شاعري

جهونڪا پورب واءَ جا

ھن مجموئي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جي 27 چونڊ شاعرن ۽ شاعرائن جي رنگ برنگي شاعري شامل آھي، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آھي. ھي شعري مجموعو انڊلٺي رنگن جيان آھي جنھن ۾ مختلف صنفون، مختلف لھجا، مختلف سوچون ۽ جذبن جو اظھار موجود آھي.

Title Cover of book جهونڪا پورب واءَ جا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران وفا چولياڻيءَ جو مرتب ڪيل چونڊ شاعرن جي گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ”جهونڪا پورب واءَ جا“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھن مجموئي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جي 27 چونڊ شاعرن ۽ شاعرائن جي رنگ برنگي شاعري شامل آھي، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آھي. ھي شعري مجموعو انڊلٺي رنگن جيان آھي جنھن ۾ مختلف صنفون، مختلف لھجا، مختلف سوچون ۽ جذبن جو اظھار موجود آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ مھربان پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وفا چولياڻيءَ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.