگهه کي ٽوٽا چٻائي، سبزل ڪوٽ کان ئي پوئتي موٽائي ڇڏيو هو. تاريخ پاڻ کي ورجائيندي آهي، رڳو وقت سر اک پٽجي. ”لتر سان پڄي چڪر.“ سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
معاف ڪجو، هيءَ آهي ڪٿا! ماڻهو ڪٿان جو ڪٿان وڃي ٿو نڪري. چيم پي ته اياز اڻموٽ آهي. گلا ۽ گارين کان مٿي آهي، بينياز آهي. هو ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر ڪو نه ٿو لکي. اهڙيون ڳالهيون ڪندي سوڀو ور چڙهي ويم جو هڪ ٻيو ديو آهي، جنهن کي حالتون لوڏي يا ڌوڏي نه ٿيون سگهن. پوءِ ڳالهه نڪتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميٽنگن جي جتي فيصلا ٿيندا هئا رڳو ٽڪراءَ جا ۽ ان لائين سان مونکي ڪجهه اختلاف هئو .جڏهن ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو. وزير خارجه ٿيو ته مونکي موقعو مليو. ڀٽي صاحب ۽ سندس وڏي ڀاءُ مرحوم سڪندر علي بابت مان اڳيئي ڪجهه لکي چڪو آهيان. تاج محمد ابڙو، ڀٽي صاحب کي ڪافي ويجهو هئو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ”ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي سوڀي کي جيل مان آزاد ڪرائجي؟“ تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو جيل مان نڪري گهر آيو ۽ پاڻ کي ڳوٺ تائين محدود رکيائين.
ڀٽي صاحب بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري ڏيکاريو، پر پارٽي وارا ٻاهر ڪو نه نڪتا. سو تاج محمد کي چيائين ته ”هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري!“ تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو سو مونسان صلاح ڪيائين. مون چيو بظاهر ته ”اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي باقي فيصلو سوڀو ڪندو.“ تاج محمد چيو ته ”هل مونسان ٻنڊيءَ ته سوڀي سان ملي اچون!“ مون چيو ”هل!“ بگيءَ ۾ چڙهي لاڙڪاڻي کان ٻنڊيءَ پهتاسون. سوڀو قرب سان مليو. مون لاءِ سوڀي سان اها پهرين قريبي ملاقات هئي. مان نوڪريءَ ۾ هئس ۽ ڪڏهن به ڪنهن وڏي پارٽي ليڊر سان منهنجي نجي ملاقات ٿيل ڪا نه هئي. سواءِ جمال الدين بخاري، سلام بخاري ۽ اعزاز نذير جي، جيڪي ڏاڍا مخلص داناءَ ۽ پارٽي سان سچا هئا. امام علي نازش سان ته ڪيئي ملاقاتون پارٽي ميٽنگن ۾ ٿيون هيون پر اهو هنن جي ڀيٽ ۾ ڄاڻ ٻالڪو هئو.
سوڀي سڄو ڏينهن رهائي ڇڏيو ۽ منجهند جي ماني به کارايائين. تاج محمد مونکي پيو ٺوٺيون هڻي ته ڳالهه ڪڍ! پاڻ ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر هئو. ان ڪري پارٽي نظام جي پابندي ۾ جڪڙيل هئو. نيٺ مون ڳالهه ڪڍندي چيو ته ”مان سياست مان ڪو نه ڄاڻان پر ڀانئجي ٿو ته سٺو موقعو آهي، هٿان نه ڇڏجي!“ سوڀي تاج محمد ڏي نهاريو ته ان به تائيد ڪئي. سوڀو ڇاڪاڻ ته عملي سياست ۾ رهيو هئو. جدوجهد به ڪئي هئائين ۽ تجربيڪار به هئو سو فيصلي جي قوت ۽ صاف ذهن سندس ٻڌا ٻانها هئا. ٺهه پهه جواب ڏنائين ته ”واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين تڏهن کين واڙي ۽ جيل ۾ وجهي ڇڏين!“
سياست ۾، اڳتي هلي نڪرندڙ نتيجن جو خيال رکڻ، هڪ ڏاهي سياستدان جو اولين فرض آهي. اسين ٻئي ماٺ ٿي وياسون، پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ ۽ سيکڙاٽ هئاسين. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي ٽپهري جو بگيءَ، چڙهي واپس لاڙڪاڻي آياسون. ڏينهن تاريخ ۽ سن مونکي ياد ڪونهي باقي سوڀي کي ضرور ياد هوندو. سندس ياداشت غضب جي آهي ڳالهائيندو ته سڄي اڌ صدي جي تاريخ، واقعات ۽ شخصيات سميت، ٻڌائي وڃي پار پوندو، جهڙو ڪمپيوٽر. باقي سوڀي جي اها ڳالهه ته کيس چين جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو. ان ۾ مان شامل نه هئس. منهنجي پرپٺ تاج محمد ابڙي ڳالهه ڪئي هوندي. مان ته اڳواٽ ئي چين جي هندوستان تي حملي کي نندي چڪو هئس.
اها مون تي ڪا خاص مهرباني آهي جو هڪوار ملاقات ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو مون تي مهربان ٿي وڃن ٿا. ڀلي سياستدان هجي، ليڊر هجي، مذهبي عالم هجي، ڪامورو هجي، چور هجي، ڌاڙيل هجي، سردار هجي، وڏيرو هجي يا عام ڪمي ڪاسبي. مهربان به اهڙا جو ماڻهو مونکي پنهنجو ويجهو دوست يا عزيز سمجهڻ لڳندا آهن، حالانڪ اسان ۾ ڪا به مشترڪ هڪجهڙائپ ڪا نه هوندي آهي. چوندا ته پليجو تنهنجو دوست آهي. سوڀو تنهنجو دوست آهي. ڄام صادق علي تنهنجو دوست آهي. شيخ اياز تنهنجو دوست آهي. رباني تنهنجودوست آهي. وغيره وغيره. مان چوندو آهيان ته ”ڀائو سندن مهرباني جو مونتي مهربان آهن. هو وڏا ماڻهو آهن، مان سندن عزت ڪندو آهيان. دوست اهي جن سان حجت ڪري سگهجي، مون ڪڏهن ڪنهن سان حجت نه ڪئي آهي. تابعداري ڪئي آهي. حاضر حاضر چيو آهي ته ۽ وت آهر، حدن اندر، مڃوتي به ڪئي آهي.“ ٻڌو ٻانهو ڪنهنجو ڪو نه رهيو آهيان. ٽوپي لاهڻ ڪنهن کي ڪو نه ڏني اٿم، سو انهيءَ هڪ ملاقات ۾ سوڀو به مون تي اهڙو مهربان ٿي ويو جو وقت بوقت وٽس وڃان ته پاڻ اچي در کولي اندر ويهاري ڪلاڪ ٻه رهاڻيون ڪري. هت ڪراچيءَ اچي ته به فون ڪري مونسان ملڻ اچي. مان به ساڻس مريدن وانگر پيش اچان.

10

سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر، مرڪز جو وزير دفاع هو. مونسان ايڏو مهربان جو سندس رهائشگاهه تي وڃان ته به اطلاع ملڻ سان پاڻ دروازي تائين هلي اچي دروازو کولي ۽ وٺي وڃي. اندر خاص ڪمري ۾ ويهاري جتي الائي ڪهڙا ڪهڙا وڏا ماڻهو ويٺا هجن، مان معمولي ماڻهو پر سڀني جون نظرون مونڏانهن کڄي وڃن ته هي الائي ڪهڙي رپ اچي نڪتي. ڪيترا ماڻهو مون وٽ ڪم کڻي ايندا هئا ته مير صاحب تنهنجو دوست آهي، هي ڪم ڪرائي ڏي! مان چوندو هئس ته ”بابا خدا پناهه ڏئي، ڪٿي مان ڪٿي مير صاحب جي دوستي. مان سندن سلامي آهيان ۽ هو مهربان آهي. اهڙڻ وڏن ماڻهن وٽ ڪم کڻي ڪيئن وڃبو. اهو ئي ڪافي آهي جو عزت ڏين ٿا.“ ڪڏهن ڪم جو نه چيو. وڃبو هو. ويهي چڱيون چڱيون ڳالهيون ٻڌي، ذهن کي تازو ڪري، موڪلائي اچبو هو. مير صاحبن جهڙي وضعداري ۽ شانائتي روش، مون ڪنهن وٽ ڪا نه ڏٺي، ڄام صادق علي به وڏو وضعدار ۽ شانائتو ماڻهو هو پر تڏهن به سندس محفل ۾ ڪي گفتا اهڙا استعمال ڪيا ويندا هئا جن جو مير صاحب جي محفل ۾ تصور به نٿو ڪري سگهجي. مير صاحب ڪنهنکي ايترو به ڪو نه چوندو هو ته تو واري ڳالهه غلط آهي يا ڪوڙ آهي. صرف تعجب سان چوندو، ”سرڪار، واقعي ائين آهي؟“ ته اڳئين جي منهن جو پنو لهي ويندو. ۽ سمجهي ويندو ته مير صاحب سندس ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو ۽ ماٺ ٿي ويندو.
مير صاحب تي لکڻ ويهو ته ڪتاب لکجي ويندا، مون وٽ نه اهڙا لفظ آهن نه وقت. وقت جي ڳالهه ان ڪري پيو ڪيان جو منهنجي حياتي هينئر لڙي ٽپهري تي اچي بيٺي آهي. چوندا آهن ته لهندڙ سج ويرم ئي ڪا نه ڪندو آهي. اکئين ويٺو ڏسان ته حياتي وٿين مان وهندي پئي وڃي. مير صاحب سڀ السلام عليڪم بجاءِ چوندا، ”سرڪار، بسم الله، حياتيءَ جو خير.“ بسم الله چوڻ، ڪنهن کي ويلڪم يعني ڀليڪار ڪرڻ جو ڪهڙو نه پيارو انداز آهي، گڏوگڏ حياتيءَ جو خير، وڃي ٿيا سڀ خير! موڪلائڻ جو انداز به نهايت نرالو ۽ پيارو.
اسلام آباد ڪنهن خانگي ڪم سان ويس. ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهيس ۽ سرڪار مير علي احمد خان، ڊفينس منسٽر کي سندس جي ايڇ ڪيو واري آفس فون ڪيم. هڪدم پڇيائين، ”سرڪار ڪٿي آهيو، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن.“ جواب ٻڌڻ سان پاڻمرادو ميار ڏنائين ته ”پوءِ ملاقات به ڪانه ٿي“ ٻيا منسٽر صاحب اهڙا جو ملاقات جو عرض ڪيو ته به آنا ڪاني ڪندا ته وقت ڪونهي، مير صاحب کي ڪهڙو جواب ڏيان، ڏوهاريءَ جيئن چيم، ”سرڪار اسين بيڪار ماڻهو، معافي ملي!“ مير صاحب ايڏو تيز فهم جو ’بيڪار‘ لفظ ٻڌي هڪدم چيائين ته ”سرڪار، ڪار اچيو پئي هليا اچو!“ مان تڪڙو تيار مس ٿيس ته هوٽل جو بئيرو ڀڄندو آيو ته ”توهان لاءِ جهنڊي واري گاڏي آئي آهي!“ گاڏيءَ وٽ آيس ته ڊرائيور در کولي سلام ڪيو ۽ سڌو ملٽري هيڊ ڪوارٽر ڏانهن روانو ٿيو. گيٽ اندر وڃي گاڏي هڪ هنڌ بيهاريائين.
مان لهي ورانڊي ۾ آيس ته ڪرنل يوسف، جو سرحدي پٺاڻ آهي ۽ منهنجو اڳ ئي واقف هئو جو هت ڪراچيءَ ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر جڏهن گورنر سنڌ هئو ته سندس اي ڊي سي هئو، تنهن اچي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سڌو مير صاحب جي ڪمري ۾ وٺي ويو. مير صاحب سڌو اٿي بيهي رهيو ۽ گرمجوشي ۽ پنهنجي مخصوص خنده پيشاني سان ڀاڪر پائي مليو ۽ خوش خير عافيت ڪيائين. مون هتي ٻن خاص ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ سڌو اٿي بيهڻ ٻيو کلمک ٿي ملڻ. اهي ٻه خوبيون مون ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ ۾ ڏٺيون ته صرف جسٽس فيروز غلام علي نانا ۾. ان جي ملڻي به اهڙي هئي جو ٿڪ ئي لهي ويندا هئا. ٻيا آفيسر ياوزير ڪيترا به ڄاڻ سڃاڻ وارا هجن ته ويٺي ئي ملندا ۽ اٿندا ته اڌ اٿي ويهي رهندا ۽ سندن پيشانيءَ جا گهنج چٽي چغلي هڻندا ته هو خفي ٿيو ويٺو آهي.
مير صاحب جي مرڪ اهڙي ته سحر انگيز (مُنڊي ڇڏڻ واري) هئي جو بلڪل پنهنجائپ وارو ماحول (وايو منڊل) پيدا ٿي ويندو هو ۽ اٿڻ تي دل ئي نه ٿيندي هئي. بهرحال مون سندس اعليٰ منصب ۽ مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي پنج منٽ ويهي موڪلايو ته پاڻ، وجيهه شڪيل قدآور شاندار شخصيت جو مالڪ، نه رڳو اٿي بيٺو بلڪه ڪار تائين ڇڏڻ آيو. موڪلائڻ لاءِ هٿ وڌايم ته ٻئي هٿ کڻي مٿي کنيائين، يعني هٿ نه ملايائين ۽ چيائين، ”سدائين گڏ، سرڪار، سدائين گڏ!“ ملڻي: ”حياتيءَ جو خير!“ يا ”وڏي ڄمار!“ ۽ موڪلاڻي: ” سدائين، گڏ!“ ڪهڙو نه پيارو ۽ عجب جهڙو انداز آهي. شيخ اياز سان مير صاحبن جي اهڙن طور طريقن جو ذڪر ڪيم ته هڪدم چيائين ته ”مونکي به وٺي هل پر بنان ٻڌائڻ جي. ڏسجي ته اوپري ماڻهوءَ سان به مير صاحب اهڙي طرح هلن ٿا يا نه“ پر اهڙو موقعو ڪڏهن ڪو نه آيو.
شيخ اياز جو ذڪر ڪندي مير علي احمد خان ۽ سوڀي گيانچنداڻي جو ذڪر اچي ويو. ڪميونزم جو ذڪر به آيو. ان باري ۾ سوڀي جا لفظ ته سرٽيفڪيٽ آهن، ڪه نه؟ انهيءَ جي سند، باقاعدي تحريري موجود آهي ته ”اياز نه ڪڏهن ڪميونسٽ هئو، نه آهي،“ پوءِ به اسانجا اديب سڳورا اياز کي لوئيندا اچن ته هو پنهنجن ئي مقرر ڪيل معيارن کان هٽي ويو. ڳالهه اصل ۾ ڇاهي ته اسانجي اهڙن دانشورن علم جي ڏاڪڻ جو ڏاڪو ڏاڪو ڪري چڙهڻ جو اڻانگو رستو چڙهڻ بجاءِ، هڪدم دانشور سڏائڻ خاطر، ٽپ ڏئي کڏ تي چڙهي کڻي ڍنڍورو ڏنو ته هو سوشلسٽ، ڪميونسٽ، ماده پرست ۽ مذهب جي خلاف آهن تنهن ڪري هو دانشور، ترقي پسند، ڏاها ۽ انقلابي آهن. ائين پاڻمرادو پنهنجي خودساخته هڪ هٽي جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي، تيسمار خان ٿي پيا، سواءِ رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جوئي، نورالدين سرڪي سوڀي ۽ ٻين وڏن نالن جي، جيڪي واقعي نور نچوئي، ڍڳ ڪتابن جا پڙهي، عملي اؤکاين مان گذري پچي ڪوڪ ٿي نڪتا. باقي جيڪي کڏ تي چڙهي کِجڪو مچائي بيٺا هئا، ۽ اياز کي ٿنڀو بڻائي ان جي ٽيڪ تي شهپر وٽيندا رهيا، تن جو اهو ٿنڀو کسڪندو ڏٺو ته پنهنجو احتساب ڪرڻ بجاءِ اياز تي الزامن جي بوڇاڙ ڪري ڏنائون.
الائي ڪهڙو ڪلچر پيدا ٿيو آهي جو پاڻ مان چوڪون ڪڍڻ بجاءِ ٻين مان چوڪون ٿا ڪڍن. ماڻهو پاڻ گند جو ڍير ۽ وتي ٻين جي لفظ لفظ ۽ قدم قدم مان اوڻايون ڳولهيندو ۽ ٽوڪبازي ڪندو، پاڻ تي آڱر به نه سهي ۽ ٻني لاءِ گٿا لفظ اوڳاڇڻ ۾ ذرو به نه هٻڪي. پاڻ کي افلاطون سمجهي ۽ ٻين کي نه رڳو ڀوڪ بصر پر منافق ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سمجهي، هيءَ عجيب صورتحال آهي جو سچ چوڻ، ٽڪر ٽاڪڻ برابر آهي، ڪجي سو ڪجي ڇا؟ امير خسرو ٿو ياد اچيم جنهن چيو ته:
خلق مي گويد ڪه خسرو بت پرستي مي ڪند،
آري آري، مي ڪنم، باخلق عالم ڪار نيست.
(خلق ٿي چوي ته خسرو بت پرستي ٿو ڪري، هائو! هائو! ڪيان ٿو، مونکي خلق جي (جڳ جي) پرواهه ڪانهي). اياز هاڻي انهيءَ منزل کان به ٽپي اڳڀرو ٿي ويو آهي. پر ماڻهو ته ڪُور چشم ٿي پيا آهن، يعني ديد وڃائي ويٺا آهن پنهنجي براين ۽ جهالت جي خبر ئي ڪا نه ٿي پوين. انهن تي ظفر شاهه جو شعر بلڪل ٺهي ٿو اچي ته:
نه ٿي حال ڪي جب همين اپني خبر، رهي ديکتي اورون ڪي عيب و هنر،
پـڙي اپـني برائـيون پر جـو نظر تـو نـگـاهه مـيـن ڪـوئـي بـرا نه رهـا.
ڪيڏي نه ڀلوڙ ڳالهه ڪري ويو آهي. اها پاڻ سان لڳائي پنهنجو جائزو وٺو ته اسان مان هر ڪو وڳنڌ آهي جو کيئڻ لاءِ کڙيون کڻي ۽ اک ٽيٽ ڪري ته پهرين ڇاتي مارو ڪيان، هنڌ تي يا مانيءَ تي.
منهنجا به افعال ڏسو. مان پاڻ ڪهڙو سقراط آهيان جو پاڻ کي پاڻ پڇ ٻڌي مهري ڪيو اٿم. مان لاڏو آهيان، مهري ڪو نه آهيان. ڪنهن مونکي حق ڏنو آهي جو ويٺو آهيان ٻين مان ڪيڙا ڪڍڻ؟ نه اٿم سند، نه ڊگري نه ملي اٿم ڪا اعزازي ڊاڪٽوريٽ، پوءِ ڪيئن ٿو ڊاڪٽرن ۽ ڊگري جي مالڪن تي فتوائون صادر ڪيان. سو ڳالهه صاف ڪندو هلان ته مان رڳو آهيان ’ڊفينس ڪائونسل‘ يعني بچاءَ جو وڪيل، اياز کي ته بچاءَ جي وڪيل جي نه ضرورت آهي، نه هن مونکي وڪالت نامو ڏنو آهي. بس منهنجي دل کي جهٻي اچي ٿي. جڏهن سهي نٿو سگهان، تڏهن ٻاڦ پاڻمرادو پنهنجي نجي زور تي ڦاٽ کائي نڪري اچي ٿي. توهان ڏٺو هوندو ته ڪو ماڻهو صبر ڪندو سهندو ايندو، سهندو ايندو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن سندس ٻنڌ ٽٽِي پوندي، پوءِ ٻوڙ ٻوڙان ڪندو، بنان روڪ ٽوڪ جي، ويندو سڀني جا وکا پڌرا ڪندو. اهو ائين آهي جيئن بئٽري اوور چارج ٿي وڃي. پوءِ چڻنگون نڪرنديون ۽ اوٻر به ٻاهر نڪري، اوتجي پوندو، پر مون ڪنهن جا وکا پڌرا ڪونه ڪيا آهن. ڪوشش ڪري، قلم تي پابندي لڳائي ڍڪ ڍڪيوم اٿم، پنهنجا عيب ڍڪڻ به سٺي ڳالهه آهي.
گند کوٽبو ته ڌپ وکرندي ۽ عيب ثواب جو سنڌو نه رهندو. پڻ پڏڻ پائي جنم وٺندي. مون ڳالهه شَب ۾ ڪئي آهي ۽ نالا نه کنيان اٿم. پوءِ به ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته مڙني کان معافي ٿو وٺان. حضور ﷺ جن ماڻهن کي پنهنجي بيڊ روم (بستري) جون جائز حرڪتون ۽ ڪارناما ظاهر ڪرڻ کان به منع فرمايو، ڏسو نفاست، حجاب، لڪ ۽ ستر ڪيڏو اهم آهي. اهڙيون وصفون هڪ ڪلچر، تمدن، سماج، معاشري ۽ گهرو سٻنڌ جون پاسبان آهن ۽ انهن کي ترتيب ڏيڻ ۾ انهن جو وڏو ڪردار آهي. اسان وٽ اهڙا پاڻ هُرتڙيا موجود آهن جو ڇاتي ٺوڪي چوندا ته، ”مان به خلقن ۾ ٽوپي نه لاهيانس (خوار نه ڪيانس) ته منهنجو نالو مٽائي رکجانءِ.“ ڀائي هيءَ ڪهڙي سورهيائي آهي. پرائو پٽڪو لاهبو ته هڪ ڏينهن پنهنجو پٽڪو به لهي ويندو. پر اهڙو پٽڪو پارايو ڇو ٿا. جو لاهڻ لاءِ پاڻ ئي سندرو ٻڌي ٿا بيهو. هيءُ ته ڪو وڏو ذهني گڙٻڙ گهوٽالو ٿو ڏسجي، ڪا ڪل ٿڙيل ٿي ڏسجي جنهن جي چڱي طرح ڳولها ڦولها ڪري اونهي عميق جي جر تائين پهچڻو پوندو. هي ڪهڙا سيبتا ساماڻا آهن جو سوچ جي وهڪرن تي به واهي ٿي ٿا بيهن ۽ ان کي پنهنجي ٻُڪن سان ٻنڊو ڏيڻ ٿا چاهين.
هڪڙو نوجوان مليم، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عظيم محسن ڊاڪٽر نبي بخش خان تي اها ڪاوڙ ڪڍي ته هر ڳالهه کي بلوچ جي اک سان ٿو ڏسي ۽ بلوچيت جو شڪار آهي. ڀائي انهيءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي. بلوچن جو ته شاندار ماضي، شاندار تاريخ ۽ شانائتيون روايتون آهن. ڇو نه ان تي فخر ڪجي، تحقيق ڪجي ۽ هر ڳالهه جي تهه تائين پهچجي. هڪڙو ڪارو آمريڪي ورهين جا ورهيه جاکوڙ ڪري، پڇائون ڪندو وڃي آفريڪا جي ان هنڌ تائين پهتو جتان سندس وڏي پڙ ڏاڏي کي پڪڙي آمريڪا ۾ غلام ڪري وڪيو هئائين. هن ذري پرزي جاچ ڪري، ننڍا وڏا واقعا معلوم ڪري هڪ ڪتاب لکيو. ”بڻ بنياد“ Roots ان کي ايڏي مڃتا ملي جو ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپيو. ان تي فلم ٺهي ۽ ليکڪ ڪروڙ پتي ٿي ويو. آمريڪا جي گورن مان ڪنهن به ان ڪاري شيديءَ تي آڱر ڪانه کنئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي اسان جيترو فخر ڪيون گهٽ آهي. منهنجي ساڻس سلام دعا پنجاهه پنجونجاهه سالن کان آهي. مون ته هن ۾ ڪو جهول ڪو نه ڏٺو آهي. وضعدار، عالم، محقق، کلمک هر ڳالهه دليلن ۽ حوالن سان ڪرڻ وارو، ٿڌو ٿانئريو ماڻهو آهي. عزت ڪمانڊ ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. سندس ڪچهري ۾ ڪڏهن به وائڙي ڳالهه ۽ غير معياري، گهٽيا زبان استعمال نه ٿيندي آهي، اهڙي وڏي پربت کي به ماڻهو چهنڊڙيون پائن ته پوءِ شيخ اياز يا مون جهڙن ٻين جيتامڙن جي ڪهڙي عزت ڪندا.
مون به پنهنجي بُڻ بنياد جي تجسس ۾ سانگي قوم بابت ڪيڏي لانڍ ڪئي آهي. اها به اڻپوري آهي، ۽ ڪيئي غلطيون ڪيون هوندم جن جي تصحيح لاءِ وري به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏانهن ورڻو پوندم، ڇاڪاڻ ته هو اٿارٽي (سند) آهي.
تازو سانگي قوم جي سردار، سردار مير ظفر حسين سانگيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿيم ته ان منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو ته وڏيرو جلال خان ابڙو جنهن ميان شاهل محمد کي شهيد ڪيو سو سانگي هئو. مولانا غلام الرسول مهر تاريخ ڪلهوڙا ۾ جن مشهور وڏيرن جا نالا لکيا آهن 1. وليداد خان ابڙو 2. طبيب خان ابڙو 3. پنجل خان ابڙو 4. عمر خان ابڙو 5. جلال خان ابڙو 6. بنگل خان ابڙو 7. نظر محمد ابڙو، انهن جي نالن تي اڄ تائين ڳوٺ ۽ ديهون موجود آهن. نظر محمد ۽ شير محمدخان ابڙو، سانگي نه هئا، ڪماريا ابڙا هئا. ڪماريو ابڙن جو وڏو گهر ۽ سردار گهر آهي، تڏهن به وڏيرو شير محمد خان ابڙو، ادا شمس وٽ گهڻو ايندو هو ۽ چوندو هئو ته سانگي ۽ ابڙا هڪ قوم ۽ ڀائر آهن.
لاڙ ۽ بدين پاسي ته رڳو آهن ابڙا ۽ انهن سان لاڳاپيل قومون. ارباب جمعو خان ابڙو، بدين ضلعي جو، مون وٽ گهڻو ايندو هو. وڏو دبنگ ماڻهو ۽ رهائي پکائي وارو هئو. قوم قوم پيو ڪندو هو. ڏاڍو زور ڀري دعوت قبول ڪرايائين. مون سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر کي عرض ڪيو ۽ هن به مهرباني ڪري هلڻ قبول ڪيو. غلام النبي سومري کي به شامل ڪيوسون. ارباب صاحب جيپ آندي ۽ حيدرآباد کان بدين منجهند ڌاري پهتاسون. ارباب صاحب پڇيو ته بدين ۾ ڪنهن سان ملڻو آهي ڇا؟ مون چيو ته بدين اچجي ۽ مولوي احمد ملاح صاحب وٽ حاضري نه ڀرجي، اهو مناسب ناهي. ڳالهه ڄڻ ته سڀني جي دل وٽان هئي. مولوي صاحب پٺا اگهاڙا ڪيون واڻ جي کٽ تي ليٽيو پيو هو. هيڏو وڏو عالم ۽ لاثاني شاعر ۽ هيڏي سادگي ۽ انڪساري. حقيقي وڏو ماڻهو هئو. اٿي وڃي پنهنجا ڇپيل ڪتاب کڻي آيو ۽ مونکي تحفو ڪري ڏنائين. منهنجي والد صاحب کي پنهنجو هم خيال سڏيائين. اهڙو فقير منش، عالم ۽ انقلابي ۽ وري ايڏو بي نياز، واهه مولوي صاحب واهه. اسين سندس ورسي به ڪانه ملهايون، نڪي ڪو يادگيرو سندس لاءِ چار چڱا لفظ چئون.
منجهند ٿي وئي ته به ارباب خان جمعي خان ابڙي کي دعوت جو ڄڻ فڪر ئي ڪو نه هجي. پوءِ ته جيپ ۾ چاڙهي الائي ڪهڙي اوجهڙ ۾ وٺي ويو. ڪچا رستا ۽ چارا ڏيندو، واهن جي ڪڙ تان ٿيندو اچي هڪ ڪکائين ڳوٺ ۾ لاٿائين. سندس اوطاق به هڪڙي منهه ۾ هئي. اسان کي ويهاري پنجن منٽن ۾ گهران ٿي آيو. گهڙي کن ۾ ٿڌا شربت جا گلاس اچي ويا. ڏٺوسون ته دعوت جو ڪو خاص انتظام ته هو ڪو نه. لڙي ٻپهري اچي ٿي هئي. سو چيوسونس ته”ارباب صاحب اسان کي حيدرآباد پهچڻو آهي سو هلڻ جي ڪجي.“ ارباب صاحب ڏاڍي اطمينان سان چيو ته ”بس! ماني اچي ٿي، ٻه گرهه کائي هلون ٿا!“ ڪجهه ابڙا به اسان سان ملڻ آيا. قدآور، جانٺا ۽ خوبصورت. مير صاحب مونکي ڪن ۾ چيو، ”هي ته بلوچن کان به گوءِ کڻي ويا!“ اسان کي اٿڻ جي آترويلا لڳي پئي هجي ۽ چئون پيا ته ”ماني ته سج لاهي ڇڏيندي“، پر ارباب صاحب کي ڪا اڻتڻ ڪا نه هئي ۽ واقعي اڌ مني ڪلاڪ ۾ مانيءَ جا طشت، رنگين ريشمي پوشن سان ڍڪيل ايندا ويا. ارباب صاحب ويو ڍڪڻ لاهيندو، ماني ڏسي ٻيا ته ٺهيو پر مير صاحب به حيران ٿي ويو. ست رڇيءَ جي جاءِ ڪا نه هئي، ٻوڙ، پلاءُ، ڪڪڙ، تتر، ٻڪر جون رانون، جيرا، بڪيون، پڪل ڪباب، زردو وغيره. کاڌو اهڙو لذيذ جو مير صاحب به پڇي ويٺو ته ”ارباب صاحب اهڙا ماهر بورچي ڪٿان گهرايا اٿؤ!“ ارباب صاحب چيو، ”مير صاحب بورچي وري ڪهڙا، گهر ۾ زناني عالم، جهڙي تهڙي ماني ٺاهي ورتي آهي!“
ٿر جا ارباب به آبڙ ۾ اچي وڃن ٿا. ارباب صاحب جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبرٿي آيا ته پاڻ مون سان اها ڳالهه ڪيائون. وڌيڪ ٻڌايائون ته وٽن اڄ تائين مڪمل شجرا لکت ۾ موجودآهن ۽ جڏهن به وٽن ڪو ٻار توليد ٿيندو آهي ته اڃا تائين ڀٽ ۽ چارڻ بيت ڳائيندا ايندا آهن ۽ انهن بيتن ۾ نئون نالو به شامل ڪندا آهن ”مڪةالمعظم“ ۾ به ابڙا مليا جن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هو سڏجن ئي ٿري ابڙا. ويندي هندو سوڍا ۽ ٺڪر جي ٿر ۾ مليم تن به مونکي مائٽ ڪري ڇڏيو. مشهور چيڙهالو هاري مزدور ليڊر ڄام ساقي به جهنجهي ابڙو آهي. مشهور فوجي سالار شاهه بهارو به جهنجهي يا جهنجهڻ هو. مدينة المنور ۾ ته سڄو محلو ابڙن جو آهي ۽ تمام خوشحال آهن. نج عرب ٿا لڳن. سندن زور ڀرڻ باوجود مان ڏانهن لڙي به ڪو نه ويس جو عبادتن ۽ نمازن ۾ رخنو پوي ها.
مير علي نواز خان ٽالپر هئو آبڪاري جو وزير، ڪنهن سانگي فون ڪري ملڻ جو ٽائم گهريومانس. مير صاحب هڪدم چيو ته ”ابڙا صاحب هاڻي جو هاڻي هليا اچو انهيءَ ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ مان به ڏهن منٽن اندر سندس خيابان شمشير واري بنگلي تي پهچي ويس. خلقون ويٺيون هيون. پر مير صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽري اچي آڌرڀاءُ ڪيم ۽ چيائين ته ”توهين اندر ڊرائينگ روم ۾ هلي ويهو جو مير صاحب اهڙو تاڪيد ڪري ڇڏيو آهي!“ اندر ويس ته پنج ست پڳدار، خوش پوش سکر ماڻهو اڳواٽ ويٺا هئا. سلاماليڪيءَ کانپوءِ نالو ۽ ذات پڇيائون چيم ”جمال الدين ابڙو“. مير صاحب آهي لاڙ جو ۽ هي صاحب به لاڙ جا ڪي کڙپيل ابڙا هئا. هڪدم پڇيائون ”ڪهڙو ابڙو؟“ اتي مونکي احساس ٿيو ته ناحق ابڙو پيا سڏائيون. مرحوم تاج محمدابڙو فخر سان چوندو هو ته، ”ڇو، ڪاڪيپوٽو آهيان، نج ابڙو.“ سو مون کڻي چيو ته ”ڪاڪيپوٽو!“ ته تمام ٿڌائيءَ سان چيائون، ”هان....ڪاڪيپوٽو آهين!“ ڪجهه ڦڪائي ٿيم پر ڪؤڙو ڍڪ پي ويس. پر اتي جو اتي پڇيو مان ته ”ڀلا سانگي؟“ ته هڪدم گرمجوشيءَ سان چيائون ته ”سانگي ته گهرڀاتي آهي“ چيم ”گهوڙا، اڳ ۾ ئي سانگي چوان ها!“
ڪالهه ويٺي پڙهيم ته شيخ صادق علي صاحب جو انگريزي ۾ ڇپيل 1901ع جو ڪتاب سنڌ ۽ بلوچستان جو مسلمان قومون، صفحي 33 تي هن هڪ لمبو شجرو ڏنو آهي جنهن ۾ سماٽ قومون سڀ حضرت نوح عليھ اسلام جي پٽ سام بن نوح جو اولاد ڏيکاريون ويون آهن جن ۾ سورج ونسي ڪل جو شري رامچندر به اچي ٿو وڃي. شري رامچندر جي پوٽاڻ ۾ وري هڪ ٻيو سام اچي ٿو جنهن جو پٽ آهي جادم، سنڌ بلوچستان جا سما ان جادم جو اولادآهن، شيخ صادق علي صاحب ڄام جوڻو جا پنج پٽ ڏيکاريا آهن، هر هڪ ڪيريو، تاجيو، ابڙو، بلوچ ۽ بابنو (يا بابينو) صفحي 35 ۽ 36 تي هو سانگيءَ کي سوڍا، پهوڙ، مهر ۽ ڏهر جي شاخ سان ملائي ٿو، صفحي 37 تي هو صاحب، انڙ جا ٽي پٽ ڄاڻائي ٿو هر هڪ ٿيٻو، جکرو، هوت يا هوتي.
شيخ صادق علي ڪو تاريخدان يا محقق ڪو نه هو. هو هڪ اعليٰ سرڪاري آفيسر هو ۽ انگريزن جي حڪم تي ڪافي جاکوڙ ڪري، حقيقتون، چوڻيون، روايتون ۽ بلوچي بيت وغيره گڏ ڪري مختيارڪارن ۽ تر جي چڱن مڙسن سان بحث مباحثا ڪري اهو ڪتاب لکيو آهي. اها ئي تحقيق چئبي. ائين ته جناب مولائي شيدائي به ريلوي جو ملازم هو پر علم ۽ تحقيق سان چاهه هئس. مگسيءَ کي شيخ صادق علي صاحب به، انڙ جي اولاد مان ٿو سڏي (ڏسو صفحو 41) يعني نج سماٽ، چنا به انڙ جو اولاد آهن، هڪ مشهور چوڻي به لکي اٿائين ته، ”ڏاهه پٽ ڏيرو کي مائي مانگل مان ڄائو منگسي.“ چٽو ڪري ڏنائين ته منگسيءَ جي پيءُ جو نالو هئو ڏاهه ولد ڏيرو ۽ ماءٌ جو نالو هئو مائي مانگُلَ. وڃي ذاتين ۽ قومن جي خرخسي ۾ پياسون. مان انهيءَ ميدان ۾ اٿارٽي نه آهيان، جيڪي ڪتابن ۾ آيو آهي سو لکيو اٿم. تصحيح ڪري سگهي ٿو ته اهو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. انهيءَ کانپوءِ بس آهي.
مون مٿي لکيو آهي ته 16 آڪٽوبر 1965ع تي ٽنڊي الهيار مان بدلي ٿي مون حيدرآباد ۾ سول ۽ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ طور چارج ورتي. حيدرآباد م قيام دوران، شيخ اياز صاحب سان ملاقات جا وڌيڪ موقعا مليا. اهڙا موقعا روح رهاڻ جي نسبت سان حميد سنڌي صاحب به گهڻا پيدا ڪيا. شيخ صاحب سان نجي ملاقاتون منهنجي گهر ۽ منهنجي ڀاءُ ڪمال جي گهر ۾ به اڪثر ٿينديون هيون. اهڙي هڪ ملاقات ۾ شيخ صاحب مونکي خلاصگائيءَ ۾ چيو، ”جمال مونکي سنڌ چڱي طرح ڏيکار، جيستائين سنڌ ڏٺي نه اٿم تيستائين سنڌ تي ڪيئن لکي سگهندس!“ پنهنجي ڳالهه کي وزندار بنائيندي چيائين ته ”جيسين ڪنهن شاعر يا ليکڪ بک ڪاٽي ناهي تيسين هو بک تي ڪيئن لکي سگهندو. انهيءَ ڪيفيت مان گذرڻ ضروري آهي.“ اڳ به موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ پروگرام ٺاهيوسين. ته چيائين ”جيسين ڪنهن هنڌ رات نه گذارجي تيسين ان جي روح کي نه رسي سگهبو!“ مان يا ته اٻهرو آهيان يا ڳلن ڪنئرو سو هڪدم هائو ڪيم ۽ پڇيم ”اڳ ۾ ڇا گهمندين؟“ چيائين ”ٿر.“ مون چيومانس ”حاضر، پر مهلت ڏي جو ٿر جو سفر معنيٰ تمام وڏو اهتمام. ڪم از ڪم ٽي جيپون کپن!“ هڪ ۾ اسين، ٻي ۾ پيٽرول جا ڊرم ۽ ٽئين ۾ اٽو چانور دال گيهه ۽ بورچي وغيره. مارچ 1966ع جو مهينو هو، چيم ”مهينو مهلت ڏينم!“، چيائين ”ٽي مهينا مهلت اٿئي جو جون، جولاءِ ۾ ڪورٽن کي وئڪيشن هوندي آهي!“ مون چيو ”ڏاڍو سٺو ڇاڪاڻ ته اها وسڪاري جي مند آهي ۽ چوندا آهن ته وسي ته ٿر نه ته بر!“
مون 1953ع ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٿر جو سفر ڪيو هو سو مونکي خبر هئي ته اهو سفر ڪيڏو اڻانگو آهي. اهو ذڪر مون اڳ ۾ هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي الائي نه، وسري ويو اٿم! ورجائڻ ۾ اهم ڪونهي. سنڌيءَ ۾ اهم معنيٰ گهٽتائي يا ڀئه ڀولو. 1953ع جي صوبائي اليڪشن ۾ اميدوار هئا ميرپورخاص وارو مير احمد خان ٽالپر ۽ ٿر جو هڪ شاهه صاحب جنهن جو نالو ياد نه اٿم، هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو هو. سندس ٻه خصوصيتون هيون هڪ ته سيد هئو، ۽ ٻيو ته ٿر ڄائو هو. پرزائيڊنگ آفيسر هئاسون، مان، امداد علي شاهه ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مسٽر انصاري چيف آفيسر جو ڏاڍو خوش مزاج، تجربيڪار ۽ سمجهو ماڻهو هو. مشهور ٽي وي اداڪاره غزاله رفيق جو والد. هڪ ڏينهن جي ڊيوٽي لاءِ هفتو، اٺ ڏينهن لڳندا هئا. مون گهرواريءَ کي ڪوٽڙي سندس والدين ڏي ڏياري موڪليو.
ڊي سي صاحب گهرائي هدايتون ڏنيون. جنهن ۾ ور ور ڪري خاص هدايت اها ڏنائين ته ڀلجي به هندوستان جي سرحد نه ٽپجو نه ته ٻارهن مهينا جيل ۾ پيل هوندؤ ۽ سرڪار ڪجهه به ڪري نه سگهندي. پهرين منزل ڪئي سون مٺيءَ ۾. اتي ڊپٽي ڪليڪٽر هئو هڪ ڏاڍو ڀلو ماڻهو جنهن کي نرڙ تي پراڻي زخم جو انگريزي اکر وي “v” جو چٽو نشان ٺهيل هو. نئون ڪوٽ تائين رستو سٺو هو. اهو ڪوٽ به جهڙوڪر نئون ٺهيل بيٺو هو. هاڻي ٻڌون ٿا ته زبون ٿي ويو آهي. ڊپٽي صاحب مٺيءَ ۾ رهائي ڇڏيو. رات جي مانيءَ مکيءَ ڪئي. اتي هندو ماڻهن ۽ ٺڪرن جي اڪثريت آهي. رڳي هئي واري، پڪا فرش، ته به واري. ويندي ماني يعني ڊڳڙيءَ ۾ به واري، ته به مٺي واسي چون ”مٺي، سائين، ڏاڍي مٺي آهي.“
”ڀائي ڪهڙي ڳالهه مٺي اٿس؟“ ته ڪي چون ته ”پاڻي مٺو اٿس!“ ڪي چون ته ”مٺيءَ جون عورتون ڏاڍيون سهڻيون آهن!“ ڪنهن چيو ته ”مٺي هڪ مائيءَ جو نالو هو، جنهن تان هي نالو پيو.“ شام جو کيت ۽ کوهه گهمندي مون به گهونگهٽ ۾ هڪ ٺڪرياڻي ڏسي ورتي. ڇا ٻڌائجي، باهه جو ٽڪرو هئي، نفيس نازڪ، لاجونت ۽ رنگ پيلائڻ مائل گورو. کوهه وري اهڙا اونها جو ترو نظر ئي نه اچي. نوڙ ۾ ٻڌل چمڙي جو ٻوڪو کوهه ۾ اڇلين پوءِ اٺ کي هو هو ڪن، ته اٺ اڌ فرلانگ کن هليو وڃي. جڏهن ٻوڪو پاڻيءَ ڀريل ٻاهر نڪري ته هڪ مخصوص سريلي جهونگار ڪن ته اٺ پاڻمرادو بيهي رهي. ٻوڪو خالي ڪري اٺ کي سڏ ڪن ته هليو اچي. ماڻهن ٻڌايو ته اڳي ٺاڪراڻيون پاڻ اينديون هيون دلا کڻي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو رواج جهڪو ٿي ويو، وري جو هڪ مسلمان ميڊيڪل آفيسر هندواڻيءَ سان پيار جي شادي ڪئي ته مورڳو بند ٿي ويو.
صبوح جو دال پوري ۽ سيرو کائي روانا ٿياسون ته اسلام ڪوٽ کان ٿيندا، ٽاڪ منجهند جو اچي ويراواهه جي سرڪاري بنگلي ۾ پهتاسون. اسلام ڪوٽ ۾ مشهور مهمان نواز سيٺ نهالچند زوريءَ پنهنجي اوطاق تي وٺي چانهه بسڪوٽ کارايا. ڏيڍ گرانٺ جيترو سيپڪڙو مڙس پر شينهن وانگر پيو گجي، چي ”مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيندو سانو!“ سڀني چيس ته ”سيٺ ويرواهه ۾ مختيارڪار انتظار ۾ هوندو“ ته چيائين ”بروبر مان به چوان ته مختيارڪار الائي ڪهڙي کپڙتال ۾ آهي، ڀلي وڃو پر موٽندي هت ڊاٻو ضرور ڪجو!“ اهڙو منجهنس ڪو مقناطيس هو جو ماڻهو ازخود ڏانهنس ڇڪجي ٿي ويو ، مقناطيس، ٻيو وري ڪهڙو؟ بس خلوص ۽ نيت صاف سچي، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو مقناطيس.
ويراواهه ۾ اسانجو انتظار پئي ٿيو ۽ سرڪاري آڌرڀاءُ ٿيو. ماني ٽڪي کائي، آهلي پياسين. ٽپهري ڌاري مان اڪيلو پسار تي نڪري پيس. ويراواهه، اهڙي هنڌ آهي جو صاف نظر پيو اچي ته هن هنڌ ٿر پورو ٿيو ۽ پوءِ هيٺالو آهي جو سڪل سمونڊ جي ڏِک پيو ڏئي. اڳڀرو ڪناري ڪناري سان هليس ته عجب وٺي ويم. زمين ۾ وڏا ڳؤرا لوها، لنگر کتل ڏٺم، يقين ٿيو ته ويراواهه بندر هئو جتي غوراب يا ٻيڙا لنگر هڻندا هئا. اهو سمنڊ ئي سڪي ويو ۽ بازاريون بيران (ويران) ٿي ويون. ان هيٺالي ميدان کي پارڪر چون. شام جو ئي روانا ٿي ننگر پارڪر جي سرڪاري بنگلي ۾ پهچي وياسون. ساوڪ، وڻراهه ۽ڪارونجهر جبل ڏاڍو رومانوي ماحول پيدا ڪري رهيا هئا. مختيارڪار الائي هيڊ منشي هو تنهن سان ڪچهري ڪيم. چيائين ته ”سائين هتي ڪامورا ايندي به روئندا آهن ته ويندي به روئندا آهن.“ هيءَ ڪا اهڙي پياري ۽ پيار ڀري زمين آهي جو چنبڙي ٿي پوي ۽ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. چيائين ته ”ڪيترا ڪامورا ته هتي رهي پوندا آهن ۽ پورجڻ به هتي، پسند ڪندا آهن.“ ٻڌايائين ته هتي اهڙو هڪ پرديسين جو مقام (قبرستان) به آهي. پڇيومانس ته ”رڳو سرزمين جي سونهن آهي يا ٻيو ڪجهه به آهي“ ته اکين ۾ شرارتي چمڪ اچي ويس. چيائين ته ”هن بنگلي ۽ شهر وچ ۾ وڻڪار ۾ کوهه آهي. صبوح جو سوير نڪتؤ ته وٺي هلندو سانوَ.“
مان هنئي ئي صبوح جو پسار ڪندو آهيان سو جهٽ هائو ڪيم، صبوح جو هڪ تپيدار آيو جنهن سان گڏ گهمڻ نڪتس. واقعي ڏاڍو پيارو سمو هئو. کوهه تي ناريون هيون پر مان ان لائين جو ماڻهو نه هيس سو اڳڀرو نڪري ڪارونجهر واري پاسي مندرن طرف وياسون. پاڪستان ٺهئي ڇهه سال ٿيا هئا. ننگر ۾ هندو اڃا ڪافي آباد هئا. مندر ننڍڙا، صاف سهڻا ۽ پٿرن ۾ اڪر ٿيل مورتيون هيون. ڏاڍيون سهڻيون مورتيون هيون. تپيدار جي منع ڪرڻ باوجود، مان مندرن ۾ اندر هليو ٿي ويس. هندو ماڻهون مونکي ڀليڪار ٿي ڪئي. ڪن مندرن ۾ ته مون مهاتما گانڌيءَ جا فوٽو لڳل به ڏٺا. تعصب جي باهه پوءِ پنجهٺ جي جنگ بعد لڳي ۽ ننگر ويران ٿي ويو نه ته ٿر ۽ پارڪر ۾ هندومسلمان پاڻ ۾ کير کنڊ هئا.
پوءِ ڪارونجهر تي ٿورو چڙهي اهي تلاءَ ڏٺاسين جن ۾ مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو هو. ڪارونجهر ۾ به واهه جي ڪشش آهي. دل پي چيو ته ڊوڙندو ٽپا ڏيندو منجهس گم ٿي وڃجي. تپيدار منهنجي حالت محسوس ڪندي چيو ته ”سائين هتي چوڻي آهي ته،’ڪارونجهر ري ڪور، مريجي ته به مليجي نا.‘ يعني ڪارونجهر جي وٽ، مرجي ته به ڇڏجي نه.“ موٽي بنگلي تي آياسون ۽ اچي ڪامورڪي لڏي واريون اڙيون ٿڙيون ڳالهيون ٻڌڻ جي وڪڙ ۾ اڙجي وياسون. اهو به ضروري هئو. سڄو پروگرام رٿابندي سان ڪرڻو هو.
يارهين ٻارهين بجي منجهند جو، مون چيو ته ”هلي ڪي مکيھ جايون ڏسجن!“ تپيدار چيو ته ”ٿورو پري محمود غزنوي جي مسجد، تلاءَ ۽ ستين جا آستان آهن.“ هلو هلو ڪري، جيپن ۾ چڙهي ويٺاسين ۽ اڌ مني ڪلاڪ ۾ مسجد شريف وٽ پهچي وياسون. تلاءُ به هئو ۽ مسجد به سهڻي پٿر جي ٽُڪ سان هئي. مون غور سان وڃي ڏٺو ته مسجد اصل ۾ ڪو مندر هئو ڇاڪاڻ ته پيل پاون تي مورتيون گهڙيل هيون جن کي ڌڪ هڻي ڀڳو ويو هو. مسجد به غزنويءَ جي نه، بلڪ گجرات جي محمود بيگڙي جي ٺهرايل هئي. ان هنڌ لڙائيءَ لڳي هئي. ڪجهه ونيون ستيون ٿيون هيون ۽ انهن جون سماڌيون تلاءَ جي ڪپ تي هيون. مان اتي وڃي مٿو اگهاڙو ڪري منٽ ٻه، چپ چاپ عزت سان بيٺو رهيس. مون واري ڪامورڪي سٿ مونتي کلون ڪيون. ڀلي، هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ ۽ ظرف، جس هجي انهن جوڌن کي جي سر ڏئي سوڀارا ٿيا ۽ سلام هجي انهن سنڌي سهاڳڻين تي جن پنهنجي جهونجهارن جي سوڳ ۾ پاڻ جلائي ڌارين خلاف مزاحمت جي چڻنگ کي امرتا بخشي. موٽندي ريٻاڙي نسل جا ٻڪرار مليا جن کي صدري جهڙو تهه تهه، پولڪو پاتل هئو، مردن کي سفيد ۽ زائفن کي رنگ برنگي. زائفون سامهون نٿي آيون. هڪ اڳيئي وڏو گهونگهٽ ڪڍيل، وري اوپرا ماڻهو ڏسي، هٽي پري ٿي، پٺيريون ٿي ٿي بيٺيون.
شام جو هڙئي پرزائيڊنگ آفيسر هڪڙي جيپ ۾ ويهاري، سپروائيزنگ تپيدار کي سونهون ڪري، اسان سان گڏ روانو ڪيائون. هڪ کي لاهڻو هو پيلؤ ۾ ٻئي کي ڏانو ڌانڌل ۽ مونکي اسماعيل سنگراسي. رات پئجي وئي سو ڀٽن ۾ ڀٽڪي وياسون. تپيدار صاحب هئو ته تر جو واقف پر هڪ ته رات جو وڳڙو ۽ ڀٽون ڀٽن جهڙيون. جيپ کي اجايا سجايا چڪر کارائڻ لڳو. اتي اچي رات جا ڏهه يارهن لڳا. اوچتو هڪ سڌي رستي تي چڙهي پياسين، تپيدار صاحب خوش ٿي چيو بس رستو هٿ اچي ويو، ڪٿي نه ڪٿي وڃي نڪرنداسين ڊرائيور کي چيائين ته ڀڄاءِ جيپ. مان ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ٻيو ته بابا کان ۽ ڳوٺاڻن کان پڇ پڇ ڪري پڇڻ وارو ماڻهو. کڻي جو آسمان ڏي نظر ڪيان ته وڇون صاف نظر آيم. وڇونءَ جو پڇ اوڀر طرف ۽ منهن ڍڍري اولهه طرف ٿيندي آهي. مون ڏٺو ته سر اوڀر پيا وڃون: معنيٰ هندوستان. مون ڊرائيور کي چيو ته گاڏي روڪ. سڀني اعتراض ڪيو پر مان هيٺ لهي سڀني کي سمجهايو. اعتبار نه ڪيائون. پوءِ وري کٽ جا ست تارا ڏيکاريامان، کٽ جي سيراندي وارن ٻن تارن کان سڌي ليڪ ڪڍبي ته وڃي قطب تاري تي بيهندي جو هميشه اتر طرف ساڳي جاءِ تي هوندو آهي. مسافرن ۽ جهازرانن لاءِ قطب نما به انهيءَ ڪري ٺاهيندا آهن جو سمونڊ صحرا ۽ جهنگل ۾ طرفن جو پتو نه پوندو آهي. مون چيو ”ڏسو هي اتر، هي ڏکڻ، توهين سر اوڀر پيا وڃو!“ ته به منهنجي ڳالهه کي وزن ڪونه ڏنائون. خاص ڪري تپيدار صاحب به نه پيو مڃي. چي اوجهڙ کان نڪري ڪٿي ته وڃي ٿانئيڪا ٿينداسون. مون چيو، ”مان ڪونه ٿو هلان، توهين ڀلي ڀارت گهمي اچو!“ مان بئگڙي کڻي لهي پيس ۽ هو ڪمال بي مروتي سان مونکي اوندهه ۽ برپٽ ۾ ڇڏي هليا ويا.
مان رستي تي اچ وڃ ڪندي ٿڪجي پيس. ننڊ به پي آئي. پيئڻ بلا جو ڏهڪاءُ ويٺل هئو سو سمهي ڪير. خيال ڪيم ته بئگڙيءَ تي ويهي رهان. کڻي جو ڏسان ته بئگ وٽ هٿ جي تريءَ جيڏو وڇون، پڇ کي اُڀو ڪيو پيو ڦري. دهلجي ويس. وري اچ وڃ شروع ڪري ڏنم. چوان پيو ته شل ڪو ماڻهو منهن پويم پر ماڻهو مرونءَ جي بانس ئي ڪانه هئي. ماڻهو اڪيلائي ۽ برپٽ ۾، پنهنجي جنس جي ساهواري کي ڏسڻ يا ملڻ لاءِ ڪيڏو آسائتو ٿو ٿئي! اهو شديد احساس ٿيم. ائين ڪندي ڪنهن ايندڙ گاڏيءَ جي روشني نظر آيم. الا! دل بهار بهار ٿي ويم ۽ روشني تي کڙو ٿي بيٺس. گاڏي اچي مون وٽ رُڪي. ڏسان ته چارئي مون وارا يار، ساڳي جيپ ۽ ڊرائيور. لهي پيا ۽ مونکي ويهاريائون ۽ چيائون ته ”وڃي هڪ ڀارتي ڳوٺ ۾ نڪتاسون ۽ ماڻهن چيو ته ڀڄو پوئتي، موٽي وڃو نه ته جهلجي پوندؤ. ڦڙڦوٽ ۾ گاڏي بئڪ ڪري ڀڳا آهيون. بئڪ ڪري معنيٰ ورائي!“ هنن به شڪر ڪيو، مون به شڪر ڪيو. چيومان ته ”اسان کي اتر هلڻو آهي سو قطب تاري کي نظر ۾ رکو ۽ جيڪا واٽ سڄي هٿ تي مُڙي ان تي چڙهي پئو ته پڪ سان پهچي وينداسون.“ هاڻي چئيوان ٻار جيان منهنجو چيو ورتائون ۽ اچي پيلؤ ۾ ڊاٻو ڪيوسين.
ها، وسري ويم. اسان سان ڊپٽي ڪليڪٽر، ڊاڪٽر بوئي خان جو پيءُ به ساڻ هو جو نج ٻهراڙيءَ جو ۽ سوئرن جي شڪار جو شوقين هئو. عجب ته ان کي به تارن سان طرف سڃاڻڻ تي اعتبار نه آيو. صبوح جو مون کي اٺ تي روانو ڪيو ويو. ٻار هئس ته اٺ تي گهڻيئي سفر ڪيا هئم، پر تڏهن ته بابا جي هنج ۾ يا ٿوهي تي پلٿي ماري ويهندو هئس. هاڻي جو جوانيءَ ۾ اٺ تي سفر ڪيم ته ڏاڍو ڏکيو لڳم. هڪ ته ٽنگون ڦاڙي ٿي ويهڻو پيو جو چَڏا گسي گسي ڦٽجي پيا. ٻيو اٺ جي لوڏ ۾ عضوا الوڙجي پيا. شاباس هجي راڻي مينڌري کي جو رات وچ ۾ اٺ تي چڙهي، ڪاڪ ۾ مومل سان ملي، رنگ رليون ڪري موٽي ايندو هو. انهن ماڻهن جا لڱ ڪو رُڪ جا ٺهيل هوندا يا ٿي ويا هوندا. اٺ جي پاکڙي ۾ ٿين ٻه جايون (سيٽون). اڳئين ۾ ويهي اوٺي، مهار اوٺيءَ جي هٿ ۾ جيئن وڻيس تيئن هلائيس. گهوڙي جي هلڻي، دُڙڪي، ٽاپ رلو وغيره ته ڄاڻون ٿا پر اٺ جي هلڻين بابت ڄاڻ ڪونه اٿم. اوٺيءَ کي چيم اٺ هُشاء ته مان لهي پنڌ ٿو هلان. هو ويچارو پريشان ٿي ويو. اٺ بيهاريائين پر هشايائين ڪين. چي ”سائين جيئن چوين تيئن هلايان، باقي پنڌ ڪٿي پڄندين!“ نيٺ چيومانس ته ”ٻئي ٽنگون هڪ پاسي لڙڪائي ٿو ويهان، تون اٺ آهستي آهستي هلاءِ!“ چيائين ”هائو پر پاکڙي کي ڀاڪر ۾ جهلي ويهه نه ته ڪرڻ جو خطرو آهي!“ ائين ڪيم ۽ خدا خدا ڪري اچي منزل ڀيڙا ٿياسين.
مومل، مينڌري ۽ ڪاڪ جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ ڳالهه ڪندو هلان. ڪي چون ٿا ته ڪاڪ ميرپور ماٿيلي طرف آهي. وڃ ڀيڻي! ڪٿ ماٿيلو ڪٿ عمرڪوٽ يا امرڪوٽ. امر ڪوٽ. بعد ۾ عمر ڪوٽ ٿي ويو هوندو. نالا پيا مٽجن. اڄوڪي جمهوري دؤر ۾ مانٽگومري، ساهيوال ٿي ويو، سيتا مان رحماني ننگر ۽ گدو بندر مان حسين آباد. ڇا ٿو ڪري سگهجي. حڪومت، حڪومت آهي. حڪم ٿيو ته بس.
ماٿيلي واري ڪاڪ ته مون ڪانه ڏٺي آهي. باقي جاتيءَ طرف ڪاڪ محل ۽ نندڪوٽ جا نشان ڏسي آيو آهيان. سائين ميران محمد شاهه مرحوم هڪ دفعي بابا سان ڳالهه ڪئي ته سندن ڳوٺ ٽکڙ ڀرسان ديهه ڪاڪ اڄ به نقشي تي موجود آهي ۽ اتان جي مٽي به ڳاڙهي آهي. مان نه سرزمين تي ويو آهيان نه وڌيڪ تفتيش ڪئي اٿم. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين قمرالزمان شاهه ۽ امداد حسيني صاحب کي وڌيڪ خبر هوندي. ڪاڪ کي ڇڏيون ٿا.
ٻي به ڳالهه سُجهي اچيم ٿي. کپري تعلقي ۾ ڀٽ ڀائتي جو وڏو شانائتو وضعدار رئيس هئو حاجي محمد عثمان مري، ننڍو ڀاءُ هئس حاجي محمد اسحاق مري. ٻئي ڀائر رڄ چڱا مڙس، نيڪ ۽ شانائتا ماڻهو هئا. باقي کاڻ جو حاجي محمد هاشم مري ته وڏو استاد هئو. عبدالحق صاحب ٿي آيو سانگهڙ جو ايس ايس پي. حاجي محمد عثمان مريءَ سان ديرينا دوستاڻا تعلقات هئس سو حاجي صاحب سندس شاندار دعوت ڪئي. شاندار معنيٰ شانائتي، نه اڄڪلهه وانگر جو مجرا ۽ شرابخوري ٿئي. عبدالحق صاحب کپري مان لنگهندي مونکي کنيون هليو. نه سوچڻ جو موقعو ڏنائين نه گهرواريءَ سان مشوري جو. بس، وارو! وارو! ويهو سائين ويهو! بس اچو، هلون ٿا. مان به سلوار قميص ۽ چمپل سان سندس سرڪاري گاڏيءَ ۾ ويهي رهيس. هل هلان! هل هلان! ڀٽ ڀائٽي ڪافي پري تعلقي عمرڪوٽ جي سرحد ويجهو آهي. حاجي محمد عثمان اهڙو ته ڀاڪر پائي مليو جو ٿڪ ئي لهي ويا. خلوص، خوشي ۽ عزت ڀريو آڌرڀاءُ ملي ته ان کان وڌ ٻي ڪهڙي نعمت کپي.
رئيس حاجي نبي بخش نظاماڻي نئين، تعلقي ماتليءَ وارو به مليم جنهن جي مرين توڙي عبدالحق سان گهاٽي ياري هئي. منهنجو پراڻو واقفڪار دوست هو. ڏاڍو مخلص ۽ سچو ماڻهو، جيڪو ڪم چئوس، حاضر! حاضر! پيو ڪندو. ڪيئن؟ يا ڇو؟ جهڙا سوال سندس زبان تي ئي ڪونه هئا. بنا چوڻ جي، يارن دوستن جي ڪم ۾ ٽپي پوندو هو. ڪمال منهنجو ننڍو ڀاءُ، عمرڪوٽ جي فرسٽ سب ڊويزن جو اسسٽنٽ انجنيئر هو. ڪمال هئو اهنڊ ۽ اصول پرست، گرم رت وارو ماڻهو اڃا شادي به ڪانه ٿي هئس. اچڻ سان سيد غلام حيدرشاهه ۽ راڻي چندر سنگهه جا واٽر ڪورس ٻڌائين جو اهي غير قانوني طرح ڀڳل هئا. حڪومت مٽي ۽ سيد غلام حيدرشاهه (سائين مظفر شاهه جو والد) وزير آبپاشي مقرر ٿيو. پهريون ڪم اهو ڪيائين جو ڪمال جي بدلي ڪيائين.
حاجي نبي بخش پاڻمرادو وٽس لنگهي ويو ۽ بدلي روڪڻ جو ڏاڍو زور ڀريائينس. پر هن اصل نه مڃيو. رات وٽس رهي پيو ۽ وري ٻئي ڏينهن هن کي زور ڀريائين ۽ ياد ڏياريائينس ته جڏهن خانبهادر وساڻ کيس چوريءَ جي ڪيس ۾ ٿي اڙايو ته عبدالحق ۽ جمال (مون) سندس حق ۾ لوڙيو هو. پر شاهه صاحب اصل نه مڙيو. مان سياستدانن سان ڪافي ويجهو رهيو آهيان ۽ منهنجي اها پختي راءِ آهي ته سياستدان تمام سخت گير، وير وٺو، ۽ اکين جي ديد وڃائي ويهن ٿا. حاجي نبي بخش اهڙو ڏکارو ٿيو جو عمرڪوٽ مان سڌو مون وٽ آيو کپري. ڳالهه ڪندي روئي ويٺو، چي ڀائرن جهڙو دوست، اهڙيون کڻي اکيون ڦيريائين جو ڄڻ سڃاڻي ئي ڪونه! مون آٿت ڏنومانس ته حاجي صاحب مڙئي خير آ، بدلي ڪاموري جو ڏاج آ، وري به انجنيئر ڪري رکندس، ڪو ڪلارڪ يا پٽيوالو ته ڪونه ڪندس.
اتي آٿت آيس. پاڻهئي چيائين ته ”ميرپورخاص ۾ رکايونس؟“مون چيو ”واهه واهه! وري ويو سيد غلام حيدر شاهه ڏي ۽ ميرپورخاص جو آرڊر ڪرائي آيو. اهڙا هئا يار ويس ماڻهو! ياري وري ڪهڙي. منهنجي ننڍي ڀيڻيوئي رئيس روشن علي خان اسراڻ سان حج جي موقعي تي مڪه معظم ۾ مليو هو ۽ ياري پڪي ڪئي هئائين. عبدالحق سان ته اڳ ئي واقفيت هئس جو عبدالحق ٽنڊي محمد خان ۾ ڊي ايس پي رهيو هو. ائين ڪمال ۽ مان به پاڻمرادو سندس دوستيءَ جي وڪڙ ۾ اچي وياسون. باقي هئو نج سون. منجهس ڪا به لالچ يا طمع جي ملاوٽ ڪانه هئي. ڪڏهن ڪو ڪم ڪونه چيائين، جيڪي سو اسان جا ڪم ڪاريون ڪيائين.

11

جسٽس سائين علي مدد شاهه، مون سان گڏ پڙهيو، گڏ سب جج ٿياسون ۽ پوءِ به دوستي نباهيسون. هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ ڪورٽ ۾ منهنجي چئمبر ۾ هليو آيو. چيائين ته ”يار ڪم اٿم، توکانسواءِ ٻيو ڪو نه ڪندو!“ پاڻ فيض گنج جي ڀرسان جو آهي ۽ اتي سندس زرعي زمينون آهن. چيائين ته ”اتي چئن پنجن ماڻهن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو آهي سو انهن تي وارنٽ ڪڍرائي ڏي ته حيدرآباد جي ڪورٽ جا پنڌ ڪري تنگ ٿين!“ مون هڪدم چيو ”حاضر! نالا ڏي.“ نالا ائڊريسون لکي چيومانس ته ”هاڻي شاهد ۽ فريادي ته ڪري ڏينم.“ چي ”اهو به تون ڪر!“
”يار هي ته صفا ڏاڍ مڙسي آهي“ ته به چيائين ته ”بس ايترو مون سان وهه، ٿورو ڪر!“ ائين چئي هليو ويو. مان ويچار ۾ پئجي ويس ته اهو ڪم ٿيندو ڪيئن؟ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ حاجي نبي بخش خان نظاماڻي اچي نڪتو. جوابدارن جا نالا هٿ ۾ ڏئي چيومانس ته ”هنن جا وارنٽ ڪڍرائي ڏي!“ چيائين ”حاضر! پر شاهد فريادي ڪير آهن؟“ چيم ”اهي به توهان ئي ڏيندا!“ چپ رهيو، سمجهي ويو چيائين ”اهو به ٿي ويندو، باقي وڪيل؟“ مون چيو ”حاضر!“ گُلاب وڪيل دوست هئو سڏائي ورتو مانس. گلاب به هڪدم حامي ڀري پر چيائين ته ”ڪيس حيدرآباد ۾ داخل ڪندس، فريادي شاهدن کي هت حاضريون ڀرڻيون پونديون.“ اهو ٻڌي حاجي صاحب چيو ته ”ٺهيو گلاب کي تڪليف نٿا ڏيون. وڪيل به ماتليءَ ۾ ٿي ويندو!“ پندرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ حاجي صاحب آيو ۽ وارنٽ آڻي مونکي هٿ ۾ ڏنائين. مون ڇا ڪيو جو وارنٽ ٽپال ذريعي سائين علي مدد شاهه کي رجسٽر ڪري موڪليم ته ڀلي پاڻ پوليس کي هٿوهٿ ڏئي تعميل ڪرائي، ماڻهن کي گرفتار ڪرائي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سائين علي مدد شاهه مون وٽ آيو. نه شڪريو، نه پڇا ته وڪيل، فريادي، شاهد ڪٿان آندءِ، ڪيئنءَ هيڏو سارو اهتمام ڪيئي. مورڳو ڏوراپو ڏنائين ته ”واهه يار واهه، تو وارنٽ کڻي مونکي موڪليا ۽ مونکي ٿي ڏٺو ڪيو“ وارنٽ موٽائي ڏنائين ۽ چيائين ته ”پوليس کي به تون موڪل!“ سائينءَ کي ڪا ڊيڄڙي جي بيماري هئي الائي ڇا؟ ڪم به دوست ڪن، ٻوهي ۾ به اهي پون. هيءَ ڪهڙي دوستي چئبي؟
خير! وارنٽ مون فيض گنج جي پوليس کي موڪليا. ماڻهو ته سمجهي ويا. هرڪو پاءُ اٽي جو کائي ٿو. وڃي سائين علي مدد شاهه کي چنبڙيا ۽ سندس مرضيءَ موجب ٺاهه ڪيائون. سائين اڇو پڇو رهيو، ڪارا اسين ٿياسين. غلام النبي سومرو چوندو هو ته ”سيد تي ۽ حڪمران تي ڪڏهن اعتبار نه ڪجي.“ هونئن به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”ڦڦڙ ناهي گوشت، ڪامورو ناهي دوست“. تڏهن به چوندو آهيان ته پنج ئي آڱريون برابر ناهن. عبدالله ميمڻ ۽ عبدالقادر ابڙي جهڙا ڪمشنر ۽ هوم سيڪريٽري ڏٺاسون، جي خلق خدا جا ڀرجهلو ۽ دوستن جا دوست هئا. ٻيا به ڪيئي، جن جا نالا ڳڻائڻ اجايو ٿيندو. سائين علي مدد شاهه جهڙا ماڻهو تمام سياڻا چئبا، جيڪي قدم ڦوڪي ڦوڪي رکن ۽ ڪير سندس ڏانهن آڱر به نه کڻي. ڪم به ڪڍي وڃن، سڏجن به سڌا سادا، فائدا به وٺي وڃن ۽ وڏا وڏا عهدا ماڻن. الله خوش رکين. خلق آزار ته ڪونه آهن. نيڪ سيرت ۽ نيڪ خصلت به آهن.
ڳالهه هئي نبي بخش خان نظاماڻي جهڙن پيارن ۽ پرخلوص ماڻهن جي، جيڪي ڪڏ ڏئي هڙئون وڙئون خرچ ڪري، دوستن توڙي دوستن جي دوستن جا به ڪم ڪندا وتن ۽ وري جتائن به ڪونه، نڪي ڪو ڪم چون. اهڙو سون ورنو ماڻهو گذاري ويو ته مان سندس تڏي تي به ڪونه ويس. اهي آهن اسان، اديب ۽ دانشور سمجهيا ويندڙ ماڻهن جا افعال، ڪاڏي نڪرندي، ٻرو پيو چڙهندو. ڪجهه سالن کانپوءِ هڪ تقريب ۾ سندس ڀائيٽيو مليم، ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين هو. نه هو منهنجو اڳ ڏٺل هو، نه هن ڪڏهن مونکي ڏٺو هو. مان هلي وڃي ساڻس مليس. نوجوان هو پر نهايت خوش اخلاق. پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايم ۽ بيٺي ساڻس سندس والد صاحب ۽ پڻ حاجي نبي بخش خان جي تعزيت ڪيم ۽ تڏي تي نه پهچڻ جي معافي ورتم. ڏاڍي عزت سان پيش آيو ۽ چيائين ته ”سائين اسانجي وڏن جا دوست آهيو. وڌيڪ شرمندو نه ڪيو، هاڻي به جڏهن وڻيو ٻه پير ڀري وڃو، باقي تعزيت قبول! هاڻي رڳو اسان وٽان گهمي ڦري وڃو ته اوهان جا لک احسان.“ مون اڄ تائين سندن ڳوٺ ڏٺو ئي ناهي. پر پڪ اٿم ته هاڻ به ويندس ته مان لهي ايندس، راڄائتا ماڻهو آهن.
ڳالهه هئي ٿر جي ۽ اٺ جي سواريءَ جي. اهو ناممڪن پيو لڳي جو راڻو مينڌرو رات وچ ۾ اٺ تي چڙهي، ايڏو ڏور، ماٿيلي مان ٿي اچي. يا ته مومل ماٿيلي جي نه هوندي يا راڻو عمر ڪوٽ جو نه هوندو. رئيس حاجي محمد عثمان مريءَ سان ڳالهه ٻولهه دوران، پاڻمرادو چيائين ته ”جج صاحب توهين اديب ماڻهو، مارئيءَ کي کڻي ٿا ڀالوا جو ڄاڻايو سو به هروڀرو جڏهن عبدالله چنا صاحب، کڻي اهڙو انڪشاف ڪيو. ٿورو ويچار ته ڪيو ته عمر ڪوٽ مان اٺ تي چڙهي، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ کان ٿيندو ڀالوا پهچڻ ڪو چرچو آهي ڇا جو ڪوئي عيش پليو بادشاهه، اڪيلي سر سفر ڪري اچي، سو به هڪ معمولي ٿري ڇوڪري ڏسڻ لاءِ.“ ڳالهه ته وزندارهئي. پڇيومانس ته ”توهانجو ڇا خيال آهي؟“ چيائين،” اسانجو نه ڪو خيال آهي نه خبر اٿئون. پر اسانجو هي علائقو ٿر به آهي ته سرسبز ۽ شاداب، ناري (اڀرندو نارو) جي وٽ سان آهي. هت ناري تي هڪ گهيڙ (گهاٽ) آهي جنهن کي سڏين ٿا مارئيءَ جو تڙ. ڀرسان ئي مارئيءَ جو مقام آهي. (سنڌ ۾ مقام، قبرستانن کي به چون). اهي ٻيئي جايون اڄ به موجود آهن ۽ انهن نالن سان سڏجن ٿيون. عمرڪوٽ ويجهو به آهي ۽ پنڌ به سؤکو. وڌيڪ پاڻ ڄاڻو.“ مان تفتيش ۽ تحقيق جي چڪر ۾ ڪونه پوندو آهيان. شايد اٻهرو ۽ تڪڙو آهيان، ان ڪري، الائي آرام پسند آهيان ان ڪري، اهڙي رڳڙي ۾ ڪونه پوان.
ٽنڊو الهيار ۾ عبدالحق زمين ورتي پنج سؤ ايڪڙ منهنجي نالي سو ڪيئي دفعا ميان ونهيون جي تاريخي مقام وٽان لنگهڻ ٿيو جتي بيگلار خاندان جون قبرون آهن. پر مان لڙي ڪونه ويس. بس هڪ دفعي ميان ونهين جي مقبري تي فاتح پڙهي، هڪ ٻه قبرون بيگلارن جون ڏسي موٽي آيس. ان ميدان جا وڏا نالا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي. اڄڪلهه جي نوجوانن ۾ آهن ڪليم لاشاري، بدر ابڙو ۽ اشتياق انصاري.
حاجي محمد عثمان مري ۽ سندس ڀاءُ حاجي محمد اسحاق مريءَ سان هڪ ملاقات ۾ اهڙي چس ٿي وئي جو وسرئي نٿا وسرن. ويهن سالن کانپوءِ جڏهن مان ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ رهندو هئس ته نصرپور جو علي اڪبر ميمڻ، جو پوءِ ڊپٽي ڪمشنر به ٿيو اچي مليم. ميرپورخاص ۽ جهوناڳڙهه ۾ گڏ پڙهيا هئاسون، جلد ئي اتاوليءَ مان اٿيو. چيم خير؟ چيائين ”حاجي عثمان مري بيمار ٿي ڪراچي علاج لاءِ آيو آهي سو ان سان ملڻ ويندس!“ مون چيو ”مان به هلندس!“ گاڏي وٽس هئي. نارٿ ناظم آباد جي الائي ڪهڙن رستن ۽ گهٽين مان وراڪا ڏيندو اچي هڪ جاءِ وٽ گاڏي روڪي در کڙڪايائين. حاجي صاحب جو ڪو پٽ، ڀائٽيو يا ڪو ٻيو عزيز نڪري آيو. ان کي چيائين ته ”حاجي صاحب کي ٻڌاءِ ته علي اڪبر ميمڻ آيو آهي.“ اندر زنانو عالم هئو سو حاجي صاحب پاڻ نڪري آيو، ساڳيوئي خوبرو ٺاهوڪو مڙس، البت بُت ۾ سنهو ٿي ويو هو. خوش اخلاقيءَ سان مرڪي مليو ۽ معافي ورتائين ته اسانکي ويهارڻ لاءِ وٽس بندوبست ڪونه هو. مون چيو ته ”حاجي صاحب توهان مونکي ته ڪونه سڃاتو هوندو. ڀلا رڳو هڪڙي ويهارو سال پراڻي ملاقات، ورهيه لنگهي ويا، سو نڪ نقشو ڪٿي ٿو ياد بيهي؟“ ته چيائين ته ”جج صاحب اسين پنهنجن مهربانن کي ڪونه وساريندا آهيون!“ ڏسو ڪيڏي وضعداري ۽ انڪساري هئي. حالانڪ مون مٿس هڪ به مهرباني ڪانه ڪئي هئي. رڳو ري ڪوٺيو سندس دعوت ۾ شريڪ ٿيو هئس ۽ اها مهرباني ياد هئس.
ڪجهه فڪرمند ڏٺو ٿي. پڇيم ”ڪهڙي تڪيلف آهي؟“ چيائين ”دل جي!“ مون کيس دلداري ڏني ته ”حاجي صاحب ڪا ڳالهه ناهي، مونکي ڏسو، منهنجي دل جي ڪارونري جي رڳ سؤ سيڪڙو بند آهي ۽ دل جو اڳيون اڌ بلڪل مئل ۽ ناڪاره آهي ۽ سڀني ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مان 1977ع تائين مري ويندس ته به مڙيئي خير آهي مان ته پيو هلان چلان ڪم ڪاريون ڪيان!“ ڏٺم ته سندس پتي تي پاڻي ئي نه پيو ۽ ڏاڍو مايوس هئو. اها مايوسي نڀاڳي سڀ کان وڏي بيماري آهي. غلام النبي سومرو چوندو هئو ته ”ڪنهن به معاملي کي پاڻ تي سوار ٿيڻ نه ڏيو. توهين ڀلي مٿس سواري ڪيو!“ مست ملنگ ماڻهو هو چوندو هو ته ”ڀلي ڇوريءَ سان عشق ڪيو پر ان جي پڪڙ ۾ اچي پنهنجي ميڄالي ۾ گهڙڻ نه ڏيو!“ پاڻ ٻه ٽي ڳنڍيريون چوسي، اهڙو ڦاٿو جو مائٽن جي مخالفن باوجود، سندس قول مطابق سڄي سومرا رپبلڪ کي ناراض ڪري، شادي ڪري ويٺو. ٿري ماڻهن چواڻي انسان ويچارو ماڙهوءَ جي آچار!
حاجي محمد عثمان مري به جلد ئي الله کي پيارو ٿي ويو. ڪامورا پاڻ کي سمجهن خدا جا پٽ، سو ڪٿي ٿا پير ڀرين. باقي ڀائيندا ته ٻيا سڀ سندن در تي ليلڙاٽيون پائيندا رَهن. مان پاڻ ئي پاڻ تي لعنت ڪندو آهيان جو سندس تعزيت تي ڪونه ويس. ٿي سگهي ٿو ته مون ۾ به ڪامورڪي مڳي اچي وئي هجي. حاجي صاحب ته ٺهيو هڪ معزز ۽ نيڪ ماڻهو هو پر منهنجا تمام پيارا دوست حاجي سانوڻ خان ٻٻر حاجي محمد اڪرم پاٽولي يوسفاڻي، گذاري ويا ته مان اڄ تائين ڪونه ويو آهيان. دل ته روئي ٿي پر وسيلا ڪونه آهن. هڪ ته دل جو مريض ٻيو پئسن جي ٻاڙائي. اوٽ موٽ ايئرڪنڊيشن گاڏي، پئٽرول ۽ ڊرائيور جو خرچ، نه نوڪريءَ دوران نه هاڻ رٽائرمينٽ کانپوءِ برداشت ڪري سگهجي ٿو.
نوڪريءَ واري ماڻهوءَ کي کپي ته نوڪري هوندي ئي ڪجهه آمدني جا ذريعا ٺاهي ڇڏي جيئن پوءِ اولاد آڏو هٿ ٽنگڻو نه پويس. مان ته وري به سکيو آهيان ۽ اولاد به صالح اٿم، پنهنجي مرحوم گهر واريءَ جي ڳالهه ياد پويم. دوا کٽي ويندي هئس ته پٽن کي ڪونه ٻڌائيندي هئي. جڏهن مون چيومانس ته ”پٽن کي ڇو نه ٿا چئو؟“ ته چيائين”سائين، ڊڄندي ٿي وتان!“ سندس جواب ۾ ڪيڏي نه اذيت ۽ ڪرب هئو. ماءُ کي اولاد مان ڊپ هجي ته متان آڏو ابتو جواب نه ڏين. الله پناهه ڏئي. تنهن جي معنيٰ ته اولاد کي پاڻمرادو اهڙا جتن ڪرڻ کپن جو ماءُ پيءُ جو مڪمل اعتماد حاصل ڪن، پيءُ ماءُ ڪيئن ڪڇندا جو شيخ سعدي عليھ رحمت وانگر چئي ڏين ته، ”فراموش ڪردي ڪه بچاره بودي در آغوش من.“ يعني ”وساري ڇڏيئه ته منهنجي هنج ۾ ويچارو ٿيو پيو هوندو هئين.“
اهو هڪ عجيب ڪرشمو آهي جو شاديءَ جي هڪ رات ۾ سڄي ڪايا پلٽ ٿي ٿي وڃي. هڪ رات ۾ ڇوڪرو به ماڻهو ئي ٻيو ۽ ڇوڪري به صفا ٻي. ڀانئنجي ٿو ته خود اعتمادي جو احساس، حيثيت کان ڪجهه وڌيڪ اڀري اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اصل ۾ ايتري خود اعتمادي ۽ ذميداريءَ جا وسيلا آهن نه حيثيت. ان ڪري ڇوڪرو هٿ ناٽ ڪري مصنوعي رعب تاب ڏيکارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ڇوڪري وري هٿرادو ڀنڊڻ ۽ روئڻ رسڻ سان پنهنجي انفراديت ۽ حيثيت مڃائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. انهيءَ صورت ۾ نهايت تحمل، بردباري ۽ صبر سان ٻنهي کي موقعو ڏجي ته پاڻهئي ٿڌا ٿي، اُڀامڻ ڇڏي، پنهنجي نجي ۽ اصل جڳهه تي اچي ويندا. مخالفت ۽ ٽوڪبازيءَ سان ويتر وڳوڙ پيدا ٿيندو. ۽ حالتون سڌرڻ بجاءِ مخالف سمت ۾ چوٽ پهچي وينديون. اها صورتحال ڪنهن لاءِ به فائديمند نه آهي. منهنجي مرحوم گهرواريءَ کي صبر جا مٽ هئا. ننهرن سان اهڙو چڱو هلندي هئي جو هڪ ننهن ته پنهنجي ماءُ کي چئي ڏنو ته ”تون منهنجي سس جهڙي سس ٿي ڏيکار ته مڃانءِ!“ اها ڳالهه سندس ماءُ مون سان پاڻ ڪئي ۽ چيائين،”ادا، هيءَ ڏس تڏ جيتري. سا ٿي مونکي سبق سيکاري.“ ٻي به هڪ ڳالهه منهنجي مرحوم گهرواري ڪئي جا هوند سونن اکرن ۾ مڙهائي هر گهر ۾ لڳائڻ کپي. مون جڏهن ساڻس هڪ ننهن بابت شڪايت ڪئي ته جواب ڏنائين ته،”سائين پنهنجو سڪو کوٽو آهي، پرائي ڌيءَ کي ڇو ٿا ڏوهه ڏيو؟“ منهنجو هميشه لاءِ وات بند ڪري ڇڏيائين. اهڙي سوچ ۽ ورتاءَ، خداداد لياقت آهي؛ هر ڪنهن ٽنڊو ٽوپڻ يا ايمڻان جي مجال نه آهي.
اهڙا مسئلا نهايت نازڪ، نجي گهرو مسئلا آهن جن کي سلجهائڻ لاءِ اڙيا ٿڙيا طريقا وٺڻ بجاءِ ڪنهن ماهرِ نفسيات جون خدمتون وٺڻ کپن. نه ته ننڍڙيون رنجشون ۽ معمولي اختلاف به وڌي وڻ ٿي ٿا وڃن ۽ گهپي، گوڙ ۽ وڳوڙ جنم ٿا وٺن. مون پنهنجي گهر ۾ انوکو طريقو اختيار ڪيو. نهرون اچن ٿيون ته هڪ ڌاريو خون ڌاري سوچ ۽ ڌاريون چاهنائون وغيره به ساڻ کڻي ٿيون اچن. گهر ۾ ٻه ٺڪر ته ضرور ٺهڪن. مون وري گهرو پارليامينٽ جوڙي جنهن ۾ هر ننڍو وڏو، ويندي ٻارن کي به سڏي ويهاريندو هئس. ائين ڪرڻ سان هڪڙو ته دل جا بخار نڪري ويندا هئا ٻيو ته جنهن جي طبيعت ۾ ڪجهه جهول هوندو هو ته اهو به ظاهر ٿي پوندو هو. پر ڍڪ ڍڪي وڃبو هو. يعني ننديو نه ويندو هو. آهستي آهستي مون پاڻ کي پارليامينٽ کان ڌار ڪري ڇڏيو ڇو ته منهنجي موجودگيءَ ۾ ڪنهن جي ڪچائي ڦڪائي ظاهر ٿيڻ مناسب به نه هئو ۽ ان جا منفي، خود بچاءَ جا، اثر به ٿي سگهيا ٿي. هاڻي مونکي رڳو پارليامينٽ جي ڪارروائي ۽ فيصلا ٻڌايا ويندا (رپورٽ ڪيا ويندا) آهن ۽ مان انهن کي اوڪي ڪري (منظور ڪري) ٺپو هڻي ڇڏيندو آهيان. انهيءَ ڪري رب جي مهربانيءَ سان منهنجي گڏيل ڪٽنب جو ڪار وهنوار، گهڻي حد تائين مـيٺ محبت ۽ رضاڪارو پيو هلي. انهيءَ هوندي به مون پنهنجي مهربان ڊاڪٽر، ماهر نفسيات پروفيسر انور هاليپوٽي کي عرض ڪيو جنهن هر هڪ گهرڀاتي سان جدا جدا ويهڪون ڪري مسئلا ٻڌي، مونکي اوڪي (سڀ ٺيڪ) جي رپورٽ ڏني. ممڪن آهي ته هر ڪنهن کي ڪي مشورا به ڏنا هجائين جي نه هن ٻڌايا، نه مون پڇيا. هي ڏاڍي سود مند صلاح آهي جا مون هروڀرو وچ ۾ هڻي ڇڏي ته ڀلي چڱن چڱن ڪٽنبن جو ڀلو ٿئي. آزمائش شرط آهي.
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ’ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهه يار.‘ ننڍي هوندي مان سمجهندو هئس ته هي پهاڪو عيسائي عقيدي تي ٽوڪ آهي جيڪي”پيءَ، پٽ ۽ پاڪ روح (بيبي مريم)“ جو عقيدو رکندا آهن، منهنجي خيال ۾ اهو مطلب بلڪل ٺيڪ هو ته ڪٿي منهن مريم جو ڪٿي الله يار! پوءِ ڪنهن چيو ته مريم هڪ توب جو نالو هو جا ڪوٽ تي رکيل هئي. پر صحيح پهاڪو ڪجهه ٻيو هو. چون ٿا ته مريم هڪ سهڻي مائي، مير الهيار خان جي وقت ۾ هئي ۽ مير صاحب شڪل جو مڙئي سادو هو. هيڪر ننڍي هوندي جيڪا ڳالهه دل تي ويهي ٿي رهي ته پوءِ مشڪل سان ٿي ميسارجي. ٽنڊي الهيار ۾ جج ٿي ويس ته هر پڙهيل لکيل ماڻهوءَکان پڇيم ته هرڪو چوي ته ”اسان به ٻڌوآهي باقي پوري خبر ڪانه اٿئون!“
ٽنڊي الهيار جي پراڻي ڪوٽ ۾ ويس جتي اڄڪلهه مختيار ڪاري ۽ پوليس ٿاڻو آهي. اتي به نه ڪائي توب هئي نه ڪائي لکت. البت پراڻو روينيو رڪارڊ ڏسندي هڪ عجب جهڙي ڄاڻ ملي ته انگريزن سرڪاري زمينون مفت ئي مفت ۾ ماڻهن کي ڏنيون. مثلاََ ڪنهن ماڻهو رڳو درخواست ڏني ته ”مونکي هيتري زمين ڏيو ته محنت ڪري آباد ڪندس ۽ ڍل سرڪار کي ڏيندو رهندس!“ بس درخواست منظور ۽ چونڊ ڀلي زمين مالڪاڻي حقن سان سندس حوالي. مزو وري اهو ته ماڻهو به اهڙا اڻ پڙهيل جو صحيح ڪرڻ به نه اچين. درخواست لکائي هيٺان نشان منڌيئڙو يا گولڙو يا ٻيو ڪجهه ٺاهي ڇڏين ته به درخواست منظور ۽ زمين سندن حوالي. نه رڳو زرعي زمين پر سڪني زمين به ڀڳڙن مٺ تي ماڻهن کي ملي ويندي هئي. هيرآباد حيدرآباد ۾ پئسي ٽڪي فوٽ. ڪراچي ۾ به ائين. منهنجو هڪ واقفڪار هئو ميجر سراج جنهن جو هڪ هزار گزن تي بنگلو هئو خالد بن وليد روڊ تي. ٻڌايائين ته کيس اهو پلاٽ ڏنائون پنج سئو رپين ۾ ته هن دانهون ڪيون ته مونکي ڇو ٿا اوجهڙ ۾ ايترا پئسا خرچ ڪرايو. پوءِ فخر سان ٻڌايائين ته اڄ ان جا اسي لک ملن ٿا. ليکو ڪيو ته گز جا ٿيا اٺ آنا. ائين زمينون ۽ پلاٽ، سرڪار جهڙوڪر مفت ۾ پئي ورهائيندي هئي. اها ڪيڏي نه چڱي پاليسي آهي. هڪ ته ملڪ آباد ۽ سرسبز ٿي ويندو ۽ پڻ وسنديون. خانگي سيڙپ سان ٺهي وينديون. رشوت کي به ٻنجو. ڀلا اٺين آني گز سرڪار سڏ ڪيون پئي ڏئي ته رشوت ڏئي ڪير وٺندو؟ الائي ڇو اڄوڪي سرڪار کي عقل نٿو اچي. شايد پئسي جي چُوس عقل تي پڙدا وجهي ڇڏيا آهن.
مون مريم توب جو منهن الائي ڪاڏي ڦيرائي ڇڏيو ۽ وٺي جهنگ منهن ڪيم. سائين استاد محمد ابراهيم جوئي صاحب منهنجو پهريون ڪتاب پئسن تي خريد ڪري پڙهي ڇڏيو جيتوڻيڪ کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون ڏانهنس اعزازي ڪاپي ڏياري موڪلي هئي. پڇڻ تي صلاح ڏنائين ته هڪ ته پئراگراف وڏو ٿو ڪيان جنهن ڪري پڙهندو ورچجي ٿو پوي. ٻيو ته موضوع کي ڇڏي ٻين موضوعن ڏي هليو ٿو وڃي. چيومانس ته برابر پئراگراف ننڍا ڪندس باقي ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪري ان کي ڪيئن ڇڏيان. اها منهنجي ڪمزوري يا انوکي اسٽائيل سمجهو. سراج الحق ميمڻ تمام ذهين، سچو تنقيدنگار ۽ اونهي نظر رکندڙ، منفرد سوچ وارو ماڻهو آهي. ان وري مبارڪ ڏني ته جمال تنهنجو اهو اسلوب، ڳالهه مان ڳالهه، سنڌي ادب ۾ هڪ نواڻ ۽ نئين زور آور (پاورفل) جدت کي جنم ڏيندو. ٻئي وڏا وڃي پاڻ ۾ ڄاڻن. مون ته جهڙا تهڙا رنڍا روڙيا آهن. وڻيوَ ته هنئين سان هنڊائجو نه ته ٿوڪاري ڇڏجو.
پنهنجو ٿر جو نجي سفر پي ٻڌايم ته ڪيئن اٺ جي پاکڙي تي هڪ طرف ٽنگون لڙڪائي پيلوءَ کان اچي ڏاني ڌانڌل پهتس. مون ۾ انتظامي صلاحيتون ڏاڍيون آهن. سڀ آفيسر ان لاءِ داد ڏيندا اٿم. ڏانو ڌانڌل ۾ سڌو ويس پرائمري اسڪول ۾ جتي پولنگ بوٿ ٺهرائي، پڙدا ڏياري، مس، ڪاغذ پنا ووٽرن جون لسٽون ۽ ووٽن جون پيتيون شخصي حفاظت ۾ رکيم. سفر ۾ ٿڪجي چور ٿي پيو هئس. پر ائسپرو، ڪوڊوپائرن وغيره ساڻ هئم سو کائي آرام ڪرڻ جو سوچيم. مير صاحب مير احمد خان ٽالپر جو ايجنٽ چوي ته منهنجا مهمان آهيو ۽ شاهه صاحب چوي ته نه منهنجا مهمان آهيو. مون چيو ٻنهي جو مهمان آهيان مير صاحب جي ماڻهوءَ کي چيم ته کٽ بسترو پاڻي جو دلو ۽چانهه تون پهچاءِ ، باقي ماني ٽيئي وقت سيد سڳوري جي کائيندس. ٻئي راضي خوشي ٿي ويا. چانهه مانيءَ کان پوءِ لت کوڙي سمهي پيس. شام جو شاهه صاحب کي ۽ مير صاحب جي ڪارندي کي سڏائي سختيءَ سان اليڪشن جا اصول سمجهايم ۽ چيم ته ڪا به رعايت نه ڪندس. خبردار ڪيو مان ته هڪ به ڪوڙو ووٽر پڪڙيو ته اتي جو اتي جج جا اختيار هلائي ٽيپ ڏئي ڇڏيندوسانس. مڙيئي ڏڏو ته ٻڌڻو هو. نه ته بنان ڪيس هلائڻ جي ٽيپ ڪيئن ڏبي؟
ڏاني ڌانڌل جو پاڻي مڙيئي ٻاڙو بلڪ کارو هو. چيائون ته سڄي ٿر ۾ گهڻو ڪري ائين آهي. پڇيم ڀلا ”پيلوءَ جو پاڻي؟“ شاهه صاحب توڙي ٻين يڪ آواز چيو ته ”سائين پيلوءَ جو پاڻي آهي گيهه!“ ٿر ۾ گيهه ۽ کير وڏي ۾ وڏي نعمت آهي. سڄو ٿر هڪ قدرتي چراگاهه آهي. ٿري ڳاڙهي ڳئون ته دنيا ۾ مشهور آهي. سرڪاري امداد ۽ سائنسي وسيلن سان ايترو کير مکڻ گيهه ۽ گوشت مهيا ٿي سگهي ٿو جو ڪروڙين اربين ڊالر بچائي سگهجن ٿا، جي اسان سڪو کير ۽ تيل ٻاهران گهرائڻ تي خرچ ڪريون ٿا. وسڪاري نه ٿيڻ ڪري جو ڏڪار جهڙيون حالتون اچن ٿيون، سو به بنا اناج مهيا ڪرڻ جي ٽاري سگهجن ٿيون. رڳو مال لاءِ سڪل ۽ دٻيل چارو ئي ڪارخانن مان موڪلجي ته مال بچي پوي ۽ ماڻهو به کير، مکڻ، گوشت تي تڳي ڏڪار جي موت مان بچي پون. سنڌ ۾ چارو کوڙ، لوسڻ، ڏير، توتڙ، بُهه، پلال، تورئي ۽ سرنهه جو ڦوڳ، پلڙا ۽ سڱريون. رڳو سرڪار ڪارخانيدارن کي همٿائي. زميندار به اهڙا اضافي ڪارخانا قائم ڪري سگهن ٿا. اهڙو چارو مفت ۾ مالدارن کي سرڪار ڏئي ته مال توڙي ماڻهو بچي پون. سڪل ويڙهاٽيل چارو جسامت ۾ گهٽ ٿيندو ۽ انکي اماڻڻ تي خرچ به گهٽ ايندو. مقرر مرڪزن تان مالدار پاڻ ئي کڻي ويندا. ٽرانسپورٽ جو خرچ گهٽ ايندو. رڳو مختيارڪار ۽ تپيدار ايماندار ٿين. مٿن ڪرڙي نظر هوندي ته ڇو نه ٿيندا. انگريزيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ارادو آهي، ته راهه به ملي وڃي ٿي.“ لطيف سائين تمام سهڻن لفظن ۾ فرمايو ته ”واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.“
ٻئي ڏينهن آرام سان اليڪشن ٿي. البت هڪ چالاڪڙو نوجوان نظر چڙهي ويم۽ شڪ پيم ته ٻيهر ووٽ وجهڻ آيو آهي. دير ئي ڪانه ڪيم. پوليس وارن کي چيم ته ”پڪڙيوس، هڻوس هٿڪڙي!“ منٽ ٿي ويا ۽ نوجوان کي هٿڪڙين سان اسڪول جي اڱڻ ۾ ويهاريم جيئن خلق تي ڏهڪاءُ پوي. جلدئي پير مڙد ۽ سندس وارث کيس ڇڏائڻ آيا. ڪوڙي ڪاوڙ ڏيکاري چيومان ته ”توهان کي به جيل ۾ وجهندس جو ڪوڙا ووٽ ٿا وجهارايو!“ نوجوان کي سڏي سندن روبرو ڪيم جنهن سچي ڪئي ته ٻيهر ڪوڙو ووٽ وجهڻ آيو هو. منجهند جي مانيءَ جي وقفي ۾ مون ماني شاهه صاحب سان کاڌي، باقي ٻين سڀني، پولنگ آفيسرن وغيره جي ماني مير صاحب جي ماڻهوءَ تي رکيم. شاهه صاحب اهڙو سادو ۽ اٻوجهه جو پنهنجي ووٽ سان گڏ پنهنجي نمبر چٽڪي به پيتيءَ ۾ وڌائين. ٽپهري جو خير سان اليڪشن ڪري، ووٽ ڳڻي لفافن ۽ ڳوٿرين ۾ سيل مهر ڪري رکيم. اتي پوليس وارن پڇيو ته ”صاحب هن جوابدار کي ڇا ڪيون؟“
مون ڪوڙي ڪاوڙ مان چيو ”اڙي اڃا ٿا پڇو ، وٺي وڃوس ٿاڻي تي اهي پاڻهئي جيل موڪليندس. اجهو وٺو هي لکت ۾ آرڊر!“ ماڻهون پرڀرو ميڙاڪا ڪيون بيٺا پيا ڏسن ته هاڻي الائي ڇا ٿيندو. ايتري ۾ شاهه صاحب به لنگهي آيو ۽ چيائين ته صاحب، ”منهنجو ماڻهو آهي، معاف ڪيوس!“ مون چيو ”شاهه صاحب بس ڳالهه به اها، ڪو وڏو حڪم ڪيو ها!“ پوليس وارن کي سڏي چيم ته ”بابا شاهه صاحب جو حڪم آ ڪڍوس هٿڪڙيون!“ هنن هٿڪڙيون کوليون ۽ چيو ته ”صاحب هي جيل جو آرڊر؟“ مون وٺي ڦاڙي ڇڏيو. مون چيو ته ”بابا شاهه صاحب جو آرڊر وڏو!“ نوجوان جي ٻانهن کڻي شاهه صاحب جي حوالي ڪيم. ماڻهن ۾ چؤٻول پئجي ويو ۽ شاهه صاحب جي به مڇ ڦڙڪڻ لڳي. ڇوڪرو مالڪن جي حوالي ڪري موٽي آيو. چيائين ته ”صاحب منهنجو مان مٿاهون ڪري ڇڏيئي، هاڻ حڪم ڪر. چيم پيلوءَ پهچڻو اٿم پر اٺ جو سفر مونکان ڪونه ٿيندو!“
شاهه صاحب چيو ته ”سائين وهٽ وهٽ جو فرق آهي. اهڙو اٺ ڏيندوسانءِ جو کير جو ڀريل وٽو هٿ ۾ جهلي ويهه ته کير نه ڇلڪندو!“ مون چيو ”شاهه صاحب وارو ڪر اهڙو اُٺ موڪل پيلوءَ منهنجي همسفر آفيسرن ڏي وڃي منهنجو خط ڏيئن ته جيپ موڪلن!“ چيائين ته بيٺي پير اِجهو ٿو اوٺي وڃي خط پهچائي. مون خط ۾ لکيو ته ”بخار اٿم بيمار ٿي پيو آهيان. سوڪيئن به ڪري جيپ موڪليو!“ هئي ته اٽڪل، پر واقعي به لڱ لڱ ٿي ڏکيو ۽ هلڪو بخار به هئو. وري سموري سفر دوران نه وهنتو هئس نه ڏاڙهي لاٿي هئم سو بلڪل مريض ٿي لڳس. لڙي اڌ رات جو اچي جيپ نڪتي سرڪاري سامان، ٽپڙ ٽاڙي رکائي انهيءَ مهل روانو ٿيس. پيلؤ ۾ منهن اونڌاري اچي پهتس. يارن دوستن منهنجي حالت ڏسي چيو ته ”اسان ڀانيون ته بهانو ڪيو اٿئي پر تون ته واقعي بيمار آهين.“
ناشتو ڪري چانهه پي جو جيپ ۾ ويٺاسين ته سڌو آڌي رات ڌاري اچي ميرپورخاص نڪتاسين. نه سيٺ نهالچند ڏي لڙياسين نه ٻئي پاسي. مان سڌو ويس عبدالحق جي گهر جو اتي ڊي ايس پي هو. منهنجي ڀيڻ منهنجي حالت ڏسي پريشان ٿي وئي. ماني ٽڪر کارائي سمهاري ڇڏيائين. صبوح جو دير ڀرو اٿيس. ڪپڙا ڪڍي وهنجڻ لاءِ تيار ٿيس ته اوچتو ڪوٽڙيءَ کان منهنجي گهر واري به ڀاءَ کان جيپ وٺي اچي پهتي. اچڻ سان ڏوراپا ڏيندي چيائين ته ست اٺ ڏينهن ٿي ويا، نه خط نه پٽ، نه نياپو نڙو، انتظار ۾ ادا کي چيم ته گاڏي ڪري ڏي مان وينديس، پر منهنجي جو حالت ڏٺائين ته سڀ ڏوراپا لهي ويس. اول ته سنوارت(ڏاڙهي لاهڻ) جو سامان کڻي آئي ۽ پوءِ وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي ڊي سي صاحب سان ملي، اليڪشني سامان متعلقه آفيسرن حوالي ڪري، سڄو ڏينهن سمهي آرام ڪيم. شام جو مير احمد خان ٽالپر سان ملي سڄو احوال ڏنم ۽ اليڪشن کٽڻ جي مبارڪ ڏنم. مير صاحب درويش صفت ڀلو ماڻهو هو. مير محمد خان ٽالپر جو وڏو ڀاءُ هو. ٻئي ڏينهن عبدالحق کان جيپ وٺي ٻارن سوڌو اچي کپري پهتس.
هيءَ هيڏي ساري ٿر جي سفر جي تمهيد ٻڌم جو شيخ اياز صاحب ٿر گهمائڻ جو بار مون تي رکيو هو. مونکي خبر هئي ته ٿر گهمڻ مذاق ناهي جيسين آفيسرن ۽ تر جي نيڪ مڙدن جو تعاون نه هجي.
کپري پهتس رات جو هڪ بجي. سنڌي روايت موجب، عبدالحق صاحب ماني کارائڻ کانسواءِ ڇڏيئي نه، سو رات جا نون ڏهه ته ميرپور خاص ۾ وڄي ويا. ٻئي ڏينهن سڄي کپري شهر ۾ چؤٻول ٿي ويو ته جج صاحب آڌي رات جو سفر ڪري زال ۽ ٻار (هڪڙي شاهده مائي ڄاول هئي) سميت آيو آهي. صبوح ساڻ منهنجي دوست ڊاڪٽر سانوڻ خان اچي ڇنڊ پٽيم ته ”تنهنجو مٿو خراب ٿيو آهي جو آڌي رات جو ٻارن سان ٿو سفر ڪرين! ميان، رحيم هنڱورو اڃا ڀڳل (روپوش) آهي ۽ پير سائين بادشاه (پيرپاڳاري) جي حڪم تي به پيش نٿو پوي ... ظالم اهڙو آهي جو ٻارن ۽ زائفن کي به گوليون هڻي ماري کلي ٽهڪ ڏئي ٿو!“ ڪوٽ ڏانهن ايندي منهنجي وفادار پٽيوالي فيض محمد به ڳالهايو. چي ”بادشاهه اهڙا ڪم ڪبا آهن ڇا؟ مهرباني ڪري وري اهڙي غلطي نه ڪجو؟“ شام جو رائصاحب شيوڪرام ۽ شهر جا عزتدار ماڻهو به حال وٺڻ آيا. موضوع اهو ئي پر مونکي اڻ لکي خوشي ٿي ته منهنجي انهيءَ معمولي عمل سان عام ماڻهن ۾ اهو جذبو اتپن ٿيو ته ملڪ هروڀرو ويهڻ کان ڪونه ويو آهي، اجايو ڏر به مناسب ناهي.
حڪمران جي عمل جو مظاهرو جادوئي ڪرتب ٿو ڏيکاري. مان نڪو انتظامي آفيسر هئس نه حڪمران، پوءِ به ايڏو اثر ٿيو جو کپري جي بازار، جا سج لهڻ سان بند ٿي ويندي هئي. سا رات جو اٺين نائين تائين کليل رهڻ لڳي. مون وٽ روزانو شام جو رمي راند، تاس جي پتن واري ٿيندي هئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، ايس ڊي او ۽ ڊاڪٽر شامل ٿيندا هئا. رات جو يارهين بجي ايس ڊي او صاحب اڪيلو ئي اڪيلو پنهنجي بنگلي ڏانهن روانو ٿيندو هو جيڪو شهر کان ٻاهر، اڌ منو ميل پري اوجهڙو ۾ هوندو هو. ايس ڊي او صاحب، مرحوم نور محمد سمو، جهلڻ باوجود ڪونه مڙندو هو. چوندو هو ته مان به ڪچي جو رهاڪو (ماڙي جلباڻي جو) لنڊيون لتاڙڻ جو عادي آهيان. جلد ئي رحيم هنڱوري کي پير صاحب پاڳاري جي مريدن پڪڙي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ تان ڏرت ٽريو.
شيخ اياز صاحب جي ٿر گهمڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ مون ميرپور خاص جي آفيسرن ۽ کاتن جو جائزو ورتو. خبر پيم ته مليريا کي ختم ڪرڻ واري کاتي وٽ جيپون ۽ گاڏيون جام آهن. کاتي جو سربراهه هئو ڊاڪٽر واحد بخش وڳڻ جو لاڙڪاڻي ضلعي جو، قنبرتعلقي جو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهندا هئاسين. ساڻس چڱي موچاري ڄاڻ سڃاڻ هئي. وڏي ڳالهه ته ادا شمس جو پيالي ڀائي (هم نواله، هم پياله) هو. کلڻو ڳالهائڻو باغ و بهار شخصيت جو مالڪ. منهنجو ته مسئلو ئي حل ٿي ويو. دل تان بار لهي پيو. وٽس لنگهي ويس. ڏاڍو خوش ٿيو. خوشيءَ سان سڄو بندوبست ڪرڻ قبول ڪيائين. شرط اهو وڌائين ته پندرهن ويهن ڏينهن جي مهلت ڏيو. مون چيس ته تاريخ تون مقرر ڪر.
ماتحت آفيسر گهرائي ميٽنگ ڪري سڄو پروگرام ٺاهي پروگرام جوڙيائون. 1966ع ون يونٽ جو دؤر هو سو ماتحت آفيسر، ڊاڪٽر، ڊرائيور سڀ پنجابي هئا، جن کي شيخ اياز جي اهميت جي خبر ئي ڪانه هئي. پر واحد بخش وڳڻ مٿن ڪافي رعب وڌو ته ”وي آءِ پي مهمان آهن سو پورو پورو خيال رکجو!“ وري مونکي شرط وڌائين ته ”هڪ ڏينهن اڳواٽ اچجو منهنجي دعوت کائجو(قبول ڪجو)!“ مون چيو ”بيشڪ پر سٺو سرڪاري بنگلو مخصوص (رِزرو) ڪرائجو! ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ”حاضر! جيڪي حڪم.“ مون شيخ صاحب کي اطلاع ڪيو ۽ هن صاحب رشيد ڀٽي، غلام رباني آگرو ۽ سائين محمد ابراهيم جويو کي ساڻ کنيون، ڏاڍي سٺي سنگت هئي.
لڙي ٽپهري مهل ميرپورخاص پهتاسون. ڊاڪٽر واحد بخش وڳڻ، ڏاڍي خوشدليءَ سان اسانجو استقبال ڪيو. هڪ خلاصو سرڪاري بنگلو اسان لاءِ مخصوص ڪرايو هئائين جتي آرام سان ٿانئيڪا ٿي ويٺاسون. رات جو وڳڻ صاحب پُر تڪلف سُرڪيءَ واري دعوت (wet dinner) ڪئي. ٿڪ ئي لهي ويا. وڳڻ صاحب شيخ اياز جي اهڙي پيو عزت ڪري جهڙي مرشد جي! سندس ماتحتن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته سندن صاحب، هڪ وڪيل جي ايڏي عزت ڇو ٿو ڪري؟ وڳڻ صاحب هڪ صاف ذهن جو سنڌي قومپرست هئو. سندس پنجابي ماتحتن لاءِ اهڙو جذبو سمجهڻ واقعي محال هو. رات جو خوب سمهي ننڊ ڪئيسون. صبوح جو آرام سان اٿي ناشتو پاڻي ڪري وهنجي سهنجي اڇا ڪپڙا پائي تيار ٿياسون ته ٻه جيپون ۽ هڪ ڪار گاڏي (پڪ اپ) مڇرمار ڊاڪٽرن ۽ ڊائيورن سميت اچي هڪيا حاضر ٿيا. راشن پاڻي، ڀاڄيون ڀتيون ۽ پئٽرول جا ڊرم گاڏڙي جيپ ۾ هئا.
اسين به بسم الله ! ڪري جيپن ۾ چڙهي ويٺاسون. قدرت اسان تي اهڙي مهرباني ڪئي جو بادل ۽ ميگهه ملهار جي موسم ڄڻڪ اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ سيڙجي بيٺي هئي. نئون ڪوٽ تائين سفر به سڻانگو ۽ چوڦير ساوا کيت ۽ ٿڌڙي هير هئي. موسم ۾ خنڪي هئي ۽ اياز آسمانن ۾ ٿي اڏاميو. اسانجي منزل هئي سڌو ننگر پارڪر وايا اسلام ڪوٽ ۽ ويراواهه پر سڄي هٿ تي مٺيءَ جو رستو ڏسي مون چيو هلو مٺيءَ، ڪنهين اعتراض نه ڪيو. مٺيءَ ۾ مختيارڪار ۽ مکيءَ آڌرڀاءُ ڪيو، ماني به کارائي، مانجهاندو ڪري مٺي شهر گهميوسين ۽ تڙ ٿي، يعني کوهه تي به وياسون. ٿري ماڻهو ننڍي کوهه کي چون وانءِ. سفر جو مزو، تڙ تڪڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ ناهي، سو آرام سان رهي پياسون.
صبوح جو چيم ته هلو ڏيپلي. ٿوري آنا ڪاني ٿي پر راءِ اها بيٺي ته آيا آهيون ته ڇو نه ڏيپلو ڏسجي جنهن هيڏا وڏا ذهن پيدا ڪيا هئا. جيپن پنڌ سؤلو ڪري ڇڏيو آهي نه ته اڳي ٽي ڏينهن لڳندا هئا ڏيپلي پهچڻ ۾. اصل سرڪاري اعلان نامو (سرڪيولر) جاري ٿيل آهي ته ڪو ٿري آفيسر هڪڙو ڏينهن موڪل وٺي ته کيس ٽي ڏينهن وڃڻ جا ۽ ٽي ڏينهن موٽڻ جا واڌو ملندا ڇو ته سفر اٺن تي ڪبو هو ۽ وچ تي ڊاٻو (منزل) به ڪيو ويندو هو. ڪچڙي منجهند جو اچي ڏيپلي پهتاسون. تمام ننڍو ۽ معمولي شهر آهي. گهڙيءَ ۾ سڄي ڳوٺ کي خبر پئجي وئي ته مهمان آيا آهن. هڪ خوبرو کلمک نوجوان اچي اسان سان مليو ۽ اهڙو قرب ڏيکاريائين جو اسين سندس چيچ ۾ ٻڌجي وياسين. اسين پيا وڃان وڃان ڪيون ۽ هو ڇڏيئي نه. چي ”ماني کائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو سانوَ!“ ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ جو ويجهو عزيز هئو. اياز کانئس اوسي پاسي، گاهن گلن، پوشاڪن ۽ ريتن رسمن بابت چڱي چوکي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ پنهنجي ڪتابڙي (ڊائري) ۾ ٽِپ (نوٽ) لکندو ويو.
مانيءَ کانپوءِ اسان موٽڻ جي ڪئي ته هن چيو ته ”هت سارڻ ڍنڍ نه ڏٺؤ ته ڄڻ ڏيپلي آيا ئي ڪونه!“ چي ”قدرت جو ڪرشمو آهي. سڄو ڏينهن ٽرڪون ڀري لوڻ ڪڍوس ته به صبوح جو ڍنڍ لوڻ سان اهڙيائي ٿمي پئي آهي.“ ـ ”ڀائي گهڻو پري آهي؟“ چي ”گاڏين ۾ ويهو ته اڌ ڪلاڪ ۾ ڏسي موٽي به ايندؤ!“ اهو قدرت جو ڪرشمو به ڏسي آياسون. صاف اڇو ڪپهه جهڙو لوڻ جيترو وڻيوَ اوترو ميڙي، ڀاري گاڏيون (ٽرڪون) ڀري کڻو پر لوڻ کٽڻ جو ئي ڪونهي. صبوح تائين کوٽ پوري! اڳي هرڪو مقامي ماڻهو توڙي دڪاندار ۽ واپاري بنا روڪ جي اڻ ميو لوڻ کڻي ويندا هئا پر پوءِ سرڪار ڍنڍ ٺيڪي تي ڏئي ڇڏي. اهڙي هڪ ڍنڍ مون تعلقي کپري ۾، گرهوڙ شريف ويندي، هٿونگي طرف به ڏٺي هئي.
موٽندي اسان جي ميزبان چيو ته ”ڀرسان ئي هڪ سير سپاٽي (پڪنڪ) جي سهڻي جڳهه آهي هلو ته اتان گهمي اچون!“ـ ” ڀائي آهي ڇا؟“ چي ”تلاءَ آهي، وڻ آهن، وسڪاري ۾ ماڻهو اتي سڄو ڏينهن گذاريندا آهن. ٻوڙ ماني پلاءُ پيا پچندا آهن. بس هلو!“ سندس قرب ۽ سڪ ڏسي وياسون. نڪو هو تلاءُ نڪو وڻڪار. هڪ کڏو هو، ڪنهن بنگلي جي ڊرائنگ روم (اوطاقي ڪمري) جيڏو، جنهن ۾ ڦڙو به پاڻيءَ جو ڪونه هئو. هڪڙو ٻه وڻ ڪونڀٽ جا هئا. ٻيو مڙيئي خير! چيائين ته ”مينهن پوڻ سان هي ڀڏو ايترو ڀرجندو آهي جو ماڻهو ان ۾ ترندا آهن. ڳالهه کي وزندار بڻائيندي ٻڌايائين ته هڪ آفيسر ان ۾ ٻڏي به ويو هو!“ سندس دل رکڻ لاءِ واهه واهه ڪئيسون. گڏوگڏ اهو به محسوس ڪيوسون ته جت وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت. ٿر جي واري ۽ ڀٽن ۾ اهڙي جاءِ هجي جنهن جي پاڻي ۾ ماڻهو ٻڏي وڃي، واقعي وڏي ڳالهه آهي.
انهيءَ جوان جا احسان، نه وسارڻ جا آهن نه ان جو ڪو معاوضو ٿي سگهي ٿو. پر اسان شهرين جا ڏسو افعال! ڏهن سالن کانپوءِ اهو نوجوان مون سان ڪراچي ملڻ آيو جڏهن مان اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس. ٽي چار دوست به ساڻ هئس جن سان شايد ڊاڙون به هنيون هجائين ته مان سندس تمام قريبي واقفڪار هئس. الميو ته ڏسو ته مو ن کيس سڃاتو ئي ڪونه. هو ويچارو ڏاڍو ڦڪو ٿيو. پوءِ ته مون ماحول سڌارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ڪوڪا ڪولا به گهرايم ۽ مانيءَ جو به زور ڀريومان، پر ڳالهه نه ٺهي نه ٺهي. ماني قبول نه ڪيائون ۽ مان به ڏاڍو ڦڪو ٿيس، اڄ ان واقعي جو جائزو وٺان ٿو ته مون به ڏوهه ڪونه ڪيو. ڏهه سال گذري ويا. شڪليون صورتون ئي مٽجي ٿيون وڃن. وري اوچتو اچي نڪرن، ماڻهو ڪيئن سڃاڻندو؟ اڳواٽ فون ڪري، يادگيرو ڏياري اچي ها ته نه پاڻ ڦڪو ٿئي ها، نه مونکي ڏٺو ڪري ها. رڳو اڳواٽ خط لکي ها ته به ڳالهه ٺهي وڃي ها. مونکي ته سندس نالو به وسري ويو آهي.

12

ڳالهيون وسرن ٿيون. وقت وڏو ظالم آهي. وِٿيون وجهيو ڇڏي. اسلام ڪوٽ واري سيٺ نهالچند وٽ مان ٻه دفعا ويس. هڪ دفعو پاڻ مون وٽ لطيف آباد حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪم سان آيو. ڪم به ڪرائي ڏنومانس. پندرهن ويهن سالن کانپوءِ بدر ٿر ويو ته پارت ڪئي مانس ته سيٺ نهالچند سان ضرور ملي ۽ منهنجا سلام پهچائيس. بدر وٽس ويو پر سيٺ کي مان اصل ياد نه پيس. بدر ٻڌايو ته سيٺ جي پٽ الائي پوٽي به گهڻو ئي ياد ڏياريس ته ”جمال صاحب ۽ شيخ اياز صاحب هت آيا هئا ۽ اسين ساڻس لطيف آباد ۾ فلاڻي ڪم سان ويا هئاسون پر سيٺ کي اصل ياد ڪونه آيو.“ هاڻي اميد ته ڏيپلي وارو نوجوان مونکي معاف ڪندو. لٿ پٿ ٿي وئي. جي ڪوئي ٿري ائين وساري سگهي ٿو ته ڪراچي، جو ماڻهن جو جهنگل آهي، اتي ڪير ٿو ڪنهن کي اوچتي ملاقات ۾ سڃاڻي. مون ته وري به ياد ڏيارڻ تي سڃاتو ۽ معافي به ورتم پر سيٺ کي ته مان ٺپ وسري ويو هئس.
اها رات موٽي مٺيءَ ۾ گذاريسون. صبوح سوير ڀرو ننگر لاءِ نڪري وياسون. ٽاڪ منجهند جو گاڏي اسلام ڪوٽ ۾ خراب ٿي بيهي رهي. سڀ لهي بيٺاسون. دوست ڪجهه پريشان پي ڏٺا مون چيو ته هت سيٺ نهالچند وڏو مهمان نواز ۽ قربائتو ماڻهو آهي. ان وٽ هلي ٿا آرام ڪيون جيسين گاڏي ٺهي. اها ڳالهه ڪنهن کي ڪانه آئڙي ته بيوقتو هلي ڪنهن کي تڪليف ڏجي. خاص ڪري پنجابي ڊاڪٽرن کي ته هندو ماڻهوءَ ڏي هلڻ ۽ ماني کائڻ اصل نه وڻيو، پر واهه سيٺ نهال چند واهه. پاڻ اچي نڪتو. ٻڌائين ته ڪي اوپرا مهمان رستي تي بيٺا آهن سو هليو آيو ۽ وڏي حجت سان زوريءَ پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو، جتي ڪيئي واڻ جون کٽون پيون هيون. سڀ آهلي پياسون. سيٺ مانيءَ جو آرڊر ڏنو. اسان چيو ته ”ماني اسان کي ساڻ آهي رڳو گرم ڪرائي ڏيو.“ چيائين ته ”جي ماني پنهنجي کائيندا ته پوءِ رات جي ماني منهنجي کائيندا.“ اسان چيو ته ”اسان کي ننگر پهچڻو آهي“ ته چيائين ته ”ڏٺو ويندو، هتان ماني کائڻ کانسواءِ ڪو ڪونه ويندو آهي!“
سائين جي ايم سيد وٽ به اهو رواج ۽ روايت هئي. رات مان ۽ تاج محمد ابڙو وٽس رهياسون. صبوح جو ناشتو ڪري ڪچهري ڪري موڪلايوسون ته هڪدم واچ ڏسي چيائين ته ”يارهن وڄي ويا آهن، اڳ ۾ اٿو ها ته ٻي ڳالهه هئي. يارهين کان پوءِ هتان ڪو به مانيءَ بنان ڪونه ويندو!“ اسان چيس ته ”اسان کي ضرور حيدرآباد پهچڻو آهي وڃون ٿا!“ اطمينان سان چيائين ته ”ڀلي وڃو ڏسو، اسٽيشن لاءِ ٽانگو به توهان کي ڪونه کڻندو!“ سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر جي ڳالهه ته اڳواٽ لکي چڪو آهيان ته واچ ڏسي فرمايائين ته ”بس هاڻ وڃڻ بند، ماني کائي پوءِ ڀلي وڃجو!“ اهڙيون هيون جاندار روايتون. اڄڪلهه مٿين دل سان چوندا هن ته ”ماني تيار پئي آهي، کائي وڃو ها!“ هي ته ٿي مڙيئي صلاح هڻڻ. هو ته هئو بنهه ڪرفيو. چي ”ٽانگو به ڪونه کڻندؤ ،وڃي ڏسو!“
سيٺ نهال چند به ائين ڪرفيو هڻي رات جي مانيءَ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو. چي ”اسان ٿرين جي نرالي ماني به ته ڏسو، ڪچريون، تريل چڀڙ، تنهه (تنهه معنيٰ ميها، ۽ اهو لفظ اڙدوءَ جي ٽنڊا سان مشابھ آهي) مٿان ڀرٽن جي ماني.“ ٻيو چيائين ته ”رات پوندوَ ويراواهه ۾ ۽ اتي ويجهو اچڻ ڪونه ڏيندؤ جو اتي فوج لٿي پئي آهي.“ اهو به واقعي وڏو مسئلو هو. ڏٺم ته شيخ اياز خوش هئو ۽ سيٺ کي شرط وڌائين ته ”رات جو مخصوص ٿري راڳ جي محفل ڪرائيندين ۽ عام ٿري ماڻهن ۽ قبيلن سان ملائيندين!“ سيٺ هڪدم قبول ڪيو. پوءِ بي اونا ٿي ليٽي پياسين. ڪجهه ننڊ به ڪري ورتيسين.
ٽپهريءَ جو خبر آئي ته گاڏيون تيار آهن. سيٺ هڪدم پڇيو ته ”مسترين ڊرائيورن کي ماني ملي؟“ چيائون ”هائو!“ چيائين ته ”سڏي اچون اوطاق تي اهي به آرام ڪن!“ اسان کي وٺي هليو شهر ۾ جتي مخصوص ڌنڌي وارن سان ملايائين، مثلاََ واڍا، ڪاريا (ڪاريا معنيٰ لوهار)، سوچي، موچي وغيره. پوءِ وٺي هليو شهر کان ٻاهر. اتي هڪڙو لڏو لٿو پيو هو. زالين، ٻارئين سڀ پٽ تي ويٺا يا ليٽيا پيا هئا. مڙد ماڻهو جانٺا ۽ بدن جا چيڙهالا هئا. منجهن ڪو به ڦيڦو ۽ پيٽ وڏو ڪونه هو.
سندن رنگ کليل سرخ ٽامي جهڙو هو. چيائون ته ”تتيءَ ٿڌيءَ اس ۾ پيا هلون، هڪ جاءِ ڪونه ويهون، سو رنگ به اهڙو ئي ٿيندو.“ وڏي ڳالهه ته کين ڪا کٽ وغيره يا ويهڻ جو وسيلو به ڪونه هئو. ڪاٺ جون ٽڪنڊيون موهن جي دڙي جهڙيون، بيل گاڏيون هئن جن تي سهڻي چٽسالي ۽ اُڪر ٿيل هئي. نوجوانن کانسواءِ، ٻين کي چاپئين ڏاڙهي هئي جنهنکي راجپوتي انداز ۾ اڀي ڦڻي ڏنل هئي. اڇي ڏاڙهي وارا ته ڏاڍا ڏيا وارا ٿي لڳا. مايون ته گهونگهٽ ڪڍي پاسيرو جهڳٽو ٺاهي جدا ٿي ويٺيون. مڙد ماڻهو اسانکي ويجهو اچڻ ڪونه ڏين ها پر سيٺ کي ڏسي نه رڳو چپ رهيا پر ڀليڪار به ڪيائون.
بيل گاڏين تي سندن هنڌ ڪپڙ اڍير لڳا يا سٿيا پيا هئا. پڇيوسون ته ”اوهين ڪهڙي نسل جا آهيو؟ ۽ ڪهڙي مهم تي آهيو؟“ چيائون ”نسل جي خبر ڪانهي باقي لاڏو ماڻهو آهيون اڄ هتي سڀاڻي هتي. جتي مزوري ملي اتي ڪم ڪيون ۽ رات پنهنجي لڏي سان پٽ تي گذاريون. ٿانءُ ٿپو، ديڳڙي ٿالهي به ڪونه رکون، ماني پاتل ۾ کائون!“ منهنجي ذهن ۾ اوچتو ٺڪاءُ ٿيو. چيومان ته ”خبر اٿو توهان ڪير آهيو؟“ ـ ”ڪير؟“ ”شايد توهان آهيو راڻي پرتاب سنگهه جا وارث يا سندس ٻانهن ٻيلي راجپوت جن قسم کنيون هو ته جيسين چتور موٽائي فتح نه ڪنداسين تيسين نه کٽ تي سمهنداسين نه ٿانءَ ۾ کائينداسين!“ ڏٺم ته سندس رڪ جهڙن لوساٽيل چهرن تي ٽامي جهڙي چمڪ موٽي آئي. سندن ڳاٽ اوچا ٿي ويا ۽ سندن اکين ۾ جوت اچي وئي. مونکي جهڙوڪر ثابتي ملي وئي ته هي واقعي اهي جهونجهار هئا جن چتور جو قلعو واپس وٺڻ جو پرن (واعدو) ڪيو هئو.
منهن اونداهيءَ مهل سيٺ نهالچند هٻڪندي ڳالهه ڪئي ”شهر جي ٻاهران مڙهيءَ ۾ هڪ سنت ٿو رهي جي چئو ته هلي وٽانس ٿي اچون!“ سڀني هائو ڪئي ۽ هلي مٺ ۾ آياسون. ڪڪڙوڪون لڳي پئي هئي. ٻائو به اندر مڙهي ۾ هليو ويو هو پر سيٺ جي سڏ ڪرڻ تي نڪري آيو. جٽاوان وار، ننڍي ڏاڙهي، پٺا اگهاڙا، جڻيو پاتل، ٻاهر نڪري ڏيئو ٻاري پلٿي ماري ويهي رهيو. اسان به گوڏا کوڙي ويٺاسون. سنت ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سيٺ نهالچند شرڌا مان منهن مونن ۾ وجهي ويهي رهيو. ٻائي ته الائي ڇا جو ڇا ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪڏهن ميران ٻائي، ڪڏهن ڀڳت ڪنور، ڪڏهن گرونانڪ ۽ ڪڏهن شاهه جا بيت ٿي پڙهيائين، سي به غلط سلت، شاهه لطيف کي ”ٻڍڙو“ ڪري ٿي سڏيائين. سندس ڳالهين ۾ نه ربط هو نه گهرائي ۽ نه تصوف يا جوڳ ۽ سنياس متعلق ڪو لطيف يا اثر انداز خيال. تڏهن به جويي صاحب جي ڪنڌ ڌوڻ پي پئي ۽ هر هر واهه واهه پي ڪيائين. موٽي آياسون ته به جويو صاحب سندس ساراهه مان نه پيو ڍاپي. مون ڏٺو ته ٻئي ڪنهن به جويي صاحب جي تائيد ڪانه ڪئي.
رات جو واعدي مطابق سيٺ صاحب جي اوطاق تي ڳائڻا به اچي ويا. ڳائڻيون ڪونه هيون. هڪڙا ته عام ڳوٺاڻا هئا پر هڪ ٻيو مڙس به هئو جنهن کي تر جو مشهور ڳائڻو ٿي چيائون. اهو بار بار زور ڀرڻ جي باوجود ڳائڻ کان لهرائي پيو. نيٺ ڳايائين ته سندس ڳائڻ، لڳو ڪونه يعني مزو ڪونه ڪيائين. پاڻ کي به شايد اهو احساس ٿيس سو هارمونيم مان هٿ ڪڍي ڇڏيائين. باقي ڳوٺاڻن واهه جو رنگ ڄمايو، سر، تال، ڌن تي مست ٿي اٿي ٿي بيٺا. تاڙي ٿي وڄائي ۽ بيخودي ۾ هٿ به ٿي کنيان. راسوڙا، ليڏاڻ همرچو سندن رت ۾ سمايل هئا ۽ سندن زندگيءَ جو حصو هئا. ان وقت دهل ۽ گهنگهرين وارين چپڙين واهه جي موج مستي ٿي پيدا ڪئي. سيٺ سمجهايو ته ’همرچو‘ دراصل ’همراهه اچو‘ ونگار جو سڏ آهي. آسمان ڏي نهاري چيائين ”بادل ڀرجي آيا آهن صبوح جو روبرو هلي کيتن جي کلي فضا ۾، والهانه انداز ۾ مردن عورتن جو گڏيل همرچو جو آلاپ ٻڌندا.“
سيٺ جي ڳالهه سچي هئي. صبوح جو سوير سامان گاڏين ۾ وجهي ننگر وڃڻ لاءِ ويٺاسون ته آسمان تي بادل ڇانئجي ويا. ٿڌڙي هير سان گڏ سنهي بوند به شروع ٿي وئي. فضا ۾ اهڙي خوشي هئي جو دل ٽپا پئي ڏنا ته پيرين اگهاڙو لهي ٿڌڙي واريءَ تي ڊوڙون پائجن. سيٺ نهالچند به پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ٽپ ڏئي اسان سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهي رهيو ۽ ڊرائيور کي حڪما حڪمي هڪ طرف هلڻ جو اشارو ڪيائين. چيائين ”اڄ جيڪڏهن کيت ۾ ڪم ڪندڙ هارين کي نه ڏٺو ته چئبو ته توهان جو نصيب ئي ڪونه هو!“ ڪير ڪڇي، گاڏي هڪ طرف ڀِٽ تي چڙهي هيٺ لٿي ته سامهون ڏهر ۽ کيت نظر آيا جتي مڙد ۽ عورتون ازخود همرچو به ڳائي رهيا هئا ۽ کيڙيءَ ۾ ڪم به ڪري رهيا هئا. اياز ته سحرانگيز منظر ۾ گم ٿي ويو. اسانجي ڪيفيت به اهڙي هئي. پر اياز عملي ماڻهو هو، اسان وانگر وائڙو نه هو. هن هڪدم ڪتابڙي ۽ پينسل ڪڍي همرچو جا ٻول ۽ ٻيو به جيڪي ڪجهه ڏٺائين سو لکت ۾ آڻي ڇڏيائين. ٻولن جي معنيٰ ۽ آسپاس جي سڀني شين ۽ موجودات جا مقامي زبان ۾ لفظ ۽ اچار به لکيائين. اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ موٽ کاڌيسون ۽ سيٺ کي اسلام ڪوٽ ۾ لاهي ننگر طرف روانا ٿياسون.
لڙي منجهند جو ويرواهه جي سرڪاري بنگلي وٽ پهتاسون. پر اتي فوجي ويٺا هئا جن رکي لهجي ۾ ڳالهايو ۽ ويجهو اچڻ کان منع ڪيائون. مون دوستن کي ٻڌايو ته بنگلي جي ڀرسان ئي جهازن جي لنگر هڻڻ جا لوها ڪير کتل آهن پر اوڏانهن وڃڻ ڪونه ڏنائون. مقامي ماڻهو به هيسيل هئا ۽ اسانکي جهليائون ته ڳالهايو نه، بنا پڇڻ ڳاڇڻ جي هليا وڃو. اسان به ننگر ڏانهن ويندڙ سڌي تريءَ جهڙي پٽ ۾ لهي پياسون. ويرواهه کان ننگر جو رستو سؤلو ۽ سڌو آهي. صاف نظر پيو اچي ڄڻ ڪنهن سڪل سمنڊ يا درياهه جي پيٽ مان پيا وڃون. انهيءَ کي پارڪر جو علائقو چون. پار ۽ ڪر، به ٻڌائي ٿو ته مسئلو پارڪرڻ جو ٿي سگهي ٿو. سج لٿي ڌاري اچي ننگر پارڪر جي سرڪاري بنگلي تي لٿاسين. شهر ڀرپور آهي. بنگلو، شهر کان ٻاهر ڀرو آهي. وچ ۾ وڻڪار ۽ وانءُ آهي ۽ پوءِ شهر.
بنگلي ۾ ٽيئي گاڏيون اندر ڪري بيهاريوسين ته چوڪيدار ڦري آيو. سلام ڪري چيائين ته ”سائين بنگلو ته اڳواٽ مير محمد بخش خان ٽالپر جي لاءِ مخصوص ڪيل آهي ۽ اهو به اِجهو پهتو ڪي پهتو.“ سرڪاري آفيس کي ازخود ه اڻ لکو ٻل اچي وڃي ٿو. مون رعب سان چيومانس ته ”تون بنگلو کول، اسان ٽپڙ رکون، مير صاحب آيو ته اسين پاڻ ئي ساڻس ڳالهائينداسين!“ مير صاحب رڄ چڱو مڙس، منهنجو ٿورو گهڻو واقف هئو. هو مير احمد خان ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ هو جنهن جي اليڪشن ۾ مان 1953 ۾ اڳ به ٿي آيو هئس. سڀني کي الڪو هو ته مير صاحب آيو ته ڇا ٿيندو. مون چوڪيدار کي چيو ته ”اسانجون کٽون ٻاهر اڱڻ ۾ وجهه، بنگلو ڀلي مير صاحب جي حوالي ڪج!“
نانگ بلائن ۽ خاص ڪري پيئڻ جو گهڻو ڪجهه ٻڌو هئوسون سو شيخ صاحب (شيخ اياز) ڏاڍو ڊنل هئو. وارو وارو ڪري ٻه ٽي لالٽين ٻارائي رکياسين، جو روشني تي پيئڻ بلا نه ايندي آهي. شيخ صاحب چوي ته بصر گهرائي کٽن هيٺان رکايو جو بصر جي بانس تي پيئڻ نه ايندي آهي. ائين به ڪيوسين پر شيخ صاحب اڃا به ڊنل هجي ڄڻ پيئڻ کيس سڃاڻي ورتو هو.
مير صاحب اهڙو رڄ چڱو مڙس جو اسان جو ٻڌي بنگلي طرف رخ ئي نه ڪيائين، سڌو شهر وڃي ڪنهن اوطاق تي ترسيو.
اسان چانهه وغيره پي، کليل آسمان هيٺان ٿڌي واريءَ تي ڪرسيون وجهي ويٺاسون. راشن ۽ بورچي ته پنهنجا ساڻ هئا. بي فڪرا ٿي ڪچهريءَ ۾ محو ٿي وياسون. ڊاڪٽر واحد بخش وڳڻ ڪو پنهنجي ماتحتن کي وهسڪيءَ جون هڪ ٻه بوتلون به چنبڙائي ڇڏيون هيون. انهن اچي هڪ بوتل اسانجي ٽپائي تي رکي. هو ماڻهو انهيءَ ذوق جا نه هئا نه ئي کين اسان جي اديباڻي گفتگو ۽ مقامي ڪلچر سان ڪو چاهه هئو. هو پرڀرو پنهنجيون کٽون وجهائي سمهي رهيا.
اسان وٽ سرڪيءَ جو دؤر شروع ٿي ويو ۽ اسان تمام چڱي فرحت ۾ اچي وياسون. جوئي صاحب کي فرمائش ڪئي سون ته اياز جو ڪوئي گيت جهونگاري ٻڌاءِ. مونکي خبر ڪانه هئي ته جويو صاحب سريلو آهي. هن جهونگارڻ شروع ڪيو ته:
جي تون آئين رات
الا او رات
ته منهنجي رات
امر ٿي ويندي.
ڳايائين هيٺئين گرام ۾. پر ٿر جي رات، ڪارونجهر جي ڪور، چانڊاڻ، سنسان خاموشي ۽ اياز جي لفظن ۽ جذبن جي رواني ، اصل وڻ وڄائي ڇڏيائين.
ڏاڍي خوشگوار حال (موڊ) ۾ هئاسون ته هڪڙو ماڻهو مير محمد بخش خان ٽالپر جو نياپو کڻي آيو ته صبوح ماني جي دعوت منهنجي قبول ڪيو. مون ته هڪدم هائو ڪئي. ٻيا به سڀ راضي هئا. مير صاحب هڪ ته خود به علم دوست ماڻهو هو ۽ ٻيو ته اسانجي عزت افزائي ٿي ڪيائين. اسين ته اڳيئي سندس ڏوهي هئاسون. مون ته نياپي آڻيندڙ ماڻهوءَ کي چئي به ڏنو ته ”مير صاحب جي مهرباني، اسين صبوح جو حاضر ٿي وينداسون!“ پر جوئي صاحب سخت مخالفت ڪئي. چي ”اسين سندس ماني ڪونه کائينداسون. سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي!“ گهڻو ئي سمجهايوسونس، ته ڀائي اها غير اخلاقي ۽ غير مهذب ڳالهه ٿيندي ته به ضد تي چڙهي بيهي رهيو ۽ هن ماڻهوءَ کي چيائين ته ”وڃي پنهنجي مير صاحب کي چئه ته اسان کي سندس ماني نه کپي!“ هو هليو ويو. مونکي سخت افسوس ٿيو ۽ حيرت به لڳم ته جوئي صاحب بالاآخر ڇو ائين ڪيو.
جويو صاحب چوي ته ”اسين وڏيرن جي ماني ڪونه کائينداسون. سندس مانيءَ جا بکيا ڪونه آهيون!“ مان گهري سوچ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتس ته جوئي صاحب کي ننڍي لاڪر، لاشعوري طرح وڏيرن يا وڏن ماڻهن کان ڪي سخت اذيتون پهتيون آهن ۽ نفرت سندس رت ۾ شامل ٿي وئي آهي. حالانڪ مون پاڻ کيس سائين جي ايم سيد جهڙي ٺيٺ وڏيري جي پيرن ۾ ويهي پيرن کي ڇهندي ڏٺو آهي. بهرحال اها بدمزگي صبوح تائين اسان جي لڏي تي ڇانيل رهي. سنگت ۾ ائين نه ٿيندو آهي جو هڪڙو ماڻهو پنهنجو سگهارو اختيار (ويٽو پاور) استعمال ڪري گهڻائيءَ جي راءِ کي رد ڪري ڇڏي. سنگت ۾ ته مٿاميڙ ڪري ويهبو آهي ۽ گڏجي، هر ڪنهن جي راءِ جو احترام ڪري فيصلو ڪبو آهي. باقي ائين ته ڪونهي ته هڪڙو ماڻهو سؤ سيڪڙو عقلمند ۽ صحيح آهي ۽ ٻيا سڀ ڪت خلق، حقير، انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن. هيءُ ته سنئين سڌي ڏاڍ مڙسي چئبي ۽ اڄڪلهه جي زبان ۾ فوجي ڊڪٽيٽر شاهي. خير! گُذريءَ ۾ گڻ. درگذر ۾ خير.
بعد ۾ مير محمد بخش ٽالپر مونکي ڏوراپو ڏنو ته ”ابڙا صاحب هڪڙو ته منهنجي لاءِ مخصوص ڪيل بنگلي تي قبضو ڪري ويهي رهيا، مٿان وري ماني جي دعوت موڪليم ته ان کان انڪار ڪري ڇڏيوَ. هي ڪهڙو ادب ۽ اديباڻو فعل چئبو!“ مون مختصر ۽ موزون لفظن ۾ هٿ جوڙي ندامت جو اظهار ڪيو ۽ معافي گهريم. مير صاحب مطمئن ته ٿيو ته به ٺڪر ڀڳو شيخ اياز تي. ڄڻ ته سمورو قصور ان جو هو. ائين ٿيندو آهي. عام رواجي ماڻهن جا ڏوهه ثواب هروڀرو وڏي ماڻهو يا ليڊر تي ٿوپيا ويندا آهن. کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو. شيخ صاحب، پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي هڪ ديو مالائي ڪردار ٿي ويو آهي. انهيءَ ڪري سڀ ڏوهه ثواب، ڪيل توڻي اڻ ڪيل، سندس جهول ۾ وڌا پيا وڃن. جيڪو ٿو گهر کان رسي، سو ٿو شيخ اياز تي تنقيد ڪري، پاٽي خان بڻجڻ جي ڪوشش ڪري. ڀلا هونئن کين سڃاڻي به ڪير؟ ٻيا ته ٺهيو پر سٺا سٺا شاعر ۽ اديب به اياز کي گهٽ ڪري، پنهنجي قد وڌائڻ جي چڪر ۾ اچي ويا. اسين ارها ڪونه آهيون، ڀلي سندن قد وڌي. قد وڌي وڌي به ڪيترو وڌندو؟ آسمان کي ڇهي سگهندا، نه ڌرتيءَ کي ڌوڏي وجهندا (قرآني آيت). ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن. کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي.
مونکي رڳو هڪڙو ماڻهو سجهي جو تمام ذهين، ماٺار ۽ اعتدال وارو، بي نياز، علم ۽ عمل وارو، خاموش ۽ خوش اخلاق، جو نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، هر ميدان جو شهه سوار ۽ ڪامياب ماڻهو، خوش پوش، خوش خوراڪ ۽ خوش اخلاق، پنهنجي جند ۾ اهڙو مڪمل جو نه ڪنهن مان لِيکون ڪڍي نه چٿرون ڪري ۽ نڪو آهي کيس پنهنجي قد وڌائڻ جو فڪر. هو پنهنجي مٿي قدآور، ماٺيڻو، دان پرش، محنتي، يار ويس ۽ ڪامياب انسان آهي. اهو آهي سراج الحق ميمڻ. هيءَ منهنجي توريل تڪيل ذاتي راءِ آهي. ڪوئي مونسان اختلاف ڪري ته ڀلي ڪري. سراج ميمڻ نه مونتي ڪو احسان ڪيو آهي نه مان ڪو سندس ڳيجهو آهيان. نه عمر جي هن لهندڙ سج جي آخري کن پلڪ ۾ ڪا مونکي لوڀ لالچ ۽ طمع هوندي. الله مونتي ايڏا احسان ڪيا آهن جو نه ڪا ضرورت اٿم نه ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻ جي گهرج، باقي ڪنهن ڀلوڙ ماڻهوءَ لاءِ سندس جيئري ئي (الله وڏي حياتي ڏئيس) چار چڱا اکر چوڻ، چڱي ڳالهه آهي. چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. لال بن يوسف، محمد عرس سمو، استاد غلام حسين سومرو، پروفيسر بٽاڻي، پروفيسر نبي بخش قاضي، علامه دائود پوٽو، علي بخش چنا، مولوي خير محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر احمد خان احمداڻي، ڊاڪٽر قمر صديقي، تاج محمد ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، قاضي فيض محمد هالاڻي وارو، محمد حفيظ قريشي هالا پراڻه وارو، تاج صحرائي، استاد لطف علي ٽالپر بدين وارو، مولوي احمد ملاح، ۽ ٻيا اڪيچار جن مان هر هڪ تي جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس.
اچون ٿا ننگرپارڪر تي، صبوح جو ويٺا ئي هئاسون ته مسڪين جهان خان کوسو اچي نڪتو. بلڪل فقير منش، ننڍڙي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، گڏون هٿ ۾. کيس سڻس پئجي وئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن سو هليو آيو ملڻ، تمام گنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. غريبن جا ڏک ۽ بک، مال جون بيماريون نانگ بلائن جي علاج ۽ دوائن جي اڻهوند. کڻي، پڇونس ته ”پوءِ ڇا ڪجي؟“ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان مسئلي بابت درخواست ڪڍي پيو ڏيکاري جيڪي اڳي بالا اختيارين کي ڏنيون هئائين. اسانکي عرض رڳو اهو ته ”ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو!“ هڪ عجيب آسماني انسان هو جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر لاءِ ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪرڪيو. باقي ڪنهن ۾ ڪو غرض ڪونه هئس. سوين رٿائون لکت ۾ کنيون ٿي وتيو. اهڙو عجب انسان، اهڙو عجب انسان جو ڪو ديو ديوتا هو يا اوتار هو يا ڪو ولي الله. جڏهن عبدالله ميمڻ صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر ٿي پي ويو ته مون چيومانس ته ”تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه تمام وڏا ماڻهو ٿا رهن انهن جو خيال رکجانءِ. پڇيائين ”ڪهڙا؟“ چيومانس ته ”هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو.“ لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان کوسي جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو. اهو ڪيئن به ڪري هٿ ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو.
مسڪين جهان خان کوسي کان ڏهين يارهين بجي صبوح جو موڪلائي اٿياسون ته هاڻي شهر گهمڻ ٿا وڃون. تمام ڏکاري انداز ۾ چيائين ته ”ڇاجو شهر! ڀينگ لڳي پئي آهي. لڙائيءَ کانپوءِ (1965ع) هندو توڙي مسلمان گهر گهاٽ دڪان بازاريون ڇڏي ڀڄي ويا، جان مال عزت ته هر ڪنهن کي پياري آهي، فوجيءَ جو ته ڪو مذهب آهي ئي ڪونه، سواءِ ڏاڍ ڏمر ۽ مار موچڙي جي، سو سڀ سکيا ماڻهو ٻار ٻچا وٺي راتوواهه ڀڄي ويا!“ـ ”مسڪين، ڪاڏي ويا؟“ چي ”جنهن کي جاڏي آيو جهنگ منهن ڪري هليا ويا مٽن مائٽن واقفڪارن ڏي، ڪي ته انڊيا به هليا ويا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ٻاهڙمير ڏي“ ٻاهڙمير، احمد آباد کان اورتي راجسٿان ۾ آهي. اسان جڏهن سج لٿي ميرپور خاص کان راجا واري گاڏيءَ ۾ ويهي جهونا ڳڙهه روانا ٿيندا هئاسون ته پهريون صبوح ٻاهڙمير ۾ ٿيندو هو جنهنکي انگريزيءَ ۾ بارمير لکندا هئا. 1953ع واري ننگر جي سفر ۾ مونکي ٻن ٽن هندو نوجوانن جا نالا ياد هئا. انهن جو پڇيومانس ته چيائين ته ”سڀ ويا باقي فلاڻو (هندو) ڀاڄي وارو ملندو، انهيءَ کي سونهون ڪري کڻجو!“
وڻڪار اُڪري شهر ۾ پهتاسون ته واقعي سڃ لڳي پئي هئي. مونکي ته ائين لڳو. گهر گهاٽ خالي ، بازاريون بند، ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. بس ڪي ڪي ماڻهو رستي تي ڀاڄيون ۽ ٺڪر ٺهر رکيون ويٺا هئا ۽ ضرورتمند گراهڪ به هئا. مسڪين وارو ٻڌايل هندو مڙس ڳولهي لڌوسون. پهرين ته هيسجي ويو. منهن جو پنو ئي لهي ويس. پوءِ شيخ اياز جو نالو ٻڌائين ته کيس ساهه ۾ ساهه پيو ۽ منهن تي رونق اچي وئي. ظاهر ٿيو ته شيخ اياز جو نالو شاعر ۽ قومپرست طور ٿر جي ڀٽن ۾ به پهچي ويو هو ۽ ماڻهن ساڻس پيار ڪيو ٿي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪئي ٿي.
کيس چيوسين ته ”گهر گهٽيون ۽ مندر گهماءِ!“ تمام ڏکارو ٿي چيائين ته ”جيڪا خلقت هينئر ڏسو ٿا سا به رات جو الوپ(غائب) ٿيو وڃي. شهر سڄو خالي آهي. ڏينهن جو وڻجارا اچن ٿا ۽ سودو سلف وڪڻي باقي موٽائي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن کڻي وڃن ٿا ۽ وري صبوح جو اچن ٿا. فوجين جو ڏر آهي، مال ڦري وڃن ٿا، گاريون ڏين ٿا، چؤنڪين تي وڃي ٿا ويهارين پوءِ جڏهن مرضي پوين تڏهن ڇڏين يا ڏيتي ليتي ڪن!“
شهر جا وائڙا چڪر ڏئي، مندرن جي پاسي آياسون جي ڪارونجهر جي وٽ سان آهن. مون پي مندرن جي اڪر ۽ گهڙت جي ساراهه ڪئي پر اتي وڃي ڏاڍو ڌچڪو پهتو، ڄڻ ته ويران کنڊرن ۾ اچي ويا هئاسون. اڪر ۽ گهڙت کي ڌڪ هڻي بتن کي ڀڳو هئائون. ننڍڙا سهڻا ۽ صاف مندر هئا پر هاڻي گندگي ۽ ڪرپٽيءَ جو ڍير. هڪ مندر ۾ ته ڪتو مئو پيو هو ۽ ڌپ ڪري ويو هو، جنهن مندر ۾ مهاتما گانڌيءَ جو فوٽو لڳل هو سو مونکي ياد هو. چيومانس ته اتي وٺي هل. چيائين ”ڇا هلي ڪندا، اتي به ڪچرو لڳو پيو آهي، گانڌي جي تصوير ته پهرئين سٽ لاهي، ڀڃي ڦاڙي ساڙي ڇڏيائون.“ هي ڪهڙو اسلام آهي؟ ڌاريا ته انهيءَ کي ئي عين اسلام سڏيندا ڪ نه؟ هيءَ ته ٿي 1965ع جي ڳالهه. پر اڄ تائين مندر، گرجائون ۽ مسجدون (قاديانين جون) اسانجا مومن ڀائر اسلام ڪارڻ ڊاهيندا رهن ٿا. مٿان وري چون ائين ته اسلام جي خدمت پيا ڪيون، ڊاڙ اها ته اسلام فراخدلي وارو مذهب آهي جنهن ۾ اقليتن کي عام شهرين جهڙا سڀئي حق مليل آهن. ٻڏڻ ويو آ وسري لڏڻ آيو آهي ياد!
جناح صاحب ته ائين چيو هو ”سڀني مذهبن جا ماڻهو سياسي طور هڪ پاڪستاني قوم هوندا ۽ هر شهري کي هڪجهڙا سياسي حق هوندا.“ سلام هجي اهڙي عظيم ماڻهوءَ تي. پر سندس پوئلڳن لاءِ ڇا چئجي. آئين ٺاهڻ کي سندس مرڻ (يا مارائڻ) تائين التوا ۾ وڌو ويو. سندس مرڻ سان، انتظار ۾ ويٺل، سندس وڏو وفادار پوئلڳ، آئين کان اڳ ۾ ”قرارداد مقاصد پاڪستان“ پاس ڪرائي مذهب کي سياست مٿان مڙهي (مسلط ڪري) ڇڏيو. پوءِ به منافقاڻا اعلان ته ”ٿورائي وارين جاتين کي هڪجهڙا ۽ سڀ سياسي حق حاصل رهندا.“ مان رڳو هڪڙو معمولي سوال ٿو پڇان ته ”ڇا ڪوئي هندو، پارسي، ڪرستان، پاڪستان جو صدر ٿي سگهي ٿو؟ جي نه، ته ڇو نه؟ جناح صاحب جو وعدو، ائين ئي اجايو هئو ڇا يا نپٽ ڪوڙ ۽ دوکو؟“ جناح صاحب اهڙو ماڻهو هئو ته ڪونه!
مندرن کي ٻاهران ٻاهران ڏسي، پئوڙيون چڙهي، ڪارونجهر جي منڍ ۾ ڪاڇي واري ميداني جابلو علائقي تي آياسون. اتي تلاءُ ٺهيل هئا جي وسڪاري جي مند ۾ پلر (پاڻي) سان ٽٻ ٿي ويندا هئا. انهن مان ڪي اشنان گهاٽ هئا، هڪڙو نارين جو ۽ ٻيو مڙدن جو. باقي سڀني تلائن جو پاڻي پيئڻ جي ڪم آندو ويندو هو. اتان جا گهڻائي قصا ڪهاڻيون ٻڌيونسين جيئن مرگهه ڪنڊ، گئو مک، روپلو ڪولهي، تروٽ صاحب جو ٿلهو جو ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ٺهرايو هئائين. اندر به ڪيئي عجائبات، چرون، غارون، جهنگلي ٻوٽيون وغيره هيون پر ڪير ايڏو پنڌ ڪري يا ته هجن ڪي ڪاليجي ڇوڪرا يا بدر، اشتياق ۽ ڪليم جهڙا جاکوڙي ۽ اتساهه وارا ماڻهو، پر انهن به ٻڌايو ته هو به نڪو ايترو اندر ويا نڪو تروٽ صاحب واري چوٽي چڙهيا. اياز پنهنجا تاثر ڪتابڙيءَ ۾ لکندو ويو.

13

موٽي، گهڙي سوا بنگلي تي ڊاٻو ڪيوسين. تازا توانا ٿي محمود بيگڙي واري مسجد ۽ ستين جون سماڌيون ڏسڻ جو خيال ڪيوسون. مختيار ڪار صاحب کان سونهون گهرايوسون. هڪ تپيدار آيو جو جيپ ۾ اسان سان گڏ ڏاڍي شان سان ٿي ويٺو. اهو به رستو ڀلجي ويو. واٽ تي هڪ ريٻاڙي مليو جنهن تپيدار صاحب کي رستو ۽ طرف سمجهايا، پر تپيدار صاحب جي مٿي ۾ ڳالهه ڪانه ويٺي ۽ ريٻاڙيءَ کي حڪم ڪيو ته جيپ جي اڳيان ٿي هلي ۽ منزل تي پهچائي. ريٻاڙي ويچارو ڌڻ ڇڏي اسانجي جيپ جي اڳيان، اڌ ڊوڙ وانگر هلندو رهيو. جيپ آهستي هلائي به ڪيترو آهستي هلائبي. ريٻاڙي ويچارو ڊوڙڻ لڳو. مون کي ڏاڍو خراب لڳو پر نه جويو صاحب ڪڇيو نه اياز.
مون جيپ کي روڪرايو ۽ چيم ته ريٻاڙيءَ کي جيپ ۾ ويهاريو. جويو صاحب به مونسان سهمت ٿيو پر اندر جاءِ هئي ڪانه سو تپيدار صاحب، هن غريب کي حڪم ڏنو ته هل اڳيان. پوءِ به مون اعتراض ڪيو، چيم ته کيس ڦيٿي ڍڪ (مڊگارڊ) تي ويهاريو نه ته ويچارو جانور وانگر ڪيترو ڊوڙندو، ائين ڪري اچي ماڳ تي پهتاسون. هيءَ ڳالهه مون ميان مٺو بڻجي ڪونه لکي آهي جيئن اڪثر مونتي الزام ايندو آهي، پر اهو ڏيکارڻ لاءِ لکي آهي ته هڪ معمولي سرڪاري عملدار جي سوچ به ڪيڏي نه فرعوني ۽ آڪڙخاني آهي. حقيقت ۾ ڏوهه اسان عام پبلڪ جو آهي جو کين روڪڻ ۽ ٽوڪڻ بجاءِ، سندن اهڙي مڪروهه فعل کي معمولي ڄاڻي معاف ڪري ٿا ڇڏيون.
منهنجو اهو پڪو ۽ پختو خيال آهي ته روڪ ۽ ٽوڪ وڏا اثرائتا ذريعا آهن خرابيءَ کي ختم ڪرڻ جا ۽ اهي اهم جز آهن ايمان جا. مان ڪجهه عرصو سنڌ پرڳڻي جو رشوت روڪ کاتي جو سربراهه ٿي رهيو آهيان، يعني چيئرمين ائنٽي ڪرپشن. مون جتي به ضلعي وار ميٽنگون ڪيون اتي اهو عرض ڪيم ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڪري سگهو ٿا ته رشوتي ماڻهوءَ کي اعلانيه رشوتي چئو. جي منهن تي نٿا چئي سگهوس ته گهٽين ۾، بازارين ۾، ڪچهرين ۾ چئو ۽ چوندا رهو. ٻيا آفيسر به رشوتي آفيسر تي ڪک نه رکن ۽ پنهنجي برادريءَ ۾ چون ته فلاڻو رشوتي آهي. اهڙو چوٻول به روڪ جو ڪم ڏيندو. سماجي روڪ وڏي اثرائتي شيءِ آهي. آهستي آهستي، رشوت وٺڻ وارو توڙي ڏيڻ وارو جهجهڪ محسوس ڪندا. منهنجي هڪ دوست، ڪراچيءَ ۾، ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ کي ڀري ڪورٽ ۾ چئي ڏنو ته، ”صاحب تنهنجي پيٽ ۾ سوئر واري حرام جي هڏي پئجي وئي آهي!“ سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ مئجسٽريٽ صاحب به ششدر ٿي ڪورٽ ڇڏي چئمبر ۾ هليو ويو. ڪيترا ڏينهن سٽي ڪورٽن ۾ اها ڳالهه هلندي رهي ته ماڻهو هاڻي منهن تي چئي ٿا ڏين! رشوت ڪو بند ڪانه ٿي پر هرڪو سراپجي ويو. پوءِ وڪيلن به چوڻ شروع ڪيو. ايترو ئي ٿئي ته وڏو اثر ٿيندو.
پاڻ اکئين ويٺا ڏسون ته اڳي جي هڪڙو پوليس وارو ڳوٺ ۾ ايندو هو ته سڀ مڙد گهر ڇڏي ڀڄي ويندا هئا. اڄ عورتون، سنڌي عورتون، ٿاڻن جو گهيراءُ ٿيون ڪن. حيرت جو مقام آهي. اي اکين وارا عبرت وٺو. اهڙا عمل، نيٺ رنگ لائيندا ڏسجو ويٺا. هيءَ اڳڪٿي ناهي، چٽي حقيقت آهي. مون سڀني آفيسرن کي جن ۾ ڊي سي ۽ ايس پي صاحبان به حاضر هئا، ور ور ڪري انتباهه (خبردار) ڪيو ته اهو لوح قلم جو لکيو (نوشته ديوار ) پڙهي وٺو. اهو ٽرڻو ناهي. اُهو وقت اِجهو ٻرانگهون کڻندو اچي پيو جڏهن عام ماڻهو ڌوڪي توهان جي دفتر (آفيس) ۾ ڪاهي ايندا ۽ اچي توهان جي ڳچي پڪڙيند ا ته ايس پي دراني صاحب مونکي ڪن ۾ چيو ته ”صاحب اهڙا دڙڪا ته نه ڏيو!“ (اهو دراني صاحب اڄڪلهه جيل ۾ پيو آهي)، مون پنهنجي تائيد ۾ قرآني سوره الم تر ڪيف پڙهي ۽ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيم ڇاڪاڻ ته آفيسر صاحبن تي انگريزي جو رعب گهڻو ٿو ويهي. دل ٿي چويم ته اهيئي انگريزي الفاظ هت ورجايان پر سنڌيءَ ۾ انگريزي ٽنبڻ چڱو نٿو لڳي.
علامه اقبال چيو آهي ته،”اڏامن ٿا ساڳي فضا ۾، پر ڳجهه جي دنيا ٻي شهباز جي دنيا ٻي، الفاظ ۽ معنيٰ ۾ تفاوت ناهي پر ملان جي اذان (ٻانگ) ٻي مجاهد جي اذان ٻي.“ مون به اعوذبالله کان وٺي ٻي طرز اختيار ڪئي. چيم،”مان مسترد ڪيان ٿو سڀني شيطاني طاقتن کي، مدد الله جي سان، خبردار ڪيان ٿو توهان کي طرفان الله جو مخلوق (انسان ذات) لاءِ نهايت مهربان آهي. ڇا نه ڏٺو تو ته ڪهڙو حال ڪيو تنهنجي رب، انهن ڏاڍن طاقتورن جو جيڪي مالڪ هئا هاٿين جا. ڇا نه ڪيائين سندن سڀ اٽڪلون ۽ رٿائون ناڪام ۽ ذليل. موڪليائين ۽ انهن تي رڳو ننڍڙا پکي هڪ ٻئي پٺيان ٽوليون ٽوليون ڪري بنا هٿيار، چٽيائون انهن کي سنهين پٿرين سان لاڳيتو ۽ ڪري ڇڏيائون انهن کي اوڳاريل گاهه جهڙو. (سچو ۽ عظيم آهي الله)“.
سڀني جي واتان توبهه توبهه ۽ گهوڙا ڙي نڪري وئي. قرآني لفظن ۾ وڏو دٻدٻو، ردم (ورجاءَ) ۽ دهمان آهي. ترجمو ضرور پڙهو پر اصل عربي لفظن کي به ڏسو ۽ غور ڪندا وڃو. ”جمعهم وعددهم“ جيڪي ميڙين ٿا ۽ ڳڻي ڳڻي ٿا رکن. ڪيڏو نه اثرائتو آهي. خلق الانسان و علمهم البيان.خلقيوسون انسان ۽ ڏنوسين ان کي ڳالهائڻ جو علم. ڏسو هي انساني حقن جو اعلان نامو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته تقرير (بيان بازي) ماڻهوءَ جو برٿ رائيٽ (ڄم جو حق) آهي. ڇا هي اکر قرآن مان چورايل ناهن ته ”خلقيوسون انسان ڳالهائڻ جي حق سميت“ جو وڌيڪ پاورفل يعني جاندار ۽ اثرائتو آهي. هن باب کي بند ٿا ڪيون ڇو ته اهو ذڪر شروع ڪيم ته سڄو سارو رومن لا Roman Law جو مغربي قانونن جو بنياد آهي، سو سڀ قرآني آيات جي مٺ وڪڙ ۾ اچي ويندو.
محمود بيگڙو گجرات جو حاڪم هو. ڪارونجهر، گجرات جي سرحد سان لڳ آهي. مان کپري ۾ جج هئس ته اتي جي هڪ پوليس صوبيدار مونکي ٻڌايو ته هو گجرات جهوناڳڙهه جو هو. جيئن ئي هندوستاني فوجون جهوناڳڙهه ۾ ڪاهي پيون تيئن هو سرحد ٽپي ننگر پارڪر ۾ اچي ويو. محمود بيگڙو به کنئوس ڪندو وقت بوقت سنڌ ۾ فوج وٺي ڪاهي پوندو هو پر اڳيان به سنڌ جا ٺڪر هئا جن مڙس ٿي ساڻس منهن ڏنو. ٿرجا ٺڪر به جهڙا مسلمان. ويڪري سلوار، چاپئين گهاٽي ڏاڙهي، پڳ ٻڌل، قدآور ۽ جانٺا. اوطاقي ۽ مهمان نواز. لڙائي ۾ هار جيت ته ٿيندي رهي ٿي باقي محمود بيگڙي کي سنڌ ۾ ٺڪاڻو ڪرڻ ڪونه ڏنائون.
مسجد جي اڳيان وڏو سهڻو، صاف سٺو تلاءُ آهي. تر به پٿر جي اوساري سان اٿس ۽ ڀڪون به پٿر جون. ڪپر تي جنگي جوڌن جي ونين جا ستي پٿر کتل آهن جي جيئري پاڻ جلائي ستيون ٿيون. ستيون ته اڳ ۾ ئي هونديون پر روايت موجب پاڻ جلائي عملي طور ثبوت ڏنائون.
مسجد به سڄي پٿر جي ٺهيل آهي. حالتون ٻڌائين ٿيون ته اهو اصل ۾ مندر هئو جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو. نه ته شڪست کاڌل هندو فوجين جون ونيون ڪيئن هڪ مسجد وٽ پاڻ جلائن ها ۽ اُتي ئي سندن سماڌيون ٺهن ها. عجب ناهي ته بابري مسجد جو معاملو به اهڙو هجي. فاتح فوجي، سي به غير مذهب وارا مندر مان مسجد ٺاهن ته بعيد از قياس نه آهي.
باقي اجمير شريف جي هڪ مسجد جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. 1945ع ۾ مان، غلام النبي سومرو ۽ محمد خان انجنيئر گهمڻ نڪتاسون. دهلي کان موٽندي خيال ڪيوسون ته جوڌپور، جئيپور ۽ اجمير ڏسندا، احمدآباد کان بمبئي وڃون. اجمير شريف ۾ خواجه غريب نواز جي درگاهه کان پرڀرو مٿي پهاڙيءَ تي هڪ مقام آهي، چٽا ڪٽهڙا. اتي پنڌ ئي پنڌ وياسون، ننڍو ڳوٺڙوآهي ۽ مالوند ماڻهو آهن. اتي هڪ وڏي ڪشادي پٿر جي ٺهيل مسجد آهي. ٻي ڪا ڏسڻ جهڙي جاءِ ناهي. نماز پڙهي، مسجد کي چڱي طرح جاچي ڏٺوسون. مسجد جي ڀتين ۽ پيل پاون ۾ گهڻيئي ڀڳل ۽ چٿيل مورتيون ڏٺيونسين ۽ هڪ ٻئي کي ڏيکاريونسين. غلام النبي سومري چيو ته ”سڀاڳا! هاڻي چپڙي ڪري نڪري هل ته ڪٿي موچڙا نه کائون!“ اسان ئي سون سالن کان پوءِ پيا ڊڄون ته جڏهن غوري، غزنوي، خلجي ۽ مغل فوجن راجسٿان فتح ڪيو هوندو تڏهن ڪيڏو نه ڏهڪاءُ هوندو! اڃا به، اڄ به ٿا ڊڄون. الائي ڪهڙا ڪهڙا طالبان، مفتيان جماعتيان وغيره ساماڻا آهن. ڪتاب ته جلائي ڇڏيندا پر ماڻهو جلائڻ ۾ به ويرم ڪونه ڪندا. هندو مسلمان ڏي خير، ڪرستاني پارسيءَ ڏي خير، جڳ جهان ڏي خير!
خبر ناهي هي اسلامي نمونا ڪٿي پڙهيا آهن، ڪٿي سکيا آهن، دين اسلام جو سرچشمو آهي قرآن ۽ حديث. انهيءَ کان ڪو انڪاري ٿي نٿو سگهي. مان ملان نه آهيان. ان جو افسوس اٿم ڇاڪاڻ ته ملا وڏو عزت ڀريو لقب آهي ۽ مان ان جي لائق نه آهيان. پر قرآن شريف ۾ دعويٰ ڪيل آهي ته، ”اسان قرآن الحڪيم کي آسان، يعني سؤلو بنايو آهي، پوءِ آهي ڪوئي جو هدايت وٺي.“ قرآن شريف جي اها علي الاعلان دعويٰ مونکي همت ۽ جرئت عطا ڪري ٿي ته دستاربند ملان نه هوندي به قرآني آيتن بابت پنهنجي وت آهر ڪجهه ڳالهايان، ڪجهه چوان، سوره المائده ۾ آيو آهي ته ”من قتل نفساََ، فقل الناس جميعا.“ معنيٰ ته جنهن هڪ نفس(ماڻهو) کي قتل ڪيو ته انهي ڄڻ سڀني انسانن (انسان ذات) کي قتل ڪيو. ههڙي سخت ڇينڀ ۽ ههڙو وڏو آفاقي اصول، بس قرآن جو ئي ملڪو ٿي سگهي ٿو. غور ڪيو هتي هندو مسلمان، پارسي، عيسائي، يهوديءَ جو سنڌو ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ سڄي انسان ذات کي مارڻ برابر آهي، ۽ هي مُلڙا ڏاڙهيءَ جا چار کنڀ رکي وتن ماڻهو ماريندا، سندن پٽڪا لاهيندا ۽ اهل النساءَ (زائفن) کي بيعزتو ڪندا ۽ مٿن پابنديون مڙهيندا. حالانڪ اسلام ۾ عورتن کي تجارت (وڻج واپار) ڪرڻ جي آزادي آهي، ۽ پڻ گهوڙي سواري، نيزي بازي، تلواربازي، تيراندازي، جنگ جي ميدان ۾ زخمين جي ملم پٽي ڪرڻ ۽ ترڻ وغيره جي اجازت آهي. هي طالبان، پاسداران وغيره وري اهڙا آهن جو عورتن جي مقابلي جي راندين تي به بندش وجهيون ويٺا آهن. وري مٿان تنبوءَ جهڙو برقعو به زوريءَ پيا مڙهين. اڙي بابا اهڙو حق توهان کي ڪنهن ڏنو آهي. رڳو ڏاڍ مڙسي ۽ داداگيري، جي اهو شريعت جو نظام آهي، ته بابا اسانکي ناهي قبول، ناهي قبول، ناهي قبول! ڇا، حج ۾، حضور صلعم جن ڪنهنکي برقعو ڍڪايو هئو؟ ڇا تلواربازي، تيراندازي ۽ نيزه بازي به ڪو برقعو پائي ڪري سگهجي ٿي ڇا؟ پوءِ اها بدعت توهان ڪٿان آندي ۽ توهان ٿيندا ڪير آهيو اهڙيون بدعتون رائج ڪرڻ وارا.
حديثون ته سوين آهن حيوان، انسان، بلڪ پاڙيسريءَ جي جان، مال ۽ عزت جي تقدس متعلق. ڪعبو اسان مسلمانن لاءِ ڪيڏو پاڪ ۽ عزت وارو مقام آهي جو ان لاءِ سموري دنيا جا مسلمان جان به قربان ڪري ڇڏيندا. حضور صلي الله عليه وآلھِ وسلم جن ڪعبتھ الله جو طواف ڪندي فرمايو ته ،”اي ڪعبه تنهنجي ڪيڏي نه عظمت ۽ حرمت آهي!“ حضور صلي الله عليه وآلھِ وسلم جن جو دستور هئو ته ڪنهن ڳالهه جي اهميت واضح ڪرڻ خاطر ان ڳالهه جو ٽي دفعا ورجاءُ فرمائيندا هئا. سو ٽي دفعا ائين چئي فرمايائون ”اي ڪعبه تنهنجي ڪيڏي نه عظمت ۽ حرمت آهي، پر هڪ انسان جي عظمت ۽ حرمت توکان وڌيڪ آهي!“ صاحبو غور فرمايو ته ڪيڏو نه وڏو آفاقي اصول واضح فرمائي ويا ته انسان جي عظمت ۽ حرمت ڪعبه کان به وڌيڪ آهي. اهڙي وڏي حرمت واري انسان کي اسين، خول، ڪافر، ڪٽيل، ڪرستان، ڀنگي، چهڙو چئي، تذليل ڪيون، ڪڪڙ بڻايون ۽ ٻنڊڙن تي ڦٽڪا هڻون! تفوبر تو، تفو برتو. مسلمانيءَ تان ئي ارواح کڻايو ڇڏين.
اياز وٽ ويٺي مان اهڙا اوٻر ڪڍندو هئس ۽ هو مڪمل خاموشيءَ ۽ غور سان مونکي ٻڌندو رهندو هو. ڪڏهن به وچ ۾ روڪ ٽوڪ نه ڪندو هو. جيئن گهڻا هلڪڙائيءَ ۽ ٽرڙائيءَ جو مظاهرو ڪندا آهن. جيڪو صبر سان ٻڌي ٿو سو هنڊائي به ٿو. مڪه جا قريش به ماڻهن کي ٻڌڻ کان جهليندا هئا بلڪ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيندا هئا. ٻڌڻ ۽ غور ڪرڻ وڏي خوبي آهي، جا هڻي وڃي هنڌ ڪندي. باقي علي احمد بروهي سان ڳالهائي ڏسو. هو رڳو پاڻ ڳالهائيندو ۽ توهانکي وارو ئي نه ڏيندو ڇاڪاڻ ته هو هميشھ برابر (صحيح) ۽ عقل ڪل آهي، الله اڃاعقل ۾ واڌارو ڪريس ۽ خوش آباد رکيس. هو به اسانجو اثاثو آهي. چار چڱيون ڳالهيون ته ٻڌائي ٿو. من چار داڻا هڙ پلئه پئجي وڃن، اها فقير جي قسمت. گداگر جو ڪم سئن هڻڻ، جيڪي ٽڪر ڳڀومليس، ان لاءِ ٿورائتو ۽ دعاگو. ماڻهو هميشھ ٻين کان پرائي ٿو، ٻارن کان به پرائي ٿو. ويندي ائين به چيو ويو آهي ته جاهل، عقلمندن لاءِ ڏاڪڻ آهن. سکڻ لاءِ واجهه وجهڻا آهن، جيڪي به ملي جيترو به ملي جتان به ملي الحمدالله! اها خوبي اياز ۾ اُتم آهي، نه ته مون جهڙي اڻ پڙهيل کان هن جهڙو عالم ڇا ٿي پرائي سگهيو. ٻيو به هڪ ماڻهو آهي جنهن ۾ اها خوبي، جيڪي سو مٿڀري آهي، اهو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
محمود بيگڙي جي مسجد ڏسڻ کانپوءِ، گوڙيءَ جا مندر ڏسڻ لاءِ يارن جو رايو ٿيو. اندرڪي ڏاڪا لهي وڃڻو ٿي پيو، سوڙها ورانڊا ۽ ڪوٺڙيون ڄڻ ڪي چرون هيون. مان ته ڪونه ويس، ٻاهر ويهي رهيس. مون مٿي ڪٿي لکيو آهي ته مان آسائش پسند ماڻهو آهيان ۽ منهنجي جند ۾ جسماني جاکوڙ جو اتساهه، مڙيئي گهٽ آهي. ٻيو ته مون انهيءَ کان سهڻا ۽ بهتر مندر گرنار پهاڙن جي چوٽ تائين چڱي طرح گهمي ڏٺا هئا. يار گوڙيءَ جا مندر گهمي ٻاهر نڪتا ته ساراهه مان ڍاپن ئي نه پيا. باقي اياز ته جين ڌرم، ٻڌ ڌرم، انهن جي باني اوتارن، اصولن، تاريخ ۽ رسمن رواجن تي اهڙي تفصيلي روشني وڌي جو سندس علم ۽ ڄاڻ تي حيرت پئي آئي. گوتم ٻڌ ۽ مهاوير متعلق کيس ايتري تفصيلي خبر ۽ ڄاڻ هئي جو مون کيس چيو ته لڳي ٿو ته ”تون اڳئين جنم ۾ يا ته گوتم ٻڌ هئين يا مها وير“ ته کلي مون تي جيڪا نهار وڌائين سا منهنجي اندر ۾ پيهي وئي ۽ اڄ به ياد اٿم. الائي ڇا هئو ان نهار ۾.
رات جو وري به بنگلي تي رنگين ۽ خوشگوار شام گذاريسون. اتي ڪنهن ٿريءَ ڳالهه ڪئي ته ڪارونجهر جي هڪ ڳوٺڙي ۾ پنڊت ڏيوجي رهي ٿو جيڪو جوتش جو ماهر آهي ۽ کيس ڪشف به ٿئي ٿو، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. منهنجي مائينڊ (قلب) ۾ هورا کورا هئي ته اهڙي ماڻهوءَ سان ملجي. صبوح جو جيپن ۾ سامان وجهي واپسيءَ لاءِ تيار ٿياسون. صبوح جو ويلو، ٿڌڙي هير پي لڳي. منهنجي ذهن ۽ قلب ۾ عجيب لهرا (ڪيفيت) پي آيا مون جيپ ۾ وهندي چيو ته ”هلو ڪارونجهر پٺيان پنڊت ڏيوجيءَ جي ڳوٺ.“ سڀني مخالفت ڪئي، ويندي سونهين به چيو ته ”سائين اهو ڳوٺ پري آهي، اجايو ڏينهن تپي ويندو.“ تڏهن به مون چيو ته ”نه! ضرور هلبو.“ دوستن کي آماده ڪيم ته ”ههڙي ٿڌڙي هير ۾ ڪارونجهر جو ڦيرو نه ڏنوسون ته ڄڻ ننگر ڏٺوسون ئي ڪونه!“ نظارو سحرانگيز (جادوئي) هئو سو سڀ راضي ٿي ويا. واٽ تي هڪ ونڊمل (هوائي چڪري) ڏٺيسون جنهن نار جيان پاڻي ڇڪي موڪ ۾ ٿي وڌو جنهن تي آبادي ٿيل هئي. ٻه اڍائي ميل مس هلياسون ته سفيد ڌوتي پهريل هندن جو هڪ ڊمبلو ايندي ڏٺوسون. اسانجي سونهين رڙ ڪئي ته ”سائين، پنڊت ڏيوجي!“ ڏسو من جي طلب، جو پنڊت کي گهران ڪڍي اسان ڏي موڪليائين. حقيقت ۾ من ئي صحيح ترجمو آهي مائينڊ جو. گاڏي بيهاري لهي پياسون.
مان وڌي وڃي پنڊت سان مليس. عام رواجي ماڻهو ٿي لڳو. هن چيو ته هو ننگر پيا وڃن. مون صلاح هنئين مانس ته اڳ ۾ هو جيپ ۾ چڙهي بنگلي تي هلن ۽ پوءِ جيپ موٽي اسان کي کڻي بنگلي تي پهچائيندي. منهنجو اشتياق ڏسي چيائين ته ”اهڙي تڪڙ ڪانهي تون موٽي سنڌ وڃ، مون کي رڳو خط لکي موڪلجانءِ مان توکي جواب موڪليندس!“ اسين کانئس موڪلائي اتان ئي موٽياسون، ڄڻ ته نڪتا ئي ساڻس ملڻ لاءِ هئاسون. حيدرآباد پهچي مونکان ته ڳالهه ئي وسري وئي. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ اوچتو يادگيرو اچڻ تي کيس خط لکيم ته ٽي پٽ فلاڻا فلاڻا ۽ ٻه ڌيئر اٿم.
مهينو کن گذريو ته سندس خط اچي نڪتو جنهن ۾ لکيائين ته ”چار پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن.“ هڪ پٽ ۽ ڌيءَ بعد ۾ ڄاوا. آهي نه عجب جي ڳالهه جو پنڊت اڳواٽ خبر ڏني. مون ۽ منهنجي پٽن ۽ ڌيئرن بابت جيڪي ڪجهه لکيائين سو اڄ ٽيهن سالن کان پوءِ ڏسون ٿا ته اسي نوي سيڪڙو صحيح ثابت ٿي چڪو آهي. مون وٽ پنڊت جو اهو خط اڃا سانڍيو پيو آهي جو اياز گهري ورتو ۽ ان جي فوٽو ڪڍرائي پاڻ وٽ رکيائين. منهنجا ٻار اهو خط ڪڍي پڙهندا آهن ۽عجب کائيندا آهن.
اهڙو واقعو قدرت الله شهاب به پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو آهي ته ٽرين (ريل گاڏيءَ) ۾ سفر ڪندي هو هڪ اسٽيشن تي لهي ڪجهه شيون وٺڻ لڳو ته ريل هلي پئي، ڊوڙندو ڊوڙندو ويو ته سندس گاڏو اڳ ۾ نڪري ويو. ڏسي ته هڪ گاڏي جي در تي هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ ماڻهو بيٺو آهي، جنهن مشڪندي ڏانهس هٿ وڌائي چيو ”شهاب صاحب هليو آ اندر.“ ان جو هٿ پڪڙي چڙهي پيو ۽ ان ماڻهوءَ جي ڀرسان ويهندي چيائين ته ”معاف ڪجو، گاڏي اوچتو هلي پئي ۽ توهانکي تڪليف ۾ وڌم. پر توهان منهنجو نالو وٺي ڪيئن سڏيو، پنهنجي واقفيت ته ڪانه آهي، الائي ڪيئن اهڙو اتفاق ٿيو؟“ هن ماڻهو مشڪندي انگريزيءَ ۾ چيو ته ”اهو قطعاََ ڪو اتفاق نه هئو. اهو ڪنهن اڳوٽ رٿيل مصلحت سان ٿيو جو توکي گاڏيءَ مان لاٿو ويو ۽ گاڏيءَ کي هلايو ويو ۽ مونکي چيو ويو ته شهاب کي هٿ پڪڙي مٿي ويهار. اهو برابر آهي ته پاڻ اڳواٽ سڃاڻو ڪونه آهيون،“ وڌيڪ چيائين ته ”مان ڪرستان آهيان ۽ تون مسلمان.“ شهاب صاحب اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ هئو ته کيس چيائين ته ”انهيءَ قدرتي رٿابنديءَ جو مقصد رڳو اهو هئو ته توکي ٻڌايو وڃي ته گاڊ جنهن کي توهان الله چئو ٿا سو هر ڪنهن ۾ وسي ٿو بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي. هندو، مسلمان، ڪرستان، پارسيءَ جو مت ڀيد گاڊ (الله) وٽ بلڪل ڪونه آهي.“ پوءِ ته پاڻ گهڻن ئي خيالن جي ڏي وٽ ڪيائون. شهاب صاحب وائڙو وائڙو حيرت زده ٻي اسٽيشن تي لهي وڃي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو. آهي نه عجب جهڙي ڳالهه!
مونسان به پنڊت ڏيوجيءَ کي ائين کيس گهران ڪڍي، ملايو ويو. اها الائي ڪهڙي لازوال ۽ وڏي قوت آهي جنهن مون لاءِ مانڊاڻ ٺاهي، منهنجي تربيت ڪارڻ، اڳواٽ رٿابندي پي ڪئي. الائي مون تي ڪهڙيون ذميواريون وڌيون پئي ويون ۽ الائي ڪهڙو ڪم مونکان وٺڻو هو. اڄ پوئتي نظر وجهان ٿو ته ڪجهه ڪجهه ڌنڌلڪو ڌپو پويم ٿو ته هي هي ڪم مونکان وٺڻا هئا. انهن واقعن جو ذڪر نه ڪبو جو اهو پڏڻ پائيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. هڪڙو مثال ئي ڪافي آهي ته شيخ اياز صاحب ويهن پنجويهه سالن کان پوءِ، مونکان پنڊت ڏيوجي واور خط گهري ورتو ۽ ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي پاڻ وٽ رکيائين. اها ڪا گهٽ ڳالهه آهي ڇا جو شيخ صاحب جهڙي عالم انسان جا خيال ۽ ارادا متزلزل ٿي ويا، حضرت علي رضي الله عنھ فرمايو ته ”ارادن جي ٽٽڻ ۾ مون الله کي سڃاتو.“ ارادا تڏهن ٿا ٽٽن جڏهن ڪو تجلو، جهٽڪو يا جهنجهوڙ پاڻمرادو (غير وجودي، ما وجودي يا لا وجودي) اچي وجود تي نازل ٿئي ٿي.
محمد ابراهيم جويو صاحب به مڃي نه مڃي، اهڙين ڪيفيتن مان ضرور گذريو هوندو. مان سندس مداح آهيان ان ڪري مان اها ڳالهه پنهنجي شخصي مشاهدي مطابق چوان ٿو. جويو صاحب صحيح فرمائيندو آهي ته ”ڪي ماڻهو چاهيندا آهن ته ڪي ڳالهيون مڃجن ۽ پوءِ ان لاءِ سبب ڳولهيندا آهن.“ مان به ساڳي ڳالهه چوان ٿو ته ”ڪي ماڻهو چاهيندا آهن ته ڪا ڳالهه نه مڃجي ۽ پوءِ ان لاءِ عذر ڳولهيندا آهن ۽ چٽي پٽي حق تي به کڻي اکيون ٻوٽيندا آهن.“ جويو صاحب الائي ڇو ور ور ڪري منهنجي ڍاڪ تي چڙهي ٿو وڃي. شايد ان ڪري جو هو آدرشي ۽ مثالي ماڻهو آهي ۽ جيڪڏهن مثال پيش ڪبو ته پُکو اهڙي ئي ڀلي مانس تي پوندو. کانئس هزار بار معافي. پڪ اٿم ته معاف ڪندو. وٽس بغض جو ڪڻو ئي ڪونهي.
ٿر مان موٽ کاڌيسون، اسلام ڪوٽ واري سيٺ نهالچند ڏاڍو زور ڀريو هو ته ننگر کان موٽندي وٽس ڏينهن ٻه گذاريون. ويراواهه پهتاسون ته پوءِ ڇو نه ڇاڇري کان عمر ڪوٽ وڃجي ۽ ٿر جو اهو پاسو به نظر مان ڪڍجي. ريگستان واقعي انهيءَ رستي سان ڏٺوسون. اڇي واري، آبادي ڪانه، ڇنا به معمولي ۽ سادا، نڪي ساوڪ نڪي مال مويشي. ڳوٺ به ڇڙ وڇڙ. پري پري. پاڻي ملڻ به محال. ڪو شانائتو چونئرو به ڪونه ڏٺوسون جتي لڙي وڃي لسي يا چانهه جي طلب ڪجي. اسلام ڪوٽ ۽ مٺي پاسي ڏاڍا سهڻا ۽ شاندار چونئرا نظر ايندا جن کي جيڪڏهن پٽائي ڪراچي حيدرآباد هڻائجي ته هوند ناياب ڊرائينگ روم لڳن.
وڏي منزل پٽي اچي ڇاڇري پهتاسون. ڇاڇرو چڱو چهل پهل وارو واپاري مرڪز آهي. وڃي هڪ هندو سيٺ سان ملياسون جنهن مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ماڙيءَ تي پنهنجي اوطاق ۾ ويهاريائين ۽ ماني لاءِ به ڏاڍو زور ڀريائين. اسان کي هرکائڻ لاءِ چيائين ته ڀرٽن جي ماني ۽ تريل چڀڙ به کارائيندو. سندس قرب ڏسي اسين به اٺ ڏهه ماڻهو وٽس لڏو لاهي ويٺاسون. ٿر جو سفر آنڊا گجيون ولوڙي ٿو رکي، سو اسين به آسائتا ٿي آهلي پياسون. سيٺ به واهه جي ماني کارائي. هر قسم جون ڀاڄيون مختلف نمونن سان ٺهيل تمام لذيذ هيون. پڇيوسونس ته ”ايتريون ڀاڄيون ڪٿان ٿيون اچن.“ چيائين ته ”اسين ٿري ماڻهو هرشيءِ سڪائي رکندا آهيون پوءِ ساهه ستيءَ سان ٿورو ٿورو ڪري، پاڻ به کائون مهمان طائيءَ لاءِ به ٺاهيون. ڳترا ڳترا ڪري چڀڙ، ٻٽالو، تنهه (ميها) سڪائي رکون پوءِ ڪچريون ڪري تري کائون يا انهن جا پڪوڙا ٺاهي کائون.“
ڀرٽن جي ماني به پچرائي آيو پر خبردار ڪيائين ته ان جو رڳو هڪ ٻه گرهه کڻجو، وڌيڪ نه، ڇو ته اها پيٽ کي ڇلهي ٿي رکي ۽ ٿرين کي ئي سوري ٿي پوي ٿي. چيومانس ته سيٺ ڀرٽ ته رڳو آهن ڪنڊا ۽ کوکڙن جهڙا، انهن جو اٽو ڪيئن ۽ ڇو ٿا ٺاهيو. چيائين ته ”ٿر وسي ته ٿر آهي، نه ته بر. وسڪارو نه ٿئي ته ڪارو ڏڪر. سرڪار به خبرگيري ڪانه ڪري. پوءِ بک کان ماڻهو ڀرٽ ميڙي، انهن کي گسائي گسائي، لسو ڪري، پينهين رکن ۽ جڏهن ٻيو ڪو چارو نه هجي ته ڀرٽن جي ماني پچائي کائين. گهڻو تڻو گذارو پيرون (کبڙ جو ميوو) تي ڪن. پيرونءَ ۾ به تيزابيت آهي سو وات ۾ ڦلوڪڻا ٿيو پون اهڙي حالت ۾ پيرونءَ جا ڦڪ ڀري پاڻيءَ سان ڳڙڪائين.“ پوءِ هڪڙو ڳوٺاڻو گهرائي اسان کي ڏيکاريائين جنهن جا چپ سڄيل ۽ اندر وات ۾ ڦلوڪڻا هئا ۽ ڳالهائڻ ۾ به ڏکيائي پي ٿيس. ڳوٺاڻي ٻڌايو ته زالين مڙسين ٻارين ٻچي کبڙن هيٺان ويٺا آهن پيرونئن تي گذارو پيا ڪن ۽ سڀني جا وات ۽ نڙگهٽ سڄي پيا آهن.
مٽيءَ سان ڏاڍي محبت اٿن. ”اڙي ڀائي ڇڏيو ڀٽن جي پچر، هلي ٻه ٽي مهينا ٿر کان ٻاهر گذاريو.“ چي ”پنهنجا وٿاڻ، ٿاڪ ۽ پڊ ڪيئن ڇڏيون؟“ اتي برپٽ ۾، بک تي، بلائن ۽ ڀٽونئن (وِڇون) ۾ پيا هوندا پر ابر آسري نڪرڻ تي دل ڪانه ٿيندن. مال مري ويندن، بکون ڪاٽيندا، بيمار ٿيندا ته به ڳنڍير جيان واريءَ ۾ نکون کوڙيون چنبڙيا پيا هوندا. مينهن ۽ وسڪاري لاءِ کين ڇهين حس ٿئي ٿي. جيئن ڪولين ماڪوڙين کي مينهن جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي تهڙو ئي ڪو حساب هنن ٿرين ۽ ٿريچاڻين سان آهي. زميندار جو قيد قبول ڪندا باقي مينهن جا پرون پوندي ئي رات وچ ۾ اهڙو بُل ڏئي گم ٿي ويندا، جهڙوڪر زمين ڳهي وين.
مون وٽ کپري ۾ هڪ ٿري نوڪر هو. شام جو ٻاهرٿلهي تي ڪرسيون رکرائي ويٺو هئس ته هن ٿريءَ نڪ جي هڪ ناس هڻندي چيو ته ”سائين ڀانيان ٿو ته ٿر اُٺو آهي“، مون چيو ”بابا نه وڄ نه ڪڪر، تون پيو چوين ته ٿر اُٺو آهي.“ چي ”سائين مون کي اُٺي جي هوا ٿي اچي!“ ائين چئي سلام ڪري ويو. منهنجو نائڪ فيض محمد بيٺو هو تنهن چيو ته ”سڀاڻي هي ڪونه هوندو ڀڄي ويندو.“ مون چيو ته ”گهٽ ۾ گهٽ پگهار وٺي پوءِ ويندو، ائين ڪيئن ويندو.“ فيض محمدچيو ”سائين هن کي اٺي جي هوا لڳي آهي، هاڻي بيهي ڪونه سگهندو!“ واقعي ائين ٿيو. ٻئي ڏينهن هو هو ئي ڪونه. نه تو ڏٺو نه مون. اهي ماڻهو مٽيءَ مان ڦٽل کنڀين جيان آهن، ڌرتي واسي آهن ۽ ڌرتيءَ جو اهنج ايذاءُ، سو ڪهڙو توڙي سک سندن پيٽ ۾ ولوٽا ٿو وجهي.
ڀرٽن جي ماني، جوئر ٻاجهرکان وڌيڪ لذيذ ۽ ڀرڪڻي (خسته) ٿي ٿئي. ماني کائي سيٺ جا ٿورا مڃي روانا ٿياسون. واٽ تي ڄام ساقيءَ جو ڳوٺ جهنجي به ڏٺوسون. بس ڇنو، لوڙهو ۽ آڳر تي رلهيون ٽنگيل. اهڙي ڳوٺڙي، اهڙو مست ملنگ انقلابي پيدا ڪيو جو سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون. سڌو آياسون عمر ڪوٽ (امرڪوٽ) جي قلعي تي. قلعو گهٽ ۽ آفيسرن جو منزلگاهه زياده هئو ۽ ان ڪري ئي ڪجهه رونق ۽ ساوڪ هئي. قلعي جي اهميت رڳو ان ڪري هئي جو اتي سرڪٽ هائوس (گشتي آفيسرن جو رهائشگاهه) ٺهيل هئو ۽ شهنشاهه اڪبر جي ڄمڻ واري هنڌ هڪ قبي ٺهيل هئي، ڄڻ ته قلعي جو سنڌ، سنڌ جي حڪمران يا معمار سان ڪو واسطو ڪونه هئو. حالانڪ تاشقند ۾ امير تيمور جي مقبري تي لکيو پيو آهي ته معمار ”اوستو فلاڻو“. مونکي حيرت لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جو نج لفظ ”اوستو“ ڪم آندل هئو. ٿي سگهي ٿو ته اهو لفظ اتان لڏي هت آيو هجي. اوستو معنيٰ اوستو. انگريزيءَ ۾ چئبو آرڪيٽيڪ انجنيئر، جنهن کان بهتر ۽ مانائتو لفظ آهي اوستو. مان پنهنجي پر ۾ سمجهندو هئس ته اوستو مخفف آهي استاد جو، پر نه، اوستو لفظ ۾ آرڪيٽيڪٽ، انجنيئر ۽ استاد، سڀ شامل آهن. سنڌ ۾ ذات جا اوستا به آهن جي ڳاڙها ڳٽول، وجيهه شڪيل آهن. ٿي سگهي ٿو وچ ايشيا جا هجن.
قلعي جي مکيه دروازي اندر ڏيڍي پهڻ جي ٺهيل آهي جنهن ۾ گجراتيءَ ۾ ڪا لکت چٽي بيٺي آهي. اياز چوي ته اها لکت ضرور پڙهائي ڏسجي. مون چيو ته ڪو ماستر وٺي اچو. هڪ ماستر صاحب آندو ويو جو ذات جو کوسو هو. ان پڙهي چيو ته ’هي قلعو ٺهرايل آهي راڻا امر سنگه جو‘ خبر ناهي ته هن درست چيو يا نه. وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي نه ٿا ڪيون.
منهنجو عمر ڪوٽ جو هڪ راڻو واقف هئو جو هميشه اڇي ڌوتي ۽ اڇو پٽڪو ٻڌندو هو. ڏاڍو شانائتو، وضعدار ۽ ڀلوڙ ماڻهو هئو. وقفي وقفي سان آفيم جي ڇڊي ڳار ائين پيئندو هئو جيئن اسين چانهه پيئون. ڌوتي ٻڌڻ به هڪ وڏو فن آهي. راڻا صاحب ڌوتي اهڙي ٻڌندو هو ڄڻڪ سلوار آهي ۽ اوگهڙ جو ڪو شبهو (شبه) نه رهندو هو. راڻا صاحب ئي مونکي ٻڌائيندو هو ته اسين ابڙا اصل ۾ راجپوت سمراٽ آهيون ۽ کشتري يعني کتري. پاڻ ٻڌايائين ته ٻه ٽي پيڙهيون اڳ هو پنهنجيون نياڻيون مسلمان راجپوتن سان پرڻائيندا هئا ڇاڪاڻ ته نک ۽ خاندان کي ڏٺو ويندو هو، نه ڪه ڌرم کي. اهڙا ڳانڍاپا پيدا ٿيا پئي جو انگريزن، ڌارين حڪمرانن، ويڇا وڌائي ڇڏيا. راڻا صاحب مونسان ۽ منهنجي ڀاءُ ڪمال سان گڏ ويهي ساڳين برتنن مان ماني کائيندو هو.
قلعي کان نڪري اهو مڪان ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئيسون جتي مومل ڏاگهه چڙهي هوندي. پڇائون ڪندي ڏس پڇندي قلعي کان ميل، منو ميل پرڀرو هڪڙو ڦٽل دڙو ڏيکاريائون. نڪو ڪنهن کي پڪ هئي نه اسانجي تشفي ٿي. بهرحال ان هنڌ کي ٻه ٽي ڦيرا ڏئي، ويڳاڻا يا ملول ٿي موٽياسين. واٽ تي پٿورو وٽ، وڏيري سائينداد خان شوري جو ٺهرايل وڏو عاليشان پڪسرو مدرسو ڏٺوسون. لڙياسون ڪونه. ان مدرسي جو ڪجهه سال مهتمم، منهنجو ماسڙ، بابا جو پڦاٽ، مولوي عرض محمد ابڙو هئو جو وڏو عالم ۽ استاد هئو. مان وٽس ٽڪي، ماسي ۽ سندس ٻارڙن سان گڏ رهي رانديون کيڏي آيو هئس. اتي ئي منهنجو مامو قمرالدين گذاري ويو ۽ دفن ٿيو. هو مونکان به ننڍو هئو.
وڏيرو سائينداد خان شورو به وڏو شانائتو ۽ باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هو. ملڪيت گهڻي ۽ اولاد ڪونه هئس. مزاح جي حس به ڏاڍي تيز هئس شايد اڳي ڪٿي لکي آيو آهيان ته حيدرآباد ۾ ٻگهوڙي بگي جنهن کي وڪٽوريا گاڏي چوندا هئا، چڙهي تلڪ چاڙهيءَ تان پئي ويو ته بگيءَ واري، رش هٽائڻ لاءِ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. هٽي وڃو، هٽ ڇورا، ڇورا تنهنجي ماءُ ... تنهنجي ڀيڻ ....! سائينداد خان شورو گاڏي روڪرائي لهي پيو. گاڏي وارو منجهي پيو ۽ هٿ ٻڌي معافي وٺڻ لڳو ته ”سائين مون خطا ڪهڙي ڪئي؟“ سائينداد خان چيو ته ”ابا هڪ ڀريون پئسا ٻيو کائون گاريون، نه بابا اسان توبهه ڪئي!“ بگي وارو ڀلا سمجهي به ڪيئن سو وري چيائين،”سائين مون ته رڳو ڇورن کي پي گاريون ڏنيون!“ سائينداد خان چيس،”بس چپ. وڌيڪ اکر نه ڳالهائجانءِ.“ ٻولايل ڀاڙي کان وڌيڪ نوٽ ڏئي پنڌ ئي پنڌ روانو ٿيو، بگي وارو حيرت ۾ نوٽ کي ڏسندو وري به هٽ ڇورا! هٽ ڇورا! ڪندو گاڏي هڪليندو ويو.
ائين ٿر جو ڀرپور سير ڪري، رات اچي ميرپورخاص ڀيڙا ٿياسون. مان خوش هئس ته اياز سفر مان مطمئن هو. رات جي ماني ڊاڪٽر واحد بخش وڳڻ کارائي. صبوح جو خير سان اچي حيدرآباد پهتاسين ۽ هرڪو پنهنجي ماڳ موٽي ويو. سفر دوران اياز گهڻو تڻو، ڌيان، ريتن رسمن، پوشاڪ، ٻولي ۽ ڏند ڪٿائن تي ڏنو ۽ اهڙيون داخلائون پنهنجي نجي ڪتابڙيءَ (ڊائري) ۾ لکندو ويو. نئون لفظ ٻڌڻ سان، ان جو مطلب معنيٰ پڇيائين ٿي. ننگر مان نڪرندي چيائين ته ”هوند مينهن پئجي وڃي ته واهه. واهه!“ مون مٿي آسمان ڏي نهاري، ڪڪر ڏسي چيو، ”نڪو، مينهن ٽري ويو، تتر کرڙي ٿي وئي آهي.“ هڪدم اکين ۾ چمڪ اچي ويس ۽ پڇيائين ته ”تتر کرڙي ڇاهي جو مينهن نه پوندو؟“ مون کيس ڪڪر ڏيکاريا جي تتر جي پرن جهڙي چٽسالي وانگر کڙوکڙ ۽ دڙڳ دڙڳ هئا. پڇيومانس ته ”آهن نه تتر جي کنڀن وانگر؟“ چيائين ”هائو!“ مون چيو ”اها آهي تتر کرڙي ۽ جڏهن ڪڪر ائين ٿي وڃن ته مينهن نه پوندو.“ اهو لفظ ۽ تفصيل پنهنجي ڪتابڙيءَ ۾ لکي ڇڏيائين.
حيدرآباد اچي اياز چيو ته ”هاڻي ڪيٽي بندر گهماءِ.“ مون چيو ”اهو به ٿي ويندو. پر اول دادو ضلعو جيڪو تمام قديم، پراسرار ۽ نهايت پر منظر آهي.“ چيائين ”ڪيئن ڀلا!“ مون چيو ”رني ڪوٽ، ڪائي، منڇر، گاجي شاهه، گودڙيو، گاج، گبربند، کيرٿر، اڙل، سيوهڻ، نئنگ، ڇاڇا نه آهي دادوءَ ۾.“ اشتياق وڌيس. چيائين ”وارو ڪر!“ مون چيو ”حاضر!“
دادوءَ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هئو غلام محمد ميمڻ ڏيپلائي، ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو ننڍو ڀاءُ جو ڏاڍو يار ويس ۽ پيارو ماڻهو هو. مٿان وري انجنيئر هو مسٽر عبدالنبي عباسي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو وڏو ڀاءُ. اهو به شرافت جو پتلو، وضعدار ۽ ٻانهن ٻيلي ماڻهو آهي. وري سائين جي ايم سيد، سن ۾. سڀ سؤڻ سٺا ٺهي آيا. گهمڻ لاءِ ٻه ڳالهيون تمام ضروري ۽ اهم آهن. هڪ سرڪاري آفيسر ٻيو تر جو چڱو مڙس (ڀلي وڏيرو چئوس).

***

ايندو نہ وري هي وڻجارو

---

1

شيخ مبارڪ علي اياز سان گڏ ٿر جو سفر ڪيم 1966ع ۾. ان کان اڳ هندوستان سان 1965ع واري لڙائيءَ دوران مان ٽنڊو الهيار ۾ هئس. لڙائي اسان سڀني محاذن تي هارائي، رڳو لاهور کي معجزانه طور بچائي ورتوسون. کيم ڪرن ۽ قصور وٽ به اسانجي فوجن، جان تريءَ تي رکي، ناقابل اعتبار قربانيون ڏيئي ملڪ بچائي ورتو. نه ته لاهور فتح ٿيڻ سان ڍينگو ئي ڍيري ٿي پوي ها. سنڌ ته ويئي پئي هئي. حڪمرانن به سنڌ کي نڌڻڪو ڪري سڄو زور لاهور، سيالڪوٽ ۽ قصور واري محاذ تي ڏنو.
شابس هجي پير صاحب پاڳاري کي جنهن حرن کي حڪم ڏنو ته سنڌ محاذ سنڀاليو. حرن ته ڪمال ڪري ڇڏيو. نه هٿيار، نه سواري، نه کاڌو نه ڪپڙو نه پگهار، باهه ۾ ڪاهي پيا. پيرين اگهاڙا، پٽڪو ۽ سلوار، ڪهاڙي ۽ بندوق. منجهن نظم ۽ ضبط هئو ۽ جذبو به هئو، وڏي ڳالهه ته علائقي جي جاگرافيائي صورتحال جا ڀليءَ ڀانت واقف هئا، ڳوٺ ڳوٺ، راهه رند، ڀٽ، ڏهر، وڻ وانءَ، بلڪه چپي چپي کان واقف هئا. فوجي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اها ڳالهه تمام اهم، بلڪه اهم ترين آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏهن جرمن فوجون جنرل روميل جي قيادت هيٺ سموري اتر آفريڪا جي برپٽن بيابانن ۾ ملڪن کي هڪدم تيزيءَ سان وٺي ويا، تڏهن انگريز فوجون جنرل مانٽگومري جي قيادت ۾ اتر آفريڪا ۾ ڪاهي پيون.
آمريڪا ان کي ناڪافي سمجهي پنهنجيون فوجون جنرل آئزنهاور جي هٿ هيٺ ساڳي محاذ تي موڪليون. هڪ آمريڪي فوجيءَ جو ڪتاب پڙهيم. لکي ٿو ته اسان آمريڪي، هٿيارن جي زور تي، ٽئنڪون، بارود ۽ راڪيٽن جي زور تي ڌوڪي ڪاهي پياسون پر مانٽگومريءَ جون فوجون ٿورو هلي، اٽالو روڪي، نقشا کڻي پٽ تي ويهي پيا رهن. اسين پيا مٿن کلون ته هي دوڪاندار واپاري ڇا جنگ وڙهندا جو هر ڳالهه جي ويـٺا ٿا تور ماپ ڪن. پتو تڏهن پيو جڏهن آمريڪي فوجون اوجهڙ ۾ نڪري ويون ۽ نازي فوجن جي گهيري ۾ ڦاسي ويون. وري به انگريز فوجون، نقشن جي مدد سان سندن پيرو کڻنديون، جبلن ۽ ٽڪرن جي آڙ وٺنديون، روميل جي فوجن تي پٺيان حملو ڪري گهيرو ٽوڙيو، نيٺ جنرل روميل جهڙي قابل جنرل کي سڄي اتر آفريڪا مان ڀڄايو ويو. اها سڄي انگريز جنرل مانٽگومريءَ جي فتح هئي پر نالو ٿيو آئزن هاور جو جنهن کي اتحادي فوجن جو وڏي ۾ وڏو (سپريم) يعني اعليٰ ترين ڪمانڊر بنايو ويو.
جنرل مانٽگومري، هڪڙوئي انگريز جنرل هو جنهن ان جنگ ۾ فيلڊ مارشل جو عهدو ماڻيو. اهو تمام وڏو اعزاز آهي. اسان وٽ ته جنرل ايوب پاڻ کي پاڻ فيلڊ مارشل بڻائي ڇڏيو، سڄي دنيا، خاص ڪري انگريز، کليا ته هي بنا جنگ وڙهڻ جي ڪيئن ميدان جو مارشل بڻجي ويو. دراصل اها جنرل ايوب جي سياسي حڪمت عملي يا چال هئي ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته هو رٽائر ٿيڻ جي عمر کي پهچي چڪو هو. جيڪڏهن هو جنرل جي عهدي تان قاعدن مطابق رٽائر ڪري ها ته ٻيا جنرل ۽ فوجي کيس پريزيڊنٽ ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدي تان به لاهي ڇڏين ها. فيلڊ مارشل جو ايڏو شان آهي جو هو ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي. جنرل ايوب به سينڊ هرسٽ ملٽري اسڪول لنڊن جو پڙهيل هو سو انکي اها ڄاڻ هئي ۽ پنهنجي چال چلي ويو ۽ سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيائين.
فيلڊ مارشل مانٽگومريءَ جو ايڏو مان ۽ شان هو جو جڏهن جرمنيءَ کي شڪست آئي ۽ پيش پوڻ جو دستاويز لکيو ويو ته اهو جنرل مانٽگومري جي حوالي ڪيو ويو. جنرل جي صحيح ڪرڻ کانپوءِ ان تي وزير اعظم ونسٽن چرچل جي ۽ برطانيه جي بادشاهه جي صحيح ٿيڻي هئي، جڏهن مانٽگو مري لنڊن پهتو ته چرچل بيمار هو ۽ ڪنهن سان ملاقات نه ٿي ڪيائين. چرچل پراڻن خيالن جو قدامت پسند ماڻهو هو ۽ هر ڳالهه کي شاهاڻي انداز سان ڪندو هو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته مانٽگومري آيو آهي ته چيائين ته ”ڀلي تاريخ شاهد ٿئي ته هڪ فاتح جنرل، برطانيه جي وزيراعظم کان بيماري جي بستري تي صحيح ورتي!“ مانٽگومريءَ کي شانائتي لفظن ۾ ڀليڪار ڪيائين ۽ صحيح ڪري ڏنائين. جڏهن مانٽگومريءَ چيس ته ”بادشاهه سلامت (تاج برطانيه چوندا هئا) کان صحيح ته صرف وزيراعظم وٺي سگهندو!“ ته چيائينس ته ”اهو اعزاز به تنهنجو ئي آهي ۽ پنهنجو انعام به، وزيراعظم جي اجازت ۽ مشوري کانسواءِ پاڻ گهري وٺي ڇڏجانءِ، نه ته عام طرح اهڙي انعام اڪرام (لارڊ ٿيڻ وغيره) لاءِ پارليمينٽ، ڪئبينيٽ ۽ وزيراعظم جي سفارش لازمي آهي!“
جنرل مانٽگومريءَ کي شاهي محل ۾ گهرايو ويو ۽ بادشاهه سلامت (تاج برطانيه) دستخط ڪري پڇيو ته هو پاڻ لاءِ ڪهڙو اعزاز پسند ڪندو. خبر اٿـوَ ته مانٽگومري ڇا گهريو؟ چيائين ته ”هي دستاويز مونکي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ تاج برطانيه مشڪندي اهڙي اجازت ڏئي ڇڏي. اهو هو فيلڊ مارشل جو شان، هڪ فوجي جنرل لاءِ ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو تحفو يا اعزاز ٿي ٿي سگهيو جو ٻي عالمي جنگ جي فتح جو دستاويز کيس عطا ڪيو وڃي. زنده قومون پنهنجن سورمن کي ائين نوازينديون آهن. اسان وانگر نه، جو اسانجي فيلڊ مارشل لاءِ گهٽي گهٽي ۾ ”ايوب ڪتا، هاءِ! هاءِ!“ پي پئي. منهنجي لئبريري ۾ مانٽگومريءَ جو لکيل ڪتاب هو جو لڀيم نٿو نه ته ساڳيا لفظ استعمال ڪيان ها ۽ انهن جو مزو ئي ڪجهه ٻيو آهي.
لئبريري ۾ ڪتاب رڳو هڪ جاءِ کان کڻي ٻي جاءِ تي رکو ته وري هٿ نه ايندو. جهڙوڪر گم ٿي ويو، انهيءَ ڪري منهنجي ۽ بدر جي رڙ پئي پوندي آهي ته ”متان ڪنهن ڪتاب کي هٿ لاٿو اٿئو!“ منهنجو ڪو ڪتاب هيٺ مٿي ٿيو ته بدر کي ڳچيءَ کان جهليندس. بدر جو ڪتاب گم ٿيو ته اچي منهنجن ڪتابن ۾ ڦلهوڙ وجهندو.
ڪتاب ڇا، ڪاغذن سان به اها ويڌن آهي. عورتن کي صفائيءَ، جو ڀوت چڙهيل، ميز جي صفائي کان بچڻ لاءِ مون جدا اگهصافو (ڊسٽر) ميز تي ئي رکي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ ئي ميز اگهي، اگهصافو (ڊسٽر) ميز تي ٽيبل لئمپ وٽ رکي ڇڏيندو آهيان. تڏهن به منهنجي گهر واري، هروڀرو، ضرور اچي اگهصاف ڪندي ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪتاب ۽ ڪاغذ ٺاهي جوڙي رکندي، منهنجي لاءِ آزار، ڄڻ ڪو زلزلو آيو هجي. نه ڪتاب ملي نه ڪاغذ، پوءِ پيو بڙبڙ ڪندس ته اٿي ايندي، چي ”ڇا کپي؟“، ”اڙي سائين توهانکي ڪهڙي خبر، ڪو اخبار جو ڪٽيل ٽڪرو هوندو، ڪو ٽائيپ ٿيل ڪاغذ، ڪو سنڌيءَ ۾ يا اڙدوءَ ۾ لکيل خط،؟“ چوندي، ”پر توهانکي ڇا کپي؟ سڀ ڪجهه اتي ئي پيو آهي.“ ٻڌائيندومانس ته هڪ کن ۾ اهو ڪاغذ ڪڍي ڏيندي. ثابت ٿيو ته جيڪو هٿ جيڪا شيءِ جتي رکندو، اها خبر ان هٿ کي ئي هوندي، ٻيو ڪو هٿ چراند ڪندو ته بگاڙ اچي ويندو، پوءِ ٿيندا رڳو اوندهه ۾ ٿاڦوڙا.
عبدالله ميمڻ صاحب، جو به لکڻ پڙهڻ سان چاهه آهي. ان سان پنهنجي مسئلي بابت ورجاءِ (share) ڪيم ته وٺي ٽهڪ ڏنائين. چي، منهنجي ۽ منهنجي زال جي وچ ۾ ڪؤڙ ڪلامي (تلخ زباني) به رڳو انهيءَ هڪ معاملي تي ٿيندي آهي. پر انجو سولو علاج ڳولهي لڌو اٿئون. هڪڙو وڏو نيٽ جو دٻو وٺي آيو آهيان جو اڪثر ميرن ڪپڙن رکڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. اهو ميز ڀرسان رکيو آهي. چيو اٿمانس ته ”جيڪي وڻيئي سو ڪر، باقي بيڪار ڪاڳر، پراڻي اخبار وغيره اڇلاءِ نه. ان دٻي ۾ ڦٽي ڪري ڇڏ!“ هاڻي بنا پڇڻ ڳالهائڻ جي، گهربل ڪاڳر، هٿوراڙيون ڏيئي انهيءَ دٻي مان ڪڍي ٿو وٺان. وٺ وٺان ۽ گهوڙا! گهوڙا! ڪرڻ بجاءِ سوچ ڪجي ته ڪانه ڪا متبادل ترڪيب پاڻمرادو نڪري ٿي اچي. اجايو کٽو مٺو ڇو ٿجي؟
منهنجي ننڍي نياڻي جو نالو رکيو ويو شبانه، منهنجي تمام پياري دوست، نورمحمد سمي اعتراض ڪندي چيو ته ”هي ڪهڙو نالو آهي! رات‘ يا ’راتوڪي‘ ته ڪو نالو ناهي!“ چيومانس ته ”ڀائو عورتن کي رڳو کپي نواڻ. ڪپڙو به نرالو، رنگ به نرالو، سبائي يا فيشن به نرالو. ائين نالو به نرالو کپي. هاڻ ته عام ٿي ويو آهي، مٿان وري شبانه اعظميٰ به اچي وئي. هر نئين ۽ نرالي شيءِ نيٺ عام ۽ عوامي ٿئي“ پر نور محمد سمي جو اعتراض وزنائتو نه هئو. عربيءَ ۾ ليليٰ، هنديءَ ۾ رينا ته فارسيءَ ۾ شبانه، رات کي به پنهنجي سونهن ٿئي ٿي، عجب جهڙي. باقي سنڌيءَ ۾ رات ۽ راتوڪي جي معنيٰ ئي مٽجي وڃي ٿي. هر ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجا محاورا آهن.
شبانه مائي جي ڳالهه ائين نڪتي جو هن پنهنجي نيلم ڪالوني ڀرسان فليٽ ڇڏي، سينٽ مائڪل ڀرسان، اسڪول ۽ ٻارڙن جي سهوليت خاطر ٻي فليٽ ورتي. سامان ته ٽرڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڃي ٿي سگهيو پر شبو مائي مهينو ڏيڍ لڏ پلاڻ ۾ لڳي پئي هئي. پڇڻ تي چيائين ته ”بابا سائين، سامان ويڙهي سيڙهي موڪلي ڇڏڻ ته برابر ڏينهن ٻن جو ڪم آهي، جو نوڪر، مزور يا ڪو ٻيو گهر ڀاتي ڪري سگهي ٿو. پر سامان کولي پنهنجي هٿ سان ٿائينڪو ڪري نه رکبو ته وڏي گڙٻڙ ٿي ويندي!“ ... ”ڪهڙي شيءِ ڪٿي رکي آهي، سا خبر رڳو انهيءَ هٿ کي پوندي جنهن پاڻ پنهنجي سر سنج سان رکي آهي. نه ته رنڌڻي ۾ وڃبو ته نه ڇري ملندي، نه تئي، نه چمچو نه لوڻ مرچ يا ٻيو ڪو وکر، ٻارن جا ڪپڙا ۽ ڪتاب به پاڻ ٺاهي رکبا ته هٿيڪا هوندا. نه ته ضرورت وقت ڪا شيءِ نه ملندي، انهيءَ ڪري روزانو پاڻ نئين فليٽ تي وڃي سامان کولي مقرر جاءِ تي رکجي ٿو.“ ڳالهه وزنائتي هئي ان ڪري نه رڳو مان ماٺ رهيس پر سندس گهر وارو به بيزار ٿيڻ بجاءِ سندس پاسو کڻڻ لڳو. مون به چيو پاڻ ڄاڻن، اسانجو ڇا؟ شبانه جي نالي متعلق هونئن ته نور محمد سمي جو اعتراض واجبي هو پر منهنجو جواب ٻڌي نه رڳو ماٺ ٿي ويو پر واهه! واهه! به ڪيائين چيو مانس ته ”نالو اٿس شبانه جمال“ ته واهه واهه ڪيائين. اڄ پنهنجي ور جي نالي پٺيان سڏجي ٿي شبانه نياز، اڳي کان به اڳرو! الله گهر ور ۽ ٻچن سان خوش آباد رکيس.
ڳالهه هئي فوجي حڪمت عمليءَ ۾ جاگرافيائي بلڪه ڊيموگرافي جي اهميت جي. ويڙهه، ويڙهو يا ڳوٺ، وانءَ کوهه، ماڻهو و ذاتيون، پنهنجا پراوا ڄاڻ سڄاڻ، هيٺاهيون مٿاهيون، ڀٽون، ڏهر چيلا چارا ۽ وڪڙ وغيره بابت جڏهن مڪمل ڄاڻ هوندي ته فوج جي هلان تڪڙي به ٿيندي ۽ سولي ۽ صحيح.تڪڙي پهچ mobility کي قديم توڙي جديد لڙائي جي طريقن ۾ تمام وڏي اهميت آهي ۽ ان لاءِ خابرو به تمام اهم آهن. فوج ۾ ته هڪ جدا وڏو جاسوسي نظام هوندو آهي ۽ سگنل ڪور، يعني مهاڙڪو فوجي دستو به الڳ هوندو آهي. حر مجاهد ته پليا ئي اهڙي ماحول ۾ هئا. جاسوسن جي مدد کانسواءِ ست ڪوهيءَ جي خبر کين گهر ويٺي پئجي ويندي هئي. جيئن اٺي (مينهن وسڻ) جي خبر واءَ سنگهي وٺندا هئا تيئن دشمن جي ٽئنڪن جو گرڙاٽ به ٻڌي بلڪه ڄڻ ڏسي وٺندا هئا. منجهن موبلٽي يعني چرپر ۽ پهچ جي قوت ايڏي هئي جو ڀڳل گرهه ڇڏي، رائيفل کڻي پيرين اگهاڙا نڪري پوندا هئا. هجي به ڇو نه؟ عقيدو پختو ته پير سائين بادشاهه جو حڪم آهي. مرڻ مارڻ جو اونو کين هئو ڪونه. ائين راجستان جي سرحدي پٽيءَ سان هزارين ميلن تي قبضو ڪري ويا. ٿر ۽ ڀٽون ته ٺهيو، هندستان جي ريلوي اسٽيشن مونابائو تي فوج جي مدد سان قبضو ڪري ويا.
اهو سڄو ڪارنامو به رڳو نون ڏينهن جي قليل عرصي ۾ ٿي ويو. پوءِ جڏهن روس، وچ ۾ پئي جنرل ايوب ۽ هندوستان جي پرڌان منتري لال بهادر شاستري کي تاشقند ۾ سڏايو ته حرن واري قبضو ڪيل ايراضي ڏي وٺ ۾ گهڻو ڪارآمد ثابت ٿي. جنرل ايوب فوجي ماڻهو هو ان ڪري لڙائي جي نقصان، تباهه ڪارين ۽ بيسودگيءَ کي هن چڱي طرح ڄاتو ٿي، سو هو هر قيمت تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار هئو. شاستري جيئن ته تمام چالاڪ ۽ سياڻو سياستدان هئو تنهن ان جو خوب فائدو ورتو ۽ پنهنجيون سڀ ڳالهيون مڃائيندو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو به تمام ذهين سياستدان هو سو اتي ئي جنرل ايوب سان اختلاف ڪيائين جو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو ۽ نيٺ ايوب ۽ ڀٽي صاحب جي ٽڪراءَ ۾ ايوب صاحب کي منهن جي کائڻي پئي.
فوجي سوچ ٻي ۽ سياسي سوچ ٻي. مونسان هڪ وڏي هندوستاني دانشور اکين ڏٺي ڳالهه ڪئي ته جنهن وقت تاشقند ٺاهه جا تفصيل، خبر رسان ايجنسي رائٽر وٽ پرنٽر ذريعي ايندا ٿي ويا ته مسز ارونا آصف عليءَ کي هڪ هڪ پتر هڪ ٻئي پٺيان پهچايو پي ويو ۽ هوءَ ٻيو ڪم ڇڏي اهي پڙهندي ٿي وئي. سندس منهن تي اطمينان جا آثار هئا جڏهن سڄو تاشقند ٺاهه پڙهي بيٺي ته مرڪي چيائين ته ”جيڪي اسان جنگ جي ميدان تي نه ڪري سگهياسون، سو ميز تي ڪري ڇڏيوسون.“ اها هئي سياسي فتح! ان ۾ ڪرشمو ڪجهه ڊيسائي صاحب جي قابليت جو ۽ ڪجهه روسي قيادت جي سياڻپ جو، جن ٻنهي ڌرين جي مٿي تي هٿ ڦيري، ٻنهي سان سڄڻائپ ڪئي. تاشقند مان ئي خبرون آيون ته ڀٽو صاحب ان ٺاهه جو مخالف هو پر جنرل ايوب کيس چپ ڪرائي ڇڏي.
انهيءَ ٺاهه ۾ به ترپ جو پتو هو هندوستان جي اها سرزمين جا پاڪستاني فوج، حر مجاهدن جي مدد سان پنهنجي قبضي هيٺ آندي هئي. هندوستان جي مونابائو ريلوي اسٽيشن جو پاڪستان جي قبضي ۾ اچڻ، هندستان لاءِ وڏي شرمساري جو باعث هئي. پاڪستاني عوام ته ڦونڊ ۽ آڪڙ ۾ هئا. حاجي فضل رحمان، شڪيل ايجنسي وارو ڏاڍو ذهين ۽ همٿ ڀريو ماڻهو هئو، ڪپهه جهڙي اڇي ڏاڙهي هئس ته به جانٺو، تيز رو، ڀڄ ڊڪ ڪرڻ وارو ۽ وقت ۽ مهل موقعي جو ڀرپور فائدو وٺڻ وارو مڙس هئو. سندس اکين ۾ اڃا جواني واري چمڪ هئي. حسن پرست به هئو، کل ڀوڳ به ڪندو هو ۽ جاکوڙ به. هن پهرين پهرين حيدرآباد ۾ هوائي جهازن جي ٽڪيٽن جي ايجنسي کولي. پوءِ ته ايڏي ترقي ڪري ويو جو ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ به ايجنسيون کولي پنهنجن پٽن کي ڪرت سان لڳايائين، اهي به اهڙا قربائتا ۽ يار ويس جو وڏي هلندي پڄندي وارا ۽ ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن. خُلق اخلاق ۾ جادو آهي جو ڌنڌي ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. آفتاب شڪيل جو ته مان ذڪر ڪري آيو آهيان ته منهنجي ساڻس معمولي ڏيٺ ويٺ حيدرآباد ۾ ٿي وئي ته سالن کانپوءِ ڪراچيءَ اچي مونکي حج جون ٻه ٽڪيٽون مفت ۾ ڏيئي ويو، بنا چوڻ آکڻ جي. اڄ هو سوازي لينڊ جو پاڪستان ۾ سفير آهي ۽ وڏو معزز ماڻهو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ راولپنڊيءَ ۾ پي آءِ اي هوائي اڏامن جو ايجنٽ آهي ۽ رهي ئي اتي ٿو.
هڪڙن ماڻهن جي طبيعت ۾ ئي واهرو ٿيڻ جي عادت ٽمٽار هوندي آهي جو پاڻ مرادو اٿل کائي خدمتون پيا آڇيندا. الله جي قدرت آهي يا تربيت، هڪڙا سخي ٻيا شوم! سخي به اهڙا جو کڙهه تي کير پيارين.شوم وري اهڙا جو ٿيڻ جوڳي ڪم ۾ هرو ڀرو پنهنجي پاران مشڪلون وجهي، ورن وڪڙن ۾ وچڙائي، ڪم ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهندا. بدر جڏهن ضيائي مارشل لا ۾ جيل ۾ هئو ته ان سلسلي ۾ مونکي راولپنڊي وڃڻو هو. آفتاب جي ڀاءُ کي فون ڪيم. منهنجو ڏٺل به ڪونه هو ته به پڇيائين ته ”ترسندا ڪٿي؟“ چيم ”خبر ناهي!“ هڪدم چيائين ته ”اڏام نمبر ٻڌايو ته منهنجي گاڏي توهانکي هوائي اڏي تان کڻڻ ايندي!“ ايئرپورٽ کان نڪتس ته سامهون هڪ ماڻهو، پاٺو جهليو بيٺو هو جنهن تي لکيل هو جمال ابڙو، انهيءَ سامان، هڪ بئگڙي هئي، کڻي ڪار ۾ رکيو ۽ سڌو اچي مونکي پنڊيءَ جي هڪ هوٽل تي لاٿائين، هوٽل وارن چيو ته ”صاحب فلاڻو نمبر ڪمرو توهانجي نالي ٿيل آهي (بڪ ڪيل آهي)، وڃي آرامي ٿيو!“ ڏٺم ته چڱي هوٽل، چڱو ڪمرو ۽ فضيلت وارا ڪارندا هئا. گهڙي سوا بستري تي آهلي پيس ته فون جي گهنٽي وڳي، آفتاب جو ننڍو ڀاءُ شڪيل هئو. چيائين ته ”توهان گرم پاڻي سان وهنجي چانهه پي ويهو ته مان روبرو اچي ٿو حالي احوالي ٿيان!“ ڏسو، منهنجو ۽ منهنجي ڪم جو اونو مونکان وڌ هن کي هجي. وهنجي سهنجي، سلوار قميص پائي چانهه پيتم ته شڪيل صاحب به اچي نڪتو، نوجوان ڇوڪراٽ، بدن جو ڀريل هئو، خوش خير عافيت کانپوءِ مسئلي بابت پڇيائين. ٻڌايومانس ته ”منهنجي پٽ بدر تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس پيو هلي سو چارج (تهمت) مڙهڻ لاءِ ڪاغذ پنهنجي ملٽريءَ جي قانوني آفيسر کي موڪليا اٿن. انهي لاءِ آيو آهيان ته ملٽري وارا هروڀرو ڪا وڏي تهمت، بغاوت يا ديش دشمن جهڙي نه هڻن!“ چيائين ته ”منهنجي به هتي تمام گهڻي واقفيت ۽ رهائي پکائي آهي، پر توهان ڇا سوچي آيا آهيو!“
مون هڪدم ذهن نشين ڪيو (نوٽ ڪيو) ته هو اٻهرائيءَ کان پاسو ڪري خبرداريءَ کان پيو ڪم وٺي ته اجايو ڇو ڪڏ ڏئي پرائي ڪم ۾ ٽنگ اڙائجي، جيڪڏهن نتيجو خوشگوار نه نڪري ته خوامخواهه ڏوهه مٿس اچي. مکڻ پئي جو مٿو سڙي ته پوءِ ڇو هرو ڀرو اهڙو ڪم ڪجي! اسان سنڌي فوج ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونه آهيون. چيومانس ته ”ملٽري ۾ هڪ سنڌي جج آهي هالا نوان جو ڪمانڊر اختر علي ارباب سو ان ۾ اميد رکي آيو آهيان!“ اهي سڀ ئي ڀائر حسين علي ارباب، قربان علي ارباب، مسعود علي ارباب منهنجا مهربان ۽ پڻ مداح به هئا. سندن والد صاحب عبدالغني ارباب به منهنجو ڏٺل هئو ۽ ڪراچيءَ ۾ ساڻس ڪچهريون ڪيل هيون. ڏاڍو باغ و بهار طبيعت جو کلمک ماڻهو هو، زال بابت ڳالهائيندي چيائين ”منهنجي گهر واري ته اصل بهشت آ بهشت.“ مون چيو ”سائين اصل سچو پچو بهشت؟“ چيائين ”هائو! ٻيو ڪوڙ پيو ڪيان ڇا؟“ ڀائرن کان سڀني ۾ وڏو حسين علي ارباب منهنجو سنگتي هو. سوال اُن کي ڪن ۾ چيم ته ”تنهنجي ماءُ جو نالو جنت آهي ڇا؟“ کلي چيائين ”وڏو استاد آهين جهٽ سمجهي وئين“
ڪمانڊر اختر علي ارباب جو ٽيليفون نمبر مان اڳ ۾ ئي هٿ ڪيون آيو هئس. اهو تمام ضروري آهي. مون وٽ ڪيترائي سنڌي نوجوان ڪم کڻي ايندا هئا ته ”سائين فلاڻي آفيسر کي چئه ته ڪم ٿي ويندو!“ـ ”بابا نالو ڇا اٿس، ٽيليفون نمبر ڇا اٿس؟ جي منهنجو واقف ناهي ته سندس دوست احباب ڪير ڪير آهن؟ من انهن مان ڪو منهنجو واقف هجي ۽ توهانجو پنهنجو نالو عهدو ۽ ڪم جي نوعيت مونکي لکت ۾ ڏيو ته حاضر مان ڪوشش ڪيان ٿو.“ ته جيڪي سو ناراض ٿيندا هئا ته ”سائين جي ڪم ڪرڻو اٿئو ته ٻه اکر کڻي چئوس توهان نٿا سڃاڻوس ته هو ته توهانکي ضرور سڃاڻندو هوندو!“ هاڻي سائين ڏيو منهن. بي افعالي سندن ۽ ڏوهه به منهنجو ته ميار به مون تي. ڪاوڙ ته ايندي هئي پر ڪاوڙ پي، ڪنهن مهاجر يا پنجابي جو لکيل تات پرچ ڏيکاريندو هوسان، جو مون مثال طور پاڻ وٽ سانڍي رکي ڇڏيو هو. ٽائپ ٿيل، ڪم واري جو نالو ۽ ڪم جو تفصيل، آفيسر جو نالو عهدو ۽ ٽيليفون نمبر: گهر توڙي آفيس جا، سندس ويجهن دوستن جا نالا ۽ ٽيليفون نمبر اهڙو جو مڪمل تفصيل (ڊيٽا) ملي ته بيٺي پير ڪم ٿي وڃي.
هڪڙو نوجوان آيو. واقف به ڪونه هئو، چي ”سائين ڪيس آهي فلاڻي جج وٽ، ضرور توهانجو ماتحت رهيو هوندو سو چئوس!“ـ ” بابا ججن کي نه چئبو آهي ۽ عدالتي معاملن ۾ دخل اندازي ٺيڪ ناهي!“ ته به چچڙ ٿي چنبڙي پيو. چي ”سائين اسين به انصاف ٿا گهرون، ري گناهه ڦاسايا ويا آهيون!“ مون پنهنجا پندرهن ويهه منٽ وڃائي کيس دلجاءِ ڏني ۽ سمجهايو ته ”بابا اڃا ته ڪيس هليو ئي ناهي. فريادي ڌر جا شاهد شاهديون ڏين، توهان جو وڪيل کانئن آڏي پڇا ڪري. تنهن کانپوءِ توهان جي بچاءَ جا شاهد هلن، آخر ۾ سرڪاري وڪيل ۽ توهانجو وڪيل تقرير ڪري دليل ڏين پوءِ فتوا جي تاريخ مقرر ٿئي، انهي ۾ سال ٻه لڳي ويندا. تيسين اهو جج هجي يا بدلي ٿي وڃي. جي هجي به ته مورڳو ڳالهه ئي وسري وڃيس. انهيءَ ڪري ڪيس هلي بيهي، جڏهن فتوا جي تاريخ مقرر ٿئي تڏهن اچجو، مان حاضر! کيس چوندس.“ نوجوان کي اهڙي ڪاوڙ لڳي جو رکائيءَ مان چيائين ته ”سڌو جواب ڇو نه ٿو ڏين ته ڪم ڪونه ڪندس!“ ڪاوڙ ته اهڙي لڳم جو دل ۾ آيم ته يا ته دڙڪا ڏيانس يا گاريون ۽ تڙيون ڏيئي بيعزتو ڪري ڪڍانس. پر سور پي ويس. چيو مانس ته ”بابا تو ٺيڪ سمجهيو آهي مهرباني ڪري وڃي ٻيو در ڳولهيو!“ ٻاهر وڃي بڙ بڙ ڪيائين ته ”پئسا هلايون ها ته ڪم ٿي وڃي ها! “ تو بهه، نعوذبالله ماڻهن جا ذهن اهڙا ڄارو وڪوڙيل ۽ گندا ٿي سينوارجي ويا آهن، اهو مونکي اندازو ئي ڪونه هئو، واقعي پيڙهي وڇوٽي اچي وئي آهي.
مون ان نوجوان کي پنهنجو ئي تجربو ٻڌايو ته مان سيشن ڪورٽ بندر روڊ جي هيٺئين طبقي (گرائونڊ فلور) تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ ۾ مصروف هئس ته ڏٺم ته ڄام صادق علي ورانڊي ۾ پيو اچ وڃ ڪري. سمجهيم ته ڪنهن ڪورٽ ۾ ڪم هوندس، جڏهن مان پهرين پهرين سب جج ٿيس ته لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج هو، عزيزالله ميمڻ، ڏاڍو پيارو ماڻهو، يار ويس ۽ خدا ترس، حقيقت پسند ۽ شريف طبع ماڻهو هو. مونکي گهرائي نصيحتون ڪيائين. هڪ ڳالهه جو تاڪيد ڪندي چيائين ته ”جمال،عزتدار ماڻهو جي عزت ڪجي! تون آهين ڪامريڊ ماڻهو سو وڏن ماڻهن تي هروڀرو ڪاوڙ هوندئي، پر جمال تو ته کين عزتدار يا دولتمند ڪونه ڪيو آهي. معاشرو، سرڪار، زمانو ۽ هالو چالو دستور مطابق ائين ٿيو آهي. انصاف ۽ عزت ته هر ماڻهو جو حق آهي.“ مان هڪ ته ڳوٺاڻو ٻيو ابي ۽ اوطاقي ڪلچر جو ڪيڙيل سو اڳيئي اهڙي طبيعت رکندڙ هئس. اوطاق ۾ هر ايندڙ جو اٿي بيهي آدر ٿو ڪجي ۽ وڏي عمر وارن کي چاچا، ماما، ڏاڏا چئي، جهڪي ٿو ملجي.

مون جو ڄام صادق عليءَ کي ورانڊي ۾ اچ وڃ ڪندي ڏٺو ته پٽيوالي کي چيم ته انهي ماڻهو کي وٺي منهنجي چئمبر ۾ ويهار ۽ ڪوڪا ڪولا به پيارينس. هي 1970ع جو واقعو آهي. تن ڏينهين ڪراچي ۾ ڄام صادق عليءَ کي ڪو سڃاڻيندو به نه هو. پٽيوالو به وائڙو ٿيو ۽ سمجهائين ته شايد صاحب جو ڪو مائٽ يا ڳوٺائي آهي. مان ڪيس نپٽائي وڪيلن کان پنج منٽ وقفي جي اجازت وٺي چيمبر ۾ ويس، گرمي هئي پکي ڏي اشارو ڪندي ڄام صاحب چيو ته ”گرمي کان ۽ خواري کان بچائي وڌءِ!“ پڇيومانس ته ”ڪورٽن جو ڪيئن منهن ڪيو اٿئي، ڪنهن جج ۾ ڪم اٿئي ڇا؟“چيائين ”تو ۾ ڪم اٿم.“ چيومانس ”چئه؟“هٻڪندي مقدمي جي نوعيت ٻڌائڻ شروع ڪيائين. چيومانس ته ”اها پل نه ٻڌ، چئي ڏي!“ چيائين ”فلاڻي چڱيءَ ماڻهو، کان گهر ٿا خالي ڪرائين اهو ڪيس تو وٽ آهي. مون تي ٿورو ڪر!“ چيومانس ته ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي، مون سان ملائينس!“ حيران ٿيندي چيائين ته ”ڪيس ۾ ڌر آهي، تون جج ٿي ڪري ڪيئن ملنديس؟“ چيم ته ”ڪم وٺڻو اٿئي ته ائين ڪر ڇو ته مون وٽ ارڙهن سئو ڪيس آهن، روزانو چاليهه پنجاهه ڪيس رکجن ته به ٻيو وارو مهيني ٻن کانپوءِ ايندو. مون کان صفا وسري ويندو، پوءِ ميار نه ڏجانءِ !!“ چيائين ”ٻاهر بيٺو آهي سڏي ٿو اچانس!“ مون چيو ”تون ويهه!“ پٽيوالي کي سڏي چيم ته ”فلاڻي ماڻهوءَ کي وٺي اچ!“ اهو ماڻهو اندر آيو ته وائڙو وائڙو لوڻا ڦيرائيندو آيو. ان کي صاف چيم ته ”ڄام صاحب تنهنجي پارت ڪئي آهي پر مون کان متان ڳالهه وسري وڃي سو هر حاضري تي صبح جو سوير مون سان ملي مونکي ياد ڏيارجانءِ!“ ڄام صاحب تمام خوش ٿي ويو. پر هو خدا جو بندو مونسان وري نه مليو. الائي ڊنو ٿي، الائي مناسب نٿي سمجهيائين. مون کان به صفا ڳالهه وسري وئي. ورهيه لنگهي ويا. 1972ع ۾ مونکي اسيمبلي جو سيڪريٽري ڪيائون ۽ ڄام صادق علي وزير ٿيو ۽ هل پارڪ واري بنگلي ۾ رهڻ لڳو. مونکي هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو دعوت تي سڏائي وٺندو هو يا مان ازخود وڃي حاضر ٿيندو هئس. هڪ ڏينهن اوچتو ياد پيو ته ڄام صاحب ڪو ڪم چيو هو سو الائي ڪيم الائجي نه يا ماڳهين سندس برخلاف فيصلو ڪري ڇڏيم. ڪجهه ڦڪائي سان ڳالهه ڪيم ته ”ڄام صاحب توهان ڪنهن ماڻهو جي ڪيس بابت چيو هو“ ته ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيائين ته”ادا منهنجي چتڙن تي احسانن جو ٺپو هڻي ڇڏيئي تنهنجي وڏي مهرباني. هن جو ڪم ڪري ڇڏيئه!“ مونکي ته ياد به ڪونه هو. هن کي ازخود انصاف مليو. رڳو منهنجي طبيعت ۽ رويي جي ڪري اها چڱائي منهنجي کنڌي ۾ پئجي وئي.
شڪيل صاحب صلاح ڏني ته ”ڪمانڊر اختر علي ارباب ملٽريءَ جو جج ائڊووڪيٽ آهي. ڀلي ان کي چئو.“ سندس ويٺي ئي ڪمانڊر اختر کي فون ڪيم، ڪمانڊر صاحب تمام سٺي موٽ ڏني ۽ گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ (ويلڪم) ڪيو ۽ ڪم جو پڇيو. ڪم جي نوعيت ٻڌي دلجاءِ ڏنائين، چيائين ته ”فوجي آفيسر تمام سـٺا ماڻهو هوندا آهن ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو ڪونه سوچيندا آهن. جيڪي شاهديون مليون هونديون ۽ جيڪي ڪجهه ڪورٽ لکيو يا سفارش ڪئي هوندي، بلڪل ائين ئي ٿيندو. فلاڻو آهي فوج جو قانوني آفيسر، ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. نڪي مان (ڪمانڊر اختر) ان کي چوندس، نه ئي توهان ڪجهه ان کي چئجو. پاڻ ئي قانون مطابق ڪم ٿي ويندو!“
مون شڪيل کي ٻڌايو ته ”فلاڻو قانوني آفيسر آهي ۽ ڪمانڊر چوي ٿو ته ان کي چئه چاءِ نه ڪرائجو.“ شڪيل صاحب چيو ته اهو آفيسر سندس ڏيٺ ويٺ وارو آهي، چئو ته چوانس مون چيو، وارو ڪر! شڪيل صاحب اتي جو اتي ان آفيسر کي فون ڪئي. ڏٺم ته پاڻ ۾ ڪافي هجائتا هئا. شڪيل صاحب کيس ڪم جي نوعيت جو ٻڌايو ته هن کانئس تفصيل ورتا. مون لکيل ٽائيپ ٿيل تفصيل کڻي سندس هٿ ۾ ڏنو. شابس هجي هن ملٽري آفيسر کي جو چيائين ته ”تون ۽ تنهنجو دوست اچي ملو پر آفيس ۾ نه، گهر ۾!“ وري چيائين ته ”سڀاڻي لنچ ٽائيم (منجهند جي ماني وقت) مان سڄو ڪيس کڻي گهر ايندس سو توهين ٻئي اتي هڪ بجي اچجو!“ واهه واهه ٿي وئي. مون شڪيل صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ سندس ساراهه به ڪئي. چيائين ته” سڀاڻي ساڍي ٻارهين بجي تيار هججو، مان گاڏي کڻي ايندس. هي ماڻهو وقت جا پابند آهن. هڪ بجي سندس گهر پهچي وڃڻ کپي!
ٻئي ڏينهن پوري هڪ بجي سندس جاءِ تي پهتاسون ته هو آفيسر ورانڊي ۾ بيٺو هو ۽ اسانکي چيائين ته ”معاف ڪجو جاءِ جي مرمت پئي هلي سو هت ورانڊي ۾ ئي توهانکي ويهاريندس!“ ٽي ڪرسيون ۽ ٽپائي اڳيئي ورانڊي ۾ رکائي ڇڏيون هئائين. بدر وارو ڪيس (ڄام ساقي ڪيس) به ٽپائي تي رکيو هو، فوجي ماڻهو، سو بنا ڊيگهه جي ڪيس جا ڪاغذ کڻي کوليائين، پاڻ اڳواٽ ئي ڪيس سڄو پڙهي آيو هو. مونکي چيائين ته ”توهانجي پٽ تي ڪو ڪيس آهي ئي ڪونه، توهان پريشان نه ٿيو، ساڻس گڏ ٻيا به ٻه ٽي ڇٽي ويندا!“ مون وڌيڪ ڊيگهه ڪانه ڪئي مانس، رڳو پارت ڪئي مانس ته متان ڪو وچان اندرين هڻي وڃي. ٽهڪ ڏئي چيائين ته ”فوجي قانوني معاملن ۾ ائين نه ٿيندو آهي. اڄ وڃي سٺي ننڊ ڪر!“ اهڙو پيارو ماڻهو، سڌو سنواٽو، ڀلو ماڻهو.
شڪيل صاحب وري مونکي پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي منهنجي ڪمري ۾ آيو. چيومانس ته اڄ ئي شام جي اڏام ۾ منهنجي روانگي پڪي ڪرائي ڇڏي. چيائين ”اهو ته ڪو مسئلو ناهي پر آيا آهيو ته ٻه ٽي ڏينهن ترسي پئو. اسلام آباد ۾ توهانجا به دوست واقف ڪار هوندا انهن سان ملي نوان سوان ٿي اچو. هوٽل ٻاهران گاڏيون بيٺيون آهن. مان مئنيجر کي چئي ٿو وڃان، جنهن مهل جهڙي به گاڏي کپي، ڪاڏي به وڃو، ڀلي ڪوهه مري وڃو توهانکي بنا ڀاڙي جي کڻي ويندي. باقي روانگي مان سڀاڻي جي منجهند واري اڏام ۾ ڪرائي ٿو ڇڏيان!“ ائين چئي هو موڪلائي ويو. واهه شڪيل صاحب واهه توهان جا قرب، ماڻهو هجي ته اهڙو، وضعداري هجي ته اهڙي!
آفيسر دوست وري اهڙا آهن جو ڦِڪي مرڪ مرڪي آڌرڀاءُ ته ڪندا پر چوري چوري واچ ڏي به پيا ڏسندا. نيٺ پاڻ ئي چئي ڏبو ته شايد توهانکي ڪاڏي وڃڻو آهي ته مرڪي موڪلائڻ لاءِ اٿي بيهندا. اهڙي ملاقات کان بس ڀلي جو اڳلي تي بار بڻجي پوي. اسلام آباد ۾ صرف ٻه ماڻهو اهڙا هئا جو کلي دل سان خوش ٿي آدر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ چنبڙي پوندا هئا. هڪڙو مرحوم غلام حسين گهانگهرو ۽ ٻيو سدا بهار غلام رباني آگرو، اهڙن پيارن سان ته دليون ڳنڍيون پيون آهن . بنان ملڻ جي مليا پيا آهيون، مُئي کان پوءِ به جدا ناهيون.

2

هوٽل جي ڪمري ۾ اڪيلو ويٺي سوچ ۾ پئجي ويس ته ڪاڏي وڃان. پنڊيءَ ۾ منهنجي استاد سائين چيلارام کيمچند آڏواڻي جي پٽن جو ڪتابن جو دوڪان هئو، ’لنڊن بوڪ هائوس‘ گاڏي ۾ چڙهي اتي ويس، واقفيت ڪرايم، سندن وڏي ڀاءُ گوپال جو به نالو کنيم، پر پاڪستان ۾ هندو ماڻهو جنهن پيڙا مان گذرن پيا، ان جا چٽا آثار سندن چهري تي ڏٺم، اڇاترا جواب مليم، مسئلن ۾ گهيريل جاتي، ڀلا خاڪ خوش هوندي ۽ ڪهڙي موٽ ڏيندي. مون ڪلٽي کائي ٻيو ترپ جو پتو اڇليو. چيم ته حيدرآباد جو نوجوان خوش شڪل خوشحال وڪيل گلاب رنگ، منهنجو ويجهو دوست، شاديءَ لاءِ سڱ جي ڳولها ۾ آهي. ان ڳالهه اثر ڏيکاريو، هندو ماڻهن لاءِ پاڪستان ۾ نياڻيون اٿارڻ وڏو مسئلو آهي. هڪدم مانُ مليم، کيس پڪ ڏياريم ته گلاب ۽ مان جلد ڪوهه مري گهمڻ اينداسون جو چيف انجنيئر قاضي عبدالمجيد اهڙي دعوت ڏني آهي. خوش ٿيو. مون به انجام پاڙيو ۽ گلاب سان ڳالهه ڪيم. گلاب ۽ مان هڪ ڀيري سندس دوڪان تي وياسون ۽ هنن گلاب جي ماني موڪلائي، گلاب وٽن ماني کائي، ملي ڪري آيو، پر ڳالهه ڪانه بيٺي. گلاب ٻئي هنڌان شادي ڪري ڇڏي، هٿ کس لڳي پئي آ.
اسلام آباد جي عوامي مرڪز (فوڪ سينٽر) ۾ هڪ نوجوان، ذهين ۽ ترقي پسند جاکوڙي ماڻهو هوندو هو مسٽر جتوئي نالو وسري ويو اٿم. اتي هليو ويس، جتوئي صاحب ڪونه هو. هٿ جي هنر جون آرائشي شيون گهڻيئي پيون هيون پر انهن ۾ به هٻڪار - تڏهن اچي ها جڏهن جتوئي صاحب جهڙو ماڻهو موجود هجي ها. هي نسورو سچ اٿئو ته بيجان شيون به ڳالهائين ٿيون. جڏهن ڪو کين سمجهڻ وارو قدردان حاضر هجي ٿو، شيون نه ڳالهائن ته باقي ڪهڙو مزو، کاڌو اهو جو پاڻ چوي ته مونکي کائو!
اٻاڻڪو ٿي موٽي اچي هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺس. مان طبيعتاََ عيش پسند ناهيان جو هرو ڀرو ٺينگ ٽپا ڏيندو وتان. نه ته آساني سان ڪوهه مري وڃي، ٻيو نه ته ديدار بازي جا ڍئو ڪري اچجن ها. پر مون ۾ اها لڇ ئي ڪانهي. دوستن سان به جيسين ساڳي سطح يا هڪجهڙائي واري اڏام (wave length) تي نٿو پهچجي، تيسين تسڪين نٿي ٿئي ۽ پياس نٿي ٻجهي. اهڙي اڪيلائي واري هٻس ۾ سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر، ڊفينس منسٽر کي فون ڪيم، جنهن هڪدم ڪرم ڪري سرڪاري گاڏي موڪلي، جي ايڇ ڪيو ۾ گهرائي ورتم. سندس باغ و بهار شخصيت ۽ گفتار جي هٻڪار ۾، منهنجا نراسائي جا سڀ غبار گهڙيءَ ۾ غائب ٿي ويا. سندن ملاقات جو اڳواٽ ذڪر ڪري چڪو آهيان.
اسلام آباد ۾ گهڻائي وڏا آفيسر واقف هئم، پر سڀئي جهڙا ڪل جا بوتا. اهڙن بيجان بوتن وٽ ويٺي جيڪي سو بوجهه ڀاري ٿئي ها، لهي ڪونه ها. اٿنديئي پڇندا ته ڪيئن آيو آهين؟ يعني ڪهڙو ڪم اٿئي؟ اها ته جهڙوڪر بيعزتي ٻيو ڇا. يارن سان ملبو آهي چار ٽهڪ ڏيڻ لاءِ ۽ حالي احوالي ٿيڻ لاءِ نه کين استعمال ڪرڻ لاءِ. اهڙن ڪل جي گهوڙن کان ڀينگ ڀلي! ها، ڊاڪٽر افغان مڙس ماڻهو هو، دلير، دبنگ ۽ پيار جو ڀنڊار. آئي ويل ڪم اچڻ وارو هر ڪو غريب غربو، واقف اڻواقف وٽس حجت ڪري هليو ويندو هو ته ڊاڪٽر افغان ڪم جي پٺيان مڇڏو ٿي لڳندو، جيسين ڪم نه ٿئي تيسين ڊاڪٽر صاحب جو سک ڦٽي پوندو هو. مان شايد اڳيئي سندس ڪجهه واقعا ٻڌائي چڪو آهيان، جڏهن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو ته هڪ فلسطيني شاگرد کي موچڙا هڻي مارون ڪڍي پڙهڻ تي مجبور ڪيائين. سندس شڪايتن تي جڏهن فلسطين جو نمائندو سفير ان ڇوڪري کي فلسطين واپس ڪرڻ لاءِ وٺڻ آيو ته ڊاڪٽر صاحب ان شاگرد جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو، بلڪه سفير سان به اٽڪي پيو. چيائين ته ”مائٽن موڪليو آهيس انجنيئر ٿيڻ لاءِ ۽ مان ائين ڇڏي ڏيانس؟“ چي ”انجنيئر بڻائي پوءِ موڪليندو سانس، ائين نه ڇڏيندو سانس!“ ان شاگرد کي گهرائي، سفير جي روبرو ڇنڊ به ڪڍيائينس ته پاٻوهه ۽ پيار سان به سمجهايائينس ته، ”يار ڏس، تنهنجي ملڪ ۾ ڪيڏا ويل پيا وهايا وڃن، قتلام ۽ لڙائي لڳي پيئي آهي، تنهنجي ملڪ کي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر گهرجن، تون آهين جو ڦڏي بازي ڪندو اچين. مان توکي موچڙا هڻي به انجنيئر بڻائيندس. ائين ڪونه ڇڏيندس!“ سفير توڙي شاگرد ڏاڍو متاثر ٿيا ته هي ڪهڙو نه عجيب استاد ۽ انسان آهي. نيٺ ڊاڪٽر افعان ان کي انجنيئر بڻائي ڇڏيو. اهڙا استاد ۽ اهڙا ماڻهو به ناپيد ٿيندا وڃن. اڄ آهي ڪو اهڙو هڪڙو استاد.
بابا مرحوم، علي خان ابڙي هڪ مثالي استاد جي باري ۾ ڪتاب لکيو هو، پيسٽالازي، گهڻن ان ڪتاب جو نالو به نه ٻڌو هوندو. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ الاجي به ور ور ڪري ساڳيا ڪتاب، محض ڪنهن شخصيت کي خوش ڪرڻ لاءِ پيا ڇپائيندا. باقي هڪڙو ڪارآمد ۽ ضروري ڪتاب ڇپائڻ جو خيال ڪڏهن به سندن مٿي ۾ ڪونه آيو هوندو. مان ميمبر هئس. ٻنهي ادارن جو، پر مان پاڻ ڪيئن چوان ته منهنجي بابي جو ڪتاب ڇپايو.
اسان اهڙا حضور شرم! اڄڪلهه جا اديب ته اهڙو جارحاڻو انداز ٿا رکن جو خطن پٺيان خط، شڪايتون، اخبارن ۾ ليک، ٻولڻيءَ (ٽيليفون) تي ٻڙڪاٽ ته ”منهنجو ڪتاب ڇپايو!“
ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان، الله جنت ۾ جايون ڏيس، شينهن مڙس هئو ۽ شينهن بڻيو ويٺو هو. فيڊرل سيڪريٽري هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو، پر هئو سڀني تي حاوي، ڪنهن به کاتي (ڊپارٽمينٽ) ۾ ڪم هجي ته ڊاڪٽر صاحب کي چئي ڏسو. اصل پاڻ، پنهنجي سر وڃي، ڪم وٺي ايندو، سنڌي ماڻهن جو ته ڀرجهلو هو پر ٻيا مانڊڻي وارا، گاڏڙا گهلڻ وارا، پٽيوالا، ڪلارڪ، پنجابي پـٺاڻ، سواتي، گلگتي توڙي بلوچ بروهي پنهنجو ڏکڙو کڻي وٽس ويندا هئا ته ڊاڪٽر افغان کي جهڙوڪر چوچڙي لڳي ويندي هئي (بئٽري چارج ٿي ويندي هئي). پنهنجي ڪار ۾ چڙهي هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ پيو هلندو هو. پوليس وارن وٽ به لنگهي ويندو هو ۽ غريب غربي جو ڪم ڪري پوءِ موٽندو هو.
جنرل ضياءَ تائين اهي چُرچون (رپورٽون) پهتيون ته ان کيس فيڊرل سيڪريٽري جي اهم عهدي تان هٽائي پاسيرو هنڌ (سائيڊ پوسٽ) فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر ڪري رکيو. ڊاڪٽر صاحب کي ڏکيو ته لڳو پر سندس عهدي ۽ پگهار (گريڊ) ۾ فرق ڪونه پيو. جيڪي سو سندس هلندي پڄندي وڌي وئي. ڀلا هر کاتي جا ڪيس وٽس، يار ويس ۽ هڏ ڏوکي ته هو. پوليس جا ڍِنگ آفيسر، واپڊا، ٽيليفون، اندروني ۽ خارجي کاتي جا عملدار، ريلوي وغيره سڀ هن عدالت جي لپيٽ (جورسڊڪشن) ۾ اچي ٿي ويا. ڪمشنر، آءِ جي پوليس، ڊائريڪٽر جنرل واپڊا، ٽيليفون، ريلوي، عمارات ۽ رستا، قديم آثار ڪوٽ قلعا، سڀ ڪجهه اسانجي نوڪري معاملات واري عدالت جي وڪڙ ۾ هئا. ڊاڪٽر صاحب ۽ مان هونئن ته ڪاليجي دور ۾ به گڏ هئاسين پر ساڻس ويجهڙائپ نوڪري واري دور ۾ ٿي. هڪڙي پاسي اسين ٻه سنڌي ميمبر ٻئي پاسي چوڌري نذير ۽ چيئرمين جسٽس دائود، چوڌري نذير جيتوڻيڪ ڀلو ماڻهو، نيڪ نمازي، ايماندار ۽ قابل تڏهن به دل ۾ گدڙ هئس. مرحوم ۾ اها وڏ هئي جو هڪ ته پاڻ کي نهايت قابل ۽ پارسا سمجهندو هو ٻيو ته اسان ٻنهي خلاف جسٽس دائود سان ٻٽ هئو جيتوڻيڪ پاڻ ٺيٺ ملان ۽ جسٽس دائود دهريو هئو.
مونکي، سراج ميمڻ ۽ نثار ميمڻ کي سنڌ جي گورنر، جنرل عباسي صاحب، سنڌ يونيورسٽي جي مجلس عامله (سينڊيڪيٽ) تي سرڪاري ميمبر ڪري رکيو، معمولي ڳالهه هئي پر فرض ادائي خاطر ۽ شيخ اياز سان ملڻ سانگي ويندا هئاسون. ميمبر صاحب، جيڪي گهڻو ڪري معزز پروفيسر صاحب هئا، انهن جي ڪارڪردگي بددليو ڪري وڌو. وڃڻ تي دل نه ڪڍندي هئي. هيڏو وڏو تعليمي ۽ تدريسي ادارو تنهن ۾ استادن جي ڄنڊا پٽ لڳي پئي هوندي هئي. رڳو هئي سرخرو ٿيڻ جي تمنا ۽ معمولي شخصي فائدا وٺڻ ۽ پنهنجن کي نوازڻ، معاملا وري ڪهڙا! ريزڪي موڪل، غير حاضري جي معافي، ڪوارٽر يا بنگلي جي مرمت، دروازي جو بلٽ ٽٽل آهي. سو نئون پوي، اليڪٽرڪ جو بل، پگهار ۾ واڌارو وغيره وغيره،
صبوح کان شام تائين اها جهڳ جهڳ ڪري وري هيڏو سارو لمبو سفر ڪري رات جو ڪراچي گهر پهچبو هو. اسين ته اچڻ وڃڻ ۽ کاڌي پيتي جو بل جيڪو پنج ڇهه سئو روپيا ٿيندو هو سو به ڪونه وٺندا هئاسون. مان ته چوندو هئس ته سرڪاري گاڏي ۾ آيو آهيان يا سراج کنيو آهي (لفٽ ڏني آهي) ماني يونيورسٽي کارائي آهي. سو بل تي کڻي منڌيئڙو گهمائيندو هئس، ڊائريڪٽر فنانس (ماليات) هڪ خواجو هوندو هو سو چوندو هو ته جمال صاحب ائين نه ڪريو، دستخط ڪري لکي ڇڏيو ته غريب ڇوڪرن جي امدادي فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائي وڃي. پر مونکي ڪهڙي خاطري ته ائين ٿيندو سو هڪ دفعو به سندس صلاح نه ورتم. جڏهن خانگي گاڏي ۾ پنهنجو پئٽرول وجهائي ايندو هئس، تڏهن پئسا وٺندو هئس. مئڊم فهميده حسين ته اهي پئسا به نه وٺندي هئي، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر هئي.
پروفيسر صاحب وري اهڙا ننڍڙي ميڄالي وارا ماڻهو جو ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندا هئا ته هي ڪراچي جا صاحب ته رڳو پئسا وٺڻ ۽ هوا خوري ڪرڻ لاءِ گهمڻ ٿا اچن. اسان پنهنجي حياتيءَ جون تمام قيمتي گهڙيون سيڙائي اچون ٿا، اهو احساس ئي ڪونه اٿن نه ته اسان کي ڪهڙي پئي آهي جو ٻار ٻچا، گهر جو سڪون ۽ نهايت اهم ڪار ڪم ڇڏي، سيڙجي سفر ڪري حيدرآباد وڃون ۽ ڏينهن وچ ۾ موٽون. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جناب غوث بخش مهر سنڌ اسيمبليءَ جي گولڊن جوبلي (پنجاهه ساله جشن) ملهائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي. ان ۾ مان به هئس. اسپيڪر صاحب کي چيم ته سرڪاري طرح گزيٽ ۾ اعلان نامو (نوٽيفڪيشن) ڪڍي ته سرڪاري طرح سان ميمبر اچن ۽ خرچ پکو وٺن ته انڪار ڪيائين. مون چيومانس ته ”سائين اسان ڪراچي وارن کي کڻي ڇڏيو پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جون جيڪي تمام قيمتي گهڙيون اسان لاءِ وقف ٿو ڪري ان جو ته ڪو ملهه ئي ناهي“ ته به انڪار ڪيائين. چي ”ڊاڪٽر صاحب ته ڪونه ٿو چئي!“ ڊاڪٽر صاحب ويٺو هو، ڀلا هو ڇا چوي. قدر ڪرڻ وارا ته ٻيا هوندا آهن. پاڻ ته ڍنڍورو ڪونه ڏبو.
ڊاڪٽر صاحب ته تمام وڏو (عظيم) ماڻهو آهي پر اسين معمولي ماڻهو جيڪي زندگي جون آخري گهڙيون ڳڻي رهيا آهيون تن کي به جهڙوڪر حرص ۽ حسد ٿي پيو آهي ته باقي ڏينهڙا ڪنهن ڪارائتي ڪارج ۾ گذارجن. اجايو نه وڃائجن. ڪو ڪتاب ڏسون ٿا ته هٿ ٿا هڻون ته گهوڙا! هي ڪونه پڙهيوسين، جيڪر پڙهي وٺجي. ڪا غلط ڳالهه يا راءِ پڙهجي ٿي ته ڀانئجي ٿي ته وٺ ڪري ڪجهه لکي وٺجي. هٻڇ ٿي پئي آهي لکڻ ۽ پڙهڻ جي. بيماري ۽ پيرسني مترڪو کنيون، روڪ بڻيون بيٺيون آهن. مان ته ڪنهن علمي گڏجاڻي (سيمينار) ۾ به ڪونه وڃان. جيتوڻيڪ عزت بخشي چيئرمين يا مهمان خصوصي ڪري گهرائن، ڀلا حياتيءَ جي باقي محدود ڏينهن مان سڄو سارو هڪڙو ڏينهن ڇو وڃائجي. ٽي وي وارا به ڏهه دفعا سڏيندا ته ڪونه ويندس باقي ڪو واقفڪار پروڊيوسر يا عبدالڪريم بلوچ جهڙو پيارو ماڻهو زور ڀريندو ته ڪنڌ ڪڍائي نه سگهندس. سو به انهيءَ شرط تي ته مون کي ڏهن پندرهن منٽن ۾ فارغ ڪندا. ڪن ماڻهن کي اها ڳالهه به نٿي وڻي. چي ”پوڙهو پيرسن، اڇي ڏاڙهي، زبان ۾ هٽڪ، هلي به ڪونه سگهي ته به ڀڳو بيٺو آ ٽي وي تي!“ ڏسو نه ته قيمت به ڪونه، قد به ڪونه، الٽو الزام به مٿان. اياز جي لکڻ تي بندش منهنجي ڳالهائڻ تي بندش!
اهڙا ننڍڙي ميڄالي وارا ماڻهو يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۾ به ويـٺا هئا. پاڻ رڳو ڳالهائيندا هئا شخصي فائدن يا ڏيکاءَ لاءِ. سڄو ڏينهن چچون مچون ماري جک هڻي، شام جو اٿندا هئاسون بنا ڪنهن سود مند ڪم جي. مون ته رٿ رکي ته اهڙا خسيس ۽ معمولي معاملا وائيس چانسلر پاڻ نمٽائي ۽ سينڊيڪيٽ ۾ صرف منظوري لاءِ پيش ڪري. رباني منهنجي رٿ جي تائيد ڪئي پر جسٽس چنا انهي بنياد تي مخالفت ڪئي ته ڪارروائي جي ضابطن (rules) موجب اهي اختيار سينڊيڪيٽ جا آهن. مون وري چيو ته سينڊيڪيٽ پاڻ اهي اختيار منتقل ڪري وائيس چانسلر کي ڏئي، پر اختيار استعمال ڪرڻ جو چسڪو، ڪو اهڙو آهي جو جسٽس چنا، منهنجي ڳالهه کي گول ڪري ويو.
ٻي به ڳالهه ڪندو هلان ته اختيارن جو چسڪو اهڙو ٿو وڻي جو ڳچيءَ جو ڳٽ ٿي پوي ته به دل نه چوندي ته لاهي ڦٽي ڪجي. مان جڏهن هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار هئس ته عادت موجب هڪ به فائيل التوا ۾ (pending) نه رکندو هئس. انهي ڪري پنجاهه سٺ فائيل روزانو چيف جسٽس ڏانهن موڪليندو هئس. چيف جسٽس هو جسٽس عبدالحئي قريشي جهڙو قابل ۽ تيز فهم ماڻهو جيڪو هاءِ ڪورٽ ۾ دليل ٻڌي اتي جو اتي فتويٰ لکرائي ڇڏيندو هو. اهڙو مصروف ماڻهو ساٺيڪو کن فائيل وڃنس ته هڪ هڪ فائيل پڙهي هر فائيل تي پنهنجو اهڙو فيصلو لکندو هو جو اسين حيران ٿي ويندا هئاسون ته اهڙو صحيح ويچار نه آفيس سپرنٽينڊنٽ کي آيو، نه ڊپٽي رجسٽرار کي نه رجسٽرار کي.
هوڏانهن جسٽس نعيم الدين آيو ته ويهارو کن فائيل روزانو واپس ڪندو هو ته ”سمجهايو“ discuss مان به سڙي پڄري اهڙا چاليهه کن فائيل گڏ ڪري وٽس ويندو هئس ته ”سائين هاڻي پڇو!“ چوندو هو ”ڇا ڪجي؟“ مان جواب ڏيندو هئس ته ”ييس يا نو“ (هاڪار يا انڪار) ڪلارڪ پٽيوالي يا ڪنهن سب جج جي موڪل جي درخواست تي ٻيو ڇا بحث ڪبو؟ پوءِ جسٽس نعيم الدين صاحب اڌ ڪلاڪ کن اسلام تي ليڪچر ڏيندو هو ۽ مان دل ۾ درود شريف پڙهڻ شروع ڪندو هئس. جڏهن ليڪچر ڏئي پورو ڪندو هو ته وري پڇندو هو ته ”ڀلا ڇا ڪجي؟“ـ ”سائين نو! ڪري ڇڏيو، وقت اڳ ئي گذري ويو آهي، هو يا ته موڪل کائي آيو هوندو يا ويو ئي ڪونه هوندو.“ پوءِ چوندو هو ”ٺيڪ آ بس، فائل رکي ڇڏ!“ فائيل رکي ڇڏڻ کان مون کي هئي چڙ سو پاڻ لکي ڇڏيندو هئس”مدي خارج“ (infructuous).
جسٽس قريشي نهايت قابل ماڻهو هو، هر هڪ فائيل پنهنجي منفرد انداز ۾ نيڪال (dispose) ڪري ڇڏيندو هو. پر هڪ ڏينهن بيزار ٿيندي مون کي چيائين ته ”مسٽر ابڙا مون کي ٻيا به ڪم ڪرڻا آهن يا رڳو فائيل ڏسڻا آهن!“ مون چيو ”سائين معاملو سؤلو آهي. اختيار ورهائي ڇڏيو مثلا موڪل جون درخواستون ۽ معمولي فائيل سينيئر جج صاحب نيڪال ڪري باقي خاص خاص فائيل چيف جج ڏي اچن!“ ته چيائين ”مسٽر ابڙا تنهنجو مطلب آهي ته پنهنجا اختيار ٻين کي سونپي ڇڏيان؟“ مان معمولي آفيسر ”ساري، يوئر لارڊشپ“ چئي وٽانئس اٿي آيس. اهو آهي اختيارن جو چسڪو!
چوندا آهن ته ”غريب پڙهيو، ملڪ اڙيو“ اهو اکئين ويٺا ڏسون. هڪ معمولي سپاهي جي ٽيڙي ڏسڻ وٽان آهي. ڪلارڪ به چوندو ته ”اڙي ڪو پڻهين جو نوڪر آهيان ڇا؟“ ٻيا ته ٺهيو مسافر بس جو ڪنڊيڪٽر به چوندو ”اڙي ڄٽ ڪڏهن ههڙي بس ۾ ويٺو به آهين؟“ شل نه ڪنهن کي ڪو پد ملي وڃي، مڙس ڦونڊ ۾ آپي کان ٻاهر پيو ويندو. ٻيا ته ٺهيو، عوامي نمائندا، اسيمبلي ميمبر، معزز، سي به چوندا ته اسين وي آءِ پي! ايس پي ۽ ڊي سي به اسان جو سلامي ٿئي. ڀائي!توهين خلق خدا جا خدمتگار، هيٺاهين وٺو، هٿ جوڙ جي واٽ وٺو، راڄائتا ٿيو. اختيارن ۾ ته ڪي ڪين آهي. اصل ڳالهه آهي ته ماڻهن جا مسئلا ڪيئن حل ٿين. ملڪ تان ڏرت ڪيئن ٽري. اهڙو اونو اٿن ڪو نه. افعال وري اهڙا جو کين هٿيارن جا ليسن يا نوڪري ڏيڻ لاءِ سفارش جا اختيار ڏنا ويا ته اهڙي سفارش لاءِ به خلق خدا جي کان پئسا ورتائون. هي ته ٿي سڌي سنئين رشوت ٻيو ڇا. پوليس وارن ۽ ٽنڊيلن کان به چڙهي ويا. پوءِ به منافقي واري هاءِ گهوڙا ته ڪامورا رشوتي آهن، ملڪ ڀيلي ڇڏيائون. ٻيلي، گهٽايو ته توهان به ڪونه! ڪامورو ته ٿيو توڙئون بڇڙو، توهان ته خانداني ماڻهو هئا. توهان ڇو منهن ڪارو ڪيو؟
اصل ڳالهه هئي يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي ۽ وڃي ڳڙو ٽٽو اسيمبليءَ جي معزز ميمبر صاحبن تي. مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته پروفيسر صاحب رڳو شخصي فائدن لاءِ وڙهندا جهڙندا هئا. هڪ صاحب ته مطالبو ڪيو ته ڊي سي ڊپٽي ڪمشنر اسان کان گهٽ گريڊ جو آهي ته به کيس ڪار، ٽيليفون گهر توڙي آفيس ۾ ٿڌڪارو (ايئرڪنڊيشنر) مليل آهي سو اسان کي به ڪار، ٽيليفون ۽ ٿڌڪارو ملي. مون ٽوڪ مان چيو ته برفارو (ريفريجريٽر) به ملڻ کپي. کين سمجهايم ته اهي سهوليتون، ڊيوٽي (فرائض) جي نوعيت تي مدار رکن ٿيون. ڊي سي چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي تي آهي ۽ گشتي آفيسر (فيلڊ آفيسر) آهي ۽ ضلعي جو انتظامي سربراهه آهي ان ڪري کيس اهي سهوليتون مليل آهن. مثال ڏنم ته ڊي سي ارڙهين گريڊ جو آفيسر آهي ۽ سيشن جج اڻويهين گريڊ جو ته به کيس نه ڪار آهي، نه ٽيليفون، نه ٿڌڪارو، تڏهن به جهڳ جهڳ هلندي آئي. اتفاق سان مرحوم ڊاڪٽر ايم اي قاضي به ويٺو هو، جيڪو خود تعليمي ماهر وڏو دانا، ۽ سندن لڏي جو ماڻهو هو پوءِ جو قاضي صاحب وٺ ڪين سا خدا ڪري ۽ بندو سهي!
چيائين ته ڪهڙا استاد ٿيا آهيو ۽ ڪهڙي اعليٰ علمي اداري ۾ ويٺا آهيو ۽ رڳو پيا ٿا ترقي (پروموشن)، موڪلن، شخصي سهوليتن ۽ گهرن جي مرمت جون ڳالهيون ڪيو. ڪا علم، تدريسي عمل، ڪتابن ۽ نئين علمي ۽ تدريسي کوجنائن جي ڳالهه ڪيو. نئين علمي نصاب جي ڳالهه ڪيو. خرچ گهٽائڻ، نوان فنڊ حاصل ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ استادن جي اعليٰ ڪردار ۽ سکيا جي ڳالهه ڪيو. توهان ته رڳو اٽي تي چٽي آهيو، ڪار، ٽيليفون ۽ ٿڌوڪارو ڪونه ملندا. مان چئي ٿو ڇڏيان. قاضي صاحب يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جو چيئرمين هئو. ان ڪري بيڌڙڪ ۽ بيپرواهيءَ سان صاف گو لهجي ۾ پئي ڳالهايائين سندس ڳالهه هر ڪنهن ڌيانس سان پي ٻڌي ۽ هنڊائي ڪڇڻ جي همت ڪنهن کي به ڪانه ٿي. اسين (مان سراج ۽ نثار) به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهياسون ٿي پر مخالفت به ٿئي ها ۽ وزن ۽ اثر به ڪونه ٿئي ها. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته لفظن کي وزن، چوڻ واري ماڻهو جي ڪري ملندو آهي، سورنهن آنا سچ!
ڳالهه اصل ۾ سينڊيڪيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جي معاملن جي ڪونه هئي پر منهنجي ميمبري بابت هئي جنهن جا فائدا مون کي اسلام آباد ۾ نوڪريءَ بعد معلوم ٿيا. سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ جي صدقي چار ڏينهن سرڪاري خرچ تي ڪراچي اچي ٻارن ٻچن سان ملڻ جو موقعو ملندو هو. مان ۽ منهنجي مرحوم گهر واريءَ لاءِ اها ڳالهه خدائي نعمت کان گهٽ ڪانه هئي پر پنجابي صاحب جسٽس دائود ۽ چوڌري نذير اهو سهي نه سگهيا. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکي موڪليائون ته ”فلاڻي قانوني هيٺ ڪوبه سرڪاري آفيسر ٻه نفعي بخش نوڪريون نٿو ڪري سگهي!“ هنن صاحبن به اکيون ٻوٽي کڻي آرڊر ڪڍيو ته يا ته مان ٽربيونل جو ميمبر رهان يا سينڊيڪيٽ جو ڇاڪاڻ ته ٻن هنڌن تي ڪم ڪرڻ غيرقانوني عمل ٿيندو.
مون کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ جسٽس دائود کي وڃي چيم ته ”مان جنرل عباسي گورنر کي لکي ٿو موڪليان ته هن مون کي سينڊيڪيٽ جو ميمبر مقرر ڪري غيرقانوني ڪم ڪيو آهي سو ان کي رد ڪري يا فيڊرل گورنمينٽ سان ڳالهائي (لکپڙهه ڪري).“ جسٽس دائود جو محض ڪئپٽن هو سو ٿٿان ڦٿان ٿي ويو. چي مون کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو جنرل صاحب اهڙو آرڊر ڪيو آهي. مون پنهنجي آفيس ۾ اچي اسٽئبلشمينٽ سيڪريٽري جي نالي هڪ ليٽر ٽائيپ ڪرايو خبر هڪدم جسٽس دائود تائين پهچي وئي. مون سان اچي ائڊمنسٽريٽو آفيسر مسٽر اعجاز مليو. ڀلو ماڻهو هو. چيائين ”سر اهو ليٽر نه موڪليو؟“ـ ”سبب؟“ چي ”بس منهنجو عرض مڃو!“ ڊاڪٽر افغان سان ته روز ملندو هئس سو اتي ان وٽ ويس ۽ سموري ڳالهه ڪئي مانس ان به چيو ”اهو ليٽر نه موڪل!“ چي هتي سڀ دلا سندن ماڻهو ويٺا آهن اجايو گهاٽي ۾ پوندين ساڻس به بلڪل ساڳي ويڌن ٿي هئي. مون کڻي ماٺ ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو ان لاءِ سندس پسنديده لفظ هوندو هو ”دلو!“ سنڌيءَ ۾ دلو دلال کي يا ڀڙوي کي به چوندا آهن. سنڌي ماڻهن جون ڀيڙون جي روزانو ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪم ڪار سانگي اينديون هيون، سا ڳالهه به اسان جا معزز ڀائر (جج صاحب هڪٻئي کي ائين سڏيندا آهن) اصل سهي نه سگهيا، چوڌري نذير خود مون سان شڪايت ڪئي ته ”ڊاڪٽر افغان سرڪاري ڪم ڪونه ٿو ڪري، بلڪه سرڪاري خرچ، سرڪاري ٽيليفون ۽ سرڪاري گاڏي، غير سرڪاري ماڻهن جي ڪمن ڪارين لاءِ استعمال ٿو ڪري!“ انهن وڏن ڀائرن جون پاڙون ڏاڍيون پکڙيل آهن. سو پريزيڊنٽ جنرل ضياءَ تائين اها ڳالهه پهچايائون ته ”ڊاڪٽر افغان سياسي ڏڦيڙ ڦهلائي سنڌي ماڻهن کي پيو گڏ ڪري!“ جنرل صاحب به ڪنن جو ڪچو يا ڪو ٻيو سبب، سو ٺڪاءُ ڪري ڊاڪٽر افغان جهڙي ڀلوڙ ماڻهو ۽ قابل آفيسر کي نوڪريءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيائين. اسلام آباد ۾ سڄي آفيسر برادري ۾ چوٻول ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. سنڌي آفيسرن ۾ ته ڏاڍو تاءُ هو ۽ ڪو اهڙو ٺهراءُ به پاس ڪيائون
جنرل ضياءُ ڪامورا شاهي جو گهڻو خيال رکندو هو. هر ڊڪٽيٽر، پوليس ۽ ڪامورا شاهي تي ڀاڙيندو آهي سو هڪ ڏينهن مان به ڊاڪٽر صاحب وٽ ويٺو هئس ته کيس پريزيڊنٽ هائوس مان فون آيو ته پريزيڊنٽ صاحب جو ملٽري سيڪريٽري ساڻس ڳالهائيندو ملٽري سيڪريٽري چيس ته سڀاڻي فلاڻي وقت پريزيڊنٽ صاحب توکي ملاقات جو وقت ڏنو آهي. ڊاڪٽر صاحب ”اوڪي (ٺيڪ) چئي فون ٺڙاڪ ڪري رکي ڇڏي.“ پڇڻ تي ٻڌايائين ته سڀاڻي پريزيڊنٽ ملاقات لاءِ گهرايو آهي. مون خوش ٿي چيو مانس ته ”ڊاڪٽر صاحب اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو!“ ته مون ڏي هٿ سڌو ڪري چيائين ته ”مان انهي دلي سان ڪونه ملندس!“ ڊاڪٽر صاحب فقير منش ماڻهو، پئسو ٺهيس ڪونه، مسواڙي جاءِ، ٻه نياڻيون پنڊيءَ ۾ ڊاڪٽري پيون پڙهنس، سرڪاري گاڏي به ڦرجي ويس، پر خوددار ايڏو جو چوي ته انهي دلي سان مان ڪونه ملندس. سائين ميان منظور جي به لاهور مان فون آيس ته ”مان ٿو اچي پريزيڊنٽ کي چوان!“ انهيءَ کي به جهليائين اتي مون چيو مانس ته ”ڊاڪٽر صاحب تون کڻي پريزيڊنٽ سان نه مل. پر سائين کي ڇو ٿو جهلين؟“ ته ڪمال عقيدت سان چيائين ته ”جنهن دلي سان مان نٿو ملان ان سان وري سائين جهڙو ماڻهو(بزرگ) ڪيئن ملندو!“ ايڏو خوددار ۽ خود اعتماد ماڻهو، مون شيخ اياز ۾ به نه ڏٺو.
ڊاڪٽر صاحب قرضن تي هڪ ڪوسٽر (مسافر ڪوچ) ورتو جو پنڊيءَ کان پشاور هلائڻ لڳو ۽ ساڳئي شان ۽ دٻدٻي سان اسلام آباد ۾ رهيو پيو هئو. سچ چوندا آهن ته الله انهن جي مدد ٿو ڪري جي پنهنجي مدد پاڻ ٿا ڪن.
پنهنجي مدد پاڻ تان ياد پيم ته ڳالهه پي ڪيم آفتاب ۽ شڪيل جي والد صاحب حاجي فضل الرحمان جي. حاجي صاحب ڪرڙوڍ، سفيد ڏاڙهي، بدن ۾ جانٺو، اکين ۾ شرارتي مرڪ، عاشق مزاج ۽ حسن پرست هڪ عمر چڙهيل ڪشميري مهاجر هئو. پر جوش، جذبو، محنت، مشقت سندس جند ۾ ڀرپور هئي توڪل ۽ همت به. ڪک مان لک ڪري ڇڏيائين. ننڍي پٽ شڪيل جي نالي (جنهن پنڊي ۾ منهنجي ايڏي مهمان نوازي ڪئي جو وساري نٿي وسري) هوائي جهاز سروس جي بادشاهت (ڪنگڊم) قائم ڪري ڇڏيائين. شروعات ائين ڪيائين جو 1965ع جي لڙائي ۾ پاڪستان، انڊيا جي ريلوي اسٽيشن مونابائو تي قبضو ڪيو ۽ انڊيا جي ٽئنڪ به پڪڙيائون. حاجي فضل الرحمان اسپيشل ريل گاڏي سرڪار کان وٺي حيدرآباد کان مونابائو تائين تفريحي سفر ڪرائڻ جو اشتهار ڏنو.
سرڪار مير علي مدد خان چوي ته ضرور هلبو. غلام النبي سومرو به مير صاحب سان ها! ۾ ها! ملائڻ وارو. مون ڪجهه آناڪاني ڪئي پر مير صاحب جو شاهاڻو خون سو ويٽو پاور (يڪطرفو اختيار) هلائي چيائين ته ”جمال صاحب، فتح ڪيل سرزمين تي پير گهمائڻ وڏو اعزاز آهي، هلبو ضرور!“ سيڪنڊ ڪلاس جون ٽي ٽڪيٽون وٺي ڇڏيائون. مير صاحب فرمايو ته سفر ۾ هروڀرو به بک لڳندي آهي ۽ چاٻو ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي. ماني ته ريل ۾ ملندي پر پنهنجي شيءِ کڻڻ ضروري آهي. مير صاحب چيو ته برياني پاڻ تيار ڪرائي ايندو. غلام النبي کان پڇيائين ”گل ڀاءُ تون ڇا آڻيندين؟“ گل چيو ”فروٽ!“ غلام النبي گهر واري کان ڪن هڻڻدو هئو، کانئس محنت ڪرائي ڪجهه پچرائي ها ته ڪجهه ست سريون ٻڌڻيون پونس ها. سياڻو ڪانءَ ته هئو، سو فروٽ چئي جند ڇڏائي ويو. مير صاحب ”ٺيڪ!“ چئي مون ڏانهن ڏٺو، مون چيو سرڪار ”مان مٺيون ٽڪيون پچرائي ايندس!“ مير صاحب واهه واهه ڪئي. اڳي اهو رواج هوندو هو ته سفر لاءِ مـٺيون ٽڪيون پچائي کڻبيون هيون. سوادي به ۽ غذائي طاقت به، خراب به نه ٿين ڀلي هفتا گذري وڃن. اسين ته اڃا به، عمري تي وڃون ته به مٺين ٽڪين جي هڙ ٻڌي کڻون. عمري جا پندرنهن ڏينهن هرڪو ساٿي، جنهن مهل دل ٿئيس يا بک لڳيس ته بنا پڇڻ جي مٺي ٽڪي ڪڍي کائي ڇڏي.
مقرر ڏينهن تي حيدرآباد کان راجا واري گاڏيءَ ۾ چڙهياسون. رونق لڳي پئي هئي، عورتون مرد توڙي ٻار چهه چهه لڳي پئي هئي ۽ سندن چهرا ٻهڪيا پي، حاجي فضل الرحمان هڪ هڪ گاڏي ۾ پاڻ چڙهي هر ڪنهن سان خوش خير عافيت ڪئي پي. اهو سندس حسن اخلاق چئون يا ڌنڌي جو گر. ٻئي ڳالهيون صحيح، هر اسٽيشن تي پاڻ لٿو ٿي ۽ خوش مزاجيءَ سان مسافرن جي سهوليت جو احوال به ٿي ورتائين ته چرچا ڀوڳ ڪري دل به ٿي ورتائين. ريل ۾ لائوڊ تي ميڊم نور جهان جا قومي نغما به وڄايا پي ويا، ”ميري ڍول سپاهيا ... اي پتر هٽان تي نهين وڪدي ... ڪرنيل ني جرنيل ني.“
جڏهن مونابائو ڀرسان ريل بيٺي ته ميڊم جا گانا ٻڌي فوجي سپاهي ڀٽن مان ۽ واري جي اوٽ مان اٿي بيٺا. سهڻا، ٺاهوڪا، خوش خوراڪ ۽ خوش لباس، مئڊم نورجهان جو گانو ٻڌي هڪ سپاهي مشڪندي چيو ته ”سالي، سانون مرواڪي ڇڊيگي“ يعني سالي اسان کي مارائي ڇڏيندي. مئڊم نوجهان جي گانن واقعي باهه لڳائي ڇڏي هئي جوش ۽ جذبا چوٽ تي هئا، هڪڙو شيخ اياز هئو جنهن پنهنجو هوش حواس درست رکيو.
هڪ فاتح فوجي کان پڇيوسين ته ”ڀلا ٻڌاءِ ته هندوستاني سپاهي ڪيئن هئا؟“ سڀني جي توقع خلاف جواب ڏنائين ته ”جي هو ڏاڍا بهادرهئا“ ماڻهو کانئس آڏا سوال ڪرڻ لڳا پر غلام النبي سومري پنهنجي منفرد سوچ موجب چيو ته ”بهادر ئي بهادر جو قدر ڪندا آهن!“ سڀ چپ ٿي ويا. اسين اسٽيشن تي وياسون، اسٽيشن جا فوٽو ڪڍراياسون، فتح ڪيل ٽئنڪ تي چڙهي فوٽو ڪڍياسون، اهڙا ۽ ٻيا ڪيئي ڍڳ فوٽن جا مون وٽ پيا آهن گهمي ڦري، ساڳئي ڏينهن شام جو ساڳي ريل ۾ حيدرآباد پهچي وياسون، ائين ڪئي ڪشمير والا صاحب پنهنجي ڌنڌي جي شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي سندن شاخون، حيدرآباد، ڪراچي، لاهور، پنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا تائين ڦهلجي ويون.
خوش اخلاقي به ڌنڌي جو اهم جز آهي. شڪيل صاحب بنا چوڻ آکڻ جي منهنجي ايڏي خاطرداري ڪئي ۽ مدد به ڪئي صرف ان ڪري جو مان سندس وڏي ڀاءُ آفتاب جو دوست هئس، دوست به ڪهڙو، رڳو واقفڪار هئس، پنڊي اسلام آباد جي رهاڪن جي ڳالهه ڪندي هيڏي ڊيگهه ۾ پئجي ويس. چڱو ٿيو، ڊاڪٽر افغان جهڙي ڀلوڙ ماڻهو جو ذڪر ته ٿي ويو. ٻئي ڏينهن عين هوائي جهاز جي وقت تي بيئرو ڀڄندو آيو ۽ چيائين ته ”ٽئڪسي تيار آهي!“ چيومانس ته ”هوٽل جو بل ته ڏيو.“ چيائين ته ”شڪيل صاحب منع ڪري ڇڏي آهي!“ شڪيل صاحب پاڻ ڪونه آيو، فون ڪري موڪلايائين ۽ معذرت ڪيائين ته هو روبرو حاضر نه ٿي سگهيو. هيڏي فضيلت! ڏسو، روبرو انهيءَ ڪري نه آيو ته متان منهنجي اک لڄائي. ايئرپورٽ پهچي ٽئڪسي واري کان ڀاڙو پڇيم. ان به نه ورتو. پڇيو مانس ته ”ڳالهه ڇاهي؟“ چيائين ته ”صاحب هوٽل به شڪيل صاحب جي ۽ گاڏيون به سڀ شڪيل صاحب جون آهن جيئن حڪم ڪندو تيئن ڪنداسون!“ اهو بافضيلت همدرد، هڏڏوکي، پيارو ماڻهو، شڪيل صاحب اوچتو ئي اوچتو پنڊيءَ ۾ گذاري ويو، ڄڻ ته هيرو هليو ويو، فرشتو اڏامي ويو.
انهي سڀني ڀائرن کي سندن والد صاحب پاران هڪ ئي ستي پيل آهي. ڪڏ ڏئي ڪم ايندا، مون کي علاج خاطر لنڊن وڃڻو هئو مان ۽ منهنجي گهر واري لاءِ ٻه ٽڪيٽون کپنديون هيون ويزا وٺڻ لاءِ چاليهه هزار کن خرچ ڪري ٽڪيٽون وٺجن ۽ مٿان ويزا به نه ملي ته وڏو آزار ٿيو. آفتاب ڪشمير والا سان ڳالهه ڪيم. ان چيو ته ”جمال ڀائي مان هاڻي جدا ڪم ڪيان ٿو، ترڪي فضائي ڪمپني کولي اٿم پر ڪو مسئلو ناهي تون انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ۾ شڪيل ايڪسپريس وارن وٽ هليو وڃ اتي منهنجو وڏو ڀاءُ آهي بيٺي پير ڪم ڪري ڏيندئي!“ چيومانس ته ”فون ڪري ڇڏينس“ هڪدم ڀاءُ کي فون ڪيائين ته ”ابڙو صاحب اچيئي ٿو لنڊن جون ٻه ڊمي (بيجان) ٽڪيٽون ٺاهي ڏينس.“ هن صاحب سان منهنجي واقفيت ڪانه هئي پر کِلي مرحبا ڪيائين. ٽڪيٽون اڳواٽ ٺاهيو ويٺو هو مون کي چيائين ته رڳو نالا ڀرڻا آهن سي ٻڌايو! مون پنهنجو ۽ گهر واريءَ جو نالو ٻڌايومانس ته نالا ڀري ٻه ٽڪيٽون کڻي منهنجي هٿ تي رکيائين بس ايتري پارت ڪيائين ته ”ويزا ملي وڃي ته اهي ٽڪيٽون واپس ڏئي وڃجانءِ!“ ايڏو اعتبار جوکم الڳ.

3

ويزا وٺڻ ۾ پنڌرهن ڏينهن لڳي ويا ۽ پوءِ مون وڃي کيس ٽڪيٽون واپس ڪيون، ايترو به ڪونه چيائين ته هاڻي لنڊن وڃو ٿا ته سچيون ٽڪيٽون مون کان وٺو، هي سڀ ڳالهيون وچور سان(details) انهيءَ ڪري لکيون اٿم ته پڙهيل ڳڙهيل سنڌي نوجوانن کي خبر پوي ته ڌنڌي ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا گر استعمال ڪجن، جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهن. ڌنڌي ۾ ايمانداري ۽ خوش اخلاقي نهايت اهم آهن.
اڄڪلهه هر ڳالهه جو ڍينگو ئي ڍيري ٿي پيو آهي. پئسا ڪلچر سڄي سماج کي گُهڻي وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان نسل ته چشڪا وٺي گِگ ڳاڙي، بيحيائي جون سڀ حدون ٽپي چوي ٿو ”اما يار، نمبر ون جو مال هلائيندا ته فائدو ڪيئن ٿيندو؟ روڪڙا ڪمائڻا آهن ته نمبر ٽُو جو مال هلايو“ نمبر ٽو جو مال معنيٰ نقلي مال! جنهن لاءِ دغا، دوکو، گونڊا گڙدي ۽ رشوت جي سموري مافيا جو مهرو ٿيڻو پوندو. انهي نئين نسل کي سمڪ ئي ڪانه ٿي پوي ته اهڙي ڪڌي ڪاروبار لاءِ کين ”انسانيت“ کي، ضمير کي، معاشري کي ۽ سماج کي ٽڪي ٽڪي لاءِ قربان ڪرڻو پوي ٿو. توبه! تيئن پئسي جي ڇتڪتائي، ۾ پڙهيل ڳڙهيل چڱن گهرن جون ڇوڪريون، هن اسلامي مملڪت پاڪستان جي ڪراچي شهر ۾ اگهاڙا فوٽا ۽ جنسي عمل جون فحش فلمون ٺهرائي پئسا پيون ڪمائين. هيءَ ڪا اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي. سلسلو سالن کان هلندو اچي.
پنجويهه سال اڳ، سنڌ اسيمبلي جي رڪارڊ تي معزز ميمبر مدني صاحب (جو نهايت سنجيندو ماڻهو هو) جي تقرير موجود آهي ته ”ڪراچي ۾ چاٻي ڪلبون آهن“ جتي چڱن چڱن گهرن جا مڙد پنهنجيون زالون وٺي اچن ٿا. هرڪو پنهنجي زال کي ڪمري ۾ بند ڪري تالو لڳائي چاٻي، ڪلب جي مئنيجر وٽ جمع ڪرائي ٿو. اهي چاٻيون دٻي ۾ وجهي گڏائي ڇڏجن ٿيون. پوءِ جيڪو ميمبر اچي سو جيڪا چاٻي هٿ اچيس سا دٻي مان ڪڍي ان ڪمري ۾ هليو وڃي. ظاهر آهي ته ان سموري ڪارروائي ۾ زالن جي رضا ۽ مرضي به شامل هوندي، اهو آهي ڪراچي ڪلچر يا شهري ڪلچر جو ڏوڪڙن جي اڏيءَ تي رتوڇاڻ ٿيو پيو آهي. شهري ڪلچر ان ڪري چيم جو لاهو ر جو به اهو حال آهي. منهنجو هڪ مهربان واقفڪار، وڏو سفارتي آفيسر سعيد اختر صاحب جو پنجابي ۽ لاهوري هئو تنهن چيو ته ”جمال صاحب تون رڳو شام جو شاهه جمال واري پل تي وڃي ويهه، گلبرگ ۽ شاهه جمال وچ ۾ هڪ واهه آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي وڻراهه ۽ گل ٻوٽا آهن!“ چيائين ته ”پندرهن ويهه منٽن کان پوءِ ڪانه ڪا ڇوڪري پاڻمرادو تو وٽ ايندي ۽ چوندي جاڏي وڻيئي وٺي هل!“ مون اهو نسخو ڪونه آزمايو جو مان ان لائين جو ماڻهو ناهيان. باقي ٻين دوستن تصديق ڪئي.
مان پيڙهه وڇوٽي کي ڪونه مڃيندو هئس، چوندو هئس ته پيڙهي، پيڙهي سان ڳنڍي پئي آهي ۽ اسين ڪي پراڻا کنڊر ڪونه ٿي ويا آهيون. پر هاڻ ڏسان ٿو ته واءُ ئي ڪو ٻيو وريو آهي. طور، اطوار، قدر، سوچ، لڄ ليهه رهي ڪانهي. اڳي نوجوان کل کچڪو ڪندا هئا ۽ کين ڇينڀ ڪڍبي هئي ته هو ڪنڌ هيٺ ڪري هليا ويندا هئا. هاڻ کين هٿ ٻڌي منٿ ڪيو ته ڇرو هڻي ڪڍندا. وري ان جو جواز به ڏيندا ته سندن پيڙهي، پوڙهن جيان منافق ناهي. سچ ٿا چون. مان ساڻن شامل راءِ آهيان. کين اهڙو سندن والدين ئي بڻايو آهي ۽ پوءِ سندن سنگت ۽ آس پاس جو ماحول جنهن لاءِ اسانجي پيڙهي کي جوابداري قبول ڪرڻ کپي.
منهنجي اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته ممتاز ڀٽو صاحب ۽ مير رسول بخش ٽالپر جڏهن اقتدار ۾ هئا ته ڪراچيءَ جا چڱا چڱا سکر ماڻهو (اشرافيه طبقي جا) ڪم ڪار سان ايندا هئا ته ننڍي نيٽي نياڻي به ساڻ آڻيندا هئا. ويٺي ويٺي کين ڪلاڪ گذري ويندا هئا ۽ اچي شام جو وقت ٿيندو هو ته کين سڏ ڪونه ٿيندو هو. ڀلا گورنر صاحب يا چيف منسٽر صاحب کي وقت ڪٿي آهي جو عام ملاقاتيءَ کي سڏ ٿئي. پوءِ اهو صاحب نياڻي، کي چوندو هو ته ”بيٽي مين تو ٿڪ گيا هون، چلتا هون. تم بيٺي رهنا. ڪام ڪرواڪي آنا ڪتني ڀي دير هو جائي.“ هوءَ چوندي ”ٺيڪ هي ابا، آپ جائين فڪر مت ڪرنا“ صاحب ته گهرائيندو هئن الائي ڪونه، باقي هيـٺيان صاحبڙا ٻنڊا موڙ ڪري ويندا هئا ۽ درخواست به وٺي پاڻ وٽ رکندا هئا. هي روز جو معمول هئو. ”ٻنڊا موڙ“ واڍن جو محاورو آهي جنهن جي معنيٰ آهي کاڌو کائي ڇڏڻ.
تازو اخبارن ۾ محترمه فاطمه ثريا بجيا جو بيان ڇپيو ته ”ڪراچيءَ ۾ پنج لک جسم فروش عورتون آهن!“ مونکي اعتبار نه آيو ته بجيا جهڙي معزز ۽ وضعدار خاتون اهڙو بيان ڏيئي سگهي ٿي پر ترديد به ڪانه آئي. هڪ دفعي، ايوبي دور ۾ محترمه فاطمه جناح هڪ اليڪشن جلسي ۾ صدارت ڪري رهي هئي ته هڪ تقريرباز، تقرير ۾ معاشري جون خرابيون بيان ڪندي، چڪلي جو ذڪر ڪيو ته محترمه ڪاوڙ ۾ منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ۽ مير علي احمد خان کي ڪن ۾ چيو ته ”هي ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي اها فضيلت ناهي ته خواتين آڏو ڇا ڳالهائجي ڇا نه ڳالهائجي؟“ اها هئي گهرو تربيت ۽ چڱي معاشري جي اٿڻي ويهڻي.
انگلينڊ ۾ به ائين آهي ڇاڪاڻ ته اتي اڃا شاهاڻو ڪلچر آهي. لنڊن ۾ پروفيسر ارون منهنجي دعوت ڪئي. هوءِ سندس زال ميري (مريم) ڊاڪٽر انور هاليپوٽي جا واقفڪار هئا. مان منهنجي گهر واري، ڊاڪٽر انور، استاد بخاري کي به کڻندا وياسون. مانيءَ کانپوءِ چڱي دير ڪچهري ڪئي سون. وٽن هڪ سٺي نسل جو ڪتو هو جنهن کي چيائون ٿي ته ”ويهه!“ ته ويهي ٿي رهيو، جي چيائونس ٿي ته ”وڃ!“ ته هليو ٿي ويو. مون هٻڪندي پڇيو ته ”نر آهي يا مادي؟“ جواب ڏنائين ته ”شي ڊاگ!“ عورت لاءِ she چئبو آهي ۽ مرد لاءِ he. لفظ ڪُتِي bitch وٽن موجود آهي پر اهو غير مهذب آهي تنهن ڪري چيائين ”شي ڊاگ“ ، ڏسو ڪتيءَ کي به ڪُتي نه چيائين. اسان انسانن لاءِ به ڪُتي ۽ ڪُتو لفظ استعمال ڪيون. اردو وارا به عورت لاءِ لفظ ڪُتيا استعمال ڪن. اهو نه هئڻ کپي.
محترمه فاطمه ثريا بجيا ائين چيو الائي ڪونه پر مدني صاحب جو اسيمبليءَ ۾ بيان ۽ ٻيا کوڙ سارا واقعا انهي ڳالهه کي هٿي ڏين ٿا. غور ڪريو ته هڪ جسم فروش عورت جي ڪسب تي ڪم از ڪم چار پنج ماڻهو ته پلبا هوندا! نوڪر، چوڪيدار ۽ دلال کي ڇڏي رڳو گهر ڀاتي سراسري چار پنج وٺو ته به ڪسب ڪندڙ پنج لک عورتن تي پلجڻ وارن جو تعداد ويهه پنجويهه لک ٿي ٿو وڃي. اهو آهي اسانجو اعليٰ، ارفع ۽ سپيرئر شهري ڪلچر جنهن تي فخر ڪري ڳوٺاڻن تي دهمان وڌو ٿو وڃي ته توهان ڄٽ، جاهل اڻ پڙهيل اڻ سڌريل ۽ تنهن ڪري نالائق آهيو. توهانکي چونڊ ڪرڻ (ووٽ) جو حق نه ڏيڻ کپي جو توهان صحيح ماڻهو نٿا چونڊيو. ڄڻ ته پاڻ جيڪي شهري گونڊا ۽ بدمعاش ۽ دهشتگرد ڀتي خور ۽ راشي چور چونڊين ٿا سي ڪو وڏا شريف هجن ٿا. تفو برتو.
هي ڪي وائڙيون ڳالهيون ناهن. رڪارڊ تي لکت ۾ موجود آهن. معتبر اکين ڏٺا شاهد موجود آهن ۽ منهنجا پنهنجا شخصي مشاهدا آهن. هڪ واقعو ذهن تي تري آيو اٿم جو هونئن ته بعد ۾ موقعي مناسبت سان لکان ها پر اهو به هن موضوع تي ٺهڪي ٿو اچي. سن 1971ع ۾ مان اڃا معمولي آفيسر، سينيئر سول جج هئس ۽ ناظم آباد ۾ رهندو هئس. هڪ صاحب جو مير فلاڻو هو تنهن دعوت ڏني ته وٽس سنڌي مسلم سوسائٽي جي بنگلي نمبر فلاڻي تي سج لٿي مهل پهچي وڃان، اسان ماڻهن يا کڻي چئو ته مون کي مير صاحبن لاءِ تمام گهڻي عزت سو کڻي هائو ڪيم. مير صاحب ڳالهائي سنڌي پيو پر سندس لهجي مان شڪ پيو ته هي صاحب سنڌ جو ڇو نه آهي. سج لٿي مهل وٽس پهتس ته سندس ڊرائنگ روم چڱن چڱن ناميارن صاحبن، تعداد ڏهه پنڌرهن سان ڀريو پيو هو. هر هڪ سان گڏ هڪ فئيشنبل ڇوڪري ويٺي هئي. مون کي به مخصوص جڳهه تي ويهاريو ويو، مان ڪجهه منجهي پيس ته مير صاحب هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان وٺي اچي منهنجي ڀر ۾ ويهاريو. جهٽ ۾ بلو فلم شروع ٿي وئي. منهنجي ڀر واري ڇوڪري ڪنڌ کڻي منهنجي ڪلهي تي رکيو.
مون کي بلو فلم کان بڇان ايندي آهي، مٿان هي ڏيڏري به چنبڙائي ڇڏيائون. ڇوڪريءَ مون کي ٻڌايو ته هوءَ ڪاليج ۾ انٽر ۾ پڙهندي آهي، فلم جو پهريون حصو پورو ٿيو ته مير صاحب هڪ ساڙهي واري ليڊي کي چيو ته ”اٿي امتحان وٺ ۽ مارڪون ڏي!“ هوءَ به کلندي اٿي ۽ هر مرد جي آلت ۾ هٿ وجهي لوڏي پاس پاس چوندي رهي. مان ته نڪري ٻاهر ورانڊي ۾ ٿي بيٺس. مير صاحب کان مون موڪلايو ڏاڍو زور ڀريائين ته ”ماني کائي وڃان!“ کلندي چيائين ته ”اڃا انٽرول ئي ڪانه ٿي آهي ويهو! ... اڀي تو کيل شروع نهين هوا“ معافي ورتم. هڪ واقفڪار نڪتو تنهن کي چيم ته ”گاڏي اٿئي ته ڏي، نه ته ڇڪيان پنڌ کي ۽ وڃي ڪا رڪشا پڪڙيان!“ ان گاڏي ڏني پڇيومانس ته ”هي ڪهڙو مير آهي؟“ چيائين ته ”مير وري ڇا جو؟ هي دکن جو آهي ۽ دکني ماڻهو پاڻ کي مير به سڏائيندا آهن.“ مون چيو ”جند ڇٽي، الائي ڪٿي اچي ڦاٿو هئس!“ بيحيائي ته ڏسو، آلت پڪڙي هڪڙي مائي پئي امتحان وٺي. اهو نقلي مير وري مون وٽ ڪونه آيو. خس ڪم جهان پاڪ.
اهڙا ڪيئي واقعا ڪراچيءَ ۾ پيش آيا، مهل موقعي سان ذڪر ڪبو هي حقيقتون آهن، ڪيترو لڪائبو؟ مرحوم سينيٽر محسن صديقي وارو واقعو ته شايد اڳواٽ لکي چڪو آهيان.
موضوع تان هٽي ويس دل ۾ ڪو اوٻر بيٺو هئو جو ڦاٽ کائي نڪري پيو. ذڪر هئو حاجي فضل الرحمان ۽ سندس پٽن جي خوش خلقي ۽ ڪاميابيءَ جو جيڪي خير سان اڄ ڪروڙ پتي آهن. ايمانداري ۽ خوش خلقي پڻ بنياد آهي ڪاميابي جو. اسلامي اصولن جو ذڪر ڪندس ته اسان جا هٿرادو ترقي پسند جوانڙا خار کائيندا ته جمال هاڻي مانا کائي مٿي چڙهيو آهي ته وتي ٿو اسلام ۽ اخلاقيات جون ڳالهيون ڪندو. ڀائي! ڀلي خار کائو، مان چوندس ضرور. اسلامي حڪم آهي ته تور ماپ ۾ دوکو نه ڪيو ۽ مال ۾ ڪا وِڏ هجي ته گراهڪ کي وڪڻڻ کان اڳ خبردار ڪيو ته هن مال ۾ هيءَ خرابي اٿئي. مان هن ئي ڪٿا ۾ چندو حلوائي ۽ لاڙڪاڻي جي سيٺ چانڊومل ۽ سيٺ گيانچند جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ شيخ حاجي صاحب هو نالو دل تي چڙهيم ٿو پر ذهن تان ميسارجي ويو اٿم. شيخ صاحب اسپتال ۾ ڪمپائونڊر هئو، رٽائر ڪيائين ته ڊاڪٽر ادريس جي ڪلينڪ ڀرسان دوائن جو ميڊيڪل اسٽور کوليائين. رٽائرڊ ڪامورو اڪثر ڪري واپار ۾ ناڪام ٿيندو آهي پر شيخ صاحب پنهنجي ايمانداري ۽ خوش اخلاقي ڪري سڀني ميڊيڪل اسٽورن کان گوءِ کڻي ويو. ماڻهو خريد ڪيل دوا واپس ڪندا هئا ته به دل ۾ نه ڪندو هو. اڌ رات جو ننڊ مان اٿاري دوا گهرنس ته به هلي دڪان کولي دوا ڏيندو هو، پئسا کٽي پوندا ته به چوندو هو ته ”ڀئه ڪونهي پوءِ ڏئي وڃجو!“ ڏسندي ڏسندي لک پتي ٿي ويو ۽ حج به ڪري آيو.
سڄي ساري اسلام آباد مان مون رڳو هڪ ماڻهو چونڊيو، جو هئو ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان. پاڻ مولانا تاج محمود امروٽي رحمت الله عليه جو ۽ پوءِ ان درگاهه وارن جو معتقد هئو. پاڻ مون سان ڳالهه ڪيائين ته جيتوڻيڪ مولانا برقعو مٽائي چڪو هو ته به هن کي ڪيئي بار نظر ايندو هو. پوءِ اهو سچ الائي پاڻمرادو ڳهر سوچ (hypnosis) ڳهر سوچ ۾ هڪ ٻيو ماڻهو سوچ کي تبديل ڪندو ويندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پاڻ کي پاڻ سوچ سُتي وجهندو آهي، جنهن کي انگريزي ۾ چئبو self hypnosis يعني پاڻمرادي ڳهر سوچ. ڊاڪٽر صاحب پاڻ سائنسي سوچ وارو، فيڊرل گورنمينٽ جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو سربراهه (سيڪريٽري) رهي چڪو هو. ان ڪري سندس ڳالهه کي ڪجهه وزن ڏيڻو ئي پوندو. ڪارخانه قدرت ۾ اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي. سچ ته ڪا به ڳالهه اڻ ٿيڻي هوندي ئي ناهي. انگريزيءَ ۾ ته پهاڪو آهي ته ”ڪجهه به ناممڪن ناهي.“ ٿي نه ساڳي ڳالهه.
ٻيو هڪ واقعو جيڪو ڊاڪٽر صاحب پاڻ عيني شاهد طور ٻڌايو، سو به ٻڌو. هن ۾ ڪوڙ، شڪ ۽ وهم جي گنجائش ئي ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب جي ننڍي نياڻي ڪجهه مستانڙي هئي. انگريزيءَ ۾ ان کي گهٽ ذهن واري يا mentally retarded چئبو، پڇيومانس ته ”ڄائي ڄم کان ائين آهي يا بعد ۾ ڪنهن بيماري سبب ائين ٿي ويو؟“ چيائين ”ڇڏ انهي ڳالهه کي کوٽ کوٽان نه ڪر!“ چيومانس ته ”ڪو اعتراض جوڳو واقعو آهي ته پوءِ ٺهيو، دفن ڪرينس!“ پٺاڻڪو رت سو اهو ويڻ برداشت ڪري نه سگهيو. چيائين ته ”ڀائو جمال، تُرڪي وياسون گهمڻ، سڄو ڪٽنب. اتي حضرت ايوب انصاري رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار تي وياسون. هيءَ ننڍڙي بي سمجهه ٻارڙي هئي، سو مزار جي چادر کي جهلي ڇڪيائين. بس انهيءَ گهڙيءَ سندس حالت غير ٿي وئي، اکيون ڦري ويس، واڇ به ڦري ويس ته چال ۽ ڳالهه ۾ به فرق اچي ويس. پوءِ توبه استغفار ڪندا نڪري آياسون. اتي، هتي، توڙي يورپ ۾ ڏاڍا علاج ڪرايامانس پر فائدو ڪونه ٿيو. ڀلي ڪو کاٻي ڌر وارو دانشور ڇا به چوي. تون به اهڙو آهين نه؟ ... پر مان ته اکئين ڏٺو، موقعي تي موجود، شاهد آهيان ۽ هروڀرو ويساهه وسوڙل به ناهيان!“
هيءُ هڪ عجيب معاملو آهي. هڪ جليل القدر صحابي سڳورو، جيڪو چوڏهن سئو سالن کان استنبول ۾ آرامي آهي، ان جي مزار ته ٺهيو پر مزار جي چادر ۾ به ايڏو تاثير! ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽري علاج سان گڏ روحاني علاج جي تلاش ۾ به وسان ڪونه گهٽايو. ڪوهه مريءَ جي پهاڙن ۽ ماٿرين ۾ الائي ڪهڙن درويشن ۽ مجذوبن کي ڳولهي لهندو هو ۽ عرض گذار ٿيندو هو. سڀني وٽان جواب اهو ملندو هئس ته ”اسان کان ڳالهه زور آهي.“
هاڻي اچي ٿو منهنجو وارو، نذير عباسي فوجي تحويل ۾ شهيد ٿيو. ان ئي ڪيس ۾ بدر کي فوجي جهلي ويا. بدر جي ماءُ ڪرڙيءَ وانگر پئي ڏڪي، مون ته فون ڪري بدر کي لاڪ اپ ۾ مبارڪ ڏني. بدر بعد ۾ ڳالهه ڪئي ته اها مبارڪ سندس سهارو ٿي پئي. ڊاڪٽر افغان سان ڪچهري ڪندي فقيرن، درويشن، بزرگن جي ڳالهه نڪتي. چيائين ”گهڻي ئي بزرگ پيا آهن اندر جبلن ۾. ڪڏهن هلنداسون!“ مون زور ڀريومانس ته ”مون کي به وٺي هل ته بدر لاءِ دعا ڪرايونس!“ هفتي ٻن کانپوءِ چيائين ته ”هڪڙو بزرگ آهي اندر جبلن ۾، سڀاڻي سويل ڀرو هلنداسون!“ ماڻهو سوير الائي ڇاکي چوندا آهن هر ڪنهن ماڻهو جي سوير پنهنجي پنهنجي آهي. مان وقت جو پابند سو سج اڀرئي کان اڳ تيار ٿي ويهي رهيس. ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيس. نيٺ نوين بجي ڊاڪٽر صاحب ايم اين اي هاسٽل پهتو ۽ هڪدم روانا ٿياسون.
گاڏي ڊاڪٽر صاحب پاڻ پي هلائي. جبلن جي پٺيان پارن ۽ پيچرن تان ٿيندو، کيتن ۾ ڪاهي پيو. مون چيو، ڊاڪٽر صاحب ”ڀلجي پئين ڇا؟“ چيائين ”نڪو! پوري جاءِ تي پهتا آهيون.“ ٻنيءَ جي وچ ۾ گنب ڀتين جا ٻه ڪچا گهرڙا هئا. اتي وڃي گاڏي بيهاريائين. گهر مان هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي نڪري آيا. وٺي وڃي اندر ويهاريائون. ڊاڪٽر صاحب کي سڃاڻن پيا. ڊاڪٽر صاحب چيو، ”سائين سان ملڻ آيا آهيون.“ هنن چيو ته ”ڪنهن سان نٿو ملي. ڪمري ۾ بند ٿيو ويٺو آهي.“ ڀِت ۾ جارو ڏيکاريائون ته ”ماني به اتي رکون ٿا پوءِ ڪڏهن کائي ڪڏهن ڪونه کائي ۽ اسين واپس کڻي وٺون. نه ڪنهن سان ڳالهائي ٿو نه ملي ٿو!“ ڊاڪٽر صاحب چيو ته ”دروازو کوليو. مان پاڻ ٿو وٺي اچانس!“ چيائون ته ”ائين ڪيون ٿا ته جهنگ منهن ڪري وٺي ٿو ڀڄي ۽ ڏينهن ٻه گم ٿو رهي ۽ اسين پريشان ٿي ٿا وڃون ته ڪنبائيندڙ سيءُ ۽ برفباري ۾ الائي ڪهڙو حال ٿيس!“
ڊاڪٽر صاحب کي پوءِ به يقين هو ته درويش ساڻس ضرور ملندو. چيائين ته ”چڱو! رڳو چئوس ته ڊاڪٽر افغان آيو آهي.“ سچ ائين ئي ٿيو. هو گنجي ۽ گوڏ ۾ ٻاهر نڪري آيو. رڳو پيو کِلي، ڊاڪٽر صاحب سان مليو ۽ ڪچي ڀت ڀرسان ويهي رهيو. ڊاڪٽر صاحب سندس ڀرسان ٿي ويٺو. مان ويهي رهيس. ڊاڪٽر صاحب منهنجي واقفيت ڪرايس ته مون ڏانهن ڏسي کِليو. کلڻ جو مطلب، ٽهڪ نه، رڳو پي مشڪيو. نوجوان ويهه پنجويهه سالن جو سنڌي سمجهائين پي. سنڌي هو، نوابشاهه ضلعي جو، سيد هو. نالو هئس مظفر حسين شاهه، ڳالهايائين ڪونه ٿي، رڳو ڪنڌ سان اشارا، هائو! يا نه،! يا هٿ سان توبهه يا ماٺ جو اشارو، پوڙهي پوڙهيءَ کي چانهه جو اشارو ڪيائين. چانهه آئي ٽنهي گڏجي پيتي،
ڊاڪٽر صاحب مون لاءِ چيس ته ”هن جو پٽ مارشل لا وارن جيل ۾ وڌو آهي، ڪڍينس ٻاهر!“ هو ڪنڌ سان هائو! هائو! ڪندو ۽ کلندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب ساڻس حجائتو هو سو چيائين ته ”ڪڍينس ٻاهر!“ هو وري به کلندو رهيو. پر ڊاڪٽر صاحب تمام زور ڀريس ته ”هاڻي جو هاڻي ڪڍينس ٻاهر!“ مون ڊاڪٽر صاحب کي ائين حجت ڪرڻ کان جهليو ڇو ته منهنجي ’شيخ‘ مونکي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته ڪنهن مجذوب سان ملان ئي نه. چوڻ چائڻ ته پري ٿيو، ملڻ به منع هئي، ڇو ته مجذوب جذب جي حالت ۾ ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ئي وس ۾ ڪونه هوندو آهي. پر ڊاڪٽر صاحب چيو، ”ماٺ ڪر. ڪم ڪرائي پوءِ هلنداسين!“ ائين ڊاڪٽر صاحب، ”ڪڍينس! ڪڍينس!“ جي رٽ لائي ڏني. درويش به ڇا ڪيو جو ڀت کي آڱر سان کوٽي کوٽي، ڏسڻي آڱر کڻي هوا ۾ ڦيرائي. ڊاڪٽر صاحب وري به پڪ پڪاڻي ڪندي چيس ”نڪري ويو نه، ڪڍي ڇڏيئي نه ٻاهر؟“ هن کلندي کلندي ڪنڌ سان هائو! هائو! ڪئي. ڊاڪٽر صاحب مونکي چيو مبارڪ هجئي ڪم ٿي ويو. اٿي هليا آياسون.
دلچسپ ڳالهه اها ٿي جو ڪراچي اچي اها ڳالهه محمد علي صاحب سان ڪيم. اهو ساڳيو محمد علي صاحب جو ڪراچي ۾ ويٺي، اسلام آباد جي ايم اين اي هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري ۾ اچي پرگهٽ ٿيو هو. اها ڳالهه تفصيل سان پنهنجي اڳئين ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان. محمد علي صاحب سموري ڳالهه ٻڌي ڳنڀيرتا سان چيو ته ”انهي مجذوب ڊاڪٽر صاحب کي ڪڍي ڇڏيو!“ مان وري محمد علي صاحب سان حجائتو آهيان سو چيومانس ته ”حضرت توهان به ڪمال ٿا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ٻاويهين گريڊ جو وڏو آفيسر، سٺي ڪردار جو مالڪ ۽ وڏي هلندي پڄندي وارو آهي، سو ڪيئن نڪرندو؟“ محمد علي صاحب پوءِ به ضد تي قائم رهيو ته ”مجذوب ڊاڪٽر صاحب کي ڪڍي ڇڏيو!“ مون چيو ته ”حضرت اجائي ڳالهه ٿا ڪيو!“ ته پنهنجي هٿ جي تريءَ تي ٻئي هٿ جي پٺ هڻي چيائين ته ”ڏسجان ويٺو، ڊاڪٽر صاحب ويو!“ ايڏو يقين! اها الائي ڪهڙي ٻي دنيا آهي جنهن ۾ فيصلا پيا ٿين ۽ ڪي معمولي (ڏسڻ ۾) گدلا سدلا ماڻهو اڳواٽ پيا ٻڌائين، محمد علي صاحب گدلو سدلو ڪونهي. صاف سٺو ماڻهو، پاڪ ۽ صاف ڪپڙا پائڻ وارو نيڪ نمازي آهي پر لڳي چرياڻ ٿو. حالانڪه نهايت قابل پڙهيل لکيل ۽ سٺي خاندان جو ماڻهو آهي. محمد علي صاحب وارو اطلاع ستن اٺن ڏينهن اندر ساڀيان ٿيو. مان ڪراچيءَ ۾ ئي هئس ته اخبارن ۾ پڙهيوسين ته ”پاڪستان جي پريزيڊنٽ خاص اختيار استعمال ڪري ڊاڪٽر افغان جي نوڪري ختم ڪري ڇڏي.“
هن عجيب و غريب واقعي مان ٻه ٽي سوال اڀرن ٿا. هڪڙو ته مريءَ جي جبل ۾ ويٺل هڪ نا معلوم ماڻهو کي ڪيئن ۽ ڪنهن اهڙا اختيار ڏنا؟ ٻيو ته دور ڪراچي ۾ ويٺل هڪڙي عام رواجي ماڻهو کي ڪنهن اها خبر ڏني ۽ ڪيئن؟ هي ته عجيب اسرار آهي. جي چئو ته ”ڌڪو آ“، ته پوءِ ته ٺهيو، محمد علي صاحب مونکي ڪافي ويجهو آهي ۽ ڏينهن جا ڏينهن مان کيس پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيندو آهيان. منهنجي ذاتي تجربي ۾ آهي ته ڪنهن نجي گهرو واقعي يا حادثي جو ٻه ٻه سال اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيندو هو پر لڪل لفظن ۾ آثار چٽا ٻڌائيندو هئو. پوءِ ايترا ۽ ايڏا تفصيلي واقعا، ڌڪا ته نه چئبا نه؟
هڪ لڱا چيائين ته ”1998ع جي ڊسمبر مهيني ۾، سالگرهه واري ڏينهن، لمبو سفر ڪرڻو پوندو ۽ هڪ وڏو دکدائڪ واقعو پيش ايندو!“ ڏسو هي ڌڪو ناهي، چار پنج پڪا آثار آهن. 1. سال 1998ع ، 2. ڊسمبر جو مهينو 3 . سالگرهه جو ڏينهن 4. لمبو سفر، 5. دکدائڪ واقعو. منهنجا ٻار ڌيئون پٽ سڀ ويٺا هئا. محمد علي صاحب جهڙوڪر منهنجو گهر ڀاتي ٿي ويو هو ۽ منهنجي بيڊ روم ۾ هليو ايندو هو. پر در کڙڪائڻ کانپوءِ منهنجي ٻارن اچي ورايس ته ”ڪهڙو واقعو ٿيندو؟“ ته صفا انڪار ڪندي چوندو هو ”ڀائي، اتني خبر مجهي ٿوڙي هي پڙتي هئه. بس جو نظر آيا بتا ديا“ عجز ۽ انڪساري ايڏي هئس جو پٽ تي ويهي منهنجي پيرن کي زور ڏيندو هو. معنيٰ ته پنهنجي بزرگي جو ڏيکاءُ ڪرڻ سندس مطلب نه هئو، نه رعب تاب ويهارڻ نه داد وٺڻ. ائين اوچتو ڳالهه ڪري ويندو هو جو بظاهر موقعي مناسبت آهر ڪانه هوندي هئي. نه اسين سندس ڳالهه کي گهڻو وزن ڏيندا هئاسون. پر ان مهل منهنجيون ٽيئي نياڻيون شاهدا، رابيل ۽ شبانه نياز به ويٺيون هيون. اهي پريشان ٿي ويون. هونئن به نياڻيون پٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڌيان ڏين ٿيون ۽ اون (اونو) رکن ٿيون. اهو هر ڪنهن جو مشاهدو هوندو.
ٿيو ائين جو ٻين سڀن مون سميت اها ڳالهه ذهن مان ئي ڪڍي ڇڏي پر ڇوڪرين اهڙي کڻي ڳنڍ ٻڌي جو منهنجي ٻاهر نڪرڻ تي ئي بندش پئجي وئي. نه حيدرآباد وڃڻ ڏين، نه ته لاڙڪاڻي، نه اسلام آباد. سالگرهه واري ڏينهن ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيڻ. کين اچي ڀئه ورتو ته متان ڪو ائڪسيڊنٽ (حادثو) ٿي پوي يا واٽ ويندي دل جو دورو پوي ۽ گهر ڀاتين جا سالگرهه هڪڙي سال ۾ ويهه پنجويهه ته هوندائي هوندا. معنيٰ سڄو سال ڦڙڪڻي ته الائي ڇا ٿيندو! ٻارهين ڊسمبر 1998ع تي صبح جو پنجين بجي تهجد لاءِ اٿس. سياري ۾ انهيءَ مهل اڃا رات هجي ٿي. ڏندڻ ڪري وضو ڪري ٻه چار رڪعتون نماز جون پڙهيم ته محسوس ڪيم ته گهر ۾ ڪجهه هل چل آهي. ڪمري کان ٻاهر نڪري کليل ڪمري (لائونچ) ۾ آيس ته ساجد کي ڪوٽ پهريل ڏٺم. ائين ڪندي منهنجي وڏي نياڻي شاهدا ۽ سندس گهر وارو لالا سڪندر اچي پهتا. مون هڪدم ڳالهه ڀانپي ورتي. چيم ته ”ادي لاڙڪاڻي واري گذاري وئي ڇا؟“ چيائون ”هائو!“
هڙ گهر ڀاتي لاڙڪاڻي لاءِ موٽر ڪارن ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا. رات جو ڏهين بجي کين اطلاع ملي چڪو هو پر مونکي ڪونه ٻڌايو هئائون. پنهنجو پاڻ ۾ سٽل ٺاهي رات وچ ۾ وٺ وٺان ڪري. مون، ساجد ۽ سندس گهر واري لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون هئائون، جو هڪ ته مون کي ڪار جو سفر ڪرائڻ کان گهٻرائيندا آهن ۽ ٻيو ته اڪيلو ڪونه ڇڏيندا آهن. پوءِ به سڀئي ايئرپورٽ (هوائي اڏي) تي مونکي ڇڏڻ آيا ته متان جڳهه نه ملي ته مجبوريءَ جي حالت ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۾ موڪلين. مون ڪو به رد عمل ڪونه ڏيکاريو. جيتوڻيڪ اها ڀيڻ بيگم رئيس زين العابدين عرف روشن علي خان اسراڻ ساڻ، منهنجي ڏاڍي دل هئي. ڀيڻ به هئي، ڀاءُ به هئي. دوست به هئي. منهنجا سڀ مسئلا شخصي توڙي سموري ڪٽنب جا هوءَ دل ۾ سانڍيو ويٺي هوندي هئي ۽ ازخود حل به ڪرائي ڇڏيندي هئي. منهنجي پٽن، نهرن توڙي ڌيئرن جا مسئلا پاڻمرادو وچ ۾ پئي سمجهائي ٻجهائي حل ڪري ڇڏيندي هئي. منهنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو آسرو ۽ ڇانورو هئي. مان ڪو پٿر دل ڪونه آهيان. اندر جهري ٿو پوي پر اک مان ڳوڙهو نٿو نڪري.
منهنجي گهر واري جنهن سان ٻٽيهه دليون هئم. ان جي گذارڻ تي به ڳوڙهو ڪونه نڪتو هئم، جيڪي سو ٻين کي دلداريون ڏيندو ٿي وتيس، ڪنهن ڊاڪٽر صاحب جو پهچي ويو هو تنهن چيو ”چاچا، پاڻکي روڪيو نه، ڀلي روئو. اهو ضروري آهي!“ مون رڳو مشڪي ڏانهس ڏٺو، عبدالله ميمڻ، سراج، قمر شهباز ۽ ڪي ويجها دوست به هڪدم پهچي ويا. پر سندن همدردي به منهنجي صبر کي ڪونه ٽوڙيو. شايد ڌڌڪي (شاڪ) ۾ هليو ويو هئس. ساجد بدين ۾ هو. ساجد سان منهنجي ۽ ماڻس جي ڏاڍي دل هئي. خيال ڪيم ته اهو پهچندو ته روئي ويهندس. ساجد آڌي رات جو پهتو ته زور ڪري دانهن ڪري کيس چيم ته ”بابا تنهنجي امڙ هلي وئي!“ ساجد ته رنو پر مون کان ڳوڙهو ڪونه نڪتو. مون کي ٻئي ڪمري ۾ ليٽائي ڇڏيائون. ننڊ ته ڪانه آئي صبح سويل نماز مهل ڌيئرون آيون ۽ چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ ڏيئي مونکي اڪيلو ڇڏي ويون. بس چانهه جا ٻه ٽي ڍڪ ڀريم ته روئي ويٺس. حياتي ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو. صبوح جي چانهه ٻئي ڄڻا گڏجي پيئندا هئاسين. مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته هاڻي مونکي اڪيلو رهڻو آهي ۽ اڪيلي سر چانهه پيئڻي آهي. مون رنو به، هڏڪيون به ڀريون ۽ الله الله (الاڙي الاڙي) به ڪيم. ڇوڪريون ڪو انهيءَ انتظار ۾ در جي ٻاهران لڪي بيٺيون هيون. سي هڪدم اندر هليون آيون ۽ مون کي آٿت ڏيڻ لڳيون، گهڙي سوا ۾ مان به پاڻ کي سنڀالي ويس. سنڀالي وري ڌوڙ ويس. اڄ پريا ڏهه سال گذرڻ باوجود پاڻ سنڀالي نه سگهيو آهيان. اٿئي ويٺي توڙي رهڻي ڪهڻي ۾ هر وقت هر هنڌ ياد اٿم.
ميڊم لڊ ميلا، روس واريءَ کي لکي موڪليو هئم ته ”موجوده دنيا جي بهترين عورت هئي جا هلي وئي.“ هن ڏاڍو همدردي ۽ سمجهاڻين ڀريو خط لکي موڪليو هئم ۽ چيو هئائين ته مرحوم پٺيان وڏي ميراث (اولاد) ڇڏي وئي آهي ان کي سنڀال! مئڊم لڊميلا به منهنجي هڏ ڏوکي، همدرد، دوست ۽ سونهون گائيڊ آهي ۽ مون سان رابطي ۾ رهندي آهي. فون به ڪندي آهي. هڪ دفعي ته هڪ ئي لفافي ۾ ٽي خط موڪليائين جي جدا جدا وقت تي لکيا هئائين. مان قسمت وارو آهيان جو مونکي دوست ڏاڍا سٺا مليا آهن. ميڊم لڊ ميلا کي به تمام سٺن دوستن ۾ شمار ڪيان ٿو. ڏاڍي سٺي عورت ۽ اعليٰ انسان آهي. الله خوش رکيس ۽ خوشيون ڏيکاريس. سندس زندگيءَ ۾ به وڏو خال آهي جو ڪنهن سان سلي نٿي پر بهادر آهي ڏِک ڪانه ٿي ڏئي. بي همه ۽ باهمه (ڪنهن سان نه ۽ سڀ ڪنهن سان) آهي. اها تمام وڏي خوبي ۽ تمام عظيم انسان جي نشاني (وصف) آهي.
هوائي جهاز لاڙڪاڻي (منهين جي دڙي) ڏهين بجي صبوح جو پهچايو. مون اتي ئي وضو ڪيو ۽ ڪار ۾ چڙهي اديءَ جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ يارهين بجي پهچي وياسين. خلقون ماڻهن جون پهچي ويون هيون. اسراڻ ست راڄي وارا بنيادي ماڻهو آهن. مونکي اندر زنانه خاني ۾ گهرايو ويو. سڄو ڪوٽ جو ٻهڪندو پيو هو تنهن کي ڄڻ ته سپ سونگهي ويو هو. راڄ جي عورتن جا ميڙاڪا هئا پر سڀ حيران پريشان ۽ خاموش. ڪن عورتن کي چوندو ٻڌم ته ”يا الله ڇا چئون، ادو چئون، ادي چئون، ابو چئون امان چئون اسان جو ته سڀ ڪجهه ويو!“ واقعي هئي به اهڙي. اديءَ جو مڙهه هڪ کٽ تي چادر سان ڍڪيو پيو هو، چيائون ته، ”ماما منهن ڏسندؤ؟“ انڪار ڪيم. چيم ”سيراندي کان جاءِ ڪيو. نماز پڙهندس!“ سيراندي کان مصلو وڇائي ڏنائون باوضو ته هئس. ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهيم. حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو ڏسيل طريقو آهي. سوره اخلاص ۽ سوره التڪاثر سان. ان نماز پڙهڻ سان قبر جي تڪليف ۽ پڇاڻو معاف ٿي ٿو وڃي.
جنازي نماز سائين حسين شاهه قمبر واري پڙهائي. عصر ويل تدفين ٿي پر مان ان مهل بيٺس ڪونه. ٻاهر مسجد ۾ ويهي رهيس. مٽي ٺپي ماڻهو مقبري مان ٻاهر نڪتا ته مان مرحوم جنتڻ جي قبر وٽ مراقبي ۾ ويهي رهيس. هاڻي ڳالهه آهي راز جي! جا ڪرڻ ته نه کپي پر بي دينن ۽ دهرين جي جواب ۾ پاڻ کي چريو چوائڻ به جائز آهي. مون اديءَ سان ڳالهايو ۽ چيو ته ”ڇو اڃا پڇاڻي وارا ڪونه پهتا آهن؟“ مرڪي چيائين ته ”آيا هئا پر هليا ويا پڇاڻو ڪونه ڪيائون!“ هن ڪيفيت کي وهم گمان چئي رد ڪري سگهجي ٿو. پر ٻي ڳالهه جا چيائين تنهن کي رد نٿو ڪري سگهجي. چيائين ته ”ادا ڇوڪرين(سندس نياڻين) کي چئجو ته وڳا ڇو ڪونه ورهايا اٿن؟“ ان رات ته سڀڪو شاڪ ۾ هو. مان به ليٽي پيس. ٻئي ڏينهن فجر نماز پڙهي ويٺس ته اديءَ جي وڏي نياڻي، رئيس غلام مجتبيٰ خان ايم پي اي جي گهر واري اچي مون وٽ ويٺي چيائين ته ”ماما توهان رات امان وٽ ويا هئا. اهو احوال ته ڏيو!“ چيومانس ته ”خوش هئي، کلي پي. چيائين ته هي ماڻهو ( گهر ۽ راڄ وارا) ته ڪي چريا آهن. مان ته جيئري آهيان. موت ته ڏيکاءُ آهي!“ اهو به ٻڌايو مانس ته ”پُٽ! چوي ٿي ته وڳا اڃا ڪونه ڏنا اٿن!“ چيائين ته ”ماما وڳا ته الائي ڪهڙا. مونکي خبر ناهي. پڇا ڪيان؟“ وڃي ڀينرن کان پڇا ڪيائين. انهن کي به خبر ڪانه هئي سو ماءُ جون ڪنجيون ڳولهي هڪڙي پيتيءَ جو تالو کوليائون ته وڳن سان ڀري پئي هئي. وڳا به ٽاڪيل ۽ هر هڪ تي نالو لکيل. مٿان مٿان جو وڳو رکيل هو تنهن سان سئو سئو جا ٻه نوٽ به ٽاڪيل هئا. لکيل هو ته ”هي وڳو ۽ پئسا غسل واريءَ لاءِ،“ ٻيا به کوڙ سارا وڳا ها جن تي غريب ۽ ضرورت مند عورتن ۽ نياڻين جا نالا لکيل هئا جيڪي ورهائي سموري ماجرا اچي مونکي ٻڌايائون. مونکي به ماٺ لڳي وئي، جنهن ڳالهه جي گهر وارن کي به خبر نه هئي سا ڪيئن سئو سيڪڙو سچي ثابت ٿي! الله معاف ڪندو. الله جا ڪرشما عجب آهن. حيات ۽ ممات ۾ ڪو سنڌو ڪونهي. بقول ادي مرحوم جي ”حيات ۽ ممات جو ناٽڪ بس هڪ ڏيکاءُ آهي!“
ڳالهه هئي محمد علي صاحب جي اڳواٽ علم جي. دکدائڪ خبر به هئي، لمبو سفر به ڪرڻو پيو، وڏي ڳالهه ته ٻارهين ڊسمبر سالگرهه جو ڏينهن هو منهنجي ننهن ڊاڪٽر فوزيه جو، ڪڙيون سڀ ملي ويون. محمد علي صاحب مون وٽ گهڻو ايندو هو ۽ مان کيس ٽڪائي به ڇڏيندو هئس. شيخ اياز صاحب ڇٺي ڇماهي مون وٽ ڀيرو ڀريندو هو. ان جي به محمد علي صاحب سان ملاقات مون وٽ ٿي وئي. اياز جهڙي صالح دل ۽ دماغ رکندڙ ماڻهو به کانئس متاثر ٿيو، ڇو نه ٿئي. ڳولهائو ۽ تجسس وارو ته هئو. سوچ تي ڪڙا ڪنڍا ڪونه چاڙهيائين. هڪ چِيلي تي رڙهندڙ من one track mind ڪونه هئس. مونکي چيائين ته محمد علي صاحب کي چئه ته مون وٽ اچي، چيو مانس ته تون پاڻ چوينس. اياز کيس دعوت ڏني ته محمد علي صاحب مونکان اجازت طلب ڪئي. اها سندس وضعداري ۽ انڪساري هئي، نه ته مان ته سندس معتقد هئس.

4

هاڻي ڳالهه پٽڙيءَ تي چڙهي جو اصل ذڪر ته شيخ اياز جو ئي ڪرڻو هو. محمد علي صاحب جو هو سٺو آدر ڀاءُ ڪندو هو. هو به سندس گهر ڀاتين سان ملي جلي ويو. هو سڀ کيس مولوي صاحب چوندا هئا. محمد علي آهي سيلاني ماڻهو! وڏي عمر ۽ دل جي تڪليف باوجود، هو ٻه ٻه مهينا الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندو آهي. شيخ صاحب وري مون کان پڇندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڪٿي آ، مون ڏي موڪلينس.“ مان کيس چوندو هئس ته ”مونکي سندس باري ۾ ڪا خبر ڪانه آهي!“ البته ٻڌايو مانس ته ”محمد علي صاحب چوندو آهي ته مونکي رڳو ياد ڪيو ته پاڻهئي پهچي ويندس. سو توهان به اهو نسخو آزمايو!“ ٿيندو به ائين هو شام جو اياز صاحب جو فون ايندو هو ته ”يار هي مولوي صاحب ته واقعي پهچي ويو!“ هي ذاتي تجربي جون اکئين ڏٺيون حقيقتون آهن. ڪي هوائي ڳالهيون ناهن. مان جيئرو ويٺو آهيان ۽ شيخ صاحب ۽ سندس گهر ڀاتي به خير سان موجود آهن پڇي پڪ ڪريو.
ڀلا هن ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ڪهڙي؟ ماڻهو حيران ان ڳالهه کان ٿئي ٿو جا سندس علم ۾ ناهي يا سندس ڄاڻ جي اڏام کان مٿڀرو آهي. ائين ته لکين ڪروڙين ڳالهيون آهن جي عام رواجي ماڻهوءَ جي علم ۽ ڄاڻ کان ٻاهرآهن. جڏهن ۽ جنهن مهل ڄاڻ اچي ٿي ان وقت ۽ ان گهڙي اها حيران ڪندڙ ڳالهه تمام رواجي لڳي ٿي ۽ چئجي ٿو ته اڙي هن ۾ ته ڪي ڪين هئو مان اجايو منجهيو هئس. مونکي ته ڪنهن ڳالهه تي حيراني نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻان ٿو ته مان نٿو ڄاڻان. ها انهي ڳالهه تي حيران ٿيان ٿو ته پاڻ کي دانشور سمجهندڙ ۽ سڏائيندڙ حيران ڇو ٿا ٿين. يا ته دانشور ناهن (يقيناََ ناهن) يا ته منافق آهن. ڏسو نه. ناسٽراڊامس جي اڳڪٿين تي ڌيان ڏين ٿا. ان جي تصويري ڦيٿ (فلمي ڪئسٽ) گهرائي شوق سان ڏسن ٿا. سندس لفظ لفظ تي ڌيان ڏين ٿا ۽ ان موضوع تي بحث مباحثا ڪن ٿا. هن جون ڀُلون چُڪون به معاف ڪن ٿا. مثال طور هن هٽلر بجاءِ هسٽر لکيو آ، ته به هن کي واڌو مارڪون ڏئي، واهه واهه ڪن ٿا. هن چار سئو سال اڳ فرينچ انقلاب، نيپولن بونا پارٽ ۽ ان جو هڪ ننڍي ٻيٽ ايلبا ۾ قيد ٿيڻ ۽ اتان ڀڄي نڪرڻ جي به اڳڪٿي ڪئي آهي. روسي انقلاب، خميني جو پئرس مان انقلاب آڻڻ ۽ شاهه ايران جو تخت ڇڏي دستبردار ٿي وڃڻ، پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم بلڪه 1999ع ۾ ٽين جنگ عظيم بابت به اڳڪٿيون ڪيون آهن، جن بابت دنيا جا وڏا ڏاها، ماهر ۽ سياستدان مٿاجوڙ ڪري ويچار ڪري رهيا آهن.
ناسٽراڊامس هڪڙو معمولي يهودي جوان هو جو هڪ عيسائي پادري کان دعا وٺي، ڪئٿولڪ فرقي جو عيسائي ٿي ويو. هن تي ڪشف ٿيندو هو ۽ هو جيڪي ڪجهه جهلڪيون ڏسندو هو سي پنهنجي مخصوص انداز سان لکندو ويندو هو، رسول بخش پليجي جي ڳالهه ناسٽراڊامس جي اڳڪٿين تي سورنهن آنا ٺهي ٿي اچي ته ”انساني ذهن ۽ دماغ ۾ بيحساب لڪل قوتون آهن جنهن وسيلي هو حيرت انگيز ڪارناما ڪري سگهي ٿو.“ ماڻهوءَ جو ذهن جڏهن سڀ ڳڙکيون بند ڪري رڳو هڪ ڳڙکي کولي پنهنجيون سڀ صلاحيتون فقط ان ڳڙکي تي مرڪوز ٿو ڪري ته کيس اهو ڪجهه نظر ٿو اچي جو، عام ماڻهو کي نظر نٿو اچي.
هوڪو حقيقت جو ٻوڙو ٿي ٻڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
(شاهه)
محمد علي صديقي صاحب جي ڳالهه ڪندي ناسٽراڊامس ور چڙهي ويو. ناسٽراڊامس ته معمولي ماڻهو هو ته به پڙهيل لکيل دانشور سڏائيندڙ ماڻهو سندس ڳالهين کي وزن ڏين ٿا. محمد علي صاحب ته هڪ خدار سيده بزرگ، عبادتگذار ۽ مجذوب آهي. شيخ اياز صاحب هڪ ڏينهن حيرانگيءَ مان مونکان سوال ڪيو ته ”جمال! هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جو هي ماڻهو ماضي توڻي مستقبل مان گهمي ٿا اچن.“ مون چيو ته ”شيخ صاحب توهان مونکان وڌيڪ ڄاڻو، پڙهيل ۽ فلسفي آهيو. مان توهانکي ڇا ٿو ٻڌائي سگهان، البت ايترو سمجهيو آهيان ته ’وقت‘ جون بندشون ميساري ڇڏجن ته ماضي، حال ۽ مستقبل جي وچ ۾ ڪي به ويريون ڪين آهن. ڪئسيٽ ته اڳواٽ ڀري پئي آهي. ڪامپيوٽر جي پيٽ ۾ به مواد اڳواٽ پيو آهي ۽ پوءِ جنهن کي ڏسڻ يا هلائڻ جو گر اچي وڃي سو ڏسي وٺندو!“ اياز کي جواب وڻيو ۽ مشڪي ويٺو. هو کليل ذهن جو ماڻهو آهي ۽ گهٽين ۽ بند دروازن اندر سڪڙجڻ وارو (static) ماڻهو ناهي.
هي موضوع تمام وسيع آهي. مان ايڏو ڄاڻو ته ڪونه آهيان پر دل چوي ٿي ته ڪجهه باهه ڪڍي وٺان. هي اڄوڪا زياده پڙهيل ماڻهو، پاڻ کي عقلمند سمجهندڙ، نه پڙهيل آهن نڪي دانشمند. چون اسانکي ٿا وهم پرست پر پاڻ ڪنهن وڏي وهم ۾ ڦاٿل آهن.
ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين ويٺو وڃائيمس
ڏور تــهائـيـن ڏس، اکـر جـئـائـيـن جـڙيــا.
(شاهه)
انگلينڊ جا اڪثر ماڻهو پروٽيسٽنٽ فرقي جا آهن جيڪي ڪيٿولڪ فرقي وارن جي مقابلي، روحانيت ڪرامت وغيره کي گهٽ مڃيندا آهن. لنڊن ۾ هڪ محل ۾ هڪ نوجوانن ۽ نوجواڻين جو ٽولو گفتگو ۾ محو هئو ۽ تمام رازداري سان پي ڳالهايائون. نيٺ انهن مان ڪنهن چئي ڏنو ته ڇا جو عصمتماب ڪنواري (virgin) ۽ ڇا جو الله جو پٽ. هوندو (نعوذبالله) ناجائز ٻار، توبه! هي عيسائي ٿا حضرت عيسيٰ عليه السلام لاءِ ائين چون، ڀائي پوءِ ڏيو عيسائيت تان استعيفا، منافقي ڇو؟ علم نه هجي، ڄاڻ نه پوي ته چپ رهجي. حيرت جو مقام ته علم جو چوٽ آهي ۽ پڻ ترقي ۽ وڌيڪ ڄاڻ جو هڪ اهم ڏاڪو. گهڻا سال ٿيا ته هڪ ميڊيڪل جنرل(ڊاڪٽري مخزن) ۾ پڙهيم ته هڪ مڙد کي پٽ ڄائو! حيرت ۾ اچي تفصيل پڙهيم ته سمجهايل هو ته اهو ٻار در اصل ان مڙد جو جاڙو ڀاءُ هو جو سندس ڪک ۾ ڪيترا سال پيو هو، جڏهن ڊاڪٽر آپريشن ڪري، اهو ڳوڙهو ڪڍيو ته خبر پئي ته مئل ٻار هو جو سندس جسم سان جڙيل رهيو. هُو عيسائي جوان ائين به چئي سگهيا ٿي ته ممڪن آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام بيبي سڳوري جو جاڙو ڀاءُ هجي. گمان هميشه چڱو رکجي. پر ڇا ڪجي”گندو ٻار گندا خيال“ Bad boy bad thoughts.
بهرحال، قرآن الحڪيم ۾ ان لاءِ ڏاڍي سهڻي سمجهاڻي تمام سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ ڏنل آهي ته ”اهو اسان لاءِ آسان آهي“ اڄ ڏسون ٿا ته رڍون، بغير نر جي ميلاپ جي ڦر پيون ڄڻين. ٿي وئي نه ڳالهه آسان! ان عمل کي ”ڪلوننگ“ ٿا چون. اهو لفظ ڪاليج ۾ علم حياتيات پڙهندي مون به پڙهيو هو پر سمجهه ۾ نه آيو. ڪيميسٽري (ڪيميا) جي پروفيسر کان پڇيم. ان به چيو ڇڏي ڏي ان کي، اهو امتحال جو سوال ڪونه آهي! پر منهنجي ذهن ۾ آهي ڪيڙو سو هورا کورا ڪا نه ويم. نيـٺ پنهنجي سمجهه آهر ايترو سمجهيم ته مختلف ڌاتوئن جي بنيادي ذرن (Elements) کي ملائي گڙٻڙ گهوٽالو ڪري نئون ڌاتو ٺاهي سگهجي ٿو. پوءِ ڌيان ڏنم انهن ماڻهن تي جي سون ٺاهڻ، جنهن کي هو ”ڪيميا“ چوندا هئا، جي خفت ۾ ايڏو مبتلا هئا جو پنهنجيون ملڪيتون اڏائي، دف ڪري، ڪنگال ٿي ويهي رهيا. پوءِ به خفت نه وين. چي هيئن ڪيون ها ته سون ٺهي پوي ها. ڪيميا جي انهي عمل کي ڪلوننگ سمجهي پنهنجي ننڍڙي عقل کي مطمئن ڪري ويهي رهيس.
علامه عنايت الله خان المشرقيءَ جو مان پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هن 1945ع جي تقرير ۾ دنيا جي سائنسدانن کي دعوت ڏني ته انساني حياتي جيوڙن تي کوج ڪري اهڙي انسان جي تخليق تي ڌيان ڏين جو بغير ڪنهن سواريءَ جي پاڻمرادو دنيا مان لڏي هڪڙي سياري کان ٻئي سياري تائين سفر ڪري سگهي! اڄڪلهه سائنسدان هڪ مادي رڍ جي ماده توليد ۾ گڙٻڙ ڪري کيس ڍُڪو ڪيو جنهن وري هڪ مادي رڍ کي جنم ڏنو جنهن کي هڪ ڦرڄائو آهي، جڏهن ماڻهو (سائنسدان) ائين ڪري سگهن ٿا ته الله تبارڪ تعاليٰ جو فاطر السماوات والارض آهي. انهي لاءِ ته اها ڳالهه تمام آسان آهي. اهڙي طرح حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پئدائش ته سائنسي طرح ثابت ٿي وئي.
اسان پنهنجي بيعقلي ۽ ڪم عقليءَ کي، عقلمندي سمجهندا آهيون، ڀلا ماپو ۽ ماڻ ئي هجي’بي عقلي ۽ ڪم عقلي‘ ته ان سان عقلمنديءَ جو توراڻو ڪيئن تُرندو. مواد (data) ئي ماپ ماڻ موجب نه هوندو (اڻپورو هوندو) ته نتيجو ڪيئن صحيح نڪرندو؟
ننڍي هوندي، ننڍي هوندي ڇو، ڪاليج ۾ پڙهندڙ جوان جماڻ هئس ته هڪ ملا جو ڪتاب پڙهيم جنهن ۾ قيامت جي متعلق حديثن جي حوالن سان ڪي نشانيون بيان ٿيل هيون. هڪ حديث شريف هئي ته ”قيامت اچڻ کان اڳ جانور ڳالهائيندا.“ کل اچي ويم. کل پنهنجي ڪم عقلي يا ڪم علمي تي ڪانه آيم. عقل جي بک ته ڪنهن کي آهي ئي ڪانه. باقي رهيو ’علم‘ سو اڻڄاڻ ۽ بي علم لاءِ ڪا وٿ ئي ناهي. اڻڄاڻ وٽ رائيءَ برابر جو علم آهي، ان کي هو هِماليه کان به اونچو ٿو سمجهي. عام چوڻي آهي ته ’ڪوئي کي آئي هريڙ هٿ ته پنساري بڻجي ويٺو.‘ اسان ٿوري علم وارا به آهيون ڪوئي جهڙا پنساري، پارسي ۾ چوندا آهن ته ”نيم حڪيم خطره جان، نيم عالم خطره ايمان“ مون به پنهنجي هماليه جيڏي علم سان سمجهيو ته جانور جو ڳالهائڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري ملا جنهن اها ڳالهه لکي آهي، سو ڪم عقل ۽ جاهل آهي ۽ حديث شريف جا لکي وئي آهي سا ضعيف آهي. يا مورڳو آهي ئي ڪانه!
هيءُ ته ٿي الٽي گنگا وهائڻ. تر واري بنيادي ڳالهه کي ڪوڙو سمجهي، چوٽ واري ڳالهه (حديث شريف) کي مسترد ڪرڻ ڪهڙي اصول يا سائنسي سوچ هيٺ صحيح چئي سگهبي. اهو طريقو سائنسي اصول موجب چئبو آهي.reductio ad absurdum سولي سنڌي ۾ چئجي ’غلط نچوڙ‘ جو اصول، پر اهو شروع چوٽ کان ڪبو آهي ۽ مليل مواد (data) کي سچ تسليم ڪري پوءِ اڳتي وڌبو آهي ۽ نتيجو ڪڍبو آهي ته جيڪڏهن اهو سچ، سچ ناهي ته نتيجي جي آڌار تي رڳو گڙٻڙ نظر ايندي. مثال طور: جاميٽري جي اصول موجب ليڪ ٺهيل آهي ٻڙين جي. وري ’ٻُڙي‘ اها آهي جنهن کي نه آهي ڊيگهه نه ويڪر، بس هڪ خيالي نشان آهي. جيڪڏهن ڳالهه کي هيـٺان کان کڻي ٻڙي کي بڻياد بڻائبو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو ته ڇاڪاڻ ته ٻڙي کي ڊيگهه ويڪر آهي ئي ڪانه ۽ اها محض هڪ خيالي نقطو آهي ته پوءِ چئبو ته ليڪ کي به نڪو ڊيگهه ويڪر آهي، نه ڪو وجود. اتفاق سان هيءُ هڪ نهايت باريڪ فلسفياڻو ۽ صوفياڻو نقطو آهي ته هڪ لاوجودي خيالي چيز مان هڪ ڊگهي، انگڙ ونگڙ، گول، چورس يا مستطيل وجودي چيز ڪيئن ٺهي پئي؟ اسانجو مقصد انهي ڳوڙهي مٿاٽوڙ فلسفي ۾ وڃڻ جو ڪونهي ڇو ته ان لاءِ جدا ڪتاب، جدا تحقيق، تفتيش ۽ فقيراڻي جاکوڙ کپي جنهن لاءِ گوتم ٻڌ جهڙي اعليٰ انسان سڄي حياتي ارپي ڇڏي ۽ نيٺ وڃي نرواڻ حاصل ٿيس. نرواڻ به محض هڪ ڪيفيت آهي. نفي جي، لاوجودي جي پنهنجي اصل ڏي موٽڻ جي، يا وصال جي. ڏسو نه، پاڻ کي روڪيندي اهو ڪجهه لکي ويس، جنهن کان پاڻ کي روڪڻ ٿي چاهيم. سچل سائين، سچ چيو ته ”مان نٿو چوان، ڪوئي چوي پيو ته چئه.“
سو پنهنجي خود ساخته هماليه جيڏي علم جي زور تي مان کلي ويٺس ته جانور وري ڪيئن ڳالهائيندا؟ ان ڪري نه رڳو ملا ڪوڙو آهي بلڪه حديث شريف به ضعيف آهي. هاڻي اهو حق مون کي ڪنهن ڏنو ته هيڏي ساري فتويٰ ڏئي ڇڏيان. ظاهر آهي ته اهو اختيار مون کي منهنجي ڪم علمي ۽ بيوقوفي ڏنو. نه ته، اصول اهو آهي ته مڃجي ته مان نٿو ڄاڻان. هر چيز ممڪن آهي. قرآني اصول آهي ته انسان نٿو ڄاڻي، بيخبر آهي ۽ ڄاڻ صرف الله تبارڪ تعاليٰ وٽ آهي. ٻيو ڪير به جيڪڏهن علم ۽ خبر جي دعويٰ ڪري ٿو ته ان ۾ ڄاڻ ۽ اڻڄاڻائي جو ڪجهه نه ڪجهه عنصر اچي وڃي ٿو. رسول الله صلي الله عليه وسلم کان ڪو اهڙو سوال پڇبو هو ته بنا هٻڪ جي فرمائيندا هئا ته ”مان نٿو ڄاڻان، الله ٿو ڄاڻي“ جيڪڏهن سوال انساني معاشري ۽ سماجي اهميت جو هوندو هو ته فرمائيندا هئا ته ”مون کي وحي جو انتظار آهي. يعني جڏهن مون کي اهو علم وديعت ڪيو وڃي!“ هي ’اڻڄاڻائي‘ جو ايڏو وڏو اصول آهي جو ان سان تمام اڻانگا ڏکيا ۽ منجهيل سماجي توڙي راجنيتي جا مسئلا حل ٿي وڃن ٿا.
شري رامچندر جهڙو مها پرش ۽ اوتار جيڪو مسئلو حل نه ڪري سگهيو سو به حل ٿي ويو! شري رامچندر سيتا جهڙي ستيوان ديوي جو بنواس قبول ڪيو پر پرجا ۽ راڄنيتي جي منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ بدران پاڻ به ڪشٽ ڪاٽيائين، سيتا ديوي به بيگناهه ڪشٽ ڪاٽيو ۽ اڻ ڄاول راجڪمار به گهرو ماحول ۽ پدري شفقت کان محروم رهيا. ڏوهه ڪنهن جو ڪونه هئو، پر سزا هر ڪنهن ڪاٽي.
ام المومنين بيبي عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها جو به ذري گهٽ ساڳيو ئي معاملو هو. ڪن ملعونن هڪ رواجي اتفاقي واقعي کي بهانو بڻائي چوپچو شروع ڪئي. حضور صلي الله عليه وسلم تمام رنجيده ٿيا ۽ جڏهن کين مشورو ڏنو ويو ته هڪان هڪ فيصلو ڪري ڇڏين ته پاڻ خاموش رهيا ۽ فرمايائون ته ”مون کي وحي (الله جي طرفان حڪم) جو انتظار آهي!“ ڀلا معاملو ڪيڏو به گنڀير ۽ پيچيده آهي، راڄنيتي سماجي ۽ معاشرتي اصول ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ واضع ۽ چٽو لائحه عمل، اصول ۽ قاعدو ڏيڻو هو. نيٺ اهڙو فيصلو ٿيو جو ازل تائين ان جي نه اهميت گهٽبي نه ان ۾ ڦيرڦار ايندو.
سورة النور جو اکري ترجمو مولانا عبدالڪريم ٻير شريف واري جو ڏيان ٿو جو بنان تفسير جي چٽو آهي:
”شروع الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان“
”هي سورة آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا حڪم فرض ڪيا آهن ۽ اسان لاٿيون آهن ان ۾ آيتون چِٽيون ته جيئن توهان ياد ڪريو. ڪارو ۽ ڪاري، پوءِ هڻو انهن ٻنهي کي سئو لڪڻ، ۽ نه وٺي توهان کي ٻنهي تي نرمي الله جي دين ۾ جي توهان يقين رکو ٿا الله تي ... منع ٿيل آهي اها بدڪاري مومنن تي، ۽ جيڪي تهمت ڏين ٿا پاڪدامن عورتن کي پوءِ نٿا پيش ڪن چار شاهد ته هڻو انهن کي اسي لڪڻ، ۽ نه قبول ڪريو انهن جي شاهدي ڪڏهن به، ۽ اهي ئي ڏوهدار آهن مگر جن توبه ڪئي انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڌاريائون ته الله بخشڻهار مهربان آهي، ۽ جيڪي تهمت ڏين ٿا پنهنجين زالن کي، ۽ ناهن انهن تي شاهد پاڻ کانسواءِ ، ته شاهدي اهڙي هڪ جي چار ڀيرا شاهدي ڏيڻ آهي الله جي قسم سان ته اهو پاڻ سچو آهي ۽ پنجين اها ته الله جي لعنت پوي مٿس جيڪڏهن آهي ڪوڙ ڳالهائيندڙن مان، ۽ ٽاريندي عورت کان سزا کي سندس شاهدي ڏيڻ چار ڀيرا الله جي قسم سان ته اهو مرد ڪوڙو آهي، ۽ پنجين اها ته الله جو ڏمر هجي مٿس جيڪڏهن اهو مرد سچ ڳالهائيندڙ آهي ... توهان جڏهن ٻڌو هو ان کي ڇو نه گمان ڪيو هو مومنن ۽ مومنياڻين پنهنجي دلين ۾ چڱو ۽ چون ٿا هي ڪوڙ آهي، پڌرو ڇو نه آندائون ان تي چار شاهد، پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن...۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جي مهرباني توهان تي ته پهچي ها توهانکي عذاب وڏو جڏهن توهان هلائڻ لڳا ان کي پنهنجي زبانن سان ۽ چئو پيا پنهنجي واتن سان جنهن جي نه هئي توهانکي حقيقت ۽ سمجهيو پيا ان کي هلڪو (معمولي) ۽ اهو آهي الله وٽ وڏو. ڇو نه جڏهن ٻڌو هو توهان انکي چيو توهان ناهي لائق اسان کي جو گفتگو ڪريون ان ۾ پاڪ آهي تنهنجي ذات، هي آهي بهتان وڏو. سيکت ڏئي ٿو توهان کي الله متان وري ڪريو اهڙو ڪم جيڪڏهن آهيو اوهين ايمان وارا. چاهين ٿا جيڪي ته پکڙجي بيحيائي تن لاءِ آهي عذاب دردناڪ دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو، توهان نٿا ڄاڻو.
هي قرآني احڪام ايڏا واضح، چٽا، آفاقي ۽ جامع آهن جو ان تي ڪنهن ٽيڪا ٽپڻي جي ضرورت ڪانه آهي پر ڪي ماڻهو ايڏا ڪند فهم ۽ ڪند ذهن (مڏا ۽ جڏا، عقل جا انڌا) آهن جو بقول استاد محمد ابراهيم جويو صاحب جي، وضاحتون ضروري آهن. هڪ ته مان اٿنديئي اختلافي جسارت ڪري ويٺو آهيان ته شري رامچندر اهو مسئلو حل نه ڪري سگهيو. ”حل نه ڪري سگهيو“ جو مطلب اهو ناهي ته وٽس حل ڪونه هئو. شري رامچندر، شري ڪرشن کان به اڳ جو لڳ ڀڳ اٺ سئو سال قبل مسيح جي دور جو هو. ان کان پوءِ ڪيئي جليل القدر نبي سڳورا ۽ اوتار آيا جن ان مسئلي کي نه ڇيڙيو ڇاڪاڻ ته سماج، معاشرو ۽ ماڻهو اڃا ابتدائي دور ۾ هئا ۽ سندن ذهن پختا نه هئا. انهي ڪري اهڙن جذباتي ۽ ڳوڙهن معاملن کي سردخاني (pending) ۾ رکڻ ئي بهترين حل آهي. حضور صلعم جن پنڌرهن سئو سال اڳ ظهور پذير ٿيا، آخري نبي هئا ۽ دين انسانيت جي امانت (mission) کي مڪمل ڪرڻ آيا. شري رامچندر دل تي پٿر رکي سيتا ماتا جهڙي ديوي کي محل ڇڏي وڃڻ کان نه روڪيو. اهو انهي ڪري ڪيو ويو ته جيئن پرجا ۾ ازخود غلطيءَ جو احساس ٿئي ۽ سندن ضمير کي جهٽڪو اچي ۽ هو پشيمان ٿي عام راءِ (public opinion) ٺاهين ته هڪ پاڪدامن عورت تي نه تهمت هڻجي، نه طعنو ڏجي.
سورة النور جي احڪامن تي ٽيڪا ٽپڻي جي مون کي نه سند آهي، نه اهليت پر ڇاڪاڻ ته مان پنجاهه سال قانوني پيشي سان وڪيل ۽ جج طور وابسته رهيو آهيان (مان پنجويهين مئي 1950ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور سند يافته آهيان) تنهن ڪري پنهنجا نجي خيال ۽ رايا اظهار ڪرڻ جو حق رکان ٿو.
(1) ڪنهن به ڏوهه گناهه يا غلط ڪاري کي روڪڻ جو بهترين ۽ اولين طريقو آهي سماجڪ نندا(social sanctions) ان ڪري سماجڪ نندا ۽ عام راءِ اڀارڻ کي تمام وڏي ۽ بنيادي اهميت آهي. منهنجي ناچيز خيال ۾ اهوئي وڏو سبب هو جو شري رامچندر جهڙي اعليٰ انسان به عوام ۾ اهو احساس ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي توڙي پنهنجي پريوار کي تمام ڏکي آزمائش جي ڪشٽ ۾ وڌو ۽ آخر ان ۾ ڪامياب به ٿيو جو سڄي پرجا پڇتاءُ ڪري پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو. سيتا ماتا ان پڇتاءُ ۽ ندامت جي احساس کي شديد بڻائڻ لاءِ پاڻ قربان ڪري دعا گهري زمين اندر الوپ ٿي وئي. وڏا ۽ عظيم انسان ائين مثال قائم ڪندا آهن جي دنيا تي اڻ مٽ اثرات ڇڏي ويندا آهن. اهڙا اڻمٽ اثرات ايمان جو جز ٿي ويندا آهن. ان ڪري اول ’ايمان‘ هر چڱي بري عمل لاءِ بنيادي شرط آهي.
سورة النور جي شروعات به ان بنيادي شرط سان شروع ٿي ٿئي ته هي سورة آهي جا اسان لاٿي آهي (آڪاش واڻي جيان) ۽ ان جا حڪم فرض ڪيا آهن ۽ اسان لاٿيون آهن ان ۾ آيتون چٽيون ته جيئن توهان ياد ڪريو. هتي احساس به ڏياريو ويو آهي ته حڪم به ڏنو ويو آهي. اهو توهان تي فرض آهي (جيڪو هر صورت مڃڻو آهي). غلط ماڻهن جي غلط خيال ۽ بڪواس کي سختي سان ٻنجو ڏنو ويو آهي.
(2) ڏوهه گناهه ۽ غلط ڪاري کي هٿي ڪانه ڏبي، چٽو چئي ڏبو ته بدڪاري کي نه سَٺو ويندو. اڄڪلهه انگريزي مان اڌارو محاورو ورتو اٿن ته اجازت نه ڏبي (shall not be permitted) ڄڻ اڳ اجازت هئي جا هاڻ بند ٿي ڪجي. اهو غلط آهي هر ٻولي جو پنهنجو مزاج آهي ۽ ان جا محاورا اکر به اکر استعمال نٿا ڪري سگهجن جيئن اڄ چون ٿا ته پوليس ۾ به ’ڪاريون رڍون‘ آهن. رڍ جو ڪارو هجڻ يا ڌڻ ۾ ڪارين رڍن جو هجڻ، اسان جي ٻولي ۾ ڪا خاص معنيٰ نٿو رکي، اسان وٽ ’ڪني آڱر‘ جو اصطلاح آهي ان ڪري چوڻ کپي ته پوليس ۾ به ڪنيون آڱريون آهن ٻيو به انگريزي جو هڪ اصطلاح آهي (network) ان جو به اسان مضحڪه خيز استعمال ٿا ڪيون ته رستن جو ڄار وڇايو ويندو. اسان وٽ ڄار وڇائڻ جو مفهوم آهي ڦاسائڻ يا ڪوڙڪيءَ ۾ آڻڻ. جي هروڀرو انگريزي جو اصطلاح کڻڻو به آهي ته پوءِ چوڻ گهرجي ته ملڪ ۾ رستا ڄار جيان ڦهلائي ڇڏبا. اهو به دل کي وڻي ڪونه ٿو. بهتر محاورو ٺاهي سگهجي ٿو. مثلاََ چارن ۽ چيلن کي روڊ رستا بڻائي ڇڏينداسون.
(3) بدڪار کي بدڪار چيو ويندو ۽ چئبو. ان تي ڪک نه رکبا. چور کي چور نه چئبو ته چوريءَ جو مان وڌي ويندو جيئن اڄڪلهه رشوتي ڪاموري کي ڪو به علي الاعلان رشوتي نٿو چوي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته چور به مانَ وارو ٿيو وڃي ۽ رشوتي ڪامورو به عزتدار ٿو رهي. اهي سڀ ڪارا، ڪميڻا ۽ ملعون آهن ۽ انهن لاءِ ائين چوڻ کپي، نه ته سڄي معاشري جو منهن ڪارو ٿي ويندو، جيئن ٿي ويو آهي.
سورة النور الاهي حڪم آهي جنهن ۾ بدڪار کي بدڪار چيو ويو آهي. مولانا عبدالڪريم صاحب ته مروج اصطلاح ’ڪارو ۽ ڪاري‘ استعمال ڪيو آهي. جو بلڪل صحيح آهي ڇو ته تفريق ناهي ڪرڻي، ڀلي راجا هجي يا راجڪماري، راڻي هجي يا راجڪماري اهو ڪارو آهي يا ڪاري آهي جيئن ڪو عام هاري يا هارياڻي هجي اهو ٺپو بنا تفريق جي هر شخص کي لڳندو، رعايت ڪانه ٿيندي غريب ۽ امير جي عزت ۾ ڪو فرق نه آهي ۽ نه ايندو پر مان هوند ڪاروڪاري بجاءِ زاني ۽ زانيه لفظ استعمال ڪيان ها.
(4) وڏو سوال جنهن وڏو مونجهارو پيدا ڪيو سو اهو آهي ته اهڙي وڏي تهمت هڻڻ لاءِ شرط شروط ڪهڙا هجن. تمام سخت شرط جهڙوڪر مڪمل بندش وڌي وئي، تهمت هڻڻ تي. فرمايو ويو ته جيڪي تهمت ڏين ٿا پاڪدامن عورتن کي پوءِ نٿا آڻين چار شاهد ته (الف) هڻو انهن کي اسي لڪڻ (ڦٽڪا) ۽ (ب) نه قبول ڪيو انهن جي شاهدي ڪڏهن به (ت) جي نه آندائون چار شاهد ته اهي پاڻ ڪوڙا آهن (ٽ) آهي انهن لاءِ عذاب دردناڪ دنيا ۽ آخرت ۾(5) محض شڪ ته بنهه ناڪافي آهي پر اکين ڏٺي پنهنجي شاهدي پنهنجي زال متعلق به ناڪافي آهي جيسين چار شاهد اکين ڏٺا نه آڻي.
هڪ فتوا (ruling) حضور صلعم جن جي ڏنل آهي. هلال بن اميه رسول الله صلعم وٽ آيو. حاضر ٿيو ۽ فرياد ڪيائين ته يا رسول الله شرق بن سهماس منهنجي زال تي سوار آهي. حضور جن فرمايو ”وڃ! چار گواهه وٺي اچ يا پنهنجي پٺيءَ تي اسي ڦٽڪا کاءُ.“ تڏهن هلال بن اميه شڪايت ڪئي ته يا رسول الله جڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال تي ڪنهن کي سوار ڏسندو ته ڇا وڃي شاهد ڳولهيندو؟ حضور صلعم جن وري به فرمايو ته ”وڃ! چار گواهه وٺي اچ يا پٺيءَ تي اسي ڦٽڪا کاءُ.“
هلال بن اميه جي پٺيءَ کي ڦٽڪن کان بچائڻ لاءِ سورة النور جون آيتون نمبر 4 کان 6 موجب کيس قسم کڻي جند ڇڏائڻي پئي ته جي هو ڪوڙن مان هجي ته مٿس الله جي لعنت هجي.
ڏسو قتل ڪرڻ ته پري ٿيو رڳو تهمت رکڻ ۽ بنان گواهيءَ جي فرياد ڪرڻ به ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو. اسي ڦٽڪا به کائي ۽ زال تي بديءَ جي تهمت رکڻ سبب لعن جي اصول تحت زال به گنوائي. جيڪڏهن مڙس تهمت واپس وٺي ته به سورة النور جي آيت نمبر 4 هيٺ سزا کائيندو، جنهن ۾ فرمايل آهي ته ”جي ماڻهو پاڪدامن عورت تي الزام هڻن ٿا ۽ چار گواهه نٿا آڻين ته ان کي اسي ڦٽڪا هڻو ۽ ان جي گواهي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ اهڙا ماڻهو (شريعت اسلامي جي) اطاعت کان خارج آهن. (يعني سڄي عمر خوار ۽ ڀت ڀاڄيءَ کان خارج هوندا) جي تهمت واپس نه ورتائين ۽ پنهنجي سچائيءَ جو قسم کنيائين ته ڦٽڪن کان ته بچي سگهندو پر زال کي لعن موجب طلاق حاصل ٿي ويندي.“
عورت کي ڀوڳنا(ڪشٽ) ۾ وجهڻ بجاءِ ثابتيءَ جو سمورو بار (onus) تهمت رکندڙ تي وڌو ويو ۽ سزا به عورت بجاءِ ان کي ملندي. تهمت ته پري جي ڳالهه آهي سورة النور ۾ ته گمان ڪرڻ وارن کي به ڪوڙو چيو ويو ۽ فهمائش ڪئي وئي ته اوهان افواهه تي ڇو ڪن ڏنو ۽ ڇو نه گمان ڪيو چڱو، چئو ها ته هي ته پڌرو ڪوڙ آهي!
چار اکين ڏٺا گواهه پيش ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي، جيڪي اکين سان سرائي سرميداڻي ۾ ڏسن، تنهن ڪري قانوني طرح سزا نٿي ڏئي سگهجي، چشم پوشي ۽ ستر پوشي بهتر آهي. ان سان ڪٽنب به قائم رهندو ۽ بيحيائي به نه ڦهلبي. ڪيترا چوندا ته ”ائين ڪرڻ ناممڪن آهي.“ـ نه! اسان جي هڪ شريف النفس مرحوم ڪهاڻيڪار ائين ڪري ڏيکاريو. سندس عزت ۽ ڪٽنب صحيح سلامت آهي. لک شابس هجيس.
(6) ڏوهيءَ کي سزا ڏيڻ ضروري آهي سزا جي اصول کي سڄي دنيا ۾ مڃوتي حاصل آهي. يورپ، آمريڪا، روس، چين، جپان، هندوستان، عرب، ايران هر ملڪ هر مذهب هر معاشري ۾ ان جي افاديت کي قبوليو ويو آهي. هي جو انساني حقن جا نام نهاد پاسبان سزا ڏيڻ خلاف خاص ڪري ڦاسيءَ خلاف ٻوڪ ڦاڙي دانهون پيا ڪن، سي يا ته بيوقوفن جي جنت ۾ ٿا رهن يا زميني حقيقتن کان ناواقف آهن يا ته پاڻ سان سچا ناهن رڳو ڏيکاءُ پيا ڪن. سزا ۽ جزا جو اٽل قانون آهي دنيا جا سڀ معاشرا، ماڻهو ڏاها ۽ فيلسوف ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان ذات جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان جو بنياد صرف ٻه ڳالهيون آهن، آسرو ۽ ڊپ! فارسيءَ ۾ چون اميد ۽ بِيم انگريزيءَ ۾ چون هوپ ۽ فيئر (hope and fear) حڪومت جو، راڄنيتي جو، معاشري جو، مذهب جو، بلڪه اقتصاديات جو محور به اهي ٻه بنيادي اصول آهن. اهي ڪڍي ڇڏيو ته سڀ ڪجهه ڊانواڊول ٿي ويندو.
سِر نه ملندي سِر سان، سڄو ٽڪساٽ اچي ڌڙام ڪندو. ها البته سزا کي رحم سان نرم ڪرڻ گهرجي معاف ڪرڻ اڃا به افضل آهي. پر عفو ۽ رحم سان، خوف ۽ اميد ختم نٿا ٿين ۽ ٿيڻ به نه کپن. ڏسو ته ڪارو ۽ ڪاريءَ جا قتل رڳو انهي ڪري ٿا ٿين جو ڦاسيءَ جو ڊپ نه آهي. ڪارو ۽ ڪاريءَ کي مارڻ وارا جو مڇن کي تاءُ ڏئي پاڻ کي غيرتي مڙس ٿا سڏائن تن جو آهي، ڪارو منهن! نڪي غيرتي آهن، نڪو مڙس ماڻهو! وڏا ڪميڻا بيغيرت آهن جو پئسن ڪارڻ يا بدلي ۾ سڱ وٺڻ ڪارڻ يا پراڻي دشمني پاڙڻ خاطر پنهنجي نياڻين ۽ ننگن تي ڪوڙي تهمت هڻي پنهنجو سر بچائڻ خاطر پنهنجين معصوم مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جون بيعزتيون ڪرائين ٿا ۽ سندن اگهاڙا جسم، غير مرد ڊاڪٽرن کان چيرائن ٿا، جي سندن مخصوص عضون ۾ آڱريون وجهن ٿا. ٿُڪ هجي اهڙن ڪوڙن غيرتين تي! وڏا ڀاڙيا بزدل آهن جو سر بچاءُ ۾ اهڙا ڪڌا ڪم ڪن ٿا، انهي ۾ نڪي ڪا آهي سورهيائي نڪي ڪا غيرت انهن کي ته ٿڪون هڻجن، ڀونڊا ڏجن ۽ ڏاڙهيون ڪوڙائڻ کپن، اهڙن درندن کي ڏهه ڏهه دفعا ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي ۽ سندن لاشن کي ڪتن حوالي ڪيو وڃي.
هي منهنجي ذاتي مشاهدي جون ڳالهيون آهن تنهن ڪري باهه ٿيو ويٺو آهيان، انهن انساني حقن وارن شهري بابوئن کي ڪهڙي خبر جيڪي رڳو ڪتابي علم تي پيا ڪڏن. مان شڪارپور ۾ جج هئس ته ڪن پُٽن گڏجي پنهنجي اڌيڙ عمر ماءُ کي ڪهي سندس سٿڻ لاهي ڇڏي. چيائون ”ڦاسي ته ائين ئي ڪانه ايندي، باقي دشمن جو ته داغ ڌوئون! اهڙن ماڻهن کي سوئر نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو؟ وري مان خيرپور ميرس ۾ جج هئس ته اخبارن ۾ آيو ته يورپ انگلينڊ، امريڪا ۾ ڦاسيءَ جي سزا ختم ڪئي پئي وڃي. ڪن ماڻهن سمجهيو ته ڦاسيءَ جي سزا ختم ٿي وئي. سکر جي ڪن ماڻهن، اڇي ڏاڙهي واري پيءُ کي سڏ ڪري، پاسيرو وٺي چيو ته ”ابا تون هونئن ئي مانا کائي مٿي چڙهيو آهين، ڦاسي ته ائين ئي ڪونه ايندي، سو توکي ڪهي دشمن تي ٿا ڪيس ڪيون!“ پوڙهي پيءُ گهڻو ئي ليلايو پر هنن کيس ڳڀا ڪري ٿاڻي تي وڃي رپورٽ ڪرائي ته فلاڻا فلاڻا اسان جي پيءُ کي قتل ڪري ويا. پوليس جي جاچ ۾ سڄي ڳالهه ظاهر ٿي پئي پر ڪيس جو الائي ڇا ٿيو؟ ڇاڪاڻ ته شاهد ته هئو ڪونه. اهڙا ڪيس ۽ ڪلور ٿين پوءِ به شهرت جا طالبو دانشور چون ته ”سزا ڏيڻ بند ڪجي ڇاڪاڻ ته اهو صرف حالات ۽ ماحول جو ڏوهه آهي نه ماڻهن جو!“ عجب منطق آهي، اهو ته جهنگل جو نظام ٿيو ٻيو ڇا.
قرآن الحڪيم سزا مقرر ڪئي پر شاهديءَ جا شرط تمام سخت ڪيا، اهڙا جو ثابت ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن هو. سزا به ڪهڙي؟ ”ڪارو توڙي ڪاري، ٻنهي کي سئو سئو لڪڻ هڻو!“ قرآن الحڪيم ۾ ڪٿي به قتل يا سنگساري جو ذڪر ڪونه آيو آهي پوءِ ڪير ٿيندا آهن هي سورهيه پيءَ، ڀائر، يا مڙس جي نياڻين، ڀينرن ۽ ونين کي ڪهاڙين مان ڪڍن ٿا، سو به رڳو محض شڪ تي! هي ظاهر ظهور قرآني حڪم جو ڪفر انڪار آهي. پوءِ ضروري آهي ته اهڙن ڪافر قاتلن کي ڦاهيءَ جي سزا ڏجي. سزا جي قانون ۾ اهڙي ترميم ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي ته جيئن نه ڪونڌر ڪسجن، نه نياڻيون.
ڪي ڪند ذهن ۽ ڪند فهم قبائلي رسمن جا قيدي گڏهه انهي ڳالهه جي مخالف ڪندا سو ڀلي پيا ڌوڙ پائين ۽ منهن مٿو پٽين. سندن جاهل ۽ دقيانوسي سوچ جي ڪري قرآني احڪامن کي رد ڪونه ڪبو. اهي پڙهيل ڳڙهيل جاهل، سورهيه پٽ ساماڻا آهن جي بي زبان نياڻين کي ڪهي، منٽ ۾ مجاهد ٿيڻ گهرن ٿا. هيءَ ڪني قبائلي رسم ڪني آڱر جيان وڍي ڀلي. ڪهڻ ۽ قتل ڪرڻ ته پري ٿيو، سورة النسا ۾ رڪو ع 3 آيت 16 کان نمبر 20 ۾ صاف فرمايو ويو ته ”اهي جي ڪن ٿيون توهان جون عورتون ته شاهد آڻيو انهن تي چار، پوءِ اهي جيڪڏهن شاهدي ڏين، پوءِ به جهليو انهن کي گهرن ۾، جيسين ٿئي سندن موت يا ڪري الله انهن لاءِ ٻيو رستو، بيشڪ الله آهي توبه قبول ڪندڙ مهربان!“ پوءِ اهي مٿي ڦريل قبائلي سردار ۽ ٻيا تيسمار خان ڪير ٿيندا آهن مذهب جا ٺيڪيدار بڻجن وارا. ڇا انهن چٽن قرآني حڪمن کي لغو ۽ بيغيرتي جا قاعدا سڏيندا؟
ڏسو! جيڪڏهن چار شاهد شاهدي ڏئي به وڃن ته به قتل ته ناهي ڪرڻو، محض سندن ڇڙواڳي بند ڪري گهرن ۾ ويهاري ڇڏڻو آهي. پوءِ اهو ڪيترو به عرصو هجي جيسين الله انهن لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪڍي ڇاڪاڻ ته الله نهايت مهربان ۽ توبه قبول ڪندڙ آهي. ٻيو ڪو رستو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. سواءِ انهيءَ جي جو هوءَ توبهه تائب ٿي نيڪ عورت ٿي وڃي يا سندس ٻي شادي ٿي وڃي يا خود سندس مڙس کيس معاف ڪري. ساڻس شادي جو ٻنڌڻ قائم رکي. هن ۾ ڪهڙي خرابي يا بيغيرتي آهي. انسان خطاڪار آهي خطا هر ڪنهن کان ٿي سگهي ٿي الله معاف ڪندڙ توبهه قبول ڪندڙ ۽ ڏاڍو مهربان آهي، هو ٻيا ڪيئي رستا ڪڍي سگهي ٿو. باقي اهڙي عورت کي ڇيڪ ڇڏڻ به مناسب ناهي جو ان سان هوءَ لينگها لنگهي ويندي ۽ پڻ فحاشي ڦهلجندي ان ڪري مٿس ڪي بندشون ضروري آهن. شرعي مسئلن ۾ آيو آهي ته کين سزا طور پنهنجن بسترن کان الڳ رکو! بس اها آهي سزا جنهن کي سڌارڪ سزا (reformative) چئي سگهجي ٿو. باقي جهنگلپڻي ۽ جهنگلي عمل کي اسلامي عمل ۽ غيرت جو نالو ڏئي هٿ وٺي پاڻ کي جهنگلي ۽ ڪافر نه بڻايو.
شري رامچند جهڙي اعليٰ انسان به اهائي سڌارڪ سزا قبول ڪئي جا پنڌرهن سو سال ۽ پوءِ حضور صلعم جن مقرر ڪئي يا وحي رستي کين پهچائي وئي ته اهڙين زالن کي پنهنجن بسترن کان الڳ ڪيو. سيتا ماتا ته ازخود اها سزا اختيار ڪئي جو وڃي هڪ آشرم ۾ بسيرو ڪيائين جيتوڻيڪ شري رامچندر کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪيو پر هن ستيءَ راجا پرجا جي ٻنڌڻ کي سمجهندي سماجڪ اخلاق ۽ ڪردار خاطر پنهنجو فرض نڀايو. وڏي ڳالهه ته شري رامچندر راڄ محل ۾ رهندي، پرجا جي ضمير کي جنجهوڙڻ خاطر پٽ تي سالن جا سال ڪکن تي ستو. هي تمام وڏيون ڳالهيون آهن جي تمام وڏا ماڻهو ۽ عظيم انسان، انسان ذات جي ڀلائي خاطر پاڻ مرادو ڪن ٿا.

5

هي ڳالهه دلچسپي کان خالي نه ٿيندي جيڪڏهن مان ٻڌائيندو هلان ته حضور صلي الله عليه وآلھِ وسلم جن به سڄي عمر کاٻر جي بستري تي ستا. پهاڙين جي چوٽين وارو مقولو هتي دهرائڻو پوي ٿو ته ”پهاڙين جون چوٽيون هڪ ٻئي کي ڏسنديون آهن.“ بس شري رامچندر واضح فيصلو ڏيڻ ۾ وقت ورتو ڇاڪاڻ ته ان وقت جو سماجڪ ذهن اڃا پختو نه ٿيو هو. هن ڳالهه کي هلڪو سمجهي ٽارڻ يا مسترد ڪرڻ نه کپي ڇاڪاڻ ته اڄ جڏهن اسلام پنڌرهين صديءَ ۾ پيو هلي ته به اهڙا گڏهه دماغ مسلمان پيا آهن جو اڄ تائين عورت جي هڪ غلطيءَ کي معاف نٿا ڪن ۽ ان سان گڏ گهارڻ بيعزتي پيا سمجهن.
مان هن معاملي ۾ تمام اونهو هليو ويو آهيان. گهڻن ئي ڪتابن جا پنا اٿلايا اٿم. قرآن الحڪيم، حديث شريف. فقه اڳوڻويون فتوائون ۽ تاريخي حقيقتون جاچيون اٿم ۽ غير جانبدارانه طور تي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿم جڏهن ماڻهو ايمانداريءَ سان ڪنهن مسئلي ۾ ايترو گم (involve) ٿي وڃي ٿو ته ڪيتريون نيون نيون حقيقتون جند ۾ القا ٿيون ٿين. هڪ سچو ۽ ايماندار تاريخ نويس اهڙي حالت مان ضرور گذرندو ۽ پوءِ هو خاموش نه رهي سگهندو. سائين پير حسام الدين شاهه راشدي اهڙو ئي يگانو تاريخدان هو ۽ سچ چئي ڏيندو هو، ڀلي پيا ٻيا ساڻس اختلاف ڪن. مون کي به هڪ ڳالهه سجهي آئي آهي ۽ ور ور ڪري پئي منهنجي ذهن تي مترڪا هڻي.
هڪڙي اتفاقي واقعي کي وٽ وڪڙ ڏئي، هڪ وڏي جليل القدر صحابيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته ام المومنين بيبي حضرت عائشه صديقه لاءِ رمارڪ ڏنائين ته ’ان هي الا تسمسه نعلک‘ يعني هيءَ ته توهانجي جتيءَ جي ڪهي آهي. انهيءَ کي ڇڏي ڏيو ۽ طلاق ڏيو الڳ ڪيو. توبه، نعوذ بالله! هيڏي جليل القدر صحابيءَ تي هيڏو وڏو الزام هڻندي لکندڙ کي ڏرڙي ئي ڪانه آئي. آهي اختلافي مسئلو جو نه ڇيڙڻ کپي جو سواءِ گارين ۽ لعنتن جي ٻيو ڪجهه هڙ پلئه ڪونه پوندو. پر ايڏو ڪوڙ ڪيئن هضم ڪيان ۽ ڇو ڪيان؟ صحابي سڳورا، حضور صلعم جو ايڏو ادب ۽ احترام ڪندا هئا جو سندن آڏو ڪڇي نه سگهندا هئا، سو اهو ناممڪن پيو لڳي ته هڪ صحابي سڳورو ايڏي اٻهرائي ڪري، رسول صله کي مشورو ڏئي ته ام المومنين کي طلاق ڏئي ڇڏي جو ان جي حيثيت جتيءَ جي ڪهيءَ کان مٿي ڪانه هئي. ڪنهن ۾ به اهڙي جرئت ڪانه هئي جو رسول خدا صلعم جن کي اهڙي نجي معاملي ۾ چيو وڃي ته پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏ.
ڪتابن مان اهو به صاف ظاهر آهي ته رسول پاڪ صلعم جن ان مشوري تي نه ڪو ڌيان ڏنو نه جواب ڏنو، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته ان مشوري کي ڪا اهميت ڪانه ڏنائون بلڪه ائين به چئي سگهجي ٿو ته ناپسند فرمايائون . ههڙو جليل القدر صحابي سڳورو اهڙي اٻهرائي ڪري اهڙو مشورو ڪيئن ڏيندو جو حضور سرور ڪائنات صلعم کي ناپسند هجي. ناپسند ته پري جي ڳالهه ٿي پر قرآن الحڪيم، الله تبارڪ تعاليٰ جبرئيل عليه السلام ۽ نبي سڳوري صلعم جن ، نه رڳو ناپسند بلڪه ان کي ننديو (condemn ڪيو). سورة النور ۾ واضح فرمايو ويو ته جڏهن ٻڌو هو توهان (اهو افواهه) ته ڇو نه گمان ڪيو مومنن چڱو ۽ چون ها ته هي ته ڪوڙ آهي پڌرو پوءِ جڏهن نه آندائون چار گواهه ته اهي (الله وٽ) ڪوڙا آهن. هي آهي بهتان وڏو، سيکت ڏئي ٿو اوهان کي الله، متان وري ڪم ڪريو اهڙو، جيڪڏهن آهيو اوهين ايمان وارا انهن لاءِ آهي عذاب دردناڪ دنيا ۾ ۽ آخرت ۾.
هاڻي پاڻ انصاف ڪيو ته ههڙي ۽ هيڏي وڏي ڇينڀ الله تبارڪ تعاليٰ طرفان اهڙي وڏي جليل القدر صحابيءَ لاءِ اچي سگهي ٿي ته هي ڪوڙ آهي پڌرو، اوهان ئي ڪوڙا آهيو. متان وري ڪم ڪريو اهڙو جيڪڏهن آهيو ايمان وارا، انهن لاءِ آهي عذاب دردناڪ دنيا ۾ ۽ آخرت ۾.
ظاهر آهي ته اهو جليل القدر صحابي سڳورو نڪي ڪوڙ چوندو، نه پڌرو ڪوڙ ورجائيندو، نڪي مومنن مان خارج هوندو، نه مٿس الله طرفان دردناڪ عذاب نازل ٿيندو دنيا ۽ آخرت ۾ ! نه ئي کيس اسي ڦٽڪا هنيا ويا پڌرو ڪوڙ ڳالهائڻ تي. جيتوڻيڪ نبي سڳوري صلعم هڪ موقعي تي فرمايو هو ته جيڪڏهن سندس پنهنجي ڌي بي بي خاتون جنت علي سلمها، به چوري ڪري ها ته هو ضرور سندس هٿ ڪپائين ها.(عدل، اسلام جو بنيادي رڪن آهي).
صاف ظاهر پيو آهي ته ان جليل القدر صحابي سڳوري، اُم المومنين لاءِ اهڙا لفظ قطعي ڪم نه آندا هوندا. سندس نادان پوئلڳ بغض ۽ عناد خاطر مٿن (صحابي سڳوري تي) بهتان مڙهي، ڪوڙا ۽ بي بنياد جواز گهڙي، صحابي سڳوري کي عام ۽ معمولي ماڻهو جي سطح تي آڻي سندس توهين ڪئي آهي. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”خدايا مونکي پنهنجي دوستن کان بچاءِ!“
باقي هي ڪهڙا ڪار منهان قبيلائي سردار ساماڻا آهن ۽ هي ڪهڙا ڪوڙا، ڪميڻا، ڪافر، ڪتا هٿرادو پاڻ ننهن چوٽي ڪارا ڪوڙا، غيرتي ساماڻا آهن جي الله، قرآن ۽ نبي ڪريم صلعم جي صاف حڪمن خلاف ڪافر بڻجي بيڏوهي نياڻين، ڀينرن ۽ ونين کي ڪهاڙين مان ڪڍن ٿا. بنا شاهدي جي بنا ڏسڻ جي ۽ رڳو ٻڌ سڌ تي سو به دشمنيون نباهڻ يا ڳپل مال هٿ ڪرڻ خاطر. اهي غيرتي ڪين آهن. ڪافر آهن. ڪميڻا آهن، ڪتا آهن ۽ وڏا بي غيرت، بيشرم ۽ بيحيا آهن جي پنهنجن مائرن، ڀينرن ۽ ونين تي اهڙا بيهودا الزام مڙهين ٿا. جي غيرتي آهن ته پُٽن کي ڇو نه ٿا ڪهن جي پاڻ به ڪارا ٿا ٿين ۽ پرائي نياڻيءَ کي به ڪاري ٿا ڪن. اتي اهڙن بيغيرت ڪتن جي غيرت ڇو نٿي جاڳي؟ معنيٰ ته رڳو ٺڙڪ ٺڳيءَ جو ٺاهه ٺاهي، ڪمزور تي هٿ هلائي پاڻ کي پاڻ غيرتيءَ جي ڪوڙي پڳ ٿا پارائن. حقيقت ۾ وڏا بيغرت، بي شرم ڀاڙيا ۽ بزدل آهن. سندن مڇ جو وٽ ڪوڙو، ڪڌو، ڪميڻپ ۽ ڀاڙيائپ وارو آهي. ڪڏهن ڪنهن پنهنجي پٽ کي ڪارو ڪري ماريوَ؟ پاڻ جيڪي سو هٿ ناٽ ڪري، جرڳو سڏائي، سوين گهنتريون هڻي پٽ کي اڇڙو پڇڙو ڪرائي ڇڏائي ويندا. نياڻي لاءِ ڇو نه ٿا ائين ڪن.
مون ڇاڪاڻ ته هن معاملي تي چڱي چوکي ڇنڊڇاڻ ۽ محنت ڪئي آهي، تنهن ڪري ڀانيان ٿو ته اڳو پوءِ مثال به ڏيندو هلان. جيئن اڄڪلهه قانون ۾ پي ايل ڊي ۾ درج ٿيل هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جون فتوائون قانون جو درجون رکن ٿيون، بلڪل انهي طرح اوائلي اسلامي دور جون فتوائون نج قانون آهن. نج قانون معنيٰ صرف قانوني حيثيت نه، بلڪه خود قانون جو درجو رکن ٿيون. ياد رکڻ گهرجي ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم، نه رڳو حاڪم، قاضي يا مذهبي رهنما، بلڪه خود قانون ڏيندڙ Lawgiver هئا. سندن اٿڻ، ويهڻ ڳالهائڻ ۽ اظهار خيال، قانون آهي، هو ذات ۾ قانون ساز ادارو هئا. هنن جي چوڻي ڪرڻي قانون هئو. سندن فيصلا به قانون هئا.
هاڻي ٻڌو فتوائون انهن کي پي ايل ڊي P.L.D کان مٿي وزن ڏيندئو يا نه؟ هلال بن اميه واري فتوا جو ته مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. جنهن حضور صلعم جن کي اچي پنهنجي اکين ڏٺي شاهدي ڏني ۽ چيو ته يا رسول الله فلاڻو (شرق بن سمهاس) منهنجي زال تي سوار آهي. حضور صلعم جن سندن اکين ڏٺي گواهي کي رد ڪندي فرمايو ته وڃ! وڃي چار اکين ڏٺا گواهه وٺي اچ يا پنهنجي پٺيءَ تي اسي ڦٽڪا کاءُ (زال تي الزام رکڻ جا). اڄڪلهه جا گڏهه دماغ جاهل سردار يا اهي ڪوڙا هٿ ٺوڪيا غيرتي هَنبس ڦوسڙيا جوان، حضور صلعم جن جي اهڙي فيصلي کي بيغيرتو سڏيندا؟ جي ائين ڪندا ته خود ڪافر ۽ قتل لائق ٿي پوندا.
بحث کي ڊگهو ڪبو ته لمبو داستان ٿي ويندو. ان ڪري صرف ٻه ٽي فيصله ڪن فتوائن وارا ڪيس پيش ڪجن ٿا. اڄڪلهه جا ٽرڙا جوان ٽنڊ تي ٽوپي رکي يا آڏو پٽڪو ٻڌي، ڪهاڙي ڪلهي تي رکي پاڻ کي ملڪ جا والي پيا سمجهن، پاڻ کي پاڻ پڏڻ پائيءَ وچان ’غيرتي مڙس‘ جو لقب عطا ڪري، مڇون وٽيندا ۽ ڊاڙ ۽ لٻاڙ ۾ اجايو وات پيا هڻندا ۽ يخي پئي لڳندن. نياڻي ويچاري ماءُ پي جي گهر ملڻ ايندي ته به مڙس کي آڦري وٺي ويندي. ڪهاڙي يا بندوق کڻي ساهرين گهر ويندو ۽ حڪما حڪمي زال کي آرڊر هڻندو ته ”هل گهر، نه ته آنڊا ڪڍي ڇڏيندوسانءِ“ جي زال ويچاري يا سندس ماءُ پي ٿوري آناڪاني ڪئي ته زال ۽ سس ٻنهي کي بندوقون هڻي ماري ايندو ۽ اچي يارن وچ ۾ مڇن کي تاءُ ڏيندو ڄڻ وڏو ڪو ميدان ماريو هجائين. اهڙن ٽيٽيهرن کي موچڙا هڻي ڦاهي نه چاڙهجي ته ٻيو ڇا ڪجي؟
ماءُ پي جي گهر وڃي رهڻ جو مثال مون زور ڪري ڏنو آهي جو هڪ مشهور ڪيس آهي، بريطه نالي عورت جو، جيڪو خود حضور صلعم جو فيصلو ڪيل آهي. هوءَ مڙس وٽ ڪانه ويندي هئي. سندس مڙس مغيث هڪ سٺو ۽ با اخلاق ماڻهو هئو. مغيث جي بريره سان شادي ٿيل هئي پر هوءَ ساڻس ڪانه رهي ۽ سڄو ڏينهن گهٽين ۾ هلندي وتندي هئي. مغيث سندس پٺيان روئيندو آهه و بڪا ڪندو. منٿون ڪندو رهندو هو. حضور صلعم جن بريره کي فرمايو ته ”پنهنجي مڙس ڏي وڃ!“ بريره چيو ته ”ڇا هي حڪم آهي؟“ هي تمام نازڪ سماجڪ ۽ ڪٽنبي ۽ خانگي مسئلو هو جنهن جو اثر سڄي معاشري تي پوي ها. حضور صلعم جن جي نه رڳو حاڪم پر رسول الله به هئا. تن جواب ۾ فرمايو ”نه! صرف سفارش.“ اڳيان به هڪ عورت جو مزاج هئو جنهن جرئت ڪري اهڙو سوال پڇيو هو. حضور صلعم جن جو جواب ٻڌي چيائين ته ”مونکي هن (مغيث) جي ڪا ضرورت ناهي!“ ۽ مڙس ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيائين. ظاهر ٿيو ته خود رسول الله صلعم جن به ان ڳالهه جي حق ۾ نه هئا ته زال کي زبردستي مجبور ڪري مڙس سان گڏ رهائجي، جڏهن ته زال کي اها ڳالهه سخت ناپسند هجي. پوءِ ڪير ٿيندا آهن هي ڏاڙهيل سردار، وڏيرا ۽ ملان جي حضور صلعم جي فتوا خلاف وتن فيصلا ڪندا ته ”رن کي ڄنڊن کان گهلي موچڙا هڻي مڙس جي گهر ڇڏي اچوس ته ڀلي سڌو ڪريس ۽ ڦيهه ڪڍيس!“ هي ته ٿي زوري زنا ٻيو ڇا.
(ٻيو واقعو) هڪ عورت جميلا حضور صلعم جن وٽ آئي ۽ پنهنجي مڙس ثابت بن قيس لاءِ چيائين ته ”يارسول الله ڪنهن به صورت ۾ مان ۽ هو پاڻ ۾ گڏ نٿا رهي سگهون، جڏهن هو ٻين مڙدن سان گڏ آيو پئي ته مون ڏٺو ته هو سڀني ۾ بندرو ۽ بدصورت هو. خدا جو قسم ته مان هن جي اخلاق يا مذهبي اعمال وغيره جي ڪري نه پر انهي ڪري نفرت ڪريان ٿي ته هو بدصورت آهي. خدا جو قسم ته جيڪڏهن مون کي الله جو خوف نه هجي ها ته مون ڏانهن ويجهي اچڻ تي مان کيس منهن ۾ ٿڪ هڻان ها. مان ڪيتري سهڻي آهيان ۽ ثابت ڪيڏو ڪوجهو آهي. مان هن جي اخلاق تي ڏوهه نٿي ڏيان پر مان ڊڄان ٿي ته اسلامي اخلاق جون حدون نه اورانگهيان!“ رحمت العالمين صلعم ثابت بن قيس کي گهرائي چيو ته ”جيڪو باغ تو هن کي ڏنو هو سو واپس وٺ ۽ هن کي طلاق ڏي!“
اڄڪلهه جي سماج ۾ جيڪڏهن ڪا عورت ائين بيڌڙڪ چوي ته متان مونکان ڪو غلط ڪم ٿي وڃي ته هوند ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏينس. جميلا رڳو اهو عذر ڏنو ته سندس مڙس ڪوجهو آهي ۽ کيس نٿو وڻي ايتري قدر جو هو کيس ٿُڪ نه هڻي ڪڍي! حضور صلعم سندن مڙس ثابت بن قيس کي گهرائي فرمايو ته هو زال کي آزاد ڪري (طلاق ڏئي ڇڏي) عورت زاد واريون مايون سڳوريون بيلاڳ نعرا هڻڻ بجاءِ پنهنجا اسلامي حق طلبين ته اهو سندن حق ۾ بهتر آهي. پر ڇا ڪجي! زميني حقيقت اها آهي ته هن مڙداڻي ۽ مُلائي معاشري ۾ نڪي ڪير سندن ٻڌندو، نه پٺڀرائي ڪندو. هڪ جمال ابڙو حاضر آهي. پوءِ ڀلي سوري چڙهي وڃي. پوئتي ڪونه موٽندو. ڪونه موٽندو. پر ڇا ڪجي هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهيان. هڏ ساٿ نٿا ڏين. عجب آهي جو فوجي پريڊ ڪبي هئي، ميلن جا ميل ڊوڙبو هو. گرمي مينهن ۽ گپ ۾ ڪاهي پئبو هو. وڏن وڏن ٽسينگن کي منهن تي ست سري ٻڌائبي هئي. اسڪول ۾ به ائين ڪاليج ۾ به ائين وڪالت ۽ سياست ۾ به ائين نوڪري ۾ به ائين، اڄ به زبان ۽ قلم آزاد ۽ لاپرواهه اٿم پر جسم ساٿ نٿو ڏئي، جيڪي حال حاضر! سچ جو ساٿ، سر ڪپائي به ڏبو. ڊاڙ ناهي آزمائي ڏسو.
تمام وڏي حيرت جو مقام آهي جو چوڏهن سو سال اڳ عرب جي جاهل ۽ قبائلي سماج ۾ جتي ڌيئرن کي جيئري پوريو ويندو هو اتي اهڙو ڌماڪيدار اعلان ۽ حڪم نامو جاري ڪيو وڃي ته ”جيڪڏهن توهانجيون عورتون ڪن ٿيون (اهڙو فعل) شاهد آڻيو چار، پوءِ اهي جيڪڏن شاهدي ڏين ته پوءِ جهليو انهن (عورتن) کي گهرن ۾ جيسين اچي مٿن موت يا ڪري الله انهن لاءِ ٻيو رستو، بيشڪ! الله آهي تو بهه قبول ڪندڙ ۽ وڏو مهربان. (سورة النسا رڪوع 3 آيت نمبر 16 کان 21) چار شاهد شاهدي ڏئي وڃن پوءِ به رکو اهڙين عورتن کي گهرن ۾ معنيٰ ته سچي ثابتي ملڻ کانپوءِ به کين گهرن ۾ رکو ۽ سڄي عمر سندن کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذمو به مڙد تي! هاڻي ڇا چوندا اهي ڪوڙا هٿ ٺوڪيا غيرتي؟
ناولن ۾ ۽ هندستاني فلمن ۾ اهڙي هڪ واقعي کي اجاگر ڪري ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪري، اهڙي مڙد کي مها پرش يا ڀلومانس ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ عجوبو سمجهيو ويندو آهي، هتي ته هڪ مذهبي ۽ مقدس ڪتاب ۾ لکت ۾ اهڙو فرمان جاري ٿيو پيو آهي. هي ته عام معافي نامو ٿيو، ڪو عجوبو ناهي. چئلينج آهي. سڀني مذهبن ۽ مذهبي ڪتابن کي جن اهڙو فراخ دلانو فرمان جاري ڪيو هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته خود مسلمانن انهي فرمان کي ذهني طور يا دلئون اڃا قبول نه ڪيو آهي. صديون گذرڻ باوجود اسان اڃا شري رامچند واري دور مان ڪونه نڪتا آهيون. اڃا وحشي مرون جيان وڄ ڪڍيون بيٺا آهيون.
سعودي حڪومت اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي. مونکي پنج ڇهه دفعا سعودي عرب وڃڻ جي سعادت نصيب ٿي چڪي آهي. اتي سنڌي ماڻهو تمام گهڻا آهن. جده ۾ مڪه معظم ۾، مدينه منور ۾، رياض ۾، بلڪه هر شهر ۾ گهڻو تڻو پورهيت ۽ هنر مند آهن، پڙهيل لکيل به آهن جيڪي چڱن عهدن تي فائز آهن يا ڌنڌا ڌاڙي ڪن ٿا. کانئن معلوم ٿيو ته ڪوئي عرب سڳورو اوچتو گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنهن غير مڙد کي زال سان گڏ ويٺل ڏٺائين ته چپڙي ڪري ٻاهر نڪري بيهندو. غير مڙد به آرام سان فارغ ٿي منهن ڪپڙي سان لپيٽي نڪري ويندو! تهان پوءِ حقيقي مڙس گهر ۾ داخل ٿيندو ۽ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندو. منهنجي خيال ۾ اهو انهيءَ ڪري آهي جو اتي قانون جو نفاذ سختيءَ سان ٿئي ٿو. جي ٿو مڙس ڪڇي ته اسي لڪڻ به کائي، زال به وڃائي ۽ بدنامي جو ڍنڍورو به پوي. مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ. اهڙو مڙد نهايت شريف ۽ مثالي ماڻهو چئبو. ان ۾ ڪا بيغيرتيءَ جي ڳالهه ڪانه آهي. هي سنئون سڌو قرآني حڪم آهي ته: جيڪڏهن توهان جون عورتون ڪوئي معروف ناپسنديده فعل ڪن ته چار گواهه طلب ڪيو ۽ اهي گواهي ڏئي وڃن ته رکو انهن عورتن کي پنهنجي گهرن ۾ جيسين الله انهن لاءِ ڪا راهه ڪڍي. (النسا، آيت نمبر 16 کان آيت نمبر 20) ۾ وڌيڪ فرمايو ويو ته جيڪڏهن اهي ”کلم کلا“ بدي ڪن ته ان لاءِ اڳ ۾ حڪم اچي چڪو آهي. توهان انهن سان سٺو سلوڪ ڪيو. جي توهان اهو ناپسند ڪيو ته به ياد رکو ته اهو بلڪل ممڪن آهي ته جنهن ڳالهه کي توهان ناپسند ٿا ڪيو. الله ان ۾ گهڻي بهتري پيدا ڪري. هي قرآني حڪم آهن. چٽا چٽا. دنيا جو ڪو به سڌريل ملڪ ايڏو لبرل(فراخدل) هجڻ جي لٻاڙ نٿو هڻي سگهي.
سعودي عرب حڪومت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته قرآني حڪم توڻي رسول الله صلعم جا فيصلا بلڪل عمل جوڳا آهن ۽ سڄي دنيا اهوئي رستو وٺندي. باقي مغربي ملڪن ڪوڙي واويلا ڪري اسلام ۽ مسلمانن کي بدنام ڪرڻ خاطر ڪوڙا افسانا گهڙي، ڪوڙيون فلمون ٺاهي رڳو پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي آهي. هڪ شهزاديءَ کي قتل ڪرڻ واري فلم به نسورو ڪوڙ هو ۽ جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهڙو ڪو به واقعو ڪونه ٿيو هو. نه ان شهزاديءَ جو نالو نه ان مڙد جو نالو پتو يا ائڊريس ڏني وئي. نه اهڙو ڪو رڪارڊ (لکپڙهه) يا ڪنهن قاضيءَ جي فتوا يا قاضيءَ جو نالو، نه وري ڪورٽ ڪچهريءَ جو هنڌ ڳوٺ يا شهر ٻڌايو ويو. سعودي عرب ۾ اهڙيون سزائون کلئي عام جمعي نماز کان پوءِ مسجد جي ٻاهران دروازي جي ڀرسان ڏنيون وينديون آهن. لڪ ڇپ آهي ئي ڪانه. سزا جو هڪ اصول اهو به آهي ته عام خلق کي خبر پوي ته انصاف ٿئي پيو، انصاف جو اهو اصول آهي ته انصاف نه رڳو ٿيڻ کپي پر ڏسجڻ ۾ اچي! رومن لا ۽ جورس پروڊنس (jurisprudence) جو به اهوئي بنيادي اصول آهي. جورس پروڊنس جو اهو ساڳيو اسلامي اصول آهي ته ڀلي نوانوي ڏوهاري ڇٽي وڃن پر هڪ بيگناهه کي سزا نه اچڻ کپي! انهي اصول جي پوئواري لاءِ شاهدي ۽ ثابتين جا اصول سخت ڪرڻا ئي پوندا. انهيءَ ڪري ڪو عجب ناهي جو زنا جي حد جاري ڪرڻ لاءِ اهڙا سخت اصول رکيا ويا جو ڪنهن کي ڪارو ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن بڻجي ويو.
اسان وٽ ماڻهن ۾ سزا ڏيڻ جو هڪ جنون پيدا ڪيو ويو آهي. اهو سڀ مارشل لا جي مهرباني آهي. فوجي ماڻهوءَ جو ذهن رڳو هڪ چِيلي تي ٿو هلي ۽ سندن آڱر هر وقت بندوق يا پستول جي گهوڙي (ٽرگر) تي هجي ٿي. هاڻي ته قبولداري (confession) کي آخري ۽ پڪي ثابتي سمجهيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو پوليس آڏو قبولداري کي به وزندار سمجهيو وڃي ٿو. حالانڪه اهو بلڪل غلط ۽ شهادت توڙي اسلامي اصولن جي برخلاف آهي. مون پنهنجي ڪٿا ۾ ڪنهن هنڌ اڳيئي ذڪر ڪيو آهي ته هڪ جوابدار هيٺين توڙي مٿين ڪورٽ ۾ قبولدار ٿي رهيو هو ته هن ڪنهن شخص جو واقعي قتل ڪيو هو. عين ان وقت هڪ ماڻهو ڪورٽ ۾ اچي نڪتو ۽ چيائين ته هو مقتول ڪونه هو ۽ جيئرو جاڳندو ڪورٽ آڏو حاضر بيٺو آهي. هيءَ ڪا ڪهاڻي ناهي پر آل انڊيا رپورٽر AIR ۾ درج ٿيل قانوني واقعو آهي. محض قبولداري تي ڀاڙڻ بلڪل غلط آهي.
حضور صلي الله عليه وآلھِ وسلم وٽ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ چيو ته ”يا رسول الله ﷺ مون کان زنا ٿي آهي مون تي حد جاري ڪيو!“ سرور ڪائنات صلعم جن منهن مبارڪ ڦيرائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ته ان شخص ٻئي طرف لڙي وري به چيو ته يا رسول الله مون کان زنا ٿي آهي مون تي حد جاري ڪيو. وري به حضور صلعم جن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري منهن ڦيرائي ڇڏيو. معنيٰ ته قبولداري جي همت افزائي نه ڪئي وئي ۽ سترپوشيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي. ان شخص جو نالو ۽ ڪتاب جو حوالو ڏيڻ لاءِ مون کي سڄو ڏينهن لڳي ويندو ان ڪري ائين نٿو ڪيان. اڄ ڪلهه جي دور ۾ ته موچڙا هڻي، نازيبا طريقا اختيار ڪري زوريءَ ماڻهن کان قبولداري ورتي ٿي وڃي.
حضرت عثمان رضي الله تعالي عنه جو به واقعو آهي ته هڪ عورت مسجد نبوي ۾ اچي چيو ته ”يا اميرالمومنين مون کان زنا ٿي آهي مون تي حد جاري ڪيو.“ حضرت عثمان حڪم ڏنو ته ”هن عورت کي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو!“ هوءَ عورت وري ٻئي ڏينهن به اچي وارد ٿي ۽ ساڳيو مطالبو دهرايائين. حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه وري به کيس مسجد مان ڪڍائي ڇڏيو. هي مستند تاريخي واقعا آهن. جي صاف ظاهر ڪن ٿا ته اهڙي صاف قبولداري کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ معاشري ۽ سماج جي ڀلائي خاطر ستر پوشيءَ کي ترجيح ڏني وئي. هت سنڌ ۾ به ائين ٿيندو هو ته چار وڏڙا گڏ ٿي مٿا ميڙ ڪري ويهندا هئا ۽ ”ڍڪي ڀلي!“ جو فيصلو ڪري اعلان ڪندا هئا ته ”بابا هرڪو نياڻين سياڻين وارو آهي، ڪوڙن افواهن تي ڪن نه ڌريو.“ هاڻي الائي ڪهڙو واءُ وريو آهي جو نوس نوس ڪندا وتن ته ڪو بهانو ملي ته غيرتيءَ جي ڪوڙي پڳ ٻڌئون ۽ دشمن کي به هيسائي کانئس ڏنڊ يا سڱ وصول ڪيون. نوس نوس ڪير ڪندا آهن سو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو.
قرآني حڪم ته جيڪا عورت ڪري ’کلم کلا‘ بدي، ته ان کي گهرن ۾ جهلي رکو يا روڪي رکو، ان تي به عمل ٿيندو هو. هت اسان جي ملڪ ۾، اسين ننڍا هوندا هئاسين، يعني پنجاهه سٺ سال اڳ، ته مون پاڻ اهڙا واقعا ڏٺا ته سردار يا راڄن جو چڱو مڙس فيصلو ڏيندو هو ته ”ڪاريءَ کي سندس ڪوٽ ۾ پهچايو وڃي“ پوءِ ان حڪم تي عمل ٿيندو هو ۽ اها عورت هميشه لاءِ سردار يا تر جي چڱي مڙس جي ڪوٽ ۾ سڄي عمر لاءِ داخل ٿي ويندي هئي. کيس کاڌ خوراڪ، ڪپڙو، لٽو، هنڌ بسترو، گهر ڀاتي جيان ملندو هئو. گهر ڀاتي بڻجي پنهنجي روش سان هوءَ آهستي آهستي عزت ڀريو مقام حاصل ڪري ويندي هئي ۽ هڪ سود مند حياتي گذاريندي هئي. نياڻين کي اٿڻ ويهڻ جا آداب، گفتگو جا انداز، مهمانن جي آدرڀاءُ ۽ طعام تيار ڪرڻ ۽ سجائي اوطاقن ۾ موڪلڻ جا طور طريقا سيکارڻ، بيمار ۽ ڳورهاري عورت جي تيماداري ۽ ٻچن جي پالنا جا ضروري طريقا سمجهائيندي هئي، ڀرت ڀرڻ، رلهيون ۽ سوَڙون سبڻ ۽ ڳنڍ ٽوپو به سيکاريندي هئي. مطلب ته هوءَ سودمند ۽ عزت ۽ سک ڀري زندگي گذاريندي هئي. وڏڙين سان دوستي ۽ ننڍن سان شفقت ۽ پيار سندس زندگي کي ڀرپوربڻائي ڇڏيندو هو. مون اهڙيون عورتون ڏٺيون مٿانئن ڪارنهن جو ٽڪو به صفا وسري ڌوپي ويندو هو. ڪڏهن ته ڪوٽ اندر کين ڪنهن گهرو نوڪر سان پرڻائي به ڇڏبو هو ۽ سکي زندگي گذاري وينديون هيون. انهي جي معنيٰ ته قرآني حڪم ته کين گهرن ۾ روڪي رکو ۽ ساڻن سٺو سلوڪ ڪيو، بلڪل عمل جوڳو حڪم هئو ۽ ڏاڍو چڱو هو. ائين ٿيندو اسان پاڻ ڏٺو. هاڻي الائي ڪهڙو واءُ وريو آهي جو عام ماڻهن مان ته ٺهيو پر سردارن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن مان به مهر نڪري وئي آهي. وڏو سبب بي علمي، جهالت، قرآني حڪمن کان اڻڄاڻائي، هنسڪ سوچ ۽ سماجڪ ٽوڙ ڦوڙ آهي. ملان، وڏيرا ۽ پڙهيل لکيل نوجوان، جيڪڏهن وڏي واڪ عفو ۽ درگذر جي ڳالهه ڪن ۽ ڍڪ ڍڪڻ جي تلقين ڪن ته هوند ان ڪارو ڪاري جي ڪني بيهوده ۽ بيغيرت رسم کي ٻنجو اچي وڃي. پر افسوس جو مون ڏٺو آهي ته پڙهيل لکيل نوجوان ان ڪوڙي هٿرادو غيرت کي هٿي ڏيڻ ۾ جيڪي سو ٻه ٻه هٿ پيا اڏامن ۽ اسان کي بيغيرت سڏين ۽ سمجهن. الله هدايت ڏيئن، شال سمجهن.
لک شابس هجي جتوئين جي لٺ سردار، سردار امام بخش خان جتوئي کي جنهن علي الاعلان اخباري بيان ڏنو ته هو ڪاري کي مارائڻ نه ڏيندو آهي. شال ٻين سردارن ۽ نيڪ مردن ۾ به اهڙي جرئت اچي. اسان سانگين جي سردار، مير غلام محمد خان سانگي به ائين ڪيو. هڪ سانگي عورت ڪنهن جماليءَ سان ڀڄي وئي هئي، سانگين ۾ تاءُ هئو ۽ خون خرابو ٿيڻ وارو هئو. سردار صاحب مون کي نمائندو بڻائي سردار محمد بخش جمالي ڏانهن موڪليو ته ٻانهن ورائي ڏئي، جمالين جي سردار سرداري ڪئي ۽ چيائين ته ”ٻانهن ڪٿي پهچايان؟“ مير صاحب (اسان جي سردار) چيو ته ”سندس ڪوٽ ۾!“ حڪم جي تعميل ٿي ۽ ٻانهن ڪوٽ جي تحفظ ۾ اچي وئي. کيس مارائڻ ڪونه ڏنائين ويهه سال گذري ويا آهن. گهر ڀاتياڻي ٿي وئي هوندي.
ڀائرو ذرا سوچيو ته جيڪڏهن ڪارو ۽ ڪاري مارڻ جو اصول باقاعدي قائم ڪجي ته سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويندو. ٻيلي ڏاها ٿيو! پاڻ کي کلڻ هاب نه ڪرايو. انهي اصول تحت، سنڌ ۽ پاڪستان ته ڇا پر سڄي دنيا جا سـٺ ستر سيڪڙو مڙد توڙي عورتون ڪسجي ويندا. گهر گهر مان ڪاري نه، ته به هڪڙو ڪارو نڪري ايندو، انگ اکر ائين ٿا چون. پوءِ ڇا سڄي دنيا جي سٺ ستر سيڪڙو آبادي ڪهائي ڇڏيندا؟ تازو لاڙڪاڻي جي هڪ سردار بيان ڏنو آهي ته ”ڪارو يا ڪاري کي ماربو نه ته ٻيو ڇا ڪبو؟“ ڇا اهو سردار صاحب ٻڌائيندو ته هو خود ڪارو آهي يا نه؟ پوءِ ڪسڻ قبول ڪندو؟ چوڻ سئولو آهي پر اصول ۽ قاعدو ٺاهي لاڳو ڪرڻ ناممڪن آهن. اهڙي لٻاڙ ئي نه هڻجي جنهن سان نه رڳو جيءُ جوکو هجي پر سڄي انسان ذات لاءِ وڏو هيبت ناڪ هاڃو هجي.
قرآني ۽ اسلامي حڪم احڪام ڇا به هجي پر ڇا ڪجي؟ هر ماڻهوءَ ۾ هڪ جانور لڪو ويٺو آهي. ماڻهو خود ئي هڪ جانور آهي. سچي ته مان به هوند اهڙو ڪڌو ڪم ڪري وجهان. اندر ۾ جيڪو مرون لڪو ويٺو آهي اهو نيٺ ته وڄ هڻندو، جيسين ان مرونءَ کي نه ماربو تيسين ماڻهو، ماڻهو نه ٿيندو، نڪي منجهس ماڻهپو ايندو. اسين مشرقي ماڻهو اڻ سڌريل سڏيا ٿا وڃون، پر مغربي دنيا جي سڌريل ماڻهن جا افعال به اهي ساڳيا آهن. هو سائنائيڊ جو زهر (پوٽيشم سائنائيڊ) يا ٻيو ڪو طريقو ائڪسيڊنٽ وغيره يا ٻڏڻ جو طريقو استعمال ڪري، پنهنجو بڇڙو ڪم لڪائي ٿا وڃن ۽ عزت ۽ شهرت کي به ٽِڪو لڳائڻ کان صاف بچي ٿا وڃن. هت، توڙي اتي، عورتون به مڙسن کي اهڙن طريقن سان مارين ٿيون. هو به انسان آهن ۽ سندن اندر ۾ به هڪ مرون وڄ ڪڍيون ويٺو آهي.
ميهڙ ۾ سب جج هو سيد عبدالرحمان شاهه جو بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿيو. هڪڙي زائفان ڀڄي وئي هئي ۽ يار سميت گرفتار ٿي آئي. هن اهو ڪيس چئمبر(جج جي نجي ڪوٺڙي) ۾ ويٺي ئي سڏايو. فريادي يعني مائيءَ جو مڙس ٺاهوڪو جوان هئو ۽ جوابدار کڳوٽي جهڙو بڇڙو ۽ بي ڊولو هئو. حيران ٿي، ٻنهي مڙدن کي ڪڍي، مائيءَ کي چيائين ته ”ههڙو ٺاهوڪو مڙس ڇڏي هوءَ ان کڳي سان ڪيئن ڀڄي وئي!“ مائي نهايت ڊٺائي سان جواب ڏنو”صاحب، پرائي ڀاڄي مٺي لڳندي آهي نه؟“ چپ ڪرائي ڇڏيائين. مڙدن جو به اهڙو ئي منهن ڪارو آهي. پنهنجيون پاڪ صاف جويون ڇڏي ڪِنَ جهڙين ڌپ وارين ڌوتل دکين تي اونڌا ٿيا پيا هوندا. انساني فطرت آهي، اجايو اهڙيون ڳالهيون لکجي ويون. انسان، سمجهه ڀريو جانور آهي کيس پاڻ تي ضابطو رکڻ کپي ۽ ننڍي وڏي بڇڙائي تي ڪن لاٽار ڪرڻ سکي. اشرف المخلوقات هجڻ جو عملي ثبوت ڏئي. نه ته جانور جو جانور ئي رهندو. ان کي انسان چوڻ، انسانيت جي توهين ٿيندي.
ڏسو، قيامت جي نشانيءَ مان ڪٿي جو ڪٿي وڃي نڪتاسون. وڃي ڪارو ڪاري تي پهتاسون. چڱو ٿيو، هڪڙو تمام اهم مسئلو مڪمل ڇنڊ ڇاڻ بعد بلڪل چٽو ٿي بيٺو ته اهو نه غيرت جو سوال آهي، نه اسلام جو، نه شريعت جو نه معاشري جو بلڪه اها هڪ ڪڌي شرارت آهي، هٿ ٺوڪيل حرامين جي، جيڪي هونئن ته ننهن چوٽيءَ ڪارا آهن، پر هڪ کن ۾ ڪنهن نياڻي کي ڪهي، اڇڙا پڇڙا ٿي ٿا وڃن ۽ مڇون مروٽي ٿا هلن، اهڙن کي نندڻ ۽ ٿُـو! ٿُـو! ڪرڻ نهايت ضروري آهي. واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. رڳو واڪا ڪرڻ نه، بلڪه بانٺا کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. هونئن هي معاشرو ڪونه سڌرندو، ڪونه سڌرندو، چوندا آهن ته ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڪم نه آڻجي! پر جي ننهن سان نه ڇڄي ته پوءِ ته ڪاتي ڪم آڻڻ ضروري ۽ تمام ضروري ٿي ٿو پوي. رسول بخش پليجي جي تقرير ٻڌندي مونکي هڪ صاحب چيو ته ”پليجي صاحب جي لکڻي توڙي ڳالهائڻ اهڙو آهي جو ڄڻ رهنڊون ٿو پائي ۽ رهڙون ٿو ڏئي!“ مون چيو ته ”ذمو به اهڙو کنيون اٿائين جو رهڙون ۽ رهنڊون ته ڇا، کيس لٺيون بانٺا کڻي، هن ستل قوم کي جاڳائڻو پوندو جا هڪ بيماري ڪانه، سوين مرضن ۾ ورتل آهي. تنهن ڪري نه رڳو سيون ۽ انجيڪشنون هڻڻيون پونديون پر جهير ڏيڻا پوندا!“
سو سائين اهو سائنسي طرح ثابت آهي ته جانور(حيوان) ڳالهائي سگهن ٿا، بلڪه انساني عضون جي بئنڪ طور به ڪم اچي سگهن ٿا. هاڻي جو ڪنهن چڱي ڀلي صحتمند ماڻهو جي حادثي ۾ مرڻ جو انتظار ڪرڻو ٿو پوي ته جيئن سندس اکيون، بڪيون يا دل ڪڍي ٻئي ماڻهوءَ ۾ پيوند ڪري وڌيون (transplant) وڃن. ان جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي. انساني دل، بڪيون وغيره هٿرادو طرح (clone) ڪلون ڪري جانورن ۾ پيدا ڪري، اهڙا جانور هڪيا حاضر وڪڻي سگهجن ٿا. سائنسدان چون ٿا ته ”ان لاءِ سڀ کان بهتر جانور سوئر آهي!“ هاڻي سائين، مسلمان ڪيئن سوئر جي دل وجهرائيندو؟ هي ته وڏي گڙ ٻڙ ٿي وئي. شرعي عالم سڳورا وڏي ڳنڀير آزمائش ۾ پئجي ويندا ۽ ڪونه ٺهي، ڪونه ٺهندا. ماڻهو پيو مري ۽ عالم سڳورا پيا بحث ڪن. مان پنهنجي سر، سوئر جي دل وجهرائڻ لاءِ تيار ٿي ويندس. يقين اٿم ته مان ساڳيو جمال ئي رهندس ۽ نمازون به پڙهندو رهندس. منهنجو دين ڌرم نه پليد ٿيندو نه ٽٽندو. مان چاهيندس ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جهڙو وڏو عالم به ڀلي اهڙي دل وجهرائي ۽ زندهه رهي. علامه صاحب کي جيڪڏهن اها ڳالهه ناپسند هجي ته مان اڳواٽ معافي وٺي ٿو ڇڏيان. پر وري ورجايان ٿو ته هو ڪنهن به صورت ۾ زندهه رهي. اسان کي سندس ضرورت آهي. پوءِ ڀلي الله سائين وٽ اهو عذر پيش ڪري ته سندس عقيدتمندن، زور زبردستي، ائين ڪيو. اسان کي ڪانه ملندي. سزا، نيت تي آهي ۽ الله وڏو رحمان، رحيم ۽ خيري آهي، معاف ڪري ڇڏيندو. علامه صاحب کي زندهه رکڻ مسلم امت جي وڏي خدمت ٿيندي، اجر ملندو.
اسلام اَنٽ تي چڙهي ويو آهي. سو لهي نٿو. حسن مجتبي، هڪڙا ٻه يورپي محقق مون وٽ وٺي آيو ته ”توهان سان جديد دور جو پڙهيل لکيل صوفي ٿو ملايان!“ مان نه مذهبي عالم آهيان نه صوفي سالڪ. اهي وڏا درجا ۽ منزلون آهن ۽ مون ۾ اهڙو افعال ڪونهي. هو يورپي محقق، ڪو تحقيق ئي صوفي مت (صوفي ازم) تي ڪرڻ آيا هئا. مون اٿندي ئي کين اسلام جي بين الاقواميت ۽ انسان ذات سان محبت بابت ننڍو ليڪچر ڏيئي وڌو، اهو به کين چيم ته يورپي ڪرستان ۽ يهودي اسلام سان بغض ۽ عناد رکن ٿا. تنهن ڪري اسلام ۽ مسلمانن تي ڪٽرپڻي ۽ مذهبي جنونيت جو الزام هڻن ٿا. هڪ لفظ کڻي گهڙيو اٿن بنياد پرست (fundamentalist) جو هندن، يهودين ۽ ڪرستانن ۾ گهڻو گهڻو وڌيڪ آهي. مسلمانن تي اهو ٺپو هڻڻ لاءِ ٽي وي تي رڳو اهو پيا ڏيکاريندا ته مسلمان نماز پيا پڙهن ۽ دعا گهري منهن تي هٿ پيا ڦيرائين. ڪرستانن جو پوپ يا ٻيا پادري لالٽين کنيون پيا لوڏيندا يا پاڻي ڇٽڪائيندا ته اهو به ڪجهه ڪونه آهي. يهودي ڀت سان مٿو لڳائي روئندا ته اهو به ڪجهه نه آهي. هندو ته الائي ڇا ڇا ٿا ڪن. رڳو نيپال مان گهمي پاڻ ڏسي اچو. هزارين ته اٿن ديويون ۽ ديوتا جي پيا شاديون ڪن. وڙهن ۽ ويڙهائن، ته به ڪا ڳالهه ناهي! باقي مسلمان آهن ڪٽا ۽ بنياد پرست. اها ته آهي سڌي سنئين (حرامپائي) ٻه اکيائي. هو صاحب هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا پوءِ مون کان سوال ڪيائون ته ”صوفي ڇا هي، صوفي ازم ڇا آهي؟“
مون جواب ڏنو ته اهو آهي نج اسلام ڇاڪاڻ ته اسلام انسانيت جو درس ٿو ڏئي. هندو مسلمان، ڪرستان، يهودي جو فرق مٽائي ٿو ڇڏي. سڀ انسان ڀائر آهن ۽ عزت وارو رڳو اهو آهي جيڪو چڱا ڪم ٿو ڪري. قرآن ۾ آهي ته جنهن هڪ جِيوَ کي قتل ڪيو تنهن ڄڻ سڄي انسان ذات کي قتل ڪيو. اها آيت سڳوري به پڙهيم ته من قتل نفس، فقتل الناس جميعا. حديث سڳوري به آهي ته ”اي ڪعبه (ڪعبته الله شريف) تنهنجي ڪيڏي نه عظمت ۽ حرمت آهي، پر هڪ انسان جي عظمت ۽ حرمت توکان وڌيڪ آهي“ انسان ذات جي حق ۾ ايڏي وڏي فتويٰ ٻڌي هو صاحب وائڙا ۽ ڪجهه ڪجهه بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ نظر آيا. هنن کي هو مون کي سوڙهو گهٽڻو سو وري به چيائون ته ”صوفي بابت ٻڌاءِ!“
مون چيو صوفي آهي لاڪوفي ۽ آزاد منش. جيئن وڻيس تيئن ڪري، رڳو خلق جو ڀلو گهري ۽ ڪري. ڀلي ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي، تماڪ واپرائي، اڌ اگهاڙو رهي پر ڪنهن سان نفرت نه ڪري، نه دل رنجائي. لاڪوفي جو مطلب ئي اهو آهي ته هو ڪنهن خاص گروهه سان وابسته نه آهي. هنن صاحبن مون کي منهن تي ڦهڪائي ڏنو ته ”توهان ۾ به ڪيئي گروهه آهن. خاص ڪري شيعا ۽ سني جي هڪٻئي جا سخت مخالف آهن!“ ڏسو! مينهن سڄي ڪاري، ڳئون کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري. ٽيڏي پسي ٽي، ته ٻئي جو ڪهڙو ڏوهه. چيم ”صاحبو توهان ڪئٿولڪ فرقي لاءِ اهڙي باهه ٻاري جو قومن جون قومون لڏي وڃي نئون کنڊ وسايو ۽ ائين آمريڪا وجود ۾ آيو. اڄ تائين اتر آئرلينڊ ۾ ڪئٿولڪ فرقي ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن ۾ ڪوس لڳو پيو آهي. اسين ته گڏ رهون، کائون پيئون، شاديون مراديون ڪيون ۽ هڪ الله ۽ هڪ رسول کي مڃون ڪي ڀورڙا بيوقوف ڪن فتني باز ملائن يا سياسي کيڏاڙين جي چرچ تي ڪڏهن اتفاق سان اٽڪي پون ٿا پر وري به پاڻ ۾ صلح سانت ۽ امن جو معاهدو ڪن ٿا. اسان کي ته حضور صلعم جن اڳواٽ بشارت ڏئي ويا هئا ته سندن امت ۾ ٻاهتر فرقا ٿي ويندا. معنيٰ ته ٻاهتر ئي فرقا امت مسلم جو جز هوندا ۽ امت کان خارج نه هوندا. يعني انهن کي برداشت ڪرڻو آهي. اهو برداشت (tolerance) جو ڪيڏو وڏو ثبوت ۽ سبق آهي.“
چئي ڏنو مان ته توهان يورپي، ڪرستان ۽ يهودي هميشه لاءِ اسلام ۽ مسلمانن کان بد گمان رهيا آهيو ۽ پر خلوص ناهيو ۽ يهودين جيڪي ڪرستانن سان ظلم ۽ تعديون ڪيون ۽ وري ڪرستانن جي يهودين سان تعديون ڪيون، سي سڀ ڀلائي هاڻي ٻيئي اسلام ۽ مسلمانن خلاف ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهيو. اسين وري به توهان کان فراخدل (liberal) آهيون ۽ سڄي انسانذات جا سڄڻ، حضور صلعم جو آخري خطبو (حجته الوداع) سموري انسانذات لاءِ اڻمٽ منشور آهي ته گوري کي ڪاري تي ۽ عربي کي عجمي تي ڪا فضيلت ناهي. سڀ هڪ جهڙا ڀائر آهن عزت رڳو ان کي آهي جنهن جا عمل چڱا آهن ۽ جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا انسان محفوظ آهن.

6

جيئن مون کي اڳواٽ اندازو هئو، هنن صاحبن جي پتي تي پاڻي نه پيو. الٽو مون کان آڏي پڇا ڪيائون ته ”توهان ڪهڙو طريقو استعمال ٿا ڪيو؟“ مون به ڊسڙ ۾ پير هڻندي چيو ته ”جيڪو سڄي دنيا قبول ڪري ورتو آهي ۽ ان تي عمل ڪري پئي؟“ ڪرستان، هندو، ٻوڌي، دهريا ۽ ٻيا (سابعي) سڀ بت پرستي ڦٽي ڪري ان تي عمل پيرا آهن. ڪجهه وائڙائپ مان پڇيائون ته ڇا. مون چيو ”ذڪر“ جنهن کي توهان (meditation) ٿا چئو، اهو سڄي دنيا جو هڪ يونيورسل مذهب ٿي ويو آهي ۽ ان کي اهڙي مڃتا ملي وئي آهي. اهڙي طرح اسلام جي دعويٰ ۽ برنارڊ شا جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿي وئي ته سموري دنيا اسلام جي سچائي کي قبول ڪري وٺندي. ذڪر بابت قرآن الحڪيم بار بار ورجايو آهي ته ذڪر ڪيو پنهنجي رب جو، بنا آواز، خفيه نموني پنهنجي من جي اندر (في نفسک) عجز ۽ ڀو سان صبوح ۽ سانجهي جو (سورة الاعراف، آيت 206) ۽ نه ٿيو غافلن مان.
هنن تي ڪو خاص اثر ڪونه ٿيو. پنهنجا مسلمان ئي اسلام سان اهڙي رعايت نٿا ڪن ته هو ڌاريا، بغض سان ڀريل، ڪيئن ڪندا؟ ڪجهه بي يقيني سان مون کان آڏا ابتا سوال ڪرڻ لڳا. اهو ته قبول ڪيائون ته (meditation) يعني ذڪر واقعي عالمي مڃتا ماڻي ورتي آهي. باقي بت پرستيءَ کي ترڪ ڪرڻ تي شامل راءِ نه هئا. مون کين ذهن نشين ڪرايو ۽ مڃيائون به، ته ذڪر مهل ڪو به بت، حضرت عيسيٰ عليه السلام جو يا بيبي مريم سڳوريءَ جو، يا شري رامچندر ۽ شري ڪرشن جو يا ڪنهن ٻئي جو پتلو سامهون رکڻ جو ضرور نٿو رهي، نه ئي ٽياس (cross) ڳچيءَ ۾ پائجي يا سامهون رکجي ٿو. بس رڳو هڪ سڀ کان وڏي آفاقي ۽ حاضر ناظر omnipotent قوت جو تصور ڪجي ٿو جا هر هنڌ ۽ هر شيءِ ۾ ويندي من ۽ شرير (جسم) ۾ به موجود آهي. جنهن کي اسين الله ٿا چئون ۽ ٻيا پرميشور (پرم ايشور)، گاڊ God يا ٻيو ڪجهه چون ٿا. حقيقت ۾ ڪنهن به شيءِ يا صورت کي اڳيان رکڻ مان مطلب ئي ان آفاقي قوت الله، گاڊ، يا پرميشور جي نفي آهي.
جيڪڏهن اهو هر هنڌ ناظر omnipotent ۽ وياپڪ (ساميءَ چواڻي) آهي ته پوءِ ڪنهن بت يا مورت کي وچ ۾ آڻڻ، انسان ۽ الله جي وچ ۾ رنڊڪ، پڙدو يا ڀِت آهي ۽ اصل الله يا پرم ايشور جي نفي آهي. اهو ته هر هنڌ ان مورت جي پٺيان، اڳيان، هيٺان ۽ مٿان موجود آهي. مورت ته اجايو اٽڪاءُ آهي، ان ڪري ئي اسلام جو بنيادي رڪن ”وحدت“ لاالھ سان، شروع ٿئي ٿي ته ڪونهي ڪوئي وجود عبادت لائق سواءِ الله جي. پوءِ الله جو ڪهڙو به کڻي نالو رکو، اهو ته واحد آهي، ويا پڪ آهي الک نرنجن آهي ڳالهه مڙيئي هڪ آهي. منهنجي لنڊن ۾ اهڙن خيالن جي ڏيوٺ، پروفيسر ارون سان اسراريت جي موضوع تي ٿي چڪي هئي ۽ هو ۽ سندس زال ميري انهي جا قائل هئا. ميري ڪرستان هئي ۽ پروفيسر ارون يهودي. منهنجا خيال ٻڌڻ کانپوءِ پروفيسر ارون ڳوڙهي ويچار ۾ پئجي ويو ۽ مون کي چيائين ته تو منهنجا ٻه ٽي ڏينهن وڃائي ڇڏيا. چي هاڻي ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو لائبرري ۾ ويهي ڪيئي ڪتاب کولڻا پوندا. ان وقت استاد بخاري. سندس ڀاءُ محترمه حاڪم علي بخاري ۽ ڊاڪٽر انورهاليپوٽو موجود هئا. ميري ۽ ارون ٻيئي ذڪر ڪندڙ هئا ۽ مون سان بي وزني ۽ اڏام بابت خيالن ۽ شخصي تجربن جي ڏي وٺ ڪيائون. مون کي ميري منزل ۾ پروفيسر صاحب کان مٿاهين نظر آئي.
پروفيسر ارون کان پڇيم ته اهو ارون ڇا آهي. چيائين توهان هارون (عليه اسلام) ٿا چئو اسين ارون ٿا چئون. عجب لڳم ته هندو ماڻهو به ارون نالو رکن ٿا. ڳالهه ته وڃي هڪ ٽٻڪي (لفظ) تي پهتي! هئا اڳهين گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. هي لفظن جو علم به عجب آهي جو ڳوڙهي کوجنا گهري ٿو. ڏسو نه انگريزي ۾ مدر، فارسي ۾ مادر، عربي ۾ ام، سنڌيءَ ۾ امان، اردو ۾ مان. انگريزي ۾ چون ڪائو cow هنديءَ ۾ گئو، سنڌيءَ ۾ ڳئون. دلچسپ علم آهي جنهن جو تاريخ سان ڳانڍاپو ضرور آهي.
هو يورپي صاحب ان ڳالهه تي آماده ٿيا ته الله God جو تصور ڪرڻ يا عبادت ڪرڻ لاءِ مورت جي ضرورت نه آهي. مون ڀانپي ورتو ته هو دلئيون ڪونه ٿا مڃين پر دليل آڏو بيوس آهن. نيـٺ ته انساني ذهن جي ارتقا آهي ڄمڻ سان ڪرائيسٽ (حضرت عيسيٰ عليه السلام) بيبي مريم عليه سلمها ۽ ڪراس cross کي ۽ ٻين مذهبن وارا ٻين مورتين کي پوڄيندا آيا آهن ۽ نفعو نقصان انهن کان ئي ڀانئين ٿا، سي ڪيئن کن پل ۾ عقيدو مٽائي ڇڏيندا. پري ڇو ٿا وڃو خود اسان جا مسلمان ڀائر، پيرن ۽ قبرن جي ڄار ۾ اهڙو وڪوڙجي ويا آهن جو سندن ذهن ڪم ئي نٿا ڪن، پير ته اسان جهڙا انسان آهن باقي قبرن ۾ ته ڪي ڪين آهي سواءِ مٽيءَ جي! پر ماڻهن جو اهڙو عقيدو آهي جو نفعو نقصان انهن سان منسوب ڪن ٿا. حالانڪه قرآن شريف ۾ بار بار چٽو چٽو فرمايل آهي ته نفعو نقصان صرف ۽ صرف الله کان آهي. سورة الجّن آيت 21 ۾ ته خود رسول الله صلي الله عليھ وسلم (ان کان مٿي ته ڪو پير فقير درويش ڪونه آهي) کي فرمايو ويو ته ”چئه ته آءٌ اوهان کي ڏک پهچائڻ ۽ سنئين رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان!“ (ترجمو مولانا تاج محمود امروٽي) جڏهن حضور پاڪ صلعم جهڙي هستيءَ کي نفعي نقصان جو اختيار نه آهي ته باقي ٻيا پير فقير، اوليا سڳورا ڪيئن اهڙا اختيار حاصل يا استعمال ڪندا؟ اهو سندن وس ۾ ئي ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته حضور صلعم جن بيحساب ماڻهن، قومن ۽ ملڪن کي پنهنجي عملن، عقيدن ۽ ڪردار سان بيحساب نفعو، پهچايو پر رب جي رضا ۽ منشا سان. سڀ ڪجهه الله جي حڪم سان ٿو ٿئي.
ماڻهن جي ڀورڙائي ۽ عقيدي جي هڪ ڳالهه ذهن تي تري ٿي اچيم. منهنجي وچين نياڻي ربيءَ جو هڪ اوچو، مهانگو، ريشمي وڳو ڀرت ڀريل سو اسان جي هڪ پنجاپڻ نوڪرياڻي چورائي وئي. گهڻي دڙڪا دهمان، پوليس جا ڪورٽن جا جيل جا ڏناسوسنوس پر صاف جواب ڏئي بيٺي. نيٺ سندس پيءُ کي گهرايوسون ان به الله جا ۽ قرآن جا واسطا وڌس ۽ پنهنجي پڳڙي لاهي پيرن تي رکيائينس پر مائي اصل نه مڃي! سندس پيءُ مون کي چيو ته ”صاحب پوليس نه گهراءِ مونکي رڳو ٻه ٽي ڏينهن مهلت ڏي!“ مون کيس دلجاءِ ڏني ته نياڻيءَ جو معاملو آهي پوليس ۾ ته بنهه ڪونه وڃبو. اهو ته رڳو دڙڪو دهمان آهي.“ سندس اکين ۾ شڪر گذاري جو پاڻي ڀرجي آيو. چيائين ته ”موڪل ڏيو ته نياڻي کي پاڻ سان وٺي وڃان!“ ڀروسو ڪري کيس موڪل ڏنم ۽ هو مائيءَ کي وٺي هليو ويو. اسان وٽ نه سندس ائڊريس نه پتو. بس اعتبار. ويندي ويندي چوندو ويو ته ”صاحب ٻن ٽن ڏينهن ۾ امانت کنيون ايندس!“ ربي مائي چوي ته ”بابا هي پرديسي ماڻهو وري پيدا ئي ڪونه ٿيندا.“ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ هو ماڻهو آيو ۽ اچي وڳو هٿ ۾ ڏنائين، پڇيومانس ته ڪهڙي ترڪيب ڪيائين. چيائين ته ”صاحب جهوليءَ ۾ قرآن وڌو مانس ته به الي وئي. ڏينهن ٻه رکي غازي عبدالله شاهه جي مزار تي وٺي ويو سانس ۽ اتي چيو مانس ته هاڻي سچي ڪر ته سچي ڪري ڏنائين ته واقعي چورايو هئائين ۽ گهر هلي ڪڍي ڏنائين!“ ظاهر ٿيو ته ماڻهو الله کانسواءِ رسول صلعم کان ۽ قرآن کان ڪونه ٿا ڊڄن پر پيرن کان ۽ پيرن جي مزارن کان ڊڄن ٿا. هي ڳالهه ڪيم ثبوت طور ته ماڻهو عقيدي جا غلام آهن ۽ عقيدو سولائي سان نٿا مٽائين.
هو يورپي صاحب به ذڪر meditation جي موضوع تي چپ ٿي ويا پر کوٽ کوٽان ڪري مون کي ڀت سان لڳائي (واهه واٽ بند ڪري) پڇيائون ته ”ذڪر جا طريقا ته گهڻيئي آهن مثلا سهرورديه، چشتيه وغيره تون ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي مسلڪ جو آهين؟“ کانئن ڇرڪ نڪري ويو جڏهن چيم ”نقشبنديه!“ـ ”اوهه!“ چئي فرمايائون ته ”نقشبندي معنيٰ فنڊامينٽلسٽ ملٽنٽ ۽ وائيولنٽ يعني بنياد پرست، ويڙهاڪ ۽ تشدد وارو!“ مون مرڪي چيو ته ”توهان جي ذهن تي ترڪي ۽ اتان جو نقشبندي سوار آهي!“ مڃيائون ته ”هائو!“ مون چيو ته نقشبنديءَ ۾ اهي خصوصيتون ڪونه آهن پر اها سڄي توهان جي منافقي واري جمهوريت ۽ سيڪيولرزم (لادينيت) جي حرامپائي آهي. پاڻ کي آزاد خيال (لبرل) بنيادي حقن جا حبدار ۽ جمهوري اصولن جا پاسبان سمجهندڙ خود انهن ئي بيمارين ۾ ورتل آهيو جن جو الزام ٻين تي پيا هڻو. اها ڪهڙي جمهوريت، بنيادي حق ۽ آزاد خيالي آهي جو فرانس توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اسڪولي ڇوڪرين کي رئو پائي يا مٿي کي رومال ٻڌي اسڪول ۾ اچڻ جي اجازت ناهي. ترڪي ته حد ڪري ڇڏي جو پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرياڻي کي اسيمبلي هال ۾ صرف ان ڪري ويهڻ نه ڏنو ويو جو هوءَ مٿي تي رومال ٻڌي آئي. توهان پنهنجي ڪرستان ڀائرن (ڪئٿولڪ فرقي وارن کي) موچڙا هڻي آمريڪا مان ڪڍي ڇڏيو ۽ الزام هڻو ٿا اسان تي. هر يورپي ملڪ ۽ حڪومت ۾ مذهبي وزارت قائم آهي ۽ ان تي سرڪاري پئسو عوام جو خرچ ٿئي ٿو. برطانوي تاجدار ته خود پنهنجي سر مذهبي سربراهه آهي. شرم تم ڪو مگر نهين آهي. حسن مجتبيٰ مرڪندو رهيو.
ڪجهه ششدر ٿيا پر وري به مون کي وٺ ڪيائون ته ترڪيءَ جا نقشبندي ته طالبان جهڙا آهن. مون چيو ته ان لاءِ خود ترڪيءَ جي حڪومت ذميوار ۽ جوابدار آهي. مٿي تي رئو پائڻ جي بندش، ترڪي ٽوپي (فيز ڪئپ) پائڻ جي بندش. باغيچي ۾ نماز پڙهڻ جي بندش. عربي ۾ قرآن پڙهڻ جي بندش. پوءِ اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ نام نهاد سيڪيولرزم جا ڪڙولا ٽوڙڻ لاءِ ضرور طالبان جنم وٺندا. توهان لاءِ اهڙي جمهوريت ۽ سيڪيولرزم بلڪل فرسٽ ڪلاس آهي، پوءِ ڀلي کلي فحاشي، شرابخوري، رستن باغن ۽ ٽئڪسين ۾ کلم کلا زنا ۽ نائٽ ڪلب ۾ اگهاڙو ناچ هجي. اهو توهان کي قبول آهي ڇاڪاڻ ته توهان جي خيال ۾ اها آزادي آهي. باقي رئو ڍڪڻ، ترڪي ٽوپي پائڻ ۽ قرآن عربيءَ ۾ پڙهڻ جمهوريت لاءِ وڏو خطرو آهي.
1986ع ۾ (ايراني انقلاب کان پوءِ) مهينو کن ايران ۾ رهيس جو اتي منهنجو پٽ اظهر جمال ابڙو ارسنجان ۾ شيراز ۽ پاسر گاد ڀرسان ڊاڪٽر هئو، طالبان بجاءِ اتي پاسداران هئا. ڄٽ اڻ پڙهيل نوجوان ۽ گرم دماغ. پر نظام واهه جو هو. رات جو هڪ بجي به مون نياڻين کي اڪيلي سر ويندي ڏٺو. ڪنهن کي ساڻن کنئوس ڪرڻ جي مجال نه هئي. هر عورت حجاب ۾ هئي يعني يا ته کيس چادر ويڙهيل هئي يا ڊگهو ڪوٽ پاتل هئو. خبر ئي نه پوي ته ڀنگياڻي آهي يا نوابزادي. هر ڪنهن کي سڏين خانم ۽ مرد کي آقا. جيڪو لقب هتي وڏا ماڻهو فخر سان آقا! چئي سڏيندا آهن، اتي ٽئڪسي وارو به آقا يا آغا ۽ گهرو نوڪر به آقا. ميڪ اپ جا دڪان بند ميڪ اپ ڪا عورت ڪانه ڪري. هڪ ڌڪ سان طبقاتي سماج ختم.
ارسنجان ۾ صحت کاتي جو ڊائريڪٽر هجي هڪ ميڊيڪل اسٽور وارو. ظاهر آهي ته ان کي ان ڊاڪٽرن جي مريضن جي، اسپتالن جي ۽ دوائن جي سموري خبر پوندي ۽ اهڙيون سموريون خبرون شيراز جي هيڊ آفيس کي لوڪل بخشدار (اسسٽنٽ ڪمشنر) معرفت لکي موڪليندو هو ۽ هڪ ڏينهن ۾ تدارڪ ٿي ويندو هو. بخشدار وري ڪهڙو، هڪڙو ٽيهن پنجٽيهن سالن جو شريف نوجوان هئو جنهن ۾ آفيسريءَ جي ڪا خوبي ڪانه هئي. مون سان به ملڻ آيو. اتي رواج آهي ته جُتي گهر ٻاهران لاهي پيرين اگهاڙو گهر ۾ داخل ٿبو آهي. گهر ۾ فرنيچر ڪجهه به نه، هڪ گلم تي اڇيون چادرون وڇايل، اتي پٽ تي ويهبو. مانيءَ جي دعوت ڏنائين، مون اهو چئي انڪار ڪيو ته مان عمر رسيده آهيان پنڌ نه ڪري سگهندس. چيائين ته سندس سهري جي پڪ اپ آهي سا موڪليندو معنيٰ وٽس به گاڏي ڪونه هئي. پڪ اپ سندس سهرو پاڻ کڻي آيو معنيٰ ڊرائيور به ڪونه هئن. اسان سلوار قميص ۾ رڳو چمپل پائي نڪتاسون ڏيک ويک ته هئو ڪونه، پنج ڇهه ڀاتي هئاسون، مان، منهنجي گهر واري، ساجد (پٽ)، شبانه (نياڻي)، ڊاڪٽر اظهر ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر فوزيه ۽ سندس ننڍڙو پٽ محمد فائز، جتيون لاهي اندر داخل ٿياسون ته ميزبان خواتين جي سفيد لباس ۾ هيون ۽ مٿو به سفيد ڪپڙي سان ڍڪيل هئن اٿي آڌر ڀاءُ ڪيو.
ايراني هڪ ته سهڻا ٻيو سادو سفيد لباس، بس جنت جون حورون ٿي لڳيون. سڀ مرد عورتون پٽ تي سفيد چادرن تي ويٺاسون ميزبان خواتين اٿيون ۽ ننڍڙن شيشي جي گلاسن ۾ قهوو (ڪاري چانهه) کڻي آيون. ڪچهري ڪندي قهوو ختم ڪيوسين ته خواتين ماني آڻڻ جو پڇيو. ماني لاءِ اٿيون ته ڊاڪٽر فوزيه به اٿي ۽ اسان کي سنڌيءَ ۾ چيائين ته هتي رواج آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪنديون آهن سو منهنجي گهر واري ۽ شبانه به ساڻن گڏ بورچيخاني ۾ ويون ۽ پليٽون ۽ ماني کڻي آيون. ماني وري ڪهڙي، سادا چانور ۽ هر هڪ لاءِ اڌ واڱڻ جو ۽ هڪ ڪباب، ماني کائي پوري ڪئي سون ته سڀني گڏجي ٿانو کنيان ۽ مٿان وري قهوو پياريو ويو بس، دعوت ختم. اتي مون کي احساس ٿيو ته ’دعوت شيراز‘ ڇا ٿيندي آهي. نڪو ست رڇي نه ڪو ٺٺ ٺانگر نڪو ٻيا دعوتي. رڳو گهر ڀاتي. هيءَ ته هئي بخشدار جي دعوت، غريب غربي جي ته اڃا به سادي هوندي! ڪيڏو نه چڱو رواج چئبو. هت اسان وٽ دعوت معنيٰ سڄو گهر هيٺ مٿي، گهڻا طعام، گهڻا مهمان، گهڻي ٺاهه ٺوهه ۽ گهڻو خرچ، ميزبان پاڻ کي ڦيهي وجهندو.
منهنجو مرحوم دوست غلام النبي سومرو تمام سٺا جملا ڳالهائيندو هو. هڪڙو وڏو ماڻهو سندس دوست ٿيو سو وٽس مهمان ٿيڻ تي ڏاڍو زور ڀريائينس چي ”گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن منهنجي مهماني کائيندين!“ سهي سنبري ٽن ڏينهن لاءِ موڪلائي توڪلائي نڪتو. ساڳئي ڏينهن رات جو بنا موڪلائڻ جي ڀڄي آيو. پڇيو سونس ته ”غلام النبي توسان ڪهڙي ويڌن ٿي؟ چيائين ته ”مهمان نوازيءَ سان منهنجو ساهه گهٽي ڇڏيائين“ اصل لفظ هي چيائين ته He suffocated me with hospitality
ڊاڪٽر اظهر جو جيڪو ڊئريڪٽر صحت (ميڊيڪل اسٽور وارو) سو به اڪثر ڳورهاري زال سميت وٽس ايندو هو ۽ اسان کي ماني جي دعوت ڏيندو هو ۽ اسين اڪثر لنوائيندا رهياسون ۽ سندس ماني ڪانه کاڌي سون. اهڙا صاف دل ماڻهو جو جڏهن کيس نياڻي ڄائي ته ڊاڪٽر اظهر کي چيائون ته محمد فائز (منهنجو پوٽو) جي ڪنوار ڄائي آهي. هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوبي يا چڱائي ٿي سگهي ٿي.
ارسنجان جو فوجي سربراهه هڪ نوجوان هو. عراق ۽ ايران جي لڙائي هلندڙ هئي. نوجوانن، ڳڀرو نوجوانن کي زوري ڀرتي ڪندا هئا. هڪ دفعي شيراز جي بازار ۾ گهمندي ساجد منهنجي ننڍي پٽ کي به فوجي گاڏي ۾ ويهاري زوري ڀرتي لاءِ کڻي ويا. سندس ماءُ ڏاڍي پريشان ٿي وئي مان به پريشان ٿي ويس پر ٻاهريون ڏکو قائم رکيم ۽ چيم ته ”ڊاڪٽر اظهر کي ٿا موڪليون هو فارسي فر فر ٿو ڳالهائي سو وٺي ايندس.“ اظهر به بازار مان نڪتو ته کيس ساجد جو پاڪستاني پاسپورٽ ڏنم ته وڃي اهو ڏيکاري کيس وٺي اچي هو هڪدم ٽئڪسي ۾ فوجي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن روانو ٿيو ۽ دلجاءِ ڏيندو ويو ته ”بس اڌ ڪلاڪ اندر وٺي ٿو اچانس خاطري ڪيو هت هرڪو سرڪاري ڪم هڪدم ٿي ويندو آهي!“ ساجد جي ماءُ هٿن مان پئي وڃي پر ان وقت تمام سرها ٿياسون جڏهن واقعي اڌ ڪلاڪ اندر ساڳئي ٽيڪسي ۾ ساجد کي ساڻ وٺي آيو.
نه ته، ايراني عورتن ويچارين کي خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته سندن نوجوان پٽ ڪيڏانهن گم ٿي ويو. پوءِ جڏهن شهيد جو لاش ايندو هو ته سرڪار طرفان سندس گهر تي چراغان ٿيندو هئو ۽ ماڻهو کين مبارڪون ڏيڻ ايندا هئا پر مائرون ويچاريون ته ذهني مريض ٿي پونديون هيون، گهڻو ڪري نفسياتي مريض هئا.
هڪ عورت کان ڊاڪٽر فوزيه پڇيو ته کيس گهڻا پٽ هئا؟ جواب ۾ چيائين ته ”ڄڻيا ته ست هئم پر هاڻ چوان ٿي ته هوند هڪ به نه ڄڻيان ها ته چڱو!“ـ ”اڙي ڇو؟“ چي ”هڪ جي به خبر ڪانه اٿم ته ڪٿي پيو وڙهي ۽ ڪڏهن سندس لاش پهچندو؟“ توبهه! اهڙي ماحول ۾ملٽري چيف جي ڪيڏي نه اهميت هوندي! اهو به اسان وٽ آيو. سادا ڪپڙا، پيرين پيادو ۽ در کڙڪائي اجازت وٺي جوتو ٻاهر لاهي اچي پٽ تي ويٺو. مون کي فارسي اڌو گابري اچي سو ساڻس ڪچهري ڪيم. ڊاڪٽر اظهر سان ته کلي ٽهڪ ڏئي پي ڪچهري ڪيائين ۽ مانيءَ جي دعوت ڏنائين چي ”تنهنجا والدين آيا آهن سو دعوت ضرور ڪبي!“ اظهر نه! ڪندو رهيو ۽ مون کي به سنڌيءَ ۾ چيائين ته ”توهان به پهرين نه! نه! ڪري پوءِ هائو ڪجوس.“ چئبو ته پهلي آپ وارو ڪلچر اصل ۾ ايران کان ئي آيل آهي. مون نه! نه! ڪري سواريءَ جو بهانو ڪيو ته هن ان کي هائوڪار سمجهي چيو ”بس! سڀاڻي رات جي ماني مون وٽ، گاڏي مان کڻي ايندس.“ پوءِ وري سمجهايائين ته وٽس پنهنجي جاءِ ڪانهي سو ڀاءُ سان گڏ هڪ معمولي جاءِ ۾ رهندو آهي ۽ اڌ ڪرايو ڀاءُ کي ڀري ڏيندو آهي مون پڇيو ڇو ٿو ائين ڪري؟ ته چيائين ته ”هڪ ته سرڪاري طرح جاءِ وٺڻ جو ڪرايو سندس پهچ کان ٻاهر ٿي ويندو، ٻيو ته ڀاءُ به دل ۾ ڪندو!“ مون کي ڪجهه حيرت لڳي پر چپ رهيس.
ٻئي ڏينهن پاڻ پنهنجي سر هڪ ڀڳوڙي گاڏي کڻي آيو. drive به پاڻ پي ڪيائين سڀني کي هڪ گاڏيءَ ۾ واڙي هڪ پراڻي ڪچي ۽ گاري واري جاءِ وٽ اچي بيٺو، جتيون لاهي اندر ٿياسون ته هڪ ڪمري وارو معمولي ڪوارٽر نظر آيو ٻاهر ننڍڙو آڳنڌ هئو جنهن تي اڇي چادر وڇائي ڇڏي هئائون. سندس خانم ۽ سندس ڀاءُ جي خانم آڌرڀاءُ ڪيو ٿوري ڪچهري کان پوءِ عورتون قهوه آڻڻ لاءِ اٿيون ته مون موقعي جو فائدو وٺي کانئس پڇيو ته ٻڌايو ته ”غازي جو درجو وڏو يا شهيد جو!“ هڪدم چيائين ته ”شهيد جو!“ مون به هڪدم پڇيو مانس ته ”پوءِ تون پاڻ لاءِ ڪهڙو درجو پسند ڪندين؟“ ماٺ وٺي ويس پر هئو فوجي ماڻهو سو مشڪندي چيائين ته ”اهو سوال منهنجي خانم کان پڇجان ۽ اها توکي صحيح جواب ڏيندي!“ مون کي ڪهڙي کٽي کنيون هو جو سندس زال کان پڇان ته تون مڙس کي غازي يا شهيد ڏسڻ چاهيندينءَ؟ خير مون کي جواب ته جهڙو ڪر ملي ويو ته مرڻ ڪو به نٿو چاهي. سو اهو سوال گول ڪري ويس ۽ موضوع بدلائي ڇڏيوسين.
چانور ۽ ڪباب کائي مٿان قهوه پي سندس ٿورا مڃي اٿي کڙا ٿياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اهو ڪوارٽر هڪ اسڪول جي پٽيوالي جو هئو، جيڪو سندس ڀاءُ نه پر گهاٽو دوست هئو. ايران ۾ چانورن کي چون ’چُلو‘. ڪباب کي ته ڪباب ئي چون. ايران ته ڇا روس جي تڏهوڪي مسلم ملڪن ۾ به چون ڪباب، شاشلڪ، پلاءَ وغيره جي اسان به استعمال ڪيون ٿا. اصل ۾ اهي لفظ ۽ اها گوشت کائو تهذيب آئي ئي سمرقند، بخارا، تاشقند ۽ باڪو کان. ايران ۾ چانور تمام سٺا اعليٰ جنس جا ٿين. خاص ڪري اتر وارن علائقن ڪئسپين سمنڊ ڀرسان جتي ڪيتريون ئي نديون ڇوڙ ڪن ٿيون، غير ملڪن ۾ سعودي عرب سميت اسان هندوستانين ۽ پاڪستانين کي کاڌي جي ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي. پر ايران ۾ اصل نه ڄڻ ته ماڻهو پاڪستان ۾ ويٺو کاڌو کائي. گهٽي گهٽيءَ ۾ چلو ڪباب جا دوڪان آهن جتي دهي به رکي آهي. اگهه به مناسب. لفظ به ڪيترا ڄڻ ته سنڌي مان کنيا اٿن يا اسان انهن وٽان ورتا آهن. سٿڻ کي چون ڪانچ يا سلوار، چمچي کي ڪاشڪ، دل کي چون هيانءَ، بلڪل نج سنڌي لفظ آهن ٻيو ڇا.
ڏسو اهو حقيقي انقلاب آهي ڪه نه؟ هڪ فوجي اعليٰ عملدار مسواڙ تي هڪ اسڪولي پٽيوالي جنهن کي هن ڀاءُ ٿي چيو جي معمولي ڪچي ڪوارٽر ۾ رهيو پيو هو. ان ۾ کيس ڪو شرم محسوس نٿي ٿيو نه سندس زال ڪا اهڙي شڪايت يا ناشڪريءَ جو اظهار ڪيو. ٿورڙو ويچار ڪيو ته اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي. ماڻهن جون سوچون ئي مٽجي ويون، مٿان وري هڪ ميڊيڪل اسٽور جو دڪاندار سو ڊائريڪٽر هيلٿ، سلسلو ڏاڍو سٺو پي هليو. منهنجي پٽ ڊاڪٽر اظهر کي ڪا شڪايت نه هئي. سرڪاري يا آفيسري فرعونيت هڪ ڌڪ سان ختم! اهو ڊئريڪٽر صاحب به پنهنجي خانم سميت ٻئي چوٿين ڏينهن ڊاڪٽر وٽ ايندو هو ۽ پٽ تي ويهي قهوو پي ڪچهري ڪري هليا ويندا هئا. اهو جيڪڏهن فنڊمينٽلزم (مذهبي ڪٽرپڻو) آهي ته بسم الله! اسان کي قبول آهي.
پڇائون ڪيم ته اهو نوجوان بخشدار اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيئن ٿيو؟ ڇا ڪوئي پي سي ايس يا سي ايس پيc s p جو امتحان ڏنائين يا ڪنهن پبلڪ سروس ڪميشن آڏو انٽرويو ڏنائين؟ معلوم ٿيو ته نڪو امتحان نڪو انٽرويو! بس امام جمعا، اتي جامع مسجد جي امام کي چون امام جمعا، جي چوڻ تي ٿي ويو. امام جمعا هڪ غير سرڪاري ماڻهو شهر جي هر ننڍي وڏي تي نظر رکڻ وارو هر هڪ شهري ۽ هر هڪ واقعي جي خبر کي شهرين (نمازين) کان روزانو پهچي ٿي ٻيو ته هر نمازي تي سندس نظر رهي ٿي. سندس اٿڻي ويهڻي دوستي، ماحول مشغلا ته سڀ پاڻ پنهنجي سر مهينن جا مهينا بلڪه سالن جا سال ويٺو غور سان جاچي. کيس ان نوجوان جو اٿڻ ويهڻ اخلاق ڪردار ۽ خيالات ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو جو هو پنج وقتو نماز با جماعت پڙهڻ وارو هئو ۽ دوستن جو حلقو به سٺو هئس. امام صاحب مٿي لکي موڪليو ته ان کي بخشدار مقرر ڪيو وڃي ۽ هن کي آرڊر ملي ويو. شهر جو هرڪو ماڻهو کيس سڃاڻي پيو ۽ هو به هر شهريءَ کي چڱي طرح ڄاڻي سڃاڻي پيو. مٿس امام جمعا توڙي هر شهري جي نظر هئي ان ڪري کيس خبردار رهڻو ٿي پيو ته متان ڪو غلط ڪم ڪري ويهي. ٻڌايو انهي کان بهتر اڪيڊمي ڪا ٻي؟ ڄڻ ته هر هڪ شهري روزانو سندس خفيه رپورٽ a c r پيو لکي. مون ڏٺو ته فرسٽ ڪلاس نظام پي هليو. سنڌ جو چيف جج جسٽس ڊيوس، کلم کلا چوندو هو ته ”مون کي ايماندار، با اخلاق ۽ باڪردار سبب جج کپي پوءِ ڀلي(علمي ۽ قانوني لحاظ کان) جڏو هجي.“ هي ساڳيو امام جمعا وارو طريقو چئبو ٻيو ڇا؟
ڊاڪٽر اظهر ۽ سندس گهر واريءَ جي بدلي ٿي هڪ ٻئي شهر ۾ جو سپر هاءِ وي تي هو. ٻنهي زال مڙس کي پريشان ڏٺم. مون چيو ”ڇاجي پريشاني پاڻ چڱو ٿيو سواري جي سهوليت ٿيندي“ چيائون ته ”ائين ته ٺيڪ آهي پر ڪڏهن اوچتو ائڪسيڊينٽ ٿي پوندو آهي ته تمام وڏي ذميواري پئجي ويندي آهي. ملم پٽي آپريشن، رت چاڙهڻ، لاش سنڀالڻ، وڏو مسئلو کڙو ٿي ٿو وڃي“ اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ويٺي. سڀني صلاح ڏنس ته ”امام جمعا کان موڪلائي پوءِ وڃ!“ پر امام جمعا ڪو حج تي ويل هئو ۽ ٻيو ڪوئي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو انهي ڪري حڪم جي پابندي ڪري چارج ڇڏيائين ۽ سامان سڙو ٻڌڻ ۾ لڳي ويا. ٻن ٽن ڏينهن ۾ امام جمعا به حج ڪري جلد ئي واپس اچي ويو ڊاڪٽر اظهر کانئس موڪلائڻ خاطر وٽس ويو. هڪدم پڇيائين ته ”چارج ته ڪونه ڇڏي اٿئي!“ چيائين ته ”وزارت جو حڪم هئو سو چارج ڇڏي اٿم.“ امام جمعا ناراضگيءَ مان چيو ته” منهنجي موٽڻ جو ته انتظار ڪري ها پر خير مان هينئر ٿو وزارت صحت سان ڳالهايان!!“ اتي جو اتي وزارت صحت وارن سان فون تي ڳالهايائين ۽ چيائين ته ”توهان مون کي ههڙو ڊاڪٽر ۽ خانم ڊاڪٽر(ليڊي ڊاڪٽر) ڏيئي سگهندا؟“ هنن جواب ڏنو ته ”خانم ڊاڪٽر ته ڪائي ڪانهي.“ـ ”ته پوءِ هيڏي ساري شهر کي خانم ڊاڪٽر کان ڪيئن خالي رکندو؟ يا ته خانم ڊاڪٽر ڏيو يا بدلي ڪئنسل (رد) ڪيو!“ وزارت وارن چيو ته ”ٺيڪ آهي ڀلي اهو ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي اتي ئي رهن. سندن بدلي بند آهي!“ ڊاڪٽر اظهر جيترا سال ايران ۾ رهيو، ساڳئي شهر ارسنجان ۾ ئي رهيو. اهڙو هو جهٽ پٽ نظام برجستو، موثر ۽ بلڪل صحيح.
اسان ارادو ڪيو ته مشهد شريف امام علي رضا عليھ السلام جي زيارت تي وڃجي ڊاڪٽر اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. چيئين هڪ ته مشهد شريف تمام پري اتر ايران ۾ آهي ٻيو ته عرس جو موقعو آهي رش ڏاڍي هوندي، مٿان توهان جي صحت به ٺيڪ ناهي، خرچ به تمام گهڻو ايندو جو چار ڄڻا اسين ۽ ٽي ڊاڪٽر صاحب وارا هئا خرچ جي پرواهه مون کي ڪانه هئي، ٽي لک تمن (ايراني سڪو) مون وٽ هئا. ارادو به پڪو هو ته قسمت به چڱي هئي. منهنجو ارادو ته ڪربلا موليٰ وڃڻ جو هئو پر خود ايرانين منع ڪئي جو ان وقت ايران عراق لڙائي چوٽ تي هئي. ڊاڪٽر چيو ته کيس هفتو موڪل وٺڻي پوندي ته جيئن اسان کي ڪا دقت پيش نه اچي. مسئلو هو موڪل ملڻ جو سو ڊاڪٽر کي چيم ته اڳواٽ درخواست ڏياري موڪلي. پر هن چيو ته اڳواٽ ضرورت ڪانهي رڳو هڪ ڏينهن پنهنجي سِر شيراز وڃي موڪل منظور ڪرائبي. مان عجب ۾ ته اهو هڪ ڏينهن ۾ بيٺي پير ڪيئن ٿيندو؟ مون چيو پاڻ چڱو، شيراز چڱي طرح سان گهمي وٺبو، سڄي ڏينهن لاءِ اوٽ موٽ مرسيڊيز ٽئڪسي ڪئي سين هزار تمن ۾. ڊاڪٽر اڳواٽ فون ڪري شيرازجي بهترين هوٽل ۾ ڪمرو مخصوصreserve ڪرائي ڇڏيو. صبح جو سوير ناشتو ڪيوسين مس ته ٽئڪسي ۽ ڊرائيور اچي پهتا. مان هٿن سان ناشتو پليٽن ۾ وجهي وڃي ڊرائيور کي ڏنو ۽ چيم ته آغا ناشتو ڪري وٺو ته هلون ٿا. صاف انڪار ڪيائين ۽ موٽائي ڏنائين چي ”مون کي ضرورت ناهي مون ناشتو ڪري ڇڏيو آهي!“ ٿانو موٽائي ڏنائين مان وائڙو وائڙو موٽي اچي ڊاڪٽر اظهر کي ٻڌايو. ڊاڪٽر کلي چيو ته ”بابا ڏسو ته ڪيئن نٿو ناشتو ڪري!“ هو ٻاهر ويو ۽ ڊرائيور کي هٿ کان وٺي اچي اسان سان گڏ ويهاريائين، خواتين جي روبرو. هن مزي سان ويهي پيٽ ڀري ناشتو ڪيو. مار، ايڏي عزت النفس ۽ ايڏي تهذيب!
شيراز ۾ سڌو آياسون هوٽل تي. پنجن ڏهن منٽن ۾ تازا توانا ٿي ساڳي ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿي بازار (شاپنگ سينٽر) ۾ وياسون. عورتون خريداري ۾ مشغول ٿي ويون. اسان نظاري بازي ۾ . لڙائي جي ڪري ايراني سِڪي تمن جو اگهه ايڏو ڪري پيو هئو جو ماڻهو نوٽن جي ڇٻي ڀري پوءِ سودو سلف وٺڻ نڪتا ٿي. خدا نه ڪري جو اهڙا ڏينهن پاڪستان تي اچن. مون ڪتابن جي دوڪان تان فارسي مان انگريزي واري ڊڪشنري ورتي ۽ بوستان سعدي ورتم گلستان سعدي ته سڄو پڙهيل هئم باقي بوستان هت پاڪستان ۾ نٿي مليو، سو ياد ڪري وٺي ڇڏيم. بوستان جو نالو وٺڻ سان هينئر ئي اٿي بيهي پنهنجي مختصر لئبرري ۾ ڦلهوڙي وڃي ڪڍي ورتم ۽ کولي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ پڙهڻ ۾ وڃائي ڇڏيم. پراڻيون يادگيريون نيون ٿي ويون.
بنام خداوند جان آفرين
حڪيم سخن در زبان آفرين
خداوند بخشنده ودستگير
ڪريم خطا بخش وپوزش پذير
مزو اچي ويو. دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ اهي بيت محفوظ ٿيا پيا هئا. ديباچي ۾ لکيو پيو آهي ته لنڊن واري انڊيا آفيس لئبريري ۾ جيڪي گلستان ۽ بوستان جا پراڻا نسخا 720 هجري وارا آهن تن سان هي نسخو ڀيٽيو ويو آهي. بلي انگريز بلي! حڪومت ڪري ته انگريز ڪري. سڄي دنيا جا ڪتاب ۽ اصلي... نسخا ۽ مسودا توڙي پروانا ۽ عهدناما توهان کي اتي ملي ويندا. ڏينهن ٻه نه، لاڳيتو ٻارهن مهينا ان لئبريري ۾ ويهو ته پڙهڻ ته پري ٿيو رڳو ڏسي ۽ نظر مان ڪڍندي پورا نه پوندا. واهه ڙي انگريز واهه ! لک شابس هجيس. اسان جو افعال اهو آهي جو ٽالپر مير صاحبن جو تحريري مواد يڪجاءِ ڪري نه سگهيا آهيون. گهڻن صاحبن کي اها به خبر نه آهي ته مائي خيري جنهن مسجدون، مدرسا، ڪتبخانا، مسافر خانا جوڙايا ۽ ڪيئي خير جا لازوال ڪم ڪيا، سا مير ٽالپر هئي ۽ سندس مرقد گنجي ٽڪر تي عبرت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. جڏهن ته مشهور فتني باز وزيرن تاجي ليکي ۽ راڄي ليکي جا مقبرا گنجي ٽڪر تي ڪر کنيون بيٺا آهن ۽ سرڪاري خرچ تي انهن جي مرمت ۽ ليپاپوتي ٿيندي اچي. ڄڻ ته ڪن پيرن جا مقبرا آهن.
جيڪا اصل ڳالهه ڪرڻي هئي سان ته رهجي وئي! ايران جي شهر شيراز ۾ ڊاڪٽر اظهر کي وڃڻو هو وزارت صحت (سيڪريٽريٽ) ۾ وزير کان هڪ هفتو موڪل منظور ڪرائڻ لاءِ، سو بي اونو ٿيو اسان سان بازار ۾ پي هليو. يارهين بجي منهنجي چوڻ تي چيائين ته ”بابا هتي اسان وارو سرڪاري طريقو ۽ ڊيگهه ڪانهي. بيٺي پير ڪم ٿي ويندو يا انڪاري جواب ملندو!“ مون جو سڄي ڄمار سرڪاري نوڪري ۾ گذاري هئي سو اشتياق ٿيم ته اهو رنگ اکئين ڏسان. چيو مانس ته مون کي وٺي هل. چيائين حاضر ڀلي! پر اتي غير واسطيدار يا ڪچهري باز ماڻهو کي داخلا نه ملندي آهي توهان ڪار ۾ ويٺا رهجو. وياسون ته هڪ وڏي بلڊنگ (عمارت) وٽ ڪار بيهاري جاءِ جي ورانڊي ۾ ئي هڪ کڙڪيءَ وٽ ويٺل آفيسر کي درخواست ڏنائين جنهن نوٽ هڻي ٻي کڙڪي ڏانهن اشارو ڪيس. کڙڪي کي اسين چئون ڳڙکي يا دري پر مون ڄاڻي واڻي لفظ کڙڪي استعمال ڪيو آهي.
پراون لفظن کي پنهنجائڻ (اپنائڻ) ۾ بخيلي نه ڪجي بخيلي ڪبي ته ٻولي جو واڌارو بيهي رهندو. کڙڪي به اسان جو لفظ آهي ته اپنائڻ به. چوندا آهن ته وڏو آپي خان بڻيو وتي. يا چئبو ته آپيشاهي ڪانه هلندي. ائين به چون ته اپني گهوٽ ته نشا هووئي(يا ٿيوئي). اظهر ٻاهر نڪري چيو ته ”وزير اڄ آيو ڪونهي پر فڪر ناهي، هتي ڪو به غير حاضر رهندو ته سمورا اختيار ٻئي کي ڏئي ويندو. ڏسجو ته سڄو ڪم ورانڊي ۾ ئي ٿي ويندو!“ هڪڙي دريءَ مان ٻي دريءَ تي ڪاغذ هٿ ۾ کنيون نيٺ وڃي وزير جي دروازي تي پهتو جلد ئي اندر ويو ۽ وزير جي نائب موڪل منظور ڪري آرڊر لکرائي هٿ ۾ ڏنس جو کڻي اچي اسان کي ٻڌايائين ته موڪل ملي وئي. واهه، عجب نظام هئو نه روڪ نه ٽوڪ نه رشوت، نه ديرمدار، وزير تائين ڪاغذ پهتا ۽ منظوري ملي وئي.
اسان وٽ الائي ڇو لکپڙهه کي اينگهه ڏني ٿي وڃي ۽ ڪنهن جي مٿي ۾ اها ڳالهه نٿي ويهي ته اجائي لکپڙهه ڪري، ڪاغذ، وقت ۽ لياقت کي ڇو زيان ڪجي؟ ٻيا سرڪاري کاتا محڪما ته ٺهيو پر هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ٻڌايم ته ڪلارڪ يا پٽيوالي جي ريزڪي موڪل جي درخواست وڃي سپريڊنٽ وٽ، اهو موڪلي ڊپٽي رجسٽرار کي جو نوٽ هڻي موڪلي رجسٽرار کي ۽ اهو وري نوٽ هڻي موڪلي چيف جج کي، چيف جسٽس، نعيم الدين صاحب وري ان تي لکي ته discuss روبرو ڳالهايو! اندر ئي سڙي وڃي. ٿيو نه ته وقت ۽ قابليت جو زيان؟ جسٽس صاحب وري پڇي ته ڇا ڪجي؟ مان چوان ته سائين هائو! يا نه! yes or no ”اڇا! تو ڦر ٺيڪ هئي ڪردو! ڪردو!“ـ ”يس ماءِ لارڊ!“ چئي نڪري اچو. چئبو ته مسئلو رڳو اختيارن جي چسڪي وٺڻ جو آهي. خلق جي ڀلي جو ڪو اونو ڪونهي. نڪي مملڪتي ڀلائي جو.
علامه المشرقي چوندو هو ته ”ڪعبته الله ۾ رکيل پٿر جا بت ٽوڙڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، ماڻهن جي دلين جا بت ٽوڙڻ وڏو معجزو آهي. تمام وڏو!“ اسان دلين ۾ لکين ڪروڙين بت ويهاري ڇڏيا آهن. انهن کي ٽوڙڻ يا ڪڍي اڇلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي مرزا غالب به بيوسيءَ مان فرمايو ته ”هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري. گهڻائي نڪتا ارمان منهنجا تڏهن به گهٽ نڪتا.“ بلڪل سچ فرمايو مرزا صاحب. خواهش کي ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهجي. البته ڪجهه عرصي لاءِ دٻائي سگهجي ٿو. امام خميني پنهنجي اخلاق، سچائي، عمل ۽ ڪردار سان اهو ڪارنامو ڪري ويو. شري رامچندر به فرمايو ته ”انسان جو ڪرتَويه (ذميواري) آهي چڱا ڪم ڪرڻ ۽ نباهڻ“ سندس چوڻ هو ته ”ماڻهو پنهنجي نيڪ عملن سان ديوتائن جي پد تي پهچي سگهي ٿو بلڪه ان کان به آڳاهون پد ماڻي سگهي ٿو.“ اهو ديوتائن کان به آڳاهون پد ڇا آهي؟ سو سمجهو ڪي سمجهن.
ايران جو ذڪر نڪتو آهي ته ان کي پورو ڪندو هلجي منهنجي قلم ۾ ايڏو تاثير ته نه آهي جو الطاف شيخ جيان مزيدار، لطف ڀريا ۽ اونهي نظر وارا سفرناما لکان. هر ڪنهن جي پنهنجي اک ۽ پنهنجي اسٽائيل (لکڻي) آهي. لکڻي جو انداز چئي سگهجي ٿو. پر اسٽائيل پنهنجو جداگانه مفهوم رکي ٿي. درحقيقت ڪنهن به لفظ جو ٻي ٻوليءَ ۾ اهڙو ئي جاندار متبادل لفظ ملڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. البته مسلسل استعمال سان متبادل لفظ اها معني ٰ پڪڙي وڃي ٿو. هڪ دفعي اوچتو حميد آخوند صاحب مون کان پڇيو ته ”جمال صاحب چئلينج کي سنڌي ۾ ڇا چئجي؟“ مون چيو ”چئلينج.“ چيائين ”نه! سنڌي لفظ کپي!“. مون کي نه آيو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس فون ڪري يا روبرو چيم ته ”چئلينج آهي للڪار“ چيائين هائو پر ”اهو مفهوم استعمال کان پوءِ وڃي بيهندو.“ هڪڙي دفعي رباني چيو ته ”جمال ون ٽو ون one to one جو ترجمو ٻڌاءِ!“ کيس ڪو انهيءَ ٽائيٽل وارو ڪتاب ترجمو ڪرڻو هو. مٿو هڻي بيٺس مون کي نه آيو. کيس به نه پي سجهيو. لفظ جو واسطو تاريخ، ڪلچر، رسم رواج ۽ پسمنظر وغيره سان ٿئي ٿو. ٽن ڏينهن کان پوءِ رباني کي حيدرآباد فون ڪيم ته متبادل لفظ ملي ويو چيائين ٻڌاءِ چيومانس ته ”جوڙ جيس“ چيائين ”فرسٽ ڪلاس.“ پڇيائين ته ”ڪيئن هٿ ڪيئه؟“. ظاهر آهي ته اهڙا لفظ ڪنهن ڊڪشنري ۾ ته ڪونه هوندا چيو مانس ته ”ون ٽو ون مقابلي جو منظر ٿو پيش ڪري سو ٻلهاڙي ۽ ملهه ڏي هليو ويس، ملهن جا به جوڙ ٺهندا آهن ۽ جسامت جي لحاظ کان انهن کي ’جوڙجيس‘، هڪ جهڙا هڪ جيترا چئي سگهجي ٿو، وري جڏهن ٻه وڏا ماڻهو پاڻ ۾ اٽڪندا آهن ته چئبو آهي ته ادا پاڻ ۾ ’حيثي‘(هڪ حيثيت وارا) آهن پاڻ ئي پڄي وٺندا، اسان غريبن جو ڇا وڃي. تنهن ڪري ٻيو متبادل ترجمو آهي”حيثي“ اهو به وڻيس پوءِ خبر ناهي ته ڪتاب جو ڪهڙو نالو رکيائين جوڙجيس يا حيثي.
ڏسو هڪ لفظ لاءِ ڪيڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هڪڙو افسانو ”پاشا“ منهنجو سمجهي پيا ڇاپيندا آهن. حقيقت ۾ اهو گورڪي جي ڪتاب مدر(ماءَ) مان اخذ ڪري ترجمو ڪيو ويو آهي. توبهه! ترجمو ڏاڍو ڏکيو آهي خاص ڪري جذبات، احساسات ۽ ڪردار نگاري جو. اونهاري ۾ اسڪولن کي ته ٺهيو، ڪورٽن کي به وئڪيشن ملندي آهي. اسين اترادي ماڻهو گرميءَ جا ڏينهن گذارڻ لاءِ ڪوئيٽا کي ترجيح ڏيندا آهيون. ڪوئيٽا جي ٻولي ڪلچر، اٿڻي ويهڻي، بلڪل لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد (خانڳڙهه) واري آهي. سو پورو مهينو ڪوئيٽا جي دلڪشا هوٽل ۾ خلاصو ڪمرو وٺي انهي ارادي سان ويس ته گورڪي جو سڄو ڪتاب ”مدر“ ترجمو ڪري وٺندس. ترجمي لاءِ رڳو لفظ نٿا گهرجن پر اهي جذبا، احساس ۽ ڪردار پنهنجي جند ۾ رچائي اها ڪيفيت پيدا ڪري پوءِ ان جي اپٽار ڪبي. اهو ترجمو اهڙو بيٺو جهڙو ڪر نج سنڌي يا مقامي هجي.
محترم محمد ابراهيم کي لکي موڪليم ته هي گورڪي تان ورتل ترجمو آهي. هن صاحب مهراڻ ۾ ڇپي صاف لکيو ته ليکڪ گورڪي مترجم جمال ابڙو. پر محمد ابراهيم جهڙي عالم ۽ اسڪالر به پاڻ مون کي چيو ته هن ’گورڪي‘ جون سڀ لکڻيون پڙهيون آهن تڏهن به خبر نه پئي پوي ته ڪهڙي شهپاري جو ترجمو آهي. چيائين ته محترم محمد عثمان ڏيپلائي اچي نڪتو ان کي ڏيکاريم ته هو هڪدم سمجهي ويو ڇو ته ان گورڪيءَ جو سڄو ڪتاب پاڻ ترجمو ڪري ’ماءُ‘ جي عنوان هيٺ ڇپائي به ڇڏيو هو. پر ڏيپلائي صاحب به مڃيو ته جمال صاحب جو هي ترجمو اتم ۽ اصل جي روح مطابق آهي، سو کيس زور ڀري ’مدر‘ جو نئين سر ترجمو ڪرائي ٻيهر ڇپائي ڇڏيو.
ڏيپلائي صاحب عجيب ڀل مانسيءَ جو پتلو هو تمام مذهبي ۽ پڪو مسلمان هوندي به ڇاڪاڻ ته هن جي دل ۾ غريب عوام لاءِ ڀرپور همدردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چاهيائين ٿي، هو نيڪ نيتي ۽ پوري اخلاص سان کاٻي ڌر جي عوامي تحريڪن جو حامي بڻجي ويو. طعنا مهڻا به مليس پر هو مرد مجاهد، لاپرواهي ۽ لاغرضيءَ سان نسنگ نروار ٿي بيهي رهيو ۽ سرڪاري عتاب ۽ مالي نقصان جي پرواهه به نه ڪيائين. ڏيپلائي صاحب جي صلاح تي جويي صاحب مونکي همٿايو ته سڄو ڪتاب ’مدر‘ ترجمو ڪيان. مون صفا نابري واري چيم ”رڳو پاشا ترجمو ڪرڻ تي مون پنهنجي حياتي جا قيمتي ٽيهه ڏينهن وڃايا آهن سڄو ڪتاب ترجمو ڪرڻ تي عمر ڳري ويندي.“ جويي صاحب وڌيڪ زور نه ڀريو.
ترجمو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي يا ته ڀٽائي صاحب جهڙي ڏات هجي جو عربي يا فارسيءَ جو اهڙو ترجمو ڪري وڃي جو پتو ئي نه پوي. ”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري!“ ڪير چوندو ته هي پارسيءَ مان ترجمو آهي. سچ ته هي ترجمو آهي به ڪونه. اندر جو اُهاءِ، اٻڙڪو يا اولڙو آهي جو پنهنجي جند ۾ اڀري اچي پوءِ ٿو ڦاٽ کائي. قرآن شريف جي آيت ”الله الغني و انتم الفقراء“ کي اهڙو سنڌي ۾ ڍالي ڇڏيائين جو ڪوبه نه چوندو ته ”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا“ قرآني آيت آهي.
يا مشهور پارسي بيت ڏسو:
حال مارا خود بداني، من چگويم پيش تو
يعني حال منهنجو پاڻ ٿو ڄاڻين مان تو آڏو ڇا چوان. انهي کي شاهه سائين اهڙو نج سنڌي ۾ پلٽي ڇڏيو جو گمان ئي نه ٿيندو ته اهو ڪو پارسيءَ تان ورتل آهي فرمايائين:
ڪڄاڙو ڪهانءِ معلوم توکي سڀڪي.
ڪڄاڙو جو استعمال اتي اهڙو مهلائتو ۽ خوبصورت آهي جو وڃي ٿيا ست خير!
ڪنهن سهڻي فن پاره کي سهڻي انداز ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ پلٽي ڇڏڻ چوري ناهي. اسانجي ئي دور ۾ ڪشنچند بيوس جهڙي مهان فقير منش شاعر علامه اقبال جو مشهور ترانو ”آتا هي ياد مجهه ڪو گذرا هوا زمانا“ اهڙي ته سٺي نموني پيش ڪيو جو اڄ تائين دل تي اڪريو پيو آهي:
تازو تري اچي ٿو دل تي اهو زمانو
لامن تي لوڏ منهنجي شاخن تي شادمانو
مون پنهنجي حياتي جا ٽيهه ڏينهن ته وڃايا پر پنهنجي وزن جي خبر پئجي ويم، وري ترجمي کان بان ڪري ڇڏيم. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ نوجوان کي ڪثرت جو شوق هئو. هڪڙو ورزش ٻيو خوراڪ ٽيون ڦوهه جواني! جڏهن ڏورا ۽ جسم مضبوط ٿيس ۽ جوت وڌيس ته مڙس کي هرکر ٿي ته طاقت آزمائجي. هڪ وهڙو (جڙ ڍڳو) ڪنڍي سڱن وارو آيو سو دل ٿيس ته ان جي سڱن ۾ ٻانهن وجهي ان کي دسجي يا ڪم ازڪم جهلي بيهجي. دوستن جهليس به ته متان اهڙو ڪم ڪري! پر جوان پنهنجي جوت ۽ هنيانءِ جي ٻل تي کڻي وهڙي جي سڱ ۾ ٻانهن وڌي وهڙي به جو ڪنڌ کي موڙو ڏنو ته نوجوان جي ٻانهن ٽڙڪ ڪري ڀڄي پئي. ڦڪي مرڪ مرڪندي چيائين ته ٻانهن سو ڀڳي باقي پنهنجي وزن جي خبر پئجي وئي.
ٻانهن ڀڄڻ کان اڳ وزن جي خبر پوي ته اهو سٺو آهي. پنهنجي وت وس آهر ڇاڙڪيون ڇڏجن نه ته اجايو ڏٺو ٿيڻو پوندو. تنهن ڪري شيخ سعدي رحمت الله عليه صلاح ڏني آهي ته
”تامرد سخن نه گفته باشد عيب و هنرش نهفته باشد“
يعني جيستائين ماڻهو ڪجهه ڳالهائي نٿو تيسين سندس عيب يا هنر ڍڪيا پيا آهن .
انگريزي ۾ به چوڻي آهي ته ڳالهائڻ چاندي آهي ۽ خاموشي سون. لکڻ به ڳالهائڻ آهي. اسين ليکڪ جو ڪڏ ڏئي ان ميدان ۾ ٽپي پيا آهيون، تن کي پنهنجي وزن جي اڳواٽ ڄاڻ هجڻ کپي. هرو ڀرو پنا ڪارا ڪرڻ ۾ نه هُوندِ نه شُڪر. هرڪو پاڻ ڄاڻي. هڪڙن سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏي، اهي ڀلي ڊڪشنري لکن، لوڪ ادب لکن يا سنڌوءَ جو سفر لکن سندن مٽي مان لهندي.

7

ڏيپلائي صاحب جو هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. جيڪو ڏيپلائي صاحب جي سچائي، مخلصي دليري ۽ بي نيازيءَ جو اڻمٽ رڪارڊي (لکت ۾) ثبوت آهي. هي اسان جي عوامي سياسي تحريڪ جون لڪل ڳجهيون ڳالهيون آهن. پر ورهيه لنگهي ويا آهن. هاڻ ڪو ڀؤ ڀولو ناهي. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽ حيدر بخش جتوئي پارٽي جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا جن پنهنجي سڄي حياتي ۽ ڪئريئر ۽ دنياوي واڌ ويجهه کي قربان ڪري پاڻ کي هارين جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلاف راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو. انهي صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽي جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽي اندر ڏنڊا انقلاب (coup) ذريعي اٿل پٿل آڻي قبضو ڪري ڇڏيو. حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر کي نظرانداز ڪري پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا.
مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هئو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهي صورتحال جو ٽوڙ ڪيو وڃي. ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهي ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي. هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام ذهين ماڻهو هئو سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته ”هاري ڪميٽي جي ميٽنگ ۽ ڪارروائي جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون.“ انهي جڙتو ميٽنگ جي ڪارروائي بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هئو. ڏهه پنڌرهن روپيا مونکي ڏهه پندرنهن روپيه تاج محمد کي. ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي (اڄڪلهه چون دٻو) ۾ چڙهي پياسون. واٽ تي صلاح ڪئي سون ته ٽڪنداسون ڪٿي؟ هوٽل ته اسان جي پهچ کان ٻاهر هئي. چيم ڪنهن دوست وٽ هلجي. تاج محمد کي ڪو دوست ڪونه سجهيو. هونئن به سندس دوستي تمام محدود، پارٽي ڪارڪنن تائين هئي. سا به صرف پارٽي مفاد خاطر.
مان کليل طبيعت وارو پارٽيءَ جي پنجوڙ کان آزاد، پراڻو خاڪسار يار ويس ماڻهو، چيم هلون ٿا ٽنڊي ولي محمد جتي غلام النبي سومرو، لال بن يوسف ۽ ٻيا گهڻيئي واقفڪار هئم. فڪر رڳو اهو هئو ته شهري ماحول ۾ ٽڪائڻ جي جاءِ هوندن به الائي نه. لال بن يوسف مک خاڪسار، بلڪه جانباز هئو ۽ خاڪساري جي دفتر لاءِ وٽس هڪ مسواڙي دوڪان هو جتان ماهوار الائي هفتيوار ”طوفان“ اخبار ڪڍندو هو. حيدرآباد اسٽيشن تي لهي، ٻه ٻه آنا سواري واري ٽانگي تي چڙهياسون جنهن اچي مارڪيٽ ٽاور تي ڇڏيو، هي اڻويهه سو پنجاهه ايڪونجاهه (51ـ1950)وارو زمانو هو جنهن کي اسين مهانگائي وارو دور سڏيندا هئاسين. اڄ حيرت ٿي لڳي ته ٽانگو صرف ٻه آنا وٺي چار سواريون کڻندو هو يعني اٺين آني ۾ سڄو شهر لتاڙي اسٽيشن کان مارڪيٽ ٽاور تي پهچائيندو هو.
ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي 1939ع ۾ جڏهن اسان ٻالڪپڻي کان نڪري جوانيءَ ۾ قدم ٿي رکيو. لڙائي جي ڪري هر شيءِ مهانگي ٿي ۽ پهريون دفعو ماڻهو ’راشن‘ ۽ ’ڪنٽرول‘ جهڙن لفظن سان متعارف ٿيا. عجيب ڳالهه ٿي لڳي ته اٽو، چانور، گيهه ۽ کنڊ کپي ته راشن ڪارڊ وٺو! لاش لاءِ ڪفن کپي ته پرمٽ وٺي مقرر دوڪان تان ڪفن جو ڪپڙو وٺو! مهانگائي اهڙي جو سيون او ڪلاڪ جي بليڊن جو پاڪيٽ جو هونئن جيئن پنجين آني ملندو هو سو ٻارهين آني پوءِ هڪ روپئي ٿي ويو. انهي ڪري اسين پنهنجي پيڙهيءَ کي بدبخت پيڙهي سڏيندا هئاسين ته جڏهن خرچڻ کپائڻ جي عمر کي پهتاسين ته اگهه چوٽ چڙهي ويا. سي ئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر سنبهيا. مهانگائي جو پارو چڙهيو ته وري هيٺ نه لٿو. ويو چڙهندو ويو چڙهندو ڇيهه ئي ڪونه اٿس. اڄ ته ٻائيتال متو پيو آهي. پوئتي نظر ٿي ڪجي ته وري به اسان وارو وقت چڱو، کاڌو سون چڱو، پهريوسين چڱو، گيهه سچو، سچو چئبو ئي ڪونه هو گيهه معنيٰ سچو گيهه. مون کي ياد آهي ته پهرين پهرين مصنوئي گيهه نڪتو ’ڪو ڪو گولڊ‘. اهو وٺڻ ماڻهو بيعزتي سمجهندا هئا. گلا طور ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا ته ”فلاڻا ڪو ڪو ٿا کائين.“ وڏو گوشت وٺڻ يا کائڻ به گلا ۽ گهٽتائي جي ڳالهه هئي. اڄ ته وڏو گوشت به سئو روپيا سير ٿي ويو آهي. غريب ته ٺهيو خوشحال خاندان به نٿا خريد ڪري سگهن.
مارڪيٽ ٽاور کان پنڌ ئي پنڌ اچي ٽنڊي ولي محمد پهتاسين، اهو پاڙو منهنجو سڄو گهميل هو. آزادي کان اڳ به اهو پاڙو مسلمانن جو هئو ۽ گهر دوڪان ۽ ملڪيتون به سندن پنهنجيون هيون انهي ڪري اتي هندي مسلمان (مهاجر) به ڪونه آيا. غلام النبي جن جو گڏيل ڪٽنب هو، سندس ڏاڏو به اسي نوي سالن جو حيات هئو ۽ سڄي آڪهه کي ڪنٽرول ۽ ضابطي ۾ رکيون آيو. پُٽ اچي اڇي ڏاڙهي وارا آفيسر ٿيا سي به کانئس ڪن هڻندا ۽ ڊڄندا هئا. ڪو سندس نوجوان پوٽو شام جو وهنجي سنهنجي سٺا ڪپڙا پائي آڏي سينڌ ڪڍي گهمڻ نڪرندو هو ته ٻه ٽي ڏينهن کيس ڇوٽ ڇڏي پوءِ حڪم ڪندو هو ته ”ان جو مٿو ڪوڙائي ڇڏيو!“ ڇوڪرو گهڻو ئي ڦوڪ شوڪ ۽ رسامو ڪندو هو پر ’سومرا ريپبلڪ!‘ غلام النبي سومرو پاڻ ائين چوندو هو. ايڏي مضبوط هئي جو حڪم جي تعميل ڪئي ويندي هئي. اها سزا ايڏي عجيب ۽ مؤثر هئي جو ان مٿي ڪوڙيل نوجوان جو ن سڀ من مستيون ٺاپر ۾ اچي وينديون هيون ۽ ميس مري ويندي هئي.
اهڙي سخت گير ماحول ۾ غلام النبيءَ سان ڀائرن جهڙي دوستي جي ٻل تي وڃي سندس گهر جو ڪڙو کڙڪايم! پهرين ’سومرا ريپبلڪ‘ جو هڪڙو سئوٽ نڪتو وري ٻيو نڪتو، نيٺ غلام النبيءَ منهن ٻاهر ڪڍيو، ان جو به مٿو ڪوڙيل، گهنجيل ڪپڙا ۽ پير اگهاڙا. مون کي ڏسي حجت مان چيائين ”اڙي نڀاڳا تون آهين.“ انهي جملي ۾ لفظ نڀاڳا جو مفهوم ٿيندو سڀاڳا! ان هڪ جملي سان مون کي جائيتو ڪري پٺتي ڀڳو ۽ چمپل پائي، مٿي تي گر لڳل جناح ٽوپي پائي ٻاهر نڪتو ۽ مون سان ڀاڪر پائي ٻکجي ويو. مون کيس تاج محمد سان ملايو جو کيس بي يقيني ۽ تذبذب وارين نظرن سان ڏسي رهيو هو. غلام النبي ان سان به ڀاڪر پائي مليو ۽ حجائتي نموني سان چيائين ته ”ڀائو پنهنجن وٽ پهتو آهين، فڪر نه ڪر!“
مون کيس چيو ته ”حيدرآباد ڪم سان آيا آهيون ۽ تو وٽ ٻه ٽي ڏينهن ٽڪنداسون!“ چيائين ”پوءِ واڍن جي ماڙي کوليان ٿو!“ (پاڻ کي واڍو سڏائيندو هو) ” .... بيهو چاٻي کڻي اچان!“ واپس گهر ڀڳو ۽ چاٻي کڻي آيو. ننڍي ڀڳل ٽٽل ڏاڪڻ چڙهي، هڪ پراڻي سراڻي ڪچي گاري سان لنبيل ڪوٺڙيءَ ۾ ويهاريائين. هڪ ٻه ٻانهن ڀڳل ڪرسيون ۽ ٻه ٽي ڀڳل ٽٽل واڻ جون کٽون رکيل هيون. شان سان چيائين ته ”ويهو! آرام ڪيو.“ مون چيو ”اڙي غلام النبي واڍن جي ماڙ ي ۾ ڪرسيون به ڀڳل، ته کٽون به ڀڳل!“ چيائين ”ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڪنڀر جي گهر ۾ دلو به ڀڳل هوندو آهي!“ چپ ڪرائي ڇڏيائين. هئي ته زبون ڪوٺڙي جنهن ۾ ڌڌڙ پي اڏامي پر ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ جو تالو کوليائين ته صاف ڇنڊيل ڪتاب، شيڪسپيئر، آسڪروائلڊ، هار ڊي، ڊڪنس، روسو ۽ ٻين مشهور اديبن ۽ فلسفين جا ترتيب سان رکيا هئا. چيائين ته ”سومرا ريپبلڪ جا وڏا، ابو ۽ چاچا ڪتابن ۽ سٺي قلم وٺڻ کان منع ڪونه ڪن!“ ائين چئي کيسي مان قيمتي پارڪر پين ڪڍي ڏيکاريائين اها هئي ان ماڻهو جي طبيعت ۽ پسند taste. اسين به کٽن تي آهلي پياسون. ڀرپور ڪچهري ڪري غلام النبي اٿي ويو.
مان ۽ تاج ٻئي ڏينهن جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ لڳي وياسون. تاج محمد چوي ته ”ڪو مسئلو ئي ڪونهي سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس. اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن بس، مواد ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا.“ تاج محمد ڏاڍو خوش فهم (optimist) ماڻهو هو. تاج محمد ڇا، هر ڪميونسٽ اهڙو هوندو هو . چوندا ”ڪامريڊ سرخ سويرو اچي پيو، بس اڄ سڀاڻي جي ڳالهه آهي!“ـ ”ڀائي ان لاءِ تياريون؟ منظم جدوجهد قرباني ڪير ڏيندو ۽ ڪير ڪندو؟“ مون کي چوندا، ”تون منجهيل (confused) آهين، سڀ ڪجهه ٿئي پيو پاڻهين ٿي ويندو!“ مان خاڪسار عملي ڀڄ ڊوڙ ڪندڙ ۽ ڪراچي جي عوامي اڏن ڀيم پوره، رنڇوڙ لائين، لياري، ڪلان ڪوٽ وغيره جو رليل ماڻهو! سو هر ڳالهه جي حسابي تور تڪ ڪيان.
علامه صاحب (علامه عنايت الله خان المشرقي) اسان کي ذهين نشين ڪرائڻ لاءِ بار بار چوندو هو ته ”ڀائي منهنجي حسابي دماغ ۾ ته اها ڳالهه نٿي ويهي!“ پاڻ وڏو رياضيدان ۽ سائنسدان هو. هڪ دفعي ڪراچي آيو ۽ ان وقت جي پرائيم منسٽر خواجه ناظم الدين سان ڪلاڪ ڏيڍ ملاقات ڪري آيو. پاڪستان ٺهي چڪو هو ۽ علامه صاحب خاڪسار تحريڪ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سبب اهو ڏنو هئائين ته ”هنن تِرن ۾ وڌيڪ تيل ڪونه بچيو آهي!“ اهو به حسابي فيصلو تِر معنيٰ خاڪسار ۽ خاڪسار تنظيم! ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هو جو حساب لڳائي، نتيجو ڪڍي، هيڏي ساري منظم ۽ فعال تحريڪ ختم ڪري ڇڏيائين، خاڪسار به اهي جي سندس معمولي اشاري تي جان ته قربان ڪري ڇڏين پر ٻچا به ڪهائي ڇڏين، پر هن وڏي ۽ اعليٰ انسان ۾ شخصي مفاد جو تصور ته هئو ڪونه، سو حساب لڳائي چيائين ته هنن ترن ۾ وڌيڪ تيل آهي ئي ڪونه! اڄ هرڪو ٽنڊو ٽوپڻ ليڊر بڻيو ڏيڍ چانور جي ديڳڙي الڳ ڪيون ويٺو آهي.
علامه صاحب کان پڇيوسين ته ”سائين توهان خواجه ناظم الدين ڏي ڇا لاءِ ويا هئا؟“ هيڪاندا ڪاغذ کڻي ڪڍيائين جن تي الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا وچور لکيل هئا. ان وقت عالمي دٻاءُ هيٺ هندستان سان پاڻيءَ جي ورڇ بابت ’سنڌو تاس‘ معاهدو ٿيو هو يا ٿيڻ وارو هو، علامه صاحب هر نديءَ جي پاڻي، بئراجن، تربيلا، منگلا منصوبن بابت حساب ڪتاب ڪري پاڪستان جي پرائيم منسٽر کي سمجهائڻ ويو ته پنهنجي پيرن تي پاڻ ٿا ڪهاڙو هڻو، اسان جو زرعي ملڪ آهي، سڪي ٺوٺ ٿي ويندو سڀ بئراج بند ۽ ناڪاره ٿي ويندا. علامه صاحب چيو ته ”هر ڳالهه جڏهن انگن اکرن سان خواجا صاحب کي سمجهايان پيو ته هر ڀيري جواب اهو ئي پيو ڏئي ته خدا خير ڪندو!“ آخر ۾ به اٿندي مهل جڏهن چيو مانس ته ”متبادل اسڪيمون(رٿائون) هي هي آهن !“ ته به چيائين ته ”علامه صاحب خدا خير ڪندو!“ پوءِ تمام معصومانه انداز ۾ اسان ڏانهن منهن ڪري علامه صاحب چيو ته ”ڀائي منهنجي حسابي دماغ ۾ اها ڳالهه اچي ئي نٿي ته خدا ڪيئن خير ڪندو؟“
علامه صاحب ڪوبه اخباري بيان ڪونه ڏنو نه پريس ڪانفرنس ڪيائين. ماٺ ميٺ ۾ واپس لاهور روانو ٿي ويو. کيس نه ڪا لالچ هئي نه ڪو عهدو وٺڻو هو نه ئي ليڊري چمڪائڻي هئي، باقي زندگي گوشه نشيني ۾ گذاريندي، ڪتاب لکندي چپ چاپ ۾ لاهور جي ميو اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙا هئا وڏا ۽ عظيم ماڻهو جو انگريزن جي دور ۾ آءِ سي ايس(ICS) جو شاندار ۽ خوش آئينده پيشو ڦٽو ڪري سڄي عمر ٿلهي خاڪي قميص ۽ پائجامي ۾ پيرين پيادو هلندي ”ايڪ اور نيڪ بڻجو“ جو نعرو هڻندي هڻندي هليو ويو. هاڻي اهڙا ماڻهو پئدا ئي نٿا ٿين قحط الرجال جو زمانو آهي. مڙس ويا مري رڳو هيجڙا پيا هلن.
اسان کي واڍن جي ماڙيءَ ۾ ويٺي ڪلاڪ ٻه گذري ويو. غلام النبي گم، چيوسين ”ٻيلي هلو ڪنهن هوٽل تان ماني ڳڀو کائي اچون!“ سنبت ۾ هئاسون ته غلام النبي اچي ٺڪاءُ ڪيو گمب ڀت ۽ ڏڌ اچي آڏو رکيائين. فاتحانه انداز ۾ چيائين ”ڪيو ٻنڊا موڙ کائي ڍؤ ڪيو!“ مان نفيس طبيعت ماڻهو. اسين اترادي رات جو ڏڌ استعمال ڪونه ڪيون. ڏڌ پيئون صبح جو منجهند جو، ٽپهري تائين، ٽپهري کان پوءِ ٿاڌل ۽ شربت رات جو کير، غلام النبي سان منهنجيون هيون ٻٽيهه دليون. سو حجائتو ٿي چيومانس ”اڙي يار رات جو ڏڌ؟“ کلندي چيائين ته ”جلدي کائي وٺو! جي سومرا رپبلڪ ۾ منهنجي سئوٽن کي خبر پئجي وئي ته اهو به ڪونه ملندوَ، داڻو نه ڇڏيندا!“
ماءُ ننڍي لاڪر هئس ڪانه. چاچين سان ڪهڙي حجت! گرم طعام کائي ڪونه سگهندو هو. ٺاري ٿڌو ڪري پوءِ گرهه کڻندو هو. پڇيو مانس ته ”ان جو ڪهڙو سبب؟“ چي ”امڙ ڪونه هئم نه!“ـ ”ته پوءِ؟“ـ چي ”سڄي عمر پاروٿي ٽڪر تي پليو آهيان، گهر اچي ماني جو پڇندو هئس ته جواب ملندو هو ته کاري هيٺان ڏس، ڪو بچو سچو آهي ته کائي ڇڏ. پوءِ سڪل ماني جو ٽڪر يا پاروٿو ڀت کائي پيٽ تي ٻاجهه جو هٿ ڦيري سمهي پوندو هئس!“ انهي ماڻهو خودڪشي ڪانه ڪئي. ميرا سيرا ڪپڙا پائي ڪاليج ايندو هو. بمبئي يونيورسٽي مان زراعت ۾ ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. سٺي نوڪري ملڻ باوجود ڪانه ڪيائين موٽر گئراج تي وڃي مستري (مڪئنڪ) جو ڪم سکڻ لڳو.
سندس پيءُ ۽ چاچا مون سان شڪايت ڪرڻ لڳا ته ”وڃي پنهنجي دوست کي سمجهاءِ سڄو ڏينهن اڻ پڙهيل مسترين آڏو هٿ ٻڌيون بيٺو استاد استاد ڪري!“ مان الهندي ڪچي ۾ هڪ گئراج تي وڃي ساڻس مليس. هڪ گاڏيءَ هيٺيان ليٽيو پيو هئو مون کي ڏسي اٿي آيو. کلي چيائين ته ”ڪيئن توسان ملان، هٿ ڏيان ته هٿ ڪارو، ڀاڪر پايان ته ڪپڙا ڪارا.“ گهڻوئي سمجهايو مانس پر سندس پتي تي پاڻي نه پيو. چي ”هڏ جو پورهيو ٿو ڪريان، حلال جي روزي ٿو ڪمايان، سِکان پيو.“ لاجواب ڪري ڇڏيائين. خبر تڏهن پئي جو آمريڪا جي pl 480 رٿا هيٺ پنهنجي اهليت جي زور تي چونڊجي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ائگريڪلچر مشينري تي ڊپلوما وٺي آيو.
موٽي آيو ته ٽنڊوڄام ۾ زرعي انجنيئر ڪري رکيائونس. سرڪاري گاڏي، سٺي آفيس، حيدرآباد جو حيدرآباد ۾ پر اتي به دل ڪونه لڳس. ايم ايڇ پنهور صاحب سان به ڪونه ٺهڪي سگهيو. اصولن خاطر نوڪري ڇڏي اچي گهر ويٺو. نيشنل هاءِ وي تي ٻڍاڻي ڳوٺ وٽ چار ٻارا زمين جا وٺي پوکي راهي ۾ لڳي ويو. اتي اٽي پينهڻ جي چڪي به هنيائين. ٻڍاڻين سان تنازعو ٿي پيس، سو مورڳو زمين وڪڻي سعودي عرب پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر ادي آمنه وٽ هليو ويو. اتي به گهڻيئي وس ڪيائين پر ڪٿي به فٽ نه ٿيو. اصول پرستي، سچائي، ايمانداري ۽ محنت، کوٽا سڪا ٿي ويا آهن. خير سان بدر (بدر ابڙو) به ڪٿي فٽ نٿو ٿئي. فرق اهو آهي ته هو خوش طبع کلڻو ڳالهائڻو هو. بدر رنجيده، خاموش ۽ پروٽيسٽ (احتجاج) ۾ آهي.
صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون، نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هو. چانهه جو رواج اڃا ڪونه پيو هو. ڀيڙيوسين پنڌ کي اچي گاڏي کاتي ۾ هاري حقدار پريس تي پهتاسون. ٻه به ويون ڇهه به ويون! هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي سو نالو به نه کڻو. هاري حقدار تي بندش پئجي وئي هئي ۽ حيدربخش جتوئي جيل ۾ هو. تاج محمد ”ابوءِ!“ ڪري ويهي رهيو. چيائين ”جمال ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضروري ڪڍڻو آهي!“ مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سجهي آيو. انهي جي پريس به ڀرسان کوکر پاڙي ۾ هئي جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته ”هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون!“ سرهائيءَ سان چيائين ”يار وارو ڪر! واٽ ويندي ڪجهه نا اميدي مان چيائين ته ”انهيءَ مُلان مان ڇا ورندو!؟“
”الائي ڇو!“ منهنجي دل ۾ يقين هئو ته ”ڪم ٿيندو ته ڏيپلائي صاحب وٽان، نه ته به صحيح دڳ لائيندو.“ چيم ”الائي ڇو“ پر ائين ناهي. پراڻن صدين کان آزمايل قدرن تي مان ويساهه رکان ٿو ۽ ڏيپلائي صاحب مرحوم الله جنت ۾ جايون ڏئيس، سڌو سنئون پر خلوص، هڏ ڏوکي، غريبن جو همدرد، چڱائي جو پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي ڀلي خاطر پنهنجو نقصان سهڻ وارو ماڻهو هئو. وضعدار به هئو يعني ڊاج ڏيڻ يا اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هئو. عام زبان ۾ چوندا آهن ”گشو هڻڻ ۽ راهه تان ٿيڙڻ.“ ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي. جهڙو اندر تهڙو ٻاهر! وياسون ته کلي کيڪاريائين. منهنجو پراڻو واقف هو 1941ع کان جڏهن مان ميرپورخاص مئٽرڪ ۾ پڙهندو هئس (اڄوڪو ڏهون ڪلاس).
تاج محمد جي ساڻس واقفيت ڪرايم ان جو به سٺو آڌر ڀاءُ ڪيائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي ”اهو بلڪل غيرقانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي جتان سرڪاري طرح ڇپائي ويندي هجي.“ تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو ”ابا ٻڌو؟“ پر مون آسرو ڪونه لاٿو مون کي ڏيپلائي صاحب جي چڱائي تي پور و پورو ويساهه هو. چيومانس ته ”ڏيپلائي صاحب ڪا واٽ ڪڍي ڏيو.“ گنڀير ٿي چيائين ته ”توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس تي توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول تي اها بندش لهرايو پوءِ ڇپائيءَ جي ڳالهه ڪيو!“ مون پڇيو ته ”بندش ڪير لاهيندو؟“ چيائين ته ”ڊي سي!“ جنهن کي ڊي ايم يعني ڊسٽرڪيٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم ”واهه واٽ ته نڪري آئي!“ پڇيم ته ”ڏيپلائي صاحب ٻڌايو ته ڇا اي ڊي ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟“ چيائين ”ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو.“
تاج محمد بيدليو ٿي ويو چيئين ته ”ٺڪر ملان مان ڇا ورندو اسان کي پتائي ويو؟“ ڏيپلائي صاحب جهڙي مخلص ماڻهو لاءِ اهڙا لفظ ڳالهائڻ، مون کي نامناسب لڳا. چيومانس، ”تاج محمد تون به قانوندان آهين مان به پوءِ ويچار ته جيسين اها قانوني رنڊڪ نه هٽائبي تيسين ڪم ڪيئن ٿيندو. هلون ٿا اي ڊي ايم وٽ!“ چي ”اتي ڪير اسان جي ٻڌندو؟ اٿئي ڪو سڃاڻو؟ تاج محمد کي ته ڪانءُ به ڪونه سڃاڻي“ هونئن محاوري موجب لفظ ڪانءَ نه ڪتي آهي ڇاڪاڻ ته ڪتيءَ جي نسبت ڀونڪڻ سان آهي. مون تاج محمد کي چيو ”سڃاڻڻ وارا کوڙ ! تون رڳو هل!“
مون کي خبر هئي ته اي ڊي ايم هو نذر محمد ٽڳڙ جو تمام يار ويس ۽ فيض وارو ماڻهو هئو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ سندس گهرڀاتي هئاسين. سندس ننڍو ڀاءُ محمد علي ٽڳڙ جو نهايت خوبرو جوان هئو اهو ڪمال جو گهاٽو يار هئو. وچون ڀاءُ محمد امين ٽڳڙ جڏهن کان ڪلارڪ هئو تڏهن کان منهنجو دوست هئو، پوءِ مختيارڪار به ٿيو. مون سندس پيءُ به ڏٺو جيڪو تمام سمجهدار ۽ سلجهيل طبيعت جو ماڻهو هئو. نذر محمد کي هيرآباد ۾ وڏي جاءِ هئي بلڪه هيٺ ٽي جايون هيون جيڪي مهمانن ۽ دوستاڻي محفلن لاءِ مخصوص هيون. حيدرآباد جا سڀ وڏا ماڻهو شام جو وٽس اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ ٺاشا ماشا هڻي هليا ويندا هئا. مخصوص ماڻهن سان وهسڪيءَ جي محفل به هلندي هئي. قاضي اڪبر ۽ قاضي عابد سان به گهاٽي ياري هئس. انهي ٽڳڙ فئملي جو وڏو اوج هئو. ڪمال جي شاديءَ تي ڄڃ به انهن ٽن جائين ۾ لٿي هئي. ٽنهي جائين مٿان هڪڙو ئي ڪشادو گهر هئو جنهن ۾ ٽڳڙ صاحب جي فئملي رهندي هئي: هڪ نياڻي ٻه پٽڙا ۽ زال ۽ پڻ ننڍو ڀاءُ محمد علي. انهي فئملي کي به اهڙي نظر لڳي جو ڄڻ ڪو راڪاس ماڻهو بوءِ! ماڻهو بوءِ! ڪندو هڙني کي هڙپ ڪندو ويو. توبهه! پهرين نذر محمد گذاري ويو، پوءِ سندس نوجوان ڀاءُ محمد علي ٽي بي جي ور چڙهي ويو. باقي رهيا ٻه پٽڙا مشتاق ۽ نياز، مشتاق ٽائفاڊ جي ور چڙهي ويو. باقي نياز اڃا جوانيءَ ۾ پير پاتو ته شديد هيڪلائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي گم ٿي ويو. چون ٿا ته درياهه ۾ ٽپو ڏنائين. نذر محمد جي دوستن به کين ڏاڍا ڏنڀ ڏنا ۽ رکيل ڌراوتون کائي ويا. باقي هڪ نياڻي حميده حال حيات آهي. ساڳئي گهر ۾ رهي ٿي. الله گهر، ور ۽ ٻچن سان خوش آباد رکيس. سندس ور ڪڏهن ڪڏهن ورهين کان پوءِ ڀيرو ڀريندو آهي ۽ دعائون وٺي ويندو آهي. تاج محمد کي چيم ته ”نذر محمد پنهنجو آهي، هلونس ٿا ڪاهي، ڪم وٺي اينداسون!“ چوي ”ڪهڙو نذر محمد؟“ ٻڌايو مانس ته ”اڙي يار لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا اسٽيشن لڳ ٽڳڙن جي ڳوٺ جو آهي.“
ٽڳڙ صاحب تجربيڪار ۽ قابل آفيسر هو. پهريائين ته سڄي ڳالهه چڱي طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ”ڪم آهي ڏکيو پر جمال توکي ڪونه موٽائيندس.“ـ چيائين ”بندش ڪونه لاهيندس پر رڳو هڪڙو پرچو ڪڍڻ ڏيندس!“ سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخ ۾ سو به حڪومت خلاف ڪجهه نه لکندو!“ اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيو مانس ته ”هفتيوار اخبار آهي سو تاريخ ڪا به نه لکنداسون!“ سوچي چيائين ”اهو به ٺيڪ!“ چوندا آهن ته پنهنجي تي اچي ته کڙهه تي کير پياري. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي، صحيح ڪري، مهر هڻي ڏنائين. اسين به سندس ساراهه جا ٻه ڍڪ ڀري اٿي کڙا ٿياسين. واهه ٽڳڙ صاحب واهه تنهنجا ڪارناما!
تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. اتي ٽاڪ منجهند ٿي وئي. غلام النبي سومري کي چئي آيا هئاسون ته منجهند جي ماني توکي معاف آهي. پڏرجندي چيو هئائين ته ”ڇو، هاڻي پرواهه ناهي، چاچي ابوبڪر کي چئي ڇڏيو اٿم، هاڻي ڪنهن کي مجال ناهي!“ چاچو ابوبڪر به عجب ڪردار هئو. نيٺ واڍو. ڪاريگر ڪمال جو! ڳالهه ڪندو کري ۽ صاف، ڀنگي هڙتال ڪندا هئا ته چاچو ابوبڪر چؤواٽي تي بيهي گاريون ڏيندو هو (مهاتما) گانڌي کي ته انهي خول ههڙي تهڙي مغز خراب ڪيو آهي ڀنگين جو. هندن جو زمانو، جذبا چوٽ چڙهيل پر چاچي ابوبڪر کي ڪير روڪي؟ خير چاچي ابوبڪر جا مهمان ٿيڻ کان پوءِ اسان جي سٺي سار سنڀال ٿي.
اسٽيشن روڊ تي قلعي چاڙهي واري چونڪ واري ڪنڊ تي هوندي هئي ’سلطان هوٽل‘، شايد اڃا تائين هوندي، اتي ويهي ٿڌو پاڻي پي، پکي هيٺيان ڪرسي ٽيبل تي گرم گرم ذائقيدار ماني کائي نڪتاسين. بل آيو ٻارنهن آنا يعني هڪ رپئي کان به گهٽ. آياسون محمد عثمان ڏيپلائي صاحب وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿيو، چيائين ”ڪهڙو جادو ڪيوَ؟“ نذر محمد ٽڳڙ جي ڳالهه ٻڌائي سونس ته چيائين ته ”مڙس جو پٽ آهي!“
پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ”ڏيپلائي صاحب هيءَ ته زوراوري آهي!“ چيائين ته ”قائدو آهي ته اخبار رڳو اتي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي!“ ڳالهه ته سچي هئي، منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ! اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهي ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ”هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر، يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته ’هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو،‘ اهو ڪم ڪري اچو ته پوءِ مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان!“ تاج محمد ٽڙِي پيو چيائين ته ”فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي انهي کان بيٺي پير لکائي ٿو اچان!“ هاري آفيس پهتاسون اها ته بند ۽ مهر لڳل هئي. هن ڪارڪن جو پڇيوسين چيائون ”ڪوئي ڪونه اچي سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. پر اهو ڪارڪن هيٺالي طرف الهداد چنڊ ڳوٺ وٽ رهي ٿو وڃي هٿ ڪريوس!“
تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته ”هل الهداد چنڊ ڳوٺ!“ جو حيدرآباد ۾ ئي ڊومڻ واهه جي پويان آهي. جڏهن تلڪ چاڙهي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته ”هل ٽنڊي ولي محمد!“ تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو سو خارباز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين، چيو مانس ته ”ڀائو خار نه کاءِ ، هن مهل ڌر تتي جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون. ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. غلام النبي سومرو حيدرآباد جو ڄاڻو آهي. اهو گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گهر گهر کان واقف آهي. ماڻهو به کيس سڃاڻن هو پاڻهئي کانئن ڏس پتو پڇي اسان کي گهربل ماڻهو هٿ ڪري ڏيندو.“ تاج محمد تمام ذهين سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو. جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي اسان به واڍن جي ماڙيءَ ۾ پاڻي ڍڪ پي ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو غلام النبي کي ساڻ کنيون سون.
هن اتي جو اتي هڪ ٻن ماڻهن کي اوستا! اوستا! ڪري سڏيو ۽ گهربل ماڻهوءَ بابت پڇيو. وٺي اچي ان مخصوص گهٽي ۾ بيهاريائين. ڪنهن واقفڪار جو در کڙڪائي ڏس پتو پڇي، اچي اصل گهربل ماڻهن جي در تي ڇڏيائين. چي ”هاڻي پاڻ سڏيوس!“ تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو اندران ئي ڪنهن پڇيو ”ڪير؟“ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هن ماڻهو چمڪندڙ اکين سان وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪين نيٺ ته پارٽي جو ڪارڪن هئو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ”سر به حاضر آهي!“ خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو پر چيو سونس ته ”بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏئي.“ چيائين ”حاضر! سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس.“ سچا ڪارڪن اهڙا.
ٻئي ڏينهن پنڌ ڪري مارڪيٽ پهتاسون ۽ پوءِ ٻه ٻه آنا (ٻه آنا معنيٰ اٺ پئسا) ڏئي ٽانگي ۾ ويٺاسون ۽ اسٽيشن روڊ تي ليڊي ڊفرن اسپتال، مولا علي جي قدمن وٽ لهي، عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ جنهن هڪدم ان ماڻهو کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪ ٻئي جا واقف ٿين ٿا. هر پيشي وارا ائين آهن. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پرچي تي لکائي ورتو ته ”هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.“
واهه ڏيپلائي صاحب واهه! دڳ به لاتائين، قانوني تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين محض انسان دوستي خاطر. چيائين ته ”شام تائين جيترا پرچا چئو ڪڍي ڏيانو.“ چيوسون ”پنج سئو.“ چيائين ”هيترا پئسا لڳندا.“ پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ”ٻه سئو پرچا.“ ڏيپلائي صاحب چيو ته ”ڪو خاص فرق ڪونه پوندو توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان.“ هڪڙو ته ڏيپلائي ٻيو ميمڻ سو ائين چوي، تعجب خيز ڳالهه هئي، پر محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي مٽي ۽ ضمير بلڪل مختلف هئا. شام جو کانئس ٻه سئو پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي هڪ دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کيس تاڪيد ڪيوسين ته هڪدم ورهائي ڇڏي. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سئو کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون، ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات، پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسين جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا.
مزو ٿيو ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪانه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته ”ڪامريڊ هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿو!“ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي ”منهنجا مٺا ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي! اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ(......) مادر(.....) ڪميونسٽن جو آهي ،ظاهر ظهور ڪوڙ! حرامپائي جي به ڪا حد ٿيندي آهي“. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو، تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪون ڏيندو رهيو ته ”ڪامريڊ سڄي ڪارروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن.“ مولوي صاحب وهلور پيو وڃي. ”اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس! حيدربخش ته جيل ۾ پيو آهي اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي ... (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پوليس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟“ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ”ڪامريڊ اخبار ائين ٿي چوي!“ مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو چي ”هن ۾ پوي اخبار ... هن تي چڙهي اخبار! ڏسي وٺنداسون سڀني کي.“ تاج محمد ڪمال صبر سان چيس ”مرضي جا مالڪ آهيو!“ وڏو چوٻول ٿيو پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدربخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسي تي ويهاريائون.
نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽي جو حڪم مليو ته ”حيدربخش کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي!“ ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته ”جمال هل حيدرآباد، حيدربخش کان هي ڪم وٺڻو آهي!“ مون جهٽ چيو ”هائو!“ پر چيم ته ”مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرون وچ ۾ آڻين؟“ چيائين ”هڪ کان ٻه چڱا ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس؟“ بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين ۽ پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي مون چيو ؟ڇا ٿو ڪرين، وقت ٿو وڃائين؟“ چي ”اهڙو ڪتاب ٿو ڳولهيان جنهن ۾ لينن جو صاف سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي!“ـ ”انهي جو ڀلا ڪهڙو سود؟“ـ ”اها حيدربخش جي ڪمزوري آ، ڏسجانءِ! ڪيئن ٿو ڪم وٺانس.“
سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس جتي حيدربخش قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته ”ڪامريڊ صحيح ڪري ڏي!“ حيدربخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ”ڪامريڊ پارٽيءَ جو حڪم آهي.“ حيدربخش جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو! جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو.
هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن جن جي تاريخي اهميت آهي. ظاهر ٿيو ته فيصلا ۽ تندون ڪنهن ٻئي با اختيار اداري وٽ آهن باقي ٻيا سڀ گڏا گڏيون آهن. جڏهن گڏن ۽ گڏين کي اها سمڪ پئجي ٿي وڃي ته هو ٽهي پري ڀڄي ٿا بيهن يا مون وانگر لاتعلق ٿي ٿا وڃن. صفا لا تعلق ٿيڻ به ذري گهٽ ناممڪن آهي. هڪوار رنگ ۾ رنگجي ٿو وڃجي ته پوءِ رنگ لهڻ مشڪل آهي. غالب جي ڳالهه وانگر ته ”طبيعت اڌر نهين آتي“ سڄو شعر اٿس ته
جانتا هون ثواب طاعت و زهد
پر طبيـعت اڌر نـهيـن آتي
ڪيڏا نه پيارا ۽ سليس لفظ آهن. پر انسان جي ڪمزورين جو ڪيڏو نه سادو ۽ صاف دفاع ڪيو ويو آهي. مون سان به اها ويڌن آهي پارٽي جو ميمبر نه رهيو آهيان ۽ نه اهڙي چاهنا هئم پر پارٽيءَ سان اهڙو ته خلوص ۽ سچائيءَ سان عملي طرح واڳيل رهيس جو پارٽي ڊسيپلين منهنجي طبيعت جو اڻمٽ حصو ٿي ويو. جيتوڻيڪ پارٽي کان ڪٽيل رهيس. تڏهن به سڄو سارو پارٽي جي رنگ ۾ رڱيل رهيس. اڻويهه سئو اٺهتر (1978ع) ۾ ضيائي مارشل لا جي دور ۾ بدر کي بين الاقوامي نوجوان ڪانفرنس ڪيوبا لاءِ چونڊيو ويو. بدر کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق جنون جي حد تائين آهي. اڄ به جيڪڏهن بيمار پيو هجي يا سندس زال ۽ ٻارڙا به ناخوش هجن ۽ کيس چيو وڃي ته کيرٿر جبل جي ماپ ڪرڻ لاءِ هلڻو آهي ته هوند پيرين اگهاڙي به هليو وڃي. سڀ زنجير ٽوڙي ويندو. رڳو هڪڙو اهڙو زنجير آهي جو کانئس ٽٽيو نٿو ٽٽي. اهو آهي منهنجي صحت يا اجازت.

8

مارشل لا دور ۾ فيدل ڪاسترو جي ملڪ ڪيوبا وڃڻ ۾ ڪيڏا ۽ ڪيترا خطرا هئا سي مون چڱي طرح ٿي ڄاتا بدر ته هوا ۾ ٿي اڏاميو پر منهنجي سخت مخالفت سبب سخت رنجيده ۽ ماٺ ٿي ويو. مون کي يقين هو ته اهو دورو سندس لاءِ ڪوڙڪي ثابت ٿيندو سو نهايت مضبوطي سان کيس منع ڪيم ۽ سمجهاڻيون ڏنم ته اهڙا موقعا حياتي ۾ پيا ايندا. ڳالهه ذري گهٽ آئي وئي ٿي وئي. هڪ ڏينهن اوچتو چيائين ته ڪو ماڻهو ملڻ آيو آهي. ٻاهر نڪران ته امام علي نازش بيٺو آهي. جنهن کي ننڍي هوندي اسين ڪامريڊ سلفي سڏيندا هئاسين. بس رڳو ايترو چيائين ته ”ڪامريڊ بدر کي ڪيوبا موڪلڻو آهي.“ مون چيو ”حاضر!“ يقين نه ڪندي سبب اسباب بيان ڪرڻ لڳو ته مون کيس روڪي چيو ته ”ڪامريڊ حڪم ٿيو بس وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه آهي.“ نازش به وائڙو وائڙو ته بدر به حيرت ۾ ته هي گهڙيءَ ۾ ڇا ٿي ويو.
ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. بدر دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هي 70ـ 1971ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد 4 نمبر ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦي کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍو خوش هئي جو کيس روزانو سئو ڏيڍ سئو روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب سڪي پگهار تي گذر ڪرڻ وارا تن لاءِ روڪ سئو روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. مان جو ڊاڪٽرن جي اڳڪٿي موجب ڏهن سالن کان پوءِ 1976ع ۾ مرڻو هئس سو مون کي به اطمينان ٿيو ته گاڏو پيو گهلبو. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي.
بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاه ساڻس گڏ هوندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي. سڀني ٻڌو هوندو. هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون پر هو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز ٿي پيس پر هو نِيتَ وارو ماڻهو هو ۽ حق جي ڳالهه ڪيائين ته ”جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون تيسين هو بس واپس نه ڪندو.“ مان چوان ته ”اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون!“ پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي.
هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي؟ نه بدر کي همٿ ٿئي نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وچ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هئو. شينهن جي دل هئس. پاڻ مرادو چيائين ته ”چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟“ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته هلو ته مان ٿو کڻي اچان. آفتاب شاهه ۽ بدر ساڻس گڏ وبا ۽ هو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو.
ٻئي ڏينهن دائود پـٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي حيدرآباد ۾ ڳولها ڦولها ڪيائين پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيو مانس ته ”بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه.“ مڙس مٿير هئو چيائين ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون“ اهو به چيائين ته ”بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس تون رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي!“ چيم ”اهو ڪونه ٻڌائيندس باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس!“ چيائين ته ”پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو. باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي!“ مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته ”لالا تنهنجي عزت، منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس پٺتي نه پوندس!“ سلام دعا تي فون بند ڪيم. دائود پٺاڻ ڪهڙو به هئو پر منجهس خوبيون به وڏيون هيون. مير رسول بخش ٽالپر جو جهڙوڪر ملهه ڳڌو ٻانهو ۽ مريد هئو. مون کي ڪجهه خطرو محسوس ٿيو سو مير صاحب کي فون تي اطلاع ڪري ڇڏيم. چيائين ”ڇٽو آهين دائود خان ڪجهه نه ڪندو!“ دائود خان دٻ ڏني هنن مزدور ليڊرن کي ۽ انهن وري ڍڪيل ڇپيل دڙڪا موڪلڻ شروع ڪيا مون کي ۽ بدر کي. مون به کين دڙڪو ڏنو ته ”خبردار منڍيون لهي ويندؤ.“ جهيڙو چوٽ چڙهي ويو.
هڪ ڏينهن اوچتو ڪامريڊ اعزاز نذير اچي مون وٽ نڪتو، اهي مزدور ليڊر ساڻس گڏ هئا. مون کي سمجهڻ ۾ دير نه لڳي. اعزاز نذير اڃا ٻه اکر ڳالهائي مس ته مون بدر کي چيو ته ”بس جون چاٻيون کڻي اچ!“ بدر وائڙو وائڙو چاٻيون کڻي آيو ته اهي کڻي اعزاز نذير جي جهولي ۾ وڌم. هو ويچارو پاڻ حيران، حيران، مون کي چيائين ته ”ابڙو صاحب هي پارٽي جو حڪم ناهي!“ مون چيو ته ”واسطو ته پارٽيءَ جو ئي ٿيو، نه ته تنهنجي اچڻ جي ٻي ڪهڙي معنيٰ يا حيثيت رکي ٿي؟“ اهو هو پارٽي ڊسيپلن جو اسان پراڻن پاڻ تي مسلط ڪري ڇڏيو هو. ڄڻ ته اسين پارٽي جي هڪ معمولي پرزي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هئاسين. تنظيمون ائين هلنديون آهن. ائين نه جو پليجي (رسول بخش) جهڙي پهاڙ جا پنهنجا سکيا ورتل ٻالڪا به کانئس ڇڄي کيس انٽ شنٽ ڳالهائيندا وتن. هوڏانهن اسلامي تنظيم هئي بدو عربن جي. چوڏهن سئو سال گذري ويا آهن جو اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪروڙين ماڻهو محمد صلي الله عليه و آله وسلم تي درود سلام پڙهندا اچن. مارڪس ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي. جو نه پاڻ پنهنجي سر عملي ميدان ۾ آيو نه ئي ڪو هڪڙو محض هڪڙو، پوئلڳ پنهنجي حياتيءَ ۾ پيدا ڪري سگهيو. ڪميونسٽن کي هيءَ ڳالهه ڳهڻ ڏکي لڳندي پر انڪار به نه ڪري سگهندا.
اعزاز نذير کي مون رڳو ايترو چيو ته ”منهنجا چاليهه هزار لڳل آهن بس تي، ان لاءِ ضامن ڏين پوءِ مان وصول ڪرڻ ڄاڻان ٿو!“ هنن جهٽ هائو ڪئي. نيٺ اهي پئسا مون سندن ضامن کان پوليس معرفت وصول ڪيا. حسن اتفاق اهو ٿيو جو ميرپورخاص ۾ ايس ايس پي ٿي آيو هزار خان جتوئي جو لاڙڪاڻي جو، دوستن جو دوست ۽ ڀلوڙ ماڻهو هو. ان کي رڳو فون تي عرض ڪيم ۽ هن پئسا وٺرائي ڏنا، ايئن بدر جي بس مهم جو خاتمو ٿيو.
مون مٿي لفظ ”ڀلوڙ“ استعمال ڪيو آهي. جناب علي احمد بروهي صاحب، جو ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو آهي ۽ ايترو ته پُر اعتماد لهجي ۾ ڳالهائيندو آهي جو ان مان سندس طنزيه انداز به پيو بکندو آ، تنهن صاحب جو چوڻ آهي ته لفظ ڀلوڙ ڍڳي ڍور لاءِ استعمال ڪبو آهي. ماڻهوءَ، ليکڪ يا شاعر لاءِ نه، هاڻي ڪير ڪڇي؟ جي ڪجهه ڪڇجي ته پوءِ هڪ ڪلاڪ سندس ليڪچر ٻڌجي ڇو ته ٻئي کي ڳالهائڻ جو وارو ئي نه ڏيندو. اسان جا اڄڪلهه جا نفيس ۽ نازڪ ليکڪ ”وارو“ چوڻ بجاءِ چون ”واري“، ڄڻ واريءَ جي ڍير تي بيٺا آهن. بروهي صاحب پنهنجي پر ۾ صحيح هوندو ڇاڪاڻ ته هو هڪ مخصوص ماحول، ماڳ ۽ ماڻهن جي تمام سـٺي ڄاڻ رکي ٿو. پر مان به سنڌ ڄائو آهيان ۽ ڍڳن، ڍڳين، وهڙن کي چڱي طرح ڄاڻان ٿو. ڍڳو به ڀلو ٿيندو آهي گهوڙو به ڀلو ٿيندو آهي ته ٽانگو به ڀلو ٿيندو آهي ماڻهو ڇو نه؟ اسان وٽ ڀل مانس ۾ ڀل مانسي (مانس معنيٰ ماڻهو) عام مروج آهي. ”ڀلا ڪن ڀلايون، مدايون مدن،“ ڀلن ماڻهن لاءِ آهي. ڍور ڍڳا ڀلايون ڪونه ڪندا آهن. ڀلوڙ جو ته اشتقاق ئي آهي، ڀلو + وڙ يعني ڀلو وڙ ڪندڙ. ڍور ته وڙ ڪونه ڪندا آهن. ها، دل آزاري مطلب ڪونه اٿم. بروهي صاحب لاءِ عزت اٿم. سندس صدقي سڀني بروهين کان معافي. بروهي ته منهنجا مائٽ آهن، ادا شمس جي گهر واري بروهڻ آهي سو خبر اٿم ته هو ٻوليءَ جو ڪهڙو کچڙو بڻائين ٿا، اصل ڌاڻا ڪڍي ٿا ڇڏين.
اهو ڏوهه جناب علي احمد بروهي صاحب جو ناهي. ٻوليءَ جون جڙون آهن ٻهراڙيءَ ۾. اسين جو لڏي پلاڻي، مٽيءَ سان واسطا ڳانڍاپا ٽوڙي، ورهين کان شهري ماحول ۾ ٿا رهون، سو ڪيئن پنهنجي جهانگيئڙن اوٺيئڙن جي ٻولي کي سانڍي رکنداسين. بدر چوندو آهي ته ”اهو به شڪر ڪيو جو سندس ٽهيءَ وارا، سنڌي ڳالهائن ٿا ۽ پڙهن لکن ٿا. سندس اولاد وٽ اها وٿ به ڪانه هوندي.“ مان مٿي ڪٿي لکي آيو آهيان ته حميد سنڌي جهڙو عالم، اديب ۽ درسي ڪتاب ڇپائڻ واري اداري جو سربراهه ۽ وڏي ڳالهه ته زميندار ماڻهو منهنجي روبرو هر هر ويٺو چوي ته ”لاهه پٽي ڇڏيائين. اڙي ڀائي! لاهه ڪو ٻير آهي، انب آهي، ليما آهن جو پٽي وٺبا. لاهه ته وڏي جاکوڙ کان پوءِ کوٽي کوٽي ڪڍبا آهن . پٽبا ڪيئن؟“
ٻيا ته ٺهيو سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر جهڙو عالم ۽ عوامي ليڊر سو هڪ ڏينهن شيخ اياز جو شعر ”منهنجو ديس مهان“ پڙهندي اچي مٽيو ته ”هي اڄ ڪلهه جا شاعر هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ ڇو ٿا ٽنبين؟ عظيم ڇو نٿا چون. اهو ’مهان‘ لفظ اسان وٽ نڪو آهي، نڪو استعمال ٿئي.“ ڪڇي ڪير؟ هڪڙو شيدي گوڏا ڀڃون ويٺو هو سو هٿ ٻڌي چيائين ”سرڪار اهو لفظ ته هوٽلن تي ويٺي هرڪو ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا ٿو چوي.“ـ ”ها ڏاڏا؟ ڪيئن ڀلا؟“ شيدي بادشاهه چئي ڏنو ته، ”سرڪار چوندا آهن فلاڻو مها مادر (....) فلاڻو مها.....“ مير صاحب کلي ويٺو چيائين”بس ڏاڏا بس، اسان کان غلطي ٿي وئي.“ اسان جا ذهن به پوءِ کليا ته مار اهو لفظ ته تمام گهڻو استعمال ۾ آهي. حقيقت ڇاهي جو گهڻو وقت غير استعمال رهڻ سبب ذهن جي پٽڙيءَ جو ٽيون سيل گل (فيوز) ٿي وڃي. پوءِ جڏهن ڳانڍاپو (ڪنيڪشن) ٿيس ته جهٽڪو ڏيئي چالو ٿي وڃي ٿو.
حيدرآباد ۾ هڪ نجي ۽ گهريلو واقعو ٿيو. مان جو اوچتو تاج محمد سان گڏ حيدرآباد وڃڻ لڳس ته ادا شمس چيو ته سندس گهر واري جا حيدرآباد ۾ پيڪن وٽ مهيني کان ٽڪيل هئي. ان کي وٺيون اچان. نه ته کيس پاڻ وڃڻو پوي ها ۽ پاڻ تمام مصروف وڪيل هئو. مون کي ويهه پنجويهه رپيا ڀاڙي ڀتي لاءِ به ڏنائين. حيدربخش جتوئيءَ کان ڪم وٺي، مون تاج محمد کان موڪلايو. مان سلوار قميص ۽ چمپل ۾، ننڍڙي هڙ هٿ ۾ جنهن ۾ ڏندن جو برش پيسٽ، ڦڻي ۽ هڪ وڳو پيل هئو کڻي اچي صدر ۾ پنهنجي ڀاڄائي جي گهر نڪتس.
گهر سٺو، وڏو، پڪ سرو، ٽائيلون لڳل ٻاهر هڪ ننڍو ملاقاتي ڪمرو به هئس. اتي عبدالعزيز بروهي، ڊي آءِ جي پوليس حليم بروهي جي والد صاحب سان به ملاقات ٿي. منجهس پوليس آفيسر واري خوبي اصل ڪانه هئي. نڪو پوليس وارو يا اردلي، در تي بيٺل هو، مرحوم سفيد قميص ۽ پاجامي ۾ گهر ڀاتي، جيان ويٺو هو. نڪا ڊاڙ ڊش، نه لٻاڙ، نه پوليس کاتي جا ڪارناما حليم طبيعت ۽ نوڙت وارو ماڻهو هئو. شايد ان ڪري ئي پٽ جو نالو حليم رکيائين. سندس ڀاءُ هو. عبدالرحمان بروهي جو نهايت وضعدار شانائتو ۽ مذهبي قسم جو ماڻهو هو، سليم بروهي ان جو پٽ آهي جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي ۽ سندس گهر واري وري منهنجي گهر واريءَ جي ڀاڻيجي (آغا محمد نواز پٺاڻ جي نياڻي) آهي ۽ نهايت شاندار خاتون آهي. محترم عبدالعزيز بروهي ۽ عبدالرحمان بروهي جو مامو هوندو هو. عبدالڪريم بروهي جنهن جي نياڻي منهنجي ڀاڄائي (ادا شمن جي گهر واري) آهي.
اها مائٽي ميهڙ واري سائين علي اڪبر شاهه ايم پي اي ڪرائي ڏني هئي جو بابا جو مذهبي ۽ علمي ناتي مداح هو. نڪاح مهل بابا ننڍي تقرير فرسوده ۽ غير اسلامي رسم رواج متعلق به ڪئي هئي جا حيدرآباد جي چونڊ خاندانن elite کي به گهڻو پسند آئي. محترم محمد حفيظ قريشي جو ان وقت1943ع ۾ نوجوان هو کي به گهڻو پسند آئي ۽ کلي ساراهه ڪيائين محترم عبدالعزيز بروهي جي اها به وڏي خوبي هئي جو پٽن کي ڇڏي ٻين مائٽن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرايائين. جن مان عبدالرشيد ۽ احمد علي صوبيدار ٿي رهيا. باقي عبدالستار بروهي ڊي ايس پي ٿيو ۽ اڪبر بروهي ايس ايس پي ٿي ويو. گهرو ۽ نجي ڳالهه ٿي ڪيم پر وڃي بروهي خاندان تي پهتس.
ڀاڀي مهينو کن مائٽن ۾ رهي هئي مان جو اچتو وڃي چيومانس ته ”توکي وٺڻ لاءِ ادا موڪليو آهي“ ته ڪجهه گهٻرائجي وئي. سوچي چيائين ته ”ادا رات رهي پئه سڀاڻي ڏسي وٺنداسين!“ مان وٽن رهي پيس پر صبح جو ڏاڍو ڏکيو ٿيس جو ٻاهر باٿ روم جو انتظام ڪونه هو. شهرن ۾ مهمان رهائڻ جو رواج ئي ڪونهي. پر مان به حيدرآباد شهر جو واقف، نور محمد هاءِ اسڪول جو ۽ ڊي جي نيشنل ڪاليج جو پڙهيل سو سٽاڪ سٽاڪ ڪندو اچي ڪئنٽ هاءِ اسڪول وٽ پهتس آچر هئو ۽ اسڪول بند هئو، ڳالهه سولي ٿي پئي. سامهون ڏسان ته منهنجي پراڻي ڪوٽڙي واري دوست امير محمد عباسيءَ جو گهر هئو. ان کي سڏ ڪري پنهنجو مسئلو ٻڌايم ته ناراض ٿيندي رکائيءَ مان چيائين ته ”پوءِ مان ڇا ڪيان؟“ چيو مانس ته ”اڙي چريا سامهون اسڪول بند پيو آهي، تون رڳو ڪوئنرو ۽ پاڻي ڏي.“ سندس من تان بوجهه لهي پيو چيائين ”يار اڳتي لاءِ مون کي به ڏس ڏيئي ڇڏيئي.“ مان ڪمپائونڊ وال پلويڙو يا ٻاهرين ڀت ٽپي اندر هليو ويس ۽ گهڙيءَ ۾ موٽي آيس هي ڏکي صورتحال انهي لاءِ ٻڌايم ته جيئن اسان جا دوست، شهر ۾ ڪنهن جا مهمان ٿيڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچين.
انهي ڏينهن ڀاڀي مون کي چيو ته ”ادا مان ته هلڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪي مسئلا آهن، سو تون ڀلي وڃ مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڀاءُ يا ڀائٽي سان گڏ پاڻهي ايندس!“ مون چيو ”ٺيڪ!“ ۽ انهيءَ مهل ئي ڪوٽڙي پهچي ريل گاڏي ۾ لاڙڪاڻي پهتس. گهر ۾ گهڙيس مس ته ادا شمن پڇيو ته ”ڇو منهنجا ٻار نه آندئي!“ مون اکر به اکر اهي لفظ کيس ٻڌايا جيڪي ڀاڀي چيا هئا، ڏٺم ته ادا شمن کي پنهنجي گهر واريءَ تي ڪاوڙ آئي. امان به لوهه تتل ڏسي، عام رواجي سس جو ڪردار ادا ڪندي ڪجهه تيز لفظ ڳالهايا چي ”بلي بروهڻ! ڏير ويو آ وٺڻ ته ان کي موٽائي ڇڏيو اٿائين. الائي ڪهڙا گل ڪڍيا اٿس وڃي پيڪن ۾ سڃا ههڙا تهڙا.“ ادا شمن زهر جو ڍڪ پي نڪري ويو ڪاوڙ ۾ ڪو ڏاڍو نازيبا خط لکي زال کي موڪليائين. اهو غلط اصول آهي، ڪاوڙ مهل ڪو به اٻهرو قدم نه کڻجي. ڍر ڏجي ته معاملو نه رڳو صاف ٿي بيهندو پر معمولي نظر ايندو. ڀاڀيءَ کي جو اهڙو خط پهتو ته پاڻ ۽ سندس ڀائر پريشان ٿي ويا ۽ ٺڪر ڀڳو مون تي ته ”ضرور جمال الائي ڇا ٻڌائي سڀني جا ڪن ڀريا آهن! ڀاڀي خط ملندي ئي ڀاءُ کي ساڻ ڪري اچي لاڙڪاڻي پهتي. اچڻ سان مون کي ميار ڏنائين ته ”واهه ادا واهه، توکي شابس هجي، هرو ڀرو هيڏو خلم مچائي ڇڏيئي!“
واقعي سڄو گهر جو ماحول گرم هجي. عورت ويچاري ڪچي پنڊي حيران پريشان ته هن ڏوهه ڪهڙو ڪيو هو؟ مان ڇا جواب ڏيان. نه هوءَ، نه سندس ڀاءُ مون تي اعتبار ڪن ها. ائين ڪندي ادا شمن به اچي نڪتو مون کي موقعو ملي ويو ۽ چيم ته ”ڀاڀي هاڻ پاڻ کان پڇوس ته مون کيس ڇا چيو ؟ صرف اهو چيم ته ڀاڀي چيو آهي ته هوءَ پاڻ ئي ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڀاءُ سان گڏجي پهچي ويندي.“ ادا شمن به مڃيو. منهنجي جند ڇٽي ڏٺم ته ادا به پنهنجي ڪئي تي نادم هئو. تڪڙ ڪم شيطان جو! مان خدا خدا ڪندو نڪري ويس. پٺيان ڀاڀي کي چوندو ٻڌم، مڙس کي چيائين ته ”مون تنهنجو ڏوهه ڪهڙو ڪيو هو جو منهنجي ۽ منهنجي مائٽن جي هيڏي بيعزتي ڪيئي؟“ ادا موزون جواب ڏئي زال کي ۽ سالي کي ٺاري ڇڏيو. ڏسو! معمولي واقعو، نيت به سڀني جي صاف، ڏوهه به ڪنهن جو نه تڏهن به اٻهرائي ۽ ناترتيبي mishandle ڪرڻ سبب الائي ڪهڙو خلم ٻري پوي ها. گهرو مسئلن ۾ تمام خبرداري صبر ۽ مـاٺائي کان ڪم وٺڻ گهرجي. مون کان ٿي جو زباني نياپي بجاءِ ڀاڀي کي چوان ها ته ٻه اکر پرچيءَ تي لکي ڏي ته وڃي ادا کي هٿ ۾ ڏيان هر ننڍي وڏي ڪم ۾ خبرداري ۽ رٿا بندي ضروري آهي نه ته ٿاٻو کائڻ جو انديشو آهي. اهو معاملو ايڏو ته اهم آهي جو قرآن الحڪيم ۾ واضح حڪم ڪيو ويو ته جيڪا ڏيتي ليتي ڪيو سا لکت ۾ ڪيو. واڻيا ماڻهو انهي تي سختي سان عمل ڪن ٿا ۽ اسين مسلمان(ڄٽ) چئون ته مڙس جي زبان ڪافي آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٿوري گهڻي اختلاف تي لٺيون ڪهاڙيون اڀيون ٿي وڃن ٿيون ۽ مڙس ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ گهلجن پيا. ڪڏهن ته ڏهن پنڌرهن روپين خاطر ماڻهن جون منڍيون به لهي وڃن ٿيون. سو مڙس جي زبان کي ڇڏي لکپڙهه تي زور رکو ۽ شاهد به واريو. جي ڪوئي مرد شاهد ناهي ته زائفن (ضعفائن) جي شاهدي به ڪافي آهي هي قرآني حڪم آهي. منهنجو ناهي.
قلم آهي بي لغام، سو ڪاڏي جو ڪاڏي وڃي ٿو نڪري. مون ذڪر پي ڪيو هنن يورپي صاحبن جو جن کي حسن مجتبيٰ وٺي آيو هو. نقشبندي سلسلي وارن جي هنسڪ رويي جي بچاءَ ۾ مون ترڪي حڪومت جي مذهب خلاف پڪڙ پڇاڙ ۽ غير جمهوري طريقن جا مثال ڏنا. حڪومت يا طرز حڪومت ڪهڙي به سٺي هجي پر جڏهن ماڻهن جي سوچ ۽ شخصي آزاديءَ تي پابنديون لڳائجن ٿيون ته ماڻهو جيڪڏهن ڪڇن نٿا ته پڇن ضرور ٿا ۽ نيٺ ٻڙڪي پون ٿا. ايران جي سفر جو تفصيلي بيان ڇڏي انهي تي اڪتفا ڪيون ٿا ته نظام حڪومت ڏاڍو سٺو ۽ امن امان وارو هئو ۽ ماڻهو به سکيا هئا، ڪوئي بک ڪونه ٿي مئو، نه ڪوئي بي گهر ۽ نه ڪوئي ڦاٽل لباس ۾ هئو تڏهن به ٻه ٽي اهڙا واقعا ٿيا جن منهنجي ذهن ۽ مٿي تي مترڪا هنيا. هڪ خوشحال گهر ۾ ٽي وي تي چار پنج سيڪنڊ امام خميني ڏيکاريو ويو جنهن هٿ مٿي کڻي ماڻهن کي دعا ٿي ڪئي يا پنهنجي استقبال جو جواب ٿي ڏنو ته هڪ گهر ڀاتيءَ چئي ڏنو ته ”الائي امام پاڻ آهي يا سندس بوتو پيا ڏيکارين!“ ٻيا گهر ڀاتي به مشڪيا معنيٰ ته حڪومتي ادارن تان اعتبار کڄي ويو هو يا مورڳو حڪومت تي ٺٺول هئي.
احوال کي مختصر ڪندي شهر شيراز ۽ اصفهان جو ذڪر ڇڏي ٿو ڏيان رڳو ايترو ٻڌايان ٿو ته شيخ سعدي عليه رحمت ۽ حافظ شيرازي عليه رحمت جي مزارن تي صفائي سٺائي ۽ انتظام ته ٺيڪ ٺاڪ هئو، باقي ايراني نوجوانن کي ڏٺم ته هو سندن قبرن تي بوٽ سميت پير رکي فوٽو پيا ڪڍائين. مون فاتحه لاءِ هٿ کنيان ته مون تي کليا. ٻي ڳالهه جا نوٽ ڪيم سا اها ته حافظ شيرازي جي مقبري تي ڪيترائي پيشه ور فال ڪڍڻ وارا مليا. مون کي هڪدم ياد آيو ته اسان جي ملڪ ۾ به اڃا تائين ديوان حافظ مان فال ڪڍي ويندي آهي.
اصفهان ڏسڻ کانپوءِ هر ڪو ان نتيجي تي پهچندو ته فن معماري واقعي ايران ۾ چوٽ تي هئو. تمام نفيس ڪاشيءَ جو ڪم گنبذ ۽ ونگ ڇڏي مون کي معماري جا بلڪل نوان ۽ نادر طريقا نظر آيا جنهن جو اسين تصور به نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪنهن انجنيئر يا معمار ان تي سوچيو هوندو. مثلا مسجد علي ڪاپو جو نقشو عجيب نواڻ وارو آهي مسجد ته نه آهي هڪڙو ڪامپليڪس آهي. سئو کن ايڪڙن ۾ هڪڙو مستطيل ڪمپائونڊ آهي جنهن کي چوڌاري پڪو رستو آهي. اندر وڃڻ لاءِ چئني طرفن کان چار مکيه گيٽ يا دروازا آهن جن مان به پڪا رستا آهن. موٽرڪارون اندر هليون وڃن ٿيون. وچ تي هڪ وڏو مستطيل باغ آهي جنهن جي چوڌاري پڪو رستو آهي. باغ ۾ ٻارن لاءِ جهولا ۽ گسڪڻيون به آهن. باغ وٽان چوڌاري ڪيترائي دروازا آهن مسجد ۾ وڃڻ لاءِ. اندر وڃو ته اول چوڦير شاهي بازار آهي جا سڄي ڍڪيل ۽ بند آهي ڇو ته ايران ۾ سخت ٿڌ ۽ برفباري ٿئي ٿي. بازار مان جتان گهڙو چئني پاسن کان مسجدون ئي مسجدون آهن. آهي نه بلڪل نئون تصور (Idea) مسجد ۾ اندر وري اهڙو معماري فن رکيل آهي جو رڳو پير زور سان پٽ تي هڻو ته ان جو آواز يا پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو. معنيٰ ته امام صاحب جيڪي به پڙهائي يا خطبو ڏئي سو سڀ ماڻهو آساني سان ٻڌن.
ٻيو به هڪ حيرت انگيز نئون نمونو ڏٺم. اصفهان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. وچان جابلو ندي ڪڙڪاٽ ڪري وهي ٿي. ان مٿان جا پل آهي سا به هڪ عجوبو آهي. گهڙي سوا لاءِ ڄامشورو پل يا سکر بئيراج جي پل خيال ۾ رکو. لهواري پاسي ته آهي پڪو روڊ گاڏين جي اچ وڃ لاءِ. مٿئين پاسي آهن ٿنڀا جتان پاڻي تيز گڙگاٽ ڪندو، ڪُن هڻندو، ڦينگون اڇليندو دروازن مان هيٺ وڃي ٿو. اهو نظارو رڳو پري کان ڏسي سگهجي ٿو. هنن يارن (معمارن) ڇا ڪيو آ جو ٿنڀن کي ڪجهه وڏو ۽ ڊگهيرو ڪيو اٿن جيئن ويهڻ لاءِ ڪافي ويڪري جڳهه ملي. پوءِ ٿنڀن کي 5 فوٽ پائري وسيلي ملايو اٿن. کڻي جو ڏس ته هر هڪ ٿنڀي تي ماڻهو فئملي سميت ويٺا آهن، ويٺا مانيون ۽ فروٽ کائين. آهي نه نئون آئيڊيا. ايراني ماڻهو شيل (پڪنڪ) جا اهڙا شوقين جو فئملي ساڻ ڪري نارنگيون وٺي جهنگ ۾ ڪاهي پون. پوءِ ڀلي ڪرڙ ڪانڊيرو هٿ اچين ان جي ڀر ۾ قالين وڇائي ويهي رهندا. ڳالهين جا ڳهير، سڄو ڏينهن قصا ڪهاڻيون ڪٽي، نارنگيون چوسي موٽي ايندا. ها! اهو ٻڌائڻ ته ڀلجي ويس ته پل جي مٿان به ڪوٺڙيون ٺهيل آهن جي اڳواٽ في ڀرائي هڪ ڏينهن مسواڙ تي وٺي ٿيون سگهجن. پل مٿان رات گذارڻ ڪيڏو نه مزو هوندو. اسان جي انجنيئرن جي خواب خيال ۾ به اهڙي تعميراتي رٿا ڪانه آئي هوندي. شهر قم طهران ۽ مشهد شريف ۾ جيڪي روضا ٺهيل آهن تن اڳيان اسان جي مغل بادشاهن جا ٺهرايل شيش محل ته رانديڪا ٿا لڳن.
مون ڳالهه ٿي ڪئي ماڻهن جي نفسيات جي. قم امام خمينيءَ جو شهر آهي ۽ اتي درسگاهه ۽ مدرسا گهڻا آهن. قم جي مٺائي به تبرڪ ڪري وٺبي آهي. اتي روضو آهي بيبي معصومه بيبي فاطمه امام رضا عليه السلام جي ڀيڻ جو. روضي جو سونو يا سونهري گنبذ پري کان پيو ڏسجي. ٽئڪسي وارو اوڏانهن هليو پئي ته سائي پڳڙي ۽ جبي سان هڪ شخص ٽئڪسيءَ اڳيان لنگهيو. مون ٽئڪسي واري کان پڇيو ته ”اهو آخوند هئو ڇا؟“ جواب ڏنائين ”آغا اين جا ڪارخانئه آخوند است“ يعني سائين هتي آخوندن جا ڪارخانه آهن. هي طنز ڏاڍي معنيٰ خيز هئي. صاف ظاهر هو ته ماڻهو آخوندن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن مان بيزار هئا.
ٽيون واقعو طهران ۾ پيش آيو اتي به ٽئڪسي واري اسان کي مختلف جايون گهمائيندي مون کان پڇيو ته ”آغا توهان شاهه جي ڏينهن ۾ ايران گهميو؟“ مون چيو ”نه!“ هڪدم چيائين ”افسوس، توهان تي افسوس ٿو ٿئيم!“ ظاهر آهي ته ماڻهن شاهه جي دور جي آزادي، ريل ڇيل گهمڻ، حسين عورتون ڏسڻ، راڳ ناچ، سئنيما وغيره جي ٻاڙائي کي شديد طرح ساريو ٿي. انسان ڪهڙو به سکيو هجي پارسا پاڪبار هجي، هو بندشون برداشت نٿو ڪري سگهي. چاهتون دٻائي سگهجن ٿيون ماري نٿيون سگهجن.
روس ويس اهو ته سپر پاور هئو. ماڻهو خوشحال ۽ خوش خوراڪ تڏهن به ڏس ته هر ڪنهن جو منهن ڀيلو! چي ”مرضيءَ جو وڳو به پائي نٿا سگهون!“ عام چيو ويندو آهي ته ”روس کي ٽوڙيو جين جي پتلون ۽ ولائتي چاڪليٽن.“ ائين ناهي، ماڻهن جي سوچ تي پهرا هئا. ماڻهو حڪومتي داٻ کان هيسيل ۽ ڊنل هئا. بندشن کان بغاوت ڪيائون. مادام مسز آئرينا ڪئرپٽيٽ اورينٽل اسٽڊيز سينٽر ماسڪو جنهن ۾ لکين ڪتاب آهن جيڪي نه رڳو پڙهي پر ڪنن تي کوپا رکي ٻڌي به سگهجن ٿا، ان جي سربراهه يا نائب سربراهه هئي. شام جو ماسڪو هوٽل جي لان تي اچ وڃ ڪري پسار پي ڪئيسون. هوءَ هر هر هيڏانهن هوڏانهن لوڻو ڦيري جائزو وٺي رهي هئي. فڪرمند ٿي ڏٺي. مون چيو مانس ته ”ڇا ڳالهه آهي؟“ چيائين ته ”متان ڪو جاچيندو هجي!“ ائين ڪندي مسٽر شاشا جيڪو پڻ مهمانن جي خاطرداري لاءِ مقرر هئو، سو وٽس آيو ۽ روسي زبان ۾ هن کي ڪجهه چيائين ۽ هليو ويو. مسز آئرينا چيو ”ڏٺئي نه! چئي ويو ته مهمانن سان ويجهو نه ٿي.“ مون چيو مانس ته ”پوءِ هل ته ريسٽارنٽ ۾ هلي ڪافي ٿا پيئون يا ماني کائون!“ جواب ڏنائين ته ”نه، انهيءَ تي بندش پيل آهي. منع ڪئي وئي آهي!“ چيو مانس ته پوءِ ”منهنجي ڪمري ۾ هل اتي ڳالهيون به ٿا ڪريون ۽ ڪافي به ٿا گهرايون.!“ چيائين ”جمال صاحب تنهنجي مهرباني پر اجايو مون کي تڪليف ۾ نه وجهه!“ پڇيومانس ته ”پاڪستان مان توکي ڇا موڪليان؟“ عورت ويچاري جي ڪمزوري ڪپڙا. چيائين ته ”ٽِڪن سان ڀرت ڀريل ڪپڙا!“ ائڊريس ورتائين ۽ چيائين ته ”خط ۾ تفصيل لکنديس!“
ٽي خط لکيائين مون جواب ڪونه ڏنو مانس. البته گهر واريءَ سان گڏجي ٺٽي ويس ۽ هو ٽِڪن لڳل آئينن واريون ٽڪون ڀرت ڀريل ڳچيون پلاند وغيره وٺي آئي سي هڪ هٿيڪي ماڻهو هٿان کيس موڪليم. ڀانيان ٿو ته کيس ڪونه پهتا جو سندس ڪو به خط ڪونه آيو. لڳي ٿو ته هن صاحب پنهنجين دوست ڇوڪرين ۾ ورهائي ڇڏيا. مون کي الڪو ٿي بيٺو مسز آئرينا جو الائي ڇا ٿيو. ويهن سالن کان پوءِ مادام لدميلا جڏهن ڪراچي آئي ته کانئس پڇيم ته اڇاترو جواب ڏنائين ته ”هوءَ ماسڪو مان ٻئي هنڌ منتقل ٿي وئي آهي!“ ٻنهي جو تعلق ادبيات سان هئو شايد ڪا پاڻ ۾ پيشه ورانه غلط فهمي هجين. اهو فقط منهنجو پنهنجي ملڪي ماحول مطابق گمان ئي هوندو ۽ غلط هوندو مادام لدميلا تمام اعليٰ ۽ وضعدار خاتون آهي ۽ ساڙ ۽ حسد کان پاڪ.
هي ته ٿيون عورتون، پر روس جي مردن کي به ساڳيون شڪايتون هيون. چي ”ملڪ به اسان جو سٺو، نظام به، محنت به اسين وڌيڪ ڪريون، تڏهن به يورپ ۽ آمريڪا جو پورهيت اسان کان وڌيڪ خوشحال آهي. کيس ريڊيو، ٽي وي پنهنجي، نجي ڪار، پنهنجو گهر ۽ گهمڻ ڦرڻ جا وڌيڪ موقعا آهن!“ هي آهي چٽو پٽو مثال پنهنجي جند ۾ غرق ٿيڻ جو. اهو ڪونه ٿي ڏٺائون ته آس پاس سڀ ڪو غريب غربو سکيو ستابو روزگار سان لڳل ۽ خوش باش هئو. مان اڳ ئي گهڻو ڪجهه انهي مسئلي تي لکي آيو آهيان ته پنهنجي جند ۾ گم Introvert ٿيڻ سان ماڻهو خود رحمي self pity جو شڪار ٿئي ٿو ۽ پوءِ خود پارسائي جي گناهه sin of self righteousness ۾ ڦاسي خود غرض selfish ٿي پوي ٿو. تهان پوءِ منجهانس ٻين جا ڏک ۽ سک ڏسڻ جو احساس objectivity ڌنڌلو ٿي وڃي ٿو ۽ سندس صحيح ۽ غلط وارو ماپو درست نٿو رهي.
انهيءَ سوچ سندن اندر ۾ وڍ ڪٽ ڪري ماڻهپو مٽائي، سهڻن سپنن ۾ وچڙائي ڇڏيو. مان چاڪليٽ ۽ جينز جي پتلون کي اهميت نه ڏيندس. ها، ولائتي سگريٽ، ولائتي اسڪاچ، وهسڪي، ٽي وي، وي سي آر، موٽر ڪار ۽ ٻاهرين ملڪن جو سير سفر سندن خيالي جنت جو محور بڻجي چڪا هئا. اها ڪا غير معمولي چاهنا ڪانهي، انساني ساخت ئي اهڙي آهي جو جيڪي وٽس آهي ان کي ڪا اهميت نٿو ڏئي، باقي جيڪي وٽس ناهي ان جو هو روئڻو روئي ٿو. انهي ڪري صوفي ۽ الهه لوڪ بزرگ تلقين ڪندا آهن ته ڪاڻو نپٽ انڌي کي ڏسي يا منڊو ان کي ڏسي جو ٻنهي ٽنگن کان لولو آهي ۽ اهڙي طرح صبر ۽ شڪر ڪن. پر روس ۾ ته سرڪاري طرح الله ۽ آخرت جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. سو اهو هٿيار به کانئن هليو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو هيڏو سارو مضبوط لوهو ٽڪساٽ ٽٽو ته ٽاڪو ئي نه لڳس. هاڻي ساک بحال ڪرڻ لاءِ چنگيز ۽ هلاڪو وارا حربا استعمال ڪري چيچنيا ۽ ٻين نٻل رياستن تي بارودي باهه وسائي، لٻاڙ پيا هڻن ته روس اڃا به ٻلوان سپرپاور (عظيم طاقت) آهي. تفوبرتو.
اهو چٽو پٽو ڪوڙ white lie به پڌرو ٿي پيو ته روسي ماڻهو سيڪيولر(لامذهب) سياڻپ جو سرچشمو ۽ عقيدي پرستيءَ کان آجا ۽ سڌريل ماڻهو ٿي ويا هئا. ٻه ٽي پيڙهيون گذرڻ بعد جيئن ئي ڪميونسٽ ڏاڍ جو ڏنڊو ٽٽو ته اک ڇنڀ ۾ ماڻهو مذهبي ٿي ويا. وچ ايشيا وارا ماڻهو ساڳيا مسلمان ۽ نمازي بڻجي ويا ته وائيٽ رشيا ۽ يوگوسلاويا جا ماڻهو ڪٽا ڪرستان. اهڙا جو گگر جو واس ڏيندا. ڪراس ڳچين ۾ پائي ديولين (گرجائن) ۾ حضرت عيسيٰ ۽ بي بي مريم جي مورتين آڏو مٿا ٽيڪڻ لڳا. پنهنجي هم وطن مسلمان شهرين جو ڪوس شروع ڪري ڇڏيائون. اهو ته ٺهيو پر پنهنجن پراڻن فرسوده فرقن کي به چنبڙيا رهيا، جا ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته پشت به پشت مذهب هڪ پيڙهي کان ٻي پيڙهي تائين منتقل ٿيندو آيو. مئڊم لدميلا جا عالم، اسڪالر، ذهين ۽ ماسڪو جي تمام وڏي مشرقي علومن جي اداري جي سربراهه آهي، ان کي پهرين جنوريءَ تي فون ڪري نئين سال جي مبارڪ ڏنم ته چيائين ته ”اسان (سندن فئملي) گريڪ ميٿاڊڪ چرچ جا پوئلڳ آهيون ۽ اسان جو نئون سال پنجين جنوري تي شروع ٿيندو آهي.“ ڏيو منهن! هڪ صدي دهريو رهڻ کان پوءِ به خاص فرقي جو جيوڙو بڻ بڻياد ۾ موجود هئو ۽ مئو ڪونه هو. مئڊم لدميلا هڪ نهايت شاندار خاتون ۽ انسان دوست آدمي آهي. دل ٿي چوي ته سندس مفصل ذڪر ڪري ڇڏيان تڪڙ به ڏاڍي اٿم جو حياتي وٿين مان وهندي پئي وڃي سڀاڻي هجان الائي ڪونه.
اول حسن مجتبيٰ ۽ سندس يورپي دوستن کي اڪلائيندو هلان جن صوفي نقشبنديءَ جو ٻڌي ڇرڪ ڀريو هو ته اهي ته ڪٽا ۽ ويڙهاڪ آهن. مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئون کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري! هيڏو لمبو بحث ته ڪونه ٿيو هو پر مون کين چيو ته ”ترڪيءَ ۾ مذهب تي ايڏي پابندي آهي جو پارليامينٽ جي هڪ چونڊيل مسلمان ميمبرياڻي کي پارليامينٽ ۾ صرف اِن ڪري اچڻ نه ڏنو ويو جو هوءَ مٿو ڍڪي آئي هئي. پوءِ اهڙي ڪوڙي جمهوريت خلاف ماڻهو هنسڪ نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا!“ آمريڪا جو به اهڙو ڪارو منهن آهي جو محمد علي ڪلي ۽ مائيڪ ٽائيسن مشهور باڪسر چيمپين مسلمان ٿيا ته هڪ نه ٻئي بهاني کين سزائون ڏئي جيل اماڻي سندن اعزاز بار بار کسيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو اڄ رد عمل ۾ آمريڪا ۾ پنجاهه سٺ لک ماڻهو اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي ويا آهن.

9

ايران جو ته اڳيئي ذڪر ڪري آيو آهيان پر مٿو ڍڪڻ جي ڳالهه تان ايراني عورتن جو حجاب ياد آيو حجاب معنيٰ ڍڪ يعني چادر اوڙهڻ، بلڪه ويڙهي پوءِ ٻاهر نڪرن، گهڻو ڪري ڪاري چادر يا چٽڪمري چادر اوڙهين. کانئن سوال ڪجي ته حجاب جي حق ۾ جوشيلي تقرير ڪري وڃن. ننڍين نيٽين ڪاليجي ڇوڪرين ته ان جو ٽوڙ ڳولهي ورتو هئو. اهي لباس مٿان ڊگهو ڪوٽ پيون پائن جو سندن پنيءَ کان به هيٺ ڀرو هئو جي ڪوٽ ٿورو ئي سوڙهو هئو ته ڇاتي، چيلهه ۽ ٻنڊڙن جي گولائي ۽ بدن جو هيٺيائون مٿانهيون ڪجهه ڪجهه نظر آيون ٿي. باقي مٿي تي رومال پيون ٻڌن اهو رواج ته مون روس جي وچ ايشيائي ملڪن سمرقند، تاشقند ۽ بخارا ۾ به ڏٺو. اسان جون سنڌي عورتون به ائين ڪنديون هيون ۽ ان رومال کي مصافحو چونديون هيون، امڙ به ٻڌندي هئي. عورت کي تجلي ۽ چمڪ سان چاهه! سو امڙ جا مصافحا ريشمي رنگين ۽ ستارن سان جڙيل هوندا هئا.
ايراني عورتون هونئن ته جوش خروش سان حجاب جو دفاع ڪنديون هيون پر هڪ ڊنر (سرڪاري ضيافت) ۾ جرمن سفير جي زال مون سان گڏ ويٺي هئي ان ڳالهه ڪئي ته ڪجهه ايراني عورتون ساڻس گڏ ترڪيءَ واري جهاز ۾ هيون ۽ چادرن ۾ ويڙهيل هيون. جڏهن کانئن سوال ڪيو ويو ته حجاب! حجاب! چئي ان جي حق ۾ ڳالهايائون پر جيئن ئي جهاز استنبول جي هوائي اڏي تي لٿو ته جهاز ۾ ئي حجاب لاهي ڦٽو ڪيائون. جيئن ئي چادرون لاٿائون ته ڏٺو ويو ته کين لنڊيون اسڪرٽ (فراڪ) پيل هيون ۽ سندن پنيون ظاهر پي ٿيون. ڊگهين کڙين وارا بوٽ پائي جهاز مان ٻاهر نڪتيون، خواهشن کي دٻائڻ سان منافقي پيدا ٿئي ٿي جا هڪ گُهڻو آهي جو ضمير کي لڳي وڃي ٿو. خواهشون دٻائي سگهجن ٿيون ماري نٿيون سگهجن. پوءِ منافقي جنم وٺي ٿي ۽ منافقي زهر قاتل آهي جو فرد کي ڪٽنب کي قبيلي کي بلڪه ساري قوم کي انڌو بڻائي ڇڏي ٿو. جيئن اسان جي اسلامي مملڪت پاڪستان ۾ اسلام اسلام چئي، هر ڀڏو ڪم ڪيو ۽ ڪرايو وڃي ٿو. نه آهي مسلماني، نه آهي اسلام! رڳو آهي بدمعاشي، دهشتگردي، قتل، غارتگري، ۽ فرعونيت. ليڊر، فرعون، قوم سڄي جنود فرعون. جنود معنيٰ لشڪر.
لفظن جي هيرا ڦيري يا لفظن کي وٽ وڪڙ ۽ ور ڏيڻ سان جيڪي سو منافقي جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ۽ تقويت ملي ٿي. جناح صاحب سان جڏهن سندس حڪومت ۽ وزيرن جي شڪايت ڪئي وئي ته ڪمال معصوميت سان فرمايائين ته ”مان ڇا ڪيان؟ منهنجي کيسي ۾ رڳو کوٽا سڪا (بشمول لياقت علي خان) آهن!“ـ واهه صاحب واهه! سڄي ساري پاڪستان جنهن ۾ ان وقت ويهه ڪروڙ ماڻهو هئا، انهن ۾ کيس هڪڙو به کرو سڪو نظر نه آيو. هي تجاهل عارفانه، هيڏي وڏي ليڊر کي سونهين نٿو. ايئن منافقيءَ جو ٻج ڇٽيو ويو جو هاڻي ته رڳو ڊڀ، ٽوهه، گپ ڪچرو ۽ گند ڦهلجي ويو آهي. جيڪو وڏو بدمعاش سو وڏو ليڊر جيڪو وڏو واڳو ۽ ڪرپٽ corrupt سو وڏو هوشيار ۽ قابل. مون وري به زور ڪري لفظ ڪرپٽ (جيڪو سنڌي لفظ ڪرپٽي سان مشابهه آهي) استعمال ڪيو آهي جو اهو جامع معنيٰ رکي ٿو جنهن ۾ رشوت ۽ ٻيون سڀ برايون اچي وڃن ٿيون. نه ته سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’گهٽ اشراف، زور ڪميڻو!‘ لفظ ڪميڻو، ڪرپٽ جي قريب تر آهي پر ان کان پاسو ڪجي ته چڱو. ڏسو مون جهڙو وات ڦاٽوڙو ماڻهو، جو قبر ۾ پير لڙڪايون ويٺو آهي، سو به ڊڄي پيو اهڙي ماحول ۾ منافقي زور نه وٺندي ته ٻيو ڇا ٿيندو.
آمريڪا جهڙو سپر پاور ملڪ جيڪو سڄي دنيا مٿان لٺ کنيون پوليس وارو بڻيو بيٺو آهي، سو جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ جي آڙ ۾ پيو سڄي دنيا کي ڀيلي ۽ ڀڪوڙي ست ساهه ڪڍي، اهو اشراف ۽ ٻيا سڀ ڪميڻا؟ هن کي فرعون ته ڪونه دجال چئي سگهبو. چيچنيا ۽ بوسنيا ۾ ڪوس، ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا، وچ اوڀر ۽ ڏور اوڀر ۾ ڪوس، پوءِ به آمريڪا امن جو ديوتا! تفو برتو اي چرخ گردان تفو.
فردوسيءَ جي مٿئين فقري (رمارڪس) تي ياد آيم ته فردوسي مسلمان هو ۽ غازي (؟) محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ هو ته به جڏهن عربن سندس ملڪ ايران تي ڪاهيو ته دانهن ڪري چيائين ته ”حيف هجيئي آسمان حيف هجئي جو اٺ جو کير پيئڻ وارا ۽ ڳوهون کائڻ وارا اڄ خسرو ۽ دارا جي تخت جا خواب ٿا ڏسن!“ وطن دوستي جي جذبي ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن لاءِ ائين حقارت ظاهر ڪيائين. ايرانين ڪڏهن به عربن جي بالادستي قبول نه ڪئي ۽ نيٺ پنهنجو جدا مذهب ٺاهي ڌار ٿي ويٺا. پوءِ به اهي چڱا مڙس ۽ اسان سنڌي ڪفار، اسان جي ٻولي ڪافرن جي ٻولي ۽ اسان جا آثار قديمه، ڪافر ڪوٽ! اياز به تڏهن دانهن ڪئي ته ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو!“ اياز جون اهڙيون ڪيئي امر سٽون پڙهي بي ساخته چئي ڏبو ته ”متان ڀانئين مئا مور سارا!!“
مون يورپي صاحبن کي چيو ته ”سيڪيولر سڏائيندڙ ملڪ ترڪيءَ ۾ مسجدون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، قرآن عربيءَ ۾ پڙهڻ ڪونه ڏين مٿي تي پوتي پائڻ به منع، پوءِ اهڙي ڪوڙي جمهوريت خلاف مذهبي بغاوت انقلابي قدم ٿيو پوي. انهي ڪري اتي جا نقشبندي، باغي ۽ انقلابي ٿي پيا آهن. اسان وٽ پاڪستان ۾ وري قصو الٽو آهي هتي مذهب جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو اٿن، انهي ڪري هتان جا صوفي نقشبندي وري سيڪيولر آهن!“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان ڇرڪ نڪري وين ۽ مون تي اعتبار نه ڪيائون.
مون چيو ته ڀائو اسان جو مذهب اسلام آهي ئي سيڪيولر ”لڪم دينڪم ولي دين“ وارو اصول پنهنجي جاءِ تي پر سڄو مذهب اسلام سيڪيولر آهي. الله رب العالمين سڀني جو رب ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم رحمت اللعالمين سڀني لاءِ رحمت. بلا تفريق دين جي هر مذهب ۽ مذهبي ڪتاب کي تسليم ڪيو ويو. پهريون دفعو ڪنهن مذهبي ڪتاب ۾ ٻين ڌرمن جا نالا کڻي (يهودي، نصارا ۽ باقي ٻيا) تن لاءِ اجر جو پيغام ڏنو ويو. انسان ذات جو ايڏو تقدس جو سورة مائده ۾ فرمايو ويو ته ”جنهن هڪ نفس کي قتل ڪيو ان ڄڻ سڄي انسان ذات کي قتل ڪيو.“ سورة التغابن ۾ فرمايو ويو ته ”جيڪو يقين رکندو الله تي ۽ ڪندو چڱا ڪم ته انهن جون برائيون به ميٽي ڇڏيندس ۽ داخل ڪندس انهن کي بهشت ۾ جتي رهندا هميشه لاءِ .“ سورة زلزال ۾ ته اڃا به قدم وڌائي چيو ويو ته ”جنهن به ذره برابر چڱو ڪم ڪيو اهو ان کي ڏسندو اجر ملندس، ۽ جنهن به ذرڙو برو ڪم ڪيو ان کي ڏسندو سزا ملندس.“ هتي تفريق کي بلڪل ختم ڪيو ويو ۽ اهميت صرف ڪرم يعني عمل صالح کي ڏني وئي. اسان جي صوفي نقشبند بزرگن (شاهه عنايت شهيد) هندوماڻهن کي به پنهنجي حلقي ۾ داخل ڪري قلبي ذڪر ڪرايو. ”اسان صوفي لاڪوفي يعني ڪنهن به گروهه جا نه ۽ سيڪيولر آهيون ۽ اسان جو مذهب ئي سيڪيولر آهي“. حسن مجتبيٰ ويٺي مشڪيو پر هنن صاحبن کي اعتبار نه آيو. هو نڪتا ئي انهي بدنيت سان هئا ته هر مسلمان کي ڪٽرپڻي جو لباس اوڍائين ۽ اسلام کي به ڪٽرپڻي ۽ دهشت پسندي جي لباس ۾ ڏسن. سو هو نا اميد ٿي، اٿي کڙا ٿيا.
محترم محمد حفيظ قريشي هالان پراڻن وارو نهايت ذهين ۽ حاضر جواب ماڻهو هئو. ويٺا هئاسون ته ڪنهن صاحب اچي چيو ته ”فلاڻو ڪٽو مسلمان آهي.“ هڪدم وراڻيائين ته ”مسلمان ڪٽو نه، پڪو مسلمان ٿيندو آهي!“ بنياد پرستي جي الزام جو اهو بهترين ۽ مختصر ترين جواب آهي.
هي هيڏو سارو ذڪر مسئلن جي ور چڙهي ويو. ڪارو ڪاري، قانون شهادت، عورت جا حق ۽ تحفظ، طلاق کان پوءِ به گهر ۾ عزت سان رهائڻ، ڪاريءَ کي به عزت سان گهر ۾ رکڻ ۽ سندس ضرورتون پوريون ڪرڻ. طلاق ڏيڻ بعد عدت دوران ولادت ٿئي ته ٻار کي ٿڃ پيارڻ جو معاوضو ڏيڻ ۽ ٻيا ڪيئي اعليٰ ۽ عجيب احڪام مون کي نظر آيا آهن، قرآني آيتون بار بار پڙهڻ بعد. هي جو دنيا جا فلاسافر صدين کان ڦاٿا پيا آهن زندگي ۽ موت جي مونجهارن ۾، پڻ انهي ڳالهه ۾ ته آخر زندگي جو مقصد ڇاهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب ڏنا پيا آهن. تمام سولا ۽ مختصر هڪ سٽ ۾. ”پڇن ٿا توکان روح بابت؟ چئه ته اهو آهي امر ربي!ـ چون ٿا ته جڏهن اسين مري ڳري مٽي ٿي وينداسين ۽ هڏيون به ڀري ڀتيون ٿي وينديون ته پوءِ ڪيئن اسان کي جيئرو ڪيو ويندو؟ چئين ته جڏهن ڌرتي خشڪ ٺوٺ ٿي صفا مري وڃي ٿي ته ڪيئن اسين آسمان مان پاڻي وسائي کيس سرسبز ۽ جيئرو ڪريون ٿا. ڀلا ڪاٺ مان باهه اسين ٿا ڪڍون يا توهان ٿا ڪڍو؟“
واقعي! ڪوئي لوهه مان يا سون مان باهه ڪڍي سگهندو ڇا سواءِ سندس اذن جي. زندگي ۽ موت بابت هونئن ته قرآن الحڪيم ڀريو پيو آهي. صاف ۽ سولو جواب الله تعاليٰ سورة الملڪ آيت 2 ۾ چيو آهي ته ”خلقيائين موت ۽ زندگي کي ته جيئن پرکي توهان کي ته توهان مان ڪير وڌيڪ چڱو آهي عمل ۾!“ بس تمام مختصر سمجهاڻي ته بهتر کان بهتر ڪري ڏيکارڻ آهي زندگي جو مقصد. حضور سائين صلعم جن به فرمايو ته ”منهنجي نبوت جو مقصد آهي ماڻهن جي اخلاق کي زور وٺائڻ.“ سڄو سارو زور آهي عمل صالح تي يعني چڱا ڪم ڪرڻ تي. شري رامچندر ۽ شري ڪرشن به ور ور ڪري اهوئي چيو ته ”منش جو ڪاريه آهي ڪرم(ڪم).“ انهن مها پرشن توڙي حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن اهو به چٽو ڪري ڏنو ته چڱا ڪم آهن ٻين سان ڀلائي ڪرڻ، اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، مسافرن ۽ مسڪينن جي ڪم اچڻ، ٻين لاءِ ماڻهو اهو ئي سوچي ۽ ڪري جيڪو هو پاڻ لاءِ چاهيندو هجي. هي حديثون آهن ڪو منهنجو اپديش ناهي.
شيخ اياز سان سڄي عمر ڪڏهن به دل کولي حال اورڻ نصيب ڪونه ٿيو، پر جڏهن هو اچي پرنس ڪامپليڪس ڪراچي جو واسي ٿيو، تڏهن اڪثر ملندا هئاسون.هو به مون سان ملڻ ايندو هو پر گهڻو تڻو مان وٽس ويندو هئس. ٻئي ماٺ. مان به گهٽ ڳالهائو ۽ اياز به سوچن ۾ غرق! تڏهن به هڪ قسم جي عجيب اڻڏٺي تار وسيلي گهڻو هڪ ٻئي سان مراسلو communication رهندو هو. مٿيان سڀ خيال مون کيس ائين ماٺ ميٺ ۾ رسائي ڇڏيا. هو به هڪ اڌ جملي ۾ اوراڻو ڏئي تائيد ڪري ڇڏيندو هو. علم جو ته بحر هئو سو جهٽ هر ڳالهه کي ان بحر ۾ سموئي ڇڏيندو هو. حافظ شيرازي ته جهڙوڪر کيس برزبان ياد هئو مولانا روم جو به ڳوڙهو مطالعو هئس. سيد علي هجويري جي ڪتاب ڪشف المحجوب مان ڪڍيل حڪايتون ڪتابي صورت ۾ ڇپيل مون وٽ هيون سي مون کان گهري ورتائين. ڏينهن ٻن ۾ اهي پڙهي مون کي فون تي انهن جو مفهوم ۽ سبق ٻڌائڻ لڳو يا ائين چئجي ته مون سان share ڪرڻ يعني ڀاڱي ڀائي ٿيڻ لڳو. علامه المشرقي متعلق ڪتاب به مون کان گهريائين جو مون احمد خان لانگاهه کان وٺي کيس ڏنو. انهي کان به ڪافي متاثر ٿيو. قرآن شريف ته اڳيئي پڙهيل هوندس پر وري پڙهڻ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن مان ۽ هو سندس لئبرري ۾ ويٺا هئاسون ته اوچتو پنهنجن هزارين ڪتابن ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”جمال! سڄي عمر جک ماري اٿم ڪتاب ته مون هاڻ پڙهيو آهي.“ مان حيرت ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويس. وضاحت ڪندي چيائين ته ”هر سوال جو جواب ها! يا نه! ۾ سڌو سنئون ڏنو پيو آهي. سواليه نشان آهي ئي ڪانه. ٻيا ڪتاب ته اوجهڙ ۾ رلائي مونجهارا پيدا ڪري انڌيرن ۾ ڇڏي ٿا وڃن.“
بيشڪ صالح دل، صالح دماغ ۽ صالح سوچ وارن تي جيڪي پنهنجا پراوا ڏکڙا، جهول ۾ جهليون صبر ۽ شڪر سان پيا رنگيءَ جا رنگ پسن، انهن تي الله طرفان علم ۽ عرفان جي پالوٽ ٿئي ٿي. ميران ٻائي به هڪ منهن ڪري لاڳاپا لاهي يڪتارو کڻي برپٽ ۾ نڪري پئي ته الاهي رنگ ۾ رنگجي ويئي. نه روزا رکيائين نه نمازون پڙهيائين. اڃ بک ۾ اٺ ئي پهر ڌڻيءَ جا ڳڻ ڳائيندي رهي ۽ اڻ ڏٺي سان لنئه لڳائي ڇڏيائين. اياز جي استغراق به مٿس نور جي پالوٽ ڪئي ۽ بي ڊپو ٿي ان جو اظهار به ڪيائين. ڀلي ڪوئي سندس دعائون پڙهي ڏسي چئي اٿندو ته ”هي الهامي آهن، اياز جون ناهن.“ اياز جي هڪ قريبي دوست ته چئي ڏنو ته ”اياز وڏو استاد هئو، پاڻ مٿان قبو اڏارائڻ لاءِ اهڙو ڦِرڪو کاڌائين!“ توبهه! بقول منهنجي مرحوم دوست نور محمد سمي جي ”بيڊ بواءِ بيڊ ٿاٽس.“ يعني گندو ٻار گندا خيال. وڌيڪ ڇا چئجي.
هڪ حيرت انگيز واقعو بيان ڪرڻ تي دل ٿي ٿئيم. حيرت انگيز ته ڪونهي پر اڄڪلهه جيڪي ڄامڙا دانشور ساماڻا آهن سي کلون ڪندا ٽوڪون هڻندا ۽ ڪوڙ جو الزام به مڙهيندا. الله جي مهرباني جو اکين ڏٺا، ڪنن ٻڌا، پڙهيل لکيل شاهد اڄ به موجود آهن. ٿيو ڇا جو حضرت ميان منظور حسين مدني رحمت الله عليه اڻويهه سئو چوهتر (1974) ۽ اٺهتر (1978) ۾ پاڪستان آيو ۽ ٻه ٽي سال پاڪستان ۾ قيام فرمايائين. سندس حيدرآباد ۾ قيام دوران، سنڌ يونيورسٽي جا ڪئي استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر وٽس ويا ۽ عرض ڪيائون ته سندن وائس چانسلر وڏو شرابي ڪبابي ۽ زاني آهي سو اهڙي ڪا دعا گهروس جو سندس (اياز جو) مٿو وڃي. حضرت صاحب چپن تي آڱر رکي فرمايو ته ”بابا ماٺ ڪريو، اهو وڏو الهه لوڪ اٿو متان ڪجهه ان لاءِ چيو اٿو!“ هنن وري به زوردار نموني عرض ڪيو ته ”سائين سڄو جڳ ٿو ڄاڻي ته هو شرابي ڪبابي زاني آهي. مهرباني ڪري ڪڍوس اتان!“ حضرت صاحب وري به کين فهمائش ڪندي فرمايو ته ”ان لاءِ اکر به نه ڳالهايو، هو وڏو درويش ۽ الهه لوڪ آهي!“ سڀ حيرت ۾ حيران مِڻ مِڻ ڪندا اٿي ويا. اها ڳالهه مون سان تمام معتبر ماڻهو، سابق هوم سيڪريٽري (مرحوم نسيم کرل جي ڀاءُ) فهيم کرل ڪئي. جيڪو الله جي مهرباني سان حال حيات جيئرو ويٺو اٿوَ. ڀلي قرآن کڻايوس. ٻين حاضرين مان ٻيا به ڪي حال حيات آهن. اهي پڻ حيران آهن ته اهڙي ماڻهو لاءِ حضرت صاحب پنڌرهن ويهه سال اڳواٽ ڪيئن اهڙي ڳالهه ڪئي؟
تازو منهنجي وڏي ڀيڻ حميده خاتون، خان صاحب عبدلحق جي گهر واري گذاري وئي، سو منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو. موقعي جو فائدو وٺي مان جسٽس علي مدد شاهه جي صدر واري گهر، سندس مرحوم گهر واريءَ جي تعزيت لاءِ ويس. شاهه صاحب وٽ اڳ ۾ ئي چار پنج سکر ماڻهو ويٺا هئا جو عيدالاضحيٰ جو موقعو هئو. اتي هڪڙو ڊاڪٽر شيخ صاحب موجود هو جو حضرت ميان صاحب جو مريد هو. اها ڳالهه نڪتي ته هن فرمايو ته ”اهو 1974ع جو واقعو هئو نه 1978ع جو“ جيئن مون پئي چيو. سڀئي گهڻو حيران پئي ٿيا. مون کي ڪا حيرت ڪانه آهي. اياز فقير منش هو. گناهه ثواب جي ٻنڌڻن کان آزاد. مون ته سندس اها جهلڪ پنجاهه سال اڳ پسي ورتي هئي. جڏهن هن ۽ مان آڌي رات جو سکر بئراج جي پرين ڀر پسار پي ڪئي. پراوا ڏک پنهنجي جهولي ۾ وجهي ڪائنات جي پولارن ۾ گم، سڪل وڻ جي ڏارن جيئن ٻئي ٻانهون مٿي کڻي سندس سڄو وجود سواليه نشان بڻيل هئو ته هي سڀ ڪجهه ڇو آهي ۽ ڇا آهي؟ ڪنهن کي رنج نه پهچايائين. ڪنهن سان وير نه وڌايائين. دشمن ته هئس ڪونه پر جن کيس دشمن ٿي سمجهيو، تن کي به نقصان ڪونه پهچايائين. نڪا گلا شڪوو ڪيائين. هرڪو ڪم کلي ڪندو هو. نه ڪرڻ جهڙو ڪم نه ڪندو هو، ۽ صاف جواب ڏئي ڇڏيندو هو. جن سندس خلاف هاءِ گهوڙا ڪئي تن سان به نڀائيندو ۽ ناتو ڳنڍيندو رهيو.
ماڻهو اهڙا ساڙ سڙيلا جو جڏهن بيمار ٿي، رٽائر ڪري ڪراچي ۾ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو تڏهن به سندس پٺيان ڀنڊڻي لايون آيا. حڪومت، ادب ۾ تمغه امتياز جو اعزاز ڏنس ته به سندس مداح ناراض ٿيا. ڄڻ کين اعزاز ملي ها. ته نه وٺن ها. ملڪ جي پرائيم منسٽر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي سڏائڻ تي ساڻس ملڻ ويو ته به يار لوڪ ناراض ته ضرور نوڪري وٺڻ لاءِ ويو هوندو. ڄڻ کين پرائم منسٽر گهرائي ها ته نه وڃن ها؟
رباني جڏهن اڪادمي ادبيات پاڪستان جو چيئرمين ٿيو ته حيدرآباد جي هڪ وڏي اديب جيڪو پاڻ به نوڪريءَ ۾ هو، مون سان ربانيءَ جي شڪايت ڪئي، بلڪه گهٽ وڌ به ڳالهايو ته ”ڏسو! خوشامندون ڪري وڃي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي هنج ۾ ويٺو.“ ڄڻ پاڻ اهو عهدو قبول نه ڪري ها! رباني سنڌ ۾ اهو واحد شخص آهي جنهن پير علي محمد راشديءَ جيان پنهنجي غير معمولي محنت ذهانت قابليت سياڻپ ۽ چترائيءَ سان پاڻ کي ڪين مان وڏي منزلت تي پهچائي ڇڏيو. اهڙن عجيب ماڻهن تي فخر ڪرڻ بجاءِ اسين سنڌي ماڻهو وتون سندن پچر ڪندا ۽ پير ڪڍندا. سنڌين لاءِ دوزخ جي دروازي جي داروغي واري ڳالهه ته مشهور آهي. اها ڳالهه مون سان محترمه ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي صاحبه به ڪئي. چي ”ادا ڏس مان واحد سنڌي عورت جا نئشنل اسيمبلي جي ميمبر به ٿيس ۽ ڊپٽي اسپيڪر به پر فخر ڪرڻ بجاءِ پنهنجا ئي سنڌي ميمبر ۽ ماڻهو منهنجا پير ڪڍڻ ۾ لڳا پيا آهن!“ اسين چئون پير ڪڍڻ انگريز چون ٽنگ ڇڪڻ مون کي پير ڪڍڻ وارو محاورو وڌيڪ وڻي ٿو.
اديبن ۾ ته اهو مرض عام آهي. مون کي ته ڪو به اهڙو شاعر ڪونه سجهي جنهن اياز سان ساڙ نه ڪيو هجي. ياد رهي ته منهنجا سنڌ جي هڙني اديبن سان ذاتي تعلقات رهيا آهن ۽ مون هر ڪنهن جي اندر ۾ گدڙ ويٺل ڏٺو. اياز ۾ اها وِڏ ڪانه هئي. دل کولي داد ڏيندو هو ۽ ان ۾ ڪنجوسي ڪانه ڪندو هو. رسول بخش پليجي سان هن جا ڪي به دوستي ياري وارا رشتا ڪونه هئا. هڪ ڏينهن پاڻمرادو، گهري سوچ ۾ مون کي چيائين ته ”جمال، مان ڀانيان ٿو ته شاهه لطيف کانپوءِ سنڌ جيڪڏهن ڪو ذهين ماڻهو (genius) پيدا ڪيو آهي ته اهو رسول بخش پليجو آهي!“ مون وائڙو ٿي کانئس ورجائي پڇيو ته ”واقعي؟“ چيائين ”هائو! مان ائين سمجهان ٿو.“ اتفاق سان ٻئي ڏينهن پليجو اچي مون وٽ نڪتو. ساڻس اها ڳالهه ڪيم ته اکيون ٿرڙائي ٽِڪ ٻڌي مٿي ڇت ۾ کپائي ڇڏيائين، جيئن ڪوئي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو هجي. پوءِ ته اياز جو ڏنل اهو لقب پليجي صاحب پاڻ سان چنبڙائي خوب اڇاليو ۽ استعمال ڪيو. هر جلسي ۾ سندس پوئلڳ نعرا لڳائيندا رهيا ”وڏو ڏاهو، ذهين ترين“ وغيره وغيره.
سندس حلقي ۾ اياز جي ڏاهپ ۽ عظمت به تسليم ڪئي وئي. پر جڏهن پليجو ٺٽي مان اليڪشن لڙڻ لڳو ته پليجي صاحب پنهنجي حمايت ۾ ٻه ٽي سٽون لکي اياز کي صحيح ڪرڻ لاءِ موڪليون. اياز خبردار ماڻهو، سياست ۾ الجهڻ کان پري، تنهن صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ته اياز خلاف ممڻ مچي ويو. هيءَ ڪهڙي چڱمڙسي چئبي؟ پڳ ٻڌائي ته قبول، ٻيلپو نه ڪري ته ’ردي ماڻهو.‘ واهه سائين واهه! پليجي جو هڪ ڪارڪن، اها ئي لکت مون وٽ به صحيح ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو.” مون انڪار ڪندي چيو ته ”ڀائو مان پاڻ توڻي پارٽي، اليڪشني سياست جي خلاف آهيون. باقي پارٽي جو حڪم ٿئي ته پوءِ حاضر آهيون!“ هو ٻئي ڏينهن وري آيو ۽ اچي چيائين ته ”اهو پارٽي جو فيصلو آهي!“ پارٽي جي فيصلي کانپوءِ چون چرا (ڇو ۽ ڇا) جي گنجائش ڪانه هئي، سو مون اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ڏني.
بعد ۾ مون کي ڄام ساقي توڙي امام علي نازش ٻڌايو ته پارٽي اهڙو ڪو فيصلو ڪونه ڪيو هو. عثمان بلوچ ته ماڳهين چيو ته ”پليجو ٽراٽسڪي جو پوئلڳ ۽ ڪائونٽر رووليوشنري آهي!“ ان راءِ سان مان شامل راءِ نه ٿيس ۽ جيڪي سو پاڻ ۾ بحث مباحثي ۾ اڙجي وياسون. عثمان بلو چ آهي تمام پيارو ۽ ڀلو ماڻهو، شيشي جهڙي صاف دل اٿس سو ان سان به ياري هلي اچي ته پليجي سان به ڦٽايو ڪونه اٿم بلڪه سندس مداح آهيان. سندس ذهانت، منفرد سوچ ۽ سندس عملي ڪارڪردگي جو داد ته سندس مخالف به ڏيندا. جيڪي کيس ڇڏي ويا آهن، انهن جي به ذهني تار پليجي سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍي پيئي آهي. سندن گفتار ۽ ڪردار ئي پڌرو، چغلي پيو هڻندو ته هي پليجي جو تيار ڪيل پتلو آهي.
حيدرآباد جي هڪڙي ڪمشنر صاحب (عبدالله ميمڻ) جيڪو ٻاهر نڪري پٽ تي ويهي عام ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو. تنهن هڪ ڏينهن پليجي کي داد ڏيندي چيو ته ”جمال صاحب ماڻهن جي ڳالهائڻ مان پتو پئجي ٿو وڃي ته هي پليجي صاحب جو تيار ڪيل ماڻهو آهي. سندس دليل ۽ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئجي ٿي وڃي ته هي پليجي اسڪول جو پڙهيل گريجوئيٽ يا مئٽرڪيوليٽ آهي.“ اهڙو اثرائتو ۽ لاڀائتو ڪم ٻئي ڪنهن به ڪونه ڪيو. نه جمال بخاري، نه قادر بخش نظاماڻي ۽ نه سوڀي گيانچنداڻي. اڄ به راهوڪي وڃي ڏسو، توهان کي ماحول، ڪلچر اٿڻي ويهڻي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ئي مختلف لڳندو. ڄڻ ڪنهن ٻئي ديس ۾ اچي ويا آهيو. شهيد فاضل راهو خود، پليجو جو پيدا ڪيل ٻالڪو هو. ائين ناهي ته هو پاڻ پنهنجي ذات ۾ ڪجهه ڪين هئو هو تمام صالح دماغ، سالم سوچ ۽ سالم عمل وارو ماڻهو هو. پر هئو سورنهن آنا پليجي جو مريد، پوئلڳ ۽ کانئس فيض ورتل يعني inspire ٿيل. پوءِ سندس پٽ محمد اسماعيل، سياسي مفادن خاطر ٻيو رستو ورتو جو عوام جي مفاد ۾ گهٽ ۽ سندس شخصي مفاد ۾ وڌيڪ هئو.
ڳالهه هئي شيخ اياز جي فراخ دلي ۽ سوچ جي سخا جي. هو جوهري هو، پارکو هو ۽ سندس تيز نظر هڪدم املهه ماڻڪ جي چونڊ ڪري وٺندي هئي. هن چپ چاپ ۾، ڪنهن پليٽ فارم تان نه، بلڪه مون اڪيلي سان ويٺي ويٺي اهو(Genius) جو لقب پليجي کي عطا ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن جو مون اها ڳالهه پليجي سان ڪئي ته ڪجهه وقت ته چپ ۾ ان لقب جو چشڪو ورتائين پوءِ چيائين ته ”اياز وٽ هلجي يا کيس ڪٿي وٺي هلي ويهجي!“ مون چيو، ”مان اياز سان ايڏي حجت ڪونه ڪري سگهندس. البت کانئس پڇون ٿا، جيئن پاڻ چوي!“ اتي ئي اياز کي فون ڪيم، چيائين ”اڄ ته نه، باقي سڀاڻي ٽپهري مهل سمنڊ ڪناري هلي ويهنداسون. سوير ڀرو هلون ۽ سوير ڀرو موٽون، سج نه لهي!“ اياز، شام جي ٿڌڪار کان گهٻرائيندو هو ڇاڪاڻ ته ٿڌ هڪدم سندس دماغ تي اثر ڪندي هئي.
ٽپهري مهل ٽيئي ڄڻا وڃي اولڊ ڪلفٽن تي ويٺاسون. ظاهر آهي ته ڳالهه ڦري گهري وڃي سياسي صورتحال تي بيٺي. پليجو ذهين ته تمام گهڻو آهي سو سياسي ڇنڊ ڇاڻ ڪري چيائين ته ”ڀٽي صاحب تمام وڏي غلطي ڪري، سڀ رڪاوٽون دور ڪري، سڄو پاڪستان پليٽ تي رکي پنجابي فوج، پنجابي ڪامورا شاهي ۽ پنجابي سياستدان کي، ڪيڪ (cake) جيان ٺاهي سجائي پيش ڪيو آهي. سو ڀٽي جا هينئر پويان ڏينهن آهن، مکڻ مان وار جيان آساني سان ڪڍي ڦٽو ڪندس“ اياز کي ڀٽي صاحب لاءِ نرم گوشو هئو سو ڪجهه ناراض ٿيندي مون کي ڪن ۾ چيائين ته ”يار هي الائي ڇو ڀٽي جي خلاف ٿيو آهي؟“ پر اياز جو وهم غلط هئو ۽ پليجو بلڪل صحيح تجزيو ڪري صحيح نتيجي تي پهتو هو.
ٿيو به ائين اپريل جي چوٿين تاريخ، سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي گڏجاڻي ۾ ويٺا هئاسون ته اياز کي ڪمشنر حيدرآباد (شايد مسٽر الله بخش سومرو) جو فون آيو ته يارهين بجي ڏينهن واريون خبرون ضرور ٻڌجو. اياز اٿي پنهنجي وي سي واري ڪرسي تي ويٺو ۽ هڪدم ريڊيو گهرائڻ لاءِ چيائين اسين به سڀ ميز جي چوڌاري ٿي ويٺاسين. ريڊيو اڳواٽ ئي کوليو ويو. نيٺ اعلان ٿيو ته خبرون ٻڌو. اول کان آخر تائين اها خبر هئي ته ”اڄ رات جو سابق پرائم منسٽر ذوالفقار علي ڀٽو کي راولپنڊي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ سندس لاش فوجي جوانن هيليڪاپٽر ۾ کڻائي سندس اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنائي ڇڏيو!“ خبر ٻڌڻ سان اقتصاديات جو پروفيسر مسٽر خواجا، سيخ جيان اڀو ٿي وري پنهنجي ڪرسي ۾ ڪري پيو. ٻيا سڀ ائين چپ ٿي ويا ڄڻ نيم بيهوش هجن. اسين ڇا، سڄو ملڪ سڪتي ۾ اچي ويو، سواءِ ڪجهه هندي ماڻهن جي جن مٺايون ورهايون.
ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجي خلاصي ملاقات ٿي مير علي احمد خان ٽالپر سان جو ضيائي حڪومت ۾ ڊفينس منسٽر هو. انهي ڳالهه ڪئي ته ”رڳو پاڪستان ۾ نه، سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون.“ ٻڌايائين ته ان ڏينهن هو جڪارتا انڊونيشيا ۾ تمام اهم شخصيتن سان گڏ ويٺو هو ته بي بي سي تان اها خبر آئي ۽ سڀ ماڻهو سڪتي ۾ اچي ويا ۽ چار پنج منٽ هر ڪو ماٺ ۾ رهيو. نيٺ جنهن ڳالهايو تنهن مير صاحب کي مخاطب ٿي چيو ته ”توهان هي ڇا ڪيو، ڇا پيو ٿئي توهان جي ملڪ ۾؟“
ڀٽي صاحب جا ڪارناما ۽ شخصيت اهڙو ڪرشمه ساز هئا جو سڄي دنيا جا ماڻهو کانئس متاثر هئا. 1974ع ۾ جڏهن مان روس ويو هئس ته ماڻهو مون کي پاڪستاني سڃاڻي پڇن پيا ”علي بُتو؟ علي ڀُتو؟“ مان به چوان پيو ته ”هائو! علي بتو جي ملڪ جو آهيان.“ ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي؟ ڀٽو صاحب طوفان ۽ واچوڙي جيان، پنهنجي ملڪ توڙي وچ اوڀر، ڏور اوڀر، يورپ، اتر ڏکڻ آمريڪا، مصر، لبيا ۽ سڄي آفريڪا ۾ ڇانئجي ويو. پنڊت نهرو جهڙي شخصيت ۽ سندس پنچشيلا واري اصولن کي به لٽي ميٽي ويو. هر حڪمران سان نه رڳو شخصي دوستي پر کين پنهنجو ساٿي ۽ حمايتي به ڪري ويو. ڀلي چين جو انقلابي رهنما مائوزي دنگ هجي يا چواين لائي، صدر سوئڪارنو، شاهه فيصل، جمال عبدالناصر، معمر گدافي، رضا شاهه پهلوي ۽ ٻيا هڙئي.
اولڊ پارليامينٽرين جو صدر لارڊ (..........) پاڪستان آيو، مان کيس ڪراچي هوائي اڏي تان آجيان ڪري وٺي آيس ۽ وري اسلام آباد روانو ڪرڻ لاءِ به ايئرپورٽ تائين ويس. اسلام آباد مان موٽيو ته به مون سندس آجيان ڪئي. واپس روانگي وقت ڪار ۾ ويٺي مون کي چيائين ته ”مسٽر ابڙو مان حيران آهيان ته توهان ڄڻ جنگ (بنگلاديش واري) هارائي ڪونهي بلڪه کٽي آهي. سڄي قوم جوش جذبي ۽ اتساهه سان ملڪ اڏڻ ۾ جنبي وئي آهي. ڪٿي به مايوسي ڪانه ڏٺم!“ هي هو هڪ انگريز لارڊ جو تاثر.
آسٽريليا جو اسپيڪر، غير سرڪاري طور لنڊن مان موٽندي پاڪستان ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي پيو. مان کيس ۽ سندس ليڊي کي هوائي اڏي تان وٺي انٽرڪان هوٽل ۾ آندو جتي هو پنهنجي خرچ تي رهيا. مون کين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ به گورنر گئلري، ۾ ويهاريو. سوالن جوابن جي وقفي کانپوءِ مونکي چيائين ته ”توهان وٽ عجيب دستور آهي جو سوال اڳواٽ گهرائي انهن جا جواب متعلقه کاتي مان وٺي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي وزير صاحب کي پڪل طعام جيان ٿالهي ۾ وجهي ٿا ڏيو.“ مون به عجب مان پڇيو مانس ته ”ڀلا توهان وٽ ڇا ٿيندو آهي؟“ چيائين ته ”ڪو به ميمبر ڪو به سوال اوچتو وزير کان پڇي سگهي ٿو، وزير کي پنهنجي کاتي جي ذري پرزي جي خبر هئڻ گهرجي. ڪنهن سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو ته سندس وزيري ختم!“
ڀٽي صاحب جي دور جا وزير سوالن جي وقفي واري سڄي رات جاڳي گذاريندا هئا ۽ کاتي جا سمورا آفيسر به فائيل کنيون بيٺا هوندا هئا. ڀٽو صاحب، وزير صاحبن کي ايڏو (ٽائيٽ) سڪ ڪيون ويٺو هو جو پيا ڇرڪندا هئا. هر هڪ وزير کي اڌ رات جو فون ڪري سندس کاتي جا انگ اکر پڇندو هو. 1972ع ۾ عبدالله شاهه ڊپٽي اسپيڪر ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ کيس وزارت جي آڇ ٿي مون سان صلاح ڪيائين. مون جهليو مانس ته ”وزارت مان ڦاسجي ويندين، هت آرام سان ڊپٽي اسپيڪر ٿيو ويـٺو آهين. عزت سان پنج سال گذاري ويندين. نڪو لهر نڪو لوڏو.“ پر وزارت جو چشڪو ۽ چمڪو ڪجهه اور آهي سو سائين وڃي وزير خوراڪ ٿيو. هڪ دفعي پنهنجي سرڪاري بنگلي، ستر ڪلفٽن ڀرسان، دعوت ڪيائين. مان به کيس پنهنجن دوستن جي دعوت ۾ پنهنجي گهر سڏائيندو هوس ته مهرباني ڪري ايندو هو.
سندس وزارت واري دعوت ۾ حال احوال پڇيو مانس ته چيائين ته ”مسٽر ابڙا تون سچو هئين. هاڻي ته اسڪولي ٻار جيان جدولون ۽ کوڙا ياد ڪرڻا ٿا پون. رات جي ننڊ به حرام آهي. ڇرڪ ڀري ٿا اٿون. اڌ رات جو فون ٿو ڪري (ڀٽو صاحب) ته ڪڻڪ، گيهه کنڊ جو ڪيترو مقدار موجود آهي، کپت گهڻي آهي، کوٽ گهڻي آهي ۽ ضلعي وار گهرج ڪيتري آهي. سو ادا ڏينهن جو جيڪي انگ اکر جدول وانگي ياد ڪندا آهيون. سي به تڙ تڪڙ ۾ وسريو وڃن.“ مان سندس ڇرڪ ڀرڻ واري ڳالهه تي مشڪي ويٺس ڇو ته هڪ دفعي ڀٽي صاحب اڙدو ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته وزير صاحبن جو ’ايسا حال ڪرونگا جو ڇرڪ ڀرڪي اٺينگي‘ ڀلا پرائي زبان ۾ ٺيٺ لفظ عين موقعي تي ڪٿان ٿو هٿ چڙهي. هڪ دفعي لائوڊ اسپيڪر تي اڙدو ۾ تقرير ڪندي کيس لفظ ڪُونڊِي چوڻو هو. سو مير رسول بخش خان (گورنر) جو سندس ڀرسان ويٺو هو، کان پڇيائين ته مير صاحب ڪونڊيءَ کي اڙدو ۾ ڇا چوندا آهن ته مير صاحب تڙ تڪڙ ۾ جواب ڏنو ته ”ڪونڊي!“ ڀٽو صاحب تقرير ۾ اعتماد سان ڪونڊي اور ڪونڊيان چئي ويو. ماڻهو وٺي کليا. ڀٽي صاحب، مير رسول بخش ڏي منهن ڪري چيو ته مير صاحب ”ڪونڊو ڪرائي ڇڏيئي!“ مير صاحب کي به تيسين سمجهه ۾ آيو سو چيائين ته ”سرڪار گملا! گملا!“ اهو آهي ڌاري ٻولي جو حال جو گورنر ۽ پرائيم منسٽر به اٽڪ محسوس ڪئي.
ڳالهه اصل ۾ هئي آسٽريليا جي اسپيڪر جي، انهي جو ڀٽي صاحب جي عوامي ڪچهري ڏٺي، روبرو يا ٽي وي تي، سو مون کي چيائين ته ”اهو ڪچهري جو طريقو جمهوريت جو سچو نمونو آهي. مان به پنهنجي ملڪ جي با اختيار سياستدانن کي چوندس ته اسان جي ملڪ ۾ به ڪچهري جو رواج قائم ڪن“ لفظ ’ڪچهري‘ پيو استعمال ڪري. نيٺ مون کان پڇيائين ته ”ڪچهري جو مفهوم ڇا آهي؟“ ڪچهري هڪ نج سنڌي لفظ، سنڌي ماحول ۽ ڪلچر مان پيدا ٿيل آهي. اڙدو وارن ته هر نج لفظ کي ڦيرائي ڪچهري کي به درٻار سان منسوب ڪري ڪورٽ ڪچهري ڪري ڇڏيو جيئن ڏڌ کي دڌ يعني کير جي معنيٰ ۾ استعمال ڪن ۽ وري کيرڻي کي چون کير. مون کي ڪچهري جي صحيح معنيٰ ٻڌائڻ ۾ دير ڪانه لڳي. چيو مانس ته ڪچهري (ڪهه + چهري) معنيٰ (pleasant conversation) يا (spicy conversation) معني ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پاڻ ئي چيائين ته ”يعني بنا روڪ ٽوڪ جي هلڪي ڦلڪي ۽ چرچائي (humorous) انداز ۾ سچ ڦهڪائي ڏيڻ.“ مون چيو هائو! بلڪل ائين. چيائين ڏاڍو سٺو اها روايت جمهوريت ۾ هڪ نواڻ ۽ نئين جان پيدا ڪندي.

10

ڀٽو صاحب هر ننڍو وڏو مسئلو عوامي عدالت ۾ کڻي ويندو هو. بنگلاديش قائم ٿي ويو، سڄي دنيا جي ملڪن کيس تسليم به ڪيو پر اسان جا چوتڙيا شهري دانشور اٺ پکي ۽ ڪوئا ”نامنظور! نا منظور!“ جي رٽ لڳايون بيٺا هئا. الٽو چون ته ”هندوستان ڪو ڪچل دو! لال قلعا فتح ڪرو!“ هڪڙو ڪالم نويس هئو مرحوم انعام دراني. ان جنگ اخبار ۾ ڪالم لکيو ته ”گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ مان هڪ تختي ڳچي ۾ لٽڪائي نڪرندو آهيان، جنهن تي لکي ڇڏيو اٿم ته مين هندوستان نهين“ ڪيڏي نه سهڻي طنز ۽ ڇينڀ آهي. اهڙا صاف ذهن ۽ اڇا اجرا ماڻهو به پيا آهن. نيٺ ڪسمپرسي جي حال ۾ گذاري ويو. اهڙن ماڻهن سان ائين ئي ٿيندو آهي جو هو مصلحت سازي (compromises) نه ڪري سگهندا آهن. پر گرديو ٽئگور گيتانجلي ۾ اهڙن ماڻهن کي ڳايو آهي. امر بڻايو آهي. چوي ٿو:
”منهنجي زندگي جي زندگي!
مان پيو جتن ڪندس ته پنهنجي جسم کي پاڪ رکان
اهو ڄاڻيندين ته تنهنجو زندهه ڇهاءُ
منهنجي انگ انگ تي آهي
مان پيو جتن ڪندس ته سمورن ڪوڙن کي
پنهنجي سوچن کان ٻاهر رکان
اهو ڄاڻيندي ته تون اهو سچ آهين
جنهن منهنجي من ۾ عقل جي لاٽ ٻاري آهي
مان پيو جتن ڪندس ته سمورين براين کي
پنهنجي دل مان لوڌي ڪڍان
۽ پنهنجي پيار کي وڌڻ ويجهڻ ڏيان
اهو ڄاڻندي ته تنهنجو ديرو
منهنجي دل جي بلڪل اندرئين مندر ۾ آهي
۽ مان پيو جتن ڪندس ته توکي عملن جي ذريعي ظاهر ڪيان
اهو ڄاڻندي ته اها تنهنجي شڪتي آهي
جيڪا مون کي عمل ڪرڻ جي قوت ڏي ٿي.“
هي مسٽزم ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ڇا چوندو گرديو ٽئگور جو ٻالڪو چيلو سوڀو گيانچنداڻي جيڪو شاعر شيخ اياز تي مسٽزم (اسراريت) جو ٺپو هڻي رد ڪري ٿو ڇڏي؟ مون مٿي ڪن لفظن کي ڊبل مس سان چٽو ڪري لکيو آهي ته ڌيان ڇڪائين. بار بار ”جتن“ يعني ڪوشش. وسيلا ۽ عمل صالح ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. جتن ڇا لاءِ؟ سونهن ۽ پيار پائڻ لاءِ، جنهن جو زندهه ڇهاءَ منهنجي انگ انگ تي آهي. پري ناهي، من جي مندر ۾ آهي ۽ جنهن جو ڇهاءُ ساڪت ناهي پر زندهه آهي. جتن ڪهڙا؟ عقل جي لاٽ ٻاري.
(i) سمورن ڪوڙن کي سوچ کان ئي ٻاهر رکي. (ii) سمورين براين کي لوڌي ڪڍان. اها جتن ڪرڻ جي شڪتي ڪٿان ايندي؟ فرمائي ٿو ته دل جي بلڪل اندرئين مندر ۾ ويٺو آهين ۽ اها شڪتي به تون پيو ڏين ته ڪرم ذريعي (عمل وسيلي عقل ڪم آڻي) توکي ظاهر ڪري.
هاڻي ڇا چوندا سوڀوگياچنداڻي ۽ ٻيا وڏا ڏاها؟ مون پنهنجن اڳين ڪتابن ۾ شاهه، سچل، سامي، مولانا روم، منصور حلاج ۽ گرهوڙي فقير جا حوالا ڏنا آهن. هي ته هن زماني جو پڙهيل ڳڙهيل ڏاهو، نوبل انعام يافته گرديو ٽئگور ويٺو چوي. ان کي ته ليڪ ڏئي ڪاٽا ڪونه ڪندؤ. باقي اياز ڪهڙي ڪئو کاڌو؟
وري ڦري ٿو اچان هنن يورپي محققن تي جيڪي حسن مجتبيٰ وٺي آيو هو. رڳي آهي بدمعاشي، منافقي ۽ حرامپائي. عيسائي پادري لالٽين لوڏيندا، پاڻي ڇٽڪائيندا اچن ته اهو ڪٽرپڻو (فنڊمينٽيلزم) ناهي، يهودي رابي، ڊگهي ڏاڙهي ۽ ڊگهي ٽوپي پائي ڀت وٽ اچي روئن ته اهو ڪٽرپڻو ناهي. هندو ڏاڙهيل ٻاوا هوَن ۽ يگيه ڪن ۽ باهه ۾ ان اڇلي اڇلي منتر جو جاپ ڪن ته اهو ڪٽرپڻو ناهي. باقي مسلمان جيڪڏهن نظم ضبط سان گڏجي نماز پڙهن، رڪوع ۽ سجدو ڪن ته اهو وڏو عظيم ۽ خطرناڪ ڪٽرپڻو آهي. تفوبر تو.
هي جمهوريت، انساني حقوق ۽عمل جي آزادي رڳو ڪوڙ جي ڪوڙڪي، منافقي ۽ بدمعاشي آهي. تازو تمام دنيا جي ملڪن ۾ خبر آئي ته فرانس ۾ هڪ مسلمان ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخلا نه ڏني وئي ڇو ته هوءَ مٿي تي رومال ٻڌي آئي. ساڳئي ڏوهه ۾ هڪڙي ٻي ڇوڪري کي ماڳهين امتحان ۾ ناپاس ڪيو ويو هو. حد ته اها ٿي جو ترڪي پارليامينٽ جي چونڊيل اسيمبلي ميمبر خاتون کي اسيمبليءَ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو جو هوءَ مٿو ڍڪي آئي هئي. ڇا هي آهي جمهوريت، هي آهي شخصي آزادي ۽ هي آهن بنيادي حقوق؟ ’ٻڏڻ ويو آ وسري، لڏڻ آيو آهي ياد.‘
ٻي به هڪ ڳالهه چوندو هلان. ٿيندي ته متنازع ڳالهه پر اکين ڏٺي ڪنين ٻڌي آهي. مهاجر ڪهڙو به آزاد خيال، عالم ۽ کڻي کاٻي ڌر جو يا مومن هجي، ٿورو کرچيوس ته اندران زهريلو مهاجر نڪري ايندو. سوڀي گيانچنداڻي جهڙو سون ورنو ماڻهو به بلڪل ائين ٺپ واڻيو. خود مون کي هڪ کان وڌيڪ دفعا چئي چڪو آهي ته ”مسلمان سؤٽ سان شادي ڇو ٿا ڪن ۽ ڳائو گوشت ڇو ٿا کائن؟“ اڙي ڀائي سڄي دنيا ’ڪزن ميرئج‘ ڪري ٿي ۽ beef (ڳائو گوشت) کائي ٿي. ڏوهه مسلمان ڪيو؟ ڀري ٻيڙي ۾ واڻيو ڳورو. چين، جپان، ٿائلينڊ، انڊونيشيا خود هندوستان جا هندو ڪزن مئريج ڪن ٿا ۽ گوشت به کائين ٿا، خاص ڪري ڏکڻ هندستان، مدراس ۽ بنگال جا ماڻهو. نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اسان جو استاد هوندو هو مسٽر شنڪر، جو برهمڻ هو. اهو چشڪو وٺي کليل ڪلاس ۾ چوندو هو ته ماسات سان ميرئج best marriage بهترين شادي آهي. عيسائي، يهودي، ٻڌ، چيني جپاني سڀ ڪن ٿا. باقي گناهه ڪيو مسلمانن هيءَ ڪهڙي ٻه اکيائي آهي.
هٿ وٺي اخلاق بگاڙڻ، شراب خوري کي پڏائڻ، اگهاڙپ ۽ عورت بازي ۽ مردن سان منهن ڪارو ڪرڻ کي انساني حقن جي آزادي جي دائري ۾ آڻي، دانشوري جو لبادو اوڙهائي، هاءِ گهوڙا ڪري، ملڪن ۾ وڳوڙ پئدا ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه انهن بنيادي حقن جي آڙ وٺي ملڪن ۾ ڊاهه ڊوهه ڪري ڪنڌ ڀر ڪيرائڻ ۽ اقتصادي غلام بنائڻ جائز ٿيو وڃي. تازو خبر آئي آهي ته ايران ۾ لکين ڪروڙين چٻاڙ کٽمٺا (چيونگ گم) اڇلايا ويا آهن جن جي ڪاڳر ويڙهي(wapper) تي ننگيون جنسياتي شڪليون ڇپيل آهن. هي آهي ڳجهو هٿيار ملڪ ۾ افراتفري ڦهلائڻ جو. اهڙي گندي ۽ ڪني عمل کي نالو ڏنو وڃي ٿو ’بنيادي حق‘ جو. ڪارو آ منهن اهڙن بنيادي حقن جو. اسان کي ڪونه کپن، ڪونه کپن.
سوڀي گيانچنداڻي جو لکڻ پٽ، هيرن جواهرن جهڙو، ڀيٽ چڙهي ويو انهي بنيادي حق (نشو ڪرڻ) جي. ڳائو گوشت حرام باقي هيروئن حلال! ڪوتاهه بيني جي به حد ٿيندي آهي. رسول بخش پليجي کي به اڳٺ ڍليون ڇوڪريون حق تي لڳنديون آهن ڇو ته اهو سندن بنيادي حق آهي. مردن جو پاڻ ۾ منهن ڪارو ڪرڻ کي بنيادي حق سمجهڻ جي اونچي پد تي هو اڃا ڪونه پهتو آهي. اسان جو مرشد يورپ! ته مردن جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ به قانوني طرح جائز قرار ڏئي چڪو آهي، پر صرف بالغ مردن ۾، ڇوڪرن ۾ نه. ڏسو ڪيڏي نه ترقي ڪئي اٿائون، تفو برتو. اجهو عادي ڇوڪرن کي به اجازت ڏئي ڇڏيندا.
گرديو ٽئگور ته چوي پيو ته ”پيو جتن ڪندس سڀني ڪوڙن کي ۽ براين کي من مندر مان لوڌي ڪڍڻ جي“. پر ڇا ڪجي اسان اهڙو مرشد ڇڏي، مرشد ورتو آهي يورپ ۽ روس کي! معنيٰ قرآن، انجيل، زبور، رامائڻ، گيتا ۽ ويد پراڻن کي متروڪ املاڪ قرار ڏئي مرشد ورتو ڪوڙ، ڪن، گند ڪچري ۽ ڪارل مارڪس کي جنهن نه پاڻ ڪوئي جتن ڪيو نه ئي ڪو هڪڙو (صرف هڪڙو) جتن ڪرڻ وارو (ڪارڪن) پئدا ڪيو. پوءِ به اهو پيغمبر! لينن به فوجي ڪُو (بلوو) جو فائدو وٺي مارڪس جي نالي ۾ راڄ ڪرڻ لڳو ۽ ڪمال سياڻپ سان چئي به ڇڏيائين ته مارڪسزم لاڳو ڪرڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا. ورهيه ته ٺهيو، پوري مني صديءَ ۾ لاڳو ڪونه ٿي سگهيو، الٽو ڦوڪڻي وانگر ڦاٽي پيو. پوءِ به اياز ڏوهي، لک شابس هجيو!
اياز ڏوهي، ته پوءِ مان به ڏوهي. دهل جي ڏونڪي تي چوان ٿو ته سرخا سڀ منافق. بدر کي ڪيوبا موڪلي ڪميونزم جو ٺپو هڻڻ ۾ ڌرڙي به ڪانه آين. منهنجي در تي نازش پاڻ اچي چيو ته ”اهو پارٽي جو فيصلو آهي!“ هاڻي ڏسو ته نه مان ڪميونسٽ نه بدر ڪميونسٽ ته به پارٽيءَ جو فيصلو اسان تي مسلط، نڪو پارٽي اهڙو فيصلو ڪيو، نڪو مٿن اسان تي اختيار هو. ته به اسين سنڌي، ڳوڀ ماڻهو، هٿ ٻڌي حاضر ڀوتار ڪري بيهي رهياسين. ڀلا ايڏي عزت اسان کي ڇو ۽ ڇا لاءِ بخشي وئي؟ پاڻ ڇو نه اهڙو اعزاز حاصل ڪيائون. پرپٺ جاچ ڪرايم ته اعزاز نذير کي به پٽ هو ۽ نازش کي به پٽ هو پر ٻنهي جا پٽ ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئري جي ڊگري وٺڻ لاءِ پڙهندا هئا. هو ٻئي انجنيئر ٿي آيا ۽ بدر وڃي جيل ۾ پيو. مکڻ پاڻ لاءِ، ڇاڄ اسان لاءِ. اسين هش ۾ خوش!
بدر اڄ تائين خوش، چي ”جيل مان به پرايم ته ڪيوبا مان به پرايم!“ سوڀي به پٽ کي ڊاڪٽر بڻايو. ڪڏهن به قومي تحريڪ جي وهڪري ۾ نه آندائينس. نتيجو اهو ٿيو جو ڪنيئي جهڙو ذهين ۽ ولوله انگيز جذبن وارو ماڻهو، ڄاڻ ۽ عمل وچ ۾ تضادن کي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ وڃي هيروئن تي لٿو. الله سڀني دانشورن جي ٻچن کي بچائي ۽ سنئون دڳ ڏيکاري. رڳي ڪوڙي ۽ ڪؤڙي تنقيد ڪرڻ ڪميونزم ناهي. هتي ته ”مترڪن منهن ڪڍيو، سانداڻيون سهڪن“ (شاهه) وارو مامرو آهي. انهيءَ ڪسوٽي تي صرف رسول بخش پليجو پورو لٿو. ٻيا به ٻه چار هوندا عثمان بلوچ ۽ مون جهڙا سنڌي ڳوڀ، سلام بخاري، جمال بخاري، سوڀو، نورالدين سرڪي، ابراهيم جويو، اعزاز نذير ۽ ٻين اهڙن تي به سلام.
حسن مجتبيٰ جا يورپي دوست ته جهٽ اٿي کڙا ٿيا. پوپ ۽ يهودي رابي تي طنز سهي ڪونه سگهيا. مون کي به فنڊمينٽلسٽ سمجهيو هوندائون. ڀلا جيڪو سمجهڻ کان ئي انڪاري هجي سو ٻڌندو به ڇو؟ هو صرف اهو ڪجهه ٻڌڻ ٿا گهرن جيڪو هو پاڻ چاهين ٿا ۽ اسان کان رڳو پنهنجي مروٽيل سوچ جي تصديق ٿا گهرن گهڻائي ڀورڙا ڏيو ڇڏين.
پنهنجي هر ڳالهه بڇڙي، پرائي هر ڳالهه چڱي! ڏاڙهي ڪوڙيو سٺو، ڏاڙهي وارو بڇڙو. پر ڪاسترو، چي گويرا، مارڪس، هيگل، ۽ گرديو ٽئگور جي ڏاڙهي پاڪ ۽ ڀلي! منافقيءَ کي اڃا ڪو سڱ ٿيندا آهن؟ هڪڙو واقعو ٿو ياد اچيم.
بشير مورياڻي تمام پيارو ماڻهو آهي، تمام محنتي ۽ ڳالهائڻ ۾ نماڻو، سندس دوستن ۽ مداحن جو طبقو به وسيع آهي. شادي مرادي جون تقريبون نهايت شان شوڪت ۽ ٺاٺ باٺ سان ڪندو آهي. 14 جنوري 1994ع تي هوٽل پرل ڪانٽينيٽل ۾ تلاءَ وٽ سندس پٽ فرخ جي شادي جي تقريب هئي. تاريخ سندس پٽ کان فون ڪري پڇي اٿم نه ته ڪٿي ٿي ياد رهي. شادي ۾ سڄي سنڌ ۽ ڪراچي جا اهم ماڻهو، واپاري، ڪارخانيدار، سياستدان، ڪامورا ويندي گورنر حڪيم محمد سعيد صاحب به آيل هئا. حڪيم محمد سعيد صاحب سان منهنجا ذاتي ۽ گهرو لاڳاپا هئا. هو رات واري ڪنهن به تقريب ۾ شامل نه ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته هن جو نيم هو ته رات جو نوين بجي هو سمهي پوندو هو ۽ صبح جو چئين بجي اٿندو هو. اهو سندس معمول هو، خود پنهنجي گهر دعوت ڪندو هو ته به نوين بجي اٿي کڙو ٿيندو هو ۽ معذرت ڪري وڃي سمهي پوندو هئو، منهنجي نياڻي جي شاديءَ ۾ آيو ته به پندرهن ويهه منٽ ويهي اٿي موڪلائي ويو پر مورياڻي جي سڏ تي دير تائين ويٺو رهيو.
جنوري جو مهينو، سخت سيءَ. مٿان سنهي بوند، سڀڪو شاميانن ۾ سڪڙيو ويٺو هئو. پريان هڪ شامياني ۾ ڏٺم ته نورالدين سرڪي ۽ مسز شمس سرڪي ويٺا هئا. پري کان هٿ لوڏي کين کيڪاريم. هنن به هٿ لوڏي جواب ڏنو. هو اهڙي ڪنڊ ۾ ويٺا هئا جو سندن ڀر ۾ ٻيو ڪو به نه هئو. دل ٿيم ته پراڻا واقفڪار آهن وڃي ملجي. آهستي هلندو سندن ويجهي شامياني تائين پهتس. باقي خالي ميدان پار ڪرڻو هو. هڪ وڏي عمر، دل جو مرض، جنوري جو سيءَ ۽ سنهو مينهن سو همت ڪانه پئي ٿيم. هنن به ويٺي ڏٺو، سرڪيءَ کان اهو ڪونه پڳو جو مون تائين اچي مون کي وٺي وڃي. نيٺ ته پراڻا ڪامريڊ هئاسين ۽ کانئس چار ڏينهن وڏو هئس. سراج پري کان ڏسندو آهي ته وڏي واڪي چوندو آهي ته ”جمال تون ويهي رهه، مان ٿو اچان!“
بهرحال مينهن ۽ سيءَ پار ڪري، سرڪي صاحب وٽ پهتس ته ٻنهي زال مڙس، اٿندي ئي منهنجي ڏاڙهيءَ تي وٺ ڪئي. مون کي سورنهن آنا پڪ آهي ته انهن ماڻهن توڙي محمد ابراهيم جوئي يا سوڀي گيانچنداڻي، هندن جي، جيڪي گڏهه جي پڇ جهڙي ٿلهي ۽ ڊگهي چوٽي رکن ٿا، تي ڪڏهن به تنقيد يا نندا نه ڪئي هوندي. هي ڪهڙي نيت آهي ته چوٽيءَ جو پُڇ حلال باقي ڏاڙهي حرام! واهه سائين واهه، مان سندن خلوص ۽ نيت تي شڪ نٿو ڪيان. ضرور منهنجي ڀلائيءَ خاطر ائين چيو هوندائون. پر مان سندن نيت (نِيتِي ۽ انصاف) تي ٿو ڪاوڙجان. انصاف ته ڪجي، ڪي نه؟ سندن اصل ڪاوڙ آهي خاص ڪري اسلام تي.
ڪميونزم جي ٽٽي پوڻ تي جويو صاحب فرمائڻ لڳو ته ”ڪو به نظريو ايترو جٽاءُ (مني صدي) نه ڪري سگهيو جيترو ڪميونزم.“ اسٽالن جنهن کي خود ڪميونسٽ ڪنڊم ٿا ڪن، انهيءَ ۽ انهي جي پونئيرن جو عرصو ڪَٽ ڪيو ته باقي وڃي بچن ٿا اٺ ڏهه سال، سو به بقول لينن جي ”ڪميونزم نه، بلڪه ابتدائي سوشلزم هئو.“ هوڏانهن عيسائيت ۽ اسلام اڃا قائم آهن. خود سوويت يونين ۾. دنيا جي ڪنهن به جهنگل، جبل، بيابان ۾ وڃو، توهان کي صدا ٻڌڻ ۾ ايندي ”اشهد ان محمد رسول الله (عليه صلواة و سلام)“. ٻيو ته مسلمان سڄي دنيا ۾، جتي به آهن، ڀنڊڻ مچايون ويٺا آهن ته آزادي کپي. هو غلام رهي نٿا سگهن، اهو سندن جيو gene ۾ پيل آهي، اياز اڪيلو ماڻهو هو، جنهن نه رڳو ڏاڙهي پسند ڪئي، پر مٿان تاڪيد به ڪيائين ته ”ننڍي نه ڪرائجان، ڀلي دن تائين هجي!“
ڇڏيون ٿا ٽيڪاٽپڻي کي، موٽي ٿا اچون موضوع تي. سفر شروع ڪيون ٿا دادو کان نئنگ طرف. ٻه جيپون هيون. هڪ تنوير جي وڏي ڀاءُ انجنيئر عبدالنبي عباسي جي ٻي منهنجي دوست غلام محمد ميمڻ ايس ڊي ايم جي، جو مهرباني ڪري پاڻ وقت ڪڍي اسان سان گڏ هليو. وڏيري ۽ زميندار لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ انجنيئر، ڄڻ ته پُڙي. اسان به ٻنهي هٿيارن سان هٿياربند ٿي، چڙهائي ڪئي. نئنگ واري سائين صالح محمد شاهه تي جو وڏو شانائتو ماڻهو، سابق ايم پي اي ۽ نئنگ جو ڄڻ ته بي تاج بادشاهه هئو، ماڻهو غريب جابلو، هيڏانهن سيد سڳورو ۽ با اثر با رسوخ، سو غريبڙا توڙي خوشحالڙا وٽس ڪُٺا پيا هئا.
رستو پهريائين ڪچو پوءِ جابلو پٿرائون هو. واٽ تي منڇر جي ڪنڌيءَ سان شاهه حسڻ وارو سرڪاري بنگلو هو. منهنجي دل ٽپا کائڻ شروع ڪيا ته لهي بنگلي ۾ وڃجي. ڇاڪاڻ ته ننڍي هوندي ڇهن ستن سالن جي عمر ۾ بابا سان گڏ ان بنگلي ۾ رهي ويو هئس. سهڻو پٿر جو بنگلو، هيٺ کليل ورانڊا، مٿان منڇر جو نظارو سو پاڻ جهلي نه سگهيس. چيم جيپ بيهاريو. غلام محمد صاحب مخالفت ڪئي. چيائين ”جمال صاحب خالي ڀڙڀانگ پيو آهي ڇا وڃي ڪندا؟“ چيم ”پراڻيون يادگيريون تازيون ڪندس!“ جيپ آهستي ڪيائون پر غلام محمد وڃڻ نه ڏنو چي ”اندر ڪرپٽي، لڏ ۽ گڏهه بيٺا هوندا. اجايو دل خراب ٿيندوَ!“ دل تي ٻوجهه ٿي پيوم ته ههڙو سٺو بنگلو ۽ ههڙي سٺي جڳهه انهي کي ائين ڦٽائي ڇڏيائون. ان مسئلي تي ٽيڪا ٽپڻي هلي ته اسين ڇو پوئتي پوندا ٿا وڃون. انجنيئري کاتو به ڪٽيو ته روينيو کاتو به ڪٽيو ۽ تپيدار ۽ ٺيڪيدار به.
جڳهه آهي ماڻهو سان! ماڻهو آهن ته رونق به آهي نه ته هڪڙو ويرانو جو کائڻ پيو اچي، جهنگل به جانورن سان سونهين، هرڻ، ڦاڙها، شينهن، چيتا، سوئر، نانگ بلائون، جهنگل ۽ جبل جي سونهن آهن. سرهه ۽ گڊ نه هجن، ته کيرٿر ۾ رکيو ڇاهي؟ بقول هڪ مقامي جابلو جي ”سائين جبل آ، بي پير!“ بي پير معنيٰ ظالم، جابر، ڪنهن کي سنوت نه ڏيڻ وارو نه ٻڌڻو وارو.
شاهه حسڻ جو وارو وريو جڏهن دادو جا چيف منسٽر ٿيا عبدالله شاهه ۽ لياقت علي جتوئي، گل و گلزار ٿي ويو، قالين، صوفا، ريشمي پڙدا، بجلي، ٿڌڪارا (A.C) ۽ برفارا (ريفريجريٽر) ان سان گڏ گهنگهرن جي ڇمڪار ۽ وِهسڪي جا پيالا پيگ ۽ پڪل توڻي ڪچا گوشت. ايڏو اوج جو سڀ ڪسرون نڪري ويون. اهي چيف منسٽر ويا هت ماشاءَ الله خان اچي ويو، مورڳو سڀ ٽپڙ کڄي ويا. نالو نشان نه رهيو، نه پشمينا (قالين) نه پڙدا نه برفارا نه ٿڌڪارا، چيم نه، ته جڳهه جو مان آهي ماڻهوءَ سان نه ته جّن اچي ٿا واسو ڪن ۽ هر شيءِ پلڪ جهپڪ ۾ گم. نه تو ڏٺي نه مون ڏٺي!
هڪ اتراڌي ٻروچ آيو ڪراچي، سو چوي ته جهنگ خيال کان ٻاهر ويندس. چيوسينس ته ڪراچي ۾ جهنگ ٿيندو ئي ڪونهي. ڪراچي جو ڪاڪوس ڏيکاريوسينس ۽ سمجهايوسونس ته آخر ۾ هي زنجير ڇڪجان. ٻاهر نڪتو ته وائڙو چي ”ڇڪيم زنجير ته واهڙ اٿلي پيا، پوءِ نه تئين ڏٺا، نه مئن ڏٺا، گم!“ حاڪم يا حڪومت جي تبديلي سان اهڙي وڏي وير ٿي اچي جو سڀ ڪجهه گهليو وڃي يا ڳڙڪايو ڇڏي. تو بهه! الله پناهه ڏئي. اسيمبليون گم، گورنر گم، وزير گم، اسپيڪر گم، ميمبر گم، وڏيرا گم، ڪامورا گم، جهڙوڪر راڪاس گهمي ويو.
جيپون پٿريلي رستي تي ڊوڙڻ لڳيون. نئنگ ويجهو ٿياسين ته جبلن ۾ قديم ۽ قدامت جو روح ڏٺوسين. منجهند ڌاري نئنگ پهتاسون. سائين صالح شاهه پاڻ پنهنجي سر آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وڏي قرب سان مليو. چانهه پاڻي کانپوءِ نئنگ گهمڻ نڪتاسون. ننڍو ڳوٺ آهي. ڪلاڪ ڏيڍ ۾ سڄو چڪر ڏئي آياسين. سائين پاڻ، ساڻ هليو. اڳ ۾ آياسون چشمي تي جو کوهه وانگر اونهو آهي. ۽ انهي مان نهر نڪري ٿي جا جابلو لاهي تي گڙگاٽ ڪندي وڃي ٿي، سائين اتي ڊائنامو (بجلي چڪرو) رکيو آهي جو پاڻي جي تيز وهڪري تي ڦري ٿو. جنهن مان سڄي ڳوٺ کي بجلي ملي ٿي. پاڪستان جي اترين علائقن، سوات وغيره ۾ به ائين بجلي چڪرا لڳل آهن ۽ اتي به ڳوٺ ڳوٺ ۾ بجلي آهي. اتي پيهڻ جون چڪيون به تيز پاڻي جي وهڪري تي هلائين ۽ ڊيزل يا پئٽرول جي ٻارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. سائين صالح شاهه به عام سهوليت لاءِ اهڙي چڪي هنئي آهي جا پاڻي جي زور تي هلي ٿي.
ڳالهه ٻڌي هئي سون ته نئنگ ۾ يا علي جو نعرو هڻڻ سان چشمي جو پاڻي اڀامي اچي ٿو پر ائين ڪونه ٿيو. سائين صالح محمد شاهه به تصديق ڪئي ته اها اجائي ڳالهه آهي. تڏهن به اسان جي چوڻ تي چار پنج ڳوٺاڻا گهرايائين جن کوهه تي بيهي زور زور سان يا علي! جا نعرا هنيا پر ڪجهه ڪونه وريو. چشمي ڀرسان ئي ٽڪر تي چڙهڻ لاءِ پراڻا قديم پٿريلا ڏاڪا، پؤري وانگر نظر آيا. چڙهي مٿي وياسون، ٽڪري جي سڄي ڪناري سان پٿرن جا ننڍا ننڍا ڍڳ يا ڍڳيون نظر آيون جي ترتيب وار هيون. ڄڻ ڪنهن قلعي جون ڪنگريون هجن. مون کي خيال آيو ته هي ڪو پراڻو هندن جو تيرٿ آستان هوندو. ڪجهه اڳتي هلياسون ته سائين صالح محمد شاهه جي وڏن جا مقبرا هئا. جيڪي قديم نه هئا.
قبرستان کان ٻاهر نڪرڻ وارا هئاسون ته احاطي اندر مون کي هڪ دڪي ۽ ان جي پٺيان مستطيل ٿنڀو نظر آيو.. بعد ۾ تاج صحرائي چيو ته اهو مشهور فلسفي همورابي جو لڳايل ٿو ڀانئجي جنهن تي سندس اصول گهڙيل هوندا. لنڊن ۾ پروفيسر ارون، جيڪو پاڻ يهودي آهي، تنهن ماڳهين همورابي جي وجود کان ئي انڪار ڪيو. جڏهن ساڻس سمير باسميريا ۽ ڪسائي قبيلي جو ذڪر ڪيم ته ڇرڪ نڪري ويس. جڏهن ٻڌايومانس ته سنڌ ۾ ڪاسائي چوندا آهن ڪوس ڪندڙ ۽ گوشت فروش کي ته پنهنجي زال ميري کي سڏي چيائين ته ”هي ٻڌ ڇا ٿو چوي!“ وري چيو مانس ته ”اسان وٽ سومر ۽ سومري نالا رکندا آهن ۽ سومر جي ڏينهن جو ڪجهه تقدس به آهي!“ ته وڏي ويچار ۾ پئجي ويو چيائين ته ”تو منهنجا ٽي چار ڏينهن وقف ڪرائي ڇڏيا لئبرين لاءِ. نئين سر وڃي ڪتاب ڦلهوڙيندس.“ وڏو ڄاڻو ماڻهو ۽ محقق هئو. سندس چوڻ هو ته تهذيب ۽ تمدن اوڀر کان اولهه آيا. ثبوت طور چيائين ته ”قديم غارن ۾ جي تصويرون چٽيل يا اڪريل آهن تن ۾ ٻيڙي جو سڙهه اولهه طرف آهي.“ ڪنهن به ٻيڙي جو سڙهه اوڀر رخو ڪونهي.
ٻاهر نڪتاسون ته هڪ کتل پٿر ڏسي مون کي هڪدم لڳو ته اها شولنگ جي جاءِ آهي ڇاڪاڻ ته مان اهڙا گهڻا مندر گجرات ۽ گرنار تي ڏسي چڪو هئس. سائين صالح محمد شاهه چيو ته ويساهه وسوڙل ماڻهو اڃا تائين ايندا آهن ۽ ٻڪر ڪهي ان پٿر مٿان ان جو رت هاريندا آهن. مون ڀڻ ڀڻ ڪري شيخ اياز کي پنهنجا ويچار ٻڌايا ۽ هن ڌيان سان ٻڌا. سائين صالح شاهه به ڪجهه ٻڌي ورتو، سو ان جي صحت کان انڪار ڪيائين. اندرين دڪي ۽ ٿنڀ لاءِ پڇيوسونس ته چيائين ته ”اهو ٿنڀو اصل ۾ راجڪماري هئي جنهن کي علي سائين پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيو هو.“ چيائين ته ”ٻاهر وارو پٿر (شولنگ) اصل اتي لڳل هو جو بعد ۾ پٽي ٻاهر کوڙيو ويو هو.“ انهي ڳالهه وري منهنجي خيال جي تائيد ڪئي ته اهو اصل ۾ شِولِنگ هئو. جنهن جو مذهبي تقدس اڃا قائم هو. عجب جي ڳالهه ته سيوهڻ ۾ بودلو بهار جي مقبري آڏو اڄ تائين ماڻهو ٻڪر ڪهي رت هاري ۽ ڪٺل ٻڪري ٻڪر ڇڏي ويندا آهن. جيئن ڪالي ديوي آڏو ڪيو ويندو آهي.
ٻئي دفعي مان نئنگ ويس ته پنڊ پهڻ ٿيل راجڪماري واري دڪي تي قبر ٺهيل هئي. سائين ٻڌايو ته هن اها ڪوڙي قبر ٺهرائي ڇڏي هئي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن جو انهي دڪي ۽ ٿنڀ ۾ اجايو ويساهه هو.
اتي ئي سامهون جبل تي وڏو قدرتي نشان هئو. سائين ٻڌايو ته اهو حضرت علي سائين جي هٿ جو نشان هو. جنهن جبل کي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اهو نشان گهٽ۾ گهٽ پنج سو مربع گز ٿيندو. علي سائين جو هٿ ايڏو ته ڪونه هوندو نڪو تاريخ ٻڌائي ٿي ته علي سائين ڪڏهن به ڪو سنڌ آيو هئو. اياز مون کان پڇيو ته ”جمال تون ڇا ٿو ڀانئين؟“ مون چيو ”اياز تون پاڻ ڏس ته اهو پپل جي پن مشابهه آهي، ڄڻ ته پن الٽو ٿيل آهي. قدرتي نشان آهي.“
موٽي سائينءَ جي اوطاق تي آياسون جتي سٺي ماني کاڌيسون. هڪ ماني رکي هئي جا بال جهڙو گولو هئي سائين ڏي ڏٺوسين ته چيائين ته ”ڌڪ تي هڻي ڀڃوس.“ ڀڳوسين ته اندر ٽينس جي بال جيڏو پهڻ نڪتو باقي ان کي ويڙهيل اٽو ماني جيان پڪو هئو. سمجهائيندي چيائين ته جابلو ماڻهو سڄو ڏينهن جيل ۾ مال چارين يا ٻي ڪرت ڪن. اتي تئو يا مارنگ ته آهي ڪونه سو پٿر تي اٽو ويڙهي کڻي باهه ۾ وجهن ۽ اهو روٽ پچي پوي. چڱو لذيذ ٿو ٿئي. ان کي ڪُرو ٿي چيائون. پڪل شيءِ جو سواد ئي پنهنجو آهي جنهن کي اڄڪلهه بار بي ڪيو چون ٿا. ماني کائي ٿورو آهلي پياسون.
ٽپهري ڌاري اٿي موٽڻ جي سنبت ڪئي سون. سائين چيو ته ”ٿاڌل پي وڃو!“ سڀني هائوڪار ڪئي. مڄاڻ ٿاڌل معنيٰ ڀنگ هئي. پوءِ جڏهن ٻڪ ڀنگ جو ڪونڊي ۾ ٿي وڌائون ته مون رڙ ڪئي، گهٽائي گهٽائي چوٿون حصو ڪرايم. سائين چيو ته ”ان مان ته ڪجهه نه ٿيندو!“ سائين پاڻ ڀنگ جو شوقين بلڪه مشهور دلداهه هئو. رڳو سائين ڇو؟ ڀنگ سنڌ جو قومي مشروب ۽ ڪلچر جو حصو هو. عام طرح ڀنگ کي ’سائي ٻوٽي‘ چيو ويندو هو. غريب غربو، سيـٺ توڙي زميندار، هاري ناري ۽ عام پورهيت به واپرائيندا هئا. شام جو هندو سيٺ هلڪي ڀنگ جي ٿاڌل پي، ڀلي ٽانگي تي سوار ٿي سير لاءِ نڪرندا هئا. هندو ماڻهو ان ٿاڌل کي ’سکو‘ سڏيندا هئا ۽ مسلمان ’آبو‘. غريب غربي کي اوطاق ۾ يا مڪانن ۾ مفت ملي ويندي هئي. مڪان کلئي عام محلي ۾ هوندا هئا ۽ ڪنهن کي اعتراض ڪونه هوندو هو. ڀنگ کي چئبو هو نماڻو نشو. ڀنگ پيئڻ وارو بدشد بڪبڪ نه ڪندو هو نڪو وڙهندو هو. جيڪي سو هٿ ٻڌي معافي وٺندو هو. وڏيرا جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. سي به ڀنگ پي ٿانئرا ٿيا ويٺا هوندا هئا.“ جيءُ چوانس. ”بسم الله “ لڳي پئي هوندي هئي. آئي کي به بسم الله وئي کي به بسم الله. انگريز سرڪار کي اها ڳالهه ڪانه آئڙي. ڀنگ جون برايون ڪري ڪري مٿس بندش وڌائون. واپاري سرڪار، اهڙو کڻي ماحول بڻايائون جو ڀنگ تي هرڪو پيو چٿرون ڪري. پوءِ ته ڪروڙن جو ولائتي شراب اچڻ لڳو.
آبڪاري کاتي جو هڪ آفيسر منهنجو دوست آهي. رشيد آخوند جو ڀاءُ غلام مصطفيٰ آخوند ولد مسٽر عبدالله آخوند جو ڪنهن وقت ڊپٽي ڪمشنر هئو. اسين ويجها دوست کيس غلام مصطفيٰ بدران ادا گل ڪري سڏيندا آهيون. لاثاني ماڻهو آهي. صاف سٺو کل مک ۽ صاف گو، کيس سٺي ڪارڪردگي تي پنهنجي کاتي طرفان آفرين ناما ۽ ٻلا (ميڊل) انعام مليل آهن. اڄ ٽيليفون ڪري کانئس انگ اکر ورتا اٿم، سندس چواڻي صرف ڪراچي ۾ ڇٽيهه ڪروڙ روپين جي وهسڪي سرڪاري طرح ۽ چاليهه ڪروڙن جي سمگل ٿيل وهسڪي اچي ٿي. يعني ساليانو ڇاهتر ڪروڙن جي وهسڪي رڳو ڪراچي ۾! هي ته ٿيا سرڪاري انگ اکر. غير سرڪاري طرح سمگل ٿيل ڪم از ڪم هڪ سئو ڪروڙ هوندا. هيروئن، ڪوڪين، چرس ۽ ٺرو (ڪچو ديسي شراب) وغيره الڳ. اهڙي طرح رڳو ڪراچي ۾ سئو ڏيڍ سئو ڪروڙن جو نشو ساليانو ٿئي ٿو. سڄي سنڌ شهري توڻي ٻهراڙي ۾ ڏيڍ سئو ڪروڙ ٻيا به ليکيو ته ڪل ملائي سنڌ ۾ ساليانو ٽي سئو ڪروڙ رپيا نشي جي بک ٿين ٿا. مان لاهور ۾ رهيو آهيان ۽ منهنجو اندازو آهي ته لاهور ۾ شراب جو واهپو ڪراچي کان وڌيڪ آهي. ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ پشاور جو به اهو ئي حال آهي. جيڪڏهن هر صوبي جا ٻڌي ليکي، ٽي سئو ڪروڙ ٻڌجن ته پاڪستان ۾ هر سال ٻارهن سئو ڪروڙ روپين جو شراب واپرائجي ٿو. ڊالرن ۾ اهي ٿيا چوويهه ڪروڙ يعني 240 ملين (million) ڊالر.
شراب يا نشو آدجڳاد کان سڄي دنيا ۾ هلندو اچي. ڪو به دنيا جو ملڪ ان تي ڪامياب بندش وجهي نه سگهيو آهي. عرب ملڪن ۾ به جام پيو هلي. ايران ۾ ته ايترو عام هئو جو 1974ع ۾ جڏهن ايئرو فلوٽ ذريعي ماسڪو ٿي ويس ته طهران تان جيڪي اديب چڙهيا سي سڀ جو سڀ نشي ۾ ٽٻ هئا. جهاز ۾ به پيئندا رهيا ۽ ٻين جي وات تي ٻاٽلي رکي زوريءَ پياريندا آيا. منهنجو پاڪستاني ساٿي به پيئندو آيو بلڪه جهاز مان به وودڪا جون ٻاٽليون ورتائين. ڇاڪاڻ ته جهاز ۾ وودڪا جي ننڍي بوتل صرف پنج روپين ۾ ملي ٿي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن سنڌي ماڻهن مقامي سائي ٻوٽي کي قومي مشروب بڻايو ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي. سو به سکو آبو يا ٿاڌل جي صورت ۾. ڪروڙن ڊالرن جي بچت به ۽ نقصان به گهٽ پر اسان جا سفيد ڪالر وارا صاحب، ڪارا انگريز، انگريزن جي تقليد ۾ سماجڪ مٿڀرائي (status symbol) طور وهسڪي تي ڇتا ٿي ڪريا ۽ ان کي وڏ ماڻهپائي ليکيائون.
ذڪر هو نئنگ جي ڀنگ جو. نئنگ جي ڀنگ مشهور آهي پر اسان لاءِ ايتري ٿوري ڀنگ وڌي وئي جو ڄڻ شربت پيتوسين، ڪو اثر ڪونه ٿيو. جيپن ۾ چڙهي موٽي آياسون، دادو. رات دادو جي سرڪاري بنگلي ۾ گذاري ٻئي ڏينهن روانا ٿياسون. گاج بنگلي، گاج بنگلو، گاج جي ڪپ تي پهاڙي تي ٺهيل آهي. اتان جبلن جو ڏاڍو سٺو نظارو آهي. اندازو ٿئي ٿو ته گاج ڪيڏي گجگوڙ ۽ دهشت سان وهندي هوندي. پرڀرو ڳوٺ آهي جنهن ۾ ڪجهه قبرون ۽ مقبرا آهن جي اسان کي ڏيکاريا ويا. اندر مسلمانن جون قبرون هيون. پر حيرت ان ڳالهه تي لڳي ته انهن جي ڀتين تي گهوڙن، ٻين جانورن ۽ ماڻهن جون رنگين تصويرون ٺهيل هيون. حالانڪه اسلام ۾ ان جي منع آهي. ٻڌايوو يو ته اهي بلوچ سردارن جون قبرون آهن.
جوهيءَ جو رستو وٺي دادو موٽياسون. ٻئي ڏينهن سيوهڻ روانگي ٿي. سيوهڻ اورانگهي لڪي هليا وياسون. اڳي لڪي تيرٿ سڏبو هو. هندن جا مسافر خانا به هئا. جن تي مسلمان قبضو ڪري گهر، دڪان ۽ هوٽلون ٺاهيو ويٺا هئا. لڪي تيرٿ جو سرڪار نالو مٽائي لڪي شاهه صدر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه صدر، سنڌ جي سموري سيد خاندان جو وڏو جد امجد ليکيو وڃي ٿو. بشمول پير صاحب پاڳاري جي. لڪي جا چشما ڏسڻ وياسون، جيپ هيٺ بيهاري پيرين پنڌ جبل تي چڙهڻو پوي ٿو. مٿي ڏاڍا سهڻا پٿر جا مندر هئا. مون اهي ٻالجتي ۾ ڏٺا هئا. پر ذهن تي ايڏو نقش ٿيل هئا جو مون دوستن کي وٺي هڪ جاءِ ڏيکاري. هڪ چشمو اهڙو به ياد هئم جنهن جو پاڻي کير جهڙو اڇو هئو. اتي ننڍو شوالو به هئو. معنيٰ ته هي به شو جو آستان هو. نئنگ ۾ چٽو شو جو لنگ نظر آيو جو بعد ۾ سائين صالح شاهه پنڊ پهڻ ٿيل راجڪماري وٽان پٽائي، پلويڙي کان ٻاهر لڳائي ڇڏيو هو.
ٿورو اڳڀرو لڪي جا گرم چشما آهن جن ڏي ويندي ڏٺوسين ته هڪ جوان سنڌي ناري، ملي ۾ ورتل، ريڙهيون پائيندي چشمي ڏانهن پي وئي، شفا لاءِ. اسين گرم چشمي تان هٿ منهن ڌوئي موٽياسون پي ته اها مائي اڃا ريڙهيون پائيندي چشمي ڏانهن پي وئي. اسين موٽ کائي سيوهڻ بجاءِ سڌو سن هليا وياسون. جتي سرڪاري بنگلي تي رهياسون، جناب عبدالنبي عباسي جا مهمان ٿي. رات ٿيڻ واري هئي. سو ماني ٽڪي کائي، ٻاهر ميدان تي کٽون وجهرائي سمهي پياسين. رات جو اياز وٺي ننڊ ۾ رڙيون ڪيون. سڀ ڏانهس ڀڄندا وياسون پر اياز پاڻ آٿت ڏنو ته ڪجهه ناهي. مون سوچيو شاعر جي ڏکويل دل آهي سهپ کان ٻاهر منظر ڏسي رڙيون ڪيون اٿائين. پر هڪ صاحب چيو ته ”ڀاڙيو ڊنو آهي!“ اهو به سندس گهاٽو دوست هئو.
ٻئي ڏينهن سائين جي ايم سيد وٽ وياسون جنهن وڏي قرب سان آدر ڀاءُ ڪيو. کانئس رني ڪوٽ بابت ڄاڻ ورتيسون ۽ پوءِ رني ڪوٽ وياسون جو هڪ عجوبو آهي. چيائون ته ”ميريءَ تائين پنڌ وڃبو يا اٺن تي!“ سائين جي ايم سيد اٺن جو به بندوبست ڪري ڇڏيو هو. پر مون ۽ اياز ٻنهي مٿي وڃڻ کان انڪار ڪيو. رني ڪوٽ وٽ ڪيئي پنڊ پهڻ (fossil) مليا جن جي عمر لکين سال هئي. اهي مون کنيا جي پوءِ بدر ۽ شاهدا کي ڏنم، جن پنهنجي ماڊل اسڪول جي عجائب گهر کي ڏئي ڇڏيا.
خدا نٿو ڀلائي ته سيوهڻ به ويا هئاسون. سڪندر واري قلعي تي مٿي جو سرڪاري بنگلو ٺهيل آهي ان ۾ رهياسون، تنوير عباسي جي ڀاءُ جا مهمان هئاسون. درگاهه تي ڌمال، لال جو باغ ۽ غار ۽ قبي به ڏٺي سون. اها غار سچ پچ غار هئي. قدرتي. هاڻي جو ويس ته دل تي تور ٿي بيٺو . رنگ روغن ڪري جهنڊا جهنڊيون هڻي فقير قبضو ڪيون ويٺو آهي. ڀائي هي ڇاهي؟ تاريخي جاين سان اهڙو مذاق ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ڄڻ ته اهو رنگ روغن منهنجي هيانءَ تي ٿڦيو ويو هجي.
ڪائي، ٻنڌڻي ۽ گبربند ڪونه ڏٺاسون. ڪاش اياز اهي جايون ڏسي ها ته ضرور انهن کي پنهنجي شعرن ۾ امر ڪري وڃي ها. بس همت ڪانه ڪئي سون. مان آسائش پسند ۽ اياز به ٿڪ ۽ جاکوڙ کان لهرائيندو هو. گوڏن جي تڪليف به هئس.
واپس حيدرآباد آياسين. اياز، شاهه بندر وٽ سنڌوءَ جو ڇوڙ ڏسڻ جي فرمائش ڪئي. مون حاضر! چئي سال جي مهلت ورتي. ڀاءُ ڪمال سان به صلاح ڪيم، خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو منهنجو سڳو سئوٽ عبدالقادر ابڙو ٺٽي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ٿي آيو ۽ ڪمال جو دوست محمد بچل ميمڻ انجنيئر، سڀ سوڻ سٺا ٿي آيا. اياز کي چوائي موڪليم ته تيار ٿي اچي. پر مون کي پهرين جون 1967ع تي هارٽ اٽيڪ ٿيو. جنهن جو مفصل احوال منهنجي اڳين ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. دهرائڻ جو ضرور ڪونهي. عبدالقادر توڻي بچل ٻئي مون کي اسپتال ۾ پڇڻ آيا انهن سان صلاح ڪيم ته هنن چيو ته پاڻ چڱو ٿيو ڇاڪاڻ ته آبڪلاڻي ۾ درياهه موج ۾ هوندو آهي. شاهه بندر وٽ به سمنڊ ۽ درياهه جي ٽڪراءَ سبب وڃڻ مشڪل آهي. ڀلي سيپٽمبر اچي، جڏهن سمنڊ به ماٺو هوندو ۽ درياهه به. آگبوٽ سولائي سان درياهه مان سمنڊ ڏي هليو ويندو. جولاءِ تائين ته مان اسپتال ۾ رهيس پوءِ ٻه مهينا گهر ۾ آرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ائين کٽ تي ليٽي ليٽي ٽي مهينا ڏاڍا ڏکيا گذريا. مونجهه ٿي پوندي هئم، ڀلا ٻارڙن سان اکٻوٽ کيڏڻ وارو، شام جو ٽي ميل پنڌ ڪرڻ وارو ۽ ٽينس کيڏڻ وارو دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ وارو، ائين نئون سئون ليٽيو پيو هوندو ته هڏ به ڏکندا، مونجهه به ٿيندي.

11

منهنجو پراڻو دوست غلام نبي سومرو ۽ سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر ٻئي مهرباني ڪري ايندا هئا ۽ ڪچهري ڪري ڪافي پي هليا ويندا هئا. لک قرب، لک ٿورا! مير صاحب ته زور ڀري سئنيما تي وٺي هلندو هو. ائين مون کي نئين زندگي ملي ۽ هڪوار وري شيل شڪار ۽ ڪچهريون شروع ٿي ويون. نيٺ سيپٽمبر به آيو ۽ شيخ صاحب دوستن سميت اچي نڪتو. منهنجي گهر واري جي منع ڪرڻ باوجود مان چار ڏينهن موڪل وٺي ساٿين سان گڏ ٺٽي ويس. جتي اسان کي ڪينجهر جي (VIP) بنگلي ۾ رهايو ويو. ٺٽو گهمياسون. سونڊا به گهمياسون. ارباب نور محمد پليجو منهنجو پراڻو دوست، سڻڪ پوڻ سان اچي نڪتو ۽ دعوت ڏئي پنهنجي ڳوٺ ٻنون وٺي هليو. اوطاق جي ٿلهي تي نم هيٺان چانهه پي، وٺي هليو درياهه تي جتي ٻيڙياتا اڳ تيار بيهاريل هئا.
ٻيڙين ۾ چڙهي درياهه جو سير ڪيوسين. وهسڪي جو دور هليو ۽ ٻيڙي ۾ پلا پڪا، واهه جو مزا ٿيا. اوندهه ٿي ته موٽي آياسون اوطاق تي، جتي استاد ابراهيم پهچي چڪو هو. ان پنهنجي راڳ جو جادو جاڳايو ۽ وهسڪي جو دور به هلندو رهيو. مانيءَ جو ته اڳ ئي چئي آيو آهيان ته ارباب نور محمد ڪنوشر (پارکو) شوقين هو. سو ڏاڍي سٺي ماني ٺهرائي هئائين. خاص خاص کانا کڻي مهمانن کي هٿ سان ڏيندو رهيو ۽ انهن جي ٺاهڻ جي ترڪيب به ٻڌائيندو رهيو. رات اتي ئي کلئي آسمان هيٺ کٽون وجهرائي سمهياسون. ٻئي ڏينهن موٽي آياسون ڪينجهر جتي کاڌي جو ٻيو ڪنوشر بچل ميمڻ اهڙا طعام ٺهرايا جو وڃي ٿيا ست خير! رات جو مان ۽ اياز کي وهسڪي جو گلاس هٿ ۾، نڪري آياسون ڪينجهر ڪناري ڏاڍي دلچسپ ۽ معنيٰ خيز گفتگو ڪئي سون. ذرو سوچيو ته مان ۽ اياز اڪيلا، رات جو وڳڙو، ڪينجهر جو ڪنارو، وهسڪي جو گلاس هٿ ۾ ڇا ته سمو هوندو. مان جڏهن بود ۾ هوندو آهيان تڏهن ٻنڌڻ ٽوڙڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڪو زيان ڪندو آهيان. خنڪي واري ٿڌ، ڪينجهر جون لهرون، چنڊ ستارا، تيز هوا، اياز جا گفتا، مان اهڙو چوٽ چڙهي ويس جو اياز جو خالي گلاس هٿن مان وٺي ڪينجهر جي ڪناري جي پٿرن تي هنيم جو ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. اياز ٿورو وائڙو ٿيو ته کيس چيم ته ”مان ائين ڪندو آهيان!“
سمجهي مشڪي کڻي ماٺ ڪيائين. ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي ڏاڪڻيون چڙهي بنگلي ۾ سمهي پياسين. انهي هڪ ننڍڙي حرڪت ڪري ٻئي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي وياسين.
ٻئي ڏينهن دوستن سنبت ڪئي گهوڙا ٻاري وڃڻ جي جتان آگبوٽ ۾ چڙهي شينهن درياهه جو ڇوڙ ڏسڻو هو. منهنجي دل به ٽپا پي ڏنا پرمون صحت جي ڪري موڪلايو. ٻين زور ڀريو پر اياز خاموش بيٺو رهيو. نيٺ چيائين ته ”جمال کي ڇڏيو!“ اهو هئو منهنجي مجبوري کي پوري طرح سمجهڻ بلڪه مون کي سمجهڻ. وڃڻ لاءِ آنڌ مانڌ منهنجي دل ۾ به هئي پر مجبور هئس. دوستن کي سئوٽ عبدالقادر ابڙي جي حوالي ڪري مان حيدرآباد موٽ کاڌي. بار سڄو عبدالقادر ابڙي تي هو. ائين ئي ٿيندو آهي. ڪڪڙ ڪوري جو نانءُ وڏيري جو! ڳڙو ڪرندو آهي ننڍي آفيسر تي. ڊي سي جا مهمان مختيارڪار حوالي ۽ چيف انجنيئر جا مهمان ايس ڊي او جي حوالي منهنجو سوٽ عبدالقادر ابڙو نهايت ذهين ۽ سنج وارو سگهڙ ماڻهو آهي. انهي اديبن سان وهنوار نهايت مناسب انداز سان سرانجام ڏنو جو اديب صاحبن کي وڻيو. اياز به ساراهه ڪئي. 1967ع جو سال ائين خير سان گذريو. مان موت جي منهن مان موٽي آيس ۽ يارن سان به رهجي آئي. چڱي نباهيم.
حيدرآباد ۾ چار سال جج ٿي رهيس. ڏاڍو هيٺ مٿاهين ۽ افراتفري وارو دور هئو. هندستان سان لڙائي، ون يونٽ، تاشقند ٺاهه، نواب ڪالاباغ، جسٽس ڪياني، ايوب ۽ ڀٽي جو ڌار ٿيڻ. ڀٽو صاحب جي صحيح معنيٰ ۾ عوامي تحريڪ. سندس جيل وڃڻ. اياز جا وارنٽ ۽ منهنجي گهر پناهه وٺڻ اڻکٽ واقعا ٿيا. مير برادري جو ايوب خان خلاف ڀنڀٽ ٻارڻ، سائين جي ايم سيد جي صوفيا سنڌ تحريڪ ۽ حيدربخش جتوئي جو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو، اهي چار سال منهنجا ڏاڍا مصروف ۽ عزت سان گذريا. مان سرڪاري نوڪري هوندي به هر تحريڪ ۾ ظاهر ظهور يا پاڇولي جيان حاضر ۽ متحرڪ رهيس.
حيدربخش جتوئي، مير ٿيٻو، مسعود نوراني، ڄام ساقي، سنڌي توڙي مهاجر ليڊر، پيا مون سان ملڻ ايندا هئا. مان هر ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل هئس. ٻوليءَ لاءِ بک هڙتال تي پنهنجي ڀاڻيجي سلطانه وقاصي کي به مون ويهاريو جو سندس والد صاحب گرم ٿي ويو. ٽنڊوآدم مان راتورات اچي ڌي کي بک هڙتال تان اٿاري ويو. مسعود نوراني مون وٽ دانهين آيو. مون چيو ”مان پيءُ جي آڏو ڇاٿو ڪري سگهان؟“ چيائين ”هڪڙي ڇوڪريءَ جو بک هڙتال تي هجڻ ضروري آهي. پنهنجي نياڻي ڏيو!“ مان سرڪاري نوڪر، ته به هائو! ڪري انهيءَ مهل ڇوڪري کي رات جو سڏايم ۽ چيومانس ته ”وٺي وڃينس!“ چيائين ”هيءَ ننڍي ٻار آهي. سو اها نه کپي.“ ائين عزت به بچي. نوڪري به بچي. مون استادي اها ڪئي جو ٻيو نمبر ڌي کي سڏيم، مهل ته ڪانه وڃائبي نه؟
هاري حقدار آفيس ۾ به ويندو هئس. ڪامريڊ اعزاز نذير ۽ ٻيا مزدور ليڊر کلم کلا مون وٽ ايندا ويندا هئا ۽ سندن ڪم به ڪندو هئس. جج ماڻهو ايترو يار ويس نه ٿيندو آهي، نه ٿيڻ کپيس پر مان ٻئي پاسا وهي ويس ۽ خدا عزت به رکي. سٺو نالو ڇڏي آيس. بدلي ٿي وڃڻ کانپوءِ به ماڻهو مون واري ڪورٽ کي ابڙي صاحب واري ڪورٽ ڪري سڏيندا هئا. سنڌي مهاجر يا وڪيلن ۾ تفاوت ڪونه رکندو هئس. نامدار خان ۽ سيد احمد شاهه مشهور مهاجر وڪيل هئا ۽ انهن سان دوستي هئم، آفتاب آخوند، عبدالرسول آغا، محسن عباسي، الهه بچايو آخوند، مسٽر جليل سان به تمام سٺا تعلقات رهيا. هر ڪنهن سان نباهيم عام خلق جي ڀلي لاءِ دوستن لاءِ قانوني دائري کان ٻاهر وڃي به مدد ڪيم، ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻائجن.
سراج الحق ميمڻ هڪ سي ايس ايس آفيسر جي سفارش ڪندي چيم ته ”وفاقي حڪومت خلاف ۽ ٻين سپيرئر سروس آفيسرن خلاف منع نامو ڏينس!“ مون چيو ”يار ڪم تمام نازڪ آهي سو وڪيل ڪو سٺو ڪر!“ منهنجي صلاح تي ظفر مرزا کي وڪيل ڪيائون. ٻنهي ڌرين ۾ سخت مقابلو ٿيو. ڌما ڌم بحث مباحثا ٿي پورا ٿيا. اوچتو منهنجي بدليءَ جا آرڊر اچي ويا. چارج ويٺو ڇڏيان ته سراج آيو. چي ”هي ڪم ڪيون وڃ!“ چيم ”وقت ڪونه اٿم، ظفر مرزا کي چئو ته آرڊر لکي اچي ته مان صحيح ڪري ٿو ڇڏيان!“ ظفر مرزا کي چيائون ته ان کي اعتبار نه آيو چي ”ابڙو صاحب جهڙو ماڻهو ائين چوندو ئي ڪونه!“ هو مون کان پڇڻ آيو. مون تصديق ڪئي. هو سڄي رات محنت ڪري آرڊر لکي آيو ۽ مون اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ڇڏي. مرزا صاحب مڃيو ته جج جو ڪم ڏکيو آهي. پوءِ ته پاڻ به هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو. ڏاڍو شاندار ۽ شانائتو ماڻهو آهي. اهڙا ڪم به ڪياسون.
ٻيو به هڪ واقعو آهي. ڏهه دفعا سوچيو اٿم ته لکان يا نه، وڏي اهميت وارو معاملو آهي تنهن ڪري ڀانيان ٿو ته ڪلهي تان بار لاهي ڇڏيان. ائين قمرالزمان شاهه سان منهنجا تمام چڱا تعلقات هئا. سائين تمام ٺاهوڪو جوان، ڪپڙا تمام سٺا پائيندو هو ۽ نئين نئين فيشن واري سلائي جا سوٽ ڪوٽ، جهڙوڪر گهرو رستا به هئا جو منهنجيون ٻه ساليون سيدن ۾ پرڻيل هيون. شاهه صاحب هڪ ڏينهن منهنجي چئمبر ۾ آيو ۽ مون کي هڪ قسم نامون، عام مختيار نامي جي صورت ۾ ڏنائين ۽ حجت مان چيائين ته ”صحيح ڪري ڏيو!“ مون چيو ”اتاولا نه ٿيو سڄو پڙهي وٺان ۽ ڏسان ته معاملو ڇا آهي!“ چيائين ته ”مدر ايلسا قاضي فلاڻي وڪيل کي مختيار نامو صحيح ڪري ڏنو آهي توهان رڳو صحيح ڪري ٺپو هڻي ڏيو. مدر ايلسا اچڻ جهڙي ڪانه آهي، نه ته اچي ها!“ اهو ڪم مون لاءِ ناممڪن هو ، گهڻن ئي دوستن ۽ مائٽن کي ان معاملي تي ناراض ڪيو ويٺو هئس ته قسم نامو ڏيندڙ ضرور حاضر هجي! خواتين لاءِ ته وڌيڪ ضروري آهي. سيدياڻيون عزيزياڻيون به ڪورٽ ۾ گهرائيندو هئس.
مون تمام ڌيرج سان ميز جو خانو کوليو ۽ شاهه صاحب کي چيم ته ”جيڪڏهن مدر ايلسا نٿي اچي سگهي ته مان پاڻ شام جو وٽس ويندس ۽ روبرو کانئس پڇندس!“ شاهه صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مختيار نامو منهنجي هٿن مان سٽ ڏئي ڦري ورتائين ۽ چوندو ويو ته ”توهان ڇا ٿا سمجهو ته ٻيو ڪو مئجسٽريٽ صحيح ڪري نه ڏيندو ڇا؟“ منهنجي مٿي تي هٿوڙو لڳو ته ڪو مڙيو ئي رولو آهي. شام جو ڪورٽ مان نڪري علامه صاحب جي بنگلي ڏانهن روانو ٿيس. گومگو جي ڪيفيت ۾ هئس ته علامه صاحب جو هڪ عقيدتمند مليم. ان کان پڇيم ته ”علامه صاحب جو ۽ مدر ايلسا قاضي جو فلاڻي وڪيل تي ايڏو اعتماد آهي ڇا جو سموري ملڪيت جو مختيارنامو کيس لکي ٿا ڏين؟“ مون کي چيائين ته ”ميان چوين ڇا ٿو، علامه صاحب انهيءَ وڪيل تي اهڙو ڪاوڙيل آهي جو سندس نالو ٿو ڪوئي کڻي ته علامه صاحب جهڙو نفيس ماڻهو به کيس گاريون ٿو ڏئي ۽ باسٽرڊ، چيٽ ۽ بدمعاش جهڙا لفظ ٿو استعمال ڪري!“ منهنجو شڪ وڌيڪ پختو ٿيو پر ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
ڪجهه سالن کانپوءِ ٻڌم ته علامه صاحب وچتر حالتن ۾ گم ٿي ويو آهي. وري اخبارن ۾ پڙهيم ته ونٿلي بندر حيدرآباد وٽان سندس لاش مليو آهي. منهنجو مٿو وري چڪر کائي ويو لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ته وڄائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صالح ميمڻ ڏيپلي واري چيو ته ”موت ڪياڙي تي ڌڪ لڳڻ سبب ٿيو آهي ٻڏڻ سبب نه!“ تنهنجي معنيٰ ته خودڪشي ڪانه هئي. علي الصباح جو رڪشا واري يا ڪنهن ٻئي ماڻهو علامه صاحب جهڙي نفيس ماڻهو کي ڪياڙيءَ وارو هڪ بانٺو هنيو هوندو ته علامه صاحب الله کي پيارو ٿي ويو هوندو. تن ڏينهن ۾ لک روپيا تمام وڏي ڳالهه هئي. رڪشا وارو ڪو ٻيو لک روپين ۾ آساني سان خريد ڪري سگهجي پيو. اديب ۽ پوليس ۽ اخبارون به خودڪشيءَ جي رٽ لڳايون آيون ۽ معاملو لئه مٽي ٿي ويو.
حيدرآباد ۾ چار سال رهيس. انهن چئن سالن ۾ مون لاءِ ذاتي طرح تمام وڏي ڳالهه اها ٿي جو لطيف آباد ۾ بنگلو ٺهرائي وڌم. ناممڪن ڳالهه پر ٿي وئي. چوندا آهن ته شادي ڪيو ته رزق پاڻهئي اچي وڃي ٿو ۽ گهر ٺهرايو ته پاڻهي ٺهي وڃي ٿو. مون سان ته ائين ٿيو. نه ته ٻارنهن سئو پگهار کڻندڙ ماڻهو گهر ٺهرائي، سو به سٺو عاليشان بنگلو، اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي، وڏو داستان آهي شايد پنهنجي اڳئين ڪتابن ۾ لکي آيو آهيان. مون لاءِ نور محمد ٻگهيو صاحب ۽ ٺيڪيدار راجا گلستان جهڙوڪر فرشتا ٿي پرگهٽ ٿيا. ٻيا به ائين پاڻمرادو ايندا ويا، غلام النبي سومري جا واڍا مائٽ به ڪم ۾ جنبي ويا. ڪاٺ پاڻ خريد ڪري چيرائي، واڍڪو ڪم پلاٽ تي پيا ڪن. چي ”پئسا پوءِ ڏجو!“ حيدرآباد جو هئو هڪ ميونسپل ڪائونسلر، اصل ڏوڪريءَ جو هو، دوست هئو ادا شمن جو. ادا شمس کيس باڪس علي ڪري سڏيندو هو. باڪس چوندا آهن ماچيس کي. مون ادا کان پڇيو ”باڪس علي ڪهڙو نالو آهي؟“ مشڪي چيائين ”نالو اٿس بخش علي پر مان کيس باڪس علي ڪري سڏيندو آهيان“ معزز ماڻهو، ميمڻ واپاري، اهڙي مهرباني ڪيائين جو صبح کان شام تائين پلاٽ تي ويٺو هوندو هو ڪم ڪار سنڀاليندو هئو. منهنجي گهران رڳو منجهند جي ماني کيس موڪلي ڏبي هئي. بعد ۾ ٻڌم ته هڪ ٻن ڪيسن ۾ هٿڙي هڻي ويو. ائين حضرت علي سائين جي چوڻي پوري ٿي ته جتي به ملڪيت گڏ ٿيل ڏسو اتي سمجهو ته ناجائز طريقا استعمال ٿيا آهن پوءِ به باڪس علي جا ٿورا!
وقت سيڙائي، لاڳيتو ٽي چار مهينا، سڄو سڄو ڏينهن پنهنجي سر ويهي رهڻ معمولي ڳالهه ڪونهي. رازو به هڪڙو ملا مهاجر پاڻ مرادو اچي ويو. سٺو ڪاريگر هئو. پنهنجو گهر سمجهي رات جو بتيون ٻاري به ڪم ڪندو هو. اليڪٽري وارو ياسين، لاڙڪاڻي جو هڪ مهاجر ڇوڪرو جو يتيم ٻار طور اسان وٽ نوڪر رهيو هو، سو به مفت ۾ ڪم کي جنبي ويو. پلمبر هڪ دالي (نوابشاهه) جي ڪلهوڙن مان جي اسان جا ڏور جا رشتيدار آهن. پاڻمرادو اچي وارد ٿيو چي ڪم مان مفت ۾ ڪندس. ”بابا مفت ۾ ڇو؟“ چي ”بس مون کي رڳو سرٽيفڪيٽ ڏجو ته حيدرآباد ۾ منهنجا پير کپي ويندا.“ خير پئسا ته کيس ڏنم پر ڪم مفت ۾ شروع ڪيائين. بنگلي جو ڍانچو تيار ٿي ويو ته سرڪار مير علي مدد خان هڪڙو مهاجر ڪاريگر ڏياري موڪليو جو موزيڪ جي ڪم ۾ حيدرآباد ۾ نمبر ون هئو. چيم سرڪار پئسا ڪونه اٿم. پر سرڪار مير صاحب ويٽو پاور هلايو چي ”موزيڪ کان سواءِ بنگلا ٺهندا آهن ڇا؟ پئسا آخر ۾ وٺندو يا جنهن مهل جيترا گهري ڏئي ڇڏجوس.“ ائين فرسٽ ڪلاس موزيڪ به ٿي ويو. بنا رنگ روغن جي بنا گيٽ جي دروازن جي، مان مسواڙي جاءِ ڇڏي اچي پنهنجي گهر ۾ ويٺس.
ڪجهه ڏينهن بلڪه مهينن کان پوءِ منهنجو پراڻو ڪاليجي دوست شمس الدين سومرو انجنيئر اچي نڪتو. هاسٽل ۾ هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهندا هئاسون. ڪچهري ڪندي هيڏي هوڏي ڏسي چيائين ”استاد، رنگ نه ڪرايو اٿي؟“ چيم ”اهو به ٿي ويندو.“ کلي چيائين ”مون سمجهيو، ٻن ٽن ڏينهن ۾ رنگ وارو ايندو منع نه ڪجان.“ ڪم منهنجو پيو ٿئي ۽ پارت به مون کي ته انڪار نه ڪجانءِ! ائين ترتيب موجب هڪ ٻئي پٺيان، وقت ۽ مهل آهر ڄڻ ته ڪائي اڻ ڏٺي طاقت مناسب ماڻهو موڪليندي رهي ته وڃو وڃي فلاڻي جو فلاڻو ڪم ڪري اچو. ائين منهنجو بنگلو 91 يا 92 هزارن ۾ جڙي راس ٿيو. جو بعد ۾ مون ساڍن ستن لکن ۾ وڪڻي ڇڏيو. انهن پئسن مان ڪراچيءَ ۾ ٽي پلاٽ ورتم جي بعد ۾ 25 لکن ۾ وڪڻي رٽائرمنٽ کان پوءِ ڪراچي ڊفينس ۾ بنگلو وٺي رهان پيو. هي ٿيو ڪنهن کي ڇپر ڦاڙي ڏيڻ. ائين شڪارپور واري مظهر شاهه جي اڳڪٿي پوري ٿي جو چوندو هو، ”رشوت نه وٺجانءِ، بنگلو به ملندو ۽ ڪار به. جڏهن بنگلو به ٿيو ۽ ڪار به ته منهنجي گهر واري مرحوم شاهه صاحب جي اڳڪٿي عقيدت سان ياد ڪندي هئي.
ان لطيف آباد واري بنگلي ۾ پاسيرو مهمانن لاءِ هڪ ڪمرو ٺهرايم جنهن ۾ اياز کي لڪائي رهايم. جڏهن ايوب شاهي دور ۾ مٿس وٺ پڪڙ هئي، اهو احوال شايد لکي آيو آهيان ۽ اياز به لکيو آهي. نوڪري وڃائڻ جو مون کي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هوندو هو نه گرفتاريءَ جو ان ڪري بي ڌڙڪ من مانيون ڪندو رهندو هئس.
پنهنجي گهر ۾ رهڻ ۾ ڏاڍو اطمينان ۽ سک آهي جو مون کي صرف ٻارنهن مهينا نصيب ٿيو. آڪٽوبر 1969 ۾ منهنجي بدلي ڪراچي ٿي مان ڏاڍو دلگير ٿيس ته هيڏو سارو جهنگل ٻيلي جهڙو شهر، اوپرو ماحول، نه گهر نه گهاٽ ڇا ٿيندو. چاهيم ته بدلي ٻئي هنڌ ٿئي. وري به سرڪار مير علي مدد خان ويٽو پاور هلايو ۽ همٿايائين ته هڪدم چانس پڪڙي ڪراچي وڃان. سندن چوڻ هئو ته ”ڪراچي سڄي ملڪ جو اهم ترين شهر آهي، اتي جهڙا موقعا ملندا، اهڙا ٻيو ڪٿي ڪونه ملندا. ڪراچي هميشه سڄي ملڪ کان پنجاهه سال اڳتي هوندو.“ مان هڪدم ڪراچي هليو آيس. ٻارن کان سواءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ ويڳاڻو ٿيس. پهريائين ٽنڊي الهيار واري دوست حاجي اڪرم پاٽولي وارن جي ڪارخاني پنجاب آئل ملز تي رهيس. اتي مهمان طور کاڌو پيتو به مفت جو، ته ڪمرو به مفت ۾ مليم. پر ڏاڍو ڏکيو ۽ دلگير ٿيس. هر ڇنڇر تي گهر حيدرآباد ايندو هئس بعد ۾ ڪارخانو ڇڏي سوامي نارائڻ مندر ۾ سيٺ ڌنراج جي فليٽ تي رهيس. رهائش مفت ۾ هئي. ٽيليفون به مفت جي پر نوڪر به ڪونه هو ۽ ماني هوٽل تي کائبي هئي.
وڪيلن کي وڙول ڏنم ته مسواڙ تي جاءِ وٺرائي ڏين ته فيملي آڻيان. چون پيا ته ”ڪراچيءَ ۾ جوءِ ملي ويندي باقي جاءِ ملڻ مشڪل آ.“ نيٺ ايجنٽ کي چيم جنهن ناظم آباد 3 ۾ پوڻا ٻه سئو روپيا ماهيانو مسواڙ تي چئن ڪمرن واري بنگلي ٽائيپ جاءِ وٺرائي ڏنم. ڊسمبر جي آخر ۾ ٻار وٺي آيس ۽ ٿائينڪو ٿي ويٺس. مڄاڻ قدرت انهيءَ ۾ به ڪو منهنجو مسئلو حل ڪرايو ٿي. سفارش ڪرائي معشوق علي خان ڀٽو، منهنجي لطيف آباد واري بنگلي ۾ مسواڙي ٿي ويـٺو، پنج سو روپيا مسواڙ! منهنجي ته عيد ٿي وئي. پر خبرداري ڪري ٿوري قسط ڀرڻ بجاءِ پورا پنج سئو روپيا هر ماهه هائوس بلڊنگ وارن کي بنگلي مٿان چڙهيل قرض جي حساب ۾ ڏيندو آيس. ائين قرض به لهي ويو ۽ بنگلو به گرويءَ کان آجو ٿي مونکي مليو. قدرت ڪو ٽِڻ ٺاهيون ويٺي هئي ته جمال کي ڪراچي موڪلي سندس قرض لاهجي.
ڪراچي اهڙو شهر آهي جو پهريائين ماڻهو گهٻرائي ٿو ته جهنگل جهڙي شهر ۾ انفراديت وڃائي گم ٿي ويندس يا ماڳهين ٻڏي ويندس. پر ائين ناهي! برابر هت ڀلان ڀلي جو ڇيهه ناهي، پر انهي ڪري جيڪي سو ماڻهو کي پنهنجي اصل ۽ معمولي حيثيت جو پتو پوي ٿو. آفيسري دٻدٻو کڻي ناهي پر پنهنجي نج حيثيت جو پتو پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي نجي ڪردار، اخلاق ۽ ذهانت تي ڀاڙڻو پوي ٿو ۽ انهن وکرن جي مون ۾ ڪمي ڪانه هئيم، سو عزت ۽ مانَ ۾ ويس وڌندو. هيٺاهين، نياز نوڙت ۽ مهل سر ڪم اچڻ جهڙا وکر جٿي ڪٿي هڪ جهڙا اثر ڇڏين ٿا ڀلي ڪراچي هجي، لاهور، اسلام آباد يا ٻهراڙي، اهڙا وکر خوشبوءِ ته وکيڙين ٿا سو منهنجي به سلام دعا وئي هر ڪنهن سان وڌندي: آفيسر، ڪامورا ننڍا وڏا، ادبي حلقا، مذهبي مجلسون، سياسي رهنما، ڪارخانيدار، واپاري، غريب شاهوڪار، ڪو طبقو نه بچيو، وڪيل برادري ته هئي پنهنجي.
ايماندار جج کي عزت پاڻ مرادو ملي ٿي. ڪا ڪوڏر هڻڻي ڪانه ٿي پوي. سنڌي مهاجر يا هندڪي مسلمان ڪي ته مون ۾ هئي ڪانه سو الله عزت رکي ۽ حفاظت به ڪئي. مهاجرن ۾ تعصب البته زياده هو. هڪ وڪيل شمشاد لاري هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته ”هي جج تعصبي ۽ رشوت خور آهي سو کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي!“ رجسٽرار جو پاڻ به مهاجر هو ۽ مهاجر پرست تنهن پاڻمرادو ان وڪيل کي گهرائي دٻڙاٽ پٽايو ۽ درخواست رد ڪري ڇڏيائين. رجسٽرار هو سيد اشهد علي، موجوده چيف جج جو والد. هڪ وڪيل هو سيد اقتدار علي جو روزانو مون کي گهران کڻي، پنهنجي ڪار ۾، ڪورٽ ڇڏيندو ۽ ڪورٽ کان گهر، سندس گهر ناظم آباد ۾ منهنجي گهر ڀرسان هئو. ساڻس اڄ تائين گهرو رستا آهن.
ناظم آباد سڄي مهاجر آبادي آهي. منهنجي هر ڪنهن سان سلام دعا هئي پر منهنجي گهر واريءَ جي اهڙي مـٺي ماکڙيءَ جهڙي طبيعت هئي جو اوڙي پاڙي جون عورتون ۽ نياڻيون وٽس جهرمٽ ڪيون ويـٺيون هونديون هيون. جڏهن اسين ناظم آباد ڇڏي باٿ آئلنڊ اچي رهياسون تڏهن به ڪي نوجوان ڪنواريون ڇوڪريون، مائٽن جي اجازت سان اچي اسان وٽ راتيون گذارينديون هيون، جيتوڻيڪ اهو ٻوليءَ جي فسادن وارو دور هئو. انهي مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان جو گهرو ماحول ڪهڙو صاف سـٺو هئو، ٻوليءَ سان ويڌن ٿي آهي. سنڌي ماڻهو لفظ سٺو بجاءِ لفظ سٿرو ٿا ڪم آڻين. حالانڪه سنڌيءَ ۾ سٿرو ٻي معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا آهن.
ٻولي وارن فسادن کان ٿورو اڳ سيد اقتدار علي وڪيل، جو پاڻ مهاجر هئو، مون کي خبردار ڪيو ته اوڙي پاڙي جي مهاجرن تي ايڏو ڀروسو نه ڪيان، ٻيو مهاجر دوست قيوم ڪانپوري صاحب ته فسادن کان ٻه ڏينهن اڳ، پنهنجي ڪاري مرسڊيز کڻي آيو ۽ چيائين ته ”حالتون خراب آهن هتان نڪري هلو!“ چيائين ته ”منهنجي بنگلي (قائداعظم مزار وٽ) ۾ ئي هلو پر هتان نڪرو!“ مون کي باٿ آئلينڊ ۾ سرڪاري فليٽ مليل هئي پر نڪرڻ ۾ سستي پي ڪيم ڪجهه سامان منتقل به ڪيو هئوسين سو مرسڊيز ۾ چڙهي راتو رات اچي باٿ آئلينڊ نڪتاسون، مهاجر دوستن جي مدد ۽ سڄڻائپ سان.
ٻن ڏينهن کان پوءِ فساد شروع ٿي ويا. چون ٿا ته اسان جي گهر تي به مهاجر ڪاهي آيا ۽ پڇيائون ته ”هتان وارو سنڌي آفيسر ڪاڏي ويو!“ اسين ته کسڪي ويا هئاسون. عمر پليجو، ڪسٽم وارو تنهن کي چيم ته نڪر! نه نڪتو. چي ”پاڙي وارن سان ڀائپي وارا رستا آهن.“ سندس گهر کي لٽيو ويو. پاڻ جان بچائي پـٺئين در مان ڀڄي نڪتو. ڏسو ٻوليءَ وارن فسادن کان اڳ ۾ ڪيڏو نه ڀائپي ۽ ڀروسي وارو ماحول هو. فساد نفرتون وڌائي ڇڏيون. اها مهاجرن جي فاش غلطي هئي.
مهاجر پاڙن مان سڀ سنڌي ماڻهو نڪري ويا. اڄ مهاجرن پاڻ ناظم آباد ڇڏي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ڏانهن ڊيهڙو لائي ڏنو آهي. سندن ئي ڪونڌر پيا ڪسجن، اسان جو دوست جج قدير محمد قريشي جو ڪٽو مهاجر هو، تنهن جو نوجوان سڪيلڌو پٽ مهاجر خون ڪري ماري ويا. دل برداشته ٿي پنهنجو جوڙايل لطيف آباد وارو بنگلو ڇڏي اچي نيو ڪراچيءَ ۾ پناهه ورتائين ۽ جلد ئي گذاري ويو. الله مغفرت ڪندس.
ناظم آباد جا اڪثر مهاجر مڊل ڪلاس يا ان کان به ڪجهه گهٽ طبقي جا هئا ان ڪري منجهن محبت وڌيڪ هئي. منهنجي گهر واريءَ جي ماءُ گذاري وئي، سا هفتو کن وڃي ڪوٽڙي رهي. اهو سمورو هفتو ٽيئي ويلا ماني مون کي پاڙي جي مختلف گهرن مان ايندي رهي. اها ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي. ڌارئي ماڻهوءَ جو ايڏو خيال رکڻ رواجي ڳالهه ناهي. گهرو مسئلا به اچي مون سان ونڊيندا هئا ۽ صلاح مشورو ڪندا هئا. ناظم آباد ۽ اتان جي واسين لاءِ لکبو ته ڊيگهه ٿي ويندي. هڪ صاحب آيو اچي پٽ جي شڪايت ڪيائين ته کري ٻُهر ٿي پيو آهي اسڪول به نٿو وڃي، نائين ڪلاس ۾ آهي پر اسڪول مان ڀڄي ٿو وڃي. ڪٽي ڪٽي هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهانس پر سڌو نٿو ٿئي. مون چيو مانس ته ”مبارڪ هجئي تنهنجو اهو پٽ ڪامياب ٿيندو!“ چيائين ”واهه سائين چڱو ٿا مشورو ڏيو!“ چيو مانس ته ”ڏس ڀائي، ڪراچي جهڙي گهٽيل ماحول ۾ جتي ٻار کي در کان ٻاهر نڪرڻ به نٿا ڇڏيون اتي هن پنهنجو آزاد خودمختيار رستو ٺاهي ورتو آهي. تون ڇڏي ڏينس، هڪ ڏينهن تون ئي سندس ساراهه ڪندين!“ ڪجهه نه سمجهائين. پر ٻن ٽن سالن کان پوءِ مون وٽ کلندو آيو. چيائين ”سائين توهان ته ڄڻ ڪا اڳڪٿي ڪئي هئي. ڇوڪرو مئٽرڪ پاس ڪري پاڻ مرادو پوليس سب انسپيڪٽر جي چونڊ مقابلي ۾ ويـٺو ۽ چونڊجي ويو. هينئر ٿاڻي تي ننڍو صوبيدار آهي ۽ اسان جا ڏينهن ڦري ويا آهن. ماءُ پيءُ جي عزت ڪري ٿو هاڻي گهر به ٺهرايون ٿا.“ اڳڪٿي ڪا شيءِ نه ٿيندي آهي. حالتن ۽ ماحول جو جائزو وٺي اندازو لڳائبو آهي. جي اندازو صحيح نڪتو ته اڳڪٿي جي نتيجو ٻيو نڪتو ته ڪنهن کي ياد به ڪونه هوندو ته ڇا چيو ويو هئو.
ڪراچيءَ ۾ رهندي ڄام غلام قادر، ڄام صاحب لس ٻيله سان به دعا سلام ٿي ويم، اياز جڏهن به ڪيسن سانگي سکر کان ڪراچي ايندو هو ته مون سان لهه وچڙ ۾ ايندو هو. هڪ ڏينهن چيائين ته ”جمال لسٻيلو ۽ بلوچستان به سنڌ آهي سو گهمجي!“ مون هڪدم هائو ڪئي. چيو مانس ته ”پروگرام ٺاهي، سکر مان فون تي تاريخون ٻڌي اچي ته هلنداسون. اها منهنجي عادت آهي ته ڪو به ڪم هجي ته انڪار نه ڪندو آهيان. سو بنا سوچ جي هائو ڪري ڇڏيم.
جڏهن اياز سکر مان فون ڪئي تڏهن سوچيم ته هاڻ ڇا ڪجي. پنهنجي نوجوان دوست شمس بلوچ سان صلاح ڪيم. سندس دوستي زهري ڇوڪرن توڻي مير غوث بخش جي ننڍي ڀاءُ سان به هئي. ان چيو ته ”زهري ته آهن نسورو زهر، باقي غوث بخش بزنجي وارا ان ڪم لاءِ موزون ناهن جو هو گهڻو تڻو ڪراچيءَ ۾ ٿا رهن ۽ شهري ماحول جا آهن. نڪي ڪي راڄ ڀاڳ اٿن، جي هنن جي چئي ۾ هجن!“ مون پڇيومانس ته ”ڀلا ڄام صاحب؟“ ٽڙي پيو چي ”هو ته حاڪم آهن. جي اهي بندوبست ڪن ته پوءِ پرواهه ئي ناهي!“ مون شمس بلوچ کي چيو ته ”تون ڄام صاحب وٽ وڃ ۽ مون پاران عرض ڪرينس!“ شمس هڪدم تيار ٿي ويو ۽ شام تائين جواب ڏنائين ته ڄام صاحب جيپ به ڏيڻي ڪئي آهي ۽ پنڌرهن سو روپيا پنهنجي سالي کي ڏنائين ته مهمانن کي شان مان سان گهمائي ڦيرائي اچي. واهه واهه! ٿي ويئي ۽ مان سڪون سان ويهي رهيس.
مقرر ڏينهن تي اياز ناظم آباد ۾ منهنجي گهر آيو. دال ماني کارائي مون گهر جي ٻاهرئين ڪمري ۾ رات رهائي ڇڏيومانس. ٻئي ڏينهن آرام آرام سان تيار ٿياسين. سفر ۾ ڪڏهن به تڪڙ ۽ وٺ وٺان نه ڪجي! شمس بلوچ به اچي نڪتو چي مان به توهان سان هلندس. سمجهايومانس ته ”تون تڪليف ڇو ٿو ڪرين!“ چيائين ته ”سائين بلوچ آهن بکيا، سو مان هوندس ته ڄام صاحب کي رپورٽ ته ڏيندس نه ته ڄام صاحب جو سالو پنڌرهن سو روپيا هڙپ ڪري ويندو!“ وڌيڪ بحث جي گنجائش ڪانه رهي. ڪچڙي منجهند جو آرام سان ٽن جيپن جو قافلو روانو ٿيو: هڪ جيپ ڄام صاحب جي، هڪ شمس جي ۽ هڪ مهاجر دوست شڪار جو شوقين پنهنجي شوق خاطر هليو.
شمس بلوچ جو خدشو صحيح ثابت ٿيو. حب چوڪي ٽپي جڏهن اڳڀرو ٿياسين ته ٻه واٽو آيو. ڄام صاحب جي عزيز گاڏيون روڪرايون، پڇيائين ته ”لسٻيلي هلندؤ يا لاهوت، شاهه نوراني ۽ وندر طرف؟ اسان ته منجهي پياسين. سهي سنبري لسٻيلي لاءِ نڪتا هئاسون. لاهوت ۽ وندر جو ٻڌي دل من هنيوسين. هڪ ڏينهن اڳ سائين جي ايم سيد وٽ سندس سولجر بازار واري بنگلي تي ويا هئاسون. سائين چيو هو ته ”لاهوت ۽ شاهه نوراني تي به وڃجو .. اتي سر معذوري به ٻڌجو!“ ڪنهن سرندي واري کان. لاهوت جو نالو ٻڌي اسين هرکياسون. لاهوت کي سنڌي ڪلچر ۾ وڏي اهميت آهي. جيئن حج ڪرڻ واري کي حاجي چون، تيئن لاهوت واري کي لاهوتي چون. شاهه لطيف به لاهوت ۽ لاهوتي کي ڳايو آهي. سو سڄي پاسي لاهوت طرف لڙي پياسون.
اياز جو لاڙو به ان طرف هئو. جابلو رستو، برپٽ ڪا وسندي ڪانه، وقفي وقفي کان پوءِ رستي جي ڀر ۾ منهه ٺهيل هجن، ڀڙڀانگ خالي ۽ ويران، پر مسافرن جي آسائش لاءِ ڪارآمد آهن. گرمي ۽ جهولو. ٽاڪ منجهند، سو ٻي بجي ڌاري هڪ منهه وٽ ڊاٻو ڪيوسين. شڪاري دوست گلم ڪڍي وڇايو ۽ پٽ تي ويهي رهياسين. پاڻي چڪو مانيءَ لاءِ اشارو ڏنوسين پر ڄام صاحب جي عزيز تي جونءَ به ڪانه چري. ائين هڪ ٻڪرار ڇيلين جي ڇانگ وٺي اچي لنگهيو. ڇيلو چُڪايوسين ته پنجاهه رپين ۾ مليو. شڪاري دوست چلهو، ديڳڙو، چمچو، ڇري وغيره ڪڍي تيار ڪرڻ لڳو. مون پنجاهه رپيا ڪڍي ڇيلو وٺڻ گهريو پر شمس بلوچ منع ڪئي. چيائين ته ”اها ميزبان بلوچ جي بيعزتي آهي، هن جو ڪم آهي ڇيلو وٺڻ!“ پر هن صاحب پنجاهه روپيا ڪونه سهسايا.
شڪر جو مون فروٽ ۽ ڪجهه ٻيون کائڻ جون شيون ورتيون هيون. خاص ڪري ڪرافٽ جو چيز (cheese) جو اياز کي ڪاليجي زماني کان پسند هئو. تڏهن به مانيءَ کانسواءِ ماڻهو بکارو ٿو محسوس ڪري. شڪاري دوست چانور ڪڍي چاڙهيا. ولائتي مٽرن جو دٻو کولي اهو به چانورن ۾ وڌائين. لوڻ مرچ جي چپيٽ ڏئي ديڳڙو لاٿائين ته واهه واهه ٿي وئي. چانورن جي خوشبوءِ ئي عجيب ٿئي ٿي. شوق سان مٽر پلاءُ کائي اڳتي وڌياسين. شمس بلوچ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي هوريان ميزبان جي شان ۾ ڪجهه گٿا لفظ چيا پر اسان ان ڳالهه کي اهميت ڪانه ڏني. ٽپهري جو اچي لاهوت لا مڪان جي هيٺان بيٺاسون. ايڏو جبل چڙهي ڪير؟ ڏاڪڻ به ٺهيل هئي مان ته هئس دل جو مريض سوچيم ته مان ڪونه چڙهندس. اياز کي به گوڏن جي تڪليف آهي سو اهو به ڪونه چڙهيو باقي بدر ۽ هڪ ٻه ٻيا مٿي چڙهي ويا ۽ تمام دير بعد واپس آيا. اوندهه ٿي وئي هئي. پر شاهه نوراني ڪو بنهه ويجهو هو. رستو به چڱو هئو جبل جي وٽ ڏئي جيپ اچي شاهه نوراني ٻاهران بيٺي. اڳتي پنڌ وڃڻو پيو ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ نالو جنهن ۾ چشمي جو پاڻي بيٺل هئو اهو ٽپڻو پيو، شاهه نوراني وٽ ٻه ٽي دوڪان هئا. اسان وڃي درگاهه جي ٿلهي تي ويٺاسون. ڪجهه فقير ۽ زيارتي به هئا. ڄام صاحب جو عزيز وڃي گادي نشين سان مليو. ڄام صاحب جو وڏو نالو هئو سو گادي نشين گهران نڪري اسان سان ملڻ آيو. پٽ تي ويهي اسان سان ڪچهري ڪيائين. ٻڌايائين ته ”هن پڙ تي کٽ ڪانه پوندي آهي هر ڪو پٽ تي سمهندو آهي. مانيءَ جي صلاح هنيائين“ اسان چيس ته ”ڄام صاحب جا مهمان آهيون!“ چيائين ته ”بس پوءِ منهنجا مهمان آهيو!“ اتي جو اتي ڇيلو ڪهارايائين ۽ مانيءَ بابت حڪم احڪام ڏنائين. بزرگ جي مزار جي زيارت لاءِ چيوسينس ته انڪار ڪيائين. چيائين ته ”درگاهه ڪانه کلندي آهي ڪو به اندر ڪونه وڃي. سڀ زيارتي ٻاهران ئي دعائون گهري باسون باسي ويندا آهن“ انهي ۾ الائي ڪهڙو راز هئو؟
شاهه نوراني جي درگاهه هڪ سرسبز ۽ سوڙهي ماٿريءَ ۾ آهي جتي گهڻي وڻراهه ۽ ساوڪ آهي. ٻنهي پاسي اونچا جبل آهن، ماٿريءَ جي وچان هڪ ناليءَ مان چشمي جو مٺو پاڻي، صاف شفاف، وهي ٿو، جو پيئڻ لائق آهي. باقي هيٺ درگاهه وٽ جيڪو پاڻي تلاءَ جي صورت ۾ وهي ٿو سو گندگي وارو آهي جتي زيارتي الائي ڇا ڇا ڪن ٿا. گادي نشين ذات جو بڪڪ آهي. مون چيو مانس ته ”تون ته سنڌي سماٽ آهين. بڪڪ، ڪيهر ابڙن جي شاخ مان آهن.“ ٺيٺ سنڌي ڳالهايائين ٿي ته به چيائين ته ”مان ته بلوچ آهيان!“ برابر جيڪو بلوچستان ۾ رهي ٿو سو بلوچ آهي کڻي واڻيو هجي. شاهه نوراني بابت اها ئي گٺل پيٺل ڪهاڻي ٻڌايائين جيڪا نئنگ جي سرسبز ماٿريءَ ۾ ٻڌي آيا هئاسون چي ”مٿي جبل جي چشمي وٽ گوڪل ديو رهندو هو جو ڏاڍو طاقتور ۽ ظالم هوندو هو. شاهه نوراني جڏهن اهڙيون خبرون ٻڌيون ته جلال ۾ ڀرجي ڪاهي آيو ۽ ديو کي کڻي جبل تان هيٺ اڇلايائين جو پرزا پرزا ٿي ويو!“ ظاهر آهي ته هڪ زوراور هندو حاڪم ان سرسبز ۽ آباد ماٿري جو مالڪ هئو جنهن کي هڪ مسلمان لڙائيءَ ۾ ماري پاڻ قابض ٿي ويو. پر ڪڇي ڪير.
شاهه نوراني جبلن جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ سبز ماٿري آهي جا سير تفريح جي تمام سٺي جاءِ ٿي سگهي ٿي. وري ڀرسان تاريخي لاهوت لا مڪان جو عجيب و غريب غار آهي جنهن ۾ اندر چشمو به آهي فقير اچي چلو پچائين ٿا ۽ ذڪر فڪر ۾ گذارين ٿا. ماني جو بار ته وڃي پيو گادي نشين تي شمس بلوچ ڄام صاحب جي عزيز کي پاسيرو وٺي شايد ڪجهه تکو مٺو ڳالهايو. پر وريو ڪجهه ئي ڪونه. نيٺ شمس بلوچ ڪاوڙ مان وڃي پنهنجي بئگ کولي ۽ ان مان وهسڪيءَ جي بوتل ڪڍي آيو. چيائين ”هلو ٻاهر جيپ ۾!“ چئيوان ٻارن جيئن اسين درگاهه جي پڙ مان نڪري اچي جيپن ۾ ويٺاسون ۽ اتي وهسڪيءَ جو دور هليو. پيئڻ وارن پِيتي. عجب صورتحال آهي. درگاهه جي پڙ تي، چرس، گانجو، آفيم ۽ ڀنگ جهڙيون شيون هلن ٿيون، باقي ڏوهه ڪيو وهسڪيءَ جا مقابلتاً صاف ۽ بهتر چيز آهي. چرسي، آفيمي ۽ ڀنگي ٺيڪ آهن، باقي وهسڪيءَ وارو توبهه شرافي! يعني شرابي بڇڙو.
هر ڪو لئه ۾ هئو ته هڪ سرندي وارو فقير به اچي نڪتو. انهي پنهنجين ڌنن سان ماحول کي وڌيڪ خوشگوار بنايو. فقير وهسڪي به گهري پر شمس بلوچ سختي سان ڇڙٻ ڏنس ته ويچارو چپ ٿي ويو. اياز چيس ته ”معذوري ٻڌاءِ!“ فقير شروع ٿي ويو ۽ ٻه ٽي ڌنون وڄائي ويو ته اياز وري به چيس ته ”معذوري ٻڌاءِ!“ فقير خفي ٿي چيو ته ”باقي هيءَ ڪهڙو ڌوڙ پاتم!“ مڄاڻ هن معذوري وڄائي پوري ڪئي هئي. اسان جو راڳ جو علم اجهو اهو هئو.
گادي نشين سٺي ماني کارائي. رات درگاهه جي پڙ تي پٽ تي سمهياسون. صبح ان ماٿريءَ ۾ ڏاڍو وڻندڙ ۽ خوشگوار هئو. ٿڌڙي هير ۽ وڻراهه ۾ سير خاطر مٺي چشمي جي منهن ڏي روانا ٿياسون. پنڌ چڱو ڳپل هئو سو مان ته ويهي رهيس. اياز به مٿي وڃڻ بجاءِ اتي ئي وڻن وٽ پسار ڪرڻ لڳو. ٻيا همراهه ويا ۽ گوڪل ديو واري ڇِپ ڏسي موٽي آيا. سڀني موٽ کاڌي. درگاهه ڀرسان چشمي جي پاڻيءَ مان هڪ ننڍو تلاءُ ٺهي ٿو پوي. مان ته ان ۾ ٽپو ڏئي وهتس ٻاهر نڪري ڪپڙا پائي دڪانن تان چانهه بسڪوٽ گهرائي ناشتو ڪيوسين. ڪچڙي منجهند جو واپس روانا ٿياسون. هڪ منهه ۾ ڊاٻو ڪيوسين. وري به شڪاري دوست چانور رڌي ماني کارائي. شام ڌاري ڪراچي، لسٻيله، نوراني، واري ٽِه واٽي تي پهتاسون ته ڄام صاحب جي عزيز پڇيو ته ”لسٻيلي هلندا يا ڪراچي؟“ سوال اهڙو هو جو منجهي پياسون. نه ته ميزبان کي اهڙو سوال ڪرڻ ئي نه کپي. هن کي ته زور ڀرڻ کپندو هو ته ”لسٻيلي ڪنهن به صورت ۾ هلڻو اٿو، ڪونه ڇڏيندو سانوَ!“
شمس بلوچ ته ميزبان جا افعال ڏسيو ويٺو هو. ان به صلاح ڏني ته موٽي ڪراچي هلو، اياز به چيو ته ”لسٻيلي ٻئي دفعي هلنداسون!“ـ ”ٺيڪ!“ چئي ڪراچي موٽ کاڌي سون. اياز مون وٽ ڪونه رهيو. وڃي هوٽل ۾ رهيو. لسٻيلو ائين اسان کان رهجي ويو. ڄام صاحب جو ٿورو به ٿڦيو، ڪم به اڌ ۾ رهجي ويو. بهرحال جلد ئي مان اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ٿي ويس ۽ ڄام صاحب سان وڌيڪ گهرا ناتا ٿي ويا. سون تي سهاڳو جو ڄام صاحب بلوچستان جو وڏو وزير ٿي ويو. مان گهر واريءَ سان گڏ ڪوئيٽا گرمين ۾ گهمڻ ويندو هئس ته سرڪاري سرڪٽ هائوس جو ڪمرو آسانيءَ سان ملي ويندو هو. بس وڌيڪ حجت ڪانه ڪبي هئي. وڌيڪ حجت ڪرڻ سان عزت نٿي رهي، نه ته ڪن دوستن چيو ته سرياب روڊ تي پلاٽ وٺي ڇڏ پر مون اشاري سان به اهڙي ڳالهه زبان تي نه آندي. مال ملڪيت جو معاملو وچ ۾ اچي ٿو ته عزت ٽڪو ئي نٿي رهي. الله پناهه ڏني ۽ عزت قائم رهي. پاڻ مون ڄام صاحب تي ٿورا ڪيا هوندا، هن جو ٿورو ڪونه کنيم.

12

بعد ۾ اياز سان اڙي ٿڙي ملاقات ٿيندي هئي نه ته ٺهيو. هڪ رات اڌيءَ مهل اياز جو فون آيم. ڏاڍو پريشان ٿي لڳو چيائين ته ”وات مان رت ٿو اچيم ۽ ڪو ڊاڪٽر ڏسڻ لاءِ تيار ڪونهي هر ڪو چوي ٿو ته صبح جو اچجان!“ مون کيس دلجاءِ ڏني ته ”صبح جو گڏجي ڊاڪٽر ڏي هلنداسون!“ اياز صحت جي معاملي ۾ نهايت حساس بلڪه ائين چئجي ته ڊڄڻو آهي. سو مون کي چيائين ته ”يار توکي شابس هجي مان ٿو مران ۽ تون ٿو سڀاڻي جا ڏس ڏين. هينئر جو هينئر بندوبست ڪر ۽ مون کي وٺي هل ڊاڪٽر ڏي!“ آٿت ڏنو مانس ته ”حاضر ائين ٿا ڪريون. پر تون رهيل ڪٿي آهين؟“ ته سوسائٽي ۾ ڪنهن گهر جو ڏس ڏنائين. مون چيو ”گهر ڳولهڻ ته مشڪل آهي ڪنهن مشهور هنڌ تي انيس(سندس وڏو پٽ) بيهاري ڇڏ ته مان اچان ٿو.“
اهو طئي ڪري مون ڊاڪٽر قمر صديقي، مظهرالحق صديقي جي وڏي ڀاءُ کي فون ڪئي. ڊاڪٽر صديقيءَ لاءِ مان گهڻو ڪجهه اڳين ڪتابن ۾ لکي آيو آهيان. تمام مصروف ڊاڪٽر آهي پر ٿڪو ٽٽو فون کنيائين ۽ وڏي دل سان چيائين ته ”مان چوڪيدار کي چئي ٿو ڇڏيان ڪهڙي مهل به هليا اچو!“ مون وٽ ڊرائيور به نه هئو شايد بدر گاڏي هلائي ۽ وڃي اياز کي کنيوسين. ڀاڀي زرينه ۽ انيس به هليا. در کڙڪايوسين ته ڊاڪٽر پاڻ نڪري آيو ڄڻ ڪو اوسيئڙي ۾ ويٺو هئو. اياز کي تپاسي دلجاءِ ڏنائين ته ”ڪو به خطرو ڪونهي، رت کي ته هينئر ٿا بند ڪريون باقي سڀاڻي جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو جتي ڏهه پنڌرهن ڏينهن چڪاسون ڪندا ۽ سبب جو پتو لڳائيندا.“
ڊاڪٽر اهڙو اعتماد سان ڳالهايو جو اياز کي ۽ سندس گهر ڀاتين کي به اطمينان اچي ويو. پر اياز ملول ڏاڍو هئو. ٻئي ڏينهن جناح اسپتال ۾ داخل ڪيوسونس ته رباني اچي نڪتو. اهو سڀئي ڏينهن اياز جي سيرانديءَ کان ويٺو رهيو. مان بي اونو ٿي ويس. البته اسپتال پيو ويندو هئس. پنڌرهن ڏينهن جي چڪاسن کان پوءِ ڊاڪٽر مرض جو سبب اهو ئي ٻڌايو جيڪو ڊاڪٽر قمر صديقي بيٺي پير اڳواٽ ئي ٻڌايو هو.
مان جڏهن اسيمبلي جو سيڪريٽري هئس ته اياز يونيورسٽي جو وائس چانسلر هئو. هو اڪثر ڪراچي ايندو هو ته مان کيس ايم پي اي هاسٽل ۾ رهائيندو هئس. ائين ملاقاتون پيون ٿينديون هيون. اياز ڪڏهن ڪڏهن ٻارن ٻچن کي ڪراچي وٺي ايندو هئو ۽ سڀئي هاسٽل ۾ رهندا هئا. مان ڄام صادق عليءَ وٽ هِل پارڪ واري بنگلي تي ويندو هئس جو هو وزير به هو ته ذاتي طور مهربان دوست جهڙو. هڪ ڏينهن اياز چيو ته کيس ڄام صاحب وٽ وٺي هلان. ڄام صاحب کان روبرو وقت وٺي سج لٿي مهل ڄام صاحب وٽ وياسون. ان وقت ڄام صاحب جون دوستن سان محفلون هلنديون هيون ۽ سرڪاري ڪم به پيو هلندو هو. زيڊ اي نظامي ان وقت ڪي ڊي اي جو ادنيٰ ملازم هو. پر هو ڏاڍو ذهين ۽ چالاڪ، اهو هر وقت هڪيو حاضر هوندو هو. ڄام صاحب اياز جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ بار بار ڪم پڇندو رهيو پر اياز مرڪي ٽاريندو رهيو. موڪلائڻ مهل ڄام صاحب اياز کي سوکڙي به ڏني ۽ ٻاهر گاڏي تائين ڇڏڻ آيو. ان وقت اياز کانئس انيس لاءِ نوڪري گهري ڏني. ڄام صاحب انيس کي بلديات کاتي ۾ ائڊمنسٽريٽر ڪري ڇڏيو ۽ شڪارپور جي چارج ڏنائينس. بعد ۾ اياز، انيس کي پي آئي اي ۾ نوڪري ڏياري، اهڙي طرح اياز لاءِ ڪراچي ۾ انيس جو گهر سندس ٿاڪ بڻجي ويو. انيس پيءُ جي سٺي خدمت ڪئي. انيس جي گهر، نيپا چورنگي کان پرڀرو مان ڪيئي دفعا اياز سان ملڻ ويو هئس.
ايم پي هاسٽل ۾ رهندي اياز هڪ لڱا مون کي چيو ته ”هاسٽل ۾ خلاصو ۽ پاسيرو ڪمرو ڏي ۽ ڪار به پنهنجي ڏي ته مان هڪ خاص مهمان سان چار پنج ڏينهن اڪيلائي ۾ گذاريان!“ مون چيو ته ”يونيورسٽي جون ڪارون ته گهڻيئي اٿئي منهنجي سرڪاري ڪار آهي سا مقرر وقتن تي ملندءِ“ چيائين ته ”يونيورسٽي جي ڪار ۽ ڊرائيور استعمال نه ڪندس جو گلا ٿيندي!“ محتاط به ايڏو هئو پر رنگين مزاجي سندس طبيعت جو حصو هئي. مون اهڙو بندوبست ڪيو پر اياز ۽ سندس (نازڪ) مهمان ڪونه آيا. شايد تمام محتاط رهيا. مون کي خبر ڪانه پئي، نڪي مون پڇيو ته مهمان ڪير هو يا ڪير هئي؟
ڪراچي جو مشهور وڪيل ايم ايم پيرزادو اياز جو مداح ۽ هم پيشه هئو. هو اياز لاءِ مڙيئي ڪانه ڪا تقريب ڪندو هو گهڻو ڪري آرمي mess ۾ وٺي ويندو هو جتي هڪ ميجر بروهي سندس دوست ۽ عزازت وارو هوندو هو. اهو اسان جي مهماني ڪندو هو. فوجي مطبخ ۾ هر ڪا شي سستي، وهسڪي ته ائين ٿي هلي جيئن ڪوڪا ڪولا، فوجي آفيسر پاڻي ۽ ڪوڪ ڄڻ پيئن ڪونه ٿا رڳو بيئر ۽ وهسڪيءَ تي مارو. ميجر بروهي مون کي چيو ته توکي سٺي شي ٿو پياريان. گهگهيءَ جهڙي هڪ چيني جي بوتل گهرايائين ۽ ان مان مون کي، مٺو گهاٽو خوشبودار شربت پياريائين. مون کي ڏاڍو وڻيو، چيو مانس ته ”ٻيو گهراءِ!“ مرڪندي چيائين ته ”اهو فرانس جو انگوري وائن (شراب) آهي. ٻيو نه پيءُ ته چڱو!“
فرينچ وائن دنيا ڀر ۾ مشهور آهن. ان وائن جو نالو هو ڊرموهي. اهڙي چڱي شي جي هوندي ماڻهو وهسڪي الائي ڇو ٿا پيئن جيڪا ڪوڙي ۽ سخت ڌپ واري ٿي ٿئي. اهو ميجر بروهي مون کي ويهن پنجويهن سالن کان پوءِ مليو. مون ڪونه سڃاتومانس پاڻ واقفيت ڪرايائين. پوءِ ته ڏاڍو قرب سان ملياسون. چيو مانس ته ”تون هاڻي برگيڊيئر ٿي ويو هوندين؟“ ته چيائين دعا ڪيو نالو ويو آهي. معنيٰ اڃا برگيڊيئر ڪونه ٿيو هو. سنڌي يا بلوچ آفيسر کي ڪٿي ٿو پروموشن ملي! ڪرنل بچل سومرو مون سان گڏ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ هو. بي اِي انجنيئري جو امتحان پاس ڪري وڃي فوج ۾ ليفٽيننٽ ٿيو. اهو به ائين چوندو هو ته ”نالو ويو آهي، بس برگيڊيئر ٿيڻ وارو آهيان!“ مرندي مري ويو ڪونه ٿيو. سندس هم ڪلاسي سڀ جو سڀ چيف انجنيئر ٿي ويا. ڪي ته سيڪريٽري به ٿيا. بچل اهوئي ڪرنل رهيو. شانائتو ۽ شاندار ماڻهو هو. سدائين چوندو هو ته ”اڇي چمڙي واريءَ سان شادي ڪندس!“ ۽ نيٺ هڪ جرمن ليڊيءَ سان شادي ڪيائين. فوجي آفيسر جي حيثيت ۾ ڊفينس ۾ هڪ ننڍڙو بنگلو ٺهرايائين جتي سندس پويان عزت ۽ آبرو سان رهن پيا.
ايم ايم پيرزادي هڪ دفعو منهڙو تي سرڪاري بنگلي تي دعوت ڪئي. بنگلو پهاڙيءَ جي چوٽ تي سمنڊ جي ڪپ تي هو. ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو. سمنڊ جون ڇوليون پهاڙيءَ سان ٽڪرائي مٿي ڇال ڏئي رهيون هيون. بنگلو نيوي (بحري فوج) وارن جو هو ۽ ميجر بروهي معرفت مليو هو. ان ڏينهن مون کي خبر پئي ته منهڙو جيڪو ننڍو ٻيٽ هئو سو ٻيٽ نه رهيو هو. فوجين لاءِ هڪ زميني رستي سان ڳنڍيو ويو هو. ايس ايس دلاور بحري مرڪز آهي اتان رستو ڪڍائي، الائي پل ٻڌي، منهڙي سان ملايو ويو هو. رات جو وڳڙو هو ۽ اسان ڪارن ۾ ويهي خاص پاس (اجازت نامي) ذريعي منهڙي پهتاسين منهنجي لاءِ اها عجب ۽ انوکي ڳالهه هئي. نه ته ننڍي هوندي ڪياماڙيءَ کان لانچ ۾ چڙهي ماڻهو منهڙو گهمڻ ايندا هئا. لانچ سڄي پئي لڏندي هئي ۽ ماڻهو خاص ڪري ٻار ۽ زائفون ڇولين کان ڊڄندا هئا.
منهڙو هڪ صاف سٺو علائقو هوندو هو جتي بريڪ واٽر ۽ لائٽ هائوس ڏسي، تفريح ڪري گهمي ڦري ايندا هئا. هاڻي ته توبهه گند ٿي ويو آهي. ماڻهو ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ٺاهيو دڪان ڪڍيون ويٺا آهن. گهٽين ۽ رستن مان ڌپ پئي اچي. جتي ڪٿي ائين ٿي ويو آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سڀ گندا ٿي ويا آهن. ماڻهو گندا هوندا ته ملڪ به گندو ۽ ڌپيلو ٿي ويندو. الٽو دانهن اها ته صفائي پوري ناهي. ڀائي ڪچرو اڇليو گٽرن ۾ ته گٽرا اٿلندا ڪونه؟ نالن ۾ ايڏو ڪچرو اڇليو وڃي ٿو جو مينهن پوي ته رستن تي ٻوڙان ٻوڙ ٿي وڃي ٿي. ٻيو ته ٺهيو ڪلفٽن ڪوٺاري پارڪ (هوا بندر) جتي مک پئي ترڪندي هئي ۽ هانءُ ٺري پوندو هو اتي به گند ڪچرو ڌپ دوڪان ۽ پان جون پڪون، صدر وارو جهانگير پارڪ جتي شام جو صاف پارسي ماڻهو ۽ سندن خواتين اچي سير ڪندا ۽ ورزشون ڪندا هئا اتي به ڌپ، قبضا ۽ ڪچرو. اسان وٽ الٽو دستور آهي. ڏوهه پاڻ کي ڪونه، ٻين کي گاريون ڏينداسون. حيدرآباد جو هيرآباد وارو علائقو جنهن کي پئرس سڏيو ويندو هو سو به اتي جي مڪينن خلاف دانهون ۽ فرياد پيو ڪري. ڇو نه ڪندو؟ لال قلعي يا لاهور واري شيش محل ۾ ٻاليشاهي ويهاريا وڃن ته شيش محل فرياد ڪين ڪندو؟ ٻاليشاهي معاف ڪن. منهنجو مطلب سندن دل آزاري ناهي قلم جي نوڪ وهي وئي. منهڙي تي به شايد ڪو اڙيو ٿڙيو منهه ٺهيل هئو ۽ انومان آهي ته ان مان سڄي ٻيٽ تي نالو ئي منهڙو پئجي ويو. پوءِ جڏهن ڪانءُ اچي ڪانگيرو ڪندا ته ڪاراڻ، وٺيون ۽ ڪان ڪان جون شور ۽ غل ته ٿيندا ئي. هنجهه هليا ويا.
اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک
آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا
(شاهه)
موزون شعر ته وليداد جو هئو ته
”جتي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا،
ويـچـارا ولـيـداد چـوي ولـر ڪري ويا،
اچــي ال پــيــا هــاڻــي انــهـيءَ ڀـيـڻـئـيـن.
پر شاهه سائين جي بيت ۾ درد pathos وڌيڪ آهي مون ۾ به هن وقت درد ڀريل آهي اندر ٿو سڙي پر پڄرڻ مان ڪهڙو سود؟ تاريخ جون ستم ظريفيون آهن. سو جڏهن تاريخ موٽ کائي. اياز چواڻي ته
ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسون.
اهم سوال اهو آهي ته ڪڏهن ۽ ڪينءَ ٽڙندا ڳاڙها گل؟ خيال هئم ته ان موضوع تي جدا ڪتاب لکندس پر پاڻ ۾ اهڙي ٿوم ڪانه ڀانيم. رسول بخش پليجو اهو ڪم هٿ ۾ کڻي ته ڪري سگهي ٿو. ايندڙ پيڙهيون کيس ياد ڪنديون ۽ امر ٿي ويندو.
انهن وقتي ملاقاتن کان گهڻا سال پوءِ اياز مستقل طور ڪراچي اچي ويو. وائس چانسلر جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ سکر ۾ وڪالت ڪيائين ۽ ڏاڍو شان سان وقت گذاريائين. مان جڏهن هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار هئس ته ساڻس سکر ۾ مليو هئس. وڏو شان مان هئس ۽ وڪالت به اوج تي هئس. سکيو ستابو هو. محل نما گهر هئس ۽ سٺي آفيس جدا جاءِ ۾ هئس. پئسو به چڱو ٺاهيائين. هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻ ايندو هو ته ملاقاتون ٿينديون هيون. اوچتو سندس صحت خراب ٿيڻ لڳي. دل جي بيماري ٿيس. جنهن جو دماغ تي به اثر ٿيو. گهڻا علاج ڪرائڻ کان پوءِ ڊاڪٽري صلاح تي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پرنس ڪامپليڪس ۾ ٻه فليٽون ورتائين ۽ هڪ پنهنجي ڊاڪٽر پٽ سليم کي ڏنائين. سليم سندس گهڻو خيال رکيو پر سليم پنجاب مان شادي ڪئي ۽ ڪجهه گهرو اختلاف اڀريا. سوچ جا ننڍا ننڍا اختلاف ته ٿين ٿا پر اياز نهايت صبر ۽ شان سان نباهه ڪري ويو. ائين ته محترم محمد ابراهيم جوئي ساڻ سندس سيڻ هئو به سندس اختلاف ٿيا. محترم جويو صاحب تمام چيڙاڪ آهي ۽ اياز صبر جو پتلو جو شڪايت به مشڪندي ڪندو آهي. ٻئي ڄڻا روبرو ملي کير کنڊ ٿي ويندا هئا. اياز جي نياڻي به ۽ جوئي صاحب جو پٽ به ڪمال قوت برداشت سان نباهه ڪندا آيا.
چوندا آهن ته بدلي ڪاموري جو ڏاج آهي. اڃا هڪ هنڌ ٽپڙ رکندو مس ته مٿان ٻيو بدليءَ جو آرڊر اچي ٺڪاءُ ڪندو. مان خوش قسمت رهيس. چوٽيهه سالن جي نوڪري ۾ رڳو کپرو، سکر، شڪارپور، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊوالهيار حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏٺم. هر ڪنهن هنڌ ٽي چار سال رهيس. ڪراچي ۾ ته مسلسل سترنهن سال رهيس اڄ تائين ڪراچيءَ ۾ ٻٽيهه سال ٿي ويا اٿم. منهنجا ٻار ته ڀائيندا آهن ته هو آهن ئي ڪراچي واسي. پر لاڙڪاڻي سان رشتا ڪونه ٽوڙيا اٿم. ان ڪري ٻارن کي لاڙڪاڻي جي سڪ به لڳي ٿي. ائين مان به ڪراچيءَ ۾ اياز به ڪراچي ۾. قسمت جا رنگ! اياز وڪالت جي ڌنڌي مان چڱا پئسه گڏ ڪيا هئا جي بئنڪ ۾ يا ٻئي نموني سيڙائي سکيو گذر ڪندو رهيو. ٻنهي وٽ گاڏي هئي سو مهيني ماسي ملاقات پئي ٿيندي هئي. گهڻو تڻو مان وٽس ويندو هئس، ٽيليفون ڪري وقت وٺي پوءِ. شاعر ۽ فلسفي ٽائپ ماڻهو، مطالعو. اٿاهه سو پنهنجي پورن ۽ سوچ ۾ گم سم هوندو هو. ٿورو ڳالهائو. البته ڪنهن مسئلي تي ڇيڙبس ته درياهه وانگر اٿلي پوندو هو. علم ته هئس. دوستي به گهٽ هئس. واقفيت ۾ چس هر ڪنهن سان، باقي دوست ڪو ڇڊو پاڊو. منهنجي خيال ۾ سندس دوستي هئي ته رشيد ڀٽيءَ سان ٻيا سڀ مٿاڇرا. ربانيءَ سان حجائتو هو. سچو پچو دوست هئس محترم محمد ابراهيم جويو جنهن سان مائٽي هجڻ ڪري گهرو اختلاف به هئس باقي ته سڄو جهان سندس مداح يا مخالف هو. سچو مداح ۽ سچو مخالف ذري گهٽ ساڳي ڳالهه آهي.
اياز جي مزاج ۽ طبيعت جو اظهار سندس هڪ ئي جملي ۾ ٿئي ٿو. هڪ لڱا مون کي چيائين ته ”جمال! مون کان ڇرڪ رڳو ٻن گهنٽين وقت نڪرندو آهي، هڪ در جي گهنٽي، ٻي ٽيليفون جي گهنٽي.“ ڪڏهن وري شڪايت به ڪندو هو ته ”يار فلاڻو نه ٽيليفون ڪري، نه اچي،“ پيارن ماڻهن جي تانگهه به ٿيندي هئس! ڳالهه کڻي ٿو پڌر وجهان. سراج ميمڻ لاءِ اهڙي شڪايت ڪيائين. تنهنجي معنيٰ ته سراج لاءِ عزت به هئس ۽ پيار به. نه ته ٽيليفون کان ۽ ملاقاتين کان ونءَ ويندو هو. مون کي ته فون ڪري چوندو هو ته ”جمال اچ گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن!“ مان سعادت منديءَ سان وٽس حاضر ٿي ويندو هئس. اسان جي گفتگو ڏاڍي اونهي انساني مسئلن ۽ ملڪي مسئلن بابت هوندي هئي. اسرار الاهي، ڪائنات ستارا. اونداهن ڳڙکن بي انت لا محدود ڪائناتي خلا ۽ اخلاقيات جي دائري ۾ ڦرندي رهندي هئي. مان کانئس سکندو هئس ۽ هو منهنجي غير متزلزل ايمان ۽ استحڪام مان متاثر هئو. مان گهڻو ڪري کيس حديثون ۽ قرآني آيتون ٻڌائيندو هئس جي سندس خيالن کي هٿي ڏينديون هيون. ائين هڪ ٻئي کي ڏٺوسين ۽ ورتوسين.
مون پنهنجن اڳين ڪتابن ۾ لکيو آهي ته اياز ننڍي هوندي کان اسراريت پسند هئو. حافظ شيرازي ته جهڙوڪر بر زبان ياد هئس. حافظ جو شعر پڙهندو هو ۽ قضا جي مسئلي تي فڪر ۾ پئجي ويندو هو:
در ڪُوئي نيڪنامي، مارا گذر نيست،
نيڪ ناميءَ جي گهٽيءَ ۾ اسان جو وڃڻ ئي ڪونه ٿئي،
گر نمي پسندي تغير ڪن قضارا.
(جيڪڏهن توکي پسند نٿو اچي ته قضا کي مٽائي ڇڏ)
مون وٽ ايندو هو هڪڙو مرزا عبدالعزيز. لکنئو جو هو ۽ نواب گهراڻي مان هو. نڪو فقير هو نڪو درويش، هڪڙو دنيوي خود مطلب ماڻهو هو پر کيس ڪي غير مرعي قوتون هيون. هو ماضي ته سڄو ٻڌائي ويندو هو پر مستقبل جون ڪجهه جهلڪيون به ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو اياز اچي منهنجي گهر نڪتو. عطا محمد به ساڻ هئس. مرزا مون وٽ اڳ ۾ ئي ويٺو هو، اياز کي سندس ماضيءَ جا سڀ ڪارناما، ٻي شادي ۽ طلاق وغيره سڀ ٻڌايائين. آخر ۾ چيائينس ته توکي پٺيءَ تي وڏو ڪارو نشان آهي. اياز مڃيئي نه مرزا ضد ڪري بيهي رهيو. نيٺ اياز کان قميص لهرايائين ۽ عطا محمد ٻڌايو ته برابر پـٺيءَ تي وڏو ڪارو نشان آهي. اياز کي به خبر ڪانه هئي! ڏاڍو حيران ٿيو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته ”جمال هي ڇاهي؟“ مون چيو ”گهڻيون ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو علم اسان کي ناهي!!“ علم اچڻ کانپوءِ اهي معمولي آهن.“
مرزا صاحب کان بعد ۾ پڇيم. ان چيو ته ”هر ماڻهو جا جدا موڪل آهن، اُهي هٿ اچي وڃن ته سڀ ڪجهه ٻڌائيندا وڃن ٿا.“ موڪل ڪهڙي بلا آهي سو خدا ڄاڻي! الائي فرشتا آهن الائي همزاد، مان جمال، ڪونه ڄاڻان؟ هيءَ 1980 يا بعد جي ڳالهه آهي. مرزا صاحب دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب گذاري ويو. بعد ۾ هڪ ٻيو ماڻهو الهه آباد جو محمد علي صديقي صاحب منهنجو واقف ٿيو، قد بت جو ننڍو، سنهو بشرٽ ڏاڙهي ڪوڙيل، سوٽ شرٽ پاتل. بعد ۾ ڏاڙهي رکيائين. منهنجي خيال ۾ صاحب ولايت هو. جذب جي حالت ۾ يعني مجذوب هو. درگاهه علي پور سيدان سان وابسته مريد ۽ نقشبندي طريقي جو هو. سندس توسطه سان مان به نقشبند طريقي سان وابسته ۽ مريد ٿيس. انهي ماڻهوءَ جون مون ڪيئي ڪرامتون ڏٺيون. ذڪر ڪبو ته اجائي ڊيگهه ٿي ويندي. مان رٽائر ڪري ڊفينس جي هڪ بنگلي ۾ اچي ويٺس ۽ محمد علي صاحب به اڪثر اسان وٽ ايندو هو ۽ ٻه چار پنج ڏينهن رهي هليو ويندو هو. سندس ڪو ٺڪاڻو ڪونه هوندو هو. سيلاني ماڻهو هو.
هڪ دفعي سندس ويٺي اياز اچي نڪتو محمد علي صاحب سان ملاقات ٿيس ۽ متاثر ٿيو. گهر وڃي فون ڪيائين ته محمد علي صاحب کي سندس گهر ڏياري موڪليان. مون محمد علي صاحب کان اجازت وٺي کيس موڪلي ڏنو. اياز جهڙو نازڪ مزاج ماڻهو محمد علي صاحب کي سڄو ڏينهن گهر ويهاري ڇڏيائين ۽ ماني چانهه وغيره سان سندس خدمت ڪيائين. اياز جي اها خوبي هئي ته بند گهٽي ۾ ڪونه رهندو هو ۽ دروازا به بند نه رکندو هو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ هڪ صبح فون ڪيائين ته ”مولوي صاحب کي ڏياري موڪل!“ هو محمد علي صاحب کي مولوي صاحب چوندو هو. مون چيس ته ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪٿي آهي ۽ ڪڏهن ايندو. البته ائين چوندو آهي ته مون کي ياد ڪيو ته مان اچي ويندس سو توهان به ياد ڪيوس.“ اها الائي ڪهڙي تند تار آهي جو بنا تند تار جي نياپو پهچي وڃي ٿو. تار ته ڪانه آهي باقي تند ۾ ڪا مڙيئي گڙٻڙ آهي. شام جو اياز جي فون آئي ته ”مولوي صاحب پهچي ويو!“
ڏاڍي دل ٿي چويم ته محمد علي صاحب جا ڪجهه واقعا لکان پر پاڻ تي ضابطو رکي ائين نٿو ڪيان. مون کي رڳو اهو ٻڌائڻو هو ته اياز هميشه ذهن جا دروازا کليل رکيا. پاڻ کي وڏو عالم يا درست سمجهي ڪڏهن به ڪنهن ڳنڍ تي وائڙو يا فرسوده سمجهي رد نه ڪيائين. هر ڳالهه تي ڌيان ۽ توجهه ڏيندو هو ۽ سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو. پهريان مرزا عبدالعزيز سان ملاقات پوءِ منهنجي ننڍڙي نياڻي رابيل جو تختيءَ وسيلي روح گهرائڻ وارو واقعو جنهن اهڙا جواب ڏنا جو اياز پاڻ حيرت بڻجي ويو. وري محمد علي صاحب سان ملاقاتون. اياز سڀني واقعن کي جذب ڪيو ۽ قبول ڪيو. جوئي صاحب وانگر نه جو هر ڳالهه کي بڪواس چئي ٿڏي تي رد ڪندو هو. اهو به ايمان آهي پر بند دريچن وارو. اياز سڀ ڳڙکيون کليون رکيون ۽ هر تازي هير جي جهونڪي جي مرحبا ڪئي.
محمد علي صاحب تصوف ۾ اهڙو رتل هئو جو شاهه لطيف جا بيت جيڪي اسان جي سمجهه ۾ نه ايندا هئا تن جي مڪمل تشريح اردو ۾ سمجهائيندو هو. اسين حيران ٿيندا هئاسون ته ٺيٺ سنڌي جو بيت تنهنجي سمجهاڻي هي اردو دان ڪيئن ٿو ڏئي وڃي. محمد علي صاحب ڪتاب ڏاڍا پڙهندو هو. سڄي رات ويٺو پڙهندو هو. ٻيو ڪتاب هٿ نه ايندس ته قرآن شريف جو تفسير کڻي پڙهندو هو. ائين هوريان هوريان اياز ۾ تبديلي ايندي وئي. پاڻمرادو قرآن شريف تفسير سان پڙهڻ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن پنهنجي لئبريري ۾ ويٺي پنهنجي هزارين ڪتابن ڏانهن اشارو ڪري چيائين ”جمال سڄي عمر جک ماري اٿم. ڪتاب ته مون هاڻ پڙهيو آهي!“ هر سوال جو سڌو سڌو جواب ها يا نه ۾ ڏنو پيو آهي. ٻيا ڪتاب ته سوالن مان سوال ٿا اٿارين ۽ بنا جواب ڏيڻ جي رڃ ۾ رولي ٿا وڃن. مان حيران ٿي ڏانهس ڏسڻ لڳس ۽ مون کان سوال نڪري ويو ته واقعي؟ چپ ڪري مون ڏانهن نهاريائين ۽ ڪنڌ سان هائوڪار ڪيائين.
سندس هڪ دوست (؟) سان ڳالهه ڪيم ان چيو وڏو استاد آهي، پاڻ تان دهريت جو ٽڪو ٿو ڌوئي، حالانڪه مون کي خبر آهي ته اياز ڪڏهن به دهريو نه رهيو آهي. ائين ته مون لاءِ به چوندا هئا ته جمال دهريو آهي. ماڻهو بدر کي دهريو سمجهن ٿا حالانڪه هو نيڪ نمازي ۽ ذڪر فڪر ڪرڻ وارو صاحب آهي. محترم جويو صاحب چوندو آهي ته ماڻهو جيڪي پاڻ چاهي ٿو اهو ئي مڃي ٿو ۽ قبول ڪري ٿو. هر ڪو چور ٻئي کي چور ٿو سمجهي. منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته رشوتي آفيسر هر ٻئي کي رشوتي سمجهندو ۽ سڏيندو آهي. سرڪار مير علي احمد خان ٽالپر چوندو هو ته ”جيڪو ٻئي کي ڪوڙو چوي سو پاڻ ڪوڙو آهي“ مير صاحب وڏو عالم ۽ دانشور هو ،سندس ڳالهه کي وزن آهي.
ماڻهن کي الائي ڇو اياز جو نئون (؟) رخ نه وڻيو. گلا خوري ۾ مزو آهي، چشڪو آهي. هڪ کن ۾ ماڻهو دانشور کان به وڏو دانشور ٿيو وڃي. هي ڪهڙو دستور آهي، هيءَ ڪهڙي ترقي پسندي آهي. دهريو ٿيڻ جي آزادي آهي، ڪميونسٽ ٿيڻ جي آزادي آهي، عيسائي ڪرستان، بهائي ٿيڻ جي آزادي آهي، باقي مسلمان ٿيو ته ڪٽو ڪافر، دقيانوسي، انقلاب دشمن وغيره وغيره. سوچ تي به پهرا، واهه جي آهي هي ترقي پسندي ۽ دانشمندي. اياز جو سچو مداح ۽ همدرد هو يوسف شاهين جنهن کيس فليٽ جي ڪوٺڙي مان ڪڍي برسات اخبار جي دفتر ۾ وهاريو، معاوضو به سٺو ڏنو ته سندس مان شان عزت ۽ سهوليت جو به خيال رکيو. اياز ايڊيٽوريل نوٽ لکڻ جي نئين روايت قائم ڪئي. ماڻهن جي سوچ بدلائڻ جي ۽ کين دڳ لائڻ جي. وري دعائيه شعر به لکيائين. يارن کي اهي ڳالهيون به نه آئڙيون،
اياز جي صحت اڳيئي نا موافق هئي بوجهه برداشت نه ڪري سگهيو ۽ وري اچي پنهنجي فليٽ جي ڪوٺڙي ۾ قابو ٿيو. پئسو به ڪو ايترو گهڻو ڪونه هئس. هڪ لڱا مون کي چيائين ته ”جمال! هن فليٽ جي ڪوٺڙي ۽ اڊياله جيل جي ڪوٺڙي ۾ ڪو فرق ڪونهي، ڪو ننڍڙو بنگلو ته وٺي ڏيم ته آسمان ۽ سائي ڇٻر ته ڏسي سگهان!“ هڪ عظيم انسان ۽ شاعر جي هن کان وڌ ٻي ڪهڙي تمنا ٿي سگهي ٿي. مون جڏهن ٻڌايومانس ته پنجاهه سٺ لک نه ته به ٽيهارو لک لڳندا ته سندس چهري تي ڪرب جا آثار نمودار ٿيا. پوءِ سڄي عمر ان ڪوٺڙي ۾ گذاري ڇڏيائين.
شاعر هو سو تڙپ ۽ ولولو منجهس اکٺ هئو. فرمائش ڪيائين ته ”جمال سامونڊي ڪناري تي رهندڙ مڇيرن مهاڻن سان ڪچهري ڪرڻ جو ڪو بلو ڪر!“ عادت موجب مون هڪدم چيو حاضر! گهر اچي ويچاريم ته اياز جهڙي ماڻهو کي اس ۽ گرميءَ ۾ رلائبو ته ڪونه. منهنجي اٿ ويهه ۽ ڄاڻ سڃاڻ تمام چڱن ماڻهن سان ۽ چڱي چوکي آهي. ڄاموٽ ولي محمد، شينهن مڙس، سو ته گذاري ويو هو باقي سندس فرزند ڄاموٽ شفيع محمد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين هو. هو تمام مصروف ماڻهو ساڻس رابطو ڪرڻ ۾ اٺ ڏهه ڏينهن لڳي ويا. وڏي ڪشاده دلي سان دعوت ڏنائين ته آچر ڏينهن صبح جو سندس ابراهيم حيدري واري گهر پهچي وڃون. مان ۽ اياز ڪار ۾ چڙهي صبح ساڻ ابراهيم حيدري پهچي وياسون. ڄاموٽ صاحب پاڻ پنهنجي سر اڳواٽ دروازي وٽ بيٺو هو. هڪدم اسان کي اندر ڊرائنگ روم ۾ وٺي ويو. ناشتي جو پڇيائين. اسان ناشتو ڪونه ڪيو هو هڪدم سٺو ناشتو اچي ويو جو اڳ ۾ ئي تيار رکيو ويو هو. پوءِ وٺي هليو پنهنجي سمونڊ ڪناري واري اوطاق تي جتي اڳواٽ تجربيڪار عمر رسيده مڇيرا مهاڻا ويٺا هئا. مڇيرا ۽ مهاڻا ساڳيو لفظ آهي. فارسيءَ ۾ مڇيءَ کي ماهي چوندا آهن. مهاڻو معنيٰ ماهي + آڻو يعني مڇي آڻيندڙ. ڌماڌم ڪچهري شروع ٿي وئي ۽ اياز پنهنجي نوٽ بڪ ۾ تڪڙو تڪڙو لفظ محاورا ۽ لاڳاپيل قصا ڪهاڻيون لکندو رهيو. ان کان پوءِ اياز جي شاعريءَ ۾ اهي ساموندي لفظ استعمال ٿيا.
منجهند مهل ڄاموٽ صاحب شاندار ماني کارائي، نه وسرڻ جهڙي. مڇيرا به سڏي اسان سان گڏ ويهاريائين. هڪڙي مڇي اهڙي پڪل هئي جو سڄي جو سڄي سالم هئي ڄڻ ته اڻ پڪل آهي. هٿ جو وجهه ته ڄڻ ڪيڪ ۾ هٿ پيو ۽ ڪيڪ وانگر پٽي پيو کاءِ. لذيذ به ڏاڍي هئي. مور منگرو يعني شارڪ جو ٻچو به کارايو ويو جو نهايت مقوي ٿو ٿئي. مون سوال ڪيو ته حلال ته آهي ته چيائون ”هر ڪا مڇي حلال آهي.“ ڀلا ڇو ڪين؟ ماڻهو ته ڪميون، ڪيڪٽ ۽ کيکڙا به کائن. انهي حساب سان ته وهيل به حلال چئبي جا سڄو ماڻهو ڳڙڪايو وڃي. سعودي عرب جده ۾ مون ميزبان کي مڇيءَ جي فرمائش ڪئي. ساڻس گڏ مڇي مارڪيٽ هلڻ لاءِ تيار ٿيس. مون کي جهليائين ته ”تون نه هل!“ چيم ”ڇو؟“ چيائين ته ”اتي مڇيون ڏسي دهشت وٺي ويندءِ. الائي ڪهڙيون ڪهڙيون مڇيون وڏن واتن سان ڏند ڪڍيون پيون آهن. ڏسي مرڳو مڇي کائڻ تان دل کڄي ويندءِ “ چيم، ”عرب سڳورا اهڙي مڇي کائي ٿا وڃن؟“ چيائين .رڙڪي!“
شام جو ڄاموٽ صاحب جي اوطاق تان واپس ڪراچي آياسون. اياز ڏاڍو خوش هو. چيائين ته تمام سهڻن لفظن جو ذخيرو مليو آهي. شاهه لطيف به سرسامونڊي ۽ گهاتو ۾ جي تز لفظ ڪم آندا آهن تن لاءِ ضرور سامونڊي ڪنارن تي مڇيرن سان گهڙيون گهاريون هوندائين. مڇيرن جون ڪيئي ذاتيون ۽ قبيلا آهن. جيئن پالاري وغيره ۽ هو سماٽ نسل جا آهن. بلوچ مڇيرا به سماٽ آهن. هي ڳالهه منهنجي ان خيال کي هٿي ڏئي ٿي ته بلوچ آهن ئي سماٽ. پنهون، ڄام آريءَ جو پٽ. آري ۽ آريجا جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ داخل ٿيا ۽ حڪومت ڪيائون ته مستقل طور رهي پيا. ار معنيٰ هر. سو آري هاري ۽ آرائين هڪ ئي لفظ آهي. خود لفظ ايران اصل ۾ آريانا آهي. گمان غالب آهي ته اسين اصل آريه نسل جا آهيون.
ڇهن ٻارنهن مهينن کان پوءِ اياز وري فرمائش ڪئي ته مڇيرن سان محفل ڪجي. ڄاموٽ صاحب کي چئي وري هڪ صبح جو وڃي ابراهيم حيدري نڪتاسين. اتفاق سان اهو رمضان شريف جو مهينو هئو. تڏهن به ڄاموٽ صاحب فوري ناشتو آمليٽ، اوڦراٽو ۽ چانهه جو ڪرايو. پاڻ روزي سان هئو. اوطاق تي مڇيرن سان ٽپهري تائين خوب ڪچهري ٿي. رمضان شريف جي ڪري منجهند جي ماني ڪانه ملي. هلڻ مهل ڄاموٽ صاحب شيشيءَ ۾ بند پيڻ جي چرٻيءَ جو تيل مونکي ۽ اياز کي تحفي طور ڏنو. پيڻ جو تيل ناياب شيءِ آهي. سنڌن جي سور سوڄ وغيره لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ننڍي هوندي ٺونٺ وٽان منهنجي ٻانهن ڀڳي هئي. هڏو جڙڻ کان پوءِ به ٻانهن پوري نه ورندي هئي. امان روزانو پيڻ جي چرٻيءَ جي تيل جي مالش ڪندي هئي تيل ۾ ڌپ ڏاڍي ٿئي ٿي پر فائدو ٿي ويو.
اياز هڪ سٺو انسان، انسانيت سان انس رکندڙ ماڻهو ۽ انسان ذات جي پيڙا کي پنهنجي پيڙا سمجهندڙ روايتي قدرن ۾ اعتماد رکندڙ ڀلومانس هو. سندس عمل ۽ قلم انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڀڙڪي اٿندا هئا. معصوم صفت معصوم طبيعت. ان لحاظ کان مون منجهس ڪا به اوڻائي ڪانه ڏٺي هئي. هو آزاد منش گناهه ثواب جي ٻنڌڻ کان آزاد، مذهب جي ڪٽرپڻي کان به آزاد هڪ منفرد ماڻهو هو. وهسڪي ۽ عورت سان سندس ٻٽيهه دليون هيون. عورت سان صحبت کي هو خراب نه سمجهندو هو بلڪه حاصل ڪري خوش ٿيندو هو. پر جيئن چور کي به ڪي اصول ٿيندا آهن تيئن هن کي به انهيءَ معاملي ۾ اصول هئا. انهن اصولن جي دائري کان نه نڪتو. ٺڳي، دولاب، زبردستي کان پري هو. هر ڪنهن سان نڀاءُ ڪيائين. ڀاڀي زرينه کي هزار شڪايتون هونديون پر اياز گهر ٻار ۽ وني سان نهايت سچو ۽ اعتدال جي دائري ۾ رهيو. ٻچن ۾ ته ساهه هئس.
ڀارت ويو ته اتي به عشق ڪري آيو. هڪ پرڻيل ڇوڪري مٿس مهربان ٿي پئي ۽ هر شهر ۽ هر سفر ۾ مڙس کي تمام بيباڪي سان نظرانداز ڪندي اياز سان گڏ گذاريائين. سندس هٿرادو نالو کڻي ٿا ريتا رکئون. اياز پاڻ پنهنجي سر مون کي ريتا بابت تفصيلي ڳالهيون ٻڌايون. ريتا کيس خط به لکندي هئي ۽ اياز به کيس خط لکندو هو. ريتا جڏهن انگلينڊ هلي وئي تڏهن به خطن جو سلسلو جاري رهيو. انگلينڊ ۾ گهڻو عرصو رهڻ کانپوءِ ريتا جي خطن ۾ عشق جي گرمائش گهٽجي وئي. پر اياز جي تانگهه چوٽ تي هئي. جڏهن لنڊن وڃڻ جو موقعو مليس ته ريتا کي لکي موڪليائين. هنن آڌر ڀاءُ ڪيس، مهمان نوازي به ڪيائون ۽ وقت به ڏنائون،
اياز چيو ته ريتا کانئس ڪجهه وٿيرو ٿي هلي. باغ ۾ وڻ هيٺان جڏهن کيس چمي ڏيڻ لاءِ وڌيو ته هو نڪري وئي ۽ اياز کي چيائين ته ”مون کي چمي ڏيڻ يا هن وڻ جي ٿڙ کي چمي ڏيڻ ساڳي ڳالهه آهي.“ اياز اهڙي رکائي تي وائڙو ٿي ويو. موٽي مون سان ذڪر ڪيائين. مان ان ميدان جو موڳو مٽر سو ڇاٿي چئي سگهيس. اياز اها ڳالهه پنهنجي هڪ پڙهيل ڳڙهيل سنگتياڻيءَ سان ڪئي. ان کلي چيس ته تون ڪو صفا ڳنوار آهين. ”ڏهه سال هوءَ تولاءِ پاڻ کي ٽجوڙي جي لاڪر ۾ رکي ويٺي هوندي ڇا؟ ضرور ڪو نئون يار ڪيو هوندائين.“ اياز کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ سندس دل تان بار لٿو. اکر به اکر مون سان ذڪر ڪيائين ۽ پاڻ تي کليو. چيائين ته ”هڪ عورت سمجهي وئي مان نه سمجهي سگهيس.“ مرد آهي ئي ڀورڙو. ماءُ ۽ ڀينر ڀورڙو نه ڀولڙو چونديون آهن.
اياز ۽ مان ايتري قدر هڪ ٻئي جي ويجهو هئاسين جو ڪراچيءَ ۾ قيام دوران ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون. بيماريون کيس وڪوڙي ويون پر مان ته ائين چوندس ته اياز بيمارين کي پاڻ تي سوار ڪري ڇڏيو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڇرڪي ويندو هو. جيتوڻيڪ سندس ذهن ۽ جسم آخر تائين برجستا رهيا پر هن پاڻ تي اڻ ڳڻيون بندشون هڻي ڇڏيون ۽ موت جي سراب ۾ رهيو.
سندس قسمت به تمام سٺو ساٿ ڏنو. وڪالت ۾ هڪدم چمڪي اٿيو، سندس شمار وڏن وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو. کيس سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ميرس ضلعن جا ڪيس ملندا هئا. محنتي به ڏاڍو هو. ادب جي ميدان جو ته شهه سوار هو ماڻهن جي دل جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو. خاص طرح جڏهن ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ“ چيائين ته ورلي ڪو سنڌي هوندو جنهن چپن ۾ اهو بيت نه جهونگاريو هوندو. جمعيت الشعراءِ جا مخالف شاعر به چپ ٿي ويا. پوءِ ته هڪ ٻئي پٺيان اهڙا شعر چيائين جي شاهڪار ٿي ويا. محترم حفيظ قريشي جهڙي سخت نقاد ماڻهو کي به مون جهونگاريندي ٻڌو ته ”سهندو ڪير ميار او يار!“ وري جڏهن گرفتار ٿي اڊياله ۽ ساهيوال جيل جو سفر ڪيائين ته سندس مقبوليت جو چاڙهو (گراف) وڌيڪ چڙهي ويو. پرنس ڪامپليڪس ۾ لاڳاپا لاهي ڄڻ ته سنياس ڌارڻ ڪيائين. بس شام جو ٻاهر نڪري فوٽ پاٿ تي اچ وڃ ڪري وري وڃي ڪمري ۾ بند ٿيندو هو. پر سندس سوچ ۽ ويچار ڌارا جي سگهه سنياس دوران وڌيڪ سگهاري ٿي وئي. لکڻ پڙهڻ کي تياڳ نه ڏئي سگهيو. ڀلي گهر وارا يا ڊاڪٽر منع ڪنس.
پٽڙا پرڻائي، نياڻيون اٿاري سڀ بار لاهي واندو ٿي ويٺو. البته نياڻين بابت هميشه فڪر مند هئو. هڪ دفعي سج لٿي کان پوءِ فون ڪيائين ته ”جمال هڪدم اچ!“ سوال جواب جي گنجائش ڪانه هئي وڃي پهتس. چيائين ته ”سندس نياڻيءَ کي مڙس مار ڏئي در کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، سو تون منهنجي ڪار ۾ وڃ ۽ کيس وٺي اچ!“ سندس نياڻو ڪو سخت شرابي هئو. مون صاف انڪار ڪيو مانس ته ”هي نجي گهرو معاملو آهي ۽ عورتن جي مزاج تي به اعتبار ناهي سو مان نه ويندس. ڀلي ڀاڀي زرينه وڃي، ماءُ آهي، حق اٿس ڌيءَ کي وٺي اچڻ جو!“
ڪجهه سوچ ويچار ۽ سوال جواب کان پوءِ سهمت ٿيو ۽ چيائين ”تون ڀلي گهر وڃ!“ ٻئي ڏينهن وري فون ڪري سڏايائين ته ”سچو آهين نياڻي مڙس جو گهر ڇڏڻ کان انڪار ڪيو باقي ڌيءَ ڏياري موڪليائين!“ جوان جماڻ ڏوهٽيءَ کي مون سامهون گهرايائين اها به پيءُ خلاف ڳالهائڻ تان هٻڪي پئي. ان کي به هٿن ۽ ٻانهن تي ڌڪن جا نشان هئا جي پاڻ ڏيکاريائين ته کيس به ڌڪ لڳا. ڏوهٽيءَ کي مستقل ڪراچيءَ ۾ رهائي ڇڏيائين ۽ سندس ڪاليج داخلا وغيره جو به پاڻ بندوبست ڪيائين ۽ ذمو کنيائين. هي بلڪل نجي گهرو معاملو آهي جو لکڻ نه کپندو هو. هر گهر ۾ اهڙا معاملا پيا ٿين. مون ان ڪري لکيو آهي ته رڪارڊ تي رهي ۽ خبر پوي ته اياز ڪهڙي ڪرب مان گذريو ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ ڪيڏو شانت رهيو، جيئن آئنده ڪوئي ليکڪ اياز جي سوانح عمري تي قلم کڻي ته کيس صحيح ڪچو مواد ملي. مون کي بار بار چيو ويو آهي ته اياز تي ڪجهه لکان. لکڻ لاءِ ماڻهو هڪ سطح جا هجڻ کپن، اياز تمام مٿاهون ۽ عظيم آهي. منهنجي حيثيت ئي ڪانهي جو مٿس يا سندس فن ۽ فڪر تي لکان. جويو صاحب ۽ سراج ميمڻ صاحب اها گڏيل ڪاوش ڪري سگهن ٿا. مان هيٺئين سطح جو ماڻهو آهيان. ان ڪري ڳالهيون به ان سطح جون ڪندس. وڌيڪ اڏام ڪانه ٿيندي. اجايو کنڀڙاٽيون هڻڻ جو ڪهڙو سود.
هيٺاهين سطح تي مان اهو چوندس ته سڄي عمر شيخ صاحب اسان کي اهو ئي پيغام ڏنو ۽ سيکاريو ته اسين سڀ هڪ ئي سٿ جا ساٿاري آهيون ڪو به گهٽ وڌ ڪونه آهي. ڪو به ٻئي کان معزز ۽ مانوارو ڪونه آهي. معزز، مان وارو ۽ اڪرم اهوئي آهي جو حق جو متلاشي آهي ۽ چڱائي ڦهلائي ٿو. سڀ انسان، مرد، عورتون، مالڪ مزدور، غريب شاهوڪار بنگلي ۽ ڪار وارا توڙي جهوپڙي ۽ گڏهه گاڏي وارا سڀ هڪ جهڙا ۽ هڪ ئي انسان ذات جا جز آهيون جنهن کي اشرف المخلوقات ڪري بنايو ويو هو. اسان مان هر هڪ ان ئي انسان ذات جي ديوار جي هڪ معمولي مٽيءَ مان ٺهيل سر آهيون. هڪ ئي جسم جا عضوا آهيون جي هڪ عضوي کي زخم رسندو ته سڄو جسم ڏکندو. خبردار ڪنهن کي به ايذاءُ نه پهچي جي پهتو ته سڀ ڏکن ڏڌا ٿي وينداسون. ڪو ڪونه بچندو.
اياز پنهنجو سڀ ڪجهه اسان ڪارڻ ارپڻ ڪري ڇڏيو. سڄي عمر جواني کان پيري تائين اسان کي ڏيئي ڇڏي. اسان کي رڳو سندس امانت جي سنڀال ڪرڻي آهي ۽ پيار محبت ۽ انسانيت جو درس پڙهڻو، ونڊڻو ۽ ورهائڻو آهي. اياز اول نمبر جو افسانه نگار، منفرد شاعر، نثر جو بادشاهه ۽ عشق جو اوتار آهي. اياز نه ماضي تي پشيمان آهي نه حال تي ناخوش نه مستقبل کان مايوس. ارڏو ۽ اڻموٽ هوڪو بيـٺو ڏئي
اسـان تي الزام، آندا جڳ جيـئـڻ جـا،
جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام
الا ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي.
اياز سمجهوتو نٿو ڪري. سندس جام هر دور ۾ جرڪندا رهندا ۽ کڙڪندا رهندا. هو مٿاهون آهي مٿاهون رهندو. ڪوئي ماڪوڙو کيس هيٺ ڌڪي ڪونه سگهندو. وري وري هو ائين ئي چوندو ته الا ڪڏهن عام رسندا منهنجي روح کي. ڀٽائي گهوٽ به چوي ٿو ته
حوصلو حيرت جو، آهي نه مٿي عام،
محبت سندي مام، ڪُور پروڙي ڪينڪي.
خسرو به چوي ٿو ته خلق ٿي چوي خسرو بت پرستي ٿو ڪري هائو هائو ڪيان ٿو با خلق عالم ڪار نيست.
22 الائي 23 ڊسمبر 1997رباني ڪراچي آيو مان کيس فيڊريل لاج قيصرينا جنهن کي اڪثر قصرناز چوندا آهن، تي ملڻ ويس. ٻئي گڏجي شام جو اياز وٽ وياسون. سٺي موڊ ۾ هئو. ربانيءَ سان چرچا گهٻا به ڪيائين. اهو دستور هوندو هو ته اسان ٽيئي گڏجي ماني کائيندا هئاسين ڪڏهن اياز وٽ ڪڏهن رباني وٽ ڪڏهن مون وٽ. مون ٻنهي کي دعوت ڏني ته سڀاڻي رات جي ماني مون وٽ. ٻنهي قبول ڪيو. ٻئي ڏينهن رباني پهچي ويو اياز ڪونه پهتو. فون ڪري چيائين ته ”جمال نڪ مان نلڪي وانگر پاڻي پيو وهيم!“ هو چوي تنهن کان اڳ ۾ مون چيومانس ته ”متان گهر مان نڪتو آهين. آرام ڪر!“ وري به نه اچڻ جي معذرت ڪيائين. چيومانس ته ”مڪمل آرام ڪر ڇو ته مون کي خبر هئي ته تڪليف ڪهڙي به هجي ڪهڙي به عضوي جي هجي ان جو اڻ سڌو اثر دل تي پوي ٿو.“ ٻئي ڏينهن فون ڪيم چيائون ته سمهيو پيو آهي. سندس پٽ ڊاڪٽر سليم جي پڇا ڪيم چيائون ته اهو لاهور ويل آهي.
وچ ۾ ٽي ڏينهن پيا. رباني حيدرآباد هليو ويو. 28 ڊسمبر صبح جو سج اڀرئي کان اڳ نمازون پڙهي بستري تي ليٽيس مس ته فون جي گهنٽي وڳي. مسٽر کيڙو هيو. اياز جو داماد. چيائين ته اياز مِڊ ايسٽ اسپتال ۾ گذاري ويو. دماغ سن ٿي ويو. چيو مانس ته ”مان اچان ٿو!“ اهڙي موقعي تي عورت جو هجڻ ضروري آهي. جو گهر جون عورتون روڄ راڙي ۾ هونديون آهن. منهنجي گهر واري گذاري وئي آهي سو نياڻي شاهدا کي فون ڪري چيم اها به سڪتي ۾ اچي وئي پر چيائين ته اچان ٿي. ڏهن پنڌرهن منٽن ۾ مِڊ ايسٽ پهتاسين. کيڙو صاحب منهنجو ڏٺل ڪونه هئو پر وارڊ ٻاهران اهو ئي هڪڙو افسرده ويٺو هو. شاهدا کي چيم ته اها وڃي گهر جي عورتن کي سنڀالي. پر جلدئي موٽي آئي ته لاش وٽ ڪو به ڪونه آهي.
اياز جو هڪ هٿ دل تي ۽ ٻيو هٿ گهنٽيءَ تي رکيل هئو. کيڙي صاحب ٻڌايو ته ”ڊاڪٽر چيو ته اياز ٺيڪ آهي ۽ صبح جو ڊسچارج ٿي ڀلي گهر وڃي. انهي ڪري اياز ڀاڀي زرينه کي ۽ ٻين کي زور ڀري گهر اماڻي ڇڏيو.“ مان کيڙو صاحب ۽ شاهدا لاش کڻائي پرنس ڪامپليڪس اياز جي فليٽ تي آياسون. روڄ راڙو پئجي ويو. ”اسان جو خانو خراب ڪري ڇڏيئيه، اسان جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيئي!“ وغيره. شاهدا همٿ ڀري آهي سو سڀني کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين ته ”ڇو توهان جو ته مان مٿي ڪري ويو، سڄي سنڌ توهان کي عزت ڏئي ٿي، بنگلا ماڙيون موٽر ڪار ڇڏي ويو وڏي ڳالهه توهان جي عزت ۽ مان مٿي ڪري ويو.“ پاڻ بورچيخاني ۾ وڃي چانهه ٺاهي سڀني کي پياريائين. ٻاهر تڏي تي رڳو مان اڪيلو ويٺو هئس سليم ۽ انيس ٻئي ٻاهر هئا. کيڙو صاحب غسل ڪفن جي بندوبست ۾ لڳي ويو ڪجهه دير کان پوءِ شاهدا ٻاهر آئي ۽ اسين هليا آياسون. بعد ۾ رباني جو فون آيو ۽ تدفين جي مسئلي تي ڳالهايائين ته شڪارپور يا سمنڊ ڪناري غازي عبدالله شاهه جي مقبري وٽ يا ڀٽ شاهه تي. رباني حميد آخوند سان رابطي ۾ رهيو ۽ نيٺ اهل خانه جي اجازت ۽ مرضي سان تدفين ڀٽ شاهه تي ٿي. مان ڪونه ويس. چاليهي تي اياز جي تربت وٽ ويهي رهيس. ٽيجهي تي به ويو هئس. سليم، انيس ۽ مونس پهچي ويا هئا.
وڃڻ وارو ويو هليو ايندو نه وري هي وڻجارو.
وڃڻ وارو ويو هليو ايندو نه وري هي وڻجارو.

***

مر پيا مينهن وسن

---

1







عشق

ان ڏينهن، ان مهل، ان گهڙي، منهنجي عمر هئي ٻارهن سال يارهن مهينا. هن جي اڃا به گهٽ هوندي. اهو معمولي چهرو جو مان اڪثر روزانو ڏسندو هئس سو ساڳيو ئي اهڙو هئو جهڙو روز! پر ان ڏينهن ان مهل، ان گهڙيءَ، 11 مارچ 1938ع ڪچڙي منجهند، وقت 11 بجه، جيئن ئي ان خاموش مجسمي تي نظر پئي ته اوچتو هڪ وڏو ڀونچال آيو، زلزلو هئو، ٽاڪوڙو هئو، طوفان هئو، سڄو آسمان ۽ زمين هيٺ مٿي ٿي ويا، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، هوائون ۽ پن مانڌاڻ ۾ پئجي ويا. ٻاهرين ڪائنات ته ٺهيو پر منهنجي اندرين ڪائنات ۾ به وڍڪٽ، زير زبر، مانڌاڻ ۽ مٽ سٽ جو وڏو ڪبيرو زلزلو آيو. ڌوڏي مٿان ڌوڏا آيا ۽ ويا. مان ساڳيو ماڻهو نه رهيس! مٽجي سٽجي، دل جگر جيرا بڪيون مٿو ذهن سڀ ان ڀونچال ۾ ولوڙجي پنهنجون جايون مٽائي هڪ مڪمل نئون ماڻهو جوڙي بيٺا، نه اهوٻالڪپڻو رهيو نه ٽهڪڙو نه راند روند جي واسنا، ڄڻ ته ساهه کڻڻ ئي بيهي ويو. ڪن گرم، ڳٽا گرم، اکيون پولارن ۾، ذهن ستين آسمان تي، هڪ گهڙيءَ الائي ڪهڙي ماجرا ٿي وئي، الائي ڇا ڇا ٿي ويو. هوءَ جيڪا مجسمي جيان پوتيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي، ميز تي هڪ ڊرائينگ پنو ۽ پينسل جهليو ويٺي هئي ۽ تلاءَ جيان خاموش ۽ بيخبر ويٺي هئي تنهن کي به شايد، شايد، ان واچوڙي جا آثار محسوس ٿيا ۽ اٿي هلي وئي. نه نظر ملي، نه چهرو ڦريو، نه ڏٺو نه وائٺو، چپ چپات ۾ هڪ وڏو ڪائناتي زلزلو آيو ۽ ڪجهه ڪري ويو!
اهو سڀ ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ ڪنهن کي خبر ڪا نه آهي. ڪو وچ وارو، اڻ ڏٺو، اڻ سڃاتل، چپ چپات ۾ وڏي گنڀير مذاق ڪري گم ٿي ويو. اها هڪ غيرمعمولي گهڙي سڄي حياتي تي محيط رهي ۽ وڏا گهرا اثرات ڇڏي وئي. ڇو، ڇا لاءِ،؟ ڪنهنجي چوڻ تي ۽ ڪيئن؟ ڪو اتو پتو ناهي. اڄ تائين، سبب اسباب جي خبر ناهي ته ڇا ٿيو ،ڇو ٿيو!؟
نه نظرن جو ٽڪراءُ هو، نه هڪ ٻئي کي ڏٺوسون، نه ئي دل ۾ ڪا ڇپيل چاهنا هئي! برنارڊشا، فرائيڊ ۽ ٻيا ڪجهه ڪچي ذهن جا صاحب ته چون ٿا ته ”اهو سڀ دٻيل جنسي خواهشن جو ڪرشمو آهي!“ نسورو ڪوڙ، بيوقوفي، ۽ اڻڄاڻائي! عمر ٻارهن تيرهن سال، جنسيات جو ته ڪو ڪرڻو ئي ڪو نه هجي، مورڳو جنسيات عمر ڪاڻ مري وئي. نه ڄائي هئي نه ڄمي هئي، هي ته ڪو اولڙو هو، جهلڪو هئو جو آسمان کان اچي، ڀونچال آڻي، لڪ ڇپ راند ڪري ويو. ان هيڏي ساري ڪائناتي گڙٻڙ کان پوءِ به اسان جي طبيعتن ۾ يا اعمال ۾ ڪو ڦيرو ڪو نه آيو. سواءِ ان جي ته هوءَ ڪجهه شرمائجي سڪڙجي وئي ۽ منهنجيون اکيون ڪجهه ڪجهه پياسي ٿي پيون.
بڪواس ٿا ڪن وڏا ليکڪ، فلسفي ۽ نفسياتي ماهر ته ’هي مرد ۽ زن جي جنسي بک آهي.‘ جنسي بک ته ماڳهين مري ٿي وڃي. الائي ڇاهي، الائي ڇا ٿو ٿئي، وچان ئي ڪنهن ٻي غير مرئي طاقت جي اٽڪل آ، يا مهرباني آ، يا وڏو ڪو سٽل آ، سيڪنڊ جي ڪا جهلڪ اچي ٿي جا سڄو ڪارنامو يا ڪيس ڪري وڃي ٿي. بيخبرن کي باخبر ڪري وڃي ٿي. ڪا جهلڪ، ڪو جلوو پسي وٺجي ٿو. الائي ڪهڙي فرينچ ليکڪ بابت پڙهيو هئم ته اٺن نون سالن جي عمر ۾ هڪ پرڻيل ڳڙڻيل ٻارن جي ماءُ سان عشق ٿي ويو هئس. هن ويچاري به ڪو جلوو ڏٺو ۽ ڦاسجي ويو.
صوفي درويشن تي الزام مڙهيندا آهن ته ڇوڪرن سان عشق پچائيندا هئا. ڪهڙي نه واهيات ڳالهه! فقير صاحب کي به جلوي جي جهپٽ اچي ويندي هوندي. ڪارساز جي قدرت ماڻهو ڪيئن به ڏسي يا ڪٿان به ڏسي وٺي! نباتات مان، وهندڙ نديءَ مان، آسمان، ستارن مان يا بادلن جي آگم مان! رِشي والميڪي جنهن رامائڻ جوڙيو تنهن ته رڳو ٻن پکيئڙن جي جدائي مان جهٻي محسوس ڪئي، جنهن مهل شڪاريءَ جي تير هڪ پکيئڙو ماري وڌو ته هن ان گهڙيءَ شعر چيو ته ”ماري مرين شال!“ هي دل جو اٿارو آهي، قدرت ڪهڙو به ٽڻ ٺاهي. هي جو اک ڇنڀ ۾ ڪاتي وهي وڃي ٿي، ان جو بهترين جواب يوناني ديومالا ۾ ملي ٿو ته هڪ معصوم نابين نينگر ويٺو ٻٽا تير ڇوڙي پوءِ جنهن کي به اهي تير لڳن، اهي پيا ڦٿڪندا. انهيءَ کان به سهڻي سمجهاڻي ڏني آهي شيڪسپيئر جو چوي ٿو ته ”بارانِ رحمت جا ٻه ڦڙا آسمان مان ڪرن ٿا جنهن تي به ڦڙو ڪريو سو اڏجي ويو ۽ جنهن ٻيو ڦڙو جهپي ورتو سو به اڏجي ويو!“
جنسي عمل جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هي پيار ته اوچتي اوت آهي، رحمت جي، جنهن تي ٿئي! باقي نباتات يا ننڍڙي يا پکيئڙي جي موت ۾ ڪهڙي جنسيات ٿي سگهي ٿي! رِشي، مُني سنياسي يا صوفي فقير، سڀ ڪجهه ٻن ڏئي وساري، هڪڙي واحد جو مشاهدو ٿو ڪري ته سڄي عمر عشق ۾ غرق ٿو رهي. سنياسي کي ته سڀ ڪجهه لوڀ، موهه، اهنڪار، ڪام، ڪروڌ، سڀ تياڳڻو پوي ٿو. سڀ ڇڏي پوءِ مشاهدو ماڻن ٿا. ’ڪام‘ معني جنسي چاهنا. ڪام،ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار جو تِرورو به هوندو ته پيار جي پالوٽ ٿيندي ئي ڪا نه! نه عشق جو اولڙو پوندو، نه حق يا حقيقت جو پرتوو پلئه پوندو. پاڪ پويتر پيار ۾ سڀ جسماني جذبا ڀسم ٿي وڃن ٿا. محبوب سان محبت جو اولين شرط آهي. هيڪلائي هيڪ، ٻي ساري دنيا ميسارجي وڃي ٿي. محبوب جي مشاهدي ۾ گم ٿي وڃڻ، بنياد آهي ايڪانيت ۽ وحدانيت جو، پوءِ ٻيو ڪجهه به نظر ئي نٿو اچي.
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو.
(شاهه)
اٿئي ويٺي، جاڳندي سمهندي، هلندي گهمندي، رڳو اهو ئي نظر اچي ته اهو جنسياتي ۽ جسماني عمل ته نه چئبو! هيءُ ته ڪو ٻيو جلوو يا جهلڪ آهي، جا انسان جي اندرين حس جهٽي يا جهپي ٿي وٺي، پوءِ اهو جلوو يا جهلڪ اٺئي پهر اڳيان اڀريو اچي ۽ ساري جند جان کي قبضي ۾ ڪري ٿي ڇڏي.
”جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون.“ (شاهه)

جنسياتي جهرڪي ته وتندي ٽپڪا ڏيندي، ڪڏهن هت ڪڏهن هُت، اها هڪ هنڌ ڦاسجي ڇو ويندي؟ سو به اهڙي جو ٻيو ڪجهه نظر ئي نه اچي.
سو ئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سو ئي من وسي.
سـو ئي سـو پـسـي ، تنهين سندي ســوجهــري.
(شاهه)
هيءَ ڳالهه سڌي سنئين جلوي يا جهلڪ جي آهي. اهو آفاقي آهي، پاڪ ۽ پوتر، انگريزي ۾ ان لاءِ لفظ آهي divine جنهن جو پُرمعنيٰ ترجمو مون کان نٿو ٿئي. انساني ناهي، آفاقي آهي. حرڪت ڪنهن ٻئي جي آهي، انسان خواهه مخواهه ڪسجيو وڃي. شاهه لطيف ته صاف چئي ڇڏيو ته:
”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.“ (شاهه)
ازل کان ڪو ائين لکيل هئو، جو بس ٿي وڃي ٿو. هي خيال يوناني ديومالائي نابين نينگر ڪيوپڊ جي قريب آهي جو حرڪتي ٻار وانگر ويٺو تير هلائي پر شاهه لطيف آفاقي divine رنگ ڏئي ان کي شيڪسپيئر جي مينهن ڦڙن جي رحمت جي قريب ترين ڪري ڇڏي ٿو. اهڙو آفاقي ڦيرو اچي ٿو جو جنسيات ته ڇا ماڻهوءَ کان پنهنجو پاڻ ئي وسريو وڃي. مولانا رومي به ائين فرمائي ٿو.
”پهرين وڃائڻ پاڻ، پوءِ پسڻ پرينءَ کي.“ (شاهه)
پاڻ وڃائي پاڻ وساري ڪنهن آفاقي جهلڪ پسڻ ساڻ هڪ عجيب آفاقي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سور جو سبق پڙهايو وڃي ٿو ۽ ماٺ لڳي ٿي وڃي. استاد رومي ۽ شاهه لطيف ٻئي ائين فرمائن ٿا:
جن کي دؤر درد جو سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ جو.
(شاهه)
هيءَ هڪ عجيب واردات آهي جا کن ۾ ٿي وڃي ٿي. بيٺي پير بنان ڄاڻ ۽ بنا ڪوشش جي ماڻهو الائي ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ جڏهن موٽي ٿو اچي ته اهو ماڻهو ئي ٻيو ٿو ٿي وڃي. خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته کن ۾ ڪهڙي ماجرا ٿي وئي؟ هڪ نئون ماڻهو جنم وٺي ٿو جو ساڳيو ناهي، جو پهرين هئو. ڳالهه سمجهائي نٿي سگهجي.
”عشق، نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.“ (شاهه)
ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوندي، نه سمجهي سگهندو، سمجهه جي مقام کان ڳالهه ٽپي ٿي وڃي، لکڻ کان به ڳالهه مٿڀرو آهي.
ڪو ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تــهـائـيـن ڏس، اکر جئائين جڙيا.
(شاهه)
ڪاڳر ڪورڻ، مس وڃائڻ اجايو عمل آهي، ’ڏور تهائين ڏس، اکر جئائين جڙيا‘، ’جِنين ڏٺي جُوءِ، تنين ڪڇيو ڪينڪي!‘. هڪ ڳڙکي وسيلي الائي ڪهڙي جُوءِ ڏيکاري وئي. ڇوڪرِي، ڇوڪرو، ماري پکي يا ٻيو ڪو بهانو ته بس هڪ ڳڙکي هئي، جتان الائي ڪهڙي جُوءِ وٺي ويا، جتي
ڀڃي در فراق جو منجهيم مشاهدو ڪيو. (شاهه)
شاهه سائين به آخر ان نتيجي تي پهچي ٿو ته:
”پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو. (شاهه)
ڳالهه ختم ٿي، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو، پاڻ کي ڄاڻ آهي ئي ڪا نه، اُفق جي هن آفاقي حد کي فرائيڊ ۽ برنارڊشا پهچڻ وارا ئي ڪونهن. حدون ٽپي، لاحد پسي، ڏور ڏسي، منجهه ئي مشاهدو ڪرڻ انهن ويچارن جي وس ۾ ئي ڪونهي. فرائيڊ ته سڄي عمر ذهني مريض جيان جنسيات جي ڄاري ۾ ڦٿڪندو رهيو. برنارڊشا سڄي عمر شادي نه ڪري جنسيات جي سراب ۾ ٿاٻڙندو رهيو. انهن مغربي وڏن ماڻهن جي ڳالهه ڇڏي اسين پنهنجي مشرقي دانا، فقيرن، مرشد رومي ۽ مرشد لطيف جي ڀر جهليون ته چڱو.
جنسي يا جسماني لاڳاپن کي صفا بي معنيٰ به نٿو چئي سگهجي. اهڙن لاڳاپن سان انس ۽ ويجهڙائپ وڌي ٿي ۽ ڏي وٺ جي ذريعي نيٺ وڃي عشق جي منزل کي اوڏڙو ٿجي ٿو. پر گهڙيءَ ۾ عشق جون حدون پار ڪري مشاهدو ماڻڻ، معاملو ئي ڪو ٻيو آهي. شاهه لطيف ٻه ٽپ ٻڌايا آهن. هڪ ’ڏور تهائين ڏس اکر جئائين جڙيا‘ ٻيو ’ڀڃي در فراق جو منجهه ئي مشاهدو ڪر‘، مون کي ان منزل جو ڪجهه ڌپو پيو آهي. پر لکڻ کان اجتناب ٿو ڪريان جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا وڏا عالم چون ٿا ته اڄڪلهه جا ليکڪ فلسفي بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
حقيقت ڇاهي ته اسان جو دنيوي وجود نصف يعني اڌ سچ آهي، وجود جو باقي اڌ سچ پڙدي ۾ آهي. خود اسان کي به ان جي خبر نه آهي، بلڪه خبر رکڻ کان به ڊڄون ٿا. جڏهن سچ اسان تي القا ٿئي به ٿو ته پاڻ ئي ان کي لنوائي دٻائي ڇڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي دينوي مفاد سان ٽڪراءُ ۾ آهي. اهو لڪل حصو سچ جو جڏهن عيان ۽ القا ٿئي ٿو ته دنيوي وجود سڄو ڌڏي وڃي ٿو. هڪڙا ان تي پڙدو چاڙهي ٿا ڇڏين ۽ ٻيا نسنگ نروار ٿي، ان جو مشاهدو به ڪن ٿا ته پنهنجي اصل ڏي به ورن ٿا ۽ ان جي فراق ۾ سڄي عمر تڙڦن ٿا، وڌيڪ نٿو چئي سگهان، اهو ”اصل“ محبوب جي معرفت پسي ٿو وٺجي، پوءِ ’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري‘، مرشد رومي ۽ شاهه ئي ائين چون ٿا.
”پهرين وڃائڻ پاڻ، پوءِ پسڻ پرينءَ کي.“
”فـڪر ڦرهي هٿ ۾ ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، پسڻ جنهن ۾ پرين کي.“
مان جمال ابڙو به مٽجي ٻيو ماڻهو ٿي ويس. پاڻ به وڃائي ويٺس ته ماٺ به لڳي ويم. راند روند، نچڪا ٽپڪا، ٻاراڻيون سوچون سڀ ڪجهه سانت ۾ تبديل ٿي ويو. فڪر ڦرهي هٿ ۾، پر فڪر به الائي ڪهڙو؟ الائي ڇا جو؟ گهر ۾، اسڪول ۾، ٻارن جي ڊنبلي ۾ موجود هوندي به غير موجود هئس. چپ جا چاپڙ چڙهي ويا. ڪتاب کليو رکيو آهي، ’پنو سو پڙهڻ پسڻ جنهن ۾ پرين کي!‘ پڙهڻ ۾ ويس پوئتي پوندو، اڳ جو نمبر کڻندو هئس سو ذري گهٽ ناپاس ٿيڻ کي اچي پهتس. سڄو سال ائين گذري ويو. اٺون ڪلاس الائي ڪيئن پاس ڪري نائين ۾ پهتس ته بابا جي بدلي حيدرآباد ٿي. منهنجون ته ٻه به ويون ڇهه به ويون! کڻي کيٽو وڌم ته مان حيدرآباد ڪو نه هلندس، لاڙڪاڻي ۾ ئي هاسٽل ۾ رهندس. منهنجي ڳالهه کي ڪنهن وزن ئي ڪو نه ڏنو. ماڳهين کلون پي ڪيائون. اهو ڏينهن به اچي ويو جو لاڙڪاڻي کان اچي حيدرآباد پهتاسون. منهنجو ذهن رڳو آسمان ۾ پي گهميو.
انهن ٻارهن مهينن ۾ نه مون ساڻس ڳالهايو نه نظر ڀري ڏٺو. سندس پاڙي ڏي روز وڃڻ ٿيندو هو. اکيون چار ٿينديون هيون، بس ’جيئن جيئن پسڻ پرينءَ جو، تيئن تيئن نشا نينهن جا‘، معاشرو اهڙو سخت ۽ بندش وارو هئو، جو ڳالهائڻ ناممڪن هو. پيار معنيٰ عزت، سو عزت به ڀرپور هئي. عزت ۽ احترام جو ليڪو ٽپڻ به ناممڪن هئو. اشارو به ناممڪن! رڳو پهرئين ڏينهن مارچ 1938ع ۾ جڏهن رحمت جا پهريان ٻه ڦڙا وسيا هئا ۽ مان مٽجي سٽجي ٻيو ماڻهو ٿي پيو هئس، ان گهڙيءَ مون مٿس نالو رکي ڇڏيو ”حسينه عالم“ هيءَ به هڪ عجيب ماجرا آهي ته حياتيءَ ۾ پهريون شعر يا بيت لکيم.
”حسينه، نازڪ جهڙي ڪپهه،
تون چوين ڇا به کڻي، مان تنهنجي پيرن جي پڻي.“
اها تڪبندي هڪ ڪاڳر جي ڦتيل تي لکي، سندس وڃڻ کان پوءِ مون سندس ميز تي چنبڙائي ڇڏي، ٻئي ڏينهن ان ڪاڳر جون چٿڙيون به ڪو نه مليون، الائي ڏٺائين به الائي ڪو نه! دل چويم ٿي ته ضرور ڏٺائين. سندس اکين جي اڪير اهڙي چغلي هنئين ٿي، پوءِ ته اچڻ ئي وڃڻ بند ٿي ويو.
هيرآباد ۾ بابا جي آفيس هئي هيرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ. گهر به اتي ئي هيرآباد ۾ مليو. هونئن ته ڪنهن مسلمان کي هيرآباد ۾ گهر ملڻ ناممڪن هئو پر هڪ مسلمان جو گهر هئو جو مسواڙ تي ملي ويو. محمد صالح ٻچڙو هڪڙو سکر ماڻهو هئو. کيس پنهنجو ڪاروبار ۽ مينهن جا واڙا هئا. کير جو ڪاروبار ڪندو هو، سندس فرزند محمد عرس سمو حيدرآباد جو مشهور سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. جنهن سان خاڪساري تحريڪ دوران منهنجي چڱي عليڪ سليڪ رهي. ڏاڍو مخلص ۽ ڀلو ماڻهو هئو. اهو به گذاري ويو. لال بن يوسف جو گهاٽو يار هو ۽ مير علي احمد خان ٽالپر جو حجائتو هم نشين هئو.
ان وقت جو هيرآباد جن ڏٺو سي ٿڌا ساهه ڀريندا هوندا. هيرآباد پئرس سڏبو هو. صاف سٺو رهائشي علائقو، دڪان، هوٽل وغيره اصل ڪو نه. گهر صاف سهڻا، عاملن جون ڇوڪريون سهڻيون فئشن واريون سٺيون ۽ معزز. شام جو ڄڻ ته مينا بازار لڳي ويندي هئي. حسن، خوشبو، صفائي سٺائي، مهڪار ٻهڪار لڳي پئي هوندي هئي. پڙدو ته هئو ڪونه، اسان جي گهر ۾ به اينديون وينديون هيون. مون لاءِ اها مهڪار ۽ ٻهڪار صفا بي معنيٰ هئي. اکين ۾، دل ۾، من ۾ هڪ ئي صنم ويٺل هئو. ٻئي جي گنجائش ئي ڪانه هئي. اهو ئي خاموش، چپ چپات، آڪاش ۾ نظرون، جهڙوڪر برهمچاري سنياسي ٿي چڪو هئس، مٿان ويراڳ سو ظاهر ٿي پيس.
امان به چوي ته ”جمال کي آخر ٿيو ڇاهي؟“ ڏاڍي سياڻي هئي پر سمجهي نه سگهي، منهنجو اخلاق ۽ ڪردار ئي اهڙو هئو جو شڪ جو شبهو به نه ٿي ٿيو. سمجهي ويو ته هڪڙو ماڻهو، منهنجو نور محمد هاءِ اسڪول جو استاد مرحوم غلام محمد شاهواڻي. مونکي اڪيلائي ۾ سڏائي آڏي پڇا ڪيائين. منهنجا ڪتاب ۽ نوٽ بڪ به اٿلائي ڏٺائين. هڪ نوٽ بوڪ ۾ نالو لکيل ڏٺائين ’حسين‘، پڇيائين اهو ڇاهي؟ چيومانس ته ”لاڙڪاڻي جو هڪ دوست اٿم حسين!“ چيائين ”حسينه ته نه آهي؟“ چيم ”نه!“ اعتبار ڪو نه آيس. هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر خير شاهه جي پڙ ۾ گهرايائين. مڄاڻ نفسيات تي تحقيق پي ڪيائين! وري به آڏي پڇا ڪري ڇڏي ڏنائين، لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول جي ڪلاس ٽيچر کي به مون بابت خط لکيائين ۽ اتان به ڪجهه هڙ پلئه ڪو نه پيس. تڏهن به چوي ته ”هيڏي ننڍي عمر ۾ تون ايڏو خاموش ۽ ويراڳي ڇو آهين؟“ انهي به نيٺ کڻي ماٺ ڪئي، پر هر وقت مونکي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندو ۽ مشڪندو هئو.
حيدرآباد ۾ ٻارهن مهينا رهيس ۽ وري ميرپور خاص ۾ ٻارهن مهينا. انهن ٻن سالن ۾ هڪڙو دفعو لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو. دوستن سان ملڻ بهاني سندس پاڙي ۾ ويس. مئٽرڪ ۾هئس وڏو ٿي ويو هئس سو اندر حويلي ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. البت ٻاهر وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس. هوءَ به حويلي جي مٿئين ورانڊي مان اچي لنگهي. وڻ جي ٿڙ تي اکيون کپي ويس. گهڙي سوا ته نظرون کپائي بيٺي رهي. جلد ئي سندس سهيليون اچي ويون، جن سان گڏ سڄو ورانڊو لتاڙي ويئي. پر اکيون وڻ جي ٿڙ ۾ هئس. پوءِ ته گم ٿي وئي. اچي هيءَ عمر ٿي اٿم کيس وري ڪو نه ڏٺو اٿم. منهنجي سڄي مُني صديءَ عمر ۾ بس اهي چار گهڙيون نظر کپائڻ جون نصيب ۾ آيون. سڄي عمر انهن گهڙين کي ارپي ڇڏيم، وقف ڪري ڇڏيم.
حويليءَ ۾ ايندڙ ويندڙ هڪ ڇوڪرو دوست هئم. ان هٿ هيڪر ۽ ٻيهر ڪل ٻه خط موڪليم. ڪا موٽ ڪانه مليم. اصل ماٺ! جواب ئي ڪونه. نيٺ بيوس ٿي ٻه چُٽڪڙيون لکيم، هڪ تي لکيم ته، ”هي سلسلو بند ڪيو!“ ٻيءَ تي لکيم، ”دستوري شريفاڻو طريقو اختيار ڪيو.“ چوائي موڪليم ته ”ڪا به هڪه چٽڪي واپس ڪيو.“ ڪو اثر ڪو نه مليم، نه هاڪار نه نهڪار! دلگير ٿي ويس. سمجهيم ته مونکي رد ڪيو ويو. سمجهه پنهنجي پنهنجي! هڪ الهڙ جواني ٻيو سمجهه ڪچي، هڪ جو ٻيو مطلب ڪڍي نااميد ٿي ويهي رهيس. وچ ۾ ٻه ٽي سال پئجي ويا. 1941ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي سون ۽ 1942ع ۾ فرسٽ ييئر سائنس پاس ڪيم. پوءِ ته ڏاڍو وڳوڙي دؤر پيدا ٿي ويو.
’ڪُئٽ انڊيا‘ تحريڪ هلي، وڳوڙ ٿيا، ريلون ڪريون، ڪاليج بند ٿيا. مون، عبدالوهاب شيخ ۽ غلام النبي سومري خيال ڪيو ته جهونا ڳڙهه وڃي پڙهجي! ڇو ته رياست ۾ نه وڳوڙ هئا، نه ڪاليج بند هئا. سنڌ جو محمد موسيٰ ميمڻ، چيف انجنيئر، رياست جو ديوان هئو. ميمڻ صاحب توڙي محمد حنيف صديقيءَ جون گهر واريون حيدرآباد صدر جي بروهي خاندان مان هيون. ان ليکي ڪجهه مٽي مائٽي به هئي. مٿان اسلم شيخ صاحب به خط لکي موڪليس ته سندس ٻه پسنديده شاگرد جهونا ڳڙهه اچن پيا. رياست جي والي نواب صاحب کان به ديوان وڌيڪ اثر رسوخ وارو ٿئي ٿو. اسين پهتاسين ته اسان جو انتظار پي ٿيو ته ديوان صاحب جا ٻه ڇوڪرا اچن ٿا.
وڃڻ سان هاسٽل ۾ جاءِ ملي ۽ ڪاليج ۾ به داخلا. نه ڪاليج جي في، نه هاسٽل جي في جو رياست ۾ تعليم مفت هئي. سستائي اهڙي جو مانيءَ جو ماهيانو خرچ ايندو هو پنج روپيا يا اڃا به گهٽ. هاسٽل سڄي سنڌي شاگردن سان ڀري پئي هئي. ملڪ اهڙو سهڻو جو ڇا ڳالهه ڪجي! سال ۾ سراسري برسات پوندي هئي چاليهه انچ سو سڄو ملڪ چهچ سائو هو. ڪدو ۽ سيتاڦل ته مفت پٽي اچي ڍير ڪبا هئا. ڪدوءَ کي چوندا هئا، دودي . دوديءَ جو حلوو به مشهور هئو، سٺو ٺاهيندا هئا. ڀر ۾ گرنار ۽ ڏاتار جبل، جن ۾ گهاٽا ٻيلا جن کي ’گِر‘ ٻيلو چوندا هئا. اتي ببر شينهن به هوندا هئا. جن جي ڌاڙ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. گرنار تي چڙهڻ لاءِ ٽيٽيهه هزار ڏاڪا هئا. هڪ ڏينهن خلاصو پڪنڪ ڪري گرنار جي چوٽ تي وياسون، اتي هندن جا ڏاڍا سهڻا مندر آهن. اسان به هندو بڻجي وياسون. غارن ۽ غفائن ۾ هندو سنياسي رهيل هئا. انهن سان به ڪچهري ٿي، ويدانتي فلسفي جا تمام چڱا ڄاڻو هئا.
غلام النبي سومرو هليو ته سهي پر هڪ هفتي ۾ ڀڄي موٽي ويو. ٿيو ڇا جو اسان جي پهچڻ سان هڪ ڪاليجي سومرو ڇوڪرو اسپتال ۾ گذاري ويو. مائٽن کي تار ڪئي وئي پر هو ڪو نه پهتا، لاش ڇوڪرا کڻائي آيا ۽ دفنائي ڇڏيائون. غلام النبيءَ تي ان واقعي وڏو اثر ڪيو ۽ ڀڄي ويو. مان ۽ عبدالوهاب شيخ هڪ ئي ڪمري ۾ سمندر خان پٺاڻ، قادر بخش لاڙڪ، ۽ حسين علي ارباب سان گڏ رهندا هئاسين. منهنجي ساڻن سٺي دوستي رهي. ٽيئي ويچارا گذاري ويا آهن. باقي عبدالوهاب شيخ گورنر جو ائڊوائيزر آهي.

2

جهونا ڳڙهه هاسٽل ۾ خاڪساري تحريڪ جو ڪافي زور هئو. گهڻو ڪري سڀ خاڪسار هئا. سواءِ محمد عرس ٻرڙي، محمد الياس ابڙي ۽ ڪجهه ٻين جي. محترم حفيظ قريشي خاڪسارن جو سربراهه هئو. جهونا ڳڙهه ۾ اسان جي حياتي ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو احسان ٿيو سو هئو خاڪسار تحريڪ جو اثر. سادگي، عمل صالح، خدمت خلق ۽ علم جي پالوٽ پئي ٿي.
جهونا ڳڙهه مان موٽي ڪراچيءَ ۾ انٽر سائنس جو امتحان ڏنو سون. مان فيل ٿي پيس. پڙهبو ڪجهه به نه، ته فيل نه ٿبو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ننهن کان چوٽيءَ تائين خاڪساري سوار هئي. سال 44-1943ع سڄو خاڪساريءَ کي وقف ٿي ويو. امتحان جي ڏينهن ۾ پڙهائي ڇڏي بنگال جي ڏڪر دوران خاڪسارن سان گڏجي بنگال هليو ويس ۽ اتي ڪئمپ جي زندگي گذاريسون. 1944ع جو انٽر سائنس جو امتحان ڏنم ته ان ۾ به فيل ٿي پيس. مون جهڙو هوشيار شاگرد ائين ٻه دفعا فيل ٿئي ته ڪنهن کي اعتبار ئي نه اچي. سائين چيلارام کيمچند آڏواڻي ته اصل اعتبار نه ڪري، چي ”مذاق ٿو ڪرين باقي ائين ٿي نٿو سگهي!“ ٿيندو ڇو ڪين؟ ماڻهو پڙهندو ڪو نه ۽ رڳو ڪندو سياست ۽ سماجي ڪم ته پاس ڪيئن ٿيندو؟ جي ڇوڪرا سياست ٿا ڪن تن کي سمجهي ڇڏڻ کپي ته سندن علمي ڪئريئر تباهه ٿي ويندو. جناح صاحب به صاف چوندو هو ته عملي سياست کان پاسو ڪيو. سياست ۾ چاهه وٺڻ ۽ سياسي گُر سمجهڻ ٻي ڳالهه آهي. عملي ڪارڪن ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي. جناح صاحب ته شاگردن کي صاف صاف چيو ته do not double in politics يعني سياست ۾ وچڙي نه پئو. ناپاس ٿيڻ وڏي خواري آهي. غلطيءَ جو احساس ڪري غلطي مڃجي ۽ غلطي دهرائجي نه.
1945ع ۾ ڇا ڪيم جو ڪراچي ڇڏي ميرپورخاص بابا وٽ اچي رهيس، جو رٽائر ٿيڻ کان پوءِ غريب آباد ۾ مسواڙي جاءِ ۾ اڪيلو رهندو هو. مير تاج محمد خان ٽالپر جو اتاليق هئو ۽ سرڪاري طرح ان جي تعليم ۽ تربيت جو خيال ڪندو هو. ان لاءِ کيس سرڪاري خرچ پنج سؤ رپيا ماهوار پگهار ملندي هئي. انهيءَ ماحول جي اڪيلائي ۽ مان پنهنجي سر بنا استاد جي ڪتابن کي وچڙي ويس. بمبئي يونيورسٽي جو سائنس جو امتحان هو ڪو چرچو ڪونه هو. 28 سيڪڙو شاگرد پاس ٿيندا هئا. نه ليڪچر، نه استاد نه ليبارٽري، نه پرئڪٽيڪل. سالڊ جاميٽري، الجبرا، ٽرگناميٽري، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي ۽ انگلش ڪمپلسري. پنهنجي سر سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو آيو. ڏکيا ڏکيا پرابلم بنا استاد جي حل ڪري وڃڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئم. اهڙو احساس ٿيندو هو جهڙوڪر تير ماريم. امتحان ۾ مهينو ٻه هيو ته ڪراچي اچي روپ ولاس هاسٽل ۾ رهيس، اتي خوشي اها مليم ته ريگيولر شاگرد جڏهن ڪو پرابلم نه سمجهندا هئا ته مون کان اچي پڇندا هئا ۽ مان آساني سان کين سمجهائي مسئلو حل ڪري ڏيندو هئس.
پنهنجو ذهن استعمال ڪرڻ ۾ اجهو اهو فائدو آهي. امتحان جو نتيجو نڪتو ته هائر سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ٿيس. اين.اي.ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا به مليم ۽ اسڪالرشپ به .سياسي جيوڙو ته هئم سو جڏهن آزاديءَ جي هلچل ۾ نيوي (بحريه) جا فساد ٿيا ۽ ڪراچي مٿان بم گولا ڪريا ته فيصلو ڪري ورتم ته مان انگريز سرڪار جي نوڪري ڪونه ڪندس. انجنيئري ڪاليج ڇڏي شهاڻي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتم. ائين ڄاڻي واڻي ٻن معاملن کان جند ڇڏايم. هڪ نوڪري ٻيو رشوت! الله ٿو بچائي ۽ اسباب پيدا ڪري. انهيءَ ۾ منهنجي ٻڏڻ پائي ڪانهي. نڪي اخلاقي جرئت. بس امر ربي هئو، ٿي ويو، ’لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙيءَ نه وهي‘، شڪر الحمد الله.
1945ع ۾ لڙائي ختم ٿي ۽ انگريز توڙي آمريڪي فوجين ايل ڊبليو هاسٽل، جا پوءِ جناح ڪورٽس سڏجڻ ۾ آئي، خالي ڪئي. شاگردن کي هاسٽل واپس ملي. مونکي سيڪنڊ فلور تي روم نمبر ـ1 ملي ۽ مون سان گڏ ڪمري ۾ مولا بخش سانگي هئو. جيڪو شاعر ۽ تمام سٺي سڀاءَ وارو ماڻهو هئو. هوشيار ۽ ايماندار به هو. نيٺ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ۽ ان حساب سان مزاحيه طبيعت وارو هئو. مون وٽ خاڪسارن جي آمد جهجهي هئي پر ڪڏهن ڪؤڙو نه ٿيو، نڪي اعتراض ڪيائين، البت منهنجي خاڪساري ۽ نمازن تي مزاحيه ٽوڪ ڪندو هو. اهڙي تنقيد به ضروري آهي جا ماڻهوءَ کي حدن اندر رکي ٿي ۽ حدون ٽپڻ (extremist) ٿيڻ کان بچائي ٿي. ائين آرام سان 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان فرسٽ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيم، لا ڪاليج ۾ مان ننڍي ۾ ننڍو شاگرد هئس جو داخلا وقت عمر هئم اڻويهه سال.
هڪ سال کانپوءِ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو. ڏاڍيون هيٺاهيون مٿاهيون آيون. لڏپلاڻ، افراتفري، مهاجرن جي ڀرمار، اسين خاڪسار وري خدمت خلق ۾ لڳي وياسون. لڏڻ وارن هندن جي مدد الڳ ته ايندڙ پناهگيرن کي اسٽيشن تان وٺي اچڻ، گهر هٿ ڪري ڏيڻ ۽ ماني ٽڪيءَ جو بلو ڪرڻ، ڪراچي ۾ فساد، وڏي ڳالهه ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي مهم تمام زور پڪڙي وئي. سنڌي شاگرد روڊن رستن تي نڪري پيا. پاڪستان ۾ عوام طرفان هيءَ پهرين عوامي تحريڪ هئي. شاگردن جناح صاحب جا فوٽا گڏ ڪري ڍير ٺاهي باهه ڏئي ساڙيا. هر هڪ سنڌي وزير ۽ گورنر سر غلام حسين هدايت الله وٽ به ويا ۽ ساڻن تکو مٺو ڳالهايائون.
هڪ خانبهادر کهڙي کان سواءِ ٻئي ڪنهن اسان جي همت افزائي نه ڪئي. هڪ ڏينهن ٽولو ٺاهي، گورنر جنرل هائوس، جتي جناح صاحب رهندو هو؛ ڏانهن وياسون پئي ته هڪ ڪار اچي اسان وٽ بيٺي. هڪ وزير صاحب لٿو ۽ چيائين ته توهان کي جناح صاحب ملاقات لاءِ گهرايو آهي. ائين اسانجو جوش گهٽ ٿيو ۽ خاموشيءَ سان جناح هائوس وياسون. جتي اسان جو استقبال آغا هلالي ڪيو جو گورنر جنرل جو سيڪريٽري هو. هلالي صاحب بدن جو ڀريل، قد پورو پنو، فل سوٽ پاتل ۽ مٿي تي ڪراڪولي پاتل، اسان کي وٺي وڃي استقباليه روم ۾ ويهاريائين. اسان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيائين ته جناح صاحب توهانجو ليڊر آهي، گورنر جنرل آهي، ساڻس ادب سان ملجو، ادب سان پيش اچجو ۽ ادب سان ڳالهائجو، رڳو پنج ڄڻا هلن. انهن ۾ مون کي به شامل ڪيائون. مون کي ڪوٽ پاتل ڪو نه هو سو اعتراض ڪيائين ته بنا ڪوٽ جي هلڻ مناسب ناهي. هڪ شاگرد محمد صديق ميمڻ، هالن واري پنهنجو ڪوٽ لاهي مونکي ڏنو. شابس هجيس، ائين پنهنجي چانس وڃائي مونکي چانس ڏنائين.
شفيع انصاري جو شاگرد ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري هو تنهن جو به خيال هو ته مان ضرور هلان. جيتوڻيڪ مان خاڪسار ۽ هو سڀ مسلم ليگي هئا پر منهنجو هلڻ ضروري سمجهيائون. ڇاڪاڻ ته مان بيباڪ ۽ ڳالهائڻ جو، چالاڪ نه ته چئجي، هوشيار هئس. آغا هلالي نڪري ويو ۽ چيائين ته قائداعظم توهان سان هتي ئي ملندو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻاهران ڪنهنجي پيرن هلڻ جو آواز آيو. سڀ خاموش! صفا چپ ته ائين ڪندي آغا هلالي آيو. اسين سڀ با ادب اُٿي بيٺاسين، ڏٺوسين ته آغا هلالي خوش ٿيو. شايد اسان جي آداب جو امتحان ورتائين، پوءِ چيائين ”هلو مٿي، قائداعظم توهان سان درٻار هال ۾ ملندو!“ قطار ڪري مٿي وياسون ته جناح صاحب اڳواٽ ئي اٿيو بيٺو هو. سنهڙو، ڊگهو قدآور، فل سوٽ پاتل. هڪ هڪ سان هٿ ملايائين پوءِ ويهڻ لاءِ چيائين. سندس ڀر واري صوفا تي مان ويٺس جو شفيع انصاري ڳالهائڻ لاءِ مون کي اڳيان ڪيو هو. مان، شفيع انصاري، ڪرنل بچل سومرو، سليم خواجو ۽ پنجون نالو دل تي نٿو چڙهيم.
شاگرد جناح صاحب سان روبرو ملڻ ۽ گڏ ويهڻ تي ڪافي جذباتي (excited) ٿي ڏٺا. مون تي اهڙو ڪو اثر ڪو نه هئو. جو مان اڳ ۾ جناح صاحب سان ٻه دفعا ملي چڪو هئس. ان ڏينهن جناح صاحب اسان سان لاڳيتو ڏيڍ ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون. ٻئي ڏينهن ”ڊان“ اخبار جي پهرئين صفحي تي ليڊ اسٽوري هئي ته، ”قائداعظم جون سنڌي شاگردن سان نوي 90 منٽ ڳالهيون.“ اها وڏي ڳالهه هئي جو مسٽر جناح، وزيرن کي به مشڪل سان ڏهه پندرهن منٽ ڏيندو هو.
جناح صاحب گفتگو جو نهايت چالاڪ ۽ هوشيار هئو. اٿندي ئي اسان کي ڏوهي ٺهرائي چيائين ته ”ڪلاس روم ۾ ويٺي ڪنهن توهان جي دماغ ۾ وڌو ته ڪراچي توهان کان کسي پئي وڃي؟“ ائين چئي ڏسڻي آڱر پنهنجي لوندڙيءَ تي رکي ڦيرائڻ لڳو. مطلب هئس ته اسين ڪنهنجي چرچ تي خواهه مخواهه گمراه ٿيا هئاسون؟ ڪير ڪو نه ڪڇيو، مون چيو ته ”قائداعظم اها اسان جي ايمانداري ۽ تاريخي سوچ سان مخول آهي. ڳُوڙها وزندار مسئلا آهن ۽ اسان عقل جا انڌا نه آهيون!“ اهڙو کرو جواب ٻڌي ان ڳالهه تان هٿ ئي کڻي ويو. هڪدم ٻيو موضوع ڇيڙيائين. مون ڏٺو سندس طريقو ئي اهو هو ته جا ڪمزور ڳالهه (point) هجي تنهن کي ماڳهين ڇڏي ڏجي.
پوءِ اسان جي جذبات سان کيڏيو ته گورنر جنرل هائوس ۾ پولو گرائونڊ کان هڪڙو ماڻهو اندر ٽپي کيس قتل ڪرڻ آيو، پر پڪڙجي پيو. اسان رڳو ”اوهه!“ چئي وڌيڪ ردعمل ظاهر نه ڪيو. وري ٻي ڳالهه کنيائين ته سندس ملبار هائوس بمبئي وارو هن گهر کان گهڻو سٺو هو. وري معمولي پراڻي فرنيچر ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”توهان پنهنجي قائد کي ڇا ڏنو آهي؟“ مون چيو ”اهي ڪي ايڏا وڏا مسئلا ته نه آهن“ اهو ٻڌي وري ڳالهه ڦيرائي ويو ته ”پاڪستان وٽ پئسو اصل ڪونه آهي. هڪ مرحلي تي ماڻهن کي پگهارون ڏيڻ جيترا پئسا به ڪو نه هئا، پر صرف هڪ ماڻهو ايڏي مدد ڪئي جو مسئلو دٻجي حل ٿي ويو.“ مون چيو ”اسين به اهڙو اهم مسئلو کڻي آيا آهيون!“ پنهنجا وار خالي ويندو ڏسي ڪجهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيائين ”توهان جي پنهنجي ليڊرن کهڙو ۽ ٻين اسان کي دعوت ڏئي آندو ۽ ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ ڪري اسان کي ڏنائون!“ ڳالهه ڏکي هئي، پر مون کي به جواب سُجهي آيو، چيم ته، ”ڪير ٿيندو آهي کهڙو يا ٻيو ڪو جو ڪراچيءَ متعلق سوديبازي ڪندا وتن، نه انهن ان مسئلي تي ووٽ ورتو هو ته کيس اهڙو حق راءِ (mandate) هئو.“ جناح صاحب قانوني ۽ آئيني ماهر ۽ جمهوري ماڻهو به سو صفا ماٺ ٿي ويو. يعني لاجواب ٿي ويو. ۽ تمام وڏو قابل ۽ تجربيڪار سياستدان سو ڳالهه کي ڦيرائي روزمره جي انتظامي مسئلن ۽ ٻين حڪومتي ادارن جي تضاد ۽ اٽڪاءُ تي ڪافي دليلن سان جواب ڏنائين. هاڻي وري اسان کي لاجواب ڪري ڇڏيائين، پر اسين به ڊسڙ ۾ پير هڻي ”نه! نه!“ ڪرڻ لڳاسين، پوءِ وري پاڪستان جي مفاد جي ڳالهه ڪيائين ۽ نيٺ پاڻ به چيائين ته، ”کهڙو يا ٻيا دعوت ڏين ها يا نه، ته به پاڪستان جي مفاد ۾ اسين پاڻمرادو به ڪراچي اچون ها!“
پوءِ ڳالهين جو رخ موجوده حالات ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي مسئلن طرف ڪيائين، اتي مون چيومانس ته ”قائداعظم! هندستان ۾ جو مسلمانن جو قتل عام پيو ٿئي ۽ ويل وهائيا پيا وڃن ان لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن زوردار آواز ۽ زوردار نموني سان چيائين: “Forget them!” يعني هندستاني مسلمانن کي وساري ڇڏيو، هو هندستاني آهن ۽ اهو هندستان جو مسئلو آهي. هي تمام وڏي ڳالهه ڪيائين ۽ ظاهر آهي ته جيڪڏهن جناح صاحب ڪجهه وقت وڌيڪ جيئرو رهي ها ته پاڪستان جي تاريخ ئي مختلف هجي ها! نه هجن ها مهاجر، نه مهاجرن جو مسئلو، ائين ته لياقت علي خان به نهروءَ سان لکت ۾ ٺاهه ڪري آيو هو ته هندوستاني مسلمان هندستاني رهندا ۽ پاڪستاني هندو پاڪستاني، کين قوميت مٽائڻ جو حق نه هوندو، پر لياقت علي خان جي دوغلي پاليسي هئي ۽ هو اندران ئي اندران ٻٽي پاليسي تي هليو.
جناح صاحب جي چوڌاري ڪتاب رکيا هئا. صوفا تي ڪتاب، ٽپائي تي ڪتاب، پٽ تي ڪتاب. مون به پڇي ورتومانس ته، ”قائداعظم پاڪستان جو آئين ڪهڙو ٿيندو؟“ ڪتابن ڏي اشارو ڪري چيائين ته، ”ڏينهن رات ان ڪم ۾ لڳو پيو آهيان. سڄي دنيا جا آئين ويٺو ٿو پڙهان، پر اهو ڪونه ٻڌائيندس ته پاڪستان جو آئين ڪهڙو هوندو!“ مان به ماٺ ڪري شڪست کائڻ وارو ڪو نه هئس، پڇيم:
سوال: Will it be federal?
جواب ۾ ٻئي ٻانهون ڊگهيون ڪري هٿ کولي چيائين:
What else can it be?
جواب ملي ويو ۽ اسان کيس ٿئنڪ يو (مهرباني) چيو. چيائين بس هاڻي معاملو ختم. شفيع انصاري اٿڻ جي موڊ ۾ هو ۽ مون کي خاموش رهڻ جو اشارو به ڪيائين، پر مون جناح صاحب کي چيو ته، ”قائداعظم اڃا ڪراچي جو پينڊورا باڪس ته کليو ئي ڪونهي!“ ته هڪدم چيائين ته ”فڪر نه ڪيو، ڪراچيءَ کي سنڌ جي نظامِ حڪومت تي نمائندگي ڏينداسون!“
مون چيو ”هي ته الٽي ڳالهه ٿي، الٽو ڪراچي نظامت تي سنڌ کي نمائندگي ڏني وڃي!“ مون کي چتائي ڏٺائين ۽ چيائين:
My dear boy, you are very clear let it be so, finished?
مون چيو: ”نو سر. ڪراچي ۾ هزارين مسئلا اٿندا.“ چيائين ”ڪهڙا؟“ مون چيو: ”آدمشماري جو بي حساب وڌڻ“ (explosion) ، روڊ رستا، پاڻيءَ جي کوٽ، اليڪٽرڪ جي کوٽ، گهرن جي کوٽ، اسپتالن جي کوٽ، اسڪولن ڪاليجن جي کوٽ، روزگار جي کوٽ وغيره.)
تريءَ هڪ هنيائين، چي ”هي specialisation جو دؤر آهي. هر قسم جا ماهر ملندا ۽ اهو ماهرن جو ڪم آهي ته مسئلا نبيريندا وڃن. توهان ٻارن کي ڳڻتي ڪرڻ جو ضرور ناهي.“ مون چيو ته، ”سائين ماهرن کي ڇڏيو، مسئلو ئي اسان ٻارن جو آهي!“ نه سمجهندي پڇيائين: What now? مون چيو ”اسان سڀ ڪجهه ڪراچيءَ ۾ خرچ ڪيو آهي. انجنيئري ڪاليج هتي، ڊاڪٽري ڪاليج هتي، سائنس ڪاليج هتي، جناح ڪورٽس، ميٺارام هاسٽل، شيوا ڪنج ۽ ٻيا ڪيئي ادارا نج اسانجا آهن ۽ اسان جو مٿن بهتر حق آهي“. جناح صاحب چيو:
”آءِ گارنٽي يوئر پروفيشنل رائيٽس آن ديم!“
اٿي موڪلائي جڏهن نڪتاسون تڏهن به مون مڙي جناح صاحب کي چيو ته ”پوءِ به اسين مطمئن نه آهيون!“ شفيع انصاريءَ منهنجي هٿ کي زور ڏئي مون کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان منع ڪئي. اڄ ڏسون ٿا ته ڪاڏي ويا حق ڪاڏي وئي گارنٽي، بهرحال ٻئي ڏينهن ”ڊان“ اخبار پهرئين صفحي تي اها مکيه خبر ڪري ڇاپي ته:
”قائداعظم جون سنڌي شاگردن سان 90 منٽ ڳالهيون.“
شاگرد ايتري ۾ خوش.
اهو شايد فيبروري جو مهينو هئو، جلسا جلوس پوءِ به جاري رهيا . مٿان اچي مارچ پيو. امتحان اچي ويا. منهنجيون اکيون به خراب ٿي پيون. امتحان ۾ شايد ويٺس ئي ڪونه. هڪ ٻيو ڌڪ کاڌم. ڏاڍو پاڻ کي ڦٽ لعنت ڪيم. اها منهنجي عادت يا طبيعت هوندي هئي ته ڏوهه هميشھ پنهنجو سمجهندو هئس. پاڻ کي پاڻ چماٽون هڻندو هئس ۽ چوندو هئس ته ”سُڌري وڃ!“ هونئن ته بلڪل سُڌريل هئس. ڪو ڦڏ يا ڏنگ طبيعت ۾ ڪو نه هئم، پر هئس سچو ڪارڪن سو هر ڪم ۾ جنبي ويندو هئس. مٿان خاڪساري به. تاج صحرائي به شايد هليو ويو. سو هڪ وقت اهڙو آيو جو ’سالار شهر ڪراچي‘ به منهنجي سر تي پيئي. خاڪسار غريب ڪلاس جا مزدور ماڻهو انهن جا مسئلا ۽ سندن سڄو ڏينهن آمد وري شام جا اجلاس سو کٿو نٿي پڳس. نيٺ بان ڪري، ڪتاب ۽ ٽپڙ ويڙهي اچي ڳوٺ لاڙڪاڻي نڪتس. ادا شمس جي وڪالت واري آفيس سڄو ڏينهن خالي پئي هوندي هئي. ان جي مٿئين طبقي ۾ هڪ ڪمرو هوندو هو. جتي کٽ ٽپائي ۽ ڪرسي پيل هيون. ان کي مسڪن بڻايم ۽ پڙهڻ کي لڳي ويس. صبح جو سويل ناشتو ڪري آفيس ۾ اچي ويندو هئس.
هڪ ڦوهه جواني ايڪيهه ـ ٻاويهه سال عمر، ٻيو اڪيلائي، سو خيال يڪجاءِ بيهن ئي نه! پر حسينه عالم جي تصور ۾ ته رڳي هئي عزت ۽ عبادت سو راهه تان ٿڙڪڻ ٿيو ئي ڪو نه! ڪو برو خيال اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو، پر جسماني تقاضا ته وس ۾ ڪانه هئي. هڪ ڏينهن آفيس جي پٺئين گهٽيءَ ۾ بيٺو هئس ته هڪ نو ورني ڇوڪري عمر پندرهن ـ سورهن سال اچي لنگهي، ڏاڍي سهڻي هئي. پاڙي واري هندواڻي عورت سان ڳالهايائين ۽ اڳتي هلي وئي. ٻئي ڏينهن مان زور ڪري ساڳئي وقت پٺئين در وٽ بيٺس ۽ هوءَ لنگهي ويئي. اها حرڪت چار پنج ڏينهن مون ڪئي پوءِ پاڻ کي ڦٽ لعنت ڪري اها ئي لُچائي ڇڏيم، ۽ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ قابو ٿي ويس. هفتو کن ائين ٻاڙائي ۾ گذريو ته هڪ ڏينهن اوچتو ڏهين. ٻارهين بجي ڇوڪري مٿي چڙهي آئي ۽ کٽ تي اَهلي پئي. مان صفا ستو جتو سو وائڙو ٿي کانئس پڇيم ته، خير ته آهي؟ جواب ڪو نه ڏنائين. سندس مٿن کان بيهي سندس پيشانيءَ تي هٿ رکي پڇيم ته، بخار آهي ڇا؟ سندس منهن ٽامڻي هڻي ويو. ڪاوڙ مان اُٿي چمپل پائي واپس ڏاڪڻ مان لٿي، ۽ چوندي وئي، ”هل ڙي! تون وري مان کي ڇا ڪندين؟“
سندس انهن لفظن تي مون کي هوش آيو ته هوءَ ڪهڙي نيت يا اُميد آسري تي آئي هئي. سندس نالو شانتا هو يا شانتي. مون شڪر ڪيو ته مان بچي ويس. انهن ۾ منهنجي ڪا پارسائي يا سورهيائي ڪانه هئي، پر الله ٿو بچائي. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي. محمد عيسيٰ نظاماڻي، ريڊيو پاڪستان وارو ته گاريون ڏيندم ته ڀاڙيو پهرئين نمبر جو، ڳالهائي ٿو پارسائي ۽ سورهيائي جو! پر مان ته چوان ٿو ته الله ٿو بچائي. مون کي ڦڪائي ته ڏاڍي ٿي، پر الله جو شڪر مڃيم.
اهڙا ڪيئي واقعا منهنجي زندگيءَ ۾ آيا جي هينئر لکندو ويندس. مرزا قليچ بيگ سان هڪڙو اهڙو واقعو پيش آيو ته پاڻ به لکيائين ۽ لک شاباسون هجنس. وڏي ڳالهه آهي، کيس به الله بچايو. ائين به چئي سگهجي ٿو ته سندس جنم ۾ گناهه ڪرڻ جو تصور ئي ڪونه هئو. تڏهن پاڻ بچائي ويو. مون پنهنجي پهرئين ڪتابن ۾ لکيو آهي ته ”بابا چوندو هو ته، دعا گهرو ته يا الله! نيڪ خيال ڏي، نيڪ ارادا ڏي، نيڪ عمل ڏي!“
خيال ۽ اِرادا نيڪ هوندا ته بڇڙائي ڪٿان ايندي؟
ٻه ٻيا به اهڙا واقعا ڦوهه جواني ۾ ٿيا، پر پاڻ بچائي ويس. لکڻ مناسب نٿو سمجهان. هڪ دفعو ته مرحوم سڪندر علي خان ڀٽي جي بنگلي تي ٿيو. مان، شمس ۽ سڪندر علي خان ڀٽو مرحوم هئاسين. وهسڪيءَ جو دور هليو، هڪڙي ڇوڪري گهرايائون. منهنجي حوالي ڪري پاڻ اُٿي ويا ٻئي ڪمري ۾. مان به ڇوڪري ڇڏي سندن ڪمري ۾ اچي ويٺس. سندن زور ڀرڻ باوجود انڪار ڪيم.
منهنجي شادي ستاويهه سالن جي عمر ۾ ٿي. شاديءَ کان ٽي ڏينهن اڳ شمس، ڪٽپر ۽ منهنجي ڀيڻيوئي عبدالحق سٽل ٺاهيو ته ڄٽ کي ته خبر ئي ناهي ته شادي ڇا ٿيندي آهي؟ سو اڄ سکي وٺي. ڪٽپر جي اوطاق تي مون کي هڪ ڪمري ۾ ويهاري هڪڙي ڇوڪري موڪلي ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيائون. ڇوڪري به اچڻ سان رئو لاهي پري ڦٽو ڪيو ۽ مون سان گڏ اچي صوفا تي ويٺي.مان سري وڃي ڪنڊ ۾ ويٺس. هوءَ سري مون سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي ويٺي. مان اُٿي وڃي سندس رئو کنيو ۽ کيس اوڍايم ته وٺي رڙيون ڪيائين ته ”هي ته مون کي پوتي پارائي ويو.“ اٿي زور سان دروازو کڙڪايائين. کيس دروازو کولي احوال پڇيائون ته چيائين”توبهه هن ته مون کي پوتي پارائي ڇڏي!“ هتي به الله بچايو.
شاديءَ رات نڪاح جي پرواني سان هٿياربند ٿي مون اهو ڪجهه ڪيو جنهن کي بلڪل صاف زوري زنا چئجي ته صحيح ٿيندو. ائين مان ستو جتو پنهنجي نڪاح ٻڌي ءَ جي حوالي ٿيس. اڄ تائين ٻئي ڪنهن جي اوگهڙ ڪانه ڏٺي اٿم.
شاديءَ کان اڳ ته چئجي ته ڄٽ اڻڄاڻ هئس. پر پوءِ ته راهه رستي جو واقف ٿي ويس ته به بار بار الله بچايم. هڪ هنڌ جج ٿي ويس. ٻه ڀينر مون تي مهربان ٿي پيون. نالا ڪو نه لکندس وٽن سؤ ايڪڙ زمين ۽ لک روپيا روڪ به بئنڪ ۾ هئا. اڪيلو رهندو هئس. وجهه وٺي سج لٿي کان پوءِ مون وٽ آيون. مون ريهي ريبي کين واپس ڪري ڇڏيو. ٻئي سهڻيون ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ ويهن سالن کان گهٽ عمر جون هيون. بعد ۾ مون کي خط ۽ نياپا موڪلڻ شروع ڪيائون. مان اچي منجهانئن ڦاٿس ۽ پريشان ٿيس، ڳالهه پٽيوالن تائين پهچي وئي. ٻيهر به آيون پر مون کين انڪار ڪيو. امان اچي نڪتي انهيءَ کي جو انهي ماجرا جي خبر پئي سو ڇوڪرين کي گهرائي ڏٺائين. کيس وڻيون، سو مون کي سڏائي چيائين ته، ”سهڻيون آهن، ملڪيت واريون آهن. ڇاهيس، ٻه شاديون نه ڪبيون آهن ڇا؟“ مون هٿ ٻڌي معافي ورتي. انهن جي پوءِ چڱن گهرن ۾ شادي ٿي وئي.
هڪ دفعي شيخ عبدالستار وڪيل ميرپور خاص واري چيو ته، وٽس گاڏي آهي ’هل ته ڇنڇر آچر تي حيدرآباد گهمي اچون!‘ مون چيو، ’واهه واهه!‘ ڇنڇر ڏينهن روانا ٿياسين. انهيءَ ڏينهن حيدرآباد پهتاسين. پڪي قلعي پٺيان هڪ هوٽل هوندي هئي ”فردوس هوٽل“ ان جي به پٺيان گهٽيءَ ۾هڪ سيمينٽ جي پڪي جاءِ هئي. ان جو در کڙڪايائين. انهيءَ در مان نه، ٻئي پاسي کان هڪ ماڻهو آيو جو شيخ صاحب کان آڏي پڇا ڪري هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ دروازو کليو ۽ اسان کي اندر سڏيو ويو.
صاف سٺي ٽائيلن واري جڳهه ۽ ٻه ڪمرا الڳ اوطاق نموني هئا. جهٽ ٻه ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون ٽهڪڙا ڏينديون آيون. هڪڙي ته اچڻ سان شيخ صاحب سان ٻکجي وئي ۽ چٽ چم شروع ٿي وئي. مون کي اهڙو ناگوار لڳو جو بئگڙي کڻي اٿي کڙو ٿيس. چيم ته ”شيخ صاحب مان هلانوَ ٿو فردوس هوٽل ۾ تون اٿي اچجانءِ!“ سڀئي وائڙا ٿي ويا. شيخ صاحب ۽ سندس ڇوڪري چيو ته ”هي الڳ ڪمرو توهان جو آهي ۽ هيءَ ڇوڪري به. توهين وڃي آرامي ٿيو!“ مان چپڙي ڪري ٻاهر نڪري فردوس هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ويهي رهيس. سڄو ڏينهن رات ويهي بيزار ٿيس. دل ئي دل ۾شيخ صاحب کي گاريون ڏيندو رهيس. هر ڪنهن جو گهمڻ ۽ مزو ڪرڻ جو معيار الڳ الڳ ٿو ٿئي. اسان جو گهمڻ هوندو هو گدوءَ ۾ ٻيڙيءَ تي چڙهي سير ڪرڻ ۽ ٻيڙيءَ ۾ ئي پلو پچارائڻ يا ڄام شورو المنظر تي وڃڻ. هي واٽ مون لاءِ بلڪل الڳ هئي.
ٻئي ڏينهن صبح سان وڃي شيخ صاحب جو دروازو کڙڪايم ۽ کيس ناراضگيءَ مان گهٽ وڌ چيم ۽ چيومانس ته سيگهه سان هلڻ جي تياري ڪري. ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ آيو ۽ مونکي ميارون ڏنائين. ”مفت جو گُلر ـ مفت جي ماني، رنگين ماحول الڳ، تون ته ڪو صفا ڄٽ آهين. اجايو اسان جو مزو به خراب ڪري ڇڏيئه!“ چي ”چڱائي ويئي، اُلٽو مون تي ٿو ڪاوڙجين!“ هو به سچو. پر مان پنهنجي طبيعت کان مجبور، جيئن ڪا عورت مڙس سان وفادار هجي شايد اهڙو ئي جذبو زال سان وفادار ٿيڻ جو ٿئي ٿو الائي ڇا.
حيدرآباد ۾ جج هئس ته گلاب وڪيل جي جاءِ به اهڙو اڏو هئي. اتان به جان ڇڏايم. گلاب سان هڪ سيدياڻي ڇوڪري زال وانگر رهندي هئي. هڪ ڏينهن مونکي دانهن ڏنائين ته، گلاب کي سمجهاءِ شادي ٿو ڪري، ”ديکو ڀائي اب اسڪي ڪيا ضرورت هي؟“ کيس دلداري ڏنم. حقيقت ۾ باهه ٻاريل ئي منهنجي هئي جو گلاب کي چيو هيم ته ”شادي ڪري شرافت واري زندگي گذار!“، نه ته گلاب جا يار ته اهڙا هئا جو چوندا هئا ته ”ميان ريزڪيءَ مان ڪم پيو هلي ته اجايو ڳئون ڇو بيهارجي!“ نيٺ گلاب به ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو، پر پهريائين هن سيدياڻي جي پنهنجي خرچ تي ڪاڄ ڪري شادي ڪرايائين.
وئڪيشن ۾ گلاب سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪراچي گهمڻ آياسين. سڌو آيو جمال الدين جماڻي وٽ جو ڪئنٽ اسٽيشن جي پٺيان هڪ بنگلي ۾ رهندو هو. جماڻي صاحب لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جو ڪلارڪيءَ مان ايس ڊي ايم لاڙڪاڻي ۾، پوءِ ايس ڊي ايم ڪراچي ٿيو. وڏو هلندي پڄندي وارو ۽ يار ويس ماڻهو هئو. ڀٽو صاحب مٿس گهڻو مهربان هئو ۽ هو به ڀٽي صاحب سان ياريءَ جي هام هڻندو هو. آچر جو ڏينهن هئو ۽ جماڻي صاحب به واندو هو. ائين ڪندي آرڊر تي ٽي فيشن ائبل ڇوڪريون اچي پرگهٽ ٿيون. اڃا منجهند به ڪا نه ٿي هئي. هڪ ڇوڪري جماڻي صاحب وٺي ويو هڪڙي گلاب. وڃي ڪمرن ۾ بند ٿيا. ٽين ڇوڪري ويٺي رهي ۽ مان اخبار کڻي پڙهڻ لڳس. هن ڇوڪريءَ کي برو لڳو ۽ چيائين ته ”هم بهي کڙي هين راهون مين!“ مون اخبار رکي ساڻس حالي احوالي ٿيڻ لاءِ ڳالهايو. بيزار ٿيندي مون کي چيائين ته ”ٽي سوراخ آهن، مرضي تنهنجي آهي!“ اتي مون کي ڪجهه ڳالهه مٿي ۾ ويٺي ته مار! هي ته ڪو ٻيو معاملو آهي. مون واقعي ڪجهه حيران ٿيندي کيس چيو ته ٻه سوراخ ته مان سمجهي ٿو سگهان. اهو ٽيون سوراخ ڇا هي؟ ته چپن سان وات جو گولڙو ٺاهي آڱر سان اشارو ڪيائين ته ”هيءُ!“ مون کي اهڙي بڇان آئي جو وڃي گلاب جو دروازو کڙڪايم. هن اندران جواب ڏنو ته، ”جمال صاحب ڪجهه ته مهلت ڏيو آرام سان ويهو!“
وري اچي ڊرائنگ روم ۾ ڇوڪريءَ سان ويٺس ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس. ڇوڪريءَ جو موڊ خراب ٿي ويو. سندس ڏهاڙيءَ جو به سوال هئو. چيائين ته، ”حال نه هجي ته اجايو پرايو وقت ڇو خراب ڪجي!“ مون کي اهو ويڻ خراب ڪونه لڳو. ڊِٺ هڻي چپ ڪري ويهي رهيس، جيسين ٻيا فارغ ٿي نڪتا. جماڻي صاحب کين روانو ڪري (ضرور في ڀري هوندائين) هڪ سٺي هوٽل تان ماني گهرائي جا گڏجي کاڌيسون. گلا ب منهنجو رويو ڏسي هڪ هوٽل تي ڪمرو وٺي رهيو، پر مون کي ڪباب ۾ هڏي سمجهي ساڳئي ڏينهن شام جو موٽي حيدرآباد آياسون.

3

ازانسواءِ پنهنجين اڳين ڪتابن ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڪيئن هڪ نقلي دکني مير جي بنگلي تي ڦاٿو هئس. ٻيو به ڊفينس جي هڪ بنگلي تي مرحوم سينيٽر محسن صديقيءَ جي صحبت ۾ هڪ ڇوڪريءَ مون کي پڪڙي پاڻ مٿان ليٽايو ۽ جڏهن ٽنگون مٿي کنيائين ته شرم کان منهنجون اکيون بند ٿي ويون ۽ کيس ڌڪي پري ڪري اُٿي بيهي رهيس، جنهن تي ان ڇوڪريءَ چيو ته، ”سڄي عمر مردن کي هي ڪم ڪيو اٿئون، اڄ پهريون مرد آهي جنهن مونسان هي ڪم ڪري ڇڏيو!“ پنهنجي ڪاوڙ ۽ ناڪاميءَ جو اظهار ائين ڪيائين.
هي سڀ يا ته حسينه عالم جو جلوو هئو يا الله جي خاص مهرباني جو وچ منجهدار مان ڪڍي آيو. حسينه عالم به الله جو جلوو هو جو سڄي ڄمار جند تي ڇانيو رهيو. هيڏي هوڏي ٿڙڻ ڪو نه ڏنائين .طبيعتون ئي مٽجي ويون. جسم جي ساخت (metabolism) ئي تبديل ٿي ويو.
مون اڃا ايل ايل بي پاس نه ڪئي هئي ته گومگو جي حالت ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو حسينه عالم جي پاڙي ۾ وڃي پهتس. ڪا خبر ڪا نه پئي. ائين هوائون کائي موٽي آيس.
هڪ ڏينهن گهر ۾ چؤٻول ٻڌم ته ادا شمس لاءِ سڱ پيو ڳولهجي. نالو کنيائون حسينه عالم جو ته وڃي ڇوڪري ڏسي اچجي. وري چيائون ته ”جمال ان طرف ويندڙ آهي. ڇوڪري به ڏٺل اٿس! ان کان ٿا پڇون!“ مون کي گهرائي صاف ٻڌايائون. سمجهو ٿا منهنجي ڪهڙي حالت ٿي هوندي. زمين پيرن هيٺان کسڪي وئي. تن ڏينهن ۾ ڇوڪرا به ايترو شرم ڪندا هئا جو سندن شاديءَ جي ڳالهه ڪڍبي هئي ته هو اٿي ويندا هئا. ڇوڪرين کي ته سڻڪ به ڪا نه پوندي هئي. اوچتو ڄاڃي اچي ويندا هئا ۽ ڇوڪري کي پوتي پارائي خرچي ڏيئي ويندا هئا. تڏهن وڃي ڇوڪريءَ کي پتو پوندو هو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو.
مون کان جو حسينه عالم لاءِ پڇيو ويو ته مون کي ته سپ سونگهي ويو ته ساڳي گهر ۾ ڀاڄائي ٿي ڪيئن ايندي؟ سو ٻي ترڪيب سُجهي آيم. منجهس جي گهٽتايون هيون سي وڌائي ٻڌايم، چيم ته ”وات وڏو اٿس. ڏند ڦڏا ڦڏا اٿس، پيشاني وڏي اٿس“ عورت جي وڏي پيشاني کي عيب سمجهيو ويندو هئو، ”منهن ڊگهو لوليرو اٿس“ تن ڏينهن ۾ گول چهرو، چنڊ چهرو چيو ويندو هو ۽ سهڻو سمجهيو ويندو هو. مٿان جو چيم ته ”رنگ ڪجهه سانورو اٿس“ ته اتيئي فيصلو ڏنائون ته ”پوءِ ٺهيو، ڇا ڏسي ڪبو اهڙي ڇوڪريءَ کي؟“ مان دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته منهنجي ترڪيب ڪامياب ٿي. هي مرحلو مون ائين ٽاريو. سندس وڏي ڀاءُ سان دعا سلام قائم رکيم.
هي مرحلو ته ٽريو پر قدرت ڪو وڏو پهاڙ جيڏو مذاق تيار ڪيون ويٺي هئي. قدرت کي اسان جو ملڻ منظور ئي ڪو نه هو. ڳالهائڻ ته اصل نصيب ڪونه ٿيو، پر رڳو ڏسڻ به عمر ڀرڪونه ٿيو. مون کي به ڪاليجي زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ مهينا پئجي ويندا هئا. هڪ دفعي ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي آيس ته ذهن، ٽنگون ۽ پير ازخود سندس پاڙي ڏي وٺي ويا. جهڙو اڃارو ويو هئس، اهڙو اڃارو موٽيس. منهنجو سنگتي جيڪو اتي جو هئو سو به ڪو نه مليو. ٻڌم ته شاهي بزار جي ڪنهن پاسيري گهٽيءَ ۾ دڪان کوليو هئائين. ٿڪو ماندو شاهي بزار جون گهٽيون ڳولهيندو نيٺ وڃي سندس دڪان لڌم. ڏاڍو اُڪير سان مليو. ڊاڙون ڊشون، ٺاشا ماشا هنيائين. سندس گهر جون عورتون حويليءَ ۾ اينديون وينديون هيون. مونجهه ۽ ماٺ ۾ مون کي ڏسي، شرارتي نموني چيائين ”ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي!“ چيومانس ته ”خبر ڪر ته هوءَ ڪهڙن حالن ۾ آهي!“ ٽهڪ ڏئي چيائين، ”پرڻجي به وئي، ٻارن ٻچن جي ماءُ هوندي!“ مون تي جهڙوڪر وِڄ ڪِري، پر تڏهن به دل مان نڪتو. ”شڪر الحمد الله، الله گهر، وَرَ ۽ ٻچن سان خوش رکيس!“ ڀاري دل ڀاري جسم ۽ ڀاري بوجهه سان گهر آيس ۽ اوطاق جي مٿين ڪمري ۾ وڃي آهلي پيس.
ڪلاڪ ٻن کانپوءِ پاڻ کي ڪجهه هلڪو محسوس ڪيم، ڄڻ ته ڪا وڏي ذميواري وڏو بوجهه منهنجي ڪُلهن تان، دل دماغ تان لهي ويو. کيس بار بار دعائون ڏنم. اهو سلسلو سٺ سال گذرڻ کان پوءِ به جاري آهي. دعائن جا ڍير، نماز ۾ خاص ڪري، هر عيد نماز تي کيس ڏيندو آهيان. اڄ تائين.
عجب اٿم ته هي ڪهڙا عاشق آهن جو اهڙي ڳالهه ٻڌي محبوب جي منڍي لاهي ٿا ڇڏين. يا سندس عزيزن تي بندوقون ٿا هلائن. هي پيار ته ڪو نه چئبو! هي ته سڌي سنئين خود مطلبي، خود پسندي ۽ خود غرضي چئبي. هي ته پاڻ سان پيار چئبو. محبوبه سان دشمنو چئبو. هي پيار ئي ڪونهي، نجي آهي حرامڙائي.
هڪ جوابدار، چوڏهن پندرهن سالن جي نياڻيءَ کي قتل ڪيو. مون وٽ قبولداري لاءِ پيش ٿيو. چيائين ته ”آڌيءَ کان پوءِ ڪهاڙي کڻي سندس گهر ۾ گهڙيس، سڀ آڳنڌ ۾ ستا پيا هئا. مون به ڪهاڙيءَ جي هڪ ڌڪ سان ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ڇڏي مانس .. آواز ئي ڪو نه نڪتس، سسي ڪٽجي وڃي پري پيس!“ چيومانس ته ”ڪهڪاءُ ئي ڪونه آيئي؟“ چيائين، ”هنيانءُ ٺري پيم! ڪنهن ٻئي جي ٿئي تنهن کان مون ٻئي جهان ۾ اُماڻي ڇڏيومانس!“ ڇا هي آهي پيار؟ ڇا انهيءَ کي پيار چئي سگهبو؟ پيار ۾ وحشي پڻو ته مري کپي خالص ٿي ويندو آهي. محبوب کي خوش ڏسڻ ۾ خوشي آهي، اطمينان آهي، پيار جي تڪميل آهي، خبر ناهي شاهه لطيف جي سنڌ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ شاهه لطيف جو سڄو ڪلام ۽ وايون محبوب جي سڪ ڳولها ۽ قرباني سان ڀرپور آهن، اسين پاڻ سان ڪوڙا، محبوب سان ڪوڙا، شاهه لطيف سان ڪوڙا آهيون. سسئي ته پاراتي ۾ به دعا ڏني:
پـنـهون پاراتو ڏيانءِ ٻئي هٿ کڻي،
جڙيو رهين جڳ سين، هجئي ساڻ ڌڻي.
محبوب جڙيو رهي، خوش هجي، ان کان وڌيڪ خوشي ٻي ڪهڙي؟ هتي عاشق اهڙا ساماڻا آهن جو منڍي محبوب جي ٿا لاهين، هوڏانهن ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
سِسي نيزي پانڌ ته اڇل ته اڌ ٿئي.
پنهنجي سسي پياري آهي، محبوب جي نه، غارت ٿين اهڙا ڪوڙا عاشق!
مان ته حسينه عالم کي دعائون ڪندو آيس. هر عيد نماز جي دعا ۾ ته ڪڏهن ڪانه وسريم، سٺ سالن جو ٿي ويس. لاڙڪاڻي واري يار سان وري ملاقات ٿي ته حسينه عالم جي مڙس ۽ ٻارن جو پڇيومانس. چيائين ته، ”هوءَ ته سڄي پاڙي لاءِ رحمت آهي. غريب غربا، يتيم ٻار، بيواهه عورتون، بيمار سيمار سڄو ڏينهن پيا وٽس اچن. انهن جو کاڌ خوراڪ، ڪپڙو لٽو، دوائون درمل سڀڪجهه هڙئون ڪري، سڄي حياتي ائين وقف ڪري ڇڏيائين، شادي به ڪانه ڪيائين!“ ور ور ڪري پڇيومانس ته به اهو جواب ڏنائين ته ”شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيائين!“
”اڙي پوءِ تو ڪيئن چيو ته پرڻجي به وئي!“ ٽهڪ ڏئي چيائين ”ائين چيو هئم ڇا؟“ گهروڙي ڀونڊو ڏنومانس ته به ٽهڪ ڏئي کليو. هڪڙا ماڻهو ٿين ئي اهڙا ٿا، ڪڏهن به گنڀيرتا نه ايندن.
پنجهٺ سالن جو هئس ته مون کي ڪراچي فون ڪيائين ته ”هڪدم لاڙڪاڻي پهچ!“ ”اڙي ڇو؟“ چي ”مرضيءَ جو مالڪ آهين. اجايو هٿ هڻندين ۽ مون کي ڀونڊا ڏيندين!“ ٻئي ڏينهن صبح واري جهاز ۾ لاڙڪاڻي پهتس. سڌو هن جي گهرو يس. چيائين ”چڱو جو جنازي تي پهچي وئين نه ته چئين ها ته ڪُلهو به نصيب نه ٿيم!“ تڪڙا تڪڙا تڏي تي وياسون. چيائون ته ”جنازو روانو ٿي ويو!“ جيپ تي سڌو قبرستان وياسون. مون رڳو هڪڙي اچي هڙ قبر ۾ لهندي ڏٺي. ائين سٺ سالن جو پيار هڙ جي صورت ۾ دفن ٿيندي ڏٺم. پيار ته دفن ڪو نه ٿيو آهي. اڃا ڪر کنيون نشانبر بيٺو آهي. اهو پيار ڪهڙو جيڪو مري وڃي. پيار ۾ مرڻ جيئڻ آهي ئي ڪو نه، پر مان فيل ويس. هوءَ ٽڪي چاڙهي وئي!
اڳ لکي آهيان ته مون ڪوڙ ڪڏهن ڪو نه ڳالهايو آهي. قبرستان واري واقعي ۾ ٿورڙي هٿڙي هڻي ويو آهيان. هن پاڻ چيو هو ته ”اطلاع ڪيوس!“ سندس آخري خواهش به پوري ڪا نه ٿي جو منهنجو ڪلهو نصيب نه ٿيس.
نصيب به عجيب ڳالهه آهي. بلڪه ڳُجهه آهي. لِکيو لکيل آهي. ٿئي ائين ئي ٿو جيئن ٿئي پيو. اهو قلم اڳ ۾ ئي وهي چڪو هو ته جمال کي جمال ابڙو بنائڻو آهي ۽ هن کي سوشل ورڪر. ائين ئي ٿيو جيئن ٿيڻو هو. ۽ ٻه دليون ٽٽيون تنهن سان قدرت جو ڇا؟ سڄي عمر لوڙڻ لکيل هئو.
حضرت غوث الاعظم (پيران پير) فرمايو آهي ته:
”جا چيز تنهنجي مقدر ۾ هوندي اها توکي ضرور ملندي، توکي سوال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ضروري هي آهي ته تون پنهنجي حالت تي خوش ۽ باادب رهه!“
فقيرن جا ته اجهو اهي ڏس آهن. انهيءَ نسخي تي مان ڪاربند آهيان. خوش به آهيان، باادب به آهيان.
مونکان ور ور ڪري پڇندا آهن ته، ”عورت متعلق تنهنجا اهڙا احساسات ڇو ۽ ڇالاءِ آهن؟“ منهنجو جواب آهي ته ”مون عورت ۾ الله ڏٺو آهي!“
حسينه عالم جو ذڪر ختم ٿيو. ختم وري ڪيئن ٿيو اڃا ڪر کنيون بيٺو آهي. حياتيءَ جي هر عمل تي ڇانيون رهيو. مان ستر ورهين کان چڙهي ويو آهيان. هوءَ پنجهٺ سالن ۾ دنيا ڇڏي وئي. سڄي عمر ڪايا تي سندس ڇايا رهي. سندس به اهو ئي حال هئو. ائين ڇو آهي؟ اهو ڇا آهي؟ ڪهڙو اسرار آهي؟ ڏيندو ڪو ئي دانشور جواب.
قبر لَٽڻ کان اڳ هڪ ريشمي ڪپڙي ٽڪر قبر ۾ وڌائون. چيائون ته ”چيو هئائين ته ائين ڪجو!“ سڄي عمر اهو ڪپڙي ٽڪر ساڻ رکيو هئائين. سڄا سارا پنجاهه سال. مون سڃاتو ته اهو ريشمي رومال هئو جو ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ تحفي طور مون کيس موڪليو هو. هاڻي ٻڌايو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڪهڙو اسرار آهي. پيار جو مينهن ڦڙو ايڏو زوردار ۽ اثرائتو ٿو ٿئي. عجب آهي. پيار ايڏو ته وسيع آهي جو سڄي دنيا ان ۾ سمائجي وڃي ٿي. اهو پيار اڻ ميو ۽ اڻ کُٽو سڄي وجود ۽ آسپاس تي ڇائنجي وڃي ٿو. جنهن ۾ سڀ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. سڀني جا ڏک ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. عجب ڪثرت ۾ وحدت جو عملي منظر نظر اچي ٿو. مون پنهنجي پهرئين ڪتاب جو انتساب (ارپنا) سندس نالي ڪئي. اهو انتساب پڙهڻ وٽان آهي. ان ڪري اهو وري هيٺ ورجايان ٿو:
انتساب
تنهنجي نالي، جنهن جي خبر صرف توکي آهي، منهنجي دل جي ننڍڙي ۽ ڪچڙي ’رباب‘ کي تو پنهنجي آڱرين جي ’الف‘ سان ڇيڙي ڇڏيو. نئون ننڍڙو رباب، اڃا ٻي ڪا تان سکيو ئي ڪو نه هئو، بس تنهنجي نالي جا نغما آلاپيندو رهيو. دل جي ڌڪ ڌڪ، نبض جي هلچل، ساهه جي اچ وڃ مان تنهنجي نالي جو هلڪو هلڪو ساز وڄڻ لڳو. منهنجو سڄو بدن تنهنجي نالي جي تان سان ترڻ لڳو. منهنجي دل ۽ ساهه جي ڦڙڪڻ، سڄي فضا ۾ تنهنجي نالي جو نغمو ڦهلائي ڇڏيو. منهنجي جسم جي ذري ذري مان، تنهنجو نالو ڦٽي ڦٽي ٻاهر نڪرندو رهيو. تنهنجي نالي جا ننڍڙا رابيل منهنجي چوڌاري هوا ۾ اڏامندا رهيا. مان سڄي سڌ ٻڌ وڃائي، تنهنجي نالي جي رابيلن جي سونهن ۽ سُڳنڌ ۾ گم ٿي ويس.
اها ابدي سونهن ۽ سڳنڌ ڀلا ڪيڏانهن ويندا؟ اهو دل جو رباب ڪيئن بند ٿيندو! قيامت تائين وڄندو رهندو. پوءِ به وڄندو رهندو. ستل ديوتائن کي اٿاريندو رهندو. ٿڌي ۽ ڪومل گونج سان جاڳائيندو رهندو. ٽٽل ربابن کي ڇيڙيندو رهندو. ڪائنات جي خلاون ۾ زمان ۽ مڪان جي بندشن کان بي نياز، اها ابدي گونج پيدا ڪندو، جو هر ڄر ۽ ڄيري اجهامي سيتل ٿي ويندي. پوءِ ڪنهن جو ساز نه ٽٽندو ڪنهن جو ’رباب‘ نه ڀڄندو.
ڏس ته سهي! تنهنجي نالي ڇا ته ڪري ڇڏيو، منهنجي جذبات جي نفيس تارن کي ڇيڙيو. منهنجي دل جي گهراين ۾ ترنم پيدا ڪيو. منهنجي دماغ ۽ تنتن ۾ طلاطم وڌو، ڇوليون ۽ لهرون اٿيون، اٿل ۽ ٻوڏ ٿي، ڇا ڇا نه ٿيو.
تنهنجا لک ٿورا. تو منهنجي جسم کي جلائي، پچائي، هڙٻاٽيون ڪري ڇڏيو، ان مان چڻنگون نڪتيون. هاڻي سڄو تن تنبورو آهي.
مان ته نه اديب هئس نه خان، پر تنهنجي نالي سان ’هم‘ آهنگ ٿي ڇا نه ٿي پيس، اعتبار نٿو اچيئي! ڏس نه، مان پاڻ تنهنجو هڪ شاهڪار افسانو بڻيو وتان. هي جگر پارا ته ان جي آڱرين مان نڪتل ڪي چند چڻنگون آهن. ان جي جسم مان مسلسل شعلا ۽ جوالا ڦاٽي فضائن ۾ جذب ٿي ويا. تن جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي.
توکي هي چيٿڙا وڻن نه وڻن، پر آهن ته تنهنجا. لکڻ مهل ائين پيو ڏسان ته تون مٿان آهينم. پوءِ ته اکيون ۽ ڳل گرم ٿيو وڃنم. جگر جا ٽڪرا، دل جي اونهائين مان ڪڍندو، هڪ هڪ ڪندو، توکي ڏيکاريندو وڃان، اڳيان رکندو وڃان، ڪيڏي نه چاهنا اٿم، ته تون انهن کي پنهنجو ڪرين، تنهنجا ئي ته آهن!
هنن ۾ ڪا ڇوٽي موٽي عشق جي ڳالهه ڏٺئه؟ ڀلا منهنجو پيار ڪو پنيءَ ٻوڙ، گوڏي ٻوڙ ته ڪونه هو. تارئون تار هو، اُٿاهه سمنڊ هو، بس پيار ئي پيار هو. اتي مون ڪروڙين دليون لڙهنديون ڏٺيون، ڦٽيل ۽ ڦٿڪندڙ. انهن سان پيار ۽ توسان پيار ۾ ڪو فرق؟ پيار پيار سان مليو. روئي روئي مليو. هنجون هاري مليو. جوش ۾ آيو، اُڀاميو، لهرون آيون، ڇوليون آيون. وير چڙهي، اڳتي وڌي ڪاهي آئي، وڌندي رهي. ٻه چار ڦڙا کڻي، مان توڏي ڀڳس. ڪروڙين دلين جو نچوڙ، توکي ڏيکاريم، توکي ٻڌايم. پيار جو سمنڊ ڪاهيندو اچي، ڪوڙ ۽ ڪلفت کي ٻوڙيندو اچي. پيار وارا مرڪڻ لڳا، اٿي آڌرڀاءُ ڪرڻ لڳا. تون سندس آجيان نه ڪندينءَ؟“
آءُ، تنهنجي قربت ۾ هي رباب وڄندو رهي، سونهن ۽ سڳنڌ کي پکيِڙيندو رهي. ٽٽل تارن کي جوڙيندو رهي. نغمن کي ڳائيندو رهي. تنهنجي نالي ... تنهنجي نالي ... تنهنجي نالي.
تنهنجو جمال

انتساب يا ارپنا پڙهي توهان کي پيار جي گهرائيءَ جو اندازو ٿيو هوندو. مون پنهنجو سڀ ڪجهه، وجود سميت وڃائي ڇڏيو. خاموشي ماٺ ۽ ماٺار وٺي ويم. مون خودڪشي ڪانه ڪئي، نه ان جو سوچيو. حياتيءَ جو هڪ اصول ٺاهي ورتم ته جيئن ٿئي پيو، ٿيڻ ڏينس. حياتي ته اکٽ آهي. حياتيءَ کي ليڪ ڪا نه ڏبي. حياتيءَ کي هلڻ ڏبو. سڌو دڳ، ’واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.‘
وڪالت پاس ڪري، ادا شمس جي آفيس ۾ ساڻس گڏ وڪالت شروع ڪيم. اصيل، وڪيل، جج ، ماجسٽريٽ، شاهد گواهه، پوليس وغيره سان ائين واسطو پيو ڄڻ مٽيءَ ۾ مانڌاڻي، حياتيءَ جي وچ واچوڙي ۾ پئبو ته ائين ٿيندو. پنهنجا ڏک ۽ پراوا ڏک ساڻ کڻي هلڻو پوندو ۽ جيئڻو پوندو. ٻاهر نڪرڻ جي وٿي ڪانه ملندي. باقي جيڪي رڳو پاڻ سان پيار ڪندا، ۽ محدود دائري ۾ دريون بند ڪري ويهي رهندا، پراوا ڏک ڏسندا ئي ڪو نه، اُهي انت خودڪشي ڪندا. اهي پنهنجي جند ۽ پنهنجي ڪٽنب جي چڪر ۾ اهڙو اٽڪي پوندا جو خودڪشي ڪري، ٻين کي سهسائڻ جو مزو وٺندا. پيار آهي ’پاڻ وسارڻ‘، سڀ سان ملي هڪ ٿي وڃڻ. گندا گدلا به پياو ڻندا. انهن ۾ به ڳولهبو ته انسانيت جي ڪا لِڇ لوُهه پيئي جهلڪا ڏيندي. مشهور خوني ڏوهاري ۽ مشهور ڌاڙيل به ڏس ته معصوم انسان ۽ معاشري جا ستايل.
ميرپور بٺوري ۾ هڪ هوندو هو پوليس صوبيدار، ڏاڍو رشوتي ۽ ظالم! رسول بخش پليجو جو ان ضلعي جو آهي تنهن پاڻ مون سان شڪايت ڪئي، جڏهن مان اتي جج هئس، ته ”هي صوبيدار وڏو خلق آزار ماڻهو آهي!“ ڪجهه مهينن کان پوءِ جڏهن ان سان ويجهڙائيءَ جو موقعو مليس ته چيائين ته ”هو يچارو ڏاڍو معصوم ۽ مظلوم آهي!“ حقيقت ۾ جڏهن سارو معاشرو ئي ظالم ۽ رشوت خور هجي ته هڪ ويچاري معمولي صوبيدار جي ڇا مجال جو ان جو شڪار نه ٿئي! هو خودڪشي ڪرڻ بجاءِ پاڻ ظالم ۽ رشوت خور ٿيو وڃي. خودڪشي ڪرڻ وارا به لٺ کڻي ميدان ۾ منهن ڏين ته اهو ڀلو، باقي پاڻ مارڻ ته ڪا سورهيائي ناهي، ڀاڙيائي آهي.
وڪالت ۾ اڃا بلڪل نئون هئس ته مون کي پوليس پراسيڪيوٽر ڪري چونڊيو ويو. ٽي سؤ روپيا پگهار، پنجاهه سٺ روپيا ڀاڙو ڀتو، ڪل ساڍا ٽي سؤ رپيا مليا ٿي، مٿان ٻه اردلي به حاضريءَ ۾، مزو ٿي ويو! سرڪاري خرچ تي وڪالت سکڻ جو موقعو مليو، پر ڊيوٽي سخت هئي. شهدادڪوٽ، ميرو خان ۽ رتوديرو جي ڪورٽن ۾ حاضر رهڻو ٿي پيو. بس جو سفر هئو. هڪ گرمي تمام گهڻي ٻيو لاريون پراڻا ڇڪڙا، ٽيون رستا ڪچا ۽ خراب، رهڻ ٽڪڻ جي جاءِ به ڪانه. شهدادڪوٽ ۾ هفتي ۾ ٽي چار ڏينهن رهڻو ٿي پيو. وائڙو هئس ته ڪيڏانهن ويندس!
ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو هئو. مئجسٽريٽ هڪ هندو، رُڄ چڱو مڙس شايد ڪندن داس نالو هئس. ان کي ته ڪجهه چئي نه سگهيس، سندس ڪلارڪ هئو مسٽر غلام محمد ڀٽو بنگل ديري وارو، ان کي چيم. ان وڏي دل سان چيو ته کيس جدا مسواڙي جاءِ آهي ۽ مان ساڻس گڏجي رهان. کيس هڪ بورچي وڏن شهپرن وارو به هئو. چڱو موچارو انتطام ٿي ويو. اتي شهدادڪوٽ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪراٽ محمد علي جوهر سيڙجي اچي مليو. هو مولانا غلام صديق واري مدرسي ۾ پڙهندو هو يا پڙهائي پوري ڪئي هئائين. مون کي هڪ ڏينهن چانهه جي دعوت ڏئي وٺي ويو هو ۽ هڪ گڏجاڻي به ڪيائين. مون کي هو ذهين لڳو. دل ۾ چيم ته هي ماڻهو ضرور ترقي ڪندو. ٿيو به ائين ٻن ٽن سالن کانپوءِ لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ پنهنجي دوست علي حيدر منگيءَ جي پرنٽنگ پريس پنهنجي ڪيائين. پوءِ ٺيڪا وغيره کنيائين ۽ خانبهادر کهڙي تائين رسائي ڪري ويو. چڱو سکيو ستابو ٿي ويو. علي حيدر منگي گهاٽو دوست هئو، تاج محمد ابڙي جو. هو ٻئي صاحب کانئس ناراض رهيا. سندس فرزند ڪليم الله لاشاري سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري وڏو آفيسر ٿي ويو. ان کان پوءِ لڏي پلاڻي ڪراچي اچي ويو. دل جو دورو پيس ۽ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس تدفين ’گِذري قبرستان‘ ۾ ٿي. سٺو شاعر هئو ۽ ڪراچي جي ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو هو.
غلام محمد ڀُٽي جي هڪ ڪمري واري جاءِ هئي، جنهن ۾ ٻيئي رهندا هئاسون. گهر ۾ ڪاڪوس ڪو نه هئو. ڇت ڪاڪوس طور استعمال ٿيندي هئي. ائين ٽي ڏينهن شهدادڪوٽ ۾ گذاري بس جي وسيلي لاڙڪاڻي پهچبو هو. هفتي جا باقي ٽي ڏينهن ميرو خان ۽ رتيديري جي ڪورٽن ۾ ڪيس هلائبا هئا. بس ۾ صبوح جو سويل وڃبو ۽ شام جو موٽبو هو. منجهند جي ماني نصيب ڪانه ٿيندي هئي. ڏسجي ته نوڪري ڏکي هئي پر جي ڪم سان لنؤ لڳائجي ۽ ايمانداري سان محنت ڪجي ته وقت ڪٽجي وڃي ٿو ۽ مزو به اچي ٿو. نوڪريءَ جون اهي ٻه اهم تقاضائون آهن. هڪ ته ڪم سان دل لڳائجي ۽ ٻيو ايمانداري سان هلجي ۽ محنت ڪجي، ايمانداري ۽ محنت ٻئي ضروري آهن؛ ڪهڙي به نوڪري لاءِ يا پورهئي لاءِ.
ٻه سال نوڪري ڪيم ۽ قاعدو قانون به سکيس ته 25 مئي 1950ع ۾ مون کي وڪالت جي سَنَدَ ملي. انهيءَ حساب سان مان اڄ هاءِ ڪورٽ جو تمام سينئر وڪيل آهيان. پگهار سڄي ادا وڏي کي ڏيندو هئس ۽ اهو وري موٽائي ڏيندو هو جا گڏيل گهر جي خرچ ۾ ايندي هئي. پگهار جي پئسن مان ئي ڪراچي ويس ۽ هڪ هزار في ڀري سَنَدَ ورتم .1950ع جا هزار روپيه تمام وڏي رقم هئي.
سَنَدَ ملڻ کان پوءِ ادا شمس سان گڏ سندس آفيس ۾ وڪالت ڪيم. گڏيل گهر هئو ۽ گڏيل بورچيخانو هو. اهو سلسلو ٻارهن مهينا کن هليو ته ادا شمس کي چيم ته ”مان جدا وڪالت ڪندس!“ وائڙو ٿي ويو ۽ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آيس. سبب پڇيائين. چيم ته ”توهان سان گڏ رهي سڄي عمر ننڍو وڪيل ٿي رهڻ مون کي قبول ناهي!“ کلي ويٺو. جدا آفيس جي جاءِ به پاڻ وٺرائي ڏنائين ته فرنيچر به پاڻ ڏنائين. وڏي ڳالهه ته سندس پنهنجي ڦرڻي گهرڻي ڪرسي به مون کي ڏنائين، جا تمام سٺي هئي. ڪٽپر (عبدالوحيد ڪٽپر) جون به ان ڪرسيءَ ۾ اکيون هيون پر جنهنجي نصيب ۾ هئي، ان کي ملي.
ڪٽپر پاڻ مون کي چيو ته سندسن نيت هئي ته اها ڪرسي شمس کان گهري وٺي. مون اتر ڪونه ڏنومانس ته متان مون کان گهري وٺي. ڪٽپر پنهنجي آفيس تمام سهڻي نموني سينگاري هئي. قالين، پڙدا ۽ سٺو فرنيچر وڌو هئائين ۽ سندس آفيس جون شامون ڏاڍيون رنگين هيون. شادي ڪرڻ جو ارادو ڪونه هئس. سندس والد صاحب مون کي چيو ته ”زال ذات کان سواءِ گهر ڪهڙو؟ تنهنجو دوست آهي چئينس ته شادي ڪري.“ مون اٽلو کيس چيو ته ”چاچا تون شادي ڪر!“ هو ڪو اهڙي آڇ لاءِ سيڙيو ويٺو هئو. هڪدم چيائين ”ته پوءِ چئه نه پنهنجي دوست کي ته منهنجي شادي ڪرائي!“ ڪٽپر کي چيم. هن کي به رونشو لڳو. سو ان مهل ئي پيءُ کي چيائين ته، ”ابا شادي ڪر، سڱ ڳولهيون ٿا!“ پوڙهي چيو ته ”ڳولهڻ جي ضرورت ڪانهي، ڳوٺ ۾ فلاڻي مائي ڦلاتڻ ويٺي آهي ۽ راضي آهي!“ ڪٽپر چيو، ”مار! ابو ته اڳ ۾ ئي ڪم پختو ڪيون ويٺو آهي“، ائين پوڙهي جي لئه ٿي وئي ۽ شادي ڪري آيو. پٽ به ڄائس، ڪٽپر پيءَ جي ويڳي ماءُ جو ۽ ويڳي ڀاءُ جو تمام گهڻو خيال رکيو.

4

مون کي آفيس ملي مدرسي روڊ تي جتي اڄڪلهه سوڀي گيانچنداڻي جو گهر آهي. ان کان ٿورو اوريان، ڀر ۾ گهر هئو هڪ پوڙهي نقوي سيد جو، جنهن جون نوجوان ڌيئر در جي چپري کڻي ايندڙ ويندڙ کي ڏسنديون هيون. سيد صاحب ٻه ڪلاڪ مون وٽ ويهي رهاڻيون ڪندو، پنهنجي غربت جو اظهار عجب نموني سان ڪري ويندو هو. پوني جو مهاجر هئو، سو زبان جو صاحب هئو. منهنجي آفيس هيٺ مٿي هئي. مٿي به هڪ ڪمرو ٺهيل هو جنهن ۾ کٽ پيل هئي. منهنجو ڪوٺو ۽ نقوي صاحب جو ڪوٺو مليل هئا. ڪڏهن مٿي چڙهندو هئس ته سندس ڌيءُ نظر اچي ويندي هئي ۽ مان تڪڙو لهي ويندو هئس.
بعد ۾ مونسان وڪالت ۾ سنتو درياڻي، هري دلگير جو ڀاءُ، گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن ڪو هو مٿي ويو ۽ ڇوڪريءَ کي ڏسي، هٿ ڏئي وٺي ڪمري ۾ آيو، ۽ سندس ڪم لاهي ڇڏيائين. ان ڏينهن نقوي صاحب مون وٽ آيو ته اُٿڻ جي ئي نه ڪري. نيٺ مان اٿيس ته مون کي چيائين ته ”اڄ مونکي پندرهن روپيا ڏي!“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته مونسان ايڏي حجت ڇو ٿو ڪري؟ تن ڏينهن ۾ هڪ رپيو به وڏي ڳالهه هئي، پر مون سيد سڳوري جي غربت جو خيال ڪري وضعداري ۾ پندرهن روپيه ڪڍي ڏنامانس.
رات جو ڪچهريءَ ۾ سنتو سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي تڏهن وڃي ڳالهه مٿي ۾ ويٺم. هڪ سيد نياڻي جي خيال ۾ ته سنتو ئي شايد جمال الدين ابڙو آهي، هڪ هندوءَ هٿان پنهنجي آبرو لٽائي ويٺي. مون سنتو کي هيٺ ڦيٺ ڪئي ۽ دڙڪو ڏنو ته جيڪڏهن هن وري اهڙو ڪم ڪيو ته مان نقوي صاحب آڏو ظاهر ڪندس ته تون سيد آهين ۽ هي هندو! سنتو ڊڄي ويو ۽ مون کي هٿ ٻڌائين ۽ وعدو ڪيائين ته هو وري اهڙو ڪم نه ڪندو. نقوي صاحب ان غلط فهمي ۾ رهيو ته مان سندس نياڻيءَ سان شادي ڪندس. ڏسو! مائٽن جي ٿوري ڇوٽ ڏيڻ سان ڪهڙا حادثا ٿيو وڃن. هيڏا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾. ڳالهه ظاهر ڪرڻ جهڙي نه هئي پر ڪري ويٺس. پنجاهه سال ماٺ ڪيم. ڪنهن سان نه سليم، سليان ها ته ٿئي ڇا ها؟ سنتو قتل ٿي وڃي ها ۽ لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد ڇڙي پون ها. هڪ سيد ٻيو مهاجر، ڪيڏو نه ٻائيتال مچي ها. سنتو ۽ سندس گهر وارا هري دلگير سميت، گهڻو پوءِ انڊيا هليا ويا. ڀاڙئي هڪڙو به خط نه لکيو آهي! هري دلگير جو خط آيم پر سنتو جو نه، جيڪو سنتو هو ۽ مون سان وڪالت ۾ پارٽنر هو. جونيئر مان نه چوندس، مان وري ڪهڙو سينئر هئس! سال ٻه مس ٿيا هئا، وڪالت ۾.
اتفاق سان هڪ ڪيس مليم، چڪلي جي رهواسين جو. هڪ هندو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هئو، ان وٽ پاڙي ۾ ئي رهندو هو. عيدگاهه جامع مسجد وٽ، پنهنجون جايون جڳهيون هئس. پاڻ به لاڙڪاڻي جو رهواسي هئو، نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن ڪو مان حاضريءَ تي نه ويس. پڇا ڪيائين ته ”وڪيل ڪهڙو آهي!“ ٻڌايائونس ته ”شمس ابڙي جو ننڍو ڀاءُ“ ته رمارڪ ڏنائين ته ”ها اهو چڪلي جو وڪيل!“. سڀني وڪيلن کي برو لڳو. شام جو مونسان ڳالهه ڪيائون. مون کي به باهه وٺي وئي. شام جو سندس گهر ويس ۽ ساڻس تيز ڳالهايم. چيومانس ته ”جي مان چڪلي جو وڪيل ته تون چڪلي جو ماجسٽريٽ!“ ايترو چئي ٿڌو ٿي پنهنجي آفيس ۾ اچي ويس. ٻئي ڏينهن هو پاڻ منهنجي آفيس۾ پير ڀري آيو ۽ معذرت ڪيائين. مون به کيس مانُ ڏنو. اها به سندس چڱ مڙسي نه ته مان کيس ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ بس عزت نفس جي ڳالهه هئي.
عزت نفس جي ڳالهه تي حيدرآباد جو واقعو ياد ٿو اچيم. گلاب رنگ سينئر وڪيل هئو. ڀري ڪورٽ ۾ ان وقت جي سيشن جج غلام رسول شيخ کيس ڪيس جا ڪاغذ اڇلائي منهن ۾ هنيا. وڪيل برادري (بار) ۾ چؤٻول هليو. گلاب پاڻ مون سان اها ڳالهه ڪئي. ٻئي ڏينهن گلاب کلندو مون وٽ چئمبر ۾ آيو. چيائين ته ”شيخ صاحب کيس سڏائي معذرت ڪئي ته هو بلڊ پريشر جو مريض آهي سو هو ان ڪري آپي کان نڪري ويو.“ ۽ مون گلاب کي چيو ته ”يار بلڊ پريشر به ڏاڍو ڪو سياڻو اٿس، جو وڪيل سامهون اُڀامي ٿو پوي. باقي هاءِ ڪورٽ جي جج يا ڪمشنر ڪليڪٽر سامهون ته پڇ پيو لٽڪائي! گلاب ٿورو ڦڪو ٿيو پر چيائين ته ”سائين، اسان جو روز جو واسطو آهي، جج صاحبن سان سو اهو به گنج ٿيو جو پاڻمرادو ايترو چيائين، اسان جي (عزت) رهجي آئي!“
آنندرام وڪيل هوندو هو لاڙڪاڻي ۾، ڪي ايل شهاڻي جو پيءُ. هڪ ڏينهن سيشن جج آڏو پنهنجا دليل پي پيش ڪيائين ته جج صاحب چيس ته ”سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون چوين ڇا پيو؟“ آنندرام ڏاڍو ڌيرج سان جواب ڏنس ته ”ڏاڍي ڪوشش پيو ڪيان توکي سمجهائڻ جي!“ معنيٰ ته توکي سمجهه نه آهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ائين چئي ويهي رهيو. جج صاحب چيس ته ”دليل جاري رک!“ ته چيائين ”ڪنهن کي سمجهه ئي ناهي ته پوءِ وقت وڃائڻ فضول آهي!“
ڊنگو مل ڪراچيءَ جو مشهور وڪيل هوندو هو. هاءِ ڪورٽ ۾ بحث ڪري رهيو هو ته جسٽس ڊيوس، جو يهودي هئو، کانئس پڇيو ته هو ڪنهن جي حق ۾ دليل پيو ڏئي؟ ڊنگو مل جواب ڏنس ته ”فلاڻو مهتا!“ جسٽس ڊيوس چيو، ”اوهه واڻيو؟“ ڊنگو مل به ٺهه پهه جواب ڏنس ته ”هائو! يهوديءَ کان بهتر.“ (better than a Jew) اهڙا کڙپيل وڪيل به پيا آهن. عزت نفس وارا.
وڪالت جو دؤر ڏاڍو خوشگوار گذريو. هڪ جواني ٻيو دوستي ڪٽپر، تاج محمد ۽ دوست محمد ابڙي سان. جوانيءَ ۾ کل جون به ڪي ڀريون ٿيون ٿين. کلي کلي کيرا ٿيندا هئاسون. شام جي محفل ٿيندي هئي, ڪٽپر وٽ يا ادا شمس وٽ. ڪڏهن ڪڏهن تاج محمد ابڙي وٽ. سڄي دنيا جي خاص ڪري لاڙڪاڻي جي سياست بحث هيٺ ايندي هئي. ڀلا خانبهادر کهڙو به اتي، قاضي فضل الله به اتي ته سر شاهنواز ڀٽو ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو به اتي. ننڍا ننڍا ليڊر ڪارڪن ۽ ورڪر ته ولرن ۾ هئا. تاج محمد ابڙي جي اثر هيٺ مان کاٻي ڌر جي سياست ۾ اچي ويس. سنڌي ادبي سنگت جو پايو وڌوسون،, ۽ هفتيوار محفلون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. واري واري سان ڪڏهن ڪنهن جي وٽ ته ڪڏهن ڪنهن جي گهر.
مهاجر شاعر ۽ ليکڪ پاڻ سان ملاياسون. هر هفتي مشاعرو ٿيندو هو اردو ۽ سنڌيءَ ۾ گڏيل. لاڙڪاڻي ۾ هئو اوطاقي ڪلچر. هر ڪنهن جي اوطاق گهڻو ڪري گهر کان الڳ هوندي هئي. وڪيلن جي آفيس به ڪنهن دڪان ۾ ڪانه هوندي هئي. پر جدا هڪ خلاصي گهر ۾ جا آئي وئي جي ڪم ايندي هئي. مهمان به اچي ٽڪندا هئا ته وڏيرا به اتي اچي ڪچهري قائم ڪندا هئا. ادبي گڏجاڻين ۾ پراڻا بزم مشاعره جا شاعر به سڏائيندا هئاسين. نواز علي ’نياز‘ جهڙا ڪهنه مشق ۽ پخته شاعر به ايندا هئا ۽ شعر ٻڌائيندا هئا. هري دلگير ته هر ميٽنگ ۾ ضرور ايندو هو. ٻيا هندو اديب لڏي ويا هئا. مون پنهنجيون ڪهاڻيون به انهن ميٽنگن ۾ پڙهيون، اياز قادري به ضرور ايندو هو . چڱو ادبي چهچٽو مچايون ويٺا هئاسون.
سياست ڪئي سون هارين ۽ پورهيتن جي. تحريڪ هاري حقدار جا ڄڻ ته اهم رڪن بڻجي وياسون. ڪامريڊ عبدالقادر هئو ئي لاڙڪاڻي جو. حيدر بخش جتوئي به لاڙڪاڻي جو ته مولوي نذير حسين به لاڙڪاڻي جو. ننڍا ننڍا ليڊر ته انيڪ هئا. قمبر جو نبي بخش تنيو، وارهه جو اعتبار علي ۽ رتوديرو جو عبدالواحد سومرو ۽ ٻيا ڪيترا ايندا ويندا هئا. هاري تحريڪ جو اوج هئو. وري مٿان آيون، اليڪشنون پوءِ ته خوب جلسا جلوس ٿيندا هئا. مون کان به تقريرون ڪرايون وينديون هيون. پر مان تقريرجو جڏو هئس. تاج محمد ابڙو تمام سٺي تقرير ڪري ويندو هو. جوشيلو به هئو ته ڄاڻ به هئس.
مون پنهنجي آفيس ۾ ’پاڪ ـ سوويت دوستي‘ جو بنياد رکيو. ڪافي پڙهيل لکيل ماڻهو گڏ ٿيا. مهاجرن به سٺو ساٿ ڏنو. خاص ڪري صمد رضوي ائڊووڪيٽ گهڻي پٺڀرائي ڪئي. مون اتي ئي پنهنجي آفيس ۾ ’پاڪ سوويت لئبريري‘ قائم ڪئي. ان لاءِ صمد رضوي صاحب پنهنجي ذاتي لئبريري مان ڪجهه ناياب ڪتاب ڏنا. چڱي لئبريري ۽ چڱي اچ وڃ ٿي وئي.
تاج محمد جي صلاح سان ٽريڊ يونين تحريڪ به شروع ڪئي سون. فروٽ منڊيءَ ۾ فروٽ ۽ ڀاڄي وارن جي، حجامن جي به ٽريڊ يونين ٺاهيسون، جنهن ۾ گدا علي حجام اڳيان اڳيان هئو. ان جو دڪان سُڪي تلاءَ جي ڪپ تي سيئو بزار ۾ هئو. هاڻي آهي الائي نه! جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو آهيان ته سڪ ڪري سندس دڪان تلاش ڪندو آهيان. خبر ناهي جيئرو به آهي الائي نه.
حاجي محمد پيرزادو جو هونئن ته مسلم ليگ جو صدر هئو پر هئو سؤ سيڪڙو ڪامريڊ ۽ اسان سان شامل. سندس درزڪو دڪان لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. سڀ سياستدان، وزير، ميمبر، هاري ليڊر، ورڪر سندس دڪان تي ايندا هئا ۽ ڪچهريون لڳيون پيون هونديون هيون. خانبهادر کهڙو ۽ قاضي فضل الله، پير الاهي بخش، پير علي ڏنو شاهه راشدي ۽ ٻيا سڀ مشهور ماڻهو سندس دڪان تي ڪرسيون والاريون ويٺا هوندا هئا. حاجي محمد پيرزادو خوبين جي کاڻ هئو. ڏاڍو يار ويس ۽ خوش مزاج ماڻهو هئو. ليڊرن سان ”پيارا ڀائرو!“ ڪري کيڪار ڪندو هئو. ڀلا ليڊرن جو به تڪيه ڪلام هوندو هو ”پيارا ڀائرو!“ سو هو به کلي اوراڻو ڏيندا هئا ته ”پيارا ڀائرو خوش آهيو. خير عافيت، سڀ خير!“ حاجي محمد پيرزادي جون تاج محمد ابڙي سان ٻٽيهه دليون هونديون هيون ۽ گهڻو ڪري روزانو شام جو سندس اوطاق تي ويندو هو. مونسان به گهڻي چس هوندي هئس. جڏهن مان خيرپور ميرس ۾ جج هئس ته خاص مون وٽ اچي مهمان ٿيو.
منهنجي، سياسي ميدان ۾ شروعات، اهڙي نموني ڏاڍي چڱي ٿي. پر اوچتو الائي ڪيئن مونکي سب جج جي نوڪري لاءِ انٽرويو جو ليٽر اچي پهتو. مون درخواست ئي ڪا نه ڏني هئي ته انٽرويو جو ليٽر ڪيئن آيو؟ منهنجي نيت ئي نوڪري ڪرڻ جي ڪانه هئي، سو بي اونو ۽ بي پرواهه ٿي ويهي رهيس. ادا شمس سياڻو ماڻهو، تنهن چيم ته ”ادا ڀلي نوڪري نه ڪجانءِ پر انٽرويو ڏيڻ ۾ ڇاهي، تجربو به ٿي ويندو ۽ ڪراچي به گهمي ايندين!“ اها صلاح وٺي ڪراچي هليو آيس. ڪميشن جا ميمبر هئا آغا عبدالنبي، ڊاڪٽر علامه دائودپوٽو، هڪ هندو ڪامورو ۽ جسٽس ڪارنيليس. ريل گاڏي ۾ جسٽس علي مدد شاهه مليم جو به انٽرويو لاءِ ويو پئي. ٻئي گڏجي سنڌ زميندار هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهياسون. شام جو مان تيار ٿي ايلفي گهمڻ لاءِ نڪتس ۽ علي مدد شاهه کي به صلاح هنيم پر هو نه هليو، چي ”مان ويهي تياري ڪندس ۽ قاعدا قانون پڙهندس!“ مون مٿس ٽوڪ ڪئي ته چيائين ته ”ادا مان غريب ماڻهو، مون کي ته نوڪري کپي!“ مان اڪيلو ايلفي هليو ويس ۽ رات جو دير سان موٽي سمهي پيس.
صبح جو ٻئي ڄڻا انٽرويو تي وياسون ته به هو ور ور ڪري ڪتابن کي پيو ڏسي. چونڊجي ته مان به ويس، پرهو مون کان هڪ نمبر مٿي آيو. ان هڪ نمبر جي ڪري هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي ويو، رٽائر ڪرڻ کان پوءِ به نوڪريون مليس ۽ انت اهو ته نگران چيف منسٽر به ٿيو. اهو هئو سندس محنت جو ڦل. مون لاءِ ته هڪڙو رونشو هيو. هونئن به زندگيءَ ۾ مون ڪنهن به ڳالهه کي گنڀيرتا سان نه ورتو آهي. نوڪري ملي ته به وڃڻ لاءِ تيار نه هئس. ادا شمس ۽ عبدالحق وقاصي ايس پي زوري مون کي ريل جي گاڏي ۾ ويهاري ميرپور خاص روانو ڪيو. نوڪريءَ کي به ڪڏهن گنڀيرتا سان نه ورتم. هر وقت اهو سوچيندو هئس ته ”استعيفا ڏئي هليوو يندس!“ اهو ئي سبب هئو جو هيڏو ڪامياب آفيسر ٿيس ڇو ته هر ڪنهن سان چڱو هليس ۽ آفيسري جي خُو ڪانه آيم. اٿنديئي جواني ۾ جج ماجسٽريٽ ٿيڻ معمولي ڳالهه ڪانه هئي پر مون لاءِ بلڪل معمولي.
ڪجهه سالن بعد اي ڪي بروهي صاحب جو ليڪچر ٻڌڻ حيدرآباد ويس، حيدرآباد يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾. بروهي صاحب ته علم جو درياهه هو. سندس ليڪچر جو موضوع هو Reluctance to Rule يعني حڪومت نه ڪرڻ جو سڀاءُ. هڪڙو موضوع جي مونسان مطابقت، ٻيو بروهي صاحب جو انداز بيان! مون تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ اهو ڄڻ ته منهنجي زندگيءَ جو مول متو ٿي ويو. ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ٿيندي هئم، ان ڪري حقي ڳالهه تي اڙي ڪري بيهي رهندو هئس. حسين هارون صاحب به منهنجي انهيءَ طبيعت کي برداشت ڪري نه سگهيو. پر هن کي به حيرت لڳي جڏهن مان هيڏي وڏي نوڪريءَ کي لت هڻي، ٽپڙ کڻي گهر هليو آيس. اها ته شابس سائين غوث علي شاهه کي جنهن مون کي چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڪري ڇڏيو. مان ته پنهنجي پر ۾ لاپرواهه، نوڪري ڦٽي ڪري هليو آيس.
رٽائر ڪرڻ کان پوءِ آڇون آيم. دهشتگرد ڪورٽ جو جج ٿيڻ لاءِ پر مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ماڻهو ويچارو ڏاڍو ڪمزور آهي. چاهتن جو غلام آهي. اي ڪي بروهي صاحب جهڙو وڏو عالم ماڻهو جنهن ’حڪومت جي چاهنا نه ڪيو‘ جي موضوع تي ههڙو عاليشان ليڪچر ڏنو سو ته هر ڀيري جڏهن مارشل لا لڳي، ته وڃي فوجي خوشامدڙين ۾ شامل ٿئي. جنرل ايوب جو ساٿ ڏئي سفير وزير ٿيو. وري جنرل ضياء جي هنج ۾ وڃي ويٺو. ان هجريه جو محڪمو ڏنس ته اهو به اکين تي قبول ڪيائين. شريف الدين پيرزادو به ائين، هيڏو وڏو وڪيل. هيڏي وڏي ڪمائي تڏهن به هر سرڪار وٽ وڪامڻ لاءِ تيار. ڀلي ڍيڍ جهڙو ڪم وٺنس! ته به هڪيو حاضر.
بروهي صاحب ته مارشل لا کان اڳ ئي گورنر جنرل غلام محمد جو غلام ٿي خواجه ناظم الدين خلاف سازش ۾ ٻٽ رهيو. 17 اپريل 1953ع تي جمع ڏينهن شام جو 4 وڳي غلام محمد، وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي وزارت کي ڊسمس ڪيو، تنهن وقت جو انچارج ڪئبينيٽ سيڪريٽري قمرالاسلام لکي ٿو ته، ”غلام محمد کيس گهرائي پڇيو ته هو ائين ڪري سگهي ٿو يا نه؟“ کيس ٻڌايو ويو ته ”آزاديءَ ائڪٽ 1947ع ۾ اهو فقرو موجود آهي ته وزير ۽ وزارت گورنر جنرل جي مرضي مطابق رکي يا ڪڍي سگهجن ٿا“ کيس چيو ويو ته اهڙو نوٽيفڪيشن تيار ڪري لکي اچي. وزيراعظم لاءِ ’ڊسمس‘ جو لفظ کيس نه آئڙيو. جڳ هسائي به ٿئي ها، سو هن لفظ ’سبڪدوش‘ استعمال ڪيو. ان وقت هڪڙو شخص وٽس آيو ۽ حڪما حڪمي چيائين ته ”لفظ ’ڊسمس‘ استعمال ڪر!“ کيس ٻڌايو ويو ته 1947ع جي انڊپينڊنٽس ائڪٽ ۾ ڊسمس اکر لکيو ئي نه ويو آهي. جنهن تي ان شخص کيس وڏائي مان چيو ته ”خبر اٿئي ته تون ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين، مان مستقبل جو وزير قانون آهيان.“ اهو هئو اي ڪي بروهي صاحب! قمرالاسلام پوءِ به لفظ ڊسمس نه لکيو ۽ لفظ relieve استعمال ڪيائين. اهو هو بروهي صاحب جو پنهنجو حال جنهن ليڪچر ٿي ڏنو ته حڪمران اهو هجي جنهن کي حڪمراني يا حڪم هلائڻ جي چاهنا نه هجي، الله معاف ڪندو. هيءَ ته گلا ٿي، پر هيءَ تاريخ آهي ۽ تاريخي حقيقتون گلا ناهن ٿينديون. بروهي صاحب کي جنرل ايوب جي ملٽري سيڪريٽري فون ڪئي ته به ڦونڊ ۾ ڀرجي هر ڪنهن کي چوڻ لڳو ته ”مون کي ملڪ جي سربراهه سڏايو آهي“. هيءَ ڳالهه ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن به سينيئر وڪيل کان پڇي پڪ ڪري سگهو ٿا. ظاهري وڏا ماڻهو اصل ۾ ڏاڍا ننڍڙا هوندا آهن.
مان جڏهن اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هئس ۽ پيار علي الانا وزير تعليم هو ته سندس والد محترم جِي الانا مون وٽ آيو ۽ چيائين ته هو سينيٽ جي چونڊ ۾ بيهڻ ٿو چاهي پر کيس يونائيٽيڊ نيشن ۾ گهرايو ويو آهي. سو هو چاهي ٿو ته سينيٽ جو اميدواري فارم کيس اڳواٽ ملي جو هو ڀري صحيح ڪري پيار علي الانا کي ڏئي وڃي. چيائين ته ”منهنجي مدد ڪر!“ مون اليڪشن ڪمشنر سان ڳالهايو. هن چيو ته اڃا فارم ڇپيا ئي ڪونهن ۽ اهو بي قاعدو ٿيندو. تڏهن به منهنجي زور ڀرڻ تي هڪڙي ڇپيل نموني جي ڪاپي specimen طور جا وٽس هئي سا مون کي ڏنائين. وري هڪ درخواست پنهنجي ڌيءَ جي ڏنائين جنهن کي ماستريءَ جي نوڪري کپندي هئي. مون کي ايلاز ڪيائين ته پيار علي کي چئي سندس ڌيءُ کي نوڪري وٺرائي ڏيان!
ٻئي ڏينهن جِي الانا مون وٽ آيو، ته مون ساڻس سارو احوال ڪيو. خوش ٿي فارم ورتائين. مٿان وري ايئن چيائين ته ”اها ماستري واري درخواست به مون کي ڏي ته متان اليڪشن ڪمشنر ڪا خرمستي ڪري ته سندس پُڇ مروڙي سگهجي!“ مان صفا حيران ٿي ويس ته هيڏو سارو احسان ته ڇٽو، مورڳو اليڪشن ڪمشنر کي ڦاسائڻ لاءِ ثابتيءَ طور سندس نياڻي جي درخواست سانڍڻ جو فتنو به سوچيو ويو. توبهه! مون کيس درخواست ڪا نه ڏني. چيم ته اها منهنجي ملڪيت آهي بعد ۾ سائين پناهه علي شاهه تعليم جي سيڪريٽري سان ڳالهه ڪيم. ان کي پنهنجا ڊزن کن تجربا هئا تنهن چيو ته ”ڀائو جمال! هي ظاهري وڏا ماڻهو اصل ۾ ڏاڍا ننڍڙا ڄامڙا آهن. تو واري ڳالهه ته ڪجهه ڪونهي. مون واريون ڳالهيون ٻڌندين ته حيران ٿي ويندين ته ماڻهو ايترو به ڪري سگهن ٿا!“ اهو جي الانا صاحب يونائيٽيڊ نيشن پاران نمائندو مقرر ٿيو ته چليءَ ۾ جيڪي پنوشي راڄ ۾ ظلم ٿيا آهن تن بابت منصف ٿي رپورٽ ڏئي! تفو بر تو اي چرخ گردان تفو. هيءَ گلا ناهي پر ٻڌائجي ٿو ته ظاهري وڏا ماڻهو ڪيڏا نه ڄامڙا ۽ ننڍ گڙدا ٿين ٿا. اصل ۾ سندن خمير ۾ اهو ئي آهي جيڪي هو حقيقت ۾ آهن.
لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جي زندگي ڏاڍي مزي ۽ موج مستيءَ سان پئي گذري. موج مستي آهي، جوانيءَ کي! حقيقت ۾ زندگي آهي ئي جواني ۽ جواني زندگي آهي. مان نوجوان، تاج محمد ابڙو، دوست محمد ابڙو، اياز قادري، ڪٽپر، سنتو درياڻي سڀ نوجوان ۽ اڻ پرڻيل. جان ۾ موج مستي ايڏي جو کلڻ جا ڪُوڪريا هوندا هئا. گهڻو ڪري روزانو سڀ ملندا هئاسون. هر آچر تي منجهند جو ملي ماني گڏ کائيندا هئاسون. چرچا گهٻا پيا هلندا هئا ۽ هڪٻئي تي کلم کلا ٽوڪبازي به ڪندا هئاسون ته ڀلي اڳلي کي پنهنجي ڪمزورين ڪوتاهين جي خبر پوي. ڪٽپر وڪالت ۾ ترقي ڪري خوشحال ٿي ويو هو. باقي ٻين جو حال پورو سارو هو ته به دل جا حاتم طائي هئاسون. ٻار ٻچي گهر ٻار جي ذميواري ته هئي ڪانه. پيٽ پالڻ لاءِ ۽ خرچ پکي لاءِ ٽي چار سؤ روپيا ماهيانو آمدني هئي سو بي پرواهه ٿي پئي گهمياسون.
جلد ئي اياز قادري ۽ تاج محمد شاديون ڪيون، دوست محمد ابڙو ته ننڍي لاڪر پرڻيل هئو. ڪٽپر دير سان شادي ڪئي. باقي رهيس مان سو امان کي به اوچتو اڻتڻ ٿي ته هي ڇويهه سالن جو ٿي ويو آهي، متان راهه تان نه ٿڙڪي سو سڱ ڳولهڻ لڳي وئي. سنگت ته کوڙ پر جتي مائٽن کي مناسبت نظر اچي. اڳي ڇوڪرا به شاديءَ کان شرمائيندا هئا. منهنجي شاديءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته مان اُٿي ويندو هئس. پوءِ امان ۽ ڀينر اهو ونڌڪو لايو ويٺيون هونديون هيون. البت مون کان پڇنديون هيون ته فلاڻي گهران مائٽي ڪجي ته مان ’هي ڇا؟ هو ڇا؟‘ ڪري انڪاري ٿيندو هئس، البت هڪ ڏينهن ميان شمس الدين قريشي ڪوٽڙي واري جي ڳالهه نڪتي ته مان چپ رهيس. اتي پڪڙجي پيس.
ميان شمس الدين جي ننڍي نياڻي ڇهن ستن اٺن سالن جي پتڪڙي هوندي هئي ته منهنجي ڏٺل هئي. گول سرخ چهرو، گول سڊول ٻانهون. جڏهن مان وٽن مهمان ٿي ويندو هئس ته اول اچي ٽپائي تي پوش وڇائي ويندي هئي ۽ پوءِ پاڻيءَ جو جڳ ۽ گلاس کڻي اچي ٽپائي تي رکندي هئي. جڳ توڙي گلاس تي جهالر وارو ، مڻين سان ڄاري وارو ڍڪ رکيل هوندو هو. بس وري نه ايندي هئي. ٻارڙي هوندي به شرمائيندي هئي. مون کي سندس سليقو ۽ ادا وڻندي هئي. چهرو ته اڳيئي پسند هو. سو منهنجو راضپو ڏسي بابا کي ڪوٽڙي موڪليو ويو. بابا ۽ ميان شمس الدين تعليمي تدريسي شعبي ۾ هڪجهڙائي ڪري هڪٻئي جا دوست هئا. ميان شمس الدين قريشي پنهنجي گهر ۾ ئي نياڻين جو اسڪول هلائيندو هو. تڏهن ڪمائيءَ جو تصور ڪو نه هو. ماڳهين گهاٽي جو سوڌو هو ۽ گهران ۽ وڙان خرچ ڪري اسڪول جي پورت ڪبي هئي.
ميان شمس الدين قريشي تمام جانباز شخص هو. ڪوٽڙي ميونسپالٽيءَ ۾ ٽئڪس انسپيڪٽر ۽ پوءِ چيف آفيسر ٿي رهيو. جيڪي ميسر هئس نياڻين جي تعليم تي ۽ مهمان نوازي تي خرچ ڪندو هو. مهمان نواز به ايڏو جو چون ٿا ته اڪيلي سر ماني نه کائيندو هو. مهمان نه هوندو ته رستي ويندڙ کي سڏ ڪري مهمان نوازي جا فرائض انجام ڏيندو هو. اها ڳالهه ڪوٽڙيءَ ۾ مشهور آهي. سندس گهر، استاد گهر ڪري ليکيو ويندو هو.
خير سان منهنجو مڱڻو ٿي ويو ۽ جلد ئي پوءِ ساڳئي سال 27 ڊسمبر 1951ع تي شاديءَ جي تاريخ به مقرر ٿي. امان منهنجي سوٽ ماستر حيدر علي سانگيءَ کي ٻارهن سؤ رپيا ڏئي شاديءَ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي موڪليو ته ڄڃ جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري. هو سڌو ويو ميان شمس الدين وٽ جنهن شير دل خان هاءِ اسڪول جا ڪمرا کولرائي ڏنس جو اسڪول سياري جي وئڪيشن ۾ بند هئو. نه دهل نه شرناءُ نه بتين جي جهرمر، چپ چاپ ۾ ڄڃ شاديءَ رات پهتي ۽ ماني ٽڪي کائي زنانو عالم ڪنواريتي گهر هليو ويو. باقي مردن ۾ چڱا چوکا سکر ماڻهو شامل ٿيا. مزو اهو ٿيو جو ادا شمس ۽ عبدالحق وقاصي حيدرآباد جي بازار مان ڪي ڳائڻيون گهرايون. پر بابا جي ويٺي محفل ڪيئن شروع ٿئي؟ نيٺ آڌي ڌاري عبدالحق بابا کي صحت جا واسطا وجهي وڃي هڪ ڪمري ۾ سمهاريو ۽ ٻاهران ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پوءِ ته ناچ گاني جي محفل خوب متي. ان محفل جو روح روان عبدالحق ۽ سندس انسپيڪٽر پوليس مرحوم الهه بخش قريشي هئا. الهه بخش به وڏو زنده دل شخص هو. کيس پڪڙي اونڌو ليٽائي سندس ٻنڊڻن تي نوٽ ٿي رکيائون جيڪي ناچڻي اچي کڻي ٿي وئي. سڄي رات اهو مذاق ۽ ڌمچر رهيو.
تن ڏينهن ۾ رواج هوندو هو ته گهوٽ جو سرگس ڪڍندا هئا. کيس ڪار ۾ ويهاري بئنڊ باجن سان شهر ۾ گهمايو ويندو هو. مون صاف انڪار ڪيو. ائين ڪرڻ سان ڪوٽڙيءَ مان انهيءَ رسم جو خاتمو ٿي ويو. ٻين گهوٽن به اهو چئي انڪار ڪيو ته ”اترادي گهوٽ به سرگس ڪانه ڪڍي هئي. سو اسين به ڪونه هلنداسون!“ مون مهندي به ڪانه لڳائي ۽ مهنديءَ جي رسم به ڪا نه ٿي. هزار ليڪچرن کان هڪ ذاتي عمل وڌيڪ اثرائتو ٿو ٿئي.
آڌيءَ رات جو نڪاح جي رسم ٿي. ان وقت منهنجو سالو انورالدين قريشي جو منهنجو ذاتي طرح به ڏاڍو پيارو ۽ گهاٽو دوست هئو، سو مون کي سڏي ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائين ته ”حق مهر گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار مقرر ڪجانءِ!“ مون چيو ته ”حق مهر ٻه هزار ڏيندس!“ ڏسو ان وقت معاشرو ڪيڏو نه سڌو ۽ سادو سنئون هئو. اختلاف به ٿي سگهيا ٿي، پر معاملي اهڙو وڪڙ ڪونه کاڌو، پنج هزار به معمولي ڳالهه هئي. پر الائي ڇو مون ۾ به ضد جاڳي پيو ۽ پنهنجي ڳالهه تان نه لٿس. ڪنواريتن به دل ۾ نه ڪيو ۽ ان ڳالهه کي اهميت نه ڏني.
فجر نماز مهل لائون آيون ۽ مون کي پنج منٽ به ڪنوار سان گذارڻ نه ڏنا. منجهند کان پوءِ ڪوئيٽا ميل ۾ ڄڃ واپس رواني ٿي. ائين ٻارهن ڪلاڪن ۾ شادي جو سڄو ڪاڄ پورو ٿيو. مان ڪنوار وٺي نڪتس پئي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شرڪت لاءِ آيو پئي. تاريخ جي غلط فهمي ٿي وئي هئي. کيس ٻڌايم، پر چيائين ته هو ميان شمس الدين قريشيءَ سان ڪچهري ڪري پوءِ ويندو! تن ڏينهن ميان شمس الدين ڪتاب ”آئينه قديم سنڌ“ لکيو پئي ۽ ڊاڪٽر صاحب ساڻس تبادلهء خيال ڪرڻ پئي چاهيو. مرحوم عبدالله چنا جون به ان باري ۾ ميان شمس الدين سان ڪچهريون ٿينديون هيون.

5

اسان جي ڄڃ رات جو ٻارهين وڳي لاڙڪاڻي واپس پهتي. گهر سڄو ڄاڃين سان ٽمٽار هئو. امان، مان ڀانيان ٿو ته ڄاڻي واڻي اسان گهوٽ ڪنوار کي ان ڪوٺيءَ ۾ سمهاريو جا ورانڊي ۽ بورچيخاني جي وچ ۾ لنگهه طور استعمال ٿيندي هئي. ان جا دروازا به ڦڏا ٽيڏا هئا، جي پورا بند به ڪونه پيا ٿين. هڪڙو مان صفا ڄٽ، خبر ڪانه ته شادي ۾ ڇا ڪبو ـ ٻيو ڪوٺيءَ جو اهو حال! سو سڄي رات پاسا ورائيندي گذاريم. صبح جو مايون انبوهه ڪري اسان جو هنڌ بسترو جاچڻ لڳيون ته ڪنوار جي ڪنوارپ جو ثبوت ملي. مان شرم ۾ ٻڏي ويس ته ڏوهه منهنجو بدنام ڪنوار پئي ٿئي. سو امان سان سچي ڪيم ته مون کان ڪجهه نه ٿيو. امان تجربيڪار ۽ زور سياڻي عورت سو منهنجي پٺي ٺپري چيائين ته ”پوءِ ڇا ٿي پيو؟ تنهنجو پيءُ به پورا ست ڏينهن مون ڏي ڪو نه آيو هو؟“ ائين منهنجي اعتماد کي بحال ڪري ڇڏيائين ۽ نازڪ صورتحال کي به سنواري ڇڏيائين.
شام جو مون کان ڊاڪٽر ادريس، جو اسان جو گهرو ڊاڪٽر هئو، ان احوال ورتو ته ان سان سچي ڪيم. ان به چيو ”ڪا ڳالهه ڪانهي، سئي ٿو هڻان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ هڪ سئي ٺاهي هنيائين ۽ چيائين ته ”هاڻي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ ٻي رات واقعي سڀ ٺيڪ ٿي ويو. ٻئي ڏينهن خوش ٿي ڊاڪٽر ادريس کان پڇيم ته اها ڪهڙي سئي هنئين هئائين ته چيائين ”تتو پاڻي distilled water جي مڙئي نفسياتي اثر وجهڻ لاءِ کڻي سئي هنيم!“
شاديءَ وقت منهنجي ڪنوار جي عمر سترهن سال ۽ منهنجي عمر ستاويهه سال هئي. مان کانئس ڏهه سال وڏو هئس. پر هاٺي سٺي هئي ان ڪري ننڍو لڳندو هئس. هڪ اترادي ٻيو ڏهه سال وڏو سو ويچاري مون کان ڪرڙيءَ جيان ڏڪندي هئي. پر مهيني کن اندر مون سندس اهڙي دل ورتي جو مون کان سواءِ پنج منٽ به ڪونه گذاري سگهندي هئي ۽ ڪرڙي جيان ڦٿڪندي هئي. گهر جون عورتون ٽوڪون به هڻنديون هئس. پر چوندي هئي ته ”مان ڇا ڪيان مان بيوس آهيان!“ مان به سندس ڏور ۾ اهڙو ٻڌجي ويس جو يارن دوستن کان ڪترائڻ لڳس ۽ اوطاقون ڇڏي گهر جي چوديواري ۾ بند ٿي ويس. اسان جو هڪ مثالي جوڙو ٿي ويو. ڪوٽڙي واري ساهراڻي گهر ۾ اسان جو نالو ئي پئجي ويو ”ليليٰ مجنون!“ البت منهنجي لاڙڪاڻي واري گهر ۾ مون تي ٽوڪون ٿينديون هيون ته هي جڙ ڍڳو هاڻي چکي چريو ٿيو آهي. ليليٰ مجنون ۽ چکي چريو ٿيڻ ڳالهه مڙيئي هڪڙي آهي.
هن صورتحال مان هڪ وڏو سوال ٿو اُڀري ته مائٽن جي پسند ڪيل ۽ ڪرايل شادي ڪامياب آهي يا پريمي شادي؟ مون پريمي شادي ته ڪانه ڪئي يا نصيب ڪانه ٿيم، ان ڪري ان بابت چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيان. البت مائٽن طرفان ڪرايل شاديءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو ثبوت آهيان ته اهڙي شادي ڪيترو نه ڪامياب ٿي سگهي ٿي. شرط صرف اهو آهي ته اخلاق ۽ ڪردار اعليٰ هجي ۽ نباهه جو مادو هجي! نباهه ڪرڻ به اعليٰ ڪردار جي نشاني آهي. اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهو ته حياتيءَ جو مول متو آهي. هروڀرو گهتون نه هڻجن. ڪلي سان ٻڌو رهجي ته وڏي عافيت آهي.
اسان ٻيئي ته هئاسون صفا اڻ ڄاڻ. سو روز نئين ڄاڻ پوندي هئي ۽ نينهن نئون ٿيندو هو. هڪ ٻئي کي discover ڪرڻ به وڏو ايڊوينچر آهي ۽ اسان جي زندگيءَ ۾ روزانو نئون ايڊوينچر ايندو هو. شاديءَ کان ٽيهه سال پوءِ جو اياز اسان کي پهريون دفعو ڏٺو ته سندس شاعراڻي نظر هڪدم ڀانپي وئي ۽ لکيائين ته ”جمال ۽ سندس گهر واري ائين لڳا ڄڻ ڪالهه نڪاح ڪيو هجين“ سچ، هئو به ائين. سو مان ته چوان ٿو ته ارينج arranged شادي بلڪل ڪامياب آهي. شرط اهو آهي اخلاق ۽ ڪردار اعليٰ هجي. پريميءَ جي ته پوڄا ڪبي آهي، ان سان شادي ڪري وضو نه ٽوڙجي! پريم ته قائم دائم ٿو رهي. ڪنهن ٻيءَ سان شادي ڪرڻ سان پريم ۾ گهاري ڇو پوي؟ پيار امر آهي. مرڻ گهڙيءَ تائين نٿو مري. مون حسينه عالم کي ڪونه وساريو. سئيءَ جي چوڪ جيان هر وقت محسوس ڪجي ٿو. پر زال سان پيار جي وچ ۾ ڪنڊو نٿو ٿئي. جيڪي ڪاوڙيِل آهن، غصيلا آهن، نفرتن سان ٽمٽار آهن ۽ پنهنجي جند سان پيار ۾ مبتلا آهن، سي مونسان اختلاف ڪندا، ٻيا نه! زال جو ڪهڙو ڏوهه جو ان سان نفرت ڪجي يا کيس نظرانداز ڪجي. چڱو ٿجي، چڱائي ڪجي، حق ادا ڪجن ته پيار پاڻهئي پيدا ٿيندو. بلڪه نئين سر سرجندو.
منهنجي ڪنوار ته جنت جي حور هئي. نه رڳو شڪل صورت ۾ بلڪ اخلاق ۽ ڪردار ۾ به. حياءُ ايڏو! جو شاديءَ کان پوءِ پندرهن ويهه ڏينهن پوءِ به منهنجي سامهون اکيون مٿي ڪونه ڪيائين. سندس اکين جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ مون لک جتن ڪيا پر سڀ بيسود. نيٺ هڪ ڏينهن چيومانس ته ”مايون چون پيون ته ڪنوار ٽيڏي آهي، سو مون ڏانهن ڏس ته سچ ڪوڙ جي خبر پوي!“ ائين اٽڪل بازيءَ سان سندس روزو ٽٽو. پوءِ به گهر ۾ هلندي جيڪڏهن مان ڏسندو هئوسانس ته مون کان لڪي ويندي هئي يا ڀت جي اوٽ وٺي بيهي رهندي هئي. ائين اسان جو پيار هميشھ نئون تازو رهيو. سندس جهڙيون سهڻيون اکيون مون اڄ تائين ڪنهن عورت جون نه ڏٺيون آهن.
مهيني کن کان پوءِ مون ساڻس حسينه عالم بابت سچي ڪئي. شاڪ ته آيس پر سهسائي وئي. ڪڏهن ورائي نه چيائين. مون به کيس يقين ڏياريو ته مان سڄو سارو نسورو سندس هئس. منهنجي پاڪ دامنيءَ جي ته کيس اڳيئي خبر ۽ پڪ هئي، سو ماٺ رهي. اسين گهڻو ڪري هڪ ٻئي کان پري ڪو نه ٿيندا هئاسون. ڀلي گهر ۾ ڪا تقريب هجي يا مهمان عورتون هجن، هوءَ مون وٽ ويٺي هوندي هئي. منهنجو به ساڳيو حال هئو. هڪ دفعي پاڙي ۾ ڪا عورتن جي تقريب هئي. سڀ تيار ٿيا پئي پر هوءَ چپ ڪيون ويٺي هئي. پڇڻ تي چيائين ته هوءَ ڪانه ويندي. مون چيومانس ته ”ضرور وڃ!“ ته به آنا ڪاني ڪيائين. نيٺ ٻڌايومانس ته ”اتي حسينه عالم به ايندي سو ان کي ڏسي اچ!“ پوءِ تيار ٿي وئي. حسينه عالم جي نالي ۽ صورت جي خبر سڄي دنيا ۾ هڪ مون کي ٻيو منهنجي گهر واريءَ کي! ٻيو ڪنهن کي به سڻس ڪانهي. اتان موٽي آئي ته مون کي چيائين، ”سهڻي ته ڪانهي!“ مون چيو ته، ”مون ڪڏهن چيو ته سهڻي آهي؟ بس دل جي ڇڪ آئي هئي، ٻيو مڙئي خير! سندس ساراهه جو به موقعو مليم ۽ چيم ته سندس سونهن جو ته مٽ ثاني ڪونه آهي. شرمائجي وئي. حقيقت آهي ته حسينه عالم اهڙي سهڻي ڪانه هئي.
زال کان لڪ ڪهڙو. مون ته صاف ڳالهه چئي ڇڏي ۽ ان جو چڱو نتيجو نڪتو. هڪ شهر ۾ مان جج هئس، اڪيلو رهندو هئس. ٻه ڀينر ڇوڪريون منهنجي پٺيان پئجي ويون. خوبصورت چڱي گهر جون ۽ مال ملڪيت ۽ زمينن جون مالڪياڻيون هيون پئسا به لک بئنڪ ۾ رکيل هئن. سندن ڪو اوهي واهي ڪو نه هئو. مون گهڻو ئي لهرايو پر هنن جا نياپن مٿان نياپا ۽ بهانا بڻائي ٻه دفعا مون وٽ منهنجي اڪيلي گهر ۾ آيون ۽ صاف چيائون ته ”ٻنهي مان ڪابه پسند ڪر!“ مون عزت سان کين واپس ڪري ڇڏيو. پوءِ خط لکڻ شروع ڪيائون. هڪ خط ۾ ته منهنجي همت کي للڪاريائون. هڪ دفعي لکيائون ته ”اڄ رات هڪ بجي اسين فلاڻي هنڌ بيٺيون هونديونسين. تون جيپ وٺي اچجانءِ، اسين توسان هليون هلنديون سين!“ اهي سڀ خط مان سانڍي رکندو ويس. جڏهن منهنجي گهر واري آئي ته مون رومال ۾ ٻڌل خط کيس ڏئي ڇڏيا. خطن پڙهڻ کان پوءِ هن جو مون ۾ اعتماد ٻيڻو ٿي ويو.
امان کي جو خبر پئي سو نياپو موڪلي ڇوڪرين کي گهرايائين. مون کي چيائين ته ”ڇوڪريون ملوڪ آهن ۽ پئسي واريون به آهن. ڇا ٿي پيو، مرد ٻه ٻه ٽي ٽي نڪاح ڪندا آهن. تون به کڻي نڪاح ڪر!“ مون انڪار ڪيو. اهي سڀ خبرون منهنجي گهر واري کي هيون. نه امان کي ڪو اکر چيائين، نه مون کي. پر سندس اعتماد ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو. اهي خط اسان وٽ اڃا هوندا. مرحومه جا ٽپڙ ڦلهوڙجن ته لڀي پوندا.
پيار جو بنياد آهي، عزت. ڪامياب ازدواجي زندگيءَ جو به بنياد آهي، عزت. عزت سان گڏ خُلق اخلاق به هوندو ته بس پوءِ ته لهر لوڏو ناهي. مون ’بنياد‘ عزت کي چيو آهي. خلق اخلاق به نتيجو آهن، عزت جو. مون کي عورت ذات لاءِ اڳيئي بيحد عزت احترام، سو زال لاءِ ته بلڪل گهڻو ۽ مخصوص هئو. هوءَ به ان معاملي ۾ تمام زور هئي. شاديءَ کي ٻه ٽي مهينا گذريا هئا ته مون کيس چيو ته هوءَ مون کي تون چئي مخاطب ٿئي. پر هن اصل نه مڃيو. هڪ دفعي کيس سمجهايم ته پنهنجائپ ۾ هوءَ دنيا ۾ اڪيلي شخصيت هئي جا مون کي تون چئي سگهي ٿي. ته به انڪار ڪيائين. نيٺ کيس چيم ته ”اهو منهنجو کيس آرڊر آهي!“ ته هٿ ٻڌي، ٻئي اکيون بند ڪري نهايت عاجزي سان منٿ ڪيائين ته مان کيس ان آرڊر جي بجاآوري کان معاف ڪيان. مان کلي ويٺس ۽ هو به خوش ٿي ته سندس جند ڇٽي. سڄي عمر ڀل ۾ به ڪڏهن مون کي، ’تون‘ ڪونه چيائين. ڪاوڙ ۽ رنج ۾ به ”توهان! توهان!“ پئي پوندي هئس. مون به ڪڏهن کيس ”تون“ ڪري ڪونه پڪاريو. مان ته کيس ”سائين!“ سڏيندو هئس ۽ بعد ۾ ”سرڪار!“. نتيجو اهو نڪتو جو منهنجون نهرون ۽ پٽ به هڪٻئي کي سائين ڪري سڏيندا آهن. ’سرڪار‘ جي پد تي اڃا نه پهتا آهن.
گڏيل ڪٽنب نعمت به آهي ته نفاق جو بنياد به. مون کي ته نعمتون گهڻيون ٿيون نظر اچن. نه ڀاڄي ڀتي وٺي اچڻ جي اڻتڻ نه ڪاٺيءَ ڪليءَ جو اونو. سڀ ڪم ورڇ آهر پاڻمرادو پيا ٿيندا هئا. اڳ بورچيخاني ۾ باهه ڪاٺين جي ٻرندي هئي. روزانو مڻ ڪاٺين جو مڏيءَ تان گهرائبو هئو يا ڪاٺين جو گڏهه لهرائبو هئو. جي ڪاٺيون ڦوڙاٺ بنڊيون هونديون ته گهر ۾ ڪهاڙو به ضرور هوندو هو جنهن سان ڪو مرد ماڻهو ڪاٺيون ڏاريندو هو. مون پاڻ ڏاريون آهن. جي ڪاٺيون آليون هونديون ته آزار، ٻرنديون به دير سان ته دونهون به ڪنديون. دونهين جي ڪري اکين مان پاڻي پيو وهندو. ڪوئلا گهٽ استعمال ٿيندا هئا. شايد مهانگائي سبب.
ڪوئلن جي سِگري سياري ۾ ٻاربي هئي جا وچ صفحي ۾ رکي سڀ گهر ڀاتي چؤڦير ويهي هٿ سيڪيندا هئا ۽ گرمائش حاصل ڪندا هئا. ماني ٻوڙ به سگريءَ تي گرم ڪبو هو ته ڪچهري به پئي هلندي هئي. سياري جي رات وڏي سو قصا پيا ڪٽبا هئا، جيسين وڃي هر ڪو سوَڙ ڀيڙو ٿئي. جي مامون ڳوٺان اچي ويو ته قصو ٻڌائيندو ’لال بادشاهه ‘جو، ’ڏونڀڻ‘ جو وغيره. قصي هلندي بيت به ڏيندو هو جي مامو دلو وڄائي ڳائيندو هو. ڏاڍو بي اونو ۽ سک ڀريو زمانو هو. ڌاڙو ۽ خون ته ٻڌبو ئي ڪونه هو. چوري چڪاري هئي. کاٽ جون به وارداتون ٿينديون هيون. باقي نڪو آپگهات نڪي ’ڪارو ڪاري‘. باهه تي هٿ سيڪيندي گهرو مسئلا به زير بحث ايندا هئا ۽ خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن گهر ڀاتيءَ کي ڪا شڪايت هئي ته پڌر پٽ وجهندا هئا ۽ وڏڙي يا وڏو ٻنهي ڌرين کي ٻڌي معاملي جي سنگيني کي وائکو ۽ نرم ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪي سو ٽهڪڙو پئجي ويندو هو ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي ويندي هئي.
گڏيل ڪٽنب جون ٻيون به هزار نعمتون آهن، ماني ٽڪر جو ته فڪر ئي ڪونهي، ضرور ملندو! بيماري سيماريءَ ۾ به ڪو الڪو ڪونهي، تيمارداري به ٿيندي ته دوا درمل به اچي ويندو! ٻارڙو بيمار ٿيو ته پوءِ ته سڄو گهر اٿلي پوندو. ماءُ جي ذميواري به گهٽجي ويندي. ڀلي ڪم ڪار سان هلي وڃي، يا ماءُ وٽان ٿي اچي. جي ٻار اسڪول وڃڻ جي عمر جا ڪونهن يا موڪل اٿن ته ڪو ڀؤ ڀولو ڪونهي. ٻين ٻارن سان وندريا ويٺا هوندا ۽ پيا پاڻ ۾ وڙهندا ۽ سرچندا، ماءُ کي رڳو برداشت جو مادو هجي! وڏي ڳالهه آهي نباهه. نباهه ڪرڻ اچي ته سڀ ڳالهه سؤلي آهي. ڪس ڪثر ته نيٺ کائبي. اهو حياتي جو دستور آهي.
ڦيٽاڙو گهڻو ڪري عورتن ۾ آهي. ٺڪر ته پيا ٺهڪندا، پر بهانو بڻائي سُوڻو مُوڻو ٿي ويهبو ته مرد به ٽينشن ۾ ته گهر ۾ به وڳوڙ! وڳوڙ جو ڪيڙو آهي ئي زال ذات ۾. يا ته سس کي نه سهندي يا پنهنجي جدا بادشاهيءَ جا خواب ڏسندي! انهيءَ حاصلات جو هڪ ئي ذريعو آهي ته مرد جي کڙي تپائي ڏجي. سس به ٻيو طريقو نه ڏسي پُٽ کي اهڙا وٽ وڪڙ ڏيندي جيئن زال جي چوڻ ۾ نه اچي ۽ جيڪي سو زال کي ڇنڊ پٽي. مرد ٻنهي پاسن کان ڪُٽجي ڀُري ڀور ٿي ٿو پوي. پوءِ يا ته ماءُ کي ڇڏي، زال وٺي ڌار ٿو ٿئي يا زال تي ڏمرجي کيس گُڏ ٿو ڪڍي. ٻنهي صورتن ۾ سُک ڀرِي زندگي ختم ٿي وڃي ٿي. انت ائين ٿئي ٿو ته ڦيٽاڙي کان پوءِ مرد ٽپڙ کڻي ڌار ٿئي ٿو. مرد کي گهرجي ته حالتن کي خراب ٿيڻ کان روڪي، آرام سان ماءُ کان موڪل وٺي، پيرن تي هٿ رکي جلد ئي ڌار ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته نيٺ زندگي کيس زال سان گڏ گهارڻي آهي.
زال به سمجهدار هجي ته اهو مرحلو آرام عزت ۽ ميٺ محبت سان طئي ٿي سگهي ٿو. بهتر آهي ته نباهه ڪجي ۽ مٺ محبت سان گڏ رهجي ۽ گاڏي گڙڪائجي. اڳ پوءِ نيٺ ته ڌار ٿيڻو ئي آهي، سو ڇو نه سمجهداريءَ سان بنا ڪوڙاڻ ۽ ڪوساڻ جي ائين ڪري ڇڏجي!؟ پر زال کي کپي تريءَ تي بهشت ۽ جهٽ پٽ جي آزادي! ان ڪري ڀنڊڻ مچائي ٿي ڏئي. مون ڏٺو آهي ته ان معاملي ۾ پڙهيل ڳڙهيل زالون، اڻ پڙهيلن کان به ٻه هٿ اڳي آهن. اڻ پڙهيلن ۾ وري به سهپ ڪجهه وڌيڪ آهي ۽ فتني جي رٿابنديءَ ۾ به پڙهيلن کان گهٽ آهن. بهرحال، زال به حق تي آهي ته سس به حق تي آهي. رڳو مرد کي چيچلائن نه.
منهنجي گهر واريءَ ڪڏهن به ڌار ٿيڻ جو نه چيو. جيتوڻيڪ مان الڳ وڪالت ڪندو هئس ۽ پنهنجي ڪمائي وارو هئس تڏهن به ڪڏهن مونکان محض پنج روپيا به ذاتي خرچ لاءِ ڪونه گهريائين. ڪوٽڙي مائٽن ۾ وئي ته مون کيس رپئي رپئي جي نوٽن جي سؤ رپين واري دستي ڏني ته چيائين ته ”مان ايترا پئسا ڇا ڪنديس؟“ موٽي ته مون کي پئسا موٽائي ڏنائين. رڳو پنج ڇهه روپيا خرچ ڪيا هئائين، سو به سندن پراڻي نوڪرياڻي هئي تنهن کي بخشيش ۾ ڏنا هئائين. هي آهي صبر ۽ شڪر جو مقام، صبر ۽ شڪر آهي ته گهڻا مسئلا ازخود حل ٿي وڃن ٿا.
جڏهن مون کي جج مقرر ڪيو ويو ۽ ضلعي ميرپور خاص جي شهر کپرو ۾ مقرر ڪيو ويس تڏهن ته کيس سٺو موقعو هئو ڌار رهڻ جو. ميرپورخاص سندس اباڻي شهر ڪوٽڙيءَ کي به ويجهو هئو، پر ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ڪڍيائين نه اهڙو خيال ظاهر ڪيائين. جيتوڻيڪ گڏيل گهر ۾ کيس نوڪرياڻي جيان ٿانءُ، ٻهاري جو ڪم ورتو ويندو هئو. پر ڪا شڪايت نه ڪيائين، بس هڪ دفعو مو نکي هٿ ڏيکاري منٿ ڪيائين ته باسڻ ملڻ بجاءِ کانئس ٻيو ڪم ورتو وڃي. سندس چمڙي ڏاڍي نرم يا نازڪ هئي، سو ٿانوَ ملڻ ڪري سندس هٿن جي پٺيءَ تي ننڍا ننڍا ڦٽ ٿي پيا هئا. مون لاءِ هي نهايت نازڪ مرحلو هو. جي ٿو سندس پاسو کڻان ته چون ها ته ”مڄو آهي، زال جي چوڻ تي لڳو آهي!“ ۽ هن لاءِ به چون ها ته ”ڪهڙو مٿان لٿي آهي جو ٿانءُ نه ڌوئيندي؟ ڪوڙا بهانا ٿي ٺاهي!“
مون زال کي دلداري ڏني ته امان کي چئي باسڻ مَلڻ جو ڪم کانئس ڇڏائيندس. هوڏانهن امان سان ڳالهه ئي ڪانه ڪيم. ائين معاملي کي التوا ۾ وجهي ڇڏيم ۽ جج صاحب جي گهر واري ٿانءَ مليندي رهي. ڪڏهن نوڪرياڻي ملي وئي ته منهنجي گهر واريءَ جي جند ڇٽي پوندي هئي. جي نوڪرياڻي هلي وئي يا نه آئي ته منهنجي زال پاڻمرادو بنا چُون چرا جي وڃي ٿانوَ ملندي هئي. گهرو مسئلن کي ڏاڍو خبرداري سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. مون ڪڏهن به گهر ۾ اها ڳالهه ڪا نه ڇيڙي ته منهنجي گهر واري مونسان گڏ هلي کپري ۾ رهي، نه منهنجي گهر واريءَ اهڙي ڳالهه چوري.
ڀلو ٿئي منهنجي وڏي ڀيڻ جو جنهنجو مڙس ميرپورخاص ۾ ڊي ايس پي هو، جنهن کي پاڻمرادو خيال آيو، سو امان کي راضي ڪيائين ته منهنجي زال مون وٽ اچي رهي. امان کي اهي وٽ چاڙهيائين ته ”اڪيلو آهي، کيس ڪوئي ماني ڏيڻ وارو به ڪونهي. چانهه ٺاهڻ وارو به ڪونهي!“ حالانڪ مون وٽ نوڪر هئو. امان راضي ٿي، گهر واري مون ڏانهن ڏياري موڪلي. سو به ٽن چئن مهينن کان پوءِ امان پاڻ آئي ۽ منهجي گهر واري کي لاڙڪاڻي وٺي وئي. نه مان ڪڇيس نه منهنجي گهر واري. البت روئندي وئي. مون کي به ڏک گهڻو ٿيو پر گڏيل ڪٽنب کي سلامت رکڻ لاءِ ڪڇيس ڪونه! هي سڀ طريقا آهن تباهه ڪرڻ جا. سهپ، صبر، شڪر ۽ گهرو ضابطن جو ادب ڪجي ته مسئلا پاڻهي حل ٿي ٿا وڃن. ڪامياب ازدواجي زندگيءَ لاءِ اهي آداب ڏاڍو ضروري آهن. جيڪڏهن رڳو پاڻ سان پيار ڪبو ۽ خود غرض ٿبو ته پوءِ گاڏو ڪو نه گهلبو. پيار جو مطلب خود غرضي ۽ خود خيالي ناهي. پيار جون شاديون ڪرڻ وارا رڳو پاڻ سان پيار ڪن ٿا، خود غرض آهن.
اڄوڪي ڪاوش اخبار ۾ پڙهيم ته ”ٽنڊي آدم جي لکاني ۽ رخسانه گهران نڪري پيار جي شادي ڪئي، پندرهن ڏينهن کان پوءِ رخسانه ماءُ پيءُ جي گهر آئي ته لکاني کيس قتل ڪري لاش ريل جي پٽڙيءَ تي اڇلائي ڇڏيو.“ ڇا هي پيار آهي؟ ڇا هي پيار جو پرڻو آهي؟ هي ته سڌو سنئون پيار جو قتل آهي. اهڙا ڪيئي واقعا روزانو اخبارن ۾ پيا اچن. مان پيار جي پرڻي جي برخلاف ڪونه آهيان، پر اهو ڪو اهڙو ضروري ته ڪونهي نڪو ڪامياب ازدواجي زندگي جي ضمانت. ڪاميابي ته، اخلاقي ڪردار، سهپ، صبر ۽ شڪر سان ٿي حاصل ٿئي. هونئن ناممڪن آهي.
ٻي هڪ حيرت انگيز ڳالهه ٻڌائيندو هلان. اڄڪلهه جي ڇوڪرين لاءِ جهڙوڪر ناممڪنات ۾ هجي. شاديءَ ۾ منهنجي گهر واريءَ کي جيڪي زيور وڌا ويا سي به شايد منهنجي وڏي ڀاڀي جا هئا، جيڪي اهو چئي واپس ورتا ويا ته”ڏيکاءُ ڪري توکي وڌا هئن!“ بس ڳالهه ختم ٿي. منهنجي گهرواريءَ جي ڪچڙي عمر صرف سترهن سال هئي، ته به ڪمال صبر ۽ شڪر سان خاموش رهي، نه مون سان ڳالهه ڪيائين نه پنهنجي ماءُ پيءُ سان سليائين. ٽيهن سالن کانپوءِ جڏهن ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجي پگهار وڌي ٻارهن سؤ روپيه ٿي ۽ حيدرآباد جي گهر جي مسواڙ ڇهه سؤ روپيه مهينو به ملڻ لڳي ۽ بدر جي بس مان به سؤ ڏيڍ روزانو ڪمائي اچڻ لڳي تڏهن مون چيومانس ته ڪو مرضيءَ جو زيورو ٺهرائي وٺي. چيائين ”سڄي عمر ٻسيون ٻانهون رهيون اٿم، سو چوڙيون ٺهرائي ڏيو!“ تڏهن مون کانئس پڇيو ته ”ٻسيون ٻانهون ڇو؟ شادي وارا زيور ڪيڏانهن ويا؟“ تڏهن کلي سڄو قصو ٻڌايائين. ڪندي ڪا اڄڪلهه جي ڪنوار ائين؟ اهو سڀ ڪجهه صبر شڪر ۽ ماءُ پيءُ جي تربيت آهي نه ته سڄا ساراهه ٽيهه سال ماٺ ڪري ويهڻ ۽ ڳالهه ڇپائڻ ناممڪن آهي. اهي ۽ اهڙيون ڳالهيون ضروري آهن، ڪامياب ازدواجي زندگي لاءِ. ان لاءِ وڏا وس ڪرڻا ٿا پون، نه ته هڪ عورت جي پيٽ ورن ۾ ٽيهه سال اهڙي وڏي واردات سانڍي پئي هجي، تمام وڏي ڳالهه آهي.
چوڙيون ڪو ويچاريءَ جي قسمت ۾ ڪونه هيون. ڪراچيءَ جو شهر، اٺ ٻار، مٿان مهمان طائي، سو گهر جو خرچ پورو ڪونه پوندو هو. ماٺ ۾، مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ هڪڙي چوڙي وڃي وڪڻي ايندي هئي. مٿان ٻارن کي سخت فهمائش ته ”متان پيءُ سان ڳالهه ڪئي اٿوَ!“ ائين هڪ هڪ ڪري سڀ چوڙيون وڪامجي ويس. مونکي پريشانيءَ کان بچائڻ خاطر، بي ڌڙڪ ائين ڪندي رهي. مون کي پوءِ خبر پئي، جڏهن مان اسيمبلي جو سيڪريٽري ٿي باٿ آئلنڊ جي بنگلي ۾ رهڻ لڳس. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته ”مون کي خبر پئجي وئي آهي“ ته پوءِ ڳالهه کي ٽارڻ خاطر مرڪي چيائين ته، ”پوءِ ڇا ٿي پيو، زيور هوندا ئي آئيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ آهن؟“ ائين وري ڳالهه کي معمولي بنائي مونکي پريشان ٿيڻ کان روڪيائين.
عليم الدين هڪ مهاجر سونارو ڪورٽ ڪيسن دوران واقف ٿيو. ڀائپيءَ جا رشتا ٿي ويا. ان سان ڳالهه ڪيم. ان چيو ته ”وڏا ماڻهو پراڻا زيور سستا وڪڻي، نوان فيشني زيور ٿا ٺهرائن. چئين ته وٺرائي ڏيانءِ!“ چيومانس ته ”وارو ڪر!“ هن پراڻا زيور صاف ڪري چمڪائي مون کي ڏنا. واهه جا ٿي پيا. ائين وري ڪجهه زيور گهر ۾ اچي ويا.
اسان جي سڄي زندگي غريبي مسڪينيءَ ۾ گذري. ٻاهران ڏِک، لَک جي هئي. سرڪاري بنگلو، سرڪاري موٽر ڪار، هلندي پڄندي به سُٺي! سو، لک تي مٿو ڌويون ويٺا هئاسون. اندر جي خبر ته گهر واريءَ کي. مون کي جن نه ڪن. پتو پيو ته نياڻين کي ڪو مهل سر پهرڻ لاءِ چڱو وڳو به ڪو نه هئو. اها ڳالهه مونسان منهنجي سئوٽ عبدالقادر انجنيئر ڪئي. ٻڌايائين ته ٻارن جا پراڻا ڪپڙا، تن کي ويٺي ٽاڪيائين ۽ ڳوڙها به پئي وهيس. پڇڻ تي حقيقت ٻڌايائنس پر قسم وڌائنيس ته مون سان ڳالهه نه ڪري. هن به ورهين کانپوءِ مون سان ڳالهه ڪئي، جڏهن منهنجي گهرواريءَ کي دل جي تڪليف ٿي پئي. دل جي تڪليف پرايائين باقي مونکي اصل پتو پوڻ نه ڏنائين ته متان هي پريشان ٿئي جو مان اڳ ئي دل جو مريض هئس. ڇوڪرين سان اها ڳالهه ڪيم، سي اها ڳالهه مڃين ئي ڪونه! چي ”اسان سٺو پهريو، سٺو کاڌو، اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ حد درجي جي سگهڙ، سبڻ ڀرڻ ۾ به ماهر هئي. سڄو ڏينهن سلائي مشين تي ويٺي هوندي هئي. سو ڪپڙن جا ٽڪر ملائي سوٽي ڪپڙن کي به ريشمي ۽ فيشني بڻائي ڇڏيندي هئي. ڪنهن کي ڪو پتو ئي ڪو نه پوندو هو ته اهو جادو ڪيئن ٿيو؟
عورتن جي عادت آهي چرچ ۽ پچر، پر هيءَ ڪڏهن به اهڙي ڳالهه منهنجي ڪن پوڻ نه ڏيندي هئي. گڏيل ڪٽنب هزارين مسئلا! جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڇڙي به پئي ته مون کي اٿاري پنهنجي ڪمري ۾ ويهاري دروازو ٻيڪڙي ڇڏيندي هئي. مٿان تاڪيد اهو ته متان توهان وچ ۾ پئو يا ڳالهايو. اسان زائفن جو معاملو يا معاملا آهن. توهان جو نه واسطو آهي نه ضرور.
لاڙڪاڻي ضلعي تعلقي وارهه ۾ هئي ڇهه سؤ جريب سرڪاري زمين. ڀلي ۽ خلاصو واٽر ڪورس. هڪڙو تپيدار غير قانوني طرح آباد ڪندو ۽ کڻندو کائيندو هو. تپيدار پڪڙجي پيو ۽ کيس جيل جي سزا اچي وئي. وڏن وڏن ماڻهن اها زمين هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب ڪونه ٿيا. ان وقت جي ڪليڪٽر مسٽر طفيل صاحب به ڪوشش ڪئي پر ناڪامياب ٿيو. رئيس روشن علي خان اسراڻ، جو وارهه جو وڏو زميندار هئو تنهن ادا شمس کي چيو ته ”جمال آفيسر آهي، ويٺو به خيرپور ميرس ۾ آهي، ڪمشنر جي آفيس به اتي ئي آهي. سو، ان کي چئه!“ ادا شمس مونکي چيو.
ان وقت ڪالونائيزيشن آفيسر هئو روهڙيءَ جو جمال الدين آخوند، جو ڏاڍو خد ترس ۽ ايماندار ماڻهو هئو. اُن وٽ لنگهي ويس، ڳالهه ٻڌي چيائين ته ”جمال صاحب! تون به آهين ٺپ ايماندار آفيسر سو توکي زمين ڏبي، ڇا ياد ڪندين! هاڻي ڇا ڪر جو لاڙڪاڻي بئراج مختيارڪار جي آفيس مان فارم وٺي اچ ۽ مون کي ڏي. اهو ڪم ته مختيارڪار جو آهي، پر تون فارم مونکي ڏجانءِ، پوءِ مان ڄاڻان منهنجو ڪم ڄاڻي!“ مان لاڙڪاڻي بئراج آفيس ويس. اتفاق سان اتي متعلق ڪلارڪ هئو قربان علي بگٽي، جو هئو ته جماعت اسلامي جو ماڻهو پر ڏاڍو نيڪ ۽ ادب دوست هئو. ان بنا دير جي، بنا پڇا ڳاڇا جي مون کي فارم ڏئي ڇڏيا. ادا شمس جي آفيس ۾ ويهي فارم ڀرياسون.
کڻت پنجاهه ايڪڙن کان مٿي نٿي ڪري سگهجي. ان ڪري پنجاهه ايڪڙ ادا شمس جي نالي، پنجاهه پنجاهه ايڪڙ سندس پٽن نجم ۽ شرف جي نالي ۽ پنجاهه پنجاهه ايڪڙ ڀاءُ ڪمال جي سالن جي نالي ۽ باقي پنجاهه ايڪڙ رئيس روشن علي خان جي فرزند رئيس ضياءُ الدين جي نالي ڪياسون. فارم کڻي خيرپور ۾ جمال الدين آخوند جي هٿ ۾ ڏنم. ان منظور ڪري ڏنا. ائين اسين ڇهه سؤ جريبن جا وڏا زميندار ٿي وياسون. چوندا آهن ته الله ڏيندو آهي ڇپر ڦاڙي، سو بلڪل ائين ٿيو.، پئسا صرف ارڙهن سؤ روپيا پهرين قسط جا ڀرڻا پيا جي ننڍي ڀاءُ ڪمال ڀريا. فيصلو اهو ٿيو ته ٻه سؤ جريب منهنجا، ٻه سؤ ادا شمس جا ۽ ٻه سؤ جريب ڪمال جا، جيڪڏهن چاهيان ها ته ڇهه سؤ جريب ئي مان کڻان ها، پر اسان ٽنهي ڀائرن ۾ ڪو ليکو نه هئو، نه ته ارڙهن سؤ ڀرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. ادا شمس وڏي محنت ڪري هاري ويهاري زمين آباد ڪرائي. پئدائش به سٺي ايندي هئي. پر ادا شمس هئو مهمان نواز ۽ گهڻ خرچائو سو قسطون ۽ ڍل به ڪمال کان وٺندو هو. ڪمال ڪرڪندي ادائيگي ڪندو هو.
زمين جو اسان کي ملي، ته دشمنن يا پاڙي وارن زميندارن درخواستون ڪيون ته هنن کي زمين غير قانوني طور ملي آهي، جو شيڊول ۾ ئي آيل ڪونه هئي ته کڻت ڪيئن ٿي؟ نيٺ ايوب جي مارشل لا ۾ جنرل ايوب کي تارون ڪيون ويون، جنهن هڪدم سبب پڇيو. مان گهٻرائجي جمال الدين آخوند وٽ ويس. واهه! آخوند صاحب واهه! تارون منهنجي روبرو ڦاڙي ردي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪيائين. مون چيو ته ”شيڊول ۾ نه هئي ته واقعي کڻت ڪيئن ٿي؟ ۽ منظور ڪيئن ٿي؟“ آخوند صاحب چيو ته ”ڪير ٿو چوي ته شيڊولن ۾ ڪانه هئي، مان ٿو چوان ته شيڊول ۾ هئي، بس ڳالهه ختم؟“ پوءِ آخوند صاحب بدلي ٿيو ۽ ٻيو صاحب آيو جو سخت رشوتي هئو. منهنجي بدلي به پري سجاول ٿي. ٻيو صاحب ايڏو رشوتي هئو جو سڏيندا ئي هئس ’ڦُل ماڇي‘، جيڪو وڏو ڌاڙيل ٿي گذريو آهي. ان جون مون کي حاضريءَ لاءِ تارون اينديون هيون. ڪڏهن دادو ته ڪڏهن ڪٿي! مان غريب ماڻهو ڀاڙا ڀري لارين ۽ ريل جو سفر ڪري وٽس پهچندو هئس. شابس هجيس مونکي مانُ ڏنائين ۽ فيصلو اسان جي حق ۾ ڪيائين. ڏسجي ته زمين ملي منهنجي ڪري، محنت ڪئي ادا شمس ۽ پئسا ڀريا ڪمال.
جڏهن ادا شمس گذاري ويو ته ڪمال سموري زمين ٽن لکن روپين ۾ وڪڻي ڇڏي، ٻڌايائين به ڪو نه! ڪروڙن جي زمين هئي لکن ۾ هلي وئي. نيٺ فيصلو رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ وٽ آيو. بروهي سردار دودا خان بروهيءَ کي آندو، جي رائفلن ۽ بندوقن سان هٿياربند ٿي آيا. شابس هجي شرف کي جنهن ڳالهه سچي ڪئي. عبدالحميد خان وچٿرو فيصلو ڪري ٻنهي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو. ڪمال زمين وڪي هئي مغيرين کي، جن جو سردار نواب سلطان احمد خان چانڊيو به مون وٽ هلي آيو. چڱو جو خير سان فيصلو ٿيو. نه ته وڏي خونريزي ٿئي ها. فيصلي ۾ مون کي پائي به نه ملي. ڪمال ته اڳ ۾ ئي ٽي لک روپيا وٺي ويو هو. شرف کي به لک ٻه نصيب ٿيا. مان چپ ۾ مار کائي ويس. منهنجي گهر واري نه هڪ اکر مون کي چيو نه خاندان ۾ اهڙي ڳالهه ڪڍيائين. ڏڦيڙ ۽ جهڳڙو سندس طبيعت ۾ صفا غير موجود هئو. مان به خوش ته ٻنهي ڀائرن کي حق پلئه پيو. باقي مان پلئه ڇنڊي اٿي کڙو ٿيس. سڀ جو خير، سڀ جو ڀلو! مال ملڪيت جو مون کي احساس ئي ڪونه هو. طبيعت ئي اهڙي پاتي هئم.
بابا جي زمين ميهڙ تعلقي ۾ سا به شرف جي حوالي. ٽيهه پنجٽيهه سال آبادي کنيائين. مون کي پائي به ڪانه ڏنائين. نيٺ جڏهن منهنجي مخالفت باوجود وڪيائين ته منهنجي صحيح خاطر يارهن لک روپيا مون کي ڏنائين. اها به شابس هجيس، نه ڏئي ها ته مان ڇا ڪيانس ها. تاج محمد ابڙو منهنجي ان پاليسيءَ خلاف هئو. چوندو هو ته ”حق نه ڇڏجي. حق ڇڏبو ته ناانصافيون جنم وٺنديون!“ اهو به سچ، تاج محمد نهايت سياڻو ماڻهو ۽ حقيقت پسند انسان هئو.
تاج محمد سچو، تاج محمد جون صلاحون به درست، پر منهنجي طبيعت پنهنجي! طبيعت کي ڪير ڦيرائي؟ پارسيءَ ۾ چوندا آهن ته ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد!“ يعني زمين ڌڏي سگهي ٿي، گل محمد نٿو ڌڏي سگهي. حضور ﷺ به فرمايو ته، جيڪڏهن چئو ته احد پهاڙ پنهنجي جاءِ کان هٽي ويو ته مڃي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن چئو ته فلاڻو ماڻهو پنهنجي فطرت مٽائي ويو آهي ته مڃڻ ۾ نٿو اچي!
مون کان هڪ دوست واپاري اٺ هزار روپيه ورتا ته ”هر مهيني ٻه سؤ روپيا نفعو توکي ڏيندس!“ نه نفعو مليو نه پئسا واپس ٿيا. پاڻ شورليٽ ۾ پيو گهمي ۽ ڪراچي ۾ هڪ چئن ڪمرن واري جاءِ به ورتائين. مون سان به کلڻ ڳالهائڻ هليو اچي. ڪراچي اچان ته وٽس مهمان ٿيان، نيٺ ته جج هئس. ڪاوڙجي هڪ پوليس انسپيڪٽر سان ڳالهه ڪيم. هن به ڇا ڪيو جو هٿڪڙيون هڻي عيد جي صبح سوير جو منهنجي گهر وٺي آيس. مان صفا ششدر ٿي ويس. پوليس وارن کي گهٽ وڌ ڳالهايم ۽ انهيءَ وقت کيس ڇڏايم. پوءِ به سڄي عمر پئسا ڪو نه ڏنائين. الله معاف ڪندس. مري ويو آهي. مون به معاف ڪري ڇڏيامانس.

6

مون پئسو ڪمايو پلاٽن مان. ڪچي آبادي، خاص ڪري منظور ڪالونيءَ ۾ ڪيئي ننڍا ننڍا پلاٽ ممريز خان کان ورتم، ان وري ٻين کي وڪرو ڪري ڇڏيا. نه پئسا مليا نه پلاٽ . الله مون کي ٻين پلاٽن مان گنج ڏئي ڇڏيا. باٿ آئلينڊ ۾ پنج سؤ گز اڍائي لکن ۾ ورتم. پنجن لکن ۾ وڪيم. سمنڊ تي هزار گز پلاٽ اڍائي لک ۾ ورتم. ڏهن لکن ۾ وڪيم. ڪلفٽن تي پلاٽ ساڍي ستن لکن ۾ ورتم ۽ پنجويهه لکن ۾ وڪيم ۽ ائين ڊفينس ۾ هڪڙو بنگلو خريد ڪري ڇڏيم، جنهن ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ رهان پيو. گاڏيون به ورتم. الله ڏئي ٿو ته بنا پڇڻ جي ڏئي ٿو. ڇپر ڦاڙي ٿو ڏئي.
هي بنگلو گهر واريءَ جي نالي ورتو هئم. ڳالهه اصل ان جي هئي، وڃي زرعي زمين، پلاٽن، پئسن ۽ گاڏين تي پيس. اهو سڀ مرحومه جو بخت هئو. سندس گذارئي کان پوءِ هڪ ڪارو پئسو ڪونه ڪمايو اٿم. مرحومه ايترو صابر ۽ شاڪر هئي جو کيس پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جو اندازو ڪين هئو. مان به سڄي پگهار آڻي کيس ڏيندو هئس. پاڻ وٽ هڪ روپيه به ڪونه رکندو هئس. ڀلا نه پيان چانهه، نه سگريٽ، نه ويهان هوٽل تي، سو مون کي ڪهڙي ضرورت. البته جڏهن دوست هلي ڪنهن هوٽل تي ويهندا هئا ته شرمندو ٿيندو هئس جو ڪڏهن به بل ڀرڻ جا پئسا مون وٽ ڪونه هوندا هئا. دوست به هئا تمام پيارا ۽ ويجها سي سمجهي ويا. ڪڏهن مذاق سُجهندي هين ته چوندا هئا ته ”تلاشي وٺو ته ڪُل گهڻا پئسا سنگت وٽ آهن؟“ جڏهن منهنجو وارو ايندو هو ته ازخود چوندا هئا ته ”تلاشي نه وٺو، جمال جا کيسا خالي هوندا آهن!“
دوست به ڪيڏا نه شاندار هئا. عبدالله ميمڻ، عبدالقادر ابڙو (هوم سيڪريٽري) عثمان بلوچ، حاجي موسيٰ ميمڻ، غلام مصطفيٰ آخوند، فيروز خواجه، مشتاق منگي وغيره سڀ هڪٻئي کان سرس، سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر ۽ غلام النبي سومرو ته شاهڪار هئا ۽ پڻ نور محمد سمون.
گهر واريءَ کي خرچ جا پئسا کٽندا هئا ته گهرندي هئي مون کان. مان وري کيس چوندو هئس ته ”سرڪار مان ڪٿان آڻيان، سڀ جو سڀ ته توهان کي ٿو ڏيان“ ته چوندي هئي ته ”مان به ڪٿان آڻيان. نيٺ ته توهان کان ئي گهرنديس!“ چي ”مهمانن جي اچ وڃ به جام!“ مهينن جي تنگدستي کان پوءِ فيصلو ڪيوسين ته ”خرچ گهٽائجي!“ گهٽائجي به ڇا، اڳ ئي پاڙي ۾ مشهور هئو ته ”روز دال کائيندا آهن ۽ ڪپڙا پاڻ ڌوئيندا آهن!“ نيٺ فيصلو ڪيوسين ته چانهه بند ڪجي. غير ضروري شيءِ آهي، جنهن تي چار پنج سؤ روپيا ماهيانو خرچ اچيو وڃي. چانهه جا اسان ٻئي خفتي! خاص ڪري صبوح نيرانو چانهه ۽ ٻيو شام جو پنجين بجي. بس هڪ هڪ پيالي. اها به بند ٿي ته اچي آتا اٿياسين. مٿي ۾ سور ۽ موڳائي. ڀلا ورهين جي عادت، سا ائين ڪيئن ٿي لهي؟ هڪ ڏينهن ڪمال منهنجو ڀاءُ اچي نڪتو. ان سان ڳالهه ڪئي سون ته ”اسان چانهه پيئڻ بند ڪئي آهي!“ هن رڳو هڪ ننڍو ريمارڪ ڏنو ته “what a pity?” سندس ان رمارڪ اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ چانهه پيئڻ شروع ڪري ڇڏيوسين، ڀلا پاڻ تي ظلم ڪهڙي عقلمندي آهي؟ اهڙين حالتن مان به گذرياسون پر ڪڏهن تکا مٺا ڪونه ٿياسون. نڪو ڏوراپو، نه ئي ڪوسا ٿياسون.
مون کي پئسي جو شوق به ڪونه هئو. ٺهي ٺڪي ماني ملي ۽ اڇا ڪپڙا پهرون ته بس ٻيو ڇا کپي! ٻرو کپي؟ دل ۾ اطمينان آهي ته آرام ئي آرام آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ جهور پوڙهو هوندو هو ، ’ڏاڏو سومر‘، ڪي ڏاڏا چوندا هئس، ڪا نانا، واڻ جي کٽ تي پٺا اگهاڙا ڪيو ليٽيو پيو هوندو هئو. سڄو ڏينهن نڙ سان ڪانءُ پيو هڪليندو هو جي سندس کٽ تي يا کٽ ويجهو ويهندا هئا. هڪ ڏينهن ڀرسان ويهي پڇيومانس ته ”ڏاڏا خوش آهين!“ اٿي ويهي رهيو. زوردار نموني تري تي تري وڄائي چيائين ”کٽ چڙهئي ٿي ماني مليم. اڃا ٻرو کپيم؟“ مار! ڪيڏو نه اطمينان ۽ سُڪون ته بنا ڪم ڪرڻ جي بنا گهرڻ جي کٽ تي ماني مليم ٿي، باقي ٻرو کپيم! ماني به ڪهڙي؟ سڪو ٽڪر يا پاروٿو ڀت، ان ۾ به خوش. اهو ئي سومر منهنجي ڪهاڻي ”ڪارو پاڻيءَ“ جو نائڪ آهي.
پر عورت جا گهر هلائي ٿي. ٻارڙن کي پالي ٿي، مهمان طائي کي منهن ڏئي ٿي ۽ گهر به هالو چالو رواج موجب صاف سٺو رکي ٿي ۽ فرنيچر وٺي ٿي، ان کي پئسي جي لوڙ ته پوي ۽ شديد پوي ٿي. سا به ڏِک ڪانه ڏيندي هئي. نڪو منهنجو مٿو کپائيندي هئي. دل ۾ پئي ڪڙهندي هئي. ڀلا گهر ۾ هجي ڪي ڪين ۽ نانءُ ۽ عهدو وڏو ته ضرورتون ته ضرور ڪَر کڻنديون! اسان جي گهر ۾ رڳو واڻ جون کٽون ۽ هنڌ. نه ڪرسي نه ٽيبل، کپري ۾ ٽي سال ائين گذاريا.
شڪارپور ۾ چار ڪرسيون مردان مان گهرايم، في ڪرسي پندرهن روپيه. 1956ع کان اڄ تائين مون وٽ صحيح سلامت آهن. انهيءَ سال مولا بخش سانگي سب جج مقرر ٿيو. ان وڪالت جو سامان وڪيو ته ان کان به هڪ ڪرسين جو سيٽ، هڪ ڊبل ڪرسي ۽ ٻه جدا ڪرسيون ورتم. سؤ روپيا پئي گهريائين پر مون کيس پنجانوي روپيا ڏنا. ڪاٺ شيشم جو ۽ ڪاريگري سٺي. اهي ڪرسيون به اڄ تائين مون وٽ آهن. پنجاهه سال گذرڻ کان پوءِ سندن قيمت پنج هزار روپيا آهي. بس انهيءَ فرنيچر تي ٽي سال شڪارپور ۾ ۽ ٽي سال خيرپور ميرس ۾ گذاريم.
خيرپور ميرس ۾ سيشن جج هئو پير سيد غلام حيدر شاهه، وڏي دل گڙدي ۽ صاف ذهن جو ماڻهو هئو. ان سرڪاريءَ طرح سان هر هڪ جج کي ويهه هزار (اها وڏي رقم هئي) ڏنا ته گهرو فرنيچر گهرائي سرڪاري بنگلي ۾ وجهو. مون ته قالين ۽ پڙدا به ورتا ته پلنگ به ٺهرايم ۽ سادو صوفا سيٽ ۽ ماني کائڻ جي ميز ۽ ڪرسيون به ورتم. عاليشان رهائش ٿي پئي. پير صاحب چيو ته، ”اجايو پئسا زيان ٿيندا هئا هاڻي سڀ ڪنهن لاءِ سهوليت ٿي پئي!“ اهڙو آفيسر وري نه پيدا ٿيو. منهنجي بدلي ٽن سالن کان پوءِ سجاول ٿي ته سڀ سامان ڇڏي وري غريباڻو لڏو کڻي اچي سجاول نڪتاسين.
سجاول ۾ جايون ٿين تيڪي جون، ’تيڪو‘ معنيٰ بانس جي لڪڙين جون ڀتيون ۽ ڇت تن مٿان مٽيءَ جو گارو ڪيل. اچي جو مينهن پيو ته سڄو گهر ٽمڻ لڳو. رات جو سمهي نه سگهجي، ٻارن کي ڪوٽڙيءَ ۾ ئي پيڪي گهر رهايم. ڪورٽ جي بلڊنگ وڏي شاهي ۽ پڪ سري. انجنيئر کي چئي ۽ان جي اڌ کي پارٽيشن ڏئي باقي اڌ کي گهر ڪيم. سٺو بنگلو ٿي پيو. مون کان پوءِ جيڪي ٻيا جج آيا سي به سکيا ٿيا. وري اليڪٽري جا ٿنڀا لڳرائي بجلي ڇڪائي اها به هڻايم. پوءِ ته عيش ٿي ويو. ٻين آفيسرن به پوءِ اک پٽي جو ڊي ايس پي ۽ ڪيترن ايس ڊي اوز به لائيٽ لڳارائي. گهرن کي به تيڪي بجاءِ پڪيون ڀتيون لڳرايائون.
شڪارپور۾ هڪڙو فرنيچر مون ٺهرايو جو اڃا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. اهو هئو پينگهو. انورالدين قريشي منهنجي گهر واريءَ جو ڀاءُ اتي رينج فاريسٽ آفيسر ٿي آيو. ان چيو ته ”ٽالهيءَ جو ڪِٺ، شيشم، مان ٿو ڏيان جيڪي وڻئي سو ٺهراءِ!“ مون واڍو گهرايو جو مشهور ڪاريگر هئو. ان کي پينگهي ٺاهڻ لاءِ چيم. پر نقشو سڄو مون ڏنومانس ته هيئن هجي. چيم ته ٽنگون ته هجنس ئي نه، ٽنگن بجاءِ ٻنهي پاسي اڪر تي ڪاٺ جو سهڻو انگڙ ونگڙ ڍانچو هو. ٻيو پينگهي ۾ هونديون آهن ٻه ڪنڍيون جي گسنديون آهن ته چيڪٽ ڪنديون آهن. چيم ته اهي به نه هجن. اوستو منجهي پيو ته ”پوءِ باقي پينگهو لڏندو ڪيئن؟“ کيس سمجهايم ته ”سائيڪل وارا بال بيرنگ لڳائي جي نه گسڪن نه چيڪٽ ڪن!“ ويچار ۾ پئجي ويو. پر هائوڪار ڪيائين. پوءِ ته اهڙي شيءِ ٺاهي آيو جو اڄ تائين ماڻهو ڏسڻ ٿا اچن. منهنجو خرچ آيو پنج سؤ روپيا جيڪي ڪاريگر محنتاڻو ورتا. اڄ ڪراچيءَ ۾ ان پينگهي جا لک روپيا ملن ٿا. پر ڏيان نٿو، پويان وڪڻي ڇڏين ته رب ٿو ڄاڻي.
سجاول ۾ به اهي اٺ ڪرسيون. کٽون ۽ پينگهو، ٻه سال گذر ڪري وياسون. سجاول ڏاڍو ڏورانهون علائقو آهي. هڪ رستا خراب ٻيو ڇڪڙن جهڙيون بسون. گهر جو حال اهو، وري مٿان نانگ بلائون. روز گهر مان نانگ مارجي. هڪ نانگ ته کٽ تي چڙهي منهنجي ٻارڙي جي ڀر ۾ سمهي پيو يا ڇپ هڻي ويٺو. منهنجي گهر واري سمجهيو ڪو ڪپڙو آهي؛ کڻي کنيائين ته هٿ ۾ هليو ۽ ٿڌو به ڏاڍو لڳس. ”گهوڙا نانگ!“ چئي وري کڻي ٻارڙي مٿان اڇلايائين. ماءُ جي دل، ڊني به ڏاڍي پر ٻاڙرو سٽ ڏئي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايائين. مون بتي ٻاري ته نانگ ٻار جي رِلڪن ۾ ڇپ هڻي گم ٿي ويو. پوءِ ته بورچيخاني مان بنڊي کڻي آيس ۽ هڪ هڪ رِلڪو پٽ تي اڇلي ڪٽِندو رهيس. صفا هيٺئين رلڪي ۾ نانگ هئو. ڌڪ جو هنيم ته رلڪي ۾ رت ظاهر ٿيو. پوءِ ته ڪٽي ماري اڇليم. سرنگ هئي. سرنگ اهڙي گهڻي زهريلي بلا ڪانهي. منهنجي گهر واري چوي ته ”هٿ ۾ کڻي ڏسوس ته ڪهڙو نه ٿڌو آهي!“ مون بڇان کان هٿ ڪونه لاتومانس، پوءِ گهر ۾ هڪ نور پاليوسين جو نور نانگ سان وڙهندو آهي، پر جهنگلي نور جلد ئي مري ويو. پوءِ دروازي تي تارپين هاري سمهندا هئاسين جو تارپين لڳڻ سان به نانگ مري پوندو آهي. پوءِ به بلائون اينديون رهيون. هڪ دفعي کپر ماريوسين.
سجاول هڪ ڏورانهون شهر، ٻيو نانگ بلائون، ٽيون قحط الرجال، پر مون اهڙو وقت موج مستيءَ ۾ ڪٿي ڪونه گذاريو. اتي منهنجو ايس ڊي او دوست نور محمد سمون اڳواٽ ئي هيو. ان معرفت دوستي ٿي هڪ ٻئي ايس ڊي او محمد جان بروهيءَ سان. اهو به واهه جو ماڻهو هئو. مٿان سون تي سهاڳ اهو جو ڊاڪٽر ٿي آيو جان محمد قريشي، چيف انجنيئر اميد علي قريشي جو ننڍو ڀاءُ، اهو به مور مڙس هئو. شهر جو چڱو مڙس، چيئرمين هئو هڪ جوان مڙس محبوب علي شاهه، سو به خوبين جي کاڻ هئو. مٿان دڙي جو رهواسي محمد عارف عباسي به اچي اسان سان شامل ٿيندو هو. واهه جو چوڪڙي ٺهندي هئي. شيل شڪار، گهمڻ، ڦڙڻ، دعوتون، بس واندڪائي ڪانه هوندي هئي. ٻيو ته رمي راند رچائيندا هئاسين. مان هئس غريب سو پائيءَ پوانٽ کيڏندا هئاسين. روپئي ۾ هيون 1000 پائيون، پوءِ به هڪ ڏينهن مون ڇٽيهه روپيا کٽيا، عيش ٿي ويو.گهر جي پلويڙي کي دروازو هئو ڪو نه سرڪاري گهر کي پنهنجي رميءَ جي پئسن مان دروازو هڻائي ڇڏيم. جوئا جا پئسا گهر ۾ ته ڪونه آيا، الٽو هر ايندڙ آفيسر لاءِ سک ٿي پيو.
سجاول وڏو علائقو آهي جهڙوڪر ضلعو، چار تعلقا آهن. سجاول، جاتي، بٺورو ۽ شاهه بندر. سڀني شريف ماڻهن سان اهڙو رهايم جو جڏهن بدلي ٿيس ته منهنجيون جدا جدا شهرن ۾ سترهن الوداعي پارٽيون ٿيون. پنجاهه سالن کان پوءِ منهنجو ننڍو پٽ ساجد جمال ابڙو سجاول ۾ ايس ڊي ايم ٿي ويو ته، چيائين ته ”بابا ماڻهو اڃا توهان کي سنڀارين ٿا ۽ توهان جو پڇن ٿا“، اڄ تائين اتان عيد ڪارڊ اچن.
سجاول کان بدلي ٿيم ٽنڊي الهيار. ٽنڊو الهيار آهي ڪروڙ پتين جو شهر. اتي به کٽون ۽ اٺ ڪرسيون کڻي وڃي پهتس. سڀني ڪروڙ پتي سيٺين سان ڀائپي جا رستا ٿي ويم. حافظ عبدالعزيز، حاجي حاجن، نورالنبي، حاجي محمد اڪرم، وڏي ڳالهه ته منهنجو پراڻو اسڪولي ساٿي کپري وارو ڊاڪٽر حاجي سانوڻ خان ٻٻر به اتي هئو. واهه جو وقت گذاريم. هر ڪنهن کي ڏکيءَ ويل ڪم آيس. واقعا لکبا ته دفتر ٿي ويندا. مان آفيسر نه پر هر ڪنهن جو هڪ دوست، گهر ڀاتي ۽ هڏ ڏوکي هئس. غريب غربا، مهاجر، خانزادا ۽ قائم خاني به پنهنجا ڏکڙا کڻي ايندا هئا ۽ وس آهر سندن مدد ڪندو هئس.
ايوب جو مارشل لا هجي پر مون وٽ ته هئي قاعدي قانون جي ڳالهه. نواب ياسين خان کي گرفتار ڪري منهنجي ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون جو ايوب خان جي خلاف تقرير ڪئي هئائين. پاڻ ڪجهه چوي تنهن کان اڳ چيومانس ته، ”نواب صاحب ضامن آندو اٿوَ؟“ وڪيل حيران، پوليس وارا حيران، خود نواب صاحب وارا حيران ته اڃا ضمانت جي درخواست ڏني ڪانهي ۽ جج صاحب پيو ضامن جو پڇي، سو به مارشل لا ۾! بيٺي پير ضامن کنيومانس. آزاد ٿي وڃي حيدرآباد پهتو. شام جو مير علي احمد خان ٽالپر جي فون آئي جو محترمه فاطمه جناح جو سياسي ورڪر هئو. دعائون ڪيائين. مرحبا، وڏي ڄمار. پنجويهه ٽيهه سالن کان پوءِ نواب ياسين اسيمبلي جو ميمبر ٿي آيو. مان سيڪريٽري هئس. مون کي ڪونه سڃاتائين، ياد ڏياريومانس ته چيائين ته ”اچها وه آپ تهڳ“ بس.
ٽنڊي الهيار ۾ هڪ چڱو ڪم اهو ڪيم جو اتي هڪ سٽيزن ڪلب جو بنياد وڌم. وڏن ماڻهن کان چندو وٺي ميونسپل گارڊن ۾ ڪلب کولي سون. ان ڪم ۾ مونسان نور احمد بچاڻي مرحوم گهڻو ٻانهن ٻيلي رهيو. ڪلب ۾ شام جو بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس رانديون ٿينديون هيون. هينئر آهي الائي ختم ٿي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ به اٺن ڪرسين ۽ کٽولن سان گذر ڪري آيس. البت بدليءَ جي ٽي. اي. ڊي. اي. مان ٻارهن سؤ روپيا بچيم سو خيال ڪيم ته ريفريجريٽر وٺجي. حاجي محمد بچل پاٽولي ۽ شيخ ستار وڪيل سان ڳالهه ڪيم. انهن چيو ته گڏجي ڪراچي هلنداسين. نيٺ اهڙو ٽڻ ٺهيو جو ٽئي ڄڻا جيپ ۾ سوار ٿي ڪراچي پهتاسون. ٻه ڏينهن ترسي موٽڻ وارا ٿياسون ته حاجي محمد بچل پاٽولي چيو ته ”توهان فرج ته ڪو نه ورتو!“ چيم ”پندرهن سئو ۾ ٿو ملي. مون وٽ رڳو ٻارهن سو آهن سو وري ڪڏهن ٻئي دفعي!“ حاجي صاحب چيو ”اها ڪهڙي ڳالهه آهي، هلو دڪان تي!“ ٽي سؤ پاڻ وجهي پندرهن سؤ روپين ۾ انڊيسٽ جو فرج خريد ڪري جيپ ۾ ويهي اچي گهر نڪتاسين. گهر ۾ جهڙي عيد ٿي وئي، چوندا آهن ته ’اوڌر جي ماءُ مُئي ڪانهي‘ هي ته ساڀيان ٿي پيو. قرض لاهي وڌوسين. باقي اسان جي گهر جو نقشو ئي مٽجي ويو. ٿڌو پاڻي، برف، وري ٻارن لاءِ ورتاسين پلاسٽڪ جا سانچا جن ۾ کير ملائي ۽ کنڊ ملائي فرج ۾ رک ته جهڙو مفت ۾ قلفي ۽ آئيس ڪريم، واهه جو مزو ٿي ويو. اسان جو رهائشي پد مٿاهون ٿي ويو.
1965ع واري لڙائي هلي پئي ته منهنجي بدلي حيدرآباد ٿي. ان کان پوءِ منهنجا ڏينهن مٽيا. غريب مسڪين مان اوچتو وڏو ماڻهو ٿي ويس. وري پوئتي موٽ ڪانه کاڌم. قدرت جا ڪارخانا عجيب آهن. حيدرآباد ۾ رهڻ جي جاءِ ڪانه هئم سو وڏي ڀيڻ عبدالحق جي گهر وارِي پنهنجو نئون نڪور هزار والن تي ٺهيل عاليشان بنگلو مفت ۾ رهائش خاطر ڏئي ڇڏيائين. بنگلي ۾ باغ، نوڪرن جا ڪوارٽر، اوطاق، ڦوهارا لڳل. ڇا نه هئو. اسان جا ڀاڳ اوچتو کلي پيا. جيڪو پيو بنگلي ۾ اچي سو پيو عش عش ڪري. پئسي جي اها ئي ٻاڙائي. ’اندر مڙيئي اڳڙيون، ٻاهر لوڏ لکن جي‘ لطيف آباد کان سيشن ڪورٽ پنڌ وڃبو هئو. ڪڏهن ٽانگي تي. هڪ دفعي مير لکي مرحوم مون کي ٻارڙن سان گڏ ٽانگي ۾ ڏٺو ته حيرانيءَ مان منهنجي دوست غلام النبي سومري سان ڳالهه ڪيائين ته ”ابڙي صاحب کي مون ٽانگي ۾ ويندي ڏٺو!“ غلام النبي به هئو مزيدار ۽ عجيب طبيعت جو ماڻهو سو چيائينس ته ”ڪار خراب ٿي پئي اٿس، سا گئراج ۾ بيٺي اٿس!“ منهنجي بنگلي ۽ رهائش جو ڏهڪاءُ ايڏو وڏو هئو.
منهنجي گهر واري مرحومه به ڇا ڪيو جو سستا پلاسٽڪ جا صوفا وٺي ڊرائنگ روم ۾ سجائي ڇڏيائين. پڇيومانس ته، ”پئسا ڪٿان آندائين؟“ ته عجب مرڪ مرڪندي چيائين، ”مون کان ڪيترو لڪائيندا جڏهن به توهان جي ڪوٽ جي تلاشي وٺندي آهيان ته پنجاهه سٺ نه ته به ويهه روپيا ملي ويندا آهن!“ ٿيندو ائين هو جو دوائن جا بل يا ٽي اي ڊي اي جا پئسا جيڪي ملندا هئا سي مان پنهنجي کيسي ۾ رکندو هئس. منهنجي گهر واري ليکي ته پگهار مان ڪجهه پئسا لڪائي مان پاڻ وٺ ٿو رکان. ڀرسان لڳو لڳ هئو ڪمال جو بنگلو. ٻئي ڀائر ائين وڏي شان مان رهيا پيا هئاسين. ٺٽي وارو مرحوم، رسول بخش عباسي وڪيل منهنجو دوست بلڪ دوستن جو دوست هئو. ان چيو ته ”هڪ فرنيچر وارو سندس دوست آهي، جنهن وٽ هڪ وڏي کاڌي جي ميز سيڪنڊ هئنڊ وڪائو آهي، سا کڻائي ٿو اچان!“ ٽيهه چاليهه روپين ۾ کاڌي جي ميز به اچي وئي. بنان ڪرسين جي. بيهي ماني کائڻ ته رواج آهي سو اسان جو ڪم ٿي ويو ۽ ڊرائينگ توڙي ڊائننگ روم ٺهي ويا يعني سجائجي ويا. غلام رسول شيخ سيشن جج بدلي ٿيو ته جج صاحبن هوٽل جا پئسا بچائڻ خاطر الوداعي دعوت منهنجي بنگلي تي ڪئي؛ سٺي رهجي آئي.
غلام النبي سومرو، شفيع محمد آخوند ۽ نور محمد ٻگهئي جهڙا بهترين دوست ته حيدرآباد ۾ هئم. غلام النبي سومرو جي معرفت سرڪار مير علي مدد خان ٽالپر جي مصاحبي نصيب ٿيم. روز ڪار در تي اچي. ان ۾ گهمڻ وڃون. مير صاحب جي مصاحبي مان ته ايترو پرايم جو نه ڪتابن مان، نه ماءُ پي ءُ مان، نه نوڪريءَ مان نه خاڪساري تحريڪ مان. هر ڪو مير صاحب پنهنجي ذات ۾ا نجمن ٿئي ٿو. مون کي ته ائين لڳو. مٿان ڀاڳ ڀلا جو عبدالله ميمڻ نئون سي ايس پي آفيسر مقرر ٿي آيو، تربيت لاءِ حيدرآباد ۾ . اهو به عجيب بلڪ غير معمولي ماڻهو! غريب جو ٻار پر ڇا ته سندس اٿڻي ويهڻي، گفتگوءَ جو انداز ۽ باغ و بهار شخصيت. الائي ڪٿان مون کي ڳولهي لڌائين. روزانو محفل ٿيندي هئي ۽ رات جا هڪ ٻه وڄي ويندا هئا. ڇا بحث مباحثو، ڇا مسئلن جي ڇنڊڇاڻ، ڇا دوستن جي تور ماپ، ڇا مذاق ڇا مزاح ڇا شعرو شاعري ۽ ادبيات. بلڪل هڪ گهڻ پاسائين شخصيت. راڳ جو به ڄاڻو. راڳ ناچ، طبلي جي ٿاڦ جو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون چشڪو ورتو.
ناراض هئي ته رڳي هڪ شخصيت، منهنجي گهر واري. رات جو ٻي بجي تائين اوسيئڙي ۾ بيٺي هوندي هئي. پر کيس ڪاوڙ ٻئي سبب ڪري هئي. چي ”اڳي ڪچهريءَ جو محور اوهان هوندا هئا، هر ڪو توهان وٽ ايندو هئو. محفل توهان وٽ ٿيندي هئي. هاڻي ڪهڙو اهڙو وڏو ماڻهو ساماڻو آهي جو محفل وٽس ٿي ٿئي ۽ توهان به وٽس ٿا وڃو!“ مون سندس ئي جملو کيس آڏو ڏنو ته ”هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ورتاءُ“ ماٺ ٿي ويندي هئي، پر خار هوندي هئس ته سندس مڙس کان وڌ ڪهڙو خاص وکر هوندو هن ٻئي ماڻهوءَ ۾. مطلب ته منهنجي گهٽتائي برداشت نٿي ٿيس. حقيقت ۾ عبدالله ميمڻ آڏو مان ڄامڙو هئس. ڀيٽ ئي ڪا نه هئي.
نيٺ عبدالله جي بدلي صوبي سرحد نوشهره ٿي ته وري ماحول مٽيو ۽ شامون مون وٽ آباد ٿيڻ لڳيون. ايتري قدر جو هڪ رات لطيف آباد جي ايس ايڇ او فون ڪري چيو ته، ”صاحب توهان جي گهر وٽ آڌي رات جو گهڻيون ڪارون بيٺيون آهن!“ مون به سڙندي پڄرندي چيومانس ته ”سمگلر آهن، اچي تلاشي وٺ!“ چپ ٿي ويو. مون وٽ هئا سڀ آفيسر ۽ سٺا خانداني ماڻهو سو مون کي سندس سوال تي ڪاوڙ لڳي. مهمانن جي خاطرداري وري ڪهڙي ٿيندي هئي. منهنجي گهر واري ڇا ڪندي هئي جو وڏي گوشت جو قيمو ڪرائي ڍير سارو قيمون ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيندي هئي. وڏو گوشت ملندو هئو ڏيڍ روپئي ۾ هڪ سير. سو جڏهن به مهمان ايندا هئا ته طعام تيار ٿي ويندا هئا. منهنجن مهمانن کي ملندو هئو قيمي جو ٻوڙ ۽ چانورن جي ماني. چانورن جي ماني شهري ماڻهن لاءِ نئين ايجاد هئي سو فرمائش ڪري گهرندا هئا. گهڻن سالن کان پوءِ شفيع محمد آخوند ڪراچي ۾ سيشن جج ٿي آيو ته، چيائين ته ”تنهنجي گهرجو قيمو ۽ چانورن جي ماني وسري ئي نٿي!“ ڪنگڻي چانورن جو اٽو ڪڻڪ کان سستو هوندو هو. اٺين روپئي مڻ. الله کڻي عزت رکي. سگهڙائپ گهر واريءَ جي جا آڌي رات جو تازي ماني ٺاهي ڏيندي هئي.
مرحومه جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن. ڇهه ٻار، ڇهه ئي اسڪول ويندڙ. حيدرآباد جهڙو وڏو شهر، پگهار هزار روپيا. ڪِرڪِر ۽ ڪُرڪو يا شڪوو شڪايت. سندس طبيعت ۾ ڪانه هئي. مٿان وري گرميءَ جي موسم ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جا مهمان ايندا هئا ته سندس نرڙ ۾ گهنج نه پوندو. مهمان ڏسي باغ و بهار پئي ٿيندي. الائي ڪيئن کلي کلي خوش ٿي پورت ڪندي هئي. مهمان اڄ ياد ڪنس ٿا. کانئس پوءِ اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. وڏي برڪت هئي. چوندا آهن ’ڪنهنجي آئي ڪنهنجي وئي!‘
اختلاف ۽ جهيڙو پيدا ٿيڻ ئي نه ڏيندي هئي. ڪا اهڙي جهڙي ڳالهه ٿي ته مون کي اٿاري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندي هئي. چوندي هئي توهان جو واسطو ناهي زناني ڳالهين ۾ پوڻ جو. معاملو پاڻ به سلجهائي پوءِ مون کي ٻڌائيندي هئي ته هينئن ٿي ويو هو. هونئن ٿي ويو هو. ڳالهه ڳالهين ۾ ٺيڪ ٿي وئي. جيڪڏهن مان ڪو اعتراض اٿاريندو هئس ته ناراض ٿي چوندي هئي ته ”اڳتي توهان سان ڪا به ڳالهه نه ڪبي ٻيو ڇا!“ مان چپ ٿي ويندو هئس.
غلط فهميون دور ڪرڻ جي به ماهر هئي. هڪ دفعي ٽنڊي الهيار ۾ سندس هڪ عزيز آيو. مونکي چيائين ته ڪوٽڙيءَ ڀرسان ٻارهن ڪي پندرهن ايڪڙ زمين ٿي ملي سو پندرهن سؤ روپيا ڏي ته تنهنجي نالي ٻه ٽي ايڪڙ زمين وٺون. مون گهڻو ئي لهرايو پر اصل ڳٽ ٿي پيو. نيٺ حاجي اڪرم پاٽولي کان پندرهن سؤ اڌار وٺي ڏنامانس. نه زمين منهنجي نالي ورتائين نه پئسا موٽايائين. پاڻ زمين ورتائين ۽ پيدائش به کڻندو رهيو. ورهيه گذري ويا. منهنجي گهر واريءَ کي خبر ئي نه هجي. نه ته هوند مونکي منع ڪري ها. ورهيه لنگهي ويا. اسان ڪراچي بدلي ٿي آياسين. گهر واريءَ سان ڳالهه ڪيم، هڪدم چيائين ته پندرهن سؤ مون کي ڏنا هئائين. ائين جهڳڙو ئي ختم! الائي ورتا هئائين الائي بعد ۾ اوڳاڙيائينس، خدا ٿو ڄاڻي؛ باقي اختلاف کي اڀرڻ ئي ڪو نه ڏنائين.
حيدرآباد جي بنگلي ۾ ئي مون کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ مان وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيس. اهو سربستو احوال پنهنجن اڳين ڪتابن ۾ لکي آيو آهيان. ان ڪري ورجايان نٿو، سڄا سارا ٻه مهينا اسپتال جي ڪمري ۾ پٽ تي ستي پئي هوندي هئي. پئي دعائون پڙهندي هئي. ۽ باسون باسيندي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ گهر آيس ته پوءِ به ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ ٻه مهينا آفيس جو ڪم ڪرڻ کان منع ڪيم. کٽ تي ليٽيو ئي ليٽيو پيو هوندو هئس. ان حالت ۾ به سرڪار مير علي مدد خان ٻه ٻه ڪلاڪ اچي مون وٽ ويهندو هو ۽ رکي چانهه يا ڪافيءَ جي پيالي تي ڪچهري ٿيندي هئي. منهنجي نارمل ٿيڻ ۾ وڏو عمل دخل مير صاحب جو به هئو. اهڙي حالت ۾ زوري اٿاري ڪار ۾ کڻي ڪوڪا ڪولا پياري سئنيما تي وٺي ويندو هو. چي ”ڊاڪٽر آفيس کان منع ڪئي آهي، سئنيما هال کان ٿورو ئي منع ڪئي آهي!“ ائين آهستي آهستي نفسياتي طرح مير صاحب مون کي نارمل ڪيو ۽ مان وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيس. سيشن جج مهربان هو تنهن ڏاڪڻ چڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪورٽ جو ڪمرو هيٺ گرائونڊ فلور تي ڪرائي ڏنو ۽ گهڻي ڪم ڪرڻ کان به منع ڪيائين. آفيسر مهربان آهي ته سڀ ڪم سولا ٿي پون ٿا.
ٻيو مسئلو پيدا ٿيو جو منهنجي ڀيڻ بنگلو خالي ڪرڻ جو چيو. ڀرسان ئي لطيف آباد ۾ هڪ ننڍو بنگلو ٻه سؤ روپيا مسواڙ تي ورتم، ڊاڪٽر ڪريم عباسي آرامده زندگيءَ گهارڻ تي زور ڀريندو رهيو. اهو به چيائين ته ”ٿڌڪارو (ايئرڪنڊيشن) به ضرور استعمال ڪر“. اهو ڪمال منهنجي ڀاءُ ڏنو. 1967ع جو اهو ڏينهن؛ اڄ تائين مان چوويهه ڪلاڪ ٿڌڪارو استعمال ڪيان ٿو. نصيب! رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به اهو نصيب اٿم. رٽائر ڪئي به پندرهن سورهن سال ٿي ويا اٿم. خرچ الائي ڪٿان پيو نڪري! جيسين هلي تيسين هلڻ ڏينس، واقعي الله ڏئي ٿو ۽ نصيب به ڪا چيز آهي.
انهيءَ بيماري واري دؤر ۾ لطيف آباد ۾ پنهنجو بنگلو اڏائي وڌم، جنهن جو مفصل احوال اڳين ڪتاب ۾ لکيو اٿم جهڙوڪر جادوءَ جي ڏنڊيءَ سان ڪم پاڻ ئي ٿيندا ويا. واقعي الله ڏئي ٿو ته ڇپر ڦاڙي ٿو ڏيئي. اعتبار جهڙي ڳالهه ڪانهي پر واقعي سڀ ڪم پاڻ ئي پاڻ ٿيندا ويا ۽ بنگلو اڏجي ويو. مسواڙ کان بچڻ لاءِ ٽپڙ کڻائي اچي پنهنجي نامڪمل بنگلي ۾ ويٺاسين. گدوءَ واري چرين جي اسپتال کان پنڌ ئي پنڌ سيشن ڪورٽ اچبو هو. ٻار به اتي ئي ماڊل اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ان ڪري مون سان گڏ ايندا هئا ۽ گڏ موٽندا هئا.
بنگلي اڏجڻ تي منهنجي جج ڀائرن شڪ ڪيو ته شايد رشوت ٿو وٺي . اهو ته الله ٿو ڄاڻي ۽ ماڻهو ڇا ڄاڻن! ڳالهه لڪي ڪانه ٿي. جيڪو ماڻهو رشوت ڏيندو سو ڏهن ٻين ماڻهن سان ضرور ڳالهه ڪندو ۽ ايئن لکن ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويندي. ائين رشوتي ڪو لڪي ڪونه ٿو. ضرور ظاهر ٿيندو. رب پيو پناهه ڏئي! ائين هجي ها ته اڄ تائين جا عزت اٿم سا ڪانه هجي ها.
آفيسر کي رشوتي ڪن ئي ماڻهو ٿا. زوريءَ هن وٽ پئسا پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. نه وٺندو ته چوندا ته ”ضرور ٻي ڌر کان پئسا ورتا اٿائين!“ پر ايمانداري لڪي ڪانه ٿي. خوشبوءِ جيان ڦهلجي ٿي. کپري ۾ هئس ته هڪ ڏينهن شام جو هڪ ماڻهو منهنجي گهر ملڻ آيو. ٻئي هٿ ٻانهون ٻڌڻ جي انداز ۾ بند. ”ابا خير آهي!“ چي ”سائين! غريب آهيان. تو وٽ جوابدار آهيان!“ ائين چئي منهنجي ٽپائي تي هٿ کوليائين ته سؤ سؤ جا ڪيئي نوٽ ٽِپائي تي اچي ويا. مون سخت ڪاوڙ ۾ چيومانس ته، ”هونئن سزا نه اچئي ها، هاڻ ته پڪ ايندءِ!“ چيومانس ”کڻ نوٽ! وڃي فريادي کي ڏئي ٺاهه ڪر، نه ته ڪونه ڇڏيندوسانءِ“ تڙ تڪڙ ۾ نوٽ ميڙي ڀڄي ويو. واقعي فرياديءَ وٽ ويو معافي ورتائينس ۽ ڏنڊ به ڀري ڏنائينس. اها ڳالهه مون سان سندس وڪيل ڪئي. ڳالهه مشهور ٿيندي دير نٿي ٿئي ۽ جڳ کي خبر پئجي ٿي وڃي ته هي آفيسر ايماندار آهي، وڪائو ناهي.
حيدرآباد ۾ هئس ته تاج محمد ابڙو مهمان ٿي آيو. حال احوال وٺندي ٻڌايائين ته هو منهنجي ڪورٽ ۾ وڪيل ٿي آيو آهي. چيائين ته ”تنهنجي منهنجي دوستيءَ جي خبر اٿن. سو ڏهه هزار في ڏني اٿائون. اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو! اهو ڪم ڪيئن به ڪرڻو اٿئي.“ چڱي خاصي رقم هئي. دوست به گهاٽو هئو پر مون کيس صاف جواب ڏنو. ڳالهائڻ جو به هوشيار هئو. گهڻائي وڪڙ چاڙهيائين. پر ڪجهه ڪو نه وريس. ناراض ٿي ڏهه هزار في واپس ڪيائين ۽ موٽي ويو.
جن کان پئسا نه ورتم انهن چوڻ شروع ڪيو ته ”ٻي ڌر کان پئسا کاڌا اٿس!“ مون سندن وڪيل عبدالقادر هاليپوٽي سان اڃا ڳالهه ڪڍي مس ته چيائين ته ”سائين! مون کي سڄي خبر آهي. هاڻي جو پڪ ٿي اٿن ته توهان نٿا وٺو؛ سو توهان تي نفسياتي دٻاءُ پيا وجهن!“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالقادر هاليپوٽي کي به ڇڏي ويا. وڃي غلام النبي ميمڻ سابق وزيرِ قانون کي وڪيل ڪيائون. هن بحث تمام سٺو ڪيو، قابل ته هئو. پر مون خار ۾ فيصلو سندن مخالف ڪيو. ان ۾ ڪا خرابي ڪانهي اپيل جو دروازو کليو پيو آهي. خواهه مخواه غلام النبي ميمڻ جهڙي قابل وڪيل کي ناراض ڪرڻو پيو. غلام النبي ميمڻ سان الائي ڇو منهنجو ستارو هلي ئي نه پيو. اڳ ۾ به هڪ ڪيس ۾ ائين ئي کيس ناراض ڪيو هئم، جيتوڻيڪ سندس موقف درست هئو.

7

ڳالهه پئي ڪيم ته ماڻهو هٿ وٺي آفيسر کي رشوتي ٿا بڻائين. ٽنڊي الهيار ۾ هڪ معمولي ريزيڊنٽ جو ڪيس هو. جوابدار جو وڪيل قابل، سياسي ليڊر، عوامي ماڻهو منهنجو واقفڪار منهنجي چيمبر جي جج جي نجي ڪوٺڙيءَ ۾ هليو آيو. ڪيس جي ڳالهه ڪيائين. مون ئي چيومانس ته ”ڪيس ۾ ڪي ڪين آهين. ڪمزور آهي!“ اٿي بيهي بحث ڪرڻ لڳو. ڇا ڪيائين جو ٽي سؤ روپيا ڪڍي ميز تي رکيائين. چي ”مون تنهنجي نالي تي ورتا آهن، نه کڻندين ته مان کڻي ويندس. موٽائي ته ڪو نه ڏيندس!“ ڏسو ڪهڙا حربا ٿا استعمال ٿين. هٿ وٺي زوريءَ ڪنهن کي رشوتي بنائڻ آهي؛ ٻيو ڇا؟
حيدرآباد ۾ قاضي عبدالمنان وڪيل، منهنجو ڪاليجي دوست ٽاڪ منجهند جو منهنجي گهر ملڻ آيو. ماني اڌ ۾ ڇڏي ساڻس ملڻ ويس. ڪيس جي ڳالهه ڪڍيائين جا گهر ۾ نه ڪرڻ کپي پر دوست هئو چپ رهيس. ٻه سؤ ويهه رپيا ڪڍي ٽپائي تي رکيائين. چي ”هيءَ في ملي اٿم. ويهه رپيا مان ٿو کڻان ٻه سؤ توکي آيا!“ مون کيس چيو ته ”سڄي في پاڻ وٽ رک تنهنجو ڪم ٿي ويندو!“ پئسا موٽائي کيسي ۾ وڌائين پر ڏٺم ته ناراض ٿيو جو مون وٽس وڪامڻ قبول نه ڪيو.
اهڙا ڪيئي واقعا! ڪيترا ٻڌائي ڪيترا ٻڌائبا؟ مطلب چوڻ جو هي آهي ته ماڻهو ڏاڍا بي صبرا ٿين ٿا ۽ ٻيو ته پڪ گهرن ٿا ته سندن ڪم ٿي ويندو. ڪم ته هر ڪو قانون مطابق ٿيندو. هيٺيون آفيسر نه ته بالا آفيسر اپيل ۾ ڪم ڪري ڏيندو. قانون کان ٻاهر ته ڪو ڪونه ويندو. پر ماڻهن کي تڪڙ، بي صبرائي ۽ پڪ گهرجي. پوءِ اهڙو معاشرو ڪيئن سڌرندو؟ ماڻهو ٿوري تڪليف برداشت ڪن ته هوندو سڄو معاشرو پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وڃي. ناجائز فائدي لاءِ ناجائز طريقا استعمال ڪبا ته سڄو معاشرو گندو ٿيندو. پوءِ ان گند مان جند ئي ڪا نه ڇٽندي.
مان چيئرمين اينٽي ڪرپشن هئس سو گهڻيون خبرون اٿم. ماڻهن کي چوندو هئس ته ”توهان کان ڪو رشوت گهري ته گهوڙا گهوڙا ته ڪيو، پوءِ اسين پاڻ ئي توهان جي مدد ڪنداسين. ٻيو نه ته رشوت ڏئي ڪم وٺي پوءِ ته گهوڙا گهوڙا ڪيو ته فلاڻو آفيسر رشوتي آهي“، پر اصل ائين نه ڪندا، جيڪي سو ڍڪ ڍڪيندا ته سائين فلاڻو آفيسر ’ڏاڍو سٺو ماڻهو‘ آهي، بلڪ ’مڙس ماڻهو‘ آهي، ٺهه پهه ڪم ڪري ٿو ڏئي. جيئن ڪو پوليس آفيسر وڌيڪ ظالم ته ماڻهو الٽو ساراهه ڪندس ته ’نَر آهي‘، ’شينهن مڙس‘ آهي؛ جي ڪو شريف آفيسر هوندو ته چوندا ته ’اڳڙي جهڙو ‘آهي، ’نه ڪم جو نه ڪار جو‘، نه هوند نه شڪر! ماڻهن جي اهڙي سوچ کي مٽائڻ ليڊرن جو ڪم آهي پر افسوس جو اهي پاڻ اهڙي ماحول کي هٿي پيا ڏين، پوءِ رشوت ڪيئن بند ٿيندي؟ برائيءَ کي برو سمجهجي ۽ ان کان پاسو ڪجي. هٿ وٺي بيعزت ٿي ليلڙائٽيون ڪري پئسا به ڏبا ۽ منٿون به ڪبيون ته پوءِ ٻيڙو ٻڏندو ٻيو ڇا ٿيندو؟
مون ته لفظ ’بيعزتي‘ استعمال ڪيو آهي پر حديث شريف آهي ته رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ٻئي ’لعنتي‘ آهن. انهي لعنت کان ماڻهو پنهجي جند پاڻ ڇڏائن باقي ٻيو ڪو ادارو اهڙو ڪارنامو ڪونه ڪري سگهندو. ياد رکو ته ’رشوت وٺڻ وارو ته ٺهيو رشوت ڏيڻ وارو به لعنتي آهي‘. اهو هڪ غير ذميوار شهري آهي جو پنهنجي ٿوري سک يا فائدي لاءِ سڄي معاشري کي هاڃو رسائي ٿو. ڪجهه غيرت ڌاري ڪجهه برداشت ڪري ته هوند رشوت جي ڪئنسر کان ڇوٽڪارو ملي پوي.
چوندا آهن ته زالون ٿيون مڙس کي رشوتي بڻائين. مان وڏو خوش نصيب آهيان جو منهنجي گهرواري نه رڳو انهيءَ مرض کان پاڪ هئي، پر وڏي صابر ۽ شاڪر هئي، چوڻ ته ٺهيو پر مون کي خبر به پوڻ نه ڏيندي هئي. چپ چاپ ۾ پنهنجو ڪو زيور وڪڻي پورت ڪري ڇڏيندي هئي ته جيئن مان پريشان نه ٿيان! اهڙيون ڇٽيهه لکڻيون زالون به ڪن بختاورن کي ملن. مان بي اونو پنهجي پر ۾ مگن وتان خيراتون ڪندو! خيراتون ڪهڙيون؟ ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت ڏسي سؤ، ٻه سؤ، پنج سؤ ڏيئي ڇڏيندس، گهر واريءَ کي جو پگهار گهٽ ملندي ته عجيب نظرن سان نهاري ماٺ ڪري ڇڏيندي. اهو به نه پڇندي ته پگهار اڌو اڌ گهٽ ڇو آهي؟ مون کي اهو به ياد ڪونه ته پگهار گهٽ ڌني اٿمانس. پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ خرچ لاءِ پئسا گهرندي ته چوندوسانس ته ڇو سڄي پگهار ڪاڏي وئي؟ موٽائي ڪونه چوندي ته هن مهيني ۾ اڌ پگهار ڏني هيؤ. اهڙي هئي بختاور سليقي ۽ ڳڻ ڳوت واري. اهڙي منڌ پاسي ۾ هجي ته شاهه لطيف چواڻي، ”مُر پيا مينهن وسن.“
جهيڙو ۽ تنازع ته پيدا ٿيڻ ڪانه ڏيندي. هيڏو سارو ڪٽنب سوين ڳالهيون ٿينديون هيون پر کيس هڪ به شڪايت ڪانه هئي. ڪنهن اهڙي جهڙي معاملي جي ڳالهه اُٿي ته مون کي اٿاري پنهنجي ڪمري ۾ ويهاري ايندي ۽ چوندي توهان جو ڪو واسطو ناهي؛ زناني ڳالهين ۾ پوڻ جو يا ڪجهه ڪُڇڻ جو. يعني سندس پاسو کڻڻ تي به بندش. اهڙي ڪا مائٽن جي ڪيڙيل هئي يا خدا اهڙي نرالي طبيعت ڏني هئس. امان هئي سخت جهيڙي ڪار! اها جيڪڏهن ڇنڊ ڪڍندي هئس يا گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئس ته ڪنڊ ۾ ڳوڙها ڳاڙي اکيون اُگهي هلي ايندي، اکيون ته چغلي هڻن ٿيون. مان سو جتن ڪري پڇانس ته ”ڇا ٿيو؟“ ته سندس هڪ ئي جواب ته ”ڪجهه ڪونه؟“ ٻين جون زالون ائين ڪو نه هيون.
ادا وڏو، شمس نهايت سمجهدار ۽ داناءُ! هڪ لڱا مون کي سڏي چيائين ته ”جمال! زال جي معاملي ۾ تون سڀني کي ماري وئين.“
ٻيا ته ٺهيو، مون سان ڪاوڙجي ته مون کي خبر ڪانه پوي. هڪ دفعي منهنجي نياڻي شاهده ڳالهه ڪئي ته ”امان ٻن ڏينهن کان ماني ڪانه کاڌي آهي.“ ويچار ۾ پئجي ويس ته ”ڇو !“ ياد آيم ٽيون ڏينهن رات جو دير سان هڪ ڏيڍ بجي موٽيس. ماني رکيو ويٺي هئي. ماني هميشھ گڏجي کائيندا هئاسين. مون چيومانس ”ماني کائي آيو آهيان!“ ۽ ڪپڙا مٽائي سمهي پيس. کيس ڏک پهتو ۽ پاڻ به ڪانه کاڌائين. ٻئي ڏينهن ٽئين ڏينهن ڪو نه ڪو بهانو ڪري مون اڪيلي کي ماني کارائي ڇڏيندي هئي. مثلاََ چوندي ”مان پوءِ ٿي کانوان!“ ائين اڍائي ڏينهن گذري ويا. مون کي جَن نه ڪَن، اها ئي مرڪ ۽ مشڪ ڪهڙي خبر تي رٺي هوندي. اٺن ٻارن جي ماءُ ۽ اهڙو رسامو. مان اچي منجهيس ته ڪيان ڇا؟ نيٺ سُجهي آئي، ماني آئي ۽ مون نه کاڌي. پڇيائين ”ڇو؟“ چيم ”ڪاوڙيو آهيان؟“، ”ڇا تي؟“ چيم ”اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي، توهان مون کي نوڪرن وانگر اڪيلو ماني پيا کارايو. مون ڏوهه ڪهڙو ڪيو آ. مان ماني ڪو نه کائيندس!“ اچي ششدر ٿي، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. مون گرهه ٺاهي کارايومانس ته کائي ويئي. ائين خدا خدا ڪري اٽڪل سٽڪل سان رٺل کي پرچائي ويس. خوش ٿي وئي. منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته سالن گذرڻ کان پوءِ پيار گهٽجي نٿو. پاڻ وڌي ٿو، سو اٺن ٻارن جا ماءُ پيءُ ڪيئن رُٺا ۽ پرچيا.
اسان جو هني مون ٿيو. شاديءَ کان اٺاويهه سال پوءِ، جڏهن ٻار به اچي جوان ٿيا هئا. ٿيو هئين جو منهنجي بدلي ٿي اسلام آباد. مون اڪيلي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. کيس به سمجهايم ته ”پاڻ غريب آهيون. ڀاڙا ڀري ڪونه سگهنداسون. ٻار به رُلي ويندا، مان مهيني ماسي سرڪاري ڪم سان پيو ايندس.“ منهنجي ڳالهه کي رد ڪد ڪونه ڏنائين. پر سڄي تياري ڪري مون کان لڪائي پنهنجي لاءِ به هوائي ٽڪيٽ گهرائي ڇڏيائين. مون کي هلڻ مهل پتو پيو ته هيءُ به هلي ٿي. شاهده ۽ بدر ته کڻي وڏڙا هئا پر شبني ۽ ساجد ته معصوم هئا. انهن کي به ڇڏي ڏنائين، ڀائرن ڀينرن حوالي. سندس اهڙي حرڪت تي مون کي هڪ قسم جي خوشي ۽ آٿت به ٿيو.
اسلام آباد ۾ رهياسون ايم اين اي هاسٽل ۾. سٺو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو: قالين، صوفا، پلنگ، ٽيليفون، نوڪر چاڪر گهنٽيءَ تي اچن. ماني ٺهي ٺڪي ملي، سچو پچو هني مون ٿي ويو. شاديءَ دوران اهڙا خوشگوار ٻه سال لاڳيتو مون اڳ ۾ ڪونه گذاريا. هاڻ چوان ٿو ته انگريزن واري اها هني مون جي رسم ڏاڍي چڱي ۽ ضروري آهي . خلاصا زال مڙس پنهنجو پاڻ ۾ هجن تصور ئي ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙا نه چڱا گذريا هوندا. مهيني ٻئي ڪراچي سرڪاري طرح سان ايندا هئاسون. وري واپس گڏ. سندس مون تي وڏا ٿورا آهن. البت ٻارن جي تانگهه رهندي هئس. هڪ دفعي چيائين ته ”ساجد مون کي گهرائي ڏيو!“ ساجد به اچي ويو. معصوم ٻار به وڏي وندر آهي. منهنجي عمر 55 سال ۽ سندس عمر 45 سال ڏاڍو ڪامياب هني مون گذاريوسون. ڪوهه مري به وياسين ته سوات به وياسين. پشاور ۽ لاهور ته سرڪاري دورا ٿيندا هئا. خوب گهميا سون سو به وڏي شان مانَ سان. شالامار ۾ ته اسان لاءِ چانهه وغيره جو بندوبست ڪيو ويو پر شاهي قلعي جي شيش محل ۾ اسان لاءِ ٽيبل ڪرسيون لڳائي چانهه پاڻي ڪرايو ويو. ان وقت منهنجا سمورا گهر ڀاتي موجود هئا ۽ اڄ تائين ياد ڪندا آهن ته هنن مغلن جي شيش محل ۾ ٽيبل ڪرسين تي ويهي چانهه پيتي. شاهي قلعي جا تهه خانا به اسان لاءِ کولي ڏيکاريا ويا.
آفيسري جا اهي مزا آهن. ٻيو ته ڪجهه ڪونهي سڪي پگهار مان پُورت ئي ڪانه پوي. ٻارن لاءِ ته ٺهيو. پر مون لاءِ به اهي يادگار گهڙيون آهن. خاص ڪري جڏهن رفيقه حيات ساڻ هجي.
مون کيس ائين سڄو پاڪستان ته وڏي شان مان سان گهمايو پر لنڊن ۽ آمريڪا به گڏ وٺي ويس. جتي ڪٿي عزت آبرو ۽ شان مان سان رهياسون. آمريڪا ۾ ته منهنجو ننڍو ڀاڻيجو بابر ڪارکڻي آيو ۽ سمورو وقت اسان سان ساڻ رهيو. سندس دوستن دعوتون به ڪيون. وڏي ڳالهه ته پنهنجي ڪار ۾ ناياگرا فالس (آبشار) تي به وٺي هليو جو هڪ عجوبو آهي. سڄو درياهه پهاڙ تان ڪري ٿو. پهاڙن جي دامن ۾ جهاز وٺي وڃن ٿا ۽ هڪ نه وسرندڙ منظر ڏسجي ٿو. نياگرا فالس جو اڌ آمريڪا ۾ آهي ته اڌ ڪئناڊا ۾، اتي هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر جام آهن. هڪ رات اتي گذاريسون.
ويو هئس علاج خاطر پر آپريشن ڪانه ڪيائون. چي ”دل جو اڌ مئي پئي آهي، ان کي جياري ڪو نه سگهبو!“ منهنجي گهر واري ۽ مان تمام گهڻي ڳڻتي ۽ ٽينشن ۾ هئاسون، پر اسپتالن جي چڪر مان آزاد ٿي، زندگيءَ جو ڀرپور مزو ورتوسين، منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي هاٺي ڏاڍي چڱي آهي. مان پنجونجاهه سالن ۾ ٽيهن پنجٽيهن جو لڳندو هئس ۽ منهنجي گهر واري پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ ويهه پنجويهه سالن جي لڳندي هئي.
هڪ دفعي مان ۽ بدر، ڄام صادق علي سان ملياسون ۽ چيومانس ته ”هي منهنجو پٽ بدر آهي.“ ڄام صاحب کي مزاح جو حس تمام اونچو هو، سو هڪدم چيائين ته: ”ٻنهي مان وڏو ڪير آهي؟“ هڪ دفعي گهر واري ۽ نياڻي کي وٺي ڊاڪٽرياڻي ڏي ويس. ڊاڪٽرياڻي شاهده کي ڏسي منهنجي گهر واريءَ کي چيو ته: ”هيءَ تنهنجي ڀيڻ آهي؟“ مون چيو ته ”اسان جي ڌيءَ آهي!“ آمريڪا ۾ ٻئي گڏ پئي وياسون منهنجي گهر واريءَ کي ڀلي شلوار قميص ۽ بلو رئو پهريل هئا. ڪجهه آمريڪي جوان ويٺا هئا تن مان هڪ رمارڪ ڏنو “pretty” يعني وڻندڙ يا سٺو. اهو رمارڪ اتي جي معاشري ۾ چڱو ليکيو ويندو آهي، پر مان پاڪستاني ماڻهو برداشت نه ڪري سگهيس. وٽن وڃي سوال ڪيم ته، ڇا پرٽي (وڻندڙ) آهي؟ هو پاڻ يا سندس ڊريس. هن جوان ٺهه پهه جواب ڏنو both (ٻئي) پريٽي جي معنيٰ آهي ’من موهيندڙ ۽ سهڻو‘.
آمريڪا ۾ بدامني ڏاڍي هئي. ٺوڙها نوجوان ايندا هئا ۽ چاقو يا جا پستول ڏيکاري ڦري ويندا هئا. آمريڪي ماڻهن خود صلاح ڏني ته ”ويهه پنجويهه ڊالر ضرور پاڻ وٽ پاڇي رکو، ٺوڙها اچن ته کين ڏئي جند ڇڏايو نه ته اجايو ماري ويندا.“ هڪ ليڊيءَ چيو ته ”پا ڪستان وانگر هت به ڦٽڪن جي سزا رائج ڪرڻ کپي، جيئن ٺوڙهن مان جند ڇٽي!“ اسان سعودي عرب ۽ ايران به خوب گهميو. مغرب وارا کين ڀلي ’اڻ سڌريل‘ چون، پر امن امان اهڙو جو آڌي رات جو اڪيلي عورت به امن آرام سان سفر ڪري سگهي يا گهٽين رستن تي هلي. ڦر ته وڏي ڳالهه آهي. چوري به ڪانه ٿئي. دڪاندار دڪان خالي ڇڏي نماز پڙهڻ هليو وڃي. مجال آ جو چوري ٿئي! مغرب جا ملڪ ڇا ۾ سڌريل چئبا؟ شراب خوري ۽ اگهاڙپ ۾؟ جوا ۽ ناچ ۾؟ باقي امن امان ته اصل ڪونه آهي. رنگ نسل جو مت ڀيد به آهي. ڪاري چمڙي، ڦڪي چمڙي يا مسلمان هجڻ تي به ڌڪاريو وڃي ٿو. اسان جا مشرقي نوجوان رڳو پئسي ڪارڻ ۽ نجي آزادي ڪارڻ اتي رهن پيا ۽ ٻيا باقي اهڙي عزت ڪانه اٿن. عزت نفس ٻڏي وڃي ته باقي ڇا بچيو!؟
سعودي عرب ۾ ڌارين کي گهٽ ڪري ڏسن. جِت ڌاريا گهڻا ۽ گهڻي تعداد ۾ ايندا، اتي ايئن ٿيندو. اسان جا پنهنجا مسلمان هندوستاني ڀائر پناهگير بڻجي آيا ته اسان پاڻ کين گهٽ ڪري ڏٺو. هينئر هو پاڻ مڃائي ويا آهن. پنهنجي زور تي، نه ته اسان ته مٿن چٿرون ڪيون ۽ نالا رکيا، آمريڪا ۾ پاڪستانيءَ کي چون پاڪي.
پئسو به وڏي شيءِ آهي. آمريڪي شاهوڪار آهن، اسان غريب ملڪن جا ماڻهو! آمريڪي ۽ سعودي ڄاڻن ٿا ته هي مسڪين ڪمائڻ آيا آهن، ان ڪري مٿن چٿرون ڪن ٿا ۽ نالا رکن ٿا. سعودي وري به شڪر جو رفيق سڏين ٿا. سعوديءَ کي اخي يا ڀاءُ چون، ڌارين کي رفيق. انهيءَ ڪري رفيق جي معنيٰ ئي ٿي وئي آهي ’ڌاريو‘. نوڪرن جيان ڪم ڪيون ۽ سڏجي پاڪي ۽ رفيق اهو سڄي پئسي جو ڪمال آهي. پري ڇو ٿا وڃو. پنهنجي ملڪ ۾ ئي شاهوڪار غريب کان حقارت ٿو ڪري. غريب رڳو نوان ڪپڙا ۽ نئون بُوٽ پاتو ته به چوندا ڏسو ”بک تي ٿو فيشن ڪري!“ ۽ ڪاوڙ پئي ايندين. ٻيو ته ٺهيو ڀاءُ ڀاءُ سان اهڙو ورتاءُ ٿو ڪري. ڀاءُ نه ڪندو ته ڀاءُ جي زال ته اوس ڪندي.
دل آزاري جي ڳالهه ڪيم. الله تبارڪ و تعاليٰ کي منهنجي دل آزاري پسند ناهي. اهڙا کوڙ واقعا لکجن ته دفتر ٿي ويندو. هيءَ ڪا ڪرامت ڪانهي. مان ته گناهگار بندو، وهسڪيءَ جو چشڪو اچي ويو هئم. ٻيا به اڪيچار گناهه ٿيا هوندا. قدرت اهڙي مهربان جو هٿن تي پرتا. اڳ ڪجهه واقعا لکي چڪو آهيان. اتفاق ئي هوندا. پر اهي واقعا ٿيا آهن. ميهڙ جو ايس ڊي او مسٽر سومرو جنهن کي مون امتحان ۾ پاس ڪرايو هو؛ ان مون کي راڌڻ اسٽيشن لاءِ جا صرف نوَ ميل پري هئي پنهنجي جيپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. وڏو شاڪ لڳم. ڪجهه وقت کان پوءِ مسٽر سومرو عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو.
هڪ نوجوان عزازت وارو ڇوڪرو ان کي نوڪري مون وٺرائي ڏني. وري ٻي بهتر نوڪريءَ لاءِ چيائين. اها به کيس وٺرائي ڏنم. چڱو خوشحال ٿي ويو. بدلي ٿئيس يا انڪوائري ٿيس ته به مان کيس بچايان. پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان ڪاوڙيو ۽ ساڻس تعلقات قطع ڪري ڇڏيائين. مون کيس پاڻ وٽ سڏي ويهاري سمجهايو. چيومانس ته ننڍي ڀاءُ کي معاف ڪري، مان ٿو معافي وٺرايانس ته ڪاوڙجي چيائين ”مون کي ٺهڻو ئي ناهي ته باقي ڇا“ ائين چئي اُٿي ويو. مون کي وڏو شاڪ آيو. مهيني ٻن کان پوءِ هڪ ڏينهن آفيس مان موٽيو ته کٽ تي آهلجي پيو ۽ گذاري ويو. الائي ڏينهن لڳس الائي ڇا. نوجوان ننڍو نيٽو هليو ويو.
تاج محمد شيخ، سيڪريٽري مواصلات هئو. مان سيڪريٽري اسيمبلي. ڪمال کي ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪري تان لاٿو ويو. ڪمال کي سخت شاڪ پهتو. ويچارو ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. سجاول جاتي روڊ ٺاهيائين، پئسا ٻاويهه لک خرچ ٿي ويا. کيس مليا نٿي. ڪمال منهنجو ڀاءُ اهڙي تڪليف ۾ مون وٽ آيو. مون وزير صاحب مير عطا حسن ٽالپر کي چيو، جنهن منهنجي روبرو شيخ تاج محمد کي زور ڀريو. مون کي چيائين ته ”هاڻ پاڻ وڃي ملينس!“ تاج محمد منهنجو پاڙيسري، ڪاليج ۾ گڏ پڙهياسين، ڪمال جو ته هم ڪلاسي! مان وٽس ويس.مڃيائين ته ”ڪمال ڪم ٻين ٺيڪيدارن کان گهڻو سٺو ڪيو آهي!“ پر بل پاس ڪرڻ کان کتو جواب ڏنائين. دوست ماڻهو ۽ چڱو ماڻهو پوءِ به اهڙو رويو. منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو هفتي جي اندر چيف منسٽر صاحب ڪاوڙجي تاج محمد شيخ کي نوڪري مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو. ائين ٿيندو ناهي. نڪو قانوني طرح اهو مناسب آهي ته سيڪريٽري جهڙي اعليٰ عهدي تان ڪنهن کي ائين لاهي ڇڏجي. پر قدرت پنهنجو ڪم ڪري وئي.
عبدالقادر ابڙو منهنجو سؤٽ ٽنڊي محمد خان ۾ انجنيئر هئو. اليڪشن ۾ ڪو مير اعجاز کي ووٽ ڪو نه ڏياريا هئائين. جيئن ئي مير صاحب آبپاشي جو وزير ٿيو ته عبدالقادر تي قدم کنيائين ۽ سندس بدلي ڪيائين. ڀڄندو مون وٽ آيو. منهنجي مير صاحبن سان نيازمندي رهي آهي. سو وٽس ويس ۽ عرض ڪيم. صاف انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته اليڪشن ۾ هن سندس مخالفت ڪئي هئي. وري عرض ڪيم ته ٺپ جواب ڏنائين. چيم ”سائين چڱو نٿا ڪيو!“ ڪاوڙجي چيائين ”تون مون کي دڙڪو ٿو ڏئين!“ چيم سائين ”مان ڪامورو ڪچي ڀنڊي، وزير صاحب کي ڪيئن دڙڪو ڏيندس؟ عرض آهي ته هي ڪم ڪري ڏيو؟“ چيائين ”ڪو نه ڪندس! ڪو نه ڪندس!“ ٽي ڏينهن مس گذريا ته 1973ع جو آئين آيو جنهن موجب مير صاحب وزارت تان لهي ويو ڇاڪاڻ ته هو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر نه هئو پر نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر هئو. هي به هڪڙو اتفاق.
1977ع جي اليڪشن کانپوءِ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو، آغا صدرالدين. آغا صاحب جي مرضي هئي ته مون کي لاهي، سيڪريٽري ڪري پنهنجي پٺاڻ احمد خان بارڪزئي کي. آغا صاحب چيف سيڪريٽري کي به چئي ڇڏيو. منهنجي لاءِ اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه هئي. هڪ ته سيڪريٽري جو اعليٰ عهدو به وڃي. ٻيو ته بنگلو ۽ ڪار به کسجي ۽ وري الائي ڪٿي جيڪب آباد، سکر يا ڪٿي به سيشن جج ڪري رکن ته ٻارن جي پڙهائي به خراب ٿئي، جي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پڙهي رهيا هئا.
مان ڪافي پريشان هئس. هڪ ڏينهن نارٿ ناظم آباد کان موٽياسون پئي ته گرومندر اوريان منهنجي گهرو اري چيو ته ”هتي ڪوئي برگيڊيئر ابراهيم صاحب رهي ٿو جو هٿ ڏسڻ يعني پاميسٽري جو ماهر آهي!“ لڙي ٽيپهري جي مهل هئي. منهنجي دل ڪا نه پي ٿي ته ڪو ابراهيم صاحب جو گهر ڳولهجي. پر منهنجي گهر واريءَ جي زور ڀرڻ تي بزنيس رڪارڊر روڊ جي پٺيان واري گهٽيءَ ۾ وياسين ته بنگلو ملي ويو، جنهن تي ابراهيم صاحب جي نالي جي تختي به لڳي پئي هئي. اتي سج به اچي لهڻ وارو ٿيو. ابراهيم صاحب نڪري آيو ۽ وڃي بنگلي جي لان ۾ ويهاريائين. هو فيڊرل گورنمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهي چڪو هو. اٿنديئي چيائين ته ”جيڪڏهن هٿ ڏيکارڻ آيا آهيو ته سج لٿي کان پوءِ هٿ نه ڏسبو آهي.“ اسان جي زور ڀرڻ تي ٽارچ ۽ مئگنيفائينگ گلاس وسيلي هٿ ڏٺائين ۽ پڇيائين ته”مسئلو ڇا هي؟“ مون سڄو احوال ڪيومانس ۽ چيومانس ته ”منهنجو باس يعني بالا عملدار مون کي ڪڍڻ ٿو چاهي!“ اطميينان سان چيائين ته ”ائين ٿي ڪو نه ٿو سگهي!“ مون ٻڌايومانس ته ”ائين ٿئي پيو ۽ ٿيڻ وارو آهي!“ چيائين ته، تنهنجو هٿ ٻڌائي ٿو ته جيڪو توکي رنج پهچائيندو سو پاڻ ناڪ آئوٽ ٿي ويندو.“ ناڪ آئوٽ باڪسنگ راند ۾ ٿيندو آهي، جو مخالف اهڙو ڪِرندو آهي جو وري اٿي نه سگهندو آهي. مون چيومانس ته ”منهنجو بالا عملدار ڪو آفيسر ناهي جو مٽجي وڃي، نڪري وڃي يا بدلي ٿي وڃي!“ چيائين ته ”ڪير آهي اهڙو؟“ چيومانس ته ”اسيمبلي جو اسپيڪر!“ ته رڙ ڪري اٿي بيهي رهيو. چيائين ته ”اهو ته منهنجو دوست آهي ۽ روزانو يا ٻئي ٽئين ڏينهن مون کي هٿ ڏيکارڻ ايندو آهي ۽ مان کيس چوندو آهيان ته ’هڪ ڏينهن اوچتو ناڪ آئوٽ ٿي ويندين!’ سبب پڇندو آهي ته سبب جي خبر مون کي به ڪا نه هوندي آهي. اڄ خبر پئي اٿم ته تنهنجي ڪري ناڪ آئوٽ ٿي ويندو!“ مون وري به چيس ته ”اها ته اڻ ٿيڻي آهي!“ ته ٻولائي ٻولائي چيائين ته ”ڏسجان ويٺو!“ گومگو جي حالت ۾ کانئس موڪلايوسون. ڀانيان ٿو ته پئسا به ڪونه ورتائين، نه ته سندس في سؤ کن روپيا هئي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو ضياءَ وارو مارشل لا لڳو، اسپيڪر لهي ويو ۽ مان ويٺو رهيس. ائين ڪونهي ته مارشل لا ڪو منهنجي ڪارڻ لڳو. لڳي ائين ٿو ڄڻ ٻي ڪا اڻ ڏٺي گورنمينٽ به آهي، جتي اڳواٽ فيصلا ٿين ٿا ۽ اهو ئي ٿئي ٿو جيئن اها گورنمينٽ چاهي ٿي. اهو اڳيئي لکيو پيو هو جو ابراهيم صاحب يقين سان مونکي اڳواٽ ئي ٻڌايو پي ۽ آغا صدرالدين جو سندس دوست هئو کي به خبردار ڪيو ٿي. انهيءَ لڪل گورنمينٽ جا فيصلا ڪيئن ٿا ٿين ۽ ڪيئن ٿا عمل ۾ اچن اهو ڪو وڏو راز آهي. سمجهڻ جو ناهي عقيدي جو سوال آهي.
سو آغا صدرالدين نه رڳو لهي ويو، پر گرفتار ٿي جيل ۾ پيو رهيو ۽ ڪورٽ جون حاضريون ڀريندو رهيو. توبهه! انهيءَ واقعي کان پوءِ مون دوستن کي ڪم ڪار چوڻ ڇڏي ڏنو. اتفاق سان جي ڪم به ڪن ته ڏچي ۾ پون. معمولي ٿيڻ جهڙو ڪم چئبو سو به اهڙي نموني جو نه ٿئي ته ڏک نه پهچي.
اڳ ۾ جيڪي واقعا مان لکي آيو آهيان، تن جي ثابتي به ابراهيم صاحب ڏئي ڇڏي. پوءِ به هڪ وڏو اهم واقعو ٿيو. جو تاريخ جو حصو آهي. اسپيڪر حسين هارون صاحب مون سان نه ٺهيو. مان کيس ٻڌائي ڪرسي ڇڏي گهر هليو آيس ته پرپٺ آرڊر ڪڍيائين ته مونکي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. سخت رنج پهتو ته مان ته ساڻس ملي اڳواٽ ٻڌائي نوڪري ڇڏي آيو آهيان. پوءِ پرپٺ ههڙو بدناموسي وارو رويو ڇو؟ آخر ڇو؟ رب کي منهنجو رنج پسند نه آيو ۽ حسين هارون کي تمام ذليل نموني سان اسپيڪر جي عهدي تان لاٿو ويو. اسيمبليءَ ۾ سندس خلاف اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ اڳ اهڙو واقعو نه ٿيو. اڄ تائين حسين هارون صاحب کي سندس سياستي چاهنائن ۾ اهو واقعو رنڊڪ بڻجي آڏو اچي ٿو ته هو نارمل ماڻهو ناهي. انهيءَ واقعي جا وچور مان پنهنجي اڳئين ڪتاب ڪٿا ۾ لکي چڪو آهيان. هن کان وڌ ٻي ڪهڙي ثابتي ته منهنجو رنج، عجيب رنگ لائي ٿو. مان هيءَ ڳالهه زوريءَ مڃايان ڪو نه ٿو، اتفاق ٿي سگهن ٿا. پر حقيقتون پنهنجي جاءِ تي آهن.
اهڙا گهڻائي ننڍا واقعا حياتي ۾ ٿين ٿا، هر ڪنهن سان ٿيندا هوندا. ٿورو ذهن تي زور ڏجي ته ڪيئي عڪس ذهن تي اڀري ايندا جو اڻ ٿيڻيون ٿي ويون هجن. ڪڏهن شدت سان چاهبو آهي ته ڪاش هيئن ٿي پوي ۽ ائين ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ٿيندڙ مصيبت لاءِ چاهبو آهي ته ٽري وڃي ۽ واقعي الائي ڪيئن ٽري ويندي آهي ۽ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويندو آهي. حياتيءَ ۾ ڪيئي اهڙا واقعا يا اتفاق پيا ٿين. رڳو اسان جو ڌيان ان طرف نه ويندو آهي. ياد ڪجي ته ڪيئي اولڙا آڏو اچي ويندا، آهي ته الائي ڇا؟ والله اعلم.
منهنجي گهر واري درويش هوندي هئي. الله واري. سندس خواب سچا ٿيندا هئا. جيڪا ڳالهه چوندي هئي ٿي ويندي هئي. عجيب واقعا آهن، ڪيترا لکي ڪيترا لکجن، سمجهه ۾ نٿو اچي؟ ان ڪري لکان ٿو ته من ڪي سمجهه وارا سمجهه وٺن. هڪ واقعو آهي ته منهنجي هڪ ننهن ٻارڙا وٺي وڃي جدا رهي. ٻارڙي سان ڪيڏو پيار ٿو ٿئي ،منهنجي گهر واري هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اوچتو چيو ته، ”جيئن مون کي ٻچن کان سڪايو اٿس، تيئن پاڻ ٻچن لاءِ سڪندي!“ مون چيو ”سائين ماءُ آهي. اها ڇو سڪندي. سدائين ٻچن سان گڏ هوندي!“ پاڻ ته گذاري وئي پر کانئس پوءِ اسان جي اها ننهن بيمار ٿي ۽ علاج خاطر ملڪ کان ٻاهر وئي. ٻيئي ننڍا ٻار ڇڏي وئي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو ڏهه ٻارهن سال يڪو اتي رهي پئي ۽ اتان پئي ٻارڙن جي خير خبر لاءِ فونون ڪندي هئي ۽ تحفا موڪليندي هئي، جيسين ٻار اچي وڏڙا ٿيا. سندن بچپڻو ڏٺائين ئي ڪونه! هيءَ اڳڪٿي اهڙي سورهن آنا سچي ثابت ٿي جو باقي ٻيون اڳڪٿيون لکڻ جو ضرور ئي ڪونهي. اڳڪٿي به اهڙي جو ٻولائي ٻولائي کاڏيءَ تي هٿ رکي چيائين. هي عجيب ڳالهيون آهن. سمجهو ڪي سمجهن. محض اتفاق چئي جند نٿي ڇڏائي سگهجي.
مون لاءِ به دعائون گهرندي هئي ته نمازون پڙهي ۽ الله ڏانهن راغب ٿئي ۽ وڏي حياتي ٿئيس. پاڻ جواني ۾ هلي وئي ۽ مان کک پوڙهو دل جو مريض اڃا پيو جيئان. وڏا وڏا ڊاڪٽر حيران آهن ته مان ڪيئن جيئرو آهيان. دل جو ماهر ڊاڪٽر اظهر فاروقي هر مهيني ٻئي مون کي چڪاسي ٻين ڊاڪٽرن کي سڏيندو آهي ته هي ڪيس ڏسو هي به مون کي چڪاسي وائڙا ٿي اظهر فاروقي کان پڇندا آهن ۽ هو چوندو آهي ته قدرت جو ڪرشمو آهي ۽ لاجواب ٿي مون کي چوندو آهي ته ”ابڙا صاحب اسان کي دعا ڪندو ڪر!“ هيڏا وڏا ڊاڪٽر جيڪڏهن ڪرشمو سمجهن ته مان ڇو ڪين سمجهان ته اهو ڪرشمو منهنجي گهر واريءَ جي دعائن جو آهي! حيدرآباد جي مشهور دل جي ماهر ڊاڪٽر ڪريم عباسي وٽ ويس. ان مون کي ڏسي ڏسڻي آڱر مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. معنيٰ ان کي به ڪرشمو نظر آيو ته مان جيئرو ڪيئن هئس؟
مون کي نمازون پڙهائڻ ۽ الله ڏانهن راغب ٿيڻ جي دعا ڏسو ته ڪيئن ٿي پوري ٿئي. مون ۾ هڪ وِڏ آهي. اٻهرائيءَ جي. اهڙو اٻهرو جو ڀائيندس ته ڪم بيٺي پير ٿئي! آفيس ۾ به ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کي کڙي تي کنيون بيٺو هوندس. اصل هٿن ۾ خارش ٿي پوندي. ڪو به سرڪاري يا ڪنهن جو خانگي ڪم بابت ليٽر ايندو ته ڀائيندس ته اتي جو اتي نيڪال ٿئي. ڏينهن وچ ۾ نه پوي. جيڪي به اهڙا ڪم يا جواب طلب ليٽر هوندا هئا، انهن جي لسٽ ٺاهي لکندو ويندو هئس. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ پهچڻ سان لسٽ جي وچور موجب ڪم جو پڇندو گهربل ڪلارڪ کي روبرو گهرائي، نيڪال ڪرائيندو هئس. ڊپٽي سيڪريٽريءَ کي فون تي کڙڪائيندو هئس ته فلاڻو ڪم اڃا به نه ٿيو آهي، هڪدم ٿيڻ کپي. سڀ حيران هوندا هئا ته صاحب کي هڪ هڪ ڪم ۽ ليٽر ياد ڪيئن آهن. مون وٽ ته رهيل ڪمن جي ٺهيل لسٽ ٺهيل هوندي هئي. ان ڪري يادگيرو هوندو هئو. انهيءَ ڪري مون وٽ ڪو به ڪم پينڊنگ ۾ يا التويٰ ۾ نه هوندو هئو. ان ڳالهه جا خود مخالف ڌر وارا معترف هئا ۽ چوندا هئا ته سرڪاري ڌر کي سيڪريٽري نهايت قابل ملي ويو آهي جو شڪايت جو موقعو ئي نٿو ملي. هڪ مخالف ڌر جي مميبر جناب مدني صاحب ته اسيمبلي هال ۾ منهنجي اهڙي ساراهه ڪئي حالانڪ مدني صاحب پاڻ ڪامورا شاهي جو هڪ اهم ڪامورو رهيو هو.

8

ڳالهه وڃي ڪٿان جو ڪٿي نڪتي، ٿيو هيئن جو منهنجي گهر واريءَ کي سول اسپتال ۾ صبوح جو سويل دل جي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو هئو. مان تمام معروف ماڻهو ٻيو اٻهرو سو تڪڙ لائي ڏنم ته جلدي نڪرو. ٻيا ٻار ته سڀ اسڪولن ڏي هليا ويا هئا، ننڍڙي نياڻي شهلا راڻي ستي پيئي هئي. منهنجي گهر واري کيس اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ اٿي ڪا نه ٿي. مون چيو ”ڇڏي ڏيوس، ڪلاڪ کن ۾ موٽي اينداسين، اها ننڊ ئي پئي هوندي ته اچي وينداسين!“ ماءُ جي دل ڪونه پي چيو پر مون کي انڪارڪونه ڪري سگهي. کيس ستو ئي ڇڏي گهر بند ڪري اسپتال هليا وياسون. موٽندي مان اسيمبلي بلڊنگ وٽ لهي پيس ۽ گهر واري گهر وئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سندس فون آئي ته ننڍڙي شهلا جي طبيعت تمام خراب ٿي وئي آهي. مون سندس ڳالهه کي وزن ڪو نه ڏنو ۽ چيم ته ”خير ٿي ويندو!“ وري ٻيهر فون آئي ته ”ننڍڙيءَ جي حالت غير ٿي وئي آهي!“ مون بي پرواهيءَ مان چيو ته ”ڪار بيٺي اٿوَ کڻي اچوس ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريون ٿا!“ مون سوچيو ته اسيمبليءَ جي ڊاڪٽر کي ڏيکاري دوا وٺي ڇڏبي.
پندرهن منٽن ۾ گهر واري ننڍڙيءَ کي کڻي اچي نڪتي. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس جو ننڍڙيءَ جون اکيون ڦري ويون هيون ۽ بيهوش هئي. هوءَ ڪا ننڊ مان اٿي هئي ۽ سڄي گهر ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسي شاڪ ۾ اچي وئي هئي. ٻهراڙيءَ ۾ مايون چونديون آهن ته ’معصوم ٻار کي اڪيلو نه ڇڏجي نه ته هنيانءُ ڦاٽي پوندس!‘ هي به ڪجهه ائين ٿيو. بيٺي پير سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ وياسون منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ عهدي ڪري هڪدم ڊاڪٽر گڏ ٿي ويا ۽ علاج شروع ٿي ويو. ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر، ڊاڪٽر بلو به آيو. ايڪس ري وغيره ڪڍيائون ۽ نسن ۾ سئي لڳائي ٿيلهي به چاڙهيائون. صبوح کان شام تائين ڊاڪٽر ڪوشش ۾ بيٺا رهيا. نيٺ شام جو ٽپهري ڌاري ڊاڪٽر مونکي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃي ليٽائي ڇڏيو. منهنجو بلڊ پريشر چڪاس ڪيائين ۽ پوءِ مون کي ٻڌايائين ته ”ننڍڙي گذاري وئي!“ مان چرين جيان اٿي ننڍڙيءَ جي بستري تي ويس ۽ ڊاڪٽر سان جهيڙو ڪرڻ لڳس ته ”ننڍڙي ته ٺيڪ آهي!“ هن اطمينان ڏياريو ته ’قدرت پنهنجو حساب ڪري وئي‘. مان چرين وانگر ننڍڙيءَ کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ ڪار ۾ ويهي ٻيئي زال مڙس اچي گهر نڪتاسين. اسان لاءِ ڄڻ سڄي دنيا اوندهه ٿي وئي! الائي ڇا پيو لڳي، الائي ڇا پيو ٿئي! ننڍڙي شهلا ڇهن سالن جي طوطي جيان ٻولڻ واري نهايت پيارو ٻار هئي.
مون موت اڳ به ڏٺا هئا. پيءُ جو موت، ڀاءُ جو موت، ماءُ جو موت. ڀاءُ جي موت تي مون کي ائين لڳو هو ڄڻ قيامت اچي وئي هجي، پر اولاد جو موت ڳالهه ئي ٻي هئي. هنيانءَ ۾ چڪ، مٿي ۾ چريائپ، اوندهه انڌڪار ۽ سور سلڻ جي ڳالهه ناهي.
دوست احباب اچي ويا. ڪمال ٻارن سميت حيدرآباد کان پهچي ويو. خبر نه پئي پوي ته ڪير آيو، ڪير ويو؟ ڇا پيو ٿئي، ڇا نه پيو ٿئي؟ نيٺ رات جو ئي جڏهن دوستن جنازو کڻايو تڏهن پتو پيو ته هيڏو ڪيس ٿي ويو آهي. منهنجي گهر واري ته منهنجي پيرن کي چنبڙي پيئي ته ”دفنائڻ نه وڃو، ننڍڙي جيئري آهي!“ گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي رسم پوري ٿي. اهو سڄو بندوبست مهربان دوست ادا موسيٰ ميمڻ ڪيو، جو لياريءَ مان اطلاع ملڻ سان پهچي ويو هو.
منهنجي گهر واري ته صفا چري ٿي پئي. جيئن کٽ تي ويٺي هئي، تيئن کٽ تان لهي ئي نه. چي ”منهنجي ٻچڙي جيئري آهي، هلو ته قبر کوٽائي ڪڍي اچونس!“ سندس چريائپ وئي زور وٺندي. ڊاڪٽرن چيو ته هن ماحول مان ڪڍي وڃوس. ”لاڙڪاڻي هلون!“ چي ”نه!“، ”ڪوٽڙي مائٽڻ وٽ!“ چي ”نه!“، ”ڪوئيٽيا!“ چي نه. نيٺ مهربان دوست مڪي واري محبوب صادق چيو ”ادي حج تي هلون!“ چي ”هائو!“ 1976ع جو حج اسان ائين ڪيو. محبوب صاحب الائي ڪيئن ٽڪيٽ جو بندوبست ويزا وغيره ڪرائي اسان کي حج تي وٺي هليو. پنهنجي گهر ۾ رهايائين ۽ حج ۾ سمورو وقت ساڻ رهيو. منهنجي گهر واري انهيءَ لالچ ۾ آئي هئي ته حج ۾ جبل رحمت وٽ مئل ماڻهن سان ملاقات ٿيندي آهي. سا ته ڪانه ٿي باقي پاڻ کٽ ڇڏيائين ۽ طواف ڪرڻ ۽ هلڻ چلڻ لڳي. اتي مڪي شريف ۾ مون تي سخت فالج جو حملو ٿيو جو جسم جو کٻو پاسو، سڄو ئي سڄو نستو ٿي ويو. اهو به قدرت جو عجائب ڪرم جو منهنجي گهر واري جو سڄو توجهه ننڍڙيءَ جي جدائي تان هٽي مون تي مرڪوز ٿي ويو ۽ چريائپ جي دؤري کان بچي وئي. ڪارساز جا عجيب ڪارخانا آهن.
بزرگن جو قول آهي ته ”الله تعاليٰ ڪنهن تي راضي ٿيندو آهي ته کيس سخت ڏک يا ايذاءُ پهچائيندو آهي!“ مون سان به ائين ٿيو. طوطي جهڙي ٻولڻي نياڻي ڇهن سالن جي عمر ۾ وڇڙجي وئي. ڇهن سالن جي عمر ۾شعر چوندي هئي ۽ ڀائرن ڀينرن کي چوندي هئي ته ”لکندا وڃو!“ سڀ شعر اردوءَ ۾ هئا. اهو نوٽ بڪ اسان وٽ صحيح سلامت هئو. شيخ اياز ٻه ٽي دفعا مون کي چيو ته اهي شعر کيس ڏيکاريا وڃن. سندس خيال هئو ته شاعري ڄائي ڄم کان ڏات طور ملي ٿي. الائي ڇو مان اهو نوٽ بڪ کيس ڏيئي نه سگهيس. ننڍڙيءَ جي ڪا به لکت، سندس ڪپڙو، سندس فوٽو، سندس رانديڪو اسانجا ڦٽ ئي کولي وجهندو هو، سو اهڙيون شيون ٻار اسان کان لڪائيندا وتندا هئا. راڳ به ڳائي ويندي هئي ۽ ڊانس لاءِ چيلهه کي موڙو به ڏيندو هئي. واقعي ڄائي ڄم کان فنڪار هئي. اسان کي ست ٻار ٻيا به هئا پر هر ٻار ۾ ساهه هجي ٿو ۽ سندس جدائي برداشت نٿي ٿئي.
منهنجي گهرواريءَ جون دعائون ائين اگهيون جو ننڍڙي اسان کي داغ مفارقت ڏيئي وئي. ذهن ۽ روح کي ايڏو ڌڌڪو آيو جو 1976ع ۾ مون نمازون پڙهڻ شروع ڪيون ته اڄ تائين هڪ نماز نه ڇڏي اٿم. وهسڪي به آهستي آهستي صفا ڇڏي ڏنم. جيتوڻيڪ دل جي ماهر ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته روزانو ٿورو پيئندو ڪيان. ائين مذهب ڏي لاڙو وڌيو ۽ نماز باجماعت پڙهڻ لڳس. 1990ع ۾ ڏاڙهي به رکيم جو ڀانيم ته ڏاڙهي نه رکي ڄڻ ته منافقت پيو ڪيان. جهڙو ماڻهو اندر ۾ آهي اهڙو ڏيک به ڏيڻ کپيس. دوست يارن گهڻيون ٽوڪون هنيون، ويندي گهر واري به مخالفت ڪئي. پر مان اتباع رسول الله صلي الله عليه واله وسلم تي اڏول بيٺو رهيس ۽ اڄ تائين قائم آهيان. ديني ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ۽ صلواة سڳوري جو ورد به جاري رکيم. هي سڀ ننڍڙي جي موت کان پوءِ ٿيو.حالانڪ اندر ۾ مذهبي ماڻهو ته اڳيئي هو س پر عملي طور ظاهر پوءِ ٿيس. هن ۾ ڪا عجب جي ڳالهه ناهي. تازو نوجوان ڪرڪيٽر سعيد انور ڏاڙهي رکي ۽ نيڪ نمازي ٿي پيو. سبب پڇيائونس ته چيائين ته سندس ننڍڙي نياڻي گذاري وئي، تنهن کان پوءِ منجهس اها تبديلي آئي. الله ڪنهن کي هدايت ڏئي ته ائين ٿئي ٿو، مون سان به ساڳي حالت ٿي.
منهنجي ديني ترقي جا اسباب به پاڻمرادو پيدا ٿيندا ويا، ڄڻ ته اڳواٽ رٿابندي ٿيل هئي. هڪ ننڍڙو ڪتابڙو هٿ لڳم. حضرت ذاڪر علي صديقي جو لکيل هئو، ذڪر ۽ فڪر بابت. ان مون تي ڏاڍو اثر ڪيو. حضرت ذاڪر علي صديقيءَ جي ائڊريس لکيل هئي: گهر نمبر فلاڻو، ابن سينا لائينس، ڪراچي. ڪار ۾ انبن جي پيتي کڻي مان ۽ منهنجي گهر واري سندس تلاش ۾ نڪري پياسين. گهر ته ڳولهي لڌوسون پر معلوم ٿيو ته بزرگ برقعو مٽائي چڪو هو ۽ سندس مزار پاپوش نگر جي قبرستان ۾ هئي. مون سندس مزار تي حاضري ڀرڻ جو سوچيو. مڄاڻ ته اسان وٽ جو بزرگ محمد علي صاحب ايندو هو، سو سندس مريد هئو. ان مزار جو ڏس ڏنو يا ڏيکاريائين. هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجي گهر واري سنڀري وضو ڪري مزار تي حاضر ٿياسين. اتي جو وڃون ته ٻه سفيد ريش بزرگ اسان کان اڳ ئي مزار تي ذڪر ۾ محو هجن. اسان ڊڄي پاسيرا ٿي ماٺ ڪري بيٺاسون. جڏهن ذڪر ختم ڪيائون ته مون السلام عليڪم ڪيو ته انهن مان جيڪو نابين بزرگ هئو تنهن جواب ڏئي پڇيو: ”کون؟“ مون نالو ٻڌايو ته ”جمال الدين ابڙو“ ته هڪدم چيائين ”آئيي ابڙو صاحب، آئيي!“ حالانڪ نابين هئو ته به چيائين ته ”اور ڪون هي آپ کي ساتهه؟ بهن هي، آئيي دونون!“ اسان کي ويهاري ڪپڙي ۾ هٿ وجهائي اسان ٻنهي کي حلقي ۾ داخل ڪري مريد بنايائين. پاڻ مرادو بنا چوڻ جي. هي ساڳيو بزرگ سيد اخلاق احمد هئو. جنهن بابت جيئن مان اڳ لکي چڪو آهيان، شمس الدين صديقي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج حيدرآباد کي جو سيڙجي مريد ٿيڻ آيو هو، مريد بڻائڻ کان انڪار ڪيائين. منهنجي زور ڀرڻ تي به چيائين ”نه، جتان حصو هوندس اتان ملندس!“ هو ڪو اڳ ۾ ئي سائين منظور حسين مدني جي بيعت ۾ آيل هو. مون چيومانس ته ”قبلا! مون کي ته بنا چوڻ جي مريديءَ جي حلقي ۾ داخل ڪري ڇڏيو هئو!“ ته چيائين ته ”تو حضرت ذاڪر علي صديقي، جيڪو سندس مرشد هو، جو مشاهدو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙو حڪم کيس مليل هئو!“ برابر مون حضرت ذاڪر علي صديقيءَ کي ڪعبتھ الله شريف جو طواف ڪندي ڏٺو هو. حالانڪ اهو مماتي جو صاحب هئو. هي عجيب رمز ۽ راز آهي، جيڪي سمجهي نٿا سگهجن.
مون کي نقشبندي سلسلي ۾ داخل ڪيو ويو. نقشبندي سلسلي ۾ شروعات ئي قلبي ذڪر سان ڪجي ٿي. دل جي ڌڙڪ کي لفظ ’الله‘ سان مشابهه ڪري ساهه ۽ ڌڙڪ کي ملائجي ۽ ’الله‘ چورائجي ٿو. زبان بند ٿي رکجي، ائين ٿو لڳي ڄڻ دل ۽ ساهه ’الله! الله!‘ پيا ڪن. مرشد ڪامل هجي ته منزلون آسانيءَ سان طئي ٿي وڃن ٿيون. هر جمعي رات ڪراچيءَ جا يا ٻاهريان بزرگ صدر ۾ هڪ جاءِ ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ گڏجي ذڪر ڪندا هئا، منهنجو مرشد به حقيقت ۾ خليفو هئو سيد جماعت علي شاهه، علي پور سيدان واري درگاهه جو. تنهن ڪري اسين ازخود جماعت علي پور سيدان ۾ داخل ٿي وياسين اصل مرشد درگاهه جو گادي نشين سائين افضل حسين شاهه آهي، جو مون تي ڪافي مهربان آهي. انهيءَ جي مهرباني سان ۽ الله جي ڪرم سان سلوڪ جون منزلون اُڪارجن ٿيون. انهن مرحلن ۾ اهڙا مشاهدا ٿين ٿا جي بيان ڪرڻ جهڙا نه آهن. نڪي اعتبار ڪرڻ جهڙا آهن. تنهن ڪري مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ. مئلن سان ڳالهائجي ٿو ۽ جواب ملن ٿا. وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهجي. هيءَ اعتبار ۽ عقيدي جي دنيا آهي جنهن ۾ ايمان اول شرط آهي. منهنجي گهر واري ته ايڏي ترقي ڪئي جو پنهنجي موت جي تاريخ به اڳواٽ مذاق مذاق ۾ ٻڌائي ڇڏيائين. درود شريف ايترو پڙهندي هئي جو چوويهه ڪلاڪ بنا وقفي جي ورد جاري رهندو هئس.
وڃي ڦوڙاٺ موضوع تي پيس. اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. اچو ته ڪنهن هلڪي ڦلڪي موضوع تي ڳالهايون. مون کي جانورن سان پيار رهيو آهي. منهنجي پهرين مقرري جج طور کپري ۾ ٿي. اُتي مون هڪ ڪتو پاليو. لڱن تي بج هئس سو نالو رکيومانس ’پِشو‘ مون اڃا پِشو پاشا افسانو ڪونه لکيو هو جو گورڪي جي پاشا کان متاثر ٿي لکيو هوم. پشو اڃا ٻچو هو جو پاليم، تربيت اهڙي ڏني مانس جو اجازت کان سواءِ ڪا شيءِ نه کائيندو هو. سندس آزمائش جي گهڙي اها هوندي هئي جو سندس چٺ ۾ سندس کائڻ لاءِ گوشت وڌو ويندو هئو ۽ کيس ”نه!“ چئي منع ڪبي هئي. ويچارو نسورو ويل ۾ هوندو هو. اکيون بند ڪري چٺ آڏو ويهي رهندو هو ۽ پيو ڪوڪڙاٽ ڪندو هو. پر جيسين ’ها بسم الله‘ نه چئجيس تيسين نه کائيندو هو. سندس اهڙي تربيت اسان لاءِ ڏاڍي سهوليت ڪري ڏني. کير جي هنڊي يا کاڌي تي ويهاري اسين ٻاهر هليا ويندا هئاسون. مجال آ جو ٻلي يا ڪو ٻيو جانور کاڌي يا کير سامهون اچي. کپري مان بدلي ٿي ته پشوءَ کي اتيئي نوڪرن جي حوالي ڇڏي آياسون. کپرو ٿر سان لاڳيتو آهي. سو هرڻن جي جوڙي ۽ مور به پاليم. مور ڀڄي ويو باقي هرڻ ۽ سها گهر ۾ رهيا. گهر جو آڳنڌ وڏو هو سو جهڙالو ٿيندو هو يا ڦڙ ڦڙ پوندي هئي ته هرڻ ٻٽا ٻٽا ڇال ڏيندا هئا ۽ ڏاڍو مزو ايندو هو. نر هرڻ جا سڱ چاقوءَ جي نوڪ جيان تيز هئا، سو سوناري کي گهرائي سندس سڱن تي چانديءَ جا کوپا چاڙهايام، پوءِ ياد پيم ته ننڍي هوندي جو ڪهاڻين ۾ ٻڌندا هئاسون ته بادشاهه وٽ سونن سڱن وارا هرڻ هوندا هئا، سي به ائين سونا کوپا چڙهيل هوندا. بدلي ٿيڻ کان پوءِ هرڻ لاڙڪاڻي آندم جتان منهنجي ڀيڻ مسز رئيس روشن علي خان اسراڻ، پنهنجي ڪوٽ خيرپورجوسي ۾ کڻي وئي جتي ڪافي وقت سندس ڪوٽ جي زينت رهيا.
ٻي پوسٽنگ شڪارپور ۾ ٿيم، اتي هڪ السيشن ڪتي جو ٻچو پاليم جو بعد ۾ منهنجي گهر واريءَ جو ڀاءُ انورالدين قريشي کڻي وڃي پنهنجي گهر ڪوٽڙيءَ بيهاريو. مون وارو ٻيو ننڍڙو فئنسي ڪتو مرحوم سڪندر علي خان ڀٽو کان ورتو. اهو ڪتو سٺي بُڻ جو هئو ۽ ڏاڍو سياڻو ۽ سٺين عادتن وارو هئو. ميرن جي شيءِ اميراڻي طبيعتن جي ٿئي ٿي. شڪارپور ۾ ڪاز به پاليم ۽ هڪ ڀلي ٻڪري به هٿ ڪيم جا ويلي تي هڪ سير کير ڏيندي هئي.
شڪارپور مان خيرپور ميرس آيس. اتي مينهن بيهاريم ۽ ولايتي ڪڪڙيون، وائيٽ ليگ هارن، ڪاريون ڪڪڙيون ۽ ڳاڙهيون رهوڊ آئلينڊ رکيم. نتيجي ۾ بيضا پنهنجا ٿيندا هئا ۽ ماهيو کير به پنهنجو. ايوب جي مارشل لا ۾ جڏهن شيون ملڻ بند ٿيون ته مونکي پنهنجو کير مکڻ، بيضا ۽ مرغيون هيون ۽ ڪا تڪليف نه ٿي، البت مينهن جو گاهه ملڻ بند ٿي ويو، پر گذر ڪري وياسون.
خيرپور ميرس مان سجاول آياسون. اتي هڪ ڦاڙهو ۽ السيشن ڪُتو بيهاريوسين. ڦاڙهو مري ويو. باقي السيشن ڪافي وقت رهيو. ان ڪو ميونسپالٽي وارن جو زهر مليل کاڌو کائي وڌو. جنهن ڪري جنهن مهل مئو ته منهنجا ٻار رڙيون ڪري رُنا. ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد ۾ ڪڪڙيون بيهاريم. هڪ ننڍڙي قد جو نر ڪڪڙ، جيڏو، ڪتو به رئيس روشن علي خان کان ورتم اهو ڪتو منهنجو ڪوٽڙيءَ جو دوست امير محمد عباسي کڻي ويو. ڪراچيءَ ۾ باٿ آئلينڊ ۾ ڪتو ڌاريم ته ڊفينس ۾ به اليڪشن جي جوڙي رکيم، هاڻ پوڙهو ٿي و يو آهيان، اهڙا شغل نٿا پڄن.
حيدرآباد ۾ اڃا پڙهندا هئاسون ته سن 1942ع ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو اڃا پروفيسر نه ٿيو هو هڪ ايراني ٻلي سوکڙي ڪري ڏني. ڏاڍي سهڻي ٻلي هئي. گهر ڀاتين جو ان سان ڏاڍو پيار هئو. وڏا وار اڇي جهڙو کير. ٻلي ڏاڍو صاف جانور آهي.
حيدرآباد مان لڏي لاڙڪاڻي وياسون ته اصل نه هلي. ڇڏائي ڇڏائي گهر ۾ پهچي ٿي ويئي. چوندا آهن ته ٻلي گهر سان، ڪتو مالڪ سان.
جانور پالڻ به ڏاڍو فائديمند ڌنڌو آهي. هڪڙي مينهن غريباڻي گذر جيترو ڪمائي ڏئي ٿي. مان ننڍو هئس ته هڪ نوجوان ايم ايس سي جي ڊگري وٺي وڃي ٿر ۾ رهيو. نوڪري نه ڪيائين. مالوند ٿيو، ٻڪريون ۽ ڳئون پاليائين ته ڌڻ ٿي ويس. سنڌ جي ڳاڙهي ڳئون ته دنيا ۾ مشهور آهي. بيروزگار جوان جي وڃن ٿا آپگهات ڪندا تن کي سبق وٺڻ گهرجي. رزق جي ڪمي ناهي. نوڪريءَ جي چوس مٿو خراب ڪيو آهي. نوڪريءَ ۾ رکيو ڇاهي؟ ايمانداري سان نوڪري ڪجي ٿي ته ڪهڙي به وڏي نوڪري هجي ته مشڪل سان گذارو ٿئي ٿو. رزق ۾ برڪت آهي. هڪ ٻڪري ڇهن مهينن ۾ ٻه ڦر ڏئي ٿي. ڇيلا ڪري وڪڻجن ته هڪ ڇيلو هزار پندرهن سؤ ۾ وڃي ٿو. هڪ ٻن ٻڪرين مان ڌڻ ٿي وڃي ٿو.
رڳو ٻڪريون، مينهون ۽ ڳئون ڇو؟ سها پاليو ته هڪ مادي هڪ وقت تي پندرهن ويهه ٻچا ڏئي ٿي. هڪ جوڙي سهي مان ڏسندي ڏسندي هزار سها ٿي وڃن ٿا. انهن جي به مارڪيٽ آهي.
ڪتا پالڻ به ڌنڌو ٿي سگهي ٿو. بُڻائتا ڪتا ته مهانگا آهن ۽ سٺي اگهه ۾ وڃن ٿا. منهنجي گهر ۾ السيشن جوڙي ٻچا ڏنا ته بنگلن جا ماڻهو ڏسڻ آيا ۽ هڪ مهيني جي عمر واري ٻچي لاءِ پنج سؤ، هزار آڇڻ لڳا. اهڙي طرح بلٽري ۽ بُل ڊاگ جا ٻچا به مهانگا ويندا. ولايت ۾ ته باقاعدي ڪئنائن ڪلبون آهن. ڪئنائن معنيٰ ڪتا ڪلبون آهن. جتي هر قسم جو ڪتو ملي ٿو ۽ فئشن ايبل منڊمون اهي خريد ڪن ٿيون. هڪ جوڙي بل ٽيريٽر جي رکجي ته کوڙ سارا ٻچا وٺي سگهجن ٿا. اهڙي طرح بدڪون ۽ ڪڪڙ به پالي سگهجن ٿا. پولٽري يعني ڪڪڙن جو ڌنڌو ته هاڻي ڪروڙن جو هلي ٿو. ڳوٺن ۾ هر گهر ۾ ڪڪڙ، ڪتا ۽ سها وغيره پالي سگهجن ٿا.
اسان جي نوجوانن جو مٿو الائي ڇو منجهي پيو آهي ۽ نوڪري جي چڪر ۾ ڇتا ٿي خودڪشي ڪيو ڇڏين. جانور پالڻ ڌنڌو به آهي ته وندر به. هڪ قسم جو شوق آهي. اسان جي لاڙڪاڻي جي پاسي هڪ نوجوان کي مينهن سان پيار ٿي ويو. اڄ هڪ مينهن مان ستر مينهون اٿس ۽ سندس چواڻي سندس ماهانه آمدني خرچ لٿي ٽيهه هزار آهي. باقي ٻرو کپي؟ ٻهراڙي جي ڪنهن به گهر کي وٿاڻ بڻائي ٿو سگهجي.
هي ته ٿيون جانورن جون ڳالهيون جي هر گهر ۾ پالي سگهجن ٿا. سنڌي نوجوان جي مٿي ۾ الائي ڇو واپاري ڳالهيون ويهن نٿيون. ٺهي جڙي شيءِ کي جيڪڏهن چڱي نموني وڪڻجي ته ٻٽو فائدو آهي. کير، مکڻ ۽ ماکي ته اسان وٽ آهن. رڳو پاڪيٽ ۾ بند ڪري وڪڻو ته چؤڻو اگهه ملي ٿو. حليب گهاٽو کير سمجهي چانهه لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. مينهن جي کير کان وڌيڪ گهاٽو ته ڪوئي کير ناهي. ان کي پاڪيٽن يا بوتلن ۾ وجهي مارڪيٽ ۾ آڻجي ته ٻيڻو ٽيڻو نفعو ٿيندو. خالص ماکي جي وڏي ڊمانڊ آهي. نج ماکي ننڍين شيشين ۾ ڀري يا ٽوٿ پيسٽ جهڙي پاڪيٽن ۾ ڀري وڪڻجي ته هٿؤن هٿ وڪامي وڃن. آسٽريليا جي ماکي جو شيشو ماڻهو ڳولها ڪري پنج سؤ رپين ۾ وٺي ٿا وڃن.
اهڙي طرح مصالحه جات، ڪوئي خرچ ته ڪونهي. معمولي لوڻ ۽ مرچ يا ٻيا مصالحا ڪٽي پاڪيٽن ۾ ڀري يا پڙيون ٺاهي وڪڻجن ته وڏو فائدو آهي. ٿر جي هڪ ڪاموري رٽائر ڪرڻ کان پوءِ اهو ڪم شروع ڪري ڏنو. اڄ ڪروڙ پتي آهي. رڳو مرچن جون پڙيون ٺاهي وڪڻجن ته ٻهراڙيءَ جون عورتون به وٺنديون. مصالحه پيهڻ يا ڪُٽڻ جي محنت کان بچي پونديون.
اهڙا ڌنڌا آهستي آهستي وڌي وڏا ڌنڌا ٿي پون ٿا. اهڙو ماڻهو سيٺ يا وڏو عزتدار، امير سڏجي ٿو. چوندا آهن ته’ اُتم کيتي، وڌندڙ واپار نيچ نوڪري‘. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان الائي ڇو نيچ نوڪريءَ پٺيان ڇتا ٿي پيا آهن. کيتي به واپار آهي. رڳو ٽالهي، نم جا سؤ ٻه سؤ وڻ لڳائي ڇڏيو ته ڏهن ويهن سالن کان پوءِ لکن جا ٿي پون ٿا، بانس جا لڪڙا به پوکي سگهجن ٿا. اسان جا زميندار ۽ هاري چانورن جي پوکيءَ کان سواءِ ٻئي پاسي لوڻو ئي نٿا ڦيرائين.
اسان ننڍا هوندا هئاسون ته اسان جون مائرون رات جو آنئرا، آريٺا ۽ سِڪاڪائي پسائي رکنديون هيون. صبح جو ان پاڻيءَ ۾ ميٽ ملي وارن کي لڳائينديون هيون ته وار صاف به ٿيندا ته گهاٽا ۽ ڊگها به ٿيندا هئا. عورتن جون چوٽيون چيلهه تائين يا اڃا به ڊگهيون هونديون هيون. آريٺن مان ڪاريون گوليون نڪرنديون هيون. جن سان اسين ٻار چدي راند ڪندا هئاسون. هاڻي جيڪڏهن اسان جو واپاري ذهن هجي ته آريٺا سِڪاڪائي مان پائوڊر ٺاهي يا شئمپو بڻائي وڪڻون ته اهو لکن ڪروڙن جو واپار آهي. هي معمولي ڳالهيون جيڪي اسان جي آڏو آهن، تن جو ذڪر آهي. اڃا ته الائي ڪيتريون شيون آهن جن جو واپاري استعمال ڪري سگهجي ٿو. مثلا ََهيڊ آهي. هيڊ سوڄ ۽ ڌڪ وغيره تي لڳائبي آهي ته فائدو ٿيندو آهي ان کي پائوڊر ڪري يا پيسٽ ٺاهي وڪڻجي ته آيوڊيڪس کان هوند وڌيڪ هلي اهڙي طرح رس ول آهي. انهيءَ ۾ به ڪيئي فائدا آهن. رڳو شيشي ۾ بند ڪري هلائڻي آهي.
لاڙڪاڻي جي ڀرسان دودائي هڪ ڳوٺڙو آهي اتان جو هڪ سانگي ڪراچي اچي رهيو. آفيس ۾ اچ وڃ دوران هن ڏٺو ته پارڪر مس جي ڏاڍي مانگ آهي. هن پنهنجي مس ٺاهي ۽ شيشين ۾ بند ڪري آفيسرن کي سپلاءِ ڪرڻ لڳو. سفيد پوشي جو سٺو گذر ڪرڻ لڳو.
ڦٽ ڦرڙي لاءِ ڪارو پلستر لڳائجي ٿو. ان بجاءِ هيڊ جو هيڊو پلستر هلائي سگهجي ٿو. يا رس ول مان ڪارو پلستر جوڙي سگهجي ٿو. رڳو سوچ کي موڙڻو آهي. اسان جا نوجوان انهن پاسن ۾ سوچن ئي نٿا. باقي مائٽن کي سهسائڻ خاطر خودڪشي جو سوچي پنهجي موت جو مزو وٺڻ چاهين ٿا.

9

اسان وٽ نم جهڙو عجب وڻ آهي. ان جا پن به ڪارائتا آهن ته نموريون به. نمورين مان اهڙي پيسٽ ٺاهي سگهجي ٿي جو جونئن جو بيٺي پيرخاتمو. اڄ ڪلهه جو ائنٽِي لائس ’جونئن مار‘ دوائون نڪري پيون آهن ۽ لکن ڪروڙن جو بزنيس پيون ڪن. ان جهڙي بلڪ ان کان به سٺي دوا نمورين مان ٺهي سگهي ٿي. نموريون گڏ ڪرڻ ۾ ڪو خرچ ته ڪو نه ٿو اچي.
اڳ ۾ زائفون کار سان ڪپڙا ڌوئنديون هيون. کار ڪاسٽڪ سوڍا آهي. ان ۾ ڪجهه ٻيا وکر ملائي صابڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جا پائوڊر ٺاهي سگهجن ٿا، نه رڳو پاڻ لک ڪمائجن پر هزارن کي ڌنڌي سان به لڳائي سگهجي ٿو.
کار سان ڪپڙا ڌوئي، زائفون ڪپڙي کي گُليءَ جي ڇٽ ڏينديون هيون اها گلي هينئر مارڪيٽ ۾ نيل ۽ رابن نيل ٿي لکن ڪروڙن جو ڌنڌو پئي ڪري. اسان کان ايترو نه پڳو يا اڄ تائين نٿو پڄي جو گُليءَ مان ڪمايون.
اسان وٽ املتاس جا وڻ ڏاڍا ڀلا ٿين ٿا. املتاس جو ڪارو مادو قبض ڪشا آهي. ۽ قبضيءَ جو هڪ ٽڪ علاج آهي. اسان کان اڳ ۾ هوميوپيٿي وارن ان جون گوريون ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏيون آهن اسان موڳا مٽر ٿيو ماٺ ڪيون ويٺا آهيون ۽ ماستري يا پٽيوالي جي نوڪريءَ لاءِ ٻيا ٻاٿون کائون.
هڪ ٽالپر نوجوان مون وٽ آيو. ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪيل هئس. يعني ’ايم ڪام‘ هئو. مون وٽ ڪلارڪيءَ لاءِ پنڌ ڪندو هئو. ڪلارڪيءَ جون سڀ جايون ڀري بيٺو هئس. ڪا جاءِ خالي ڪانه هئي. نيٺ ٽي چار دفعا پنڌ ڪري چيائين ته ”پٽيوالو ڪري رکينم“ مون کي به ڏاڍا خار لڳا سو چيومانس ته ”تو ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي ڪانهي، ڪوڙ پيو ڳالهائين. جيڪڏهن تنهنجو ڪامرس وارو ذهن هجي ها ته کوڙ سارا طريقا آهن پئسن ڪمائڻ جا!“ چيم ته ”لک کن بيروزگار يا مئٽرڪ پاس اهڙا ڇوڪرا هوندا جيڪي نوڪرين پٺيان هزارين روپيا ڀاڙن ڀتن ۾ خرچ ڪري ڇڏين ٿا. هڪ لک ماڻهو هڪ هڪ هزار خرچ ڪن ته ڏهه ڪروڙ روپيه ٿين ٿا. اهڙن ماڻهن کي رڳو پنجاهه روپين ۾ رجسٽر ڪري نوڪريون ڳولهي ڏجن ته پنجاهه لک روپيا ٿي ويندا. انهن پنجاهه لکن مان آفيس ٺاهي، ڪلارڪ ويهاري، اخبارن ۾ اشتهار ڏياري هڪ قسم جي خانگي ايمپلائينٽ ايڪسچينج کولي سگهجي ٿي. نوڪري ڏيارڻ جي صورت ۾ وڌيڪ پنجاهه سؤ روپيا وٺي سگهجن ٿا.“ کيس ڳالهه سمجهه ۾اچي وئي ۽ وري نوڪري لاءِ مون وٽ ڪونه آيو.
همدرد وارن ڇا ڪيو جو ماکيءَ کي رڳو ٽوٿ پيسٽ جهڙي ٽيوب ۾ وجهي ڏهين ڏهين روپين ۾ وڪڻڻ شروع ڪيائون. لک ڪمائي ويا.
همدرد مان حڪيم محمد سعيد ياد آيم. مون سان گهرو رستا ۽ مان سندس گهر ۾ دعوتون کائي ايندو هئس. منهنجي ننڍڙي گذاري وئي ته حڪيم صاحب جي گهر واري جنازي کڻڻ کان اڳ تڏي تي آئي. جڏهن حڪيم صاحب گورنر ٿيو ته سندس زماني ۾ نگران (care taker ) وزارت ٺهي. مون سان آفتاب شعبان ميراڻي ڳالهه ڪئي ته منهنجو نالو چيف منسٽر طور نامزد ڪيو ويو آهي. بهرحال چيف منسٽر سيد علي مدد شاهه مقرر ٿيو، جيڪو منهنجو گهاٽو دوست آهي. ان ڳالهه ڪئي ته منهنجو نالو چيف منسٽر مان هٽائي منسٽرن ۾ داخل ڪيو هئائون. سندس چوڻ مطابق حڪيم محمد سعيد منهنجي منسٽر ٿيڻ جي به مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته ”مسٽر ابڙو سنڌي قوم پرست آهي. سو اهو نه کپي!“ ڄڻ پاڻ اڙدو قوم پرست نه هئو. هي ماڻهو اندر جا ڪهڙا ڪارا ٿين ٿا. ٻاهران دوستي اندر ۾ ڇريون ۽ ڪينو. خير گذاري ويو آهي. الله مغفرت ڪندس. ڪنهن قتل ڪيُس؟ سڀ ڪنهن کي خبر آهي. مهاجر نسل پرست جماعت وارن قتل ڪيُس. هيءُ هڪ اتفاق آهي نه ته چئي سگهجي ٿو ته مون کي نقصان پهچائڻ جو ڪيتو لوڙيائين. مان ته سندس جنازي تي به ويس ۽ ٽيجهي تي به ويس ۽ سندس نياڻي سعديه راشد سان تعزيت ڪيم. پنهجي نياڻي شاهده کي ساڻ وٺي ويو هئس جو منهنجي گهر واري گذاري وئي هئي.
گهرواريءَ جي دعائن سان پڪو نمازي بڻجي چڪو هئس. قرآن شريف جو بار بار مطالعو ترجمي ۽ تفسير سان ڪندو رهيس. قرآن شريف جي اکري ترجمي ۾ وڌيڪ مزو آهي. مولانا عبدالڪريم ٻير شريف واري بنهه اکري ترجمو ڪيو آهي. مون ڪيترائي لفظ ڏٺا جي آهن ته عربي پر نج سنڌي ٿي ويا آهن. مون اهي لفظ جدا گڏ ڪيا آهن. اهو هڪ جدا ڪتابڙو ٿي ويندو؛ هتي انهن جو تفصيل نه ڏبو.
دوا، دعا، دعوت، دعويٰ، وڪيل ۽ اهڙا هزارين لفظ آهن جي نج عربي آهن. فقير، فاقو، فڪر، فنا، نج عربي لفظ آهن. غضب، غليظ، غيب، غائب، غسل، غير، بغير، غصو، غلط، سڀ نج عربي لفظ آهن. مون اهڙا هزارين لفظ ڊائري ۾ لکي ڇڏيا آهن. پر هڪڙا نج سنڌي لفظ آهن، جن لاءِ ذرو به شڪ نٿو ٿئي ته اهي ڪي عربي لفظ هوندا، اهڙا به سوين لفظ مون گڏ ڪيا آهن. مثلاََ عربيءَ ۾ دمر معنيٰ ناس ڪرڻ، پاڙئون پٽي ڇڏڻ يا ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏڻ. اهو ساڳيو لفظ سنڌيءَ ۾ آهي ڏمر. ڪير چوندو ته ڏمر لفظ عربي لفظ آهي.
عربيءَ ۾ رٿا يا اٽڪل بازيءَ کي چون ڪيد. اسان چئون کيڏ کيڏي ويو. اهو کيڏ به عربيءَ جي ڪيد جي بگڙيل شڪل آهي. عربي ۾ برده چون چادر کي. اسان چئون پرده. معنيٰ پردو يا پڙدو به اصل ۾ عربي لفظ آهي. عربيءَ ۾ کلا معنيٰ خبردار. خبردا ڪرڻ لاءِ بار بار چئبو ڪلا ڪلا. اسان چئون کلا کلا، يعني خبردار خبردار. ڪانءَ کي به چئون کلا! ته ڪتي کي به چئون کلا!. ’کلا‘ موچڙن کي به چئبو آهي، اهو جدا لفظ آهي. کل مان نڪتل، پر ڪانءُ يا ڪتي کي ته موچڙا ڪونه هڻبا؟ ٻار کي توڙي جانور کي ۽ پکيءَ کي چون کلا! معنيٰ خبردار! جيڪو عربي جو عام استعمال آهي، اهڙا ٻيا ڪيئي لفظ آهن، جي هونئن ته نج سنڌي لڳن ٿا، پر آهن عربي.
گُهمڻ گهتڻ کي چون سير. اهو سير به نج عربي لفظ. ڪُل معنيٰ سڀ. ڪُل به عربي. مينهن وسڻ يا وسڪاري کي عربي ۾ چون ’مطر‘. سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو ’مُٽڻ‘ جو هونئن ته نج سنڌي ٿو لڳي، پر اڄ تائين ٻهراڙيءَ ۾ پيشاب ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ته وسڪارو ڪري اچان! اهو وسڪارو آهي مطرتا. لفافو به نج عربي. خط به عربي. ڪتاب قلم به عربي. رسالو به عربي ته مخزن به عربي. جو انگريزيءَ ۾ ڦري ٿيو مئگزين، نزلو ۽ الف نزلا ڦري ٿيو انفلوئنزا. انگريزي ۾ چون ڪاٽن عربيءَ ۾ چون ڪتن ۽ اسين لفظ ڪم آڻيون ڪتڻ، ڪتڻ نج سنڌي لفظ آهي. پر ڀانئجي ٿو ته ڪپهه يعني ڪتڻ مان نڪتل آهي. وقت به عربي، اوقات به عربي. ويندي ڪرسي به عربي ته گناهه ثواب به عربي. عربيءَ ۾ گناهه کي چون جناح. عرب جيم کي گاف ڪري اچارين. جيئن جمال کي چون گمال ۽ جمهوريه کي گهموريه، سنڌيءَ ۾ چون فلاڻي کي ريهي ريبي ڦيرائي ويو. عربيءَ ۾ ريب معنيٰ شڪ يا مونجهارو يعني ڪنفيوزن، جو انگريزي جو لفظ آهي عربي جو ريب انهيءَ معنيٰ ۾ آهي.
سلام، ايمان، غيب، غائب، هدايت، سلامت، نج عربي لفظ آهن. عربيءَ ۾ ولو چوندا آهن موٽڻ، موڙڻ يا ورڻ کي. اسان چئون ول ول يا ور ور يا سڌو سنئون ولوئو به چئون جو آهي ورڻ يا ڦرڻ.
سنڌيءَ تي سنسڪرت جو به وڏو اثر آهي. پر عربي ان کان پوءِ آئي، تنهن ڪري عربي جو اثر نج ۽ تازو آهي. مرض، مرضي، مريد، مراد به نج عربي لفظ آهن. سنڌي جو بڻ بنياد دراوڙي آهي. سنسڪرت اسان کي لفظ ڏنا به ته کنيا به، سنسڪرت جا ودوان سنڌو ڪناري رهيا ۽ لازمي آهي ته هنن به اسان جا لفظ کنيا، مثلاَ، ڄڀ ۽ ڄنگهه يا ڀونءِ.
قدر، قدرت، قهر، جبل، جبر سڀ نج عربي لفظ آهن، پر لفظ ڳالهه ته نج سنڌي آهي نه، اهو به عربي لفظ قال جو بگاڙ آهي. عرب ق کي گاف ڪري اچاريندا آهن. ڳالهه ڳالهه تي چوندا آهن گال فلان يعني فلاڻي هيئن چيو يا هيئن ڳالهه ڪئي. اسان گال کي ڦيرائي ڳالهه ڪري ڇڏيو. پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي جو وڏو عالم آهي تنهن ڳالهه ڪئي ته سندن اسڪول ۾ هڪ نوڪرياڻي هوندي هئي مائي ڍاپان، جاچ ۾ خبر پئي ته مائيءَ جو اصل نالو هئو. فاطمه. فاطمھ مان ڦري تي ڦاپو ۽ ڦاپان. ڦاپان مان ڦري ٿي ڍاپان. ٻوليون ائين ٿيون لفظن جو حليو بگاڙين. لفظ ’ڳالهه‘ به اصل عربي لفظ ’قال‘ يا ’گال‘ جو بگاڙ آهي. عرب قال کي چون گال، اردوءَ ۾ چون گل بات.
فرش به عربي لفظ آهي ته عرش به. آسمان کي عربيءَ ۾ چون ’سماءَ‘ جنهن کي اسان ’آسمان‘ ڪري ڇڏيو. ٻوليءَ ۾ اهڙي مٽ سٽ ٿيندي آهي. انگريزي لفظ ’ڪپ بورڊ‘ کي اسان ’ڪٻٽ‘ بڻائي ڇڏيو ۽ ڪير به ائين نه چوندو ته ڪٻٽ انگريزي لفظ آهي. گلاس ته صفا سنڌي ٿي ويو آهي. ڪپ کي ڪوپ بڻائي ڇڏيو سين ۽ هاڻي ڪو چوي ته ڪوپ کي ڪپ چئو ته ڪونه چونداسين. ’واٽر ڪورس‘ کي ڦيرائي ’واسر ڪوٽ‘ ڪري ڇڏيوسين ۽ هاڻي صرف ’واسر‘ يا ’واٽر‘ چئون. اهڙي عجيب صورتحال پيدا ٿي پوي ٿي جو چون ٿا، ته ’واٽر ۾ پاڻي آهي ئي ڪونه! واٽر ۾ پاڻي ڪونهي. عجب ڳالهه آهي پر ائين عام چيو وڃي ٿو. ٻوليءَ جو مزاج آهي.
قالين کي عرب چون ’گالين‘. اسان ان کي ’گِلم‘ بڻائي ڇڏيو. ظلم، ظالم به عربي لفظ آهن ته رحم به حيران، حيرت، حب، محبت، محبوب، سڀ عربي لفظ آهن. خلق خالق، مخلوق، تخليق به عربي. تصور، غيرت به عربي. بُس ۽ بُسا عربي ۾ چون ذرڙن کي. اسين چئون بُوسو.
حڪم، حڪومت، عدل، فيصلو، ذائقو، بدلو، داخل، عذاب، لعنت، نعمت، قضا، نور بي حساب عربي لفظ آهن جي سنڌي ۾ اچي ويا آهن. ٻيا ڪيترا لفظ آهن جي عربي لفظن جو کار آهن.
مثال اسين چئون ڪپڙي جي ’ڦتيل‘ معنيٰ ليڙ. اصل ۾ عربي لفظ آهي ’فتيل‘ معنيٰ تند. اسان چوندا آهيون ته ’گڙپ ٿي ويو‘ معنيٰ گم ٿي ويو يا ٽٻي هڻي ويو. اهو به اصل ۾ عربي لفظ آهي، ’غروب‘جو ڦري گهري ’گڙپ‘ ٿي ويو. ائين بي حساب لفظ آهن پر اجايو تڪراري معاملو ٿي پوندو جو ڪيترا يار خدا ڪارڻ عربيءَ جا دشمن آهن. ڀلا جيڪا زبان سوين سال حڪومتي ٻولي رهي هجي سا اثر به ضرور ڇڏيندي. ائين پارسي جا هزارين لفظ سنڌيءَ ۾ آهن جيڪي پير ۽ پيرسن. اسان ذري ذري چئون نور مٺي جو قسم. قسم به عربي ته نور به عربي.
اهو ڪتابڙو گم ٿي ويو اٿم، جنهن ۾ عربي جا لفظ لکي ڇڏيا هئم. جي نج سنڌيءَ ۾ استعمال ٿا ٿين. نه ته اهو جدا ڪتابڙو ڇپائڻ جهڙو آهي. شال ڪو عربي جو پروفيسر اهڙو ڪرتب ڪري وڃي. صفا سنڌي لفظ اصل ۾ عربي آهن. مثال ڀوسو يا بوسو به عربي آهي. ’بُس‘ معنيٰ ذره ذره ٿي وڃڻ. دسڻ به عربي مان نڪتل آهي. ڇڏيون ٿا انهيءَ ڳالهه کي ته من ڪوئي عربي جو پروفيسر اهڙو ڪم ڪري ڏيکاري.
مون پنهنجي اڳين ڪتابن ۾ ڪجهه مافوق الفطرت واقعا بيان ڪيا آهن جي حيرت جوڳا آهن. حقيقت ۾ اهي نڪي مافوق الفطرت آهن، نه حيرت جوڳا. بلڪه فطري آهن. رڳو اسان کي خبر ڪانهي. هيڪر خبر پئجي وڃي ته نه حيرت ٿئي نه غير فطري لڳن.
مها ڀارت ۾ اڀيمنو جو قصو بيان ٿيل آهي ته هن ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي جنگي حڪمت عملي، ’چڪر وِيوهه‘ ۾ گهڙڻ جي ترڪيب پنهنجي پيءُ ارجن واتان ٻڌي ورتي. چڪر ويوهه مان نڪرڻ جي ترڪيب ارجن بيان نه ڪئي. ڪروکيشتر جي جنگي ميدان ۾ اڀيمنو ڳڀرو جوان ’چڪر ويوهه‘ ۾ ڪاهي پيو. نڪرڻ جي ترڪيب ٻڌل ڪا نه هئس، ان ڪري نڪري نه سگهيو ۽ مارجي ويو. ڀانئجي ٿو ته سنڌيءَ جو لفظ ابهم، اڀيمنو مان ٺهيو آهي، يا ائين نه به هجي. حيرت جي ڳالهه اها ناهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ هڪ ابهم ٻار هڪ جنگي حڪمت عملي ڪيئن ٻڌي ۽ سمجهي ورتي ڇو ته اڄڪلهه سائنسدانن اهو ثابت ڪيو آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار نه رڳو ٻڌي ٿو پر سمجهي به ٿو.
سائنسي تجربن ڪري اسان جي حيرت ته گم ٿي وئي، پر حيرت ان ڳالهه تي آهي ته اڍائي هزار سال اڳ مهاڀارت جي ليکڪ کي اها خبر ڪيئن پئي ته ”ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ٻڌي ۽ سمجهي ٿو“. اها واقعي وڏي حيرت جي ڳالهه آهي. ثابت ٿيو ته سائنس کان سواءِ به ڪو علم آهي. جو ڪن ماڻهن کي وديعت ٿيل آهي اهڙا ماڻهو رواجي انسانن کان مٿانهان ۽ برتر ٿين ٿا. اهڙن برتر ماڻهن کان اهڙا واقعا ۽ معجزا سرزد ٿين ٿا جو رواجي انساني ذهن سمجهي نٿو سگهي. سمجهي نه سگهڻ جو اهو مطلب ناهي ته اهڙا واقعا ۽ معجزا ٿيا ئي ناهن، مون اڳي ذڪر ڪيو آهي ته فقير عبدالرحيم گرهوڙي صاحب چيو آهي ته تضادن contradiction ۾ الله کي پسيوسين، مثلاََ حضرت عيسيٰ بنا پيءُ جي ڄائو جا ٻه هزار سال پراڻي ڳالهه آهي. اڄ سائنسدان ڪلون ڪري بنا پيءُ جي ڦر يا ٻار پيدا ڪن پيا. حيرت ته هلي وئي، پر اها حيرت قائم آهي ته ٻه هزار سال اڳ اهڙو واقعو ڪيئن ٿيو؟ يا مهاڀارت جي ليکڪ کي اڍائي هزار ورهيه اڳ اها ڄاڻ ڪيئن پئي ته ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ٻڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو.
هيءَ ڪا رواجي ڳالهه ناهي جا پٺيءَ ڀر اڇلي ڇڏجي ته ’ٺهيو، مڙيئي خير آهي!‘ نه رڳو ايترو پر حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو هٿ ڦيرڻ سان بيمارن ۽ ڪوڙهين کي شفا ڏيڻ به عجب آهي. اڄڪلهه ان کي ريڪيءَ جو علم چون ٿا جنهن موجب هٿن ڦيرڻ سان بيمار جي بجليءَ ۾ چقمقي بيهڪ ۽ صورتحال کي مٽائي، شفا ڏجي ٿي. تنهن جي معنيٰ ته ڦيڻو پڙهڻ ۽ هٿ ڦيرائڻ ۾ ڪا ته معنيٰ ۽ مطلب آهي، جيڪو اهل علم صاحبن کي هزارين سالن کان معلوم هئو! اها ضرور حيرت جي ڳالهه آهي. جا سائنسي ڄاڻ هاڻ پئي پوي سا هزار سالن کان به اڳ ڪن ماڻهن کي معلوم هئي. جنگ خيبر ۾ حضورصلي الله عليھ وسلم جن حضرت علي رضي الله عنھ کي طلب ڪيو. معلوم ٿيو ته سندن اکيون ايترو خراب هيون، اٿيل هيون، جو ڏسي به نٿي سگهيو حضور صلي الله عليه وسلم جن کيس گهرائي سندس اکين تي پنهنجو لعاب هنيو ته اکيون بلڪل ٺيڪ ٿي ويون. کين جهنڊو ڏئي خيبر جو قلعو فتح ڪرايو ويو. هي تاريخي حقيقتون آهن ڪو قصا ڪهاڻيون ناهن، اهو ڪيئن ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ سائنس اڃا معلوم نه ڪري سگهي آهي. اهڙي طرح حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو ڪوڙهين کي شفا ڏيڻ بلڪ مئلن کي قبرن مان اٿارڻ عجوبا آهن.
سائنس هاڻ ثابت ڪيو آهي ته مرڻ کان پوءِ به حيات جيوڙا gene مرن ڪونه ٿا. هاڻي سائنسدان مئل ڊائنوسار مان سندس حيات جيوڙو ڪڍي نئين سر ڊائنوسار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ پڪ اٿن ته هو ڪامياب ٿيندا. نه رڳو ڊائنوسار پر مئل ماڻهو جيgene مان نئون ماڻهو ڪلون ڪرڻ ۾ به ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ اهڙو ٻار جلد ڄمڻ وارو آهي. هي ته عجب ٿيو! چئبو ته مشهور سائنسدان نيوٽن کي به وري پيدا ڪري سگهبو! هي عجائب جلد ٿيڻ وارا آهن. ۽ اسان کانپوءِ نئين پيڙهي الائي ڪهڙا ڪهڙا عجائبات پسندي. چئبو ته مرڻ کان پوءِ جيئڻ برحق آهي. اسان جا ڄامڙا دانشور الائي ڇو بند دروازن ۾ رهن ٿا ۽ ايئن ئي رهڻ پسند ڪن ٿا. باقي ڳالهه ته چٽي پئي آهي.
نه رڳو مرڻ کان پوءِ جيئڻ ثابت آهي. پر ’ڄمڻ کان اڳ جيئڻ‘ به ثابت آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته ”توهان مئل هيو، پوءِ توهان کي جياريوسين، پوءِ توهان کي مارينداسين ۽ وري جيارينداسين!“ معنيٰ ته ڄمڻ کان اڳ ڪنهن مئل صورت ۾ هئاسون. هاڻ سائنسدانن ثابت ڪيو آهي ته موجوده انسان جا ائٽم ڪروڙن سالن کان نباتات، حيوانات ۽ جنسيات جي صورت ۾ موجود هئا ۽ مرڻ کان پوءِ به موجود هوندا. حق تي بلهي شاهه چيو ته:
اسان آدم ڪنون اڳي هياسون
آدم ڪنهن دا ڄايا؟
حيرت آهي ته سائنسدانن کان اڳ بلهي شاهه کي ڪيئن اهڙي خبر پئي؟ خبر کي عربي ۾ ’نبا‘ چوندا آهن ۽ خبر ڏيندڙ کي ’نبي‘ ته نبين سڳورن کي اڳواٽ اهڙيون خبرون هيون. هي نبا ۽ نبي جو معاملو به هڪ راز آهي.
پوءِ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو دنيا ۾ ٻيهر ظهور پذير ٿيڻ به ڪا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. ڪلون ڪرڻ جا طريقا به سڌري سگهن ٿا. حضرت عيسيٰ عليھ السلام ته رڳو قبر مٿان بيهي چوندو هو، ”قم باذن الله“ (اُٿ الله جي حڪم سان!)ته مڙدو ڏاڙهي ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيندو هو. ممڪن آهي ته سائنسدان ان تي پهچي يا ويجهو وڃي پوي.
”قم باذن الله“ چوڻ، آواز آهي ۽ آواز (sound) علم طبعيات موجب هڪ قوت آهي. ڪن لفظن جو خاص ترتيب سان اچارڻ جي پنهنجي frequency آهي ۽ اها هڪ خاص قوت آهي. ان frequency ۽ wave length کي پنهنجي قوت ۽ پنهنجو اثر آهي. وري چوڻ واري جي جسماني ۽ روحاني قوت به ان آواز جهڙي اثرائتي هجي ته پنهنجو اثر ڏيکاري ٿي.

10

مون لطيف آباد حيدرآباد ۾ پنهنجو گهر ساڍن ستن لکن ۾ وڪيو. ساڍا ست لک حاصل ڪري مان ستين آسمان تي پهچي ويس ۽ پاڻ کي وڏو شاهوڪار سمجهڻ لڳس. هڪ پراپرٽي ايجنٽ شرافت حسين کي خبر پئجي وئي ته مون وٽ پئسا آهن. هو اصل حيدرآباد ۾ هئو ۽ وڪيل جو منشي هئو سو خبر جيئن تيئن هن وٽ پهچي وئي. هن ڪلفٽن تي هڪ 2400 گزن جو پلاٽ ڏيکاريو جو ساڍن ستن لکن ۾ مليو ٿي. منهنجي به دل هرکي جو پئسا نقد رکڻ خطري کان خالي نه هئو. مون ڪاغذ پٽ وڪيلن ۽ روينيو آفيسرن کي ڏيکاريا جن چيو ته ملڪيت صاف آهي ۽ وٺڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ملڪيت اصل هندو ڌرمائو ٽرسٽ جي هئي جن کان هڪ وڪيل خليل احمد خريد ڪئي هئي. خليل احمد کي ان ملڪيت تي بئنڪ قرض به ڏنو هئو جا ثابتي هئي ته ملڪيت جي مالڪيءَ تي بئنڪ به مطمئن هئي. مون الله توهار ڪري اهو پلاٽ خليل احمد وڪيل کان ورتو ۽ بئنڪ جو قرض به پاڻ تي کنيم. مان تن ڏينهين اسلام آباد ۾ رهندو هئس ۽ مطمئن ٿي ويهي رهيس ته مون پئسا صحيح طريقي سان سيڙايا آهن. ۽ بچت ڪئي اٿم. موڪلن ۾ ڪراچي آيس ته هاءِ ڪورٽ مان نوٽس مليم ته بئنڪ خليل احمد خان تي ڪيس ڪيو آهي. ان ۾ ڌر بڻبو.
مان بي ڌڙڪ وڃي هاءِ ڪورٽ پهتس. اتي معلوم ٿيو ته مسٽر پي ڪي شهاڻي اعتراض ڪيو هو ته اها ملڪيت سندس پيءُ ڪيولرام جي آهي. منهنجون ته ’ٻه به ويون ڇهه به ويون‘. موٽي اچي ڪاغذ کوليم ته ڏٺم ته ڪيولرام 1946ع ۾ عام مختارنامو لکي ڏنو هئو. هڪ ٻائي کي. ٻائي وري وڪڻي ڏنو سيد خورشيد کي، جنهن کان خريد ڪيو خليل احمد وڪيل جنهن مون کي وڪيو. مان مطمئن ٿيس پر اخلاقي طرح پي ڪي شهاڻي سان رابطو ضروري سمجهيم. ويس علي احمد بروهي وٽ جو شهاڻيءَ جو جهڙوڪر گهر ڀاتي هئو. ان کي ڪيولرام جو لکيل مختارنامو ڏنم ۽ چيومانس ته ”کانئس پڇي ڏئي ته واقعي مختارنامو سندس ڏنل آهي ۽ مٿس سندس تصحيح ٿيل آهي!“ علي احمد بروهي موٽي جواب ڏنو ته ”ڪيولرام جي عمر نوي سالن کان مٿي آهي ۽ هو چوي ٿو ته ’کيس ڪجهه ياد ناهي پر سڀ خبر پريم (پي ڪي شهاڻي) کي آهي“.
مون پريم سان ڳالهايو بلڪ هو منهنجي فليٽ تي آيو. مون کيس ٻڌايو. مون کان رڳوا يترو پڇيائين ته ’گهڻا پئسا ڏنا اٿئي؟“ چيم ”ساڍا ست لک!“ چيائين ته ”مناسب قيمت آهي!“ ۽ هليو ويو. پوءِ ته مون ٺاهه جون ڪوششون ڪيون. مئڊم حميده کهڙو کي دانهن ڏنم. ان شهاڻيءَ کي گهرايو پر شهاڻي صاحب راضي نامي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. ايتري ۾ سول ڪورٽ مان ڪيس مون کٽيا ۽ قبضو مون کي مليو. شهاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ويو پر اتي به هارايائين. مون ڏٺو ته سڀني دوستن جون همدرديون شهاڻيءَ سان هيون. نورالدين سرڪي ۽ سراج الحق ميمڻ به مون کي صاف جواب ڏنو. جڏهن هاءِ ڪورٽ به قبضو مون کي ڏياريو ته شهاڻي ڊاڪٽر قمر صديقيءَ کي دانهن ڏني. مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته ”تون امين آهين فيصلو ڪر!“ ڊاڪٽر صاحب ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چيو ته ”شهاڻي فيصلي لاءِ تيار ناهي!“ وري مون وٽ برسات جو ايڊيٽر يوسف شاهين آيو ۽ شهاڻي پاران ميار ڏنائين. مون چيومانس ته ”تون امين آهين، فيصلو ڪر!“ ان به بعد ۾ جواب ڏنو ته شهاڻي امانت قبول نٿو ڪري.
وري شهاڻي صاحب سوڀي گيانچنداڻيءَ کي دانهن ڏني. اهو لاڙڪاڻي مان هلي مون وٽ آيو. اهو وڪيل آهي. هندو ماڻهو آهي. مون ان کي ڪاغذ ڏيکاريا ۽ چيومانس ته ”تون امين آهين جيڪو وڻيئي سو فيصلو ڪر!“ ان به ٻڌايو ته شهاڻي فيصلي يا امانت لاءِ تيار ناهي. هاءِ ڪورٽ مان هارائڻ کان پوءِ شهاڻي هڪڙو نئون ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيو. مون ان ۾ مشهور وڪيل مسٽر شريف مقرر ڪيو. ان مون کان في ڪانه ورتي. پر وقت تي ڪيس ڇڏي مون کي موٽائي ڏنائين. مون کي شڪ آهي ته شهاڻيءَ سان ٺهي ويو يا پئسا ورتائين. مون وري شيخ عبدالستار ميرپور خاص وارو، جو منهنجو هم ڪلاسي هو ۽ دوست هئو. اهو وڪيل ڪيو. اهو به خريد ٿي ويو. وڏي ڳالهه ته رحمت الله جهڙو مشهور ۽ سينئر وڪيل به وڪامجي ويو. هي ڪهڙو زمانو آيو آهي جو وڪيل وڪامجن پيا. نيٺ مون شرافت حسين بوهري وڪيل ڪيو. جو هن مهل تائين ايماندار ثابت ٿيو آهي. اڳتي به الله ايمان ڏيندس.
مون ڳالهه پئي ڪئي لفظن جي جادوءَ جي آواز جي تاثير جي. مون جو ساڍا ست لک ٻوڙيا هئا سو ڏاڍو پريشان ۽ ملول هئس. منهنجي گهر واري به تمام پريشان هئي ته سِڪي سِڪي گهر ٺهرايو هئوسين. اهو به ويو، رقم به وئي. اسين لاهور ۾ هئاسون ته خبر پئي ته حضرت منظور حسين مدني رحمة الله عليھ لاهور جي ميئر ميان شجاع الدين جي بنگلي تي ٽڪيل آهي. مون کي درويش بزرگن وٽ وڃڻ جو شوق هوندو آهي. سو ڪورٽ ڇڏي صبح جو يارهين بجي کن ٽئڪسي ڪري ميان صاحب جي بنگلي تي پهتاسون. منهنجي گهر واري به ضد ڪري مون سان ساڻ هلي. ميان صاحب جو وڏو شاهي بنگلو ان جي لان تي سؤ سوا ملاقاتي اڳواٽ ئي انتظار ۾ ويٺا هئا. مان پڇا ڪري وڃي ميان شجاع سان مليس ۽ مدعا بيان ڪيم. ان لاچاريءَ مان چيو ته ”هي سڀ انتظار ۾ ويٺا آهن، تون به ويهي رهه!“ مون چيو: ”بزرگ کي اطلاع ڪيو ته فلاڻو آيو آهي!“ انڪار ڪيائين. البت چيائين ”نالي جي چٺي ڏي، جيڪڏهن بزرگ پاڻمرادو نوڪر کي سڏيو ته ان کي تنهنجي چٺي ڏئي ڇڏينداسين!“ اهو به معجزو هو جو هيترن ماڻهن ۾ منهنجي چٺي موڪلڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. مان هڪ پني ٽڪر تي پنهنجو نالو ’جمال الدين ابڙو‘ لکيو کنيون آيو هئس.
بزرگ مون کي سڃاڻندو ڪو نه هئو پر چانس ورتم. قدرت اهڙي جو بزرگ ان وقت نوڪر کي سڏيو. نوڪر ڊوڙندو ويو ۽ ڊوڙندو موٽيو چيائين ته ”بزرگ توهان کي سڏيو آهي!“ سڀ حيرانگيءَ مان اسان کي پيا ڏسن. اسان وياسون ته بزرگ هڪ تڏيءَ تي پٽ تي ويٺو هئو. اسين به سامهون ويهي رهياسين. بدر مارشل لا ۾ جيل ۾ هئو. ٻڌايومانس ۽ عرض ڪيم ته سندس رهائي لاءِ دعا ڪري. ٻڌو هئم ته بزرگ دعا گهرڻ کان مڙيئي لهرائيندو آهي جو حق ناحق جي ڳالهه آهي، پر منهنجو عرض ٻڌي هٿ مٿي کنيائين يا ”الله مظلوم کي ظالم جي ظلم کان نجات ڏيار!“ ظالم ڪير مظلوم ڪير؟ اهو ته الله ٿو ڄاڻي.
مون وري عرض ڪيو ته ”مون ساڍا ست لک ڏئي پلاٽ ورتو هو ڪلفٽن تي. ان تي شهاڻي صاحب اعتراض واريو آهي ۽ ڪيس ڪيو اٿائين دعا ڪيو ته اهو پلاٽ مون کي ملي!“ وري به هٿ مٿي کنيائين ۽ چيائين ته ”يا الله حقدار کي حق ڏيار!“ حق ڪنهنجو ۽ حقدار ڪير؟ سا خبر ته الله کي مان دعا مان مطمئن ته ٿيس پر چيم ته ”سائين شهاڻي صاحب وزير ٿي رهيو آهي ۽ تمام وڏو ماڻهو آهي؟“ بزرگ چيو ته ”الله وڏو آهي! الله وڏو آهي!“ اهڙي رعبدار نموني سان چيائين جو منهنجا وار ڪانڊارجي ويا. الله ته و اقعي سڀ کان وڏو آهي. پوءِ به بزرگ منهنجي ڪيفيت ڏسي هڪ پني ٽڪر کنيو ۽ پنهنجي هٿ اکر ٻن سِٽن جو هڪ وظيفو لکي مون کي ڏنائين ۽ چيائين ته هر نماز کان پوءِ صرف يارهن دفعا پڙهندو ڪيان ۽ بزرگ جا هٿ اکر ڏاڍا سهڻا هئا. اهو پني ٽڪر مون وٽ اڃا سانڍيل هوندو پر ڳولهڻو پوندو.
مان ۽ منهنجي گهر واري رڳو انهي خفتان ۾ هئاسون ته رڳو ساڍا ست لک موٽي ملن ته اسان پلاٽ تان هٿ کنيو. مون وظيفو شروع ڪيو ته ٻه ٽي منٽ ٿي لڳا، يارهن دفعا پڙهڻ ۾. لاهور کان اسلام آباد وياسون ۽ اسلام آباد کان ڪراچي موٽياسون. پنهنجي فليٽ ۾ ويٺو هئس ته هڪ اڻ واقف ماڻهو ملڻ آيو. ڪرستان هئو. نالو هئس مائيڪل هدايت. مون کان پڇيائين ته توهان وٽ جا غير منقوله ملڪيت آهي ڇا؟ مون چيو ”هائو هڪ 2400 چوويهه سؤ گزن جو پلاٽ ڪلفٽن تي اٿم“، پڇيائين ”وڪڻندؤ؟“ مون چيو ”هائو!“ چيائين ”گهٽ ۾ گهٽ ڪيترا پئسا وٺندا؟“ مون چيو ”پنجويهه لکن کان هڪ پائي به گهٽ نه!“ اٿي ويو. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ هڪ پارٽي وٺي آيو، جا پنجويهه لک ڏيڻ لاءِ تيار هئي. مون کين ٻڌايو ته ”پلاٽ تي جهڳڙو آهي ۽ ڪيس ڪورٽ ۾ داخل آهي!“ مائيڪل ناراض ٿي ويو ته اهو توهان ڇو کين ٻڌايو؟ مون چيو ”جيئن مون سان دوکو ٿيو آهي، تيئن هنن سان دوکو نه ڪبو؟“ پوءِ به هو راضي ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته پلاٽ پنجاهه لکن کان به مٿي لهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ پنج لک سوٿي ڏئي ويا. پنجن ڇهن مهينن ۾ پنجويهه لک ڏنائون جنهن مان مون ڊفينس ۾ گهر ورتو ۽ ڪجهه پئسا بئنڪ ۾ به رکرائي ڇڏيا.
مون مٿي لکيو آهي ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام ”قم باذن الله“ چوڻ سان مڙدن کي قبرن مان اٿاريو ٿي. آواز يا sound هڪ قوت آهي. خاص ترتيب سان خاص ماڻهن جي اذن سان لفظ اچارڻ وڏو تاثير رکن ٿا. مان ته ڀانيان ٿو ته حضرت منظور حسين مدني رحمت الله عليھ جي وظيفي اهڙو جادو ئي اثر ڏيکاريو جو گهر ويٺي منهنجو ڪم ٿي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته مائيڪل هدايت هڪ پراپرٽي ايجنٽ هئو. جنهن کي پاڻ مرادو خبر پئي ۽ هو پنهنجي فائدي خاطر مون وٽ آيو، پر اهو سڀ ڪجهه اوچتو ۽ پاڻمرادو اهڙو ٽڻ ٺهيو ڪيئن؟ ڀلي اتفاق چئونس! پر مان ان کي وظيفي جي برڪت ٿو سمجهان، ههڙو منجهيل ۽ مشڪل معاملو بنا هٿ پير هلائڻ جي ۽ بنا چؤچاءِ، جي منهنجي حق ۾ منهنجي توقع کان به زياده بهتر نموني ۾ حل ٿي ويو. پاڻمرادو ۽ گهر ويٺي! عجب آهي، حيرت آهي. ويهه سال ٿي ويا آهن، معاملو اڃا ڪورٽ ۾ آهي ۽ بزرگ چواڻي حقدار کي حق ملي ويو. گهر ويٺي، بنا هٿ پير هلائڻ جي ۽ بنا چؤچاءِ جي.
اهڙن عجيب ۽ قدرتي واقعن کي ڇڏيون ٿا. هر ڪو پاڻ ڄاڻي. نه ته اهڙا ڪيئي واقعا منهنجي علم ۾ آهن جن تي يقين ڪرڻ مشڪل آهي، پر ٿيا آهن، ٿين پيا. اپٽار اجائي آهي ڇو ته بلڪل جادوءَ جهڙا واقعا آهن. هن باب کي بند ڪريون ٿا.
مون پنهنجي اڳئين ڪتاب ’ايندو نه وري هي وڻجارو‘ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي مسئلي تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي، ۽ قرآني آيتون لکيون اٿم ته تهمت رکڻ ۽ شڪ ڪرڻ به ڏوهه آهي. اسان وٽ ٻڌي ٻڌائي ڳالهه تي يا رڳو شڪ پوڻ تي مرد کي ڪارو ۽ عورت کي ڪاري ڪيو وڃي ٿو. حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف واري قرآن شريف جو اکري ترجمو ڪيو آهي ۽ سورة النور جي ترجمي ۾ لکيو آهي ته، ”جيڪي تهمت ڏين ٿا پاڪدامن عورتن تي، پوءِ نٿا آڻن چار شاهد ته هڻو انهن کي اسي لڪڻ ۽ نه قبول ڪيو انهن جي شاهدي ڪڏهن به، اهي ئي ڏوهدار آهن.“ ڏسو تهمت هڻڻ وارو ڏوهدار آهي ۽ سندس سزا آهي اسي لڪڻ يا ڦٽڪا، جيسين چار اکين ڏٺا شاهد آڻن، جن سَرائي سُرميداڻي ۾ ڏٺي هجي. جا ڳالهه ٿورو گهٽ ناممڪن آهي. تازو مشهور ڪيس زعفران بيبي جي ڪيس جي فتويٰ آئي آهي، جنهن ۾ فيڊرل شريعت ڪورٽ به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته محض حمل ٿي وڃڻ زنا جي ثبوتن لاءِ ڪافي ناهي. شريعت ڪورٽ جو چوڻ آهي ته چار اکين ڏٺا شاهد جيڪي سچار هجن ۽ گناهگارنه هجن سي شاهدي ڏين ته هنن سرائي سرميداڻي ۾ ڏٺي. جج صاحبن پنهنجي فتويٰ ۾ ڪيترن ئي شرعي ڪتابن جا به حوالا ڏنا آهن، جن جو وچور لکڻ ضروري ناهي. خود حضور صلي الله عليه وسلم جن جي فتويٰ جو حوالو ڏنو اٿن پر ان جو تفصيل ڪونه لکيو اٿن جو مان لکان ٿو.
هلال بن اُميھ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته يا رسول الله صلي الله عليه وسلم مشرق بن سمهاس منهنجي زال تي سوار آهي. حضور جن فرمايو ته ”وڃ! چار گواهه وٺي اچ يا پنهنجي پٺيءَ تي اسي ڦٽڪا کاءُ“ تڏهن هلال بن اميھ شڪايت ڪئي ته ”يا رسول الله صلي الله عليه وسلم جڏهن ڪوئي مڙس پنهجي زال تي ڪنهن کي سوار ڏسندو ته ڇا وڃي شاهد ڳولهيندو؟“ حضور صلي الله عليه وسلم جن وري فرمايو ته ”وڃ! چار گواهه وٺي اچ يا پنهنجي پٺيءَ تي اسي ڦٽڪا کاءُ.“
هي جو پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ آهي ته ’اوچتو ڏسڻ سان ڪو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ماري وجهي ته سزا گهٽ ڏجي‘ سو غير اسلامي آهي. اهو قانون مٽجڻ کپي. نه ته ڦاسيءَ کان بچڻ خاطر ڪوڙو الزام هڻي بيگناهه زالون مارين ٿا ۽ پڻ بيگناهه مرد ماري ڪارو ڄاڻائي زال به ثبوت طور مارين ٿا. اهو غير اسلامي قانون جهڙو آهي، ڪارو ڪاري مسئلي جي حوالي سان.
مارڻ ته پري ٿيو قرآني آيتن موجب ته صرف سؤ لڪڻ هڻڻاآهن ’ڪارو‘ يا ’ڪاريءَ‘ کي. سورة النسا ۾ وڌيڪ آيو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪا زال ناپسنديده عمل ڪري ته ان کي گهر ۾ روڪي رکو، پر اڳ ۾ چار گواهه طلب ڪريو ته جيڪڏهن هو کُلي کُلي بدي ڪن ته ان جو حڪم مٿي اچي چڪو آهي (يعني سئو لڪڻ هڻو) ۽ ان سان چڱو سلوڪ ڪيو. (سورة النساء...رڪوع 3 ۽ 5)
شڪ يا بهتان تمام وڏو ڪريهه عمل آهي. عورت جو تقدس قائم رکڻ لاءِ چٽا چٽا شرعي حڪم آهن ته:
1. پنهنجين زالن تي جاسوسي نه ڪريو.
2. پنهنجي گهر ۾ پٺئين دروازي کان داخل نه ٿيو.
3. ٻاهران اچو ته اڳواٽ اطلاع ڏئي پوءِ گهر ۾ داخل ٿيو. شڪ ۽ افواهه تي اعتبار نه ڪيو. ان لاءِ سورة النور ۾ چٽي چٽي فهمائش آهي ته:
”توهان جڏهن ٻڌو هئو ان کي، ڇو نه گمان ڪيو مومنن ۽ مومنياڻين دلين ۾ چڱو، ته چوَن ها ته هي آهي ڪوڙ پڌرو. ڇو نه آندائون ان تي چار شاهد. پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن. جيڪڏهن نه هجي ها الله جي مهرباني توهان تي، ته پهچي ها توهان کي عذاب وڏو. جڏهن هُلائڻ لڳا توهان پنهنجي زبانن سان ۽ چئو پيا پنهنجي واتن سان جنهن جي نه هئي توهان کي حقيقت معلوم ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو (معمولي)، اهو آهي الله وٽ وڏو (گناهه). ڇو نه توهان چيو ناهي لائق اسان کي، جو گفتگو ڪريون ان ۾. پاڪ آهي تنهنجي ذات، هي آهي بهتان وڏو. سيکيت ڏئي ٿو توهان کي الله متان وري ڪريو اهڙو ڪم، جيڪڏهن آهيو ايمان وارا. چاهين ٿا جيڪي پکڙجي بيحيائي، تن لاءِ آهي عذاب دردناڪ دنيا ۽ آخرت ۾، الله ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو.“
هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف آهي ته جيڪي شڪ ڪن ٿا ۽ افواهه تي ڪن ڏين ٿا سي پاڻ ڪوڙا آهن ۽ ايمان کان خارج آهن. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. ڇو ته بيحيائي پکيڙين ٿا. الله ڄاڻي ٿو، توهان نٿا ڄاڻو.
هي آهي قرآن پاڪ، جيڪي افواهه تي ڪن ڏين ٿا يا شڪ ڪن ٿا سي پاڻ ڪوڙا آهن ۽ ايمان کان خارج آهن. هو بي حيائي پکيڙين ٿا ۽ انهن لاءِ آهي دردناڪ عذاب. معنيٰ هنن جي دنيا به وئي ته آخرت به وئي. اهڙي صاف حڪم کان پوءِ ڪارو ڪاريءَ جو عذر ڏيڻ يا جو بهانو ڪرڻ آهي، سڌي سنئين بدمعاشي ۽ ڪفر تي هلڻ. اهو ڪافراڻو عمل آهي، نه ڪي غيرت جو، باقي سڀ بهانا آهن.
قرآن ٿو فرمائي ٿو ته الله ڄاڻي ٿو، توهان نٿا ڄاڻو! الله ۾ ايمان آهي ته پوءِ ته ڳالهه چٽي پئي آهي. الله ۾ ايمان ناهي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ الله ۾ ايمان نه رکڻ وارا به عجيب بهانا ڪن ٿا. چي اهڙي ڪهڙي هستي ٿي سگهي ٿي جا ڪروڙين اربين تارن ستارن جي ڪائناتن تي ۽ ڪک پن تي حڪم هلائي سگهي ٿي. ڪائنات ايتري ته وسيع آهي جو اسين سوچ به نٿا ڪري سگهون. تازو سائنسدانن هڪ اهڙي ڪهڪشان ڳولي لڌي آهي، جا ڌرتيءَ کان هڪ ڪروڙ چاليهه لک روشني سال پري آهي. ان جو فوٽو به ڊان اخبار ۾ آيو. اهو مفاصلو ايڏو پري آهي جو سوچ جي دائري کان ٻاهر آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک اسي هزار ميل آهي ته ڪروڙ کان مٿي سالن ۾ ڪيترا ميل ٿيا؟ سو ڪمپيوٽر به نه ٻڌائي سگهجندو. اهڙي ڪائنات آئي ڪٿان ۽ ڪير پيو هلائي؟ اهي لاجيڪل(logical) سوال آهن. قرآن شريف جيڪو الله جو تصور ڏنو آهي ته الله اَحد آهي. نه ڄڻيو ويو آهي نه ڄڻيائين، بي پرواهه آهي، نه کيس شڪل شبيهه آهي نه جهڙس ڪوئي آهي. بس هاڻي ماڻهو اعتبار ڪري ته ڪيئن؟
هڪ عجيب تمثيل آهي ته هر ماڻهوءَ جي بدن ۾ هڪڙو ننڍڙو الهڙو ويٺو آهي جو بدن جي سموري ڪائنات تي ڪنٽرول رکيو ويٺو آهي. ننهن ڪٽيو يا وار پٽيو ، هو روشنيءَ جي رفتار کان اڳ معلوم ڪري وٺي ٿو ۽ انهي ڪٽيل ننهن يا پٽيل وار جي جڳهه تي مرمت جا ڪاريگر ۽ مزور موڪلي ان کي جوڙي ڇڏي ٿو. هڪڙو ڪک اک ڏانهن اڏامي ته برقي رفتار سان اڳواٽ اک بند ڪري ڇڏي ٿو. اهو آهي ميڄالو. نه اٿس شڪل نه شبيهه نه ڪنهن جو ماتحت آهي نه ڪنهن جي پرواهه اٿس ۽ جهڙس ڪوئي ناهي.
ميڄالي جي ترڪيب به عجيب آهي. ڪروڙين اٿس برقي گهرڙا، اربين آهنس اعصابيه يعني تنتي گهرڙا. ڪروڙين آهن منجهس ڪيميائي ڪارخانا. سندس هيٺئين حصي ۾ بي انت تنتي ساگر آهي جو سڄي جسم سان ڳنڍيو پيو آهي. ان ميڄالي ۾ ايڏو ته علم جو خزانو دٻيو پيو آهي جو انسان ان جو هڪ سيڪڙو مس استعمال ڪري رهيو آهي. نوانوي سيڪڙو ته استعمال ئي نه ٿيو آهي. جيڪو سؤ سيڪڙوا ستعمال ڪري تنهن کي نبي نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو؟ نبي معنيٰ خبر ڏيندڙ. سؤ سيڪڙو ته پري جي ڳالهه پر جن کي هڪ سيڪڙو وڌيڪ وحي ٿيو تن عجيب ۽ حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا. ڪيترا سائنسدان ۽ ٽائم مئگزن جو مسٽر ائنڊريو مارشل ان کوجنا ۾ لڳا پيا آهن ته ٻارڙا ڪيئن تمام وڏا ڪارناما انجام ڏئي وڃن ٿا جن کي معجزو (miracle) ئي چئجي. معجزو ۽ miracle ته آهي ئي پر اهو ڪارنامو آهي ميڄالي جي ڪنهن برقي گهرڙي يا اعصابيه جو، جيڪو مٿس وحي ٿو ٿئي.
ويٽنام جو نگوبان ٽرانگ سان اڃا ٽن ورهين جو ٻارڙو هو ته شطرنج ۾ پيءُ ماءُ کان کٽڻ لڳو. چئن سالن جي عمر ۾ قومي سطح تي پنهنجي عمر کان وڏن ٻارن کي هارائڻ لڳو. هينئر ٻارهن سالن جي عمر ۾ وئٽنام جو قومي چئمپين آهي.
دنيا جو مشهور موسيقار موزارٽ اڃا ڇهن سالن جو پتڪڙو ٻار هئو جو کيس هنج ۾ کڻي اسٽيج تي بيهاريو ويو. هن اهڙي ته مڪمل مهارت سان ڌن وڄائي جو سڀ حيران ٿي ويا. هي 1762ع جو واقعوآهي. سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته اهڙي عجيب الخلقت ٻارن جا دماغ، عام رواجي ٻارن کان مختلف نموني ڪم ڪن ٿا.
سنگاپور جي اينگل بين اڃا ٻن سالن جي هئي ته پڙهڻ سکي وئي، ستن سالن جي عمر ۾ بين الاقوامي مقابلي ۾ هن رياضيءَ ۾ آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلسن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سيڪڙو چوٽيءَ وارن ۾ ڪاميابي ماڻي. هينئر ڏهن سالن جي عمر ۾ هوءَ پيانو وڄائڻ ۾ ملڪي ماهر آهي.
انڊيا جو ننڍي ۾ ننڍو پي ايڇ ڊي تلسي ٻارهن سالن جي عمر ۾ فزڪس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.
جپان جي ٽيبل ٽينس جي چئمپين نڪوهارا ٽن سالن جي عمر ۾ ٽيبل ٽينس کيڏڻ شروع ڪئي جڏهن اڃا ميز جو مٿاڇرو ڏسي به ڪانه سگهندي هئي. پنجن سالن جي عمر ۾ پاڻ کان وڏن ٻارن کان کٽڻ لڳي.
سائنسدانن ۽ کوجنا ڪندڙن اهڙا ڪيئي ٻار ڳولهي لڌا جن حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. مشرق ۽ مغرب ۾ اهڙا ڪيئي ٻار مليا آهن جي عجائب آهن. مون کان پورو تعداد وسري ويو آهي، پر ڀانيان ٿو ته اهڙا اٽڪل 37 ٻار مليا آهن. اهي ٻار گهڻو ڪري وچولي طبقي جا آهن ٻي عجيب ڳالهه ته اهڙن ٻارن جي گهڻائي مغرب جي مقابلي ۾ ايشيا ۾ وڌيڪ آهي. نبي سڳورن ۾ به گهڻائي ايشيا وارن جي آهي. نبي سڳورن کي وحي ٿئي ٿو.
سائنسدانن کوج لڳائي ته اهڙا ٻار ڄائي ڄم کان پئدائشي طور اهڙا آهن يا بعد ۾ ڪن حالات تحت اهڙا ٿي وڃن ٿا. سائنسدان ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا. منجهي پيا. وحي ۽ الهام جو علم هجين ها ته نه منجهن ها. الهام ته هر نفس تي ٿئي ٿو. سورة الشمس ۾ آهي”فالهمها فجورها و تقواها“. يعني اسان هر نفس تي الهام ڪيو ته فجور ڇاهي ۽ تقويٰ ڇا آهي. سورة الاعليٰ ۾ آهي ته ”والذي قدر فهديٰ“. يعني لکن شين جي اوسر جو خاص اندازو مقرر ڪيو، ۽ انهن کي (فطرت يا جبلت ذريعي) رستو ڏيکاريو. هي ته ٿيو الهام ۽ هدايت پر قرآن ڪريم ۾ آهي ته پوءِ اسان ماکيءَ جي مک تي وحي ڪيو ته مانارو مٿي جبل تي ٺاهه! هاڻي اهو وحي حضرت جبرئيل جي صورت ۾ ته نه هوندو. اهو وحي ميڄالي معرفت يا جبلت ۾ هوندو، ته وحي ڪا اهڙي اڻ ٿيڻي واردات ناهي جو دانشور منجهي ٿا پون. جيڪڏهن ڪيڙن مڪوڙن کي الهام ٿئي ٿو ۽ ماکيءَ جي مک کي وحي ٿئي ٿو ته وحي ٿيڻ ڪا اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي. وحي ٿيڻ بلڪل فطري ۽ قدرتي ڳالهه آهي.
ميڄالو قدرت جي اهڙي عجيب ۽ مڪمل تخليق آهي جو ڇا چئجي! چئبو ته ڪفر جي فتويٰ ايندي. مولانا ظفر عليءَ جو حمد شريف آهي جنهن ۾ خدا تعاليٰ جون تعريفون ڪندي آخر ۾ چوي ٿو ته، بس خدا ڪلٽر هي. اِهو ڇيهه ٿي ويو ته بس خدا ڪليڪٽر آهي مان به اها هرزه سرائي ڪندي چوان ٿو ته ’بس ميڄالو خدا آهي‘. نعوذبالله خدا جي تخليق خدا ڪيئن ٿيندي؟
اندازو ته لڳايو ته ميڄالي ۾ هڪ سئو ارب گهرڙا آهن. هر گهڙي جا سراسري ڳانڍاپا connection ڏهه هزار آهن. حساب ڪري ٻڌايو ته اهي ڪنيڪشن ڪيترا ٿيا؟ بجلي جي تارن جي مجال آهي. هيءَ هڪڙي حيرت انگيز تخليق ڏسي خدا جي خدائي تصور ۾ آڻجي ته لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.

***