سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ لوڪرام ڏوڏيجا جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”منھنجو وطن منھنجا ماڻھو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هن ڪتاب ۾ لوڪرام سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جانورن، ٿر جي نانگن ۽ بلائن، ريگستان جي مورن ۽ هرڻن، باز سان هرڻ جي شڪار جي طريقن، ڪوهستان جي مردن ۽ عورتن، سنڌ ۾ تيرٿن ۽ زيارتن، سنڌ جي شھرن، گهٽين ۽ حويلين جو ماحول، شڪارپور جي مانجهي مردن، سنڌي ٻولي ۽ ادب، هندو زالن، سنڌ جي مختلف کاڌن: بِھہ، لوڙھہ، پٻڻ، گيدوڙن، ليسوڙن، ڀنگ، بوڻينڊن، پاپڙن ۽ پڪوڙن جو ذڪر موجود آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ذاتين، ريتن رسمن ۽ رواجن، هنرن ۽ ڌنڌن، چورن ۽ ڌاڙيلن، ڪڃرين ۽ ڀڳتن بابت دلچسپ ڳالھيون شامل آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن سميت هر قسم جي سماجي ۽ ثقافتي منظرڪشي ڪئي وئي آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ديوناگري سنڌي ۾ ھندستان ۾ 1978ع ۾ عربي سنڌي ۾ 1983ع ۾ ڇپيو، سنڌ ۾ 1993ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي