مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 71
  • 41
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ ايندڙن ڪتابن تي تبصرن ۽ ٻين لاڳاپيل مضمونن تي مشتمل آھي.

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر سائين رئوف نظاماڻيءَ قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. مھربانيون سائين حبيب سنائيءَ جون جنھن ڪمپوز ٿيل مواد کي سنواري ڪتاب سنڌ سلامت ڏانھن ايميل ڪيو.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com 
 books.sindhsalamat.com

ادب ۽ سياست

ادب ۽ سياست

جيتوڻيڪ سائمن بوليوار جو لاطيني آمريڪا کي متحد ڪرڻ جو خواب پورو نہ ٿي سگھيو، پر هتان جا ملڪ ۽ ماڻهو پنهنجي ٻولي، ثقافت، ادب ۽ سياست وغيره جي لحاظ کان ڄڻ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. هڪ ملڪ جو ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ سولائي سان وڃي سگھي ٿو ۽ ان کي ان ۾ ڪا اوپرائپ محسوس نہ ٿي ٿئي. ماريو ورگاس لوئس پيرو ۾ جنم ورتو. پر سندس آتم ڪٿا A Fish in the Water مان اها ڳالهہ پڌري ٿئي ٿي تہ سندس خاندان جي مختلف فردن جو هڪ پير پيرو ۾ تہ ٻيو بوليويا يا علائقي جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو هو. هو ائين انهن ملڪن ۾ اچ وڃ ڪندا هئا، ڄڻ تہ هڪ ئي ملڪ ۾ هجن.
لاطيني آمريڪا جي ليکڪن جي خاص ڳالهہ اها آهي تہ سياست ۽ صحافت وغيرہ سندن لاءِ ڪا اوپري شيءِ ناهي، پوءِ ڀلي اهو گارشيا مارڪيز هجي يا ماريو ورگاس. هيءَ آتم ڪٿا ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ليکڪ جي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي آهي ۽ ٻي سندس سياسي زندگي.
سندس ذاتي زندگي ڏکيائين، تڪليفن ۽ جدوجهد سان عبارت آهي. هو اڃا پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هجي ٿو تہ سندس پيءُ، جنهن سان سندس ماءُ پيار ۾ شادي ڪئي هجي ٿي، انهن کي ڇڏي ڏئي ٿو. سندس ننڍپڻ پنهنجن ناناڻن جي گھر ۾ گذري ٿو، جتي کيس تمام گھڻو پيار ملي ٿو. وٽس اهو ئي تاثر هجي ٿو تہ سندس پيءُ گذاري ويو آهي، پر هڪ ڏينهن سندس ماءُ کيس سندس پيءُ سان ملاقات لاءِ وٺي وڃي ٿي ۽ کيس تاڪيد ڪري ٿي تہ ان ڳالهہ جي گھر ۾ ڪنهن کي خبر نہ پئي. اهڙي ريت بهاني سان ٻيئي ماءُ پيءُ کيس ٻئي شهر وٺي وڃن ٿا ۽ اتي هڪ ڌار گھر ۾ رهن ٿا.
پيءُ هڪ سخت گير طبيعت جو مالڪ هجي ٿو ۽ هروقت کيس ۽ سندس ماءُ کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ مارڪٽ ڪندو رهي ٿو. سندس چوڻ هجي ٿو تہ ناناڻن ۾ رهي ان جون عادتون خراب ٿي ويون آهن، جن کي صحيح ڪرڻو پوندو. هو گھڻو ڪري هيسيل ۽ پيءُ کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. گھڻا ڀيرا هو ۽ سندس ماءُ گھر ڇڏي هليا وڃن ٿا، پر پيءُ وري کين پرچائي وٺي اچي ٿو. هو حيران هجي ٿو تہ انهن سڀني زيادتين جي باوجود سندس ماءُ پنهنجي مڙس سان ڇو رهڻ چاهي ٿي. هوءَ دراصل ساڻس گھڻي محبت ڪري ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي تہ هو خراب ماڻهو ناهي، بس هو اسان جي بهتري چاهي ٿو.
سندس پيءُ کيس چوڏنهن پندرنهن سالن جي عمر ۾ اسڪول سان گڏ ان اخبار ۾ بہ نوڪري وٺي ڏئي ٿو، جنهن ۾ پاڻ نوڪري ڪري ٿو. ڪجھ عرصي ۾ کيس باقاعدي هڪ صحافي جو ڪارڊ ملي وڃي ٿو. هو پنهنجن سينيئر صحافي دوستن سان گڏ اهي سڀ ڪم ڪري ٿو، جيڪي اهي ڪن ٿا، يعني بار ۾ وڃي شراب پيئڻ، چڪلي ۾ وڃڻ ۽ رات جو دير تائين موج مستيون ڪرڻ. اها ڳالهہ سندس پيءُ کي پسند نہ ٿي اچي. هو اتان نوڪري ڇڏي پنهنجي مامي وٽ ٻئي شهر هليو وڃي ٿو، جتي پڙهائيءَ سان گڏ هو هڪ مقامي اخبار ۾ پڻ ڪم ڪري ٿو. ساڳي وقت ان عرصي ۾ هو ڪهاڻيون ۽ شعر پڻ لکندو رهي ٿو. پيرو سماجي، سياسي ۽ معاشي لحاظ کان هڪ پٺتي پيل ملڪ آهي ۽ ان جي حالت ذري گھٽ پاڪستان جهڙي آهي، پراها هڪ مثبت ڳالهہ آهي تہ اتي ليکڪ کي محنت جو اجورو ملي ٿو ۽ اهو ضروري ناهي تہ هو ڪو وڏو ليکڪ هجي. اهڙي ريت هو مختلف طريقن سان پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو.
ان دوران هو هڪ وڏي مهم جوئي ڪري ٿو. کيس پنهنجي چاچيءَ جي ڀيڻ جوليا جنهن کي هو آنٽي جوليا چوندو هو، جيڪا بوليويا ۾ پنهنجي مڙس کان ڌار ٿي اچي، پنهنجي ڀيڻ وٽ رهي ٿي، سان عشق ٿي وڃي ٿو. اها عمر ۾ کانئس گھڻي وڏي هجي ٿي. معاملو ميل ملاقات کان وڌي اچي شادي تائين پهچي ٿو. ان شادي جي سندس خاندان ۽ خاص طور پيءُ پاران مخالفت ڪئي وڃي ٿي، پر هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ٿو. هو پنهنجو ڌار گھر وٺي ٿو ۽ پڙهائي سان گڏ گذاري لاءِ گھڻيون ننڍيون نوڪريون ڪندو رهي ٿو.
ان دوران سندس ادبي سرگرميون جاري رهن ٿيون. سارتر کي هو پنهنجو گرو سمجھي ٿو. کيس پيرس ڏسڻ ۽ سارتر سان ملڻ جو شوق هجي ٿو. پيرس جي هڪ رسالي پاران ڪهاڻين جو مقابلو ڪرايو وڃي ٿو، جنهن جو پهريون انعام پندرنهن ڏينهن جو پيرس جو ٽوئر هجي ٿو. هو ان مقابلي ۾ پنهنجي ڪهاڻي موڪلي ٿو ۽ کيس اهو انعام ملي ٿو. هو هڪ مهيني لاءِ پيرس وڃي ٿو. اتي آرٽ گيليريون ۽ ٿئيٽر وغيره ڏسي ٿو. هو سارتر سان ملڻ جي گھڻي ڪوشش ڪري ٿو، پر سارتر جو سيڪريٽري کيس هر ڀيري ٽاري ڇڏي ٿو ۽ نيٺ هو ان ڳالهہ تان هٿ کڻي وڃي ٿو. باقي سندس هڪ ٿئيٽر جي ٻاهران البرٽ ڪاميو سان هڪ مختصر ملاقات ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو ساڻس هٿ ملائي ٿو ۽ ٻہ ٽي رسمي ڳالهيون ڪري ٿو.
آتم ڪٿا جو ٻيون اهم حصو ليکڪ جو سياسي پاسو آهي. يونيورسٽي ۾ هوندي هو ڪميونسٽن سان لاڳاپي ۾ اچي ٿو ۽ تنظيمي طور انهن سان ڪم ڪري ٿو. اڳتي هلي هو ڪرسچين ديموڪريٽڪ پارٽي جو رڪن ٿئي ٿو. هو ڪيوبا جي انقلاب ۽ فيڊل ڪاسٽرو جو حامي هجي ٿو ۽ ڪرسچين ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران ان جي حمايت نہ ڪرڻ جي ڪري ان کان ڌار ٿي وڃي ٿو. آتم ڪٿا ۾ جيئن آنٽي جوليا متعلق خبر نہ ٿي پئي تہ ان جي ليکڪ سان عليحدگي ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري ٿي، تيئن ان ڳالهہ جي پڻ وضاحت ناهي تہ ان جا ڪاسٽرو جي ڪهڙين پاليسين سان اختلاف ٿيا ۽ هو ڇو ان جو سخت مخالف ٿي ويو. باقي اها ڳالهہ تہ واضح آهي تہ هو انهن سڀني مرحلن مان گذري هڪ لبرل نڪتہ نظر اختيار ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ سندس واضح موقف ان وقت سامهون اچي ٿو جڏهين ملڪ جي صدر ايلن گارشيا، جيڪو پاپولسٽ سياست ۽ پاليسين جو حامي هجي ٿو، پاران بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن وغيره کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ليکي اهو سمجھي ٿو تہ اها پاليسي ملڪي معيشت ۽ ماڻهن جي مفاد ۾ ناهي ۽ ان جي مخالفت ۾ ميدان ۾ ٽپي پئي ٿو. سندس زال پيٽريشيا، جيڪا سندس ماروٽ بہ هجي ٿي، کيس سمجھائي ٿي تہ ائين ڪرڻ سان هو سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو ۽ سندس لکڻ پڙهڻ جو ڪم متاثر ٿيندو. پر هو کيس چئي ٿو تہ اها رڳو هڪ جلسي جي ڳالهہ آهي. پر ائين نہ ٿو ٿئي ۽ هو ان ۾ اڳتي وڌنڌو وڃي ٿو. پنهنجن هم خيال ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ باقاعدي سياسي تنظيم قائم ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ ايندڙ صدارتي چونڊن کي نظر ۾ رکندي ٻين هم خيال سياسي جماعتن ۽ گروپن سان اتحاد ڪري ٿي. کيس ان اتحاد پاران ايندڙ چونڊن لاء صدارتي اميدوار نامزد ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ منظم نموني سان پنهنجي چونڊن جي مهم هلائي ٿو ۽ پروگرام ڏئي ٿو.
صنعتن کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ، گڏيل پوک جي سرشتي کي ختم ڪرڻ، ننڍن واپارين ۽ ننڍن آبادگارن جي حوصلي افزائي ڪرڻ سندس منشور جا اهم نڪتا هجن ٿا. ان سان گڏوگڏ هو تعليم ۽ سماجي شعبي لاءِ پڻ پنهنجو پروگرام ڏيئي ٿو. کيس ماڻهن پاران چڱي موٽ ملي ٿي.
وڏي ڳالهہ اها هجي ٿي تہ کيس روايتي سياست جي طور طريقن جي ڄاڻ نہ ٿي هجي ۽ هو پنهنجن آدرشن جي بنياد تي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. پر کيس حڪومت، فوج ۽ پنهنجي اتحادين جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. سندس خلاف ٽئڪس چوري ۽ ٻيون انڪوائريون شروع ڪيون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهہ اها هجي ٿي تہ هو سمجھي ٿو تہ آمريڪا رڳو سوشلسٽ ملڪن ۽ سوشلزم جو مخالف آهي، جڏهين تہ اهو سندس لبرل منشور جي حمايت ڪندو. ان سلسلي ۾ هو آمريڪا جي دوري دوران اتان جي اڳواڻن کي پڻ پنهنجي پروگرام کان آگاه ڪري ٿو. پر اها سندس غلط فهمي هجي ٿي. آمريڪا هر ان اڳواڻ ۽ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي ملڪ لاءِ آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڳالهہ کان کيس برازيل جو نئون چونڊيل لبرل صدر پڻ آگاه ڪري ٿو. سي آئي اي جي سندس مخالفت ۾ رپورٽ ڇپجي ٿي ۽ پيرو ۾ آمريڪي سفير پاران پڻ ان جي درست هئڻ جي تصديق ڪئي وڃي ٿي.
ان مهم ۾ اهم موڙ ان وقت اچي ٿو، جڏهين هڪ غيراهم اميدوار جپاني ماءُ پيءَ جو پٽ فيوجي موري غريبن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي هڪ اهم نمائندي طور سامهون اچي ٿو. هو پنهنجن حامين جي دٻاءَ جي باوجود سندس خلاف نسلي ڪارڊ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ اهو موقف رکي ٿو تہ ڪنهن بہ قسم جي نسلي ۽ مذهبي مت ڀيد کان قطع نظر سڀ برابر پيرو جا شهري آهن، جڏهين تہ سندس خلاف هڪ يورپي ۽ گوري هئڻ جي ناتي سان پروپئگنڊا ڪئي وڃي ٿي. چونڊن جي پهرئين رائونڊ ۾ کيس توقع کان گھٽ برتري حاصل هجي ٿي ۽ هو سمجھي ٿو تہ ٻئي رائونڊ ۾ هو ڪامياب نہ ٿيندو. ان ڪري هو فيوجي موري جي حق ۾ هٿ کڻڻ چاهي ٿو پر گھڻي سوچ ويچار۽ صلاح مشوري کانپوء هو ٻئين رائونڊ ۾ بيهي ٿو ۽ توقع مطابق هارائي وڃي ٿو.
اها ڳالهہ ثابت ٿئي ٿي تہ فيوجي موري کي صدر ايلن گارشيا ۽ فوج جي حمايت حاصل هجي ٿي. اٽڪل ويهہ مهينن کانپوءِ ھو ڪانگريس ٽوڙي ملڪ ۾ مارشل لاء لاڳو ڪري ڇڏي ٿو ۽ هڪ آمر طور حڪومت ڪري ٿو. سندس انهن قدمن کي مڪمل طور فوج جي حمايت حاصل هجي ٿي. پنهنجي ان ٽن سالن جي سياسي سرگرمي کانپوءِ هو ملڪ ڇڏي يورپ هليو وڃي ٿو. ان عرصي ۾ هن لکڻ پڙهڻ جو ڪوبہ ڪم نہ ڪيو هو. اها آتم ڪٿا هو جرمني ۾ لکي ٿو ۽ پنهنجي ان سڄي تجربي کي پنهنجي ايندڙ ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڪم آڻي ٿو.

آدرش، تشدد ۽ نتيجا

آدرش، تشدد ۽ نتيجا

ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ 1936 ۾ جنم وٺندڙ نوبل انعام يافتا ليکڪ ماريو ورگاس لوئس هڪ اهم ليکڪ آهي. هو ساڳي وقت هڪ ناول نگار، سياستدان، صحافي ۽ مضمون نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ادب جا پڙهندڙ کيس سندس ناول The Feast of the Goat جي پاڪستاني ليکڪ محمد حنيف جي ناولA Case of Exploding Mangoes سان مماثلت جي حوالي سان به سڃاڻن ٿا. ٻنهي ناولن جي مک ڪردار ۾ ڪجھ شخصي مماثلت کانسواء محمد حنيف جي ناول جي نسبت The Feast of the Goat جو هڪ وسيع سياسي ۽ سماجي پسمنظر آهي ۽ ساڳي وقت مک ڪردار جي شخصيت جي مختلف پاسن کي نهايت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ساڳي وقت پاڪستان ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ جي سياسي صورتحال پڻ مختلف آهي.
ٽيهہ ايڪٽيهہ سالن کان ڪيريبيئن جي ملڪ ڊومينيڪن ريپبلڪ تي حڪومت ڪندڙ جرنل رافيل ٽراجيلو مڪمل طور هڪ ڊڪٽيٽر آهي جنهن جو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي مڪمل اختيار آهي. پنهنجن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ايستائين ته ملڪ جي صدر کي به هو پنهنجن نوڪرن کان به گھٽ حيثيت ڏئي ٿو.ِ انهن جي هر شي ايستائين ته سندن سهڻين زالن ۽ ڌيئرن کي به هو پنهنجي ملڪيت سمجھي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري ٿو.حڪومت ۽ فوج جي وڏن عهدن تي سندس پٽ، ڀائر ۽ خاندان جا ٻيا فرد قابض هجن ٿا. زرعي زمينون ۽ ڪارخانا وغيره، جيڪي ملڪي معيشت جي اٽڪل اڌ جي برابر هجن ٿا، سندس ذاتي يا سندن خاندان جي ملڪيت هجن ٿا. سندس اها دعوا هجي ٿي ته هن ملڪ جي نئين سر تعمير ڪئي آهي ۽ ان کي آمريڪا ۽ هائٽي جي قبضي مان ڇڏايو آهي. ملڪ ۾ مڪمل طور هڪ دهشت جو راڄ هجي ٿو، ڪنهن به مخالفت کي سختي سان ڪچليو وڃي ٿو. ايذاء ڏيڻ ۽ تشدد ڪرڻ کان کانسواء مخالفن کي سمنڊ ۾ پڻ اڇلايو وڃي ٿو ته جيئن اهي شارڪ جو کاڄ ٿي سگھن.
هائٽي ڪنهن دور ۾ سکيو ستابو ملڪ رهيو هو. ڊومينيڪن ريپبلڪ هائيٽي جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ڪجھ عرصي تائين اهو هائيٽي جي قبضي ۾ پڻ رهيو آهي. هڪ آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ،ِ آمريڪي ڪمپنين کي رعايتن نه ڏيڻ ۽ پئسو ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي ڪري آمريڪا فوجون موڪلي گھڻي عرصي تائين ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ ان کي مجبور ڪري ملڪ جي آئين ۾ گھربل تبديليون ڪيون. هن وقت هائٽي دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
رافيل ٽراجيلو ۽ سندس ساٿين کي اها شڪايت هئي ته سندن ملڪ ۾ هر پاسي ٻنين ۽ ڪارخانن وغيره ۾ هائٽي جا ڪارا ماڻهو ئي نظر اچن ٿا. ان ڳاله کي نظر ۾ رکندي هائٽي جي غيرقانوني طور رهيل ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان بيدخل ڪرڻ جي بهاني هن وڏي پئماني تي سندن قتل عام شروع ڪيو جنهن کي هو پنهنجن وڏن ڪارنامن ۾ ڳڻائي ٿو. اهو ان جي باوجود هو ته هڪ وڏي عرصي جي ويجھڙائي ۽ هڪ ٻئي سان شادين ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گھڻو ويجھو آڻي ڇڏيو هو جنهن جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٽراجيلو جي ماء جو واسطو پاڻ هائٽي سان هو.
ڏکڻ آمريڪا ۽ خاص طور تي ڪيريبين جي حوالي سان پنجاه ۽ سٺ جو ڏهاڪو وڏي سياسي اٿل پٿل جو وقت آهي جڏهين ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو جي انقلاب بتستا کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي پاسي آمريڪا جو بي آف پگس وارو حملو پڻ ناڪام ٿي ويو هو. علائقي ۾ هلندڙ مختلف انقلابي تحريڪن کي ڪيوبا جي مدد حاصل هئي. ساڳي ريت ملڪ ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جي باوجود ٽراجيلو خلاف پڻ ماڻهن جي جدوجهد هلندڙ هئي. ان تحريڪ جي مدد لاء ڪيوبا پاران جهازن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا ويا هئا پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا.
ناول جو هڪ اهم ڪردار يورينيٽا آهي جيڪا اٽڪل اوڻٽيهہ سال ملڪ کان ٻاهر رهڻ کانپوء ڪجھ وقت لاء واپس اچي ٿي. سندس پي آگسٽو ڪيبرال رافيل ٽراجيلو جو وزير ۽ اهم ماڻهو هجي ٿو. پر جڏهين هو واپس موٽي ٿي ته هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلڻ چلڻ کان لاچار بلڪل معذور حالت ۾ هجي ٿو. هو جيتوڻيڪ سندس خرچ لاء پئسا موڪليندي رهي ٿي پر هو کانئس شديد نفرت ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجي ليکي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي جنهن جو هو جواب ڏيڻ جي قابل نه ٿو هجي. سندس پڦي ۽ ان جون ڌيئرون کانئس پڇن ٿيون ته هو نيٺ پنهنجي پي سان ايڏي نفرت ڇو ٿي ڪري جڏهين ته هو ساڻس بي انتها محبت ڪري ٿو. هو کين اهڙو واقعو ٻڌائي ٿي جنهن جي کين خبر نه ٿي هجي. هو کين ٻڌائي ٿي ته جڏهين ٽراجيلو سندس پي کان ناراض ٿيو هو ۽ کيس سڀني عهدن کان ڌار ڪري سندس بينڪ اڪائونٽ وغيره منجمد ڪري ڇڏيا هئائين ته هو گھڻي پريشاني جي حالت ۾ هو. سندس ڪو واقفڪار ۽ دوست سندس مدد ڪرڻ ته درڪنار سندس ويجھو اچڻ لاء به تيار نه هو. ان موقعي تي هن هڪ اهڙي شخص سان رابطو ڪيو جيڪو آمريڪا ۾ فيشن ڊزائينر ۽ هتي ٽراجيلو جي ڪپڙن وغيره ڊزائين ڪرڻ کانسواء کيس ڇوڪريون به فراهم ڪندو هو جنهن جي ڪري سندس ڳالهہ کي گھڻو وزن ڏنو ويندو هو. هن هڪ ٻن ملاقاتن کانپوء گھر ۾ جڏهين سندس چوڏهن سالن جي عمر جي ڌي کي ڏٺو ته کيس ڪنهن رک رکاء کانسواء اها صلاح ڏنائين ته چيف کي خوش ڪرڻ لاء تون کيس پنهنجي ڌي پيش ڪر جنهن سان تنهنجا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هو پهرين ته ان ڳالهہ تي پريشان ٿئي ٿو پر پوء ان لاء تيار ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي ڌي سان بهانو ڪري ٿو ته چيف پنهنجي فارم هائوس تي تو اڪيلي کي پارٽي لاء گھرايو آهي. هڪ چوڏنهن سالن جي ڇوڪري ان ڳاله تي حيران ته ٿئي ٿي ته چيف کيس ئي ڇو گھرايو آهي. بهرحال هو مقرر وقت تي ان شخص سان وڃي ٿو جيڪو واٽ تي کيس تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. بهرحال هو نه ته اتي ڪا مزاحمت ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪا خواهش ڏيکاري ٿي پر چيف ۾ پاڻ ۾ ايتري قوت نه ٿي هجي جيڪو اهو ڪم ڪري سگھي ۽ نيٺ ڇتو ٿي کيس واپس موڪلي ٿو. هو بجائي پنهنجي گھر وڃڻ جي پنهنجي اسڪول جي راهبائن وٽ وڃي ٿي ۽ کين سڄي وارتا ٻڌائي ٿي. اهي تڪڙ ۾ کيس ويزا وغيره ٺهرائي آمريڪا موڪلي ڇڏين ٿا جتي هو پڙهي ٿي، ورلڊ بينڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ پنهنجي پي ۽ خاندان سان ڪو لاڳاپو نه ٿي رکي ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن خط ۽ فون جو جواب ڏئي ٿي.
اهو وقت ٽراجيلو لاء سياسي ۽ معاشي طور هڪ بحران جو وقت هجي ٿو. ان ڳالهہ جي باوجود ته هن ڪيوبا خلاف بي آف پگس آپريشن ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو ۽ پاڻ کي علائقي ۾ ڪميونزم خلاف هڪ ديوار ڪري پيش ڪندو هو پر پنهنجين مقامي پاليسين جي ڪري آمريڪا ۽ آمريڪي رياستن جي تنظيم جي ٻين ملڪن سان سندس ناتا صحيح نه هئا ۽ انهن مٿس پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون جنهن جي ڪري ملڪ هڪ معاشي بحران ۾ وٺجي ويو هو.ِ گھڻا ڪارخانا وغيره بند ٿي ويا هئا ۽ بيروزگاري وڌي ويئي هئي. ساڳي وقت چرچ به سندس پاليسين جي مخالفت ڪري رهيو هو. لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ چرچ جي مخالفت جي وڏي اهميت ۽ ڪنهن به حڪومت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي.
آمريڪا جي ان ڳالهہ ۾ دلچسپي هئي ته ڪنهن به ريت ٽراجيلو مان جان آجي ڪرائجي. ان مقصد لاء هڪ وسيع سازش تيار ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف قسم جا ماڻهو شامل هجن ٿا. ان ۾ فوج جا اعلا عملدار، ٽراجيلو جي خاندان سان لاڳاپيل ماڻهو، صدر، فوج جا ڪجھ ننڍا آفيسر ۽ ڪجھ سياسي مخالف شامل هجن ٿا. انهن کي هٿيار سي آئي اي پاران فراهم ڪيا وڃن ٿا. هو ٽراجيلو کي مارڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر پوء اهي پاڻ هڪ مونجھاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگھن ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي جنهن جو فائدو وٺندي ٽراجيلو جا پٽ، ڀائر ۽ فوج ۾ سندس حمايتي صورتحال کي سنڀالي وٺن ٿا ۽ چيف جي قاتلن جي ڳولها شروع ٿي وڃي ٿي. گھڻن کي چيچلائي ايذا ڏيئي ماريو وڃي ٿو. صدر پنهنجي دانش ۽ سمجھ سان ٽراجيلو جي زال ۽ پٽ کي سمجھائي ٿو ته ملڪ تان پابندين کي ختم ڪرڻ لاء اهو ضروري آهي ته جمهوري ۽ شهري آزاديون ڏنيون وڃن. هو فوجي بغاوت وسيلي اقتدار تي قبضو ڪندڙن کي پڻ اهو باور ڪرائي ٿو ته ان صورت ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو وري ملڪ تي قبضو ڪري سگھي ٿو جيڪا ڳاله ڪنهن جي لاء به مناسب نه ٿيندي. اهڙي ريت هڪ ڊگھي عرصي جي وڳوڙ ۽ عدم استحڪام کانپوء ملڪ ۾ امن ۽ سڪون قائم ٿئي ٿو ۽ ماڻهو سک جو ساه کڻن ٿا.

آرايس ايس ۽ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌ

آرايس ايس ۽ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌ

آر ايس ايس جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ ڪردار متعلق خاص طور لکت ۾ نهايت گھٽ ڄاڻ آهي. ورهاڱي کانپوء ڀارت ۾ به ان کي سنڌي هندن جي هڪ ٿوري تعداد هئڻ ڪري گھٽ اهميت ڏني ويئي آهي. ليکڪا ريٽا ڪوٺاري جو چوڻ آهي ته ان تنظيم جو خاص طور چاليهہ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان جو اڳواڻ گوالڪر 1943 کان 1947 تائين هر سال سنڌ ايندو هو جڏهين ته ان وقت گانڌي سنڌ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. ورهاڱي کان هفتو اڳ آخري ڀيرو سنڌ اچڻ سندس پوئلڳن جي يادگيرين ۾ واضح طور موجود آهي. گھڻي ڀاڱي زباني ورتل انٽروين جي بنياد تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون RSS in Sindh- 1942-48 ۾ هن ان سڄي صورتحال جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي. اهو مضمون، سندس چواڻي، انهن هندن جي يادگيرين تي ٻڌل آهي جن نوجواني ۾ آر ايس ايس جي شاخن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڻ سان ڀارت ۾ ان جون واضح يادگيريون کڻي آيا.
1920 کان 1940 تائين جو عرصو سنڌ ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾ ويڇن وڌڻ جو عرصو آهي جڏهين مسلم ليگ ۽ هندو مهاسڀا جهڙين نان سيڪيولر تنظيمن کي سنڌ ۾ تقويت ملي ۽ مسلم ليگ ۽ آر ايس ايس جي ڪاميابين جي ڪري سنڌي مسلمانن ۽ هندن ۾ اختلاف واضح ۽ وڌڻ شروع ٿيا.
آر ايس ايس جي سنڌ ۾ اثر رسوخ جو اندازو ليکڪ جيئنت راولاڻي جي ان مضمون مان لڳائي سگھجي ٿو ته رڳو ڪراچي شهر ۾ آرايس ايس جون 41 شاخون هيون. ان کانسواء سنڌ جي هرتعلقي ۾ ان جي شاخ هئي. اها نوجوانن لاء خاص ڇڪ جو باعث هئي. ليکڪا کي غيرمتوقع طور هڪ ڏينهن سندس پي، جنهن ايستائين کانئس سڀ لڪايو هو، کيس پنهنجي آرايس ايس سان تعلق ۽ ڪم متعلق ٻڌائي ٿو. هن ۽ سندس ڀاء شڪارپور ۽ سکر ۾ ان تنظيم سان ڪم ڪيو هو. گجرات ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪ جيئنت راولاڻي جو چوڻ آهي ته ان وقت ائين لڳندو هو ته هر هندو سنڌي سنگھي آهي. اهو وڌاء نه هو پر هر سنڌي مرد جو شاخ سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو هو. اهي ڀارت جيڪي يادون کڻي آيا ان جو سڌو يا اڻ سڌو اثر انهن جي ٻارن تي پيو. گھڻو واڌارو 1945 ۽ 1948 جي عرصي دوران ٿيو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته سنڌي هندن جي ڪردار کي ڀارت ۾ سندن هڪ ٿورائي هئڻ ڪري به نظرانداز ڪيو ويو آهي.
جڏهين اڳتي هلي ننڍي کنڊ جو ورهاڱو هڪ حقيقت بڻجي ويو ته آرايس ايس جي سرگرم ڪارڪنن جي ٽيم، جيڪا ايڪويهہ ڄڻن تي مشتمل هئي، آڏو فوري طور ٻه مقصد هئا. هڪ ته سنڌي هندن، جن منجھن اعتماد ڪرڻ شروع ڪيو هو، کي حفاظت سان سنڌ مان ڪڍي ڀارت پهچائجي ۽ ٻيو لڏڻ کان اڳ هندن جي مال ملڪيت جي جيڪا ڦرمار ڪئي ويئي هئي ۽ ان کي نقصان پهچايو ويو هو ان جي پلاند لاء ڪجھ سرڪاري عمارتن کي بم سان تباه ڪجي.
ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ شڪارپور ڪالوني ۾ رائي بهادر تولارام جو بنگلو، جيڪو بظاهر شاگردن جي پڙهائي جو ڏيک ڏيندو هو، انهن همراهن جي لڪڻ لاء هڪ محفوظ جاء بڻجي ويو. اهو معاملو ائين ئي هلندو آيو. 14 آگسٽ 1947 تي اتفاق سان هڪ بم ڦاٽي پيو جنهن ۾ ٻه ڄڻا پرڀو بدلاڻي ۽ واسديو مارجي ويا جڏهين ته هڪ کانسواء باقي ڀڄي ويا. گرفتار ٿيل ماڻهو جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ته هو ڪير هو. ان جي سڃاڻپ متعلق مختلف ۽ متضاد رايا آهن ۽ ان کي نيٺ 1949 ۾ جنگي قيدين جي ڏي وٺ ۾ آزاد ڪيو ويو. جيوت راولاڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سنڌ ۾ آرِايس ايس جي حاوي ٿيڻ متعلق لکندي خاص طور شڪارپور ڪالوني جي بم ڌماڪي جو ذڪر ڪري ٿو. ان ڪيس تي آتما رام ڪلڪرني جي ايل ڪي آڏواڻي جي زندگي جي ڪٿا ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي. ان ذڪر ڪرڻ جو مقصد ڪلڪرني پاران آڏواڻي جي همت کي ظاهر ڪرڻ لاء ان جي شڪارپور بم ڪيس ۾ شرڪت کي ڏيکارڻ هو. پر آڏواڻي جي شرڪت جي ڪنهن ٻئي ذريعي کان پڪ نه ٿي آهي. بهرحال بليدان ڪي بلديوي نالي هڪ نامعلوم پمفليٽ ۾ انهن ٻن ڄڻن جي تصوير ڏني ويئي آهي جيڪي ان ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا.
ليکڪا جي انهن 21 ڄڻن مان ٻن سان ڀارت ۾ ملاقات ٿي. انهن مان جمت مل واڌواڻي، جيڪو هن وقت ممبئي ۾ رهي ٿو، ان وقت حيدرآباد آر ِايس ايس جو سيڪريٽري ۽ بم ڪيس جو اهم ڪردار هو. هن ان ۾ پنهنجي ڪردار جي تصديق ڪئي پر وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هو ڀارت اچڻ کانپوء سنڌ مان آيل ايل ڪي آڏواڻي ۽ ڪير آر ملڪاڻي سان گڏ جنسنگھ ۽ بي جي پي وغيره ۾ سرگرم رهيو جڏهين ته ٻيو همراه هريش وزيراڻي ڀارت وڃڻ کانپوء غير سرگرم ٿي ويو.
سنڌ ۾ آر ايس ايس جي اثر رسوخ وڌڻ ۾ هندن جي سماج سڌارڪ تحريڪن ۽ خاص طور آريه سماج جو وڏو هٿ آهي. جيتوڻيڪ آريا سماج جي باني ديا رام سرسوتي جو واسطو گجرات سان هو ۽ هن وقت به گجرات ۾ آريه سماج جي ميمبرن جو تعداد اٺ هزار آهي. پر ان جو گھڻو اثر رسوخ پنجاب ۾ هو جتي هندن جي وڏي تعداد عيسائيت ۽ سک ڌرم اختيار ڪري رهي هئي. سنڌ ۾ اهو مسئلو هو ته 1920 جي ڏهاڪي ۾ هندو ۽ مسلمان ٻيئي پنهنجي تعداد وڌائڻ ۾ رڌل هئا. ان صورت ۾ هندو عاملن جو وڏي تعداد ۾ مسلمان ٿيڻ هندن لاء هڪ تشويش جي ڳالهہ هئي. لاڙڪاڻي ۾ گھڻا هندو جيڪي مسلمان ٿي شيخ ٿي ويا هئا پر انهن جا رسم و رواج هندو ۽ مسلمانن جا گڏيل سڏيل هئا. ساڳي ريت ورهاڱي وقت شڪارپور ۾ جيڪي هندو لڏپلاڻ کان بچڻ ۽ پنهنجي مال ملڪيت بچائڻ لا۽ مسلمان ٿيا هئا انهن به رڳو نالي ۾ مذهب تبديل ڪيو هو جڏهين ته ان جي طور طريقن تي عمل نه ڪندا هئا. ان مسئلي هندن ۽ مسلمانن ۾ گھڻا اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ٿارومل ماکيجاني جو ڪيس ذڪر جوڳو آهي جيڪو مسلمان ٿيڻ کانپوء وري هندو ٿيڻ چاهي پيو. ان معاملي تي هندن جي پنچائت پاڻ ۾ ورهايل هئي ته ان کي اها اجازت ڏجي يا نه.
آريا سماج 1875 ۾ قائم ٿي. اها هندن کي ويدن واري وقت ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ هندن جي مذهب ڇڏڻ کي روڪڻ جي تحريڪ هئي. ان جو مقصد سڀني ذاتين جي هندن سان ساڳيو ورتاء ڪرڻ ۽ پرانن کان اڳ ويدن جي وقت جو احياء ڪرڻ هو. سنڌ ۾ هندن کي مذهب ڇڏڻ کان روڪڻ لاء ديارام گدومل سوامي شردانند کي 1893 ۾ لاهور ۾ خط لکي سنڌ اچڻ جي درخواست ڪئي. آريا سماج جي سنڌ ۾ پهرين گڏجاڻي 1893 ۾ ٿي هئي. ٻه پنڊت ليکراجاني آريا ۽ پورن آنند ان سلسلي ۾ سنڌ پهتا. اهي ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا شل نه انهن کي ڪنهن جي مسلمان هئڻ جي رڳو ارادي متعلق ڪا خبر پئي ته ان جي پويان پئجي ويندا هئا. آريه سماج پاران شدي جي طريقي وسيلي وڏي پئماني تي نون مسلمان ٿيل هندن کي وري هندو ڪرڻ جيئن 1905 ۾ لاڙڪاڻي جي شيخن کي آريا سماج جي سکر شاخ پاران وري هندو ڪرڻ، لڌيانه پنجاب ۾ لبانا ۽ اجمير ۾ مارواڙين جا ڪيس ذڪر جوڳا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ اهڙي عورت جو ڪيس ذڪر جوڳو آهي جنهن کي مسلمان ٿئي ۽ شادي ڪرڻ کي چوڏنهن سال گذري ويا هئا ۽ کيس گھڻا ٻار به هئا. ليکڪا جو چوڻ آهي ته آريه سماج جي انهن سرگرمين جي ڪري هڪ پاسي هندو ۽ مسلمانن ۾ ويڇا پيدا ٿيا ۽ خاص طور لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا. ائين چئي سگھجي ٿو ته آريا سماج هڪ لحاظ سان آر ايس ايس لاء واٽ هموار ڪئي.
آر ايس آيس جو شروع ۾ گھڻو اثر رسوخ مقامي سنڌين ۾ نه پر مارواڙين ۾ هو. ان جو گھڻو زور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هوندو هو ۽ ڪم ڪرڻ جو طريقو پرامن هوندو هو. اهي ماڻهن کي لسي، کير ۽ مٺائي ڏيئي پاڻ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي پاڻ کي هڪ سياسي تنظيم جي بجائي هڪ ثقافتي تنظيم ڪري پيش ڪندا هئا. گھڻن نوجوانن ان ڏانهن وڃڻ جو مقصد مسلمانن کان پنهنجو بچاء هوندو هو جيڪي کين تنگ ڪندا هئا. ڊرل، لاٺي ۽ ڪاٺي جي مشق انهن جي تربيت جو حصو هوندا هئا. پوء انهن ننڍا ننڍا هٿيار ٺاهڻ پڻ شروع ڪيا. ان دوران حيدرآباد جي نول رام هيرا نند اڪيڊمي پاران سيالڪوٽ جي راج پال پوري جي سنسڪرت جي استاد طور تقرري آرايس ايس کي سنڌ ۾ اڳتي وٺي وڃڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان پوري کي هندو نوجوانن کي متاثر ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. انهن نوجوانن ۾ ايل ڪي آڏواڻي به شامل هو. پوري کي شري جي لقب سان سڏيو ويندو هو. منزل گاه جي فسادن وقت ان کي به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوء آزاد ٿيڻ کانپوء سندس مقبوليت ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو هو. 1940 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ آرِايس ايس جي شاخن ۽ رڪنيت ۾ اهم واڌارو ٿيو.
سنڌي هندن ۾ اهو تاثر ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو ٿي ويو ته ڪانگريس خاص طورورهاڱي جي حمايت ڪري ساڻن دوکو ڪيو هو ۽ اها سنڌ ۾ سندن حقن جي حفاظت نه ٿي ڪري سگھي. ان جي ڪري گھڻا سنڌي ڪانگريس کان ڌار ٿي آرايس ايس ۾ شامل ٿيا.
جڏهين ته آرايس ايس انهن ماڻهن جي ڦٽن تي ڦاهو رکڻ جو ڪم ڪندي هئي. ائين نه هو ته اهي ٻيئي جماعتون هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ئي هجن پر گھڻن معاملن جهڙوڪ سنڌي هندن کي حفاظت سان ڀارت موڪلڻ وغيره ۾ اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪنديون هيون. جيتوڻيڪ ان جا سياسي مقصد هوندا هئا پر آر ايس ايس پاڻ کي هڪ ثقافتي تنظيم سڏائيندي هئي. اهڙي ريت ڪانگريس جو هڪ ثقافتي پاسو هوندو هو پر اها هڪ سياسي جماعت هئي. پر ساڳي وقت ڪانگريس جي مخالفت آر ايس ايس لاء فائديمند هئي. لڪشمن داس ماکيجا ٻڌائي ٿو ته جڏهين نهرو سنڌ جو دورو ڪيو ته هن اتي وڃڻ ڇاهيو ٿي پر کيس سندس شاخ پاران اتي وڃڻ کان سختي سان روڪيو ويو.
جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي سڀني هندن لاء نه ٿو چئي سگھجي پر مسئلو آر ايس ايس جي رڪنيت ۽ ان جي شاخن جي تعداد کان وڌيڪ اهو هو ته ان جي نظرئي گھڻن سنڌين کي متاثر ڪيو هو ۽ اهي ڀارت لڏڻ وقت اها ميراث پاڻ سان کڻي ويا. ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين آيا جن کي واضح طور اڄ جي ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ڏسي سگھجي ٿو.

اسپين مان مسلمانن جي نيڪالي

اسپين مان مسلمانن جي نيڪالي

مسلمانن لاء اسپين، جنهن کي اهي ال اندلس بہ چون ٿا، هاڻي هڪ ڊيڄاريندڙ خواب ٿي پيو آهي. ليکڪ L.P.Harvey پنهنجي ڪتاب Muslims in Spain 1500-1614 ۾ مسلمانن جي اسپين مان نيڪالي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ليکڪ پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ ان کان اڳ جي دور، جڏهين مسلمان اقتدار ۾ هئا، کي پڻ بيان ڪيو آهي.
مسلمان هتي 711 عيسوي ۾ قابض ٿيا ۽ ست سو سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوء 1492 عيسوي ۾ آخري شهر گريناڊا بہ سندن هٿن مان نڪري ويو. ان کانپوء به اهي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين هتي رهيا ۽ نيٺ 1614 عيسوي۾ کين مڪمل طور هتان نيڪالي ڏني ويئي. اسپين جي لوڪ ڪهاڻين، قصن ۽ گيتن ۾ شاعر ۽ قصه گو تاريخ جي ان المئي تي ڳوڙها ڳاڙيندي غدار ڪائونٽ جولين کي ننديندا رهيا آهن جنهن ان قومي دشمن کي اتر آفريڪا مان اسپين کي فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
مڪمل فتح حاصل ڪرڻ کانپوء به عيسائين کي مسلمانن جي اسپين ۾ هئڻ تي اطمينان نه هو. ان دور۾ دنيا ۾ مذهب کي هڪ فيصلي ڪن عنصر جي حيثيت حاصل هئي. اهڙي ريت هڪ ته کين هڪ مذهب واري رياست گھربل هئي ۽ ٻيو ته انهن اهو نه ٿي چاهيو ته اسپين رستي اسلام يورپ ۾ اثر رسوخ حاصل ڪري. هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جي پاليسي ۾ هڪ مونجھارو هو. پرتگال جي شهزادي مينوئل اسپين جي شهزادي ازابيل سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. پر ان سلسلي ۾ ازابيل جو اهم شرط اهو هو ته پرتگال مان يهودين ۽ مسلمانن کي نيڪالي ڏني وڃي. پرتگال پاران يهودين کي ته اڳ ئي نيڪالي ڏني پيئي ويئي پر مسلمانن، جيڪي اتي سوين سالن کان رهيل هئا ۽ مذهب وغيره جي حوالي سان انهن سان ڪو خاص مسئلو به نه هو، لاء اها نئين ڳالهہ هئي. ٻي ڳالهہ ته يهودي ۽ مسلمان پرتگال ۾ معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ اهم حيثيت رکندا هئا. بهرحال يهودين ۽ مسلمانن ۾ اها تفريق ڪئي ويئي ته يهودين کي پنهنجن ننڍن ٻارن وٺي وڃڻ جي اجازت نه هئي جڏهين ته مسلمانن کي اهڙي اجازت ڏني ويئي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته يهودين جي ان وقت دنيا ۾ ڪا رياست ۽ ملڪ نه هو جنهن جي کين حمايت حاصل هجي ۽ جيڪا ان جي بدلي وٺڻ لاء پنهنجي ملڪ جي عيسائين خلاف ساڳيا قدم کڻي سگھي. جڏهين ته مسلمانن جا گھڻا ملڪ هئا ۽ پرتگال کي اهو خدشو هو ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ عيسائين خلاف ساڳيا قدم کڻي سگھن ٿا. مسلمانن کي سامونڊي ۽ زميني رستي کان ملڪ مان وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. حيرت جي ڳالهہ اها هئي ته انهن مان گھڻا مسلمان سرحد پار ڪري اسپين هليا ويا جتي باقاعدي سندن رهائش وغيره جو بندوبست ڪيو ويو هو.
پنهنجي ملڪ کي مسلمانن جي قبصي مان ڇڏائڻ کانپوء ٻيو اهم ڪم ان کي مڪمل طور هڪ عيسائي مملڪت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ يهودي ۽ مسلمانن کي عيسائي ڪرڻ هو. ان جي لاء پڇا ڳاڇا ڪندڙ مرڪز قائم ڪيا ويا. اهڙن ماڻهن، جيڪي تازو پنهنجو مذهب بدلائي عيسائي مان مسلمان ٿيا هئا انهن کان خاص طور اها پڇا ڪئي ويئي ته کين زوري ته مسلمان نه ڪيو ويو هو. خاص طور اهڙين عورتن جن مسلمانن سان شادي ڪرڻ لاء عيسائيت ڇڏي اسلام اختيار ڪيو هو انهن کي پنهنجن مڙسن کان ڌار ڪري پڇيو ويو ته مٿن مذهب تبديل ڪرڻ لاء ڪا زور زبردستي ته نه ڪئي ويئي هئي. مسلمانن پاران اهڙي ورتاء تي اعتراض ڪيا ويا پر انهن کي خاطر ۾ نه آندو ويو.
مسلمانن کي اها چونڊ ڏني ويئي ته اهي يا ته پنهنجو مذهب تبديل ڪن ۽ ٻي صورت ۾ ملڪ ڇڏي وڃن. ملڪ ڇڏي وڃڻ گھڻن لاء ايڏي سولي ڳالهہ نه هئي ۽ ان ڪري گھڻن مذهب تبديل ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ان ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. هڪ ته اهي هئا جن پنهنجن فائدن حاصل ڪرڻ لاء واقعي عيسائيت اختيار ڪئي جڏهين ته ٻيا اهڙا ماڻهو هئا جن بظاهر ته پنهنجو مذهب تبديل ڪيو پر اصل ۾ پنهنجي اصل مذهب سان ئي لاڳاپيل رهيا. مذهب تبديل ڪندڙن ۽ عيسائين ۾ ضم ٿيڻ وارن ۾ شاهوڪار ۽ اهڙن ماڻهن جي گھڻائي هئي جيڪي ماضي ۾ مسلمان حڪمرانن جي درٻار جو حصو هئا. انهن جو هڪ مقصد ته پنهنجي مال دولت کي بچائڻ ۽ ٻيو مسلمانن يا نون ٿيندڙ عيسائين جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هو. انهن مان گھڻن کي نئين حڪومت ۾ وڏا عهدا به ڏنا ويا.
گھڻا جيڪي بظاهر عيسائي ٿي ويا هئا پرلڪ ڇپ ۽ پنهنجن گھرن ۾ پنهنجي پراڻي مذهب جي عبادت ڪندا هئا. ائين ڪندي جيڪڏهين اهي پڪڙجي پوندا هئا يا ڪير سندن ائين ڪرڻ جي اطلاع اختيارين کي ڏيندو هو ته کين احتسابي عدالتن آڏو پيش ٿيڻو پوندو هو ۽ کين ڏيهہ نيڪالي، ملڪيت جي ضبطي وغيره جهڙيون سخت سزائون ڏنيون ويندون هيون.
اسلام ۾ اهو حڪم آهي ته جيڪڏهين ڪنهن ملڪ ۾ غير مسلم حڪومت آهي ۽ اسلام تي عمل ڪرڻ تي پابندي آهي يا ان ۾ ڪي رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون ته اتي رهندڙ مسلمانن تي اهو ملڪ ڇڏڻ لازمي ٿيو پوي. اسپين جي مسلمانن جي صورتحال گھڻي منجھيل هئي. انهن لاء ملڪ ڇڏڻ ايترو سولو نه هو. ان سلسلي ۾ مخلتف عالمن پاران اجتهاد جي واٽ اختيار ڪئي ويئي. ان حوالي سان اوون جي مفتي احمد جمع جو فتوو جيڪو اوون جي فتوي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو خاص اهميت رکي ٿو. ان فتوا ۾ مسلمانن لاء تمام گھڻي گنجائش رکيل آهي. اهي اشارن ۽ هر لحاظ کان لڪل ۽ اهڙي ريت عبادت ڪري سگھيا ٿي جنهن سان ڪنهن کي سندن مسلمان هئڻ جو شڪ نه پئي.
پر انهن مان ڪو به طريقو مڪمل طور ڪامياب ۽ عيسائي حڪمرانن کي مطمئن نه ڪري سگھيو ۽ انهن وڌيڪ سختيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان وقت عيسائي وهنجڻ ۽ صفائي سٿرائي کي مذهب جي خلاف سمجھندا هئا. ان ڪري مسلمانن جا جيڪي عام حمام هئا انهن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته مسلمان پنهنجي موجوده لباس جي استعمال کانپوء آئنده مسلماني ڪپڙا نه پائيندا. مسجدن تي تالا هنيا ويا. اسپين ۾ مسلمانن جون جيڪي شاهڪار عمارتون هيون انهن ۾ الحمرا جي خاص حيثيت رهي آهي. ان کي عيسائين پاران ان ڪري نقصان نه پهچايو ويو ته ان کي عيسائي حڪمرانن پنهنجي شان ۽ شوڪت لاء استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي.
جيتوڻيڪ مسلمانن جي اسپين جي ڪنهن بہ علائقي ۾ حڪومت نه رهي هئي پر پنهنجي جان مال ۽ عقيدي جي بچاء لاء انهن جي مزاحمت رهندي ٿي آئي. 1568 کان 1570 عيسوي تائين گريناڊا جي بغاوت ان سلسلي جي آخري وڏي بغاوت هئي. ان ۾ باغين سان گڏ هزارين بي گناه مرد، عورتن ۽ ٻارن کي ڪٺو ويو ۽ نيٺ عيسائي حڪمران ان بعاوت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان وقت مسلمانن جون ٻه وڏيون رياستون مصر ۾ مملوڪ ۽ ترڪي ۾ خلافت عثمانيه هيون. جيتوڻيڪ اسپين جي مسلمانن پاران انهن کي مدد لاء گھڻيون درخواستون ڪيون ويون ۽ وفد موڪليا ويا پر مملوڪن ڪو مثبت جواب نه ڏنو جڏهين ته ترڪن جو اسپين ۾ اهو مفاد هو ته ان ريت کين يورپ ۾ داخل ٿيڻ جي واٽ ملي ٿي. ترڪي جا گھڻا ماڻهو اتر آفريڪا مان اسپين ۾ ويڙه ۾ شامل ٿيڻ لاء داخل ٿيندا هئا. انهن جو مقصد معاملن کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ هوندو هو. ظاهر آهي اها ڳالهہ عيسائي حڪمرانن لاء تشويش جو باعث هوندي هئي ۽ اهي ان کي هر طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
ان بغاوت کي ختم ڪرڻ کانپوء اهو سوال هو ته مسلمانن جي ان مسئلي مان ڪيئن جان ڇڏائجي. ان جو حل اهو ٿي نظر آيو ته کين ملڪ مان نيڪالي ڏجي. پر سوال اهو هو ته کين ڪٿي موڪلجي. ڪهڙا مسلمان ملڪ کين قبول ڪرڻ لاء تيار هوندا. ان مقصد لاء بين الاقوامي حالتون اسپين جي فائدي ۾ هيون. ان وقت تائين اسپين عڪ عالمي قوت بڻجي چڪو هو ۽ عالمي منظر نامي تي ان جي وڏي اهميت هئي. مختلف ملڪن ۽ خاص طور نيدر لينڊ سان ڪيل ٻارنهن سالن جي ٺاه ان جي مسلمانن جي ڏيه نيڪالي واري ارادي کي اڃا مضبوط ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪجھ پادرين پاران هڪ تجويز اها آئي ته مسلمانن کي نئين دريافت ٿيل آمريڪا موڪليو وڃي جتي اهي پاڻ ئي نامساعد حالتن جو شڪار ٿي مري کپي ويندا. بهرحال ست لک کان وڌيڪ مسلمانن کي سمنڊ جي رستي اتر آفريڪا جي ملڪن مراڪش، تيونس ۽ الجزائر اماڻيو ويو.
انهن مان ڪي پنهنجي منزل تي پهتا ۽ گھڻا سمنڊ ۾ حادثن جو شڪار ٿي مري ويا. گھڻا اهڙا ماڻهو هئا جيڪي يورپ جي ماحول ۾ پليا وڏا ٿيا هئا اهي انهن عرب ملڪن جي ڪلچر ۽ ماحول ۾ ٺهڪي نه سگھيا ۽ انهن واپس اسپين موٽڻ جي ڪوشش ڪئي. گھڻا ان ۾ ڪامياب به ٿيا ۽ گھڻن کي واپس ڪيو ويو.
مسلمانن جو ملڪ جي معيشت ۽ ٻين مختلف معاملن ۾ اهم ڪردار هو. خاص طور زراعت ۾ انهن جو اهم حصو هو. انهن جا عيسائي زميندارن ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن سان سٺا ۽ خوشگوار ناتا هوندا هئا. گھڻن سندن گھڻگرن پاران اها ڪوشش به ڪئي ويئي ته انهن کي نيڪالي نه ڏني وڃي. مسلمانن جي لڏي وڃڻ سان اسپين جي معيشت ۽ زراعت وغيره تي جيڪي اثر پيا ان متعلق يقين سان ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي.
مسلمانن کي نيڪالي ڏيڻ کانپوء عيسائي محققن ۽ پادرين کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۽ غارن وغيره مان مختلف شين تي لکيل دستاويز مليا جن تي يورپ وغيره جي ملڪن ۽ ويٽيڪن ۾ تحقيق ڪئي ويئي جنهن مان اها خبر پيئي ٿي ته انهن عيسائيت ۽ اسلام وغيره کي گڏي ڪنهن نئين عقيدي کي متعارف ڪرائڻ چاهيو ٿي. هڪ لحاظ کان انهن دستاويزن مسلمانن، جن کي اڳ عيسائي ڄٽ ڪري ليکيندا هئا، متعلق سندن نڪته نظر کي بدلائي ڇڏيو.
اهڙي ريت مسلمانن، جيڪي اسپين جي آبادي جو ننڍڙو حصو يعني پنج سيڪڙو مس هئا، جي حڪمراني جو دور ختم ٿيو.

استنبول جون يادگيريون

استنبول جون يادگيريون

استنبول، قسطنطنيه، آرٿوڊوڪس عيسائين جو روم. مسلمان خليفن جون ان کي فتح ڪرڻ جون شروعاتي ڪوششون ناڪام ويون. نيٺ 1450 جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري، جڏهين بازنطيني سلطنت بحران ۽ زوال جو شڪار هئي ته ترڪن شهر تي قبضو ڪيو. اهو شهر گھڻن مرحلن مان گذريو آهي. پهرين مهاڀاري جنگ دوران شهر تي برطانيا ۽ فرانس جو قبضو هو. اتاترڪ جي اڳواڻي ۾ شهر کي ته آجو ڪرايو ويو پر هاڻي نئين ترڪي جي گادي جو هنڌ قسطنطنيه يا استنبول جي بجائي انقره هو.
اهڙي ريت جنهن شهر کي دنيا جا سياح ۽ عالم ڏسڻ ايندا هئا ۽ ان جي لاء سڄي دنيا جي گادي جي هنڌ هئڻ جي اڳڪٿي ڪندا هئا اهو هاڻي ترڪي جي گادي جو هنڌ به نه رهيو هو. ڪمال اتاترڪ جو مقصد ترڪي کي اوله جي ڪلچر سان ڳنڍڻ ۽ ان عمل ۾ ماضي جي گھڻين شين کي ختم ڪرڻ هو. ان عمل ۾ ظاهر ڳاله آهي ته سڀ کان گھڻو متاثر استنبول ئي ٿيو.
پنهنجي شهر سان محبت ۽ پيار ڪندڙ ترڪ ليکڪ اورهان پامڪ، جنهن جي سڄي زندگي استنبول ۾ ئي گذري آهي ۽ جيڪو ٻئي ڪٿي رهڻ جو تصور به نه ٿو ڪرڻ چاهي، پنهنجي ڪتاب Istanbul: Memories and the City ۾ پنهنجي ۽ شهر جي يادگيرين کي نهايت پيار ۽ ڏک سان بيان ڪري ٿو. پنهنجي هن سڄي بيان کي هو ترڪي ٻولي جي لفظ حزن، جنهن جو مطلب هڪ ڏک واري ڪيفيت آهي ۽ جنهن جو هو انگريزي ۾ ترجمو Melancholy ڪري ٿو، وسيلي بيان ڪري ٿو. دراصل ان ڪتاب جي تخليق به ليکڪ جي ان وقت جي ڪيفيت جي نتيجي ۾ ٿي آهي. هو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته ان وقت پنهنجي طلاق، پي جي وفات ۽ ٻين گھڻن هتان هتان جي مسئلن جي ڪري هو ڊيپريشن جي حد تي هو. کيس ان جو حل ڪتاب لکڻ جي صورت ۾ نظر آيو. هو روز صبوح جو اٿي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪري لکڻ ويهي رهندو هو. سندس چوڻ آهي ته ان ڪتاب ۾ پنهنجي خاندان جي ذڪر ڪري سندس گھڻا مائٽ کانئس ناراض ٿي ويا. خاص طور ان جي ڪري هن پنهنجي وڏي ڀاء کي وڃائي ڇڏيو ۽ کيس اها پڪ آهي ته سندس ماء به ان جي ڪري کانئس ناراض هوندي.
هو شروع ۾ پنهنجي ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته شهر جو زوال ۽ سندس خاندان جو معاشي عروج گڏوگڏ ٿين ٿا پر هو ان جي تصحيح ڪندي چئي ٿو ته نه پر ٻنهي جو زوال گڏوگڏ ئي ٿيو آهي. هو شهر جي پوش علائقي ۾ هڪ وڏي حويلي ۾ پنهنجي ماء پي چاچن ۽ ڏاڏي ڏاڏي سان گڏ رهي ٿو.
سندس ڏاڏا جي هوندي ڪاروبار وغيره صحيح نموني هلندو ٿو رهي پر ان جي وفات کان پوء سندس پي ۽ چاچو ان کي سنڀالي نه ٿا سگھن ۽ خاندان معاشي ڏکيائين جو شڪار ٿي ٿو وڃي. حويلي کي ڊهرائي پامڪ اپارٽمنٽ جي نالي سان گھڻ ماڙ عمارت ٺهرائي ٿي وڃي جنهن جي مختلف فلور تي اهي سڀ ڌار ڌار رهڻ لڳن ٿا.
سندس ماء پي ۾ اڻبڻت رهندي اچي. پي گھڻو ڪري گھر کان ٻاهر ٿو رهي ۽ ماء به ان ماحول کان بيزار ٿي وقت بوقت پنهنجي ماء جي گھر هلي وڃي ٿي. اورهان ۽ سندس وڏو ڀاء، جيڪي پاڻ ۾ وڙهن به گھڻو ٿا ۽ منجھن پيار به گھڻو هجي ٿو، پنهنجن چاچن ۽ ماسي جي گھرن ۾ وڃي رهن ٿا. ننڍي هوندي جڏهين سندس ماسي سندس گھر ۾ لڳل هڪ تصوير متعلق کيس ٻڌائي ٿي ته اها تنهنجي تصوير آهي ته هو واقعي سوچي ٿو ته ڇا واقعي هو ان تصوير ۾ آهي يا ٻيو ڪو ماڻهو آهي. هڪ ٻٽي شخصيت جي شروعات ٿئي ٿي. اهو دراصل سندس تخليقي پاسو آهي ۽ هو وقت بوقت ان پاسي ڏانهن هليو وڃي ٿو.
اسڪول وڃڻ ۽ ان جي ڪمن ۾ سندس دلچسپي بس نالي ماتر ئي هجي ٿي. سندس لاڙو تصويرن ٺاهڻ ۽ مصوري ڏانهن گھڻو هجي ٿو. هو مصور ئي ٿيڻ چاهي ٿو. جڏهين هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ جڏهين هو حزن جو شڪار ٿئي ٿو جيڪو سندس چواڻي ته شهر سان گڏ سندس پنهنجي شخصيت جو به حصو بڻجي ويو آهي ته سندس ردعمل هڪ ته ڪمري ۾ بند ٿي مٺ هڻڻ هجي ٿو ۽ ٻيو ڪينواس، رنگ ۽ برش کڻي تصويرون ٺاهڻ هجي ٿو. هو پنهنجي هڪ خانداني فليٽ کي پنهنجي اسٽوڊيو طور استعمال ڪري ٿو. هتي هو پنهنجي محبوبه سان به ملي ٿو ۽ ان سان پيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جون مختلف تصويرون ٺاهيندو رهي ٿو. سندس ماء کيس سمجھائي ٿي ته هو پنهنجي آرڪيٽيڪٽ جي تعليم مڪمل ڪري باقي هي ترڪي آهي ۽ يورپ ۽ آمريڪا ناهي جتي هڪ مصور جي حيثيت ۾ ڪا سکي زندگي گذاري سگھجي پئي. پر هو ان ڳاله کي مڃڻ لاء تيار نه ٿو هجي. سندس محبوبه جو پي به ان ڳاله کي سمجھي ٿو ته سندس ڌي هڪ مصور سان سکي نه رهي سگھندي ۽ اهو سوچي هو ان کي پڙهائي لاء سوئٽزرلينڊ موڪلي ڇڏي ٿو. جيتوڻيڪ شروع ۾ سندس ليکڪ ٿيڻ جو ڪو ارادو نه ٿو هجي پر اڳتي هلي هو ليکڪ طور پنهنجي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪري ٿو.
هو پامڪ اپارٽمنٽ ۾ پنهنجن چاچن ۽ ڏاڏي جي فليٽن ۾ ويندو رهي ٿو. ڏاڏي جي فليٽ ۾ هو اتي رکيل ڪتابن وغيره کي پڙهندو رهي ٿو جڏهين ته ر باسفورس ۽ سمنڊ سندس لاء اتساه جو باعث هجن ٿا. اهو سڀ سندس گھر جي سامهون ئي هجي ٿو. سندس فليٽ جي دري مان اهو سڀڪجھ نظر اچي ٿو ۽ هوڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويٺو ان کي ڏسندو رهي ٿو ۽ ڪڏهين ڪڏهين اتان لنگھندڙ جهازن جي ڳڻپ به ڪرڻ لڳي ٿو. ان حوالي سان هو ڪجھ واقعن کي ياد ڪري ٿو. هڪ ڀيري اٽڪل پنج هزار رڍون کڻي ايندڙ جهاز جو هڪ ٻئي جهاز سان ٽڪر ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهي سڀ رڍون سمنڊ ۾ ڪري پون ٿيون جن مان ڪجھ ٻڏي وڃن ٿيون، ڪجھ مئل حالت ۾ ڪناري تي پهچن ٿيون ۽ ڪجھ کي بچايو وڃي ٿو. رڍن جي ان حالت کي ڏسڻ ۽ ان کي برداشت ڪرڻ سندس لاء ڏکيو هجي ٿو ۽ شهر جا گھڻا ماڻهو ڪجھ وقت لاء رڍن جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏين ٿا. ٻئي هڪ حادثي متعلق هو ٻڌائي ٿو جنهن ۾ سامونڊي جهاز ديوار ڀڃي سندن ڀر واري گھر ۾ گھڙي آيو هو ۽ جڏهين اهي ان کي ڏسڻ ويا هئا ته کين خبر پيئي هئي ته هن گھر ۾ به اهو ئي ساڳيو فرنيچر ۽ ٻيو سامان هو جيڪو سندن گھر ۾ هو. ساڳي وقت هو جهازن ۾ لڳل وڏين باهين جو ذڪر پڻ ڪري ٿو جيڪي گھڻو وقت هلنديون هيون، پري پري کان ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ هو ۽ شهر جا ماڻهو ان کي ڏسڻ لاء ويندا هئا.
هو شهر کي تبديل ٿيندو ڏسي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اهي تبديليون شهر جي شان ۽ وقار کي نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ اها ڳالهہ سندس پنهنجي طبيعت ۾ حزن ۽ هڪ ڏک جي ڪيفيت جو باعث بڻجي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهہ ته شهر پنهنجي ڪاسموپوليٽن حيثيت وڃائي رهيو آهي. هتي مختلف مذهبن جا، مختلف لباس پائڻ وارا ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هئا. اهو تنوع ڄڻ شهر مان ختم ٿي ويو آهي. هڪ ته ٿوري عرصي ۾ ملڪ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جي هتي اچڻ جي ڪري شهر جي آبادي ڪجھ عرصي ۾ ئي ڏه لک مان وڌي هڪ ڪروڙ ٿي ويئي آهي. شهر جي چوڌاري ٽڪريون جيڪي پهرين غيرآباد هونڌيون هيون ۽ ماڻهو جتي پڪنڪ وغيره لاء ويندا هئا اهي هاڻي آباد ٿي ويون آهن. شهر ڄڻ سوڙهو ٿي پيو آهي. پسگردائي جا گھڻا علائقا شهر جو حصو بڻجي ويا آهن.
ڪمال اتا ترڪ جي حڪومت جو مطلب نه رڳو ترڪي کي اوله جي ڪلچر سان ڳنڍڻ پر ان مقصد لاء خلافت عثمانيه جي دور جي هر نشان کي ختم ڪرڻ هو. ان ۾ لباس، رسم الخط سان گڏوگڏ انهن حويلين وغيره کي پڻ ختم ڪرڻ هو جيڪي خلافت عثمانيه جي دور جي اميرن ٺهرايون هيون. انهن کي هڪ ته ڊهرائي انهن جي جاء تي جديد دور جون گھڻ ماڙ عمارتون تعمير ڪيون ويون ۽ ٻيو ته جيئن اهي ڪاٺ جون ٺهيل هيون ان ڪري گھڻيون اهڙيون حويليون باه ۾ سڙي ويون ۽ گھڻين کي هٿرادو باه ڏيئي ساڙيو ويو. ليکڪ جڏهين پنهنجي ليکي شهر جي مختلف علائقن ۾ گھمندو هو ته کيس اهڙيون ويران، ڀڳل ٽٽل ۽ تباه ٿيل ڪيئي عمارتون نظر اينديون هيون. سندس چوڻ آهي ته کنڊرن ۽ پراڻين عمارتن جي اهميت ۽ شان کي ٻاهر وارو ماڻهو ئي محسوس ڪري ۽ ان کي ساراهي سگھي ٿو جڏهين ته انهن ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاء اهي اهڙي ڪا اهميت نه رکندا آهن.
ساڳي ريت جتي يوناني، ڪردش ۽ ٻيون ٻوليون عام ڳاله بوله ۾ هونديون هيون اتي رڳو هڪ ٻولي، ترڪي ڳالهائڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهين ڪي ماڻهو پنهنجي مادري ٻولي ڪردش يا يوناني وغيره ۾ ڳالهائيندا ته انهن کي فوري طور ٽئين ماڻهو پاران ٽوڪيو ويندو ته مهرباني ڪري ترڪي ۾ ڳالهايو. ساڳي ريت هو 1955 ۾ يونان ۾ اتاترڪ جي ڄم جي جاء ۾ ترڪي جي هڪ ايجنٽ پاران ڪيل بم ڏماڪي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فسادن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن فسادن ۾ خاص طور يوناني عيسائين، ٻين غير مسلمانن ۽ شهر جي سکين ستابن ماڻهن ۽ سندن ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته فسادي سندن گھر تائين به پهتا هئا پر اتي لڳل ترڪي جو جھنڊو ڏسي موٽي ويا هئا. انهن فسادن جي نتيجي ۾ گھڻا غيرمسلم شهر ڇڏي يونان ۽ ٻين هنڌن ڏانهن هليا ويا. اهڙي ريت جيڪو شهر اڳ ئي مسلم گھڻائي جو شهر هو اتي غير مسلمانن جو تناسب اڃا وڌيڪ گھٽجي ويو.
ڪتن جو استنبول سان هڪ اڻ ٽٽ تعلق آهي. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته خلافت عثمانيه جي دور ۾ محمود ٻئين ملڪ کي اولهہ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾ ٻه قدم کنيا. هڪ ته فوج جي جنيسري واري تنظيم کي ختم ڪيو ويو ۽ ٻيو استنبول جي ڪتن کي ڪنهن ٻيٽ تي منتقل ڪيو ويو. سندس پهريون قدم ته ڪامياب ويو پر ڪتا وري شهر ۾ موٽي آيا. ساڳي ريت پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جڏهين شهر انگريزن جي قبضي ۾ هليو ويو هو ته انهن به هڪ ڀيرو ٻيهر ڪتن کي شهر کان ٻاهر ٻيٽ تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪجھ عرصي کانپوء اهي ڪتا وري شهر ۾ موٽي آيا هئا.
ڪن ماڻهن لاء شهر سندن زندگي جو حصو هوندا آهن. اهي شهر ۾ ايندڙ تبديلين کي به ڄڻ پنهنجي اندر محسوس ڪندا آهن. شهر جي آسودگي، خوشي ۽ ڏک ڄڻ سندن پنهنجا ڏک ۽ خوشيون هونديون آهن. اهڙو ئي تعلق ليکڪ جو استنبول سان آهي. هن ساڳي وقت ڪتاب ۾ مواد موجب مختلف پورٽريٽ ۽ فوٽو پڻ ڏنا آهن. جيڪڏهين ڪير واقعي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ کي ائين پنهنجي اندر محسوس ڪري ته ان متعلق گھڻو ڪجھ لکي ۽ چئي سگھجي ٿو.

اسرائيل ۽ آفريڪا جا پناهگير

اسرائيل ۽ آفريڪا جا پناهگير

ايليٽ گندر گوشن اسرائيل جي اهم ليکڪا آهي. سندس ناول Waking Lions 2018 ۾ شائع ٿيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ آهي ته اسرائيل جي عوام جي گھڻائي ساڄي ڌر جي پاسي آهي جيڪي خاص طور فلسطينين جي حوالي سان هڪ نسل پرست پاليسي تي عمل ڪن ٿا، پر اسرائيلي ليکڪن جي گھڻائي کاٻي ڌر جي پاسي آهي، جيڪي هڪ محب وطن هئڻ ناتي اسرائيل جي باقي رهڻ جي حق کي مڃيندي ان ڳالهہ جي به حمايت ڪن ٿا ته فلسطينين کي سندن حق ملڻ گھرجن.
هن ناول جو مک ڪردار تل ابيب جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ايٽان گرين آهي. هو هڪ ايماندار ۽ محنتي شخص آهي. کيس پنهنجي سينيئر پروفيسر ذڪئي جي بدعنواني جي خبر پئي ٿي. هو ان کي مٿي رپورٽ ڪري ٿو پر بجائي ان جي ڪا شنوائي ٿيڻ جي کيس ئي سزا طور هڪ ريگستاني علائقي بير شيبا جي اسپتال ۾ بدليل ڪيو وڃي ٿو. هو ان بدعنواني کي پريس ۾ کڻي وڃڻ چاهي ٿو پر سندس زال، جيڪا پاڻ هڪ پوليس آفيسر آهي، کيس ان کان منع ڪري ٿي ته ائين ڪرڻ سان جيڪڏهين سندس نوڪري هلي ويندي ته پوء گھرجو خرچ ڪيئن هلندو ۽ ٻارن جي اسڪول جي في وغيره ڪيئن ڀري سگھبي. هو سندس ان ڳاله کي مڃيندي پنهنجي بدلي کي قبول ڪري ٿو ۽ نئين جاء تي هليو وڃي ٿو.
هڪ ڀيري هو رات جو دير سان اسپتال مان موٽندي سوچي ٿو ته ڇو نه پنهنجي نئين ايس يو وي گاڏي ۾ ريگستان جو چڪر هنيو وڃي ۽ چانڊوڪي رات جو مزو وٺجي. هو گانا ٻڌندو تيزرفتاري سان پنهنجي ڌن ۾ وڃي رهيو هجي ٿو ته اوچتو هڪ همراه جي سندس گاڏي سان ٽڪر ٿي وڃي ٿي. هوگاڏي مان هيٺ لهي ڏسي ٿو ته ان همراه کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل هجي ٿو پر هو اڃا جيئرو هجي ٿو. ڪافي دير تائين هو سوچيندو رهي ٿو ته ڇا ڪري. مختلف خيال سندس ذهن ۾ اچن ٿا ۽ نيٺ هو ان همراه کي اتي ئي ڇڏي هليو وڃي ٿو.
اهو ڄڻ سندس زندگي جو هڪ اهم موڙ ثابت ٿئي ٿو. هو سڄي رات ان اڻ تڻ ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهي ٿو ته آيا کيس ان شخص کي ائين رڻ ۾ ڇڏي اچڻ کپندو هو جڏهين ته هو اڃا جيئرو هو ۽ هو کيس اسپتال کڻي وڃي سگھيو ٿي. پر وري اهو سوال ته ممڪن آهي ته هو واٽ تي مري وڃي ها ۽ پوء کانئس پڇا ڳاڇا ٿئي ها. ٻئي ڏينهن صبوح سوير جڏهين سندس ٻار اسڪول ۽ زال پنهنجي آفيس وڃي چڪي هجي ٿي ۽ هو پاڻ به اسپتال وڃڻ لاء تيار هجي ٿو ته در تي گھنٽي وڄي ٿي. هو درکولي ٿو ته هڪ ڪاري رنگ جي عورت بيٺل هجي ٿي. هو کيس سندس ٻٽون ڏيئي ٿي جيڪو حادثي واري جاء تي ڪري پيو هو. کيس ٻڌائي ٿي ته سندس نالو سرڪت آهي ۽ هو ان شخص جي زال آهي جيڪو رات تنهنجي ڪار جي ٽڪر سان مري ويو. هو کيس رات جو هڪ جاء تي ملڻ لاء چئي ٿي. هو سمجھي ٿو ته شايد ان عورت کي پئسا ڏيڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو. بينڪ مان هڪ وڏي رقم ڪڍائڻ کانپوء هو رات جو ان مقرر جاء تي پهچي ٿو جيڪا هڪ ويران گيراج هجي ٿي ۽ جيڪا هاڻي استعمال ۾ نه ٿي هجي. اها عورت کانئس رقم ته وٺي ٿي پر ساڳي وقت کيس ميز تي ليٽيل هڪ شخص جي مرهم پٽي ۽ علاج ڪرڻ لاء چئي ٿي. ساڳي وقت هو کيس چئي ٿي ته کيس هتي ماڻهن جي علاج لاء روز اچڻو پوندو.
اهي اريٽيريا کان غير قانوني طور آيل پناهگير هجن ٿا جيڪي پڪڙي پوڻ جي ڊپ کان سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاء نه ٿا وڃن. ڊاڪٽر سمجھي ٿو ته سرڪت اهو سڀڪجھ انهن ماڻهن جي همدردي ۾ڪري رهي هئي. پر ائين نه ٿو هجي. هو ان جي عيوض انهن ماڻهن کان پئسا وٺي ٿي. انهن ۾ مختلف قسم جا ماڻهو هجن ٿا. ڪي غريب، ڪي امير، ڪي اسمگلر ته ڪي نشي جو واپار ڪندڙ. اهي سوڊان ۽ مصر کان ٿيندا مختلف رڪاوٽن کي منهن ڏيندا اسرائيل پهچن ٿا. مريضن جي بدبو ۽ گندگي کي منهن ڏيڻ سان گڏ ڊاڪٽر کي هتي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. کيس هتي ننڍا وڏا آپريشن ڪرڻا پون ٿا جن جي لاء گيراج ۾ سوائي هڪ ٽٽل ڦٽل ميز جي ٻيو ڪجھ نه ٿو هجي. کيس دوائون اسپتال مان چوري ڪرڻيون پون ٿيون ۽ انيسٿيسيا جي مشين لاء اسپتال ۾ پنهنجي دوست جي مدد وٺڻي پئي ٿي. سرڪت ڄڻ ته سندس باس بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس پنهنجي حڪم هيٺ هلائي ٿي. اهڙي ريت سندس سڄي زندگي ڄڻ ته هيٺ مٿي ٿي وڃي ٿي. هو رات جو دير سان گھر پهچي ٿو ۽ ڪڏهين سڄي رات گھر نه ٿو اچي. ساڳي ريت اسپتال ۾ هو باقاعدي پنهنجي ڊيوٽي نه ٿو ڪري. ڪڏهين غيرحاضر ٿو رهي ته ڪڏهين دير سان اچي ٿو ۽ جلدي هليو ٿو وڃي. سندس گھر ۽ اسپتال ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورت پيدا ٿي وڃي ٿي. کيس اهو ئي ڊپ هجي ٿو ته جيڪڏهين سرڪت سندس راز کولي ڇڏيو ته پوء هو جيل هليو ويندو. سندس نوڪري به هلي ويندي ۽ پوء سندس زال ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو.
سرڪت سان گڏ ڪم ڪندي شروع ۾ ته انهن جو ڳالهائڻ بس ڪم تائين محدود هجي ٿو پر پوء هو کيس وڻڻ لڳي ٿي. مٿس آهستي آهستي سندس شخصيت جا راز کلڻ لڳن ٿا. هو هڪ پراعتماد ۽ مضبوط عورت هجي ٿي. پر سندس مڙس اسم کيس مارڪٽ به ڪري ٿو ۽ ساڻس اهڙو ئي ورتاء ڪري ٿو جيڪو سندن ملڪ ۾ ٻيا مڙس ڪندا آهن. اهي ٻيئي هڪ هوٽل ۾ صفائي جو ڪم ڪندا هئا. حادثي واري ڏينهن هوٽل جو مالڪ اسم کي منشيات جي هڪ پيڪيٽ آڻڻ لاء موڪلي ٿو ۽ هو پنهنجي زال کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو. حادثي وقت هو لڪي وڃي ٿي ۽ ڊاڪٽر کي نظر نه ٿي اچي. ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوء هو اسم مٿان پيشاب ڪري ڄڻ آزادي جو ساه کڻي ٿي ۽ اهو پيڪيٽ کڻي اچي لڪائي ڇڏي ٿي.
هوٽل جي مالڪ کي اهو شڪ هجي ٿو ته اهو پيڪيٽ ضرور سرڪت وٽ ئي هونڌو.هو هڪ ڀيري بندوق کڻي گيراج ۾ اچي ٿو ۽ سرڪت سان گڏ هڪ ٻئ عورت کي به مارڪٽ ڪري ٿو.ِ ان جھيڙي ۾ سرڪت کيس پيٽ ۾ ڇرو هڻي ماري ڇڏي ٿي. ان دوران ڊاڪٽر اتي پهچي ٿو ۽ ان قتل ٿيل شخص کي ڏسي ٿو. سرڪت کيس چئي ٿي ته ان متعلق ڪنهن کي به ٻڌائڻو ناهي ۽ اهڙي ريت تنهنجو منهنجو حساب برابر ٿي ويو ۽ هاڻي تون آزاد آهين. سرڪت پنهنجن ماڻهن سان گڏجي لاش کي دفن ڪري ڇڏي ٿي پر ان پيڪيٽ جي ڳولها جاري رهي ٿي ۽ ان گروه سان لاڳاپيل ڪجھ ماڻهو وري گيراج ۾ سرڪت وٽ اچن ٿا ۽ کيس مارڪٽ ڪري وڃن ٿا. ڊاڪتر کي سندس مرهم پٽي لاء گھرايو وڃي ٿو ۽ ان دوران اهي ماڻهو وري اچن ٿا ۽ ڊاڪٽر سميت سڀني کي مارڪٽ ڪن ٿا. ڪنهن ريت ڊاڪٽر سرڪت سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ اتان نڪرڻ چاهي ٿو پر هڪ همراه پنهنجي گن سان سندس گاڏي آڏو اچي بيهي ٿو. هو گاڏي ان جي مٿان چاڙهي ڇڏي ٿو. پوليس جي موقعي تي اچڻ ڪري سڀ گرفتار ٿي وڃن ٿا ۽ ڊاڪٽر کي هڪ رات لاڪب ۾ گذارڻي پئي ٿي. سرڪت سميت اريتيريا جي غير قانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ موڪلڻ لاء هڪ ڪمپائونڊ ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر اتي آخري ڀيرو سرڪت سان ملي ٿو ۽ اهڙي ريت اهو معاملو ختم ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽرجي وري معمول جي زندگي شروع ٿئي ٿي.
سڄي دنيا جي يهودين کي اسرائيل آڻڻ جو سلسلو شروع کان جاري رهيو آهي. ان ۾ يورپ ۽ آمريڪا وغيره جي ماڻهن جي ته هڪ مراعات يافته حيثيت آهي جڏهين ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان آيل ماڻهن کي روزگار ۽ ٻين سهولتن جي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت ڏني وڃي ٿي. خاص طور اهي ماڻهو جيڪي غيرقانوني طور اچن ٿا اهي اڃا وڌيڪ ويل ۾ ٿا هجن. هڪ ته هو سرڪار جي ڪا سهولت استعمال نه ٿا ڪري سگھن ۽ هر وقت پوليس جي ڊپ ۾ رهن ٿا. ٻيو انهن کي سستي پورهئي طور ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين غير قانوني ڪمن وغيره لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت اسرائيل ۾ جيڪي فلسطيني رهن ٿا اهي جيتوڻيڪ اتان جا قانوني طرح شهري آهن پر انهن سان ٻئين ٽئين درجي وارو ورتاء ڪيو وڃي ٿو. هو صحرا ۾ جھوپڙين ۽ خيمن ۾ رهن ٿا، بيرا گيري ۽ چوڪيداري وغيره جهڙا ننڍا ڪم ڪن ٿا ۽ يا وري منشيات جي ڪمن وغيره ۾ ملوث آهن.
هڪ لحاظ کان هن ناول مان انهن تضادن جي ڄاڻ ملي ٿي جيڪي اسرائيل جي سماج ۾ موجود آهن.

هڪ صحافي جي جيل ياترا

هڪ صحافي جي جيل ياترا

My Prison Days افتخار گيلاني جي گرفتاري ۽ جيل جي اٽڪل ست مهينن جي ڪٿا آهي. هي ڄمون مان شائع ٿيندڙ اخبار ڪشمير ٽائمز جو دهلي ۾ نمائندو آهي ۽ ساڳي وقت پاڪستان جي فرائيڊي ٽائمز، ڊيلي ٽائمز ۽ هڪ ڊچ اخبار کي پڻ خبرون ۽ رپورٽون موڪليندو رهندو آهي. هي ڪشميرجي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ علي شاه گيلاني جو ناٺي بہ آهي.
9 جون 2002 جي رات ڏيڍ وڳي، جڏهين هو پنهنجو ڪم ختم ڪري ستو هو ۽ سندس ارادو هو ته هو پنهنجي ننڍ پوري ڪري صبوح دير سا اٿندو ته در تي زور سان ٺڪ ٺڪ جي آواز کيس سجاڳ ڪري ڇڏيو. در کولڻ تي انڪم ٽئڪس ۽ اينٽيليجينس بيورو جا همراه اندر گھڙي آيا. انڪم ٽئڪس واري همراه کيس وارنٽ ڏيکارنيدي چيو ته اسان کي تنهنجي اثاثن جي جاچ ڪرڻي آهي. ان وقت گھر ۾ رڳو هو پاڻ ۽ سندس زال هئي ۽ ننڍا ٻار ڪٿي ويل هئا. هڪ ليڊي پوليس آفيسر سندس زال کي ٿوري فاصلي تي علي شاه گيلاني جي گھر وٺي ويئي ته جيئن اها اتي موجود اڙدو دستاويزن کي سمجھڻ ۾ سندن مدد ڪري.
اهي اها رات ۽ ٻيو سڄو ڏينهن اتي رهيا ۽ سندن سڄي گھر کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. گھڻن ڪلاڪن تائين زال مڙس ٻنهي کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ ڪمپيوٽر تي مختلف شين کي جانچيندا رهيا. انهن بينڪ اڪائونٽ وغيره مطلب ته هر شي جي جاچ ڪئي. انڪم ٽئڪس وارن ته کيس ڪليئر ڪري ڇڏيو پر پوليس ۽ خاص طوراينٽيليجينس وارا کيس ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ جي موڊ ۾ هئا. انهن ڪمپيوٽر مان اهڙو هڪ دستاويز ڳولهي ڪڍيو جنهن ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي نقل و حرڪت متعلق معلومات ڏنل هئي. هن کين ٻڌايو ته اهو اڳ ئي پاڪستان جي اسٽريتيجڪ اسٽيڊيز رسالي ۾ ڇپيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي به موجود آهي. ٻيو ته ان ۾ ڪا به اهڙي ڳاله ڪونهي جيڪا لڪل هجي. انهن مان هڪ همراه کيس ٻڌايو ته تنهنجو انهن وضاحتن ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته هو توکي گرفتار ڪرڻ ئي آيا آهن.
اهي سندس بينڪ اڪائونٽ جي جاچ ڪن ٿا جنهن ۾ معمولي رقم هجي ٿي ۽ هو جڏهين کانئس ڪار جي چاٻي گھرن ٿا ته هو کين بس جي پاس آڻي ڏئي ٿو. هو کين اهو به ٻڌائي ٿو ته وٽس ڪوبه ليپ ٽاپ وغيره ناهي.
نيٺ سندس زال کي چيو وڃي ٿو ته اسان هن کي ڪجھ پڇا ڳاڇا لاء ٿاڻي وٺي ٿا وڃون ۽ ان ۾ تشويش جي ڪا ڳالهہ ناهي. سندس گھرجي ٻاهران اخبارن ۽ ٽي وي جا نمائندا پنهنجي ڪئميرائن ۽ سڄي ساز و سامان سان موجود هجن ٿا ۽ مختلف ٽي وي چئنلز وقت بوقت بريڪنگ نيوز نشر ڪندا رهن ٿا.
ڏينهن ٻه ٿاڻي تي رکي پڇا ڳاڇا کانپوء کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. عدالت سندس موقف کي مڃڻ کان انڪار ڪندي کيس ريمانڊ تي موڪلي ٿي ۽ پوءِ کيس ملڪ جي قيدين سان ورتاء جي حوالي سان بدنام تهار جيل موڪليو وڃي ٿو. تهار دهلي جي ويجھو هڪ علائقي جو نالو آهي جتي اهو جيل قائم ڪيو ويو آهي. اهو هڪ وڏو جيل آهي ۽ هڪ جيل اندر ست جيل آهن، جتي مختلف درجن جي قيدين کي رکيو ويو آهي.
هڪ صحافي جي حيثيت ۾ گھڻن صحافي دوستن سندس ساٿ ڏنو ۽ سندس پنهنجي اخبار ڪشمير ٽائمز جي انتظاميا پڻ ساڻس گڏ بيٺي، پر ٻين گھڻن ضحافين ۽ اخبارن ان کي پنهنجي فائدي لاء پڻ استعمال ڪيو. جيل ۾ مقبول هڪ اخبار ۾ کيس غدار ۽ دهشت گرد ڪري پيش ڪرڻ جي ڪري اتان جي عملي ۽ قيدين ۾ سندس لاء هڪ منفي تاثر اڳ ئي قائم ٿي چڪو هو. ان ڪري سندس جيل ۾ داخل ٿيڻ سان ئي مٿس تشدد ۽ مارڪٽ شروع ٿئي ٿي. کانئس پنهنجي قميص سان ليٽرين صاف ڪرائي وري ان کي پائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جيڪا گھڻن ڏينهن تائين کيس پاتل هجي ٿي. شروع ۾ کيس اڪيلائي ۾ ڦاهي گھاٽ جي بند وارڊ ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوء به جيل انتظاميا جي چوڻ ۽ هشي تي مختلف قيدي مٿس تشدد ڪندا رهن ٿا. مٿس ان تشدد جو ٻيو ڪارڻ اها غلط فهمي به هجي ٿي ته کيس اهو گيلاني سمجھيو وڃي ٿو جيڪو ڀارتي پارليامينٽ تي دهشت گردن جي حملي ۾ شامل هو. ڪجھ وقت کانپوء سندس زال کي ساڻس ملڻ ڏنو وڃي ٿو جنهن کي هو ساڻس ٿيل اها سڄي وارتا ٻڌائي ٿو. هو اهو سڀڪجھ سندس صحافي دوستن کي ٻڌائي ٿي جيڪي ان تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي گھرو معاملن جي وزير ايل ڪي آڏواڻي سان به رابطو ڪن ٿا. ان جي ڪري مٿس ڪجھ سختي گھٽجي ٿي ۽ کانئس جيڪو صفائي وغيره جو ڪم ڪرايو وڃي ٿو ان ۾ ڪجھ نرمي ٿئي ٿي.
جيلر ڪرن بيدي پنهنجي دور ۾ طهار جيل ۾ قيدين جي تعليم ۽ انهن جي اصلاح لاء مختلف سڌارا متعارف ڪرايا هئا. سندس وڃڻ کانپوء جيتوڻيڪ انهن مان گھڻا غير موثر ٿي ويا پر ڪجھ جو اثر اڃا باقي هو. انهن مان هڪ قيدين جي تعليم متعلق هو جنهن ۾ افتخار کي به شامل ڪيو ويو هو. ان ڪلاس ۾ هر قيدي پنهنجا تجربا ٻڌائي ٿو. جيب ڪترا پنهنجا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڪار چوري ڪرڻ وارا پنهنجا قصا ٻڌائن ٿا. هڪ ڀيري جڏهين هڪ ڪار چوري ڪندڙ پنهنجو قصو ٻڌائي پيو ته اهو ماڻهو جنهن جي ٻه ڀيرا ڪار چوري ٿي هئي اهو به ان ڪلاس ۾ موجود هو ۽ چوري ڪندڙ اهو ساڳيو همراه هو جيڪو اهو قصو ٻڌائي رهيو هو. پوء اهي ٻيئي پاڻ ۾ اچي هٿين پيا ۽ ٻنهي کي مشڪل سان ڌار ڪيو ويو.
هن اتان جي قيدين متعلق به تفصيل ڏنا آهن. وڏي گھڻائي اهڙن قيدين جي آهي جيڪي ننڍن ڏوهن ۾ گرفتار ٿيا آهن ۽ انهن ۾ به گھڻا اهڙا آهن جيڪي ڪيس هلڻ ۽ سزا ملڻ جي انتظار ۾ هڪ ڊگھو عرصو جيل ۾ گڏاري چڪا آهن جيڪو سندن ممڪنه سزا کان گھڻو وڌيڪ آهي. ڪجھ اهڙا قيدي به آهن جيڪي سندس جيان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت گرفتار ٿيا آهن پر هڪ صحافي هئڻ جي حيثيت ۾ سندس پوئواري ڪندڙ صحافي تنظيمون ۽ ٻيا ماڻهو آهن جنهن جي ڪري سندس لاء اهو ممڪن ٿي سگھيو ته ست مهينن کانپوء آزاد ٿي ويو جڏهين ته انهن ماڻهن ۽ ٻين عام قيدين کي اها مراعت حاصل ناهي ۽ اهي داد رسي ۽ شنوائي نه ٿيڻ جي ڪري قيد ۾ ڀوڳيندا رهن ٿا.
ايجنسين پاران پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز جي ان شماري جي اوريجنل ڪاپي کي لائبريرين مان غائب ڪيو وڃي ٿو ۽ عدالت پاران فوٽو ڪاپي يا انٽرنيٽ تي ڪاپي کي قبول نه ٿو ڪيو وڃي. نيٺ سندس دوست اسلام آباد ۾ شيرين مزاري، جيڪا ان قت ان اداري کي هلائي رهي هئي، سان رابطو ڪن ٿا جيڪا کين اوريجنل ڪاپي موڪلي ٿي. پرسرڪار پاران اهو دليل ڏنو ٿو وڃي ته اها معلومات ڀلي شائع ٿيل ڇو نه هجي پر جيئن ته ان جو واسطو قومي سلامتي جي مسئلي سان آهي ان ڪري ملزم کي آزاد نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳي وقت مٿس اهي الزام به لڳايا ويا ته سندس دهلي ۾ پاڪستان جي هائي ڪميشن سان رابطا آهن ۽ انهن هن جي مشرف جي ڀارت جي دوري وقت آگره ۾ هن جي هوٽل جي رهائش وغيره جو خرچ کنيو هو. جڏهين ته هي انهن کي ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن جي نقل و حرڪت متعلق حساس معلومات ڏيندو رهيو آهي.
ايجنسين جي مضبوط هئڻ جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته گھڻن ميمبرن پاران پارليامان ۾ ان مسئلي کي کنيو ويو ۽ افتخار جي آزادي جي گھر ڪئي ويئي پر ان جو ڪو اثر نه ٿيو. جارج فرنانڊيس ان وقت بچاء جو وزير هو. جڏهين ليکڪ جي زال ساڻس ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو ته هن ان جي نهايت مثبت موٽ ڏني ۽ ايستائين ته کين پنهنجي گھر ۾ اچي رهڻ جي آڇ ڪيائيين ته جيئن اهي ڪنهن به قسم جي هراسمنٽ کان محفوظ رهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سندس آزادي ۾ جارج فرنانڊيس جو اهم ڪردار آهي.
ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته ساڻس ٿيل ان وارتا جي ڪري سندس پاڙيسرين جو رويو بلڪل بدلجي ويو هو. نه رڳو پاڙي جي عورتن سندس گھر اچڻ ڇڏي ڏنو هو پر اهي پنهنجن ٻارن کي سندس ٻارن سان کيڏڻ لاء منع ڪندا هئا. ان ڪري سندس زال ۽ ٻار گھڻو وقت گھر ۾ ئي گذاريندا هئا.
جيتوڻيڪ سندس پنهنجي اخبار ڪشميرٽائمز جي انتظاميا ۽ سندس دوست صحافي ساڻس گڏ بيٺل هئا پر مجموعي طورصحافين جو رويو مخاصمانا ۽ عداوت وارو هو ۽ اهي پنهنجي بريڪنگ نيوز ۽ خاص خبر جي چڪر ۾ تصديق ڪرڻ کان سواء گھڻيون ڪوڙيون سچيون خبرون هلائيندا هئا جن مان گھڻن جي پوءِ اخبار جي انتظاميا کي پاڻ کي ترديد ڪرڻي پوندي هئي. انهن خبرن جي ڪري هڪ ته سندس عام ماڻهن ۾ غلط تاثر جڙندو هو ۽ ٻيو ان جي ڪري جيل ۾ مٿس جيل انتظاميا ۽ قيدين جو تشدد وڌي ويندو هو. آزادي کانپوء به گھڻن صحافين ۽ اخبارن جي ان روئي ۾ تبديلي نه آئي ۽ اهي روز سندس متعلق نوان انڪشاف ڪندا هئا ۽ اهو لکندا هئا ته کيس وري جلد ئي گرفتار ڪيو ويندو.
ان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت وڌ ۾ وڌ سزا چوڏنهن سال قيد آهي جنهن جي لاء سرڪار پاران پوري تياري ڪئي ويئي هئي پر صحافي برادري ۽ سندس خاندان وارن جي ڪوششن جي ڪري ائين نه ٿي سگھيو. ٻي ڳاله ته ڪيس پاڻ ڪمزور هو ۽ ان ۾ گھڻا جهول هئا، جنهن جي ڪري گھڻين ڪوششن جي باوجود به سرڪار ان کي اڳتي نه وڌائي سگھي. بهرحال 9 جون 2002 کان 13 جنوري 2003 تائين قيد جو عرصو افتخار گيلاني، سندس خاندان ۽ دوستن لاء نهايت ڏکيو ۽ آزمائش وارو هو.

اڪبر ۽ صلح ڪل جي پاليسي

اڪبر ۽ صلح ڪل جي پاليسي
اڪبر ڪا هندوستان. اهو پورچوگال جي عيسائي فادر مونسيراٽ جو لاطيني ٻولي ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن جو مسودو 1906 ۾ دريافت ٿيو ۽ ان جو انگريزي ۾ ترجمو جي ايس هولينڊ ۽ بئنرجي ڪيو جيڪو 1922 ۾ شائع ٿيو. ان انگريزي ترجمي تان ڊاڪٽر مبارڪ ان جو اڙدو ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڪبر کي لکڻ پڙهڻ نه ايندو هو پر سلطنت جي معاملن کي هلائڻ جي سلسلي ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هندوستان جي حڪمرانن جي حوالي سان کيس اشوڪا سان ڀيٽيو وڃي ٿو جنهن هڪ عظيم سلطنت جو بنياد وڌو هو. اڪبر جي خاص ڳاله سندس دين الاهي يا صلح ڪل جي فلسفي کي متعارف ڪرائڻ هو. شخصي لحاظ کان هو هڪ منفرد حڪمران هو. ڪجھ سياحن کيس فتح پور سيڪري جي ڇت تي لغڙ اڏائيندي ڏٺو هو. هو محل جي ڀر ۾ مختلف شين ٺاهڻ جو جيڪو ڪارخانو هو اتي ڪاريگرن سان گڏ ويهي ڪم ڪندو هو. هڪ ڀيري شڪار ڪندي هو اڪيلو ڪيڏانهن نڪري جانورن جي هڪ واڙي ۾ هليو ويو جتي کيس ننڊ اچي ويئي. واڙي جي مالڪن کيس نه سڃاتو ۽ کيس بند ڪري ڇڏيائون. پوء سندس همراه کيس ڳولهيندا اتي پهتا ۽ کيس آزاد ڪرايائون. هن انهن ماڻهن کي ڪا سزا نه ڏني.
ان وقت مختلف يورپي ملڪن ۽ خاص طور پرتگال هندوستان جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن شهرن جهڙوڪ گجرات ۽ گوا وغيره تي قابض هو. هندوستان جي حڪمرانن جو سمنڊ پاسي ڌيان گھٽ هو. پورچوگيزين جو ڄڻ سمنڊ تي راڄ هو. اهي مختلف واپاري ۽ حاجين جي جهازن وغيره کي يرغمال ڪندا هئا ۽ انهن کان ڀنگ وٺندا هئا. ڪجھ وقت کانپوء اڪبر پاران کانئن گجرات جو قبضو ته واپس ورتو ويو پر گوا سندن قبضي ۾ رهيو.
اڪبر کي مختلف مذهبن ۽ عقيدن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هو. ان مقصد لاء هن فتح پور سيڪري ۾ باقاعدي هڪ عمارت تعمير ڪرائي هئي جتي هر خميس تي خاص اهتمام ڪيو ويندو هو. مختلف مذهبن جا عالم بحث مباحثي لاء گڏ ٿيندا هئا. ان ۾ اسلام، هندومت، ٻڌ مت ۽ جين مت وغيره جا عالم هوندا هئا. عيسائيت متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاء اڪبر گوا جي عيسائين کي عيسائي پادرين کي موڪلڻ لاء لکيو ۽ اتي پنهنجو هڪ وفد پڻ موڪليو. انهن پنهنجا ٽي مشن اڪبر جي دربار ۾ موڪليا جن مان آخري مشن جي وڌيڪ اهميت آهي.
اڪبر جي لاء چيو وڃي ٿو ته هو جين مت جي وڌيڪ ويجھو هو ۽ هن 1582 عيسوي ۾ اهو فرمان جاري ڪيوهو ته ڇهن مهينن تائين سڄي مملڪت ۾ ڪوبه جانورذبح نه ڪيو ويندو، قيدي پکين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ هڪ جين لائبريري قائم ڪئي ويندي. ساڳي ريت بادشاه مجوسين ۽ آتش پرستن کي گھڻي اهميت ڏيندو هو. ان جو اندازو ان ڳاله مان ڪري سگھجي ٿو ته هڪ ملازم کي رات جو ننڊ اچي ويئي ۽ هو باه جي حفاظت نه ڪري سگھيو.ِ باه وسامي ويئي ته بادشاه ان ملازم کي سزا طور قلعي جي فصيل تان هيٺ ڦٽو ڪري ماري ڇڏيو. انهن ٻنهي مذهبن جا استاد سندس دربار ۾ موجود رهندا هئا. ساڳي ريت سندس سک گروئن سان به خوشگوار ناتا هئا.
مختلف مذهبن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو لاڙو اسان کي چنگيز خان ۾ به ملي ٿو. هو جيتوڻيڪ فطرت جي مذهب ۾ يقين رکندڙ هو پر هن مختلف مذهبن جي عالمن کي پنهنجي دربار ۾ گھرائي کانئن سندن مذهبن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. جڏهين ته عيسائي پادرين چنگيز خان کي عيسائي ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ اڪبر لاء به اهي اهو ساڳيو خيال کڻي سندس دربار ۾ آيا هئا.
دربار ۾ انهن پادرين کي گھڻي عزت ڏني ويندي هئي. انهن مان هڪ کي بادشاه پنهنجي پٽ مراد، جنهن کي پهاڙي به چيو ويندو هو، جو استاد به مقرر ڪيو هو. اڪبردربار ۾ عيسائي پادرين سان مختلف مسئلن تي بحث ڪندو هو. هوِ خاص طور تثليث، يسوح جي خدا جي پٽ هئڻ ۽ سندس وري ظهور واري معاملي تي منجھيل هو ۽ ان کي سمجھڻ لاء هو انهن سان بحث ڪندو هو. هو مختلف مذهبن جي عالمن جا پاڻ ۾ بحث به ڪرائيندو هو. اڪبر جي اڻ پڙهيل هئڻ باوجود هڪ ذهين هئڻ جو ڪارڻ اهي بحث مباحثا به هئا. ان توجھ ۽ عزت جي ڪري پادرين کي اهو خيال ٿيو، جيئن انهن چنگيز متعلق به ڪيو هو، ته اڪبر بس عيسائيت قبول ڪرڻ وارو هو ۽ ايستائين ته انهن اها ڳاله پوپ کي به لکي موڪلي. پر ائين نه هو. پادرين اهو سمجھيو ٿي ته اڪبر عيسائيت کي سچو دين ته مڃي ٿو پر هو ان کي رڳو ان ڪري قبول نه ٿو ڪري ته ان جو سندس دربار ۽ عام ماڻهن ۾ سخت ردعمل ٿيندو. پر اڪبر کي رڳو عيسائيت جي مختلف پاسن متعلق هڪ تجسس هو جنهن جي ڪري هو کانئن مختلف سوال ڪندو رهندو هو. ان روئي جي ڪري نيٺ پادرين اهو سمجھي ورتو ته بادشاه عيسائيت قبول نه ڪندو. انهن پوپ کي اهو لکيو ۽ اڪبر کي چيو ته کين واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
ان ڳالهہ ساڳي وقت مسلمان عالمن ۽ ٻي خلق کي به پريشان ڪري ڇڏيو هو ته بادشاه جو لاڙو عيسائيت ڏانهن ٿي ويو هو. اڪبر خلاف سازشون شروع ٿي ويون. اڪبر جو ماٽيلو ڀاء مرزا حڪيم، جنهن کي هن ڪابل جو حڪمران بڻايو هو، ڪجھ درٻارين سان گڏجي ان سازش ۾ شامل ٿي ويو. هو ڪابل مان نڪري لاهور تائين پهتو پر کيس ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي ۽ واپس ڪابل موٽي ويو. اڪبر سندس ان ڳاله کي نظرانداز ڪندو آيو پر اهو رڳو هڪ ڀيرو نه پر ٻه ٽي ڀيرا ٿيو ۽ نيٺ اڪبر کي لشڪر وٺي ڪابل وڃڻو پيو جتي مرزا حڪيم ڀڄي وڃي جبلن ۾ لڪو ۽ اڪبر کيس پنهنجي ڀيڻ جي چوڻ تي معاف ڪيو ۽ سندس ڪابل جي حڪمراني کي برقرار رکيو. اڪبر کي قتل ڪرڻ جون پڻ ڪوششون ڪيون ويون پر ان ۾ به ڪاميابي نه ٿي سگھي.
مذهب کي پنهنجي حڪمراني لاء جواز ڏيڻ ۽ ماڻهن ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ رڳو اڄ جي ڳالهہ ناهي پر اهو پراڻي دور کان ٿيندو آيو آهي. اشوڪا ٻڌ مت جو سهارو ورتو. اهڙي ريت اڪبر مختلف مذهبن کي گڏي هڪ نئون مذهب آڻڻ ٿي چاهيو جيڪو ملڪ جي سڀني ماڻهن جي ضرورتن سان ٺهڪي اچي. ان مذهب کي سندس ڪجھ پوئلڳن پاران دين الاهي جو نالو ڏنو ويو. پر اشوڪا ۽ اڪبر ۾ اهو فرق آهي ته اشوڪا ڪلنگا جي جنگ ۽ قتل عام کانپوء ٻڌ مت جي تعليم ۽ اصولن تي خلوص سان عمل ڪيو هو جڏهين ته اڪبر لاء اهو چيو وڃي ٿو ته هو هڪ چالاڪ حڪمران هو ۽ سندس ڪنهن ڳاله تي اعتبار نه پيو ڪري سگھجي. سندس قول ۽ فعل ۾ وڏو فرق هوندو هو ۽ تيمور جي صحيح جانشين جي حيثيت ۾ ڪنهن به علائقي تي قبضي ڪرڻ ۽ رتو ڇاڻ ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندو هو.
مون کي ياد ٿو پئي ته گھڻو عرصو اڳ ڊاڪٽر مبارڪ جو اڪبر جي حوالي سان ڊان جي Encounter صفحي ۾ هڪ مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ هن اڪبر کي هڪ سيڪيولر حڪمران جي طور پيش ڪيو هو. مون ان تي ڪجھ ڪمينٽ ڏيندي لکيو هو ته اڪبر جڏهين دين الاهي جي نالي سان هڪ نئون مذهب متعارف ڪرائڻ پيو چاهي ته پوء ان کي سيڪيولر ڪيئن چئي سگھجي ٿو. اهي ڪمينٽ به ڊان جي ساڳئي صفحي ۾ شائع ٿيا هئا. ڊاڪٽر مبارڪ ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي جواب ڏنو هو ته دين الاهي جو نالو اڪبر پاران نه ڏنو ويو هو پر اهو سندس دربار جي ڪجھ ماڻهن پاران ڏنو ويو هو. پر هن ڪتاب ۾ اهو لکيل آهي ته اڪبر هڪ نئون مذهب آڻڻ پئي چاهيو ته جيئن پنهنجي حڪمراني کي هڪ جواز ڏيئي سگھي. هاڻي ان کي نالو کڻي ڪهڙو به ڏجي ۽ نه به ڏجي پر اها ڳالهہ ته پنهنجي ليکي هئي ته سندس صلح ڪل واري پاليسي هڪ نئين مذهب متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش هئي.
اڪبر اهڙو حڪمران هو جنهن کي مسلمان ۽ عيسائي عالمن ٻنهي اسلام جي دائري مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻيئي ان ۾ ناڪام رهيا.

البا

البا
جڏهين البا کي اذيت ناڪ تشدد ڏيڻ کانپوء اڃا وڌيڪ سخت سزا ڏيڻ لاء پاڻي جي خالي ٽانڪي، جنهن کي ڊاگ هائوس جو نالو ڏنو ويو هو، ۾ منتقل ڪيو ويو ته هو مايوسي جو شڪار ٿي ويئي هئي. هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ بس مرڻ ٿي چاهيو. ان صورتحال ۾ سندس ناني ڪلارا جو روح گھڻي عرصي کانپوء ظاهر ٿئي ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته مرڻ مسئلي جو حل ناهي ۽ تون جيئڻ سک. ان جي لاء هو کيس چئي ٿو ته تون اهو سڀڪجھ لک جيڪو ڪجھ توسان ٽارچر ڪئمپ ۾ ٿي رهيو آهي. ان جي لاء اهو ضروري ناهي ته تو وٽ پين ۽ پنو به هجي. تون بس پنهنجي ذهن تي اهي سڀ شيون لکندي وڃ جنهن سان تون مصروف رهندين، تو ۾ نئون حوصلو پيدا ٿيندو ۽ تون ٽارچر کي منهن ڏيئي سگھندين. البا اهو طريقو اختيار ڪري ٿي، جنهن سان واقعي منجھس نئون حوصلو ۽ جيئري رهڻ جي امنگ پيدا ٿئي.
House of Spirits by Isabel Allende))



الطاف شيخ

الطاف شيخ

الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر هاڻي هو رڳو ان صنف تائين محدود نه رهيو آهي. مختلف ٻين موضوعن تي سندس مضمون ۽ ڪتاب وغيره لاڳيتو ايندا رهيا آهن. هو سنڌي جو اهڙو ليکڪ آهي جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجي جهازي سرگرمين کان فارغ ٿيڻ کانپوء مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ ليڪچر وغيره ڏيڻ جو ڪم به ڪندو آهي پر سندس ڪتابن ۽ مختلف سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ مضمونن کي ڏسندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته لکڻ ئي سندس ڪم آهي ۽ هو هڪ ڪل وقتي ليکڪ آهي. سندس ڪتابن جي تعداد جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي. هو سنڌي جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جا ڪتاب گھڻو وڪامن ٿا ۽ گھڻو پڙهيو وڃي ٿو. مون کي اها خبر آهي ته ان جي باوجود ڪنهن پبلشر کان معاوضي جي گھر ڪرڻ ته پري جي ڳالهہ هو پاڻ پنهنجا ڪتاب خريد ڪري وٺندو آهي. ذاتي طور قربائتو ماڻهو، پنهنجي وڏي ماڻهو۽ وڏي ليکڪ ٿيڻ جو احساس ڪنهن کي ٿيڻ نه ڏيندو. ڪئميرا گھڻو ڪري ساڻس گڏ هونڌو آهي ۽ هو مختلف شين، واقعن ۽ ماڻهن کي ان ۾ ريڪارڊ ڪندو ويندو آهي. مون تازو سندس جپان متعلق هڪ ناول مس سدا بهار چنبيلي جو ڪيل ترجمو پڙهيو. ڪتاب ۽ ترجمي جون خوبيون ۽ خاميون پنهنجي جاء تي پر مون کي اها حيرت ٿي ته هو ان حوالي سان ڪيترو محتاط ۽ ذميوار آهي. اسان جي ملڪ ۾ مختلف ٻولين ۾ جيڪي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪتاب وغيره ترجمو ٿين ٿا، انهن ۾ ڪاپي رائيٽ ۽ ليکڪ وغيره کان اجازت وٺڻ جو تصور ئي ڪونهي. پر الظاف ان ناول کي ترجمي ڪرڻ کان اڳ اها پڪ ڪئي ته ان جو ليکڪ حيات آهي ۽ پوء ان کي اجازت لاء خط لکيائين. گھڻي وقت تائين جواب نه ملڻ جي باوجود هن ان تي ڪم شروع نه ڪيو ۽ رڳو ان وقت ئي پنهنجو ڪم شروع ڪيائين جڏهين کيس اهو اجازت نامو مليو.
آئون سمجھان ٿو ته الظاف سنڌي ليکڪن لاء هڪ مثال آهي جنهن ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪنهن غرض ۽ ڪنهن شهرت، مشهوري ۽ پئسي ڏوڪڙ جي تمنا کانسواء ڪئي آهي. سندس ڪم بس رڳو لکڻ آهي ۽ اها ئي سندس سڃاڻپ آهي.

بي آر امبيدڪر

بي آر امبيدڪر


بي آر امبيدڪر آزادي جي اڳواڻن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. آزادي کانپوء آزاد ملڪ جي آئين ٺاهڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. سندس خاص ڳالهہ اها هئي تہ هن ڀارت ۾ اڇوتن سان امتيازي ورتاء خلاف سخت جدوجهد ڪئي. سندس پنهنجو اڇوتن جي مهر ذات سان واسطو هو. ان ورتاء خلاف احتجاج ڪندي هن هندو مذهب کي ترڪ ڪري پنهنجن گھڻن ساٿين سان ٻڌ مذهب اختيار ڪيو.
علمي سطح تي هن هندو مذهب ۾ ذات پات جي مسئلي کي سمجھڻ لاء گھڻو ڪم ڪيو. ان حوالي سان سندس ڪتاب The Untouchables: Who were They and Why They Became Untouchables هڪ اهم ڪم سمجھيو وڃي ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته ناپاڪ ۽ گندن ماڻهن ۽ انهن کي سماج کان ڌارڪري رکڻ جو تصور رڳو هندن تائين محدود ناهي پر اهو مختلف سماجن ۾ رهيو آهي. مثال طور ماهواري يا ويم دوران عورت کي ڌار ڪيو ويندو هو. ساڳي ريت موت جي صورت ۾ ان فرد جي ويجھن مائٽن ۽ انهن ماڻهن جيڪي ان ميت جي ويجھو ويا انهن سان تعلق ختم ڪيو ويندو هو. پر اهو سڀڪجھ مستقل نه پر هڪ خاص وقت لاء هوندو هو جڏهين ته هندن ۾ ماڻهن جي ڪنهن گروه کي جيڪڏهين ناپاڪ ۽ آلودو قرار ڏنو ويندو آهي ته اها ڪيفيت مستقل هوندي آهي ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندي آهي.
اهي ماڻهو ڳوٺن کان ٻاهر ڇو رهندا آهن. ان سوال جو جائزو وٺندي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته قبائلي نظام ۾ مختلف قبيلن وچ ۾ جنگون ۽ جھيڙا هڪ عام ڳاله هوندي هئي. ڳوٺ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن جو واسطو هڪ ته هارايل قبيلن جي ماڻهن سان هوندو هو ۽ ٻيا اهي ماڻهو هوندا هئا جيڪي پنهنجن قبيلن کان ٽٽي ۽ ڌار ٿي اتي پهچندا هئا. انهن ماڻهن کان هڪ ته زراعت جي ڪم ۾ مدد ورتي ويندي هئي ۽ ٻيو اهي هيٺين سطح جا اهي ڪم ڪندا هئا جيڪي ان ڳوٺ جا ماڻهو نه ڪندا هئا. اهي ماڻهو ڏينهن ۾ ته ڳوٺ ۾ رهي سگھيا ٿي جڏهين ته رات ۾ کين ڳوٺ کان ٻاهر پنهنجن گھرن ڏانهن وڃڻو هوندو هو. ليکڪ پنهنجي ذات مهر جي ماڻهن، جن جي گھڻي آبادي مهاراشٽر ۾ رهي ٿي، جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته انهن کي هڪ ته کاڌو ڳوٺ وارا ڏيندا آهن، ٻيو انهن کي پنهنجي پوک مان حصو ڏيندا آهن ۽ ٽيون ته جيڪو جانور مري ويندو آهي اهو انهن کي ڏيندا آهن. انهن جو ٻيو ڪم ٻاهرين حملي آورن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي حفاظت ڪرڻ هوندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهڙا مثال ٻين ملڪن جهڙوڪ ويلش ۽ آئرلينڊ جا به ملن ٿا جتي قبيلن کان ٻاهر جا ماڻهو ڳوٺ کان ٻاهر رهندا هئا پر وقت سان گڏوگڏ اهو سلسلو اتي ختم ٿي ويو پر ڀارت ۾ ائين نه ٿي سگھيو.
سماجيات جي ماهرن ان مسئلي کي گھڻي اهميت نه ڏني آهي ۽ ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو آهي. اها کوجنا نه ڪئي ويئي آهي ته اهي ڪهڙي نسل جا ماڻهو آهن. ليکڪ جو چوڻ اهي ته اهي ماڻهو دراوڙ ناهن جن کي آريائن اچي غلام بڻايو هو پر اهي اهڙا ماڻهو ٿي سگھن ٿا جن کي دراوڙن غلام بڻايو هو. آريا پاڻ هڪ نسل، ٻولي، مذهب يا قبيلي جا ماڻهو نه هئا بلڪ اهي پاڻ مختلف حصن ۾ ورهاايل هئا.
ليکڪ ڀارت جي مختلف علائقن جي مختلف ذاتين جي هندن جي جسماني جزن جي سائنسي تحقيق جي بنياد تي اها ڳالهہ ڪري ٿو ته يوپي جي برهمڻ ۽ پنجاب جي گھٽ ذات سان واسطو رکندڙ مليڇ جي جسماني ساخت ۾ گھڻي هڪجهڙائي آهي ۽ منجھن ڪو گھڻو فرق ناهي. ان بنياد تي هو چئي ٿو جيڪڏهين ائين چئجي برهمڻ آريا نسل جا آهن ته پوء اچوتن جي به ساڳي نسل آهي ۽ جيڪڏهين چئجي ته اڇوتن جو واسطو دراوڙ نسل سان آهي ته پوء برهمڻ به ساڳي نسل جا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته دراوڙ لفظ سنسڪرت جو آهي جڏهين ته انهن لاء اصل لفظ تامل آهي. ٻي ڳاله ته دراوڙ بجائي نسل جي ٻولي لاء استعمال ٿيندو هو جيڪا ڪنهن وقت ۾ اتر ڏکڻ مطلب ته سڄي هندوستان ۾ ڳالهائي ويندي هئي. آريائن جي هندوستان ۾ اچڻ ۽ انهن سان تعلق جي ڪري اتر هندوستان وارن ته پنهنجي ٻولي ڇڏي ڏني جڏهين ته ڏکڻ وارن ان کي برقرار رکيو.
ذات پات جي ان فرق جي باوجود انهن سڀني کي هندو ئي ليکيو ويندو هو. 1910 ۾ هندوستان جي آدم شماري ۾ ان فرق کي واضح ڪيو ويو. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته مسلم ليگ جي سر آغا خان انگريز سرڪار کي سرڪاري ادارن ۾ مسلمانن جي حصي وڌائڻ لاء درخواست ڪئي هئي ۽ گڏوگڏ اهو به چيو هو ته هندن کي جيڪو هڪ اڪائي ڪري ورتو وڃي ٿو ائين ناهي بلڪ اهي پنهنجن عقيدن ۽ رسم و رواج وغيره جي لحاظ کان مختلف فرقن ۽ حصن ۾ ورهايل آهن. خاص طور اڇوت جيڪي ڳئون جي گوشت کائڻ، پنهنجن مذهبي معاملن ۾ برهمڻ کي شامل نه ڪرڻ ۽ اوچي ذات وارن جي مندر ۾ نه وڃڻ جي ڪري انهن کان بلڪل الڳ ٿلڳ آهن.
ليکڪ ٻڌائي ٿو ته جتي هڪ پاسي اوچي ذات وارا هندو اڇوتن کي ناپاڪ ۽ آلودو سمجھن ٿا ۽ کين پنهنجن علائقن ۾ اچڻ نه ٿا ڏين اتي اڇوت به برهمڻن ۽ ٻين اوچي ذات وارن جي پنهنجن علائقن ۾ اچڻ کي پسند نه ٿا ڪن. ائين به ٿيو آهي ته جيڪڏهين ڪو برهمڻ اڇوتن جي گھٽي مان لنگھيو ته سڀ ڄڻا پنهنجن گھرن مان نڪري ايندا ۽ ان کي ايتري مار ڪڍندا جو هو مرڻينگ ٿي ويندو يا ماڳيئي مري ويندو. اهي برهمڻن جي پنهنجي علائقي ۾ اچڻ کي بدقسمتي جي علامت ڪري سمجھن ٿا. ساڳي ريت جيڪڏهين ٻي ڪنهن اوچي ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهو به سندن گھر ايندو ته ان کي پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا ۽ در تان ئي موٽائي ڇڏيندا.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهين اهي ساڳي نسل جا ماڻهو آهن ته پوء انهن سان اهو فرق ڇو روا رکيو ويو آهي. کين ڳوٺ کان ٻاهر ڇو رهايو ويو ۽ سماجي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت ڏني ويئي. ان جو هڪ مک ڪارڻ ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته انهن ماڻهن جو تعلق ٻڌ مذهب سان هو جنهن کي برهمڻ سخت ناپسند ڪندا هئا ۽ ان جي مخالفت ڪندا هئا. ٻيو اهم ڪارڻ اهو آهي ته اهي ماڻهو ڳئون جو گوشت کائيندا آهن. ان حوالي سان هندن ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪ ته اهي آهن جيڪي ماڳيئي ڪنهن به قسم جو گوشت، پوء ڀلي اهو ڪهڙي به جانور جو هجي، نه ٿا کائين ۽ رڳو ڀاڄيون کائين ٿا. جڏهين ته ٻيا اهي آهن جيڪي ڳئون جي گوشت کانسواء ٻين جانورن جو گوشت کائين ٿا. ٽيون قسم انهن مانهن جو آهي جيڪي ڳئون جو گوشت به کائين ٿا. پهرين ٻن قسمن جي ماڻهن سان ته هندن ۽ خاص طور برهمڻن جو ڪو عناد ناهي جڏهين ته انهن جو اصل مسئلو ٽئين قسم جي ماڻهن سان آهي جيڪي ڳئون جو گوشت کائين ٿا. هتي ليکڪ اهو سوال اٿاري ٿو ته ڇا اهو هميشه ائين هو ۽ هندو ڳئون جو گوشت نه واپرائيندا هئا.
ليکڪ ان جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي ۽ تاريخي ۽ مّذهبي لحاظ کان ان ڳاله کي ثابت ڪيو آهي ته هميشه کان ائين نه هو ۽ ڳئون ۽ ڍڳي جي گوشت کي هڪ خاص ڊش طور استعمال ڪيو ويندو هو. ان کيِ خاص موقعن تي معزز مهمانن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو هو. ويدن ۾ ڪجھ جاين تي کير ڏيندڙ ڳئون کي ڪهڻ کان منع ڪيل آهي جنهن کي پوء هڪ عام اصول طور اختيار ڪيو ويو.جڏهين ته ٻڌ ڳئون جو گوشت استعمال ڪندا آهن.
ليکڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اڇوت دراصل ٻڌ اهن. هندن ۽ خاص طور برهمڻن جي انهن سان تضاد جي ڪري انهن کي زير ڪرڻ کان پوء انهن کي سڀ کان هيٺئين درجي ۾ اڇوتن جي حيثيت ڏني ويئي.
امبيدڪر جي سچي سياسي ۽ علمي زندگي ڀارت ۾ اڇوتن سان امتيازي ورتاء ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي گذري. ان ڪري ڀارت جي آئين ٺاهڻ جو ڪم کيس ڏنو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو ورتاء مڪمل طور تي اڃا ختم نه ٿي سگھيو آهي پر هن وقت اڇوتن کي ڀارت ۾ جيڪي آئيني ۽ سياسي حق حاصل آهن ان ۾ امبيدڪر جي جدوجهد جو وڏو حصو آهي.

انارڪي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني

انارڪي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني

ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ظهور تاريخ جو هڪ انوکو واقعو آهي. 1600 عيسوي ۾ لنڊن جي هڪ عمارت ۾ ڪجھ واپارين پاران ايسٽ انڊيز ۾ مصالحن جي واپار لاء ٺاهيل ڪمپني پنهنجي قيام کان اٽڪل اڍائي سو سالن جي عرصي ۾ هندوستان جهڙي هڪ وڏي ملڪ جي حاڪم بڻجي ويئي. هن وقت دنيا ۾ گھڻ قومي ڪمپنيون پنهنجي نفعي لاء مختلف ملڪن جي حڪومتن تي دٻاء وجھي پنهنجي مرضي جا قانون وغيرہ ٺهرائين ٿيون ۽ ٽئڪسن وغيرہ ۾ رعايتون حاصل ڪن ٿيون پر ڪنهن ملڪ تي سندن سڌي حڪومت ڪڏهين بہ قائم ناهي ٿي سگھي.
انگريز ليکڪWilliam Dalrymple جو هندوستان جي تاريخ جي مختلف پاسن تي گھڻو ڪم ٿيل آهي. سندس تازو ڪتاب The Anarchy-The Relentless Rise of the East India Company هڪ لحاظ کان ڪمپني جي تاريخ سان گڏ مغل سلطنت جي وکرجڻ جي ڪري پيدا ٿيل خال جنهن مان ڪمپني فائدو ورتو تي پڻ روشني وجھي ٿو.
نئين نوآبادياتي نظام جي قائم ڪرڻ ۾ ڪمپني جي جيتوڻيڪ ٻين يورپي ملڪن اسپين، هالينڊ ۽ پورچوگال وغيرہ سان چٽاڀيٽي هئي پر ان جو اصل مقابلو فرانس سان هو، جيڪو هندوستان ۾ دهلي جي حصول تائين جاري رهيو. هندوستان ۾ ڪمپني جي مخالفن جهڙوڪ سراج الدولا، ٽيپوسلطان، حيدرآباد دکن جي نواب ۽ مرهٽن ڪمپني کي منهن ڏيڻ لاء فرانس جي تيڪنيڪي ۽ هٿيارن جي مدد حاصل ڪئي هئي. ٽيپو جي فوج ۾ فرانس جي انقلاب سان لاڳاپيل ريپبليڪن انقلابين جو هڪ دستو هو، جن کي پنهنجا ڏينهن ملهائڻ ۽ پنهنجي جھنڊي لڳائڻ جي اجازت هئي. ٽيپو نيپولين بوناپارٽ کي ڪمپني خلاف مدد لاء لکيو هو جنهن جي جواب ۾ هن لکيو هو تہ مصر مان فارغ ٿي هو هندوستان جو رخ ڪندو ۽ پوء انهن واپارين جي خبر وٺنداسين. پر ٿيو ائين تہ مصر ۾ انگريزن نيپولين جا ڪيئي سامونڊي جهاز ٻوڙي ڇڏيا جنهن جي ڪري سندس هندوستان وڃڻ جو خواب پورو نہ ٿي سگھيو.
گھڻا اهڙا موقعا آيا جڏهين ڪمپني هندوستان مان نڪرڻ جي مرحلي ۾ اچي پهتي هئي.
جيتوڻيڪ پلاسي جي جنگ ۾ فتح ڪمپني کي بنگال ۾ هڪ مٿڀرائپ ڏني هئي پر اها فيصلي ڪن نہ هئي. ٿوري عرصي ۾ مير جعفرکي هٽائي سندس ناٺي مير قاسم کي بنگال جو نواب بڻايو ويو. پر هو بہ ڪمپني جي وڌنڌڙ گھرجن ۽ پنهنجن ماڻهن جي شڪايتن کي منهن نہ ڏيئي سگھيو ۽ نيٺ ٽئڪسن وغيره جي معاملي تي ڪمپني جي آڏو اچي بيٺو. ڪمپني خلاف اووڌ جي نواب شجاع الدولا، دهلي مان ڀڳل مغل بادشاه شاه عالم ۽ مير قاسم هڪ گڏيل محاذ ٺاهيو. ان ۾ خاص طور شجاع الدولا جو اهم ڪردار هو. انهن مختلف محاذن تي ڪمپني سان سخت مقابلو ڪيو. ٻنهي فريقن ۾ فرق تنظيم، نظم وضبط ۽ جديد هٿيارن جو هو. ان معاملي ۾ ڪمپني کي سپاهين جي گھٽ تعداد هئڻ جي باوجود سبقت حاصل هئي. گھڻن موقعن تي سامهون نظر ايندڙ سوڀ کي هندوستاني فوجن وڃائي ڇڏيو. بڪسر جي جاء تي ٿيل جنگ متعلق چيو وڃي ٿو ته اها ڪمپني جي هندوستان ۽ خاص طور بنگال ۾ پير ڄمائڻ جي لحاظ کان پلاسي جي جنگ کان بہ وڌيڪ اهم هئي. سوڀ جي ويجھو هوندي بہ ان جنگ ۾ اتحادين کي شڪست آئي. ان جنگ ۾ شڪست ڄڻ انهن ٽنهي اتحادين کي ڪمپني جو محتاج بڻائي ڇڏيو. ڪمپني هڪ ڀيرو وري مير قاسم جي جاء تي مير جعفر کي بنگال جي نواب جي ڪرسي تي ويهاريو ۽ مير قاسم ڄڻ دربدر ٿي ويو.
ڪمپني کي منهن ڏيڻ ۾ ٽيپو سلطان ۽ سندس پيءَ حيدر علي جو اهم ڪردار هو. حيدرعلي، ان جي باوجود تہ سندس مرهٽن سان اختلاف هئا ۽ سندن وچ ۾ جنگون بہ ٿينديون هيون پر هو ان خيال جو هو ته ڪمپني کي هندوستان مان رڳو هندوستان جي ماڻهن جي اتحاد وسيلي ئي ڪڍي سگھجي ٿو. ان ڳالهہ کي مرهٽن ۽ ٻين به سمجھيو ٿي. ان اتحاد جا نتيجا کين فوري طور مليا. ڪمپني کي گھڻن محاذن تي شڪست ملي. حيدرعلي وفات مهل پنهنجي پٽ ٽيپو کي بہ اها ئي وصيعت ڪئي هئي ته هندوستان جي ماڻهن جي اتحاد سان ئي ڪمپني کي شڪست ڏيئي سگھجي ٿي. ٽيپو هڪ بهادر حڪمران سان گڏ هڪ سٺو منتظم به هو. هن پنهنجي ملڪ کي جديد ٺاهڻ لاء گھڻا سڌارا متعارف ڪرايا هئا. سندس شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سو سالن جي زندگي کان بهتر آهي وارو قول ته سڄي جڳ ۾ مشهور آهي. ليکڪ لکي ٿو ته جڏهين ڪمپني جون فوجون صفا سندس سر تي اچي بيٺيون ته ساڻس گڏ وڙهندڙ هڪ ساٿي کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي صلاح ڏني ته هن کيس ڇنڀيندي چيو ته ماٺ ڪر، تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي ڇا. پر سندس هڪ وڏي غلطي جيڪا سندس شڪست جو باعث ٿي اها هي ته هن پنهنجي پي جي صلاح تي عمل نه ڪيو ۽ حيدرآباد جي نواب ۽ مرهٽن سان پنهنجي اتحاد کي ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هن ان وقت جڏهين جنگ مٿان اچي بيٺي هئي، وري ان اتحاد کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تيستائين گھڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ انهن ٻنهي ٽيپو خلاف انگريزن سان اتحاد ڪري ڇڏيو هو.
ٽيپو جي شڪست جيتوڻيڪ ڪمپني جي گھڻين ڏکيائين کي حل ڪري ڇڏيو هو پر هندوستان تي مڪمل راڄ قائم ڪرڻ ۾ اڃا گھڻيون رڪاوٽون هيون. مغل بادشاه شاه عالم ٻيون بس نالي ماتر هو. عظيم مغل سلطنت جو اندازو ان چوڻي مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت چيو ويندو هو ته شاه عالم جي سلطنت دهلي کان پالم، جيڪو دهلي جي پسگردائي جو علائقو هو، يعني ڏه ڪلوميٽر مس آهي. پر ان جي باوجود شاه عالم کي هڪ قانوني ۽ اخلاقي حيثيت حاصل هئي ۽ انگريز يا مرهٽا جن به هبدوستان تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن کي ان لاء بادشاه جي منظوري گھربل هئي. شاه عالم مغل امير عمادالملڪ، جنهن کيس قيد ڪرڻ يا مارائڻ چاهيو ٿي، کان ڀڄي ڪمپني سان ٺاه ڪيوهو ۽ پوء اووڌ جي نواب شجاع الدولا وٽ پناه حاصل ڪندي شجاج الدولا ۽ بنگال جي نواب مير قاسم سان گڏجي ڪمپني سان بڪسر جي جنگ ۾ شامل ٿيو هو جنهن ۾ انهن کي شڪست آئي هئي. ڪجھ عرصي کانپوء شاه عالم دهلي ڏانهن اسهي ٿو جتي روهيلن جي حڪومت هئي . ان وقت شاه عالم سان گڏ جنرل نجف خان هو جنهن فوج جي نئين سر تنظيم ڪري ۽ روهيلن کي شڪسٽ ڏيئي ۽ گھڻا علائقا شاه عالم لاء فتح ڪيا. نجف خان جي جواني ۾ ئي وفات کانپوء شاه عالم لاء صورتحال ساڳي ٿي ويئي. روهيلا سردار جو پٽ غلام قادرجنهن کي شاه عالم پنهنجي پٽ وانگر پاليو نپايو هو، شاه عالم جي سڄي خاندان تي ظلم ڪندي شاه عالم کي انڌو ڪري ڇڏي ٿو ۽ آخر ۾ پاڻ مرهٽن هٿان مارجي وڃي ٿو. شاه عالم ۽ سندس خاندان مرهٽن جي حفاظت ۽ سندن ڏنل وظيفي تي زندگي گذاري ٿو. مرهٽن جي اندروني اختلافن ۽ سندن مختلف گروهن پاران ڪمپني جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کين ڪمزور ڪري سندن طاقت کي گھٽائي ڇڏيو هو ۽ هڪ لحاظ کان انگريز جي دهلي ۽ بادشاه تائين پهچ کي سولو بڻائي ڇڏيو هو. آخري نتيجي ۾ مغل بادشاه هڪ خاص وظيفي جي عيوض ڪمپني جي سرپرستي قبول ڪئي ۽ پاڻ کي انگلينڊ جي ملڪه وڪٽوريا جي رعيت هئڻ جو اقرار ڪيائين. اهڙي ريت ڪمپني کي سڄي هندوستان تي حڪومت ڪرڻ جو ڄڻ قانوني ۽ اخلاقي جواز حاصل ٿي ويو.
ڪمپني جي هندوستان ۾ پير ڄمائڻ جي ان تاريخ تي نظر وڌي وڃي تہ اها ڳالهہ واضح طور نظر ايندي تہ ان جي ڪاميابي جو بنيادي ڪارڻ ڪمپني پاران هندوستان ۾ ڦهليل انارڪي ۽ مختلف رياستن جي اختلافن کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ هو. 1857 جي آزادي جي جنگ ۾ ۽ ان کانپوء هزارين هندوستانين کي ڪٺو ويو. نيٺ 1858 ۾ انگلينڊ جي حڪومت ڪمپني جي حڪمراني کي ختم ڪري هندوستان کي ملڪه جي راڄ جو حصو بڻائي ڇڏيو.

انسان جو سفر

انسان جو سفر

جيئن ٻين جانورن جا مختلف قسم آهن ائينYuval Noah Harari پنهنجي ڪتاب Sapiens: A Brief History of Humankind – ۾ ڄاڻائي ٿو ته هڪ لک سال اڳ ڌرتي تي ڇھہ قسم جا انسان موجود هئا جيڪي مختلف علائقن جهڙوڪ آفريڪا، يورپ ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وغيره تي رهندا هئا. ستر هزار سال اڳ تائين انهن جي هڪ قسمSapiens، جن کي ليکڪ موجوده انسان جي پرکن طور پيش ڪري ٿو، اوڀر آفريڪا جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ غير اهم جانور طور پنهنجي زندگي گذاريندو هو. اتان پوء هو ٻين علائقن ۾ آيو ۽ اتي اڳ جيڪي ٻين قسمن جا انسان رهندا هئا انهن کي ختم ڪري پاڻ هڪ اڪيلي انسان طور باقي رهيو آهي. اهو جسماني طور ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪمزور جيو هو جيڪو انهن جو مقابلو نه ڪري سگھندو هو ۽ بين جانورن جي شڪار ڪيل جانورن ۾ بچيل هڏن تي گذارو ڪندو هو. شروع ۾ هن جيڪي پٿر جا اوزار ٺاهيا انهن جو اهم مقصد ئي ٻين جانورن جي ڇڏيل هڏن مان رهيل کهيل ماس حاصل ڪرڻ هونڌو هو. هٿن جي آزاد ٿيڻ سندس لاء هڪ سهولت پيدا ڪري ڇڏي. ان سان سان ڄڻ کيس وڻن جي ميون وغيره تائين پهچ حاصل ٿي ويئي. ساڳي وقت اتفاق سان کيس پٿرن جي رڳڙڻ سان باه ٻارڻ جو جيڪو هنر هٿ اچي ويو ان سندس لاء گھڻي سهولت پيدا ڪري ڇڏي. اڳ کيس ڪچو گوشت وغيره چٻاڙي کائڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا جڏهين ته هاڻي هو ان کي باه تي پچائي ڪجھ دير ۾ کائي هضم ڪري سگھيو ٿي ۽ باقي وقت ٻين سرگرمين ۾ لڳائي سگھيو ٿي.
انسان جي رابطي جي صلاحيت Cognitive Revolution ۽ خاص طور ٻولي ان جي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ ۽ دشمن تي حاوي ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هونئن ڳالهائڻ ۽ رابطي جي صلاحيت ته ٻين جانورن ۽ خاص طور باندرن ۾ به آهي ۽ اهي به هڪٻئي کي عقاب ۽ شينهن جي اچڻ جي خطرن کان آگاه ڪري سگھن ٿا پر منجھن اها صلاحيت محدود آهي جڏهين ته انسان ۾ اها گھڻي آهي. هو رڳو ڪم جي ڳاله نه ٿو ڪري پر ساڳي وقت گھڻيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ۽ گھڻا قصا ڪهاڻيون پڻ گھڙي ۽ ٻڌائي سگھي ٿو. شروعاتي مذهب ۽ عقيدن جو بنياد اهي قصا ۽ ڪهاڻيون ئي هيون. جيڪڏهين اها صلاحيت نه هجي ها ته انسان رڳو پنهنجي اوسي پاسي ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪجھ ڄڻن کي ئي گڏ ڪري سگھي ها ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻين علائقن تائين ڦهلائي هڪ حاوي حيثيت ۾ نه آئي سگھي ها. انهن قصن ڪهاڻين مان ئي شورعاتي مذهب جي تخليق ٿي ۽ هن مقامي طور فطرت جي شين جهڙوڪ وڻ ٽڻ، جبل، چنڊ، ستارن ۽ سج کي پوڄڻ شروع ڪيو جن تائين پهچ لاء پروهتن ۽ مذهبي پيشوائن وغيره جو طبقو پيدا ٿيو.
انسان اٽڪل پنجيتاليه هزار سال اڳ ڪنهن ريت ٻيڙي وعيره ٺاهي سمنڊ پار ڪري آسٽريليا جي کنڊ ۾ پهچي ويو. هڪ ڪمزور جيو، انسان، جڏهين ڪجھ صلاحيتن ملڻ سان هڪ طاقتور حيثيت ۾ اچي ويو ته ڄڻ سڄي ڌرتي ۽ ان جي ٻي جيوت لاء هڪ آزار بڻجي ويو. آسٽريليا ۾ پهچڻ سان ئي هن اتان جي جانورن کي قتل ڪرڻ ۽ ٻوٽن کي تباه ڪرڻ شروع ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جنسون ماڳيئي ختم ٿي ويون. گھڻا ماهر ان کي موسم ۽ ماحول جي تبديلي جو نتيجو قرار ڏين ٿا پر ليکڪ ان کي دليلن سان ٿابت ڪيو آهي ته ماحول کان وڌيڪ ان ۾ انسان جي پنهنجين عادتن ۽ افعالن جو وڏو ڪردارهو. ساڳي ريت انسان جي آمريڪا پهچڻ متعلق هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ائٽلانٽڪ ۽ پئسيفڪ سمنڊ گھڻا اونها نه هونڌا هئا ۽ انسان پنڌ انهن مان لنگھي سگھندو هو. هن ان مقصد لاء ٿڌ کان بچڻ جو بندوبست ڪندي سائيبيريا جي واٽ ورتي ۽ ان ريت الاسڪا پهتو. هتي به اڳ موجود ٻوٽن ۽ جانورن سان سندس ساڳيو ورتاء هو جيڪو ٻين علائقن ۾ رهيو هو ۽ گھڻي جيوت کي هن ٿوري ئي عرصي ۾ ناس ڪري ڇڏيو.
انسان هزارين سالن تائين شڪار ۽ جھنگلي ٻوٽن ۽ ميون تي گذارو ڪندو رهيو. اتفاق سان کيس اناج جو داڻو هٿ اچي ويو جيڪو سندس لاء زراعت جي هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيو. ان سان سندس زندگي جي سڄي طريقه ڪار ۾ تبديلي اچي ويئي. هو جنهن جي لاء سڄي ڌرتي پنهنجو گھر هوندي هئي ۽ ڪيڏي مهل ۽ ڪٿي به هو وڃي رهي سگھيو ٿي. هاڻي هڪ خاص علائقي تائين محدود ٿي ويو. اڳ وٽس پنهنجي لاء وقت هوندو هو جڏهين ته هاڻي کيس ڪم کان فرصت نه هئي ۽ جسماني طور هو ڪمزور ۽ بيمار ٿي ويو هو. اهڙي ئي ريت سندس خوراڪ پڻ جيڪا مختلف ٻوٽن، ميون ۽ مختلف جانورن جي گوشت تي ٻڌل ۽ غذائيت سان ڀرپور هونڌي هئي اها هاڻي محدود ۽ گھٽ غذائيت واري ٿي ويئي هئي. ساڳي وقت هن پنهنجين ٻنين لاء جھنگلن کي ناس ڪرڻ شروع ڪيو. اڳ ڪنهن وڻ کي وڍڻ کان اڳ اهو سوچبو هو ته متان ان ۾ ڪا روح ۽ آتما نه هجي جيڪا ناراض ٿي وڃي پر هاڻي اهو وهم به ختم ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ انسان جي زندگي ۾ بي يقيني اڳ به هئي ۽ کيس شڪار نه ملڻ ۽ ڪنهن جانور جو کاڄ ٿي وڃڻ جو ڊپ هميشه رهندو هو پر هاڻي اها اڃا وڌي ويئي هئي. قدرتي آفتن کانسواء ان ڳاله جو به خيال ڪرڻو پوندو هو ته هڪ ته ٻيا جانور حملو نه ڪن ۽ ٻيو اوسي پاسي ماڻهن جا ٻيا گروه ڪاه ڪري اهو اناج وغيره ڦري نه وڃن جيڪو ايندڙ سال ۽ ڪنهن اوکي ويل لاء ذخيرو ڪري رکيو ويو هجي.
بهرحال هن دو ر۾ انسان هڪ جاء تي سانتيڪو ٿي ويٺو. گروه جو تعداد وڌنڌو ويو ۽ ساڳي وقت مذهب جو دائرو به وڌنڌو ويو. وقت سان گڏوگڏ ٽي اهڙا عنصر پيدا ٿيا جن انسان کي وسيع پئماني تي گڏ ٿيڻ جو بنياد فراهم ڪيو. ان ۾ هڪ پئسو هو. هڪ ڊگھي تجربي ۽ وقت کانپوء انسان جڏهين ڏٺو ته شين جي ڏي وٺ جي نظام ۾ ڏکيائيون آهن ۽ اهو گھڻو ڪارگر ناهي ته پوء هن سون، چاندي ۽ ٻين ڌاتن جا سڪا ٺاهيا. اهڙو سڪو سڀ کان اڳ سمير ۾ رائج ڪيو ويو. انهن سڪن تي وقت جي حاڪم جي مهر هونڌي هئي. ان قانوني حيثيت کانسواء ماڻهو ان کي ڏي وٺ جي ذريعي طور قبول ڪندا هئا ۽ انهن جو ان تي اعتبار هونڌو هو. ڏٺو وڃي ته اها ساڳي صورتحال اڄ ڪاغذ جي نوٽن جي آهي. اهو سڪو ڪنهن مذهب ۽ ملڪ جي فرق کانسواء هر ماڻهو قبول ڪندو هو جنهن سان واپار کي به ترقي ملي ۽ ساڳي وقت ماڻهو به هڪٻئي جي ويجھو ٿيا. اهڙي ريت هر قبيلي ۽ گروه جو الڳ ديوتا هونڌو هو.اسلام ۽ عيسائيت وغيره جي هڪ خدا جي نظرئي وارن مذهبن جي اچڻ جي ڪري مختلف علائقن ۽ ٻولين وغيره جي ماڻهن جو ويجھو اچڻ ممڪن ٿي ويو. مختلف سلطنتن جي قيام پڻ ماڻهن جي مختلف گروهن کي ويجھو آڻڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪجھ صدين اڳ تائين يورپ جو عالمي معاملن ۾ ڪو اهم ڪردار نه هو. ايشيا جون مختلف سلطنتون جهڙوڪ خلافت عثمانيا ۽ مغل سلطنت وغيره ئي اهم ڄاتيون وينديون هيون. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي دريافت ۽ هندوستان ۽ ٻي دنيا ڏانهن بحري ٻيڙن جو موڪلڻ هڪ اهم قدم هو. جڏهين خبر پيئي ته انهن ملڪن ۾ سون، چاندي ۽ خزانن جا ڍير آهن ته يورپ جا ننڍا وڏا ملڪ ۽ انهن جا ماڻهو اوڏانهن ڪاهي پيا. انهن مهمن جي هڪ ڳاله ته اها هئي ته انهن لاء سيڙپ حڪومت پاران گهٽ ڪئي ويندي هئي پر ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان مختلف ملڪن ۾ ڪمپنيون ٺهنديون هيون جيڪي جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنين طور اسٽاڪ ايڪسچينجن ۾ رجسٽر ٿينديون هيون ۽ ماڻهو انهن جا شيئر خريد ڪندا هئا. جيڪي بحري جهاز انهن مهمن لاء روانا ٿيندا هئا اهي هٿيارن سان ليس هونڌا هئا ۽ لٺ ۽ چٺ ٻنهي جو استعمال ٿيندو هو. ساڳي وقت هڪ خاص ڳاله اها هونڌي هئي ته انهن جهازن ۾ ڪوهڪ اڌ سائنسدان به ضرور هوندو هو جنهن جو ڪم انهن ملڪن جي ٻوٽن، جانورن ۽ ماڻهن جي ٻولي ۽ رسم رواج وغيره متعلق معلومات گڏ ڪرڻ هونڌو هو. چارلس ڊارون به اهڙي ئي هڪ جهاز ۾ سفر ڪيو هو ۽ پنهنجي انسان جي ارتقاء جي نظرئي لاء ضروري معلومات گڏ ڪئي هئي. اهڙي ريت يورپ ۾ جيڪو سائنس جو انقلاب آيو ان ۾ انهن شين جو وڏو ڪردار ھو.
انسان جيڪو اڳ رڳو ٻوٽن مان توانائي حاصل ڪندو هو هن توانائي جا نوان ذريعا ڳولهي ورتا ۽ مٿس اهو راز کليو ته جيڪڏهين سج مان توانائي حاصل ڪئي وڃي ته ان جو ڪو انت ناهي ۽ انسان لاڳيتو ان مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو. هن وقت انسان جي سڀ کان وڏي دولت علم آهي. جيڪي ٻيا وسيلا ۽ خزانا اڳ اهم سمجھيا ويندا هئا انهن جي اهميت گھٽجي ويئي آهي.
انسان جي آئندي متعلق گھڻيون اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. ليکڪ به جينز ۾ تبديلين وسيلي هڪ نئين انسان جي تخليق جو ذڪر ڪري ٿو پر ساڳي وقت هو اها ڳاله پڻ ڪري ٿو ته انهن تجربن ۾ گھڻيون حيرتون پڻ لڪل آهن. جيئن ويهين صدي جي آخر ۾ سائنسدانن جو انٽرنيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل شين ڏانهن ڪو ڌيان ئي نه هو پر اهي شيون سامهون اچي ويون. ساڳي ريت ممڪن آهي ته ڪي اهڙيون شيون ظاهر ٿين جن ڏانهن هن وقت ڪنهن جو ڌيان ناهي.
اهو انسان جي ارتقاء جو هڪ مختصر پر جامع جائزو آهي جنهن تي هن وقت سڄي دنيا ۾ بحث هلي رهيا آهن.

بدلجندڙ شهر

بدلجندڙ شهر
ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان ماڻهو هميشه روزگار، تعليم ۽ ٻين شهري سهولتن جي ڪري وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن. ان سان شهر جي مجموعي صورتحال ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي آهي ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو ڪهڙن مسئلن مان گذرندا آهن ان جو گھڻو تجربو ڪراچي جي ماڻهن کي آهي. شهر جي آبادي ورهاڱي وقت ٽي لک مان وڌي هاڻي اٽڪل ٻه ڪروڙ کي وڃي پهتي آهي. اها صورتحال اٽڪل دنيا جي سڀني ملڪن جي وڏن شهرن سان آهي. شهر تي نظر رکندڙ ۽ ان سان هڪ تعلق محسوس ڪندڙ ليکڪ انهن تبديلين کي پنهنجي اندر محسوس ڪري ٿو ۽ تخليقي انداز ۾ ان کي پنهنجن مختلف ڪردارن وسيلي ظاهر ڪري ٿو.
جيئن آئون ڪراچي جي حوالي سان پنهنجي لاء چوندو آهيان ته آئون ۽ شهر گڏوگڏ وڏا ٿيا آهيون. اهو ساڳيو تعلق ترڪ ليکڪ اورهان پامڪ جو پنهنجي شهر استنبول سان آهي. سندس گھڻن ناولن ۽ ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردار ان شهر سان ئي هڪ يا ٻئي نموني لاڳاپيل آهن. سندس ناولA Strangeness in My Mind شهر جي بدلجندڙ صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ خاص طور 1969 کان 2012 تائين شهر ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن انهن کي چٽي ٿو. هڪ ته ملڪ جي مختلف ڳوٺن مان ماڻهو روزگار خاطر استنبول اچن ٿا ۽ ٻيو ته ڪرد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فوجي آپريشن ڪري به گھڻا ڪرد لڏپلاڻ ڪري استنبول اچن ٿا. اهڙي ريت مرڪزي اناطوليا جي هڪ ڳوٺ مان ٻه ڀائر حسن ۽ مصطفيٰ استنبول ۾ روزگار جي خاطر اچن ٿا.اهي اتي ڌوئنرو ۽ بوزا وڪڻڻ سان شروعات ڪن ٿا. بوزا هڪ اهڙو ڊرنڪ آهي جنهن کي ڪڻڪ ۽ الڪوهل جي مدد سان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ هلڪي قسم جو نشو هجي ٿو. اهو خلافت عثمانيه جي دور ۾ شراب تي پابندي کانپوء متعارف ڪرايو ويو هو. ڪمال اتاترڪ جيتوڻيڪ شراب تان پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ بيون به گھڻيون تبديليون آيون آهن پر گھڻا ماڻهو پوء به اهو استعمال ڪن ٿا.
ان وقت شهر جي چوڌاري ٽڪرين تي ماڻهو پنهنجي ليکي گھر ٺاهڻ شروع ڪن ٿا. ان زمين کي پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ لاء بس اهو ڪافي هجي ٿو ته اتان جي مقامي حڪومت جي نمائندي، ڪائونسلر، کان هڪ ڪاغذ تي ٺپوهڻايو وڃي. ڏسندي ڏسندي اهي سڀ ٽڪريون آباد ٿي وڃن ٿيون. ان علائقي جو چڱو مڙس عبدالحميد نالي هڪ همراه هجي ٿو جنهن پنهنجي سياسي لڳ لاڳاپن ۽ ڪامورن سان تعلق وسيلي علائقي جي گھڻن پلاٽن تي پنهنجن ماڻهن ذريعي قبضو ڪيو آهي ۽ هو پوء انهن کي ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪري ٿو. هو علائقي ۾ هڪ وڏي مسجد قائم ڪري ٿو جنهن جا گنبد پري پري کان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڳتي هلي هي نه رڳو ان علائقي پر شهر جو هڪ وڏو بلڊر ٿي وڃي ٿو۽ پوء حسن ۽ سندس ٻيئي پٽ به ان ڪم ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. اهي ٻيئي ڀائر به پنهنجي ليکي هڪ پلاٽ هٿ ڪن ٿا ۽ اتي پنهنجو هڪ ڪمري وارو گھر اڏي اتي رهڻ لڳن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء حسن ٿورو اڳتي هڪ ٻيو پلاٽ هٿ ڪري اتي پنهنجو ذاتي گھر اڏي ڳوٺ مان پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن کي گھرائي اتي رهڻ لڳي ٿو جڏهين ته مصطفا ائين نه ٿو ڪري ۽ هو پنهنجي پراڻي گھر ۾ ئي رهي ٿو. ڪجھ وقت کانپوء سندس پٽ ميولت به استنبول اچي ٿو جتي هو پڙهائي به ڪري ٿو ۽ فارغ وقت ۾ بوزا ۽ دوئنرو وڪڻڻ ۾ پنهنجي پي جو هٿ به ونڊائي ٿو. سندس چاچي حسن جي زال ساڳي وقت ميولت جي ماسي به هجي ٿي ۽ سندس گھڻو خيال ڪري ٿي. هو جڏهين به سندن گھر وڃي ٿو ته ساڻس قرب ۽ پيار سان پيش اچڻ سان گڏوگڏ کيس سٺا کاڌا پڻ کارائي ٿي جنهن جي ڪري هو سندن گھر وڃڻ پسند ڪري ٿو.
انهن علائقن ۾ ساڳي وقت سياسي سرگرميون شروع ٿي وڃن ٿيون. ميولت جا ٻيئي سوٽ ڪورڪٽ ۽ سليمان قوم پرست ۽ مذهبي جماعتن سان لاڳاپيل هجن ٿا جڏهين ته ميولت ڪنهن جماعت ۽ نظرئي سان ته لاڳاپيل نه ٿو هجي پر سندس دوستي علائقي جي کاٻي ڌر جي علوي فرقي سان واسطو رکندڙ هڪ ڪرد نوجوان فرحت سان هجي ٿي. فرحت ۽ سندس سوٽن جو ٽڪراء لاڳيتو هلندو رهي ٿو.ان ۾ ميولت جي ڪردار جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ رات هو فرحت سان گڏجي پنهنجن سوٽن جي علائقي ۽ ايستائين ته انهن جي گھرن تي به انهن جي خلاف چاڪنگ ڪري ٿو جڏهين ته ٻي رات هو اهو ساڳيو ڪم پنهنجن سوٽن جي چوڻ تي انهن سان گڏجي سندن پارٽي جي حمايت ۾ ڪري ٿو.
انهن ٻنهي علائقن ۾ جھيڙو وڌي ٿو، ماڻهو قتل ٿين ٿا ۽ قوم پرست جماعتن جا ڪارڪن پوليس ۽ حڪومتي مشنيري سان گڏجي فرحت جي جماعت ۽ فرقي جي ماڻهن ۽ انهن جي گھرن تي حملا ڪرڻ شروع ڪن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ علائقي مان گھڻي لڏپلاڻ ٿئي ٿي. اها صورتحال بلڪل اهڙي آهي جيڪا ڪجھ وقت اڳ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نظر ايندي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ هرٻولي ۽ نسل جي ماڻهن پنهنجن ماڻهن سان رهڻ کي ترجيح ڏني هئي.
ميولت ساڳي ريت پنهنجي پڙهائي به جاري رکي ٿو ۽ بوزا ۽ دونئرو وڪڻڻ ۾ پنهنجي پي جي مدد به ڪندو رهي ٿو. سندس پي جو پنهنجي ڀاء حسن سان ان ڳاله تي اختلاف هجي ٿو ته هو سندس گھر جي اڌ جي ملڪيت جي دعوا ڪري ٿو ۽ ان ڪري هو پنهنجي پٽ کي سندن گھر وڃڻ ۽ ساڻن ڪو لڳ لاڳاپو رکڻ کان منع ڪري ٿو. پر ميولت سندس ان ڳاله کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي سوٽ ڪورڪٽ جي شادي جي دعوت، جنهن ۾ وڃڻ کان سندس پي کيس سختي سان منع ڪئي هئي، ۾ شريڪ ٿئي ٿو. اتي سندس نظر پنهنجي سوٽ جي ننڍي سالي سيما تي پئي ٿي ۽ هو ڄڻ ان جي نظرن جو اسير ٿي وڃي ٿو. بس اکيون سندس لاء ڇڪ جو باعث هجن ٿيون. سندس سوٽ سليمان کيس بجائي صحيح نالو ٻڌائڻ جي سندس وڏي ڀيڻ ريحا جو نالو ٻڌائي ٿو ۽ پوء هو پنهنجي دوست فرحت ۽ ٻين جي مدد سان ريحا جي نالي خط لکڻ شروع ڪري ٿو جن کي پهچائڻ ۾ سندس سوٽ سليمان ۽ ڪورڪٽ جي زال وديعا سندس مدد ڪن ٿا. جڏهين هو ڇهن مهينن جي لازمي فوجي تربيت لاء وڃي ٿو ته اتان به هو ريحا جي نالي سان خط موڪليندو رهي ٿو. ان دوران ئي سندس پي جي به وفات ٿي وڃي ٿي.
ترڪي ۾ ڪنوار جي قيمت ڏيڻ جو رواج هجي ٿو ۽ ميولت جي سوٽ به پنهنجي سهري عبدالرحمان کي سندس وڏي ڌي وديعا جي قيمت ادا ڪئي هئي. پر ميولت وٽ ڪنوار جي قيمت ڏيڻ جا پئسا نه ٿا هجن. سندس سوٽ سليمان کيس صلاح ڏئي ٿو ته هو ريحا کي ڀڄائي وٺي اچي جنهن ڪم ۾ هو سندس مدد ڪرڻ لاء تيار هجي ٿو. رٿابندي ڪري هو ريحا کي ڀڄائي استنبول وٺي اچي ٿو. پر واٽ تي جڏهين ان ڇوڪري تي سندس نظر پئي ٿي ته کيس لڳي ٿو ته اها ته اها ساڳي ڇوڪري ناهي ۽ سندس ذهن جي هڪ عجيب ڪيفيت ٿي وڃي ٿي. بهرحال هو کيس قبول ڪري ٿو ۽ ساڻس نڪاح ڪري گڏ رهڻ لڳي
ٿو.
ميلوت پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگھڻ جي ڪري ڪا سرڪاري ملازمت حاصل نه ٿو ڪري
سگھي. سندس واحد ذريعو بوزا وڪڻڻ ئي هجي ٿو. پنهنجو پراڻو گھر مسواڙ تي ڏيڻ ۽ ريحا جي گھر ۾ ڀرت وغيره ڪرڻ جي باوجود ڏکيائين جو شڪار هجي ٿو. ڪجھ وقت لاء هو آئسڪريم وڪڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوء ڪنهن همراه کان چانورن، جيڪي ريحا گھر ۾ تيار ڪري ٿي، جو گاڏو وٺي چانور وڪڻڻ شروع ڪري ٿو. ساڳي وقت شام جي وقت بوزا وڪڻڻ وارو ڪم جاري رکي ٿو. پر هڪ ته اهو ڪم اطمينان جوڳي نموني هلي نه ٿو ۽ ٻيو ته هڪ ڏينهن سندس ڪجھ وقت لاء غيرموجودگي ۾ پوليس ۽ مقامي حڪومت وارا سندس گاڏو کڻي ٿا وڃن جيڪو گھڻي ڪوشش کانپوء به نه ٿو ملي سگهي. بوزا وڪڻڻ لاء هو شهر جي مختلف نون ۽ پراڻن علائقن ۾ وڃي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين هو شهر جي کنڊرن ۽ قبرستانن ڏانهن به نڪري وڃي ٿو ۽ اتي ڪنهن قبر تي گھڻو وقت ويٺو رهي ٿو. شهر ۾ وڏيون عمارتون ٺهي ويون هيون ۽ اڳ وانگر ماڻهن تائين سندس بوزا وڪڻڻ وارو آواز مشڪل سان پهچندو هو. ڪجھ بوزا جا شوقين ماڻهو کيس مٿي پنهنجي فليٽ ۾ گھرائيندا هئا. اهڙي ئي هڪ موقعي تي سندس ملاقات هڪ اهڙي بزرگ شخص سان ٿئي ٿي جيڪو ڪيلي گرافي ۽ مذهبي علمن جو ماهر ۽ سياسي لحاظ کان ترڪي جي مذهبي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. سندس گڏجاڻين ۾ گھڻا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا ۽ اهو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌنڌو وڃي ٿو. اهو شخص ميولت سان نهايت پهنجائپ ۽ قرب سان پيش اچي ٿو جنهن جي ڪري هو پنهنجي ليکي وٽس ويندو رهي ٿو. بوزا وڪڻڻ دوران کيس ڪتن کان گھڻو ڊپ ٿئي ٿو. ان ڳاله جي باوجود ته سندس پي کيس هڪ عالم وٽ وٺي وڃي ٿو جيڪو کيس ان ڊپ کان بچڻ لاء دعا ٻڌائي ٿو پر اها دعا کيس عين وقت تي وسريو ٿي وڃي. هو پنهنجي مختلف ڪمن دوران ڪتن متعلق پنهنجو مشاهدو بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪتا گھڻو ڪري انهن ماڻهن تي ڀونڪندا ۽ تنگ ڪندا آهن جيڪو ان علائقي ۾ اوپرو هجي ۽ جنهن متعلق کين شڪ هجي ته اهو پاڙي وارن کي هڪ نه ٻئي طريقي سان تنگ ڪندو. جڏهين شهر ۾ وڏيون عمارتون ٺهي ويون ۽ مقامي حڪومت ڪچري لاء هر علائقي ۾ ڪنٽينر رکي ڇڏيا ته ڪتن لاء به کاڌو حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ نتيجي ۾ گھڻن علائقن مان ڪتن جو تعداد گھٽجي ويو.
بوزا وڪڻڻ جي ڊگھي عرصي ۾ ميولت کان هڪ رات جو ڦر ٿئي ٿي ۽ هو گھر پهچي پنهنجي زال کي چئي ٿو ته هو هاڻي بوزا نه وڪڻندو. ان وقت ۾ ئي سندس سالي سيما جنهن سان سندس سوٽ سليمان شادي ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ميولت جي دوست فرحت سان ڀڄي وڃي ٿي. فرحت کي شهر جي اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ نوڪري ملي ٿي. ان ڪمپني جي نجڪاري کانپوء به اها ڪمپني سندس نوڪري کي برقرار رکي ٿي. مختلف علائقن ۽ ڪمپنين وغيره جي غير قانوني ڪنيڪشن جي ڪري فرحت جي آمدني چڱي خاصي هجي ٿي. اها ساڳي صورتحال ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين مختلف علائقن ۾ به ڏسي سگھجي ٿي. ميولت مختلف ڪم ڪرڻ کانپوء فرحت سان ملي ٿوجيڪو کيس پاڻ سان ڪم ۾ شامل ڪري ٿو ۽ ڪم جا سڀ گر ٻڌائي ٿو.
ان دوران ٻه واقعا ٿين ٿا. ميولت جي زال ريحا جنهن کي اڳ ئي ٻه ڌيئرون آهن وري پيٽ سان ٿئي ٿي پر هو اهو ٻار نه ٿي ڄڻڻ چاهي. ڪجھ وقت کانپوء جڏهين هو ٻار ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان دوران سندس موت ٿي وڃي ٿي. ساڳي ريت شهر ۾ بجلي جي چوري وڏي پئماني تي هجي ٿي ۽ ان ۾ وڏا واپاري، صنعت ڪار ۽ نائٽ ڪلب وغيره جا مالڪ شامل هجن ٿا. ان سلسلي ۾ فرحت هڪ نائٽ ڪلب جي مالڪ سان ڳٺجوڙ ڪري ٻئي ڪلب جي بجلي چوري کي پڪڙڻ چاهي ٿو. پر جيئن ته انهن جا پنهنجا واسطا هجن ٿا ان ڪري اهي رٿابندي ڪري کيس قتل ڪرائي ڇڏين ٿا. پوليس ان سلسلي ۾ ميولت کان به پڇا ڳاڇا کانپوء کيس آزاد ڪري ٿي ڇڏي.
ميولت جون ٻيئي ڌيئرون پنهنجي پسند سان شادي ڪن ٿيون ۽ اهڙي ريت ميولت اڪيلو ئي هجي ٿو. جڏهين ته ساڳي وقت سيما کي به فرحت مان ڪو ٻار نه ٿو هجي. ميولت اهو کيس ٻڌائي ٿو ته هن ريحا جي نالي جيڪي خط لکيا هئا اهي دراصل تنهنجي اکين جي تعريف ۾ هئا جڏهين ته سليمان جي شرارت ڪري اهي خط تنهنجي ڀيڻ کي مليا. اڳتي هلي اهي ٻيئي شادي ڪن ٿا ۽ ميولت جو بوزا وڪڻڻ جو ڪم ساڳي ريت جاري رهي ٿو ۽ شهر ۾ به نيون تبديليون اينديون رهن ٿيون.

اي ڪي بروھي

اي ڪي بروھي

ايم ايچ پنهور پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جڳ بيتي ۾ هڪ ڌاڙيل جو قصو لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ڳڙهي ياسين واري علائقي جي به هڪڙي ڌاڙيل جي مزيدار ڪهاڻي آهي. اهو به نسورو شيطان هو. عورتن جو دلدار هو ۽ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور به پيو ايندو ويندو هو. ڌاڙو هڻي پئسا غريبن ۽ پنهنجن سينڌين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.سندس هڪڙي سنگتياڻي کي پوليس ٻڌو. هن انچارج سب انسپيڪٽر کي ماري ان جي سسي سکر جي ايس پي کي ڏياري موڪلي. پوليس هڪدم پوء ان عورت کي ڇڏي ڏنو. ان کي هڪ غريب ڇوڪر ٻڌرايو، جيڪو ڪنهن پوليس جي سپاهي جو پٽ هو. ان سپاهي کي پنج پٽ ۽ ڪجھ ڌيئرن جو اولاد هو. ڇوڪر پرائمري ۾ پڙهندو هو، کيس پنهنجي بيوه ماسي نپايو هو جيڪا ڌاڙيل جي سريت هئي. هڪڙي رات ڌاڙيل آيو ته ماٺ ۾ ڇوڪر کڻي ٻئي هنڌ تي سمهاري ڇڏيائين. پر ڇوڪر ننڍي وهي ۾ به ڏاڍو چالاڪ هو. اهو سڌو ڀڳو پوليس ڏي، پوليس کيس گرفتار ڪيو. اڳتي هلي ڪورٽ کيس ڦاسي جي سزا ڏني. پوليس ان تي رکيل انعام پاڻ کڻڻ پئي چاهيو. ڇوڪر سڌو ويو ضلعي جي ڪليڪٽر ۽ ايس پي ڏي. اهي ٻيئي انگريز هئا. کين ٻڌايائين ته ڪيئن سندس مدد سان پوليس ڌاڙيل کي ٻڌو هو. ڪليڪٽر ڇوڪر کي ۽ شايد پاڻ کي به ڪو انعام ڏيارڻ ٿي چاهيو. ان ڪري ڪليڪٽر ڇوڪر کي پهريائين سنڌ مدرسي ۽ پوء ڊي جي ڪاليج ۽ سنڌ لاء ڪاليج ۾ پڙهڻ لاء اسڪالر شپ ڏياري. اهو ڇوڪر پوءِ ناليوارو قانون دان، پاڪستان جي قانون جو وزير ٿيو. ان 1953 واري آئين ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪيترين ئي بين الاقومي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ان اگر تلا ۽ ٻين ڪيسن ۾ شيخ مجيب الرحمان جو بچاء ڪيو. سندس نالو اي ڪي بروهي هو جيڪو پاڪستان جو چوٽي جو وڪيل هو. اها ڪهاڻي هن پاڻ ئي بيان ڪئي هئي. ان جو ذڪر مسٽر ناصر احمد فاروقي 1961 ۾ پنهنجي ڪتاب محبت ۽ موت جا رخ (Faces of Love and Death) ۾ ڪيو آهي۔ (P: 315-316)



اياز ۽ ڪراچي

اياز ۽ ڪراچي

اياز کي جيتوڻيڪ گھڻي تعارف جي ضرورت ناهي پر اڃا ان وڏي شاعر جي مختلف پاسن تي گھڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس شخصيت ۽ ادبي ڪم تي اوترو ڪم نه ٿي سگھيو آهي جيتري گھرج آهي. هو هڪ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ مڃيل شاعر آهي. پر ساڳي وقت شاعري سان گڏ هن نثر ۾ پڻ ڪهاڻيون، آتم ڪٿا، جيل ڊائري ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ لکيو آهي. ان ڪري ان ڳاله جي ضرورت آهي ته سندس نثر، جيڪو پڻ اوترو ئي اهم آهي جيتري سندس شاعري، کي جوڳي مڃتا ۽ اهميت ڏني وڃي.
اياز جيتوڻيڪ شڪارپور ۾ ڄائو نپنو ۽ هو سکر ۾ رهيو ۽ اتي پنهنجي وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين پر سندس ڪراچي سان هڪ خاص تعلق ۽ وابستگي هئي.هن پنهنجي جواني جو گھڻو وقت هن شهر ۾ گذاريو جنهن هڪ شاعر ۽ دانشور طور سندس خيالن ۽ نظرين جي واڌ ويجھ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڪراچي مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي. هتي ئي سندس واسطو ابراهيم جويو ۽ خاص طور حشوڪيولراماڻي سان پيو. ابراهيم جويو ان وقت ايم اين رائي جي فڪر سان وابسته هو اهي ڪراچي مان هڪ رسالو پڻ شائع ڪندا هئا. ان ڪم ۾ اياز به ساڻس گڏ هو. هو پوء جڏهين شڪارپور ويو ته به سندس واسطو انهن سان رهيو. ساڳي ريت حشو سان سندس ويجھو واسطو رهيو. سندس چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برنس روڊ جي فليٽ ۾ حشو ساڻس گڏ رهندو هو. هن پنهنجي ڪتاب سر لوهيڙا ڳڀيا جو انتساب حشو جي نالي ڪندي لکيو آهي ته حشو ڪيولراماڻي جي نالي جنهن مون کي جديد ادب، سياست ۽ تاريخ سان روشناس ڪرايو. هن حشو لاء ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته هوBohemian هو. اهو فرينچ اديبن ۾ موجود هڪ اهڙو لاڙو هو جيڪو سماجي روايتن ۽ اخلاق وغيره کي ڪا اهميت نه ڏيندو هو ۽ عياشي ۽ بي راه روي جو کليل طور اظهار ڪندو هو. جڏهين ته انگلينڊ ۽ جرمني جي اديبن ۾ گھڻي ڀاڱي اهو لاڙو موجود نه هو ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ليکڪ ئي ان کان متاثر هئا. ان جو خاص ڪارڻ اهو هو ته اهي ٻيئي ملڪ صنعتي انقلاب واري مرحلي مان گذري چڪا هئا پر فرانس اڃا ان مرحلي مان نه گذريو هو ۽ سماجي ۽ سياسي افراتفري ۾ ورتل هو. حشو کي ان ڪري هتان جا ڪميونسٽ پسند نه ڪندا هئا. اهڙي ريت هڪ پاسي هو ابراهيم جوئي جي ايم اين رائي جي ڪميونسٽ فڪر جي زيراثر هو ۽ ٻئي پاسي حشو ڄڻ سندس ويجھو دوست ۽ استاد هو. هن پنهنجي ليکي انهن ٻنهي لاڙن تي سوچيو ۽ پاڻ پنهنجي واٽ جي چونڊ ڪئي.
حشو کي جڏهين جيل مان ڪڍي ڀارت جلاوطن ڪيو پئي ويو ته هو آخري ڀيرو برنس روڊ واري فليٽ تي آيو جتي اياز پنهنجي زال سان گڏ رهيل هو. ان وقت اياز گھر تي موجود نه هو. حشو سندس زال کي چيو ته ڌي مون کي رڳو گھر ۾ رکيل گلدستو آڻي ڏي ۽ اياز اچي ته ان کي ٻڌائي ڇڏجو ته حشو ڀارت هليو ويو آهي ۽ هي فليٽ ۽ ان ۾ رکيل ڪتاب هاڻي سندس ملڪيت آهن. اياز جڏهين سکر منتقل ٿيو ته هن فليٽ ۽ لائبريري ٻيئي پنهنجي دوست مونس کي ڏنا هئا. پوء اياز ٻڌايو هو ته مونس اهي سڀ ڪتاب کپائي ڇڏيا هئا. فليٽ جو ڇا ٿيو ان متعلق ڪا خبر چار نه پئي. حشو ڀارت ۾ پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذاريا. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته اها رقم کيس ملي ها پر ائين ٿي نه سگھيو. اياز جڏهين ڀارت ويو هو ته هن اتي حشو سان ملاقات ڪئي ۽ سڀني آڏو کيس تعظيم ڏني.
اياز گھنو عرصو عملي سياست ۾ به سرگرم رهيو ۽ مختلف سياسي جماعتن سان لاڳاپيل رهيو. هڪ ڀيري جڏهين مٿس گرفتاري جا وارنٽ هئا ته پنهنجن ٻن دوستن سان گڏ روپوش ٿي ڪراچي آيو هو. هتي هو شهر جي پراڻي علائقي موسا لين لياري ۾ ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ تائين نورباغ مسافرخاني ۾ رهيو جنهن جو مالڪ سندس دوست هو.
ڪراچي ۽ سمنڊ سان اسان جي شاعر کي عشق هو. ان ڪري هن وڪالت تان فارغ ٿيڻ کانپوء پنهنجي رٽائرمنٽ جا ڏينهن ڪراچي ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو. آئون سمجھان ٿو ته هڪ ڊگهي خاموشي کانپوء ان شهر ۽ هتان جي ماڻهن کيس ۽ سندس فن ۽ تخليق کي ڄڻ هڪ نئين زندگي ۽ جياپو ڏنو. نه رڳو سندس تخليق ۾ نئين جان پئجي ويئي پر هو رسمي ۽ غيررسمي گڏجاڻين ۽ بحث مباحثن ۾ وڌيڪ سرگرمي سان شريڪ ٿيڻ لڳو. اهو ان جي باوجود هو ته هو لاڳيتو دل جي عارضي ۾ ورتل هو ۽ سندس بائي پاس وھيره ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽرن پاران کيس گھڻي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي ويئي هئي پر سندس چوڻ آهي ته هو اڌ رات جو اٿي پنهنجي لکڻ جو ڪم ڪندو هو. ان عرصي ۾ هن ڪيئي ڪتاب لکيا جنهن جو گواه سندس چواڻي قاضي منظر حيات آهي جنهن انهن کي فيئر ۽ خوشخط ڪرڻ جو ڪم ڪيو هو.
پنهنجي وڏي عمر ۽ بيماري جي باوجود هن ڪڏهين ڪنهن سان ملڻ کان انڪار نه ڪيو. اسان مان گھڻن لاء اها عام ڳاله آهي ته ڪنهن سان به ملاقات لاء نه اڳواٽ ڪا اپائنٽمنٽ وٺبي آهي ۽ نه ئي ان ڳاله جي پڪ ڪبي آهي ته آيا ان ماڻهو وٽ ملڻ لاء وقت به آهي يا نه. آئون پاڻ به ڪنهن دوست سان گڏجي سندس گھر تي ڪنهن اڳواٽ اطلاع وغيره کانسواء ويندو رهندو هوس پر هن ڪڏهين به نه ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن خفگي ۽ ناراضگي جو اظهارڪيو. هو پنهنجن ملاقاتين سان ڪنهن ٿڪ ۽ بوريت جي اظهار ڪرڻ کانسواء ڪلاڪن جا ڪلاڪ مختلف موضوعن تي ڳالهائيندو رهندو هو. اياز جي ان نئين جنم ۾ نوجوان سندس لاء هڪ اتساه هئا. انهن نوجوانن نه رڳو اسانجي شاعر کي عزت ڏني پر ان جي قربت مان به مزو ماڻيو. اهو ٻه طرفو معاملو هو. اياز پاڻ به نوجوان ليکڪن ۽ پنهنجن چاهيندڙن جي قربت مان مزو ورتو. هن نون شاعرن جي شاعري جو مطالعو ڪيو ۽ ڏيئا ڏيئا لاٽ ۾ پنهنجي مهاڳ ذريعي ڄڻ انهن کي هڪ امر حيثيت ڏيئي ڇڏي.
اياز ڪراچي ۾ پهرين آرٽس ڪائونسل ۾ ساٿي ٻارڙا سنگت جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. ان پروگرام ۾ هن چيو هو ته سنڌ جي ڪجھ ماڻهن جي روين جي ڪري مايوس ٿي ملڻ جلڻ بند ڪري ويهي رهيو هوس پر ٻارن جي محبت مون کي نئون اتساه ڏنو آهي. آئون ٻيهر لکندس، جيڪو وقت ضائع ٿيو آهي ان جو ازالو ڪندس. ان سان گڏوگڏ ان عمل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي به هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. فنانس اينڊ ٽريڊ سينٽر ۾ سندس اعزاز ۾ هڪ وڏي شاندار پروگرام سان گڏ سنگت پاران وقت بوقت کيس مختلف ورڪشاپ، سيمينارن ۽ ڪتابن تي ڳالهہ ٻولهہ ۾ پڻ مدعو ڪيو ويندو هو ۽ هو وڏي خوشي سان انهن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
اسان کي هن وڏي ماڻهو جي هم عصر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. اسان نه رڳو سندس قربت ماڻي پر سندس خيالن ۽ ڳالهين مان به مستفيض ٿياسين.

اياز پنهنجي ڪتاب سر لوهيڙا ڳڀيا جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته خود منهنجي زندگي ڪيتري نه آنڌ مانڌ مان گذري آهي. شهر نيڪاليون، جيل، حملا، گھربدري، پر پٺ هر شي جي چوري. جڏهين کان ون يونٽ واري دور ۾ مون تي فريئر روڊ سکر تي حملو ڪيو ويو هو (منهنجو ڏوه اهو هو ته مون شهرين کي امن سان رهڻ لاء سکر جي رستي رستي تي تقريرون ٿي ڪيون) تڏهين کان مون وٽ ليسن وارو پستول، ريوالور، پائنٽ ٽو ٽو رائفل، سيون ايم ايم رائفل ۽ هڪ فارين شاٽ گن آهي جن لاء مان هزارين روپيا ليسن جي في ڀري چڪو آهيان. مون کي هڪ ڀيري سوڀي طنز سان چيو هو ته مان دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو هٿياربند شاعر آهيان. مون يونيورسٽي ۾ ملٽري سائنس جي شعبي جي چيئرمين کان مشين گن هلائڻ جي ٽريننگ ورتي هئي. مان جو ڪنهن خرگوش کي به مارڻ نه چاهيندو آهيان. (صفحو 26 ۽ 27 )

ايم ايچ پنهور: هڪ مانائتو ليکڪ

ايم ايچ پنهور: هڪ مانائتو ليکڪ
ايم ايچ پنهور سنڌ جو هڪ ناميارو عالم آهي. اها ٻي ڳالهہ آهي ته کيس ايتري مڃتا نه ملي سگھي آهي جيڪا هو لهڻي ٿو. پيشي جي لحاظ سان هو زرعي انجينيئر هو پر سندس موضوع سنڌ هو. سنڌ سان سندس محبت گھڻن ماڻهن جيان مجرد قسم جي نه هئي جنهن ۾ بس لفاظي ۽ وات جا ٺڪاء هجن. هن باقاعدي پنهنجي ڪم وسيلي ان ڳالهہ کي ثابت ڪيو آهي. هو پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ بيتي ۾ لکي ٿو ته فطرت سان پيار سندس شخصيت جو حصو آهي. مون ڪڏهين شڪار ۾ حصو نه ورتو نه وري ڪڏهين ڪو پکي يا جانور ماريو آهي پر گوشت ۽ ڪڪڙ وغيره سو کاڌو آهي. انهن حقيقتن مون کي سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ مان انهن جو اسير آهيان. سنڌ سان بي انصافي يا ان جي مقصد يا فائدي سان ڪنياء مون کي ڀڙڪائي ۽ بي چين ڪري ٿو ڇڏي. مان سڄي حياتي ان اصول تي قائم رهيو آهيان ته هر سنڌ ۾ ڄايل ۽ دفنايل سنڌي آهي ۽ مون جهڙا حق رکي ٿو. ان نڪته نظر رکڻ ڪري گھڻن مٿس ڪاوڙ ۽ تنقيد به ڪئي پر هو پنهنجي ان موقف تي قائم رهيو.
هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۽ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هڪ ٻار پنهنجو اهو ڊگھو سفر ڪيئن طئي ڪيو ان جو ذڪر هو پنهنجي آتم ڪٿا آپ بيتي جگ بيتي ۾ ڪري ٿو. اها آتم ڪٿا هن انگريزي ۾ لکي جنهن جو ترجمو حاڪم علي شاه بخاري ۽ نظرثاني محمد ابراهيم جويو ڪئي آهي. ان کي ظفر جوڻيجو جي اداري ٽي آر ڊي پاران 2008 ۾ شائع ڪيو ويو. ظفر جو چوڻ آهي ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا مواد جي ترتيب تبديل ڪرڻ سان گڏ ليکڪ اضافا به ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ نيٺ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو.
سندس علائقي ۾ ماڻهو جديد تعليم جي بجائي مذهبي تعليم کي پسند ڪندا هئا ۽ کين اها ڳالهہ نه ٿي وڻي ته هن جديد انگريزي تعليم ٿي حاصل ڪئي.ايستائين ته اها مخالفت سندس خاندان جي فردن ۾ به موجود هئي. هو پنهنجي هڪ چاچي متعلق ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگھيو هو ۽ خلافت تحريڪ وارن سان هليو ويو هو. هن انگريزي تعليم کي صحيح نه ٿي سمجھيو ۽ اهڙي ريت سندس انگريزي پڙهڻ جي مخالفت ٿي ڪئي. ان کان علاوه گھڻا ٻيا مائٽ ۽ ڳوٺاڻا حسد ۽ ساڙ جي ڪري تعليم ۾ سندس اڳتي وڌڻ سان به خوش نه هئا. ان مخالفت جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هو ٻڌائي ٿو ته ايستائين ته کيس قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. پران جي باوجود هن پوء انهن مان هزارين ماڻهن کي نوڪريون وغيره وٺي ڏنيون. اهي پوء به خوش نه هئا. ان سلسلي ۾ سندس ماء ۽ ڏاڏي سندس مدد ڪئي ۽ اهڙي ريت اهڙي پٺتي پيل ۽ معاندانا ماحول مان ايڏو ذهين ۽ قابل شخص ظاهر ٿيو.
سندس ڪم ڪنهن هڪ يا ٻن شعبن تائين محدود ناهي پرهو هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت آهي. ان سلسلي ۾ اها ڳالهہ پڻ اهم آهي ته رڳو ماڻهو جي ڄاڻ ۽ علم ڪافي ناهي هوندو پر ان سان گڏ ان ڳالهہ کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته زندگي ۽ مختلف معاملن ڏانهن سندس نڪته نظر ڇا آهي. ايم ايچ پنهور ان حوالي سان هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهوهو جيڪا ڳالهہ سندس لکڻين ۽ ٻين ڪمن ۾ پڻ نظر اچي ٿي. ڳوٺ ۾ وهم وسوسن جي رائج هئڻ ۽ تعويذن ۽ ڦيڻن وغيره جي عام هئڻ باوجود هن ان ماحول کي قبول نه ڪيو.
مختلف موضوعن جي حوالي سان سندس گھڻا ڪتاب لکيل آهن جن مان گھڻا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. هن ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين مختلف علائقن ۾ زير زمين پاڻي جي ذخيرن تي تحقيق ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ کي هن سائنسي ۽ تحقيقي انداز سان سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ جو پيرائتي انداز ۾ جائزو سندس اهم ڪم آهي. سندس تحقيق جا طريقا روايتي ناهن پر هن ان جي لاء باقاعدي سائنسي اپروچ اختيار ڪئي آهي. خاص طور تي هن سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان گھڻن اهڙن پاسن کي نروار ڪيو آهي جيڪي اڳ اونداهي ۾ هئا. ان سلسلي ۾ خاص طور سومرا دور تي تحقيق، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اونداهو دور ڪري ليکيو ويندو هو، قابل ذڪر آهي. هن باقاعدي ماحوليات، جاگرافي، تاريخ ۽ دريا جي وهڪرن ۾ تبديلين وسيلي ان دور جي مختلف پاسن کي سامهون آندو آهي ۽ مختلف ڏند ڪٿائن جي صحت متعلق بحث ڪيو آهي..
تاريخ تي ان ڪم سان گڏوگڏ زرعي شعبي ۾ هن جيڪا نواڻ آندي ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن پنهنجن زرعي فارمن تي پوک جي نئين ٽيڪنالوجي ۽ سائنسي طريقا متعارف ڪرايا ۽ انهن کي وڏي پئماني تي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گھٽ ماڻهن ئي انهن مان فائدو ورتو. هن زراعت متعلق مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو پڻ مظالعو ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اهي ڪتاب رڳو انگريزي مان ترجمو نه پر سنڌ جي حالتن سان مظابقت پيدا ڪري لکيا ويا آهن. پر جيئن ته اهي ٻيهر نه ڇپجي سگھيا آهن ان ڪري گھڻن ماڻهن کي انهن جي خبر ناهي. سنڌ جي موسم ۽ ماحولياتي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن نه رڳو نوان ميوا ۽ ٻيون شيون متعارف ڪرايون پر ڪي انوکا تجربا پڻ ڪيا. هن ٺٽي ضلعي ۾ گھارو جي ويجھو، جتي حڪومت کيس جهينگن جي افزائش لاء ٻه سو ايڪڙ ٻني ڏني هئي، واڳن جي هڪ فارم قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي. هن ان سلسلي ۾ گھڻو ڪم ڪيو ۽ ايستائين ته هن ۽ سندس زال واڳن جي گوشت کائڻ جو تجربو پڻ ڪيو پر سندس اها رٿا ڪامياب نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته اتر آسٽريليا جي حڪومت جنهن کي هن واڳن جي آنن جي فراهمي لاء لکيو هو ان بنياد تي اهي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اتر آسٽريليا جي حڪومت ان جي ٻين ملڪن کي موڪلڻ تي پابندي وجھي ڇڏي هئي.
وٽس مختلف موضوعن تي اٽڪل ٽيهٺ هزار ڪتابن تي هڪ سٺي لائبريري هئي جيڪا هن وقت ايم ايچ پنهور ٽرسٽ جي تحت آهي.

بابا انور پيرزادو

بابا انور پيرزادو
بابا انور پيرزادو، جيئن ڪتاب جي ٽائتل مان ظاهر آهي، امر پيرزادو جو پنهنجي پي انور پيرزادو جي زندگي جي مختلف پاسن متعلق لکيل ڪتاب آهي.
انور پيرزادو جي شخصيت سنڌ جي ماڻهن لاء هر لحاظ کان ڄاتل سڃاتل ۽ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي. سندس ادبي، سياسي ۽ ڪنهن حد تائين ذاتي زندگي کان سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طور اهي جيڪي سندس ويجھو رهيا آهن واقف آهن.
انسان جي شخصيت ۾ گھڻي ڀاڱي هڪ تسلسل هوندو آهي پر ڪڏهين ڪڏهين اتفاق سان اهڙا واقعا ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙا ڪم ٿي ويندا آهن جن جي نتيجن جي اڳواٽ ماڻهو کي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ اهي ماڻهو جي زندگي ۾ هڪ خاصيتي تبديلي آڻي ڇڏيندا آهن. آئون سمجھان ٿو ته انور جو ايئر فورس جي ٽريننگ ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي دوست کي اوڀر بنگال جي صورتحال متعلق لکيل خط جو اتفاقي طور ڪنهن غلط ماڻهو جي هٿ اچي وڃڻ سندس آئندہ جي زندگي جي سڄي سفر کي بدلائي ڇڏيو. جڏهين ته هن جو ارادو اهڙي ڪنهن مهم جوئي ڪرڻ جو نه هو. هو آرام سان پنهنجي ايئر فورس جي نوڪري ڪري ها ۽ پنهنجي خاندان سان هڪ خوشحال زندگي گذاري ها. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهين اهو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪو انور پوءِ اسان جي آڏو آيو اهو نه اچي ها.
انور هڪ نالي وارو صحافي ۽ ليکڪ رهيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان سندس ويجھو لاڳاپو رهيو. اها ڳالهہ سندس ڪريڊٽ تي آهي ته هن گھڻن موقعن هئڻ ۽ گھڻن حڪمرانن سان ويجھن ناتن هئڻ جي باوجود پنهنجي لاء ڪي ذاتي فائدا نه ورتا ۽ ڏکي سکي زندگي گذاري. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن پنهنجي اندر ۾ ان باغي نوجوان کي جيئرو رکيو هو جنهن ستر جي ڏهاڪي ۾ کيس ان خط لکڻ تي اتساهيو. سندس انعام ۽ ايوارڊ اهو هو ته هن جمهوري جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ جيل جون سختيون به سٺيون. ساڳي ريت سنڌي ادبي سنگت جي احياء ۽ ان کي گڏ رکڻ ۾ سندس نمايان ڪردار هو.
انور سان سياسي تنظيم جي حوالي سان ته آئون گڏ نه رهيو آهيان. منهنجو ساڻس تعلق ادبي سنگت جي حوالي سان رهيو آهي. هو پنهنجن دوستن سان محبت ڪندڙ پر سنگت جي معاملي ۾ نهايت حساس ۽ جذباتي ماڻهو هو. جيڪڏهين ڪراچي شاخ جو ڪنهن معاملي تي مرڪز سان ڪو اختلاف ٿيندو هو ته کيس فوري طور اهو محسوس ٿيندو هو ته ان سان متان سنگت جي اتحاد کي ڪو نقصان نه پهچي جڏهين ته دوستن جو اهڙو ڪو ارادو نه هوندو هو. پر هو فوري طور شاخ جي موقف جي مخالفت ۾ بيهي رهندو هو.
مون کي انور جي شخصيت جي حوالي سان ڪو خاص منفي پاسو نظر نه ٿو اچي. سياست، صحافت ۽ ادب جي حوالي سان اهو چئي سگھجي ٿو ته هن انهن مان ڪوبه ڪم پنهنجي ذاتي فائدي لاء نه ڪيو بلڪه ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن انهن ڪمن ۾ ذاتي حوالي سان سراسر خساري جا سودا ڪيا. انور متعلق منهنجو اهو تاثر هوندو هو ته هي چوويه ڪلاڪ پنهنجين سرگرمين ۾ رڌل آهي ۽ سندس پنهنجي گھر ۽ بارن ڏانهن ڪو ڌيان ناهي. پر پوء انور جي خاص طور چئني پٽن سان ملڻ کانپوء منهنجو اهو خيال غلط ثابت ٿيو. انور جي وڏي پٽ مرحوم زبير سميت اهي چار ئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ پنهنجي ورتاء ۾ مهذب آهن. اها پڻ هڪ خوش آئند ڳالهہ آهي ته انهن پنهنجي پي کي پنهنجو آدرش ٺاهي علم ۽ ادب جي واٽ اختيار ڪئي آهي.
امر جي ان ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ انور جي زندگي جي گھڻن پاسن جو احاظو ڪيو ويو آهي پر مون کي ائين لڳو ته لکڻ مهل ليکڪ هڪ دٻاء ۾ رهيو آهي ته انور جي هر عمل ۽ ڪم جي تعريف ئي ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ هن گھڻين جاين تي وڌاء کان ڪم ورتو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ جي ڪتاب ۾ دلچسپي گھٽجي وڃي ٿي. اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان هڪ پٽ جي پنهنجي پي سان محبت جو اظهار آهي جيڪا عقيدت جي حد تائين وڃي ٿي. ان جي ڪري انور جي زندگي جا گھڻا پاسا ان عقيدت جي ڪري سامهون نه ٿا اچي سگھن جيڪا ڳالهہ ساڳي وقت انور ۽ پڙهندڙ سان هڪ زيادتي آهي.

پاڙي ناھي پروڙ بادل جمالي جي امر ڪھاڻي

پاڙي ناھي پروڙ بادل جمالي جي امر ڪھاڻي

ڪڏهين ڪنهن ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي ڪا هڪ تخليق سندس سڃاڻپ بڻجي ويندي آهي ۽ ڊگھي عرصي تائين هو ان تخليق جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. اسان جي دوست ڪهاڻيڪار بادل جمالي هڪ ڊگھو عرصو اڳ شايد ٽيهہ سال يا ان کان وڌيڪ هڪ ڪهاڻي پاڙي ناهي پروڙ جي نالي سان لکي هئي ۽ ان کي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو هو. ان ڪهاڻي کي خاص طورتي ادب جي بهترين نقاد عبدالرحمان نقاش پاران دليلن سان ساراهيو ويو هو. نقاش جي اها تخليقي تنقيد پوء چار ڪهاڻيڪار چار نقاد نالي ڪتاب ۾ به شامل آهي. بادل جي اها ڪهاڻي سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ پڻ شامل آهي. بادل سان منهنجي ڊگھي عرصي کان ملاقات ناهي ۽ سندس لکڻين پڙهڻ جو موقعو به گھٽ ملندو آهي. پر اها حقيقت آهي ته آئون جڏهين به بادل متعلق سوچيندو آهيان ته ڪھاڻي ”پاڙي ناهي پروڙ“ دل تي تري ايندي آهي. آئون سمجھان ٿو ته سنڌي ڪهاڻين ۾ اها واقعي هڪ امر ڪهاڻي آهي


ٻاھرين ڪاھن جا اثر

ٻاھرين ڪاھن جا اثر
ٻاهرين ڪاهن جا اثر نسلن ۽ صدين تائين هلندا آهن ۽ ماڻهن جي نفسيات ۽ عام ڳالهہ ٻولهہ جو حصو بڻجي ويندا آهن. جهڙي ريت سنڌي ۾ گھوڙا ڙي گھوڙا نادر شاه، احمد شاه ابدالي، غزنوي ۽ ٻين حملي آورن جي ڊپ ڪري استعمال ٿيندو آهي اهڙي ريت پنجاب، جيڪو انهن سڀني ڪاه ڪندڙن جي دلي تائين وڃڻ جي واٽ رهي آهي، ۾ ڪجھ ڳالهيون ڄڻ ماڻهن جي نفسيات جو حصو بڻجي ويون آهن. ڀارتي ليکڪا رينا نندا پنهنجي ڪتاب From Quetta to Delhi-A Partition Story ۾ ڪجھ ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي. سندس چوڻ آهي ته پنجاب جا ماڻهو مال بچائڻ کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ ۽ کپائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن. ان جو تاريخي پسمنظر اهو آهي ته اهي جيڪي ڪجھ پوکيندا ۽ بچائيندا هئا اهو سڀڪجھ وقت بوقت اتر مان ايندڙ ڪاه ڪندڙ ڦري ويندا هئا ۽ اهي اهڙا جا اهڙا رهجي ويندا هئا. ان ڪري پنجاب ۾ هڪ چوڻي آهي ته جيڪو کاڌو پيتو اهو پنهنجو آهي باقي سڀ احمد شاه ابدالي جو آهي.
اهڙي ريت ليکڪا ٻڌائي ٿي ته جڏهين سندس ماء جوان ٿي ۽ کيس پهرين ماهواري آئي ته هو ان رت کي ڏسي پريشان ٿي ويئي ۽ پنهنجي ماء سان ڳاله ڪيائين جنهن وٺي روڄ راڙو شروع ڪيو ته هائي ڪڙي مٽيارن هوگئي. ان جو ڪارڻ به اهي ڪاه ڪندڙ ئي هوندا هئا جيڪي جڏهين ڦرلٽ ڪرڻ انهن علائقن ۾ ايندا هئا ته جوان عورتن کي مال غنيمت طور کڻي ويندا هئا. ان ڪري ڪنهن ڇوڪري جو جوان ٿيڻ مائٽن لاء تشويش جو باعث هوندو هو ۽ اها ڳالهہ هاڻي ڄڻ اجتماعي نفسيات جو حصو بڻجي ويئي آهي. ان جي ابتڙ اهي علائقا جيڪي حمله آورن جي پهچ کان پري هوندا هئا اتي ڇوڪري جي ان جوان ٿيڻ تي باقاعدي خوشي جو اظهار ڪيو ويندو هو ۽ اڃا به ڪيو وڃي ٿو ۽ ان تي باقاعدي تقريبون ٿينديون آهن. ان سلسلي ليڪکا پنهنجي ماء جي ڪوئيٽا ۾ رهندڙ مهاراشٽر جي هڪ ساهيڙي جو مثال ڏنو آهي جيڪا ساڻس گڏ جوان ٿي هئي ۽ ان موقعي کي مائٽن پاران ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو هو.

ٻڌ مت جو پس منظر

ٻڌ مت جو پس منظر

Gail Omvedt پنهنجي ڪتابBuddhism in India: Challenging Brahmanism and Caste ۾ ٻڌ مت جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو آهي.
گوتم سڌارٿ جو جنم 486 قبل از مسيح سڪيا، جيڪو هن وقت نيپال ۾ آهي، ۾ هڪ شاهي خاندان ۾ ٿيو. ان ڪري کيس سڪيامني يعني سڪيا جو هڪ بزرگ چيو وڃي ٿو. سندس رنگ کي ڏسندي اهو اندازو لڳايو وڃي ٿو ته سندس واسطو چيني تبتي نسل سان هو. هو اوڻٽيه سالن جي عمر ۾ گھران نڪري ويو ۽ ان وقت جيڪي راهبن، جن کي سمانا چيو ويندو هو، جي گروهن سان گھمندو رهيو. هن غور و فڪر جي مختلف طريقن جي تربيت حاصل ڪئي. پر هو ڪنهن به ڳالهہ مان مطمئن نه ٿيو ۽ هڪ پيپل جي وڻ هيٺان ويهي رهيو جتي کيس نرواڻ حاصل ٿيو. ان ڪري ئي ان وڻ کي ٻڌ مت ۾ اهميت ۽ پوتر حيثيت حاصل آهي. شروعات ۾ هن ماڻهن کي درس ڏيڻ يا خطاب ڪرڻ کان پرهيز ٿي ڪيئي. ڇاڪاڻ ته هن سمجھيو ٿي ته اخلاقي اصولن تي ٻڌل سندس جيڪا تعليم هئي عام ماڻهن لاء ان کي سمجھڻ ۽ عمل ڪرڻ ڏکيو هو. گھڻو پوء هن پنهنجو پهريون خظاب پنهنجن انهن پنجن شاگردن کي ڪيو جيڪي ساڻس گڏ هوندا هئا. پوء گھڻا سندس پوئلڳن ۾ شامل ٿيندا ويا جنهن ۾ غريب، امير هر قسم جا ماڻهو شامل هئا. گوتم اسي سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڪنهن پوئلڳ جي ڏنل زهريلي کاڌي کائڻ ڪري گذاري ويو.
گوتم جو دور يا قبل از مسيح جا آخري پنج سو سال نه رڳو هندوستان پر پوري دنيا ۾ وڏين تبديلين ۽ ڇڪتاڻ جا سال هئا. چين کان وٺي يونان تائين نئين ٽيڪنالوجي، نئين سماجي توانائي ۽ ثقافتي ايجادن جي ڪري اهو فرد جي شعور جي ظهور جو دور هو. تهذيب جو پهريون ٽامي وارو عظيم دور، جنهن ۾ دريا جي ٻوڏ وارن ميدانن تي شهر قائم ٿيا هئا، گذري چڪو هو. يورو ايشيا جي ميدانن مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي جن پنهنجن گھوڙن، رٿن ۽ هٿيارن سان هڪ نئين ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. اهي ماڻهو جيئن جائيتا ٿيا ته شهري تهذيبن سان رابطي ۾ آيا، لوه جي هرن سان جھنگلن کي صاف ڪري زراعت کي ترقي ڏني. ان طرح سان آبادي وڌي، نوان شهري مرڪز قائم ٿيا ۽ واپار وڌيو. اچ وڃ ۽ نقل حرڪت ۾ واڌاري ۽ ماڻهن جي وڌنڌڙ تعلق جي ڪري نوان خيال سامهون آيا ۽ ماڻهن ڪائنات متعلق نئين طريقي سان سوچڻ شروع ڪيو. اهو سڀڪجھ پنجاب ۽ سنڌو ماٿري، جت اڳ ئي تهذيب پنهنجا پير کوڙي چڪي هئي، جي اوڀر ۾ گنگا جي ميدانن ۾ ٿي رهيو هو. ان وقت به هندوستان اڄ جيان گھڻين قومن ۽ ٻولين جو ملڪ هو جنهن ۾ دراوڙي يا تامل، آريا، چيني تبتي ۽ آسٽرو ايشيائي گروه شامل هئا. انهن سڀني گنگا ماٿري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ جيئن عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته سڀني ٻولين جو بنياد سنسڪرت آهي ائين ناهي بلڪ انهن ٻين ٻولين خاص طور تامل جيڪا هڪ پراڻي دراوڙي ٻولي آهي کان اثر ورتو آهي اهو سڀڪجھ ائين ئي نه پئي ٿيو پر ان جي پويان ننڍي کنڊ جي سماجي ثقافتي روايتن جي هڪ ڊگھي تاريخ هئي ٿلهي ليکي اها ٻن ڌارائن انڊڪ ۽ ويدڪ تهذيبن تي ٻڌل هئي.انڊڪ دنيا جي عظيم پراڻين تهذيبن مان هڪ سنڌو تهذيب هئي. ان جو مرڪز اڄوڪو پاڪستان جو علائقو آهي. هتي دراوڙي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. جڏهين ته آريا هندوستان ۾ اٽڪل 1400 قبل مسيح ۾ داخل ٿيا. انهن جي اهم ڪتاب رگ ويد جي لکڻ جو مدو 1700 کان 900 قبل مسيح ڄاڻايو وڃي ٿو جڏهين ته ڪي ان عرصي کي 1500 ۽ 1000 قبل مسيح ڄاڻائين ٿا. آريا اڳ اتي رهندڙ ماڻهن جي ابتڙ بنيادي طور جانور پالڻ ۽ چراگاهن وارا ماڻهو هئا. کين گھوڙي ۽ تير ڪمان جي هئڻ جا فائدا حاصل هئا. ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انهن رٿ ٺاهي ورتي هئي. جيتوڻيڪ سنڌو تهذيب جي تباهي ۾ سندن وڏو ڪردار ناهي پر اهي ان تهذيب جي باقيات ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين مقامي ماڻهن سان جهيڙن جڳهڙن ۽ جنگن ۾ ملوث رهيا. سندن لاڙو جنگ ڪرڻ ڏانهن هوندو هو۽ سندن روحاني زندگي قرباني ۽ جادو تي مدار رکندي هئي. اٽڪل 850 قبل مسيح ۾ انهن اوڀر ۾ گنگا جي ميدانن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو.
ان وقت هڪ ته گانا سنگا جي نالي سان قبائلي وفاق هوندا هئا جن ۾ جن فردن وٽ اختيار هوندا هئا اهي پاڻ ۾ ويجھا مائٽ هوندا هئا ۽ اهي گھڻو ڪري پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي ڀلائي لاء ئي ڪم ڪندا هئا. گوتم سڌارٿ به اهڙي ئي هڪ گانا سنگا جي حڪمران طبقي جو فرد هو. ان سان گڏوگڏ مختلف بادشاهتن جي ٺهڻ جي به شروعات ٿي چڪي هئي. هڪ لحاظ کان اهي بادشاهتون سماج جي اڳتي وڌيل شڪل جو اظهار ۽ شهري بنياد تي قائم ٿيل هيون. اها ٻي ڳالهہ آهي ته انهن ۾ اخلاقي اصولن جو گھٽ خيال رکيو ويندو هو. هڪ ته انهن بادشاهتن ۾ اقتدار لاء خاندان اندر ڇڪتاڻ ۽ هڪٻئي جو قتل هڪ عام ڳاله هئي ۽ ٻيو ته اهي وقت بوقت مختلف گانا سنگائن تي حملا ۽ ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا. گوتم پنهنجن پوئلڳن کي اهو ته چيو هو ته زندگي انتهائي پيچيدي ۽ منجھيل آهي ۽ ان کي سولو نه سمجھو. ساڳي وقت سندس باه جو خطبو مشهور آهي. هن چيو هو ته اي راهبو سڀڪجھ ٻري پيو. سڀڪجھ ڇا ٻري پيو. اک ٻري پيئي، صورتون ٻرن پيون، اک جيڪو ڏسي ٿي ۽ جيڪو سمجھي ٿي سڀ ٻرن پيا. جيڪو به ان ڏسڻ جي تجربي تي مدار رکي ٿو پوء ڀلي اها خوشي يا ڏک هجي يا خوشي ۽ ڏک نه هجي سڀ ٻري پيو. اهو ڇا ۾ ٻري پيو.خواهشن، نفرت ۽ دوکي جي باه ۾ ٻري پيو. آئون اوهان کي ٻڌايان ته اهو جنم، عمر جي وڌڻ ۽ موت ڏکن، ماتم، تڪليفن، مايوسين سان ٻري پيو.
ان وقت جين مت سميت ڇهہ وڏا مذهب يا عقيدا موجود هئا جن مان رڳو ٻن جين مت ۽ اجيويڪاس جي ڄاڻ آهي جڏهين ته ٻين جي انهن جي وڌيڪ منظم شڪل ۾ نه هئڻ ڪري هاڻ ڄاڻ ناهي. اجيويڪاس انهن مان وڌيڪ مايوسي جو پرچار ڪندڙ پر ساڳي وقت هڪ مضبوط گروپ هو جنهن جو دارومدار عقلي ريت مقدر تي ڀاڙڻو هو. سندن عقيدو هوندو هو ته واقعن جو تسلسل جيڪو ڪرم ۽ وري جنم ڏانهن وٺي وڃي ٿو۽ ڪنهن به مداخلت ڪري بدلجي نه ٿو سگھي.ِ اهو پنهنجي ليکي هلندو ٿو رهي. ان فرقي جو اڳواڻ ماکالي گوسالا هو. کيس مساوات تي ٻڌل قبائلي جمهوريتن جو نمائندو ڪري ليکيو وڃي ٿو. قبائلي جمهورتن جي زوال ۽ ان فرقي جي پوئلڳن جي وڏي پئماني تي قتل عام ان جي اڳواڻ ۾ هڪ مايوسي ڀري ڇڏي هئي.

ٻڌ مت ۽ برهمڻ ازم

ٻڌ مت ۽ برهمڻ ازم

شروع ۾ برهمڻ ڪا ذات نه هئي ۽ نه ئي اهو ڪو خانداني ورثو هوندو هو بلڪ اهو هڪ پيشو هوندو هو. برهمڻ اهو فرد هوندو هو جنهن کي مذهبي ڪتابن ۽ تعليم وغيره جي ڄاڻ هوندي هئي ۽ هو قرباني ۽ ٻيون مذهبي رسمون وغيره ادا ڪري سگھندو هو. اهو ڪو به ماڻهو ٿي سگھيو ٿي. ساڳي ريت ذات پات جي بنياد تي ورهاست ٿيل نه هئي. جيڪڏهين ڪنهن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي ته اهي کشتري، ويڙهاڪ ۽ حڪمران طبقو هوندو هو. گوتم ٻڌ پاڻ برهمڻن تي کشترين کي اهميت ڏني هئي. پنهنجي ان مذهبي ڄاڻ واري حيثيت کي استعمال ڪندي برهمڻن پاڻ کي وقت سان گڏوگڏ هڪ موروثي حيثيت ڏيئي ڇڏي ۽ ذات پات جي نظام کي متعارف ڪرايو جنهن مطابق فرد جي حيثيت سندس ڪم ۽ اخلاق نه پر سندس خانداني پس منظر ڪري مقرر ٿئي ٿي. ٻڌ جي تعليم ان جي ابتڙ اها هئي ته فرد جي حيثيت سندس خاندان يا ذات جي بنياد تي نه پر سندس اخلاق ۽ ورتاء جي بنياد تي طئي ٿئي ٿي.
گوٿم سڌارٿ کي اها خبر هئي ته سندس وفات کانپوء سندس پوئلڳ مختلف فرقن ۾ ورهائجي ويندا. هن اهو چيو هو ته دنيا هڪ جاء تي بيٺل ناهي ۽ اها هر وقت تبديل ٿي رهي آهي. سندس ان اڳڪٿي موجب سندس وفات کانپوء ٻڌ ڌرم ۾ ٽي وڏا فرقا ٿراويدا، وجرايانا ۽ ماهايانا وجود ۾ آيا.
هڪ ڊگھي عرصي تائين ٻڌ مت هندوستان جو هڪ حاوي ۽ وڏو مذهب رهيو.ان ڪري ان دور جي هندوستان کي هندو انڊيا، جيئن عام طور چيو وڃي ٿو، جي بجائي ٻڌ انڊيا چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. موريا خاندان ۾ چندر گپت موريا جي هڪ اهم حيثيت آهي جڏهين ته سندس جانشين اشوڪا گھڻين جنگين ۽ رتوڇاڻ کانپوء ٻڌمت اختيار ڪيو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي پرچار لاء ٻڌ جي تعليم تي ٻڌل ڪتبا ۽ ٻڌ جا مجسما نصب ڪرايا هئا. پر موجوده دور جا هندوستان جا ڪجھ تاريخدان اهو چون ٿا ته اشوڪا بڌ ڌرم اختيار نه ڪيو هو پر هن رڳو ان جي اخلاقي تعليم کي عام ڪرڻ چاهيو ٿي جنهن جي لاء هن پرچار جا مختلف طريقا اختيار ڪيا. اها ڳاله پنهنجي ليکي اهم آهي ته چندر گپت، اشوڪا ۽ هندوستان جي مختلف علائقن جي ٻين جين ۽ ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ حڪمرانن جي دور ۾ برهمڻ ۽ ٻئي ڪنهن به مذهب جي عبادت وغيره تي پابندي نه هئي. ٻڌ ڌرم جو گھڻو زور ملڪ جي انهن علائقن ۾ هو جيڪي هن وقت پاڪستان جو حصو آهن. سنڌ جي حوالي سان اها ڳاله آهي ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت جيتوڻيڪ حڪومت هندن جي هئي پر هتي آبادي جي گھڻائي ٻڌ مذهب جي هئي. اهڙي ريت ٽيڪسيلا ٻڌ مت جو وڏو مرڪز رهيو آهي ۽ سوات ۽ خيبر پختون خواه جي ٻين علائقن ۽ ويندي افغانستان ۾ ان جو وڏو اثر رهيو آهي.
اشوڪا جي دور ختم ٿيڻ کانپوء هندوستان ۾ ٻڌمت جو زوال شروع ٿيو. ان جا گھڻا ڪارڻ آهن. ٻڌ راهب پنهنجين خانقاهن تائين محدود ٿي ويا هئا. ايستائين ته ٻڌ مت جي پوئلڳن جا روزمره جا مسئلا به برهمڻ حل ڪندا هئا. هندو مذهب جو احياء گپتا دور ۾ ٿيو پران جو مهندار ۽ شروعات ڪندڙ اشوڪا جي سلطنت جي هڪ پرڳڻي جو گورنر پشيا مترا هو جنهن ٻڌ مت جي پوئلڳن تي سختي ڪرڻ شروع ڪئي. ان دور ۾ منو سمرتي به لکي ويئي جنهن ۾ زندگي گذارڻ جا طريقا ۽ اصول وغيره ڄاڻايل آهن. امبيدڪر ان دور کي رد انقلاب قرار ڏئي ٿو. ساڳي وقت برهمڻن هندو مذهب ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ان کي نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو..شيوا، جيڪو مختلف روپ بدلائي ٿو، ۽ وشنو، جنهن جا مختلف اوتار آهن، کي سامهون آندو ويو. برهمڻن ٻڌمت کي هڪ ڌار مذهب طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ گوتم سڌارٿ کي وشنو جو نائون اوتار ڪري پيش ڪيو.
تاريخ دان ڊي ڊي ڪوسمبي جو چوڻ آهي ته ٻڌمت جو اهنسا ۽ ماڻهن کي مهذب ڪرڻ وارو ڪم، جنهن کي سڄي دنيا جيڪڏهين ان تي عمل نه ٿي به ڪيو ته مڃيو ضرور ٿي، ستين صدي عيسوي تائين ختم ٿي چڪو هو. ويدن وارين قربانين کي ماڻهو ترڪ ڪري چڪا هئا. اصل ڏکيو ڪم ڳوٺاڻن ۾ عدم تشدد کي طاقت جي استعمال کانسواء مروج ڪرڻ هو جيڪو ڪم مذهب ڪيو پر ٻڌ ڌرم نه ڪيو.
ان سلسلي ۾ ستين صدي عيسوي هرشا جي دور ۾ ٻڌ مت جي مختلف پاسن ۽ مجموعي صورتحال کي ڏسن لاء چيني سياح سان سنگ هندوستان آيو. اهو ان دور جي تاريخ جي حوالي سان هڪ اهم ذريعو آهي. هن ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن اهي نتيجا ڪڍيا ته ان وقت ٻڌمت زوال پذير هو. خانقاهون زبون حالت ۾ هيون ۽ گھڻن علائقن ۾ ماڻهن جي گھڻائي ٻڌمت ڇڏي چڪي هئي.
برهمڻن نهايت سرگرمي ۽ اڳرائي وارا طريقا اختيار ڪندي پنهنجا ڪم شروع ڪيا هئا. ان سان گڏوگڏ سنڪارا ادارن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. ڳوٺن ۾ طبقاتي بنيادن تي هارين ۽ قديم قبائلي ماڻهن جي ذات جي بنياد تي نئين سر تنظيم ٿيڻ لڳي هئي جنهن کي ٻڌ مت رد ڪيو ٿي. اهي ماڻهو گھڻو ڪري عبادتن ۽ مذهبي رسمن کي پسند ڪندا هئا جنهن جي ٻڌ راهبن لاء منع ٿيل هئي. اهڙي ريت انهن رسمن تي هڪ لحاظ کان برهمڻن جي هڪ هٽي هئي. برهمڻن کي ان لحاظ کان به فوقيت حاصل هئي ۽ انهن اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ٿي ته انهن کي ڪم جي ڪيلينڊر ۽ موسمن وغيره جي ڄاڻ هئي ۽ اهي اهو ٻڌائي سگھيا ٿي ته ڪڏهين هر ڏجي، ڪڏهين ٻج پوکجي ۽ ڪڏهين پوک لڻجي. ساڳي وقت کين نين پوکن ۽ واپار جي امڪانن متعلق پڻ ڄاڻ حاصل هئي. اهڙي ريت اهي پيداواري طبقن تي ائين هڪ بار نه هئا جيئن سندن رڳو قرباني جون رسمون اداڪندڙ ابا ڏاڏا يا ٻڌ مذهب جون وڏيون خانقاهون هيون. ساڳي وقت انهن گوتم سڌارٿ کي وشنو جو نائون اوتار ٺاهي پنهنجي مذهب جو حصو ڪري ٻڌ ڌرم سان هڪ ٺاه ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ انهن مختلف قبيلن ۽ آديواسين جي ديوي ديوتائن کي رد ڪرڻ جي بجائي انهن کي وشنو جي اوتارن جي حيثيت ڏيئي پنهنجي مذهب جو حصو ٺاهي ڇڏيو.

ٻڌ مت جي زوال جا ڪارڻ

ٻڌ مت جي زوال جا ڪارڻ

هندوتوا جي حامين جي اها دعوا درست ناهي تہ هندو ڌرم ۾ تشدد جو استعمال ناهي ۽ اهو پرامن نموني اڳتي وڌيو آهي. اهي هن وقت پاڻ جيڪي ڪجھ ڪن پيا اهو ته سڀني جي آڏو آهي. ليکڪ اهو ٻڌائي ٿو ته برهمن ازم ۾ مرتدن لاء ڪا رعايت ناهي ۽ اهو سندن سڀني مذهبي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. جڏهين ته ارٿ شاستر ۾ ان لاء خاص هدايتون آهن. هو رام جو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿو ته هن هڪ شودر شمبالڪ کي رڳو ان ڪري قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته هن پنهنجي ذات جي حدن کي اورانگھيندي جھنگل ۾ وڃي تپسيا اختيار ڪئي هئي ۽ هڪ همراه رام کي سندس خلاف اها شڪايت ڪئي هئي ته شمبالڪ جي ان عمل جي ڪري سندس ڌي گذاري ويئي هئي. ساڳي وقت ٻڌ ڌرم خلاف به ان وقت تشدد جو استعمال ڪيو ويو. ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن کي مرتد ڪري ليکيو ٿي ويو. ڪنهن نشان ڇڏڻ کانسواء راهبن کي قتل ڪيو ويو ۽ خانقاهن کي تباه ڪيو ويو. لنگا پرانا ۾ ذڪر آهي ته پري مترا نالي هڪ تنبيه ڪندڙ پيدا ٿيو هو جنهن ٻٽيه سالن جي عمر ۾ اٽڪل ويه سالن تائين وحشين ۽ جھنگلين کي هزارن جي تعداد ۾ قتل ڪيو هو. هن انهن سڀني بادشاهن کي به قتل ڪيو جيڪي شودرن جو اولاد هئا. هو ايستائين پنهنجو اهو ظلم ۽ ان سڄي مخلوق جو قتل عام جاري رکندو ٿي آيو جيستائين ڌرتي رک نه ٿي ٿي وڃي.
تاريخدان گوکلي جو چوڻ آهي ته آخري دور ۾ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ خاص طور تي برهمن ازم جي نشاني تي هئا. هنن انهن کي شودرن ۽ ٻين گھٽ ذات وارن جي حيثيت ڏيئي ڇڏي هئي. ان ڳالهہ جي تصديق امبديڪر پاران به ڪئي ويئي آهي. انهن ۽ ٻين گھٽ ذات وارن جي رهڻ لاء شمشان گھاٽن جي پويان ميدانن ۾ جاء مخصوص ڪئي ويئي هئي ۽ کين هدايت ڪئي ويئي هئي ته جيڪڏهين هتي ڪي نوان ماڻهو اچن ٿا ته انهن جي لاء گنجائش پيدا ڪن ۽ انهن کي تنگ نه ڪن.
ٻڌ ڌرم بادشاهن ۽ حڪمرانن کي خلق سان سٺي ورتاء ڪرڻ وغيره جي تلقين ڪندو هو جنهن کي گھڻا پنهنجي اقتدار ۽ اختيار ۾ هڪ رڪاوٽ ڪري ليکيندا هئا. جڏهين ته برهمن ازم ۾ اصل ڳاله ڪرم پورو ڪرڻ هوندو هو ۽ اخلاق يا ماڻهن سان چڱي ورتاء جي ڪا پابندي نه هوندي هئي. ان ڪري بادشاهن پاران ٻڌ مت جي ڀيٽ ۾ برهمڻن جي پٺڀرائي ڪئي ويئي ۽ ٻڌمت کي پوئتي ڌڪيو ويو.
اسلام هڪ لحاظ کان ننڍي کنڊ ۾ برهمن ازم کان وڌيڪ ٻڌمت لاء خطرو بڻجي آيو. هڪ ته مسلمان ڪاه ڪندڙن خانقاهن وغيره کي تباه ڪيو. ان ۾ جيتوڻيڪ مندر به شامل هئا. انهن خانقاهن ۾ اهم ٻارنهين صدي عيسوي ۾ وڪرمسالا ۽ اودنتا پورا جو تباه ٿيڻ هو جنهن کي ترڪن پاران قلعا سمجھيو ويو هو. ساڳي ريت نلندا يونيورسٽي خانقاه جي تباه ٿيڻ کي پڻ اهم ليکيو وڃي ٿو. امبيدڪر پاران به ان لحاظ کان اسلام کي ٻڌ مت جو هڪ مخالف مذهب ڪري ليکيو ويو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته عبادت گاهن کي تباه ڪرڻ جو مقصد مذهبي کان وڌيڪ معاشي ۽ اتي موجود خزانن کي ڦرڻ هو. اهو ڪم رڳو مسلمانن جو نه پر مختلف علائقن جا هندو راجا به جڏهين هڪٻئي جي علائقن تي حملا ڪندا هئا ته اهو ئي سڀڪجھ ڪندا هئا. سندس چوڻ آهي ته هندوتوا جا حامي مسلمانن هٿان تباه ٿيل مندرن جو جيڪو تعداد ٻڌائين ٿا اصل تعداد ان جو ڏه سيڪڙو مس آهي.
ٻڌمت کي اسلام کان جيڪو اصل خطرو هو سو ان جي خانقاهن وغيره کي تباه ڪرڻ کان وڌيڪ اهو هو ته ٻنهي جي تعليم ۽ مذهبي اصولن وغيره ۾ گھڻي مماثلت ۽ هڪجهڙائي هئي. ٻنهي ذات پات کي ننديو ٿي ۽ سٺي اخلاق ۽ چڱي ورتاء تي زور ڏنو ٿي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اسلام قبول ڪندڙن ۾ هندن جو تعداد گھٽ هو جنهن ۾ گھٽ ذات وارا هندو به شامل هئا. انهن ۾ هندو مذهب کان ٻاهر جا مختلف ننڍن پيشن۽ قبيلن وغيره سان لاڳاپيل ماڻهو شامل هئا.
هندوستان جي تاريخ ۾ ڀڳتي تحريڪ کي هڪ اهم مقام حاصل آهي. اها تحريڪ اٽڪل هڪ هزار سالن کان مختلف روپن ۾ هلندي ٿي آئي. تامل ناڊو ۾ شروعاتي شيواتي ۽ وشناتي تحريڪون هيون. انهن ۾ جيتوڻيڪ ذات پات ۽ اوچن طبقن جي نندا ڪئي ويندي هئي پر انهن جو مقصد برهمن ازم جو احياء هو. ان لاء نهايت جارحاڻا طريقا اختيار ڪيا ويندا هئا ۽ ان جا پوئلڳ جين ۽ ٻڌ مت جي پوئلڳن کي قتل ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. ان جا سنت گھٽ ذات سان واسطو هوندي به روحاني طور اوچي ذات يا برهمن هئڻ جو سوچيندا هئا. روي داس، جنهن جي ميرا پوئلڳ هئي، ميرا ۽ ڪبير وغيره ان سلسلي جا اهم سنت آهن. انهن جي واٽ به برهمڻن پاران ئي مقرر ڪئي ويندي هئي ۽ انهن جي گيتن وغيره جو ريڪارڊ به بجائي ان تحريڪ سان واسطو هئڻ وارن وٽ هئڻ جي برهمڻن وٽ هوندو آهي.
امبيدڪر، جنهن جو هندوستان جي سياست ۽ ان جي آئين ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار آهي، جو واسطو شودرن جي هڪ ذات مهر سان آهي. ٻڌمت جيتوڻيڪ، چين، جپان ۽ ڏور اوڀر جي گھڻن ملڪن ۾ اتان جي پنهنجن مذهبن سان گڏ نه رڳو موجود رهيو پر وڌنڌو ويجھندو به رهيو. پر هندوستان ۾ هڪ مذهب طور ان جي حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ اهو هندو مت جو حصو بڻجي ويو. انگريزن جو دور هڪ لحاظ کان ٻڌمت جي احياء جو دور هو ۽ ان ۾ امبيدڪر، جنهن کي بابا صاحب چيو ويندو آهي، هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس اڳ ئي اهو خيال هو ته شودرن جي گھڻائي ٻڌمت جي پوئلڳن جي آهي. ان ڳاله کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجن چار لک ساٿين سان ٻڌمت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
هن وقت هندوستان ۾ جيتوڻيڪ جين مت ٻڌمت تي ڪا سختي، پابندي ۽ بندش ناهي پر هتي ان جي پوئلڳن جو رڳو هڪ محدود تعداد آهي.

ڀارت ۾ ٻولي جو مسئلو

ڀارت ۾ ٻولي جو مسئلو

ڀارت گھڻين ٻولين ۽ ثقافتن جو ملڪ آهي. جڏهين آزادي کانپوءِ نهرو حڪومت پاران رڳو هندي کي انگريزي سان گڏ ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪرڻ جي تجويز رکي ويئي هئي ته ان جي خاص طور ڏکڻ هندوستان جي ماڻهن سخت مزاحمت ڪئي هئي. سندن چوڻ هو ته هندو هئڻ جو مطلب هندي ٻولي کي اختيار ڪرڻ ناهي ۽ ٻي ڳالهہ ته ڀارت جا سڀ ماڻهو هندي نه ٿا ڳالهائين. ان مزاحمت جي ڪري ان ڳالهہ کي ان وقت ملتوي ڪرڻو پيو هو. پر هن وقت بي جي پي جي حڪومت اچڻ کانپوء خاص طور ان جي بااثر گھرو وزير اميت شاه جي اها ڪوشش رهي آهي ته ڀارت کي هڪ ٻولي هندي ۽ هڪ مذهب هندو ڌرم جو ملڪ ڪري پيش ڪيو وڃِي. ان مقصد لاء هن پنجاه کن اهڙين ڌار ٻولين کي هندي جو حصو ڪري پيش ڪيو آهي جن جو هندي سان ڪو واسطو ناهي. ان سلسلي ۾ خاص طور بيجاپوري ٻولي جو مثال ڏنو وڃي ٿو جنهن جا پنج ڪروڙ ڳالهائيندڙ آهن ۽ ان جا الڳ اخبار، سينيما وغيره پڻ آهن. ان سلسلي ۾ اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته ان سان ملڪ جو اتحاد مضبوط ٿيندو. پر ملڪ ۾ اهڙا گھڻا ماڻهو موجود آهن جيڪي ان ڳاله کي ائين قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن ۽ اهي اها ڳالهہ سمجھن ٿا ته ملڪ جي بقاء ۽ سونهن ان ۾ آهي ته ان جي مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ مذهبن عقيدن وغيره کي برقرار رکيو وڃي ۽ انهن کي ترقي ڏياري وڃي. مادري ٻولي جو هڪ حساس معاملو آهي. اها پنهنجي ڳالهائيندڙ کي دنيا متعلق هڪ نڪته نظر ڏيئي ٿي ۽ هڪ منظر پيش ڪري ٿي. ان جي ختم ٿيڻ سان اهو نڪته نظر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ منظر مٽجي وڃي ٿو. ڪنهن جي به مادري ٻولي سان هٿ چراند جا منفي اثر ٿي سگھن ٿا جنهن جا مثال ننڍي کنڊ ۾ سڀني جي آڏو آهن.
ان سلسلي ۾ گنيش نارائن ديوي هڪ اهڙو شخص آهي جنهن ڪنهن سرڪاري مدد کانسواء ڀارت ۾ ٻولين جي حوالي سان نهايت اهم ڪم ڪيو آهي. هو 1950 ۾ مهاراشٽر رياست جي هڪ ڳوٺ بور ۾ پيدا ٿيو. والد جي وفات کانپوء هن نهايت ڏکين حالتن ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي. سندس تحقيق هڪ لحاظ کان بي جي پي جي هڪ ٻولي هڪ مذهب واري مهم لاء هڪ وقتائتو جواب آهي. سندس چوڻ آهي ته هن وقت تاريخ کي شاگردن ۾ هڪ جنونيت۽ انتها پسندي پيدا ڪرڻ لاء پڙهايو پيو وڃي. هن ننڍي کنڊ جي تاريخ تي غيرمعمولي ڪم ڪيو آهي. ان مقصد لاء هن دنيا جي اسي تاريخدانن کي پنهنجي ان ڪم ۾ شامل ڪيو آهي. سندس تحقيقي ۽ عالمانه مضمون مختلف تحقيقي جنرلز وغيره ۾ شائع ٿيندا رهيا آهن. سندس ڪتاب The Origins of Indian Civilization and Histories of India ان سلسلي جو اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ هن برف جي آخري دور جي ختم ٿيڻ کان پوء سڄي ننڍي کنڊ جي ٻارنهن هزار سالن جي تاريخ جو جائزو ورتو آهي. هيستائين سندس تحقيق پنجاه جلدن ۾ ڇپي آهي جيڪا اڳتي هلي سو جلدن تائين پهچندي.
ٻولي جو سوال سندس لاء هميشه کان اهم رهيو آهي. سندس نظر مان جڏهين 1971 ۾ ڪيل ٻولين تي ڪيل سينسس گذريو، جنهن ۾ ڀارت ۾ 108 ٻولين کي مادري ٻولي طور ڄاڻايو ويو هو ۽ ان جي پڇاڙي ۾ 109 نمبر تي لکيل هو ٻيون سڀ ٻوليون. هن اهو سوال اٿاريو ته اهي ٻيون سڀ ڇا آهي ۽ اهي گھڻيون ۽ ڪهڙيون ٻوليون آهن. سندس ٽيم، جنهن ۾ 3500 ٻولي جا ماهر، عالم ۽ ان موضوع سان دلچسپي رکندڙ سيکڙاٽ شامل آهن، پاران جڏهين تحقيق ڪئي ويئي ته کين 780 اهڙيون ٻوليون مليون جيڪي هن وقت ملڪ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون جڏهين ته ان کانسواء سوين ٻيون ٻوليون به آهن. 2011 جو سرڪاري سينسس اهڙين 121 وڏين ٻولين جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جا ملڪ ۾ ڏه هزار يا ان کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ آهن جڏهين ته ڀارت جي آئين ۾ رڳو 22 ٻوليون آهن. سندس چوڻ آهي ته آزادي کانپوء اٽڪل 300 ٻوليون ختم ٿي ويون آهن ۽ ٻيون گھڻيون اهڙيون آهن، جن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڏه هزار کان گھٽجي ويو آهي، ختم ٿيڻ جي ويجھو آهن. سندس چوڻ آهي ته ماڻهن جي ٻولين جو سروي ڪندي کيس لڳو ته هو اهڙي قبرستان ۾ هلي رهيو آهي جيڪو لاشن سان ڀريل آهي. هن پنهنجي ان تحقيق جي سلسلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ جو سفر ڪيو آهي. هماليه جي جبلن، جتي هن سمجھيو ته ٿڌ کيس ماري ڇڏيندي، ۽ جھنگلن ۾ ويو آهي. آديواسين ۽ مختلف قبائلي ماڻهن سان له وچڙه ۾ آيو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته انڊيمان ٻيٽن جي بوئا قبيلي جي کيس اهڙي اڪيلي عورت ملي جنهن سان ڪير ڳالهائڻ وارو نه هو ۽ اها پکين سان ڳالهائيندي هئي. اها عورت 2010 ۾ وفات ڪري ويئي.
هن پنهنجي تحقيق جي دوران گھڻين قبائلي لڪل ٻولين کي دريافت ڪيو آهي. اهڙيون ٻوليون جيڪي اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ جن کي ٻيو ڪوغير ماڻهو سمجھي نه سگھندو آهي. هن ڀارت جي سامونڊي ڪناري جي گھڻن ڳوٺن ۾ پورچوگيزي ٻولي جو هڪ قسم دريافت ڪيو جيڪو اتي ڳالهايو وڃي ٿو. هماليه جي هماچل پرديش رياست ۾ سورنهن اهڙيون ٻوليون آهن جن ۾ گڏيل طور برف لاء ٻه سو لفظ آهن ۽ اهو به ته جڏهين چنڊ اڀريل هجي ۽ برف ڪرندي هجي.
سندس تحقيق جو مرڪزي نڪتو ڀارت جي آديواسي ماڻهن جون ٻوليون آهن. جھنگل ۾ رهندڙ مختلف قبيلن ۽ ٻولين سان واسطو رکندڙ انهن ماڻهن کي آديواسي سڏيو وڃي ٿو جن جو ڪل تعداد اٽڪل ڏه ڪروڙ آهي. اهي مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا جن مان گھڻيون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن. انهن ماڻهن جو وڏو تعداد ڀارت جي رياست گجرات ۾ آهي. ان ڪري سورنهن سال يونيورسٽي سطح تي انگريزي پڙهائڻ کانپوء ديوي 1996 ۾ گجرات جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻولين تي تحقيق لاء آديواسي اڪيڊمي قائم ڪئي. ان اڪيڊمي ۾ گھڻين ٻولين جو اسڪول، هڪ صحت جو مرڪز ۽ اٽڪل سٺ هزار ڪتابن جي لائبريري آهي جنهن ۾ قبائلي آرڪائيز پڻ شامل آهن.
گڏوگڏ ديوي سماجي انصاف جي حوالي سان پڻ سرگرم رهيو آهي. تازو هن بي جي پي حڪومت جي شهريت متعلق لاڳو ڪيل قانون خلاف مظاهرن وغيره جو انتظام ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اهو قانون مذهب جي بنياد تي امتياز ڪري ٿو ۽ ملڪ جي سيڪيولر بنيادن کي نقصان پهچائي ٿو. اهڙي ريت اهو ملڪ جي آئين جي خلاف آهي. 2015 ۾ بت پرستي جي هڪ نقاد ۽ مسلمانن تي حملن جي مخالفت ڪندڙ ماديشپا ميديولپا ڪالبرگي جي هندو انتها پسندن هٿان قتل خلاف سڄي ملڪ جي ليکڪن ۽ فنڪارن وغيره احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا. ديوي ان بنياد تي 1992 ۾ کيس نيشنل اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سندس ڪتاب After Amnesia تي مليل ملڪ جو اعلا ترين ادبي ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو ته اڪيڊمي ان قتل جي نندا نه ڪئي هئي ۽ ان خلاف احتجاج نه ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته آئون ماٺ ڪري نه ويهندس پوء ڀلي مون کي ماري ڇڏين.
سندس ان سڀني سرگرمين جي باوجود به سندس اصل ڪم ٻولين تي تحقيق آهي ۽ هو ڀارت جي هڪ گھڻ ثقافتي ۽ گھڻن ٻولين واري ملڪ واري حيثيت کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.

ڀارت جا سنڌي ۽ سنڌيت جو بار

ڀارت جا سنڌي ۽ سنڌيت جو بار

سنڌ ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت يوپي، بهار ۽ ڀارت جي ٻين علائقن مان جيڪي پناهگير آيا انهن وٽ ان جي لاء اهو جواز ۽ دليل هو ته انهن هن ملڪ جي ٺاهڻ لاء جدوجهد ڪئي هئي ۽ قربانيون ڏنيون ھيون ان ڪري هن ملڪ ۽ ان جي هر شي تي سندن حق هو. پر ان جي ڀيٽ ۾ اهڙو ڪو جواز ۽ دليل سنڌ مان ڀارت لڏي ويندڙ سنڌي هندن وٽ نه هو ۽ اهڙي ريت انهن جو انهن علائقن تي ڪو حق به نه هو جتي هو لڏي ويا هئا. بمبئي ۾ ته سرڪار انهن کي شهر کان پري الهاس نگر ۾ ڪئمپ ۾ رهايو هو ته جيئن شهر ۾ اها صورتحال پيدا نه ٿئي جيڪا 6 جنوري 1948 تي ڀارت مان لڏي آيل پناهگيرن جي ڪري ڪراچي ۾ پيدا ٿي هئي ۽ سڄي سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ وڏي پئماني تي واڌارو اچي ويو هو.
پر حيدرآباد کان ٿر جي رستي راجستان ۽ گجرات لڏي ويندڙن لاء اها صورتحال نه هئي. ريٽا ڪوٺاري پنهنجي ڪتاب The Burden of Refuge- Partition Experiences of Sindhis of Gujrat ۾ ٻڌائي ٿي ته اتان جا ماڻهو کين بلڪل قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. کين کڻي ويندڙ ريل گاڏي جڏهين مارواڙ يا ٻئي ڪنهن شهر جي اسٽيشن تي پهتي ٿي ته اتي کين لهڻ نه ٿي ڏنو ويو ۽ کين اڳتي ڪنهن ويران جاء ڏانهن اماڻيو ويو ٿي.
سنڌي هندو گھڻي ڀاڱي ڀارت جي چار رياستن گجرات، مهاراشٽر، مديا پرديش ۽ راجستان ۾ آهن. انهن مان گھڻي ڀاڱي بمبئي ۽ گجرات جي مختلف شهرن ۾ رهن ٿا. شروع ۾ ڪراچي مان سمنڊ رستي جيڪي ماڻهو ويا انهن گھڻو ڪري بمبئي جو رخ ڪيو ۽ پوء جيڪي سمنڊ ۽ ريل رستي ويا انهن راجستان ۽ گجرات جي ويجھي بندرگاهن ۽ شهرن ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو. پڙهيل ڳڙهيل ۽ سرڪاري نوڪرين وارن ماڻهن جو گھڻو تعداد دهلي ۽ بمبئي ۾ وڃي رهيو. جڏهين ته واپاري طبقي ۽ ٻين ڪاروباري موقعن ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري گجرات کي ترجيح ڏني. گجرات ۽ راجستان سنڌ جي جاگرافيائي لحاظ کان ويجھو هئڻ ۽ ان سان تاريخي ۽ ثقافتي ويجھڙائي هئڻ ڪري به سنڌين لاء وڌيڪ ترجيح جوڳا هئا.
سنڌ ۾ هندو هڪ ڊگھي عرصي تائين مسلمانن سان گڏ ۽ مسلم حاڪمن جي حڪومت ۾ رهندا آيا آهن. انهن جي هڪ وڏي تعداد اورنگزيب جي غير مسلمن ڏانهن اسهپ وارين پاليسين ۽ ان کان پوء مغل سلطنت جي وکرجڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل غيرمستحڪم سياسي حالتن جي ڪري ٻه ٽي صديون اڳ پنجاب، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ ٻين ڀرپاسي وارين رياستن مان لڏي اچي سنڌ کي پنهنجو گھر ٺاهيو هو. سندن چوڻ هو ته اهي 712 عيسوي ۾ محمد بن قاسم جي حملي وقت سنڌ مان لڏي ويا هئا ۽ پوء اٽڪل هڪ هزار سالن کانپوء وري پنهنجي وطن موٽي آيا هئا. انگريزن جي اچڻ کان اڳ به جيتوڻيڪ ساڻن امتيازي ورتاء ڪيو ٿي ويو پر مسلمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته هئڻ ڪري حڪومت جو وهنوار گھڻو ڪري هندو عامل ئي هلائيندا هئا جڏهين ته واپار وڙو به سندن ئي هٿ ۾ هو. ان ڪري هڪ مذهبي ٿورائي هوندي به سنڌ جي شهرن ۾ انهن جي گھڻائي هونڌي هئي. انگريزن پاران خاص طور تعليم ۽ زراعت جي شعبي ۾ جيڪي سڌارا آندا ويا انهن جو گھڻو فائدو به کين ئي پهتو. ڇاڪاڻ ته شهر جي اسڪولن کي حڪومت پاران جيڪا مدد فراهم ڪئي ويئي ٻهراڙين کي ان کان محروم رکيو ويو ۽ انهن کي مدرسن وغيره جي پراڻي سرشتي تي ئي ڇڏيو ويو. ساڳي ريت ان کان اڳ هندو سوائي ڪجھ استشنائن جي زرعي زمين خريد نه ڪري سگھندو هو پر انگريزن پاران ان پابندي کي پڻ ختم ڪيو ويو. اهڙي ريت سرڪاري نوڪرين ۽ مجموعي طور معاشي لحاظ کان مسلمانن جي ڀيٽ ۾ انهن جي هڪ حاوي حيثيت هئي.
مذهبي لحاظ کان سنڌ جو هندو ڀارت جي ٻين علائقن جي هندن کان بلڪل مختلف هو. هتي پيشي جي حوالي سان عامل ۽ ڀائي بند وغيره جي ورهاست ۽ سڃاڻپ هئي پر ذات پات يا ڇوت ڇات جو هڪ سخت قسم جو نظام نه هو. اهي ساڳي وقت هندو ديوتائن جي به پوڄا ڪندا هئا ته گردوارن ۾ گرو گرنٿ کي به تعظيم ڏيندا هئا پر خالصه سندن عقيدي جو حصو نه هو ۽ مسلمان صوفين جي مزارن تي به حاضري ڀريندا هئا. اها ڳالهہ ٻين علائقن جي هندن لاء حيرت جوڳي هئي.
پر اها صورتحال گھڻي عرصي تائين ائين نه رهي. آزادي جي تحريڪ جي زور وٺڻ کانپوء انگريزن
کي ملڪ جي ٻين حصن جيان ان جو ٽوڙ مذهبي فسادن ڪرائڻ جي صورت ۾ نظر آيو. آريه سماج، هندو مهاسڀا ۽ شدي ڪرڻ وارين تحريڪن جا اڳواڻ خاص طور پنجاب مان سنڌ ۾ اچي هتان جي هندن کي پڪو هندو ٺاهڻ لاء وڌيڪ سرگرم ٿي ويا هئا. مارچ 1928 ۾ لاڙڪاڻو ۾ شدي جي مسئلي تي هندو مسلم فساد ٿيا جن کي محمد ايوب کهڙي ختم ڪرايو. شروع ۾ جيتوڻيڪ ڪجھ هندو اڳواڻ سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ جي حق ۾ هئا پر هندو مسلم فسادن انهن ۾ هڪ ڊپ پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي ان جي مخالفت ڪرڻ لڳا هئا. 1935 ۾ سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ ۽ 1939 ۾ منزل گاه جي فسادن صورتحال کي اڃا وڌيڪ گنڀير ڪري ڇڏيو هو. ڪانگريس مان انهن جو ويساه ختم ٿي ويو هو ۽ ان کي انهن مسلمانن جي جماعت سمجھيو ٿي جيڪا سنڌ جي هندن جو تحفظ نه ٿي ڪري سگھي. خاص طور تي نوجوانن جو لاڙو آر ايس ايس ڏانهن وڌنڌو ويو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ان جي شاخن جو تعداد وڌڻ لڳو.
جيتوڻيڪ 1940 کانپوء جڏهين پاڪستان جي تحريڪ زور وٺڻ شروع ڪيو هو سنڌ ۾ ائين هندو مسلم فساد نه ٿيا هئا جيئن پنجاب ۽ بنگال وغيره ۾ ٿيا هئا پر صورتحال ۾ ڊپ ۽ غير يقيني هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء گھڻا هندو لڏڻ لاء تيار نه هئا. ڪوئيٽا ۽ پوء 6 جنوري 1948 جي يوپي ۽ بهار مان لڏي آيل پناهگيرن، جن کي هندن جي گھرن جي ضرورت هئي، جي ڪراچي ۾ ڪيل فسادن جي ڪري وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي. ان کانسواء خاص طورسياسي ڪارڪنن کي زوري لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جيئن ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو، جو چوڻ آهي ته هو سنڌ مان وڃڻ لاء تيار نه هو پر کيس زوري کڻي جهاز ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
هتان لڏي ويندڙ ماڻهن ۽ خاص طور انهن کي جن کي ڪئمپن ۾ رهڻو پيو انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. بمبئي جي حوالي سان جيتوڻيڪ مقامي ماڻهو انهن کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا پر اتي ڌڪار ۽
نفرت جو اهڙو ماحول نه هو جيڪو ماس نه واپرائيندڙ وشنو ۽ جين عقيدي وارن جي گھڻائي وارين رياستن گجرات ءَ راجستان وغيره ۾ هو. ثقافتي ۽ تاريخي لحاظ کان جيتوڻيڪ انهن رياستن جا ماڻهو سنڌ ۽ سنڌين جي ويجھو رهيا آهن پر اهي انهن نون آيلن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. سندن چوڻ هو ته اهي مسلمانن جهڙا ماڻهو آهن جيڪي نه رڳو انهن جهڙا ڪپڙا پائين ٿا پر انهن وانگر گوشت به واپرائين ٿا. ان ۾ هڪ ٻيو معاشي عنصر پڻ شامل ٿي ويو. سنڌين جي گجرات ۾ اچڻ جو هڪ ڪارڻ هتي واپار وغيره جا گھڻا موقعا ۽ هتان جو پرامن ماحول هو. گھڻا ماڻهو بلڪل هٿين خالي آيا هئا. خيرات گھرڻ يا پنڻ سندن طبيعت ۾ نه هو. هينئر به چيو وڃي ٿو ته ڀارت جي سنڌين ۾ غريب ته اوهان کي ملندا پر شايد ڪو پنڻ ۽ خيرات وٺڻ وارو ماڻهو نظر اچي. واپاري لحاظ کان هڪ سخت مسابقت واري ماحول ۾ انهن کي ٿورن وسيلن سان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻو پيو. ان ۾ هڪ ته انهن ٻين جي ڀيٽ ۾ نفعو گھٽ تي ورتو جنهن جي ڪري سندس ڪاروبار گھڻو ٿي هليو جيڪا ڳالهہ مقامي واپاري لاء نقصانڪار هئي. ٻيو ان سان گڏوگڏ ٻه نمبر سامان ٺاهڻ ۾ به اهي گھڻو مشهور ٿي ويا. مثال طور الهاس نگر ۾ ٺهيل تي ٺپو يو ايس اي جو لڳل هونڌو. ساڳي وقت حڪومت کي پاڻ به ٽئڪس نه ڏيندا ۽ ٻين کي به نه ڏيڻ لاء چوندا. ليکڪا هڪ همراه جو مثال ڏنو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هو روز صبوح جو پنهنجن سڃاڻ وارن گھڻن ماڻهن کي ايس ايم ايس ذريعي سٺا قول موڪليندو آهي ۽ گڏوگڏ کين اها تاڪيد به ڪندو آهي ته ٽئڪس نه ڏيو. ليکڪا جڏهين هڪ واپاري کان اهو پڇيو ته اوهان ٽئڪس ڇو نه ٿا ڏيو ته هن ٺه په جواب ڏنو ته جيڪڏهين ٽئڪس ڏينداسين ته پوء اهي مهانگين ڪارن ۾ گھمڻ ۽ هيرن جي منڊين پائڻ وارا عيش ڪيئن ڪري سگھنداسين.
پهرين پيڙهي پاڻ کي معاشي لحاظ کان مستحڪم ڪرڻ ۾ رڌل هئڻ جي ڪري مقامي ماڻهن جي نفرت تي گھڻو ڌيان نه ڏنو پر ان کانپوء ايندڙ نسلن لاء سماج ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ پنهنجي جاء ٺاهڻ جي حوالي سان اهو هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو. سنڌين جي سڃاڻپ اها هئي ته اهي وڏن پيٽن وارا سيٺ آهن جيڪي پنهنجين ڌيئرن کي پڙهائڻ جي بجائي گھر ۾ ويهاري ننڍي عمر ۾ سندن شادي ڪرائي ڇڏين ٿا جڏهين ته سندن پٽ معمولي تعليم حاصل ڪري ڌنڌي ڌاڙي سان لڳي وڃن ٿا. ساڳي ريت منجھن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جي تميز به ناهي ۽ سنڌي گندا آهن. مڙد ۽ عورتون ڳاله ڳاله ۾ مسلمانن جيان ياالله ۽ يا خدا چون ٿا. گھڻن علائقن ۾ ماڻهو سنڌين کي رهڻ لاء گھر ڏيڻ لاء به تيار نه هونڌا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻارن ۽ نوجوانن لاء اسڪولن، ڪاليجن ۽ پنهنجن دوستن يارن ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائڻ عيب ۽ بيعزتي سمجھيو وڃڻ لڳو. اهڙي ريت سنڌي پڙهڻ ته پري جي ڳالهہ پر انهن پاڻ کي سنڌي چورائڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ کي سنڌي بجائي ٻي ڪا به سڃاڻپ ڏيئي ڇڏي. گھڻن ٻاهر ته ٺهيو پر گھرن ۾ به پنهنجي ماء پي سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو.
اهو ساڳيو رويو مذهب جي حوالي سان به اختيار ڪيو ويو. صوفي ازم لاءِ اهو چيو ويو ته اهو سنڌ جي مسلمانن جو کين نرم طريقي سان مسلمان ڪرڻ جو طريقو هو. جڏهين ته سک ڌرم لاء اهو چيو ويو ته
انهن پنهنجو ڌرم ته ڏنو پر خالصه کانسواء. جھولي لال سندن سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ ان کي وشنو جو اوتار ڪري پيش ڪيو ويو. ان ڳاله کي نظرانداز ڪيو ويو ته سنڌ ۾ مسلمان ان کي مختلف نالن جهڙوڪ زنده پير، خواجه خضر۽ بين مختلف نالن سان ياد ڪندا آهي. سنڌ ۾ ان جو هڪ تصور هندو مسلم اتحاد جو به آهي جڏهين ته گجرات جي سنڌين ان کي هندن کي مسلمانن جي ڏاڍ کان بچائڻ جو هڪ سمبل ڪري پيش ڪيو. ساڳي ريت جھولي لال جي نالي ۾ ۾ سنڌي هندن جا مندر قائم ڪيا ويا جن کي صوفي ازم ۽ سک ڌرم جي ڪنهن نشاني جهڙوڪ گرو گرنٿ وغيره، جيڪو اڳ سنڌي هندن جي مندرن ۾ رکيو ويندو هو، کان بلڪل پاڪ رکيو ويو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته کيس ياد ناهي ته سندس ننڍپڻ ۾ چيٽي چنڊ جي ڏڻ ملهايو ويندو هجي يا 1970 جي ڏهاڪي کان اڳ جھولي لال جي نالي ۾ باقاعدي جلوس وغيره نڪرندا هجن.
ان سان گڏو گڏ پنهنجو پاڻ کي هندن کان وڌيڪ هندو ثابت ڪرڻ لاء هندو مسلم فسادن ۾ سنڌين جو اهم ڪردار هوندو آهي. شروع ۾ ته ان جو مقصد مسلمانن کي لڏڻ تي مجبور ڪري انهن جي گھرن تي قبضو ڪرڻ هو پر هاڻي اهو هڪ معمول ٿي ويو آهي. مسلمانن سان سندن جھڙپون ڄڻ ته روز جو معمول آهن. 2002 جي فسادن ۾ سنڌين جو اهم ڪردار هو ۽ گھڻا فساد بي جي پي جي سنڌي ايم ايل اي مايا ڪوندناني جي حلقي ۾ ٿيا. جڏهين کانئس ان جو ڪارڻ پڇيو وڃي ٿو ته سندس چوڻ آهي ته مسلمانن ته هندن کي سنڌ مان لوڌي ڪڍيو ۽ سندن مال ملڪيت تي قبضو ڪيو ته پوء هتي انهن سان ساڳيو ورتاء ڇو نه ڪيو وڃي. ان ڳالهہ کي محسوس ڪيو ويو آهي ته گجراتين پاران سنڌين جي مسلمانن خلاف جذبي کي پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري 2002 جي فسادن ۾ هونئن ته سڄو گجرات فسادن جي وڪوڙ ۾ اچي ويو هو پر گوڌرا جتي اصل واقعو ٿيو هو ۽ جتي سنڌين جو وڏو تعداد رهي ٿو گھڻي ڀاڱي ان کان پري رهيو هو. اتان جي سنڌين جو چوڻ هو ته فسادن جي ڪري سندن ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو ۽ اهو سندن مفاد ۾ ناهي.
ڪڇ سان سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپو رهيو آهي ۽ ڪڇي کي سنڌي جو ئي هڪ لهجو ڪري ليکيو وڃي ٿو. اتي قائم سنڌالاجي جو ادارو ٻولي ۽ ثقافت جي مختلف پاسن تي تحقيق ڪري ٿو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته اتان جا مقامي لوهاڻا پاڻ کي سنڌي نه پر گجراتي سڏائين ٿا. هتي مسلمانن جو پڻ وڏو تعداد رهي ٿو ۽ سنڌ مان آيل سنڌي جيڪي اتي آباد ٿيا آهن اهي انهن سان امن آشتي سان رهن ٿا. ان جو اهم ڪارڻ ٻنهي جا واپاري مفاد آهن ۽ اهو سمجھن ٿا ته جھيڙو ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.
اهڙي ريت ڀارت ۽ خاص طور گجرات جي سنڌين کي پنهنجي ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت ۾ ڪو فائدو نظر نه ٿو اچي بلڪ هڪ لحاظ کان اهي سڀ سندن لاء بار ۽ اتان جي سماج ۽ ماڻهن ۾ ضم ٿيڻ ۽ سماجي طور اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن ۽ اهي ممڪن طريقي سان انهن مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ چاهين ٿا. ان جو نتيجو اهو نڪرندو جيئن خوشونت سنگھ چئي ٿو ته اڳتي هلي ڀارت ۾ سنڌي، سندن ٻولي ۽ ثقافت رڳو هڪ تاريخي ياد بڻجي رهجي ويندا. سنڌي جيڪڏهين اهو چاهين ها ته پنهنجي مذهبي سهپ صوفي مت ۽ سک ڌرم جي هندو ازم سان ملاپ کي نه رڳو ڀارت پر پوري دنيا لاء هڪ مثال ڪري پيش ڪري سگھيا ٿي پر هاڻي ان معاملي ۾ گھڻي دير ٿي چڪي آهي.

پابلو نرودا ۽ جواهر لال نهرو

پابلو نرودا ۽ جواهر لال نهرو
پابلو نرودا ٻيو ڀيرو ڀارت 1950 ۾ ويو. پيرس ۾ امن جي حامين جي عالمي تنظيم جي صدر جيوليٽ ڪيوري کيس هڪ مشن تي نيو دهلي موڪلڻ چاهيو ٿي ته جيئن اتي مختلف نڪته نظر جي ماڻهن سان ملي اهو اندازو ڪري سگھجي ته اتان جا ماڻهو امن متعلق ڇا سوچين ٿا. هن کيس ٻه خط ڏنا. هڪ بمبئي ۾ هڪ سائنسدان لاء هو ۽ ٻيو وزير اعظم نهرو کي ذاتي طور ڏيڻو هو. اهو سندس لاء گھڻو خوشگوار سفر نه هو. پهرين ته بمبئي ايئر پورٽ تي سندس سامان ۽ پاسپورٽ ۽ ٻين ڪاغذن جي سخت چڪاس ڪئي ويئي ۽ سندس ڪاغذن کي ضبط ڪيو ويو جيڪي پوء کيس واپس ڪيا ويا. انهن ماڻهن کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي جن جا وٽس نالا هئا. اتي جيوليٽ ڪيوري جي جنهن دوست کي تعارفي خط ڏيڻو هو اهو نيو ڪليئر ريسرچ جي انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر هو. هن کيس اهي سڀ شيون ڏيکاريون ۽ اهو به چيو ته اڄ وزيراعظم جي ڀيڻ لنچ جي دعوت ڪئي آهي جنهن ۾ هو به شريڪ ٿئي. دهلي ۾ هن ڇھہ ست اهم ماڻهن، جن ۾ ليکڪ، فلاسافر، هندو ۽ ٻڌ پروهت وغيره شامل هئا، سان گڏجاڻي ڪري امن جي امڪانن تي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي. ان دوران چلي جي ڀارت ۾ سفير ساڻس ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ڀارتي پوليس جي اڳواڻ ساڻس ملاقات ڪري سندس سرگرمين تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو جيترو جلد ملڪ ڇڏي وڃي اوترو بهتر.
نهرو ٻئي ڏينهن صبح جو کيس پنهنجي دفتر ۾ ملڻ جو وقت ڏنو. هو جڏهين اتي پهتو ته هن اٿي بيهي کيس هٿ ڏنو پر سندس مک تي ڪا آجيان واري مرڪ نه هئي. سندس چهرو ايڏا ڀيرا تصويرن ۾ آيو آهي جو ان کي بيان ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. هن پنهنجي سرد ۽ ڪارين اکين سان کيس ڪنهن احساس جي اظهار کانسواء پئي ڏٺو. ٽيهہ سال اڳ هڪ جلسي ۾ سندس ۽ سندس پي جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو هو. هن اهو کيس ٻڌايو پر ان سان سندس منهن جي تاثر ۾ ڪو فرق نه آيو. هن کيس پنهنجي ساڳي سرد نگاهن سان هر ڳالهہ جو رکي انداز ۾ جواب پئي ڏنو. هن کيس سندس دوست جوليئيٽ ڪيوري جو خط ڏنو. هن چيو ته کيس سائنسدان لاء گھڻي عزت آهي ۽ هن اهو خط پڙهي هڪ پاسي رکيو ۽ کيس بنهہ ڪجھ چوڻ جي ڏسڻ لڳو. کيس فوري طور ذهن ۾ اهو خيال آيو ته سندس موجودگي نهرو ۾ نه چاهيندي به هڪ اڻ وڻندڙ احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو. ساڳي وقت کيس اهو خيال پڻ آيو ته هي شخص خراب جسماني، سياسي يا جذباتي صورتحال مان گذري رهيو هو. سندس متعلق هڪ وڏي، مضبوط ۽ سخت گير شخص جو تاثر هو جنهن کي ڄڻ حڪم ڏيڻ جي عادت هجي پر هڪ اڳواڻ واري قوت منجھس نه هجي مون کي خيال آيو ته سندس پي موتي لال نهرو، جيڪو هڪ وڏو زميندار هو ۽ گانڌي جو مک خزانچي هو، نه رڳو پنهنجي سياسي ڏاهپ پر پنهنجي دولت سان به ڪانگريس جي تحريڪ جي مدد ڪئي هئي. هن سوچيو ته سندس سامهون ويٺل هي خاموش شخص شايد ڪنهن ريت وري زميندار ٿي ويو هو ۽ کيس ان ساڳي لاتعلقي ۽ نفرت سان گھوري رهيو هو جيئن هو هڪ پيرن اگھاڙي هاري کي ڏسندو آهي.
هن کانئس پڇيو ته آئون پيرس موٽڻ کانپوء پروفيسر جوليٽ ڪيوري کي ڪهڙو جواب ڏيان. هن خشڪ لهجي ۾ جواب ڏنو ته آئون پاڻيئي کيس ان خط جو جواب ڏيندس.
پابلو جو چوڻ آهي ته آئون ڪجھ وقت، جيڪو ڄڻ ختم ٿيڻ ۾ نه ٿي آيو، لاء خاموش رهيس. بظاهر ائين ٿي لڳو ته نهرو کيس ڪجھ ٻيو وڌيڪ چوڻ نه ٿي چاهيو پر هن ٿوري به بيچيني جو اظهار نه ڪيو. پابلو لاء اهو ائين هو ڄڻ ته اتي ڪنهن ڪارڻ کانسواء اهو محسوس ڪندي ويهڻ ته هو هڪ اهم شخص جو وقت ضائع ڪري رهيو هو.
هن محسوس ڪيو ته کيس پنهنجي مشن متعلق ڪجھ چوڻ گھرجي. هن چيو ته سرد جنگ هاڻي ڪنهن به وقت سرگرم جنگ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿي. هڪ نئين تباهي انسانيت جو انت آڻي سگھي ٿي. هن نيوڪليائي هٿيارن جي موتمار خطري جو به ذڪر ڪيو ۽ اهو به چيو ته انهن ماڻهن لاء جيڪي جنگ کي ٽارڻ چاهين ٿا پاڻ ۾ گڏجڻ ڪيتري قدر اهم آهي.
پر نهرو پنهنجن خيالن ۾ ئي ائين غرق رهيو ڄڻ هن کيس ٻڌو ئي نه هجي. ڪجھ لمحن کانپوء هن چيو ته ٻيئي ڌريون هڪٻئي کي امن لاء دليل ڏيئي رهيون آهن. پابلو جو چوڻ هو ته ذاتي طور هو سمجھي ٿو ته جيڪي امن جي ڳاله ڪن ٿا ءَ ان ۾ پنهنجوڪجھ حصو وجھڻ چاهين ٿا اهي ساڳي ڌر۽ ساڳي تحريڪ سان واسطو رکن ٿا. اسان سوائي انهن جي جيڪي بدلي ۽ جنگ جي ڳالهہ ڪن ٿا ٻئي ڪنهن کي به خارج ڪرڻ نه ٿا چاهيون.
وري خاموشي. هن سمجھي ورتو ته هاڻي ڳالهہ ٻولهہ ختم ٿي چڪي هئي. هو اٿي بيٺو ۽ موڪلائڻ لاء ڏانهس هٿ وڌايائين. هن خاموشي سان هٿ ملايو. جيئن هو در ڏانهن وڌيو ته نهرو ڪجھ دوستاڻي لهجي ۾ چيو ته آئون تنهنجي لاء ڪجھ ڪري سگھان ٿو، ڪا شي جيڪا تون پسند ڪرين.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته آئون پنهنجي ردعمل ڏيڻ ۾ تمام سست آهيان ۽ بدقسمتي سان ڪينہ پرورناهيان پر زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون اڳرائي ڪندي چيو ته ها سچي مون کي ڳالهہ وسري ويئي. آئون اڳ به انڊيا ۾ رهيو آهيان پر تاج محل جيڪو دهلي جي ويجھو آهي ڏسڻ جو موقعو نه مليو آهي. اهو هڪ سٺو موقعو هو جيڪڏهين پوليس مون تي شهر جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي نه وجھي ها ۽ اهو نه چئي ها ته جيترو جلد ٿي سگھي يورپ موٽي وڃ. آئون سڀاڻي موٽي رهيو آهيان.
هو پنهنجي ان ڳالهہ تي خوش هو. پر جيئن نهرو جي آفيس مان هوٽل پهتو ته مينيجر سندس انتظار ۾ هو. هن کيس چيو ته اوهان جتي گھمڻ ڦرڻ وڃڻ چاهيو ته وڃي سگھو ٿا. پر هن کيس چيو ته اوهان منهنجو بل ٺاهيو آئون سڌو ايئرپورٽ ويندس. اهڙي ريت ڀارت مان واپسي ٿي.
نهرو کي جڏهين لينن امن ايوارڊ ڏيڻ لاء ڀارتي نمائندي پاران نامزد ڪيو ويو ته پابلو ان ڪاميٽي ۾ شامل هو جنهن کي ايوارڊ لاء فيصلو ڪرڻو هو. سندس چوڻ آهي ته مون جيتوڻيڪ سندس حق ۾ ووٽ ڏنو پر منهنجي مک تي هڪ مرڪ هئي جنهن کي اتي ويٺل ٻين ميمبرن مان ڪير سمجھي نه سگھيو.

پابلو نرودا ۽ سوشلسٽ دنيا

پابلو نرودا ۽ سوشلسٽ دنيا

پابلو نرودا پنهنجين يادگيرين ۾ مختلف سوشلسٽ ملڪن ۽ انهن جي اڳواڻن جي حوالي سان پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا بيان ڪيا آهن. سوويت يونين سان سندس هڪ ويجھو لاڳاپو رهيو. نه رڳو اهو ته کيس لينن انعام مليو پر هو ان ڪاميٽي جو رڪن به رهيو جيڪا ان ايوارڊ ڏيڻ متعلق فيصلو ڪندي هئي. ان ايوارڊ کي ڪجھ عرصي لاء اسٽالن ايوارڊ جو نالو به ڏنو ويو هو پر اسٽالن جي وفات کانپوء ان کي وري لينن ايوارڊ جو نالو ڏنو ويو ۽ انهن سڀني کي جن کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو هو چيو ويو ته اهي اهو ايوارڊ واپس ڪن ته جيئن کين نئين سر لينن ايوارڊ ڏنو وڃي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اسٽالن گھڻو ميل جول نه رکندو هو. ساڳي ريت هو ايوارڊ وغيره ڏيڻ جي سلسلي ۾ به گھڻي مداخلت نه ڪندو هو. سندس شخصي طور ان سان ڪو واسطو نه پيو. باقي هن اهو ٻڌو ته جڏهين کيس ايوارڊ ملندڙ ماڻهن متعلق ٻڌايو ويو ته هن کين چيو نرودا به ته موجود آهي. خاص طور ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر جي فاشزم کي شڪست ڏيڻ جي سلسلي ۾ هو اسٽالن جي ڪردار کي ساراهي ٿو پر ملڪ جي مختلف حصن ۾ سندس لڳل مجسمن کي ڏسي هو ان پرسنيلٽي ڪلٽ تي پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪري ٿو. بورس پاسترنيڪ کي هو هڪ ليکڪ طور ساراهي ٿو پر ساڳي وقت کيس هڪ ايماندار قدامت پسند چئي ٿو.
ليکڪ کي اليا اهرن برگ سان گڏ چائينيز ڪومنٽانگ انقلابي ڪاميٽي جي سونگ چنگ لنگ، جيڪا 1949 کان 1954 ۽ پوء 1959 کان 1975 تائين چين جي نائب صدر رهي، کي لينن امن پرائز ڏيڻ لاء موڪليو ويو هو. اهو ريل جو هڪ ڊگھو سفر هو جنهن ۾ گھڻا ڏينهن لڳي ويا. هو سوويت ايشيا جي مختلف علائقن مان لنگھن ٿا ۽ منگوليا ۾ ڪجھ ڏينهن لاء ترسن ٿا. هتان جي بيڪل ڍنڍ سندن لاء خاص ڇڪ جو باعث هجي ٿي. جبلن سان گھيريل ان ڍنڍ جي انت جي خبر نه ٿي پئي. اتان جي خاص مڇي سان سندن تواضع ڪئي وڃي ٿي جيڪا سندن لا۽ يادگار هجي ٿي. چين ۾ کيس سڀ ماڻهو هڪ لباس ۾ نظر اچن ٿا. اتي پهچڻ کانپوء هو سونگ چنگ لنگ سان هڪ تقريب ۾ شريڪ ٿئي ٿو. هو کيس پنهنجو سهڻو سونو سگريٽ ڪيس ڏيکاري ٿي ۽ هو اهو ڏسي کيس واپس ڪري ڇڏي ٿو. ٿوري ديرکانپوء هو کانئس اهو سگريٽ ڪيس گھري ٿي. هو کيس چئي ٿو ته اهو ته هن کيس واپس ڪري ڇڏيو هو. پوء به هو پنهنجن ڪپڙن ۽ کيسن وغيره کي جاچي ٿو پر اهو نه ٿو ملي. هو گھڻو پريشان ٿو ٿئي پر ٿوري دير کانپوء سک جو ساه ٿو کڻي ته اهو سگريٽ ڪيس سونگ چنگ لنگ جي پرس ۾ ئي موجود هو. پر سندس چوڻ آهي ته هو ان ڳاله کي وساري ناهي سگھيو ته مٿس چوري جو شڪ ڪيو ويو هو.
اتي ليکڪ جي ملاقات چين جي گھڻن شاعرن ۽ ليکڪن وغيره سان ٿئي ٿي جن مان گھڻا جڏهين هو ٻئي ڀيري چين اچي ٿو ته مائو جي ثقافتي انقلاب جو نشانو بڻجي عتاب هيٺ هجن ٿا. ليکڪ ٻيو ڀيرو سيلون ۾ امن ڪانفرنس مان ٿي مختلف ملڪن مان ٿيندو چين ويو هو. هن پنهنجن چيني ميزبانن سان چين جي وڏي دريا يانگزي ۾ سفر ڪيو هو. هن سفر ۾ سندن هرطرح جي خدمت ڪئي ويئي، سٺا کاڌا کارايا ويا ۽ پروٽوڪول ڏنو ويو پر ان دوران ليکڪ جي سالگره جو وقت اچي ٿو ته ان کان اهو چئي منع ڪيو وڃي ٿو ته چين هن وقت ڪفايت شعاري جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ چيئرمين مائو به پنهنجي سالگره ناهي ملهائي ان ڪري اهو نه ٿو ڪري سگھجي. کين جنهن هوٽل ۾ رهايو ويو هو اتي انهن کي اوله جي ملڪن جا کاڌا ڏنا وڃن ٿا. سندن گھڻي اصرار جي باوجود کين چيني کاڌو نه ٿو ڏنو وڃي. نيٺ جڏهين اهي کين اهو چئن ٿا ته اوهان جيڪڏهين اسان کي چيني کاڌو نه ڏيندا ته اسان واپس پيرس هليا وينداسين ۽ اتي وڃي چيني ريسٽورنٽ ۾ چيني کاڌا کائينداسين ته پوء کين هڪ چيني ريسٽورنٽ ۾ وٺي هلن ٿا جيڪا بس انهن جي هوٽل کان سڏ پنڌ تي هجي ٿي هو ان ڳالهہ تي حيرت جو اظهار ڪري ٿو چين ۾ مائو جهڙو هڪ انقلابي اڳواڻ جنهن ايڏي وڏي تبديلي آندي هئي ۽ انقلاب جي اڳواڻي ڪئي هئي، شخصي پرستش يا پرسنيليٽي ڪلٽ جو شڪار ٿي ويو هو.
ڪاّرخانن جا مزدور ۽ ٻيا پورهيت جڏهين پنهنجن ڪمن تان فارغ ٿيندا هئا ته ٻاهر اچي مائو جي مجسمن آڏو پنهنجو سيس نوائيندا هئا. ساڳي ريت هو پنهنجن سڀني مسئلن جو حل هڪ مذهبي ڪتاب جيان مائو جي ڳاڙهي ڪتاب ۾ ڳولهين ٿا. اها ڳاله واقعي سمجھ کان ٻاهر هئي ته اسٽالن ۽ مائو جهڙا اڳواڻ ڪيئن ان شخصي پرستش جو شڪار ٿي ويا. ڪيوبا جي انقلاب ۽ ان جي اڳواڻ سان ليکڪ جو هڪ ويجھو ۽ جذباتي ناتو رهيو. پر ان سلسلي ۾ کيس هڪ تلخ تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهين PEN پاران نيويارڪ ۾ ليکڪن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ کيس مدعو ڪيو ويو هو. ان ڪانفرنس ۾ ڪيوبا جي ليکڪن کي به دعوت ڏني ويئي هئي پر اهي ان ۾ شريڪ نه ٿيا. انهن جي ڪاوڙ ان ڳاله تي هئي ته نرودا ان ڪانفرنس ۾ ڇو شريڪ ٿيو هو. ڪانفرنس کانپوء انهن نرودا خلاف هڪ خط لکي سڄي دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين ۽ ليکڪن کي موڪليو. اها ڳالهہ نرودا لاء ڏکوئيندڙ هئي. هن ان سلسلي ۾ فوري طور پنهنجي پارٽي سان رابطو ڪيو ۽ کين سڄي صورتحال کان آگاه ڪيو. پارٽي پاران نرودا سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي اهو واضح ڪيو ويو ٿه نرودا تي تنقيد کي پارٽي پاڻ تي تنقيد سمجھي ٿي. دراصل ان وقت ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جا لاطيني آمريڪا جي ملڪن ميڪسيڪو ۽ وينزويلا جي ڪميونسٽ پارٽين سان ناتا پڻ بحران جو شڪار هئا.
هڪ ڪميونسٽ هوندي به هو ڪنهن به سوشلسٽ ملڪ يا ان جي اڳواڻ جي عقيدت وغيره ۾ ورتل نه هو ۽ شين متعلق پنهنجو هڪ آزاد رايو رکندو هو جيڪا ڳالهہ دنيا جي گھڻن ڪميونسٽن لاء هڪ مثال آهي.

پابلو نرودا: زندگي جا مختلف پاسا

پابلو نرودا: زندگي جا مختلف پاسا

چلي جي شاعر پابلو نرودا جي سياسي ۽ ادبي حوالي سان هڪ ڏند ڪٿائي حيثيت آهي. هو هڪ سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ فطرت جو شاعر آهي. سندس ڏاڏي وٽ ايتري ٻني نه هئي جو سندس سڀني ٻارن جي ان مان پورت ٿي سگھي. سندس پي ريلوي ۾ ڪنڊڪٽر هو. اهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ انٽارڪٽيڪا جي ڏاکڻي حصي سائوٿ پول جي ويجھو ٽيموڪو جي شهر ۾ رهندا هئا. هتي گھڻو ڪري ريڊ انڊين جي آبادي هئي جن اسپيني ڪاه ڪندڙن کان ڀڄي اچي هن ڏورانهين علائقي ۾ پناه ورتي هئي پر اسپينين هتي به کين نه ڇڏيو هو. ان شهر جي چئني پاسن کان جبل هوندا هئا جن ۾ ٻرندڙ جبل به هئا . هڪ گھاٽو جھنگل جنهن ۾ هر قسم جا ٻوٽا، پکي ۽ جانور هوندا هئا ۽ لاڳيتو مينهن پوندو رهندو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي جا ٽي اهم عنصر هئا. مينهن، زمين ۽ شاعري. کيس سمنڊ ڏسڻ جو شوق هوندو هو ۽ نيٺ سندس پي موڪلن ۾ کين سمنڊ تي به وٺي وڃي ٿو. پنهنجي وطن جي ساراه ڪندي هو ڇئي ٿو ته ان جي سونهن کي ڏسي اهو چئي سگھجي ٿو ته جنهن اهو ڏٺو ناهي اهو ڄڻ ته هن دنيا ۾ ئي ناهي آيو. هو پنهنجي يادگيرين Memoirs ۾ پنهنجي زندگي جي مختلف پاسن تي روشني وجھي ٿو.
پڙهائي جي سلسلي ۾ هو چلي جي گادي جي هنڌ سنتياگو آيو. هتي هو معاشي ڏکيائين جو شڪار ۽ اڌ بک ۽ اڌ ڍءُ تي رهندو هو. ساڳي وقت هتي هو مشاعرن وغيرہ ۾ به شرڪت ڪندو هو. معاشي ڏکيائين جي باوجود هن ننڍي عمر ۾ پنهنجي شاعري جو مجموعو ڇپرايو. ان وقت چلي ۾ اهو رجحان هوندو هو ته ناليوارا شاعر اڪثر پيرس ۾ رهندا هئا ۽ ان ڳالهہ کي هڪ اسٽيٽس سمبل ڪري ليکيو ويندو هو. ليکڪ به اها ڪوشش ڪئي ته فارن سروس وسيلي ٻاهر ملڪ وڃي. پهرين کيس رنگون برما ۽ پوء سيلون ۾ ڪائونسل مقرر ڪيو ويو. کيس ڪجھ عرصي لاء انڊونيشيا. سنگاپور ۽ بٽاويا ۾ ڪاوئسل جون ذميواريون به ڏنيون ويون.
هو 1932 ۾ پنهنجي وطن موٽي آيو. کيس اسپين ۾ ڪائونسل ڪري مقرر ڪيو ويو. اهو اهڙو وقت هو جڏهين اسپين فاشسٽن ۽ جمهوريت پسندن جي گھرو ويڙه ۾ ورتل هو. هو جمهوري حڪومت جي پاسي هو ۽ انهن جي مدد ڪندو هو جنهن جي ڪري جنرل فرانڪو جي جنگ ۾ حاوي ٿيڻ کانپوء چلي جي حڪومت، جيڪا فرانڪو جي حامي هئي، کيس ڪاوئسل جي عهدي تان هٽائي ڇڏي ٿي. اتان هو فرانس اچي ٿو جتي جمهوري حڪومت جي حمايت جاري رکي ٿو. وطن واپس موٽڻ کانپوء چلي جي نئين حڪومت پاران کيس فرانس مان اسپين جي پناهگيرن کي چلي آڻڻ جي ذميواري ڏني وڃي ٿي جنهن کي هو پورو ڪري ٿو. هو سمجھي ٿو ته سرڪاري نوڪري ۾ رڳو حڪم جي بجا آوري ڪندي گھڻا اهڙ ا ڪم ڪرڻا پون ٿا جيڪي ماڻهو جي مرضي موجب نه ٿا هجن.
اهڙي ريت هونوڪري ڇڏي ميڪسيڪو مان واپس پنهنجي وطن اچي ٿو ۽ جولائي 1945 ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿئي ٿو. سندس خيال آهي ته جيڪا شاعري عوامي جدوجهد جو حصو نه ٿي بڻجي ان جو ڪو ڪارج ناهي. کيس سننيٽ جي چونڊن لاء پارٽي ٽڪيٽ ڌئي ٿي. سندس حلقو ٽامي جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ وارن پورهيتن جو هجي ٿو. سندس چوڻ آهي ته اهو جابلو ۽ اهڙو ويران علائقو آهي جتي گاه جو ذرو ناهي ۽ جتي جڳن کان مينهن جو هڪ ڦڙو ناهي وسيو. هتان جي پورهيتن جي سخت ۽ ڏکي زندگي هئي. هڪ ته کانئن سخت ڪم ورتو ويندو هو ۽ ٻيو ته کين ڪي به سهولتون حاصل نه هيون، ٿوري احتجاج تي گھڻن پورهيتن کي گولين جو بک بڻايو ويندو هو. ان ڪري ئي اهو علائقو چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو مضبوط ڳڙه هو. ان سڄي ڪسمپرسي واري زندگي جي باوجود پورهيتن کي پابلو نرودا ۽ سندس شاعري جي ڄاڻ هئي.
ان وقت جي صدارتي چونڊن ۾ ليکڪ هڪ اهڙي اميدوار جو صلاحڪار ۽ نمائندو هو جيڪو عام ماڻهن جي حقن جي ڳالهہ ڪندو هو ۽ ساڳي وقت هڪ سٺو مقرر به هو. پر چونڊن کٽڻ کانپوء اهو ساڳيو ماڻهو هڪ آمر ٿي پيو ۽ ماڻهن جي خلاف حڪمران طبقن سان گڏجي هڪ ٿي ويو. هن پنهنجن پراڻن ساٿين خلاف سختيون وڌائي ڇڏيون. ليکڪ جون سينيٽ ۾ حڪومتي پايسين خلاف تقريرون کيس ڪنهن به ريت پسند نه هيون. سندس سينيٽ جي رڪنيت ختم ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هو ان دوران روپوش ٿي ويو ۽ مختلف جاين تي رهيو جنهن جي ڄاڻ رڳو پارٽي جي سيڪريٽري جنرل کي هوندي هئي. سرڪاري ڪارندا سندس ڳولها ۾ هوندا هئا. نيٺ پارٽي پاران کيس ملڪ مان ڪڍي ارجنٽائن موڪلڻ جو فييصلو ڪيو ويو. ارجنٽائين جي سرحد تائين پهچڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو. اها اهڙي واٽ هئي جتي گھاٽا ٻيلا جن ۾ سوين سال پراڻا وڻ، چوڌاري وڏا جبل، ڏکيا رستا، ننڍا وڏا دريا جن کي وڏي ڏکيائي سان گھوڙي تي ويهي پار ڪرڻو پئي ٿو. انساني آبادي جو پري پري تائين نشان نه هو. هتي هو پارٽي جي هڪ همدرد، جيڪو ڪاٺ جي هڪ واپاري، جيڪو ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ ۽ حڪومت جو حامي هجي ٿو، وٽ ڪجھ عرصو رهي ٿو. سندس ملاقات اتفاق سان ان واپاري سان به ٿئي ٿي جيڪو بجائي کيس حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي سندس سٺو دوست بڻجي وڃي ٿو ۽ سرحد تائين پهچڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿو. ساڳي ريت سندس واسطو جھنگل جي اهڙن ماڻهن سان پئي ٿو جيڪي کيس ۽ سندس ساٿين کي ڪنهن لالچ ۽ معاوضي کانسواء رهڻ جي جاء ۽ کاڌو ڏين ٿا.
بهرحال هو ارجنٽائين پهچي ٿو جتي پارٽي جو مقرر ڪيل همراه ساڻس ملاقات ڪري ٿو ۽ سندس جلاوطني جو هڪ ڊگھو عرصو شروع ٿئي ٿو. سندس گرفتاري جي سلسلي ۾ چلي جي حڪومت جو ارجنٽائين جي حڪومت سان رابطو هجي ٿو. ان ڪري سندس لاء اتان يورپ جي ڪنهن ملڪ لاء پنهنجي نالي سان قانوني طور نڪرڻ ممڪن نه ٿو هجي. ان ڪري هو پنهنجي ڪنهن همشڪل دوست جي فرضي نالي سان ڪاغذ تيار ڪرائي فرانس پهچي ٿو. پر اتي پهچڻ کانپوء سندس لاء پنهنجي اصلي شناخت ظاهر ڪرڻ ۽ ان لحاظ کان ڪاغذ تيار ڪرڻ ضروري ٿي پئي ٿو. ان سلسلي ۾ ناميارو مصور پابلو پڪاسو پنهنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي سندس مدد ڪري ٿو. هو هتي پنهنجي نالي سان مختلف قسم جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو. پر چلي جي حڪومت ان ڳالهہ کي مڃڻ لاء تيار نه ٿي هجي ته نرودا ملڪ مان هليو ويو هو. ان جو اهو ئي چوڻ هجي ٿو ته هو ملڪ ۾ موجود آهي ۽ پوليس جلد ئي کيس گرفتار ڪندي.
سرد جنگ جي شروع ٿيڻ ۽ دنيا جي ٻن واضح ڪئمپن ۾ ورهائجڻ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڊاڪٽرجيوليٽ ڪيوري سندس ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي پس منظر کي نظر ۾ رکندي کيس ڀارت جي وزيراعظم جواهر لال نهرو لاء هڪ خط ڏيئي ڀارت موڪلي ٿو. هو اتي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو ۽ نهرو کي ٻڌائي ٿو ته نيوڪليائي هٿيارن جي موجودگي ۾ دنيا جي ماڻهن کي ڪيڏو وڏو خطرو درپيش آهي ۽ دنيا کي امن جي ڪيتري سخت ضرورت آهي.
چلي جي حڪومت جو مختلف ملڪن تي اهو دٻاء هجي ٿو ته اهي نرودا کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نه ڏين. فرانس ته ان کان انڪار ڪري ٿو جڏهين ته اٽلي جي حڪومت کيس ملڪ ڇڏڻ جو چئي ٿي. پر سندس ملڪ ڇڏڻ وقت اٽلي جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد، جنهن ۾ اٽلي جا ناميارا ليکڪ به شامل هجن ٿا، انهن ريلوي اسٽيشنن، جتان ٽرين گذري ٿي، تي سندس آڌرڀاء ۽ حڪومت کان اها گھر ڪرڻ لاء ته کيس ملڪ ڇڏڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي گڏ ٿئي ٿو.ِ حڪومت کي نيٺ مجبور ٿي کيس ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻي پئي ٿي.
ان دوران کيس پشڪن جي ڏيڍ سو سالا تقريبن لاء سوويت يونين مدعو ڪيو وڃي ٿو جتي کيس به اعزاز ڏنو وڃي ٿو. اتي سندس سوويت يونين جي مختلف ليکڪن سان ملاَقات کانسواء ترڪ شاعر ناظم حڪمت سان ملاقات ٿئي ٿي جيڪو پنهنجي وطن ۾ سترنهن سالن جي قيد ڪاٽڻ ۽ اذيت سهڻ کانپوء اتي جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو. سوويت ليکڪ اليا اهرن برگ سان سندس فرانس کان وٺي تعلق رهيو هو جيڪو هتي اڃا وڌيڪ ويجھو ۽ گهرو ٿي وڃي ٿو.
نرودا جي شاعري جو هڪ اهڙو مجموعو به شائع ٿيو جنهن تي سندس نالو نه هو. اهڙي ريت ان جا ٻه ٽي ايڊيشن آيا. ڪجھ نقادن جو خيال هو ته اهو ان ڪري هو ته ان مجموعي ۾ عشقيه شاعري هئڻ ڪري پارٽي پاران ان تي اعتراض ڪيو ويو هو ان ڪري هن ان کي پنهنجي نالي ڏيڻ کانسواء ڇپرايو. جڏهين ته هو پاڻ ان ڳالهہ کان انڪار ڪري ٿو. اهو به چيو وڃي ٿو ته هن اهو مجموعو پنهنجي پهرين زال، جنهن سان سندس ناتا خراب ۽ سندن وچ ۾ عليحدگي ٿي چڪي هئي کان ان مجموعي کي لڪل رکڻ چاهيو ٿي. پر هو پاڻ ان جو ڪو واضح ڪارڻ به نه ٿو ٻڌائي. بهرحال اها ڳالهہ گھڻو وقت لڪي نه سگھي ته ان مجموعي جو ليکڪ ڪير هو.
چلي موٽڻ کانپوء سندس پارٽي پاران صدارتي چونڊن ۾ کيس صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو. جيئن ته سندس پارٽي پاپولر يونيٽي اتحاد جو حصو هئي. ان ڪري انحاد پاران سلواڊور آلندي جي صدارتي اميدوار نامزد ٿيڻ کانپوء هن پنهنجي نامزدگي واپس ورتي. آلندي جي هڪ اڳواڻ طور هو گھڻي ساراه ڪري ٿو. هڪ همت وارو اڳواڻ جنهن آخر تائين آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. هو پنهنجا فيصلا ٻين تي مڙهڻ جي بجائي صلاح مصلحت ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو. آلندي جي حڪومت ۾ نرودا فرانس ۾ چلي جو سفير هو. صدر آلندي خلاف فوجي بغاوت ۽ صدارتي محل تي بمباري ۾ سندس مارجي وڃڻ جي ٽن ڏينهن کانپوء هن اها ڪٿا لکڻ شروع ڪئي.

پابلو نرودا ۽ اسپين جي گھرو ويڙه

پابلو نرودا ۽ اسپين جي گھرو ويڙه

لاطيني آمريڪا جي ماڻهن جو اسپين سان ويجھو ناتو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهي هڪ ڊگھي عرصي تائين اسپين جي نوآبادي رهيا آهن ۽ پنهنجي آزادي لاء انهن ڊگھي ويڙه ڪئي آهي پر انهن ۾ ٻولي، ثقافت ۽ ادب وغيره جي حوالي سان گھڻيون هڪجهڙايون آهن. ان ڪري پابلو نرودا کي 1932 ۾ سيلون ۽ ڏور اوڀر جي مختلف ملڪن مان وطن موٽڻ کانپوء جڏهين ڪجھ عرصو ارجنٽائين وغيره ۾ تعياتي کانپوء اسپين موڪليو ويو ته اهو سندس لاء هڪ خوشي جو موقعو هو. هو جڏهين اتي پهتو ته سندس ڪائونسل جنرل کيس چيو ته اوهان هڪ ليکڪ ۽ شاعر آهيو ۽ اوهان جي لاء اسپين جي گادي جو هنڌ ميڊرد وڌيڪ مناسب آهي جتي اوهان کي اهو سڄو ادبي ماحول ملندو.
ميڊرڊ ۾ سندس اسپين جي گھڻن ليکڪن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ۽ واقفيت ٿي. انهن ۾ اهم فريڊرڪ لورڪا هو جنهن سان اڳ ئي سندس واقفيت ۽ دوستي هئي ۽ انهن لاطيني آمريڪا ۾ گڏيل پروگرام به ڪيا هئا. سندس مقرري جي ٿوري ئي عرصي کانپوء اسپين جي فوج جي جنرل فرانڪو جمهوري حڪومت خلاف بعاوت شروع ڪري ڇڏي.
اسپين گھرو ويڙه ۽ انارڪي جو شڪار ٿي ويو. نرودا، لورڪا ۽ سندن سٿ جي ٻين شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جمهوري حڪومت جي حمايت ٿي ڪئي. لورڪا فاشزم خلاف هڪ مضبوط آواز هو جيڪو ڪنهن به ريت فرانڪو ۽ ان جي ساٿين کي پسند نه هو. هڪ شام انهن ٻنهي کي ڪنهن جاء تي وڃڻو هو پر ان کان اڳ لورڪا کي فرانڪو جا فوجي کڻي ويا ۽ ان کي گريناڊا ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. سندس لاش جو ڪو پتو نه پيو. نرودا جوچوڻ آهي ته لورڪا کي اڳ ئي پنهنجي ان انت جي خبر پئجي ويئي هئي. هن کيس ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري هو پنهنجي طائفي سان گڏ ڪٿان پروگرام ڪري موٽي رهيو هو ۽ انهن رات هڪ رڻ پٽ ۾ ئي گذاري. کيس ننڍ نه ٿي آئي ۽ هن ڀنڀرڪي مهل پنهنجي خيمي مان نڪري ٻاهر چڪر پئي هنيو. هن هڪ ننڍي رڍ کي ڏٺو جيڪا شايد بکايل ۽ اڃايل هئي ۽ کاڌي ۽ پاڻي جي ڳولها ۾ هئي. ايتري ۾ اتي ڪجھ سور ظاهر ٿيا جن ان رڍ کي چيري ڦاڙي ڇڏيو. اهڙي ريت کيس پنهنجي انجام جو اندازو ٿي ويو هو.
گھرو ويڙه ۾ جمهوري قوتن جي پوئتي هٽڻ ۽ انهن جي شڪست ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي ٿي ويئي ۽ فاشسٽ قوتون حاوي ٿي رهيون هيون. چلي جي سفارتّخاني پاران فرانڪو جي حامين کي سفارتخاني ۾ پناه ڏني ٿي ويئي. فرانڪو جي سوڀ وقت جڏهين ڪجھ جمهوريت پسندن، جن ۾ نرودا جا ڪجھ دوست به شامل هئا، سفارتخاني ۾ پناه وٺڻ چاهي ته انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو ويو. ساڳي وقت نرودا جي ڪائونسل جي نوڪري ان بنياد تي ختم ڪئي ويئي ته هن گھرو ويڙه ۾ جمهوري حڪومت جي حمايت ڪئي هئي.
گھڻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، گھڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۽ ايذاء گھرن ۾ واڙيو ويو ۽ لکين جن ۾ نرودا به شامل هو سرحد پار ڪري فرانس هليا ويا. پر فرانس جي حڪومت پاران گھڻن کي ڪيمپن ۽ جيلن ۾ رکيو ويو. نوڪري ختم ٿيڻ کانپوء نرودا جي آمدني جو ڪو ذريعو نه هو. سندس پير ۾ ڦاٽل جوتا پيل هوندا هئا ۽ کاڌي جو حصول سندس لاء ڏکيو هوندو هو. هن خاص طور ادبي محاذ تي جمهوري حڪومت جي حمايت ۾ اديبن ۽ شاعرن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندس چوڻ آهي ته ان وقت هٽلر جي عروج ۽ ٻين مهاڀاري جنگ جا امڪان واضح ٿي رهيا هئا. پر اها ڳاله پنهنجي جاء تي هئي ته سڄي دنيا جي شاعرن ۽ اديبن ۾ اسپين جي گھرو ويڙه جيڪو اتساه ۽ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو هو اهو ٻين مهاڀاري جنگ نه ڪري سگھي هئي. فرانس ۾ مختلف سرگرمين سان گڏوگڏ هن اسپين جي شهر ميڊرڊ، جتي اڃا جمهوري حڪومت جي موجودگي هئي، ۾ شاعرن ۽ اديبن جو هڪ ميڙ ڪوٺائڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاء نرودا کي جمهوري حڪومت پاران ڪجھ فنڊ ڏنا ويا ته جيئن دنيا جي مختلف ملڪن مان جيڪي ليکڪ اچن انهن جي خرچ پکي جو بندوبست ڪري سگھجي. کيس اهي فنڊ ڏيڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته جيئن ته جمهوري حڪومت جي حمايت جي ڪري کيس پنهنجي نوڪري کان محروم ٿيڻو پيو هو ان ڪري سندس پنهنجي به ڪجھ سهائتا ٿي سگھي. پر هن پنهنجن دوستن جي چوڻ جي باوجود انهن پئسن کي پنهنجي ذات تي خرچ ڪرڻ نه ٿي چاهيو. سڄي دنيا جا شاعر، اديب ۽ ليکڪ پيرس ۾ گڏ ٿيا جتان اهي گڏجي ريل رستي ميڊرد لاء روانا ٿيا جتي انهن ڪانفرنس ۾ اسپين جي جمهوري حڪومت سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
نرودا جڏهين پنهنجي وطن موٽيو ته اتي ڪجھ عرصي کانپوء هڪ سوشلسٽ صدر چونڊجي آيو. هن نرودا سان ملاقات ڪري کيس چيو ته هو فرانس وڃي ۽ اتي اسپين جا جيڪي به پناهگير رهيل آهن انهن کي چلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري. هو هتي انهن سڀني لاء گنجائش پيدا ڪندو. فرانس پاران اسپين جي پناهگيرن کي جيلن، ڪئمپن ۽ ٻين مختلف جاين تي نهايت خراب حالتن ۾ رکيو ويو هو. نرودا ان ڳاله کي خوشي سان قبوليو ۽ هو پنهنجي مشن تي روانو ٿي ويو. مسئلو اهو هو ته چلي ۾ ته هڪ ترقي پسند حڪومت اقتدار ۾ آئي هئي پر پيرس جي سفارتخاني ۾ اهي ئي ساڳيا پراڻي حڪومت جا نمائندا موجود هئا. اهي ڪنهن به ريت کيس ۽ سندس ان مشن کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. انهن سندس ڪم ۾ هر طرح جون رڪاوٽون وڌيون. کيس گھربل سهولتون نه ڏنيون ويون. ان جي باوجود هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. ساڳي وقت چلي ۾ صدر تي اهو دٻاء هو ته ان مشن کي ختم ڪيو وڃي. ان ڪم لاء هڪ ته اهڙي ماڻهو کي سندس مدد لاء موڪليو ويو جيڪو هڪ رجعت پرست هو پر سوشلسٽن جي ڪاميابي ڏسي پاڻ کي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ ظاهر ڪرڻ لڳو هو. اهو ماڻهو بجائي سندس مدد ڪرڻ جي اڃا سندس لاء هڪ مسئلو بڻجي ويو. سندس ڪم سهڻين عورتن سان تعلق رکڻ ۽ پئسا هٿ ڪرڻ هو. آخر ۾ هو اسپين جي ڪجھ مزدور اڳواڻن کي اهو ڊپ ڏياري ته نرودا گسٽاپو جو ايجنٽ آهي جيڪو کين انهن جي حوالي ڪندو سندن هڪ وڏي رقم کڻي هڪ سهڻي ڇوڪري سان پيرس مان غائب ٿي ويو.
اهو مسئلو اڃا اتي ئي هو ته هڪ ڏينهن سفارتخاني پهچڻ تي کيس صدر پاران آيل هڪ ٽيليگرام ڏنو ويو جنهن ۾ ان مشن کي جتي هو اتي ختم ڪرڻ لاء چيو ويو هو. اها ڳاله سندس لاء گھڻي پريشان ڪندڙ هئي. هن مختلف جاين کان اسپين جي سوين ماڻهن کي پيرس آندو هو ۽ انهن کي چلي موڪلڻ لاء بحري جهاز جو بندوبست ڪيو هو. وٽس هاڻي هڪ واٽ ته اها هئي ته هو ان سڀڪجھ کي جتي هو اتي ڇڏي ڏئي. پر ان صورت ۾ سندس لاء مسئلو اهو هو ته اسپين جي اڳواڻن ۽ ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيندو جن سان هن ڳالهہ ٻولهہ ڪئي هئي ۽ انهن کي هتان وٺي وڄڻ جو چيو هو. ٻي صورت اها هئي ته ان منع ڪرڻ جي باوجود ماڻهن کي جهاز ۾ چلي وٺي وڃي ۽ پوء جيڪو ٿيندو سو ڏٺو ويندو. هن صدر جي آفيس ۾ ڳالهايو ۽ کين ٻڌايو ته سندس لاء ان موقعي تي ان سڀڪجھ کي ڇڏڻ ممڪن ناهي ۽ هو جهاز ۾ ماڻهن کي وٺي ايندو. نيٺ صدر پاران کيس ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ هن اسپين جي جلاوطن ٿيل ماڻهن جو سامونڊي جهاز ڀري چلي موڪليو.

پابلو نرودا: ڀارت ۽ ڏور اوڀر جون يادگيريون

پابلو نرودا: ڀارت ۽ ڏور اوڀر جون يادگيريون
پابلو نرودا کي جڏهين چلي جي پرڏيهي وزارت پاران ڪائونسل مقرر ڪرڻ لاء مختلف ملڪن جي چونڊ ڏني ويئي ته هن بس ائين ئي برما جي گادي جي هنڌ رنگون جي چونڊ ڪئي. هن نه ٿي ڄاتو ته اهو ڪٿي هو ۽ چونڊ کان پوء کيس ان جو نالو به وسري ٿي ويو. هن بس اهو ڄاتو ٿي ته اها جاء نقشي ۾ هڪ سوراخ وانگر آهي. هو بحري جهاز ۾ سوار ٿي پيرس، لزبن، آفريڪا جي مختلف ملڪن، جپان ۽ سنگاپور مان ٿيندو رنگون پهتو. سندس چوڻ آهي ته اتي ٽن مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪلڪتي کان چلي لاء پريفين ۽ چانه کڻي ايندڙ جهاز جي ڪجھ ڪاغذن تي صحيح ڪرڻي هوندي هئي جڏهين ته باقي سڄو وقت هو فارغ هوندو هو.
برما به انگريزن جي ماتحت هو ۽ هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هندوستان جو حصو هو. ليکڪ اتي انڊين نيشنل ڪانگريس جي هڪ ڪانگريس ۾ به شرڪت ڪئي ۽ هن اتي مهاتما گانڌي، موتي لعل نهرو ۽ سندس پٽ جواهر لعل نهرو کي به ڏٺوهو.
ان دوران ليکڪ ڏور اوڀر جي مختلف ملڪن ۾ ويو ۽ خاص طور هندو مت، بڌ مت ۽ مسلمانن جي مختلف طور طريقن جو مشاهدو ڪيو. انڊو چائنا جي ملڪن جي سفر دوران هو هڪ نانگن جي مندر ۾ ويو جتي سوين نه پر هزرين نانگ هئا جيڪي سڄي مندر ۾ ديوارن، ڇتن ۽ فرش تي پيا هلندا هئا پر ڪنهن کي انهن مان ڊپ ڊاء نه هو. انهن لاء مختلف ٿانهن ۾ کير پيل هوندو هو. ان اتي مندر جي هڪ سنڀاليندڙ کان پڇيو ته اهي نانگ ڪيئن ٿا هٿ ڪن ته هن ٻڌايو ته اهي پنهنجي ليکي مندر ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ پنهنجي ليکي ئي هتان هليا ويندا آهن. ان سلسلي ۾ اهي ڪجھ به ناهن ڪندا.
هو پينانگ ۾ ان مندر مان هڪ عام بس ۾ موٽي رهيو هو. بس جڏهين ڪمپوڊيا جي علائقي ۾ جھنگل ۾ داخل ٿي ته ان وقت بس ۾ هو اڪيلو پرڏيهي هو جڏهين ته ٻيا سڀ مقامي ماڻهو هئا. اهي سڀ کيس چتائي غور سان ڏسي رهيا هئا. کيس اچي ڊپ ورايو ته اهي ساڻس ڇا ڪندا. اڳتي هلي بس جھنگل جي وچ ۾ بيهي رهي ۽ سڀ مسافر بس مان لهي ڪنهن پاسي هليا ويا. سندس ڊپ اڃا وڌي ويو ته اهي کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ڪنهن کي ڄاڻ به نه هوندي. ڪجھ دير کانپوء کيس روشني نظر آئي ۽ دهل دمامن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهي ماڻهو ڪمبوڊيا جا روايتي ناچ ۽ گيت ڳائي رهيا هئا. هنن کيس ٻڌايو ته بس خراب ٿيڻ جي ڪري هنن سوچيو ته پنهنجي مهمان کي ناچ ۽ گيتن سان وندرائجي. اهڙي ريت سندس ڊپ لٿو ۽ ماڻهن ۾ سندس اعتماد قائم ٿيو.
پابلو نرودا لاء نقادن پاران چيو ويو ته ڏور اوڀر ۾ رهڻ جو سندس شاعري تي اثر پيو آهي جيڪوِ خاص طور سندس مجموعي Residencia en la tierra. ۾ ظاهر ٿئي ٿو. پر هو پاڻ اهڙي ڪنهن ڳاله کان انڪار ڪري ٿو. هن اتي مختلف مذهبن ۽ انهن جي پوئلڳن جو مشاهدو ڪيو. هن مسلمانن کي ٽانڊن تي هلندي به ڏٺو جنهن جي متعلق سندن چوڻ هو ته ان جو مٿن ڪو اثر نه ٿي ٿيو. هن هندن کي بتن ۽ پنڊتن آڏو سجدا ڪندي به ڏٺو. ساڳي وقت هن گوتم ٻڌ جا گھڻا مجسما ڏٺا جن کي صدين جي هوا، سج، مينهن ۽ قدرتي عنصرن خراب ڪري ڇڏيو هو. انهن تي پکين جون وٺون پيون هيون ۽ انهن جي منهن تي هڪ لاتعلقي واري مرڪ هئي. اوله جي ٻين گھڻن ماڻهن جي برعڪس جيڪي اوڀر جي مذهبن ۽ فلاسافي ۾ اسراريت ڳولهيندا آهن ۽ ان کي يوگا ۽ ٻين حوالن سان هڪ خاص اهميت ڏيندا آهن هو اهڙي ڪنهن ڳاله ۽ عقيدت جو اظهار نه ٿو ڪري. سندس موقف اهو آهي ته اوڀر جي ملڪن جي سڄي خاص فلاسافي جڏهين حقيقي زندگي سان منهن مقابل ٿئي ٿي ته اها اولهہ جي پريشاني، دماغي خلل، مونجھاري ۽ مفادپرستي، جيڪي سرمايادارانا نظام جي بنيادي اصولن جي بحران جي نشاندهي ڪن ٿا، جي اضافي پيداوار لڳي ٿي. اڄوڪي هندوستان ۾ ماڻهو جي پنهنجي دن تي گهري سوچ ويچار ڪرڻ جي گنجائش ناهي. نوآبدياتي نظام ايڏي شديد نموني ڦرمار ۽ ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي جو سندن تڪليفن ۽ اهنجن جي ڪري ماڻهن مان روحانيت جو نالو نشان غائب ٿي ويو آهي.
هن اتان جي گھڻن ماڻهن کي آفيم جو استعمال ڪندي ڏٺو. کيس اهو تجسس ٿيو ته نيٺ ان ۾ اهڙي ڪهڙي شي آهي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. ان تجسس جي ڪري هڪ ڀيري هن آفيم جو هڪ ڊوز ورتو. کيس محسوس ٿيو ته ان ۾ هڪ قسم جي غنودگي ۽ بي عملي آهي جيڪا ماڻهن جي حواسن کي ڍرو ڪري ٿي ۽ باقي ان ۾ ڪابه اهڙي خاص ڳالهہ ناهي. سندس چوڻ آهي ته اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو ۽ ان کانپوء هن ڪڏهين به آفيم جو استعمال نه ڪيو. سندس هڪ نظم جو اقتباس آهي. هو لکي ٿو ته سنگاپور کان شروع ٿيندي آفيم جي بو اچڻ شروع ٿئي ٿي. هن شريف انگريز کي خبر آهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. عالمي ڪانفرنسن ۾ هو نشي جي لڪل واپارين خلاف گجگوڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجي نوآبادين ۽ بندرگاهن ۾ سرڪاري نمبر ۽ مزيدار دوڪانن وسيلي پنهنجو منظور ڪيل دونهن جو ڪڪر موڪلي ٿو. اهو سرڪاري معتبر ماڻهو لندن ۾ بي داغ عاليشان لباس ۾ هڪ بلبل جيان ٽهل ٽڪور ڪندي هلي ٿو ۽ هتي اوڀر ۾ اهو معتبر ماڻهو پنهنجو نقاب لاهي هر گھٽي ۽ چوڪ تي غفلت، غنودگي ۽ بي عملي وڪڻي ٿو.
انگريز حڪمرانن پاڻ کي مقامي ماڻهن کان بلڪل ڌار ڪري رکيو هو. سندن مقصد انهن ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ هتان جي وسيلن جي ڦرمار ڪرڻ هو. مقامي ماڻهن کان سندن نفرت جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته هو رنگون ۾ شهر ۾ عام گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. کيس سندس انگريز دوستن پاران چيو ويو ته هو اها گاڏي استعمال نه ڪري. ڇاڪاڻ ته اها اتان جا عام ماڻهو استعمال ڪن ٿا پر هو ائين ڪندو رهيو جنهن جي ڪري انهن ساڻس ماڳيئي سماجي ناتا ئي ختم ڪري ڇڏيا. هن پاڻ ان کي بهتر سمجھيو ته هاڻي ساڻن ڪو تعلق نه رهيو.
ھن رنگون ۽ پوء ڪجھ عرصي لاء سيلون، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ۾ ڪائونسل جي طور ڪم ڪيو ۽ 1932 ۾ پنهنجي وطن موٽي ويو. پنجاه جي ڏهاڪي ۾ ليکڪ کي وري دنيا ۾ امن جي مشن تي انهن ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو. دهلي ۾ نهرو کي امن جي حوالي سان ڊاڪٽر جوليئٽ ڪيوري جو خط ڏيڻو هو جڏهين ته سيلون ۾ هڪ امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. هتي هن پنهنجين پراڻين يادگيرين کي تازي ڪرڻ لاء ان گھر جي ڳولها ڪئي جتي هن ڪولمبو ۾ رهندي هڪ ڪنڊ پاسي پنهنجي اڪيلائي گذاري هئي. اتان چين ويندي هو رنگون ۾ ترسيو هو. ان وقت برما جيتوڻيڪ انگريز جي غلامي کان آزاد ٿي چڪو هو پر اتان جي حالتن مٿس ڪو چڱو تاثر نه وڌو. انگريز جي دور ۾ دوڪان شين سان ڀريل ۽ روڊ رستا صاف سٿرا هوندا هئا جڏهين ته هن وقت صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ هئي. شهر ۾ گندگي جا ڍير هئا ۽ دوڪان خالي هئا.

پنجاب پنجابي ۽ پنجابيت

پنجاب پنجابي ۽ پنجابيت

خشونت سنگھ کي ڪنهن تعارف جي ضرورت ئي ناهي. هڪ گھڻ پاسائو ليکڪ جنهن جي سڃاڻپ فڪشن به آهي ته هن سکن جي تاريخ ۽ راجا رنجيت سنگھ جي زندگي تي به تفصيل سان لکيو آهي. هڪ بيباڪ صحافي طور سندس شهرت رهي آهي. هو راجيا سڀا جو رڪن به رهيو. هن اندرا گانڌي جي خاندان سان ويجھن ناتن هئڻ باوجود ان جي غلط ڪمن تي تنقيد ڪرڻ کان نه ڪيٻايو. ساڳي وقت گولڊن ٽيمپل جي محاصري ۽ اتي ٿيل قتل عام تي احتجاج طور هن پدما بوشن ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو.
اندرا گانڌي جي قتل کانپوء ملڪ جي مختلف حصن ۾ سکن جو قتل عام شروع ٿيو ۽ کيس پاڻ پنهنجي بچاء لاء هڪ سوئيڊن جي دوست جي گھر ۾ پناه وٺڻي پيئي. پنهنجي زندگي جي ڊگھي اننگ ۾ هو ٿڪجي نه ويٺو ۽ آخر تائين پنهنجي تخليقي سرگرمين ۾ مصروف رهيو. هي ڪتاب Punjab, Punjabis and Punjabiyat پنجاب جي ثقافت، تاريخ ۽ مختلف شخصيتن تي لکيل سندس چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جنهن کي سندس ڌي مالا ديال ايڊٽ ڪيو ۽ ترتيب ڏني آهي.
جيتوڻيڪ هو پاڻ کي هڪ اهڙو شخص قرار ڏئي ٿو جنهن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي پر هو هڪ سک خاندان سان واسطي هئڻ ڪري سکن سان هڪ جذباتي وابستگي رکي ٿو. هڪ پنهنجائپ وارو واسطو جنهن ۾ هو مٿن تنقيد به ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت ساڻن يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪري ٿو.
سکن جي ٻن جلدن ۾ لکيل تاريخ کي هو پنهنجي زندگي جو اهم ترين ڪم ۽ مقصد ڪري ليکي ٿو ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ کانپوء سندس چوڻ هو ته سندس باقي حياتي ڄڻ بونس آهي جنهن ۾ ڪو ڪم نه به ٿيو ته به خير آهي. پر هن ان کانپوء به گھڻو ڪم ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن بابا گرونانڪ جي شعرن جو انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو.
جهلم جي ويجھو ٿر جي هڪ ڳوٺ هدالي، جيڪو هن وقت پاڪستان ۾ آهي، ۾ جنم وٺندڙ خشونت ورهاڱي وقت لاهور ۾ پنهنجي وڪالت جي پرئڪٽس ڪري رهيو هو جنهن کي چڏي ۽ پنهنجو گھر پنهنجي دوست ۽ پاڙيسري منظور قادر، جيڪو پوء ايوب خان جي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير به ٿيو، جي حوالي ڪري دهلي لڏي آيو جتي اڳ ئي سندس پي ۽ ڀاء وغيره موجود هئا ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا هئا. ان گھر ۾ هو خاص طور تي پنهنجي ڪڪڙ ۽ ان جي ٽن مادين، جيڪي صبوح جو نيرن مهل ساڻس گڏ ويهندا هئا ۽ هر مادي جي ڪوشش هونڌي هئي ته اها نر جي ويجھو هجي، کي گھڻو ياد ٿو ڪري. منظور قادر لاء هو چئي ٿو ته هن نه رڳو سندس گھر وڳوڙين کان بچايو پر سندس نوڪرن کي خيريت سان سرحد تائين پهچايو ۽ اتي موجود ڪتاب پڻ جيئن جو تيئن کيس موڪليا. پر هو سندس ڪڪڙ ۽ ان جي خاندان کي وڳوڙِين کان نه بچائي سگھيو. هو ورهاڱي کانپوء ٽي ڀيرا هدالي آيو جتي ماڻهن سندس آجيان ڪئي ۽ کيس وڏي عزت ڏني پر اتي سڄو منظر ئي بدليل هو. نه اتي واري جون ڀٽون هيون ۽ نه ئي سندس گھر جي اها صورتحال هئي جتي ڀارت کان لڏي آيل مختلف خاندان رهيل هئا. سندس وفات کانپوء ڪجھ رک کي هدالي ۾ دفن ڪيو ويو هو.
سکن جو ڀارت جي ڪل آبادي ۾ حصو ٻه سيڪڙو کان به گھٽ آهي. پر انهن هڪ ڊگھي عرصي تائين پنجاب تي حڪومت به ڪئي آهي ۽ هن وقت به فوج، سول سروس، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن ۾ سندن حصو سندن آبادي جي تناسب کان گھڻو وڌيڪ آهي. امرتسر، جيڪو سکن لاء ائين آهي جيئن مسلمانن لاء مڪو،ِ هندن لاء ڪاشي يا عيسائين لاء روم آهي، اٽڪل چار سو سال پراڻو شهر آهي. 1577 ۾ سکن جي چوٿين گرو رام داس زمين حاصل ڪري اتي هڪ نئون شهر اڏيو جيڪو سندس نالي پويان رام داس پوره سڏجڻ لڳو. کانئس پوء آيل پنجين گرو ارجن واپارين وغيره کي رام داس پوره ۾ اچي رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن رام داس جي ٺهرايل تلاء جي وچ ۾ گردوارو ٺاهيو ۽ گرنٿ کي ترتيب ڏيئي ان کي اتي رکيو. اهڙي ريت شهر جو نالو امرتسر يعني آب حيات جو تلاء پئجي ويو. ان جي باوجود ورهاڱي کان اڳ امرتسر جي آبادي ۾ سکن جو تناسب ڏه سيڪڙو مس هو جڏهين ته باقي آبادي ۾ مسلمانن ۽ هندن جو هڪجيترو تناسب هو. ورهاڱي کان پوء مسلمانن جي اوڀر پنجاب مان وڃڻ ۽ سکن جي اوله پنجاب مان اتي اچڻ ڪري ڪجھ واڌارو آيو. ساڳي ريت خشونت جو چوڻ آهي ته پنجاب کي ٻن حصن پنجاب ۽ هريانا ۾ ورهائڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته جيئن پنجاب جو وڏو وزير سک هجي.
پنجاب ۾ صنعتن نه لڳائڻ جو هڪ جواز اهو ڏنو وڃي ٿو ته اهو پاڪستان جي سرحد تي واقع آهي. اهڙي ريت بنيادي طوراهو هڪ زرعي صوبو آهي جيڪو انگريزن جي دور جيان باقي ملڪ کي اناج ۽ زرعي خام مال وغيره فراهم ڪري ٿو. ان حوالي سان ان جا پاڻي ۽ بجلي وغيره جا پنهنجا مسئلا آهن. خشونت جي پنجاب جي حالتن ۽ خالصتان جي تحريڪ وغيره تي گھري نظر هئي. هو سکن جي ڀارت کان ڌار ٿيڻ جي حق ۾ بلڪل نه هو جيڪا ڳاله سندس نظر ۾ ڀارت کان وڌيڪ سکن جي لاء نقصانڪار هئي ۽ آهي.
سک هڪ محنتي، جاکوڙ ڪندڙ ۽ خوددار قوم آهي. انهن پنهنجي محنت وسيلي پنهنجي جاء ٺاهي آهي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به اوهان انهن کي ٻئي جي آڏو هٿ ٽنگيندي نه ڏسندو. ان جو هڪ مثال ڏيندي خشونت لکي ٿو ته هڪ ڀيري هن هڪ اخبار وڪڻندڙ ڇوڪري کي ڏٺو جنهن جو مٿو اگھاڙو، وار وکريل ۽ سي ۾ ڏڪي رهيو هو. هن کانئس شام جي اخبار ورتي ۽ جڏهين هن باقي پيسا واپس ڪرڻ لاء پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ٿي ته هن کيس چيو ته اهي پاڻ رکي ڇڏ. اهو ٻڌندي ئي ان ڇوڪر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن کيس اهو چوندي ته ڇا هن کيس ڪو پينو سمجھيو آهي سندس نوٽ کيس واپس ڪندي پنهنجي اخبار کانئس واپس وٺي ڇڏي ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.
خشونت جو خيال آهي ته سک مذهب ڀارت جو واحد مذهب آهي جيڪو مقامي طور پيدا ٿيو ۽ وڌيو ويجھيو آهي. جڏهين ته هندو مت کي آريا ٻاهران کڻي آيا، اسلام به ٻاهران آيو، جين مت وغيره کي هندو مت مڪمل طور پاڻ ۾ جذب ڪري ورتو جڏهين ته ٻڌمت جيتوڻيڪ مقامي طور پيدا ٿيو پر هن وقت ان جا رڳو ڪجھ پوئلڳ ئي ڀارت ۾ وڃي بچيا آهن.
سنڌ ۽ پنجاب جي هندن ۽ سکن ۾ ظاهري شڪل شبيه کانسواء ڪو گھڻو فرق ڪونهي. اهي ساڳي نموني مندرن ۽ گردوارن ۾ وڃن ٿا. پنجاب جي هندن ۾ ته اها روايت رهي آهي ته اهي پنهنجي پهرئين ٻار جي سک طور تربيت ڪندا آهن. هونئن به ڀارت جا گھڻا هندو سک ازم کي ڌار مذهب مڃڻ جي بجائي ان کي هندن جو هڪ فرقو ئي ڪري ليکيندا آهن. جيئن ته سکن جي نوجوان نسل ان ظاهري شڪل شبيه کي ڪا گھڻي اهميت نه ٿي ڏئي ۽ وار وغيره وڍائي ٿي ان ڪري خشونت اهو خدشو ڏيکاري ٿو ته جيئن ته سکن ۽ هندن ۾ اهو ئي وڏو فرق آهي ۽ جيڪڏهين اهو به ختم ٿئي ٿو ته پوء سکن جي پنهنجي وجود لاء خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو.
ڪتاب ۾ خشونت پنهنجي ماء ويران ٻائي جو هڪ خاڪو ڏنو آهي. هو پنجابي گورمکي جا ڪجھ درجا پڙهيل هئي. سندس مڙس انگريزي سيکارڻ لاء کيس ٽيوٽر رکي ڏنو پر هو سوائي ڪجھ ابتدائي اکرن جي گھڻو اڳتي نه وڌي سگھي. خشونت جو چوڻ آهي ته مون ٽرين ٽو پاڪستان جو پنجابي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب جي ڪاپي کيس ڏني. ٻئي ڏينهن صبوح جڏهين آئون ساڻس ملڻ ويس ته منهنجي پي ٻڌايو ته هو رات تو وارو ڏنل ڪتاب پڙهندي رهي آهي ۽ هن وقت ستي پئي آهي. مون جڏهين وڃي کيس جاڳايو ته سندس تبصرو هو بيشرم. هو نوي سالن تائين جيئري رهي ۽ آخري وقت تائين سندس اولاد وٽس موجود هئا. خشونت جو چوڻ آهي ته سندس گورمکي ۾ لکيل ڪجھ اکرن جا خط کيس پنهنجي پي جي انگريزي ۾ لکيل ڊگھن خطن جي ڀيٽ ۾ گھڻي معلومات ڏيندا هئا.
ڪتاب خشونت جي زندگي جي مختلف پاسن تي ڄاڻ ڏئي ٿو جيڪا سندس پڙهندڙن لاء دلچسپي جو باعث ٿي سگھي ٿي.

پيار، انقلاب ۽ تشدد

پيار، انقلاب ۽ تشدد

سلواڊور آلندي 1970 جي ڏهاڪي ۾ چلي جي عوام جي جمهوري ۽ انساني حقن جي علامت هو. هو هڪ جمهوري عمل ۽ جدوجهد وسيلي اقتدار ۾ آيو هو. گھڻا ڀيرا چونڊن ۾ هارائڻ کانپوء آخري ڀيرو به سندس مخالف قدامت پرست ائين ئي سمجھي رهيا هئا ته هن ڀيري به هو ئي ڪامياب ٿيندا ۽ انهن پنهنجي ڪاميابي جي جشن ملهائڻ جا سڀ انتظام پڻ ڪري ڇڏيا هئا. پر هن ڀيري نتيجا مختلف آيا ۽ انهن ڄڻ گھڻن قدامت پرستن کي صدمي ۾ وجھي ڇڏيو.
لاطيني آمريڪا جي گھڻن ملڪن وانگر چلي تي به زميندارن، سرمايا دارن ۽ ٻاهرين سرمائي جو راڄ رهندو آيو آهي. ڪا به مخالفت سندن سهپ کان ٻاهر هونڌي آهي. ايستائين ته مخالفن کي کلي عام قتل ڪري سندن لاش کي چوڪ ۾ ٽنگي ڇڏڻ،ِ ان کي دفن ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ جيڪڏهين سرڪار ان کي دفن به ڪيو ته ان کي وري ڪڍي ٽنگي ڇڏڻ هڪ معمول رهندو آيو آهي. چلي جي صحافي ناول نگار آسوبل آلندي ان ئي پس منظر ۾ پنهنجو ناول The House of Spirits لکيو آهي. ليکڪا کي چلي ۾ فوجي حڪومت جي اچڻ کان پوء ڪجھ ڪپڙا ۽ ٻه ڪتاب کڻي ملڪ ڇڏڻو پيو هو. هن وقت هو آمريڪا ۾ رهي ٿي. هن ناول لاء چيو وڃي ٿو ته ليکڪا کي جڏهين اها خبر ملي ته سندس سو سالن جو بيمار ڏاڏا مري رهيو هو ته هن ان کي خط لکڻ شروع ڪيو جيڪو اڳتي هلي هن ناول جو مسودو ٿي ويو. لاطيني آمريڪا جي ادبي روايت موجب سندس اهو ناول جادوئي حقيقت پسندي جي انداز ۾ لکيل آهي. اسپيني ٻولي ۾ لکيل ۽ ستٽيه ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ان ناول کي شروع ۾ پبلشرن ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. 1982 ۾ پهريون ڀيرو اهو اسپين جي شهر بيونس آئرس ۾ ڇپيو.
ناول ٽرابي خاندان جي چار نسلن جي زندگي جي حوالي سان آهي. شهر جي ڊي ويل خاندان جي سڀ
کان وڏي ڌي روزا ۽ سڀ کان ننڍي ڪلارا هن ناول جا اهم ڪردار آهن. روزا جي سونهن جي هاڪ سڄي شهر ۾ هجي ٿي جڏهين ته ڪلارا کي اها صلاحيت هجي ٿي ته هو ماورائي مخلوق سان لاڳاپي ۾ اچي آئندي متعلق اڳڪٿي ڪري سگھي. ايسٽبين ٽرابي هڪ غريب نوجوان آهي جيڪو روزا سان محبت ڪري ٿو ۽ سندس ان سان رشتو طئي ٿي وڃي ٿو. هو شادي لاء پئسو گڏ ڪرڻ لاء ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سون جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاء هليو وڃي ٿو. ڪلارا هڪ ڏينهن اها اڳڪٿي ڪري ٿي ته ڪجھ وقت ۾ خاندان ۾ هڪ اتفاقي موت ٿيندي. ائين ٿئي ٿو ته روزا کي بخار لاء جيڪا برانڊي ڏني وڃي ٿي ان ۾ زهر هجي ٿو جيڪو دراصل سندس پي جي سياسي مخالفن ان کي مارڻ لاء موڪليو هجي ٿو. ايسٽيبين جيتوڻيڪ صدمي جو شڪار ٿئي ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء اها پڇا ڪري ٿو ته ڇا ان خاندان ۾ ٻي ڪا ڇوڪري آهي. کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته باقي ته سڀني جي شادي ٿي ويئي هئي رڳو ڪلارا هئي. هو ڪلارا سان رشتو ڪري ٿو.
ان دوران هو بجائي کاڻين تي وڃڻ جي پنهنجي خانداني زمين تي وڃي ٿو جنهن جي حالت سارسنڀال نه هئڻ ڪري خراب هجي ٿي. هو سڀني شين کي درست ڪري ٿو ۽ پنهنجن هارين ۽ مزدورن کي هڪ سخت ڊسپلن ۾ آڻي ٿو. سندس اها جاگير پنهنجي پيداوار ۽ آمدني وغيره جي لحاظ کان سڄي علائقي ۾ بهتر ليکي وڃي ٿي. ساڳي وقت هو روايتي زميندارن وانگر اتان جي هر ڇوڪري کي پنهنجي ملڪيت سمجھي ٿو ۽ انهن سان زوري ڪري ٿو. اٽڪل هر ڇوڪري جي پيٽ ۾ سندس ٻار هجي ٿو. پر اتان جا ماڻهو سندس زور آڏو ڪجھ نه ٿا ڪري سگھن.
واپس شهر اچي هو ڪلارا لاء هڪ عاليشان گھر ٺهرائي ٿو ۽ پوء ان سان شادي ڪري ٿو. پهرين کين هڪ ڌي ڄمي ٿي جنهن جو نالو بلانڪا رکيو وڃي ٿو ۽ پوء ٻه جاڙا پٽ جيم ۽ نڪولس ڄمن ٿا. هو پنهنجي خاندان کي پنهنجي جاگير تي وٺي وڃي ٿو. هتي بلانڪا ننڍي هونڌي کان ئي اتان جي هڪ ٻار پيڊرو سان رلي ملي وڃي ٿي ۽ سندن اهو ناتو اڳتي هلي پيار ۾ بدلجي وڃي ٿو. پيڊرو شهر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ کاٻي ڌر جي ماڻهن سان واسطي ۾ اچڻ جي ڪري اهو سمجھي ٿو ته سندس ماڻهن سان ظلم پيو ٿئي ۽ هو ان متعلق پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائي به ٿو. سندس اها سرگرمي ايسٽيبين کي پسند نه ٿي اچي ۽ پهرين ته کيس هنٽر سان ماري ٿو ۽ پوء کيس ماڳيئي ان علائقي مان ئي نيڪالي ڏيئي ڇڏي ٿو. پر هو نه رڳو روپ بدلائي علائقي ۾ ايندو رهي ٿو پر بلانڪا سان به ملندو رهي ٿو. اها خبر ايسٽيبين کي پئي ٿي ۽ هو بلانڪا کي ماري ٿو جيڪا ڳاله ڪلارا کي نه ٿي وڻي ۽ اهي ٻيئي ماء ۽ ڌيئر شهر هلي ٿيون وڃن. ڪجھ عرصي کانپوء اها خبر پئي ٿي ته بلانڪا پيٽ سان آهي.
ايسٽيبين ڪنهن به صورت ۾ پيڊرو کي پنهنجي خاندان جي فرد طور قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿو هجي بلڪه هو هر صورت ۾ ان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو. هو بلانڪا جي شادي هڪ فرانسيسي نواب، جيڪو وٽس مهمان طور رهيل هجي ٿو ۽ بلانڪا کي پسند به ڪري ٿو، سان ڪرائي ٿو. اهي ٻيئي زال مڙس هڪ ڏورانهين علائقي ۾ رهڻ لاء هليا وڃن ٿا جتي نواب جي دلچسپي بجائي بلانڪا جي پراڻي تهذيب جي سامانن کي هٿ ڪرڻ ۽ وڪڻڻ ڏانهن منتقل ٿي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن جڏهين بلانڪا بند ڪمري، جنهن ۾ وڃڻ کان کيس منع ڪيو ويو هو، جي تالي کي ٽوڙي اندر وڃي ٿي ته کيس پراڻا حنوط ٿيل لاش ۽ ٻيون شيون نظر اچن ٿيون جن کان ڊڄي هو ان مهل ئي ريل ۾ سوار ٿي شهر پنهنجن مائٽن وٽ اچي وڃي ٿي جتي کيس البا ڄمي ٿي.
ان دوران ايسٽيبين اهو سوچي ٿو ته هو ان حيثيت ۾ آهي جو سياست ۾ حصو وٺي. هو ڪنزرويٽو پارٽي ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ سينيٽر جي نشست لاء چونڊن ۾ بيهي ٿو. ڪلارا، جنهن ساڻس بلانڪا جي واقعي
کانپوء ڳالهہ ٻولهہ بند ڪري ڇڏي هئي، اها اڳڪٿي ڪري ٿي ته هن ڀيري به اهي ئي ڪامياب ٿيندا جيڪي هميشه ٿيندا آيا آهن. مطلب ته قدامت پسند ئي چونڊون کٽندا. هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سينيٽر ٿي وڃي ٿو. پر اها صورتحال ساڳي نه ٿي رهي. ڪجھ عرصي کانپوء ڪلارا جي وفات ٿي ٿي وڃي. ايسٽيبين سمجھي ٿو ته سندس خوشقسمتي جو دور ختم ٿي ويو هو.
نين چونڊن ۾ توقع جي برخلاف کاٻي ڌر ڪامياب ٿئي ٿي. اها ڳالهہ ڪنهن به نموني سان ساڄي ڌر جي اقتداري قوتن کي قبول نه ٿي هجي ۽ اهڙي ريت ان جي خلاف سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون. پروپئگنڊا سان گڏوگڏ بازارن مان عام استعمال جون شيون غائب ٿي وڃن ٿيون. دوڪانن جي ٻاهر ماڻهن جون قطارون لڳي وڃن ٿيون. ٽرانسپورٽر، پوليس ۽ ٻين مختلف پيشن جا ماڻهو هڙتال تي هليا وڃن ٿا. مطلب ته نئين صدر ۽ سندس حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ايستائين ته ساڄي ڌر جي سياستدانن پاران نه رڳو فوج کي مداخلت جي دعوت ڏني وڃي ٿي پر گھرو ويڙه جي تياري لاءِ ايسٽيبين سميت اهي سڀ پنهنجن گھرن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. صدر پاران روز ٽيليويزن تي اچي ماڻهن کي حوصلو ڏنو وڃي ٿو. جڏهين انهن سڀني طريقن سان صدر جي وڃڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي ته آخر ۾ فوج مداخلت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. ٽينڪ ۽ فوجي گاڏيون صدارتي محل جو محاصرو ڪن ٿيون. صدر کي جنرل فون ڪري فوجي جهاز ۾ پنهنجي خاندان سميت ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي آڇ ڪري ٿو. پر صدر ان کي رد ڪندي کيس چئي ٿو ته غدار اوهان آئين جي پابندي ڪيو. هو ٻين گھڻن اڳواڻن جيان هڪ جلاوطن صدر طور ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ نه پيو چاهي. هو پنهنجي خاندان جي فردن ۽ پنهنجن ساٿين کي چئي ٿو ته اوهان هليا وڃو ۽ پاڻ اڪيلو مقابلو ڪندي مارجي وڃي ٿو.
فوج جي اقتدار سنڀالڻ کانپوء دهشت جو نئون دور شروع ٿي وڃي ٿو. سوين ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ماڻهن کي ٽارچر ڪئمپن ۾ موڪليو وڃي ٿو. گھڻا ماڻهو ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿي وڃن ٿا. بازارن ۾ عام استعمال جون شيون ته اچي وڃن ٿيون پر انهن جون قيمتون عام ماڻهو جي پهچ
کان ٻاهر هجن ٿيون. ساڄي ڌر جي سياستدانن کي فوج مان جيڪا توقع هجي ٿي اها پوري نه ٿي ٿئي. ايسٽيبين جو پٽ جيم، جيڪو صدر جو ڊاڪٽر هجي ٿو ۽ آخر وقت تائين ساڻس گڏ هجي ٿو، کي فوج ٽارڇر کان پوء گولي هڻي ماري ڇڏي ٿي. بلانڪا ۽ پيڊرو کي ايسٽيبين پنهنجا وسيلا استعمال ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏي ٿو جڏهين ته ايسٽيبين جي ڏوهٽي البا پنهنجين سرگرمين جي ڪري گرفتار ٿي ٽارچر ڀوڳي ٿي ۽ آزاد ٿيڻ کانپوء پنهنجي ناني ڪلارا جي لکيل نوٽ بڪ تان اهو سڄو احوال لکي ٿي.
هن ناول جي خاص ڳالهہ اها آهي ته پڙهندڙ جيڪڏهين ستر جي ڏهاڪي جي چلي جي حالتن کان واقف آهي ته ان کي اهو سمجھڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي ته اهو ان وقت جي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهين ته ليکڪا ڪوبه اهڙو حوالو نه ڏنو آهي. هن ڪٿي به ملڪ جو نالو استعمال نه ڪيو آهي. ان وقت جي مرڪزي ڪردارن جي نالن جي استعمال جي بجائي هن صدر، جنرل ۽ شاعر وغيره جي لفظن کان ڪم ورتو آهي.

پيڙا جو سفر

پيڙا جو سفر

اها ڳالهہ واقعي حقيقت آهي ته وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍي ٻوٽي جو نسرڻ ۽ وڌڻ ڏکيو هوندو آهي. اها ڳالهہ انهن ماڻهن تي به لاڳو ٿئي ٿي جيڪي ڪنهن به حوالي سان ڪنهن وڏي ۽ نامياري ماڻهو سان لاڳاپيل هوندا آهن.
نذير عباسي سياسي لحاظ کان هڪ وڏي قدآور شخصيت آهي. سندس شهادت هڪ لحاظ سان کيس امر ڪري ڇڏيو آهي. مون تازو حميده گھانگھرو جي آتم ڪهاڻي پيڙا جو سفر پڙۡهي پورو ڪيو. اهو ڪتاب آگسٽ 2009 ۾ نذير عباسي فائونڊيشن پاران ڇپرايو ويو هو. حميده جي سياسي لحاظ کان پنهنجي هڪ ڌار ۽ منفرد شخصيت ۽ حيثيت آهي پر نذير جي وني هئڻ ناتي سندس اهو پاسو ڄڻ ته پسمنظر ۾ هليو ويو آهي. ان آتم ڪٿا ۾ حميده پاڻ به نذير جو گھڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي پاڻ کان گھڻي اهميت ڏني آهي پر ساڳي وقت سياسي لحاظ کان سندس پنهنجي ڪردار کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.
حميدہ جي خاندان جو واسطو ڪراچي، حيدرآباد يا لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن سان نه هو، جتي عورت کي نسبتن تعليم ۽ ٻين سماجي معاملن وغيره ۾ گھڻي آزادي هوندي آهي. هو سنڌ جي هڪ پٺتي پيل، روايتن ۾ جڪڙيل شهر محراب پور ۾ پيدا ٿي، جتي ڇوڪرين جي تعليم کي به هڪ عيب ڪري ليکيو ويندو هو. فرق اهو هو ته سندس پيءُ محمد هاشم گھانگھرو، جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجا مذهبي فرض به باقاعدگي سان ادا ڪندو هو، پر ساڳي وقت هڪ روشن خيال ماڻهو هو جنهن پنهنجن ذات وارن جون سڀ مخالفتون ۽ تهمتون سهندي پنهنجين ڌيئرن کي تعليم ڏياري هئي. ان خاندان جو خاص طور ڪميونسٽ پارٽي سان واسطو هو ۽ ان جي اڳواڻن جو سندن گھر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ معمول هوندو هو.
حميده جو پهريون ڀيرو جيل وڃڻ محراب پور ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي گھر ڪرڻ ۽ ان جي لاء احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ جي ڪري هو. جيتوڻيڪ اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهہ نه هئي پر ان وقت تر جي وڏيرن ۽ ڪامورن لاء ان گھر کي مڃڻ ڄڻ هڪ انا جو مسئلو بڻجي ويو هو ۽ انهن ڪهڙي به ريت انهن شاگردياڻين کي جھڪائڻ ۽ معافي گھري پنهنجين گھرن تان هٿ کڻائڻ چاهيو ٿي. پر اهي ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ۽ هڪ ڊگھو عرصو نارا جيل ۾ گذارڻ کانپوء اهي ٻيئي ڀينر زبيدہ ۽ حميدہ پنهنجي گھر مڃرائي پوء آزاد ٿيون.
سندس نذير سان شادي به ڪا روايتي نه هئي. سندس پنهنجو چوڻ آهي ته اها هڪ لحاظ کان ڄڻ پارٽي جي ڪانفرنس ۽ گڏجاڻي هئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن جا پارٽي ڪارڪن ۽ ٻيا ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. شادي جي ڪجھ عرصي کانپوء پارٽي پاران کيس ۽ آصفه رضوي کي پٽ فيڊر بلوچستان موڪليو ويو جتي هارين جي زميندارن خلاف جدوجهد هلندڙ هئي. ان جي نتيجي ۾ انهن ٻنهي کي گرفتار ڪري مڇ جيل موڪليو ويو جتي هڪ ڊگھو عرصو گذارڻ کانپوء کين آزادي ملي.
جيل جي خاص ڳالهہ اها آهي ته هن اتان جا حال احوال ۽ قيدين ۽ خاص طور عورتن جي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. خاص طور نارا جيل ۾ بنگالي ۽ برمي عورتن ۽ بارن جي رحم جوڳي حالت کي احساساتي طور بيان ڪيو آهي. اهڙي ريت مڇ جيل ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي قبائلي ۽ جاگيرداري ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار رهيون آهن.
آتم ڪٿا جو هڪ وڏو حصو نذيرعباسي جي حياتي ۽ سندس جدوجهد تي ٻڌل آهي. انهن ٻنهي جو هڪ پيار جو ۽ نظرياتي ناتو هو. نذير هڪ نرم سڀاء وارو شخص هو. هو اهو ڏيکاء نه ڏيندو هو ته هو ڪو وڏو اڳواڻ هو. ان جو تجربو ذاتي طور مون کي به آهي جڏهين هڪ دوست سان گڏ مون کي سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل هاسٽل ۾ سندس ڪمري ۾ وڃڻ ۽ اتي ڪجھ ڪلاڪ گذارڻ جو اتفاق ٿيو هو. سندن ذاتي زندگي ته ڄڻ نه هئي. شادي کانپوء به لاڳيتو ٻيئي ڄڻا جدوجهد ئي ڪندا رهيا. خاص طور نذير پنهنجو گھڻو وقت روپوشي ۾ گذاريو. هڪ ڏينهن گھران نڪرڻ کانپوء هو وري نه موٽيو ۽ سندس وني، ماء ۽ ٻيا گھر وارا بس سندس موٽڻ جو انتظار ئي ڪندا رهيا. سندس شهادت جي خبر ملڻ کانپوء هو آخري ڀيرو سندس منهن به نه ڏسي سگهيا. حميده لکي ٿي ته جڏهين نذير ۽ پروفيسر جمال نقوي کي گرفتار ڪيو ويو ته نذير پروفيسر کان پڇيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ته پروفيسر جواب ڏنو ته جيڪي ڪامريڊ ڪندا آهن.
نذير جي شهادت کامپوء حميده سياسي لحاظ کان گھڻو سرگرم نه رهي. ان جو هڪ مک ڪارڻ هو پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جو رويو به ٻڌائي ٿي. ٿيڻ ائين گھربو هو ته پارٽي پاران خاص طور نذير جي پوڙهي ۽ بيمار ماء ۽ سندس ڌي ۽ زال جو خيال رکيو وڃي ها، پر سندس چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي اڳواڻ نذير جي ماء سان ملڻ به گوارا نه ڪيو.
اڳتي هلي پارٽي جو ٽٽڻ ليکڪا لاء اڃا وڌيڪ مايوسي جو باعث هو. سندس چوڻ آهي ته نذير جي ماء جو دل جو بائي پاس آپريشن ٿيڻو هو. هن ان سلسلي ۾ مالي مدد لاء پارٽي جي هڪ اڳواڻ، جيڪو ڪارخانيداربه هو، کي ان سلسلي ۾ فون ڪيو. پر سندس جواب هو ته هاڻي ته پارٽي ٽٽي چڪي هئي ۽ هو ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ٿي ڪري سگھيو. ان ڳاله کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته نذير ۽ حميده ٻيئي پارٽي جا ڪل وقتي ڪارڪن هئا ۽ سندن آمدني جو ٻيو ڪو ذريعو نه هو. ٻي ڳاله ته انهن ٻنهي جا خاندان ڪي مالدار نه هئا ۽ پنهنجيون روزمره جون ضرورتون مشڪل سان پوريون ڪري سگھندا هئا. پارٽي جي ان صورتحال نذير جي خاندان کي هڪ ڏکي صورتحال ۾ وجھي ڇڏيو. هن ننڍي زرقا کي به متاثر ڪيو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته هن جي پارٽي ۽ سياست سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي. بينظير جڏهين وزيراعظم ٿي ته زرقا هن کي خط لکيو ته تون به شهيد جي ڌي آهين ۽ آئون به شهيد جي ڌي آهيان ۽ تون مون کي انصاف ڏيار. پر اها حقيقت آهي ته انصاف نه بينظير کي ملي سگھيو ۽ نه ئي زرقا کي.
ليکڪا جيتوڻيڪ پارٽي جي ٽٽڻ کانپوء ڪنهن هڪ يا ٻي ڌر جو پاسو نه ٿي کڻي ۽ نه ئي ان جي ڪنهن اڳواڻ جو نالو وٺي ان تي تنقيد ڪري ٿي پر هو پارٽي بيوروڪريسي جو ضرور ذڪر ڪري ٿي جيڪي پارٽي لاء ڪم ڪرڻ جي بهاني ٻين ملڪن ۾ عيش جي زندگي گذاري رهيا هئا. ساڳي وقت هو قومي مسئلي جي حوالي سان پڻ پارٽي جي پاليسي تي تنقيد ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ ان آتم ڪٿا ۾ هڪ ذاتي ڏک جي ڪيفيت آهي جيڪا هڪ فطري ڳالهہ آهي پر اها ساڳي وقت هڪ پختي ۽ تجربيڪار سياسي ڪارڪن جي ڪٿا آهي جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ گھڻين ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي.
ضرورت ان ڳالهہ جي آهي ته ان دور ۾ پارٽي سان جيڪا ماڻهو لاڳاپيل رهيا انهن مان گھڻا اڃا حيات آهن اهي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائين ته جيئن تاريخ ۽ سياست جي شاگردن کي ان دور جي کاٻي ڌر ۽ خاص طور ڪميونسٽ سياست کي سمجھڻ ۾ مدد ملي سگھي.

تاج محمد ابڙو جي شخصيت جا مختلف پاسا

تاج محمد ابڙو جي شخصيت جا مختلف پاسا
”سنڌ جو املھہ هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ نامي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ 2006 ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي.
تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو.
سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين.
ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو.
پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين 1947 تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ 1985 ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا. اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو.
هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو.
ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.

تنوير عباسي

تنوير عباسي
گھڻن سنڌي ليکڪن سان منهنجي ملاقات رڳو سندن لکڻين وسيلي آهي. انهن ۾ هڪ اهم ۽ معتبر نالو تنوير عباسي جو آهي. تنوير جي شهرت جيتوڻيڪ هڪ شاعر جي آهي پر هو هڪ گھڻ پاسائون ليکڪ آهي جنهن مختلف موضوعن تي تحقيق به ڪئي آهي، سفرنامو به لکيو آهي ۽ نثر جي ٻين موضوعن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ هو ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان هڪ ايڪٽوسٽ به رهيو آهي. سندس شروعاتي تعليم ڪراچي جي آهي. هن اين جي وي هائي اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان پڙهي پوء حيدرآباد ۾ ايل ايم سي جوائن ڪئي. جڏهين ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو ته هو انهن شاگردن ۾ شامل هو جن ان جي خلاف سنڌ اسمبلي جو گھيراء ڪيو هو. مون تازو سندس ڪتاب منهن تنين مشعل پڙهيو جنهن ۾ هن مختلف شخصيتن متعلق پنهنجا تاٿر لکيا آهن.
هو ٻڌائي ٿو ته اسڪول مان فارغ ٿيڻ کانپوء ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو هڪ ڪارڻ ڪراچي ۾ رهڻ ۽ پير حسام الدين راشدي جي صحبت مان مستفيض ٿيڻ هو. هو پير صاحب جي گھڻو ويجھو رهيو سندس لائبريري مان پڻ فائدو ورتائين. حيدرآباد ۾ رباني سان سندس دوستي هوندي هئي ۽ ٻيئي شام جو ڪراچي هوٽل ويندا هئا جتي ٻيا به گھڻا اديب، ليکڪ ۽ عالم ايندا هئا ۽ رات جو دير تائين ڪچهري هلندي هئي. هتي مولانا غلام محمد گرامي به ايندو هو جنهن کان تنوير پنهنجي شاعري جي اصلاح به ڪرائيندو هو. گرامي جي لاء هو لکي ٿو ته هن گھٽ مالي وسيلن ۽ ٿوري پگھار جي ڪري ڏاڍي ڪسمپرسي واري زندگي گذاري. هو بس ۾ سفر ڪندو هو ۽ اهڙي ئي هڪ سفر دوران سندس ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو جنهن جي ڪري هو آخر تائين منڊڪائيندو هلندو هو. تنوير حيدرآبد ۾ علامه آئي آئي قاضي جي ليڪچرن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ هو ويندو هو. انهن ليڪچرن ۾ حيدر بخش جتوئي به ايندو هو جيڪو پنهنجي سوچ موجب قاضي صاحب کان سوال ڪندو هو ۽ هو ان جا ڏاڍي تحمل سان جواب ڏيندو هو. ان وقت شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تان ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سرگرم هو. تنوير عباسي ان وقت ٿيندڙ چونڊن ۾ شيخ صاحب جو پولنگ ايجنٽ هو. تنوير اهو به ذڪر ڪيو آهي ته ان وقت سنڌ يوٿ فرنٽ جي پليٽ فارم تان ذوالفقار علي ڀٽو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سنڌي نوجوانن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.
سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي محاذ تي اهڙا کوڙ ڪارڪن آهن جن جيتوڻيڪ وڏو ڪم ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون آهن پر انهن جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. اهڙي ئي هڪ ڪارڪن ۽ پنهنجي دوست مقبول ڀٽي جو هن ذڪر ڪيو آهي جنهن خاص طور سنگت کي منظم ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ ان جي تنظيم ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڪتاب ۾ تنوير جن به ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي ان انهن جي مثبت پاسن کي ئي سامهون آندو آهي. ڪنهن جي منفي پاسن کي سامهون ناهي آندو. جيڪڏهين هو ائين ڪري ها ته پڙهندڙ کي انهن ماڻهن جي مڪمل تصوير ملي سگھي ها. پر شايد سندس انهن ماڻهن لاء محبت کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو هو.
ان ڪتاب مان ئي خبر پئي ٿي ته ليکڪ نه رڳو ادبي پر سياسي لحاظ کان به هڪ ڀرپور زندگي گذاري. پر هو ڪٿي به پنهنجي ساراه نه ٿو ڪري ۽ نه پاڻ کي پڏائي ٿو. جيتوڻيڪ هو سنڌي جي وڏن ليکڪن ۾ آهي پر هن خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪيو ۽ پاڻ کي سامهون گھٽ آندائين.

ڦوٽو رستماڻي

ڦوٽو رستماڻي

ڦوٽو رستماڻي سنڌ جي انهن سياسي ڪارڪنن مان هو جيڪي سڄي عمر سياسي ڪارڪن ئي رهيا. انهن شايد زندگي ۾ ٻيو ڪو ڪم ڪيو هجي. ضروري ناهي ته اهي سڄي عمر ڪنهن هڪ سياسي جماعت سان لاڳاپيل هجن. آئون جڏهين سنڌي عوامي تحريڪ ۾ هوس ته ان وقت ڦوٽو پارٽي جي هاري محاذ سنڌي هاري ڪاميٽي لاء ڪم ڪندو هو. هڪ اڌ ڀيرو منهنجو به پارٽي جي ڪنهن گڏجاڻي جي سلسلي ۾ چمبڙ ويجھو سندس ڳوٺ وڃڻ ٿيو هو. مون جنهن وقت پارٽي ڇڏي ته ڦوٽو اڃا پارٽي ۾ هو. پارٽي ۾ اختلافن ۽ ڪارڪنن جي ڌار ٿيڻ جو عمل جيئن ته لاڳيتو هلندو ٿي آيو ان ڪري ڦوٽو به پارٽي کان ڌار ٿيو. پر هو مٺ ڪري نه ويٺو ۽ ٻين گھڻن ڪارڪنن جيان سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ آخر تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. اها ئي نيٺ سندس سڃاڻپ به بڻجي ويئي


ايوارڊ

ايوارڊ

ايوارڊ ۽ انعام ڪنهن به ليکڪ لاء هڪ قسم جي مڃتا ۽ اطمينان جو باعث هوندو آهي. مون کي خبر ناهي ته ٻين ملڪن يا پاڪستان جي وفاق سان واسطو رکندڙ ادارن پاران ليکڪن ۽ ڪتابن سان ڪهڙو ورتاء ڪيو وڃي ٿو پر هتي سنڌ ۾ خاص طور سنڌي ٻولي سان واسطو رکندڙ ادارن جو ورتاء ائين آهي ڄڻ انهن جو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ٻين شعبن سان ڪو واسطو ئي ناهي. ٿيڻ ائين گھرجي ته اهي جنهن مدي لاء انعام ڏيڻ چاهين ٿا ته کين ان ڳالهہ جي ڃاڻ هئڻ گھرجي ته ان عرصي ۾ مختلف موضوعن تي ڪهڙن ليکڪن جا ڪهڙا ڪتاب شائع ٿيا آهن ۽ پوء انهن ڪتابن کي هٿ ڪري ججز کي انهن جي پرک ڪرڻ لاء پيش ڪيو وڃي. پر ان جي بجائي اها ذميواري ليکڪن تي وڌي وڃي ٿي ته اهي پنهنجا ڪتاب انعام لاء پيش ڪن. منهنجي نظر ۾ اها ڳاله هڪ ليکڪ لاء تحقير ۽ بيعزتي واري آهي.
ان ڳالهہ کي قبول نه ڪرڻ جي ڪري مون اڄ تائين پنهنجو ڪو به ڪتاب ڪنهن اداري کي انعام حاصل ڪرڻ جي مقصد سان نه موڪليو آهي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران منهنجي ترجمي ڪيل ڪتاب ڊاڪٽر زواگو کي انعام لاء چونڊيو ويو. ان جي خبر مون کي ان وقت پيئي جڏهين ان وقت اٿارٽي جي سيڪريٽري تاج جوئي مون کي اهڙو اطلاع ڏنو ۽ ٻڌايو ته ان جو فيصلو ججن يڪراء ڪيو آهي. اهو ڪتاب اداري پاران پاڻ خريد ڪيو ۽ ججن کي ڏنو ويو هو.
ڪجھ سال اڳ هڪ اداري پاران هڪ جج جي طور مون کي ترجمو ڪيل ڪجھ ڪتاب موڪليا ويا. ان اداري جي سربراه جو چوڻ هو ته اوهان ڏينهن ٻن ۾ اسان کي پنهنجي رائي کان آگاه ڪيو. مون کيس چيو ته اهو هڪ ذميواري جو ڪم آهي ۽ ايتري ٿوري وقت ۾ ممڪن ڪونهي. سندس مقصد رڳو خانه پري ڪرڻ هو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته اوهان لاء اها ڪا ڏکي ڳالهہ ناهي، اوهان بس پنهنجو رايو موڪلي ڇڏيو. مون ته کيس ان ڳالهہ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ان اداري پاران ڪجھ ڏينهن ۾ ڪتابن تي انعامن جو اعلان ڪيو ويو.
مون کي اها ڳالهہ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته اسان جا ليکڪ نيٺ انعام حاصل ڪرڻ لاء ايترا اتاولا ڇو هوندا آهن. جيڪڏهين ليکڪن پاران انعامن لاء پنهنجا ڪتاب نه موڪليا وڃن ۽ ادارن کي پاڻ ڪتابن حاصل ڪرڻ لاء جاکوڙ ڪرڻي پئي ته ان سان هڪ ته ليکڪ جي عزت نفس به متاثر نه ٿيندي ۽ ٻيو ته انعام به گھڻي ڀاڱي ميرٽ تي ملندا.

جان خاصخيلي

جان خاصخيلي

جڏهين شهر جي طويل شاهراهن تان هلندي گھر پهتو هوس ته بک انتظار ڪندي ڪندي سمهي رهي هئي. پوء دير دير تائين ننڍ مون سان گڏ جاڳي رهي هئي. ان وقت مون بک کي هڪ نظم ۾ پوئيو هو. جان خاصخيلي پنهنجي شاعري جي نئين مجموعي خوابن جي موسم جو هڪ گيت ۾ منهنجا نظم۽ آئون ۾ پنهنجي شاعري جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو.
هن مجموعي ۾ ٻاهٺ نظم شامل آهن جيڪي اندروني ڪيفيتن کان وٺي ملڪي ۽ پرڏيهي صورتحال جي حوالي سان لکيل آهن. انهن سڀني ۾ ۽ جان جي ڪهاڻين ۾ جيڪا ڳاله مون کي مشترڪ ۽ گڏيل نظر ايندي آهي اهو سندس درد آهي، هڪ اهڙو ڏک جنهن کي هو سڄي دنيا لاء محسوس ڪري ٿو پر اهو خاص سندس پنهنجو درد آهي.
. هڪ ٻي ڳالهہ ته ڪراچي جان جي تخليق ۽ سندس شخصيت کي ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن هتي سڀني ڏکيائين کي منهن ڏنو، نوان دوست ٺاهيا ۽ شهر جي مخلتف ڪيفيتن کي پنهنجين ڪهاڻين ۽ شاعري ۾ چٽيو. هو شايد اهڙن ٿورن سنڌي تخليقڪارن ۾ شامل آهي جن شهر جي ادبي، سياسي ۽ سماجي زندگي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪيو. مجموعي ۾ شامل سندس گھڻا نظم ڪراچي جي دور جا ئي لکيل آهن.
ڪراچي ڪنهن کي لوڌي نه ٿو ڪڍي پر شهر جون پنهنجون گھرجون آهن. هڪ وڏي شهر جي گهما گهمي ۽ دباء آهي جيڪو ڪڏهين ڪڏهين سهڻ جوڳو ناهي به رهندو. جان هڪ ڊگھي عرصي گذارڻ کانپوء شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. پر آئون سمجھان ٿو ڪراچي سندس شعور ۽ لاشعور جو حصو رهندو ۽ سندس تخليقن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.
****
”صبوح جو ڌيان جي مشق، ٽهڪ جنهن جو حصو هوندا آهن ۽ سندس ڌي انهن ٽهڪن جون تصويرون ٺاهيندي آهي. هڪ ڏينهن اهي ٽهڪ وڃائجي وڃن ٿا ۽ هو انهن جي ڳولها ۾ نڪري ٿو. گھڻن ماڻهن اهي ٽهڪ ٻڌا ته هئا ۽ انهن کي سانڍي رکڻ جي خواهش به ڪئي هئي پر پوء اهي الائي ڪيڏانهن هليا ويا. الائي اهي ٽهڪ وري کيس موٽي ملندا يا نه ۽ سندس ڌي انهن جون تصويرون ٺاهي سگھندي.“
(جان خاصخيلي جي ڪهاڻين جي مجموعي خوابن جو عجائب گھر ۾ شامل هڪ خوبصورت لکيل ڪهاڻي ”منهنجو من ڀنڀوري“ مان کنيل ٽڪرو)

آدرش ۽ حقيقت

آدرش ۽ حقيقت
پهرين مهاڀاري جنگ کان اڳ جرمني جي آسٽريا ۽ زار جي روس جي سرحد جي هڪ ڳوٺ ۾ پنج دوست رهندا هئا. اهو ڳوٺ ڪڏهين آسٽريا ته ڪڏهين روس جي قبضي هيٺ هوندو هو. هڪ ڀيري انهن مان هڪ لڊوگ کي سرحد جي ٻئي پاسي روس ۾ يهودين سان ٿيندڙ طلم کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. ان وقت جرمني ۾ جيتوڻيڪ اڃا هٽلر اڃا اقتدار ۾ نه آيو هو پر يهودين خلاف نفرت يورپ جي ٻين ملڪن جيان اتي به پنهنجي عروج تي هئي.
انهن سڀني دوستن کي ملڪ جي ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃي رهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هجي ٿو. ان مقصد لاء اهي ڪنهن ريت ميونخ وڃن ٿا ۽ اتي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ مختلف ترقي پسند گروپن ۾ شامل ٿين ٿا. اهي پنج ئي دوست جنگ کان پوء آڪٽوبر انقلاب جو حصو بڻجن ٿا. انقلاب کانپوء سوويت يونين ۾ جيڪا گھرو ويڙه شروع ٿئي ٿي ان ۾ اهي پرڏيهي فوجن ۽ اڇن خلاف ٽرائٽسڪي جي اڳواڻي ۾ وڙهندڙ ريڊ آرمي جو حصو هجن ٿا.
اسٽالن ۽ ٽرائٽسڪي جي اختلافن، ٽرائٽسڪي جي ملڪ مان هليو وڃڻ ۽ اسٽالن جي پارٽي ۽ فوج ۾ مقدمن ۽ ڦاهين ذريعي صفائي جي عمل تي تحفظات هئڻ جي باوجود اهي پنج ئي ڄڻا پارٽي ۽ اسٽالن سان گڏ رهن ٿا.
انهن ۾ اهم ڪردار لڊوگ جو آهي جيڪو ان ناول Fear of Mrrors جو هيرو به آهي.کيس دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هڪ جاسوسي جي نيٽ ورڪ کي ڦهلائڻ ۽ اتي انقلابي قوتن جي مدد ڪرڻ جو ڪم ڏنو وڃي ٿو.
ان وقت اسپين ۾ جمهوريت پسندن ۽ جنرل فرانڪو جي فاشسٽ فوجن ۾ جنگ پئي هلي. لڊوگ کي فاشزم مخالف قوتن جي مدد ڪرڻ جو ڪم ڏنو وڃي ٿو. ان مقصد لاء هو فرانس ۾ اسپين جي سرحد سان لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جمهوريت پسندن کي هٿيار ۽ ٻي مدد پهچائڻ لاء هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪري ٿو.
جاسوسي جي ان نيٽ ورڪ ۾ گرٽريڊ نالي هڪ عورت به ڪم ڪري ٿي جنهن جو واسطو ميونخ جي هڪ آسودي يهودي خاندان سان هجي ٿو. هو جواني ۾ شادي جي معاملي تي اختلافن ڪري پنهنجي ماء پي ۽ گھرکي ڇڏي هلي وڃي ٿي. سندس خاندان کي نازين سان سٺن ناتن هئڻ جي باوجود بخش نه ٿو ڪيو وڃي ۽ هو پنهنجي يهودي هئڻ جي سزا ڀوڳين ٿا. جڏهين ته گرٽريڊ رڳو گھر مان هلي وڃڻ ڪري محفوظ رهي ٿي.
لڊوگ اهو سمجھي ٿو ته يورپ ۾ فاشزم خلاف جنگ ۾ فتح ۽ شڪست جو دارومدار اسپين ۾ جمهوريت پسندن جيِ کٽڻ ۽ هارائڻ تي آهي. ان وقت هٽلر جو جرمني، فرانس ۽ برطانيا وغيره فرانڪو جي پاسي هئا. لڊوگ ساڳي وقت سوويت يونين ۾ اسٽالن جي پاليسين سان به متفق نه ٿو هجي ۽ پنهنجن ويجھن حلقن ۾ ان جو اظهار به ڪندو رهي ٿو. ان جي ڄاڻ سوويت يونين جي لاڳاپيل ماڻهن کي هجي ٿي. کيس چيو وڃي ٿو ته هو ماسڪو اچي جتي ساڻس مختلف مسئلن تي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ويندي. پر هو ان ڳالهہ کي سمجھي ٿو ته جيڪڏهين هو اتي ويو ته پوء سندس حشر به اسٽالن جي گھڻن اهڙن مخالفن جهڙو ٿيندو جن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ڦاسائي ۽ کانئن زوري ڏوه باسرائي گولي هنئي ويئي هئي. هو پنهنجي زال ۽ پٽ کي اتي موڪلي ٿو ته جيئن کين سندس وفاداري جو يقين ٿئي. اتي لڊوگ جا دوست سندس زال کي اها تاڪيد ڪن ٿا ته لڊوگ کي ڪنهن به صورت ۾ ماسڪو نه اچڻ گھرجي. ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ۽ اسپين جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هو ان ڳاله کي به سمجھي ٿو ته اسپين ۾ فاشزم خلاف وڙهندڙ قوتن ۾ جيڪي اختلاف آهن انهن جو فائدو جنرل فرناڪو ۽ سندس ڏيهي ۽ پرڏيهي حامين کي ٿيندو ۽ هٽلر سميت يورپ ۾ فاشسٽ قوتون مضبوط ٿينديون.
هو پنهنجي ان سڄي ڪم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت ٽرائٽسڪي کي پڻ ان ڳاله کان آگاه ڪرڻ چاهي ٿو ته ماسڪو پاران کيس قتل ڪرڻ لاء ماڻهو روانا ڪيا ويا هئا. هو اسٽالن ڏانهن هڪ خط لکي ٿو جنهن ۾ پنهنجي ڪم کان ڌار ٿيڻ جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو. اهو خط اسٽالن تائين پهچڻ کان اڳ جاسوسي کاتي جي اڳواڻ جي هٿ اچي ٿو. هو ان مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته هٽلر ۽ ٻيا سوويت يونين جا مخالف ملڪ لڊوگ کان زوري يا ِ سندس رضامندي سان اهڙي حساس معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪا سوويت يونين لاء هاڃيڪار ٿي سگھي ٿي. ان جو حل کين اهو نظر اچي ٿو ته لڊوگ کي جرمني ۽ هٽلر جو ايجنٽ ڄاڻائي ڪنهن ريت ختم ڪري رستي تان هٽايو وڃي.
لڊوگ جي ذهن ۾ اها ڳالهہ هجي ٿي ته ساڻس اهو سڀڪجھ ٿي سگھي ٿو جيڪي ٻين گھڻن سان ٿيندو آيو هو. هو پنهنجي زال ۽ پٽ سان گڏ فرانس جي ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ وڃي رهي ٿو جنهن جي گھٽ ماڻهن کي ڃاڻ هجي ٿي. پر ان جي ڄاڻ گرٽريڊ کي هجي ٿي. اها عورت لڊوگ سان پيار ڪري ٿي پر لڊوگ سندس هر پيش قدمي کي رد ڪري ٿو. سوويت يونين جو هڪ جاسوس، جنهن کي لڊوگ کي قتل ڪرڻ جي ذميواري ڏني وڃي ٿي، ساڻس رابطي ۾ اچي ٿو ۽ هو ان کي لڊوگ جو ڏس پتو ٻڌائي ٿي. نتيجي ۾ لڊوگ قتل ٿي وڃي ٿو.
ولادي لاء سندس ماء هڪ وڏي ڳجهارت هجي ٿي. کيس اها ته خبر هجي ٿي ته هو سوويت يونين جي جاسوسي کاتي لاء ڪم ڪري ٿي پر کيس اها ڄاڻ نه ٿي هجي ته آيا هو ماڻهن جي قتل وغيره ۾ به ملوث رهي آهي. سندس لاء خاص طور اهو وڏو سوال هجي ٿو ته سندس پي ڪير آهي. هن گھڻا ڀيرا پنهنجي ماء کان اهو سوال پڇيو هو ۽ هن هر ڀيري ۽ ايسيتائين ته مري گھڙي مهل به کيس اهو جواب ڏنو هو ته لڊوگ سندس پي آهي. هو پنهنجن لاڳاپن کي استعمال ڪندي هن وقت روس جي جاسوسي کاتي، جتي هر ماڻهو وڪامڻ لاء تيار ۽ هر شي پئسن تي دستياب آهي، مان لڊوگ ۽ پنهنجي ماء جا فائل هٿ ڪري ٿو. ان مان کيس پنهنجي ماء جو هڪ بلڪل مختلف روپ نظر اچي ٿو ۽ اها خبر پيئي ٿي ته گھٽ ۾ گھٽ لڊوگ ته سندس پي ناهي. ممڪن آهي ته اهو جاسوس سندس پي هجي جنهن سان گڏجي سندس ماء لڊوگ کي قتل ڪرايو هو. هو ان سان به رابطي ۾ هجي ٿو پر هو کيس ٻڌائي ٿو ته هو سندس پي ناهي. هو کيس اهو ٻڌائي ٿو ته سندس ماء کيس اهو ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري لڊوگ کيس انگلينڊ هڪ نواب، جيڪو سوويت يونين جي جاسوسي کاتي لاء ڪم ڪندو هو، وٽ ڪجھ عرصو رهڻ لاء موڪليو هو. اتي ان نواب ساڻس هڪ رات گذاري هئي جنهن مان کيس حمل ٿيو هو.
ان دوران جيتوڻيڪ ولادي جي زال موٽي اچي ٿي ۽ پٽ سان به ناتا معمول تي اچي وڃن ٿا پر جرمني ۾ رهندڙ ولادي جي ويٽنامي دوست سائو جي زندگي تي به نظر وجھڻ ضروري آهي جنهن مان اها خبر پئجي سگھي ٿي ته انقلاب ۽ آدرش ڪهڙن بحرانن جو شڪار ٿيا آهن.

برلن جي ديوار جو ڊهڻ ۽ سوشلزم جو بحران

برلن جي ديوار جو ڊهڻ ۽ سوشلزم جو بحران

ويهين صدي مهاڀاري جنگين، انقلابن ۽ علام قومن جي آزادي جي صدي طور ڄاتي وڃي ٿي. ان صدي جي شروع ۾ آيل سوويت يونين جو انقلاب هڪ اهم واقعو هو جنهن سڄي دنيا کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت ان صدي جي ختم ٿيندي ٿيندي خاص طور سوويت يونين جي ڊهڻ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ختم ٿيڻ هڪ پاسي گھڻن سوالن کي سامهون آندو ته ٻئي پاسي گھڻن ماڻهن، لاء جيڪي ان سڀڪجھ کي ذهني طور قبول ڪرڻ ۽ نين حقيقتن سان هم آهنگ ٿيڻ لاء تيار نه هئا، گھڻن نفسياتي مسئلن کي پيدا ڪيو. ان جا گھڻا مثال پاڪستان ۾ به ڏسي سگھجن ٿا.
سوويت يونين ۾ گورباچيف جي گلاسنوست ۽ پريسٽريڪا کانپوء اوڀر يورپ جا ملڪ، جيڪي بين مهاڀاري جنگ کانپوء يورپ جي ورهاست جي نتيجي ۾ سوويت يونين جي اثر هيٺ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جو حصوهئا، شانت نه رهيا. ان کان اڳ به انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ ماڻهن جو احتجاج، جمهوري آزادين جي گھر ۽ نتيجي ۾ انهن ملڪن ۾ سوويت يونين جي فوجي مداخلت ڄڻ هڪ معمول جي ڳالهہ هئي. شروعات اوڀر جرمني کان ٿي هئي. 1953 ۾ اوڀر جرمني ۾ اجرتن گھٽائڻ خلاف مزدورن جو احتجاج، جيڪو برلن کان شروع ٿي ملڪ جي گھڻن شهرن ۾ ڦهلجي ويو هو، سوويت يونين جي فوجي مداخلت ۽ اٽڪل ويهہ احتجاج ڪندڙن جي مرڻ کانپوء ختم ٿيو. 1956 ۾ هنگري، 1968 ۾ چيڪو سلواڪيا ۽ پوء پولينڊ. اهو سلسلو سوويت يونين ۾ گوربا چيف جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ 1989 ۾ برلن ديوار جي اچي پٽ پوڻ تي پنهنجي انت تي پهتو.
جيتوڻيڪ اوڀر جرمني جا ماڻهو ديوار کي ڊاهڻ ۽ اوله سان گڏجڻ چاهين پيا پر اهو هڪ لحاظ کان اوڀر جرمني جي گھڻن ماڻهن لاء نفسياتي، معاشي ۽ سياسي طور ايترو سولو معاملو نه هو. اها ملڪ جي ٻنهي حصن جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ برابري جي سطح تي طئي ٿيڻ واري ڳاله نه هئي پرهڪ لحاظ کان ڄڻ اولهہ پاران پنهنجو سڄو معاشي ۽ سياسي نظام اوڀر مٿان مڙهڻ هو ۽ ساڳي وقت اهو تاثر به ڏيڻو هو ته اوڀرمعاشي طور پٺتي پيل ۽ اولهہ جي ماڻهن تي هڪ بار آهي جنهن کي اولهہ جي معاشي معيار تي آڻڻ لاء اولهہ جي ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پوندي.
اوڀر جي ماڻهن لاء سندن ملڪ ۾ سڀڪجھ خراب نه هو. کين ساه کڻڻ، اختلاف رائي رکڻ ۽ هڪ کان وڌيڪ سياسي جماعتن واري سياسي نظام جي ضرورت هئي. ان مقصد لاء حڪمران پارٽي اندر ۽ ان کان ٻاهرمختلف ماڻهو ۽ گروپ پنهنجي ليکي ڪوشش ۽ جدوجهد ڪري رهيا هئا. پر برلن جي ديوار ڪرڻ کان پوء جيڪي ڪجھ ٿيو اهو سندن لاء هڪ صدمي کان گھٽ نه هو. گھڻا حساس ۽ سوچيندڙ ماڻهو ان کي سهي نه سگھيا ۽ معاشي مسئلن سان گڏ نفسياتي مسئلن جو به شڪار ٿي ويا. انهن مان ڪجھ ڄڻن آپگھات ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته ان دوران ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هڪ پروگرام ٿيو هو جنهن ۾ اوڀر جرمني جا ڪجھ ليکڪ ۽ دانشور شريڪ هئا. سندن چيل لفظ ته مون کي چڱي ريت ياد ناهن پر سندن رويو ۽ باڊي لئنگوئج اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ آهي. سندن مطلب اهو هو ته جيڪي ڪجھ ٿيو هو ان ۾ کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو ۽ نه ئي جيڪي قدم کنيا ويا انهن ۾ سندن مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو هو. ساڳي ريت کين هڪ بار ۽ اهڙو غريب ڀاء ڪري ورتو ويوهو جنهن جي ڪري اوله جي ماڻهن کي قرباني ڏيڻي پئي آهي.
طارق علي پنهنجي ناولFear of Mirrors ۾ ان سڄي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ جي نظرئي ۽ نڪته نظر کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. طارق علي نظرياتي طور ٽرائٽسڪائٽ رهيو آهي ۽ خاص طور اسٽالن جي حوالي سان سندس لکڻين ۾ اهو نڪته نظر حاوي آهي.
ناول جو مک ڪردار ولادي آهي. هو اوڀر برلن جي يونيورسٽي ۾ ادب جو استاد هجي ٿو. هي اهڙو وقت هو جڏهين سوويت يونين ۾ گورباچيف اقتدار ۾ هو ۽ اوڀر يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جا احتجاج وغيره هلندڙ هئا. ساڳي ريت ولادي هڪ سوشلسٽ هوندي اهڙي هڪ گروپ جو حصو هو جيڪو ملڪ ۾ جمهوري سڌارن،برلن جي ديوار کي ڊاهڻ ۽ گھڻ سياسي جماعت واري نظام لاء متحرڪ هجي ٿو. هو پاڻ جيتوڻيڪ ديوار کي ڊاهڻ ۽ ماڻهن ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جي حق ۾ هجي ٿو. پر ديوار جي ڊهڻ کانپوء جيڪي ڪجھ ٿئي ٿو اهو سندس لاء غير متوقع ۽ هڪ صدمي کان گھٽ نه ٿو هجي. نئين نظام ۾ سندن ڪا رائي ۽ ڪو حصو نه ٿو هجي. سندس آدرش اڻ پورا رهجي ٿا وڃن. اوله جا سرمائيدار ۽ ڪارپوريشنون هر شي ۽ اثاٿي تي قابض ٿي وڃن ٿيون. ولادي کي يونيورسٽي جي نوڪري مان اهو چئي جواب ڏنو وڃي ٿو ته هو جيڪي ڪجھ پڙهائي رهيو هو هاڻي ان جي ضرورت نه رهي هئي. سندس خاندان ورهائجي وڃي ٿو. سندس پٽ ڪارل، جنهن کي انهن زال مڙس پنهنجين سياسي سرگرمين کان پري رکيو هو، نظرياتي ۽ سياسي طور مختلف نموني سوچي ٿو ۽ اولهہ جي نظرئي ۽ سياسي سوچ کي صحيح سمجهي ٿو. هوِ پنهنجي ماء پي لاء سمجهي ٿو ته سندن سوچ مدي خارج آهي. هو ميونخ ۾ رهي ٿو ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي لاء ڪم ڪري ٿو. جڏهين ته ولادي جي زال کانئس ناراض ٿي نيويارڪ هلي وڃي ٿي. هو هڪ نفسياتي مونجھاري ۽ اڻ تڻ جو شڪار هجي ٿو انهن حالتن جي هوندي هو ۽ سندس دوست سمجھن ٿا ته سندن لاء ڪم ڪرڻ جي ڪا گنجائش نه رهي هئي. سندس هڪ دوست ۽ گروپ جو هڪ اهم رڪن انهن دٻائن کي نه سهندي آپگھات ٿو ڪري ڇڏي. هو پاڻ ان متعلق سوچي ٿو پر اهڙو قدم کڻڻ لاء تيار نه ٿو ٿئي.
هو سوچي ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو جنهن جي ڪري کين اهو سڀڪجھ ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هو ان سڄي صورتحال کان پنهنجي پٽ ڪارل کي آگاه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاء هڪ ڊگھو خط لکي ٿو. هو کيس سڄو پسمنظر ٻڌائي ٿو ته اهو سڀڪجھ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. سندس پنهنجي زندگي جا گھڻا پاسا لڪل هجن ٿا. ان سڄي صورتحال ۾ سندس ماء گرٽريڊ جو اهم ڪردار هجي ٿو.

انقلاب کانپوءِ

انقلاب کانپوءِ

انقلاب جي ڪاميابي کانپوء به سڀڪجھ چڱو ناهي هوندو. ان کانپوء اڳواڻي ڪندڙن کي هڪ بلڪل مختلف صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. خاص طور ويٽنام، جنهن ٻن وڏين طاقتن فرانس ۽ پوء آمريڪا کي شڪست ڏني هئي، هڪ ٻئي مخمصي ۾ پئجي ويو هو. ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد، جن انقلابي جنگ ۾ بهرو ورتو هو، فارغ ٿي ويا هئا. حڪومت وٽ ايترا وسيلا نه هئا ته انهن سڀني جي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻي ۽ انهن کي ڪو باعزت روزگار مهيا ڪري. ان صورتحال ۾ برادر سوشلسٽ ملڪن جو هڪ آسرو هو. اهڙي ريت ويٽنام جي گھڻي افرادي قوت کي باندي پورهيتن جي طور سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن جي ڪارخانن وغيره ۾ ڪم ڪرڻ لاء اماڻيو ويو.
اوڀر جرمني جي سوشلسٽ ملڪ هئڻ جو اهو مطلب نه هو ته اتي سڀ نسلي ۽ مذهبي تضاد وغيرہ ختم ٿي ويا هئا. انهن جون هتان جي سماج ۽ سياست ۾ مضبوط پاڙون هيون ۽ گھڻا ماڻهو اڃا به پرڏيهين وغيره کان ساڳي ريت نفرت ڪندا هئا ۽ انهن کي پنهنجن معاشي مسئلن وغيره جو ذميوار ڪري ليکيندا هئا. هڪ ڀيري واٽ ويندي ولادي ۽ سندس زال ڏسن ٿا ته ٽي چار جرمن نوجوان هڪ ويٽنامي باندي پورهيت کي پڪڙي مار ڏيئي ان کي کسي ڪرڻ وارا هجن ٿا ته ولادي جي اچي وچ ۾ پوڻ تي ڀڄي وڃن ٿا ۽ ان پورهيت جي جان ڇٽي ٿي. ان جو ڏوه اهو هجي ٿو ته ان جو هڪ جرمن عورت سان پيار ٿئي ٿو جنهن کي اهي نوجوان پسند نه ٿا ڪن ۽ ان پورهيت، جنهن جو نالو سائو هجي ٿو، کي ان جي سزا ڏيڻ چاهين ٿا. هو ولادي ۽ سندس زال جو گھڻو ٿورائتو ٿئي ٿو ۽ سندن هڪ مستقل ناتو جڙي وڃي ٿو. هو کين ٻڌائي ٿو ته هن آمريڪا خلاف ويٽنام جي جنگ ۾ حصو ورتو هو ۽ جنگ ختم ٿيڻ کان پوء اهي آدرش ۽ زندگي جون اهي سهولتون حاصل نه ٿي سگھيون جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو هو. کيس پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجي محبوب زال ۽ ٻار کي ڇڏي هڪ باندي پورهيت طور هتي اچڻو پيو. کيس اوڀر جرمني موڪليو ويو جڏهين ته ٻين گھڻن کي سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ۾ موڪليو ويو.
انهن ملڪن مان سوشلزم ۽ سوشلسٽ حڪومتن جي ختم ٿيڻ کانپوء انهن پرڏيهي ماڻهن لاء به نيون واٽون کلي ويون. اهي مختلف قانوني ۽ غير قانوني ڪمن ۾ گھڙي پيا. سائو جڏهين هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ولادي سان ملي ٿو ته هو بلڪل هڪ ٻيو ماڻهو هجي ٿو. هڪ آسودو، وڏين هوٽلن ۾ رهڻ ۽ اعلا ڪپڙا پائڻ وارو شخص. هو ولادي کي ٻڌائي ٿو ته هن فرانس جي هڪ عورت سان شادي ڪئي آهي جنهن مان کيس هڪ پٽ به آهي پر هو کيس ڇڏي آمريڪا هلي ويئي آهي. ان جي باوجود هو کيس پورو خرچ پهچائيندو آهي. سندس اها شان شوڪت ڏسي ولادي سمجھي ٿو ته هو ضرور منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي ۽ هن سان اهڙو اظهار به ڪري ٿو. پر هو کيس ٻڌائي ٿو ته ائين ناهي بلڪ هو هٿيارن جو ڪاروبار ڪندو آهي ۽ مختلف ملڪ سندس ڪلائنٽ آهن. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هن شروع ۾ ڪيئن روس ۾ رهندي پنهنجن ويٽنامي دوستن جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو هو. اهي اتي سرڪاري افسرن جي سهڪار سان روس ۽ ٻين اڳوڻين سوويت رياستن جي عورتن کي جنسي مقصدن لاء دنيا جي مختلف علائقن ۾ موڪليندا هئا. سندس دوست اڃا به ماسڪو ۾ موجود آهن ۽ سندس ساڻن رابطو آهي.
کيس اها ڄاڻ هجي ٿي ته ولادي کي نوڪري ناهي ۽ هو هن وقت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر هو پنهنجن انقلابي آدرشن کي ڇڏڻ لاء تيار ناهي. هو کيس پنهنجو مثال ڏيئي ٿو ته هن ڪيئن بدليل حالتن سان پاڻ کي ٺهڪايو آهي. ساڳي وقت هو کيس چئي ٿو ته هو ڪڏهين به سندس ڪيل ٿورو نه ٿو لاهي سگھي ۽ انهن حالتن ۾ سندس هر قسم جي مدد ڪرڻ لاء تيار آهي، رڳو سندس حڪم جي دير آهي. پر ولادي کيس منع ڪري ڇڏي ٿو. ڪجھ عرصي کانپوء هو ولادي کي چئي ٿو ته هو هڪ پبلشنگ هائوس قائم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن کي تون سنڀاليندين. پر ولادي ان لاء به راضي نه ٿو ٿئي.
ولادي کي پنهنجي پي متعلق جيڪو تجسس هجي ٿو ۽ جڏهين کيس ان متعلق پنهنجي ماء جي ٻڌايل ڳالهين تي اعتبار نه ٿو رهي ته هو ان سلسلي ۾ سائو جي مدد وٺڻ چاهي ٿو. سائو کيس چئي ٿو ته اڄڪله ماسڪو ۾ هر شي پئسي تي دستياب آهي ۽ اهي فائل هٿ ڪرڻ ته سندس لاء ڪو مسئلو ئي ناهي.
هو جڏهين ان ڪم لاء ماسڪو پهچي ٿو ۽ پنهنجي ٺڪاڻي تي وڃي ٿو ته اتي کيس پنهنجن ساٿين جا لاش ملن ٿا جيڪي ساڻس گڏ ڪم ڪندا هئا. هو مختلف ماڻهن سان ملي ٿو. کيس ان متعلق پوليس ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين وغيره جو ٻڌايو وڃي ٿو پر هو ان مان مطمئن نه ٿو ٿئي. جن ماڻهن سان سندس ڏي وٺ هجي ٿي انهن کي هو چئي ٿو ته هو اوستائين سک سان نه ويهندو جيستائين اصل قاتلن کي سندس آڏو نه ٿو آندو وڃي. گھڻي ڀڄ ڍڪ کانپوء کيس خبر پئي ٿي ته ان ۾ روس جي مقامي گينگ جا ماڻهو شامل آهن جيڪي ساڳيو عورتن کي اسمگل ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا ۽ کين ان ويٽنامي گروه جي ڪري پنهنجو ڪاروبار خطري ۾ ٿي نظر آيو.
بهرحال سائو اها کوجنا ڪرڻ کانپوء ولادي جي ڪم لاء روس جي جاسوسي کاتي ۾ رابطا ڪري ٿو ۽ ولادي جي ماء ۽ لڊوگ جا فائل هٿ ڪري ٿو جيڪي هو برلن ۾ ولادي جي حوالي ڪري ٿو.
اهو ضروري ناهي ته هڪ نظرئي ۽ سياسي واٽ سان لاڳاپيل ماڻهو بحرانن ۽ نظرياتي ۽ سياسي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران ساڳي واٽ اختيار ڪن. ان صورتحال ۾ تنظيمي ۽ نظرياتي پابندي ختم ٿي ويندي آهي ۽ مختلف ماڻهو پنهنجي صوابديد موجب مختلف واٽون اختيار ڪندا آهن. اها صورتحال خاص طور سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سوشلزم جي بحران کانپوء وڌيڪ واضح صورت ۾ سامهون آئي آهي ان جا گھڻا مثال پاڪستان سميت ٻين گھڻن ملڪن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. پارٽين ۾ ٽوڙ ڦوڙ، نفسياتي مسئلا ۽ نظرئي وغيره تان هٿ کڻي وڃڻ عام ڳالهيون آهن. تبديلي جو هڪ عمل آهي جنهن ۾ مختلف ماڻهو مختلف نموني سان پنهنجو ردعمل ڏيکارين ٿا. ولادي ۽ سائو ان جا ٻه مثال آهن جيڪي اڳتي هلي تبديل ٿيل سماج جو هڪ حصو بڻجي ويندا.

جنس ۽ نوآبادياتي حڪمران

جنس ۽ نوآبادياتي حڪمران

مختلف سماجن ۾ ٻين ريتن رسمن جيان جنس ڏانهن رويا به مختلف هوندا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ سماجي ۽ معاشي تبديلين ۽ روين جي ڪري تبديل به ٿيندا رهندا آهن. ان سلسلي ۾ اولهہ ۽ اوڀر جي ملڪن جي ماڻهن ۾ واضح فرق رهيو آهي.
خاص طور نوآبادياتي دور جي شروع ٿيڻ کانپوء ٻين گھڻين ڳالهين سان گڏ اهو فرق ته واضح ٿي سامهون آيو آهي پر اها به خبر پيئي آهي ته معاشي ۽ سماجي استحصال سان گڏ جنسي استحصال به ان غلامي جو هڪ حصو رهيو آهي.
اولهہ جا ٻه ناميارا ليکڪ برطانيا جو جارج آرويل ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي جي پابلو نرودا پنهنجين سرڪاري نوڪرين جي حوالي سان برما ۾ رهيا آهن. جارج آرويل پنهنجي ڪتابThe Burmese Days ۽ نرودا پنهنجينMemoirs ۾ اتان جي ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي حالتن سان گڏ پنهنجن جنسي تجربن ۽ انگريز عملدارن جي اتان جي ماڻهن سان جنسي ورتاء جو ذڪر ڪيو آهي.
انگريز آفيسرن جو ننڍي کنڊ اچڻ جو مقصد مال دولت ڪٺو ڪرڻ هوندو هو. اهي گھڻو ڪري ٻار ٻچا پويان ڇڏي ايندا هئا. پر ظاهر ڳالهہ آهي ته ٻين ضرورتن سان گڏ سندن جنسي ضرورتون به هونديون هيون جن کي مقامي ماڻهن سان شادين ڪرڻ ۽ ٻين مختلف طريقن سان پورو ڪندا هئا. William Dalrymple پنهنجي ڪتاب The White Mughals ۾ اهڙن انگريز ڪامورن جو ذڪر ڪيو آهي جن هندوستان ۾ اچي نه رڳو هتان جي اشرافيه مان شاديون ڪيون پر انهن نوابن ۽ حاڪمن وارا طور طريقا به اختيار ڪيا ۽ هڪ لحاظ کان انهن جو حصو بڻجي ويا.
جارج آرويل برما پوليس ۾ ڀرتي ٿي ويو هو. سندس چوڻ آهي ته هونئن ته انگريز ڪامورا پنهنجي ليکي ئي رهندا هئا. وقت گذارڻ ۽ تفريح وغيرہ لاء سندن پنهنجا ڪلب وغيره هوندا هئا جتي مقامي ماڻهو کي، پوء ڀلي سندس حيثيت ڪيتري به اعليٰ ۽ اتم ڇونه هجي، رڪنيت نه ملي سگھندي هئي. پر جنسي عمل جي حوالي سان هو اها تميز نه ڪندا هئا. غربت جي ڪري ڪجھ پئسن جي عيوض هيٺئين طبقي جي عورتن سان ٿعلق رکڻ سولو هوندو هو. اهو تعلق ٿوري وقت لاء به هوندو هو ۽ گھڻي وقت لاء به. ڪڏهين اها عورت پنهنجي ليکي ڌار ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهين مرد ان مان بيزار ٿي پوندو هو. جارج آرويل جو پنهنجو هڪ اهڙي عورت سان تعلق رهيو جيڪو گھڻو عرصو هليو ۽ مختلف مرحلن مان گذريو. ائين به ٿيو ته اها عورت پنهنجي ليکي هلي ويئي پر وري موٽي آئي. مختلف وقتن تي هو زوري اچي سندس گھر ۾ رهي پوندي هئي.
اولهہ جي سماج ۾ جنس هڪ Taboo يا منع ٿيل ميوو ناهي جنهن جو ذڪر نه ڪجي يا جنهن کي هڪ عيب ڪري ليکيو وڃي. ان ڪري ان جو ذڪر ائين ئي ڪيو وڃي ٿو جيئن ٻين ڳالهين جو ڪبو آهي. اها ڪا مهم جوئي ناهي جيئن اوڀر جي ماڻهن ۽ ليکڪن پاران ان کي عام طور ورتو ويندو آهي. پابلو نرودا پنهنجي ملڪ ۾ رهندي مختلف عورتن سان پنهنجن ناتن جو ذڪر ڪري ٿو. ساڳي ريت جڏهين هو رنگون پهچي ٿو ته هتي به مختلف عورتن سان سندس تعلق ٿئي ٿو. هڪ عورت سان سندس اهو تعلق وڌيڪ ويجھو ۽ گهرو ٿي وڃي ٿو ۽ اهي زال مڙس جيان رهڻ لڳن ٿا. سندس چوڻ آهي ته اهو سلسلو ائين هلندو رهي ها. پر هو عورت مٿس شڪ ڪري ٿي ۽ هر وقت سندس جاسوسي ڪندي رهي ٿي. ايستائين ته هڪ رات هو ستو پيو هو ته هن ڏٺو ته هو چاقو کئي مٿان بيٺي هئي. سندس ان شڪ جي عادت کيس ايترو تنگ ڪيو ته جڏهين سندس سيلون بدلي ٿي ته کيس ٻڌائڻ ۽ ڪنهن به قسم جي سامان ۽ ڪپڙن وغيره کڻڻ کانسواء ته جيئن کيس اهو گمان نه ٿئي ته هو کيس ڇڏي وڃي رهيو هو اتان هليو ٿو وڃي. ڪجھ عرصي کانپوء اها عورت سندس ڳولها ۾ ڪولمبو پهچي وڃي ٿي ءَ بلڪل سندس گھر جي سامهون ڪئمپ لڳائي کيس تنگ ڪرڻ شروع ڪري ٿي. گھڻي عرصي تائين اهو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ سيلون جي حڪومت پاران کيس چيو به وڃي ٿو ته جيڪڏهين هن ان عورت سان پنهنجو معاملو نه نبيريو ته اهي کيس ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. ڪجھ عرصي کانپوء اها عورت پاڻ اتان هلي وڃي ٿي.
ڪولمبو ۾ ڏه، پندرنهن انگريز آفيسر هڪ گھر ۾ گڏ رهندا هئا. اهي وقت بوقت پنهنجيون تقريبون وغيره ڪندا رهندا هئا جنهن ۾ مقامي عورتن کي پڻ گھرايو ويندو هو. هڪ اهڙي عورت سان نرودا جو واسطو پيو جنهن کيس ٻڌايو ته هن انگريز آفيسرن جي اهڙي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي پندرنهن ويه ڄڻا هئا ۽ انهن سڀني واري واري سان ساڻس ناچ ڪندي پوء ساڻس همبستري ڪئي.
سيلون ۾ ڪجھ عرصو گذارڻ نرودا کي سنگاپور ۾ ڪائونسل مقرر ڪيو ويو. اتي پهچڻ کانپوء کيس خبر پيئي ته ڪائونسل جو دفتر سنگاپور نه پر بٽاوا ۾ آهي. سنگاپور ۾ بندرگاه ڏانهن ويندي ساڻس ڦر ٿئي ٿي ۽ وٽس جيڪي ڪجھ هجي ٿو اهو ڦورو کڻي ٿا وڃن. بٽاوا ويندي جهاز ۾ سندس ملاقات هڪ جرمن عورت سان ٿئي ٿي جيڪا بٽاوا ۾ هڪ چيني سيٺ، جيڪو پنهنجي زال مان بيزار هجي ٿو، سان پئسن عيوض ڪجھ وقت گذارڻ ۽ کيس جنسي تسڪين ڏيڻ لاء وڇي رهي هئي. اها عورت ساڳي وقت نرودا جي به ويجھو ٿئي ٿي. پر پوليس ان عورت کي ڪاغذن وغيره مڪمل نه هئڻ لاڪب ڪري ڇڏي ٿي. ڪنهن ريت اها اتان نڪري ٿي ۽ ان چيني سيٺ سان ڪجھ گذاري ٿي. پر پوليس کيس گھڻو وقت رهڻ نه ٿي ڏئي ۽ کيس ملڪ ڇڏڻ لاء چيو وڃي ٿو. ويندي ويندي هو نرودا کي اهي تفصيل ۽ انتظام ٻڌائي ٿي جيڪي چيني سيٺ سندس آرام ۽ پنهنجي جنسي تيڪين لاء ڪيا هئا. انهن ۾ بستر، فرنيچر، باٿ روم جو سامان ۽ هر قسم جا اندر ٻاهر جا ڪپڙا، پرفيوم ۽ ٻيون شيون وغيره شامل هيون. نوآبادياتي حڪمراني جي ٻين گھڻ پاسن سان گڏ اهو به هڪ پاسو آهي جنهن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي.

مغل سلطنت: اڪبر کانپوءِ

مغل سلطنت: اڪبر کانپوءِ
اڪبر جو دور مغل سلطنت جو عروج هو. سندس پٽ جهانگير کي اهو ڪريڊٽ ڏيئي سگھجي ٿو ته هن اڪبرجي ٺاهيل رياستي ادارن ۾ ڪو سڌارو ۽ واڌارو ته نه ڪيو پر گھٽ ۾ گھٽ انهن کي برقرار رکي سگھيو. شهزادو سليم، جنهن کي اڪبر پيار مان شيخو چوندو هو، بادشاه ٿيڻ کانپوء جهانگير سڏجڻ لڳو. هو اڪبر جي راجپوت زال برکا بائي جو پٽ هو. ڪي ان کي جوڌا جو نالو به ڏين ٿا. پر چيو وڃي ٿو ته جڏهين ڀارت ۾ جوڌا اڪبر نالي فلم پئي ٺهي ته ان جي پروڊيوسر گواريڪر گھڻن تاريخدانن سان صلاح ڪئي هئي ۽ سڀني کيس اهو ئي چيو هو ته اڪبر جي جوڌا ڀائي نالي جي ڪا زال نه هئي. پر ان فلم کي ان نالي سان ئي ٺاهيو ويو. بهرحال برکا ديوي اڪبر جي واحد غير مسلم زال هئي جنهن کي هن مسلمان نه ڪيو هو ۽ هو پنهنجا سڀ رسم و رواج ساڻ کڻي آئي هئي. هن جي ڪري اڪبر ڳئون جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ پنهنجن دربارين کي به ائين ڪرڻ لاء چيو هو. برکا ڀائي پنهنجي پٽ شهزادي سليم جي شادي پنهنجي ڀاء ڀگونت داس جي ڌي سان ڪرائي جنهن جي سڀني هندوانه رسمن ۾ اڪبر وڏي جوش خروش سان شرڪت ڪئي.
جهانگير پنهنجي پيءَ جو مخالف رهيو ۽ سندس خلاف بغاوتن ڪرڻ کانسواء هن پنهنجي پي جي اعتماد جوڳي ساٿي ۽ نامياري تاريخدان ابوالفضل کي سازش ڪري وير سنگھ بنديلا هٿان قتل ڪرايو جڏهين هو دکن مان موٽي رهيو هو. ابوالفضل جي سسي کي الهہ آباد ۾ جهانگير کي موڪليو ويو. ان وقت جي شهزادي سليم کي اهو شڪ هو ته ابوالفضل سندس جانشيني جو مخالف هو ۽ بادشاه جي دل ۾ سندس خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو هو. ان قتل جي جڏهين اڪبر کي ڄاڻ پيئي ته کانئس دانهن نڪري ويئي ته شيخو تو اهو ڇا ڪيو. ابوالفضل اڪبر جي نورتن مان هڪ هو ۽ هن اڪبر نامه جي عنوان سان ٽن جلدن ۾ تيمور خاندان جي تاريخ لکي هئي. ان مان ٽين جلد آئين اڪبري جي طور ڄاتي وڃي ٿي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته مغلن ۾ جانشيني جو ڪو طئي ٿيل معيار نه هو. بادشاه جا سڀ پٽ تخت جا حقدار هوندا هئا. ان ڪري منجھن ڇڪتاڻ جو هئڻ هڪ لازمي ڳاله هئي. اها روايت هئي ته تخت حاصل ڪرڻ کانپوء بادشاه پنهنجن سڀني ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو ته جيئن سندس اقتدار کي ڪو خطرو نه رهي. اڪبر جا ٻه پٽ مراد ۽ دانيال گھڻي نشي واپرائڻ ڪري مري ويا جڏهين ته شاهجهان ۽ اورنگزيب سڀني ائين ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.ِ اهو سلسلو پوء به لاڳيتو هلندو آيو. ان حوالي سان مغل خاندان ۾ ڀائرن وغيره جو جيڪو قتل عام ٿيو اهو تاريخ ۾ هڪ مثال آهي. اها ساڳي روايت عثماني سلطنت ۾ به موجود هئي.
جهانگير جي لاء چيو وڃي ٿو ته هو شڪار، نشي ۽ ٻين عياشين ۾ مصروف هوندو هو ۽ حڪومت جا معاملا ۽ فيصلا گھڻو ڪري سندس زال نورجهان ۽ ان جي ڀاء جي هٿ ۾ هوندا هئا جيڪي بادشاه کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائيندا هئا.
مغل دور کي مذهبي لحاظ کان هڪ سيڪيولر دور ڪري ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي ماڻهن ۾ فرق نه رکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اورنگزيب کي هڪ مذهبي انتها پسند ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو پر هڪ ٻيو نڪته نظر اهو به آهي ته هڪ ته سندس عملدارن ۾ هندن جو تعداد ۽ تناسب اڳ جي مغل بادشاهن کان وڌيڪ هو. ٻي ڳاله ته سندس لاء مندرن وغيره کي ڊاهڻ جي جيڪا ڳاله ڪئي وڃي ٿي اها گھڻي ڀاڱي مبالغو ۽ وڌاءُ آهي. مندرن کي ڊاهڻ هڪ مذهبي جي بجائي سياسي ڪم رهيو آهي. مختلف رياستن جا هندو حڪمران به هڪ ٻئي سان ويڙه ۾ مندرن کي ڊاهيندا هئا ته جيئن اتي موجود دولت کي هٿ ڪري سگھجي. بهرحال اورنگزيب گھڻن مندرن کي امداد به ڏيندو هو. پر ساڳي وقت اها ڳالهہ به پنهنجي جاء تي آهي ته سندس شيعن ۽ سکن وغيره ڏانهن جيڪا پاليسي هئي ان هندوستاني سماج جي ايڪي ۽ اتحاد ۾ ڏار وجھي ڇڏيا هئا. هن ساڳي وقت اڪبر غير مسلمن تان جنهن جزئي کي ختم ڪيو هو ان کي بحال ڪري ڇڏيو هو جنهن ڳالهہ سندس غيرمسلم رعايا کي سندس مخالف بڻائي ڇڏيو هو. نهرو ان ڪري پنهنجي ڪتاب ڊسڪوري آف انڊيا ۾ اها ڳالهہ ڪري ٿو ته اورنگزيب جيڪڏهين اهي قدم نه کڻي ها ته هندوستان جي صورتحال ٻي هجي ها.
اورنگزيب هڪ ڊگھي عرصي يعني اٽڪل اوڻونجاه سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ اهو سڄو عرصو جنگ و جدل ۾ ئي گذريو جنهن اورنگزيب جي پاليسين سان گڏجي رياستي ڊانچي ۾ ڏار وجھي ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. اهو خيال ڏيکاريو وڃي ٿو ته سندس ڊگھي عرصي جي حڪومت ۽ لاڳيتو جنگن ۾ مصروف رهڻ مغل اقتدار کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. سندس وفات کانپوء مغل اقتدار جو مرڪز ختم ٿي ويو ۽ ڪو ايترو مضبوط حڪمران سامهون نه آيو جيڪو مسئلن کي منهن ڏيئي سگھي. مختلف گروهن ۽ رياستن جهڙوڪ مرهٽن، سکن ۽ ڏکڻ جي رياستن بغاوت ڪري بادشاه جي خزاني ۾ ڪجھ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مرڪز کان ڌار ٿيڻ جو اهو رڳو هڪ منفي پاسو نه هو پر ان جا مثبت پاسا به هئا. مختلف رياستن جي نوابن ۽ حڪمرانن پنهنجي فوجي، معاشي ۽ ثقافتي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪيو. انهن ۾ بنگال، ميسور ۽ اوڌ وغيره جون رياستون شامل هيون. بنگال ايسٽ انڊيا ڪمپني لاء نهايت اهم هو جنهن اتي نه رڳو شاهجهان جي ڏنل اجازتنامي کانپوء تجارتي مرڪز قائم ڪيو هو پر خاص طور ڪلڪتي ۾ پنهنجيون فوجي تنصيبات پڻ ٺاهيون هيون. انهن لاء بنگال جو نواب سراج الدولا وڏي رڪاوٽ هو جنهن هڪ ٻه ڀيرا ڪلڪتي تي حملو ڪري کين آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو هو. ان جو ٽوڙ ڪمپني پاران اهو ڪڍيو ويو ته هڪ ته سراج الدولا جي ذاتي ڪردار ڪشي ڪري کيس هڪ عياش ۽ نااهل حڪمران ثابت ڪيو ويو ۽ ٻيو سندس دربار جي اهلڪارن سان سازش ڪري جنگ ۾ کيس شڪست ڏيئي قتل ڪيو ويو ۽ بنگال جو اقتدار ڪمپني جي پسند جي ماڻهن جي هٿ اچي ويو. ان کانپوء بنگال ۽ ان جي ماڻهن سان ڇا ٿيو اها هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. ساڳي صورتحال ميسور ۾ ٽيپو سلطان سان ٿي. هن ڪمپني کي منهن ڏيڻ لاء فرانس سان لاڳاپا رکيا هئا. سندس اتان جي حڪمرانن سان خط وڪتابت رهندي هئي. هو اتان هٿيار ۽ پنهنجي فوج جي تربيت لاء ماڻهو گھرائيندو هو. سندس فوج ۾ فرينچ سپاهي هئا ۽ هو باقاعدي فرينچ انقلاب جو ڏينهن ملهائيندو هو.ڪمپني مرهٽن، ٽيپو جي مخالف ڪجھ پاڙيسري رياستن ۽ سندس دربار جي ڪجھ ماڻهن سان سازش ڪري ٽيپو کي اقتدار کان محروم ڪيو.
دهلي ۾ مغل بادشاه بس نالي ماتر ئي هو. هو ڄڻ دربار جي اميرن جي هٿ ۾ رانديڪو هو. اميرن جا مختلف گروه دربار ۾ سرگرم هوندا هئا ۽ انهن مان جيڪو مضبوط هوندو هو اهو پنهنجي پسند جي شهزادي کي تخت تي ويهاريندو هو. اهي شهزادا گھڻو ڪري محل تائين محدود هوندا هئا ۽ محل جي عورتن سان پنهنجو وقت گذاريندا هئا. ان ڪري انهن ۾ عورتن واريون گھڻيون عادتون پيدا ٿي ويون هيون. رهيل ڪسر نادر شاه جي دهلي تي حملي ۽ ڦرمار پوري ڪري ڇڏي هئي. شاهي خاندان جي فردن جو هڪ وڏو تعداد هوندو هو پر سندن وسيلا محدود هوندا هئا. کين مرهٽن، روهيلن، ڪمپني ۽ اهڙن طاقتور گروهن جي امداد تي ڀاڙڻو پيو ٿي. وقت بوقت انهن کي فاقا ڪشي ڪرڻي پوندي هئي. آخر ۾ بادشاه کي ڪمپني جي وظيفي تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. 1857 جي آزادي جي جنگ ۽ انگريزن جي سوڀ مغل سلطنت جو انت آندو ۽ آخري بادشاه بهادر شاه ظفر کي پنهنجا آخري ڏينهن وطن کان پري جلاوطني ۾ گذارڻا پيا ۽ ان حالت ۾ ئي سندس انتقال ٿيو.

ڄيٺمل پرسرام

ڄيٺمل پرسرام

ڄيٺمل پرسرام سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي. مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن جا اٽڪل پنجاه کن ڪتاب آهن. تازو سندس 1926 ۾ شائع ٿيل ڪتابڙي سوشلزم (ساميه واد) کي ڪتاب پبلشرز پاران اسلم خواجه ڪارل مارڪس ۽ سوشلزم (ساميواد) جي نالي سان ٻيهر ڇپرائي سامهون آندو آهي. ڄيٺمل ساڳي وقت صوفي ازم سان به لاڳاپيل هو ۽ هڪ سوشلسٽ به هو. هو زندگي جي انهن ٻنهي طريقن ۾ ڪو تضاد نه سمجھندو هو. هو لکي ٿو ته ”منهنجو رايو آهي ته ڌرم ئي آهي جو ساميه واد جو سچو بنياد ٿي سگھي ٿو. پر انهي ۾ به ڪو شڪ ڪونه آهي ته ڌرم ۽ نيتي ۾ شاهوڪاري جزا سمائجي ويا آهن جنهن ڪري نيتي ۽ ڌرم کي اخلاق ۽ مذهب کي رنگ شاهوڪاري لڳي ويو آهي.“
هو ان ڳالهہ ۾ واضح آهي ته ملڪيت ۽ شاهوڪاري جو نه ته محنت سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي اهو ڪو ڪرم جو ڦل آهي پر اها سنئين سڌي ڦرمار آهي جنهن ۾ ڏاڍ، زور ۽ زبردستي وسيلي ماڻهن جي گھڻائي کي محڪوم، غريب ۽ مسڪين ڪري رکيو وڃي ٿو. هو چئي ٿو ته ”ساميه وادي ثابت ڪري رهيا آهن ته ملڪيت آهي چوري.“ ان جو علاج هو هڪ لوڪشاهي يعني ماڻهن جي گھڻائي جي حڪومت ڄاڻائي ٿو جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي هڪ انسانن جهڙي زندگي گذارڻ جون سهولتون حاصل هجن.
ان سان گڏوگڏ ڄيٺمل پرسرام جو سنڌ ۾ صوفي ازم، سچل سرمست ۽ خاص طور تي ڀٽائي جي حوالي سان تفصيلي ڪم ٿيل آهي. اها ڳاله سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته جيڪي ادارا خاص طور تي ان ڪم لاء مختلف يونيورسٽين وغيره ۾ قائم ڪيا ويا آهن اهي ان پاسي توجھ ڇو نه ٿا ڏين. جيڪڏهين ڪا نئين تحقيق ۽ نئون ڪم نه ٿو ٿي سگھي ته ائين ته ڪري سگھجي ٿو ته اڳ جيڪو ڪم ٿيل آهي ان کي سامهون آڻجي جيڪو پڻ نئين ڪم لاء به هڪ اتساه ۽ بنياد فراهم ڪري سگھي ٿو.
***
ڄيٺمل پرسرام 1924 ڌاري حيدرآباد مان هڪ ماهوار ادبي رسالو روح رهاڻ جاري ڪيو هو. هن رسالي جو مقصد ٿياسافي ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مرتب ڪيل شاه جي رسالي تي هڪ تنقيدي ڪتاب لکيائين جنهن ۾ گربخشاڻي تي شاه جا بيت گم ڪرڻ بابت تنقيد ٿيل هئي.(ڪتاب ڪارل مارڪس ۽ سوشلزم (ساميواد) ضفحو 15). ڇا ڄيٺمل پرسرام جو شاه تي لکيل اهو ڪتاب ملي سگھي ٿو؟

ڊسمبر جا گلاب: هڪ آتم ڪٿا

ڊسمبر جا گلاب: هڪ آتم ڪٿا

گھڻا ماڻهو ان ڳالهہ کي ترجيح ڏيندا آهن ته آتم ڪٿا عمر جي آخري حصي ۾ لکجي ته جيئن ان ۾ سڄي زندگي جي ڪهاڻي جو گھڻو ۽ اهم حصو اچي سگھي. بهرحال ان ڳالهہ تي به اتفاق ناهي ته آتم ڪٿا ۾ ڇا اچڻ گھرجي. ادب جي ٻين صنفن جيان ان تي به ڪو هڪ رايو ۽ اتفاق ناهي.
تازو مون ڀارت جي وڪيل، جج، سفارتڪار ۽ سياستدان ايم سي ڇاگلا جي آتم ڪٿا Roses in December پڙهي. جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته ليکڪ اها پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ لکي آهي ۽ سندس خيال آهي ته ان عمر ۾ ئي ماڻهو پنهنجي ماضي ۽ گذريل زندگي جو صحيح جائزو وٺي سگھي ٿو.
ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ پنهنجي نالي ڇاگلا متعلق ٻڌائي ٿو ته هو پهرين پنهنجي نالي سان مرچنٽ لکندو هو پر کيس اهو نالو پسند نه هو. هن پنهنجي ڏاڏي کي چيو ته هو پنهنجي اها ذات بدلائڻ چاهي ٿو. هن ڪجھ سوچڻ کانپوء کيس چيو ته تون پنهنجي نالي سان ڇاگلا لک. هن کيس ٻڌايو ته سندس ڏاڏي سان خاندان جا سڀ فرد پيار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي سڀني جو چاڳلو آهي. ان ڪري تون اهو نالو استعمال ڪر ۽ اهو نالو آخر تائين ساڻس گڏ رهيو. سندس چوڻ آهي ته هو شروع ۾ گھڻو مذهبي هوندو هو پر پوء هو مذهب کان پري ٿيندو ويو ۽ پنهنجي عقل ۽ سمجھ موجب فيصلن ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
بمبئي ۾ جنم وٺندڙ هڪ وچولي طبقي جو ٻار جنهن شروع ۾ هڪ عام اسڪول ۾ گجراتي ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪئي آڪسفورڊ تائين پهتو ۽ بار ايِٽ لاء ڪيائين. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات وڪالت کان ڪئي. سندس چوڻ آهي ته ان وقت جا نوجوان وڪيل محمد علي جناح جي ذهانت ۽ ان جي شخصيت مان گھڻو متاثر هئا ۽ هو به انهن مان هڪ هو. هن آڪسفورڊ وڃڻ کان اڳ جناح کي چيو هو ته هو واپس اچي سندس جونيئر طور ڪم ڪندو.
هن جناح سان گڏ ڪم ڪرڻ ته شروع ڪيو پر شروعات ۾ سندس پريڪٽس گھڻي نه ٿي هلي ۽ هو مالي ڏکيائين جو شڪار هو. سمدس چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ جناح ڪنهن قسم جي مالي مدد ڪرڻ جو قائل نه هو. سندس اهو موقف هو ته پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان پنهنجا وسيلا پيدا ڪريو.
جناح سان هو مسلم ليگ ۾ به رهيو. پر سندس چوڻ آهي ته اهو اوستائين هو جيستائين جناح هندو مسلم اتحاد جو قائل هو. جڏهين هن پنهنجي ان موقف تان هٿ کنيو ۽ ٻه قومي نظرئي جي وڪالت شروع ڪئي ته پوء سندن واٽون ڌار ٿي ويون. هن هندو مسلم تفريق ۾ يقين نه ٿي رکيو پر هڪ متحد هندوستان سندس آدرش هو. هو سمجھي ٿو ته جناح پاڻ مسلمانن جي هڪ ڌار ملڪ جي حوالي سان گھڻو سنجيده نه هو پر هن ان کي رڳو مسلمانن لاء وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لاء سودي بازي طور استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. سندس خيال آهي ته هڪ متحد هندوستان جو معاملو گھڻي ڀاڱي طئي ٿي چڪو هو پر هڪ ته نهرو جو ڪيبينيٽ مشن پلان متعلق اهو چوڻ ته آزادي کانپوء ڀارت جي پارليامان ان ۾ تبديليون ڪري سگھندي ۽ ٻيو يوپي، جيڪو اتي مسلمانن جي اقليت ۾ هئڻ جي باوجود تهذيبي طور انهن لاء هڪ اهم پرڳڻو هو، ۾ ڪانگريس جي حڪومت پاران ڪنهن مسلمان کي وزارت ۾ کڻڻ لاء اها شرط رکڻ ته اهو ڪانگريس جي پروگرام مطابق هلندو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ ويڇن کي اڃا وڌائي ڇڏيو. ليکڪ اهو خيال به ڏيکاري ٿو ته نهرو ۽ سندس ساٿي شايد ٿڪجي پيا هئا ۽ کين اقتدار حاصل ڪرڻ جي تڪڙ هئي ۽ انهن کان وڌيڪ صبر نه ٿي ٿيو. ان ڪري انهن ورهاڱي جي رٿا کي قبول ڪري ورتو جنهن ڳاله جناح کي پاڻ حيران ڪري ڇڏيو.
ڇاگلا بنيادي طور وڪيل ۽ قانون جي پيشي سان لاڳاپيل هو. جيتوڻيڪ هن سياسي سرگرمين ۽ سياست ۾ بهرو ورتو ٿي پر سندس پنهنجي ڪا سياسي بنياد ِيا ڪو حلقو نه هو جنهن جي ڪري هو سياست ۾ اڳتي وڌي سگھي. هو پهرين وڪيل مان بمبئي هائي ڪورٽ جو جج ۽ پوء چيف جسٽس ٿيو. ان بنياد تي هو بمبئي جو ايڪٽنگ گورنر به ٿيو. پورچوگال پاران ڀارت سرڪار تي سندن قبضي وارن علائقن ۾ راهدري لاء عالمي عدالت ۾ ڪيس ڪيو ويو هو. ان عدالت ۾ ڪنهن به ڪيس لاء ٻنهي فريقن جي نمائندگي ضروري آهي ۽ ان وقت جيئن ته ڀارت جي ڪا نمائندگي نه هئي ان ڪري ڇاگلا کي اتي جج ڪري موڪليو ويو. هن گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست پاليسي خلاف پڻ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.
ان وقت پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو مسئلو اٿاريو هو. ڀارت پاران کيس ڀارت جي نمائندي طوراتي موڪليو ويو جڏهين ته پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو ٿي ڪئي. ڪشمير متعلق ڀارت جو موقف اهو هو ته اهو تاريخي طور ڀارت جو اٽوٽ انگ آهي ۽ ٻي ڳالهہ ته ڀارت هڪ سيڪيولر رياست آهي جتي سڀني شهرين کي ڪنهن مذهب ۽ فرقي وغيره جي فرق کانسواء هڪجهڙا ۽ ساڳيا حق حاصل آهن. ان ڪري جيڪڏهين ڪشمير جي ماڻهن کي ريفرينڊم ۾ ڀارت کان ڌار ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو ته ٻيون رياستون به اهو ساڳيو حق گھرنديون ۽ اهڙي ريت ڀارت جي يڪجهتي ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. ڀٽو جي ان صلاحيت کي ته هو مڃي ٿو ته کيس ڳالهائڻ ۽ تقرير جو ڏان هو پر ساڳي وقت هو هڪ جذباتي ماحول پيدا ڪندو هو ۽ پنهنجي موضوع تي نه بيهندو هو. ڀارت سان هن کي ازلي وير هو ۽ هن هزار سال جنگ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي ڪيون. پر ساڳي وقت شملا ٺاه ۾ سندس رويو بلڪل بدليل هو ۽ هن امن ۽ دوستي جي ڳالهہ ٿي ڪئي. سندس چوڻ آهي ته سيشن دوران نيويارڪ ۾ رهندي انهن نه هڪٻئي سان ڳالهايو ۽ نه ئي هٿ ملايو. سندس وفد جي همراهن کيس ڀٽو سان ڳالهائڻ لاء چيو پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هڪ ته هو کانئس عمر ۾ ننڍو هو ان ڪري کيس پاڻ اڳتي وڌي ملڻ گھرجي ۽ ٻي ڳاله ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي وقار ۽ عزت کي هيٺ نه ٿو ڪرڻ چاهي. ٻيو ڀيرو 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ دوران اهي ٻيئي هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا. سندس چوڻ آهي ته بي بي سي پاران اتي ڀٽو جي تقرير کي گڏيل قومن جي تاريخ ۾ ڪيل بهترين تقرير قرار ڏنو ويو پر هن ان سان اتفاق نه ٿي ڪيو. سندس ليکي اها رڳو لفاظي ۽ جذباتيت هئي ۽ ان ۾ ڪا عقل ۽ دانش جي ڳاله نه هئي. ليکڪ ڀٽو متعلق لوڪ سڀا ۾ ٿيل هڪ بحث جو به حوالو ڏئي ٿو جنهن ۾ ڀٽو ڀارتي حڪومت کي چيو هو ته ڀارت ۾ سندس جن ملڪيتن کي متروڪه قرار ڏيئي ضبط ڪيو ويو هو انهن کي واپس ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ڀٽو هڪ ته ان لحاظ کان ڀارت ۾ پنهنجي ملڪيت واپس وٺڻ ۽ پاڪستان ۾ به انهن جي عيوض معاوضو حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.
کيس اڍائي سال کن لاء آمريڪا ۾ ڀارت جو سفير مقرر ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا جي معاملن جي چارج به ڏني ويئي. اهو دور سرد جنگ جي عروج جو دور هو. ڀارت آمريڪا جي سيٽو، سينٽو وغيره جهڙن ڪنهن به ٺاه جو حصو نه هو ۽ هڪ اڻ ڌري پاليسي اختيار ڪئي هئي. ڀارت جي ان پاليسي کي ان وقت جي آمريڪي صدر آئزن آور جي پرڏيهي وزير جان فاسٽر ڊلس، جيڪو سرد جنگ ۽ فوجي ٺاهن جو وڏو وڪيل هو، پاران ناپسند ڪيو ويندو هو. ڇاگلا جو چوڻ آهي ته صدر آئزن آور گھڻو ڪري پنهنجي پرڏيهي وزير جي چوڻ تي هلندو هو. ان کانپوء صدر جان ايف ڪينيڊي سان به سندس واسطو پيو. هو خاص طور ڀارت متعلق پاليسي جي حوالي سان سندس تعريف ڪري ٿو. اهو ريپبليڪن ۽ ڊيموڪريٽ جي روايتي پاليسين جو فرق آهي جنهن ۾ هڪ جو لاڙو پاڪستان ڏانهن وڌيڪ هوندو هو ۽ ٻئي جو ڀارت ڏانهن. ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا ۾ هو بس رسمي طور ئي ڪجھ ڀيرا ويو. ميڪسيڪو وارن اسپين سان وڙهي آزادي حاصل ڪئي هئي. هن وقت اتي ريڊ انڊين، اسپيني ۽ گڏيل نسل جا ماڻهو رهن ٿا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيستائين اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن کي ملهائڻ وغيره جو واسطو آهي ته ان حوالي سان انهن ۾ ڪو اختلاف ناهي. ساڳي ريت هو ڪيوبا جي دوري دوران فيدل ڪاسترو سان مليو. سندس چوڻ آهي ته اهي سوشلسٽ نه پر قوم پرست هئا ۽ حالتن جي ڪري ٻئي پاسي ڌڪجي ويا.
ان کانپوء کيس برطابيا ۾ ڀارت جو هائي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان دور جي اهم ڳاله چين ڀارت جنگ هئي. ڀارت آمريڪا ۽ برطانيا سان ڪنهن فوجي ٺاه ۾ شامل نه هو پر چين جي خلاف هن انهن ٻنهي ملڪن کان فوجي ۽ هٿيارن جي مدد جي گھر ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن پاران ان جي مدد ڪئي ويئي.
پوء نهرو پاران کيس ڪابينا ۾ کڻڻ جي آڇ ڪئي ويئي ۽ کيس چيو ويو ته هو ان حلقي مان چونڊن ۾ بيهي جتي مسلم ووٽرن جي گھڻائي هئي. پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هو مذهبي بنيادن تي چونڊ نه وڙهندو. بهرحال کيس راجيه سڀا ۾ آڻي تعليم جي وزير طور ڪابينا ۾ کنيو ويو.
ان وزارت دوران کيس خاص طور ڀارت ۾ ٻولي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته هو ملڪ جي عوامي سياست جو ڪڏهين حصو نه رهيو هو. کيس اها خبر ته هئي ته ڏکڻ هندوستان وارا نه رڳو هندي نه ٿا ڄاڻن پر اهي پنهنجي ٻولي ڇڏي ان کي اختيار ڪرڻ لاء تيار نه هئا. پر هن جو اهو اصرار هو ته في الحال انگريزي کي اختيار ڪيو وڃي ۽ پوء ان جي جاء تي هندي کي رائج ڪيو وڃي. سندس خيال ۾ هڪ ٻولي جي هجڻ سان ملڪ جو اتحاد ۽ يڪجهتي مضبوط ٿيندي. کيس اهو اندازو نه هو ته ماڻهن کي پنهنجي مادري ٻولي سان ڪيتري جذباتي وابستگي آهي. ساڳي ريت علي ڳڙه مسلم يونيورسٽي متعلق آرڊيننس کيس اتان جي شاگردن جي آڏو آڻي بيهاريو ۽ اهي سندس دشمن ٿي پيا.
ان کانپوء کيس پرڏيهي معاملن جو وزير ڪيو ويو. پر هن جلد ئي اتان استعفا ڏيئي ڇڏي. چيو ويو ته اهو پاڪستان ۽ چين ڏانهن سندس سخت روئي جي ڪري هو جڏهين ته ڀارت سرڪار انهن ٻنهي ملڪن سان ناتن کي بهتر ڪرڻ چاهيو ٿي پر سندس پنهنجو اهو موقف آهي ته اهو هن ان ڪري ڪيو هو ته کانئس پوء جيڪو تعليم جو وزير آيو هو ان خاص طور ٻولي جي حوالي سان سندس پاليسي ۾ بنيادي تبديلي ڪئي هئي ۽ مقامي ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني هئي. هن سمجھيو ٿي ته ڪابينا جي رڪن طور ان جي ذميواري مٿس به آئي ٿي ۽ هن پاڻ کي جوابدار سمجھندي ڪابينا تان استعفا ڏيئي ڇڏي ۽ اهڙي ريت سندس سياسي ۽ سفارتي ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو.
سندس چوڻ آهي ته هو جڏهين واپس بمبئي پئي ويو ته ايئر پورٽ تي کيس الوداع ڪرڻ لاء سندس نائب وزير کانسواء ٻيو ڪير نه هو جڏهين ته ڪرشنا مينن جڏهين استعفا ڏني هئي ته کيس ايئر پورٽ تي ڇڏڻ لاء وزيراعظم نهرو ۽ ٻيا وزير موجود هئا.
هو فرقيواريت جي خلاف ۽ هڪ سخت قوم پرست هو. باقي اها ڳاله پنهنجي جاء تي آهي ته هو بنيادي طور هڪ سياستدان نه پر هڪ ڪيريئر سفارتڪار ۽ قانوندان هو ۽ ڪانگريس ۾ به ان وقت شامل ٿيو هو جڏهين کيس نهرو ڪابينا ۾ کنيو هو. اهڙي ريت سندس ڪا سياسي بنياد ۽ ناتا نه هئا ۽ وزارت تان استعفا کانپوء ڄڻ سندس سفر پورو ٿي ويو.
پنهنجي زال ِ۽ ٻارن سان سندس گھڻو قرب هو. هو جتي به ويندو هو زال ساڻس گڏ هوندي هئي. زال جي گذاري وڃڻ کانپوء سندس زندگي ۾ هڪ خال پيدا ٿي پيو هو ۽ هو ڄڻ اڪيلو ٿي ويو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس زال ته ٻارن کي مار ڏيندي هئي پر هن ڪڏهين ٻارن تي هٿ نه کنيو جنهن جي ڪري سندس زال کانئس ناراض به ٿيندي هئي. پر سندس ان روئي ۽ تربيت جو نتيجو هو ته سندس سڀ ٻار پڙهي لکي سٺين جاين تي پهتا.

حسن منصور ۽ سندس ڪهاڻيون

حسن منصور ۽ سندس ڪهاڻيون

حسن منصور منهنجو ڀاء آهي پر ساڳي وقت سندس شخصيت جا ٻيا به گھڻا پاسا آهن. هو جيتوڻيڪ وڏو ٿي ويو هو ۽ سندس هڪ ڌار شخصيت ۽ گھر ٻار هئا پر الائي ڇو اسان سڀ کيس اڃا ٻار ڪري ليکيندا هئاسين. مون کي اڃا اهو حسن ياد هوندو هو جڏهين آئون کيس اسڪول جو ڪم ڪرائيندو هوس ۽ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪنهن نموني اتان پنهنجي جان ڇڏائي.
هن پنهنجي نموني زندگي گذارڻ ٿي چاهي. اها ڳالهہ ڊي جي ڪاليج مان انٽر سائنس ڪرڻ کانپوء ڪراچي يونيورسٽي ۾ داّخلا وٺڻ سان ظاهر ٿي ويئي هئي. ڪا پابندي سندس لاء قبولڻ جوڳي نه هئي.
اها ته هڪ فطري ڳالهہ آهي ته وقت گذرڻ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سان گڏ خاندان جو هر فرد پنهنجي آزاد ۽ مرضي مطابق زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. اهڙي ريت ڀائرن ۾ ننڍي وڏي جو گھڻو فرق نه رهندو آهي ۽ تعلق برابري ۽ باهمي احترام ۽ عزت جو ٿي ويندو آهي. امان ۽ بابا جي حيات هوندي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڻ ۾ هڪ تسلسل هوندو هو ۽ خاص طور امان جي گذاري وڃڻ کانپوء اهو تعلق اڃا وڌيڪ پري ٿي ويو. بس ڪڏهين ڪنهن خانداني تقريب ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهين فون تي ڳالهہ ٻولهہ ٿي ويندي هئي. اهڙي ريت انهن جي ڪمن ۽ سرگرمين سان واسطو گھٽ پوندو هو ۽ انهن جي خبر به گھڻي نه پوندي هئي.
جيتوڻيڪ هو شروع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ سرگرم هوندو هو ۽ اتي پنهنجي شاعري وغيره به پيش ڪندو هو پر حسن جي شخصيت جو حاوي پاسو هڪ صحافي وارو آهي جنهن ۾ هن جي هڪ مڃيل حيثيت هئي. هن پوء ادبي حوالي سان شاعري تي گھڻي توجھ نه ڏني ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين جيڪي سنڌي جي مختلف رسالن وغيره ۾ ڇپجنديون هيون. ساڻس مختلف تقريبن وغيره ۾ ادبي حوالي سان جڏهين ڳاله ٻوله ٿيندي هئي ته. مون کي لڳندو هو ته خاص طور تي عالمي ادب سان سندس گھڻي واقفيت هئي. وٽس هارڊ فارم ۾ ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري کانسواء سافٽ فارم ۾ پڻ گھڻا ڪتاب هئا. هن مون کي ڊراپ باڪس وسيلي گھڻا ڪتاب موڪليا. جيتوڻيڪ صحافتي مصروفيتن جي ڪري کيس لکڻ پڙهڻ جو وقت گھٽ ملندو هو پر ان جي باوجود هو پنهنجي ان ڪم کي جاري رکندو ٿي آيو.
مون کي سندس ڪهاڻين پڙهڻ جو اتفاق گھٽ ٿيو هو پر آئون کيس اها صلاح ڏيندو رهندو هوس ته هو انهن ڪهاڻين کي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي ته جيئن اهي محفوظ رهن. هن پنهنجن آخري ڏينهن ۾ اهو ڪم شروع ڪيو هو ۽ ان کي ڪتابي صورت پڻ ڏني پر کيس ان ڪم کي مڪمل ڪري توڙ تائين پهچائڻ جو وقت نه ملي سگھيو. ڪجھ دوستن اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ان کي پورو ڪيو آهي.
هن مجموعي ۾ ڪل ستاويه ڪهانيون شامل آهن. حسن پنهنجي پيشيورانا ڪم جي سلسلي ۾ ملڪ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ ويو هوندو پر هونئن سندس سڄي حياتي ڪراچي ۾ ئي گذري. هو هتي ئي وڏو ٿيو، نپنو، پڙهيو ۽ هتي ئي نوڪري به ڪيائين. ان ڪري سندس ڪهاڻين جا موضوع گھڻي ڀاڱي ڪراچي شهر سان ئي لاڳاپيل آهن. خاص طور سنڌي ڪهاڻي، جنهن ۾ ڪراچي کي گھٽ ئي محسوس ڪيو ويو آهي، جي حوالي سان اها هڪ منفرد ڳاله آهي.
انهن ڪهاڻين ۾ عورت جو عشق ۽ محبت ناهي ۽ نه ئي هو پنهنجي ڪنهن اهڙي محرومي جو ذڪر ڪري ٿو. اهي سماج جي مختلف ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن جيڪي مختلف سماجي مسئلن جي نمائندگي ڪن ٿا. غربت، بک، ڏک ۽ دهشت گردي انهن ڪهاڻين جا موضوع آهن. ڪهاڻي پاڇولو جتي فرد جي مجبوري ۽ بيوسي کي ڏيکاري ٿي ته ساڳي وقت ڪهاڻي جو انت هڪ اميد تي ٿئي ٿو ته اڃا سڀني وٽ بيساکيون ناهن ۽ اهي پاڇولن جا محتاج ناهن پر هتي پنهنجين ٽنگن ۽ پيرن تي هلڻ وارا به موجود آهن.
حسن هڪ ايڪسٽروروٽ ڪهاڻيڪار آهي. هو بجائي پنهنجي اندر کي ڦلورڻ جي ٻاهر جي دنيا سان وڌيڪ لهہ وچڙه ۾ اچي ٿو. سندس ڪهاڻي کنڊر هن شهر جي المئي جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ غنڊن ۽ بدمعاشن کي سياسي مقصدن لاء ڇوٽ ڏني ويئي آهي ۽ ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. نرگس جو پي هڪ اهڙي سياسي ڪارڪن جي ڪهاڻي آهي جنهن کي پنهنجن آدرشن لاء ڀوڳڻو پئي ٿو ۽ نيٺ اهڙي ريت سندس انت ٿئي ٿو. اهڙا سياسي ڪارڪن اين جي اوز جي هن دور ۾ اڻ لڀ ٿي ويا آهن.
دهشت گردي مختلف طريقن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن وغيره ذريعي هونئن ته سڄي ملڪ کي متاثر ڪيو آهي پر ڪراچي ان جي خاص نشاني تي رهيو آهي. ڪهاڻي بند گھٽيون هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو غريب آهي ۽ جيڪو پنهنجي ٻار زال ۽ ماء جو واحد سهارو آهي. ان کي شهر جي هڪ اهم عمارت ۾ آپگھاتي حملي لاء تيار ڪيو وڃي ٿو. اهڙو ڪم جيڪو ان تنظيم جو ٻيو ڪوبه ماڻهو ڪرڻ لاء تيار نه ٿو هجي. جيتوڻيڪ اها ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ هڪ ڊگھي ڪهاڻي آهي پر ان ۾ ان نوجوان جي شخصيت، ان جي خاندان جي فردن جي صورتحال ۽ تنظيم جي هڪ ڪارڪن سان ڳاله ٻوله کي جنهن ريت چٽيو ويو آهي ان ۾ پڙهندڙ پوري ريت شامل ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻي بک جو پٽ ماڻهن جي بيحسي ۽ سماجي المئي جو داستان آهي.
ڪيئن اڇا پوپٽ ٿين ٿا، ڪانگ ڳاڙهي۽ سرڻيون سائي رنگ جون ٿين ٿيون. هڪ ائبنارمل سماج جنهن ۾ رڍ جيڪڏهين بگھڙ نه ٿي ٿئي ته جي نه ٿي سگھي. ڪهاڻي ٻلي جنهن ۾ اها پنهنجي مالڪ لاء رکيل کير به پي وڃي ٿي. ان ڪهاڻي ۾ ٻلي سان ڊائلاگ ۽ ان کي عورت جي بيوفائي سان ڀيٽڻ اڻسهائيندڙ ۽ ليکڪ جي طبيعت مطابق نه ٿو لڳي. ڪهاڻي هوٽر ان سماج جي بيحسي جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪنهن وزير مشير جي ڪري ٽريفڪ کي بند ڪيو وڃي ٿو۽ ايمبولينس کي به مريض کي اسپتال کڻي وڃڻ لاء واٽ نه ٿي ملي ۽ اتي ئي ان جو موت ٿئي ٿو. اهي واقعا هتي روز جو معمول آهن.
حسن مختلف موضوعن تي قلم کنيو آهي. ان ۾ سياسي، سماجي، ماحوليات ۽ شخص جي اندروني ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو. جيئن ڪهاڻي منهنجو ڀاء بڙ جنهن ۾ هڪ وڻ سان انسيت، ان جي وڍجڻ تي افسوس ۽ پنهنجي پٽ کي وڻ پوکڻ ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ جو چوڻ. ڪهاڻي کٿو هڪ اهڙي عورت جو الميو آهي جيڪا هڪ سکي زندگي گذاري ٿي پر پنهنجي مڙس جي ڏيوالو ٿي آپگھات ڪرڻ جي ڪري سڙڪ تي اچي وڃي ٿي ۽ کيس پراين گھرن ۾ ٿانهن ٻهاري ڪري گذارو ڪرڻو پئي ٿو. هو ان ڳاله تي افسوس ڪري ٿي ته جيڪر هو پڙهي ڪٿي نوڪري ڪري ها ته عزت واري زندگي گذاري سگھي ها. ڪهاڻي سمنڊ جنهن ۾ لهرون ديو ۽ سندس پوئلڳن کي سمنڊ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪن ٿيون. پالهو اڀ پاڇن جي ڪهاڻي آهي. گھڻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ چتيون ، اک ڦاٽو، ڀڳل شيشي جي پويان، لمحن ۾ قيد صدين جي ڪٿا، هڪ مئل ماڻهو جو موت، عڪس وغيره علامتي ڪهاڻيون آهن پر انهن ۾ بجائي شخصي پيڙا جي سماجي حالتن کي پسي سگھجي ٿو. ڪهاڻي هڪ پٿر جو داستان آهي جيڪو صدين تائين هڪ غار ۾ گمنامي ۾ رهي هڪ سنگتراش جي هٿ لڳي ٿو. اها پنهنجي ليکي هڪ منفرد ڪهاڻي آهي. هڪ ٻي ڪهاڻي ۾ اهو مڪالمو ته آئون خوابن کي ڇلي نه سگھندو آهيان ڄڻ سڄي ڪهاڻي جو تت آهي. مدفن ساه کڻن ٿا ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٿيل لڏپلاڻ جي ِ پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڀارت مان هڪ نوجوان ڪراچي ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاء اچي ٿو پر سندس مقصد پنهنجي اصل جي ڳولها هجي ٿو. اتي سندس ملاقات هڪ ٻئي نوجوان سان ٿئي ٿي جيڪوکيس پنهنجي گھر وٺي وڃي ٿو. اها خبر پئي ٿي ته انهن ٻنهي جون مائرون پاڻ ۾ ساهيڙيون هيون. ورهاڱو جنهن کي اڃا ٻنهي پاسي رهندڙ ماڻهو وساري نه سگھيا آهن. ڪهاڻي خالي ڀت جو نوحو به انهي پسمنظر جي ڪهاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي پڙاڏو ان لحاظ کان هڪ منفرد ڪهاڻي آهي ته شهر جي رش، دونهون، گھٽ ۽ ٻوسٽ ڄڻ ماڻهو جو ساه منجھائي ڇڏيو آهي. ارشد ڪڏهين ڪڏهين ان ماحول کان نڪري ويرانن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتي بيهي فطرت سان هڪ ٿي ڪجھ دير تائين وڏيون رڙيون ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اها پرئڪٽس پنهنجي ليکي ماڻهو کي وڌيڪ قوت بخشي ٿي. رڙيون ڪرڻ ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ يوگا جو هڪ حصو آهي.
ڪهاڻيون غائب ۽ مجاور سياسي حالتن جي حوالي سان علامتي ڪهاڻيون آهن. ڊيل هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ فقير ۽ سيٺ جي روح پاڻ ۾ جسم بدلائڻ جي ڊيل ڪن ٿا ۽ سيٺ جي روح جي فقير وٽ پهچڻ کان اڳ ئي ان جو ساه نڪري وڃي ٿو ۽ سيٺ جي روح کي واپس عالم ارواح ڏانهن وڃڻو پئي ٿو.
اهو چئي سگھجي ٿو ته ڪجھ ڪهاڻين ۾ مڪالمن جي استعمال جي لحاظ کان مٿس امر جليل جو اثر آهي. پر ساڳي وقت ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردارسندس پنهنجا آهن. هو امر جليل وانگر ورجاء نه ٿو ڪري ۽ نه ئي سندس ڪي مستقل ڪردار آهن جيڪي هر ڪهاڻي ۾ ظاهر ٿين ٿا. ساڳي وقت اها ڳاله پڻ اهم آهي ته هن پاڻ کي نسلي ۽ لساني نفرتن کان پري رکيو آهي جنهن جي هن وقت سنڌ جي ماحول ۾ گھڻي گنجائش آهي. هن شين کي هڪ انساني نڪته نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي ڪهاڻيون خاص طور پنهنجي شهري ماحول جي پسمنظر جي ڪري جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ اهم جاء والارينديون.

جنگ، ادب ۽ دانشور

جنگ، ادب ۽ دانشور

اسرائيل جي 1982 ۾ لبنان تي حملي جو مقصد لبنان ۽ خاص طور بيروت مان فلسطينين جي سياسي ۽ فوجي موجودگي کي ختم ڪرڻ هو. هڪ ڊگھي عرصي تائين بيروت ڄڻ محاصري ۾ هو. هوا ۽ سمنڊ مان لاڳيتو شهر تي حملا جاري هئا. شهر جو پاڻي بند ڪيو ويو هو. ان صورتحال ۾ دانشورن،شاعرن ۽ ليکڪن جو ڇا ڪردارهئڻ گھرجي. اهو هڪ بحث جو موضوع هو. ان وقت فلسطين جو ناميارو شاعر محمود درويش بيروت ۾ موجود هو. هو پنهنجي فليٽ مان ان سڀڪجھ کي ڏسي ٿو. پنهنجي ڪتابMemory for Forgetfulness ۾ هو تفصيل سان پنهنجو موقف پيش ڪري ٿو ته انهن حالتن ۾ دانشورن جو ڪردار ڇا هئڻ گھرجي.
هو پنهنجي هڪ دوست شاعر سان ملڻ چاهي ٿو جيڪو اڃا لکي پيو. هو سندس هوٽل وڃي ٿو ۽ ساڻس ملي ٿو. اتي هڪ ٻيو دوست به اچي ٿو. ان کي هو پنهنجي شاعر دوست متعلق ٻڌائي ٿو ته هو اڃا لکي ٿو. هو کانئس پڇي ٿو ته تون ڇا پيو ڪرين ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته آئون خاموش آهيان، هن وقت بندوق ۽ هٿيار ڳالهائين ٿا.
هوٽل ڪموڊور ۾ هڪ آمريڪي صحافي کانئس اهو ساڳيو سوال ڪري ٿو ته تون هن جنگ ۾ ڇا لکي رهيو آهين ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته آئون پنهنجي خاموشي لکي رهيو آهيان. صحافي وري کانئس پڇي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته بندوقن ۽ توبن کي هاڻي ڳالهائڻ گھرجي. هو کيس جواب ڏئي ٿو ته ها انهن جو آواز مون کان وڌيڪ زوردار آهي. صحافي وري کانئس پڇي ٿو ته پوء تون ڇا پيو ڪرين؟
هو کيس جواب ڏئي ٿو ته.آئون ماڻهن کي مضبوطي سان بيهڻ جو چئي رهيو آهيان. هو وري کانئس پڇي ٿو ته ڇا اوهان اها جنگ کٽندا.؟ هو کيس جواب ڏيندي چئي ٿو نه، اصل ڳالهہ مضبوطي سان بيهڻ آهي ۽ مصبوطي سان بيهڻ ئي اصل ۾ سوڀ آهي. هڪ ٻيو سوال ته ڪڏهين تون وري شاعري ڪرڻ شروع ڪندين ان جو جواب هو ڏئي ٿو ته جڏهين بندوقن جا آواز ٿورو ماٺ ٿيندا. جڏهين آئون پنهنجي خاموشي، جنهن ۾ اهي سڀ آواز آهن، کي ختم ڪندس. جڏهين مون کي مناسب ٻولي ملندي. هڪ ٻيو سوال ته مطلب ته هن وقت تنهنجو ڪو ڪردار ناهي؟ سندس جواب هجي ٿو ته نه شاعري ۾ هن وقت منهنجو ڪو ڪردار ناهي. منهنجو ڪردار نظم کان ٻاهر آهي. منهنجو ڪردار هن وقت هتي شهرين ۽ ويڙهاڪن سان گڏ هئڻ آهي.
هو ٻڌائي ٿو ته ڪجھ دانشورن ان موقعي کي پنهنجن مخالفن کان بدلي وٺڻ جو بهتر موقعوڄاتو ۽ پنهنجن زهريلي قلمن جو رخ پنهنجن ساٿين جي ڇاتين ڏانهن ڪري ڇڏيو. اسان بيڪار ۾ رڙيون ڪندا رهياسين ته انهن فروعي معاملن کي ختم ڪيو. ليکڪن بيروت جو محاصرو ناهي ڪيو ۽ نه ئي انهن جي ڪري عمارتون پنهنجن رهائشين مٿان ڪريون آهن. ڏسجي ته بدترين لحاظ کان اوهان جون اهي لکڻيون ادب ناهن ۽ جيڪڏهين انهن کي بهتر طور ڏسجي ته اهي انٽي ايئر ڪرافٽ گن ناهن. انهن جو چوڻ آهي ته نه، اهو ليکڪ يا نظم جو آخري امتحان آهي ته آيا اها انقلابي آهي يا نه، اهو نظم يا ته هاڻي پيدا ٿيندو يا وري اهو پنهنجي پيدا ٿيڻ جو حق وڃائي ويهندو.
اسان کين چيڙائيندي چيو ته پوء اوهان هومر کي ايليد ۽ اوڊيسي لکڻ ڇو ڏني. ٽالسسٽائي ۽ ٻين وڏن ليکڪن کي ڇو لکڻ ڏنو. ليکڪو هر ڪو ساڳي ريت پنهنجو ردعمل نه ٿو ڏئي. جيڪو هن وقت لکڻ چاهي ٿو ان کي هن وقت لکڻ ڏيو ۽ جيڪو پوء لکڻ چاهي ٿو ان کي پوء لکڻ ڏيو. جيڪڏهين اوهان مون کي اهو ڪجھ چوڻ جي اجازت ڏيو جيڪي آئون چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن کي الزام ڏيڻ کانسواء آئون اهو چوندس ته زخمين، اڃايلن ۽ اهي جيڪي پاڻي، ماني ۽ اجھي جي ڳولها ۾ آهن انهن کي اوهان جي شاعري جي گھرج ناهي. ويڙهاڪ اوهان جي شاعري کي ليکين ئي نه ٿا. کپي ته ڳايو ياِ پنهنجي زبان بند رکو. اسان ان جنگ ۾ غير اهم آهيون. پر اهو اسان جي وس ۾ آهي ته اسان ماڻهن کي ٻيون خدمتون آڇي سگھون ٿا. هڪ ويه لٽر پاڻي جو دٻو هڪ وڏي خدمت آهي. هن وقت پنهنجي تخليقي اظهار ۾ سونهن نه پر انساني ذميواري ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري هاڻي ڪردار ڪشي گهڻي ٿي ويئي. ڀلا ڇا ٿي پيو ته هڪ نقاد جي حواسن جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هو بيروت ڇڏي ويو.
جيڪڏهين ڪو ڊراما نگار سڙڪ پار ڪرڻ کان ڊڄي ٿو ۽ ڪنهن شاعر پنهنجو سر وڃائي ڇڏيو آهي ته پوء ڇا ٿي پيو. اهو ان ڪري آهي ته اهو نقاد اوهان جي شاعري ۽ ڊرامن جو مداح نه هو ۽ اوهان ان کي محاصري ۾ رکيو هو ۽ هاڻي ان جي خلاف هرزه سرائي ڪري رهيا آهيو. اسان ۾ جيڪي ثقافتي باقيات موجود آهن اهي جنگ جي للڪار کي هڪ اڀاريندڙ شعر سان ڳنڍين ٿيون. اهي باقيات شاعر جي ڪردار کي واقعن تي تبصرو ڪندڙ، جهاد لا۽ اتساهيندڙ يا جنگ جو نامه نگار سمجھن ٿيون. عربي ادبي مزاج جنگ هلندي شاعري جو سوال ڪرڻ جو عادي بڻجي ويو آهي. هر ويڙه وقت اهي اهو سوال اٿاريندا آهن ته نظم ڪٿي آهي. ڪنهن تاريخي سياق وسباق کان قطع نظر شاعري جو سياسي نظريو واقعن سان گڏوچڙه ٿي ويو آهي.
ان خاص لمحي ۾ جڏهين جنگي جهاز اسان کي ماري رهيا آهن اهي دانشور هڪ گم ٿيل همراه جي پويان ڪاهي پيا آهن ۽ اهڙين نظمن جي گھر ڪري رهيا آهن جيڪي انهن جنگي جهازن جي برابري ڪري سگھن يا گھٽ ۾ گھٽ طاقت جي توازن کي هيٺ مٿي ڪري سگھن. نظم جيڪڏهين هاڻي تخليق نه ٿو ٿئي ته پوء ڪڏهين تخليق ٿيندو ۽ جيڪڏهين اهو پوء تخليق ٿئي ٿو ته ان جو هن وقت ڪهڙو فائدو.ٿيندو. اهو سوال ساڳي وقت سولو ۽ ڏکيو به آهي جنهن جي لاء هڪ منجھيل جواب جي ضرورت آهي. جهڙي ريت اهو چوڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هڪ نظم هڪ خاص جاء، هڪ خاص ٻولي ۾ جنم وٺي ٿي پر اهو گلي ۽ ڪاغذ تائين نه ٿو پهچي. هڪ معصومانا سوال کي هڪ معصومانا جواب گھربل آهي سوائي ان ڳاله جي ته پنهنجي ان ساٿ ۾ اها ان شاعر کي قتل ڪرڻ جي خواهش سان ڀرپور آهي جيڪو اهو پڌري ڪرڻ جي همت ڪري ٿو ته هو پنهنجي خاموشي لکي رهيو آهي.
اها هڪ سورهيائپ جي ڳالهہ آهي ته انهن هوائي حملن دوران اسان ايترو وقت ڪڍي ٿا وٺون جو ان سڄي گپ شپ ڪرڻ لاء تيار هجون ۽ ان شاعر جي ڪردار جو بچاء ڪري سگھون جنهن جون لکڻيون ان ڪري منفرد آهن جو اهي حقيقي حالتن کي جيئن اهي ظاهر ٿين ٿيون اهي چٽين ٿيون. اهو سڀڪجھ اسان ان وقت ڪري رهيا آهيون جڏهين هر شي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل تخليق جو اهڙو لمحو جڏهين ماڻهن جو رزميو پاڻ پنهنجي تاريخ ٺاهي رهيو آهي. بيروت سجاڳ ۽ تخليقي طور پاڻ لکي رهيو آهي. ان جا اصل شاعر ۽ ڳائڻا ان جا پنهنجا ماڻهو ۽ ويڙهاڪ آهن جن کي ڪنهن به ريت ڀڳل تارن واري سرندي سان مزي وٺڻ يا همت وٺڻ جي ضرورت ناهي. اهي اهڙي حقيقي لکڻين جي پيڙه رکندڙ آهن جن جي سورهيائپ ۽ عجب ۾ وجھندڙ زندگين کي بيان ڪرڻ لاء هڪ ڊگھي عرصي تائين اها ٻولي نه ملي سگھندي. پوء ڀلا ڪيئن ڪا لکڻي، جنهن جي لاء ڪافي وقت گھرجي، ڪيئن ان ويڙه ۾ اهڙو روپ وٺي سگھندي جنهن ۾ راڪيٽن جا سر هجن. پوء ڀلا ڪيئن روايتي شاعري، ۽ هن وقت سڄي شاعري روايتي آهي، ڪيئن ان شاعري کي بيان ڪري سگھندي جيڪا هڪ ٻرندڙ جبل جي پيٽ ۾ پلجي رهي آهي.
دانشورو صبر ڪريو. ڇاڪاڻ ته هن وقت زندگي ۽ موت جو مسئلو سڀ کان مٿانهون آهي. پنهنجن سڀني هٿيارن کي ويڙه جي ميدان لاء مخصوص ڪرڻ ۽ پنهنجي وجود جو سوال هڪ آفاقي ۽ حقيقي صورت وٺي چڪو آهي. اهي شاعر ۽ شاعري جهڙن اخلاقي سوالن کان وڌيڪ اهم سوال آهن. اها ڳاله وڌيڪ مناسب آهي ته اسان ان احساس کي مان ڏيون جيڪو ان وقت ظاهر ٿي رهيو آهي. انساني وجود جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ۽ هڪ حالت کان ٻي حالت تائين منتقلي. اهو مناسب آهي ته روايتي شاعري کي اها ڄاڻ هئڻ گھرجي ته ان نئين تخليق جي موجودگي ۾ پنهنجي نماڻي خاموشي کي ڪيئن برقرار رکجي. جيڪڏهين دانشورن لاء گولي هلائڻ ضروري ٿي ٿو پئي ته کين پنهنجن پراڻن نظرين، پراڻن سوالن ۽ پنهنجي پراڻي اخلاقيات کي گولي هڻڻ گھرجي. هن وقت اسان بيان ڪندڙ کان وڌيڪ بيان ٿيندڙ واري حيثيت ۾ آهيون.اسان کي يا ته مڪمل طور پيدا ٿيڻو پوندو يا مڪمل طور مرڻو پوندو.
اسان جو پاڪستاني عظيم دوست فيض احمد فيض وري هڪ ٻئي سوال ۾ ورتل آهي. هو پڇي ٿو ته آرٽسٽ ڪٿي آهن؟ آئون موٽ ۾ کانئس پڇان ٿو ته ڪهڙا آرٽسٽ، فيض ؟ بيروت جا آرٽسٽ. هو جواب ڏئي ٿو. آئون کانئس وري پڇان ٿو ته تون انهن کان ڇا چاهين ٿو.؟ هو چئي ٿو ته ان جنگ کي شهر جي ديوارن تي چٽين. آئون رڙ ڪندي کيس چوان ٿو ته توکي ڇا ٿي ويو آهي.، ڏسين نه ٿو ته اهي ديوارون ته لڏي رهيون آهن.
ليکڪ اهڙن ليکڪن ۽ دانشورن جو به ذڪر ڪيو آهي جن ان جنگ ۾ پنهنجي شڪست کي محسوس ڪندي ٻئي پاسي وڃڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي آهي ۽ اهڙا به آهن جيڪي پيٽرو ڪلچر جا نمائندا آهن ۽ فلسطينين جي بجائي عرب حڪمرانن جي مفادن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. اهو جنگ ۽ بحران جي وقت ۾ هڪ محب وطن ليکڪ ۽ شاعر جو موقف آهي.

فلسطين، بيروت ۽ شاعر

فلسطين، بيروت ۽ شاعر

هو ڇهن سالن جي عمر ۾ گليلي جي ڳوٺن مان پنهنجي خاندان سان گڏ لبنان آيو. انهن هڪ رات رميش گندي تلاء جي ڀر ۾ سورن ۽ ڳئن سان گذاري. صبح اتر ڏانهن روانا ٿيا. هو واٽ تي شهتوت پٽيندو ۽ کائيندو رهيو. اهو سفر جيزين تي ختم ٿيو. هن اڳ برف نه ڏٺي هئي. جيزين برف جو فارم هو ۽ هتي هڪ آبشار به هو جيڪي هن پهريون ڀيرو ڏٺا. کيس اڳ اها به ڄاڻ نه هئي ته صوف ٽارين تي هوندا آهن. هن سمجھيو ٿي ته اهي دٻن ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهي صوف هن بمبو سان لاهي چشمي جي پاڻي ۾ ڌوئي کاڌا. هتي جيئن ته گھڻي ٿڌ هئي ان ڪري اهي دامرشهر ۾ اچي رهيا جيڪو هڪ ننڍو پر سهڻو شهر هو. اهو ٻار جڏهين بيروت پهتو ته کيس ٽوپي پائرائي البرج چوڪ تي ڇڏيو ويو جتي هو اسٽريٽ ڪار۾ ويٺو. پوء سندس ڏاڏو کيس دامر وٺي ويو جيڪو هڪ وڏي سمنڊ وغيره جي ڪري بيروت کان وڌيڪ سهڻو هو. پر سندس ضد بيروت وڃڻ هو ته جيئن هو وري اسٽريٽ ڪار ۾ ويهي سگھي.
محمود درويش پنهنجي ڪتاب Memory for Forgetfulness ۾ پنهنجي جلاوطني ۽ 1982 ۾ لبنان تي اسرائيلي حملي جي ڪٿا ٻڌائي ٿو. هو جڏهين 1972 ۾ ڏهن سالن کانپوء بيروت پهتو ته هن ٽئڪسي کي چيو ته کيس دامر وٺي هل. کيس دامر جو رڳو سمنڊ ۽ ڪيلن جا باغ ياد هئا ۽ ڪيلن جي باغ جي مالڪ عورت کيس پيار مان چمي ڏني هئي. هن دراصل ان ٻار کي ڳولهڻ چاهيو ٿي جنهن کي هن، ان جي باوجود ته هو پاڻ هاڻي وڏو ٿي شاعر ٿي چڪو هو، وڏو ٿيڻ نه ڏنو هو. هن ان ٻار جا قدم ٿي ڳولهڻ چاهيا جنهن پنهنجي عمر کان وڏا قدم کنيا هئا. ان وقت سندس ڏاڏي جو نظرون سرحد جي ٻئي پاسي پنهنجي وطن ڏانهن هونديون هيون ۽ هو ان اميد سان روز اخبار ڏسندو رهندو هو ته ڪڏهين سندن واپس وڃڻ جو اعلان ٿو ٿئي پر سندس اها اميد پوري نه ٿي سگھي.
محمود درويش انهن شاعرن ۽ ليکڪن مان آهي جيڪي پنهنجي قوم جي سڃاڻپ هوندا آهن. سندس اهو ڪتاب جيتوڻيڪ لبنان تي اسرائيل جي حملي جي پس منظر ۾ لکيل آهي پر هڪ لحاظ کان اها ڄڻ فلسطينين جي بي وطني، ڏک ۽ پيڙا جي ڪٿا آهي. شاعراڻي انداز ۾ لکيل اها لکڻي ماڻهو جي اندر کي جھوري وجھي ٿي. اهو نظم ۽ نثر جو هڪ سهڻو امتزاج آهي. فجر جو وقت آهي ۽ اسان جي شاعر کي ڪافي جي ضرورت آهي پر سامهون سمنڊ مان لاڳيتو گولا باري ٿي رهي آهي ۽ مٿان آسمان تي جنگي جهاز اڏامي رهيا آهن. اهي ڪا وٿي نه ٿا ڏين ته هو بس پنهنجي لاء ڪافي ٺاهي سگھي. هو چئي ٿو بس مون کي
رڳو پنج منٽ ڏيو ته جيئن آئون پنهنجي لاء ڪافي ٺاهي سگھان. ان ڪافي جي سندس لاء خاص اهميت آهي. بس کيس پنهنجي هٿ جي ٺاهيل ڪافي گھرجي. اهو سندس هٿ جو ڪارج ۽ ان جو هڪ تخليقي ڪم آهي. ٻئي ڪنهن جي موجودگي سندس ڪافي جي لطف کي خراب ڪري ڇڏيندي. نيٺ کيس ڪجھ وقفو ملي ٿو. ان سان گڏوگڏ پکي پنهنجي صبح جي معمول جي لات لنوي رهيا آهن.
ائين ٿو لڳي ته ڄڻ مٿن ان گولي باري جو ڪو اثر ناهي ٿيو. پر ٿوري دير کانپوء اهي به ڄڻ هراسجي خاموش ٿي وڃن ٿا. اوله بيروت جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. پاڻي جي اڻاٺ کي هو هن ريت بيان ڪري ٿو ته جسم جي ڪهڙي عضوي لاء گھڻا قطرا پاڻي استعمال ڪري . پر جڏهين واشنگٽن جي هدايتن تي پاڻي کوليو به وڃي ٿو ته سندس بلڊنگ جو مالڪ، جنهن جي اها عادت هجي ٿي ته ڪنهن به معمولي ڳاله ۽ ڪنهن مسواڙي سان جھيڙي جي ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيندو هو، پاڻي نه ٿو کولي. نيٺ ڪنهن هٿيار بند تنظيم جي مداخلت تي هو پاڻي کولڻ لاء تيار ٿئي ٿو. پاڻي انهن ماڻهن لاء اهڙي ريت هڪ الميو به بڻجي ٿو ته اسرائيلي جهازن لاء پاڻي لاء گڏ ٿيل عورتن تي بمباري ڪري مارڻ هڪ بهترين موقعو هجي ٿو.
ريڊيو خاموش آهي. کيس اخبار جي طلب محسوس ٿئي ٿي پر ان ڏينهن اخبار به نه ٿي اچي. هو ٻاهر گھٽي ۾ ڏسي ٿو جيڪا سنسان ۽ ويران لڳي پيئي آهي. هو نه ٿو چاهي ته هو ملبي هيٺان دٻجي وڃي ۽ پوء کيس زخمي يا مئل حالت ۾ اتان ڪڍيو وڃي. کيس پنهنجي هڪ دوست سمير جو خيال اچي ٿو جيڪو ان بمباري جو شڪار ٿي نهايت خراب حالت ۾ اسپتال ۾ داخل هو. سميراهڙو شخص جنهن ٽي ڀيرا اسرائيلي جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽيئي ڀيرا پڪڙجي پيو ۽ کيس ٽي ڀيرا عمر قيد جي سزا آئي. قيدين جي مٽا سٽا ۾ هو آزاد ته ٿيو پر ڄڻ ننڍي جيل مان نڪري وڏي جيل ۾ اچي ويو هو. هتي جيڪي بااختيار هئا انهن جو ڏاڍ ۽ تشدد، رائي جي اختلاف کي برداشت نه ڪرڻ ۽ مختلف گروهن جا پاڻ ۾ اختلاف هئا پر هو پنهنجيون وفاداريون نه ٿو بدلائي ۽ نيٺ اسرائيلي جهازن جو نشانو بڻجي وڃي ٿو.
هو ڏهين ماڙ کان هيٺ لهي ٿو. چوٿين ماڙ تي هڪ عيسائي عورت پنهنجي مڙس سان رهي ٿي. اها
فلسطينين تي ڪاوڙيل هجي ٿي ته انهن اسان کي هروڀرو اچي ڏچي ۾ وڌو آهي. هو ان سان ڳالهائي هيٺ لهي ٿو. لبنان ۽ خاص طور بيروت.هڪ اهڙو شهر آهي جنهن کي ڪوبه پوري ريت سمجھي نه سگھيو آهي. کيس شهر ۾ رهندي هڪ ڊگھو عرصو ٿيو آهي پر جڏهين هو هاڻي ان جي گھٽين ۽ سڙڪن تان گذري ٿو ته کيس لڳي ٿو ته هو انهن کان اڻڄاڻ آهي. اهو هڪ اهڙو شهرآهي جتي سڀني عرب ملڪن جا ماڻهو جن کي پنهنجن ملڪن ۾ سياسي ۽ اظهار جي آزادي ناهي هتي اچي پنهنجي اها خواهش پوري ڪن ٿا. اهي هتي پنهنجن پنهنجن هم خيال سياسي گروپن جو حصو بڻجي هتان جي سياست کي اڃا وڌيڪ ورهائي ڇڏين ٿا. ليکڪ سوچي ٿو ته جبل کان وٺي سمنڊ ۽ نار تائين عربن جي سرزمين هئي جيڪا پوء مختلف حصن ۾ ورهائجي ويئي ڪنهن کي شرم الشيخ، ڪنهن کي غزه ۽ ڪنهن کي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويو. لبنان ۾ فلسطينين جي اچڻ جو ڪارڻ عظيم مصري اڳواڻ جمال عبدالناصر جو عرب قوم پرستي جو نظريو هو. اسرائيل جي 1967 جي مصر تي حملي جو ڪارڻ عرب علائقن تي قبضي کان وڌيڪ عرب قوم پرستي جي نظرئي کي ختم ڪرڻ ۽ ناصر کي هٽائڻ هو.
1970 ۾ ناصر جي وفات ۽ سادات جي اسرائيل سان ٺاه هڪ پاسي عرب قوم پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي پاسي اسرائيل کي اهو موقعو فراهم ڪيو ته اهو لبنان جي فلانجسٽن جي سهڪار سان فلسطينين خلاف ڪاروايون ڪري. اهڙي ريت جڏهين اهي ماڻهو ٿورائي ۾ بدلجي ويا ته صورتحال بدلجي ويئي. هن وقت نه رڳو لبنان جا عيسائي پر مسلمانن به اهو چاهيو ٿي ته فلسطيني لبنان مان هليا وڃن. ليکڪ هڪ لبناني مسلمان شاعر جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته فلسطينين سان اسان جي جنگ ته آهي پر هر فلسطيني ٻار به اسان جو دشمن آهي. اها صورتحال سڀني عرب ملڪن جي آهي جيڪي ڪنهن به ريت فلسطينين کي پنهنجي ملڪ ۾ قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. ان ڳاله جي باوجود ته انهن مل.ڪن جي حڪمرانن جن ۾ بادشاه، آمر۽ انقلابي سڀ شامل آهن هميشه پنهنجن ماڻهن جي اوٻر ڪڍڻ لاء فلسطينين ۽ فلسطين جي نالي کي استعمال ڪيو آهي. ساڳي وقت انهن حڪمرانن فلسطينين جي مزاحمت کي هميشه هڪ حد اندر رهڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ جڏهين به انهن پنهنجي ليکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته کين چيو ويو آهي ته صبر ڪيو اڃا اهو وقت ناهي آيو. ِ مختلف گروه ۽ انهن جا اڳواڻ مختلف عرب حڪمرانن جي هدايتن تي هلن ٿا ۽ انهن جي مقصدن لاء ڪم ڪن ٿا.
پر هن وقت اها ڳالهہ به نه رهي آهي. اسرائيل جي بيروت جي محاصري ۽ فلسطينين کي اڪيلو ڪري مارڻ ۾ ڄڻ اهي اسرائيل سان سهمت آهن. هن وقت انهن لاء پنهنجن ماڻهن جي اوٻر ڪڍڻ جو ذريعو فلسطين نه پر فوٽبال جا ميچ آهن. ان وقت فوٽبال جي عالمي ڪپ ۾ الجزائر جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهتي هئي ۽ سيمي فائنل جي ميچ ۾ ان جي هارائڻ کي ريفري جي بي ايماني ۽ يورپي ملڪن جي عربن خلاف سازش ڪري پيش ڪيو ويو هو جنهن جي خلاف گھڻن عرب ملڪن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا هئا. اهڙي ريت فلسطين جي بجائي پنهنجي فٽ بال ٽيم جي هارائڻ تي ماڻهن جا مظاهرا ۽ احتجاج. اهي ان سڀڪجھ کي ٿيڻ ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن مان کين ڪو جوکم ناهي. ٽيم جي کٽڻ کي اهي پنهنجي کاتي ۾ وجھندا آهن جڏهين ته ان جي شڪست جو ذميوار، ريفري، ڪوچ يا ٽيم جي ڪپتان کي قرار ڏنو ويندو آهي.
هن وقت اسرائيل جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ بجائي عرب حڪمرانن ان ڳالهہ تي پئي زور ڏنو ته بيروت کي بچايو وڃي جنهن جو مطلب صاف طور اهو هو ته پي ايل او بيروت خالي ڪري. ساڳي وقت ڪوبه عرب ملڪ انهن کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه هو. جڏهين ته ليکڪ بجا طور اهو اصرار ڪري ٿو ته فلسطيني عرب آهن ۽ ڪنهن ڌار ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهو ناهن.
جڏهين پي ايل او جي بيروت مان نڪرڻ متعلق ڳالهہ ٻولهہ هلي رهي هئي ته ياسر عرفات کان هڪ صحافي پڇيو هو ته اوهان هاڻي ڪيڏانهن ويندا ته هن کيس جواب ڏيندي چيو هو ته جتان آيا آهيون اوڏانهن مطلب ته فلسطين وينداسين. 1948 ۾ اسرائيل جي قيام وقت جڏهين نو لک کن فلسطينين پنهنجا گھر وغيره ڇڏيا هئا ته کين اهو ئي آسرو هو ته اهي ڪجھ مهينن ۾ جنگ ختم ٿيڻ کانپوء پنهنجي وطن موٽي ويندا پر ائين نه ٿي سگھيو. پر وطن موٽڻ جي خواهش نسل در نسل هلندي آئي. ليکڪ مختلف ڪردارن ۽ سمبل جي صورت ۾ ان خواهش کي پيش ڪيو آهي. جيئن هن حيفه جي شهر کي هڪ فاخته جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. اهي ڪردار پنهنجي ماضي کي ياد ڪن ٿا ۽ وطن موٽڻ جي خواهش رکن ٿا پر سندن اها خواهش پوري نه ٿي ٿي سگھي. اها درد جي هڪ ڪٿا آهي جنهن کي درد کي سمجھندڙ ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھن ٿا.

دلجاء: ڪجھ خيال

دلجاء: ڪجھ خيال
عبدالرحمان پيرزادو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهي. ساڳي وقت هو سياسي، سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ باشعور شخص آهي ۽ مختلف مسئلن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو رهندو آهي. سندس خاص ڳالهہ اها آهي ته هو ڪنهن رک رکاء کانسواء جنهن ڳالهہ کي درست سمجھندو آهي ان جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندو آهي. تنقيد قبول ڪندو آهي ۽ ان جو مهذب طريقي سان دليلن سان جواب ڏيندو آهي.
ڪووڊ جي ان سال ڏيڍ جي عرصي ۾ سندس بلاگن جا ڏهاڪو کن ڪتاب اليڪٽرانڪ صورت ۾ اچي چڪا آهن. مختلف ادبي موضوعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس اهم موضوع طبي حوالي سان هڪ صحتمند زندگي گذارڻ جا طور طريقا ٻڌائڻ هوندو آهي.
هر ڪتاب ۾ مختلف موضوع هوندا آهن ۽ ليکڪ مختصر نموني ان تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندو آهي، ڪي صلاحون ڏيندو آهي ۽ سوال اٿاريندو آهي. موجوده ڪتاب ”دلجاء“ ۾ هن خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ اهميت وغيره جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهي ٻيئي مسئلا نه رڳو ماڻهو جي صحت پر زندگي جي معيار جي حوالي سان به نهايت اهميت جا حامل آهن. پاڪستان جي سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ جي اٽڪل سورنهن سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي خوراڪ جي دلجاء ء يا تحفظ حاصل ناهي. جڏهين ته هونئن ملڪ جي صورتحال کي ڏسندي اهو انگ يقينن گھڻو وڌيڪ هوندو. ساڳي ريت پاڻي جي فراهمي جو مسئلوآهي. صاف پاڻي ته وڏي ڳاله آهي رڳو پاڻي، جيڪو ڀلي آلوده هجي، جي حاصل ڪرڻ لاء گھڻن علائقن ۾ خاص طور عورتن کي ميلن تائين پنڌ ڪرڻو پوندو آهي. اهي بنيادي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ذميواري يقينن رياست جي آهي. انهن کي حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ گھڻا صحت جا مسئلا پيدا ٿين ٿا جيڪي صورتحال کي اڃا وڌيڪ منجھائي ڇڏين ٿا. سوڄڻ جهڙي ڳاله اها آهي ته انهن مسئلن کي ڪنهن ٻه سياسي ڌر پاران پنهنجي سياسي ايجنڊا جو حصو ناهي بڻايو ويو.
ليکڪ پنهنجي بلاگس ۾ مختلف سماجي روين جي نشاندهي ڪري ٿو. هو گھڻين ڳالهين تي سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ساڳي وقت هن جبلت جي ڳاله ڪئي آهي. هن ڳاله جي وضاحت لاء هن شينهن، مور ۽ ماڪوڙي وغيره جا مثال ڏنا آهن. انهن ۽ ٻين جانورن جو عمل يقينن سندن جبلتن مطابق آهي ۽ ٻي طرح سان ٿي نه ٿو سگھي. جڏهين ته انسان تهذيب جي زنجيرن ۾ قابو ٿيل آهي. ان ڪري سندس جبلتون گھڻن سماجي قاعدن، قانونن ۽ پابندين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. جبلت، جنهن جو محبت به هڪ حصو آهي، هڪ تخليقي صلاحيت آهي. روسو جهڙن گھڻن فلاسافرن اها ڳاله ڪئي پر ساڳي وقت انهن سماجي قانونن وغيره جي هئڻ کي پڻ ضروري سمجھيو.
شاه لطيف لاء ليکڪ کي خاص محبت آهي. لطيف سان سندس هڪ منفرد ورتاء آهي. لطيف جي ڪلهوڙن خلاف جدوجهد، ڀٽ جو ان جدوجهد جو مرڪز هئڻ ۽ مزار جي ڀر ۾ جوڌن جي قبرن جو هئڻ منهنجي لاء نيون ڳالهيون آهن. ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي بلڪه ليکڪ کي اهو چئي سگھجي ٿو ته هو پڙهندڙن کي ان ڳاله جي ذريعن ۽ تفصيلن کان آگاه ڪري.
سنڌي ٻولي جي لپي جو معاملو اڃا به هڪ لحاظ کان بحث طلب آهي. هن وقت به سنڌ ۾ عربي رسم الخط اسٿعمال ٿئي ٿو جڏهين ته ڀارت ۾ ان جي باوجود ته گورمکي ۽ عربي ٻيئي رسم الخط استعمال ڪري سگھجن ٿا پر گورمکي کي اسڪولن وغيره ۾ ترجيح ڏني وڃي ٿي. ان جي ڪري سنڌ ۽ هند جي سنڌين ۾ ٻولي ۽ ادب وغيره جي حوالي سان فاصلا آهن جيڪي وقت جي لحاظ کان اڃا وڌنڌا. ساڳي ريت اها به حقيقيت آهي ته جڏهين انگريزن پاران عربي رسم الخط کي هڪ معياري رسم الخط طور رائج ڪيو ويو ته ان کان اڳ ٻين مختلف رسم الخطن ۾ جيڪي لکيتون وغيره هيون اهي محفوظ نه رهي سگھيون. ڇا ٻولي جا ماهر ان سلسلي ۾ اسان جي ڪا رهنمائي ڪري سگھن ٿا.
ليکڪ ساڳي وقت لوڪ ڏاهپ کي به اهميت ڏئي ٿو پر ان ڳالهہ کي واضح ڪري ٿو ته جيڪڏهين ڪنهن ڳالهہ تي اوهان ڳالهايو يا بحث ڪريو ٿا ته ان ڳالهہ جي پڪ ڪري وٺو ته ان جي سڀني پاسن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ان جي اوهان کي ڄاڻ آهي. رڳو ٻڌل سڌل ڳالهين تي نه هلو ۽ ڊاڙ ٻٽاڪ کان پاسو ڪيو.
اها هڪ منفرد ڳالهہ آهي ته ليکڪ پنهنجو موقف رکڻ ۾ ڪو رک رکاء نه ٿو ڪري ۽ اها ڳالهہ نه ٿو ڏسي ته ڪنهن کي اها چڱي لڳي ٿي يا خراب. منهنجي خيال ۾ علمي بحث جي حوالي سان اها هڪ مثبت اپروچ آهي جنهن جي اسان وٽ کوٽ آهي ۽ جنهن جي همت افزائي ٿيڻ گھرجي.

دنيا جا قديم مذهب

دنيا جا قديم مذهب

وچ اوڀر ۾ عيسائيت ۽ اسلام جي اچڻ کان اڳ وارن مذهبن جا پوئلڳ اڃا موجود آهن جڏهين ته يورپ ۾ عيسائيت جي اچڻ کانپوء قديم مذهبن جو ڪو مڃيندڙ باقي نه رهيو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته يورپ ۾ عيسائيت جي اچڻ کانپوء Pagans يا بت پرستن جي مذهبن کي سرگرمي ۽ تشدد سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جڏهين ته وچ اوڀر ۾ ائين نه ٿي سگھيو. هتي اسلام جو جيڪو ڦهلاء ٿيو ان جو رويو ٻين مذهبن جي مڃيندڙن ڏانهن بلڪل مختلف هو. هڪ ته اهي مسلم حڪومتن لاء جزئي جي صورت ۾ آمدني جو ذريعو هئا ۽ انهن جي مذهب بدلائڻ جي حڪمرانن پاران حوصلي شڪني ڪئي ويندي هئي ۽ ٻيو ته شروع ۾ اسلام کي رڳو عربن جو مذهب ڪري ليکيو ٿي ويو ۽ ٻين ملڪن ۽ مذهبن جي ماڻهن لاء ان کي مڃڻ ضروري نه هو. ٽيون اهم ڪارڻ عراق جي ٽن مذهبن جي ماڻهن جو دريا جي دلدلي علائقي ۾ رهڻ هو جنهن تائين ان وقت حڪومت ۽ ان جي فوجن ۽ عملدارن وغيره جي پهچ ڏکي هوندي هئي. خلافت عثمانيه جي دور ۾ بلقان ۽ وچ اوڀر ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو مٺ محبت سان رهندا هئا. ڪمال اتا ترڪ جي اچڻ کانپوء ترڪي جي ان پاليسي ۾ تبديلي اچي ويئي.
اتاترڪ هڪ مرڪزي رياست جو حامي هو ۽ سندس نظر ۾ ملڪ ۾ مختلف ٻولين ۽ مختلف مذهبن جو هئڻ طاقت نه پر ڪمزوري جي نشاني هو. هن وقت مختلف سماجي ۽ سياسي ڪارڻن جي ڪري مذهبي سهپ ۽ پراڻن مذهبن جي باقي رهڻ جي صورتحال گھڻي مختلف آهي. انگريز سفارتڪار Gerard Russell جنهن کي انهن مذهبن جي کوجنا جو شوق هو ان مقصد لاء عربي، فارسي ۽ ٻين مختلف ٻولين جي ڄاڻ حاصل ڪئي. عرب ملڪن ۾ پنهنجي پوسٽنگ ، ذاتي دورن ۽ پرڏيهہ ۾ رهندڙ انهن مذهبن جي پوئلڳن سان ملاقاتن ذريعي هن اهو کوجنا جو ڪم ڪيو.Heirs to Forgotten Kingdoms: Journeys into the Disappearing Religions سندس ان تحقيق جو ئي نتيجو آهي.
عراق جي دلدلي علائقي جي ميندين مذهب کي بابل جي تهذيب جي نشاني طور ليکيو وڃي ٿو. هن مذهب جا مڃيندڙ حضرت آدم جي پٽ سيٺ کي پنهنجو پيغمبر ڪري مڃين ٿا. هنن جو مذهبي ڪتاب يهودين جي توريت سان گھڻي مماثلت رکي ٿو. دريا ۾ رهندڙ انهن ماڻهن لاء پاڻي جي گھڻي اهميت آهي. اهي بپتسما به پاڻي ذريعي ڪندا آهن. صدام حسين بابل جي تهذيب جي وارث هئڻ ناتي ان مذهب جي پولڳن کي تحفظ ڏيندو هو پر ساڳي وقت دلدلي علائقن ۾ رهندڙ انهن ماڻهن کي لڏائي هن شهرن ۾ آباد ڪرايو ته جيئن کيس انهن مان ڪو خطرو نه رهي جيڪو هوئن به نه هو.
ان ئي دور ۾ مينديئن جي ئي هڪ پوئلڳ جي گھر ۾ ماني جي نالي سان هڪ ٻار پيدا ٿئي ٿو جيڪو اها تعليم ڏئي ٿو ته ماس نه کائجي ۽ ڪنهن کي ايذاء نه پهچائجي. جيتوڻيڪ اهي ساڳيا اصول ميندين به مڃين ٿا پر ماني جا مڃيندڙ رهبانيت جي حوالي سان ان کان ڪجھ اڳتي وڌيل هجن ٿا. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين ڪونسٽنٽائين، جنهن عيسائيت اختيار ڪري ان کي فروغ ڏنو، جي بجائي ماني کي مڃيندڙ رومن سلطان ٿي وڃي ها، جيڪو ڪنهن ڪارڻ نه ٿي سگھيو، ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. ماني پرڏيه ۾ ڪنهن ملڪ جي بادشاه کي پنهنجي مذهب ڏانهن آڻڻ جي عمل دوران عتاب ۾ اچي ويو ۽ کيس ان بادشاه مارائي ڇڏيو.
تازوعراق ۽ شام ۾ گھرو ويڙه هلندي يزيدي فرقي جو گھڻو ذڪر آيوآهي. مٿي ذڪر ڪيل ٻن مذهبن کانسواء يزيدي ٽيون اهم مذهب آهي جنهن عراق جي دلدلي علائقي ۾ جنم ورتو. انهن لاء عام تاثر اهو آهي ته اهي شيطان جي پوڄا ڪن ٿا. ليکڪ انهن جي اهم مذهبي ماڻهن سان له وچڙه ۾ اچڻ کانپوء اهو نتيجو ڪڍيو آهي جنهن مظابق اهي ماڻهو شيطان جي پوڄا نه ٿا ڪن پر سندن نظر ۾ هو هڪ بزرگ ملائڪ آهي ۽ هن روئي توبه زاري ڪري پنهنجن گناهن ۽ غلطين جي معافي ورتي هئي. هو شيطان کي گٿو ڳالهائڻ ۽ ان جي لاء خراب زبان استعمال ڪرڻ واري کي پسند نه ڪندا آهن ۽ ڪجھ صورتن ۾ ان کي ماڳيئي ماري به ڇڏيندا آهن. مور، جنهن کي اهي ملڪ طائوس چوندا آهن، انهن جي مذهب جي هڪ اهم علامت آهي. ان علامت وارا مندر عراق جي مختلف شهرن ۾ موجود آهن.
عراق تي آمريڪا جي حملي کانپوء انهن ٽنهي مذهبن جي ماڻهن لاء صورتحال ڏکي ٿي ويئي آهي. انهن ماڻهن جون پاڙون عراق ۾ کتل آهن ۽ اهي عراق کي ئي پنهنجو وطن سمجھن ٿا. پر منجھانئن گھڻن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاء خاص طور اوله جي ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پيئي آهي ۽ گھڻن کي پنهنجو مذهب تبديل ڪرڻو پيو آهي. ان جي ڪري ملڪ اندر انهن جو تعداد گھڻو گھٽجي ويو آهي ۽ اهو ممڪن آهي ته جنهن سرزمين تي انهن جنم ورتو ۽ جتي سندن سڄو ورثو موجود آهي اتي سندن وجود نه رهي.
زرتشت دنيا جي اهم ترين مذهبن مان آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته دنيا جي سڀني وڏن مذهبن تي ان جو اثر آهي. ان ۾ هڪ دوئي جو تصور آهي جنهن ۾ چڱائي جو ڌار خدا آهي ۽ برائي جو ڌار.ماڻهن کي چڱائي ڏانهن وڃڻ ۽ برائي کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. بازنطينين ۽ ايرانين جي پاڻ ۾ لاڳيتو ڇڪتاڻ ۽ جنگ ٻنهي ڌرين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهين ائين نه هجي ها ته مسلمانن لاء ايران، جيڪو ان وقت دنيا جو سپر پاور ليکيو ٿي ويو، کي فتح ڪرڻ ممڪن نه هو. مصر وغيره جهڙا ملڪ ته عربن جي مذهب سان گڏ انهن جي ٻولي ۽ ثقافت وغيره اختيار ڪري عربن جو هڪ حصو بڻجي ويا پر ايرانين ائين نه ڪيو. جيئن هندوستان ۾ ذات پات جي نظام جي ڪري گھٽ ذات وارن لاء اسلام وڌيڪ قبولڻ جوڳو دين هو ساڳي ريت ايران ۾ زرتشتن ۾ پڻ گھٽ ذات ۽ اوچي ذات جي تفريق موجود هئي. گھٽ ذات وارن لاء اسلام وڌيڪ قابل قبول هو جڏهين ته اوچي ذات جا پروهت ۽ ٻيا پنهنجي دين تي قائم رهيا. اهڙي ريت ملڪ جي گھڻائي جيتوڻيڪ اسلام اختيار ڪيو پر ساڳي وقت انهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي برقرار رکيو. ان جي ثابتي ان ڳاله مان به ملي ٿي ته ايران جي مذهبي حڪمرانن نوروز جي ڏڻ کي جيتوڻيڪ غيراسلامي هئڻ جي ڪري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ماڻهن جي مزاحمت جي ڪري اهي ائين نه ڪري سگھيا. انهن مان جيڪي گھڻو اڳ هندوستان لڏي ويا هئا انهن کي پارسي چيو وڃي ٿو ۽ اهي گجراتي ڳالهائين ٿا جڏهين ته ايران ۾ اهي زرتشت آهن ۽ ساڳي فارسي ڳالهائين ٿا.
ليکڪ فلسطين ۾ رهندڙ يهودين جي هڪ فرقي سمارٽين جو ذڪر ڪري ٿو. انهن جو تعداد رڳو ڪجھ سو آهي. انهن جا مذهبي رسم رواج ۽ ڏڻ وغيره ڪنهن حد تائين يهودين کان مختلف آهن. سندن چوڻ آهي ته اهي يهودين جو اهو قبيلو آهن جنهن جي لاء چيو وڃي ٿو ته اهو انوقت گم ٿي ويو هو جڏهين يهودين کي فلسطين مان نيڪالي ڏني ويئي هئي پر يهودي ان ڳاله کي مڃڻ لاء تيار ناهن.
ليکڪ لبنان ۾ دروز جي عقيدن جي جاچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اهي گھڻي ڀاڱي يوناني فلاسفر فيثا غورٿ جي نظرئي ۽ خيالن تي مدار رکن ٿا ۽ پنهنجي عقيدي متعلق گھڻو ڪجھ ڄاڻن نه ٿا يا ٻڌائڻ نه ٿا چاهين. اها ساڳي رازداري آهي جيڪا فيثا غورث ۽ ان پوئلڳ رکندا هئا. انهن جي عقيدي ۾ ڪنهن خاص عبادت ۽ عبادت گاهن جو تصور ناهي.
مصر جا قبطي عيسائي پاڻ کي مصر جا اصل رهاڪو ۽ اصل وارث قرار ڏين ٿا. انهن 451 عيسوي ۾ روم کان ڌار ٿي پنهنجو ڌار فرقو ٺاهيو. هن وقت مذهبي انتها پسندي جي ڪري اهي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ۽ منجھانئن گھڻا يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ڏانهن لڏي ويا آهن.
ليکڪ پاڪستان جي علائقي چترال ۾ پڻ ڪافرستان جي ماڻهن جي مختلف رسمن ۾ شرڪت ڪئي. مٿي ذڪر ڪيل انهن سڀني مذهبن ۾ ڪي ڳالهيون گڏيل آهن. پهرين ڳاله ته جن ملڪن ۾ انهن جو بنياد آهي اتي اهي مختلف مذهبي، سماجي ۽ سياسي دٻائن جو شڪار آهن. ٻيو ته انهن ۾ تبليغ ۽ ٻين ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪرڻ جو تصور ناهي. ساڳي ريت ڪنهن ٻئي فرقي ۽ مذهب جي ماڻهو سان شادي ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ناهي. اهڙي ماڻهو کي ماڳيئي پنهنجي مذهب مان ئي خارج ڪيو وڃي ٿو. ٽين ڳالهہ ته انهن جي مڃيندڙن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گھٽبو ٿو وڃي ۽ ٿوري وقت ۾ انهن مان ڪي مذهب ته ماڳيئي ختم ٿي ويندا. انهن جو گھڻو تعداد پنهنجن اصل ملڪن کان وڌيڪ يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو.
اهي گھڻو ڪري پنهنجي مذهب متعلق رازداري رکندا آهن ۽ ڪنهن ٻئي کي ان متعلق ڄاڻ نه ڏيندا آهن. انهن مذهبن جي حوالي سان ان ڪتاب کي هڪ تعارف ئي ڪري ليکي سگھجي ٿو.

ٿر جا ڊاٽي ڪير آهن؟

ٿر جا ڊاٽي ڪير آهن؟

ٿر جا ڊاٽي ماڻهو ڪير آهن. انهن جي ٻولي ۽ رسم رواج ٻين ماڻهن کان ڪيئن مختلف آهن. ان موضوع تي بنسيدر مهيشوري جو گجراتي ۾ لکيل ڪتابOur Cultural Heritage آهي جنهن کي ڊاڪٽر ڪيٽن سي مهيشوري Cultural Heritage of the Dhati People جي عنوان سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊاٽي ۽ مهيشوري هڪ ٻئي جي متبادل طور استعمال ٿيندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي اصل ابتدا متعلق ڪو تصديق ٿيل ذريعو نه ٿو ملي. ان سلسلي ۾ منڊوا جي شيو ڪرنجي درڪ.جو ڪتاب اتهاس ڪلپدرم مهيشوري ڪلبشن ئي اڪيلو ذريعو آهي جنهن تي انحصار ڪري سگھجي ٿو.
ان ڪتاب ۾ ڏنل ڪٿا موجب چوهاڻ گھراڻي جي سوريه ونشي بادشاه کدگلسن کي برهمڻن جي آشيرواد سان پٽ ٿئي ٿو جنهن جي لاء برهمڻن پاران اها هدايت ڏني وڃي ٿي ته ان کي سورنهن سالن جي عمر تائين اترپاسي وڃڻ ۽ سوريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهين هن برهمڻن جي عزت ڪئي ته وڏو عظيم بادشاه ٿيندو ۽ وري بادشاه طور جنم وٺندو. پر شهزادو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هڪڙي جين مت جي سادو جي چوڻ ۾ اچي شيوا جي تعليم جي خلاف وڇي ٿو ۽ پنهنجن ٻاهتر ساٿين سان اتر پاسي وڇي اتي شو جي پوئلڳن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ سندن پوڄا ۾ خلل وجھي ٿو. انهن رشين جي پاراتي سان شهزادو ۽ سندس سڀ ساٿي پٿر ٿي وڇن ٿا. انهن جي مائٽن جي ايلازن ۽ معافي تلافي کانپوء شو انهن سڀني کي پنهنجي اصل شڪل ۾ آڻي ٿو پر هاڻي اهي پنهنجي پهرئين جنم موجب کشتري نه پر وئشيا سڏبا وڃن ٿا ۽ سريه ڪنڊ ۾ وهنجڻ سان سندن تلوار قلم ۽ ڍالون ترازو ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. جيئن ته مهيش ديوتا جنهن ڱين اهو سبق ڏنو هو شو جو ٻيو روپ آهي، ان ڪري اهي مهيشوري سڏجڻ لڳا. ٻاهتر چڻن جا ڪم جي حوالي سان قبيلا وجود ۾ آيا انهن جو تعداد اڳتي هلي اسي ٿي ويو.
مهيشورين جو اصل وطن مارواڙ آهي. پر ريگستان، مينهن نه پوڻ ۽ خشڪ سالي جي ڪري انهن جي لاء زندگي ڏکي هئي. ان ڪري گھڻن ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. ڪجھ ميود هليا ويا ۽ ٻيا اجمير جي رستي جئپور هليا ويا. اڃا به ٻيا بيڪانير ۽ جوڌپور جي سرحد پار ڪري پوکران، فالودي، جيسلمير، برمر، سنڌ، ڪڇ ۽ ڄام نگر وغيره جهڙين جاين ڏانهن هليا ويا.
تاريخدانن موجب تيرنهين صدي عيسوي ۾ جيسلمير ۾ رهندڙ خاندان گجرات ۾ اچي رهڻ لڳا جڏهين ته ميود وارا اڃا اڳتي گجرات کان ٿيندا مهاراشٽر پاسي ويا. جئپور وارا دهلي ڏانهن ويا جڏهين ته بيڪانير وارا گھڻن علائقن مان گذري ڪلڪتي ويا. مارواڙ جا ماڻهو ممبئي ۽ مهاراشتر جي ٻين علائقن ۾ به ويا. اهي .بنگال ۽ موجوده بنگلا ديش، بهار، جوڌپور، علي ڳڙه ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. ان جو هڪ ڪارڻ ته روزگار ۽ معاشي وسيلن جو حصول هو جڏهين ته ٻيو اهم ڪارڻ پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي جو به هو. تيرنهن سو عيسوي کان سترنهن سو عيسوي تائين علاءالدين خلجي کان اورنگزيب تائين چار سو سالن جو مسلم دور ۽ پوء مرهٽن جي گھرو ويڙه ان لڏپلاڻ جا اهم ڪارڻ هئا. هن وقت اهي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ نيپال وغيره سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهن.
ماڻهو ان ڏيهہ ڏانهن لڏيندو آهي جنهن جي ان کي ڄاڻ هوندي آهي. ان وقت جيسلمير ۽ امرڪوٽ جا شاهي خاندان هڪٻئي سان شادين وغيره ذريعي ڳنڍيل هئا. ان کانسوا۽ مهيشوري جيسلمير جي انتظاميا جو به هڪ اهم حصو هئا. ان ڪري اهي پهرين مارواڙجي سرحد سان لڳ ٿرجي ان وقت جي هڪ وڏي شهررتو ڪوٽ، جيڪو پوء تباه ٿي ويو، ۾ لڏي آيا. ٿر به مارواڙ جيان خشڪ ۽ غير آباد علائقو هو پر هتي لڏي اچڻ جو مک ڪارڻ اهو هو ته هتي سياسي ڇڪتاڻ ۽ غيريقيني صورتحال نه هئي.. دريائي علائقن ۾ گھم ۽ مڇر هئڻ ڪري انهن ٿر جي علائقي کي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني جنهن جو ماحول سندن لاء مانوس هو. اهڙي ريت اهي ان وقت جي سوڊا اسٽيٽ ۾ اچي آباد ٿيا جڏهين ته ٻيو گروه سنڌ جي ٻين مختلف شهرن جهڙوڪ بڪيرا، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، سيوهڻ ۽ بدين وغيره ۾ وڃي آباد ٿيو. ٿر ۾ مهيشورين جي اسي گھراڻن مان سورنهن مختلف علائقن ۾ رهن ٿا. هتي انهن سان گڏ برهمڻ، سونارا، نائي، چارڻ، سوتر، مالي، ڪولهي، بجير ۽ ميگھواڙ به رهن ٿا. ورهاڱي وقت ٿر جا گھڻا مهيشوري ۽ ٻيا هندو ٿر جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي کانپوء ڀارت لڏي ويا.
اهي جنهن علائقي ۾ آباد ٿيا ان علائقي جي حوالي سان سڃاپجڻ لڳا، مثال طور ڪڇ ۾ رهندڙ ڪڇي ٿي ويا جڏهين ته ٿر ۾ رهندڙ ٿري يا ڊاٽي ٿي ويا ۽ جيڪي مارواڙ ۾ ناگور جي علائقي مان آيا هئا اهي ناگوري ٿي ويا.
ٿري يا ڊاٽڪي کي عام طور سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر انسائيڪلوپيڊيا بريٽينيڪا ۾ ان کي راجستاني جو هڪ لهجو قرار ڏنو ويو آهي جيڪا ڏکڻ اوڀر ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جارج گيئرسن جنهن هندوستان جو لساني سروي لکيو ان جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ۽ جيسلمير جي گھڻو ڪري معياري ٻولي مارواڙي آهي جيڪا سنڌي ۽ رڳو ڪجھ حد تائين گجراتي جو ملغوبو آهي. هندوستان جي 1931 جي مردم شماري موجب عام طور ڊاٽڪي يا ٿري کي سنڌي جو هڪ لهجو سمجھيو ويندو آهي پر مردم شماري ۾ ان کي هڪ ڌار ٻولي ڪري ليکيو ويو آهي. اهڙي ريت ٿري کي سنڌي کان ڌار ڪري رکيو ويو آهي جنهن جو پنهنجو هڪ ڌار علائقو آهي. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته سنڌي، مارواڙي ۽ گجراتي جي گڏجڻ سان هڪ نئين قسم جي بولي ٺهي. ان کي ڊاٽڪي چيو وڃي ٿو مطلب ته اها ٻولي جيڪا ڊاٽ جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان گڏيل ٻولي کي راجستاني جو متبادل سمجھيو وڃي ٿو پر اها گجراتي جي گھڻو ويجھي آهي.
مهيشورين لاء اها فخر جي ڳالهہ آهي ته مارواڙ مان صديون اڳ لڏڻ ۽ مختلف علائقن ۾ اهڙن ماڻهن جهڙوڪ کترين، مالهين، بجير، سونارن، ميگھواڙن، ڀيل. ڪولهي ۽ مسلمانن، جيڪي هميشه کان ماس کائيندا آهن، سان گڏ رهڻ جي باوجود ماس بلڪل نه کائيندا آهن. ايستائين ته بصر ۽ ٿوم کي به کائڻ جهڙو نه سمجھيو ويندو آهي. جڏهين سرسوت برهمڻ شده ماس کائڻ شروع ڪيو ته پشڪر جا برهمڻ، مهيشوري، بوجڪ ۽ شري مالي برهمڻ ئي اهي ماڻهو هئا جيڪي ماس کائڻ کان پري رهيا. اهي گھڻو ڪري پنهنجين ٻنين جي پيداوار ۽ پاليل جانورن جو کير، گيه ۽ مکڻ وغيره استعمال ڪندا آهن.
مهيشورين ان چوڻي تي به عمل نه ڪيو ته جهڙو ديس تهڙو ويس. انهن پنهنجو اهو ساڳيو لباس ئي اختيار ڪيو جيڪو اهي مارواڙ مان کڻي آيا هئا. ليکڪ عورتن جي ڪپڙن ۽ زيورن وغيره جي تفصيل بيان ڪئي آهي.
مهيشوري پنهنجا تهوار مارواڙي ڪيلينڊر مطابق ملهائيندا آهن جيڪو گجراتي ڪئلينڊر سان به مطابقت رکندو آهي.
مهيشوري هندو آهن ۽ اهي پاڻ کي مهيش ڀڳوان، جيڪو شو جو ٻيو روپ آهي، جو اولاد چون ٿا ۽ ان ڪارڻ مهيشوري سڏجن ٿا. اهي شو ڀڳوان جي پوڄا ڪن ٿا پر وشنو سڏجن ٿا. ڀارت جي ٻين علائقن جيان هتي به هر شهر ۾ مندر آهي جيڪو سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪزبه هوندو آهي. گھڻن مهيشورين مرليڌر مندر ٺاهيا آهن. جئپور مان سنگ مرمر جا سهڻا بت انهن مندرن ۾ رکيا ويا آهن. انهن ۾ شري گنيش ۽ هنومان جي بتن رکڻ جي به گنجائش آهي. شهرن ۾ ماتا جي جا مندر ۽ مادي به آهن جتي ماڻهو نواتري جي ڏڻ وقت عبادت لاء ويندا آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته جين مت جا ماڻهو ٿر ۾ ننگر پارڪر کان سواء ٻئي ڪنهن علائقي ۾ نه هئا جڏهين ته مهيشوري ننگر پارڪر ۾ نه هئا. ان ڪري مهيشورين ۽ پشڪر جي برهمڻن تي جين مت جو ڪو اثر نه ٿيو.
ليکڪ شادي، موت، ٻار جي ڄمڻ ءَ مهمانن جي تواضع وغيره جي رسم رواجن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهي ماڻهو محنتي ۽ هميشه متحرڪ رهيا آهن. موجوده دور ۾ جديد تعليم جي حصول ۽ شهرن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري گھڻن رسم رواجن ۽ لباس وغيره ۾ تبديليون به واقع ٿيون آهن پر انهن پنهنجي خوراڪ وغيره جي لحاظ کان پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکيو آهي.

ڊاڪٽر ۽ مهاتما

ڊاڪٽر ۽ مهاتما

ذات پات جو مسئلو هندوستان جي سماج ۽ سياست جو هڪ اهم مسئلو رهيو آهي. خاص طور آزادي جي تحريڪ هلندي ان جي اهميت اڃا وڌي ويئي هئي. ان مسئلي کي مهاتما گانڌي پنهنجي نموني حل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بي آر امبيدڪر، جنهن جو واسطو مهر ذات سان هو، جنهن کي گھٽ ليکيو وڃي ٿو، ان سان متفق نه هو ۽ هن پنهنجي هڪ مضمون Annihilation of Caste ۾ پنهنجو ڌار موقف پيش ڪيو. ارون دتي رائي انهن ٻنهي جي موقف جو تقابلي ۽ تنقيدي جائزو پنهنجي ڪتاب The Doctor and The saint ۾ ورتو آهي.
هندوستان جي آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان امبيدڪر ۽ گانڌي هڪ ٻئي جا مخالف هئا ۽ سندن اختلاف حل ٿيڻ جوڳا نه هئا. امبيدڪر گانڌي سان نه رڳو سياسي ۽ مذهبي اختلاف رکيا پر هن ساڳي وقت کيس اخلاقي طور به چئلينج ڪيو. هن اهو سوال اٿاريو ته گانڌي ٻن جوان ڇوڪرين کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو ۽ پنهنجي سهپ کي آزمائڻ لاء انهن کي پاڻ سان گڏ سمهاري به ٿو، ان سان سندس سهپ جو اندازو ته ٿئي ٿو پر هن ڪڏهين ان ڳاله کي ڏٺو آهي ته هڪ انسان طور ان جو انهن ڇوڪرين تي ڪهڙو اثر پوندو هونڌو. چيو وڃي ٿو ته امبيدڪر 1931 ۾ جڏهين پهريون ڀيرو گانڌي سان مليو هو ته گانڌي کانئس سندس ڪانگريس تي سخت تنقيد متعلق سوال ڪيو هو جنهن جو مطلب هو آزاد وطن لاء جدوجهد تي تنقيد ڪرڻ ته امبيدڪر کيس اهو مشهور جواب ڏنو هو ته گانڌي جي منهنجو ڪو وطن ناهي، ڪو به نالي وارو اڇوت ان ڌرتي کي پنهنجو وطن چوڻ ۾ فخر محسوس نه ڪندو.
ذات پات جي حوالي سان اها نئين بحث ناهي. امبيدڪر صدين پراڻي ذات پات مخالف روايت جو امين آهي. ذات پات جو بڻ بنياد ٻارنهن سو کان نو سو قبل مسيح ۾ رگ ويد ۾ لکيل پروشا سڪتا گيت ۾ ملي ٿو جنهن کي اٽڪل هڪ هزار سال کان پوء ٻه سو کان هڪ سو سال قبل مسيح ۾ آيل ٻڌ مت چئلينج ڪيو جن ذات پات کان ڌار ٿي پنهنجا سنگھا قائم ڪيا جن ۾ ذات پات جي فرق کانسواء ڪو به اچي سگھيو ٿي پر ان سان گڏ ذات پات جو نظام پڻ هلندو رهيو. ٻارنهين صدي جي وچ ڌاري ڏکڻ هندوستان ۾ بساوا جي اڳواڻي ۾ ويرا شيواس ذات پات جي نظام کي چئلينج ڪيو پر کيس ڪچليو ويو. چوڏنهين صدي ٰ۽ ان کانپوء ڀڳتي روايت جي ذات پات مخالف پيارن شاعرن بزرگن ڪوکميلا، روي داس، ڪبير، ٽڪا رام، ميرا ۽ جنا ڀائي کي اڃا به ڳايو ۽ سندن احترام ڪيو وڃي ٿو. اوڻهوين ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ اولهندي هندوستان ۾ جوتيبا ڦلي ۽ سندس ستياشودڪ سماج سامهون آيو. شايد هڪ مرهٽي برهمن پنڊيتا راماڀائي هندوستان جي پهرين فيمنسٽ هئي جنهن هندوازم کي رد ڪري عيسائيت اختيار ڪئي ۽ پوء ان کي به چئلينج ڪيو. اهڙي ريت ڪافي شخصيتن جا نالا ملن ٿا جن ان سلسلي ۾ ڪم ڪيو جڏهين ته امبيدڪر جي همعصرن ۾ مدراس پريزيڊينسي جي اي وي راماسوامي نيڪر، بنگال جي جوگندر ناٿ منڊل ۽ پنجاب جي منگورام کي ڳڻي سگھجي ٿو.
گانڌي ۽ امبيدڪر جي موقف جو پنهنجو سياسي ۽ سماجي پس منظر هو. مهاتما گانڌي جو واسطو وئش يا بنيا ذات سان هو. هن هڪ وڏو عرصو ڏکڻ آفريڪا ۾ گذاريو هو. هتي هن جيتوڻيڪ نسلي مت ڀيد ۽ امتيازي ورتاء خلاف جدوجهد ڪئي هئي پر ان سلسلي ۾ هن ڪجھ حد بنديون رکيون هيون. پهرين ڳاله ته هن ان کي رڳو اتي رهندڙ هندوستانين تائين محدود ڪيو هو ۽ ٻي ڳاله ته ان سلسلي ۾ به هن انگريزن تي اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته سندس گورن جي زرعي فارمن تي ڪم ڪندڙ هندوستاني مزدورن، جن کي قلي چيو ويندو هو۽ جن سان انتهائي غير انساني ورتاء ڪيو ويندو هو، سان ڪو واسطو ناهي ۽ هو رڳو اعلا طبقي جي هندوستانين لاء مساوي ورتاء گھري ٿو. ساڳي وقت انگريزن سان پنهنجي وفاداري ڏيکارڻ لاء هو زولو قبيلي، جن انگريزن جو سخت مقابلو ڪيو هو، سان ويڙه ۾ انگريزن سان گڏ هو. اهڙي ريت گورن جي پاڻ ۾ جنگ، بوئر وار ۾ هن انگريزن جي مدد ڪئي. موٽ ۾ هن جنگ ختم ٿيڻ کانپوء هندوستانين لاء جيڪي رعايتون گھريون ٿي اهي انگريز کيس ڏيڻ لاء تيار نه هئا.
ساڳي ريت جڏهين هو 1915 ۾ هندوستان آيو ته هتي ذات پات وارو سوال سندس آڏو آيو. سندس چوڻ هو ته اهو نظام باقي رهڻ گھرجي. ان جو بنياد پيشي ۽ ڪم تي آهي ۽ اهو هندوستان جي ڳوٺاڻي سماج جي بقاء ۽ ترقي لاء هڪ بنياد فراهم ڪري ٿو. ساڳي وقت ان متعلق سندس هڪ آدرشي تصور اهو هو ته مختلف ذاتن جي وچ ۾ کاڌي پيتي، اٿ ويه ۽ ٻين سماجي معاملن ۾ تفريق نه هئڻ گھرجي جيڪا ڳاله نه رڳو اوچي ذات جي هندن لاء قبولڻ جوڳي نه هئي پر انهن ان ڳاله تي گانڌي تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو هو. هڪ سماج سڌارڪ جي طور تي گانڌي کي 1828 ۾ راجا رام موهن رائي جي برهمو سماج، سوامي ديانند سرسوتي جي 1875 ۾ قائم ڪيل آريا سماج ۽ 1897 ۾ سوامي ويوڪنند جي راما ڪرشنا مشن جو تسلسل چئي سگھجي ٿو.
هڪ اڇوت هئڻ جي ناتي امبيدڪر سان اسڪول ۽ ٻين جاين تي جيڪو ورتاء ڪيو ويو هو ان جي ڪري هن اهو موقف ورتو هو ته مسلمانن جيان اچوتن کي به ڌار نمائندگي ڏني وڃي. هن کي گانڌي جي حامين پاران برطانوي وائسرائي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي رڪن هئڻ ۽ پهرين گول ميز ڪانفرنس جي دعوت ملڻ ڪري، جڏهين ڪانگريس جا اڳواڻ لوڻ واري تحريڪ جي ڪري قيد هئا، انگريز جو ايجنٽ سڏيو ويو، اچوتن لاء ڌار نمائندگي جي گھر ڪرڻ ڪري عليحدگي پسند ۽ مسلم ليگ جي پاڪستان جي گھر جي حمايت ڪرڻ ۽ ڪشمير کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏيڻ ڪري قوم دشمن جا خطاب ڏنا ويا. امبيدڪر گول ميز ڪانفرنس، جنهن ۾ گانڌي به شريڪ هو، اچوتن کي ڌار نمائندگي ڏيڻ جي تجويز رکي هئي جنهن کي گانڌي جي مخالفت جي باوجود برطانوي حڪومت پاران قبول ڪيو ويو هو. ان فيصلي جي خلاف گانڌي بک هڙتال ڪئي هئي ۽ مرن ڀرت رکيو هو. امبيدڪر تي پنهنجي موقف تان هٽڻ لاء دٻاء وڌي ويو. سڄي ملڪ ۾ اوچي ذات جي ماڻهن گھٽ ذات وارن سان ميل جول وڌائي ڇڏيو ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ۾ ڪو فرق نه هو. گانڌي جي خراب ٿيندڙ حالت جي ڪري امبيدڪر کي مجبور ٿي ساڻس ٺاه ڪرڻو پيو جنهن تحت هن ڌار نمائندگي تان ته هٿ کنيو پر اڇوتن کي ٻن ووٽن جو حق ڏنو ويو جنهن تحت اهي عام چونڊن ۾ به حصو وٺي سگھندا ۽ سندن ڌار نمائدگي به هوندي.
امبيد ڪر جو اهو مشاهدو هو ته ذات پات جو نظام هندوستان جي سڄي سماج ۽ سڀني مذهبن ۾ سرايت ڪيل آهي. ان سان ڪو فرق نه ٿو پئي ته اڇوت پنهنجو مذهب بدلائي مسلمان يا عيسائي وغيره ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته اتي به ساڻن ساڳيو ورتاء ڪيو ويندو ۽ کين برابري جو درجو نه ڏنو ويندو. امبيدڪر جي پاڻ ٻڌ مت اختيار ڪرڻ ۽ ٻين اڇوتن کي به ان ڏانهن مائل ڪرڻ گانڌي کي ڪاوڙائي ڇڏيو هو. پر هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هندوستان جي سماج ۽ سياست ۾ گھٽ ذات وارن کي جيڪا اهميت ۽ حيثيت ملي ان ۾ امبيدڪر جي انهن ڪمن جو وڏو ڪردار آهي.
امبيدڪر جو اهم ڪم آزادي کانپوء نئين ملڪ هندوستان جو آئين تيار ڪرڻ هو. ان آئين ۾ هن جيتوڻيڪ گھٽ ذات وارن کي گھڻا حق ڏنا پر هو پاڻ ان مان مطمئن نه هو. ساڳي ريت ان جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هن جيتوڻيڪ گھٽ ذات وارن جي مسئلن تي توجھ ڏنو ۽ ان جي لاء جدوجهد ڪئي پر آئين ۾ به ۽ هونئن به هن جھنگلن ۾ رهندڙ آديواسين جي مسئلن تي ڪو توجھ نه ڏنو ۽ انهن تي اڄ به اهي ئي قانون لاڳو آهن جيڪي انگريزن جي دور ۾ هئا. خير ان آئين ۾ وقت گذرڻ سان سڌارا آڻي سگھجن ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪي آزادي جي ابي ٿامس جيفرسن جو اهو قول ڏنو وڃي ٿو ته هر نسل آئين کي پنهنجين ضرورتن آهر ٺاهيندي نه ته ٻي صورت ۾ ته اهو مرده ماڻهن جو دستاويز بڻجي ويندو.
امبيدڪر ۽ گانڌي ٻيئي آزادي جي تحريڪ جا ٻه اهم ڪردار آهن ۽ انهن جو هڪٻئي سان تعلق به نهايت منجھيل رهيو آهي جنهن کي سولائي سان نه ٿو سمجھي سگھجي. اها ٻي ڳاله آهي ته گانڌي جو نالو تاريخ ۽ سياست ۾ هڪ نمايان حيثيت جو حامل رهيو آهي جڏهين ته امبيدڪر کي ايتري اهميت نه ملي سگھي آهي جيتري هو لهڻي ٿو ۽ جيترو ان جو حصو آهي.

ڊپ به ڏاڍ جي هڪ صورت آهي

ڊپ به ڏاڍ جي هڪ صورت آهي

ڏاڍ ۽ تشدد ته رياست جو هڪ اهم هٿيار آهي پر ان کان وڌيڪ موثر هٿيار ماڻهن ۾ ان ڏاڍ متعلق هڪ ڊ پ پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ هونڌو آهي جنهن سان ماڻهن جي گھڻائي کي قابو ۾ رکڻ ممڪن ٿيندو آهي. اهو ضروري ناهي ته اهو ڪنهن خاص قسم جي نظام واري رياست سان وابستا هجي بلڪ اهو هر قسم جي رياست ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي ضرور استعمال ڪندي آهي. ڀارت هڪ جمهوري ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اتي بظاهر تحرير ۽ تقرير ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي آزادي آهي پر ان سان گڏوگڏ رياست ساڳي وقت ان سڀڪجھ کي هڪ حد ۾ رکڻ لاء تشدد جو استعمال به ڪري ٿي جيڪو مختلف طريقن سان رياست جي حڪمران طبقن ۽ پرڏيهي سرمائي جي مفاد ۾ هڪ معمول موجب ته هميشه جاري رهندو آهي پر ڪڏهين ڪڏهين ان جي لاء خاص قدم پڻ کڻڻا پوندا آهن ۽ اهو سڄي ملڪ تي لاڳو ٿي ويندو آهي.
اندرا گانڌي جي حڪومت پاران هنگامي حالتن جو لاڳو ڪرڻ هڪ غير معمولي قدم هو. ان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڊپ ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي سماج جي سڀني طبقن پاران احتجاج ۽ ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو هو.ِ نتيجي ۾ ايندڙ چونڊن ۾ کيس هار کي منهن ڏيڻو پيو هو. هندي جي ليکڪ نرمل ورما جو ناول رات جو رپورٽر ان صورتحال تي ردعمل ظاهر ڪندڙ پهريون ناول هو. جيئن نالي مان ظاهر آهي اهو ناول هڪ صحافي متعلق آهي جيڪو فري لانس ڪم ڪري ٿو ۽ سندس دوستي ۽ ناتا مختلف سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن سان هجن ٿا جيڪي حڪومت جي ان هنگامي حالتن واري قدم کي پسند نه ٿا ڪن.
هڪ ڏينهن اهو صحافي لائبريري ۾ پنهنجو ڪم پيو ڪري ته هڪ شخص اچي ساڻس ملي ٿو ۽ کيس ٻئي ڏينهن ڀر ۾ ٽيليفون بوٿ جي ٻاهران ملڻ جو چئي ٿو. ٻئي ڏينهن هو پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي کيس ٻڌائي ٿو ته اسان انو ڀائي جي گھر هڪ ڀيرو گڏيا هئاسين. هو کيس ٻڌائي ٿو ته انو ڀائي ته گرفتار ٿي ويو آهي ۽ آئون به اندران ٿي آيو آهيان. تنهنجي لاء اهو نياپو آهي ته تون محتاط رهو. ان سان گڏ سندس گھر ۾ هونڌي ۽ نه هونڌي نامعلوم فون اچن ٿا جيڪي ڪڏهين ڳالهائين ٿا ۽ ڪڏهين نه ٿا ڳالهائين ۽ جيڪڏهين ڳالهائين به ٿا ته رڳو سندس متعلق پڇا ڪري فون بند ڪري ڇڏين ٿا. ڪجھ موقعن تي هو محسوس ڪري ٿو ته سندس پيڇو پڻ ڪيو پيو وڃي.
ساڳي وقت سندس گھر جو ماحول ۽ سندس زال جي ذهني حالت سندس لاء اڃا وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري ٿي. مختلف وقتن تي ان کي اسپتال ۾ علاج لاء داخل ڪرڻو پئي ٿو جڏهين ته گھر ۾ رڳو سندس ماء هجي ٿي. زال مٿس شڪ ڪري ٿي ۽ اهو سمجھي ٿي ته هو شهر کان ٻاهر وڃڻ جو بهانو ڪري رڳو ساڻس اسپتال ۾ ملڻ کان نٽائي ٿو. هو کيس ڏسندي ئي هسٽريائي ڪيفيت ۾ اچي وڃي ٿي ان ڪري ڊاڪٽر پاران کيس ان سان ملڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هو رڳو ان وقت صحتياب ٿي سگھي ٿي جڏهين هو توکي پوري ريت ڀلجي وڃي. اهڙي ريت هو لاڳيتي ڇڪتاڻ ۾ هجي ٿو. دوست کيس شهر کان ٻاهر وڃڻ جي صلاح ڏين ٿا پر هو ٻڏتر ۾ هجي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڇا ان سان سندس مسئلو حل ٿي ويندو.
ان دوران انو ڀائي جي زال پنهنجي ڌي سان گڏ ساڻس ملڻ اچي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته انو ڀائي کي ڪنهن نامعلوم جاء تي منتقل ڪيو ويو آهي جنهن متعلق ڪا ڄاڻ نه ٿي ڏني وڃي. هو کيس چئي ٿي ته جيڪڏهين اهو ممڪن هجي ته کيس صحت جي بنياد تي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي جيئن ٻين گھڻن کي ڪيو ويو آهي. کيس فوري طور ذهن ۾ ان ماڻهو جو خيال اچي ٿو ته جيڪو ساڻس مليو هو ۽ کيس چيو هئائين ته ڪنهن ڪم جي صورت ۾ هو ساڻس رابطو ڪري سگھي ٿو. وٽس جيئن ته ان جو وزيٽنگ ڪارڊ هجي ٿو ان ڪري هو سندس گھر پهچي ٿو ۽ ساڻس سڄي ڳالهہ ڪري ٿو. هو سندس سڄي ڳالهہ ٻڌي کيس چئي ٿو ته اهي ماڻهن کي اندر موڪلڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻاهر ڪڍڻ جو. ساڳي وقت هو کيس اها تنبيه پڻ ڪري ٿو ته آئينده انو ڀائي جي زال وغيره سان ملڻ ۾ احتياط ڪري جنهن سان سندس لاء وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿي سگھن ٿيون. هو پنهنجي قميص کولي پٺي تي تشدد جا نشان کيس ڏيکاريندي چئي ٿو ته هو اندر جو هي سڄو عذاب ڀوڳي چڪو آهي ۽ تون پهريون ماڻهو آهين جنهن کي آئون اهي نشان ڏيکاري رهيو آهيان جڏهين ته کيس گھڻي مهلت ملي آهي ۽ ڪنهن وقت به هو مٿس هٿ وجھي سگھن ٿا. هو کيس ان ڳاله کان به هوشيار ڪري ٿو ته هن وقت انهن جي پرڏيهي صحافين تي نظر آهي ۽ جيئن ته سندس هڪ اهڙو دوست آهي ان ڪري هو ان سلسلي ۾ پڻ احتياط کان ڪم وٺي. آخر ۾ هو کيس ڪاغذن جو هڪ بنڊل ڏيندي ٻڌائي ٿو ته اهو انو ڀائي توکي ڏيڻ لاء ڏنو آهي ته جيئن تون ان کي پنهنجي پرڏيهي دوست تائين پهچائي سگھين. پر اها تنهنجي مرضي آهي ته تون اهي نه کڻي وڃ، انهن کي واٽ تي ڦٽو ڪري ڇڏ يا پنهنجي دوست تائين پهچائي. هو ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت ۾ اهي ڪاغذ کڻي اتان نڪري پنهنجي دوست جي فليٽ تي وڃي ٿو پرفليٽ بند هجي ٿو ۽ هو اڳ ئي اتان وڃي چڪو هجي ٿو. کيس سندس محبوبا اها صلاح ڏئي ٿي ته هو اهي ڪاغذ گھر نه کڻي وڃي ۽ انهن کي ضائع ڪري ڇڏي. آخر ۾ هو اهي ڪاغذ کڻي مزدورن جي هڪ ميڙ ۾ وڃي ويهي ٿو جيڪي مچ تي پنهنجا هٿ سيڪي رهيا هجن ٿا ۽ کيس اها پڪ هجي ٿي ته هتي کيس ڪير به نه سڃاڻندو.

ڊي ايس ايف ۽ شاگردن جي تحريڪ

ڊي ايس ايف ۽ شاگردن جي تحريڪ


ڊاڪٽر رياض شيخ سان منهنجي واقفيت اٽڪل ويهہ سال پراڻي آهي جڏهين هو همدرد يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي ڪري رهيو هو. سول سروس پاڪستان ۽ سنڌ جي گھڻن نوجوانن جو آدرش ۽ مقصد هوندو آهي ۽ ان جي لاء پنهنجي پروفيشنل پڙهائي ۽ تربيت کي به ڇڏڻ لاء تيار ٿي ويندا آهن. پر رياض انهن ٿورن ماڻهن مان آهي جن سول سروس کي ڇڏي لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم کي ترجيح ڏني. کيس ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پيو پر هن ان ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. رياض هن وقت هڪ نجي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي پر ساڳي وقت هو مختلف ٻين ڪمن سان پڻ لاڳاپيل آهي.
يونيورسٽي ۾ مختلف موضوعن تي ورڪشاپ ۽ سيمينار وغيره منعقد ڪرائڻ کانسواء هو شهر جي مختلف تنظيمن جهڙوڪ ارتقاء انسٽيٽيوٽ جو هڪ سرگرم ڪارڪن آهي. ان سان گڏوگڏ هو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي رسالي تاريخ جو ايڊيٽر پڻ آهي. سندس لکڻ پڙهڻ جو ڪم لاڳيتو هلندو رهندو آهي. تازو سندس ڪتاب سحر هوني تڪ ڇپجي آيو آهي. پاڪستان ۾ شاگردن جو ملڪ جي سياست ۾ شروع کان هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. پر ان سلسلي ۾ گھٽ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ملڪ جي ٺهڻ جي شروعاتي سالن جي شاگردن ۽ خاص طور ڊي ايس ايف جي جدوجهد جي تاريخ تي ٻڌل آهي. ان موضوع تي لکت ۾ ذريعن جي نه هئڻ ڪري ليکڪ انهن ماڻهن، جيڪي ان جدوجهد جو حصو رهيا ۽ اڃا حيات آهن، کان ڳاله ٻوله وسيلي معلومات ورتي آهي. منهنجي خيال ۾ انهن مان گھڻا ماڻهو جيڪڏهين رڳو پنهنجيون يادگيريون ئي لکن ها ته نه رڳو شاگرد جدوجهد پر ان وقت جي حالتن متعلق به گھڻو مواد ملي سگھي ها.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاگردن ۽ نوجوانن مختلف سياسي تحريڪن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏکڻ آفريقا ۾ نسل پرستي خلاف اي اين سي جي جدوجهد ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ساڳي ريت ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ ۾ نوجوانن ۽ شاگردن هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ بنگلا ديش جي تحريڪ ۾ به هڪ لحاظ کان شاگردن ئي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو هو. ان حوالي سان سٺ جو ڏهاڪو اڃا به هڪ مثال آهي جڏهين شاگردن يورپ جي مختلف ملڪن ۽ خاص طور فرانس ۾ ڄڻ سڄي نظام کي دوڏي ڇڏيو هو.
فرانس ۾ 1968 ۾ شروع ٿيل شاگردن جي تحريڪ سڄي يورپ کي پنهنجي وڪوڙ ۾ وٺي ڇڏيو هو. هاڻي به وقت بوقت شاگردن جا اهي احتجاج هلندا رهندا آهن. اهو ساڳيو ڏهاڪو پاڪستان جي حوالي سان انتهائي اهم هو جڏهين شاگردن ملڪ مان آمريت ۽ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاء هلايل تحريڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. تازو 2011-13 ۾ چلي، جتي تعليمي شعبي جو اڌ کان وڌيڪ حصو نجي شعبي وٽ آهي جيڪو ان کي پنهنجي نفعي ڪمائڻ لاء استعمال ڪري ٿو، جي شاگردن مختلف مسئلن ۽ خاص طور تي تعليمي شعبي ۾ سرڪار جي شرڪت کي وڌائڻ لاء هڪ ڊگھي جدوجهد هلائي هئي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ سان لاڳاپيل مسلم اسٽوڊينٽس فيڊريشن ملڪ جي قيام وقت موجود هئي ۽ ان مختلف تعليمي ادارن ۾ پنهنجا يونٽ پڻ قائم ڪيا هئا پر هڪ ته اها پنهنجي سرپرست جماعت جي اندر اختلافن ۽ ٽوڙ ڦوڙ ۽ ٻيو شاگردن جي نون پيدا ٿيندڙ مسئلن کي موثر نموني نه کڻي سگھڻ جي ڪري شاگردن جي حوالي سان ڪو موثر ڪردار ادا نه ڪري سگھي. اهڙي ريت نئين ملڪ جي ٺهڻ سان ڀارت مان لڏي آيل شاگردن جا گھڻا مسئلا هئا جن جي حل لاء هڪ موثر تنظيم جي ضرورت هئي جيڪا حڪومت آڏو انهن کي پيش ڪري سگھي. اهڙي ريت هڪ خال هو جنهن کي ڀرڻ جي ضرورت هئي. ايستائين عام تاثر اهو آهي ته ڊي ايس ايف ڪراچي ۽ خاص طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ٺاهي هئي پر ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ان جي متعلق يقين سان ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي ۽ ٻي ڳاله ته هڪ مضبوط رايو اهو آهي ته ان جي بنياد 1949 جي شروعات ۾ راولپنڊي جي گورڊن ڪاليج ۾ رکي ويئي. ساڳي وقت پنجاب جي صوبي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن کي گڏ ڪرڻ جو عمل به جاري رهيو. 1954 ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي کانپوء پنجاب جي ڊي ايس ايف به پنهنجو ڪم جاري نه رکي سگھي.
منهنجي خيال ۾ ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته پنجاب جي شاگردن کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پيو جيڪي ڪراچي جي شاگردن جي آڏو هئا. ان ڪري پنجاب ۾ شروعات کانپوء شاگرد تحريڪ جو مرڪز ڄڻ ته ڪراچي منتقل ٿي ويو ۽ اڳواڻي جو ڪردار انهن جي هٿ اچي ويو. ڏٺو وڃي ته ان وقت شاگردن جون ڪي سياسي گھرون نه هيون ۽ نه ئي اهي بظاهر ڪنهن سياسي جماعت سان لاڳاپيل هئا يا ان جي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيا هئا. اهي پوري ريت شاگردن جي مسئلن جهڙوڪ فين ۾ گھٽتائي، رهائش جو مناسب بندوبست ۽ ڪاليجن وغيره ۾ گھربل سهولتن جي فراهمي تائين محدود هئا.
انهن مسئلن کي جيڪڏهين انتظاميا پاران فوري طور حل نه به ڪيو وڃي ها ته به شاگردن کي انهن تي همدردي سان غور ڪرڻ جو يقين ڏياري ٽڪراء کان بچي سگھجي پيو. پر اها ڳاله حڪمرانن ۽ خاص طور انهن جن جي تربيت انگريز سرڪار جي نگراني ۾ ٿي هجي مزاج جي خلاف هئي. نوڪر شاهي ۽ خاص طور ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر اي بي حليم ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ڪمشنر ان کي ڄڻ پنهنجي عزت جو مسئلو بڻائي ڇڏيو ۽ مسئلي کي طاقت وسيلي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا شاگرد مارجي ويا ۽ گھڻا ڦٽجي ويا. ان وقت ئي نوڪر شاهي پاران پنهنجن ماڻهن کي ڊي ايس ايف جي متبادل جي طور پيش ڪيو ويو جن جو ڪم هڪ ته انتظاميا سان ان جي مرضي موجب معاملن کي طئي ڪرڻ ۽ ٻيو ڊي ايس ايف جي پروگرامن ۾ گڙبڙ ڪرڻ ۽ ان کي خراب ڪرڻ هو. ساڳي وقت جماعت اسلامي جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ ان جي شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبه سرگرم ٿي ويئي ۽ ان باقاعدي هڪ پروپئگنڊا مهم ذريعي ڊي ايس ايف کي ڪميونسٽ ۽ ڪافر وغيره طور پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
اهو ملڪ ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ مختلف طبقن جي ماڻهن جي احتجاج ۽ جدوجهد کي طاقت وسيلي ختم ڪرڻ جو پهريون مثال هو. جيتوڻيڪ ان جا نتيجا حڪمرانن جي توقعات جي خلاف ئي نڪتا پر انهن پوء به اڳتي هلي مختلف سياسي مسئلن جي حوالي سان اها ساڳي پاليسي اختيار ڪئي جنهن جا نتيجا ملڪ جي سڀني ماڻهن کي ڀوڳڻا پيا. اهڙي ريت اها جدوجهد بجائي ختم ٿيڻ جي اڃا وڌيڪ ڦهلجي ويئي. هڪ ته ان ۾ شهر جي اسڪولن جا شاگرد شامل ٿي ويا ۽ ٻيو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان کي حمايت حاصل ٿي ۽ نوان اتحادي مليا.
عام تاثر اهو آهي ته ڊي ايس ايف جو واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ان جا اڳواڻ گھڻي ڀاڱي روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن جا هئا ۽ انهن مان ڪجھ پنهنجن ڀارت جي اصلوڪن شهرن ۾ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان واسطي ۾ به هئا. پر ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڊي ايس ايف جو پارٽي سان تنظيمي طور ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي اها ان جو کليل فرنٽ هئي. ان جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ يونين جي چونڊن ۾ پارٽي پاران ايوب مرزا کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ويو هو پر ڊي ايس ايف جي اڳواڻ محمد سرور پنهنجن دوستن سان صلاح کانپوء ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ايوب مرزا جي مقابلي ۾ پنهنجو نمائندو عبدالرئوف آندو ۽ ان جي لاء ڀرپور مهم هلائي ان کي ڪامياب ڪرايو. پر ٻئي هنڌ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته جڏهين محمد سرور ۽ ٻين پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته پارٽي ۾ شاگردن جي معاملن جي انچارج ايرڪ رحيم پاران کين ڊي ايس ايف جي اڳواڻي ڇڏڻ لاء چيو ويو ۽ انهن ان حڪم جي پوئواري ڪئي. اهڙي ريت ڊي ايس ايف ۽ پارٽي جي تعلق ۾ هڪ ابهام آهي.
پاڪستان جي آمريڪا سان مختلف ٺاهن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور ڪميونسٽن لاء زمين تنگ ٿي ويئي هئي. پارٽي تي پابندي سان گڏوگڏ ان سان ڪنهن به ريت لاڳاپيل تنظيمن جهڙوڪ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ڊي ايس ايف وغيره لاء به ڪم ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. ان صورت ۾ متبادل هم خيال اڳ ئي موجود يا نين قائم ٿيل تنظيمن جهڙوڪ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ادبي انجمن ۽ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۾ ڪم ڪرڻ جي گنجائش هئي. اين ايس ايف جو شاگردن جي مسئلن جي حوالي سان موقف ڊي ايس ايف جي موقف جي ويجھو هو پر نظرياتي طور انهن جو طبقاتي جدوجهد وغيره جي حوالي سان ساڻن اختلاف هو ۽ اهي ٻه قومي ۽ پاڪستان جي نظرئي جي حوالي سان سرڪاري پاليسي جي وڌيڪ ويجھو هئا. پر ڊي ايس ايف جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ ان ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ان جي نظرياتي بيهڪ ۾ پڻ تبديلي اچي ويئي ۽ اڳتي هلي خاص طور سٺ جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان سان لاڳاپيل گھڻن اڳواڻن قومي سطح تي پنهنجي لاء نالو پيدا ڪيو.
ان وقت پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچي جون خاص حالتون هيون جن ڊي ايس ايف جي ٺهڻ، اڀرڻ ۽ ان جي اڳواڻن جي سامهون اچڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ لحاظ کان پنهنجو ڪم پورو ڪري اها تنظيم تاريخ جو حصو بڻجي ويئي ۽ ان جي جاء نين تنظيمن ورتي. جيتوڻيڪ پوء ڪميونسٽ پارٽي ان نالي سان پنهنجو شاگردن جو کليل پليٽ فارم قائم ڪيو پر جيئن ته وقت ۽ حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون ان ڪري اها تنظيم ڄڻ پارٽي جي سياست جي ئي هڪ توسيع هئي ۽ شاگردن جي مسئلن جي حوالي سان ان جو ڪو اهم ڪردار نه رهيو.
ملڪ جي تعليمي نظام ۽ تعليمي ادارن سان گڏوگڏ سياسي ۽ نظرياتي حوالي سان وڏيون تبديليون اچي چڪيون آهن. تعليم ۾ نجي شعبي جو ڪردار وڌي ويو آهي. پئسي کانسواء سٺي تعليم جو حصول ناممڪن آهي. ساڳي ريت شاگردن جي تنظيم به ماضي جي اصولن ۽ طريقه ڪار موجب ممڪن ناهي. ان حوالي سان نئين سر سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال زيرنظر ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ شروعات جو ڪم ڏيئي سگھي ٿو.

ڏتڙيل ماڻهن جي مزاحمت، سياست ۽ تشدد

ڏتڙيل ماڻهن جي مزاحمت، سياست ۽ تشدد

دنيا جي مختلف علائقن ۾ وقت بوقت اهڙا ماڻهو سامهون اچن ٿا جيڪي نه رڳو دنيا جي ختم ٿيڻ جي ڳالهہ ڪن ٿا پر باقاعدي ان لاء مقرر وقت پڻ ٻڌائين ٿا. ان جي باوجود ته اهي ڳالهيون هر ڀيري غلط ثابت ٿي چڪيون آهن پر اهو سلسلو پوء به گھڻي عرصي کان هلندو اچي.
ان ڏند ڪٿا جي حوالي سان لاطيني آمريڪا جي ملڪ پيرو جي نوبل ايوارڊ يافتا ناول نگار ماريو ورگاس لوئس The War of the End of the World جي عنوان سان هڪ ڊگھو ناول لکيو آهي. اهو ناول اوڻهويهين صدي جي آخر جي برازيل جي هڪ پرڳڻي باهيا جي حوالي سان آهي. اتي ڪينيڊوس جي جاگير ۾ ڄڻ هڪ جنت قائم ڪئي وڃي ٿي جتي ڏٽڙيل ماڻهو جن ۾ ڌاڙيل، ويشيائون، معذور، فقير، ڪي ننڍا دوڪاندار، ڏوهاري، پادري، راهب ۽ ٻيا سماج جا ڌڪاريل ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. اهو جديد تاريخ جو هڪ حقيقي پاسو آهي. ان وقت برازيل ۾ هڪ تبديلي ته اها آئي هئي ته بادشاه غلامي کي ختم ڪري ڇڏيو هو پر ڪجھ عرصي کانپوء بادشاهت به ختم ٿي ويئي ۽ ملڪ هڪ جمهوريه بڻجي ويو.
ڪائونسلر جي لقب سان هڪ شخص شروع ۾ پنهنجن ڪجھ پوئلڳن سان علائقي جي مختلف وستين ۾ وڃي ٿو جتي اهي ماڻهن کان خوراڪ ۽ ڪپڙا خيرات ۾ وٺن ٿا. انهن وستين ۾ اهي گرجائن ۽ قبرستانن وغيره جي مرمت ڪن ٿا.ِ ڪائونسلر اتان جي ماڻهن کي نصيحت ڪري ٿو ۽ کين ٻڌائي ٿو ته قيامت ويجھي آهي ان ڪري پنهنجا اعمال درست ڪيو ۽ صحيح دڳ تي اچو ته جيئن اوهان جو ڇوٽڪارو ٿي سگھي. هر ڳوٺ ۽ وستي ۾ ساڻس ڪجھ ماڻهو شامل ٿين ٿا ۽ اهو تعداد وڌنڌو وڃي ٿو.
هڪ ڀيري انهن جوڪينيڊوس نالي هڪ ويران ڳوٺ، جيڪو علائقي جي نواب ۽ باهيا پرڳڻي جي هڪ اهم سياستدان جي جاگير جو حصو هجي ٿو، مان گذر ٿئي ٿو. ڪائونسلر پنهنجن پوئلڳن کي چئي ٿو ته پاڻ هتي رهنداسين. هتي اڳ ئي ٻن ڀائرن جو دوڪان هجي ٿو جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏڪر جي ڪري هت اچي رهيا هئا. اهي به ان لڏي جو حصو ٿي وڃن ٿا.
هتي اوسي پاسي جا ستايل ۽ ڏکويل ماڻهو ايندا وڃن ٿا جن کي پنهننجي گھر ٺاهڻ لاء زمين ڏني وڃي ٿي. ماڻهو پوک ڪرڻ ۽ ٻين مختلف ڪمن ۾ مصروف هجن ٿا.ِ ڪاوئسلر کين روز شام جو نصيحت ڪري ٿو ۽ پاڻ پنهنجن ڪجھ پوئلڳن سان وڏن برجن وارو هڪ چرچ ٺاهڻ ۾ مصروف هجي ٿو. منجھن ڪا تفريق نه ٿي هجي. جيتوڻيڪ اهي ڪنهن ملڪ يا پرڳڻي جي ڪنهن سياسي جماعت ۽ شخصيت سان لاڳاپيل نه ٿا هجن پر اهي ماضي جي ڪنهن بادشاه ۽ ان جي نظام کي پنهنجي لاء آدرش سمجھن ٿا. هو سمجھن ٿا ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا جمهوريه آهي اهو هڪ ڪافرن جو نظام آهي. ڪائوسلر پنهنجن پوئلڳن کي ملڪي ڪرنسي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ٿو ۽ انهن جو گھڻو وهنوار شين جي ڏي وٺ يا بارٽر سسٽم تي هلي ٿو. هو مردم شماري جا فارم ڀرڻ کان به انهن کي منع ڪري ٿو جنهن وسيلي اها حڪومت ڪيٿولڪن جي تعداد جو صحيح اندازو ڪري انهن کي ختم ڪندي.
ان سان بهايا پرڳڻي ۽ ملڪ ۾ هڪ سياسي اڻ تڻ ۽ مختلف جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن ۾ سياسي اختلاف جنم وٺن ٿا. مرڪز ۾ جمهوريت پسندن ۽ بهايا پرڳڻي ۾ بادشاهت جي حامين جي حڪومت هجي ٿي. جمهوريت پسندن جو اهو چوڻ هجي ٿو ته ڪينيڊوس جي باغين کي بادشاهت جي حامين ۽ برطانيا، جنهن جو مفاد برازيل مان سستي اگھ ۾ کنڊ وٺڻ هجي ٿو ۽ جنهن کي جمهوريت پسندن جي حڪومت اچڻ ڪري نقصان پهتو هو، جي حمايت حاصل آهي ۽ اهي انهن کي هٿيار ۽ ٻي مدد فراهم ڪن ٿا. ان سياسي جنگاڻ ۾ بهايا جو مخالف ڌر جو جمهوريت پسند اڳوڻ باقاعدي هڪ رٿا جوڙي ٿو. ڪجھ عرصو اڳ هڪ اسڪاٽ گيل گليلو پنهنجي بحري جهاز جي ٻڏي وڃڻ جي ڪري بهايا اچي پهتو هو. سندس اسپين ۽ فرانس وغيره ۾ انقلابي سرگرمين ۽ ان سلسلي ۾ جيل وغيره جي سختين سهڻ جو هڪ پسمنظر هجي ٿو. کيس جڏهين ڪينيڊوس جي خبر پئي ٿي ته سندس اندر جو انقلابي جاڳي پئي ٿو. هو ان جي حمايت ۾ مظاهري لاء ان جمهوريت پسند اڳواڻ جي اخبار ۾ اشتهار ڏيڻ چاهي ٿو پر هو ان کي ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو. گيل گليلو کي سندس انهن سرگرمين ۽ غيرقانوني طور برازيل ۾ رهڻ جي ڏوه ۾ حڪومت ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي. ان موقعي تي پنهنجي رٿا تي عمل ڪندي اهو جمهوريت پسند اڳواڻ گليلو کي پان وٽ گھرائي ٿو ۽ سندس انقلابي جذبن جو فائدو وٺندي کيس ڪجھ هٿيار کڻي ڪينيڊوس وڃڻ لاء چيو وڃي ٿو. هو ان لاء راضي ٿئي ٿو. پر جڏهين هو هٿيارن واري گاڏي سان پنهنجي گائيڊ جي گھر پهچي ٿو ته اتي مٿس حملو ٿئي ٿو ۽ هٿيار ڦرجي وڃن ٿا. حملو ڪندڙ ان جمهوريت پسند اڳواڻ جا ئي ماڻهو هجن ٿا. مقصد اهو هجي ٿو ته ماڻهن کي اهو ڏيکارجي ته ڪينيڊوس کي هٿيار، جن تي برطانيا جو ٺپو لڳل هجي ٿو، انگريز ئي فراهم ڪري رهيا آهن ۽ اهي اتي انهن جي تربيت پڻ ڪري رهيا آهن.
گليلو ان حملي ۾ ته بچي وڃي ٿو پر ان دوران هو پنهنجي گائيڊ جي زال جو ريپ ڪري ٿو. هو ان عورت سان گڏ ئي هڪ سرڪس جي همراهن سان گڏ ڪينيڊوس لاء روانا ٿين ٿا جڏهين ته گائيڊ به سندن ڳولها ۾ رهي ٿو. گائيڊ انهن کي ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو پر اهي ٻيئي هڪ ٻئي سان وڙهندي مارجي وڃن ٿا ۽ گليلو ڪينيڊوس نه ٿو پهچي سگھي.
ان بغاوت کي ختم ڪرڻ لاء پهرين بهايا پرڳڻي جي فوج کي موڪليو وڃي ٿو. اها فوج باغين هٿان شڪست کائي نهايت خراب حالت ۾ واپس اچي ٿي ۽ اها پروپيگنڊا تيز ٿي وڃي ٿي ته بهايا جا بادشاهت پسند حڪمران باغين کي ختم ڪرڻ نه ٿا چاهين. ان ڪارڻ مرڪزي حڪومت پاران ڪرنل موريرا سيزر جي اڳواڻي ۾ ان مقصد لاء هڪ مضبوط فوج موڪلي وڃي ٿي. ڪرنل اڳ به اهڙين ڪجھ بغاوتن کي سختي سان ڪچلي چڪو هو. ٻي ڳالهہ ته سندس جمهوريت ۾ پختو يقين هجي ٿو ۽ ان ڳاله جي کيس پڪ هجي ٿي ته جمهوريت جو تحفظ رڳو فوج ئي ڪري سگھي ٿي ۽ سياستدان اهو سڀڪجھ نه ٿا ڪري سگھن. هو گلو ڪٽيندڙ جي نالي سان مشهور هجي ٿو. ان دوران ڪينيڊوس جي باغين جي حڪمت عملي ۽ ڪارواين ۾ پڻ پختگي اچي وڃي ٿي ۽ اهي سڄي واٽ فوج تي حملا ڪندا ۽ ان کي نقصان پهچائيندا رهن ٿا ۽ ائين نه ٿو لڳي ته ڪرنل لاء اهو ڪو اڳ جيان سولو مشن هوندو. واٽ تي ڪرنل تي بيماري جو هڪ موتمار حملو ٿئي ٿو ۽ نه چاهيندي به کيس اتي نواب جي بنگلي ۾ رهڻو پئي ٿو. فوج جي پهچڻ کان اڳ باغي نواب جي بنگلي ۽ ان سان لڳ شهر کي باه ڏيئي ڇڏين ٿا ته جيئن فوج کي اتان ڪا مدد نه ملي سگھي. ڪينيڊوس جي ويجھو باغين جي هڪ حملي ۾ ڪرنل موريرا سيزر مارجي وڃي ٿو ۽ باقي فوج کي نهايت خراب حالت ۾ واپسي جو سفر اختيار ڪرڻو پئي ٿو.
نواب جي زال جو پنهنجي گھر ۽ ڳوٺ کي باه لڳڻ جي صدمي جي ڪري ذهني توازن خراب ٿي ٿو وڃي ۽ نواب پاڻ به پريشان رهڻ لڳي ٿو. نيٺ هو سياست تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي مخالف سياستدان کي ان شرط تي صوبي جي گورنري ڏيڻ قبولي ٿو ته هو سندس ڪاروبار ۽ ملڪيت تي هٿ نه وجھندو.
ان دوران ڪينيڊوس ۽ ڪائونسلر سڄي ملڪ ۾ بحث جو موضوع بڻجي وڃن ٿا ۽ مختلف جماعتن ۾ سياسي اختلاف ۽ ڇڪتاڻ وڌي وڃي ٿي. حڪومت پاران پهرين کان به مضبوط ترين فوج کي پوري ساز ۽ سامان سان ڪينيڊوس کي فتح ڪرڻ لاء اماڻيو وڃي ٿو. ان فوج کي به شروع ۾ سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ ان کي وڌيڪ ڪمڪ گھرائڻي پئي ٿي. ڪينيڊوس جي گھرگھر ۽ گھٽي گھٽي ۾ ويڙه ٿئي ٿي. ڪائونسلر فطري موت مري ٿو جڏهين ته ڪينيڊوس کي مڪمل طور تباه ڪيو وڃي ٿو. لاشن کي ڳترا ڳترا ڪيو وڃي ٿو. اتي گھرن جي ڳڻپ موجب ٽيه هزار جي آبادي جو اندازو هو جڏهين ته فوج پاران رڳو پنج هزار آبادي ٻڌائي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻين لاشن جي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ ۽ ٻري وڃڻ ڪري ڳڻپ ڏکي هئي. پوء جيڪي ماڻهو اتي ويا انهن جو چوڻ هو ته اتي ڳجھن جو راچ ۽ ايتري بدبو هئي جو اتي وڌيڪ دير بيهڻ ڏکيو هو.
هتان رڳو ست ماڻهو جيئرا سلامت نڪري سگھيا هئا. انهن ۾ هڪ گھٽ نظر وارو صحافي جيڪو ڪرنل موريو سيزر سان گڏ ويو هو ۽ پنهنجي عينڪ ۽ نطر جي ڪري هميشه مسئلن ۾ رهندو هو ۽ نيٺ عنيڪ جي ٽٽڻ جي ڪري پوري ريت معاملن کي ڏسي نه سگھيو هو. ان کنسواء گائيڊ جي زال جريما، سرڪس ۾ ڪم ڪندڙ بونو ۽ دوڪاندار ڀائر ۽ سندن زالون شامل هجن ٿيون.جريما ان صحافي سان گڏ رهي ٿي ۽ سمجھي ٿي ته کيس حقيقي خوشي هاني ملي هئي. موٽڻ کانپوء اهو صحافي نواب کي ڪينيڊوس جي سڄي صورتحال کان واقف ڪري ٿو جنهن جي لاء اهو سڀڪجھ بڌڻ تڪليف ڏيندڙ هجي ٿو پر هو اهو ٻڌڻ به چاهي ٿو.
جيئن سنڌ ۾ جو کيڙي سو کائي جي شاه عنايت واري تحريڪ ۽ ان جي مزاحمت رهي آهي اهڙي ريت دنيا جي مختلف علائقن ۾ غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن جا احتجاج ۽ مزاحمت رهي آهي. ظاهر آهي ته ان وقت سيڪيولر نعرن ۽ پروگرام جي بنياد تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ناممڪن هو. ان ڪري ان جو حوالو مذهبي ئي رهيو آهي جنهن کي روايتي مذهبي اڳواڻ پنهنجي لاء خطرو سمجھندي رد ڪندا هئا.بهرحال اها هڪ وڏي مزاحمت هئي جنهن کي نهايت سختي ۽ بيدردي سان ڪچليو ويو.

اسين لوچيون لوه ۾: جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا

اسين لوچيون لوه ۾: جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا

سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن جي سنڌي اديبن لاء ادب ۽ سياست ٻه ڌار شيون نه هيون. منجھائن ڪي ته باقاعدي سياسي جماعتن جا رڪن ۽ عملي سياست جو حصو هئا جڏهين ته ڪي ان عمل جو حصو نه هونڌي به ادبي طور تي ۽ لکڻين جي حوالي سان ان سان لاڳاپيل هئا. ان وقت سنڌ جي سياست ۾ اڃا ان سوال جنم نه ورتو هو ته وفاقي سطح جي سياست ڪجي يا پاڻ کي رڳو سنڌ جي سطح تائين محدود رکجي. جي ايم سيد پاڻ اوڻويهہ سو ستر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته اوڀر بنگال اڃا پاڪستان جو حصو هو ۽ اڪثريتي صوبو هئڻ جي باوجود مرڪزجي ڏاڍاين ۽ امتياز جو شڪار هو ۽ ان خلاف جدوجهد ۾ ننڍن صوبن سان گڏ هو ۽ اهڙي ريت ڄڻ سندن لاء هڪ ڀرجھلو پڻ هو. جي ايم سيد سميت سنڌ جا اٽڪل سڀ سياستدان ۽ اديب هڪ يا ٻي ملڪي سطح جي سياسي جماعت خاص طور تي عوامي ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي وغيره سان لاڳاپيل هئا. انهن جماعتن انهن مسئلن جهڙوڪ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ، صوبائي خود مختياري، هارين ۽ مزدورن جي مسئلن ۽ ٻولين کي سندن جائز مقام ڏيارڻ وغيره کي اهميت ڏني ٿي. ائين چئي سگھجي ٿو ته اهي مسئلا اهڙو ڪچو مال هو جنهن جي بنياد تي مستقبل جي سنڌ جي سياست جي تشڪيل ٿيڻي هئي.
ان وقت جي سنڌي اديب ۽ ادب ۾ اسان کي گھڻا لاڙا گڏوگڏ ملن ٿا. هڪ پاسي انسان دوستي، سماجي انصاف ۽ عالمي ڀائيچاري لاء جدوجهد جو ڏس ملي ٿو ته وري ساڳي وقت نسل پرستي ۽ ٻين ماڻهن سان نفرت جي حد تائين قوم پرستي جا جذبا پڻ حاوي ملن ٿا. انهن جي وقت بوقت هڪٻئي تي فوقيت جو تعين حالتن ۾ تبديلي سان ٿيندو رهيو جنهن جو اظهار ادب ۽ ٻين لکڻين ۾ پڻ ٿيندو رهيو. پر پاڪستان ۽ سنڌ جي مخصوص حالتن جي ڪري قوم پرستي هڪ حاوي محرڪ جو ڪردار ادا ڪيو. ايستائين ته گھڻن اديبن مهاجرن لاء مڪڙ ۽ اهڙين ٻين تحقير آميز اصطلاحن کي ڄڻ مروج ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ منجھن اهو مونجھارو به موجود هو جيڪوفيض سميت پاڪستان جي اڪثر ترقي پسند اديبن ۾ به موجود هو ته هڪ اديب جي ڪمٽمنٽ ڇا هئڻ گھرجي ۽ ادبي حوالي سان هڪ فوجي آمر ڏانهن ڪهڙو رويو اختيار ڪجي. اٽڪل سڀيئي سنڌي اديب جيڪي قومي جدوجهد جو حصو هئا اهي ساڳي وقت ايوب خان جي آشيرواد سان ٺاهيل رائترزگلڊ جا رڪن ۽ عهديدار پڻ هئا ۽ ان جي ڏنل انعامن کي اعزاز ڪري سمجھندا هئا ۽ اڃا تائين به ائين ئي سمجھن ٿا. اهو سڀڪجھ ايوب ۽ سندس ساٿين جي انهن پاليسين جي باوجود هو جن ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪڻ ۽ نقصان پهچائڻ لاء مختلف قدم کنيا ويا هئا.
اسين لوچيون لوه ۾ رشيد ڀٽي جي ستر جي ڏهاڪي جي شروعات، جڏهين اوڀر بنگال ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي هئي، ۾ جيل ۾ گذاريل اٺن نون مهينن جي ڊائري آهي. ان دور جي اديبن ۾ رشيد ڀٽي هڪ اهم نالو آهي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي پر هو ساڳي وقت سياست، ادب ۽ ٽريڊ يونين جي عملي ميدان ۾ پڻ سرگرم رهيو.هو نيشنل عوامي پارٽي ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين سرگرم رهڻ کانپوء عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو عهديداررهيو. ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري رهڻ کانپوء هڪ ڊگھي عرصي تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. رشيد ڀٽي بنيادي طور هڪ قوم پرست ۽ سنڌ دوست شخص هو. ايستائين ته جيل ۾ اياز کيس هڪ موقعي تي چئي ٿو ته گھڻا سندس انهن جذبن جي ڪري کيس پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪري ويندا آهن. ااهڙي ريت سندس انهن آدرشن عملي سياست جي لاهن چاڙهن ۽ سياستدانن جي مصلحتن سان ميل نه ٿي کاڌو. سندس نعپ ڇڏي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪارڻ به نعپ جي اڳواڻن ۽ سندن مهاجر صلاحڪارن جو سنڌ جي قومي مسئلي ڏانهن نامناسب رويو ۽ پارٽي جي سنڌي ڪارڪنن متعلق کين بدگمان ڪرڻ هو. هوساڳي وقت سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن مان به مطمئن نه هو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي هن ڊائري ۾ خاص طور تي ٻن اهم شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جڏهين جي ايم سيد ائنٽي ون يونٽ محاذ ۾ راشدي، کهڙي ۽ اڪبر قاضي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هو ڪجھ دوستن سان گڏجي ساڻس ان سلسلي ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جي گھر ڪرڻ لاء سن ويو هو ۽ کيس واضح طور چيو هو ته جنهن مڙد آهن (کهڙو) کي اوهان پاڻ سان کنيو آهي ان سان سنڌ کي نقصان ئي پهتو آهي ۽ آئيندي به پهچندو. سندس چوڻ آهي ته سيد جي ان پاليسي ڪري ئي سنڌ ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو جيئي سنڌ جي نعري تي حاوي ٿي ويو. ساڳي ريت جيل ۾ اياز سان ڳالهہ ٻولهہ ۾ ٻيئي ان نتيجي تي پهچن ٿا ته رسول بخش پليجوجيتوڻيڪ هڪ ذهين شخص آهي پر هن هميشه پنهنجن ذاتي مفادن ۽ جنسي جذبن کي قومي مفادن ۽ مقصدن تي ترجيح ڏني آهي ۽ ان لاء هو پنهنجن دوستن، شاگردن ۽ اديبن ۾ اختلاف پيدا ڪندو۽ انهن کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪندو رهندو آهي. ڀٽي ساڳي وقت مٿس سرڪار لاء ڪم ڪرڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت جا الزام پڻ مڙهي ٿو. ايستائين ته هو چئي ٿو ته زرينه، جنهن جو آواز سڄي سنڌ جو ورثو هو، کي به هن رڳو اتي ڳائڻ جي اجازت ڏني ٿي جتي سندس پنهنجا سياسي مفاد هئا يا جن سان هو سياسي لحاظ کان متفق هوندو هو.
اها اوڻويهہ سوايڪهتر جي دور جي جيل ڊائري آهي، جڏهين پاڪستان هڪ بحراني دور مان گذري رهيو هو ۽ اوڀر بنگال ۾ اڪثريتي جماعت عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بجائي بنگالين خلاف فوجي ڪاروائي هلي رهي هئي. صحافي بابر اياز، جيڪو ان وقت سکر ۾ رهندو هو، پنهنجي ڪتاب واٽ از رانگ ود پاڪستان ۾ لکيو آهي ته ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جا ڪجھ دوست شيخ اياز وٽ وياسين ته هو ان سلسلي ۾ ٿيندڙهڪ جلسي جي صدارت ڪري پر هن اسان کي اهو چئي ڄڻ تڙي ٻاهر ڪڍيو ته اهو وقت اهڙين سرگرمين جو نه هو. پر ان جي باوجود به سي آئي ڊي ۽ ڪامورا شاهي جي عناد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل رپورٽن جي ڪري اياز کي جلد ئي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. رشيد ڀٽي جي گرفتاري جو ڪارڻ به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاء جدوجهد کان وڌيڪ سندس عوامي ليگ سان تعلق ۽ مهاجر ڪاموراشاهي جو عناد هو. کيس هڪ پمفليٽ تيار ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيل هو ته فوج کان اقتدار کسي وٺو. ساڳي وقت کيس سزا ڏيندڙ ميجربه کيس اهو ئي چئي ٿو ته کڻي مڃجي ته تو تي سڀ ڏوه ڪوڙا ۽ ذاتي دشمني ۾ مڙهيا ويا آهن پر هو عوامي ليگ جو عهديدار ڇو آهي.
عورت ڏانهن رويو ڪنهن به سماج ۽ ان جي ماڻهن جي ذهني ارتقاء جي سطح جي نشاندهي ڪندو آهي. سنڌي سماج ۾ جتي جاگيردارانا قدر حاوي هجن ۽ عورت کي ڳئون، ٻڪري کان به گھٽ سمجھيو ويندو هجي اتي پڙهيل لکيل ۽ خاص طور سياست، ادب ۽ ٻين سماج سڌارڪ ڪمن سان لاڳاپيل ماڻهن تي، جيڪي هونهن آزادي ۽ سچي سماج کي بدلائڻ جي ڳاله ڪن ٿا، اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي عورت متعلق روئي کي تنقيدي لحاظ کان پڻ پنهنجي ان سڄي جدوجهد جو حصو بڻائين. رشيد ڀٽي جي لحاظ کان اها ڳاله خاص طور تي ان ڪري به اهم آهي ته سندس سڄي حياتي ادبي ۽ سياسي ترقي پسند ڪاز کي اڳتي وڌائڻ ۾ گذري آهي ۽ سندس شمار هر لحاظ کان سنڌ جي پهرين صف جي اديبن،ِ ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. هن ڊائري ۾ هن مختلف عورتن سان مختلف وقتن تي پنهنجي تعلق جو ذڪر ڪيو آهي. پر اهو تعلق هڪ ترقي پسند سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ کان وڌيڪ گھڻي حد تائين سندس لاشعور ۾ ويٺل جاگيردارانه قدرن جو اظهار آهي جنهن ۾ عورت رڳو استعمال جي شي آهي ۽ ان کي استعمال ڪري، پنهنجي تسڪين حاصل ڪري ڦٽو ڪري ڇڏڻ آهي. ان جو جواز به هو پنهنجي آدرش جي حصول لاء ڊگھي جدوجهد کي قرارڏئي ٿو جنهن ۾ ساهي پٽڻ لاء مختلف موقعن تي مختلف عورتون بجائي جدوجهد ۾ سندس برابر جون ساٿي هئڻ جي سندس لاء جنسي لحاظ کان آسيس ۽ ڇانوري جو ڪم ڏين ٿيون. هو ان سلسلي ۾ تفصيل سان پنهنجن مختلف عورتن سان جنسي تجربن کي بيان ڪري ٿو. ان مان پڙهندڙ کي اهو تاثر به ملي ٿو ته ليکڪ ڪٿي ان جاگيردارانا سوچ جو شڪارته نه آهي جنهن ۾ مڙد جي عورت تي جنسي برتري کي سندس سوڀ ڪري ليکيو ويندو آهي ۽ جنهن ۾ سنڌي وچولي طبقي جو هڪ وڏو تعداد ورتل آهي. اهو ڪنهن به لحاظ کان ڪو پيار۽ ذهني هم آهنگي جو ناتو ناهي ۽ هو پاڻ به مختلف جاين تي ان جو اظهار ڪري ٿو ته سندس پيار جو ناتو رڳو سندس زال سڪينا سان آهي جڏهين ته هڪ اڌ لاء هو ائين هلندي هلندي همدردي جو اظهار ڪري ٿو.
ان وقت جيتوڻيڪ اوڀر بنگال ۾ هڪ وڏو ڀونچال هو پر ملڪ جو اولهندو حصو گھڻي ڀاڱي چپ هو ۽ سوائي ڪجھ آوازن جي هڪ لحاظ کان ڄڻ فوجي حڪمرانن سان گڏ هو. سياسي قيدين لاء ٻاهر هلندڙ جدوجهد جي وڏي اهميت هونڌي آهي جيڪا کين اتساه ڏيندي آهي ۽ قيد جي سختين کي سهڻ لاء منجھن هڪ حوصلو پيدا ڪندي آهي. پراولهہ پاڪستان ۾ سياسي قيدين جي آزادي لاء اخباري بيانن وغيره کانسواء ڪا گھڻي چرپر نه هئي. سنڌ ۾ عوامي سطح تي ڪجھ شاگردن، اديبن، استادن ۽ سياستدانن جي گرفتاري کانسواء مڪمل خاموشي هئي. رشيد ڀٽي ۽ اياز کي سندن ادبي ۽ سياسي دوستن مان ان سلسلي ۾ گھڻيون توقعات هيون جن جي ڪاڻ سندن چواڻي ته انهن سختيون سٺيون هيون ۽ جيل ڀوڳي رهيا هئا. پرکين ان سلسلي ۾ گھڻي مايوسي کي منهن ڏيڻو ٿو پئي جڏهين کين اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهي جن سياسي ڪارڪنن ۽ سياسي جماعتن سان له وچڙه ۾ هئا انهن مان به گھڻا سندن سار نه ٿا لهن. ان جي باوجود ته ان سلسلي ۾ سنڌي ۽ مهاجر دوستن ٻنهي کان کين ساڳي طرح جي شڪايت آهي پر ڀٽي مهاجر ڪامريڊن جي حوالي سان ته نهايت سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي سندن خلاف تعصب قرار ڏئي ٿو پر جڏهين اهو ساڳيو سوال سندس پنهنجن سنڌي دوستن متعلق اٿي ٿو ته ان کي رڳو سندن شخصي ڪوتاهين قرار ڏيڻ تي اڪتفا ڪري ٿو. اهو ان جي باوجود آهي ته ڊاڪٽر اعزاز نذير جيل ۾ ساڻس گھڻا ڀيرا ملڻ لاء اچي ٿو ۽ سندس آزادي لاء ڪوششون پڻ ڪري ٿو ۽ هو پاڻ ان تي سندس ساراه به ڪري ٿو. جيستائين حسن حميدي جو تعلق آهي ته ان جو رويو گھٽ ۾ گھٽ فتاح ملڪ جيترو خراب نه هو.
جيل ۾ موجود اياز ۽ رشيد ڀٽي لاء صورتحال ان ڪري به مايوس ڪندڙ هئي ته سندن گھڻا سياسي ۽ ادبي دوست ان وقت اوڀر بنگال ۾ ٿيندڙ فوجي ڪاروائي جي ڪري هتي جيڪا ڏهڪاء واري صورتحال پيدا ڪئي ويئي هئي ان جي ڪري پري ٿي ويا هئا ۽ ٿورن سندن خبر چار ٿي ورتي. جيتوڻيڪ تنوير عباسي ساڻن ساٿ نڀايو ٿي ۽ وقت بوقت سندن خبرچار وٺندو ٿي رهيو پر رشيد ڀٽي کي خاص طور تي شڪايت فتاح ملڪ کان رهي ٿي جيڪو ساڻس جيل کان ٻاهر ساڻس ويجھو هونڌي گھڻي عرصي تائين ساڻس ملڻ ته ٺهيو سندس گھر جي سارسنڀال به نه ٿو لهي ۽ ايستائين ته سندس رهيل فين جا جيڪي پئسا کيس ملن ٿا اهي به بجائي ڀٽي جي گھر پهچائڻ جي پاڻ هڙپ ڪيو ٿو وڃي. اهو سوال اياز ۽ ڀٽي ٻنهي جي ذهن ۾ اچي ٿو ۽ هو مختلف موقعن تي پنهنجي ذهن ۾ موجود مونجھاري جي حوالي سان اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا سندن جيل اچڻ ۽ قرباني ڏيڻ درست عمل هو. هو اهو اظهاربه ڪن ٿا ته سندن سياسي ۽ ادبي دوستن کان وڌيڪ ته سندن ذاتي دوستن ۽ گھر وارن سندن سار لڌي آهي جڏهين ته ٻاهر رهندي انهن مٿن پنهنجن سياسي ۽ ادبي دوستن کي فوقيت ڏني هئي. هو ڄڻ اهو پڪو ارادو ڪن ٿا ته جيل مان نڪرڻ کانپوء کين پنهنجا دوست بدلائڻا پوندا.
جيل جي زندگي جو ڀٽي پاران جيڪو احوال ڏنو ويو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اها ڪا گھڻي سخت نه هئي. نه ته کانئن ڪا گھڻي پڇا ڳاڇا يا ٽارچر ڪيو ويو جيئن عام طورتي اهڙن ملڪن ۾ سياسي قيدين سان ٿيندو آهي ۽ جيڪي ساڻن گڏ بي ڪلاس ۾ رهندڙ ڪشميري سياسي ڪارڪن لون عرف لالي سان ٿيو هو. قيد هونڌي مٿن مختلف ڪيفيتون ۽ موڊ ته طاري ٿين ٿا ۽ هو ڪڏهين مايوسي ۽ ڪڏهين اميد جي حالت ۾ هجن ٿا پر مختلف موقعن تي اهو اظهار ڪن ٿا ته کين لکڻ پڙهڻ جو جيترو وقت ۽ موقعو هتي مليو آهي اهو شايد ٻاهر نه ملي سگھي ها.
رشيد ڀٽي کي جيئن ته جيل ۾ ڪجھ عرصي کانپوء بي ڪلاس ملي ٿي ۽ هو هڪ چڱو وقت اسپتال ۾ گذاري ٿو ان ڪري سندس واسطو عام قيدين سان گھڻو پئي ٿو. ٻي ڳاله ته منجھس اها خوبي آهي ته هو هيٺئين ۽ عام طبقي جي ماڻهو سان رلي ملي ۽ ساڻس حال احوال ڪري سگھي ٿو۽ منجھس ان سلسلي ۾ وچولي طبقي واري اها هٻڪ ناهي جيڪا اسان کي اياز ۾ ملي ٿي. هو جيل ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪمن ۽ قيدين لاء مختلف اصطلاحون سکي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي ڊائري ۾ ڪتب آڻي ٿو. ايستائين ته کيس ڦاهي گھاٽ جي قيدين سان ملي کانئن حال احوال وٺڻ ۾ به ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي. ان سان گڏوگڏ هو قانوني لحاظ کان به درخواستن وعيره تيار ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندو رهي ٿو. ان ڪري ئي جڏهين جيل ۾ قيدين ۾ جھيڙو ٿئي ٿو ۽ اياز کي اهو ڊپ ٿئي ٿو ته متان سندن بيرڪن تي حملو نه ٿئي ته هو کيس تسلي ڏئي ٿو ته جيئن ته گھڻا قيدي کيس سڃاڻن ٿا ۽ سندس عزت به ڪن ٿا ان ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. مون کي ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو ٿو نظر اچي ته ڀٽي هڪ اديب هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ادبي ۽ مزدور ڪارڪن به هو جنهن سندس انهن روين کي ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڪري اها ڊائري رڳو هڪ اديب جي ذهني اڏام ۽ ذاتي ڪٿا ناهي. ان ڊائري ۾ جيڪي شيون اهم جاء والارين ٿيون انهن ۾ هڪ ته ان وقت اوڀر بنگال ۾ هلندڙ جدوجهد تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن ۽ اخبارن جا تبصرا آهن ۽ ٻيو مختلف قيدين جي زندگي جا احوال ۽ انهن سان ٿيندڙ ڪچهريون آهن. اها ڊائري هڪ لحاظ کان جيل ڪٿا سان گڏ ڀٽي جي آتم ڪٿا ۽ پريم ڪٿا پڻ آهي. جنهن شي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي اها اها ته جيڪڏهين سندس ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۽ مختلف شخصيتن سان سندس ناتن جا ڪي تفصيل به ان ۾ اچي وڃن ها ته ان جي تاريخي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿئي ها.
مختلف ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي ۾ ايڊيٽنگ جي وڏي اهميت آهي جنهن سان ڪتاب ۾ گھڻين شين کي واضح ڪرڻ۽ سڌارڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان ڪري پبلشنگ جي ادارن ۾ ان لاء هڪ ڌار شعبو هونڌو آهي. اهو اصول ننڍي توڙي وڏي هر ليکڪ تي لاڳو آهي جيڪي بجائي ارها ٿيڻ جي ان ايڊيٽنگ کي ساراهيندا آهن ۽ ان ڪم ڪرڻ واري جا ٿورائتا هونڌا آهن. ان جيل ڊائري لاء جيتوڻيڪ جيل ۾ هونڌي اياز ۽ ڀٽي اهو طئي ڪيو هو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوء ڀٽي ان تي نظر ثاني ڪندو ۽ اياز ان تي مقدمو لکندو. پر هاڻي ٻائيتاليه ٽيتاليه سالن کانپوء ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوء خبر پئي ٿي ته ٻيئي همراه شايد ٻين خفن ۾ پئجي ويا ۽ اهو ڪم نه ٿي سگھيو. ڊائري جيئن ته جيل جي نامساعد حالتن، جن ۾ آخري ڏينهن ۾ ملڪ ۾ جنگي حالتن جي ڪري اڃا ڏکيائيون وڌي ويون هيون، لکي ويئي آهي ان ڪري ان ۾ غلطين جو هئڻ ڪا وڏي ڳاله ناهي ۽ ليکڪ کي ان لاء ڏوه به نه ٿو ڏيئي سگھجي . گھڻين جاين تي جملن جي جوڙ جڪ ۽ جملن ۽ ڳاله جو اڌ ۾ رهجي وڃڻ ۽ حقيقتن ۾ غلطيون ملن ٿيون. يقينن ليکڪ جيڪڏهين ان تي نظرثاني ڪري ها ته ان کي درست ڪري ها. پر جيئن ته هو ائين نه ڪري سگھيو ان ڪري اها ذميواري پبلشر تي عائد ٿئي ٿي ته هو اهو ڪم ڪري ها. لکجڻ جي اٽڪل اڌ صدي کانپوء به ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاء تي هڪ تاريخي دستاويز جي طور باقي آهي. جيڪڏهين ان جي فني ۽ ٽيڪنيڪل پاسن تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته ان جي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿي وڃي ها.

روشن چھرا

روشن چھرا

”بلوچ روشن چهري“ رمضان بلوچ جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻه ڪتاب لياري ڪي ان ڪهي ڪهاني ۽ لياري ڪي اڌوري ڪهاني شائع ٿي چڪا آهن. نوڪري مان ڪجھ سال اڳ رٽائر ٿيڻ کانپوء رمضان سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ سرگرم زندگي گذاري رهيو آهي. منهنجي ساڻس واقفيت آزاد بلوچ جي حوالي سان اٽڪل ٽيهہ پنجٽيهہ سالن کان آهي ۽ فيس بڪ ان کي اڃا وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان لياري جو پراڻو رهاڪو ۽ اتان جي ماڻهن، مختلف علائقن، سياست ۽ سماجي سرگرمين جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ آهي.
پاڪستان ٺهڻ اڳ ۽ ان کان گھڻو عرصو پوء به لياري ۽ ملير جا بلوچ سنڌي ميڊيم ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ سنڌي ۾ ئي لکپڙه ڪندا هئا. اهو لاڙو پوء مختلف سياسي ڪارڻن جي ڪري تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ گھڻا سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ بند ٿي ويا. رمضان ٻڌائيندو آهي ته سندس وڏو ڀاء سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندو هو پر سندس پي رمضان کي الائي ڇو اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ ٻائيتاليهہ کان وڌيڪ اهم بلوچ شخصيتن جو ذڪر آهي. هڪ ته ان ۾ گھڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن جن سان رمضان جو واسطو رهيو آهي ۽ ٻيو ته ان ۾ لياري جي ماڻهن ۽ رمضان جي دوستن جو هڪ حاوي تعداد آهي. ان ۾ سياستدان، اديب، سماجي ڪارڪن ۽ اڪبر جلال جهڙا فلمن ۽ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو شامل آهن.
لياري جو بلوچ سياست، ادب ۽ سياست جي واڌ ويجھ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. بلوچ ادب ۽ سياست جي اهم نالن جهڙوڪ واجه عبدلله جان جمالديني، آزاد جمالديني، ظهور هاشمي، صبا دشتياري، غوث بخش بزنجو، عطاءالله مينگل ۽ خيربخش مري وغيره جو واسطو مختلف طريقن سان لياري سان رهيو آهي. بي ايس او سميت گھڻيون بلوچ تنظيمون هتي ئي وڌيون ويجھيون. هتان جي بلوچ نوجوانن جهڙوڪ لالا لعل بخش رند، آزاد بلوچ، صديق بلوچ ، عثمان بلوچ، يوسف نسڪندي، ن م دانش ۽ اڪبر بارڪزئي هتان جي ادب، سياست ۽ ماڻهن کي سياسي شعور ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاڪيواڙي جو نور محمد ٽي شاپ، لالا لعل بخش رند جي گھر جي سامهون خالي پلاٽ، جيڪو سندس ئي ملڪيت هو ۽ پوء لينن گراڊ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ ٻيون مختلف جايون نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ملڪ ۽ دنيا جي مخلتف حصن مان ايندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين جون مستقل جايون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهوبه هو ته 1960 جي ڏهاڪي کان بلوچ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي تعليم ۽ روزگار وغيره جي سلسلي ۾ ڪراچي اچڻ شروع ٿيو. اهم بلوچ رهنما غوث بخش بزنجو 1935 ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ هتان ئي بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان هن پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ساڳي وقت بزنجو هتان ئي محمود هارون جي خالي ڪيل قومي اسمبلي جي نشست تي سندس ئي حمايت سان اسمبلي جو رڪن ٿيو هو جنهن تي بلوچ سياسي ڪارڪنن پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ ليکڪ ان کي بلوچ سياست ۾ بگاڙ جو اهم ڪارڻ قرار ڏئي ٿو. ساڳي ريت عطاءالله مينگل پڻ 1962 ۾ بلوچ حقن جي حوالي سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل هڪ جلسي ۾ متعارف ٿيو هو.
هي ڪتاب بلوچ سياست، ادب ۽ ثقافت ۽ خاص طور لياري سان ان جي تعلق جي حوالي سان اهم آهي.

عبدالرحمان پيرزادو

عبدالرحمان پيرزادو

عبدالرحمان پيرزادو سان جيتوڻيڪ منهنجي ذاتي ملاقات ۽ واقفيت ناهي، پر فيس بڪ وسيلي هڪٻئي سان لهہ وچڙه ۾ هوندا آهيون. سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي شاگرد ونگ سان رهيو آهي، پر هن وقت هو پبلڪ هيلٿ جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. ساڳي وقت هو هڪ شاعر به آهي ۽ هڪ سڄاڻ شخص جي طور هو تاريخ ۽ سماجيات وغيره جي مختلف پاسن تي پڻ خيال آرائي ڪندو رهندو آهي. هو سماج ۽ زندگي جي مختلف پاسن تي هڪ تنقيدي ۽ ترقي پسند نڪته نطر رکي ٿو ۽ ان کي ٻين گھڻن کان مختلف نموني سان ڏسي ٿو. ساڳي وقت سندس لکڻين جو مقصد مختلف معاملن متعلق ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ پڻ هونڌو آهي. هن پنهنجن بلاگ کي مختلف ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. ان سلسلي جو سندس نائون ڪتاب زندگي سان واقفيت جي نالي سان آهي. هن ڪتاب ۾ هن گھڻن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. انهن ۾ ڪي اهڙيون شيون آهن جيڪي غلط العام آهن ۽ ان انهن کي صحيح تناطر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي پڙهندڙ سمجھي ته کيس انهن جي اڳ ئي ڄاڻ آهي. انهن بلاگن جو هڪ پاسو اهو آهي ته ان ۾ پورهئي ۽ پورهيت کي عزت ڏيڻ جي ڳالهہ ڪئي ويئي آهي. اسان جي سماج ۾ پورهئي کي هيٺئين درجي جي ڪرت ڪري ليکيو ويندو آهي جيڪو وچولي ۽ مٿئين طبقي جي شان وٽان ناهي هونڌو. سندس چوڻ موجب ٻار جي زندگي سان واقفيت لاء ضروري آهي ته هو عام ڪمن جهڙوڪ ڪاٺيون وغيره ڪرڻ ۾ شامل هجي. کيس پنهنجي استاد ۽ مائٽن وغيره کان اها ئي شڪايت هونڌي هئي ته کيس ڪاٺيون ڪرڻ نٿيون ڏنيون وڃن.
ماڻهو جي ذات سندس پيشي جي حوالي سان سڃاتي ويندي هئي. اڳتي هلي تعليم ۽ پيشن بدلائڻ جي ڪري ماڻهو جو ڪم اهو ساڳيو نه رهيو پر سندس ذات رهجي ويئي. تاريخ جي حوالي سان ليکڪ ڪجھ پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. سندس چوڻ آهي ته جيڪي خانه بدوش ۽ لاڏائو قبيلا آهن اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي هن ڌرتي جا وارث هئا ۽ پوء ڪاه ڪندڙن ۽ فاتحن جي اچڻ ِکانپوء کين پنهنجي ڌرتي ڇڏي دربدر ٿيثو پيو. اهو خيال دلچسپ آهي پر ساڳي وقت اهو وڌيڪ بحث ۽ حوالن جي گھر ڪري ٿو. ساڳي ريت سندس راجه ڏاهر متعلق اهو چوڻ ته سندس پي ڪشمير مان آيو هو ۽ هن سنڌ ۾ رائي گھراڻي جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو يا ٽالپرحڪمرانن متعلق اهو چوڻ ته انهن ٻاهران اچي اقتدار تي قبضو ڪيو هو تاريخي لحاظ کان ته بلڪل درست آهي پر ان ڳاله کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته جيڪڏهين اسان اهو معيار مقرر ڪنداسين ته پوء دنيا ۽ خاص طور هندوستان ۾ مسلمانن ۽ خاص طور مغلن، جيڪي مڪمل طور هندوستان جي ڪلچر ۾ رنڱجي ويا هئا، جي راڄ کي ناجائز قرار ڏيڻو پوندو. هڪ لحاظ کان هن وقت مودي سرڪار به تاريخ کي ٻيهر لکرائي اهو ئي ڪم ڪري رهي آهي. ڏٺو وڃي ته اهڙي سوچ اڳتي هلي فاشزم کي تقويت ڏئي ٿي.
اها ته پنهنجي ليکي حقيقيت آهي ته ميرن جي انگريزن سان جنگ جنگ نه هئي پر اهو انگريزن لاء هڪ واڪ اوور هو جنهن ۾ انگريزآيا ۽ انهن نالي ماتر مزاحمت کانپوء سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. ڪراچي ته اڳ ئي انگريزن جي قبضي ۾ هئي جنهن جي ميرن کي ڪا پرواه نه هئي. باقي ليکڪ جي اها ڳاله ته ميرن اڳ ئي افغانين ۽ ايرانين جي ڏن کان بچڻ لاء انگريزن کي سنڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو جي لا۽ حوالن جي ضرورت آهي.
ليکڪ هڪ عام فهم انداز ۾ مختلف شين جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا پنهنجو رايو ڏنو آهي. مثال طور هن ڪنڀارڪي پيشي جي مختلف شين متعلق ٻڌايو آهي. اها ڄاڻ ڏيڻ ان ڪري به ضروري آهي ته اهي شيون ۽ پيشا موجوده دور۾ متروڪ ٿيندا پيا وڃن. انهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضوورت آهي. اها هڪ اهم ڳالهہ آهي ته ليکڪ زرعي دوائن ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي استعمال جي زمين ۽ انسان تي پوندڙ هاڃيڪاراثرن کي واضح ڪيو آهي ۽ انهن کي بارودي سرنگھن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ موتمار ڪري پيش ڪيو آهي.
ڀٽائي سنڌي ماڻهن جو گڏيل ورثو آهي. ليکڪ جي ڀٽائي ۾ دلچسپي هڪ وڻندڙ شي آهي. هن ڀٽائي جي ويڊيو پيشڪش ۽ ڀٽائي جي مجسمي جي نوعيت تي پنهنجا رايا ڏنا آهن. ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعري جي مختلف پاسن تي اڃا تائين ڪو حتمي رايو قائم نه ٿي سگھيو آهي. هرڪنهن پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. ان شي کي هڪ منظم شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پنهنجي ان وڏي شاعر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ کي صحيح نموني خراج پيش ڪري سگھون.
اهي بلاگ سوچڻ لاء گھڻو مواد مهيا ڪن ٿا ۽ ڪي نڪتا اهڙا جن تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي معيشت

سنڌ جي معيشت

سماج جي مختلف شعبن جي ترقي لاء انهن جي رٿابندي ڪرڻ هڪ ضروري عمل آهي. ان حوالي سان معيشت جي هڪ خاص اهميت آهي. ان جي لاء اهو ضروري هوندو آهي ته ان متعلق ضروري معلومات ۽ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن. ساڳي وقت اها ڳالهہ به ضروري هوندي آهي ته ملڪ ۾ اهڙا ماهر هجن جيڪي انهن سڀني انگن اکرن ۽ معلومات جو تجزيو ڪن ۽ اهو طئي ڪن ته معيشت جا ڪهڙا پاسا ڪمزور آهن ۽ ڪهڙا مضبوط ۽ ڪهڙن پاسن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي. مجموعي طور تي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ پاڪستان جي حوالي سان ته مختلف دستاويز ۽ اسٽڊيز سامهون اينديون رهيون آهن پر صوبائي سطح تي ان سلسلي ۾ گھٽ ڪم ٿيو آهي. ان حوالي سان 1981 ۾ سنڌالاجي پاران Economy of Modern Sindh جي نالي سان هڪ ڪتاب ڇاپيو ويو هو. هن وقت ملڪ جي ٽن اهم معيشت دانن، جن جو هڪ حوالي سان سنڌ جي معيشت سان به واسطو رهيو آهي، ڊاڪٽر عشرت حسين، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ نديم حسين اهو سوچيو ته ان پراڻي ڪتاب کي اپڊيٽ ڪيو وڃي. پر جڏهين انهن ان تي ڪم شروع ڪيو ته اهو پنهنجي ليکي هڪ اهڙو جامع دستاويز تيار ٿي ويو جنهن ۾ سنڌ جي معيشت جي مختلف طاقتور ۽ ڪمزور پاسن کي سامهون آندو ويو آهي. ان جي خاص ڳاله اها آهي ته انهن ٽن مک ماڻهن کانسواء مختلف شعبن جي ماهر ن جهڙوڪ شهري معاملن ۽ رٿابندي جي ماهر عارف حسن، پاڻي جي معاملن ۽ آبپاشي جي ماهر ادريس راجپوت ۽ اڳوڻي فيڊرل سيڪريٽري فضل الله قريشي جي مدد پڻ ورتي ويئي آهي.ِ انکانسواء بزنس ۽ معاشيات جي ٻين گھڻن شاگردن ۽ محققن کي به ان ڪم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گھڻين لائبريرين مان مواد گڏ ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت The Economy of Modern Sindh-Opportunities lost and Lessons for the Future جي نالي سان ڪتاب آندو ويو آهي.
سنڌ وفاق جو هڪ شاهوڪار ترين صوبو آهي جنهن جو قومي پيداوار ۾ حصو ٽيهہ سيڪڙو آهي جڏهين ته ان جي آبادي ملڪ جي ڪل آبادي جو ٽيويه سيڪڙو آهي. پنجاب جنهن جي آبادي ملڪ جي ڪل آبادي جو ٽيونجاه سيڪڙو آهي قومي پيداوار ۾ ان جو حصو چوونجاه سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهہ جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته صوبي جي آبادي جو اٺيتاليه سيڪڙو ٻهراڙي ۾ رهي ٿو جنهن مان اوڻيتاليهہ سيڪڙو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل پيشن سان وابستا آهي جڏهين ته چوٽيه سيڪڙو غير رسمي شعبي سان. انهن علائقن ۾ صنعتون نه هئڻ برابر آهن.ِ صوبي جي آبادي جو ٻاونجاه سيڪڙو شهرن ۾ رهي ٿو جيڪو گھڻي ڀاڱي صنعتن ۽ خدمتن جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. عالمي بينڪ جي اڻ ڇپيل رپورٽ Sindh Growth Strategy 2015 جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته آزادي جي وقت سنڌ جي في ڪس آمدني باقي ملڪ کان پنجونجاه سيڪڙو وڌيڪ ليکي ٿي ويئي، نوي جي ڏهاڪي ۾ اها ڇٽيهہ سيڪڙو وڌيڪ هئي ۽ 2014-15 ۾ اهو فرق اڃا گھٽجي سترنهن سيڪڙو ٿي ويو. رپورٽ موجب اها وڌيڪ في ڪس آمدني ڳوٺاڻن علائقن، جيڪي ڪل آبادي جو اٽڪل اڌ آهن جي گھٽ في ڪس آمدني کي لڪائي ڇڏي ٿي. سنڌ جي في ڪس آمدني گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ منجمد رهي آهي ۽ ملڪي في ڪس آمدني جي 2.5 سيڪڙو واڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گھٽ وڌي آهي. 2011-15 جي عرصي ۾ في ڪس آمدني ۾ سراسري طور 1.2 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي جڏهين ته ان ساڳي عرصي ۾ پنجاب جي آمدني ۾ 2.6 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواه جي آمدني ۾ 3.3 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. ٻي ڳاله ته ان عرصي ۾ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ واڌ منفي رهي آهي جڏهين ته شهري سنڌ ۾ اها مثبت رهي آهي.
رپورٽ ۾ ان ڳالهہ کي نوٽ ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ خراب معاشي حالتن جو وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو آهي، جڏهين ته سٺين معاشي حالتن جو سنڌ کي گھٽ فائدو ئي مليو آهي جنهن جي ڪري ان جو قومي پيداوار ۾ حصو گھٽبو رهيو آهي. 2000 جي ڏهاڪي ۾ سوائي قدرتي وسيلن کاڻين وغيره جي ٻئي هر شعبي ۾ سنڌ جي حصي ۾ گھٽتائي ٿي آهي. 1998-2014 جي عرصي ۾ سنڌ جي صوبائي قومي پيداوار ۾ نوي سيڪڙو جو واڌارو ٿيو جڏهين ته ساڳي عرصي ۾ ملڪي قومي پيداوار ۾ 170 سيڪڙو جو واڌارو ٿيو هو. ان پٺتي رهڻ جو ڪارڻ صوبي جي ٻن اهم آبادي جي حصن ۾ تفرقو ۽ اختلاف هئا.
سنڌ ۾ ٻاهران ماڻهن جي اچڻ جي ڪري آبادي ۾ واڌ جي رفتار ملڪ جي مجموعي آبادي ۾ واڌ جي رفتار کان وڌيڪ آهي. ساڳي وقت صوبي ۾ غربت جي سطح به باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. سنڌ تاريخي لحاظ کان شديد اڻ برابري ۽ عدم مساوات وارو صوبو رهيو آهي. هڪ پاسي اعلا ترين في ڪس آمدني ۽ سماجي سهولتن جي لحاظ کان باقي ملڪ کان اڳتي ڪراچي جو شهر آهي ته ٻئي پاسي صوبي جا اهڙا شهر آهن جيڪي انهن سهولتن جي لحاظ کان ايترو پوئتي پيل آهن جو گھڻن عالمي ادارن پاران انهن کي آفريڪا جي پٺتي پيل علائقن سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
رپورٽ ۾ ان پاسي جو به جائزو ورتو ويو آهي ته گذريل ستن سالن ۾ وفاق جي فنڊن ۾ سنڌ کي ٽيڻ تي رقم ملي آهي. سنڌ حڪومت پاران ان جو گهڻو حصو ترقياتي ڪمن لاء مختص ڪيو ويو آهي. 2005-2015 جي عرصي ۾ تعليم ۽ صحت تي ڪيل خرچ ۾ حقيقي قيمتن جي حوالي سان چاليه سيڪڙو جو واڌارو ٿيو آهي. پر ان جو گھڻو فائدو نه ٿيو آهي ۽ اهو ڏٺو ويو آهي ته مک عوامي خدمتن ۾ سڌارو ته پري جي ڳاله ان ۾ صويو اڃا پوئتي ويو آهي. اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌ سماجي خدمتن جي حوالي سان اڳتي نه وڌيو آهي يا ان لحاظ کان ترقي نه ڪئي آهي جيئن ٻين صوبن ڪئي آهي. سنڌ جيڪو تعليم جي لحاظ کان 1990 جي ڏهاڪي جي آخر تائين پاڪستان جي ٻين علائقن کان اڳتي هو اهو ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندو وڃي.
رپورٽ ۾ ان جي نشاندهي ڪندي چيو ويو آهي ته گھڻن جائزن، رائي عامه ۽ ميڊيا رپورٽن موجب وڏي پئماني تي بدعنواني، سرڪاري رقم جو ضياع ۽ بيجا استعمال ۽ انهن خدمتن جي ڏيڻ وارن جي لاتعلقي ۽ بيحسي ان سڄي صورتحال جا اهم ڪارڻ آهن. ان کانسواء خانگي مافيائون کليل طور پاڻي جي فراهمي، پلاٽن ۽ امتحانن ۾ نقل ڪرائڻ جي حوالي سان سرگرم آهن جڏهين ته خانگي سيڪيوريٽي ڪمپنيون، خانگي تعليمي ۽ صحت جا ادارا سڄي صوبي ۾ ڦهلجي ويا آهن. اهي غير سرڪاري ادارا جيڪي نفعي خاطر ڪم ڪن ٿا سنڌ ۾ سماجي تفاوت جو بنيادي ڪارڻ آهن.
رپورٽ ۾ بجا طور ان ڳالهہ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته جڏهين به صوبي جي آبادي جي ٻن وڏن گروهن، سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن، گڏجي هم آهنگي ۽ امن واري ماحول ۾ ڪم ڪيو آهي ته صوبي ۾ خوشحالي آئي آهي ۽ ان ترقي ڪئي آهي ۽ جڏهين انهن ۾ تفرقو ۽ نفاق رهيو آهي تهِ صوبي کي نقصان پهتو آهي. جيئن بداعتمادي ۽ سماجي ۽ نسلي اختلاف وڌيا آهن ۽ انهن صوبي جي معاشي فيصلن تي اثر وڌو آهي تيئن صوبو پوئتي پوندو ويو آهي. نتيجي ۾ سنڌ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ معاشي ۽ سماجي لحاظ کان خراب ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
رپورٽ ۾ ان ڳالهہ جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته ارڙنهين ترميم هيٺ صوبن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن ان حوالي سان صوبي ۽ وفاق ۾ مختلف معاملن جهڙوڪ قدرتي وسيلن تي محصول، صوبن جي پرڏيهي قرض حاصل ڪرڻ جو اختيار ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن وغيره جي حوالي سان اختلاف موجود آهن. انهن اختلافن جي حل ٿيڻ ۽ صوبائي خودمختياري جي مستحڪم ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو. ساڳي وقت صوبن ۽ خاص طور سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پاران منظور ڪيل قانونن جي ڪري مقامي حڪومتن واري نظام کي نقصان پهتو آهي ۽ اهو ڪمزور ٿيو آهي.
رپورٽ پنهنجي مواد، انگن اکرن ۽ تجزئي جي حوالي سان هڪ ڊگھي عرصي لاء سنڌ جي معاشي ۽ سماجي رٿابندي لاء رهنمائي ڪري سگھي ٿي ۽ هڪ سونهين جي ڪم ڏيئي سگھي ٿي.

سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر

سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر

سندھ کي تاريخ کيا ہے؟ اهو ڊاڪٽر مبارڪ علي جو سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هڪ مختصر تجزياتي ڪتاب آهي. هن ۾ ڪجھ سندس پنهنجا مضمون آهن ۽ ڪجھ ترجما آهن. انهن ترجمن ۾ اليگذينڊر هملٽن جا سنڌ جا مشاهدا، ڪلارڊ مارڪووٽس جو علائقائي تعلق سان سنڌ جي معيشت ۽ معاشرو ۽ محمد ادريس صديقي جي ڪتاب وادي سنڌ ڪي تهذيب مان کنيل مضمون وادي سنڌ ڪي تهذيب آهن.
سنڌ جي تاريخ متعلق ٽي نڪته نظر آهن. انهن مان هڪ مذهبي، ٻيو قوم پرستي تي ٻڌل ۽ ٽيون سيڪيولر. سنڌ جي تاريخ تي ورهاڱي کان اڳ به ڪم ٿيندو رهيو آهي. هتي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي هئي جيڪا پنهنجو هڪ جنرل به شائع ڪندي هئي. ان سوسائٽي ۾ گھڻي ڀاڱي هندو ۽ انگريز هئا ۽ اها سيڪيولر بنيادن تي ڪم ڪندي هئي. انهن جو موقف اهو هو ته سنڌ جي تاريخ سنڌ ۾ مسلمانن جي اچڻ سان شروع ناهي ٿي پر اها ان کان گھڻي پراڻي آهي.
چچ نامو، تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري وغيره حڪمرانن جي نڪته نظر سان لکيون ويون آهن. انهن ۾ عوام جي مسئلن، انهن جي جدوجهد ۽ ڏکن ڏولاون وغيره جو ڪو ذڪر ناهي. هڪ لحاظ کان اهي تاريخون ماڻهو کي گمراه ڪندڙ آهن. چچ نامي کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ڪري ليکيو وڃي ٿو. پر ان ۾ به حقيقتن کان وڌيڪ ڏند ڪٿائون ۽ قصا ڪهاڻيون آهن. اهو عربن جي نڪته نظر کان لکيل آهي. ان ڪري هاڻي ان کي چچنامي جي بجائي فتح نامي جو نالو ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان ۾ چچ جو ڪو ذڪر ئي نه اچي.
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي حوالي سان ليکڪ ان رائي جو آهي ته سنڌ تي عربن جون ڪاهون حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي وقت کان جاري هيون پر انهن ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي هئي. حجاج جي هڪ ظالم گورنر جي طور جيڪا شهرت آهي ان ڪري سندس لاء ڪجھ عورتن جي مدد لاء دانهن جي ڪا اهميت نه هئي. اصل مسئلو معاشي هو ۽ عربن جي تجارتي جهازن کي محفوظ واٽ گهربل هئي.
مذهب بدلائڻ جي معاملي ۾ سنڌ جي ماڻهن تي عرب فاتحن پاران ڪا سختي نه ڪئي ويئي ۽ نه ئي انهن کي اسلام اختيار ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ويو. هتي ماڻهن جي اسلام اختيار ڪرڻ وارو معاملو پندرنهين صدي عيسوي کان شروع ٿيو ۽ ارڙنهين صدي عيسوي ۾ پنهنجي اوج تي پهتو. هتان جي اڪثريتي آبادي اسلام اختيار ڪيو جڏهين ته ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ ائين نه ٿيو ۽ اتي هڪ ڊگھي عرصي جي مسلم حڪمراني جي باوجود آبادي جي گھڻائي هندو مذهب سان ئي لاڳاپيل رهي. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جي اڪثريت جو مذهب ٻڌ مت هو. ٻڌمت هڪ فلسفيانه مذهب آهي ۽ ان ۾ گھڻي زور زبردستي ناهي جڏهين ته هندوستان جي ٻين علائقن ۾ اڪثر آبادي هندو مت کي مڃيندڙ هئي ۽ ان ۾ برهمڻن جو ماڻهن تي عقيدي وغيره جي لحاظ کان سخت ضابطو هوندو آهي. ان جو ٻيو ڪارڻ سنڌ جو قبائلي سماج هو جنهن ۾ جيڪڏهين قبيلي جو سردار مذهب تبديل ڪندو هو ته قبيلي جا باقي ماڻهو به ائين ڪندا هئا. ان جا چچ نامي ۾ گھڻا مثال ڏنل آهن. هڪ ٻي خاص ڳاله اها آهي ته عرب مصر، عراق ۽ ٻين جن ملڪن ۾ ويا اتي ماڻهن پنهنجي ٻولي ڇڏي عربي کي اختيار ڪيو پرسنڌ انهن ڪجھ ملڪن ۾ شامل هو جن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو. ان جو هڪ ڪارڻ ته سنڌ جي ايران سان ويجھڙائي هئي جنهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي برقرار رکيو هو. سنڌ ۾ پوء جيڪي فاتح ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا مان آيا انهن جي بولي فارسي هئي. هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌ جي دربار جي ٻولي فارسي رهي پر عام ماڻهو جيئن ته دربار کان گھڻو پري هوندو هو ۽ ان جو دربار سان گھڻو واسطو نه هوندو هو ان ڪري ان تي ان جو گھڻو اثر نه پيو ۽ هن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو.
ڪتاب ۾ اليگذينڊر هملٽن جي ڪتاب A New Account of East India جي يارنهين باب جو ترجمو ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌ متعلق سندس مشاهدا ڄاڻايل آهن. اهي ارڙنهين صدي جي شروع جا لکيل آهن. هو بحري جهاز ۾ لاهري بندر تائين آيو هو. ان بندر تي ان وقت ٻه سو ٽن تائين جا جهاز اچي سگھيا ٿي. ان جي ڀر ۾ 100 کن گھرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ هو ۽ هڪ قلعو به هو جنهن تي توبون لڳل هيون ته جيئن بندرگاه ۾ ايندڙ جهازين جي مڪراني ۽ بلوچ ڌاڙيلن کان حفاظت ڪري سگھجي جيڪي هر مسافر ۽ قافلي کي ڦريندا هئا. مڪراني مغل حڪمرانن جي رعايا هئا جڏهين ته بلوچ ايران مان هتي آيا هئا. اهي انهن ڌاڙيلن سان وڙهندا ٺٽي تائين پهتا.
ٺٽو ان وقت هڪ وڏو تجارتي مرڪز ۽ آسودو شهر هو جيڪو لاهري بندر کان چاليه ميلن جي مفاصلي تي هو. شهردريا کان ٻن ميلن جي فاصلي تي هو. ان کي سنڌو مان هڪ نهر ڪڍي پاڻي ڏنو ويو هو. هتي ميون جا باغ هوندا هئا. خاص طور هتي ڏاڙهون نهايت لذيذ ٿيندو هو ۽ اهڙو ڏاڙهون ليکڪ چواڻي ته هن وري ٻئي ڪٿي نه کاڌو. سندس هتي اچڻ کان ٽي سال اڳ مينهن نه پوڻ ڪري ڏڪر پيو هو ۽ شهر ۽ ان جي ويجھڙائي وارا علائقا ويران ٿي ويا هئا. ان ڏڪر ۾ اٺ هزار کن ماڻهو مري ويا هئا. شهر جو نواب مسلمان هو جڏهين ته آبادي جي گھڻائي هندو مذهب سان واسطو رکندڙ هئي. نواب پاران کيس گھڻي عزت ۽ سهولتون ڏنيون ويون. شهر ۽ ان جي چوڌاري گھڻا پکي ۽ جانور هئا ۽ شڪار جا گھڻا موقعا هئا. سندس چوڻ آهي ته اتي هرڻن جو وڏو تعداد هو ۽ اهي ايستائين شڪاري کان پري نه ٿيندا هئا جيستائين گھوڙو سندن مٿان نه اچي بيهندو هو. هن لومڙي جيتري هڪ جانور جنهن جا ڪن سهي جيترا ڊگھا ۽ منهن ٻلي جهڙو (Shogoose) هوندو هو جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي شڪاري گھوڙي تي ان جون اکيون ٻڌي پنهنجي پويان ويهاريندا هئا. هرڻ جي ويجھو پهچڻ تي ان جون اکيون کوليون وينديون هيون ۽ اهو ڊوڙي وڃي هرڻ تي حملو ڪري پهرين ان جون اکيون ڪڍندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهو جانور ناياب هو. هو اهو به ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ سنڌو ۾ ڪشمير تائين جهاز راني ٿيندي هئي. هتي گوشت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراواني هئي.
ٻيو مضمون ڪلارڊ مارڪوٽس جي ڪتاب The Global World of Indian Merchants, 1750-1947; Traders of Sind from Bukhara to Panama آهي
سنڌ هڪ ساحلي علائقو آهي جيڪو خراسان ۽ هندوستان کي گڏڻ جو ڪم ڪري ٿو. ان جا ايران سان شروع کان ويجھا ناتا رهيا آهن ۽ ان جي ثقافت جو ان تي گھڻو اثر رهيو آهي. سنڌ جي مسقط سان واسطو رکندڙ واڻين متعلق پندرنهين صدي جي عرب ۽ پرتگيزي دستاويزن ۾ ذڪر ملي ٿو. ان ۾ چيو ويو آهي ته ٺٽو مسقط جو اهم ساٿي آهي ۽ هندو ڀاٽيا سنڌ ۽ عرب وچ ۾ واپار ڪرڻ وارا ماڻهو آهن.
ليکڪ شڪارپور۽ حيدرآباد جي تجارتي اهميت تي روشني وڌي آهي ۽ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو آهي ته ارڙنهين صدي جي ختم ٿيندي تجارتي لحاظ کا جيڪا اڳ ٺٽي جي حيثيت هئي اها لاهري بندر جي ويران ٿي وڃڻ ڪري ڪراچي کي ملي ويئي هئي. ليکڪ ٻئي هڪ اهم عنصر جو ذڪر ڪيو آهي اهو آهي سنڌ جي رستي مالوه جي آفيم جي تجارت. ان تجارت 1770 کان 1870 تائين هندوستان جي سرمائي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ هندوستاني واپارين جي آفيم جي تجارت تان ٿيل ٽڪراء جي ڪري سنڌ جي رستي چين ڏانهن آفيم جي تجارت جي واٽ کلي پيئي. ان تجارت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ 1820 کان 1830 تائين جي عرصي ۾ سنڌ جي تجارت کي متاثر ڪيو.
ليکڪ محمد ادريس صديقي جي سنڌو ماثري جي تهذيب متعلق مضمون کي پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان مضمون ۾ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو ويو آهي ته اهي سڌريل ماڻهو هئا جن وٽ شهر جي معاملن کي هلائڻ لاء بلدياتي نظام به هو. واپاري لحاظ کان انهن جا ٻاهرين دنيا سان ناتا هئا. اهي ڪپهہ ۽ ٻيون مختلف شين جي پوک ڪندا هئا. اهي گوشت جو استعمال ڪندا هئا. مختلف جانور پاليندا به هئا ۽ شڪار به ڪندا هئا.
ڊاڪٽر مبارڪ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي جلال الدين خوارزم شاه متعلق هڪ مصمون، جنهن ۾ ان کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، تي مختلف تاريخي حوالن سان تنقيد ڪندي ان ڳالهہ کي واضح ڪيو هو ته هو هيرو نه پر هڪ ڦورو هو جنهن هتي قتل عام ڪيو ۽ ڦرمار ڪئي.
سنڌي مهاجر تضاد جي حوالي سان پنهنجي لکيل مضمون ۾ سندس چوڻ آهي ته اهو تضاد ۽ ٽڪراء ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين سنڌ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن وچ ۾ معاشي ۽ سماجي تضاد ۽ ٽڪراء هوندو ۽ حڪمران طبقو ان جو فائدو وٺندو رهندو.
ان ڪتاب سان پڙهندڙ کي سنڌ جي تاريخ جي ٻين گھڻن پاسن جي مطالعي ۽ انهن کي تنقيدي نظر سان ڏسڻ جو اتساه ملي ٿو.

سنڌو سرسوتي تهذيب: ڪجھ سوال

سنڌو سرسوتي تهذيب: ڪجھ سوال

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي قديم آثارن جي تحقيق جي ڪم کي وڏو نقصان پهچايو. ان وقت تائين چاليهہ کن قديم آثاردريافت ٿي چڪا هئا ۽ انهن مان گھڻا ان خطي ۾ هئا جيڪو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هو. اهڙي ريت جن محققن جو ڀارت سان تعلق هو انهن لاء هن نئين ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو هو. انهن ۾ گھڻن ڀارت جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو کي درخواست ڪئي ته کين ڪڇ، ڀڄ، راجستان، هريانا ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جتي خاص طور سرسوتي جي پيٽ جي حوالي سان ان تهذيب جي گھڻن آثارن جي ملڻ جي توقع هئي. نهرو پاران اهڙي اجازت ڏني ويئي ۽ فنڊ وغيره به مهيا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ايستائين گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ وقت اڳ تائين ننڍي کنڊ ۾ دريافت ٿيل آثارن جو تعداد اٽڪل 3700 ٿي ويوهو.
جيڪي آثار مليا آهن انهن جو اٽڪل پنجويهہ سيڪڙو گجرات ۾ آهي جنهن مان اٽڪل ٽيٽيهہ سيڪڙو ترقي ڪيل شڪل ۾ آهن. ماهرن جو خيال آهي ته اتر راجستان ۾ ڪالي بنگن ۾ جيڪي آثار مليا آهن انهن مان خبر پيئي ٿي ته اها تهذيب موئين جو دڙو ۽ هڙپا کان به اڳ جي آهي. انهن ۾ ڪجھ ڳالهيون ته سنڌو تهذيب سان مشابهت رکن ٿيون پر ڪجھ اهڙيون به آهن جيڪي سنڌو تهذيب کان مختلف آهن. مثال طور هتي باه جي پوڄا ڪئي ويندي هئي جيڪا ڳالهہ سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ نه هئي. ساڳي ريت هتي لوٿل جي جاء تي سمنڊ جي ديوي وينووتي ماتا جي پوڄا جا آثار ملن ٿا جيڪا ڳاله سنڌو تهذيب ۾ ناهي. انهن دريافتن جي بنياد تي اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان پراڻي تهذيب جو مرڪز سنڌ نه پر بيڪانير ۽ جيسلمير هئا جتان سرسوتي وهندو ڪڇ نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ان بنياد تي ليکڪ اهو خيال پيش ڪري ٿو ته ان تهذيب کي بجائي سنڌو تهذيب جو نالو ڏيڻ جي سنڌو سرسوتي تهذيب چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ساڻس ڪجھ ڄڻا ته متفق آهن پر ان ڳاله کي اڃا عام قبوليت حاصل نه ٿي سگھي آهي.
ننڍي کنڊ ۾ آرين جي اچڻ ۽ هتان جي اصلوڪن رهاڪن سان سندن ورتاء جو معاملو هڪ وڏي بحث جو موضوع آهي ۽ هڪ لحاظ کان سرسوتي جي ڏند ڪٿا يا حقيقت جو معاملو به ان سان لاڳاپيل آهي. عام خيال ته اهو آهي ته آريا ٻاهران ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ وغيره مان آيل حملي آور ۽ ڌاريان آهن جن هتان جي اصلوڪن رهاڪن، جن کي دراوڙ چيو وڃي ٿو، تي حاوي ٿي مٿن پنهنجو مذهب، ديويون، ديوتائون، ٻولي ۽ ثقافت وغيره مڙهي. جڏهين ته ان جو مخالف اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي ٻاهران آيل نه پر هتان جا ئي مقامي ماڻهو هئا. ٽيون خيال اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي هتان جا مقامي ماڻهو هئا جيڪي ڪن حالتن جي ڪري لڏي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا ۽ پوء حالتن جي سازگار ٿيڻ تي موٽي آيا هئا. جن جن ملڪن ۾ اهي رهيا اتان جي ٻولين ۽ ثقافت وغيره تي سندن اثر اڃا به ملن ٿا. ويدن جي حوالي سان به هڪ رايو ته اهو آهي ته اهي سنڌو جي ڪناري تي ويهي لکيا ويا ۽ ان جي ساراه ڪئي ويئي جڏهين ته ٻيو رايو اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهو پوتر دريا جنهن جي ڪناري ويد لکيا ويا اهو سنڌو نه پر سرسوتي هو.
هڪ رايو آهي ته 1900 قبل مسيح ۾ هڙپا نهذيب جي زوال ۽ 1200 قبل مسيح ۾ آرين جي اچڻ ۽ هندوستاني سماج جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ۾ اٽڪل ست سو سالن جي هڪ ڪاري رات ۽ وقفو آهي. پر ليکڪ ان خيال سان متفق ناهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڪنهن ڪاري رات جو وجود ناهي. پر اهو هندوستاني تهذيب جو هڪ تسلسل آهي جيڪو هلندو آيو آهي ۽ ست سو سالن جو اهو عرصو ان جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو عمل آهي. دريا جي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري گھڻا شهر ۽ آباديون ختم ٿي ويون ۽ ماڻهن کي مجبور ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏڻو پيو. گھڻا گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا. گھڻا برهمڻ ڪشمير، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪا وغيره ڏانهن لڏي ويا. اهڙي ريت اهي ماڻهو جيڪي سرسوتي جي ڪنارن تان لڏي گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي آباد ٿيا ٻاهران حملي آور نه هئا جن اچي ڦرمار ڪئي ۽ هتان جي ماڻهن کي غلام بڻايو پر اهي هتان جا اصلوڪا ماڻهو هئا جيڪي شروع کان ئي هتي رهيل هئا.
ان جي لاء هو اهو ثبوت پيش ڪري ٿو ته ويد ان وقت لکيا ويا جڏهين سرسوتي پنهنجي عروج تي هو جڏهين ته ٻارنهين تيرنهين صدي قبل مسيح ۾ آرين جي هندوستان ۾ اچڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان وقت دريا گھڻي ڀاڱي گم ٿي چڪو هو. ان ڪري ان کي صحيح نه ٿو مڃي سگھجي.
پر تاريخدان عرفان حبيب ان نظرئي کي صحيح نه ٿو سمجھي. هو پهرين ڳالهہ ته سرسوتي جي هئڻ سان ئي اختلاف ڪري ٿو. ٻي ڳالهہ ته سندس چوڻ آهي ته ان نظرئي کي پيش ڪرڻ جو مقصد هڪ لحاظ کان دراوڙن کي پنهنجي تاريخي ڪردار ۽ ورثي کان محروم ڪرڻ آهي.
هن وقت الميو اهو آهي ته ڀارت ۾ تاريخ اهڙو موضوع ۽ سائنس نه رهي آهي جنهن کي معروضي ۽ اڻ ڌريو ٿي پرکي سگھجي. خاص طور بي جي پي جي حڪومت اچڻ کانپوء تاريخ به ڄڻ هڪ سياسي هٿيار ٿي پيو آهي. هڪ لحاظ کان نسل پرستي ۽ مٿڀرائپ جو جيڪو تصور آهي ان کي صحيح ثابت ڪرڻ آهي ۽ صدين کان جن ماڻهن حڪمراني ڪئي آهي انهن جي لاء اهو جواز پيش ڪرڻ آهي ته اهي ڪي ڌاريان ۽ ٻاهران آيل ماڻهو نه پر هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو آهن.
اها به ڳالهہ آهي ته محققن ۽ عالمن جو پنهنجي ليکي هڪ موقف ۽ نظريو هوندو آهي ۽ اهي ڪوشش ڪندا آهن ته ان کي درست ثابت ڪن ۽ ساڳي وقت ان تحقيق لاء سرڪاري سرپرستي ۽ فنڊنگ وغيره به ضروري شيون آهن. ان ڪري اهي هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جيڪي گھڻي ڀاڱي سرڪار پاران کين ڌنا ويندا آهن. بهرحال ان موضوع تي بحث جي ختم ٿيڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ في الحال ممڪن نه ٿو لڳي.

سنڌي سڃاڻپ ۽ سنڌي ٻولي

سنڌي سڃاڻپ ۽ سنڌي ٻولي

ساز اگروال جو ايڊٽ ڪيل هي ڪتاب Sindhi Tapestry- An Anthology of Reflections on Sindhi Identity سنڌ، ڀارت ۽ دنيا جي ٻين مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سٺ کن سنڌين ۽ ڪجھ غير سنڌين جي پنهنجي سنڌي هئڻ جي سڃاڻپ ۽ انهن جي مختلف طور طريقن، مذهبي رسمن ۽ ثقافت متعلق مضمونن ۽ تاثرن تي مشتمل آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ هندن جي مختلف پوتر جاين جهڙوڪ هنگلاج، ساڌ ٻيلي، جهولي لال ۽ ٻين مختلف جاين وغيره جو پڻ ذڪر آهي. سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ صوفي ازم جي حوالي سان مذهبي هڪجهڙائي کي پڻ ڪتاب ۾ جاء ڏني ويئي آهي.
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ان پئماني تي فرقيوارانا جهيڙا نه ٿيا هئا جيئن خاص طور پنجاب ۽ بنگال ۾ ٿيا هئا پر خاص طور منزل گاه واري واقعي سنڌي هندن ۾ هڪ غير يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ماڻهن ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو هو. قمبر جو پير محمد ميتلو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چئي ٿو ته منزل گاه جي واقعي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙن جي ڪري قمبر جي ويجھو اتان جي ڳوٺ جي هندن ۾ ڊپ ۽ هڪ غيريقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي چڪي هئي. انهن جي مکي جي چوڻ تي انهن گھر وغيره ۽ ايستائين ته ٺڪاڻو به ٻه سو روپين ۾ وڪڻي قمبر شهر ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت هڪ اندروني لڏپلاڻ شروع ٿي جيڪا ورهاڱي کانپوء سنڌ ڇڏڻ تي منتج ٿي.
ورهاڱي کانپوء پهرين نسل هڪ صدمي واري ڪيفيت ۾ هوندي هئي ۽ ان وارتا جو ورجائڻ ان لاء هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو هو. اها ڳالهہ رڳو سنڌين سان نه پر خاص طور ننڍي کنڊ جي جن به ماڻهن کي لڏپلاڻ جي ان عذاب مان گذرڻو پيو انهن تي لاڳو ٿئي ٿي. ٻي ڳاله ته انهن ماڻهن کي نئين ماحول ۽ نون ملڪن ۾ پنهنجي لاء هڪ جاء به ٺاهڻي هئي. ان سڀ جي ڪري گھڻن جو پنهنجن خاندانن جي تاريخ، فوٽو گراف ۽ ٻيو ريڪارڊ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ضائع يا نظراندازٿي ويو. گھڻا نئين ملڪ ۾ پاڻ کي سنڀالڻ ۾ ايترو مصروف ٿي ويا جو کين اهو سڀڪجھ سنڀالڻ جو وقت ئي نه مليو ۽ اهو ائين ئي ضائع ٿي ويو. ٻي ڳاله ته نئين ملڪ جي حڪومت گھڻن اهڙين نشانين کي ميساري ڇڏيو جنهن مان تاريخ جي خبر پيئي ٿي. مختلف جاين تان مجسمن کي هٽايو ۽ ٽوڙيو ويو ۽ گھڻين جاين جا نالا تبديل ڪيا ويا. سکر بئراج هڪ تمام وڏي رٿا ۽ سنڌ جي لاء ڄڻ هڪ ڪرشمو هو. ان رٿا تي هزارين ماڻهن ڪم ڪيو. ليکڪا ان وقت جي سکر بئراج جي چيف انجنيئر ايم پي مٿراني جي سکر بئراج متعلق تصويرن جي البم جو حوالو ڏنو آهي اهي تصويرون گھڻن سالن تائين گمنام رهڻ کانپوء مٿراني جي پوٽي هڪ فرينچ محقق کي 2017 ۾ ڏنيون هيون. ليکڪا جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته کيس يقين نه ٿو اچي جڏهين الاهي ڪيترا ماڻهو ان دعوا سان سندس آڏو آيا ته انهن جي وڏن سکر بئراج جي اڏاوت ۾ ڪم ڪيو هو.
انفرادي ڪوششن سان سنڌين جي اجتماعي ڀلائي لاء پڻ ڪوششون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ڪڇ جي راجا پاران سنڌين کي آباد ڪرڻ لاء پندرنهن هزار ايڪڙ زمين ڏني ويئي. ڀارت سرڪار جي رجواڙن ۽ نوابن جي رياستن کي ختم ڪرڻ جي ڪري سنڌي وڏين ڪوششن سان ان جي رڳو ڪجھ حصي کي برقرار رکي سگھيا. هتي هڪ حصي ۾ گاندهي دهم جي نالي سان تجارتي مرڪز آهي جڏهين ته ٻيو حصو اديپور رهائشي مقصدن لاء آهي.
ڀارت جي هندن کان پنهنجن کاڌي پيتي جي طور طريقن، مذهبي رسمن ۽ واپار ڪرڻ جي طريقن وغيره ۾ مختلف هئڻ ڪري مقامي ماڻهن پاران کين حقارت سان ڏٺو ويندو آهي. ان ڪارڻ گھڻن سنڌين نه رڳو سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏني پر گھڻن پاڻ کي سنڌي چورائڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. پر هاڻي لڏي ويل سنڌين جي اها ٽين نسل آهي جنهن سرگرمي سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بنيادن جي ڳولها شروع ڪئي آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ملڪ جي ٻين ماڻهن جيان کانئن به اهي سوال ڪيا وڃن ٿا ته اوهان ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو ۽ ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا وغيره ڪير هئا. انهن مان گھڻا اهڙا آهن جن رڳو سنڌ جو نالو ٻڌو آهي. گھڻن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ جيڪڏهين ڳالهائڻ اچي به ٿي ته لکڻ پڙهڻ نه ٿي اچي. عربي ۽ ديوناگري لپي جو فرق هڪ ڌار مسئلو آهي. پر پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها ۾ انهن آرٽ، ميوزڪ ۽ فلم وغيره جي ذريعن کان ڪم ورتو آهي. جيئن سندوستان نالي فلم ٺاهيندڙ هڪ سنڌي فلم ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سندس ان فلم سڄي دنيا جي سنڌين کي هڪ نئون اتساه ڏنو آهي ۽ اڳ جيڪي پنهنجي سنڌي هئڻ ۾ شرم محسوس ڪندا هئا اهي هاڻي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪن ٿا. ساڳي ريت راج لال چنداني گھڻين ڏکيائين ۽ حوصلي شڪني وارين ڳالهين جي باوجود جنوري 2004 ۾ Sindhian جي نالي هڪ ميگزين جاري ڪيو. ان مئگزين جو مقصد سڄي دنيا جي سنڌين کي ڳنڍڻ ۽ دنيا کي سنڌين جي ثقافت ۽ طور طريقن متعلق آگاهي ڏيڻ آهي. هن وقت اهو هڪ ڪامياب ميگزين آهي. پبلشر جو چوڻ آهي ته ان جي پهچ دنيا جي پنجهتر ملڪن جي ساڍا چار سو شهرن ۾ پنج لک ماڻهن تائين آهي. اٽڪل ويه سالن جي عرصي ۾ ان ۾ پندرنهن سو وڏن ڏيهي ۽ پرڏيهي ماڻهن جا فيچر ۽ اٽڪل 14000 فوٽو گراف ڏنا ويا آهن.
ساڳي ريت جيڪي ماڻهو لڏي اچن ٿا اهي رڳو پنهنجي ڌرتي نه پر مذهب، ٻولي ۽ گھڻو ڪجھ ڇڏي اچن ٿا. سنڌي هندو هونئن ئي گھڻو متحرڪ رهيو آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ به هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پهتل هو جڏهين ته ورهاڱي کانپوء جڏهين سندس پنهنجو ڪو وطن نه رهيو ته اهو عمل اڃا تيز ٿي ويو. ان ڪتاب مان اهو تاٿر ملي ٿو ۽ اها خبر پئي ٿي ته دنيا جي اها ڪهڙي ڪنڊ ۽ ڪهڙو ملڪ آهي جتي سنڌي نه پهتو هجي ۽ ڪهڙي ٻولي آهي جيڪا هو نه ڳالهائيندو هجي. ايستائين ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن چلي ۽ وينزويلا وغيره ۾ به اهي پهچي ويا هئا اهڙي ريت اهي دنيا جي هر ڪرنسي کان واقف ۽ ان ۾ ڏيتي ليتي ڪري ڄاڻندا آهن. سندن هڪ خاصيت اها آهي ته اهي جتي ويندا آهن اتان جي ماڻهن تي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن ۽ مقامي ماڻهن سان ٽڪراء ۾ نه ايندا آهن. پر انهن جي ٻولي ۽ طور طريقا اختيار ڪندا آهن. گھڻا اتان جي ماڻهن ۾ ئي شاديون ڪندا آهن ۽ ايستائين ته اتان جي مذهب اختيار ڪرڻ ۾ به کين ڪا هٻڪ نه ٿيندي آهي. لڏي ويل گھڻا اهڙا خاندان هئا جيڪي پاڻ ۾ ته سنڌي ۾ ڳالهائيندا هئا پر خاص طور پنهنجن ٻارن سان هندي يا اتان جي مقامي ٻولي ۾ ڳالهائيندا هئا. ان ڪري به اهي ٻار پنهنجي ٻولي کان واقف نه ٿي سگھيا. گجرات وغيره ۾ سنڌين کي ان ڪري به ناپسند ڪيو ويندو هو ته انهن ۾ مسلمانن واريون گھڻيون عادتون هيون ۽ اهي ماس کائيندا هئا. ان جي ڪري گھڻن ماس کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجن طور طريقن ۾ اتان جي هندن کان وڌيڪ انتها پسند ٿي ويا. ڀارت جي مختلف رياستن ۾ ورهاڱي کان اڳ واپار وغيره جي سلسلي ۾ سنڌي رهيل هئا. ڪلڪتي ۾ اهڙي هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته ورهاڱي کان اڳ رهندڙ سنڌي سياسي لحاظ کان ترقي پسند ۽ مذهبي لحاظ کان سهپ وارا هئا پر هن وقت هڪ ته انهن ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي ويئي آهي ۽ ٻيو انهن جي نئين نسل پنهنجن طور طريقن ۽ لباس وغيره ۾ ڄڻ بالي ووڊ کي ڪاپي ڪرڻ شروع ڪيو آهي. منجھن غيرسنجيدگي وڌي ويئي آهي.
شڪارپور مان لڏي ويل هڪ واپاري خابدان جي هڪ فرد جو چوڻ آهي ته سنڌين لاء اهو چيو ويندو آهي ته اهي نانگ مثل آهن جيڪي ڏنگڻ ۽ دوکي ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. پر سنڌي نانگ نه پر ڪوريئڙي جي فطرت رکن ٿا جيڪي پنهنجو گھر ٺاهيندا رهندا آهن ۽ جيڪڏهين ڪير ان کي ڪيرائي ۽ ڀڃي ٿو ته اهي مايوس نه ٿيندا آهن پر وري نئين سر اها ڪرت شروع ڪندا آهن ۽ سندن اهو ڪم لاڳيتو هلندو رهندو آهي. ٿڪجي ويهڻ سندن طبيعت ۾ ناهي. جيستاتئين اعتبار جو سوال آهي ته سنڌي واپارين جون ڏنل هنڊيون سڄي دنيا ۾ ڪرنسي وانگر هلنديون هيون ۽ گھڻن ملڪن ۾ اهي اتان جي ڪرنسي کان وڌيڪ اهميت رکنديون هيون. ان وقت بينڪون قرض ڏيڻ کان اڳ سنڌي واپارين کان انهن قرض خواهن متعلق معلومات وٺنيون هيون.
ظاهر ڳالهہ آهي ته پنهنجي ان سڄي لڏپلاڻ ۽ جيئڻ جي جدوجهد ۾ انهن گھڻو ڪجھ ۽ خاص طور پنهنجي ٻولي کي وڃايو آهي. پر انهن جي سڃاڻپ جي اها ڳولها رڳو ٻولي جي حد تائين ناهي. زندگي جا بيا طور طريقا ۽ کاڌو پيتو وغيره ان جو حصو آهن. هڪ مضمون ۾ ڄاڻا يو ويو آهي ته سنڌي واپارين جو مقصد رڳو ڪمائڻ نه پر ماحول جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي بهتر ٺاهڻ هوندو هو ۽ آهي. دوڪانن جي ٻاهران ماڻهن ۽ پکين لاء پاڻي جا ٿانهن رکيل هوندا هئا. الهاس نگر جو هڪ دوڪاندار ليکڪا کي ٻڌائي ٿو ته اسان ڪنهن هنگامي حالت ۽ ڪنهن وڏي ڏينهن کانسواء دوڪان بند نه ڪندا آهيون. ڇاڪاڻ ته دوڪان بند ڪرڻ سان گھٽ ۾ گھت ڇه جيو سڌي ريت متاثر ٿين ٿا. هڪ گلن وارو، ٻيو سيڪيوريٽي گارڊ، صفائي ڪرڻ وارو، ڳئون، ڪتو ۽ اهو ملازم جنهن کي نوڪري جي گھڻي ضرورت آهي.
سنڌي واپاري جڏهين ٻين ڏيهن ڏانهن ويندا هئا ته پنهنجين ونين کي پاڻ سان وٺي ويندا هئا ۽ پوء هڪ خاص منزل تي پهچڻ کانپوء انهن کي واپس گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ اڳتي هليا ويندا هئا. شاهراه ريشم کان اهي چڱي ريت واقف هوندا هئا ۽ سڄي واٽ مختلف شين جي خريد ۽ وڪرو ڪندا رهندا هئا. انهن واپارين جي اها عادت هوندي هئي ته پنهنجي ان سفر دوران مختلف جاين تي شاديون ڪندا هئا ۽ پوء انهن کي اتي ئي ڇڏي ڏيندا هئا. ان ڪري پويان گھرن ۾ ويٺل سندن زالون سندن سلامتي سان موٽڻ ۽ پرڏيه ۾ ڪنهن نئين زال نه ڪرڻ جون دعائون ڪنديون هيون.
سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان صدين تائين گڏ رهيا آهن. اختلافن ۽ تضادن جي باوجود انهن هڪ بئي جي طور طريقن کي پنهنجو ڪيو آهي. نه رڳو اهو ته اهي درگاهن تي دعائن لاء ويندا آهن پر سندن ساڳيا مرشد آهن. ساڳئي پاڻي جي پير کي هندو جهولي لال چون ٿا ته مسلمان حضرت خضر جو نالو ڏين ٿا. اهڙي ريت لعل شهباز قلندر جي ميلي وقت جيڪا مهندي جي رسم ٿيندي آهي ان ۾ ٻه رسمون سالن کان هندو خاندانن پاران ڪيون وڃن ٿيون ۽ هڪ رسم مسلمانن پاران. چون ٿا ته ڀارت جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو جي ذهن ۾ هندو مسلم ناتن جي حوالي سان اهو سنڌ وارو ماڊل ئي هو. پر ورهاڱي کانپوء صورتحال يڪسر تبديل ٿي چڪي آهي. ڀارت لڏي ويل سنڌي هندن جيتوڻيڪ مذهب جي حوالي سان به پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جهڙوڪ چيٽي چنڊ ۽ ٻيا مختلف سنڌي تهوار ملهائڻ ۽ جهولي لال کي سنڌين جو هڪ نمائنده اوتار ڪري پيش ڪرڻ وغيره. پر نين حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ گھڻا مذهبي انتها پسندي ڏانهن هليا ويا آهن. اها ساڳي صورتحال سنڌي مسلمانن جي به آهي.
هن وقت ڀارت ۾ انفرادي سطح تي سنڌي هندن جي ماضي، حال ۽ انهن جي زندگي جي مختلف پاسن تي جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو نهايت اهم آهي ۽ هڪ لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جي هڪ اهم پاسي کي سامهون آڻڻ ۽ ان کي سنڌ جي مک ڌارا سان ڳنڍڻ جي اهم ڪوشش آهي.

تاشقند ٺاه ۽ لال بهادر شاستري

تاشقند ٺاه ۽ لال بهادر شاستري

جواهر لال نهرو جي وزيراعظم طور حيثيت پارٽي ۾ غيرمتنازعه هئي. اهو عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙن اڳواڻن جي وفات کانپوء پارٽي اندر مختلف گروهن ۾ اقتدار لاء ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي. ساڳي ريت ڪانگريس ۾ به نهرو جي ديهانت کانپوء مختلف گروه سامهون آيا ۽ وزيراعظم جي عهدي لاء هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي. ان وقت اندراگانڌي سياسي لحاظ کان گھڻي تجربيڪار نه هئي ۽ نه ئي پارٽي ۾ ان ڪو اثر رسوخ ٿي رکيو. گھڻي ڏي وٺ کانپوء لال بهادر شاستري کي ڀارت جو وزير اعظم نامزد ڪيو ويو. شاستري هيٺئين وچولي طبقي جو شخص هو جنهن جو پنهنجو گھر به نه هو ۽ نه ئي سندس شخصيت ۾ ايڏي ڇڪ هئي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري سگھي. سندس بنيادي خاصيت پارٽي جو هڪ وفادار ڪارڪن هئڻ ۽ لاڳيتو ان لاء ڪم ڪرڻ هو. هو مهاتما گانڌي جو ساٿي ۽ سندس پوئلڳ هو. هو آزادي جي تحريڪِ ۽ خاص طور انگريز سرڪار سان سهڪار نه ڪرڻ واري تحريڪ ۾ گانڌي سان گڏ رهيو هو ۽ گھڻا ڀيرا جيل به وڃي چڪو هو. آزادي کانپوء هو مختلف موقعن تي يوپي جي اسمبلي جو رڪن ۽ وزير رهيو. پوء 1952 ۾ لوڪ سڀا جو رڪن ۽ ريلوي ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير ٿيو. 1961 ۾ هو نهرو جي ڪابينا ۾ گھرو معاملن جو وزير ۽ نهرو جي آخري سالن ۾ وزير بي محڪمه جي عهدي تي به رهي چڪو هو.
اندرا گانڌي کيس خاص طور ناپسند ڪندي هئي. ڪلديپ نير هڪ واقعو ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڀيري وزيراعظم جي رهائشگاه تين مورتي ويو ته اتي شاستري کي وزيراعظم جي سيڪريٽري وٽ ويٺل ڏٺائين جيڪو اتي نهرو جي طبيعت پڇڻ آيو هو. هن سيڪريٽري کي چيو ته کيس اندر موڪل ته ان جو جواب هو ته اندرا گانڌي جيڪا ان وقت نهرو وٽ موجود هئي کيس موڪلڻ کان منع ڪئي آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ٻنهي ملڪن جي ناتن جي حوالي سان هڪ اهم واقعو آهي. اها جنگ سترنهن ڏينهن هلي ۽ گڏيل قومن جي اپيل تي ختم ٿي. ٻنهي ملڪن پاران سوويت يونين جي ثالثي جي آڇ کي قبوليندي تاشقند ۾ ڳاله ٻوله ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان جي وفد جو اڳواڻ صدر ايوب خان هو جڏهين ته ڀارت جي وفد جي اڳواڻي وزير اعظم لال بهادر شاستري ٿي ڪئي. . گھڻن لاهن چاڙهن کان پوء ٻنهي ملڪن ۾ اهو ٺاه ٿيو هو. هڪ مرحلي تي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڳاله ٻوله ناڪام ٿي چڪي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن واپس موٽڻ جي تياري پئي ڪئي. سوويت وزيراعظم ڪوسيگن جي ڪوششن سان اها ڳاله ٻوله وري جاري ٿي سگھي ۽ نيٺ اهي ٺاه تي راضي ٿيا.
ان ٺاه جي هڪ اهم حيثيت آهي. ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته 25 فيبروري 1966 تائين ٻنهي ملڪن جون فوجون آگسٽ کان اڳ وارين سرحدن تي موٽي وينديون، ٻيئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا، معاشي ۽ سفارتي ناتن کي بحال ڪيو ويندو، هڪٻئي جي جنگي قيدين کي منظم نموني واپس ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ باهمي ناتن کي سڌارڻ لاء ڪم ڪندا. ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وزيرن وغيره جون ڪجھ گڏجاڻيون به ٿيون پر ڪشمير جي معاملي تي اختلافن جي ڪري گھڻي پيش رفت نه ٿي سگھي.
ان جنگ کانپوء ناتن ۾ ابتري آئي ۽ اهي وقت سان گڏ لاڳيتو وڌيڪ ابتر ئي ٿيندا ويا آهن. بنهي ملڪن جا ماڻهو ان ٺاه سان پوري ريت مطمئن نه هئا. سندن ليکي سندن اڳواڻ ان مان پنهنجي ملڪ لاء گھڻو ڪجھ حاصل نه ڪري سگھيا هئا. ڀارت جا ماڻهو ان ڳاله تي ڪاوڙيل هئا ته هڪ ته ڀارت قبضي ڪيل علائقا واپس ڪرڻ لاء تيار ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته پاڪستان سان جنگ نه ڪرڻ جو ٺاه ۽ ڪشمير ۾ گوريلا جنگ کي نه ڪرڻ جو ڪم پڻ نه ٿي سگھيو هو. ساڳي ريت پاڪستان جو صدر ايوب خان به تاشقند مان موٽڻ کانپوء ان ٺاه متعلق ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بجائي لاتعلق ٿي اڪيلائي ۾ هليو ويو. ٺاه متعلق اختلافن ڪري پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو جنهن پنهنجي ڌار سياسي جماعت ٺاهي ۽ تاشقند ٺاه سندس ايجنڊا جو اهم حصو بڻجي ويو. اهڙي ريت ان ٺاه ٻنهي ملڪن ۾ هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏنو.
ان ٺاه کي ان لحاظ کان به ياد رکيوويندو ته ٺاه ٿيڻ کانپوء ٻئي ڏينهن جڏهين ٻنهي ملڪن جا وفد پنهنجن ملڪن لاء روانا ٿيڻ وارا هئا ته ڀارت جي وزيراعظم شاستري جو دل جي دوري ڪري ديهانت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو ان وفد ۾ شامل هو، جا اهي ڪمينٽ گھڻو مشهور ٿي ويا ۽ ليکڪ پڻ ان جو حوالو ڏنو آهي ته جڏهين پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد کيس نالو کڻڻ کانسواء ٻڌايو ته بس هو هلي پيو ته ڀٽو جو فوري اهو جواب هو ته ٻنهي مان ڪهڙو حرامي هلي پيو هو.
بهرحال شاستري جو ديهانت سندس خاندان ۽ ملڪ لاء وڏو صدمو هو. هن رات سمهڻ کان اڳ پنهنجن گھر وارن سان ڳالهايو هو. واپسي ۾ کيس ڪابل مان ٿي دهلي وڃڻو هو.
شاستري جي اوچتي ديهانت کانپوء اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون هيون ته کيس زهر ڏنو ويو هو. شاستري جي کاڌي ۾ احتياط جي ڪري سندس ماني سوويت يونين ۾ ڀارت جي سفير جي گھران تيار ٿي ايندي هئي. ان ڪري سڌو شڪ ان ڏانهن ٿي ويو. اهو ان ڪري به هو ته ان سفير جا اندرا گانڌي سان لاڳاپا هئا ۽ گھڻن کي اهو شڪ هو ته هن اندرا جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو هو. بهرحل لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانسواء ڀارت اماڻيو ويو. شاستري جي زال ۽ خاندان جا ٻيا فرد ان موت کي فطري مڃڻ لاء تيار نه هئا. سندن ان احتجاج جي ڪري انڪوائري ته ڪرائي ويئي پر ان انڪوائري جي رپورٽ ان بنياد تي عام نه ڪئي ويئي ته ان سان هڪ ته پرڏيهي ناتا خراب ٿيندا، ٻيو ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿيندو ۽ اها پارلياماني حقن جي ڀڃڪڙي به ٿيندي.
شاستري جي پنهنجي ڪا ذاتي ملڪيت ۽ ايستائين ته رهڻ لاء ذاتي گھر به نه هو. ان ڪري سوال اهو هو ته سندس زال ۽ خاندان جو ڇا ٿيندو. ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين سندس زال جيئري آهي اها سرڪاري گھر ۾ رهندي ۽ کيس گذاري لاء سرڪار پاران هڪ خاص الائونس ملندو رهندو.
شاستري جي ديهانت کانپوء اندرا گانڌي ڀارت جي ٽين وزيراعظم ٿي.

سڃاڻپ جي ڳولها

سڃاڻپ جي ڳولها

ايلف شفق فڪشن ۽ نان فڪشن ٻنهي صنفن ۾ لکندي رهي آهي. پينگوئن پاران سندس هڪ مختصرنان فڪشن ڪتاب The Happiness of Blond People: A Personal Meditation on the Dangers of Identity ڊجيٽل فارم ۾ شائع ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهو ڪنهن سفر دوران ۽ ٿوري فراغت جي وقت ان کي پنهنجي موبائل وغيره تي ئي پڙهي سگھن. هن ڪتاب ۾ ليکڪا خاص طور يورپ ۾ وڏي پئماني تي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن ۽ خاص طور مسلمانن جي اچڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان تي پنهنجي سوچ ويچار پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب لکڻ جو اتساه کيس ان وقت مليو جڏهين هو نيدرلينڊ جي شهر هيگ مان هڪ ادبي ڪانفرنس مان استنبول موٽي رهي هئي. ايئرپورٽ تي لائين ۾ بورڊنگ جو انتظار ڪندي هو هڪ ترڪ مڙد کي پنهنجي هڪ ٻئي هم وطن سان ڳالهائيندي ٻڌي ٿي. هو ان شخص کي ٻڌائي رهيو هو ته هو هيگ ۾ جنهن عمارت ۾ رهيل هو ان جي هيٺين ماڙ تي رهندڙعورت کيس گھڻو تنگ ڪيو هو. ٻارن جي ٿوري به شور تي هو فوري طور پوليس کي گھرائيندي هئي ۽ پوليس به هر ڀيري سندس چوڻ تي ايندي هئي ۽ کين تنگ ڪندي هئي. ٻيو شخص کانئس پڇي ٿو ته ڇا ان عورت جا پنهنجا ٻار شور نه ٿا ڪن ته هو جواب ڏئي ٿو ته نه. ڇاڪاڻ ته گورا وڌيڪ مطمئن ۽ خوش آهن ۽ اسان کان مختلف آهن.
هو سوچي ٿي ته ڇا واقعي ائين ئي آهي. ايشيا ۽ آفريقا جا گھڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري ٻين ملڪن ڏانهن لڏين ٿا. ان وقت منجھن هڪ ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ پنهنجي ماحول کان ڌار ٿيڻ جو ڏک ۽ هڪ ڏوه جو احساس هجي ٿو جڏهين ته سندن ملڪ جي حالتن منجھن جنهن هڪ غم جي ڪيفيت کي پيدا ڪيو هجي ٿو ان مان نڪرڻ جي خوشي به هجي ٿي.
ليکڪا پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته سندس ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماء پي ۾ طلاق ٿي ويئي هئي. هو پنهنجي ماء ۽ ناني سان پهرين انقره ۾ رهي ۽ پوء پنهنجي ماء جي نوڪري جي سلسلي ۾ استنبول ۽ اتان ميڊرڊ آئي جتي هو جنهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي اتي مختلف ملڪن جا ٻار هوندا هئا. جيڪڏهين دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ڪو واقعو ٿيندو هو ته ان ملڪ جي ٻار جي حوالي سان اها ڳاله ٻوله ڪئي ويندي هئي. کيس پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ لکڻ جي حوالي سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هو سمجھي ٿي ته سندس پاڙون ڪنهن هڪ سرزمين ۾ ناهن بلڪه هو ڏندڪٿائي وڻ Tuba جيان آهي جنهن جون پاڙون بجائي زمين جي مٿي هوا ۾ هونديون آهن.
سندس خيال آهي ته لڏي ويندڙن جي پهرين نسل پنهنجي وطن ۽ مٽن مائٽن کي گھڻو ياد ڪندي آهي جڏهين ته پوء وارين نسلن لاء اهو گھڻو مسئلو نه هوندو آهي. هو 1930 جي ڏهاڪي ۾ استنبول مان آمريڪا لڏي ويندڙ هڪ آرمينائي سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿي جنهن جي اکين ۾ استنبول کي ياد ڪندي ڳوڙها اچي وڃن ٿا. هن جو چوڻ هو ته سندس دل ته استنبول وڃڻ لاء گھڻو چئي ٿي پر کيس خبر آهي ته هو جيڪڏهين هڪ ڀيرو اتي ويو ته وري موٽي نه سگھندو جڏهين ته اها ڳاله سندس ٻارن لاء ناهي.
هن وقت يورپ ۾ ايشيائي ۽ آفريقي ماڻهن، جن ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي، جو ڪل آبادي ۾ تناسب پنج سيڪڙو آهي. سڀ کان گھڻي آبادي فرانس ۾ آهي جڏهين ته لندن ۾ پڻ هڪ وڏو تعداد آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته انهن ملڪن جا ماڻهو ۽ پناهگير پنهنجي پنهنجي ليکي رهن ٿا. لندن ۾ پاڪستانين ۽ هندوستانين جا اهڙا علائقا آهن جتي جي ماحول کي ڏسندي اهو چوڻ ڏکيو هوندو آهي ته ڇا ماڻهو واقعي انگلينڊ يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ آهي. هڪٻئي سان رابطي نه هئڻ ڪري اهي ماڻهو هڪٻئي کي سمجھي نه ٿا سگھن. پناهگير ان ملڪ ۽ ماڻهن جي ٿقافت ۽ طور طريقن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. ٻئي پاسي انهن ملڪن ۾ گورن جون اهڙيون نسل پرست تنظيمون سامهون آيون آهن جيڪي انهن ماڻهن کي اوپرو ۽ غاصب سمجھن ٿيون ۽ انهن کي پنهنجن ملڪن مان تڙڻ چاهين ٿيون. ان جو مشاهدو عام زندگي ۾ بسن ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪندي ۽ پارڪن ۾ گھمندي ڪري سگھجي ٿو. اهڙي ريت بجائي هم آهنگي پيدا ٿيڻ جي هڪٻئي کان نفرت ۽ مختلف مسئلن تي اختلاف هڪ عام ڳاله آهي. لندن ۾ جيڪي بم ڌماڪا ٿيا ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪي دهشت گردي وغيره جون ڪاروايون ٿيون آهن انهن ۾ ڪي ٻين ملڪن جا ماڻهو نه پر انهن ملڪن جا ئي ماڻهو ملوث آهن جن جي تربيت ۽ پالنا انهن ملڪن ۾ ئي ٿي آهي. ساڳي ريت فرانس ۽ ڪجھ ٻين يورپي ملڪن ۾ عورتن جي پردي وغيره جي معاملي تي جيڪي اختلاف سامهون آيا آهن انهن کي به ان پسمنظر ۾ ئي ڏسي سگھجي ٿو.
انهن ماڻهن ۾ جسماني فاصلن سان گڏو گڏ ذهني فاصلا به آهن ۽ اهي پنهنجي خول ۾ پنهنجي ليکي رهن ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن. ٻنهي جي ثقافت، ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. ساڳي وقت پناهگيرجن ملڪن مان لڏي آيا آهن اتي بيروزگاري، امن امان ۽ معاشي بدحالي وغيره جا جيڪي مسئلا آهن ان جي ڪري انهن جي ذهني بيهڪ اوله جي انهن ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي جن کي هڪ ته اهڙن مسئلن کي منهن نه ٿو ڏيڻو پئي ۽ ٻيو ته انهن کي رياست پاران اهي سهولتون حاصل آهن جيڪي پناهگيرن کي پنهنجن اصلوڪن ملڪن ۾ نه هيون. اهڙي ريت اهو اطمينان ۽ خوشي جيڪا گورن جي ذهني بيهڪ جو حصو آهي پناهگير ان کان محروم آهن. اهي پناهگير انهن قانونن وغيره کي به مڃڻ لاء تيار ناهن ۽ انهن جي مزاحمت ڪن ٿا جن کي اهي پنهنجي مذهب ۽ ثقافت جي خلاف سمجھن ٿا. گورا اهو سمجھن ٿا ته انهن ماڻهن سندن رهڻ سهڻ جي طريقن ۾ رنڊڪ وڌي آهي ۽ سندن معاشي وسيلن کي ڦٻايو آهي.
ليکڪا جو اهو خيال آهي ته پناهگيرن جي مايوسي ۽ تفڪر، جنهن کي هو Angst جو نالو ڏيئي ٿي، جنهن جو اهي پنهنجي ملڪ ۾ شڪار هئا ان ۾ اوله جي ملڪن ۾ لڏڻ کانپوء گھٽتائي اچي ٿي. پر ضرورت ان ڳاله جي آهي ته گورن ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ ذهني ۽ جسماني فاصلا گھٽجن، اهي هڪ ٻئي جي ويجھو اچن ۽ هڪ ٻئي جي نڪته نظر، ڪلچر ۽ مسئلن کي سمجھن. اهو ئي هڪ حل آهي جنهن وسيلي اهي سک شانتي سان رهي سگھن ٿا. ٻي صورت ۾ اهي ڏڦيڙ ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار هوندا ۽ ڪو به سک سان نه رهي سگھندو.

شمشير الحيدري

شمشير الحيدري

شمشيرالحيدري ادب ۽ صحافت جي لحاظ کان هڪ وڏو نالو آهي. پر هن ڪڏهين اهو ڏيکاء نه ڏنو ته هو واقعي وڏو ماڻهو هو. شمشير، انور پيرزادو ۽ علي بابا کي انهن سنڌي ليکڪن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو جن ٿوري گھڻي فرق سان پنهنجي مالي حيثيت گھڻي مستحڪم نه هئڻ جي باوجود پنهنجي مرضي سان زندگي گذاري ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو.
شمشير سان هونئن ته عام ڪچهرين ۽ سنگت جي گڏجاڻين ۾ گھڻيون ملاقاتون ٿيون پر ساڻس ٿيل ٻه ملاقاتون منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن. شمشير ڪجھ عرصو شايد پنهنجي پٽ جي ڪري گلشن حديد ۾ به رهيو. ان وقت هو شايد ڪلچر ڊپارٽمنٽ جو ڪو اسائنمنٽ ڪري رهيو هو ۽ حديد کان سنڌ سيڪريٽريٽ تائين بس ۾ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري آئون شام جو گھر وڃڻ لاء بس ۾ اچي رهيو هوس ته ايم پي اي هاسٽل جي اسٽاپ تان هو بس ۾ سوار ٿيو. بس ۾ ڪابه سيٽ خالي نه هئي. هو سڌو اچي منهنجي سيٽ وٽ بيٺو. مون کيس سلام ڪيو ۽ اهو مناسب نه سمجھيو ته آئون ويٺو رهان ۽ شمشير ائين بيٺي تڪليف ۾ سفر ڪري. مون اٿي کيس پنهنجي سيٽ ڏني ۽ مون کي به ٿوري دير کانپوء سيٽ ملي ويئي. حديد تائين اسان گڏ سفر ڪيو. حديد جهڙي محدود سماجي زندگي شمشير جي طبيعت وٽان نه هئي. ان ڪري ٿوري وقت کانپوء هو وري شهر هليو ويو.
ٻئي ڀيري سنگت ٽنڊو باگو فقير محمد لاشاري جو ليڪچر رکيو هو ۽ اسان ٻيئي بدين مان ڊاڪتر آڪاش انصاري سان گڏجي اتي ويا هئاسين. اتي شمشير به موجود هو ۽ اهو ممڪن ئي هو ته جت شمشير هجي ۽ ات محفل نه هجي. اهڙي ريت سڄي رات محفل هلندي رهي ۽ ڪچهري به ٿيندي رهي.
شمشير جهڙا اهڙا ٿورا ليکڪ آهن جن پنهنجي وڏي ادبي مرتبي هئڻ جي باوجود عام ماڻهن ۽ ليکڪن سان هڪ ٿي پنهنجي حياتي گذاري.

ڊپ جيڪو زندگي جو حصو بڻجي وڃي ٿو

ڊپ جيڪو زندگي جو حصو بڻجي وڃي ٿو

هن سال جي ادب جو نوبل کڻندڙ ليکڪا آني ايغنو جي لکڻين جي هڪ خاصيت اها ڄاڻائي وڃي ٿي ته سندس لکڻيون آتم ڪٿا جي انداز ۾ آهن جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ ماحول ۽ حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس ناول Shame هڪ اهڙي ئي لکڻي آهي.
شهر جي مرڪز کان پرتي رهندڙ ماءُ پيءَ ۽ هڪ ڌي تي مشتمل خاندان آهي. اهي زال مڙس محنت مزدوري ۽ گھر ۾ ئي ٺهيل هڪ اسٽور جي آمدني مان پنهنجو گذر بسر ڪن ٿا. اهو اسٽور ڄڻ سندن گراهڪن ۽ ٻين ماڻهن لاء اچ وڃ جو رستو به هجي ٿو. گھر ۾ حوض ۽ ڪاڪوس وغيره جي مناسب سهولت نه ٿي هجي ۽ کين پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ لاء مختلف برتن وغيره رکڻا پون ٿا يا ٻاهر وڃڻو پئي ٿو. انهن ٿانون ۾ گراهڪ ۽ اتان اچ وڃ ڪندڙ به پنهنجي حاجت پوري ڪن ٿا. انهن ٻنهي ماء پي جو پنهنجي ڌي سان پيار هجي ٿو. اهو اهو وقت هجي ٿو جڏهين ٻي عالمي جنگ جي تباه ڪارين کانپوء فرانس ۾ تعمير نو جو ڪم جاري هجي ٿو.
جون 1952 ۾ آچر جي ڏينهن زال مڙس ۾ ڪنهن ڳالهہ تان اڻبڻت ٿئي ٿي ۽ مڙس زال کي قتل ڪرڻ لاء ڪات کڻي تيار ٿي وڃي ٿو. پر ائين ٿئي نه ٿو. ٻارنهن سالن کان گھٽ عمر جي ڌي جڏهين اهو ڏسي ٿي ته پريشان ٿئي ٿي ۽ مدد لاء رڙيون ڪري ٿي. سندس پي ان وقت پنهنجو پاڻ م نه ٿو هجي ۽ کيس چئي ٿو ته مون تو کي ته ڪجھ به نه چيو. هو کيس چئي ٿي ته تو ته مون کي تباه ڪري ڇڏيو هو. سندس ماء به کيس چئي ٿي ته بس هاڻي ڳالهہ ختم ٿي ويئي آهي. معاملو ٽري وڃي ٿو ۽ اهي ٽيئي سائيڪل تي ڀر پاسي واري ٻهراڙي ۾ گھمڻ وڃن ٿا ۽ واپس اچي سندس پي اسٽور کولي ٿو ۽ لڳي ٿو ته زندگي معمول تي اچي ويئي هئي. پر اها ڳالهہ سندس زندگي ۾ وڏي تبديلي جو باعث بڻجي ٿي. هو چئي ٿي ته ڄڻ هڪ اهڙو پردو سندس آڏو اڇي ٿو وڃي جنهن جي ڪري زندگي سندس لاء ساڳي نه ٿي رهي. اها تاريخ سندس ذهن تي نقش ٿي وڃي ٿي جڏهين ته اڳ تاريخون بليڪ بورڊ ۽ ڪاپي ۾ لکبيون هيون ۽ اهي گذرنديون ويندون هيون. هو سوچي ٿي ته سندس پي جيڪو ساڻس پيار ڪري ٿو سندس ماء کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳي ريت سندس ماء به ساڻس پيار ڪري ٿي. کيس ذهن ۾ اهو ڊپ رهي ٿو ته اهو واقعو وري به ٿي سگھي ٿو. هو مختلف شين کي ان زاوئي سان ڏسي ٿي. هو سوچي ٿي ته مون سان ماء به ايترو پيار ڪري ٿي جيترو پي ڪري ٿو پوء ائين ڀلا ڇو ٿيو. هو پنهنجي خاندان جون تصويرون ڏسي ٿي ۽ انهن ڳالهين کي ياد ڪري ٿي. ان وقت هو ٻارنهن سالن کان گھٽ عمر جي هڪ ڇوڪري هجي ٿي. اهو واقعو جيتوڻيڪ سڄي زندگي ساڻس گڏ رهي ٿو پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڄڻ هڪ ياد بڻجي وڃي ٿو.
اتي ٻن قسمن جا اسڪول هجن ٿا. هڪ سرڪاري جنهن ۾ غريب ۽ يتيم ٻار پڙهن ٿا ۽ انهن کي گھٽ سمجھيو وڃي ٿو جڏهين ته ٻيا خانگي اسڪول هجن ٿا جتي دوڪاندارن، ڪامورن ۽ ٻين سکين گھراڻن جا ٻار پڙهن ٿا. هو جيتوڻيڪ معاشي لحاظ کان هڪ گھٽ حيثيت واري خاندان سان تعلق رکي ٿي پر سندس ماء پي کيس خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا. اھو اسڪول عيسائي مشنيري جي تحت هلايو وڃي ٿو ۽ ليکڪا جي چواڻي ته هتي علم کان وڌيڪ مذهب کي اهميت ڏني وڃي ٿي. شاگردن کي رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪي به اهڙا ڪتاب وغيره پڙهڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو جن جو مذهب سان تعلق نه هجي. ڪنهن سان دوستي رکڻ ڏکيو هجي ٿو. سندس رڳو هڪ دوست هجي ٿي جيڪا سندس ڀرپاسي رهي ٿي ۽ ان سان گڏجي اسڪول اچي وڃي ٿي. کيس ان وقت شرم اچي ٿو جڏهين هو اسڪول جي ڪنهن پروگرام ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول جي بس ۾ موٽي ٿي ته سندس ماء کي گھر جي دروازي کولڻ مهل گھنجيل ۽ عام ڪپڙا پاتل هجن ٿا جڏهين ته ٻين ٻارن جي مائٽن کي باقاعدي صاف سٿرا رات جا ڪپڙا پاتل هجن ٿا ۽ اهي ان ڳاله کي سٺو نه ٿا سمجھن.
ان ئي سال سندس ماء کيس ۽ سندس پي کي ڪجھ اهڙين جاين ۽ شهرن ۾ گھمڻ لاء موڪلي ٿي جتي هو پاڻ اڳ ئي ٿي آئي آهي. ان سفر ۾ کيس لاڳيتو پنهنجي پي سان هلڻو ۽ ان جو سهارو ٿيڻو پئي ٿو. اتان جو ماحول ۽ خاص طور هوٽل جي ڪمرن، اتان جي بسترن جو آرام ۽ واش روم وغيره جي سهولت، جيڪا کيس پنهنجي گھر ۾ حاصل نه ٿي هجي، گھڻو متاثر ڪري ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي هڪ ٻي دنيا ۾ محسوس ڪري ٿي. ساڳي وقت اهي گھڻين جاين تي نه ٿا وڃي سگھن ۽ گھڻيون شيون ان ڪري نه ٿا وٺي سگھن جو وٽن ايترا پئسا نه ٿا هجن. پر هو محسوس ڪري ٿي ته سندس پي ان سڀڪجھ مان مطمئن نه هو. جڏهين اهو سفر ختم ٿئي ٿو ته هو هوٽلن وغيره جي بيرن ۽ ٻئي اسٽاف وغيره جي شڪايت ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ان جو مک ڪارڻ اهو هجي ٿو ته ان ٽور ۾ شامل ٻين ماڻهن کي سندن مرتبي ۽ پئسي وغيره جي ڪري هوٽل جي اسٽاف ۽ ٻين ماڻهن پاران جيڪا اهميت ڏني وڃي ٿي اها کيس نه ٿي ملي جيڪا ڳالهہ سندس لاء ڏکوئيندڙ هجي ٿي.
ليکڪا اها ڳالهہ ڪري ٿي ته هن ڪجھ مردن سان اها ڳاله ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ٻارنهن سال ٿيڻ اڳ سندس پي سندس ماء کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ان تي ڪو رد عمل ظاهر نه ڪيو ۽ سمجھيو ته آئون انهن جي لاء مران پيئي. هن جون 1952 جي ان واقعي کي هونئن لکڻ ته پري جي ڳاله پر ڊائري ۾ لکڻ کان به ڪيٻايو ٿي ۽ کيس اهو ڊپ هو ته ائين ڪرڻ سان کيس سزا ملندي. پر ائين ناهي ۽ هو ان کي لکت ۾ آڻي پنهنجي تڪليف کي گھٽائي سگھي آهي. اهو لکڻ سندس لاء ڄڻ ته هڪ ڪٿارسس آهي. کيس ان جي لکڻ سان ڄڻ هڪ قسم جو آرام ۽ سڪون ملي ويو آهي. هونئن اهو ناول آهي پر ساڳي وقت اها هڪ حقيقت به آهي.



قصو صحافين جي اغواء جو

قصو صحافين جي اغواء جو

ڪولمبيا ۾ لبرل پارٽي جي اڳواڻ جارج گيٽان، جنهن ملڪ ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ چاهيا ٿي ۽ جنهن کي پنهنجي پارٽي ۽ قدامت پرستن پاران ڊپ ۽ نفرت وچان بگھڙ چيو ويندو هو، جي قتل ٿيڻ کانپوء ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا ۽ ملڪ گھرو ويڙه جو شڪار ٿي ويو. اها صورتحال لاڳيتو 1948 کان 1957 تائين هي جڏهين ته ڪي اڃا ان کي سٺ جي ڏهاڪي جي وچ تائين وٺي وڃن ٿا. ان ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه کان چار لک ويڙهاڪ ۽ ٻيا عام شهري مارجي ويا. ان کانپوء مختلف گوريلا تنظيمون ۽ ڏوهاري گروه ملڪ ۾ سرگرم رهيا آهن ۽ انهن جو حڪومت سان ٽڪراء رهندو آيو آهي.
ڪولمبيا خاص طور ڪوڪين ۽ ٻين نشي آور شين جي پيداوار ۽ انهن جي آمريڪا موڪلڻ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. هڪ لحاظ کان اتي ڄڻ انهن شين جي واپارين ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ جنگ واري ڪيفيت رهي آهي. مختلف شهرن ۾ بم ڌماڪا ۽ ايستائين ته مخالفن کي مارڻ لاء اڏامندڙ جهاز جي اندر ڌماڪا جنهن ۾ ٻيا مسافر به مارجي وڃن ٿا هڪ معمول رهيو آهي. ماڻهو اهڙي جهاز ۾ سفر ڪرڻ کان ئي لنوائيندا آهن جنهن ۾ ڪو اهم ماڻهو سفر ڪندو هجي ۽ جنهن متعلق اهو گمان هجي ته اهو ڪنهن نه ڪنهن گروه جي نشاني تي آهي. آمريڪا پاران ان سلسلي ۾ ڪولمبيا جي حڪومت تي خاص طور تي نشي جي واپار ۾ شامل اهم ماڻهن کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاء دٻاء پڻ پوندو رهيو آهي.
ڪولمبيا جي حڪومت 1990 ۾ نشي جي واپار سان سان لاڳاپيل ڪجھ وڏن نالن کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاء ٺاه ڪيو هو. اها ڳالهہ خاص طور ميڊلين ڪارٽيل جي اڳواڻ پابلو ايسڪوبار کي ڪنهن به ريت قبول نه هئي. سندس چوڻ هو ته هو آمريڪا جي جيل ۾ زندگي گذارڻ کان ڪولمبيا ۾ پنهنجي قبر هئڻ کي ترجيح ڏيندو.
آمريڪا پنهنجي ملڪ ۾ نشي جي استعمال لاء انهن ملڪن کي ذميوار سمجھيو ٿي جتي ان جي پيداوار ٿئي ٿي جڏهين ته نشي جي واپارين جو موقف اهو هو ته ان مسئلي کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻ گھرجي ۽ ذميواري ساڳي وقت نشي استعمال ڪرڻ وارن ملڪن تي پڻ وجھڻ گھرجي. ساڳي وقت ان جي اها به گھر هئي ته حڪومت جيئن گوريلا گروپ M-19 سان ٺاه ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي سياسي عمل جو حصو ڪيو آهي ساڻن به اهو ساڳيو ورتاء ڪيو وڃي. پنهنجين انهن گھرن کي مڃرائڻ ۽ حڪومت تي آمريڪا سان ٺاه کي ختم ڪرڻ لاء دٻاء وجھڻ لاء هن هڪ ته انهن اهم شخصن تي حملا ڪرڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ان ٺاه جا حامي هئا ۽ ٻيو هن ڪجھ اهم صحافين کي اغواء ڪيو. حڪومت جي مختلف نمائندن سان ڳالهہ ٻولهہ جي عمل هلندي هڪ خاتون صحافي کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻي رياستي ادارن جي ڪاروائي ۾ مارجي ويئي جڏهين ته باقي ست ڄڻن ڇهہ مهينن کان وڌيڪ عرصو پابلو ايسڪو بار جي مختلف هنڌن تي ٺهيل قيد خانن ۾ گذاريو.
انهن مان هڪ آزاد ٿيل خاتون صحافي ۽ سندس مڙس گارشيا مارڪيز کي درخواست ڪئي ته هو ان حوالي سان لکي. هن ان خاتون صحافي ماروجا تي جڏهين لکڻ شروع ڪيو ته کيس خبر پيئي ته ٻيا ڪجھ صحافي پڻ ان قصي ۾ شامل هئا.ِ پوء هن نئين سري کان ان کي لکڻ شروع ڪيو ۽ اٽڪل ٽن سالن جي تحقيق ۽ لکڻ کانپوء سندس اهو نان فڪشن News of a Kidnapping 1996 ۾ اسپيني ٻولي ۾ سامهون آيو ۽ 1997 ۾ انگريزي ۾ پڌرو ٿيو.
پابلو ايسڪوبار ۽ سندس تنظيم ميڊلين ڪارٽيل جو تعلق ڪولمبيا جي هڪ سهڻي شهر ميڊلين سان هو. هو پاڻ ۽ سندس تنظيم جا گھڻا ماڻهو شهر جي ڏتڙيل علائقن ۽ غريب خاندانن سان واسطو رکندا هئا. دنيا جي گھڻن رابن هوڊ قسم جي ڏوهارين جيان ايسڪوبار به انهن ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو هو. پوليس ۽ فوج پاران گھڻي ڀاڱي انهن علائقن ۽ اتان جي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو هو ۽ ان جي جواب ۾ پوليس ۽ فوج تي حملا ڪيا ويندا هئا. اهڙي ريت ماضي جو هڪ سهڻو ۽ پرامن شهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو هو.
يرغمالين کي سخت قسم جي نگراني ۾ رکيو ويو هو. جيتوڻيڪ کين ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن رسالن وغيره جي سهولت ڏني ويندي هئي پر هڪ ته کاڌي پيتي جي حوالي سان ساڻن مناسب ورتاء نه ڪيو ويندو هو ۽ ٻيو ته کين پنهنجي حاجتن کي پوري ڪرڻ جي به مڪمل آزادي نه هئي. کين باٿ روم جي در ڏيڻ جي اجازت نه هئي ۽ ساڳي وقت ان لاء انهن وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو جڏهين ته نگراني لاء گارڊ ٻاهر بيٺل هونڌو هو. وقت بوقت گارڊ تبديل ٿيندا رهندا هئا. انهن مان گھڻن جو واسطو ايسڪوبار جي علائقي سان هونڌو هو ۽ اهي غريب ۽ بحران ۾ ورتل خاندانن مان هوندا هئا. ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو سندن مقصد پئسو ڪمائڻ هونڌو هو. گھڻا قتل وغيره جهڙين ڪارواين ۾ به ملوث هوندا هئا ۽ کين اها به ڄاڻ هوندي هئي ته سندن زندگي مختصر آهي ۽ ڪنهن به وقت اهي پنهنجي ڪنهن ماڻهو جي گولي جو نشانو بڻجي سگھن ٿا. انهن مان ڪي ته پڙهيل ڳڙهيل، سمجھدار، حالتن تي نظر رکندڙ ۽ همدرد قسم جا هوندا هئا جڏهين ته گھڻا تنگ ڪندڙ ۽ ايذاء ڏيندڙ هوندا هئا. يرغمالين سان جنهن قسم جو ورتاء ڪرڻو هوندو هو ان نموني ۽ طبيعت جا گارڊ مقرر ڪيا ويندا هئا. يرغمالين کي وقت بوقت هڪ جاء کان ٻي جاء تي منتقل ڪيو ويندو هو. جڏهين ماروجا سان گڏ اغواء ٿيل سندس نڻان بيٽرز کي آزاد ڪيو ويو ۽ ساڻس گڏ قيد ميرينا مونٽووا کي قتل ڪيو ويو ته هو ڪمري ۾ اڪيلي رهجي ويئي هئي.
کيس هر وقت اهو ڊپ رهندو هو ته گارڊ ڪٿي ساڻس زوري زنا نه ڪن. يرغمالين سان ورتاء جو دارومدار ان ڳالهہ تي هوندو هو ته اغواء ڪندڙن سان حڪومت جي ڳالهہ ٻولهہ ڪهڙي مرحلي ۾ آهي. ساڳي وقت ٻنهي پاسن کان هڪٻئي جي ماڻهن کي مارڻ جو سلسلو پڻ جاري هو جنهن جو اثر يرغمالين سان ورتاء تي پيو ٿي. ايسڪوبار هڪ پاسي ته حڪومت سان ٽڪراء ۾ هو ۽ ٻئي پاسي کيس ٻين ڏوهاري گروهن جهڙوڪ ڪالي ڪارٽيل جي ماڻهن کان به ڊپ هو جن مٿس مختلف وقتن تي حملا به ڪيا هئا. هو ايترو محتاط رهندو هو جو هڪ ته گھڻو عرصو هڪ جاء تي نه رهندو هو ۽ ٻيو ته نه رڳو اهو ته ٽيليفون استعمال نه ڪندو هو پر ان خيال کان هر ماڻهو سان به نه ملندو هو ته متان ان جي جسم جي ڪنهن حصي ۾ اهڙو ڪو اوزار لڳل هجي جنهن سان پوليس جو سندس رهائش جي هنڌ پهچڻ ممڪن ٿي سگھي. ان ڪري هن گرفتاري ته ڏيڻ چاهي ٿي پر سندس پنهنجا شرط هئا. هڪ ته کيس اها ضمانت گھربل هئي ته کيس ۽ سندس ساٿين کي آمريڪا جي حوالي نه ڪيو ويندو ۽ ٻيو ته هن پنهنجي مرضي جي شهر ۾ جيل قائم ڪرڻ ۽ اتي گھربل انتظام ڪرڻ چاهيا ٿي. پرملڪ جي صدر يرغمالين جي مائٽن جي دٻاء ۽ ملڪ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي باوجود اهو ڏيکارڻ نه ٿي چاهيو ته هو نشي جي واپارين جي دٻاء ۽ بليڪ ميل ۾ اچي سندن گھرن کي مڃڻ لاء تيار ٿيو آهي.
هڪ ڊگھي ڳالهہ ٻولهہ جي عمل، جنهن ۾ سماج جا گھڻا اهم ماڻهو شامل هئا، کانپوء يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي ٿو پر کين اها تنبيه ڪئي وڃي ٿي ته اغواء ڪندڙن جي جاء ۽ انهن جي شخصيت متعلق ڪنهن کي به ڪا معلومات نه ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ نتيجن جي ذميواري مٿن هونڌي. ان کانپوء ايسڪوبار ۽ سندس ساٿي گرفتاري ڏين ٿا. کين اڳ ۾ ئي سندن مرضي ۽ ضرورتن مطابق تيار ڪيل جيل ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو ۽ اندران ۽ ٻاهران اهڙا انتظام ڪيا وڃن ٿا جيئن مٿس ڪنهن به پاسي کان ڪو حملو نه ٿي سگھي. سندس لاء جيل ائين هجي ٿو ڄڻ فائيو اسٽار هوٽل جنهن ۾ کيس سڀ سهولتون حاصل هجن ٿيون. تحفظ ۽ غيريقيني صورتحال کان محفوظ هئڻ سان گڏوگڏ هو اتي ساڳي وقت پنهنجو ڌنڌو به معمول موجب هلائي سگھي پيو. ڪجھ وقت کانپوء حڪومت کيس ان جيل مان منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. هو سمجھي ٿو ته ان جو هڪ مقصد کيس آمريڪا جي حوالي ڪرڻ هو ۽ ٻيو مقصد پوليس هٿان قتل ڪرائڻ هو. ان ڳاله کي ذهن ۾ رکندي هوِ جيل مان ڀڄڻ جي رٿا ٺاهي ٿو. جيل جي پوليس کي رشوت ڏيئي هو پنهنجن ڪجھ ساٿين سان جيل مان ڀڄي وڃي ٿو. اهو سندس لاء سخت وقت هجي ٿو. پوليس هر وقت سندس پويان لڳل هجي ٿي ۽ هو ڪٿي به ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه ٿو رهي. هڪ ڀيري کانئس جڏهين صبر نه ٿو ٿئي ۽ پٽ سان ٽيليفون تي ڳالهائي ٿو ته پوليس کي سندس ٺڪاڻي جو پتو پئجي وڃي ٿو ۽ اها ان جو گھيراء ڪري وٺي ٿي. دنيا جو ڪو به ملڪ کيس پناه ڏيڻ لاء تيار نه ٿو ٿئي ۽ جرمني مان سندس پٽ کي واپس ڪيو ٿو وڃي.
گارشيا مارڪيز هن ڪتاب ۾ پنهنجي صحافتي ۽ ادبي صلاحيتن کي گڏي استعمال ڪيو آهي ۽ اهو فڪشن نه هونڌي به ڄڻ فڪشن جي انداز ۾ لکيل آهي. گارشيامارڪيز جو هي ڪتاب پوري دنيا ۾ هڪ مثال بڻجي ويو آهي. خاص طور تي جڏهين ايران جي مخالف ڌر جي اڳواڻ مير حسين موسوي، جنهن کي 2011 کان گھر ۾ نظربند ڪيو ويو هو، پنهنجي خاندان وارن کي اهو چيو ته جيڪڏهين اوهان منهنجي قيد جي صورتحال کي سمجھڻ چاهيو ٿا ته گارشيا مارڪيز جي هن ڪتاب کي پڙهو. چيو وڃي ٿو ته ايران ۾ اهو ڪتاب ماڻهن ۾ گھڻو مقبول آهي.

طارق اشرف

طارق اشرف

طارق اشرف جي سڃاڻپ هڪ ليکڪ ۽ خاص طور سهڻي رسالي جي حوالي سان آهي. سهڻي هڪ عام ادبي رسالو نه هو پر سنڌي ادب ۾ ان جي خاص اهميت ۽ حيثيت آهي. هڪ ته ان گھڻن سنڌي ليکڪن کي متعارف ڪرايو ۽ ٻيو سنڌي ادب ۾ قوم پرست ۽ طبقاتي لاڙن کي مضبوط ڪيو. طارق بنيادي طور هڪ وطن دوست ماڻهو هو. جيتوڻيڪ سندس ذاتي واسطا سنڌ جي گھڻن سياسي اڳواڻن ۽ اديبن سان هونڌا هئا پرهو ڪنهن به سياسي ڌر سان تنظيمي طور لاڳاپيل نه هو. ان جي باوجود کيس پنهنجين لکڻين ۽ ٻين اديبن جي لکڻين ڇاپڻ جي ڏوه ۾ سختين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترا ڀيرا جيل ڀوڳڻا پيا.
سندس جيل متعلق لکيل ٻه ڪتاب ”جيل گھاريم جن سين“ ۽ ”هٿين هٿ ڪڙول“ آهن. پهريون ڪتاب ته هن جيل ۾ جن شخصيتن جهڙوڪ شير محمد مري، رسول بخش پليجو، شاه نواز جوڻيجو ِ۽ شاه محمد شاه وغيره سان جيڪو وقت گذاريو هو انهن متعلق ذاتي تاثر ۽ جيل ۾ انهن جي عادتن ۽ ورتاء متعلق آهي. هو جيتوڻيڪ گھڻن سنڌين جيان اها خواهش ته رکي ٿو ته سنڌ جي ڀلائي لاء مختلف سياسي جماعتون ۽ اڳواڻ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪن پر هو انهن مان ڪنهن سان به سندن نظرين، سياست ۽ اختلافن وغيره متعلق بحث نه ٿو ڪري. هڪ لحاظ کان ان ڪتاب مان انهن اڳواڻن جي مختلف ذاتي پاسن ۽ روين وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي.
کيس رسول بخش پليجو جو ڪتاب ”صبوح ٿيندو“ پنهنجي پريس ۾ ڇاپڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب ضياءالحق جي مارشل لاء کان اڳ جو ڇپيل هو پر سندس گرفتاري مارشل لاء جي قانون تحت ٿي هئي. ان اسيري متعلق لکيل سندس ڪتاب هٿين هٿ ڪڙول سندس پنهنجي زال ڏانهن لکيل خطن ۽ سندس زال جي ڏانهس لکيل خطن تي مشتمل آهي. ان ۾ سندس چوڻ موجب هن گھڻيون ذاتي ڳالهيون حذف ڪري ڇڏيون آهن جڏهين ته ان ۾ جيل جي ماحول اتان جي سياسي ۽ غير سياسي قيدين ۽ عملدارن متعلق گھڻي ڀاڱي ذاتي مشاهدا آهن. خاص طور هن حيدرآباد جي دائود پٺاڻ سان جيڪو وقت گذاريو ان جو نهايت سٺي نموني ذڪر ڪيو اٿائين. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ڪنهن تي به نظرياتي ۽ سياسي حوالي سان ڪا تيڪا ٽپڻي ۽ تنقيد ناهي.
طارق پنهنجي سڀاء ۽ طور طريقن ۾ هڪ نفيس ماڻهو هو، جيڪو هميشه پنهنجي ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي صفائي سٿرائي جو خيال رکندو هو ۽ کيس ٻين جون به خراب عادتون نه وڻنديون هيون. حيرت ان ڳاله تي ٿئي ٿي ته پاڻ تي ڪک نه سهڻ واري ماڻهو ايڏيون جيل وغيره جون سختيون ڪيئن سٺيون ۽ ڪنهن ڪمپرومائز وغيره لاء تيار نه ٿيو جڏهين ته سندس ڪنهن به سياسي ڌر وغيره سان به ڪو واسطو نه هو. جيل ۾ گھڻن دوستن سندس سهائتا ڪئي پر هن ساڳي وقت ڪجھ پنهنجن ويجھن دوستن، خاص طور نيو فيلڊس واري فيروز جنهن سان سندس ويجھو ذاتي ناتو هو ۽ امر جليل، جنهن جي لاء هن سهڻي جو خاص نمبر ڪڍيو هو ۽ جنهن جي ڪهاڻي سرد لاش جو سفر ڇپڻ جي ڪري کيس گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو، جي شڪايت پڻ ڪئي آهي جن ان ڏکئي وقت ۾ سندس ڪا سار نه لڌي.
سنڌي ۾ جيل متعلق جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن انهن ۾ انهن ڪتابن جي هڪ منفرد ۽ اهم حيثيت آهي.

افغانستان: ثورانقلاب ۽ طالبان

افغانستان: ثورانقلاب ۽ طالبان

تازو طارق علي جو ڪتابForty years war in Afghanistan- A chronicle Foretold شائع ٿيو آهي. ان ۾ ثور انقلاب کان آمريڪي فوجن جي افغانستان مان واپس وڃڻ ۽ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. ليکڪ طالبان جي ان سوڀ کي ويٽنام ۾ آمريڪا جي شڪست سان ڀيٽيو آهي ۽ ڪن صورتن ۾ ان کي ان کان به برتر ڪري پيش ڪيو آهي.
افغانستان جو بادشاه ظاهر شاه هڪ قبائلي وفاق جو اڳواڻ هو. کيس سندس ڪزن دائود اقتدار تان هٽائي پاڻ اقتدار سنڀاليو ۽ ملڪ کي هڪ جمهوريه قرار ڏنو. دائود آمريڪا ۽ اوله جي ملڪن سان پنهنجا ناتا مضبوط ڪرڻ لاء کاٻي ڌر تي تشدد ۽ سختي شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ مير اڪبر کيبر قتل ٿي ويو جنهن جي لاء دائود کي ذميوار قرار ڏنو ويو. سندس ان ڏاڍ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ افغنستان جي عوامي جمهوري جماعت، جنهن کي ٻن ڪميونسٽ گروهن پرچم ۽ خلق کي گڏي ٺاهيو ويو هو، ملڪ ۾ مظاهرا شروع ڪيا. ان جماعت جو فوج ۾ چڱو اثررسوخ هو جنهن هڪ بغاوت ذريعي دائود کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.
پارٽي جي اڳواڻن ۽ خاص طور حفيظ الله امين ان فوجي بغاوت کي انقلاب ثور جو نالو ڏنو ۽ اهو چوڻ شروع ڪيو ته اسان انقلاب جي نئين شارٽ ڪٽ واٽ اختيار ڪئي آهي ۽ سوويت يونين جي اڳواڻن کي اسان کان سکڻ گھرجي.
اها رڳو هڪ خوشفهيمي هئي. لينن پاڻ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو هو ته ريڊار کي رات وچ ۾ پرولتاري ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگھجي. ٻي ڳالهہ ته پارٽي جو رڳو فوجي آفيسرن ۽ شهر جي پڙهيل ڳڙهيل دانشورن ۾ اثر رسوخ هو. ڪابل کان ٻاهر ۽ خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهو نه هئڻ برابر هو. ماڻهن کي شروع ۾ نئين حڪومت مان ڪجھ اميدون هيون. ليکڪ جو خيال آهي ته نئين حڪومت کي سڌارن جي شروعات اتان ڪرڻ گھرجي ها جتي امان الله ان کي ڇڏيو هو ۽ ساڳي وقت زرعي سڌارن وغيره جي ڪري مذهبي عالمن ۽ قبائلي سردارن جي جنهن مخالفت جنم ورتو هو ان کي ماڻهن کي متحرڪ ۽ منظم ڪري منهن ڏيڻ گھرجي ها. پر ائين نه ٿيو.
پارٽي ۾ هڪ پاسي خلق ۽ پرچم ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي ۽ پرچم جي اڳواڻن کي پاسيرو ڪيو ويو. ببرڪ ڪارمل کي پراگ ۾ سفير ڪري موڪليو ويو ۽ ٻئي پاسي امين ۽ تره ڪي، جن ٻنهي جو واسطو خلق دڙي سان هو، ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ نتيجو تره ڪي جي قتل جي صورت ۾ سامهون آيو. حفيظ جي حڪومت ڪرڻ جو طريقه ڪار ڏاڍ، ڏهڪاء ۽ تشدد وارو هو. هن پرچم جي اڳواڻن خلاف ڪاروايون شروع ڪيون. هنِ ببرڪ ڪارمل کي سفير جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ کيس سوويت يونين ۾ پناه وٺڻي پيئي. ان پاليسي جي ڪري پارٽي جو ماڻهن ۾ اثر رسوخ گھٽجي ويو ۽ انقلاب مخالفن ڏانهن ماڻهو وڌيڪ مائل ٿيڻ لڳا. ان لاء هڪ دليل اهو ٿي ڏنو ويو ته سوويت يونين ۾ اسٽالن پاران پارٽي ۾ ۽ پارٽي کان ٻاهر پنهنجن مخالفن لاء اهڙيون ئي پاليسيون اختيار ڪيون ويون هيون.
هڪ تاثر اهو ڏنو وڃي ٿو ته امين پاران ئي ٻاهرين مداخلت کي منهن ڏيڻ لاء سوويت يونين کي فوجن موڪلڻ جي درخواست ڪئي ويئي هئي.
ليکڪ ان ڳالهہ جو به جائزو ورتو آهي ته سوويت يونين کي نيٺ افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. سوويت قيادت ڪنهن به صورت ۾ ان جي حق ۾ نه هئي. پولٽ بيورو ان جي خلاف فيصلو ڪيو هو. آندروپوف، جيڪو ان وقت انٽيليجينس اداري جو اڳواڻ هو، ان جي سخت مخالفت ڪئي هئي. سوويت قيادت پاران افعان اڳواڻن کي چيو ويو ته اهي مقامي ماڻهن ۽ پارٽي ڪارڪنن تي مشتمل اهڙي مليشيا ۽ رضاڪار فورس وغيره منظم ڪن جيڪا انقلاب دشمنن کي منهن ڏيئي سگھي. سوويت يونين جي قيادت کي ان حوالي سان هڪ ته آڪٽوبر انقلاب کانپوء وچ ايشيا جي ماڻهن جي سخت مزاحمت جو تجربو هو ۽ ٻيو انهن آڏو افغانن جي انگريزن خلاف مزاحمت هئي.
ان سلسلي ۾ ٻن عنصرن اهم ڪردار ادا ڪيو. امين ۽ سوويت قيادت جي ناتن ۾ هڪ ڇڪتاڻ هئي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته سوويت يونين تره ڪي جي مارجڻ مان خوش نه هو ۽ ٻي ڳالهہ ته امين ان ڳالهہ تي به خفا هو ته سوويت يونين پرچم جي اڳواڻن کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿي ۽ ان سندس مخالف ببرڪ ڪارمل کي پنهنجي ملڪ ۾ پناه ڏني هئي. آمريڪا ڪنهن به ريت سوويت يونين کي فوجي طور افغانستان ۾ ملوث ڪري ويٽنام جو حساب ڪتاب برابر ڪرڻ چاهيو ٿي. ان ڪري امين جي آمريڪا جي ويجھو ٿيڻ متعلق گھڻيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هلايون ويون. ٻي ڳالهہ ته امين جي پنهنجن مخالفن ۽ ٻين ماڻهن خلاف ڏاڍ ِ۽ تشدد جي پاليسين سندس حمايت جي دائري کي اڃا سوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس حڪومت خلاف مزاحمت ۾ پڻ تيزي اچي ويئي هئي. انهن ڳالهين سوويت قيادت کي فوجي مداخلت جي حق ۾ فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
هتي جيڪا فوج موڪلي ويئي ان ۾ پارٽي جي اهم عهديدارن ۽ ڪامورن جو ڪو مٽ مائٽ ۽ ٻار وغيره شامل نه هو. ان ۾ گھڻو ڪري اهڙن نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو جيڪي سماج جي پٺتي پيل پرتن سان واسطو رکندڙ هئا. ٻيو اها ڪوشش ڪئي ويئي ته ان ۾ وچ ايشيا جا ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هجن. ڇاڪاڻ ته انهن متعلق اهو خدشو هو ته اهي مذهبي جذبي تحت فوج مان ڀڄي طالبان سان ملي سگھيا ٿي پر اها ڳاله غلط ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته ڀڄي ويلن ۾ ان علائقي جي ڀيٽ ۾ ٻين علائقن جي فوجين جو تعداد وڌيڪ هو.
ان سڀ جي باوجود افغانستان ۾ استحڪام قائم نه ٿي سگھيو ۽ نيٺ سوويت يونين کي پنهنجين فوج کي اتان واپس گھرائڻو پيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سوويت يونين فوجن جي واپسي لاء گھڻي عرصي کان.پاڪستان سان ڪنهن ٺاه تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر پاڪستان تي آمريڪي دٻاء جي ڪري اهو ان ۾ ڪامياب نه پي ٿي سگھيو. ان فوجي مداخلت جي سوويت يونين کي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي. ڪجھ مبصرن جو چوڻ آهي ته سوويت يونين جي زوال جي شروعات سٺ جي ڏهاڪي ۾ چيڪوسلواڪيا ۾ مداخلت سان ٿي هئي جيڪا افغانستان ۾ فوجي مداخلت سان پنهنجي انت کي پهتي.
سوويت فوجن جي افغانستان مان واپسي کانپوء مجاهدين جي مختلف گروهن جي پاڻ ۾ ويڙه، طالبان جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ نجيب جو قتل اهي سڀ تاريخ جو حصو آهن. نائن اليون هڪ اهم واقعو هو جنهن افغانستان ۾ ناٽو ٰ۽ خاص طور آمريڪي مداخلت لاء رستو صاف ڪيو. آمريڪا جي اها گھر هئي ته اسامه بن لادن کي آمريڪا جي حوالي ڪيو وڃي. ملا عمر ان کان انڪار نه ٿي ڪيو. سندس رڳو اهو چوڻ هو ته اسان اساما کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاء تيار آهيون بس اسان کي رڳو سندس نائن اليون واري واقعي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت ڏيو. پر آمريڪا اهڙا ڪي ثبوت ڏيڻ لاء تيار نه هو. افغانستان تي حملي جو مقصد آمريڪا پاران اتي پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪرڻ هو.
آمريڪا افغانستان تي قبضو ان دعوا سان ڪيو هو ته اهو اتي سياسي، سماجي ۽ ٻيا مختلف ادارا قائم ڪري اتان جي ماڻهن جي ترقي لاء ڪوششون وٺندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهہ نه ٿي. انهن پاران ايترو ڪجھ به نه ڪيو ويو جيترو سوويت يونين پاران ڪيو ويو هو. طالبان جي سخت گير پاليسين جي ڪري جن افغان شهرين آمريڪا جي اچڻ جي آجيان ڪئي هئي اهي به آمريڪي فوجين جي ڏاڍ تشدد، سويلين ٺڪاڻن تي بمباري ۽ عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪري ان جي خلاف ٿي ويا. اهڙي ريت هڪ پاسي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي حمايت ۾ گھٽتائي ٿيڻ لڳي ۽ ٻئي پاسي مزاحمت ڪندڙ طالبان جي قوت ۽ طاقت ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. انهن جي صفن ۾ اهڙا نوجوان شامل ٿيڻ لڳا جن پنهنجي ملڪ تي پرڏيهي قبضي ۽ ان جي ماڻهن تي ڏاڍ ۽ تشدد خلاف ويڙه ۾ پنهنجو حصو وجھڻ چاهيو ٿي. اهي پراڻن طالبان کان ان لحاظ کان مختلف هئا ته اهي ملڪ اندر پنهنجن مخالفن ۽ ٻاهرين طاقتن سان ممڪن حد تائين هڪ مفاهمتي پاليسي تي هلڻ جا قائل هئا. ساڳي وقت انهن ملڪ ۾ عورتن ۽ آبادي جي ٻين حصن تي اهي سخت گير پاليسيون نه ٿي مڙهڻ چاهيون جيڪي اڳوڻي طالبان جي حڪومت پاران لاڳو ڪيون ويون هيون. طالبان ۽ آمريڪا ٻنهي ان ڳاله کي سمجھيو ٿي ته انهن مان جنگ ۾ ڪو به مڪمل طور سوڀارو نه ٿو ٿي سگھي. مسئلي جو حل رڳو ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگھي ٿو.
ان سان گڏ طالبان پاڙيسري ملڪن چين، روس، ايران ۽ پاڪستان سان سٺن ناتن ۽ انهن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت واري پاليسي تي زور ڏنو.ِ طالبان جي هڪ وفد ان سلسلي ۾ ڇين جو دورو به ڪيو. امريڪا ٰ۽ طالبان جي اڳواڻن ۾ قطر ۽ ٻين مختلف ملڪن ۾ ڳالهہ ٻولهہ جا گھڻا دور هليا. ان ۾ جيتوڻيڪ گھڻا معاملا طئي ٿيا پر طالبان آمريڪا جي ٿاڦيل صدراويس غني ۽ سندس حڪومت کي مڃڻ ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاء تيار نه هئا.
طالبان جو ڪابل تي قبضو هڪ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهہ هئي. ائين لڳو ته افغان فوج موجود ئي نه هئي يا اها هوا ۾ تحليل ٿي ويئي هئي. آمريڪا ۽ اتحادين پاران ان فوج کي منظم ڪرڻ لاء وقت ۽ پئسي جي جيڪا سيڙپ ڪئي ويئي هئي اهو سڀ فضول ٿي لڳو. صدر اويس غني مال ميڙي ملڪ مان ڀڄي ويو. جيتوڻيڪ طالبان کي مزارشريف وغيره ۾ ڪجھ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پر سندن رويو ۽ پاليسي پهرين جي ڀيٽ ۾ گھڻي معتدل ۽ نرم هئي. سندن عورتن ۽ ٻين معاملن متعلق مختلف پاليسين جي حوالي سان تحفظات آهن. اها ڳاله به پنهنجي جاء تي آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن کي پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجا اڳواڻ چونڊڻ جو پڻ اختيار ملڻ گھرجي.
ليکڪ ان ڳالهہ کي واضح ڪري ٿو ته افغانن جيئن ماضي ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي قبضي کي نه سٺو ساڳي ريت آمريڪين سان به ائين ئي ٿيو. اربين ڊالر خرچ ڪرڻ، سوين سپاهي مارائڻ ۽ هڪ ڊگھو وقت جنگ ۾ ملوث هجڻ ۽ بيگناه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي مارڻ جي باوجود هو افغانستان ۾ پنهنجي مرضي نه هلائي سگھيا.

پروفيسر ملڪاڻي

پروفيسر ملڪاڻي

سنڌ جي ٻين علائقن مان ڪراچي جي اين اي ڊي، ڊي جي ۽ شاهاني لاء ڪاليج جهڙن تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ لاء ايندڙ شاگردن جي رهائش لاء 1901 ۾ خيرپور جي مير جي ڏنل پنج هزار ۽ ٻن ڀائرن ديارام ۽ مٺارام گدومل جي ڏنل پندرنهن هزار روپين مان هڪ هاسٽل تعمير ڪيو ويو جنهن جو نالو مٺارام هاسٽل رکيو ويو. ان وقت جي رهائش جي لحاظ کان سٺن هاسٽلن مان ان جو شمار ٿيندو هو.
انهن ڏينهن ۾ 1930 ۾ ڊي جي ڪاليج جي سنڌي ۽ انگريزي جي پروفيسر منگھارام ادا رام ملڪاڻي کي، جيڪو ان هاسٽل جو سپريٽينڊنٽ هو ۽ اتي ئي رهندو هو، سندر نالي هڪ پٽ ڄائو. اهو ڇوڪر ان ڪاليج جي ماحول ۾ جتي سندس پي پروفيسرهو پنهنجي پي ۽ ڀاء سان گڏ شاگردن سان جي وچ ۾ رانديون ڪندي وڏو ٿيو. سندس قيمتي يادگيرين ۾ سندس پي جو ڊرامن ۽ ناٽڪن جي سلسلي ۾ ڪم هو جنهن ۾ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد بهرو وٺندا هئا ۽ اهي فريئر هال ۽ ڪاليج جي اندر ڪيا ويندا هئا.
پروفيسر ملڪاڻي هڪ سٺو رانديگر هو. هو ٽينس جو چمپيئن، ڪرڪٽ جو سٺو رانديگر ۽ خاص طور ڊراما لکندو هو.ِ سندس شاگرد ساڻس پيار ڪندا هئا. کيس 1968 ۾ سنڌي نثر جي تاريخ تي ساهتيه اڪادمي جو ايوارڊ پڻ مليو. 1990 جي ڏهاڪي ۾ سندس پٽ سندر، جيڪو آسٽريليا ۾ رهيل هو، پنهنجي جنم ڀومي ڪراچي آيو. سندس هتي اچڻ جو مقصد انجينيئرنگ جي شين لاء خريدارن جي ڳولها هو. سندس لاء اهو هڪ مايوس ڪن تجربو هو. کيس پنهنجو پاسپورٽ اميگريشن پوليس وٽ جمع ڪرائڻو پيو ۽ باقي وقت ان فڪر ۾ گذريو ته اهو ڪڏهين ۽ ڪيئن کيس موٽي ملندو. ماڻهن جو ڏانهس هڪ غير دوستانه رويو هو. ڊي جي ڪاليج ۾ کيس موجوده پرنسپل سان ملڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. ايستائين ته سندس ڄم جي جاء مٺا رام هاسٽل ۾ ڪير کيس ٻڌڻ يا ماضي متعلق ڪا شي سمجھڻ لاء تيار نه هو. انجنيئرنگ جي سامان استعمال ڪرڻ وارن کي رڳو آمريڪي شين ۾ دلچسپي هئي ۽ انهن آسٽريليا جون شيون نه ٿي وٺڻ چاهيون. ڪاليج گھڻو تبديل ٿي چڪو هو. کيس اهو گندو، بي ترتيب ۽ ٽٽل ڦٽل لڳو. دريون پنهنجي جوڙ کان نڪتيون پيون هيون ۽ بجلي جون تارون ڍڪيل نه هيون. سندر کي اهو عجيب لڳو ته شاگرد هتي پڙهن ڪيئن ٿا. (The Amils of Sindh by Saaz Aggarwal p: 97-98)

عامل ۽ ڪرڪيٽ

عامل ۽ ڪرڪيٽ

ڀڳوان جي پيءُ جو دوست ڪراچي ڪرڪٽ ڪلب جي مينيجنگ ڪاميٽي جو رڪن هو ۽ اهڙي ريت هو جيترو عرصو ڪراچي ۾ رهيا، انهن ڪوبه ٽيسٽ ميچ نه گسايو. اسٽيڊيم ۾ اهي ڪرڪيٽ جي رانديگرن سان گڏ ويهندا هئا. ڀڳوان کي ياد آهي ته ان وقت ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جڏهين پاڪستان خلاف سنڌ ۾ کيڏڻ آئي هئي ته ان ۾ ٽي سنڌي رانديگر هئا، جن پاڪستان خلاف ميچ کيڏي هئي. انهن ۾ ٽيم جو ڪئپٽن جي ايس رامچند سپي، جنهن جو سڄو نالو گلاب رائي رامچند سپاهيمالاني هو، نائومل جائومل ۽ پنانمل پنجابي هئا. (The Amils of Sindh by Saaz Aggarwal p:351)

عزيز ڀنگوار ۽ سندس ڪتاب

عزيز ڀنگوار ۽ سندس ڪتاب

عزيز ڀنگوار جي ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ جو ڪافي ذڪر ٻڌو هو ۽ اهو پڙهڻ به چاهيو پئي. تازو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اهو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو ڪتاب هڪ اهڙي شاگرد جي ڪٿا آهي جيڪو پنهنجي ڪاليج جي شروع ڏينهن کان بجائي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جي اهڙي قوم پرست سياست جي ور چڙهي ٿو وڃي جنهن ۾ تشدد، ڀتا خوري ۽ ڪاپي ڪري يا ٻين کان پيپر حل ڪرائي پاس ٿيڻ هڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن جي بهادري جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. اهڙي ريت هو يونيورسٽي پهچي ٿو. اتي به فائرنگ ڪرڻ، وي سي جي آفيس تي قبضو ڪرڻ ۽ مهاجر شاگردن کي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جهڙيون سرگرميون سندس معمول هجن ٿيون. ان جو انت ان ڳاله تي ٿئي ٿو جڏهين يونيورسٽي جي ڪنووڪشن ۾ بيگم رعنا لياقت جي بيعزتي ڪئي وڃي ٿي، حفيظ پيرزادي کي اسماعيل وساڻ چماٽ هڻي ٿو ۽ فائرنگ ۾ پوليس جي هڪ سپاهي جي موت ٿي وڃي ٿي.
ان ڪيس ۾ عزيز، جيڪو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هجي ٿو، سميت ڪجھ شاگرد گرفتار ٿين ٿا. ان کان اڳ به هو جيل ۾ رهي چڪو هو. ڪافي عرصو جيل ۾ رهڻ، جنهن دوران هو پنهنجي پي جي چوڻ تي معافي نامو به صحيح ڪري ڏئي ٿو پر آزاد نه ٿو ٿئي، کانپوء هو آزاد ٿئي ٿو پر پوليس لاڳيتو سندس گھر وارن کي تنگ ڪندي رهي ٿي. نيٺ سندس جند تڏهين آجي ٿئي ٿي جڏهين هو غلام مصطفا جتوئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو، سان ملي سندس لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو. هو جتوئي کان ٽرڪن ۽ بسن وغيره جون پرمٽون وٺي ٿو ۽ پنهنجن مائٽن وغيره کي نوڪريون وٺي ڏئي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جتوئي جي چوڻ مطابق ڪم ڪري ٿو. کيس رسول بخش تالپور جي جلسي ۾ موڪليو وڃي ٿو ته جيئن سندس حڪومت خلاف تقرير جي بنياد تي تالپور کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته اتي پهچي هن ڏٺو ته هو اڪيلو نه پر هتي ته سندس جهڙن ماڻهن جو وڏو تعداد هو جيڪي حڪومت لاء ڪم ڪن ٿا. پر هو رڳو شاه محمد شاه جو ذڪر ڪري ٿو جنهن اتي حڪومت خلاف زوردار تقرير ڪئي ۽ کيس لڳو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جي ضرورت نه هئي. بهرحال ان کانپوء تالپور کي گرفتار نه ڪيو ويو.
هو جتوئي جي سفارش تي ايڪسائز آفيسر ٿئي ٿو پر سندس چواڻي ته کيس انگريزي جا ٻه اکر به لکڻ نه ٿي آيا هو ۽ پنهنجن ماتحتن جو محتاج هجي ٿو. ڳوٺ ۾ هڪ ذاتي جھيڙي ۾ جيڪي کيس ڌڪ لڳن ٿا انهن جي ڪري هو سڄي عمر لاء معذور ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ جو اعتراف جيتوڻيڪ جتوئي جو ماڻهو ٿيڻ ۽ حڪومت سان ٺهي هلڻ ۽ ان مان فائدا وٺڻ متعلق آهي پر منهنجي خيال ۾ هو ان کان اڳ يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙي سياست جو حصو رهيو جنهن جي ڪري يونيورسٽي هڪ ڊگھي عرصي لاء تشدد ۽ نسل پرستي جي ور چڙهي ويئي. مهينن تائين تعليمي سرگرميون بند رهنديون هيون. تعليم جو معيار ڪري پيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڊگھي عرصي تائين هڪ وڏو نقصان کڻڻو پيو. اها هڪ لحاظ کان ڄڻ هڪ اهڙي ماڻهو جي شاهدي آهي جيڪو ان سڀڪجھ جو حصو رهيو آهي.


عزيز ڪنگراڻي جو ڪھاڻي ڪتاب

عزيز ڪنگراڻي جو ڪھاڻي ڪتاب

عزيز ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي جي حوالي سان هڪ ليک آهي جيڪو آئون هتي شيئر ڪيان ٿو.
عزيز ڪنگراڻي سنڌي جو هڪ مڃيل ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس آهي ۽ هو ٽيليويزن چينلن لاء به ڊراما لکندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سندس آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي حوالي سان انگريزي ۽ سنڌي ۾ پڻ ڪجھ ليک آهن. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڻ اچي چڪو آهي.
هن وقت سنڌي جي ليکڪن کي ٻهراڙي ۽ شهري خانن ۾ ورهائي نه ٿو سگھجي. هن وقت ڄڻ سنڌي سماج جيان سنڌي ادب به هڪ Synthesis جي عمل مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ ڪٿي اهي ٻيئي ٻولي ۽ موضوع جي لحاظ کان ڌار ڌار هجن ٿا ته ڪٿي گڏجي وڃن ٿا. اها ساڳي ڳاله عزيز جي حوالي سان به چئي سگھجي ٿي. سندس ڪهاڻين تي جيتوڻيڪ ٻهراڙي جو رنگ حاوي آهي پر انهن کي شهري موضوعن ۽ مزاج کان بلڪل ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ممڪن آهي ته شهر ۾ رهندڙ ماڻهو جو ٻهراڙي سان گھڻو واسطو نه پوندو هجي پر ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهو جو پنهنجي پڙهائي، نوڪري، واپار ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ شهر سان واسطو لازمي طور تي پئي ٿو. سنڌ ۾ اهڙو شهر رڳو ڪراچي ئي آهي ۽ جڏهين شهري ماحول يا شهر جو ذڪر اچي ٿو ته اهو سکر، حيدرآباد ۽ سنڌ جو ٻيو ڪو شهر نه پر ڪراچي ئي هجي ٿو. هو شهر کي پنهنجي نڪته نظر کان ڏسي ٿو ۽ ان جو ان طريقي سان اظهار ڪري ٿو. اهڙي ريت عزيز جي شهري موضوعن تي لکيل ڪهاڻين کي سندس اهڙو اظهار ۽ ردعمل قرار ڏيئي سگھجي ٿو. اهڙين ڪهاڻين ۾ دونهاٽيل دعا جو درد جنهن ۾ هڪ پي جو پٽ ۽ ان جي پريمڪا شهر ۾ دهشت گردي جو نشانو بڻجي وڃن ٿا. پهرين انٽري ۽ ٽشو پيپرکي انهن مسئلن ۽ جنسي طور هراسان ڪرڻ جي حوالي سان ڏسي سگھجي ٿو جنهن جو نوڪري ڪندڙ ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ گھرن کان ٻاهر نڪرندڙ ڇوڪرين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. پر ان ڳاله کي ساڳي وقت ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اهو سڀڪجھ ئي رڳو شهر ناهي. شهر جي هڪ گوناگون ۽ منجھيل زندگي آهي جنهن سان هتي رهندڙ مختلف قسمن ۽ طبقن جي ماڻهن جو واسطو پئي ٿو. ان سڄي عمل کي پنهنجي اندر ۾ سموئڻ ۽ Internalize ڪرڻ جي ضرورت آهي.
عزيز جي ڪهاڻي جو انداز سنڌي جي گھڻن ڪهاڻيڪارن جيان پنهنجي ذات ۽ اندر جي دنيا نه پر ٻاهر جي دنيا ۽ ماڻهن سان لاڳاپيل موضوع آهن. هو پاڻ گھٽ ٿو ڳالهائي، سندس ڪردار گھڻو ڳالهائين ٿا. مڪالما سندس ڪهاڻي کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ شايد ساڳي وقت ڊراما نگاري سان به وابستا رهڻ آهي. ٻاهر جي دنيا سبدس موضوع هئڻ جي ڪري وٽس يڪسانيت جي بجائي هڪ تنوع آهي. گھڻا موضوع سندس قلم مان نڪرن ٿا.
ٻهراڙي جي ماحول جي حوالي سان ڪهاڻي وسڪاري کانپوء ٿر جي ماڻهن جيان ڪاڇي جي ماڻهن جي پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ ڇڪ جو اظهار ڪري ٿي.پنهنجي اظهار، ٻولي ۽ ڊڪشن جي حوالي سان اها ڪهاڻي ڪاڇي جو ماحول جو هڪ بهتر اظهار آهي ۽ ان کي عزيز جي سٺين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. ڪهاڻي مان اها ڳاله پڻ ظاهر ٿئي ٿي ته علائقو جيترو پٺتي پيل ۽ ماڻهو معاشي ۽ سماجي لحاظ کان جيترو پسمانده ۽ غريب آهي اوترو وڌيڪ هو ڀوتارن، ملڪن ۽ اربابن جي ڦرمار ۽ ظلم جو شڪار آهي. جڏهين ته ان جي ڀيٽ ڪهاڻي ڇاند کي هڪ روايتي ڪهاڻي ليکي سگھجي ٿو جنهن ۾ زمين ٻن ڪردارن جي وچ ۾ تنازعي ۽ دشمني جو سبب بڻجي ٿي.
عزيز وٽ محبت جو مطلب ملاپ نه پر وڇوڙو ۽ درد آهي. هڪ ته اها محبت مختلف طريقن سان عمر ۽ سماجي رتبي جي لحاظ کان اڻبرابري جو اظهار ڪري ٿي ۽ ٻيو ته سماج ان کي قبول نه ٿو ڪري. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن سماج ۾ عورت ۽ مڙد جو ناتو ٻن آزاد فردن جو نه پر ٻن خاندانن، ذاتين ۽ قبيلن جي وچ ۾ هوندو آهي جنهن سان هٿ چراند انهن فردن ۽ خاص طور تي عورت لاء هاڃيڪار ٿي سگھي ٿي. اها ڳالهہ سندس ڪهاڻي بارشن جو روڳ ۾ به نظر اچي ٿي ۽ پيار گرهڻ ۾ به. سندس ٽي ڪهاڻيون وڇوٽي جي لڪير، وکري ويل خواب جو الميو ۽ هو منهنجي نه هئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن جنهن ۾ هڪ جوان ڇوڪري پاڻ کان وڏي عمر جي مڙد، پنهنجي استاد يا باس سان هڪ تعلق رکڻ چاهي ٿي. پر ان تعلق ۾ ڪو ڪمٽمنٽ ۽ جذباتي لڳاء نظر نه ٿو اچي ۽ ان جو انجام ڌار ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ئي نڪري ٿو. انهن ڪهاڻين ۾ اڳڀرائي گھڻو ڪري عورت ڪردار پاران ئي ڪئي وڃي ٿي. ڪهاڻيڪار جيڪڏهين انهن جي جذباتي ۽ معاشي گھرجن جو نفسياتي ڇيد ڪري ها ۽ ٿورو ان ڪردار جو پس منظر بيان ڪري ها ته اهي ڪهاڻيون پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد هئڻ جي ڪري پڙهندڙ جي وڌيڪ دلچسپي جو باعث بڻجن ها.
انهن ڪهاڻين ۾ عورت جو ڪردار رڳو محبت ۽ قرباني جو نه پر طاقتور مڙد لاء هڪ رانديڪي ۽ تفريح جي سامان جو به آهي جنهن جو اظهار ٽشو پيپر ۽ پهرين انٽري ۾ ٿئي ٿو. ڪهاڻي زندگي جو امر گيت ان ڳالهہ جو اپٽار ڪري ٿي ته عورت جي مڙد جي وچ ۾ ناتو جانورن جيان رڳو جنس ۽ مفاد جو ناهي هونڌو پر بنيادي طور تي احساس ۽ هڪٻئي سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جو هوندو آهي. گھوڙي ۽ پٽ جي ڀيٽ ڪندڙ ڪهاڻي سهارو ان احساس جواپٽار آهي. ليکڪ ان ڳالهہ جي وضاحت ڪري ٿو ته ماڻهو جا ناتا ۽ تعلق رڳو رت جا ناهن هونڌا پر انهن ۾ احساس جو وڏو ڪردار هونڌو آهي جيڪو هڪ انسان جي سلسلي ۾ به ٿي سگھي ٿو ۽ هڪ جانور جي سلسلي ۾ به. اها ساڳي ڳاله سانت جون سرگوشيون ۾ پڻ محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ معصوم ٻار جي هڪ معصوم خواهش کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو ان جي وضاحت نه ٿي ڪري سگھجي.
صدين جي صدا پارٽي جي گڏجاڻي پوليس جو ڇاپو گرفتاري ۽ ٽارچر جي نتيجي موت پر ڪنهن ڳاله کي ظاهر نه ڪرڻ ليکڪ جي سياسي ڪمٽمنٽ کي ته ظاهر ڪري ٿي پر سراج جي ڪهاڻي اٺون ماڻهو ۽ ف م لاشاري جي ڪهاڻي ٽنگيل وقت جيڪو تاثر پيدا ڪن ٿيون اهو تاثر پيدا نه ٿي ڪري. ساڳيو سوال ڪهاڻي ڊهندڙ ديوار جي سلسلي ۾ به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا جنهن سماجي منظر نامي کي چٽيو آهي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي سوٽ ۽ ڳوٺ جي وڏيري سان مهاڏو اٽڪائي ٿي ۽ ڪورٽ به سندس حق ۾ فيصلوڏئي آهي واقعي هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ائين ٿئي ٿو. ها باقي اهو چئي سگھجي ٿو ته ليکڪ هڪ آدرشي ڪردار ڏنو آهي جيڪو هڪ مثال طور ڪم اچي سگھي ٿو.
ڪهاڻين جو هي مجموعو يقيني طور سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ مثبت واڌارو ڪري ليکيو ويندو.

علڻ فقير

علڻ فقير

خواجه غلام علي کوساڻي پيشي جي لحاظ کان فوٽو گرافر رهيو آهي. هن پهرين حيدرآباد ۾ ٽائم ۽ پوء سارنگ فوٽو اسٽوڊيو هلايو. ساڳي وقت سندس سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ان جي اڳواڻن سان به تعلق رهيو آهي. لکڻ پڙهڻ سان واسطو هئڻ ڪري هو گھڻن ناميارن سنڌي ليکڪن جي ويجھو رهيو آهي. هو پنهنجي آتم ڪٿا فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا ۾ هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته اهو شايد 1992 جو سال هو. هو پنهنجي گاڏي ۾ ڪراچي ۾ شيخ اياز سان ملڻ کانپوء حيدرآباد واپس اچي رهيا هئا. ساڻن محمد ابراهيم جويو به گڏ هو. ٿيو ائين ته نوري آباد ويجھو گاڏي خراب ٿي پيئي. رڻ پٽ، سڃ ۽ اونداهي. ڪا گاڏي نه پي بيٺي ۽ نه ڪا مدد پئي ملي. رات جو هڪ ڏيڍ ٿيو هجي. پالارين جو علائقو، ڌاڙيلن جو ڊپ. بهرحال ان دوران پيٽرولنگ پوليس جي هڪ گاڏي اچي بيٺي جن گاڏي ڪچي ۾ بيهاري اسان کي نوري آبادي جي ڪنهن هوٽل تي پهچايو. ايتري ۾ اتي چوڏهن سيٽن واري هڪ ويگن اچي بيٺي جنهن ۾ ڊرائيور سان گڏ رڳو هڪ ماڻهو ويٺل هو جيڪو علڻ فقير هو. هو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي جي ڪنهن پروگرام مان سرڪاري گاڏي ۾ حيدرآباد موٽي رهيو هو. هو نشي ۾ ڌت هو ۽ اسان جي ڳالهہ نه پيو ٻڌي پر جڏهين کيس سمجھايوسين ته محمد ابراهيم جويو اسان سان گڏ آهي ته ٿڙندو ٿاٻڙندو منهنجو ابو ابو ڪندي گاڏي مان لٿو. اسان کي هن گاڏي ۾ ته ويهاريو پر سڄو رستو شراب پيو پيئي ۽ جويو کان معافيون به گھري. خير حيدرآباد ۾ گاڏي جويو جي گھر تي پهتي ته اسان کي به چيائين ته اوهان به لهو، مون اوهان جو ٺيڪو نه کنيو آهي ۽ رڳو ابي جي ڪري اوهان کي ويهاريو. اهڙي ريت اسين پنڌ اچي پنهنجي گھر پهتاسين.

عمر ويگنول

عمر ويگنول

پابلو نرودا پنهنجي يادگيرين ۾ پنهنجي ارجنٽائن جي هڪ دوست ليکڪ عمر ويگنول جو ذڪر ڪيو آهي. هو هڪ عجيب شخص هو. مضبوط قد بت وارو ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ هميشه لڪڻ هوندي هئي. هن بيونس آئرس ۾ کيس هڪ هوٽل ۾ ڊنر لاء مدعو ڪيو. هو جڏهين اتي پهتو ته هن وڏي واڪ، ته جيئن اتي ويٺل سڀ ٻڌي سگھن، چيو ويهو عمر ويگنول. هن کيس چيو ته عمر ويگنول ته تون آهين مون کي تو ڇو چيو ته هن کيس چيو ته ماڻهن جا مون تي گھڻا حساب ڪتاب رهيل آهن. مون ان ڪري توکي ان نالي سان سڏيو ته جيئن اهي سڀ حساب ڪتاب تو سان ڪن ۽ تنهنجي هوا ڪڍن.
پيشي جي لحاظ کان هو ارجنٽائن جي هڪ پرڳڻي ۾ زرعي ماهر هو جتان هن هڪ ڳئون آندي هئي جيڪا سندس اهڙي دوست هئي جنهن کان هو ڌار نه ٿي سگھندو هو. هو ان کي سڄي بيونس آئرس ۾ رسي کان جھليو پيو هلندو هو. ان دوران هن پنهنجا.ڪجھ ڪتاب شائع ڪيا جن سڀني جا عجيب عنوان هئا. مثال طور ڳئون ڇا ٿي سوچي ۽ ڳئون ۽ آئون وغيره.جڏهين پين ڪلب بيونس آئرس ۾ پنهنجي پهرين عالمي ڪناگريس تي ڪئي تڏهين ليکڪ، جن جو اڳواڻ وڪٽوريا اوڪمپو هو، ان خيال کان ڏڪي ٿي ويا ته ويگنول پنهنجي ڳئون سان گڏ اچي حاضر ٿيندو. انهن اختياري وارن کي سڄي صورتحال سمجھائي ۽ پوليس پلازه هوٽل جي پر تعيش جاء، جتي اها ڪانگريس ٿي رهي هئي، کي گھيرو ڪيو ته جيئن مٿي ڦريل ويگنول کي اتي اچڻ کان روڪي سگھجي. ڪانگريس جون سرگرميون پنهنجي عروج تي هيون ۽ ليکڪ يونانين جي دنيا ۽ ان جي جديد دنيا سان تعلق تي ڳالهائي رهيا هئا ته ويگنول پنهنجي ڳئون، جنهن ائين ٻاڪارڻ شروع ڪيو ڄڻ اها بحث ۾ شامل ٿيڻ چاهيندي هجي، سان اچي نازل ٿيو. هن ان کي هڪ وڏي بند وين ۾ ڪنهن ريت پوليس جي نظرن کان بچائي اتي آندو هو.
ويگنول هڪ ڀيري هڪ پهلوان کي وڙهڻ لاء چئلينج ڪيو. ويڙه واري ڏينهن هو پنهنجي ڳئون کي به وٺي ويو ۽ ان کي آکاڙي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. پهلوان کيس زير ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ سندس نڙي تي پير رکي بيهي رهيو. ماڻهن سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايون ۽ پهلوان کي داد ڏني. ان کانپوء ويگنول هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو عنوان هو ڳئون سان ڳالهہ ٻولهہ. ان ڪتاب کي هن انهن چاليهہ هزار ڪتي جي پٽن جي نالي ڪيو جن سندس هار تي خوش ٿيندي سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايون هيون.

غلامن جي بغاوت

غلامن جي بغاوت

آرٿر ڪوئسلر جو ناولThe Gladiators رومن سلطنت جي آخري دور ۾، جڏهين اها سلطنت پاڻ هڪ وڏي بحران ۾ ورتل هئي ۽ سلطنت جي مختلف علائقن ۾ بغاوتون هلندڙ هيون، اٽلي ۾ غلامن جي هڪ عظيم بغاوت جي ڪٿا آهي. گليڊيئٽرس کي ويڙاهائڻ بادشاهن ۽ اميرن جي وڏي تفريح هوندي هئي. اهي رڳو پاڻ ۾ نه وڙهندا هئا پر انهن کي ٻين جانورن سان به ويڙهايو ويندو هو. حقيقت اها هئي ته انهن کي انسان بدران جانور ئي سمجھيو ويندو هو ۽ اهڙو ئي ورتاء ڪيو ويندو هو. اهي گھڻو ڪري غلام هوندا هئا. انهن جي ويڙه ماڻهن کي تفريح جڏهين ته انهن جي مالڪن کي پيسو ڏيندي هئي.
اسپارٽڪس ۽ ڪريڪس هن ناول جا ٻہ اهم ڪردار آهن. اهي ٻيئي نالي وارا گليڊيئٽرس ۽ هڪ ٻئي جا حريف هجن ٿا. اسپارٽڪس هڪ اهڙو خواب ڏسندڙ شخص آهي، جيڪو غلامن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي هڪ اهڙي يوٽوپيا قائم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ سڀ برابر هجن ۽ ڪير ڪنهن جو استحصال نه ڪري. انهن ٻنهي ۾ مقابلو رٿيل هجي ٿو ۽ اها پڪ هجي ٿي ته انهن ٻنهي مان ڪو هڪ مارجي ويندو.
ان مقابلي کان اڳ اهي ٻيئي ڪجھ ٻين سان گڏجي ڀڄي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ شروعات ۾ سندن پيغام ڪمزور هجي ٿو پر ان هوندي به اهو حڪمرانن ۽ استحصالي قوتن لاء هڪ خطرو هجي ٿو. وقت سان گڏوگڏ سندن تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ گھڻا غلام ۽ پيڙهيل آزاد مرد ۽ عورتون ساڻن شامل ٿين ٿا. پر ساڳي وقت کين اهو خطرو به هجي ٿو ته روم جون فوجون ۽ آقائن جا لشڪر کين پڪڙڻ ۽ ختم ڪرڻ لاء مٿن ڪاهون نه ڪن. ان کان بچڻ لاء اهي مختلف واٽون وٺن ٿا ۽ نيٺ هڪ غار ۾، جنهن ۾ لشڪرن ۽ فوجن جو گھڙڻ ڏکيو هو، پناه وٺن ٿا. روم پاران انهن کي ختم ڪرڻ لاء هڪ وڏي فوج کي موڪليو وڃي ٿو جيڪا جبل جي هڪ ڊگھي محاصري کانپوء به غلامن جي ان لشڪر کي زير نه ٿي ڪري سگھي. علامن جو لشڪر ان فوج کي پنهنجي غير رسمي حڪمت عملي سان شڪست ڏيئي ٿو ۽ ان جي گھڻي ساز وسامان تي قبضو ڪري ٿو.
ان سوڀ سندن ساک ۾ اڃا واڌارو ڪيو ۽ ٻيا ماڻهو انهن سان اچي شامل ٿيا ۽ انهن جو تعداد گھڻو وڌي ويو. پر هاڻي مسئلو اهو هو ته ايڏي وڏي تعداد کي کاڌ خوراڪ ڪيئن مهيا ڪجي جيڪا ان وقت اتي دستياب نه هئي. ان لشڪر جي اڳواڻ پاران اها تجويز ڏني ويئي ته ان مسئلي جو حل ان صورت ۾ نڪري سگھي ٿو ته ڪجھ ديوارن ڏنل شهرن کي فتح ڪيو وڃي پر ان مقصد لاء وٽن شهرن جي محاصري ۽ ديوارن ۾ سوراخ وغيره ڪرڻ لاء ڪو ساز و سامان ۽ مشنيري نه هئي. گھڻي بحث مباحٿي ۽ صلاح مصلحت کانپوء اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان مسئلي کي ان ريت حل ڪري سگھجي ٿو ته پنهنجن لڪل پيغامبرن ذريعي انهن شهرن جي غلام ۽ پيڙهيل ماڻهن تائين اهو نياپو پهچايو وڃي ته اسان اوهان جا ڀائر آهيون ۽ اوهان کي ان غلامي ۽ پيڙا مان آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا. اهو نياپو غلامن لاء ساڻن شامل ٿيڻ ۽ شهرن جي دروازن کي کولڻ لاء ڪافي هو.
انهن شهرن جيتوڻيڪ انهن غلامن ۽ ڏتڙيلن کي گھڻو ڪجھ ڏنو پر انهن شهرن ۽ اتان جي ماڻهن سان چڱو ورٽاء نه ڪيو. ان جي بجائي انهن ڀڃ ڊاه، ڦرمار ۽ عورتن سان زوري زنا ڪيا. اهو انهن ٽن شهرن ۾ ڪيو.
اهي ڳالهيون جڏهين ٻين شهرن جي ماڻهن تائين پهتيون ته انهن بجائي انهن سان سهڪار ڪرڻ جي انهن جي مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي. انهن جو تعداد هاڻي هڪ لک کان وڌي ويو هو. انهن هڪ ٻئي شهر ڪيپوئا جي ٻاهر ڪئمپ هنيو. شهر جي سٽي ڪائونسل بجائي شهر جي دروازن کولڻ جي کين اتي هڪ نئين شهر قائم ڪرڻ لاء زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي. ڪائونسل انهن کي ان وقت تائين کاڌ خوراڪ ۽ ضرورت جون ٻيون شيون مهيا ڪندي جيستائين اهي پنهنجي لاء ڪو بندوبست ڪن. اهڙي ريت هتي انهن ويجھي جھنگل ۽ جبلن مان ڪاٺ ۽ پٿر گڏ ڪري گھر ۽ ڊاننگ هال ٺاهيا ۽ ان نئين شهر جو نالو سن سٽي رکيائون. هتي هر شخص کي ڪم ڪرڻو ۽ کاڌو گڏيل طور ڊائننگ هالن ۾ کائڻو پوندو هو. کاڌي ۽ ٻين ضرورت جي شين لاء انهن سٽي ڪائونسل ۽ سامونڊي قزاقن، جن کي انهن ڪيپوئا جي بندرگاه ۾ سهولتون ڏنيون هيون، سان ٺاه ڪيا.
ان دوران عالمي صورتحال ۾ تبديلي آئي ۽ جيئن اسپين ۾ پناه ورتل روم جي مخالفن، جيڪي سندن اتحادي هئا، کي شڪست آئي تيئن ڪائونسل جي روئي ۾ پڻ تبديلي اچي ويئي. انهن پهرين کاڌ خوراڪ جي فراهمي کي گھٽائي ۽ پوء ماڳيئي بند ڪري ڇڏيو. خوراڪ جي گھٽتائي سن سٽي جي رهاڪن ۾ اختلافن ۽ بيچيني کي جنم ڏنو. گھڻن شڪايت ڪرڻ شروع ڪئي ته آزاد هئڻ جومطلب ڪم کان آزادي آهي پر هتي ته ماڻهو کي نه رڳو ڪم ڪرڻو پئي ٿو پر پوري خوراڪ به نه ٿي ملي. ان صورتحال ۾ گھڻن اها گھر ڪرڻ شروع ڪئي ته کين اڳ جيان شهرن ۾ ڦرمار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي پر سندن اڳواڻ ان ڳالهہ لاء تيار نه هو ۽ هن کين اهڙِي اجازت نه ڏني. پر هڪ ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ڄڻن پنهنجي ليکي هڪ ويجھي شهر تي ڪاه ڪري اتي ڦرمار ڪئي. پر اسپارٽڪس ان ڳالهہ جي حق ۾ نه هو. هن انهن ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاء پنهنجا ماڻهو موڪليا جن سان ويڙه ۾ باغين مان ڪجھ ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو. انهن کي سزا ڏيئي صليب تي چاڙهيو ويو. پر سن سٽي ۾ رهندڙ گھڻا اسپارٽڪس جي ان عمل سان خوش نه هئا. اهو سندن جدوجهد جو اهم موڙ هو جڏهين اٽڪل ٽيهہ هزار ڄڻا ڪريڪس جي پاسي ٿي ويا جيڪو سندن ليکي کين ڏکڻ ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ويندو. اهڙي ريت اهي اتان روانا ٿي ويا ۽ پوئتي جيڪي رهجي ويا انهن اهو فيصلو ڪيو ته سن سٽي کي ختم ڪري پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃجي. اهڙي ريت اهي پنهنجن گھرن ۽ ڊائننگ هالن وغيره کي ساڙي پنهنجن اباڻن پٽن ڏانهن روانا ٿي ويا.
جيڪي ڪريڪس سان هئا سي رومن فوجن سان ويڙه ۾ شڪست کائي ختم ٿي ويا ۽ ڪريڪس پاڻ به مارجي ويو جڏهين ته اسپارٽڪس جون فوجون لاڳيتو سوڀون ماڻينديون ۽ ايستائين ته اهي روم فتح ڪرڻ جي ويجھو پهچي ويون. ان وقت رومن فوج جي ڪمان هڪ بينڪر جي حوالي ڪئي ويئي جنهن ويڙه جي غيررسمي طريقن کي استعمال ڪندي پهرين انهن کي پوئتي ڌڪيو ۽ پوء هڪ ٻئي جنرل جي مدد سان انهن جو صفايو ڪري ڇڏيو. اسپارٽڪس مارجي ويو ۽ ان جي همراهن کي وڏي تعداد ۾ صليب تي چاڙهيو ويو. اهڙي ريت اها بغاوت پڄاڻي تي پهتي ۽ اسپارٽڪس جو ڀائپي تي ٻڌل هڪ يوٽوپيا قائم ڪرڻ جو سپنو هڪ ڊيڄاريندڙ خواب ۾ بدلجي ويو.اسپارٽڪس لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار بڻجي ويو. گھڻن اهو سمجھيو ٿي ته هو اڃا جيئرو هو ۽ انهن ان کي مختلف جاين تي ڏٺو هو جيئن دنيا جي مختلف علائقن ۾ مختلف ڪردارن سان ٿيندو آيو آهي.

ٽي ڪردار، جهاد ۽ مقصد 1

ٽي ڪردار، جهاد ۽ مقصد 1

فاطمه ڀٽو فڪشن ۽ نان فڪشن ۾ لاڳيتو لکندي رهي آهي. سندس 2010 ۾ شائع ٿيل ڪتاب Songs of Blood and Sword پنهنجي خاندان جي سياسي اختلافن جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ هن آصف علي زرداري کي پنهنجي پي جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي. 2013 ۾ سندس پهريون ناول The Shadow of the Crescent Moon شائع ٿيو. اهو ناول پاڪستان جي قبائلي علائقن جي سياسي صورتحال ۽ رياست جو اتان جي ماڻهن سان ورتاء جي حوالي سان آهي. مون تازو 2019 ۾ شائع ٿيل سندس ناولThe Runaways پڙهيو. اهو ناول مختلف پسمنظر رکندڙ ٽن ڪردارن سني، مونٽي ۽ انيتا روز عرف ليلا جي ڪهاڻي آهي.
سني لکنو ڀارت مان برطانيا ويل سليمان جميل جو پٽ آهي ۽ هو اتي ئي ڄائو نپنو آهي. سندس زندگي برطانيا ۾ رهندڙ هڪ عام نوجوان جيان ئي هجي ٿي. ڪلب، شراب ۽ ڇوڪريون سندس زندگي جو حصو هجن ٿيون. پر هو پنهنجي ان زندگي مان مطمئن نه ٿو هجي ۽ ڪنهن مقصد ۽ زندگي کي ڪنهن معنا ڏيڻ جي ڳولها ۾ هجي ٿو. سندس هڪ ڪزن تازو شام مان جهادين سان ڪجھ وقت گذاري ۽ جهاد جي تربيت وٺي موٽيو هو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته اوله جي زندگي اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ زوال ۾ ورتل آهي. ساڳي وقت انهن جي مسلمانن سان دشمني ۽ وير آهي. ضرورت ان ڳاله جي آهي ته مسلمان پنهنجي ماضي جي اوج حاصل ڪرڻ لاء جهاد جي واٽ اختيار ڪن. گھڻي اڻ تڻ کانپوء کيس اها واٽ اختيار ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي بهتري نظر اچي ٿي. هو ترڪي جي رستي عراق جي شهر موصل ڏانهن روانو ٿئي ٿو جتي کيس سخت پڇا ڳاڇا ۽ جاچ جوچ کانپوء امه تحريڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
مونٽي يا مصطفا اڪبر احمد نالي ڀارت مان لڏي آيل هڪ ٽائڪون جو پٽ آهي جنهن ڪراچي ۾ مختلف طريقن سان پارسين ۽ ٻين جي گھرن کي ڦٻائي دولت ڪٺي آهي. انيتا روز جوزف هڪ عيسائي خاندان سان واسطو رکي ٿي جيڪا مڇر ڪالوني ۾ پنهنجي ڀاء عزرا ۽ ماء زينوبي، جيڪا ٻين ماڻهن جي گھرن جا ڪم ڪري پنهنجو گذرڪري ٿي، سان گڏ رهي ٿي. ان پاڙي ۾ ئي ڪامريڊ اساما نالي هڪ مارڪسٽ رهي ٿو جنهن وت انيتا اڪثر وڃي ٿي. هو کيس ڪتاب ڏئي ٿو ۽ کيس چڱيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. هو پاڻ شراب پيئي ٿو پر انيتا کي ان کان سختي سان روڪي ۽ منع ڪري ٿو.
عزرا کي پڙهائي وغيره سان ڪا دلچسپي نه ٿي هجي. هو رات پيٽ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي حيثيت کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاء هو غير قانوني ڪمن ۾ شامل ٿئي ٿو. هو عزرا مان پنهنجو نالو مٽائي فيروز رکي ٿو ۽ انيتا ليلا ٿي ٿي وڃي هو پنهنجي ڀيڻ کي چئي ٿو ته هن ملڪ ۾ هن ريت ئي محفوظ رهي سگھجي ٿو. هو پنهنجي نئين سڃاڻپ جي حوالي سان پنهنجي سڄي خاندان جا ڪاغذ ٺهرائي ٿو پر سندس ماء مذهبي حوالي سان ان جي مزاحمت ڪري ٿي. فيروز مختلف ذريعن کان پئسا هٿ ڪري پنهنجي خاندان کي مڇر ڪالوني مان گلشن اقبال جي فليٽ ۾ منتقل ڪري ٿي ۽ انيتا کي آمريڪن گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو جتي سندس ملاقات مونٽي سان ٿئي ٿي.
فيروز پنهنجن مقصدن جي لاء ليلا جو استعمال ڪري ٿو ۽ ان مقصد لاء هو ان کي دبئي وٺي وڃي ٿو جتي ڪجھ فردن سان جنسي عمل ڪندي سندس وڊيو ٺاهي وڃي ٿي. اها وڊيو عام ٿئي ٿي ۽ ان جي بنياد تي کيس اسڪول مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي.
ليکڪا اهو ته ٻڌائي ٿي ته فيروز انهن وڊيو ليڪ ڪرڻ وارن کان معاوضي جي گھر ڪري ٿو پر اها ڳاله ٿوري منجھائيندڙ آهي ته ان کانپوء ليلا کي موصل عراق موڪليو وڃي ٿو جتي هو امه تحريڪ ۾ شامل ٿي هڪ ڏندڪٿائي حيثيت حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ سندس تقريرن جا وڊيو ۽ ٽيپ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا جن ۾ هو ماڻهن کي جهاد جي ترغيب ڏئي ٿي. مونٽي ليلا جي عشق ۾ ڄڻ ته چريو هجي ٿو. هو مختلف جاين تي سندس ڳولها ڪري ٿو پر هو ڪامياب نه ٿو ٿئي. سندس دوست کيس اها ويڊيو به ڏيکارين ٿا جنهن جي بنياد تي کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو هو. نيٺ هو اهي وڊيوز ڏسي ٿو جن ۾ هن عراق ۾ جهاد جي ترغيب پئي ڏئي. هو ان مقصد لاء موصل وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته جيئن اتي ليلا سان ملي کيس واپس وٺي اچي سگھي. اهڙي ريت اهي ٽيئي ڪردار امه تحريڪ وٽ عراق ۾ گڏجن ٿا.
اتي ويڙهاڪن کي تربيت دوران ليلا جي تقريرن وغيره جون وڊيوز ڏيکاريون وڃن ٿيون. ان جي شخصيت جو هڪ سحر هجي ٿو ۽ هرڪو ان ۾ ورتل هجي ٿو. ان وقت امه تحريڪ پاران نينوا تي حملي جي تياري ڪئي پيئي ويئي ۽ ڪمانڊر کي اهڙا ٻه رضاڪار گھربل هئا جپيڪي موصل کان نينوا تائين جي رڻ پٽ جي ريڪي ڪن ۽ اهو ٻڌائين ته واٽ تي ڪهڙيون رڪاوٽون ۽ خطرا ٿي سگھن ٿا. ان مقصد لاء هڪ ته سني پاڻ کي پيش ڪري ٿو. سندس مقصد تحريڪ ۾ پنهنجي اهميت کي ثابت ڪرڻ هجي ٿو جڏهين ته ٻيو رضاڪار مونٽي هجي ٿو جنهن جو مقصد رڳو اتي ليلا سان ملڻ هجي ٿو.
موصل کان نينوا، هڪ ڊگھو ريگستان جيڪو انهن ٻنهي کي پنڌ ئي اڪرڻو هو. دشمن تي نظر رکڻ سان گڏ پنهنجي حفاظت به ڪرڻي هئي. سني مونٽي کي هڪ بگڙيل امير زادو سمجھي ٿو ۽ کيس ڪنهن به ريت پسند نه ٿو ڪري. هو پنهنجي پي ۽ سوٽ کي اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڇا ڪري رهيو هو. پرسندس پي جي دلچسپي ان ڳاله ۾ هجي ٿي ته هو انگلينڊ ۾ ڪا چڱي نوڪري حاصل ڪري جڏهين ته سندس ڪزن توبه تائب ٿي نوجوانن کي سڌارڻ جو ڪم پئي ڪيو. مونٽي ڏينهن رات رڳو ليلا جا خواب پئي ڏٺا. اهڙي ريت ڪنهن وڏي واقعي کي منهن ڏيڻ کانسواء اهي پنهنجي منزل تي پهچن ٿا جتي نينوا جي گھيراء ڪرڻ جي تياري پئي ٿي. اتي مونٽي ليلا کي به ڏسي ٿو جنهن سان سڀ ڏاڍي عزت احترام سان پيش اچن ٿا. هو هڪ ڀيري موقعو ڏسي سندس ويجھو به وڃي ٿو پر هو کيس سڃاڻڻ جي باوجود کيس پاڻ کان پري رهڻ جو چئي ٿي.
نينوا جي فتح کانپوء شهر جي ميئر، ان جي پٽن ۽ ٻين گھڻن شهرين کي جن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو۽ مزاحمت ڪئي هئي، انهن کي ٻڌي قيدين طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪمانڊر ويڙهاڪن کان پڇي ٿو ته انهن کي قتل ڪرڻ جي شروعات ميئر کان ڪرڻي آهي ۽ ان ڪم لاء ڪير اڳتي ايندو. سني اڳتي وڌي ٿو ۽ هو ميئر جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي ريت تحريڪ ۾ سندس اهميت ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو. ان دوران ليلا جي دبئي ۾ جنسي فعل ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿئي ٿي. ڪمانڊر ان تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته ان سان اسان جو سڄو ڪم تباه ٿي ويو آهي. ليلا کي گرفتار ڪري هڪ ڪمري ۾ واڙي کيس ايذاء ڏنا وڃن ٿا. سني ۽ مونٽي کي کيس قتل ڪرڻ جو ڪم ڏنو وڃي ٿو. ان موقعي تي مونٽي سني کي چئي ٿو ته هو پاڻ اهو ڪم ڪندو. سني چاقو سندس حوالي ڪري ٿو ۽ مونٽي بجائي ليلا کي قتل ڪرڻ جي سني جو ڪم پورو ڪري ڇڏي ٿو.
هن ناول جي خاص ڳالهہ اها آهي ته جيڪي ڪردار موصل ويڙه لاء وڃن ٿا انهن ۾ ڪا مقصد جي هڪ جهڙائي ۽ مذهب وغيره سان لڳاء ناهي. سني جو مقصد پنهنجي بي معنا زندگي کي ڪا معنويت ۽ مقصد ڏيڻ آهي جڏهين ته مونٽي رڳو ليلا جي ڳولها ۾ اتي پهچي ٿو جيڪا پنهنجو روپ بدلائي اتي پهچي ٿي. ناول جو انٽ هڪ ڊرامائي انداز ۾ غير متوقع طور ٿئي ٿو.

فوج، واپار ۽ انقلاب

فوج، واپار ۽ انقلاب

جڏهين عائشه صديقه پاڪستاني فوج جي ملڪي معيشت ۾ حصي ۽ تجارتي مفادن متعلق ڪتاب لکيو هو ته کيس ڪيترين ڏکيائين ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو. بهرحال هاڻي جڏهين دنيا جي ٻين ملڪن تي نظر وججھي ٿي ته انهن مان گھڻن ۾ ذري گھٽ اها ساڳي صورتحال نظر اچي ٿي ۽ ليکڪ ان تي پنهنجن خيالن جو اظهار پڻ ڪن ٿا. پوء اهو ملڪ چين هجي، انڊونيشيا هجي يا لاطيني آمريڪا جا ارجنٽائين، چلي ۽ ٻيا ملڪ هجن. ان حوالي سان هن وقت اسان جي زير نظر مصر جي ليکڪا زينب ابل مگد جو ڪتاب MILITARIZING THE NATION-The Army, Business and Revolution in Egypt آهي.
مصر 1952 جي آزاد فوجي افسرن جي انقلاب کانپوء هيستائين سوائي تازي عوامي اڀار جي نتيجي ۾ اخوان جي مرسي جي هڪ سال جي صدارت کي ڇڏي فوج جي حڪمراني ۾ ئي رهيو آهي. جمال ناصر، انور سادات ۽ حسني مبارڪ کانپوء هاڻي عبدالفتح سيسي ملڪ جو چوٿون فوجي حڪمران آهي. 1952 ۾ اها رڳو هڪ فوجي بغاوت نه هئي پر افسرن جو اهو گروه سوشلزم جي نالي ۾ ملڪ جي لاء معاشي ۽ سماجي تبديلين جو هڪ پروگرام کڻي آيو هو. جمال ناصر، جنهن ڪجھ عرصي کانپوء جنرل نجيب کي برطرف ڪري سڄي عمر لاء گھر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو، جي اڳواڻي ۾ ان انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب جو نالو ڏنو ويو هو. پر ان ۾ مختلف طبقن ۽ نظرين جا ماڻهو شامل هئا. جمال ناصر ۽ انور سادات وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هئا. پر ناصر سوشلسٽ خيالن جو هو ۽ هڪ ڪميونسٽ سيل جو رڪن به هو جڏهين ته سادات اخوان جي نظرين جي ويجھو هو. ساڳي ريت ساڳي شاهوڪار طبقي جي خاندان سان واسطو رکندڙ ٻه ڀائر نظرياتي طو ساڄي ۽کاٻي يعني ٻن مخلتف پاسن تي بيٺل هئا. مجموعي طور تي انهن فوجي افسرن جو اهو گروپ نظرياتي طور سوشلزم سان لاڳاپيل نه هو پر ناصر جي اثر کين ان واٽ تي هلڻ تي مجبور ڪيو هو. پر 1956 جي سوئز بحران ۽ خاص طور1967 جي جنگ ۾ اسرائيل هٿان شڪست اقتدار تي ناصر جي گرفت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ هن معيشت ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون هيون. ناصر جي ڪمهلائتي موت کانپوء انور سادات پاران انهن تبديلين کي اڳتي وڌايو ويو ۽ سوويت يونين سان ناتن کي گھٽائي آمريڪا، اوله جي ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن سان پنهنجن ناتن کي وڌايو ويو. 1973 جي عرب اسرائيل جنگ ۾ مصر جي فتح ۽ نتيجي ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل سان امن ٺاه ان پاليسي تي ڄڻ مهر هڻي ڇڏي.
مختلف ملڪن ۾ خاص طور تي آمرن ۽ فوجي حڪمرانن پاران فوج ۽ فوجي افسرن کي رعايتن ڏيڻ جو هڪ وڏو مقصد کين بغاوت کان روڪڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي محفوظ رکڻ هونڌو آهي. اها ساڳي پاليسي مصر ۾ به شروع کان اختيار ڪئي ويئي. ناصر جي لاء ڇيو وڃي ٿو ته سندس فوج جي ڪمانڊرانچيف عبدالحڪيم عامر سان عجيب ۽ پراسرارناتو هو. عامر هڪ زميندار جو پٽ ۽ ناصر جو ويجھو دوست هو. فوج ۾ هن آفيسرن ۽ فوجين کي رعايتون ۽ سهولتون وغيره ڏيئي پنهنجو اثررسوخ قائم ڪيوهو ۽ ان بنياد تي ناصر کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي لاء وڌيڪ سهولتون حاصل ڪندو هو. ان کي سڌو ميجر کان جرنل جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي هئي. ناصر لاء اهو ممڪن نه هو ته هو کيس برطرف ڪري سگھي يا سندس عهدو گھٽائي سگھي. پنهنجي ان حيثيت جو فائدو وٺندي هو سويلين معاملن ۾ پڻ دخل اندازي ڪندوهو. هن فوج جي نالي ۾ ڪارخانا ۽ واپاري مرڪز قائم ڪيا جن کي ٽئڪسن وغيره جي معاملن ۾ حڪومت جي ضابطي ۾ هلندڙ ٻين ادارن تي فوقيت هونڌي هئي. ايستائين ته وزيراعظم به سندس راضپي کانسواء نه رهي سگھندو هو. اختيارن جي حوالي سان کيس ناصر جي برابر ئي ليکيو ويندو هو. ناصر جي فوجي آفيسرن کي ڏنل رعايتن جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته سندس دور ۾ ملڪ جي گھڻن صوبن جا گورنر حاضرسروس يا رٽائرڊ فوجي افسر هوندا هئا. ان پاليسي کي سادات جي دور ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اها ڪوشش ڪئي ويئي ته فوجي افسرن کي سندن ڪم ۽ بئرڪن تائين محدود ڪيو وڃي ۽ سويلين معاملن ۾ سندن مداخلت گھٽ ۾ گھٽ هجي. ان دور ۾ ملڪ ۾ فوجي گورنرن جي ڀيٽ ۾ سويلين گورنرن جو تعداد وڌي ويو هو. پر 1981 ۾ سادات جي قتل کانپوء حسني مبارڪ جي دور ۾ اهو سلسلو وري ساڳي ريت شروع ٿي ويو ۽ فوج جي سويلين معاملن ۾ مداخلت لاڳيتو وڌنڌي رهي . مبارڪ جي دور جي هڪ ٻئي فوجي سربراه ابو غزالا گھڻي شهرت ماڻي. خاص طور تي آمريڪا سان هن فوج جا سٺا ناتا قائم ڪيا پر ميزائل ٽيڪنالوجي کي غيرقانوني طور آمريڪا مان مصراسمگل ڪرڻ جي انڪشاف کانپوء سندس زوال شروع ٿي ويو.
ليکڪا جو خيال آهي ته فوجي افسرن کي اهم شهرن ۽ جاين تي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو هونڌو آهي ته ماڻهن ۽ خاص طور تي سندن حڪومت ۽ فوج مخالف سرگرمين تي نظر رکي وڃي ۽ انهن کي وڌڻ کان اڳ ئي ختم ڪيو وڃي.
ساڳي وقت لازمي فوجي سروس کي فوج جي ضابطي ۾ هلندڙ ڪارخانن ۾ سستي پورهئي لاء استعمال ڪيو ويندو آهي جتي ڪم جي حالتن ۽ اجوري وغيره جي لحاظ کان ڄڻ هڪ خرڪار ڪئمپ واري صورتحال آهي. هتي مزدورن تي سويلين قانون جي بجائي فوجي ضابطا لاڳو ڪيا وڇن ٿا فوجي عدالتن ۾ ئي انهن تي مقدما هلايا وڃن ٿا.
2011 ۾ جيڪو عوامي اڀار پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ حسني مبارڪ کي اقتدار ڇڏڻو پيو ان جو هڪ اهم ڪارڻ فوج جي سماج جي مختلف شعبن ۾ مداخلت ۽ فوج جي ضابطي ۾ هلندڙ ڪارخانن وغيره ۾ پورهيتن جي ڪم جي حالت وغيره پڻ هو. پر اها ڳاله ساڳي وقت پنهنجي جاء تي آهي ته ان تحريڪ ۾ مختلف مذهبي ۽ لبرل گروه شامل هئا. اها هڪ ته ورهايل هئي ۽ ٻيو ان ۾ ايتري تنظيم نه هئي ته اها جٽاء ڪري سگھي. فوج ان سڄي صورتحال کي نهايت احتياط سان ورتو۽ ان کي پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏنو. ايستائين ته مختلف گروهن ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندي اخوان کي به اقتدار ڏيڻ لاء راضي ٿي ويا جنهن پڻ فوج کي معاشي ميدان ۾ اڳوڻن حڪمرانن کان به وڌيڪ رعايتون ڏنيون. جنرل عبدالفتح سيسي پنهنجو اهڙو اميج ٺا هيو جو کيس پاڪباز ۽ مذهبي اصولن جي پابندي ڪرڻ وارو افسر سمجھندي صدر پاران پاڻ فوج جو سربراه مقرر ڪيو ويو پر فوج اخوان کي پنهنجي مرضي هلائڻ ڏيڻ جي حق ۾ نه هئي. ساڳي ريت ٻين ماڻهن ۽ سياسي جماعتن پاران به اخوان جي انتها پسند پاليسين جي مخالفت ڪئي وئي. ان صورتحال هڪ ڀيرو وري فوج جي لاء مرسي کي برطرف ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو ۽ فوج هڪ بهتر اميج وري اقتدار ۾ اچي ويئي. پوء ڪرايل چونڊن ۾ سيسي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
هن وقت ملڪي معيشت ۽ سماج جو ڪو اهڙو شعبو ناهي جتي فوج جو عمل دخل نه هجي. جيڪڏهين ڪن ڪارخانن وغيره کي نجي شعبي ۾ ڏيڻ جو معاملو اچي ٿو ته اتي ترجيح فوج کي ڏني وڃي ٿي. ليکڪا جو خيال آهي ته سڄي معاملي کي ڪنهن سياسي انقلاب کانسواء ختم نه ٿو ڪري سگھجي.

قاضي فيض محمد: هڪ همه جهت شخصيت

قاضي فيض محمد: هڪ همه جهت شخصيت

گھڻن ماڻهن جي اهڙي شخصيت هوندي آهي جنهن کي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ناهي ڪري سگھبو. هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت پر ائين لڳندو آهي ڄڻ سندن هر پاسو هڪ مڪمل شخصيت آهي. ساڳي وقت انهن سڀني پاسن جو هڪ محور هوندو آهي جنهن جي چوڌاري اهي سڀ گھمندا آهن. سنڌ ۾ گھڻا وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن پر اهڙا گھٽ آهن جن جا گھڻا پاسا هڪٻئي سان ٺهڪندڙ ۽ مڪمل هجن. اهڙن ماڻهن ۾ قاضي فيض محمد کي شامل ڪري سگھجي ٿو.
گلاب هڪڙو پاران سندس ڪم ۽ حياتي تي ترتيب ڏنل مختلف تاثراتي مضمونن تي مشتمل ڪتاب
سڄڻن لڌي سار هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سندس خاندان جي فردن کانسواء سندس دوستن ۽ ٻين جا سندس متعلق تاثر ۽ مضمون آهن.
هن جو جنم 1908 ۾ هالاڻي ۾ ٿيو. هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هي شخص شروع کان ئي گھڻين آزمائشن مان گذريو. هن پنهنجي دور جي آزادي جي ۽ ترقي پسند سياست ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاڪسارن سان لاڳاپيل رهيو ۽ خلافت تحريڪ ۽ Quit India Movement ۾ سرگرم حصو ورتائين. مولانا حسرت موهاني سان سندس ويجھو لاڳاپو رهيو. سائمن ڪميشن جي هندوستان مان واپس وڃڻ لاء هن مظاهرن ۾ حصو ورتو.
هوعلامه آئي آئي قاضي جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ سندس فڪر کان متاثر هو. ان تعلق جي
نوعيت جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته هو پاڻ کي سندس روحاني پٽ سمجھندو ۽ چوندو هو. سندس طبيعت ۾ هڪ صوفياڻو رنگ هو. هومختلف مزارن تي سڪون ۽ آسيس وٺڻ لاء ويندو هو. راڳ جو نه رڳو کيس شوق هو پر هو پاڻ ڳائيندو به هو. ساڳي وقت هو سنڌ جي ۽ ملڪي سياست ۾ سرگرم هو. سندس انهن سڀني سرگرمين جو محور سنڌ هئي. ان ڳاله جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي. ِ ان وقت جڏهين هن ايوب کان ڌار ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي کي منظم پئي ڪيو، مٿس سرڪار جو ڏمر هو ۽ ڪير ساڻس گڏ هلڻ لاء تيار نه هو ان وقت هن نوابشاه ۾ پارٽي جي تنظيم ٺاهڻ ۾ سندس ساٿ ڏنو هو پر ساڳي وقت هن سندس پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري آڇ کي قبول نه ڪيو هو. ڪارڻ اهو هو ته هن سمجھيو ٿي ته پيپلزپارٽي جو فوڪس پنجاب هو ۽ آهي ۽ ان جي سياست سنڌ لاء گھڻي ڪارگر ثابت نه ٿيندي. اها ڳاله نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن بجائي ڪنهن قوم پرست جماعت جي پاڪستان سطح جي وفاقي سياسي جماعت عوامي ليگ سان ڪم ڪرڻ قبول ڪيو. جيتوڻيڪ عوامي ليگ جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي پنهنجي وزيراعظم هئڻ واري دور ۾ ون يونٽ، جنهن ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو، قبول ڪيو هو، پر هن سندس شاگرد مجيب جي اڳواڻي ۾ عوامي ليگ جي صوبائي خود مختياري جي پروگرام کي سنڌ لاء وڌيڪ فائديمند سمجھيو ٿي. 1970 جي چونڊن ۾ هو نوابشاه مان عوامي ليگ پاران قومي اسمبلي جو اميدوار هو. سندس مقابلي ۾ بشير شاه ۽ پيپلز پارٽي پاران حاڪم علي زرداري هو. ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون موجب پيپلزپارٽي پاران کيس چيو ويو ته جيڪڏهين بشيرشاه هٿ کڻي ٿو ته پوء پيپلز پارٽي به پنهنجو اميدوار سندس حق ۾ دستبردار ڪندي ۽ اهڙي ريت هو بنا مقابلي چونڊجي ويندو. پر جي ايم سيد، جيڪو بشير شاه جي حمايت ڪري رهيو هو، جو چوڻ هو ته بشير شاه چونڊن جي مهم تي گھڻو خرچ ڪيو آهي ۽ هو هٿ نه کڻندو. اهڙي ريت حاڪم علي زرداري ٻنهي کي شڪست ڏيئي قومي اسمبلي جو رڪن چوندجي ويو.
ساڳي وقت سندس سڃاڻپ هڪ هاري اڳواڻ جي پڻ آهي. اڌ بٽائي جي معاملي تي سنڌ اسمبلي جي گھيراء ۾ سندس اهم ڪردار هو. هو هارين جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. ڪتاب ۾ ڪجھ معاملن تي سندس حيدربخش جتوئي سان اختلافن جا اشارا پڻ ملن ٿا پر انهن جي تفصيل نه ٿي ملي. عوامي ليگ سان سندس ڪمٽمنٽ جي اها حد هئي ته هو آخر تائين مجيب سان گڏ رهيو ۽ ايستائين ته ان سان گرفتار ٿيڻ ۽ جان ڏيڻ لاء به تيار هو. ان کانپوء امداد محمد شاه چواڻي ته هو ڪنهن دوست يار ۽ ويجھي ماڻهوسان صلاح مشوري ڪرڻ کانسواء بنگلاديش وڃڻ لاء ڀارت جي سرحد ٽپي ويو جتي ڪجھ عرصو ڀارت جي قيد ۾ رهڻ کانپوء بنگلاديش ۽ اتان پوء لندن هليو ويو ۽ جڏهين وطن واپس موٽيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.
ٻولي جي بل جي منظوري کانپوء سنڌ ۾ باه ٻريل هئي. سڄي سنڌ ۾ فساد هئا. ان صورتحال ۾ وفاقي حڪومت پاران مهاجر ۽ سنڌين جي نمائندا شخصيتن کي اسلام آباد گھرايو ويو ته جيئن معاملي جو ڪو حل ڪڊي سگھجي. سنڌي ماڻهن جي جن نمائندن کي مدعو ڪيو ويو هو انهن مان جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ اياز مختلف عذر ڏيئي ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي ريت قاضي فيض محمد سنڌين جو اڪيلو نمائندو هو جڏهين ته اڙدو جي نمائندگي ڪندڙن جو وڏو تعداد هو. هن ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ ان ڪري به مناسب ڄاتو ته جيئن سنڌي ٻولي جي ڪيس کي مضبوط نموني پيش ڪري سگھجي ۽ ان کي ان جو جائزحق ڏيارجي. هو اسلام آباد ۾ هڪ معمولي هوٽل ۾ رهيو. گڏجاڻي ۾ هن وزيراعظم کي اها گذارش ڪئي ته کيس پهرين ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته کيس اهو خدشو هو ته اڪيلي هئڻ جي صورت ۾ سندس پوء ڳالهائڻ نقارخاني ۾ طوطي جي آواز بڻجي ويندو. هن تفصيل سان تاريخي حوالن سان نهايت مضبوط نموني سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو ۽ اها ڳالهہ رکي ته سنڌي کي صوبي جي اڪيلي سرڪاري ٻولي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اڙدو جي لاء ٻيا به گھڻا رستا ۽ واٽون آهن جڏهين ته سنڌي رڳو هتي ئي ترقي ڪري ۽ وڌي ويجھي سگھي ٿي. سندس گھڻين دليلن کي وزيراعظم پنهنجي قومي اسمبلي جي تقرير ۾ پڻ استعمال ڪيو.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ سندس مستند ۽ وڏي ليکڪ واري حيثيت کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اها واقعي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهہ آهي ته سياسي ۽ سماجي لحاظ کان هڪ مصروف زندگي گذاريندڙ ماڻهو ايڏو تخليقي پورهيو ڪيو ۽ ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻيون لکڻيون جنهن جو وقت بوقت حوالو ڏنو ويندو آهي تخليق ڪيون.
سندس شخصيت ۽ ڪم کي اڃا پوري ريت سامهون نه آندو ويو آهي. سندس گھڻيون لکڻيون اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي ۽ گھڻين کي ٻيهر ڇپرائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي خاص طور ادب سان
لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي ڪي قدم کڻڻ گھرجن.

نجيب محفوظ جي قاھرہ ٽرائلاجي

نجيب محفوظ جي قاھرہ ٽرائلاجي

نجيب محفوظ جي قاهره ٽرائلاجي ڄڻ شهر جي هڪ دور جي سماجي ۽ احساساتي تاريخ آهي. اها ٽن حصن پيلس واڪ Palace Walk، پيلس آف ڊيزائرPalace of Desire ۽ شگر اسٽريٽ Sugar Street تي ٻڌل آهي. اهي پراڻي قاهره جي مختلف علائقن جا نالا آهن. اها ٽرائلاجي پهرين مهاڀاري جنگ کان اٽڪل ٻين مهاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ جي دور جي ڪٿا آهي. اها هڪ واپاري احمد عبدالجواد ۽ سندس خاندان جي زندگي جي چوڌاري گھمي ٿي. ٽن پيڙهين جي اها ڪهاڻي مصر جي پهرين مهاڀاري جنگ کان ٻين مهاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ تائين جي هڪ بحراني ۽ سياسي اٿل پٿل واري دور جو بيان آهي. ان خاندان جي مختلف فردن جي حوالي سان سياسي، نظرياتي، معاشي ۽ اخلاقي ڇڪتاڻ ۽ روايتي ناتن جي بحران کي چٽيو ويو آهي. ان ٽرائلاجي جو پهريون ترجمو عبراني ۾ ٿيو جڏهين ته انگريزي ۾ ان جو ترجمو پوء 1990 جي ڏهاڪي ۾ ٿيو.
احمد عبدالجواد هڪ ٻٽي شخصيت جو مالڪ آهي. هو پنهنجي خاندان سان پيلس واڪ جي علائقي ۾ رهي ٿو. سندس پنهنجي گھر جي فردن سان هڪ ورتاء هجي ٿو ۽ ٻاهر سندس ٻيو روپ هجي ٿو.سندس پنهنجن ٻارن ۽ زال سان سخت قسم جو رويو هجي ٿو. ڌيئرن لاء ابتدائي تعليم کي ئي ڪافي سمجھيو وڃي ٿو. ڌيئرن ۽ زال جي ڪن خاص موقعن کانسواء گھر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هجي ٿي. پٽن تي به سندس سخت ضابطو هجي ٿو. گھر جو ڪوبه فيصلو سندس مرضي کانسواء نه ٿو ٿي سگھي. گھر ۾ هر وقت سندس منهن تي ڪاوڙ رهي ٿي ۽ هرڪو کانئس ڊنل رهي ٿو. هڪ ڀيري پنهنجي زال کي هو گھر مان رڳو ان ڪري ڪڍي ڇڏي ٿو ته اها سندس مرضي کانسواء ويجھو امام حسين جي مزار جي زيارت لاء ويئي هئي. حضرت امام حسين جي مزار جي حوالي سان اتان جا ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته هتي حضرت امام حسين جو سر مبارڪ دفن ٿيل آهي. اها امينا سندس ٻين زال هجي ٿي جڏهين ته پهرين زال حانيا کي هو ان ڪري طلاق ڏيئي ڇڏي ٿو ته اها سندس چوڻ ۾ هلڻ لاء تيار نه هئي. پر ٻاهر پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان سندس رويو بلڪل ئي مختلف هجي ٿو. هو هڪ کلمک، يارن جو يار، موسيقي، راڳ، شراب ۽ عورتن جي شوقين شخص طور ڄاتو وڃي ٿو. روز شام جو پنهنجن دوستن سان محفلون ڪرڻ ۽ اڌ رات گذري وڃڻ کانپوء گھر موٽڻ سندس معمول هجي ٿو.
کيس پهرين زال مان هڪ پٽ ياسين ۽ ٻي زال مان ٻه پٽ فهمي ۽ ڪمال ۽ ٻه ڌيئر خديجه ۽ عائشه هجن ٿيون. اهي ٻار سندس مرضي مطابق هلن ٿا پر خاص طور سندس پٽ ساڳي وقت ٻاهر جي حالتن ۽ سياسي وايو منڊل کان پڻ متاثر ٿين ٿا. مصر تي ان وقت انگريزن جو قبضو هجي ٿو جنهن جي خلاف مصر جو عوام ۽ خاص طور وفد پارٽي ميدان ۾ هجي ٿي. پارٽي جي ڪجھ اڳواڻن کي جلاوطن ڪرڻ کانپوء ان تحريڪ ۾ تيزي اچي وڃي ٿي ۽ مصر جو عوام باقاعدي انگريز سرڪار سان ٽڪراء ۾ اچي ٿو. احتجاج ۽ مظاهرا معمول بڻجي وڃن ٿا. احمد جواد ۽ سندس دوست ان تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ عملي طور شريڪ نه ٿا هجن پر مالي ۽ اخلاقي طور ان جي مدد ڪن ٿا. پر اهي ساڳي وقت سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ان کان متاثرٿين ٿا. هڪ ڀيري رات جي وقت جڏهين احمد جواد پاڙي ۾ ڪنهن عورت سان موج مستي ڪرڻ کان پوء گھر موٽي رهيو هجي ٿو ته کيس سندس گھر وٽ فوجي چوڪي تي موجود هڪ انگريز فوجي روڪي سڄي رات ان کڏ کي مٽي سان ڀرڻ جي ڪم تي لڳائي ٿو جيڪا احتجاج ڪندڙن سڙڪ کي خراب ڪرڻ لاء کوٽي هئي. ساڳي وقت هو اهو پڻ چاهي ٿو ته سندس پٽ عملي طور ان تحريڪ جو حصو نه بڻجن. جڏهين کيس اها خبر پئي ٿي ته سندس پٽ فهمي تحريڪ جو حصو آهي ته هو ان کي سختي سان ائين ڪرڻ کان روڪي ٿو پر هو کيس يقين ڏياري ٿو ته هو رڳو پمفليٽ وغيره ورهائڻ تائين محدود آهي ۽ مظاهرن وغيره ۾ شامل ناهي هوندو. فهمي ان ڳالهہ کي ته سهي ٿو وڃي ته سندس پي ان ڇوڪري سان سندس مڱڻو ڪرڻ تي راضي نه ٿو ٿئي جنهن سان هو محبت ڪري ٿو پر تحريڪ کان پري رهڻ واري پنهنجي پي جي ڳاله کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو. انگريز سرڪار جي احتجاج ڪندڙن جي گھرن کي مڃڻ ۽ اڳواڻن جي جلاوطني کي ختم ڪرڻ کانپوء ڪاميابي جي خوشي ۾ ٿيندڙ مظاهري، جنهن لاء سرڪار اهو يقين ڏياري ٿي ته ان تي ڪنهن به طاقت جو استعمال نه ڪيو ويندو، تي پوليس جي ٿيندڙ فائرنگ ۾ فهمي مارجي وڃي ٿو.
احمد جواد جو وڏو پٽ ياسين به سندس وانگر موج مستي، شراب ۽ عورتن ۾ ئي دلچسپي رکي ٿو. سندس پي انهن افعالن ۽ خاص طور گھر جي هڪ وڏي عمر جي نوڪرياڻي سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش کانپوء پنهنجي هڪ دوست جي ڌي سان سندس شادي ڪرائي ٿو. پر هي اهڙو شخص هجي ٿو جيڪو هڪ عورت مان جلد بيزار ٿي وڃي ٿو ۽ کيس نواڻ جي ڳولها هجي ٿي. اهڙي ريت ڪجھ وقت کانپوء پنهنجي زال مان بيزار ٿيڻ کانپوء زال جي نوڪرياڻي سان زوري ڪندي کيس سندس زال پڪڙي وٺي ٿي ۽ گھڻي هل هنگامي کانپوء هو پنهنجي پي جي گھر هلي وڃي ٿي ۽ ڪجھ وقت کانپوء کانئس طلاق وٺي ٿي. ڪجھ وقت کانپوء هو پنهنجي پاڙي جي ڇوڪري مريم جي رشتي گھرڻ لاء سندس گھر وڃي ٿو جتي هو مريم جي ماء تي عاشق ٿي پئي ٿو ۽ ڪجھ وقت ان سان گذارڻ کانپوء بيزار ٿي مريم سان شادي ڪري ٿو. ان شادي کان اڳ ئي هو پنهنجي ماء جي پيلس آف جي علائقي جي گھر ۾ رهڻ لاء هليو وڃي ٿو. پنهنجي پهرين شادي کان اڳ سندس هڪ ڳائڻ واري عورت زينوبا سان تعلق هجي ٿو جڏهين ته سندس پي احمد جواد جو زينوبا جي ماسي زبيده سان تعلق هجي ٿو. پوء هو زينوبا سان به تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان کي هر طريقي سان خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان دوران ئي زينوبا جي وري رستي پنڌ ياسين سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ هو کيس شراب جي نشي ۾ ڌت پنهنجي گھر وٺي وڃي ٿو. ان ڳاله تي سندس پنهنجي زال مريم سان جھيڙو ٿئي ٿو ۽ اها گھر ڇڏي هلي وڃي ٿي.ِ هو وري ٽين شادي زينوبا سان ڪري ٿو ۽ پوء سندس اها شادي لاهين ڄاڙهين سان آخر تائين هلي ٿي.
سڀ کان ننڍو پٽ ڪمال پنهنجن پورن ۾ رهڻ وارو ۽ پڙهڻ لکڻ ۾ ئي دلچسپي رکي ٿو. هو بجائي
ڪنهن اهڙي مضمون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جي جنهن جي ڪري کيس ڪا اثر رسوخ واري نوڪري ملي سگھي استاد ٿيڻ کي ترجيج ڏئي ٿو. فلسفي جا ڪتاب پڙهڻ ۽ رسالن ۾ فلسفي جي حوالي سان مِضمون لکڻ سندس مشغلو هجي ٿو.محبت جو تصور سندس لاء ماورائي هجي ٿو. پنهنجي هڪ دوست جي ڀيڻ سان هو پنهنجي ليکي محبت ڪري ٿو پر ان جي کيس ڪا موٽ نه ٿي ملي. زندگي جي مختلف معاملن ۾ هو ڪوبه فيصلو نه ٿو ڪري سگھي ۽ وچ ۾ ئي لٽڪيل رهي ٿو. اها صورتحال مذهب جي معاملي ۾ به هجي ٿي ته سياست جي معاملي ۾ به. هو ڪنهن هڪ پاسي نه ٿو ٿي سگھي. جيتوڻيڪ هو آخر تائين شادي کان لنوائيندو رهي ٿو پر کيس پنهنجو ڪٿارسس ان ۾ نظر اچي ٿو ته وقت بوقت هڪ خاص عورت ۽ شراب سان پنهنجي ضرورت کي پورو ڪري. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ان ڪردار جي ساڻس مماثلت آهي ڇاڪاڻ ته ان ئي دور ۾ هو به فلسفي جي ڊگري لاء پڙهائي ڪري رهيو هو.
سندس ٻيئي ڌيئرون شگر اسٽريٽ جي علائقي ۾ رهن ٿيون. اها ٽرائلاجي ٽن نسلن جو احاطو ڪري ٿي. ننڍي ڌي عائشه جو پٽ ۽ مڙس ٽائيفائڊ وگھي مري وڃن ٿا جڏهين ته ياسين جو پٽ رضوان ۽ وڏي ڌي خديجه جا ٻه پٽ احمد ۽ عبدالمنيم جوان ٿيڻ کانپوء سياسي طور سرگرم ٿي وڃن ٿا. رضوان وفد پارٽي سان لاڳاپيل هجي ٿو جڏهين ته احمد ڪميونسٽ ۽ عبدالمنيم اخوان المسلمين سان لاڳاپيل هجي ٿو. ان وقت جيئن ته انگريزن جو راڄ هجي ٿو، ملڪ ۾ مارشل لاء لاڳو هجي ٿو، ٻين مهاڀاري جنگ زورن تي هجي ٿي، مصر تي ليبيا جي پاسي کان اٽلي جي حملي جا امڪان هجن ٿا، مصر جا گھڻا ماڻهو انگريزن جي خلاف هٽلر ۽ مسوليني جي حمايت لاء تيار هجن ٿا احمد ۽ عبدالمنيم پنهنجين سياسي سرگرمين ۽ خاص طور گھر ۾ گڏجاڻين جي ڪري گرفتار ٿي وڃن ٿا.
احمد جواد جي صحت خراب ٿئي ٿي ۽ هو ڪجھ عرصو بيمار رهڻ کانپوء گذاري وڃي ٿو. سندس زال امينه به ان کانپوء گھڻو عرصو جيئري نه ٿي رهي. اها ٽرائلاجي هڪ وسيع ڪينواس تي ڦهليل آهي. جيتوڻيڪ ان جو مرڪز قاهره جو پراڻو شهر، ان جون بازارون، قحبه خانه، شراب خانه، ڪافي هائوس ۽ مسجدون ۽ مزار وغيره آهن پر ساڳي وقت ان ۾ قاهره جي نون پوش علائقن ۽ اتي رهندڙ شاهوڪار ماڻهن جي زندگي کي پڻ چٽيو ويو آهي. سياسي صورتحال، مختلف سياسي تضاد ۽ ماڻهن جي جدوجهد پڻ ان جا موضوع آهن. هڪ لحاظ کان اها اٽڪل ٽن اهم ڏهاڪن جي احساساتي تبديلين جي تاريخ آهي جيڪا ساڳي وقت اهو به ٻڌائي ٿي ته انساني ناتا وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ تبديل ٿيندا رهن ٿا. مصر ۾ پنجاه جي ڏهاڪي ۾ جيڪي سياسي تبديليون واقع ٿيون ان جي پسمنظر کي سمجھڻ لاء اها ٽرائلاجي هڪ اهم ذريعو آهي.

قصو هڪ کوه کوٽڻ جو

قصو هڪ کوه کوٽڻ جو

اورهان پامڪ جو ڏهون ناول The Red Haired Woman ان استنبول جي ڪهاڻي آهي جڏهين اهو اڃا پراڻي دور مان نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو هو. شهر جو ايڏو ڦهلاء به نه ٿيو هو ۽ مختلف معاملن ۾ نئين ٽيڪنالوجي جو استعمال به ايڏو عام نه ٿيو هو. اها هڪ اهڙي نوجوان ڪيم جي ڪهاڻي آهي جنهن جو پي هڪ ميڊيڪل اسٽور هلائي ٿو پر هو اڪثر گھر مان غائب رهي ٿو. خبر نه ٿي پئي ته هو پنهنجي ليکي پنهنجي گھر ۽ زال کان تنگ ٿي ڪٿي هليو وڃي ٿو يا کاٻي ڌر جي سياست سان واسطو رکڻ ڪري رياستي ادارا کيس غائب ڪن ٿا. معاشي ڏکيائين ۽ غير مستحڪم زندگي جي ڪري ڪيم جي ماء کيس وٺي شهر کان ٻاهر ڪنهن مائٽ جي گھر وڃي رهي ٿي. ان وقت تائين اڃا پاڻي جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاء روايتي طريقن سان ئي کوه کوٽيا ويندا هئا ۽ مشنيري جو استعمال گھڻو نه هو. ڪيم کي پڙهائي سان گڏوگڏ ڪنهن روزگار جي گھرج به هجي ٿي. سندس مائٽ جيتوڻيڪ کيس ٿوري اجوري تي پنهنجي باغ وغيره جي سنڀال جو ڪم ڏئي ٿو پر ان نوجوان جي دلچسپي پاسي واري گھر ۾ هلندڙ کوه کوٽڻ جي ڪم ۾ پيدا ٿئي ٿي. کوه کوٽڻ وارو ماستر محمود سندس ان دلچسپي کي ڏسندي کيس شهر کان ٻاهر پنهنجي نئين ڪم ۾ شامل ٿيڻ لاء چئي ٿو. اهو ڪنهن ڪارخاني لاء پاڻي جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاء کوه کوٽڻ جو ڪم هجي ٿو ۽ مالڪ کين پاڻي ملڻ جي صورت ۾ اجوري سان گڏ وڏي انعام جي به آڇ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سندس ماء ان لاء وڏي مشڪل سان راضي ٿئي ٿي پر هو کيس يقين ڏياري ٿو ته اها ٿوري وقت جي ڳالهہ آهي ۽ ان سان سندس پڙهائي جو به ڪو حرج نه ٿيندو ۽ کيس چڱو پئسو به ملي پوندو. اهڙي ريت هو ۽ هڪ ٻيو همراه ماستر محمود سان گڏ پنهنجي ڪم لاء روانا ٿي وڃن ٿا.
کوه کوٽڻ جو اهو ڪم سخت هجي ٿو پر ماستر محمود جي رهنمائي ۽ شفقت ۽ محبت جي ڪري هو اتي رهڻ لاء تيار هجي ٿو. کيس پنهنجي استاد مان اهو پي جو احساس ٿئي ٿو جيڪو کيس پنهنجي سڳي پي مان نه ملي سگھيو هو. گھڻي کوٽائي کانپوء به پاڻي نه ٿو ملي ته ساڻن گڏ آيل ٻيو همراه واپس هليو وڃي ٿو. پر ماستر محمود کي اهو يقين هجي ٿو ته پاڻي ضرور ملندو ۽ اهڙي ريت هو پنهنجي ڪم کي جاري رکڻ چاهي ٿو. صورتحال ان حد تائين به پهچي ٿي ته ڪارخاني جو مالڪ به مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ هو کين خرچ پکي لاء پئسا وغيره ڏيڻ به بند ڪري ڇڏي ٿو. پر ماستر محمود پنهنجي ڪم کي جاري رکي ٿو ۽ پنهنجي شاگرد کي اهو يقين ڏياري ٿو ته پاڻي ضرور ملندو.
اهي همراه پنهنجي روزمره جي ضرورت جو سامان ڀر واري آبادي مان وٺن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء شهر ويندي کين خبر پئي ٿي ته اتي هڪ ٿئيٽر ڪمپني آئي آهي. واٽ تي کين ڪجھ ماڻهن سان گڏ هڪ ڳاڙهن وارن واري عورت نظر اچي ٿي. ڪيم ان عورت ڏانهن مائل ٿئي ٿو ۽ کيس ڏسڻ ۽ ساڻس ملڻ جا بهانا ڳولهي ٿو. اها عورت دراصل ان ٿئيٽر ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ اهو محسوس ڪري ٿي ته اهو نوجوان منجھس دلچسپي وٺي ٿو. ان ٿئيٽر ڪمپني جي ئي هڪ ملازم جي مدد سان ڪيم ٿئيٽر ڪمپني جو سڄو ڊرامو مفت ۾ ڏسي ٿو. گڏوگڏ ان عورت سان سندس راه ورسم وڌي ٿي ۽ هڪ ڀيري جڏهين ان عورت جو مڙس ڪٿي ويل هجي ٿو ته ان سان رات گذاري ٿو.
ان دوران کوه جي کوٽائي جو ڪم هلندو رهي ٿو پر پاڻي نه ٿو ملي. هڪ ڀيري ماستر محمود رسي ۾ ٻڌل بالٽي وسيلي کوه ۾ لهي ٿو . پر ڪيم جي هٿ مان رسي ڇڏائجي وڃي ٿي ۽ بالٿي سڌو وڃي هيٺ ڪري ٿي. هو پريشان ٿي وڃي ٿو. هڪ ته پاڻي نه ملڻ ڪري هو ڪم مان بيزار هجي ٿو ۽ گھر موٽڻ چاهي ٿو مٿان اهو مسئلو کيس صفا بيحال ڪري ڇڏين ٿا. هو سمجھي ٿو ته ماستر محمود مري ويوهو ۽ اتان ڀڄڻ چاهي ٿو. جڏهين شهر اچي ٿو ته جيئن ڳاڙهن وارن واري عورت سان ملاقات ڪري سگھي ته کيس خبر پئي ٿي ته اها ٿئيٽر ڪمپني اتان ڪنهن ٻئي شهر وڃي چڪي هئي. هو پنهنجي اندر ۾ اهو ڏوه جو احساس کڻي شهر موٽي اچي ٿو ۽ پنهنجي پڙهائي ٻيهر شروع ڪري ٿو. کيس اها خبر به پئي ٿي ته هاڻي سندس پي هڪ ٻي عورت سان رهي رهيو هو. کيس هر وقت اهو خيال رهي ٿو ته ماستر محمود کي مارڻ جو ڏوه ظاهر ٿي پوندو ۽ هو گرفتار ٿي ويندو. پر اهڙي ڪا ڳالهہ نه ٿي ٿئي. هو پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري پنهنجي پسند جي هڪ ڇوڪري عائشه سان شادي ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ڪنسٽرڪشن جو ڪم شروع ڪري ٿو. ان ڪم ۾ جيتوڻيڪ هو گھڻو اڳتي وڌي ٿو پر کيس ڪو اولاد نه ٿو ٿئي. کيس ان ڳالهہ جي پريشاني هجي ٿي ته سندس ان ملڪيت جو وارث ڪير هونڌو. هو پنهنجي زال سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي ٿو. سندس دلچسپي رستم سهراب ۽ اوڊيپس جي قصن جيان انهن تصويرن ۽ شين ۾ هجي ٿي جن ۾ پي پٽ جي تضاد کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
استنبول ڦهلبو وڃي ٿو ۽ ڪيم به روز مختلف علائقن ۾ زمينون وٺي نوان پروجيڪٽ شروع ڪري ٿو ۽ سندس ڪاروبار تيزي سان ترقي ڪري ٿو. اشتهارن واري ڪمپني پاران کيس صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو ٽي وي ۽ اخبارن ۾ هلندڙ اشتهارن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي تصوير به ڏي. اها تصوير سندس زندگي ۾ هڪ نئون موڙ بڻجي وڃي ٿي. کيس انور نالي هڪ همراه جو نياپو ملي ٿو ته هو سندس پٽ آهي ۽ ساڻس فوري طور ملڻ چاهي ٿو. اها ڳاله کيس پريشان ڪري ڇڏي ٿي. هو سمجھي ٿو ته اهو سڀ سندس ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پر گھڻي ڇنڊ ڇاڻ کانپوء کيس اها خبر پئي ٿي ته هي همراه ان ڳاڙهي وارن واري عورت جو پٽ آهي جنهن سان هن گھڻو اڳ هڪ رات گذاري هئي. وڪيل وغيره کيس اها صلاح ڏين ٿا ته جيڪڏهين واقعي ائين آهي ۽ ڊي اين اي جي ٽيسٽ وغيره ذريعي هو ڇوڪرو تنهنجو پٽ ثابت ٿئي ٿو ته پوء عدالت وغيره ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي پر کيس ڳالهہ ٻولهہ وسيلي ان مسئلي کي حل ڪرڻ گھرجي.
شهر جي ڦهلجڻ جي ڪري اهو علائقو جت ان کوه کوٽيو هو ۽ جيڪو ان وقت شهر کان ٻاهر ليکيو ويندو هو هاڻي شهر جو حصو بڻجي چڪو هو ۽ اتي ڪيم پنهنجو هڪ تعميراتي پروجيڪٽ شروع ڪري ٿو. هو ان علائقي ۾ وڃي ٿو ۽ مختلف ماڻهن سان ملي ٿو. انهن وٽان کيس اهو پتو پئي ٿو ته ماستر محمود مئو نه هو پر کيس ڪنهن ريت کوه کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ هن کوه تي پنهنجو ڪم به جاري رکيو هو ۽ کيس نيٺ ڪاميابي نصيب ٿي هئي ۽ کوه مان پاڻي نڪتو هو. ڪافي عرصو جيئرو رهڻ کانپوء هو فطري موت مري ويو هو. اتي سندس ڳاڙهن وارن واري عورت سان پڻ ملاقات ٿئي ٿي جيڪا کيس اهو ٻڌائي ٿي ته کاٻي ڌر جيِ سياست ۽ ٿئيٽر سان واسطو هئڻ ڪري سندس پي جو به ساڻس واسطو رهيو هو. اهي هڪٻئي سان محبت ڪندا هئا ۽ هن ڪجھ وقت هن سان گڏ گذاريو هو. هو پنهنجي پروجيڪٽ کي متعارف ڪرائڻ لاء ان علائقي ۾ ڪا تقريب منعقد ڪرڻ چاهي ٿو. ان تقريب ۾ اها ڳاڙهن وارن واري عورت کيس هڪ نوجوان سان متعارف ڪرائي ٿي پر سندس اصليت نه ٿي ٻڌائي ۽ رڳو اهو ٻڌائي ٿي ته هو منهنجي پٽ جو دوست آهي. ان نوجوان سان ڳالهيون ڪندي اهي ٻيئي ان کوه کي ڏسڻ هليا وڃن ٿا جتي هن ماستر محمود سان ڪم ڪيو هو. اتي کيس اهو شڪ ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته اهو نوجوان ئي سندس پٽ هجي ۽ کيس کوه ۾ ڪيرائي مارڻ جي ڪوشش ڪري ان ڪري کيس اتان هليو وڃڻ کپي. پر هو اتان وڃي نه ٿو. اهو نوجوان ڳالهين ڪندي نيٺ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪندي ڪري ٿو. هو ڪيم کان پستول کسي ٿو ۽ سندس اک جو نشانو بڻائي ٿو. پر ٻنهي ۾ پستول هٿ ڪرڻ لاء ڇڪتاڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ نيٺ اهو نوجوان کيس گولي هڻي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.
جيل ۾ سندس ماء ساڻس ملڻ اچي ٿي ۽ کيس تسلي ڏيندي چئي ٿي ته تون واقعي قيد ۾ ڏکين حالتن ۾ رهي رهيو آهين پر منهنجا پٽ پريشان نه ٿي، انهن حالتن کي منهن ڏي ۽ ڪاغذ ۽ قلم کڻي پنهنجي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪر. هن ناول جي خاص ڳالھہ اها آهي ته ان ۾ ليکڪ ڳاڙهن واري عورت جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي ۽ ان کي آخر تائين راز ۾ رکيو آهي.

قمبر واري سماڌي

قمبر واري سماڌي

سنڌي هندن ڀارت لڏڻ کانپوء اتي مختلف شعبن ۾ پنهنجن سنڌ جي تعليمي، سماجي ۽ مذهبي ادارن کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مذهب جي حوالي سان هندو گھڻن درگاهن جا مريد هئا. گھڻن رڳو ان ڪري به لڏڻ کان انڪار ڪيو ته سندن پير سنڌ ۾ هئا جڏهين ته گھڻا پير ورهاڱي کانپوء پنهنجن مريدن سان ملڻ لاء ڀارت ويندا آهن. ان حوالي سان قمبر درٻار جو قصو دلچسپ آهي.
سنڌ ۾ نانڪ پنٿي هندن جو وڏو تعداد هو جيڪي ساڳي وقت بابا گرونانڪ ۽ سکن جي ٻين گرن سان گڏ هندو ديوي ديوتائن جي به پوڄا ڪندا هئا. ان قسم جا خاص طور اتر سنڌ ۾ گھڻا درٻار آهن جتي گرو گرنٿ سان گڏ هندو ديوتائن جون مورتيون پڻ هونديون آهن. ان سلسلي ۾ ليکڪا ننديتا ڀاوناني پنهنجي ڪتاب The Making of Exile- Sindhi Hindus and the Partition ۾ قمبر دربار جو ذڪر ڪيو آهي. اهو هڪ وڏو دربار آهي ۽ ان جي معتقدن جو ورهاڱي ڱان اڳ هڪ وڏو تعداد هو.
ان دربار جا ٽي اهم بزرگ آهن. اهو دربارسائين ولي ولايت رائي هالا مان اچي شوالو محلو قمبر ۾ قائم ڪيو هو. ان جي وفات کانپوء جيوت سنگھ ۽ ان کانپوء بابا وشنداس، جنهن جو ديهانت1946 ۾ ٿيو، ان کي سنڀاليو. ورهاڱي کانپوء پوء ان جا گھڻا پوئلڳ ڀارت لڏي ويا. جيئن ته انهن جو قمبر اچڻ ڏکيو هو ان ڪري انهن اها ڪوشش ڪئي ته انهن ٽنهي بزرگن جي سماڌين کي ڀارت منتقل ڪيو وڃي پر اتي جن ان کي سنڀاليو ٿي اهي ان لاء راضي نه ٿيا. چون ٿا ته ڪنهن اهڙو خواب ڏٺو جنهن ۾ چيو ويو هو ته انهن سماڌين کي ڀارت منتقل ڪيو وڃي. ان جي پوئواري ڪندي ڪجھ ماڻهو هڪ سوناري ۽ هڪ لوهار سان گڏجي قمبر ويا جتي محافظن جي ننڊ پوڻ کانپوء انهن سمادين کي کوٽي ان جو ڪجھ حصو ڀارت کڻي ويا جتي 1960 ۾ بمبئي جي ڪانڊيوالي جي علائقي ۾ انهن قمبر درٻار قائم ڪيو. اها ڄڻ ته قمبر جي دربار جي شاخ آهي جتي اصلوڪي دربار جيان ئي معتقد ايندا آهن ۽ وڏي پئماني تي ميلا وغيره لڳندا آهن. ان جي سنڀال لاء پهرين ماتا چيني بائي کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان جي وفات کانپوء دادي گوپي. کي اها ذميواري ڏني ويئي.

پابلو نرودا ۽ فيڊل ڪاسترو

پابلو نرودا ۽ فيڊل ڪاسترو

پابلو نرودا فيڊل ڪاسترو سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ڪيوبا جي انقلاب ۾ وينزويلا جي ماڻهن جي حمايت ۽ مدد جو ٿورو مڃڻ لاء ڪاسترو وينزويلا جي شهر ڪاراڪس آيو هو جتي هن ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو هو. ان جلسي ۾ پابلو پاڻ موجود هو. ٻئي ڏينهن آچر هئڻ ڪري هو گھمڻ ڦرڻ ۾ مشغول هو ته ڪجھ موٽر سائيڪل سوارن کيس اچي چيو ته اسان توکي سڄي شهر ۾ پيا ڳولهيون. انهن کيس شام جو ڪيوبا جي سفارتخاني ۾ هڪ تقريب ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. اتي کيس هڪ بي ترتيب ننڍي ڪمري ۾ ويهاريو ويو. ٿوري دير کانپوء ڪاسترو ڪمري ۾ آيو ۽ نهايت گرمجوشي سان ساڻس مليو. ايتري ۾ ڪو فوٽو گرافر الائي ڪٿان اچي ظاهر ٿيو. ڪاسترو کي الائي ڪيئن سندس چهين حس ان کان خبردار ڪيو. هن فورن هڪ ڪمانڊو واري ڦڙتي سان وڃي ان کي ڳٿڙ کان جھليو. فوٽو گرافر جون هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويون. سندس اکيون دهشت کان ٻاهر نڪري آيون ۽ ڪئميرا هيٺ زمين تي ڪري پيو. پابلو وڃي ڪاسترو جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ اهڙي ريت هن فوٽو گرافر کي ڇڏيو. پابلو جو چوڻ آهي ته ڪلاڪ کن کانپوء جڏهين آئون سفارتخاني مان پنهنجي زال سان گڏ نڪتس ته فوٽو گرافر جو دهشت ۾ ورتل منهن منهنجي اکين آڏو ڦري رهيو هو. مون کي اها ڳالهہ سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته ڪاسترو اسان جي ملاقات کي نيٺ ڇو لڪل رکڻ چاهيو ٿي.

ورهاڱي کان اڳ: سنڌ ۽ ڪانگريس

ورهاڱي کان اڳ: سنڌ ۽ ڪانگريس

سنڌي هندن کي شروع ۾ ڪانگريس پاران سنڌ ۾ رهڻ ۽ اتان نه لڏڻ جون صلاحون ڏنيون ويون هيون. سندن خيال هو ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ بنگال جهڙيون حالتون ناهن جنهن جي ڪري هندن لاء اتان لڏڻ لازمي ٿي پئي. گانڌي پاران کين سنڌ ۾ رهي حالتن کي منهن ڏيڻ لاء چيو پئي ويو. ساڳي ريت ورهاڱي کانپوء جڏهين سنڌي هندن جو هڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو ته کين نهرو حڪومت پاران اهي سهولتون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جيڪي پنجاب ۽ بنگال وغيره مان لڏي آيلن کي ڏنيون پئي ويون. سندن چوڻ هو ته اتي حالتون ايتريون خراب نه هيون جو اوهان کي لڏڻو پئي ها ۽ اهڙي ريت اهي پنهنجي مرضي سان لڏي آيا هئا. اهي کين شرنارٿي مڃڻ لاء تيار ئي نه هئا. ان ڳالهہ کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هڪ غيريقيني صورتحال هئي جنهن جي ڪري هندو جيڪي ڀارت لڏي آيا هئا انهن مان گھڻا پنهنجيون ملڪيتون پويان ڇڏي آيا هئا.
بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوء سنڌ جي سياسي صورتحال عدم استحڪام جو شڪار هئي. وزارتن جو ڊهڻ ۽ ٺهڻ هڪ روز جي ڳالهہ هئي جنهن ۾ هندو مسلمان اسمبلي جا رڪن ٻيئي شامل هئا. اهي هڪ سياسي جماعت طور ڪم ڪرڻ لاء تيار نه هئا. ايستائين ته ڪانگريس جي اڳواڻن پاران مرڪزي ليڊر شپ کي اها درخواست ڪئي ويئي ته کين بجائي هڪ پارٽي طور ڪم ڪرڻ جي انفرادي طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اهو به هڪ ڪارڻ هو جنهن جي ڪري سنڌ جي مقامي ليڊرشپ کي گھڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. اهي ڪڏهين الله بخش جي وزارت ٺاهڻ ۾ ان سان گڏ هوندا هئا ته ڪڏهين ان جي خلاف عدم اعتماد جي سلسلي ۾ ٻين مسلمان ميمبرن سان گڏجي ويندا هئا. ڪانگريس پاران گھڻي ڀاڱي سنڌ جي مقامي ليڊرشپ کي نظر انداز ڪيو ويو. ان ڪري سندن ان گھر کي به ڪا گھڻي اهميت نه ڏني ويئي ته جيئن بنگال ۽ پنجاب جو مذهبي بنياد تي ورهاڱو ٿي رهيو هو، ساڳي ريت سنڌ سان به ائين ڪيو وڃي ۽ ٿرپارڪر وغيره جي علائقي، جتي هندن جي گھڻائي هئي، کي ڀارت سان شامل ڪيو وڃي. ان لحاظ کان سنڌ ڪانگريس هتان جي ماڻهن ۾ اعتماد ۽ پنهنجي مضبوط حيثيت قائم نه ڪري سگھي هئي. ماڻهن کي پنهنجن مسئلن ۽ آسري لاء اوم منڊلي، جيڪا بيواه ۽ بي سهارا عورتن لاء هڪ پناه گاه هئي ۽ ان خاص طور حيدرآباد جي ڀائي بندن تي دٻاء وڌائي ڇڏيو هو، آريا سماج، آر ايس ايس ۽ مها سڀا جهڙين غيرسياسي تنظيمن ڏانهن ڏسڻو پوندو هو.
سنڌ ۾ منزل گاه جي فسادن ۽ الله بخش جي حڪومت جي خاتمي سنڌي هندن ۾ غير يقيني واري ڪيفيت کي اڃا وڌائي ڇڏيو هو. ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت ئي هندن جي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن هڪ اندروني لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي هئي جنهن ڳاله جو ان وقت شايد گھٽ ماڻهن ئي نوٽيس ورتو. ان وقت ڪانگريس جي مرڪزي قيادت جو رويو سنڌ ڏانهن هڪ لاتعلقي وارو هو. انهن جي لاء سنڌ دهلي کان گھڻو پري هئي ۽ ان جا مسئلا سندن نظر ۾ ننڍا ۽ عجيب هئا. گانڌي، نهرو۽ پٽيل کي سنڌ سان ڪا دلچسپي نه هئي. گانڌي هتي 1943 کانپوء اچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته سنڌين لاء عدم تشدد جو فلسفو هڪ ڪارائتو هٿيار آهي پر ان جي فائديمند ٿيڻ لاء هڪ ڊگھي عرصي جي مشق جي ضرورت آهي جيڪا ان وقت استعمال نه ٿي ڪري سگھجي جڏهين فوري طور عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت عدم تشدد جو فلسفو سندن لاء ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. گانڌي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌي هندو ممڪن طريقي سان هٿيارن وغيره سان پنهنجو بچاء ڪن ۽ ائين نه ڪري سگھڻ جي صورت ۾ هتان هجرت ڪري وڃن. ان تي سنڌين اهو سوال اٿاريو هو ته اهي نيٺ هجرت ڪري ڪيڏانهن ويندا ۽ هو اها صلاح انهن مسلمانن کي ڇو نه ٿو ڏئي جيڪي ڀارت جي هندو گھڻائي وارن پرڳڻن ۾ رهن ٿا. پر گانڌي وٽ ان سوال جو ڪو جواب نه هو.
جڏهين صحافي ايم ايس ايم شرما سردار پٽيل کان پڇيو ته سنڌ جا ڪانگريس جا اڳواڻ ڪانگريس کان وڌيڪ مهاسڀائي اڳواڻ لڳن ٿا ته پٽيل وٽ ان جو ڪو واضح جواب نه هو ۽ سنڌ متعلق هڪ عام ڳالهہ ڪندي هن چيو ته سنڌ هڪ عجيب پرڳڻو آهي. مون کي پڪ ناهي ته آئون ان کي سمجھان ٿو.اتي ڪو اصول لاڳو نه ٿو ٿئي. اها هڪ عجيب جاء آهي. نهرو پدما نائدو کي ساڳي ڳالهہ پر وڌيڪ منفي انداز ۾ ڪئي. سندس چوڻ هو ته مون کي سنڌ ڏانهن ڪا ڇڪ محسوس نه ٿي ٿئي. مون وٽ ان متعلق چوڻ لاء ڪجھ ناهي. ڪانگريس جي هيڊڪوارٽر جي سنڌ ڏانهن اها لاتعلقي ڪڏهين سنڌ جي ڪانگريس جي پنهنجن نمائندن ۾ به نظر ايندي هئي. نارائن داس ملڪاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته جڏهين هن ڪانگريس ڪميٽي جي صدر جي بي ڪرپلاڻي کي منزل گاه جي واقعي متعلق لکيو ته سندس جواب هو ته مون کي سنڌ متعلق ڪجھ به چوڻو ناهي. اهو منهنجي انتظامي دائري کان ٻاهر آهي. ذاتي طور سنڌ متعلق منهنجو ڪو رايو ناهي. جيڪڏهين اهو کڻي هجي به ته به ڪير ان کي پسند نه ڪندو. اوهان ولڀ ڀائي پٽيل کي لکو. اوهان رام ڳڙه اچو پيا پر ورڪنگ ڪاميٽي سنڌين کي ڪنهن معاملي تي صلاح ڏيڻ بيڪار سمجھي ٿي.
اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪانگريس ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي دوران هڪ لاتعلقي وارو رويو رکيو جنهن سنڌي هندن کي گھڻو ڏک پهچايو. خاص طور الله بخش سومرو جي ڪانگريس جي حمايت يافته سرڪار جي ختم ٿيڻ ڄڻ ڪانگريس لاء باقي رهيل امڪان به ختم ڪري ڇڏيا. 16 دسمبر 1946 تي سردار پٽيل ڏک مان نچل داس وزيراني کي لکيو ته مون کي اهو ڏسي نهايت گھڻو افسوس ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ڪانگريس موٽ ۾ رڳو دشمني ۽ ڪاوڙ جو ئي سودو ڪيو آهي.
اهڙي ريت سنڌ جي حوالي سان ڪانگريس ڪو اهم ڪردار ادا نه ڪري سگھي ۽ هڪ لحاظ کان ان ڄڻ اهو سمجھي ورتو هو ته سنڌ مان ان کي ڪجھ حاصل ٿيڻو نه هو.

ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم

ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم

ڪيرت ٻاٻاڻي جي سڃاڻپ رڳو هڪ ليکڪ جي ناهي. سندس هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت آهي. هو ساڳي وقت هڪ سياسي ڪارڪن ۽ ٻولي ۽ ادب لاء جاکوڙيندڙ به رهيو آهي. سندس آتم ڪٿا ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم مان خبر پئي ٿي ته هن پنهنجي ڊگھي زندگي جاکوڙڪندي گذاري آهي. سندس تعلق سڪرنڊ تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ مورو لاکو سان هو. سندس پي ننڍي هونڌي گذاري ويو هو ۽ سندس پرورش گھڻي ڀاڱي سندس چاچي ڪئي جنهن جي ساڻس گھڻي محبت هونڌي هئي. پنهنجي ٻني ۽ ڪاروبار جي لحاظ کان اهو هڪ سکيو خاندان هو. ڳوٺ ۾ گھڻائي مسلمانن جي هئي پر اتي مذهبي تفرقو نه هو ۽ هندو ۽ مسلمان مٺ محبت سان رهندا هئا. پنهنجي چاچي جي قتل ٿيڻ کانپوء خاندان اتان لڏي اچي سڪرنڊ ۾ رهيو پر ساڳي وقت کين مالي مشڪلاتن کي پڻ منهن ڏيڻو پيو.
ان وقت هندوستان جي ٻين علائقن جيان سنڌ ۾ به ڪانگريس انگريز راڄ خلاف متحرڪ هئي. هڪ ڪاليج جي شاگرد جي حيثيت ۾ ليکڪ ان تحريڪ جو حصو بڻجي وڃي ٿو جيڪا ڄڻ سندس سياسي ڪيريئر جي شروعات هئي. نظرياتي طور منجھس ان وقت تبديلي اچي ٿي جڏهين هو ان احتجاج جي سلسلي ۾ گرفتار ٿي جيل پهچي ٿو ۽ اتي سندس ملاقات سوڀو گيانچنداڻي سان ٿئي ٿي. سوڀو کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏئي ٿو جنهن مان کيس طبقاتي تضادن جي خبر پئي ٿي. هو سياسي تربيت جي حوالي سان سوڀو کي پنهنجو گرو ڪري مڃي ٿو. اهڙي ريت هو آزادي جي جدوجهد ۾ شامل رهي ٿو پر ڪانگريس کان پاسيرو ٿي ڪميونسٽن جي ويجھو ٿئي ٿو. بهرحال هو ان وقت اڻ تڻ ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وڃي ٿو جڏهين سوويت يونين جي اتحادين سان جنگ ۾ شامل ٿيڻ کانپوء ڪميونسٽ پارٽي ڪانگريس جي هندوستان مان نڪري وڃو واري احتجاج جي حمايت نه ٿي ڪري ۽ ڪانگريس وارن پاران کين غدار جو لقب ڏنو وڃي ٿو.
هن پنهنجي اسڪول جي هڪ ڇوڪري گوپي سان پنهنجي محبت جو ذڪر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پيش رفت چوڪري پاران ڪئي وڃي ٿي. هڪ گڏيل دوست جي گھر ملاقاتون ڪرڻ ۽ گوپي جي نوڪر ذريعي خطن جي ڏي وٺ جو سلسلو هلڻ لڳي ٿو. اها خبر گوپي جي مائٽن کي پئي ٿي ۽ هو سندس ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪٿي اچ وڃ تي پابندي لڳائي ڇڏين ٿا. ڇوڪري جا مائٽ ته کيس ذات پات جي فرق جي ڪري سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا پر سندس ڇوڪري کي لکيل خط جيڪي ڇوڪري حفاظت جي لحاظ کان پنهنجي نوڪر کي رکڻ لاء ڏئي ٿي اهي سلسليوار هڪ مقامي اخبار ۾ شائع ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ سندس عشق سڄي شهر ۾ مشهور ٿي وڃي ٿو. هوِ جتان لنگھي ٿو ماڻهو ڏانهس اشارا ڪن ٿا. هو گوپي کي هڪ ڀيرو ڪراچي ۾ سندس مائٽن وٽ گئليري ۾ بيٺل ڏسي ٿو ۽ بمبئي وڃڻ کانپوء به سندس سڱ لاء ڪوشش ڪري ٿو پر گوپي جو پي ان لاء راضي نه ٿو ٿئي ڪراچي ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران هو پارٽي جي ڪم ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي وڃي ٿو. ان وقت سوڀو به ڪراچي ۾ پارٽي جي مزدور فرنٽ تي ڪم ڪري رهيو هو جڏهين ته پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري جمال الدين بخاري هو. پارٽي جي ڪارڪنن جي کاڌي وغيره جو انتظام جمال بخاري جي زال شانتا جي هٿ ۾ هو.
ورهاڱي کانپوء هو ڀارت نه وڃڻ ۽ سنڌ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ٿو. ان دوران ڪراچي ۾ فساد شروع ٿي وڃن ٿا ۽ کيس ڪجھ ڏينهن ٻين ساٿين سان گڏ پارٽي جي دفتر ۾ ئي رهڻو پئي ٿو. سندس ملاقات حسن ناصر سان به ٿئي ٿي جنهن کي پارٽي پاران نئين ملڪ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاء موڪليو ويو هو. ان دوران حڪومت پاران ڪميونسٽن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. پهرين ته هو روپوش ٿي وڃي ٿو پر هڪ ڀيري پارٽي آفيس ۾ اچڻ وقت مخبري جي بنياد تي کيس گرفتار ڪري ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رکيو وڃي ٿو جتي سندس پارٽي جا ٻيا ساٿي حسن ناصر ۽ جمال بخاري وغيره به قيد هجن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء کيس آزاد ڪري ڪراچي بدر ڪيو وڃي ٿو. هو ڪجھ وقت نوابشاه ۽ پنهنجي دوست ميرمحمد ٽالپر سان گذاري ٿو ۽ پوء حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئي سان سندس پريس ۾ ڪم ڪري ٿو. هتي هڪ ڀيرو شيخ اياز وٽس اچي ٿو جيڪو سندس هٻڪ ۽ انڪار جي باوجود کيس چڪلي ۾ وٺي وڃي ٿو جتان هو ٿوري دير ۾ ئي ڀڄي نڪرن ٿا. هتي حيدرآباد ۾ سي آئي ڊي وارن جي مٿس لاڳيتو نظر هجي ٿي. گھڻن ماڻهن پاران جتوئي کي اهو به چيو وڃي ٿو ته هن هڪ هندو کي پنهنجي پريس ۾ ڪم لاء ڇو رکيوهو جڏهين ته جتوئي جو پريس ۾ اڳ ڪم ڪندڙ هڪ ملازم ان ڳاله تان نوڪري به ڇڏي وڃي ٿو. اهلڪارن پاران لاڳيتو هراس ڪرڻ جي ڪري جتوئي پاران کيس صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو ڪجھ وقت لاء ڀارت هليو وڃي ته جيئن هئو مئو ٽري،ِ حالتون معمول تي اچن ۽ پوء هو موٽي اچي. هو ڀارت وڃڻ لاء جيئن ئي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿئي ٿي ته اتي سرڪاري اهلڪار سندس پڇا ڪندا اچن ٿا ۽ کيس پاڪستان مان نيڪالي جو حڪم نامو هٿ ۾ ڏنو وڃي ٿو.
ڀارت ۾ کيس شروع ۾ هٿيڪي ٿيڻ ۽ پنهنجي جاء ٺاهڻ لاء ڪافي جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي. هتي نهرو سرڪار ڪجھ سنڌي اڳواڻن جي چوڻ تي سنڌي لاء ديوناگري لپي سرڪاري اسڪولن ۾ رائج ڪري ٿي. ان ڳاله کي ڪيرت ۽ سندس دوست سنڌي بولي جي آئندي لاء هاڃيڪار سمجھن ٿا. ساڳي ريت ڀارت جي قومي ٻولين جي آئين ۾ جيڪا فهرست ڏني ويئي هئي ان ۾ سنڌي شامل نه هئي. ان صورتحال ۾ ڪيرت اهو فيصلو ڪري ٿو ته هتي ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪرڻ وارا ته ٻيا به گھڻا آهن جڏهين ته سندس لاء اهو ضروري هو ته سنڌي ٻولي کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاء جاکوڙ ڪري. اهڙي ريت سنڌي ٻولي ۽ ڀارت جا سنڌي سندس سڄي سياست جو محور بڻجي وڃن ٿا. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ پهرين ته هند جي سرڪار سنڌي لپي کي سرڪاري طور اسڪولن وغيره ۾ مڃتا ڏيڻ لاء تيار ٿئي ٿي ۽ اهو پڌرو ڪري ٿي ته ديوناگري ۽ سنڌي لپي کي ساڳي حيثيت حاصل هونڌي ۽ اهو شاگردن تي ڇڏيل هونڌو ته اهي ڪنهن جي چونڊ ٿا ڪن. ساڳي ريت اڳتي هلي سنڌي کي ڀارت جي قومي ٻولين جي فهرست ۾ پڻ شامل ڪيو وڃي ٿو.
ان سڄي عمل ۾ سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ۽ لپي جي حوالي سان ڇڪتاڻ جاري رهي ٿي. لپي جي حوالي سان منهنجي خيال ۾ جنهن گروه ديوناگري جي حمايت ڪئي ٿي ان جو مقصد پاڻ کي ڀارت جي ٻين ماڻهن ۽ ٻولين ڳالهائيندڙن سان هم آهنگ ڪرڻ هو جڏهين ته ڪيرت، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا ۽ سندن ٻين دوستن پاران سنڌي لپي جي حمايت جو مقصد پاڻ کي سنڌ سان ڳنڍيل رکڻ هو.
جيتوڻيڪ ورهاڱي وقت سنڌي هندن کي پنجابين ۽ بنگالين جيان سنڌ جو ڪو اهڙو علائقو مختص ڪري نه ڏنو ويو هو جنهن کي اهي پنهنجو چئي سگھن ۽ جتي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجھ لاء ڪم ڪري سگھن. ان ڪري ڪيرت ۽ سندس دوستن جي اها ڪوشش به هجي ٿي ته ڀارت ۽ خاص طور ڪڇ ۽ گجرات جي پاسي هند سرڪار کين اهڙو علائقو مختص ڪري ڏئي جتي اهي پنهنجي مرضي موجب پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت لاء ڪم ڪري سگھن. ان سلسلي ۾ ڪڇ جي پاسي گانڌي دام جي نالي سان سنڌين لاء هڪ آبادي ٺاهي ويئي هئي. ڪوشش اها هئي ته ان علائقي کي سنڌين کي ڏنو وڃي. جواز اهو پئي ڏنو ويو ته جيئن ته ڪڇي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي جي حوالي سان سنڌين جي وڌيڪ ويجھو هئا. ان ڪري کين ڪو اعتراض نه هونڌو. منهنجي خيال ۾ اها گھر ائين ئي هئي جيئن سنڌ ۾ مهاجرن پاران پنهنجي لاء ڌار صوبي جي گھر ڪئي وڃي ٿي. هند جي گھڻن سنڌين پاران ان جي ان بنياد تي مخالفت ڪئي ويئي ته اهڙي ريت سنڌين ۽ مقامي ماڻهن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ۽ اهي کين پنهنجي ڌرتي جي حوالي سان هڪ غاصب ڪري ليکيندا. ليکڪ پاڻ به اها ڳاله ڪري ٿو ته سنڌي جيڪي ڀارت جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پکڙيل هئا اهي گانڌي ڌام يا اهڙي ڪنهن مخصوص علائقي ۾ اچڻ لاء تيار نه هئا. بهرحال هند سرڪار پاران ان سلسلي ۾ ڪا توجھ نه ڏني ويئي.
هونئن به ڏٺو وڃي ته ڀارت جا اهڙا سنڌي ٻولي ۽ لپي جي حوالي سان هڪ هارايل جنگ وڙهي رهيا آهن. هڪ ته مائٽ پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائين نه ٿا ۽ جيڪي پڙهائين ٿا اهي به ديوناگري لپي ۾. ساڳي ريت ڪيرت، موهن ڪلپنا ۽ ٻين اهڙن ليکڪن جيڪي سنڌي لپي جا حامي رهيا آهن جي حال جي لکڻين کي ڏسجي ته ان ۾ ايترا هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ آهن جو سنڌ جي پڙهندڙ لاء ان کي پوري ريت سمجھڻ ڏکيو ٿئي ٿو. اهڙي ريت ٻنهي پاسن جي سنڌين ۾ هڪ فاصلو هونئن ئي موجود رهي ٿو.
ڪيرت جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو گھڻو وقت سنڌي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي ڏنو ۽ گھر ۽ ٻارن کي گھٽ وقت ڏنو آهي. ان جي باوجود سندس گھريلو زندگي مطمئن هئي ۽ سندس زال سويتا ۽ ٻار ساڻس پيار ڪندا هئا جيڪا ڳاله رڳو سندس زال جي سهڪار۽ گھر جي معاملن کي سنڀالڻ جي ڪري ممڪن ٿي سگھي هئي. ڪيرت جي هميشه سنڌ اچڻ جي خواهش رهي پر کيس ويزا نه ملي سگھي.
هڪ ڀيري ته ائين به ٿيو ته سندس پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو لڳي به ويو پر هو اڃا پاڪستاني سفارتخاني ۾ ويٺو ئي هو ته سفارتخاني جي عملدارن پاسپورٽ کانئس وٺي اهو ويزا رد ڪري ڇڏيو. ڪيرت جو چوڻ آهي ته سندس ڄام صادق علي سان سٺا ناتا هئا پر جڏهين هو سنڌ جو وڏو وزير هو ته سندس ڪوششن جي باوجود به ڪيرت کي ويزا نه ملي سگھيو. ڄام کيس صلاح ڏني ته هو دبئي ويندي ڪراچي ٽرانزٽ ڪري ۽ هو ايئر پورٽ تان کيس غائب ڪندو.ِ پوء هو سنڌ ۾ جتي وڃڻ چاهي وڃي سگھيو پئي. پر ڪيرت اهڙو جوکم کڻڻ ۽ غيرقانوني طور ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نه ٿي چاهيو. ان ويزا نه ملڻ جو بنيادي ڪارڻ اهو ڄاڻايو ٿي ويو ته ڪيرت ڀارت مان جي ايم سيد جا چار کن ڪتاب شائع ڪرايا هئا. بهرحال هو ڪوشش جي باوجود به سنڌ نه اچي سگھيو.
ڪيرت جي اها آتم ڪٿا سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت لاء ڀارت ۾ جيڪي ڪوششون ٿيون آهن ۽ جيڪا ڇڪتاڻ هلي آهي ان جي هڪ تفصيلي تصوير پيش ڪري ٿي

ڪرن ٿاپر

ڪرن ٿاپر

ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر جو تازو ڪتاب “ Devil’s Advocate-The Untold Story” پڙهي پورو ڪيو. ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ پنهنجي خاندان، زال ۽ پڙهائي متعلق ٻڌايو آهي. سندس پي ڀارت جي فوج جو چيف آف اسٽاف هو. ڀارت جي ناميارن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء هن ڪيمبرج ۾ داخلا ورتي. انوقت بينظير ڀٽو جيتوڻيڪ آڪسفورڊ ۾ هئي پر ٻيئي جيئن ته پنهنجن ادارن جي سوسائٽين جا عهديدار هئا ان ڪري سندن هڪٻئي سان واسطو رهندو هو جيڪو هڪ گهري دوستي جي صورت ۾ بدلجي ويو ۽ هن ڪراچي ۾ بينظير جي شادي ۾ پڻ هڪ خاص مهمان جي طور شرڪت ڪئي هئي. هو اندرا گانڌي جي خاندان ۽ خاص طور تي سنجي گانڌي سان گھڻو ويجھو رهيو جيڪو اڪثر وقت سندن گھر ۾ گذاريندو هو ۽ جنهن جو ذڪر هن پڻ ڏاڍي پيار ۽ ٻاٻوه مان ڪيو آهي. هڪ صحافي جي طور هو ٽائمز لندن، بي بي سي ۽ هندوستان ٽائمز وغيره سان لاڳاپيل رهيو. سندس پهرين اسائنمنٽ ٽائمز لندن جي نمائندي طور نائيجيريا ۾ تعيناتي هئي جتان هڪ رات اتان جي فارن آفيس کي باه لڳڻ جي هڪ خبر ڏيڻ تي کيس ناپسنديده شخصيت قرار ڏيئي نيڪالي ڏني ويئي. هن پنهنجي زال جي اوچتي گذاري وڃڻ کانپوء پنهنجو گھڻو وقت ڀارت ۾ گذاريو. هي ڪولمبو ۾ جنهن هوٽل ۾ رهيل هو ان تي تامل گوريلن جي ڪيل هڪ وڏي بم جي ڌماڪي ۾ پڻ شديد ڦٽجي پيو هو.
ڪتاب مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گھڻين شخصيتن جو ذڪر ڪري ٿو. ان جي خاص ڳالهہ اها آهي ته ان ۾ انهن شخصيتن جا انٽرويو شامل ناهن پر انهن انٽروين جو پس منظر ۽ ان دوران جيڪي ڪجھ پيش آيو ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو پڙهندڙن لاء گھڻي دلچسپي جو باعث آهي. پاڪستان ۾ هن جنرل مشرف جو انٽرويو ڪيو هو. مشرف پاران ته کيس گھڻي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو نه پيو پر انٽرويو کان اڳ ۽ ان جي نشر ٿيڻ واري وقت ڀارت جي حڪومت، ڪامورن ۽ وزيرن جي پيدا ڪيل مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو.
صحافين کي اتي ڏکيائي پيش ايندي آهي جتي سياستدان رڳو اهو چاهيندا آهن ته کانئن رڳو سندن پسند جا سوال ڪيا وڃن ۽ سندن ساراه ڪئي وڃي. گھڻا سياستدان اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيئي ويندا آهن ۽ گھڻا ان کي پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهي پنهنجي لاء ئي مسئلو پيدا ڪندا آهن.
ليکڪ کي گھڻي ڏکيائي بارڪ اوباما، جي لليتا ۽ بي جي پي جي اڳواڻن رام جيٺملاڻي، ايل ڪي آڏواڻي ۽ نريندر مودي جي سلسلي ۾ پيش آئي. اوباما لاء سندس رايو آهي ته جيتوڻيڪ هو تحرير ۽ تقرير جي آزادي جو دعويدار آهي پر هن هڪ ته انٽرويو کان اڳ سوال گھريا، ٻي ڳالهہ ته ڪي سوال ان مان ڪاٽي ڇڏيا ۽ پوء به جڏهين ساڳيا سوال کانئس ٻئي مختلف نموني سان ڪيا ويا ته هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو يا لنوائي ويو. ساڳي ريت بي جي پي جي اڳواڻن جو ساڻس تعلق اوستائين خوشگوار ۽ سٺو رهيو جيستائين سندن پڇ تي لت نه آئي ۽ کانئن سندن سياست ۽ پارٽي جي حوالي سان ڪي حساس سوال نه ڪيا ويا. ايل ڪي آڏواڻي جو ساڻس نهايت ويجھو تعلق هو جيڪو هڪ انٽرويو جي نتيجي ۾ پارٽي ۾ موجود اختلافن متعلق سوال ڪرڻ تي ڄڻ بلڪل ختم ئي ويو. گجرات جو قتل عام ڄڻ مودي لاء هميشه هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جيان هونڌو. ٿاپر 2007 ۾ کانئس پنهنجي انٽرويو جي شروعات ان موضوع تي پڇيل سوال کان ئي ڪئي هئي ۽ ان تي ئي اهو انٽرويو ختم ٿي ويو هو. اهو انٽرويو رڳو ٽي منٽ هلي سگھيو ۽ پوء ڪلاڪ کن مودي سندس تواضع ڪندي ساڻس ائين ئي گپ شپ ڪندو رهيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته مودي جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوء 2016 کان بي جي پي جو ڪو اڳواڻ سندس پروگرام ۾ اچڻ ۽ انٽرويو ڏيڻ لاء تيار ناهي. گھڻي ڪوشش کانپوء اها خبر پيئي ته مودي پاران کين منع ڪئي ويئي آهي. جڏهين هن ان سلسلي ۾ مختلف ذريعن وسيلي مودي سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪندي اهو چورائي موڪليو ته سندس رويو ڏانهس متعصباڻہ آهي.
هڪ دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو ڪتاب آهي. خاص طور انهن لاء جيڪي صحافت جي ميدان ۾ آهن.

ڪوئيٽا کان دھلي

ڪوئيٽا کان دھلي

ڀارتي ليکڪا رينا نندا پنهنجي From Quetta to Delhi- A Partition Story ۾ پنجاب جي شهر جھنگ جي عورتن جو دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. ليکڪا جي ماء شڪنت پنهنجي گھر جي دري مان صبوح سوير سامهون کوه تي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ لاء گڏ ٿيل عورتن کي ڏسندي هئي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ انهن عورتن جي لڳ لاڳاپي جو هڪ مرڪز هوندو هو. هتي اهي ڪپڙن ڌوئڻ سان گڏوگڏ گپ شپ ڪنديون ۽ گيت ڳائينديون هيون. اهي کوهن جو پاڻي جڏهين نالين ۾ وهي ايندو هو ته ان سان اتي ئي وهنجنديون ۽ پنهنجن پيرن کي ٺڪرين سان صاف ڪنديون هيون. ان جاء تي ڪنهن مڙد کي اچڻ جي اجازت نه هونڌي هئي ۽ جيڪڏهين غلطي سان ڪو ائين ڏسڻ لاء بيهي رهيو ته اها عورت بجائي لڪڻ جي ان جي سامهون ٿي بيهي کيس چوندي هئي ته تون هي ڏسڻ آيو آئين نه، ها ڏس. وهنجي گھر ڏانهن واپس ويندي کين پسيل ڪپڙا پيل هوندا هئا جنهن ۾ جسم جو ڪو به عضوو لڪل نه هوندو هو. وٽن شرم جهڙي ڪا شي نه هوندي هئي. جيڪڏهين واٽ تي برادري جو ڪو مرد ملي ويندو هو ته پوتي سان کڻي اڌ منهن ڊڪينديون هيون.
جھنگ جون عورتون بهادر، ارڏيون ۽ ڪنهن مڙد کان ڊڄڻ واريون نه هيون. حقيقت ۾ ته مڙد سندن تيز زبانن ۽ گارين کان ڊنل هوندا هئا. ايستائين ته انهن وهنجدڙ عورتن جي شهرت لاهور تائين پهچي ويئي هئي ۽ اهڙيون خبرون هونديون هيون ته گورنمنٽ ڪاليج لاهور جا ڇوڪرا هفتي جي موڪلن ۾ انهن کي ڏسڻ لاء جھنگ ويندا هئا. انهن ڇورن کي هڪ محفوظ فاصلو رکڻو پوندو هو نه ته ٻي صورت ۾ ڏنڊو سندن مٿي تي ٺڪاء ڪندو هو.
اولهہ جي تعليم ۽ عورت جي شرم و حيا جي وڪٽورين آدرشن جي اثر ۾ اچي پڙهيل لکيل پنجابين ان روايتي عمل جي مخالفت شروع ڪئي. 1872 ۾ امرتسر ڌرم سڀا هڪ ٺهراء منظور ڪيو ته ڪا به عورت اگھاڙي تلائن، کوهن، دريائن ۽ نهرن تي وهنجي نه سگھندي. پر ڪنهن به اهڙو ٺهراء منظور نه ڪيو ته هر گھر ۾ وهنجڻ لاء حوض هئڻ گھرجي. (From Quetta to Delhi-A Partition Story p:69-70)


گبرئيل گارشيا مارڪيز جي زندگي جا ڪجھ پاسا

گبرئيل گارشيا مارڪيز جي زندگي جا ڪجھ پاسا

ادب جونوبل انعام گھڻن اديبن کي مليو آهي. انهن مان ڪجھ اهڙا نالا آهن جن واقعي ان انعام جي وقار ۽ ساک کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ڪجھ نالن مان هڪ اهم نالو گبرئيل گارشيا مارڪيز جو آهي. هن جڏهين نوبل انعام وصول ڪرڻ واري تقريب ۾ تقرير ڪئي هئي ته سندس موضوع لاطيني آمريڪا جي اڪيلائي، اتان جي ماڻهن جي محرومي ۽ صدين کان انهن جو ٿيندڙ استحصال هو. مارڪيز ۽ سندس جهڙن سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ ٻين گھڻن ماڻهن لاء لاطيني آمريڪا جو سڄو خطو ڄڻ ته سندن وطن آهي ۽ ڪنهن هڪ خاص ملڪ سان پنهنجي سڃاڻپ رکڻ سندن لاء ڏکيو هوندو آهي. چي گويرا جڏهين ڪيوبا ۾ انقلاب کانپوء بوليويا ۾ اچي انقلاب لاء جدوجهد شروع ڪئي ته وٽس اها ئي سوچ ۽ اهو ئي نظريو هو ته هتان جي ماڻهن کي صدين جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارجي. ساڳي ريت منهنجي لاء پڻ اهو ڏکيو هونڌو آهي ته گارشيا مارڪيز کي ڪهڙي ملڪ جي خاني ۾ وججھي. هو ساڳي وقت ڪولمبيا ۾ ڄائو ۽ اتان جو شهري آهي، ميڪسيڪو سندس ٻيو گھر آهي ۽ ساڳي ريت ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواء هو ڪيوبا ۾ سندس دوست فيڊل ڪاسترو پاران ڏنل گھر ۾ رهي سگھيو ٿي. علائقي جي ڪنهن به ملڪ ۾ سندس اچڻ وڃڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي.
ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ هي شخص رڳو ڪهاڻين ۽ ناول لکڻ جهڙي ڪم تائين محدود نه هو. پنهنجي تعليم جي مختلف مرحلن مان گذرندي ۽ مختلف مضمونن کي آزمائيندي هن نيٺ اچي ادب ۽ صحافت تي دنگ ڪيو. هن صحافت کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ پاڻ چوندو هو ته هو بنيادي طور تي صحافي آهي ۽ ڪهاڻيون وغيره ته بس ائين ئي لکي وٺندو آهي. ايڏي وڏي مرتبي جي ليکڪ کي اهو مڃڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته هڪ مستند ليکڪ طور پنهنجي حيثيت قائم ڪرڻ کانپوء به سندس ماء سندس لکيل خطن مان صورتخطي ۽ گرامر جون غلطيون ڪڍندي هئي ۽ انهن جي نشاندهي ڪندي هئي. سندس ننڍپڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏي وٽ گذريو هو. سندس ڏاڏي کيس مختلف ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي جڏهين ته سندس ڏاڏو فوج ۾ ڪرنل هو ۽ ڪولمبيا ۾ آزاد خيال ۽ قدامت پسندن جي وچ ۾ هزار ڏينهن جي جيڪا جنگ هلي هئي ان ۾ آزاد خيالن پاران شريڪ ٿيو هو. هو کيس جنگ جي حوالي سان ۽ ٻيا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. ان ۾ اهم 1928 ۾ يونائٽيڊ فروٽ ڪمپني خلاف احتجاج ڪندڙ ڪيلي جي آبادگارن جو وڏي پئماني تي قتل عام هو جنهن واقعي کي حڪومت پاران لڪايو ويو هو ۽ سوين لاشن کي ريل جي مال گاڏن ۾ وجھي سمنڊ ۾ لوڙهيو ويو هو.ِ ان کانپوء ڪيترن ڏينهن تائين مينهن پوندو رهيو هو. اهو واقعو ليکڪ پنهنجي ناول هڪ سو سالن جي اڪيلائي ۾ لکيو هو. ساڳي ريت 1948 ۾ ڪولمبيا جي شهر بوگوٽا ۾ صدارتي اميدوار گئٽان، جنهن کي عام ماڻهن جي وڏي حمايت حاصل هئي، جي قتل جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙن پڻ ليکڪ کي متاثر ڪيو. اهڙي ريت جنهن کي ليکڪ جي جادوئي حقيقت پسندي چيو وڃي ٿو اها دراصل ليکڪ جي پنهنجي چوڌاري جي صورتحال هئي جنهن کي هن پنهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن جو موضوع بڻايو.
ان پسمنظر جي ڪري کاٻي ڌر ڏانهن سندس لاڙو شروع کان ئي هو. ڪجھ عرصو هو ڪولمبيا جي ڪميونسٽ پارٽي سان به لاڳاپيل رهيو. هڪ ڏينهن کيس پارٽي جي اڳواڻ سان ملاقات ڪرائي ويئي جنهن کيس چيو ته جيڪڏهين هو سياسي طور سرگرم نه ٿو رهڻ چاهي ته پوء ڀلي پارٽي کان پاسيرو ٿي پنهنجو صحافتي ۽ ادبي ڪم ڪندو رهي ۽ اهڙي ريت هو پنهنجي اصل ڪم ڏانهن موٽي آيو.
ڪولمبيا ۾ هڪ پاسي مختلف گوريلا تنظيمون سرگرم هيون ته ٻئي پاسي منشيات جي وڏن گروهن جو ملڪ جي مختلف علائقن تي قبضو هو ۽ اڃا به آهي. آمريڪا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڪين جو اٽڪل اسي سيڪڙو هتان فراهم ٿيندو رهيو آهي. هن لاڳيتو هلندڙ گھرو ويڙه ۾ وڏو نقصان عام ماڻهو جو آهي جيڪو هڪ پاسي حڪومت ۽ ٻئي پاسي گوريلن ۽ منشيات فروش گروهن جي تشدد جو شڪار رهندو آيو آهي. پوء ڀلي کيس باقاعدي نشانو ڪري ماريو وڃي يا هو ٻن ڌرين جي ويڙه جي وچ ۾ اچي مارجي وڃي. ان جو اندازو هن ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته جيتوڻيڪ هڪ ليکڪ طور پنهنجي حيثيت کي مڃرائڻ کانپوء عام ماڻهو کيس سڃاڻڻ لڳا هئا،ِ واٽ ويندي ساڻس سلام دعا به ڪندا هئا ۽ سندس حال احوال به پڇندا هئا ۽ ساڳي وقت گوريلا تنظيمن سان به سندس واسطا هئا پر ملڪ جي صورتحال سڀني کي متاثر ڪيو هو ۽ ان کان ڪير به محفوظ نه هو. بگوٽا ۾ رهندڙ مارڪيز کي پڻ پنهنجي تحفظ لاء جديد هٿيارن سان هٿيار بند محافظ رکڻا پيا ٿي.
ان صورتحال ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ جنهن کي حڪومت ۽ گوريلن جون تنظيمون احترام جي نظر سان ڏسنديون هيون ۽ سندس ڳالهہ کي اهميت ڏينديون هيون هن اهو پنهنجو فرض ٿي سمجھيو ته انهن ڌرين ۾ ٺاه ڪرائجي ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ ماڻهو آرام سان پنهنجي زندگي گذاري سگھن. سندس ان ساک کي عالمي طور تي مڃيو ويو ٿي ۽ آمريڪا پاران پاڻ سندس ان ٽياڪڙي واري ڪردار جي پٺڀرائي ڪئي ٿي ويئي. جيتوڻيڪ ان کي مڪمل طور تي سندس ڪم نه ٿو ليکي سگھجي پر اهو چيو وڃي ٿو ته ايل سلواڊور ۽ نڪاراهوا جي سياسي تصفئي ڪرائڻ ۾ مارڪيز جو هڪ اهم ڪردار هو. لاطيني آمريڪا جي خاص طور ٻن اڳواڻن ڪيوبا جي فيڊل ڪاسٽرو ۽ پناما جي عمر ٽوريجاس سان سندس ويجھن ناتن جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. ڪاسٽرو سان سندس ويجھڙائي کي سندس ڪجھ دوست ۽ چاهيندڙ ناپسند به ڪندا هئا ۽ ڪي ٽوڪ طور کيس ڪاسترو جو درٻاري ڪري به ڪوٺيندا هئا. پر هن هڪ ته انهن ناتن ۾ پنهنجو هڪ فاصلو رکيو هو ۽ انهن کي هن ڪاسترو مخالفن جي فائدي لاء پڻ استعمال ڪيو. هن اٽڪل ٻه هزار ڪاسترو مخالفن کي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ مان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هو ميامي ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ڪاسترو مخالفن جي گھر وڃي رهندو هو ۽ اتي گھڻا اهڙا ماڻهو هاسيڪار ساڻس ملڻ ايندا هئا ۽ ساڻس عزت سان پيش ايندا هئا جن جي هن ڪنهن نموني مدد ڪئي هئي. ڪاسترو لاء سندس خيال هونڌو هو ته هو ڪنهن کي به پنهنجو انت نه ڏيندو آهي. هوانا ۾ مارڪيز کي جيڪو گھر ڏنو ويو هو اهو ڪاسترو جي گھر جي ويجھو ئي هو پر کيس ان گھر متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي. سندس چوڻ آهي ته ڪاسترو پنهنجي زال سان به ڪنهن کي نه ملائيندو هو ۽ اها ڳاله گھڻي ڀاڱي سندس ڀاء راهول تي به لاڳو ٿيندي هئي. رڳو هڪ ڀيرو فلائيٽ ۾ هو سندس زال سان ملي سگھيو هو. پناما جي عمر ٽوريجاس سان سندس ان کان به وڌيڪ ويجھا ناتا هئا. جڏهين گارشيا ڪولمبيا جي گوريلن سان ناتن جي ڪري آمريڪا جي بليڪ لسٽ تي هو ان وقت عمر ٽوريجاس آمريڪا سان پناما ڪئنال جي ٺاه تي صحيح ڪرڻ لاء کيس پاسپورٽ ڏيئي پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ هو ان ٺاه تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ موجود هو.
ساڻس تعلق رکندڙ گھڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته گابو، جيئن عام طور کيس لاطيني آمريڪا جا ماڻهو پيار مان سڏين ٿا، کي وڏن ماڻهن سان تعلق رکڻ جو شوق هو جنهن جو ڪارڻ سندس هڪ غريب خاندان ۽ غريب علائقي سان واسطو هئڻ ٻڌايو وڃي ٿو. سندس هڪ پڙهندڙ ته ايستائين چوي ٿي ته گابو جيڪڏهين ايڏو وڏو ليکڪ نه هجي ها ته جيڪر سمنڊ جي ڪناري تي سياحن کي چشما وڪڻندو نظر اچي ها. پر گابو جو پنهنجو چوڻ آهي ته سندس ان تعلق جو مقصد ماڻهن جي ڪم اچڻ ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرائڻ آهي. ڏٺو وڃي ته سندس اها ڳاله ان لحاظ کان درست به آهي ته سندس واسطو هميشه علائقي جي عوام دوست حڪمرانن ۽ تحريڪن سان رهيو ۽ ڪڏهين به اهڙن حڪمرانن سان نه رهيو جيڪي عام ماڻهو جي ڦرلٽ ڪندڙ هجن. هڪ يگانو ڪردار جنهن جي شخصيت پوري ريت لاطيني آمريڪا جي تاريخ، ڪلچر، سياست ۽ عام زندگي سان هم آهنگ هئي.

گارشيا مارڪيز جو خواب

گارشيا مارڪيز جو خواب

گارشيا مارڪيز پنهنجي ڪهاڻين جي ڳٽڪيStrange Pilgrims جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته 1970 جي ڏهاڪي ۾ جڏهين آئون اسپين جي شهر بارسلونا ۾ هوس ته مون هڪ خواب ڏٺو ته آئون پاڻ پنهنجي جنازي ۾ شريڪ آهيان. مون کي ڏاڍي خوشي پئي ٿي ته هڪ ڊگھي عرصي کانپوء منهنجي اهڙن دوستن ۽ مائٽن سان ملاقات ٿي رهي هئي جن کي مون گھڻي عرصي کان نه ڏٺو هو. پر تدفين کانپوء جڏهين سڀ واپس وڃڻ لڳن ٿا ته مون کي چيو وڃي ٿو ته تون واپس نه ٿو وڃي سگھين ۽ تنهنجو سفر هتي ختم ٿي ويو هو.
اهو اهڙو دور هو جڏهين پنهنجي هڪ ناول The Autumn of the Patriarch، جنهن کي هو پنهنجو هڪ ڏکيو ڪم چئي ٿو، لکي پوري ڪرڻ کانپوء اهو سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا ڪري. ان خواب کيس اهو اتساه ڏنو ته شعوري طور پنهنجي سڃاڻپ جو جائزو وٺجي ۽ ڇو نه اهڙين عجيب ڳالهين متعلق لکجي جيڪي يورپ ۾ لاطيني آمريڪا جي ماڻهن سان ٿين ٿيون. وٽس ان وقت انهن خيالن کي لکڻ لاء ڪو نوٽ بڪ نه هو. هن ٻارن کان سندن اسڪول جي ڪاپي ورتي ۽ ان ۾ انهن خيالن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. يورپ جي مختلف شهرن ۾ وڃڻ مهل ٻار ان ڪاپي کي پنهنجي اسڪول جي بيگ ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا.
اٽڪل سٺ کان وڌيڪ اهڙين عجيب ڳالهين کي هن ڪاپي ۾ نوٽ ڪيو. ميڪسيڪو واپس پهچڻ کانپوء جڏهين هن انهن کي ترتيب ڏيئي لکڻ جي شروعات ڪئي ته پهريون خيال کيس اهو آيو ته اهي ناول نه پر شارٽ اسٽوريز ٿي سگھن ٿيون. ٻيو اهو ته گھڻيون شيون جن جي لاء شروع ۾ ائين لڳندو آهي ته اهي بس آساني سان لکجي وينديون. پر جڏهين لکڻ ويهبو آهي ته لڳندو ته انهن کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو آهي. ان ڪري گھڻين شين کي رد ڪرڻو ۽ گھڻن کي في الوقت پاسيرو ڪرڻو پوندو آهي.
سندس چوڻ آهي ته شارٽ اسٽوري لکڻ ائين ئي ڏکيو ڪم آهي جيئن ناول جو پهريون پيراگراف لکڻ جنهن ۾ سڄي ناول جي بيهڪ، ان جي اڻت ۽ ايستائين ته ڪردار به اچي ويندا آهن جڏهين ته پوء اهو ڪم سولو هونڌو آهي پر ان جي پڄاڻي ۾ وري اها ڏکيائي سامهون ايندي آهي. هو لکي ٿو ته ان ڪم ۾ هو ٿڪي پيو هو ۽ کيس لڳو ٿي ته اهو ڪم اڳتي نه وڌي سگھندو. هوان وقت لکڻ جوڪو ڪم نه ڪري پئي سگھيو. ان ڪري هن رڳو لکڻ جي مشق ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا.
ٻه ٽي سال گذري ويا. پوء پنهنجي لکڻ جي ميز تي ڪا شي ڳولهيندي کيس پنهنجي ان فائل جو خيال آيو. سندس ذهن ۾ اهو ئي هو ته اها فائل هتي ئي ڪٿي ڪتابن وغيره جي وچ ۾ پئي هوندي. پر گھڻي ڪوشش ڪرڻ ۽ سڄو گھر هيٺ مٿي ڪرڻ کانپوء به اها فائل کيس نه ملي سگھي. هن پنهنجي يادگيري جي آڌار تي انهن ڪهاڻين کي وري لکڻ شروع ڪيو. اهو ڏسڻ لاء ته واقعي شيون ائين ئي هيون جيئن هن ڏٺيون ۽ لکيون هيون. هن يورپ جي مختلف شهرن جو هڪ تڪڙو دورو ڪيو ۽ کيس اهو نظر آيو ته شيون گھڻيون تبديل ٿي ويون هيون. بهرحال هن ڪجھ کي ڪهاڻين جي شڪل ۾ پيش ڪيو. هن ڳٽڪي ۾ ٻارنهن ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان پنج موجوده صورت ۾ اچڻ کان اڳ صحافتي ليک ۽ اسڪرين پلي جي شڪل ۾ هيون، جڏهين ته هڪ ٽي وي سيريل هئي.

مهم جوئي ۽ سون جي ڳولها

مهم جوئي ۽ سون جي ڳولها

آمريڪا مهم جوئن جو کنڊ رهيو آهي. هتي دنيا جي مختلف علائقن مان ماڻهو پنهنجي قسمت آزمائڻ ۽ مال دولت گڏ ڪرڻ لاء ايندا رهيا آهن. اهو مسئلو ناهي ته ان مقصد لاء اهي ڪهڙو طريقو ٿا اختيار ڪن. The Glass Castle ليکڪا Jeannette Walls جي اهڙين يادگيرين ۽ رولاڪين جو داستان آهي. هو پنهنجي ماء روز ميري والس، پي ريڪس والس، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ڀاء سان گڏ اريزونا ۾ هڪ ڪنٽينر ۾ رهي ٿي. سندس پي ايئرفورس ۾ رهي چڪو هو جڏهين ته سندس ماء هڪ سٺي آرٽسٽ هئي. باصلاحيت هوندي به اهي ٻيئي ڄڻا زندگي ۾ ڪنهن پابندي ۽ ضابطي کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿا هجن. ان ڪري ٻيئي ڊگھي عرصي تائين ڪٿي ٽڪي ڪم نه ٿا ڪري سگھن. ماء پنهنجو وقت تصويرن ٺاهڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاري ٿي جڏهين ته پي کي رات وچ ۾ شاهوڪار بڻجڻ جو خلل هجي ٿو. هو ٻارن کي پنهنجي ايئرفورس جي زماني جا ڪوڙا سچا واقعا ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجو وقت ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي زال جو پئسو شراب ۽ جوا تي خرچ ڪري ٿو. پنهنجي گھر ۽ ٻارن جي خاص طور مالي ذميوارين کان بچڻ لاء اهي خانه بدوش زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪن ٿا.
انهن وٽ هڪ پراڻي کٽارا قسم جي ڪار هجي ٿي. هڪ ڏينهن ريڪس والس پنهنجي زال ۽ ٻارن کي اڌ رات جو اٿاري چئي ٿو ته هتان ٽپڙ ويڙهيو ۽ گاڏي ۾ هلي ويهو اسان کي هڪ ڊگھي سفر تي نڪرڻو آهي. هو کين ٻڌائي ٿو ته اهي سون جي ڳولها ڪندا ۽ جلد ئي شاهوڪار ٿي ويندا. سندس خواب هڪ شيشي جو قلعو ٺاهڻ هجي ٿو. ضروري سامان گاڏي ۾ رکي اهي سفر تي روانا ٿين ٿا. سندن ڪو خاص ٺڪاڻو نه ٿو هجي. گاڏي ئي سندن گھر ٿو هجي. اهي رات گاڏي ۾ يا واٽ تي ريگستان ۾ گذارين ٿا. اهي نيويدا ريگستان، اريزونا ۽ ڪيليفورنيا ۾ رلندا رهن ٿا. ڪافي وقت اهي هڪ بيڪار پيل ريلوي بوگي ۾ گذارين ٿا. جڏهين وٽن صفا پئسا ختم ٿي وڃن ٿا ته اهي ٻارن کي ويلش اولهبدي ورجينا ۾ پنهنجي ڏاڏي جي گھر وٺي وڃن ٿا. پر ڏاڏي جي پابندين ۽ عادتن جي ڪري اهي ان سان ٺهڪي نه ٿا سگھن. اتان نڪري اهي ان ئي علائقي ۾ هڪ اهڙو گھر وٺن ٿا جنهن جي ادائيگي قسطن ۾ ڪرڻي هجي ٿي پر ان ۾ پاڻي۽ سيوريج وغيره جهڙي ڪا سهولت نه ٿي هجي. گھر جي پويان پيل خالي پلاٽ تي پي ۽ ٻار شيشي جو محل تعمير ڪرڻ جي رٿا جوڙين ٿا. اتي اهي هڪ وڏي کڏ کوٽين ٿا. پر ڪم لاء مالي وسيلن جي ضرورت هجي ٿي. انهن وٽ ته گھر جي قسط ادا ڪرڻ ته ڇا گھڻن ڏينهن تائين مناسب کاڌي لاء به پئسا نه ٿا هجن. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اها کڏ آهستي آهستي ڪچري سان ڀرجي ٿي وڃي ۽ سڄو گھر ۽ اوسي پاسي جا گھر ان جي بو ۾ وٺجي وڃن ٿا. گھڻن ڏينهن تائين وهنجي نه سگھڻ جي ڪري منجھائن بدبو ٿي اچي ۽ ڪير کين پنهنجي ويجھو نه ٿو اڄڻ ڏئي. سوئمنگ پول تي گورن ۽ ڪارن لاء ڌار وقت مقرر هجي ٿو. ڪجھ ڄڻا کين بدبودار چوندي پول تي سندن اچڻ کي ناممڪن بڻائي ڇڏين ٿا. جڏهين ته ڪارا به اهو پسند نه ٿا ڪن ته اهي ساڻن گڏ سوئمنگ ڪن. اهڙي ريت اسڪول ۾ کين چيو وڃي ٿو ته اهي ڪنهن ريت ڪجھ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ضرور وهنجن ته جيئن اها بو ختم ٿئي جنهن جي ڪري ساڻن گڏ ويهڻ ناممڪن هجي ٿو.
پي ڪجھ وقت هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو پر مزدور يونين وارن سان ٺهي نه هلي سگھڻ جي ڪري اها نوڪري ڇڏي ٿو ڏئي جڏهين ته ماء وڏين منثن ۽ ڏکيائي سان هڪ اسڪول ۾ پڙهائڻ لاء راصي ٿئي ٿي. پر ساڻس هڪ ته اهو ساڳيو بدبو جو مسئلو ٿو هجي ۽ ٻيو ته گھڻن حيلن وسيلن ۽ لڪائڻ جي باوجود سندس پگھار جي رقم ملندي ئي ان تي مڙس جو قبضو ٿي وڃي ٿو جيڪو ان کي پنهنجي شراب ۽ جوا ۾ ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٻار اهي ساڳيا لنگھڻ تي.
اتي ڪجھ سياح اچن ٿا جيڪي خاص طور تي نيويارڪ جي گھڻي تعريف ڪن ٿا. ليکڪا پنهنجي ذهن ۾ ان متعلق مختلف تصور جوڙي ٿي. هو پنهنجي ڀيڻ، جنهن کي تصويرن وغيره ٺاهڻ جو شوق هجي ٿو، سان اتي وڃڻ متعلق صلاح ڪري ٿي. اهي ٻار ان مقصد لاء ٻين ماڻهن جا ٻار سنڀالڻ وغيره جهڙا جيڪي ننڍا وڏا ڪم ڪن ٿا انهن مان ٿيندڙ آمدني کي گڏ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. جڏهين ڪافي رقم جمع ٿي وڃي ٿي ته هڪ ڏينهن سندن پي اهو باڪس ٽوڙي اها رقم کڻي وڃي ٿو ۽ ان کي پنهنجي شراب ۽ جوا ۾ ختم ڪري ڇڏي ٿو. بهرحال اهي وري اهو ڪم شروع ڪن ٿا ۽ ليکڪا هڪ خاندان، جنهن جي ٻارن کي اهي سنڀالين ٿا، جي مدد سان پنهنجي ڀيڻ کي نيويارڪ موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي. اهو آمريڪا جو اهڙو شهر آهي جتي ڪم جي کوٽ نه ٿي هجي ۽ سندس ڀيڻ جلد ئي پنهنجي لاء ڌار فليٽ جو بندوبست ڪري ٿي. ٿوري وقت کانپوء ليکڪا به اتي اچي ٿي. پر ٿورو عرصو پنهنجي ڀيڻ سان رهڻ کانپو۽ هو وڌيڪ ان تي بار نه ٿي بڻجڻ چاهي ۽ پنهنجي پڙهائي کي جاري رکڻ لاء ڪاليج ۾ داخلا وٺي ٿي جتي کيس رهائش ۽ خرچ لاء پئسا به ملن ٿا. هڪ ڏينهن کين ڪنهن ريت اها خبر پئي ٿي ته سندن ماء پي به نيويارڪ ۾ آهن ۽ اهي پنهنجي ليکي سڙڪن ۽ فٽ پاٿن تي پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
ڌي کين پنهنجي گھر وٺي اچي ٿي پر کين آزاد نموني پنهنجي زندگي گذارڻ جي عادت هجي ٿي. پي جي شراب پي شور ۽ هنگامي ڪرڻ تي پاڙيسري شڪايت ڪن ٿا. نيٺ مجبور ٿي ڌي کين اتان وڃڻ لاء چئي ٿي. اهي هاڻي سڙڪ تي هجن ٿا. کاڌي لاء چرچ ۽ خيراتي ادارن ۾ وڃن ٿا ۽ رات پنهنجي گاڏي ۾ گذارين ٿا. هڪ ڏينهن ڪاغذن نه هئڻ ڪري پوليس سندن اها گاڏي به کڻي وڃي ٿي ۽ کين خاص طور سياري جون راتون چرچ، بي گھر ماڻهن لاء ٺهيل شيلٽرز ۽ جيڪڏهين اتي جاء نه ملي ته سڙڪن ۽ فٽپاٿن تي ڏڪندي گذارڻي پونديون هيون. ان صورتحال ۾ ڌيئرون ۽ پٽ، جيڪو پوليس ڊپارٽمنٽ ۾ هجي ٿو، پنهنجي ئي خفن ۽ نيويارڪ جي تيزرفتار زندگي ۾ مصروف هوندي انهن لاء ڪجھ نه ٿا ڪري سگھن. پي بيمار ٿي ڪجھ ڏينهن اسپتال ۾ رهي ٿو. نيٺ اهي هڪ اهڙي عمارت ۾ وڃي رهن ٿا جيڪا مخدوش هئي ۽ جنهن کي ان جا مڪين ڇڏي ويا هئا ۽ هاڻي اتي بي گھر ماڻهو ئي رهيل هئا. حڪومت پاران نيٺ اها عمارت کين ڏني وڃي ٿي.
ليکڪا پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوء صحافت جو پيشو اختيار ڪري ٿي. سندس پهرين شادي ڪجھ عرصو هلي ٿي ۽ پوء هو پنهنجي مڙس کان ڌار ٿي ٻي شادي ڪري ٿي.
اها هڪ اهڙي خاندان جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ماء پي پنهنجي گھر ۽ ٻارن وغيره جي سلسلي ۾ ڪنهن پابندي جي پرواه نه ٿا ڪن. ساڳي ريت آخر ۾ ٻار به پنهنجي ليکي آزاد زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏين ٿا. اهو آمريڪا جي تيز رفتار زندگي جو اهڙو عڪس آهي جنهن ۾ فرد چاهيندي به پنهنجن ويجھن رشتن ناتن لاء گھڻو ڪجھ نه ٿو ڪري سگھي.

آدرش، تشدد ۽ نتيجا

آدرش، تشدد ۽ نتيجا

ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ 1936 ۾ جنم وٺندڙ نوبل انعام يافتا ليکڪ ماريو ورگاس لوئس هڪ اهم ليکڪ آهي. هو ساڳي وقت هڪ ناول نگار، سياستدان، صحافي ۽ مضمون نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ادب جا پڙهندڙ کيس سندس ناول The Feast of the Goat جي پاڪستاني ليکڪ محمد حنيف جي ناولA Case of Exploding Mangoes سان مماثلت جي حوالي سان به سڃاڻن ٿا. ٻنهي ناولن جي مک ڪردار ۾ ڪجھ شخصي مماثلت کانسواء محمد حنيف جي ناول جي نسبت The Feast of the Goat جو هڪ وسيع سياسي ۽ سماجي پسمنظر آهي ۽ ساڳي وقت مک ڪردار جي شخصيت جي مختلف پاسن کي نهايت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ساڳي وقت پاڪستان ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ جي سياسي صورتحال پڻ مختلف آهي.
ٽيهہ ايڪٽيهہ سالن کان ڪيريبيئن جي ملڪ ڊومينيڪن ريپبلڪ تي حڪومت ڪندڙ جرنل رافيل ٽراجيلو مڪمل طور هڪ ڊڪٽيٽر آهي جنهن جو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي مڪمل اختيار آهي. پنهنجن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ايستائين ته ملڪ جي صدر کي به هو پنهنجن نوڪرن کان به گھٽ حيثيت ڏئي ٿو. انهن جي هر شي ايستائين ته سندن سهڻين زالن ۽ ڌيئرن کي به هو پنهنجي ملڪيت سمجھي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري ٿو.حڪومت ۽ فوج جي وڏن عهدن تي سندس پٽ، ڀائر ۽ خاندان جا ٻيا فرد قابض هجن ٿا. زرعي زمينون ۽ ڪارخانا وغيره، جيڪي ملڪي معيشت جي اٽڪل اڌ جي برابر هجن ٿا، سندس ذاتي يا سندن خاندان جي ملڪيت هجن ٿا. سندس اها دعوا هجي ٿي ته هن ملڪ جي نئين سر تعمير ڪئي آهي ۽ ان کي آمريڪا ۽ هائٽي جي قبضي مان ڇڏايو آهي. ملڪ ۾ مڪمل طور هڪ دهشت جو راڄ هجي ٿو، ڪنهن به مخالفت کي سختي سان ڪچليو وڃي ٿو. ايذاء ڏيڻ ۽ تشدد ڪرڻ کان کانسواء مخالفن کي سمنڊ ۾ پڻ اڇلايو وڃي ٿو ته جيئن اهي شارڪ جو کاڄ ٿي سگھن.
هائٽي ڪنهن دور ۾ سکيو ستابو ملڪ رهيو هو. ڊومينيڪن ريپبلڪ هائيٽي جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ڪجھ عرصي تائين اهو هائيٽي جي قبضي ۾ پڻ رهيو آهي. هڪ آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ،ِ آمريڪي ڪمپنين کي رعايتن نه ڏيڻ ۽ پئسو ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي ڪري آمريڪا فوجون موڪلي گھڻي عرصي تائين ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ ان کي مجبور ڪري ملڪ جي آئين ۾ گھربل تبديليون ڪيون. هن وقت هائٽي دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
رافيل ٽراجيلو ۽ سندس ساٿين کي اها شڪايت هئي ته سندن ملڪ ۾ هر پاسي ٻنين ۽ ڪارخانن وغيره ۾ هائٽي جا ڪارا ماڻهو ئي نظر اچن ٿا. ان ڳاله کي نظر ۾ رکندي هائٽي جي غيرقانوني طور رهيل ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان بيدخل ڪرڻ جي بهاني هن وڏي پئماني تي سندن قتل عام شروع ڪيو جنهن کي هو پنهنجن وڏن ڪارنامن ۾ ڳڻائي ٿو. اهو ان جي باوجود هو ته هڪ وڏي عرصي جي ويجھڙائي ۽ هڪ ٻئي سان شادين ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گھڻو ويجھو آڻي ڇڏيو هو جنهن جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٽراجيلو جي ماء جو واسطو پاڻ هائٽي سان هو.
ڏکڻ آمريڪا ۽ خاص طور تي ڪيريبين جي حوالي سان پنجاه ۽ سٺ جو ڏهاڪو وڏي سياسي اٿل پٿل جو وقت آهي جڏهين ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو جي انقلاب بتستا کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي پاسي آمريڪا جو بي آف پگس وارو حملو پڻ ناڪام ٿي ويو هو. علائقي ۾ هلندڙ مختلف انقلابي تحريڪن کي ڪيوبا جي مدد حاصل هئي. ساڳي ريت ملڪ ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جي باوجود ٽراجيلو خلاف پڻ ماڻهن جي جدوجهد هلندڙ هئي. ان تحريڪ جي مدد لاء ڪيوبا پاران جهازن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا ويا هئا پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا.
ناول جو هڪ اهم ڪردار يورينيٽا آهي جيڪا اٽڪل اوڻٽيهہ سال ملڪ کان ٻاهر رهڻ کانپوء ڪجھ وقت لاء واپس اچي ٿي. سندس پي آگسٽو ڪيبرال رافيل ٽراجيلو جو وزير ۽ اهم ماڻهو هجي ٿو. پر جڏهين هو واپس موٽي ٿي ته هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلڻ چلڻ کان لاچار بلڪل معذور حالت ۾ هجي ٿو. هو جيتوڻيڪ سندس خرچ لاء پئسا موڪليندي رهي ٿي پر هو کانئس شديد نفرت ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجي ليکي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي جنهن جو هو جواب ڏيڻ جي قابل نه ٿو هجي. سندس پڦي ۽ ان جون ڌيئرون کانئس پڇن ٿيون ته هو نيٺ پنهنجي پي سان ايڏي نفرت ڇو ٿي ڪري جڏهين ته هو ساڻس بي انتها محبت ڪري ٿو. هو کين اهڙو واقعو ٻڌائي ٿي جنهن جي کين خبر نه ٿي هجي. هو کين ٻڌائي ٿي ته جڏهين ٽراجيلو سندس پي کان ناراض ٿيو هو ۽ کيس سڀني عهدن کان ڌار ڪري سندس بينڪ اڪائونٽ وغيره منجمد ڪري ڇڏيا هئائين ته هو گھڻي پريشاني جي حالت ۾ هو. سندس ڪو واقفڪار ۽ دوست سندس مدد ڪرڻ ته درڪنار سندس ويجھو اچڻ لاء به تيار نه هو. ان موقعي تي هن هڪ اهڙي شخص سان رابطو ڪيو جيڪو آمريڪا ۾ فيشن ڊزائينر ۽ هتي ٽراجيلو جي ڪپڙن وغيره ڊزائين ڪرڻ کانسواء کيس ڇوڪريون به فراهم ڪندو هو جنهن جي ڪري سندس ڳالهہ کي گھڻو وزن ڏنو ويندو هو. هن هڪ ٻن ملاقاتن کانپوء گھر ۾ جڏهين سندس چوڏهن سالن جي عمر جي ڌي کي ڏٺو ته کيس ڪنهن رک رکاء کانسواء اها صلاح ڏنائين ته چيف کي خوش ڪرڻ لاء تون کيس پنهنجي ڌي پيش ڪر جنهن سان تنهنجا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هو پهرين ته ان ڳالهہ تي پريشان ٿئي ٿو پر پوء ان لاء تيار ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي ڌي سان بهانو ڪري ٿو ته چيف پنهنجي فارم هائوس تي تو اڪيلي کي پارٽي لاء گھرايو آهي. هڪ چوڏنهن سالن جي ڇوڪري ان ڳاله تي حيران ته ٿئي ٿي ته چيف کيس ئي ڇو گھرايو آهي. بهرحال هو مقرر وقت تي ان شخص سان وڃي ٿو جيڪو واٽ تي کيس تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. بهرحال هو نه ته اتي ڪا مزاحمت ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪا خواهش ڏيکاري ٿي پر چيف ۾ پاڻ ۾ ايتري قوت نه ٿي هجي جيڪو اهو ڪم ڪري سگھي ۽ نيٺ ڇتو ٿي کيس واپس موڪلي ٿو. هو بجائي پنهنجي گھر وڃڻ جي پنهنجي اسڪول جي راهبائن وٽ وڃي ٿي ۽ کين سڄي وارتا ٻڌائي ٿي. اهي تڪڙ ۾ کيس ويزا وغيره ٺهرائي آمريڪا موڪلي ڇڏين ٿا جتي هو پڙهي ٿي، ورلڊ بينڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ پنهنجي پي ۽ خاندان سان ڪو لاڳاپو نه ٿي رکي ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن خط ۽ فون جو جواب ڏئي ٿي.
اهو وقت ٽراجيلو لاء سياسي ۽ معاشي طور هڪ بحران جو وقت هجي ٿو. ان ڳاله جي باوجود ته هن ڪيوبا خلاف بي آف پگس آپريشن ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو ۽ پاڻ کي علائقي ۾ ڪميونزم خلاف هڪ ديوار ڪري پيش ڪندو هو پر پنهنجين مقامي پاليسين جي ڪري آمريڪا ۽ آمريڪي رياستن جي تنظيم جي ٻين ملڪن سان سندس ناتا صحيح نه هئا ۽ انهن مٿس پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون جنهن جي ڪري ملڪ هڪ معاشي بحران ۾ وٺجي ويو هو.ِ گھڻا ڪارخانا وغيره بند ٿي ويا هئا ۽ بيروزگاري وڌي ويئي هئي. ساڳي وقت چرچ به سندس پاليسين جي مخالفت ڪري رهيو هو. لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ چرچ جي مخالفت جي وڏي اهميت ۽ ڪنهن به حڪومت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي.
آمريڪا جي ان ڳالهہ ۾ دلچسپي هئي ته ڪنهن به ريت ٽراجيلو مان جان آجي ڪرائجي. ان مقصد لاء هڪ وسيع سازش تيار ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف قسم جا ماڻهو شامل هجن ٿا. ان ۾ فوج جا اعلا عملدار، ٽراجيلو جي خاندان سان لاڳاپيل ماڻهو، صدر، فوج جا ڪجھ ننڍا آفيسر ۽ ڪجھ سياسي مخالف شامل هجن ٿا. انهن کي هٿيار سي آئي اي پاران فراهم ڪيا وڃن ٿا. هو ٽراجيلو کي مارڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر پوء اهي پاڻ هڪ مونجھاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگھن ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي جنهن جو فائدو وٺندي ٽراجيلو جا پٽ، ڀائر ۽ فوج ۾ سندس حمايتي صورتحال کي سنڀالي وٺن ٿا ۽ چيف جي قاتلن جي ڳولها شروع ٿي وڃي ٿي. گھڻن کي چيچلائي ايذا ڏيئي ماريو وڃي ٿو. صدر پنهنجي دانش ۽ سمجھ سان ٽراجيلو جي زال ۽ پٽ کي سمجھائي ٿو ته ملڪ تان پابندين کي ختم ڪرڻ لاء اهو ضروري آهي ته جمهوري ۽ شهري آزاديون ڏنيون وڃن. هو فوجي بغاوت وسيلي اقتدار تي قبضو ڪندڙن کي پڻ اهو باور ڪرائي ٿو ته ان صورت ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو وري ملڪ تي قبضو ڪري سگھي ٿو جيڪا ڳالهہ ڪنهن جي لاء به مناسب نه ٿيندي. اهڙي ريت هڪ ڊگھي عرصي جي وڳوڙ ۽ عدم استحڪام کانپوء ملڪ ۾ امن ۽ سڪون قائم ٿئي ٿو ۽ ماڻهو سک جو ساه کڻن ٿا.

گورباچيف جو عالمي نڪته نظر

گورباچيف جو عالمي نڪته نظر

ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ان جي ڏيهي پاليسي جو عڪس هوندي آهي. گورباچيف جتي ڏيهي معاشي ۽ سياسي پاليسي ۾ سڌارا آندا، اتي سندس پريستريئيڪا ۽ گلاسنوست جا عڪس سندس پرڏيهي پاليسي ۾ پڻ نظر اچن ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته سرد جنگ جي ڪري هٿيارن جي ڊوڙ سوويت معيشت کي وڏي دٻاء ۾ وجھي ڇڏيو هو. ان ڪري يورپ مان وچولي ۽ ڊگهي فاصلي وارن ميزائلن کي هٽائڻ لاء آمريڪا سان مختلف ٺاه ڪيا ويا. ساڳي ريت سوشلسٽ بلاڪ جي ملڪن لاء هڪ نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي ويئي. گورباچيف جو اهو نڪته نظر هو ته جڏهين سوويت يونين جي رياستن ۽ ان جي عوام کي خود اختياري ۽ جمهوري حق ڏنا وڃن ٿا ته پوء اهي حق خاص طور اوڀر يورپ جي سوويت يونين جي اتحادين کي ڇو نه ڏنا وڃن. اهڙي ريت ماضي ۾ اوڀر جرمني، هنگري ۽ چيڪوسلوواڪيا وغيره ۾ اتان جي عوامي اڀار کي دٻائڻ لاء جيڪا فوجي مداخلت ڪئي ويئي هئي ان پاليسي کي ختم ڪيو ويو ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي آئندي جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو ته انهن کي ڪهڙي قسم جي حڪومت ۽ سياسي نظام گھرجي. انساني حق هر ملڪ جي عوام کي ملڻ گھرجن. پر ان سلسلي ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ کي اهو حق نه ٿو پهچي ته اهو پنهنجي نظام مڙهڻ لاء ٻئي ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري. اهو هر ملڪ جي عوام جو پنهنجو اختيار آهي ته اهي پنهنجي ليکي ۽ پنهنجين حالتن آهر پنهنجي حڪومت جي نظام ۽ انساني حقن وغيره جو تعين ڪن.
فيبروري 1989 ۾ آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان سان ڪيل ٺاه تحت سوويت يونين افغانستان مان پنهنجين فوجن کي واپس گھرايو. سوويت يونين جي پاليسي ۾ تبديلي هڪ لحاظ کان اوڀر يورپ جي سوشلسٽ بلاڪ جي ملڪن جي ماڻهن کي ڄڻ هڪ نئون اتساه ڏنو هو. گھڻن ملڪن جي ماڻهن پنهنجن ملڪن ۾ تبديلي لاء جاکوڙ شروع ڪري ڇڏي. پولينڊ ۾ اڳ ئي ليچ وليسا جي اڳواڻي ۾ ساليڊيريٽي جي تحريڪ هلندڙ هئي. اوڀر جرمني جا ماڻهو به پنهنجن حڪمرانن مان مطمئن نه هئا. اتان جي معاشي صورتحال جيتوڻيڪ اوڀر يورپ جي ٻين سوشلسٽ ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر هئي ۽ ماڻهن کي گھڻيون سهولتون حاصل هيون پر اصل مسئلو اهو هو ته اتي ماڻهن کي رائي ۽ اختلاف جي آزادي حاصل نه هئي. گھڻن ماڻهن هنگري ۽ چيڪوسلوواڪيا رستي ملڪ جي اولهندي حصي ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو هو. پارٽي ۽ ملڪ جي قيادت ان نئين صورتحال کي منهن نه پئي ڏيئي سگھي ۽ سوويت يونين اڳ جيان ڪا فوجي مداخلت نه پيو ڪرڻ چاهي. هن اتي موجود پنهنجن فوجي دستن کي رڳو اها هدايت ڪئي هئي ته اهي پاڻ کي اوڀر جرمني ۾ سوويت يونين جي فوجي تنصيبات جي حفاظت تائين محدود رکن. نيٺ 1960 ۾ جيڪا برلن ديوار ٺهي هئي اها 1989 ۾ اچي پٽ پئي ۽ جرمني هڪ ٿي ويو.
سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کانپوء گورباچيف جو سرڪاري طرح ڪو ڪردار نه رهيو هو پر هو پنهنجي ليکي سرگرم رهيو. هن گورباچيف فائونڊيشن جي نالي سان ادارو ٺاهيو جنهن جو دفتر آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ آهي. اهو ادارو پنهنجي ليکي ۽ ٻين مختلف عالمي ادارن سان گڏجي عالمي انساني حقن، ماحوليات، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ بک، بيماري ۽ صحت وغيره جهڙن معاملن تي اسٽڊيز ڪندو آهي ۽ مختلف ملڪن ۽ ادارن کي تجويزون ڏيندو آهي.
نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ سچي دنيا جي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت مسئلو هڪ يا ٻئي ملڪ جو نه بلڪ پوري انسان ذات ۽ ڌرتي تي موجود جيوت جي جياپي ۽ باقي رهڻ جو آهي. طبقاتي بنيادن تي ان مسئلي جي حل لاء نه ٿو سوچي سگھجي. ان لاء انسان ذات جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. بنيادي مسئلو نيوڪليائي هٿيارن جو آهي جيڪي ڪجھ لمحن ۾ ڌرتي تان حياتي کي ختم ڪري سگھن ٿا. اهو سڀني انسانن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ته اهي هٿيارن جي ذخيرن کي ختم ڪرڻ تي توجھ ڏين. پر ان سلسلي ۾ صورتحال گھڻي اميد افزا ناهي. هن وقت نه رڳو گھڻن ملڪن پر مختلف هٿيار بند گروهن وٽ پڻ اهي هٿيار موجود آهن. ٻين مهاڀاري جنگ کانپوء دنيا جي مختلف علائقن ۾ جنگون ۽ جھيڙا هلندا آيا آهن ۽ صورتحال انهن هٿيارن جي استعمال تائين اچي پهتي آهي. ان ڳاله کي ورجائڻ جي ضرورت ناهي ته اهڙي قسم جي جنگ ۾ ڪير به فاتح ۽ مفتوح نه هوندو
ساڳي ريت ماحوليات جو مسئلو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. ليکڪ جيتوڻيڪ جمهوري نظام سان گڏ مارڪيٽ اڪانومي تي به زور ڏئي ٿو پر کيس ان ڳاله جي به ڄاڻ آهي ته ان قسم جي معيشت ۾ سرمايادار جو نفعو اهم عنصر هوندو آهي ۽ کيس ان ڳاله جي پرواه نه هوندي آهي ته ان جا سماج ۽ ماحول تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ان ڪري هو ان ڳاله تي زور ڏئي ٿو اها معيشت ماحول ۽ سماج ڏانهن پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري. ماحول جي حوالي سان هن وقت مختلف ادارن پاران ڪيل اسٽيڊيز صورتحال جي گنڀيرتا ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. اسٽيفن هاڪنگ هن ڌرتي تي انسان ذات کي وڌ ۾ وڌ سو سالن جو وقت ڏنو هو پر هاڻي ماهرن ان وقت کي گھٽائي ٽيه سال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهين صورتحال ۾ سڌارو نه ٿو اچي ته پوء خاص طور هن ڌرتي تي انسان جو وجود شايد باقي نه رهي.
رينازان انسان کي هن سڄي فطرت ۽ ڪائنات جو بادشاه ڪري پيش ڪيو آهي. ان ڳاله جو فائدو وٺندي انسان فطرت ۽ ٻي سڄي جيوت کي جيڪو نقصان رسايو آهي ان سندس پنهنجي وجود کي ئي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آهي. گورباچيف صحت جي عالمي اداري جي هڪ اسٽڊي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته انسان جي صحت ويه سيڪڙو جينز، ويه سيڪڙو ماحول، پنجاه سيڪڙو زندگي گذارڻ جي طريقه ڪار ۽ ڏه سيڪڙو دوائن تي منحصر آهي. دوائون گھڻي ڀاڱي زندگي بچائڻ جي مقصد لاء استعمال ٿينديون آهن. هو روس ۾ ٿيل هڪ اسٽڊي جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهين ماحول ۾ سڌاري لاء ڪي قدم نه کنيا ويا ۽ ان ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو رهيو ته پوء انساني صحت لاء ماحول جي اهميت وڌي ويندي ۽ ان جو حصو چاليه سيڪڙو ٿي ويندو جڏهين ته جينز ٽيه سيڪڙو، زندگي گذارڻ جي طريقه ڪار جو حصو پنجويه سيڪڙو ۽ دوائن جو رڳو پنج سيڪڙو هوندو.
اولهہ جي ترقي يافتا ملڪن جي اها دعوا آهي ته ترقي پذير ملڪن تي انهن جو هڪ کرب ستر ارب ڊالرن جو قرض باقي آهي. ليکڪ هڪ معيشت دان حافظ سبط جي ڪيل اسٽڊي جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو اوله جي ملڪن پاران ٽين دنيا جي ملڪن جي وسيلن جي جنهن ريت ڦرمار ڪئي ويئي آهي ان جو جيڪڏهين ڪاٿو لڳايو وڃي ته بجائي اوله جي قرض جي ٽين دنيا جي ملڪن جي اوله جي ملڪن تي اٽڪل پنجاه کرب ڊالر جي رقم واجب الادا ٿئي ٿي.
بهرحال هن وقت جيڪا صورتحال آهي اها ايڏي گھڻي اميد افزا ناهي. هڪ ننڍي ٿورائي جنهن جي هٿ ۾ هن دنيا جا وسيلا آهن ڪنهن به ريت ڪا وٿي ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ پنهنجي حيثيت ۽ فائدن کي برقرار رکڻ لاء ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاء تيار آهي جيڪا سڄي انسان ذات سميت سندس پنهنجي تباهي به ٿي سگھي ٿي.

گورباچيف ۽ سوويت يونين جو وکرجڻ

گورباچيف ۽ سوويت يونين جو وکرجڻ

آڪٽوبر انقلاب ويهين صدي جو هڪ وڏو ۽ اهم واقعو هو ۽ ساڳي ريت ان ئي صدي ۾ سوويت يونين جو ڊهڻ پڻ هڪ اهم واقعو آهي. گوربا چيف ان جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. پريسترئيڪا ۽ گلاسنوست جو خالق جنهن سوويت يونين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي طرح نئين سر اڏاوت ڪرڻ چاهي ٿي نيٺ ان جي ڊهڻ ۽ وکرجڻ جو باعث بڻجي ويو. ان سڀڪجھ جي ٿي وڃڻ کانپوء گورباچيف پنهنجي ڪتاب On My Country and the World ۾ اهو ٻڌايو آهي ته اهو سڀڪجھ ڇو ۽ ڪيئن ٿيو.
ويهين صدي جي شروع جو روس، جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو، معاشي، سياسي ۽ سماجي لجاظ کان هڪ پٺتي پيل ملڪ نه هو. صنعتي ۽ زرعي پيداوار جي لحاظ کان اهو گھڻن يورپي ملڪن کان اڳتي هو. عالمي معيار جو ادب تخليق ٿي رهيو هو. ساڳي وقت 1905 جي عوامي اڀار کانپوء آئيني ۽ سياسي تبديليون ۽ سڌارا ڪيا ويا هئا جنهن جي ڪري پارليمينٽ يا دوما ۾ مختلف سياسي جماعتن جي نمئندگي هئي. اهو سلسلو اڳتي وڌي رهيو هو پر زار پنهنجي ڪزن جرمني جي قيصر وليم جي چڙ ڏيارڻ تي پهرين مهاڀاري جنگ ۾ شامل ٿي ويو. هو جيڪڏهين ان وقت آمريڪا جيان، جيڪو جنگ ۾ آخر ۾ وڃي شامل ٿيو هو، پاسي تي رهي ها ته ملڪ جي ترقي جاري رهي ها ۽ افراتفري واري صورتحال پيدا نه ٿئي ها.
جنگ معاشي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ماني، آزادي ۽ امن ماڻهن جون عام گھرون ٿي پيون. ان صورتحال جي نتيجي ۾ فيبروري 1917 جو انقلاب آيو. ليکڪ جي چوڻ موجب اهو هڪ بورجوا انقلاب ۽ نهايت اهم واقعو هو. پر ان جا اڳواڻ ان کي سنڀالي نه سگھيا ۽ ماڻهن جي گھرن کي پورو ڪري نه سگھيا. ان وقت سياستدان ان ڳاله لاء تيار نه هئا ته ماڻهن جو آئندي جو قدم ڪهڙو هوندو.. لينن ان وقت زيورچ ۾ هو ۽ هن پاڻ اهو چيو هو ته موجوده نسل جي نصيب ۾ انقلاب ڏسڻ ناهي.
پر آڪٽوبر انقلاب ماڻهن جي ضرورت هو. ليکڪ جو خيال آهي ته جيتوڻيڪ ان وقت تبديلي ناگزير هئي پر انقلاب جي بجائي هڪ ارتقائي عمل جي ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته انقلاب جا نهايت خراب اثر ٿين ٿا. سندس خيال ۾ اهو انقلاب سوشلسٽ نه پر هڪ بورجوا انقلاب هو ۽ لينن پاڻ شروعات ۾ ٻه ٽي ڀيرا ان ڳاله کي ورجايو هو. سندس چوڻ هو ته انقلاب جي ڪاميابي جو دارومدار بالشويڪ، منشويڪ ۽ سوشلسٽ انقلابين جي اٽحاد ۽ اقتدار سوويتن کي ڏيڻ تي آهي. لينن جي نئين معاشي پاليسي ان سوچ جو مظهر هئي پر ان سلسلي ۾ کيس پارٽي اندر گھڻي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو۽ ايستائين ته مٿس ترميم پسند هئڻ جو الزام مڙهيو ويو.
جيڪڏهين ان ڳالهہ تي عمل ڪيو وڃي ها ته گھرو ويڙه کان بچي سگھجي ها جنهن ۾ تمام گھڻو نقصان ٿيو. اٽڪل ويه لک ماڻهو پنهبجو ملڪ ڇڏي پرڏيه هليا ويا. ان ويڙه ۾ ٻيئي ڌريون محب وطن هيون. ان جو ثبوت هو اهو ڏئي ٿو ته اڇا ٻي مهاڀاري جنگ ۾ سوويت يونين پاران وڙهيا ۽ گھڻا ان ۾ مارجي ويا. ڳاڙهن کي گھرو ويڙه ۾ ان ڪري سوڀ حاصل ٿي ته انهن ماڻهن کي زمين ڏني جنهن جي ڪري کين ماڻهن جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هئي.
ڪجھ ئي عرصي ۾ ملڪ ۾ هڪ جماعتي نظام قائم ڪيو ويو. اظهار رائي جي آزادي کي ختم ڪيو ويو. پارٽي اندر ۽ ٻاهر مخالفت کي تشدد ۽ طاقت وسيلي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. 1930 جي ڏهاڪي تائين پارٽي جو گھڻي ڀاڱي پراڻو ڪيڊر منظر تان هٽي ويو. ان ڳاله لاء هڪ مک جواز سوويت انقلاب کي ختم ڪرڻ لاء ٻين ملڪن جي مداخلت هئي. ڪنهن به مخالف تي ٻاهرئين ملڪ جي ايجنٽ ۽ انقلاب دشمن هئڻ جو ڏوه مڙهي ان کي سزا ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ هڪ سولو ڪم هو. گھرو ويڙه ۾ اٽڪل چوڏنهن ٻاهرين ملڪن جي انقلاب مخالف اڇن کي حمايت حاصل هئي. انقلاب گھڻن ملڪن جي عوام کي پنهنجن حڪمرانن خلاف اٿي بيهڻ جو حوصلو ڏنو هو ۽ ساڳي وقت سوويت يونين پاران عالمي انقلاب جي پاليسي تي عمل ڪندي انهن ملڪن جي عوام کي مدد به ڏني پيئي ويئي. ان انقلاب نوآبادياتي ملڪن جي عوام جي جدوجهد کي هڪ اتساه ڏنو هو. ان ڳاله يورپ ۽ آمريڪا جي حڪمرانن ۾ هڪ تشويش پيدا ڪري ڇڏي هئي. آمريڪي صدر ووڊرو ولسن ۽ يورپ جي ملڪن جا حڪمران ان ڳالهہ ۾ بلڪل واضح هئا ته ان خطري کي جيترو جلد ختم ڪري سگھجي اوترو چڱو.
اسٽالن پنهنجي ذاتي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۽ شخصي آمريت قائم ڪرڻ لاء گھڻا قدم کنيا پر ان ڳاله کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ان دور ۾ سوويت يونين صنعتي ترقي ڪئي ۽ ساڳي وقت ماڻهن کي روزگار ۽ تعليم وغيره جون سهولتون مليون ۽ ملڪ مان بيروزگاري اٽڪل ختم ٿي ويئي. پر اها ڳاله پڻ حيرت جوڳي آهي ته اسٽالن جي دور ۽ ان کانپوء گھڻن جديد علمن جهڙوڪ، سائبر ٽيڪنالوجي، جينيٽيڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ جيو پوليٽڪس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ممنوع هئي.
1956 ۾ پارٽي جي ويهين ڪانگريس ۾ خروشيف پاران اسٽالن جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي ويئي. گورباچيف ان کي پريسترئيڪا جي شروعات چئي ٿو. پر ان وقت پارٽي ۾ اسٽالن جي دور جون باقيات ۽ نفسيات حاوي ۽ مضبوط هئي. خروشيف کي گھڻو عرصو هلڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس جلد ئي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان. هٽايو ويو. ان کانپوء برزنيف جو دور هڪ جمود جو دور هو جنهن ۾ ماڻهن کي شخصي آزادين ۽ انساني حقن جي لحاظ کان ڪو ريليف نه ڏنو ويو.
گورباچيف جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ چاهيا ٿي انهن جي خلاف قدامت پرستن پاران هڪ مزاحمت موجود هئي جنهن جي ڪري پريسترئيڪا سان گڏ گلاسنوسٽ يعني ماڻهن کي انهن سڌارن متعلق آگاه رکڻ ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ضروري هو. ان ڪري ئي هو قدامت پسندن جي مزاحمت کي منهن ڏيئي سگھيو.
قومي مسئلو سوويت يونين جو هڪ اهم مسئلو هو. اسٽالن پاران ٻي مهاڀاري جنگ ۽ ان کان اڳ گھڻين قوميتن جي ماڻهن کي مختلف ڪارڻن جي ڪري هڪ جاء کان ٻي جاء تي منتقل ڪيو ويو هو. تاتارين کي جنگ ۾ جرمنن جو ساٿ ڏين جي شڪ ۾ ڪريميا مان ٻين مختلف رياستن ۾ منتقل ڪيو ويو هو. ساڳي ريت روس ۾ رهندڙ جرمن نسل جي ماڻهن کي پڻ مختلف رياستن ۾ رهايو ويو هو. گورباچيف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوء اهي مسئلا اڀري سامهون آيا. تاتارين ڪريميا وڃڻ لاء احتجاج ڪرڻ شروع ڪيا. ان خيال سان ته انهن جي موٽڻ سان ڪريميا جي آبادي جي بيهڪ ۾ فرق پوندو ۽ اتان جا ماڻهو ان کي قبول نه ڪندا اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي ازبڪستان ۾ رهايو وڃي. ساڳي ريت مارچ اپريل 1986 ۾ ياڪوتا يونيورسٽي ۾ ياڪوتي ۽ روسي نسل جي شاگردن ۾ جھيڙا ٿيا. ان ئي سال دسمبر ۾ قزاقستان جي شهر الما اتا ۾ هڪ روسي کي قزاقستان جي پارٽي جي اڳواڻ مقرر ڪرڻ تان مظاهرا شروع ٿي ويا. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ متعلق پارٽي اندر اختلاف موجود هئا. ماسڪو ۾ اڃا ان ڳاله تي سوچ ويچار ٿي رهيو هو ته جارجيا جي مسئلي ۽ تبلسي ۾ هلندڙ مظاهرن کي ڪيئن منهن ڏجي. مختلف نمئندن کي اتي ڳاله ٻوله لاء موڪليو ٿي ويو. ان دوران فوج پاران پنهنجي ليکي ڪاروائي ڪندي گھڻن مظاهرين کي ماريو ويو. جڏهين ان ڳاله جي پڇا ڪئي ويئي ته خبر پيئي ته پارٽي جي ڪجھ اڳواڻن پاران فوج کي اهڙي ڪاروائي لاء هدايتون ڏنيون ويون هيون. بالٽڪ رياستون خودمختياري بلڪ آزادي لاء جدوجهد ڪري رهيون هيون ۽ اڳتي هلي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ ئي ليٿونيا پنهنجي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان جو هڪ مک ڪارڻ سندن اهو ڊپ هو ته انهن ملڪن ۾ روسي نسل جي ماڻهن جي ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ئي ٿورائي ۾ ٿي ويندا.
ٻئي پاسي رشين فيڊريشن جو صدر بورس يلسن پنهنجي ليکي سرگرم هو. سندس چوڻ هو ته روس ٻين پٺتي پيل رياستن جو بار وڌيڪ دير تائين نه ٿو کڻي سگھي. هن بظاهر ته اهو ڏيک ڏنو ٿي ته هو سوويت يونين کي برقرار رکڻ جي حق ۾ هو پر ٻين رياستن جي اڳواڻن ۽ خاص طور يوڪرين ۽ بيلا رس سان گڏجي هو هڪ ٻي راند کيڏي رهيو هو ۽ نيٺ انهن ٽنهي گڏجي پنهنجي ليکي سوويت يونين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورباچيف تي ان ڳالهہ لاء گھڻو دٻاء هو ته ان صورتحال کي ماضي جيان طاقت ذريعي منهن ڏجي ۽ سوويت يونين جي وفاق کي برقرار رکجي. گورباچيف ان ڳالهہ جي حق ۾ نه هو ۽ هن معاملن کي ڳالهہ ٻولهہ ذريعي حل ڪرڻ چاهيو ٿي. هن اهو ڏسڻ لاء ته آيا سوويت يونين جي مختلف رياستن جو عوام وفاق کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي يا نه مارچ 1991 ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ اٽڪل اسي سيڪڙو ماڻهن وفاق کي برقرار رکڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پر روس، بيلا رس ۽ يوڪرين جي اڳواڻن پاران دسمبر 1991 ۾ وفاق کان ڌار ٿيڻ ۽ سوويت يونين کي ختم ڪرڻ جي اعلان سوويت يونين جي قسمت تي مهر هڻي ڇڏي.
گورباچيف اها ڳالهہ ڪري ٿو ته سوويت يونين جي خاتمي جو مک ڪارڻ ماڻهن کي جمهوري حق ۽ اظهار جي آزادي نه ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ هڪ آمرانا نظام قائم ڪرڻ هو. سرد جنگ ۽ هٿيارن جي ڊوڙ پڻ سوويت معيشت کي گھڻو متاثر ڪيو هو. ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ فوجي مداخلت هڪ مهانگو سودو هو. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري ئي جتي خروشيف کي اسٽالن جي قائم ڪيل نظام ۾ سڌارن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويئي اتي گورباچيف گھڻي اڳڀرالئي ڪئي. پر اهو نظام ايترو سخت ۽ غيرلچڪدار هو جيڪو ٽٽي سگھيو ٿي پر ان ۾ تبديلي جي گنجائش نه هئي.
گورباچيف اها ڳالهہ به ڪري ٿو ته سوويت يونين جي وکرجڻ جو مطلب سوشلزم جي نظرئي جو ختم ٿيڻ ناهي. دنيا ۾ جيستائين بک، بيماري ۽ معاشي اڻ برابري موجود آهي تيستائين سوشلزم جو نظريو ختم نه ٿو ٿي سگھي ان مقصد لاء هو عالمي پئماني تي هڪ نئين سوچ ڏئي ٿو.

گيبالوي جا ٻار

گيبالوي جا ٻار

مصر جو ناميارو نوبل انعام يافته ليکڪ نجيب محفوظ هڪ لحاظ کان مصر جي تاريخ، روايتن، مذهب، ڏند ڪٿائن ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين جو نمائنده ليکڪ آهي. سندس لکڻ جو انداز اهڙو آهي جيئن هو ڪا عام ڳاله ڪندو هجي ۽ زندگي جيئن آهي ان کي ائين بيان ڪندو هجي. پر ساڳي وقت گھڻا اهڙا پاسا سامهون ايندا آهن جيڪي پڙهندڙ کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندا آهن.
سندس ناول گيبالوي جا ٻار هڪ اهم تخليق آهي. تمثيلي انداز ۾ هڪ گھٽي ۽ ان جي مختلف پاڙن ۾رهندڙ ماڻهن جي ڳاله کي هن هڪ لحاظ کان پوري انساني تاريخ سان ڳنڍيو آهي.اهو هڪ تڪراري ناول رهيو آهي. 1959 ۾ اهو الاهرام ۾ قسطوار شائع ٿيو پر مذهبي حلقن پاران ان جي مخالفت جي ڪري ان تي مصر ۾ ڪتابي صورت ۾ شائع ٿيڻ تي پابندي لڳي ويئي ۽ اهو 1967 ۾ لبنان ۾ شائع ٿي سگھيو. کيس 1988 ۾ نوبل انعام ملڻ کانپوء مذهبي عالم عمر عبدالرحمان ان ڪتاب جي ڪري 1989 ۾ نجيب محفوظ جي نندا ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 1994 ۾ مٿس قاتلانو حملو ٿيو جنهن ۾ هو جيتوڻيڪ بچي ويو پر اهو سور 2006 ۾ پنهنجي وفات تائين کڻي هليو.
گيبالوي هڪ اهڙو شخص آهي جنهن ريگستان ۾ پنهنجي طاقت ۽ ذهانت جي بنياد تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو آهي ۽ اتي پنهنجو هڪ وڏو گھر ٺاهيو آهي. کيس چار پٽ هجن ٿا. سڀ کان وڏو ادريس ۽ سڀ کان ننڍو ادهم هجي ٿو جنهن جي ماء هڪ غلام هجي ٿي. هڪ ڏينهن گيبالوي پنهنجن چئن پٽن کي ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي جائداد جو انتظام ڪنهن هڪ پٽ کي ڏيڻ چاهي ٿو. ادريس کي اهو آسرو هجي ٿو ته جيئن ته هو سڀ کان وڏو پٽ آهي ان ڪري اها ذميواري کيس ڏني ويندي. پر سڀني جي توقع جي ابتڙ گيبالوي اها ذميواري سڀ کان ننڍي ۽ غلام عورت جي پٽ ادهم جي حوالي ڪري ٿو جيڪا ڳاله خاص طور ادريس جي لاء تڪليف جو باعث هجي ٿي ۽ هو ان فيصلي جي مخالفت ڪري ٿو ته هن پنهنجي وڏي پٽ کي نظرانداز ڪري ننڍي ۽ غلام عورت جي پٽ کي اها اهم ذميواري ڏني آهي. هوِ پنهنجي پي جي آڏو ٿي بيهي ٿو جڏهين ته ادهم هڪ فرمانبردار پٽ جيان ان فيصلي کي قبول ڪري ٿو ٻيا پٽ ان فيصلي تي ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ٿا ڪن.
ان نافرماني جي سزا طور ادريس کي گھر مان نيڪالي ملي ٿي ۽ هو گھر جي هڪ نوڪرياڻي، جنهن سان اڳ ئي سندس تعلق هجي ٿو، کي ساڻ وٺي پنهنجي پي جي محل جي سامهون ئي هڪ جھوپڙي ٺاهي اتي رهڻ لڳي ٿو. ادهم پنهنجي پي جي چوڻ موجب ئي هلندو رهي ٿو ۽ کيس جائداد جي معاملن جي سڄي ڄاڻ ۽ حساب ڪتاب ڏئي ٿو. فارغ وقت ۾ هو باغ ۾ ويهي پکين جون لاتون ٻڌي ٿو، بانسري وڄائي ٿو ۽ پور پڄائي ٿو. اتي ئي سندس هڪ ڇوڪري سان عشق ٿئي ٿو ۽ سندس پي ان سان سندس شادي ڪرائي ڇڏي ٿو.
ادريس جو هونئن ته ادهم ڏانهن هڪ جارحاڻو رويو هجي ٿو پر هڪ ڏينهن هو سندس دفتر اچي ٿو ۽ نهايت عاجزي سان پيش ايندي کيس هڪ درخواست ڪري ٿو ته هو اهو معلوم ڪري ڏئي ته سندن پي پنهنجي وصيت، جيڪا هڪ ڪمري ۾ بند آهي ۽ ان وصيت جي ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي، ۾ هن جي لاء ڇا رکيو آهي. هو کيس اهو به ٻڌائي ٿو ته ان ڪمري جي ڄاٻي گباولي جي ويهاڻي هيٺان هونڌي آهي جنهن کي سندس فجر وقت اٿي باغ ۾ وڃڻ مهل اتان کڻي سگھجي ٿو. سندس گھڻين منٿن جي باوجود ادهم کيس منع ٿو ڪري ته هو پنهنجي پي جي اجازت کانسواء اهو ڪم نه ٿو ڪري سگھي. پنهنجي ڪمري ۾ اچي هو پنهنجي زال سان اها ڳالهہ ڪري ٿو. هو کيس ان ڳالهہ تي قائل ٿي ڪري ته ائين چاٻي چورائي وصيت ڏسڻ ۾ ڪابه خراب ڳاله ناهي ۽ کين ادريس لاء اهو ڪم ڪرڻ گھرجي. هو رٿا ٺاهي چاٻي به کڻن ٿا ۽ ڪمرو به کولين ٿا پر عين موقعي تي گيبالوي پهچي وڃي ٿو. هو گھڻا ئي عذر ڏين ٿا ۽ معافيون وٺن ٿا پر هو سندن ڪابه ڳاله ٻڌڻ لاء تيار نه ٿو ٿئي ۽ کين فوري طور گھر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿو. کين گھر مان نڪرندي ڏسي ادريس نچندي ٽپندي پنهنجي خوشي جو اظهارڪندي چئي ٿو ته نيٺ اوهان منهنجي چوڻ ۾ اچي ويا ۽ اوهان کي به گھر مان نيڪالي ملي ويئي. ادهم هڪ پڇتاء ۽ ڏک جي زندگي گذاري ٿو ۽ ان انتظار ۾ هجي ٿو ته کيس سندس پي ڪڏهين معافي ڏيئي وري واپس ٿو گھرائي. کيس ٻه جاڙا پٽ ٿين ٿا جنهن مان هڪ نيڪ ۽ صالح هجي ٿو جڏهين ته ٻئي جون عادتون پنهنجي چاچا ادريس وانگر هجن ٿيون ۽ هو سندس ڌي سان پيار به ڪري ٿو. هڪ ڏينهن گيبالوي سندس پهرئين پٽ لاء نياپو موڪلي ٿو ته هو ساڻس گھر اچي ملي. گھر جا سڀ ڀاتي اهو سمجھن ٿا ته هن شايد سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو آهي پر ائين نه ٿو هجي ۽ اها اجازت رڳو ان ڇوڪر لاء ئي هجي ٿي. ان ڳاله تان ٻئي پٽ کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ رڍون چاريندي هو کيس پٿر هڻي ٿو جنهن جي ڪري هو مري وڃي ٿو. اهڙي ريت ادهم جو پنهنجي پي جي گھر وڃڻ جو رستو بند ٿي وڃي ٿو. ادهم ۽ ادريس پنهنجي حياتي پوري ڪري مري وڃن ٿا. ادهم جو پٽ ادريس جي ڌي سان شادي ڪري ٿو. کيس ۽ ادهم جي ٻين ٻارن کي ٻار ٿين ٿا. گيبالوي پنهنجي گھر تائين محدود ٿي وڃي ٿو ۽ ٻاهر ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي. ملڪيت جو انتظام هڪ نگران جي سپرد هجي ٿو جيڪو شروع ۾ ان جي آمدني کي گيباولي جي سڀني ٻارن سان ورهائي کائي ٿو پر پوء ان سڀ تي پاڻ قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاء هو اهڙن بدمعاش ماڻهن کي پگھار تي رکي ٿو جيڪي اهڙن ماڻهن کي ضابطي ۾ رکن جيڪي کانئس پنهنجو حصو گھرن يا سندس غلط ڪمن جي مخالفت ڪن.
هڪ ڊگھو عرصو ائين ئي گذري وڃي ٿو ۽ معاملا ائين ئي هلندا رهن ٿا. ائين ٿئي ٿو ته نگران کي اولاد نه ٿو ٿئي ته سندس زال تلاء جي ڀر ۾ کيڏندڙ هڪ يتيم ٻار گبال کي پنهنجي گھر کڻي اچي پالي نپائي وڏو ڪري ٿي. اهو ٻار جڏهين وڏو ٿئي ٿو ته هو پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي حالت ڏسي پريشان ٿئي ٿو. کيس اها خبر هجي ٿي ته هو به انهن مان ئي هڪ ۽ گيبالوي جو اولاد آهي. هو پهرين ته نگران کي انهن ماڻهن کي سندن حق ڏيڻ لاء چئي ٿو پر سندس منع ڪرڻ تي هو گھران نڪري عام ماڻهن سان شامل ٿئي ٿو ۽ نگران جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ٿو. جڏهين کيس اهو محسوس ٿئي ٿو ته نگران ۽ ان جا ماڻهو سندس جان جي پويان آهن ته هو اتان ٻئي هنڌ هليو وڃي ٿو جتي سندس ملاقات ٻن ڇوڪرين سان ٿئي ٿي جن جو پي نانگ پالڻ جو ڪم ڪري ٿو.هو پاڻ اهو ڪم سکي ٿو ۽ هڪ ڇوڪري سان شادي ڪري ٿو. ٿوري عرصي کانپوء هو پنهنجي گھر موٽي ٿو جتي هو پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ته کيس گيبالوي واٽ تي مليو هو جنهن کيس چيو ته ماڻهن جي ڀلائي لاء ڪم ڪر ۽ انهن کي نگران ۽ ان جي ماڻهن کان سندن حق وٺي ڏي. هو نانگن کان ڪم وٺي ٿو پر ان ۾ پوري ريت ڪامياب نه ٿو ٿئي. انت ۾ نگران ۽ ان جا ماڻهو جڏهين کيس ۽ سندس ساٿين کي مارڻ لاء اچڻ ٿا ته هو کين کوٽيل کڏ ۾ پاڻي ڀري کين ان ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿو. گبال انصاف ڪري ٿو ۽ سڀني ماڻهن کي سندن حق ڏئي ٿو پر سندس گذاري وڃڻ کانپوء ٿوري عرصي ۾ وري ساڳي صورتحال ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ڏچي ۾ اچي وڃن ٿا. گبال جا پوئلڳ گبال جي پاڙي ۾ رهن ٿا ۽ ان حوالي سان ئي سڃاتا وڃن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء هڪ ٻئي پاڙي ۾ رفاع نالي سان هڪ ٻيو ڪردار سامهون اچي ٿو جنهن جو به چوڻ هجي ٿو ته ان کي گيبالوي ماڻهن جي حالت سڌارڻ ۽ کين پنهنجا حق وٺي ڏيڻ لاء چيو آهي پر اهو نگران جي ماڻهن هٿان قتل ٿي وڃي ٿو ۽ سندس مشن کي سندس پوئلڳ پورو ڪن ٿا.
پر صورتحال ڪجھ عرصي کانپوء ساڳي ٿي وڃي ٿي ۽ هڪ ٻئي پاڙي مان هڪ نئون مصلح قاسم سامهون اچي ٿو جنهن جو چوڻ هجي ٿو ته کيس گيبالوي پنهنجي نوڪر هٿان نياپو موڪليو آهي ته ماڻهن جي ڀلائي ۽ کين حق وٺي ڏيڻ لاء ڪم ڪيان. پر ان جي گذاري وڃڻ کانپوء ساڳي صورتحال ٿي وڃي ٿي. عرفا هڪ نئون ڪردار سامهون اچي ٿو جنهن وٽ ايجادن ۽ جادو جو هٿيار هجي ٿو ۽ جيڪو گباولي ۽ سندس ڏهن شرطن جو راز ڄاڻڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاء هو پنهنجي دوست سان گڏجي گيبالوي جي حويلي ۾ داخل ٿيڻ لاء سرنگھ کوٽي ٿو ۽ حويلي ۾ داخل ٿيڻ تي سندس هٿان گيبالوي جو هڪ نوڪر قتل ٿي وڃي ٿو. ان نوڪر جي صدمي ۾ گيبالوي جو پنهنجو به انتقال ٿي وڃي ٿو. ان ڳاله جي خبر نگران کي پئجي وڃي ٿي ۽ هو عرفا کي ان حوالي سان بليڪ ميل ڪري ٿو پر آخر ۾ عرفا اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ نگران جي ماڻهن هٿان قتل ٿي وڃي ٿو. سندس دوست ڪچري جي ڍير مان سندس ڦٽو ڪيل سائنسي رازن جو ڪتاب ڳولهي ۽ اتان غائب ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ان گھڙي جو انتظار ڪن ٿا جڏهين کين نگران ۽ ان جي ماڻهن جي ڦرمار ۽ ظلم مان ڇوٽڪارو ملندو.
ليکڪ تي اهو الزام لڳايو ويو ته هن انهن ڪردارن ۽ تشبيهن وسيلي ٽن وڏن ابراهيمي مذهبن، يهوديت. عيسائيت ۽ اسلام کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ليکڪ پنهنجي ان ناول جي اهڙي سمجھاڻي کي مڃڻ لاء تيار نه هو.

ڳاڙها پکي ۽ جنگ

ڳاڙها پکي ۽ جنگ

ريگستان، جتي هڪ فوجي اڏو آهي، هڪ جنگ کان متاثر مهاجرن جو ڪئمپ آهي جنهن کي ساڳي وقت يو ايس ايڊ پاران کاڌ خوراڪ وغيره جي امداد به ملي ٿي ۽ وقت بوقت ان تي اڏي مان اڏندڙ جهازن پاران دهشت گردن کي ختم ڪرڻ جي بهاني بمباري به ڪئي وڃي ٿي. فوجي اڏي وارا مقامي ماڻهن کي مختلف ننڍن وڏن ڪمن لاء نوڪريون ڏين ٿا. اوچتو ئي اوچتو ان ڪئمپ تي آمريڪا مان جيڪي جهاز بمباري ڪرڻ لاء اچن ٿا اهي ريگستان ۾ ڪرڻ ۽ تباه ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ انهن جا پائلٽ مري وڃن ٿا. اهو گمان ڪيو وڃي ٿو ته هڪ نوجوان علي ، جنهن وٽ هڪ ٽرانسسٽر ريڊيو هجي ٿو ۽ جيڪو فوج کي مهاجر ڪئمپ تي بمباري ڪرڻ لاء مختلف هدف ٻڌائيندو هو، پنهنجي ريڊيو جي غلط فريڪيونسي جي ڪري جهازن جي ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ان نوجوان جو پي به يو ايس ايڊ جو ملازم هجي ٿو ۽ پنهنجي پٽ کي ان اڏي جي اندر نوڪري وٺي ڏيئي ٿو جنهن کان پوء ان نوجوان جو ڪو ڏس پتو ۽ ڪا خبر چار نه ٿي پئي. علي جي ماء ۽ سندس ننڍو ڀاء مومو اهو سمجھن ٿا ۽ وڏي واڪ چون به ٿا ته پي پنهنجي پٽ کي آمريڪي فوجين هٿان وڪڻي ڇڏيو هو. مهاجر ڪئمپ جي گھڻن نوجوانن کي فوج کڻي وڃي ٿي جن جي پوء ڪا خبر چارنه ٿي پئي. ان معاملي فوج ۽ ماڻهن ۾ چڪريون به ٿين ٿيون جنهن ۾ پڻ گھڻا ماڻهو مارجي وڃن ٿا. ڪجھ وقت کانپوء خبر پئي ٿي ته اڏو بند ٿي ويو آهي ۽ اتي رهندڙ ماڻهو پنهنجا سامان وغيره کڻي هليا ويا آهن ۽ مهاجر ڪئمپ تي بمباري بند ٿي ويئي آهي.
ان دوران ريگستان ۾ هڪ ٻيو جهاز ڪري ٿو ۽ ان جو پائلٽ ايلي اٽڪل اٺن ڏينهن تائين کاڌي ۽ پاڻي کانسواء اتي ڀٽڪندو رهي ٿو. نيٺ مومو جڏهين پنهنجي ڪتي مٽ، جيڪو مومو جي مار کائڻ ۽ پنهنجي ڄنگھ ڀڃائڻ کانپوء ناراض ٿي ريگستان ڏانهن ڀڄي وڃي ٿو، جي ڳولها ۾ ريگستان ۾ وڃي ٿو ته اهو پائلٽ اتي کيس ملي ٿو ۽ هو ان کي پنهنجي گھر وٺي اچي ٿو. ان کان اڳ سندن گھر ۾ يو ايس ايڊ جي هڪ محقق عورت رهيل هجي ٿي جيڪا نوجوانن جي ذهني حالت تي جنگ جي اثرن متعلق تحقيق ڪري رهي هجي ٿي. اهڙا ماڻهو جن جو روزگار جنگ سان لاڳاپيل هجي ٿو. مطلب ته پهرين جنگ شروع ڪيو ۽ پوء ماڻهن کي امداد ڏيو، تحقيق ڪيو، انهن کي مهاجر ڪئمپن ۾ رهايو ۽ پوء خراب ماڻهن کي ختم ڪرڻ جي بهاني انهن تي بمباري ڪيو.
مومو ۽ سندس ماء جي پهرين ترجيح علي جو ڏس پتو ڪرڻ ۽ ان کي واپس آڻڻ هجي ٿو. هو اهو سمجھن ٿا ته پائلٽ ايلي جي عيوض اهي علي کي آزاد ڪرائي سگھن ٿا. ان دوران ڪتي مٽ کي آسمان ۾ ڳاڙها پکي اڏامندي نظر اچن ٿا. جھرڪين جيترا اهي پکي پر انهن ۾ جھرڪين واري اها حرڪت نه ٿي هجي ۽ اهي هڪ جاء تي ماٺ ڪيو ويٺا هجن ٿا. مٽ سوچي ٿو ته اهي پکي الائي ٻين کي نظر اچن ٿا ۽ اهڙي ريت مومو به سندس ڳاله جو اعتبار ڪندو الائي نه. پر آهستي آهستي اهي پکي سڀني کي نظر اچڻ لڳن ٿا.ڪجھ ڏينهن کانپوء فوجي ڪئمپ ۾ سرگرمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. روشني ۽ سائرن وغيره مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته اندر ماڻهو موجود آهن. ڪتو مختلف ماڻهن جي بو مان سندن شخصيت جو اندازو لڳائي ٿو ۽ اهو کيس پتو هجي ٿو ته جيئري جيو ۾ ڪا نه ڪا بو هوندي آهي. هڪ ڏينهن فوجي اڏي وٽ گھمندي کيس ان جا در کليل نظر اچن ٿا ۽ هڪ آمريڪي عورت اندر ويندي نظر اچي ٿي پر ان ۾ ڪا بو نه ٿي هجي. هو فوري طور اندازو ڪري ٿو ته جيئري ماڻهو ۾ ته بو جو هئڻ لازمي آهي ۽ هي ضرور ان عورت جو ڀوت آهي. اصل ۾ اڏي ۾ انهن آمريڪي فوجين جا ڀوت رهيل هجن ٿا جيڪي جنگ ۾ مارجي ويا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ نه موڪليو ويو آهي ۽ اهي هاڻي موٽي وڃڻ جي انتظار ۾ اتي رهيل آهن. اها عورت دراصل پائلٽ ايلي جي زال هجي ٿي جيڪا هتي پنهنجي مڙس جي ڳولها ۾ آئي آهي.
خبر پيئي ٿي ته اڏي جا دروازا کليل آهن ۽ اتي سرگرمي جاري آهي. مومو پائلٽ ايلي کي پاڻ سان گڏ جيپ ۾ ويهاري ٿو. سندس ماء پاڻ سان گڏ پنهنجي پي جو ڏنل لوڻ جو هڪ ڇرو کڻي ٿي جڏهين ته مومو جو پي به ساڻن گڏ هلي ٿو. انهن کي ٻين ماڻهن پاران منع ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ته اهي اڏي ۾ موجود فوجين جو مقابلو نه ڪري سگھندا ۽ مارجي ويندا ان ڪري اهي اوڏانهن نه وڃن. پر اهي ان ڳاله کي نه ٿا مڃين ۽ پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي وڃن ٿا. اهي جڏهين اڏي ۾ اندر داخل ٿين ٿا ته انهن کي هڪ عجيب منظر نظر اچي ٿو. انهن فوجين جا روح آهن جيڪي جنگ ۾ مارجي ويا آهن. منجھائن ڪي ٽپا پيا ڏين ته ڪي ديوار سان چهٽا پيا آهن. انهن سڀني جو اڳواڻ پائلٽ ايلي جو سينيئر سلاٽر هجي ٿو جيڪو پڻ ريگستان ۾ پنهنجي جهاز جي ڪرڻ جي ڪري مارجي ويو هو. ايلي کيس ٻڌائي ٿو ته اهي سڀ ماڻهو علي کي وٺڻ آيا آهن ۽ اوهان مهرباني ڪري ان کي آزاد ڪيو. پر سلاٽر کيس ٻڌائي ٿو ته علي جي ڪري اسان جا جهاز ڪريا آهن ۽ هو اسان کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو واحد ذريعو آهي ۽ انهن ماڻهن جي ڀلائي ان ۾ آهي ته اهي موٽي وڃن. مومو جي ماء به سوچي ٿي ته اهي به نيٺ ڪنهن ماء جا پٽ آهن ۽ نه ٿي چاهي ته هو ڪنهن کي قتل ڪري. پر نيٺ کيس اهو ڪرڻو پئي ٿو.
سندس ويجھو جيڪي اچن ٿا اهي ڇري لڳڻ سان ڳاڙهي مٽي ۾ تبديل ٿي مٿي آڪاش ۾ ڳاڙها پکي ٿي اڏامي وڃن ٿا. ان دوران کين مٿي ڇت تي علي لٽڪيل نظر اچي ٿو. مومو پنهنجي ڪتي مٽ سان گڏ ڪرين ۾ مٿي ڇڪجي وڃي ٿو ۽ اهي علي کي اتان لاهي هيٺ اچي پنهنجي ماء سان ملن ٿا. هي محمد حنيف جو ناول Red Birds آهي جيڪو افغان جنگ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. هڪ الميو جنهن کي ليکڪ پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

لاطيني آمريڪا غلامي جا پنج سو سال

لاطيني آمريڪا غلامي جا پنج سو سال


لاطيني آمريڪا جي ملڪ يوراگوائي جي صحافي، ليکڪ ۽ شاعرايڊيورڊو گيلينو لاطيني آمريڪا ۾ يورپ جي ماڻهن جي ان نئين دنيا ۾ اچڻ کان وٺي موجوده دور ۾ آمريڪي تسلط تائين اٽڪل پنج سو سالن جي تاريخ تي ڪتاب Open Veins of Latin America لکيو جيڪو 1971 ۾ شائع ٿيو. ڪتاب جون ڏه لک ڪاپيون شائع ٿيون. اسپيني ٻولي ۾ لکيل ان ڪتاب جو ٻارنهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. ناول نگار آسوبل آلندي جو چوڻ آهي ته چلي ۾ فوجي بغاوت کانپوء جڏهين هن ملڪ ڇڏيو ته وٽس ڪجھ ڪپڙن کانسواء ٻه ڪتاب هئا جنهن ۾ هڪ پابلو نرودا جي شاعري جو مجموعو ۽ ٻيو هي ڪتاب هو. 2009 ۾ هيوگو شاويز سمٽ آف آمريڪاز ۾ ان ڪتاب جي اسپيني ٻولي جي ڪاپي آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي تحفي طور ڏني هئي. پر ان سڀ جي باوجود ڪتاب جي ڇپجڻ کان فوري پوء يوراگوائي ۾ فوج اقتدار سنڀالي ورتو ۽ ليکڪ ملڪ ڇڏڻ لاء مجبور ٿيو جڏهين ته ڪتاب تي ملڪ ۾ بندش وڌي ويئي. ان کانسواء برازيل، چلي ۽ ارجنٽائين جي فوجي حڪومتن پاران پڻ ڪتاب تي بندش وڌي ويئي.
راڻي ازابيلا ۽ سندس مڙس فرڊيننڊ اسپين مان مسلمانن جي ست سو سالن جي راڄ کي ته ختم ڪري ۽ اسپين کي متحد ڪيو پر انهن جنگن سندن خزاني کي خالي ڪري ڇڏيو هو. ان جي پورائي لاء انهن نون علائقن جي ڳولها جو ڪم شروع ڪيو. 1492 ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جڏهين هندوستان جي ڳولها ڪندي اچي آمريڪا پهتو هو ته کيس اها ڄاڻ نه هئي ته هو ڪو نئين دنيا ۾ پهتو هو. هن اسپين جي راڻي کي لکيو ته هو ايشيا ۾ جپان جي ويجھو پهتو هو ۽ جڏهين ڪجھ وقت کانپوء ٿورو اڳتي ٻين علائقن ڏانهن وڌيو ته کيس لڳو ته هو چيني سمنڊ ۾ پهتو هو. مرڻ گھڙي تائين کيس اها خبر نه پيئي ته هو ڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري آمريڪا پهتو هو. جڏهين سندس ماڻهن اتان جي ماڻهن کي پنهنجي جسم جي مختلف حصن تي سون ۽ چاندي جا زيور ڏٺا ته اهي انهن کان زوري ڦرڻ لڳا ۽ پوء انهن ماڻهن کان کين خبر پيئي ته اڳتي هڪ علائقي ۾ بادشاه آهي جنهن جو تخت ۽ تاج به سون جو آهي ۽ وٽس ٻيو به گھڻو سون آهي. ان بادشاه وٽ ته الائي سون هو يا نه پر ان سڄي علائقي ۾ چاندي ۽ سون جون کاڻيون هيون جنهن اسپين سان گڏوگڏ يورپ جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي به اتي اچڻ لاء اتساهيو.
ان وقت ڏکڻ آمريڪا جو گھڻو علائقو انڪا سلطنت جي حڪمراني ۾ هو. جيتوڻيڪ اها هڪ شاهوڪار تهذيب هئي ۽ هتان جي ماڻهن فلڪيات ۽ ٻين علمن ۾ گھڻي پيشرفت ڪئي هئي پر اهي ان وقت تائين ڦيٿي، لوه، بارود ۽ گھوڙي وغيره کان واقف نه هئا. اسپين جي راڻي پاران پنهنجن ماڻهن کي انڪا سلطنت کي فتح ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. نون آيل ماڻهن جي جديد هٿيارن ۽ ڄاڻ ان ڪم کي سولو بڻائي ڇڏيو. سندن هڪ هٿ ۾ تلوار هوندي هئي ته ٻئي ۾ بائبل. انهن وٽ پنهنجي ڦر لٽ جو جواز انهن ماڻهن جو ڪافر ۽ صحيح رستي تي نه هئڻ هو.
انهن يورپي لوڪن جي اهم ڪم سون ۽ چاندي جي ڳولها هو. جنهن علائقي ۾ اهي شروع ۾ آيا اتي گھڻو ڪري سون نه پر چاندي جون کاڻيون هيون. ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته انهن جيڪو خزانو اسپين موڪليو ٿي ان ۾ نوانوي سيڪڙو چاندي هئي. ان دوران يورپ جي ٻين ملڪن ۽ خاص طور پورچوگال جا ماڻهو اتي پهچڻ لڳا هئا. پوپ پاران آبادڪارن جي وچ ۾ ڪنهن ٽڪراء ۽ تصادم کي روڪڻ لاء علائقا انهن کي ورهائي ڏنا ويا جنهن ۾ برازيل وغيره جو علائقو پورچوگال جي حصي ۾ آيو. هتي سون ۽ هيرن جون کاڻيون هيون. ان وقت ئي اهو طئي ٿي ويو هو ته پيداوار ته انهن علائقن جي هوندي پر ان جي پروسيسنگ سمنڊ جي ٻئي پاسي يورپي ملڪن ۾ ٿيندي. اهو سڀ چاندي ۽ سون جهازن ۾ ڀري اسپين ۽ پورچوگال موڪليو ويندو هو. پر انهن ملڪن جو الميو هو ته اهي پاڻ ان مان گھڻو فائدو حاصل نه ڪري سگھيا. هڪ ته انهن پنهنجي لاطيني آمريڪا جي مهم لاء انگلنڊ، جرمني ۽ هالينڊ وغيره جي حڪومتن ۽ انهن ملڪن جي بينڪن کان قرض ورتا هئا ۽ کين انهن جي ادائيگي لاء گھڻو مال انهن ملڪن جي حوالي ڪرڻو پوندو هو ۽ ٻي ڳاله ته پروسيسنگ جون سهولتون به اسپين ۽ پورچوگال ۾ نه پر انهن ملڪن ۾ ئي هيون. ساڳي وقت پوپ ۽ ملڪ جي حڪمرانن پاران انهن ملڪن ۾ صنعتن قائم ڪرڻ تي پابندي جي ڪري ڪپڙو ۽ ٻي ضرورت جو سامان پڻ انگلنڊ ۽ جرمني وغيره کان گھرائڻو پوندو هو. اهڙي ريت اسپين ۽ پورچوگال جون بندرگاهون ڄڻ چاندي ۽ سون سان ڀريل جهازن جو ٽرانزٽ پوائنٽ هيون جڏهين ته انهن جي اصل منزل ٻيا ملڪ هئا جن ان سڄي مال دولت مان فائدو حاصل ڪيو.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته لاطيني آمريڪا جي ان دولت ان وقت يورپ ۽ خاص طور انگلينڊ ۾ جاگيردار ۽ واپاري طبقي ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ان ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور ان سان واپاري طبقو مضبوط ٿيو ۽ جاگيردارن جي اثر رسوخ ۾ گھٽتائي ٿي. هڪ لحاظ کان ائين چئجي ته آباد ڪارن مختلف طريقن سان ريڊ انڊين جي ڄڻ نسل ڪشي شروع ڪري ڇڏي هئي. سندن زمينن ۽ مال ملڪيت تي قبضي لاء انهن کي مارڻ ۽ قتل ڪرڻ کانسواء کاڻين مان سون، چاندي ۽ هيرا ڪڍڻ جو ڪم به زوري ۽ تشدد وسيلي وٺڻ شروع ڪيو. مختلف علائقن مان اهي زوري انهن کي کڻي ايندا هئا. ڪن صورتن ۾ انهن ماڻهن کي کاڻين تائين پهچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي ويندا هئا ۽ گھڻا ته رستي ۾ ئي مري ويندا هئا. کاڻين ۾ ڪم جو ڪو وقت مقرر نه هو. ٻيو ڪم جي نوعيت ۽ حالتن جي ڪري اهي جلد مختلف بيمارين ۾ وٺجي مري ويندا هئا.ِ انهن مزدورن جي سراسري عمر ٽيهہ پنجٽيهہ سالن کان وڌيڪ نه هوندي هئي. ان ڪم جي سختي جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته مائرون پنهنجن ٻارن کي ان ڪم جي سختي کان بچائڻ لاء ڄمندي ئي ماري ڇڏينديون هيون جڏهين ته گھڻا ماڻهو جھنگلن ۾ ڀڄي ويندا هئا. ان جي ڪري انڊين جي آبادي ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽتائي ايندي ويئي. ان وڏي پئماني تي نسل ڪشي کي ان ڳالهہ مان ڏسي سگھجي ٿو ته لاطيني آمريڪا جي انهن اصلوڪن ماڻهن جي آبادي جيڪا آبادڪارن جي ان کنڊ ۾ اچڻ وقت ست ڪروڙ هئي اها ڏيڍ سو سالن کانپوء گھٽجي رڳو پنجٽيه لک وڃي رهي. ان ڪري هاڻي جيئن ته رڳو انڊين پورهيت ان جو پورائو نه ٿي ڪري سگھيا جڏهين ته يورپي ماڻهن کان اهو ڪم وٺڻ ممڪن نه هو. ان ڪري انهن آفريڪا جي ماڻهن کي زوري سامونڊي جهازن ۾ ڀري زنجيرن سان ٻڌي غلامن جي حيثيت ۾ انهن ملڪن ۾ آڻڻ شروع ڪيو. انهن مان گھڻا رستي ۾ ئي سفر جون سختيون نه سهي مري ويندا هئا ۽ وڃي مڇين جو کاڄ ٿيندا هئا.
آفريڪا مان غلامن جو آڻڻ ان ڪري به ضروري ٿي پيو هو ته سون ۽ چاندي جي کاڻين مان جنهن بيدردي سان اهو خزانو ڪڍيو ٿي ويو ان جي ڪري انهن جي پيداوار ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽتائي ايندي ويئي. ان وقت يورپ ۾ کنڊ کي هڪ نهايت قيمتي شي ڪري ليکيو ويندو هو. رڳو هڪ پڙي کنڊ جي به وڏي قيمت هونڌي هئي. آباد ڪارن ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاء ڪمند ۽ ٻين انهن پوکن تي ڌيان ڏنو جن سان کنڊ پيدا ڪري سگھجي. انهن ٻنين تي ڪم ڪرڻ لاء به پورهيتن جي ضرورت هئي. ساڳي ريت پوک ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ ٿيندي هئي جڏهين ته کنڊ ٺاهڻ جا ڪارخانا يورپ جي ملڪن ۾ هوندا هئا. ڪجھ عرصي کانپوء ڪافي جي پيداوار تي ڌيان ڏنو ويو. انهن ٻنين تي انڊين ۽ آفريڪي مزدورن جي ڦرمار هڪ عام ڳاله هئي. هڪ ته سندن ڪم لاء ڪو وقت مقرر نه هونڌو هو ۽ ٻيو ته کين رهائش ۽ کاڌي جي رڳو ايتري سهولت هئي جو اهي جيئرا رهي سگھن ۽ ڪم ڪري سگھن.
ان صورتحال ۾ گھڻا مزدور بيمارين، حادثن ۽ آقائن جي تشدد ڪري مري ويندا هئا. جيئن ته پادرين ۽ چرچ پاران انهن ماڻهن کي ماڻهو ئي نه سمجھيو ويندو هو ان ڪري ان ڳاله کي ڪا گھڻي اهميت به نه ڏني ويندي هئي. اهي ملڪ جيڪي پنهنجيون شيون يورپ موڪليندا هئا ان جي عيوض انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ٺهيل ڪپڙو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موڪليون وينديون هيون. لاطيني آمريڪا يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ اڄ جيان مختلف ملڪن ۾ ورهايل نه پر هڪ ايڪي طور ليکيو ويندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جڏهين مختلف علائقن جو پنهنجي پيداوار جي حوالي سان يورپ سان سڌو واپار شروع ٿيو ته انهن علائقن جي هڪ ڌار سڃاڻپ ٺهي ويئي جنهن اڳتي هلي ملڪن جي صورت ورتي. لاطيني آمريڪا جي آزادي ۽ ان جي ايڪي لاء وڙهندڙ سائمن بوليوار، چار سو کان وڌيڪ جنگين جن ۾ اوڻاسي اهم جنگون هيون، جي اڳواڻي ڪئي ۽ لاطيني آمريڪا جي گھڻن علائقن کي اسپين جي قبضي مان آزاد ڪرايو. هو لاطيني آمريڪا جي آزاد قومن جي يونين ٺاهڻ ۾ به سرگرم رهيو ۽ ڪجھ عرصي تائين ارجنٽائين جي سرحد کان وٺي ڪيريبين سمنڊ تائين هڪ وڏي علائقي جو حڪمران به رهيو. سندس مقصد لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي گڏ ڪرڻ هو ته جيئن اهي هڪ پاسي يورپ جي ملڪن ۽ ٻئي پاسي آمريڪا جي اڀرندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿي سگھن. پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ هو پنهنجي علائقي جي صورتحال مان مايوس ٿي ويو هو ۽ سندس اهو مشهور قول آهي ته جن انقلاب لاء ڪم ڪيو آهي انهن ڄڻ سمنڊ ۾ هر هلايو آهي. ڪولمبيا جي دستور ساز اسمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته منهنجا دوستو مون کي اهو چوندي شرم ٿو ٿئي ته اسان پنهنجن ٻين سڀني آدرشن جي قيمت تي رڳو آزادي حاصل ڪري سگھيا آهيون.

بزنجو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾

بزنجو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾

عبدالواحد آريسر پنهنجي جيل جي ڊائري ماڙين ماريس ڪين ڪي ۾ لکي ٿو ته “مرحوم ڀٽي جي دور ۾ بلوچن ۽ پٺاڻن تي سازش ڪيس هلائڻ لاء حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ خاص طرح عدالت ترتيب ڏيڻ سان گڏ اي ۽ بي ڪلاس جا اسپيشل روم ٺهرايا ويا هئا. خاص ڪري اي ڪلاس کي گيسٽ هائوس وانگر سينگايو ويو هو. جنهن ۾ ايتريقدر ڊيڪوريشن جو انتظام ڪيو ويو هو جو باٿ رومن ۾ ڪموڊ، راڊون ۽ پنکا به لڳايا ويا هئا. باقي رهائشي ڪمرن کي گرم ۽ سرد رکڻ لاء اعلا بندوبست ڪيو ويو هو. انهي اي ڪلاس ۾ صرف چار ليڊر ولي خان، سردار خير بخش مري، عطاعالله مينگل ۽ بزنجو رهندا هئا. بزنجي صاحب پنهنجي بلوچ قوم پرستي جي جوش ۾ برداشتي به ٻروچ رکرايا، جيڪي مختلف اخلاقي ڏوهن ۾ سزائون ڪاٽي رهيا هئا.
هڪ ڀيري مسٽر بزنجي ٻروچ برداشتي کان پاڻي گھريو. ٻروچ برداشتي ڪموڊ مان پاڻي جو گلاس ڀري آيو. بزنجو پاڻي جو گلاس هٿ ۾ وٺندي سخت گرم ٿي ويو ۽ پڇيائين پاڻي ڪٿان آندو اٿئي؟ ٻروچ برداشتي انتهائي معصوميت ۽ سادگي سان جواب ڏنو ته اڇي ماٽي مان جيڪا ڀٽو صاحب خاص اوهان لاء ٺهرائي آهي.
بزنجي لاء قيدي ٻڌايو ته اڪيلو ڄڻو ستاويه مانيون ۽ ٻه ڪڪڙيون جن ۾ اڌ سير ساوا مرچ پيل هوندا هئا کائي ويندو هو ۽ ماني به هميشه اڪيلو کائيندو هو. سڀني کان گھٽ کاڌو مينگل کائيندو هو ۽ اخلاقي طرح قيدي سردار مري کان متاثر هوندا هئا. جيتوڻيڪ مري صاحب ڪنهن به قيدي سان هٿ نه ملائيندو هو. ولي خان ته عام قيدي وانگر هيٺين قيدين سان ڇرچا ۽ گھٻا ڪندو هو. ان ڪري ولي خان سياستدان پهرين هو ۽ خان پوء. باقي سردار پهرين سردار هئا سياستدان پوء.ـ( صفحو 42 ۽ 43)

هڪ ليکڪ جو الميو

هڪ ليکڪ جو الميو
خيالن، نظرين ۽ عقيدن وغيره جي اظهار جيِ آزادي تي پابندين جي لحاظ کان موجوده دور به گذريل دورن کان گھڻو مختلف ناهي. اظهار جي ذريعن ۾ جيئن جيئن وسعت آئي آهي تيئن تيئن ان جي مخالف قوتن جي سرگرمين ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ پاسي ته سرڪار جا قاعدا ۽ قانون هوندا آهن جتي حدون اورانگھيندڙ کي نه رڳو مختلف سزائن جو ڊپ ڏنو ويندو آهي پر اهي سزائون ڏنيون به وينديون آهن. ان سان گڏوگڏ مختلف مذهبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمون وغيره آهن جيڪي ان سلسلي ۾ هڪ دٻاء وجھندڙ جو ڪم ڪندي ان ڳالهہ کي يقيني بڻائينديون آهن ته ڪو سندن ڪڍيل ليڪو نه اورانگھي.
پر ڪي ماڻهو انهن پابندين کي قبول نه ڪندا آهن ۽ شعوري يا غير شعوري طور انهن حدن کي اورانگھي ڄڻ ته ان سماج جي اسٽيٽس ڪو جي قوتن لاء هڪ چئلنج بڻجي ويندا آهن. اها صورتحال ٿوري گھڻي فرق سان دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ موجود آهي. ڀارت دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت آهي. پر هن وقت اتي اظهار جي آزادي کي خاص طور تي مذهبي انتها پسندي جي صورت ۾ انيڪ چئلنج درپيش آهن. انهن جو هڪ تازو مثال تامل ٻولي جو شاعر ۽ ناول نگار پيرو مل موروگن آهي.
اٽڪل سترنهن سالن تائين تامل ٻولي پڙهائيندڙ موروگن جو چوڻ آهي ته سندس واسطو هڪ غريب هاري گھراڻي سان آهي.ِ هو ويهن سال جي عمر تائين کليل آسمان هيٺان ۽ ڳئن جي واڙن ۾ رهيو آهي ۽ کيس ان وقت تائين اها ڄاڻ نه هئي ته رهڻ لاء گھر ڇا ٿيندو آهي. سندس تخليقن ۾ فطري ماحول ۽ نظارن جي جيڪا عڪاسي ٿيل آهي انجو هڪ ڪارڻ اهو پسمنظر به آهي. پنج ناولن، چار افسانن جي مجموعن ۽ چار شاعري جي مجموعن جي ليکڪ موروگن پنهنجن ٻارن سان واعدو ڪيو هو ته هو گھٽ ۾ گھٽ ڏه ناول لکندو ۽ سندس چوڻ آهي ته سندس اندر ۾ اڃا به پنج نوان ناول موجود آهن. سندس ٽي ناول انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.
پر اٽڪل اوڻويهہ ويهہ مهينا اڳ هن تخليقڪار کي هڪ ليکڪ طور پنهنجي موت جو اعلان ڪري جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. ان جو ڪارڻ سندس تامل ٻولي جو ناول مدوراگوبن يا One Part Woman هو. ان ناول جو موضوع تامل ناڊو ۾ موجود هڪ اهڙي مذهبي رسم آهي جنهن ۾ زرخيزي جي ديوي جي ٿيندڙ سالياني ميلي ۾ عورت ڪنهن به اڻڄاتل مڙد سان رات گذاري سگھي ٿي. ان عمل جي نتيجي ۾ جيڪڏهين ڪو ٻار جنم وٺي ٿو ته ان ٻار کي ڀگوان جو تحفو ۽ ان اجنبي مڙد کي ڀگوان جو نمائندو ڪري ليکيو وڃي ٿو. موروگن جي ان ناول جا مرڪزي ڪردار هڪ اهڙا زال مڙس آهن جيڪي پاڻ ۾ نهايت مٺ محبت سان رهي رهيا آهن ۽ هر لحاظ کان هڪ ٻئي کان مطمئن آهن پرکين ڪوبه اولاد ناهي. اهي لاڳيتو پنهنجن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن سڀني جي مهڻن طعنن ۽ ڳالهين کي برداشت ڪن ٿا. مڙس جي ماء جو خيال آهي ته انهن جي خاندان کي ديوي جو پاراتو آهي ۽ ان ڪري جيڪڏهين کين ڪو اولاد ٿئي به ٿو ته اهو گھڻو جي نه ٿو سگھي. نيٺ زال جي سس ۽ ماء ٻنهي جي صلاح اها بيهي ٿي ته خرابي مڙس ۾ آهي. ان ڪري زال کي ديوي جي ان ڏڻ ۾ شرڪت ڪري ان رسم ۾ حصو وٺڻ گھرجي ته جيئن کيس اولاد ٿي سگھي. مڙس جيتوڻيڪ ان ڳاله تي راضي نه ٿو ٿئي پر زال کيس ان تي مڃرائي ٿي وٺي. اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان زال ۽ مڙس جي ناتن جو انت هجي ٿو.
موروگن ان ناول ۾ انهن ماڻهن ۽ علائقي جتي اها رسم ڪجھ عرصو اڳ رائج هئي جي فرضي نالن جي بجائي انهن جا اصلي نالا ڏنا آهن. اهو ناول شروع ۾ تامل ٻولي ۾ ئي ڇپيو ۽ ان وقت ئي ان ڄڻ هڪ لحاظ کان تامل ناڊو ۾ هڪ ڀونچال پيدا ڪري ڇڏيو. سڄي رياست ۽ خاص طور تي ان علائقي ۾ هنگاما شروع ٿي ويا، ڪتاب جي ڪاپين کي ساڙيو ويو ۽ سرڪار کان گھر ڪئي ويئي ته ڪتاب تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ليکڪ خلاف قدم کنيو وڃي. سندن موقف هو ته ليکڪ هڪ فرضي ڳاله گھڙي آهي ۽ اهو ناول لکي هن ان علائقي جي گھڻن ماڻهن جي زندگي کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ديوي جي بيعزتي ڪئي آهي. ان سڄي احتجاج جي مهڙ ۾ شيوسينا جي مقامي تنظيم جا ماڻهو هئا. جيئن ته پيرومل جو پنهنجو واسطو ان علائقي ۽ ماڻهن سان ئي آهي سندس ان سلسلي ۾ موقف هو ته اها فرضي نه پر هڪ حقيقي رسم آهي جيڪا علائقي ۾ پنجاه سٺ سال اڳ تائين موجود هئي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته بازارن ۽ رستن تان هلندي سندس واسطو پنجاه سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي اهڙن گھڻن ماڻهن سان پيو جن کي اڌ مڙد يا اڌ عورت ڪوٺيو ٿي ويو. هن ان معاملي جي تحقيق کان پوء ئي ان تي قلم کنيو. ڪتاب تي پابندي ۽ موروگن کي سزا جو معاملو جڏهين تامل ناڊو جي هائي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته اتي جج ڪتاب ۽ ليکڪ کي ڪنهن به قسم جي سزا ڏيڻ ۽ ڏنڊ وجھڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ليکڪ کي پنهنجي لکڻين وسيلي جنهن ۾ کيس مهارت حاصل آهي نئون جيئدان وٺڻ ڏيو.
ان سڄي معاملي ليکڪ کي جذباتي ۽ ذهني لحاظ کان شديد طور متاثر ڪيو ۽ هن ماڳيئي لکڻ تان ئي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اٽڪل اوڻويه ويه مهينن کان پوء اها خبر پيئي ته هن وري لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اٽڪل ٻه سو نظم ان عرصي ۾ لکي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ سندس چوڻ آهي ته هڪ ڀيري پنهنجي ڌي سان ملڻ لاء هو ٻئي شهر ويو هو جتي کيس هڪ دوست جي گھر ۾ رهڻو پيو هو. اتي هڪ ڪمرو رهڻ جو ۽ ٻئي ۾ ڪتاب رکيل هئا. وٽس ڪرڻ لاء ٻيو ڪم نه هو. ان ڪري کيس هڪ ڀيرو وري پڙهڻ ۽ لکڻ جو اتساه مليو. پر سندس چوڻ آهي ته هن ڪورٽ جي فيصلي جي رڳو ٽن مهينن کان پوء شاعري لکڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. هيستائين هو اٽڪل ٻه سو نظم لکي چڪو آهي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ناول نگار طور آهي پر هو پاڻ کي بنيادي طورهڪ شاعر ئي سمجھي ٿو ۽ لکڻ جي شروعات به هن هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ئي ڪئي هئي. ايستائين ته ناول لکڻ جي دوران به هن پنهنجي شاعري جي عمل کي جاري رکيو آهي.
موروگن جون ڪهاڻيون تامل ناڊو جي وچولي علائقي جي محنت ڪندڙ هارين ۽ انهن ٻارن جن کي پنهنجن پيئرن جي قرض لاهڻ لاء شاهوڪار ماڻهن جي لاء ڪم ڪرڻو پئي ٿو جي زندگي سان واسطو رکن ٿيون. اهي ماڻهو ساڳي وقت سماجي تبديلي جي هڪ عمل مان پڻ گذري رهيا آهن. موروگن کي حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ هڪ ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي لاء سندس ناول جي ترجمي نگار جو چوڻ آهي ته اهي زندگي جي تفصيلن، قدرتي نظارن، ماحوليات، ذات پات جي نظام ۽ علائقي جي سماجي زندگي سان ڀرپور هونديون آهن. پر موروگن جو چوڻ آهي ته هن وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ تضاد آهي. هاڻي کيس پڪ ناهي ته هو آئيندي به ان ساڳي نموني لکي سگھندو يا نه. رڳو وقت ان ڳاله جو فيصلو ڪندو پر شايد مون کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ٻين طريقن کي اختيار ڪرڻو پئي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته منهنجي اندر ۾ هڪ سنسر ڪرڻ وارو اچي ويئي رهيو آهي جيڪو منهنجي هر لکڻي جو جائزو وٺي ٿو. ايستائين ته سندس چوڻ آهي ته کيس شايد پنهنجين اڳوڻين تخليقن ۾ به ترميم ڪرڻي پئي.
موروگن سياست تي ڳالهائڻ کان اهو چوندي پاسو ڪندو آهي ته هو هڪ ليکڪ آهي ۽ سياسي معاملن جي کيس ڄاڻ ناهي پر جڏهين تازو ڀارت جي آزادي جي حوالي سان کانئس پڇيو ويو ته هو ان آزادي کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري ته هن شروع ۾ ان کان لنوائيندي پر پوء نهايت محتاط انداز ۾ چيو ته جتي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پنهنجن خيالن جي اظهار جي آزادي نه هجي ته پوءِ ان آزادي جو مطلب ڇا آهي.

ليلا ڇڀلاڻي

ليلا ڇڀلاڻي

ليلا ڇڀلاڻي سخاوت رائي ۽ گنگا ڇڀلاڻي جي ڌي هئي. سندس پي جو تعلق سکر ۽ ماء جو لاڙڪاڻي سان هو پر اهي ڪراچي ۾ رهندا هئا جتي سندس پي جي نوڪري هئي. ليلا هڪ ذهين شاگردياڻي هئي ۽ سندس پي جي خواهش هئي ته سندس اها سهڻي ڌي ڊاڪٽر ٿئي. ان ڪري ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء هن ان کي ميڊيڪل جي تعليم لاء دهلي جي ليڊي هارڊنگ ميڊيڪل ڪاليج موڪلي ڇڏيو. ليلا اتي هاسٽل ۾ رهي ۽ ڪورس ختم ٿيڻ کانپوء پنهنجي ايم بي بي ايس جي ڊگري سان پنهنجي گھر سنڌ موٽي آئي. کيس سکر جي سرڪاري ويم جي اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو جتي هو 1940 ۾ نوڪري ڪرڻ لاء ويئي. جڏهين کيس اسپتال سان لڳ هڪ عاليشان بنگلي ۾ رهائش لاء جاء ڏني ويئي ته سندس ماء پي به ساڻس گڏ اچي رهيا.
اڳ ٻار گھرن ۾ ڄمندا هئا ۽ انهن جي مرڻ جو تناسب گھڻو هو. هاڻي صحيح وقت تي طبي امداد ملڻ ڪري نيون مائون ۽ سندن ٻار بهتر حفاظت ۾ هئا. خاندان وارا پنهنجين عورتن کي مڙد ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ کان ڪيٻائيندا هئا ۽ عورت ڊاڪٽرياڻيون نه هئڻ برابر هيون. ان صورتحال ۾ ليلا پنهنجو ڪم ڪيو. هڪ سنهڙي سيپڪڙي ساڙهي پاتل ليلا سکر ۾ نظر ايندي هئي. سندس طبي مهارت جي ڪري سندس عزت هئي ۽ اها جلد ئي سکر جي هڪ ممتاز شخصيت بڻجي ويئي. سکر جي خاندانن کي سندس ويم ڪرائڻ تي فخر هوندو هو.
سکر ۾ ليلا ۽ عبدالستار پيرزادي جي ملاقات ٿي ۽ ٻنهي ۾ پيار ٿي ويو. سکر جي پراڻن ماڻهن کي سندن پراڻي سکر ۾ ليلا جي اسپتال کان ٽانگي ۾ گڏ پيرزادي جي گھرنئين سکر وڃڻ ياد آهي. جڏهين ورهاڱو ٿيو ته ليلا پنهنجي ماء کي ٻڌايو ته هن ۽ پيرزادي شادي ڪئي آهي ۽ سندس لڏڻ جو ڪو ارادو ناهي. اهڙي ريت سندس ماء پي به سنڌ ۾ ئي رهي پيا. پيرزادو پاڪستان جي نئين حڪومت ۾ وزير ٿيو ۽ هي ڪراچي ۾ وڃي رهيا.
ليلا ۽ پيرزادو گھڻا ڀيرا بمبئي ويا جتي هو تاج ۾ رهندا هئا ۽ ليلا جي مائٽن، جن سان انهن ويجھا ناتا رکيا هئا، وٽ ويندا هئا. ايستائين ته پيرزادي دسمبر 1957 ۾ دهلي ۾ ٿيل سنڌي ٻولي جي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئي.
پيرزادي ۽ ليلا کي ڪو ٻار نه هو پر پيرزادي کي پنهنجي پهرين زال زليخا مان ٽي ٻار، عبدالحفيظ، عبدالمجيب ۽ حسينه هئا. اهي هن کي پسند نه ڪندا هئا. ليلا پنهنجي مڙس جي پوڄا ڪندي ۽ ساڻس گھڻو پيار ڪندي هئي ۽ هو به آخر تائين ساڻس وفادار رهيو. سندس خاندان وارن جي خواهش هئي ته هو ڀارت لڏي اچي پر هن سکر ۾ پيرزادن جي خانداني قبرستان ۾ پنهنجي مڙس جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ تي چاهيو ۽ آخر تائين مسلم آباد ۾ پنهنجي ٺهرايل گھر۾ رهندي آئي.
2009 جي لڳ ڀڳ سکر ۾ SIUT جي لاء جاء جي ڳولها ڪندي ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ سندس ٽيم زبون حالت ۾ ڇڀلاڻي ميترنٽي هوم کي ڏٺو. سنڌ حڪومت سان گڏجي ڊاڪٽر اديب رضوي ان کي هڪ جديد اسپتال ۾ تبديل ڪري ان کي SIUT ڇڀلاڻي ميڊيڪل سينٽر جو نالو ڏنو. انهن ليلا جي تصوير حاصل ڪرڻ لاء گھڻن مهينن تائين ليلا جي مائٽن سان رابطي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ان تصوير کي اسپتال ۾ لڳائي سگھجي. ليلا جي ڀائٽي سجاتا ٽولاني ليلا جي خاندان جي تصويرن کي ٺاهي اسڪين ۽ ڪمپوز ڪري انهن کي SIUT سکر کي موڪليو. . (The Amils of Sindh by Saaz Aggarwal p:610-611)

لينن ۽ پشڪن

لينن ۽ پشڪن

لينن ماياڪووسڪي ۽ لونا چارسڪي جي ڀيٽ ۾ پشڪن جي شاعري کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. اهو ان ڳالهہ جي باوجود هوندو هو هو ته سندس ساٿي کيس چوندا هئا ته اهي بالشويزم ۽ پرولتاريا جا شاعر آهن. رڳو هڪ موقعي تي هو ماياڪووسڪي سان پوري ريت سهمت ٿيو هو: هن چواڻي ته ڪالهہ مون ازويستا ۾ ماياڪووسڪي جو هڪ سياسي نظم اڻکٽ گڏجاڻيون ڪندڙ پڙهيو. آئون جيتوڻيڪ سندس سياسي صلاحيت جو معترف ناهيان پر آئون اهو به مڃيان ٿو ته آئون ڪو فيصلو ڪندڙ به ناهيان. پر مون سياست ۽ انتظاميا تي هڪ ڊگھي وقت کان ايڏي خوشي سان ڪا شي ناهي پڙهي جيئن هن کي پڙهيو آهي. هن نظم ۾ هو گڏجاڻي جي عادت تي تنقيد ڪري ٿو ۽ ڪميونسٽن جي اڻکٽ گڏجاڻين تي طنز ڪري ٿو. مون کي شاعري متعلق ته ڪا پڪ ناهي پر جيستائين سياست جو تعلق آهي ته آئون ان نظم کي قطعي طور صحيح سمجھان ٿو. درحقيقت اسان نه ختم ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ويهڻ، ڪميشنن ٺاهڻ ۽ اڻ کٽ رٿائن جوڙڻ واري بلڪل واهيات ڪم ۾ ڦاسي پيا آهيون.
نظم ڪجھ هن ريت آهي:
جيئن ئي رات صبوح ۾ بدلجي ٿي
جڏهين هر ڪنهن جو ڪم اهو هونڌو آهي:
فرم ۾ وڃڻ
ڪمپني ۾ وڃڻ
ٽرسٽ ۾ وڃڻ
ڪارپوريشن ۾ وڃڻ
اهي سڀ دفترن ۾ غائب ٿي ويندا آهن.
جيئن ئي اوهان دفترن ۾ داخل ٿيندا آهيو
ڪاغذن جو ڪم
ٻوڏ وانگر ايندو آهي
سو مان اهم ترين ملازم
جي چونڊ ڪريو
اهي ڪانفرنسن ۾ غائب ٿي ويندا
پوء آئون ايندس ۽ پڇندس
ڇا آئون ان سان ملي سگھان ٿو
جيڪو گذريل ڀيري هت هو
ڪامريڊ ايوان ايوانچ
ٽيٽوٽل وائن جي عوامي ڪميسارسان ملاقات لاء ويو آهي.
اڻ ڳڻين ڏاڪڻين جو ٿڪ سهندي
بلڪل ڌيمي روشني ۾
وري
توهان کي چيو وڃي ٿو ته ڪلاڪ سوا ۾ موٽي اچو
ڪانفرنس ۾ :
سڀني ڪوآپريٽوز، ڪارپوريشنن ۽ ڪمپنين جي
مس جي خريداري لاء
ڪلاڪ ۾
نه ڪلارڪ،
نه ڪو پٽيوالو،
ظاهر ٿئي ٿو
ٻاويهہ سالن تائين جي عمر وارا سڀ
مٿي ڪومسومول جي ڪانفرنس ۾ آهن
رات ٿي رهي آهي
آئون اڃا پنهنجي عارضي گھر جي
سڀ کان اوچي ماڙ ڏانهن وڃان پيو
ڇا ڪامريڊ ايوان ايوانچ آيو آهي؟
اڃا ڪانفرنس ۾ آهي
ا ب ت ث ج ح خ جي ڪاميٽي سان
ان ڪانفرنس ۾
آئون نهايت گھٽ وڌ ڳالهائيندي
هڪ ٻرندڙ جبل جيان داخل ٿيان ٿو
۽ ڏسان ٿو ته ماڻهو اتي
آسمان جي هيٺان
اڌورا ويٺا آهن
سندن ٻيو اڌ ڌڙ ڪيڏانهن هليو ويو
ڪسجي ويو
قتل ٿي ويو
چرين وانگر ڊوڙندي آئون رڙ ٿو ڪيان
اهڙي منظر تي آئون پنهنجن حواسن مان
نڪري ٿو وڃان
پوء آئون سڀني کان پرسڪون
ڪلرڪ کي نشاندهي ڪندي ٻڌان ٿو
اهي بلڪل ساڳي وقت ٻن ڪانفرنسن ۾ آهن
اسان کي هر روز ويه ڪانفرنسن ۾ وڃڻو آهي
جڏهين ته باقي ٻيون انهن کان ڌار آهن
ان ڪري اسان کي پاڻ کي ٻن حصن ۾
ورهائڻو پيو آهي
چيله تائين هتي آهيون
۽ باقي هتي آهن
ان تجسس ۾ آئون سمهي نه سگھيس
صبوح پريشان حواسن سان جاڳيس
۽ بس انهن سڀني ڪانفرنسن
کي ختم ڪرڻ لاء هڪ ٻي ڪانفرنس
اها ڳالهہ رڳو سوويت يونين سان لاڳو نه آهي، پر ساڳي ريت سنڌ جي کاٻي ڌر جي جماعتن ۾ پڻ موجود آهي ۽ ماڻهن جي سياست کان بيزار ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ آهي. آئون سنڌ جي کاٻي ڌرسان واسطو رکندڙ ٻن سياسي جماعتن، عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست ۾ ڪجھ عرصو رهيو آهيان. انهن جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو زور اهڙين گڏجاڻين تي هوندو هو جن جو ڪو سر پير نه هوندو هو ۽ نه ئي پنهنجي ليکي ڪو نتيجو نڪرندو هو. مون کي ياد آهي هڪ ڀيري لطيف آباد ۾ رسول بخش پليجو جي گھر تي مرڪزي ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي. مون کي تازو پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ کان پوء ڪاميٽي ۾ کنيو ويو هو. پليجو ٿوري دير گڏجاڻي ۾ ويهي وڃي سمهي پيو جڏهين ته گڏجاڻي ۾ موجود همراهن لاء ايجنڊا جي هڪ اسم کي اڪلائڻ به ڏکيو ڪم هو. هڪ همراه جيڪا ڳالهہ ختم پيو ڪري اتان ٻيو همراه شروع پيو ڪري ۽ ائين ڳالهہ ختم ئي نه پئي ٿئي. ائين ڪندي سڄي رات گذري ويئي پر ڳالهہ اتي ئي هئي. آخري فيصلو وري پليجي اچي ڪيو ۽ اهڙي ريت گڏجاڻي پوري ٿي. اها ساڳي ڪار وطن دوست جي گڏجاڻين سان هوندي هئي. ڪنهن دوست جي گھر ۾ جيڪڏهين گڏجاڻي رکبي هئي ته ان جي گھر وارن لاء ڄڻ عذاب ٿي پوندو هو. هڪ ته چانهہ، ماني ۽ پاڻي وغيره لاء ڄڻ ڪجھ ماڻهو مخصوص ٿي ويندا هئا ۽ ٻيو ته گڏجاڻي ۾ ويٺل همراهن کي سڄي دنيا جا فيصلا ڄڻ ان هڪ گڏجاڻي ۾ ئي ڪرڻا هوندا هئا پر ڪو به فيصلو نه ٿي سگھندو هو. اهو سلسلو لاڳيتو پيو هلندو هو ۽ بجائي ڪنهن عملي ڪم ڪرڻ جي معاملو رڳو ڪجھ دوستن جي ملڻ تي وڃي ختم ٿيندو هو.


مانڌل شر: هڪ آدرشي ڪردار

مانڌل شر: هڪ آدرشي ڪردار

”ڳچي ڳانا لوه جا“ ڪامريڊ مانڌل شر جي جيل ڊائري بلڪ هڪ لحاظ کان سندس آتم ڪهاڻي آهي. اها هڪ اهڙي شخص جي اتساه ڏيندڙ ڪهاڻي آهي جنهن جي لاء زندگي ۾ ڪجھ به سازگار نه هو. اتر سنڌ ۾ ڏهرڪي جي هڪ ڳوٺ سان واسطو رکندڙ سندس خاندان نسلن کان رڍن پالڻ ۽ چارڻ جو ڪم ڪندو هو. اتان جي زمين ٿاريلي هئي، پاڻي نه هو ۽ اهڙي ريت ڪابه پوک ممڪن نه هئي. تعليم جو حصول انهن جي لاء بيڪار ۽ وقت جو ضياع هو. رڍ ون چارڻ ئي روزگار جو اهم وسيلو هوندو هو. ڳوٺ جا ڇوڪرا رڍن سان صبوح سوير نڪري ويندا هئا ۽ شام جو موٽندا هئا ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته سندن موٽڻ ۾ ڪيترا ڏينهن ٿي ويندا هئا. ڪڏهين ويجھڙائي ۾ گاه نه هجڻ ڪري اهي رڍن سان پنجاب تائين به هليا ويندا هئا.
هڪ ڏينهن ويجھي اسڪول جو ماستر سندن ڳوٺ آيو ۽ ڳوٺاڻن کي پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاء چيائين. ڪو به ان لاء راضي نه ٿيو پر ماندل گھٽ عمر هئڻ باوجود پڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. اسڪول ڳوٺ کان ڇه ميل پري هو. هن اتان پنج درجا پاس ڪيا ۽ پوء ٻه درجا ٻي اسڪول مان ڪيا جيڪو اڃا ٻه ميل پرتي هو. هو پنڌ ئي اسڪول ايندو ويندو هو. پوء هن فائنل ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ٿي ڇاهي. پر سندس پي سندس خرچ بند ڪري ڇڏيو. سندس ڇوڻ هو ته ايتري تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. اسان غريبن کي ڪو نوڪري وٺي نه ڏيندو ۽ ٻي ڳاله ته مون وٽ رڍن ڇارڻ لاء به ڪو ماڻهو ناهي.
پير پاڳاري وارا سندس خاندان جا مرشد هئا ۽ غريب شاگردن جي وظيفي وغيره سان مدد به ڪندا هئا. هن پير جو ڳوٺ پهچي انهن کان وظيفو وٺي پنهنجي پڙهائي جاري رکي . پوء هن سانگھڙ جي جوڻيجا زميندارن وٽ پهرين ڪراچي ۽ پوء سانگھڙ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ان دوران 1965 جي جنگ ۾ حر مجاهد جي طور به خدمتون انجام ڏنائين.
جوڻيجا زميندارن وٽ رهندي کيس زرعي سڌارن کي ويجھڙائي سان ڏسڻ جو موقعو ملي هن ڏٺو ته اهي سڌارا ته رڳو نالي ۾ هئا. رڳو کاتا تبديل ٿيا جڏهين ته زمين زميندار جي ملڪيت ئي رهي. ان جو مشاهدو ڀٽو جي زرعي سڌارن جي حوالي سان مون کي به سڪرنڊ ۾ هڪ سروي دوران ٿيو هو. هو ان متعلق مهراڻ اخبار ۾ باقاعدگي سان لکڻ لڳو. انهن لکڻين جي ڪري هاري ڪاميٽي جي عبدالقادر انڍڙ ساڻس رابطو ڪيو. سياسي طرح هڪ سجاڳ ذهن هئڻ ڪري هو سانگھڙ ۾ ون يونٽ خلاف جلوس ۾ شريڪ ٿئي ٿو ۽ گرفتار ٿي ٿاڻي پهچي ٿو ۽ پوليس جي مار کائي ٿو. اها سندس پهرين گرفتاري ۽ ڄڻ سياسي ميدان ۾ سندس شروعات هئي.
ان دوران گڊو بيراج جي زمينن جو نيلام شروع ٿئي ٿو ۽ گھڻيون زمينون وڏن زميندارن ۽ پنجابي آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون. هاري ڪاميٽي پاران ان جي مزاحمت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاء هو اتي پهچي ٿو. ان تحريڪ ۾ شموليت، مختلف ضلعي وڏن ڪامورن سان ٽڪراء، گرفتاري ۽ بک هڙتال وغيره جي ڪري ڄڻ سندس هاري تحريڪ سان هڪ مستقل تعلق جڙي وڃي ٿو. ٿوري وقت کانپوء سڪرنڊ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ سندس ملاقات اعزاز نذير، محمود الحق عثماني ۽ غلام محمد لغاري سان ٿئي ٿي. هو اعزاز نذير سان خاص طور گھڻو ويجھو رهيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
ڪامريڊ ان وقت هاري ڪاميٽي ۾ اندروني ڇڪتاڻ ڏانهن ڪجھ اشارا ڪري ٿو. ان وقت ڪامريڊ غلام حسين هاري ڪاميٽي جو صدر هو پرليکڪ چواڻي ته سندس ڪم اطمينان جوڳو نه هو ۽ اهڙي ريت کيس عهدو ڇڏڻ لاء چيو ويو. سندس انڪار ڪرڻ تي ماندل شر کي ڄام ساقي پاران هاري ڪاميٽي جو آرگنائزر مقرر ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هاري ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ان سڄي اختلاف جا ڪي سياسي ڪارڻ به هوندا پر ليکڪ ڪي وڌيڪ تفصيل نه ٿو ٻڌائي. اهو به ممڪن آهي ته ڪميونسٽ پارٽي ان اهم پليٽ فارم تي پنهنجي ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهو کي آڻي ان تي پنهنجي ضابطي کي مضبوط ڪرڻ چاهيندي هجي. اھو ان ڪري به ممڪن لڳي ٿو ته ان وقت ڪميونسٽ پارٽي انڊر گرائونڊ هئي ۽ سندس زور کليل ادبي، طبقاتي ۽ سياسي پليٽ فارمن تي هوندو هو ته جيئن پنهنجو ڪم به ڪري سگھجي ۽ ماڻهن سان رابطو به رهي.
ان دوران ايف آئي يو پاران کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاء پهرين مقامي مرڪز ۽ پوء ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي کيس نظيرعباسي نظر اچي ٿو ۽ کيس گارڊ کان خبر پيئي ٿي ته ڪجھ ٻيا پارٽي جا ڪارڪن به هتي ڪجھ وقت گذاري چڪا هئا. نظير سان کيس ڳالهائڻ جي اجازت ته نه ٿي هجي پر اهي ٻيئي هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا ۽ نذير ساڻس لڪل لفظن ۾ راڳ ۽ شاعري وسيلي ڳالهائي ۽ پنهنجو نياپو پهچائي ٿو. نظير کي ڪجھ عرصي کانپوء اتان منتقل ڪيو وڃي ٿو. گھڻي ايذاء، تڪليف ۽ ڪوڙن گواهن آڻڻ باوجود هو پنهنجي زبان نه ٿو کولي.
آزاد ٿيڻ کانپوء هو نظير سان پارٽي سيل وغيره ۾ به رهي ٿو. 1983 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سندس گرفتاري ۽ سکر، مڇ ۽ ڪراچي جيل ۾ رهڻ جو احوال هو ڏئي ٿو جتي سندس مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون.
هتي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي فعال ۽ متحرڪ نه هئڻ متعلق ڪجھ سوال پڇي سگھجن ٿا. زمينن جي نيلام واري تحريڪ کانپوء ليکڪ جي هاري ڪاميٽي جي حوالي سان ڪا خاص چرپر نظر نه ٿي اچي. ليکڪ جو هاري ڪاميٽي جي آرگنائزر مقرر ٿيڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوء هاري ڪاميٽي جي حوالي سان ڪردارپسمنظر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ سندس هڪ پارٽي ڪارڪن وارو ڪردار وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. ڇا اها ڳاله درست هئي ته هاري ڪاميٽي کي بجائي هڪ آزاد حيثيت ڏيڻ ۽ طبقاتي پليٽ فارم جي طور هلائڻ جي پارٽي جي کليل پليٽ فارم طور هلائجي. حيدربخش جتوئي جا ڪميونسٽ پارٽي سان جيڪي اختلاف هئا ان جو هڪ مک ڪارڻ اهو به هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جي ٻين مختلف سياسي جماعتن به پنهنجا پنهنجا هاري محاذ ٺاهيا جنهن جي نتيجي ۾ هاري تحريڪ ورهائجي ويئي ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو ڪردار گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو.

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ جي آتم ڪٿا

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ جي آتم ڪٿا

تازو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جي ٻي جلد ميري دنيا پڙهڻ جو موقعو مليو. پهرين جلد در در ٺوڪر کائي گھڻو عرصو اڳ پڙهي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي 1952 ۾ يارنهن سالن جي عمر ۾ ڀارت جي ٽونڪ شهر مان حيدرآباد اچي رهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳي ريت هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي تاريخ جي استاد طور پڙهائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي ماحول، شاگردن جي ساڻس ورتاء ۽ خاص طور ٻن وائس چانسلرن، غلام مصطفا شاه ۽ شيخ اياز سان سندس ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻي جلد ۾ هن پنهنجي زندگي جي مختلف موضوعن کي کنيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته ننڍپڻ ۾ سندس مذهب ڏانهن گھڻو لاڙو هو. هو پابندي سان نماز پڙهندو هو. رستي پنڌ هلندي نماز جي وقت کيس جيڪا ويجھي مسجد ملندي هئي، ان ۾ نماز پڙهڻ لاء هليو ويندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ٻيا کيس ٻڌائيندا هئا ته هو ٻي مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. هڪ ڀيري هو ڪوئيٽا ۾ احمدين جي عبادت گاه ۾ هليو ويو جتي کيس پيار سان سمجھايو ويو ته اها جاء سندس لاء نه هئي ۽ هو ٻي مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. وقت سان گڏ هو مذهب کان پري ٿيندو ويو.
ڊاڪٽر مبارڪ 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان رٽائرمنٽ وٺي مستقل طور لاهور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي پر حيدرآباد سان سندس هڪ جذباتي تعلق ۽ واسطو باقي رهيو.
هو وقت بوقت مختلف موقعن تي حيدرآباد ايندو رهيو آهي. کيس ان ڳالهہ جو ڏک آهي ته شهر اڳ جيان نه رهيو آهي. اڳ ڪشادہ روڊ ۽ رستا هوندا هئا، شام ٽاڻي هير پئي گھلندي هئي ۽ منگھن وارا هوادار گھر هوندا هئا. هن وقت شهر ۾ رش وڌي ويئي آهي، پنڌ هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ منگھ ختم ٿي ويا آهن. کيس هڪ ٻي اها به شڪايت آهي ته حيدرآباد کي ڪراچي کائي ويو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته هو اهو ٻڌائي ٿو ته ويجھڙائي جي ڪري شهر جي سڄي تفريح ۽ رونق ڄڻ ڪراچي منتقل ٿي ويئي آهي. جڏهين ته ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هتي جيڪي سندس دوست هوندا هئا ۽ جن سان ويهي روح رهاڻ ڪبي هئي انهن مان گھڻن ڪراچي وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
پنهنجن پراڻن دوستن ۾ هو خاص طور ظفر حسن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو ان وقت يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي ۾ استاد هو. اهي ٻيئي علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. پر سندس چوڻ آهي ته جڏهين هو جرمني مان موٽيو ته ظفر حسن بلڪل ئي بدليل هو. هو پڪو قوم پرست ٿي ويو هو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ان ۾ سيد سبط حسن ۽ غلام مصطفيٰ شاه به شريڪ هئا. ان گڏجاڻي ۾ ظفر حسن تقرير ڪندي چيو ته اڙدو هڪ پرماري ٻولي آهي ۽ ان سنڌي جو استحصال ڪيو آهي. ان تي سيد سبط حسن جو چوڻ هو ته ٺيڪ آهي ته اڙدو جيڪڏهين اهو ڪردار ادا ڪيو آهي ته پوء اڄ کان اسان اڙدو جا مخالف ٿي ٿا وڃون پر ڊاڪٽر مبارڪ ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي اسٽيج تي ويٺل غلام مصطفيٰ شاه ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سنڌي کي اڙدو نه پر سنڌ جي اهڙن وڏيرن نقصان پهچايو آهي جڏهين ته غلام مصطفيٰ شاه هڪ روايتي تقرير ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ ان آتم ڪٿا ۾ ٻين گھڻن دوستن جو ذڪر ڪيو آهي پر انهن ۾ حمزه علوي کي هو خاص طور ياد ڪري ٿو. حمزه علوي کيس ٻڌايو هو ته اڙدو ۾ ڪمزور هئڻ ڪري اڙدو جي استاد کيس زور سان ديوار سان هنيو هو جنهن جي ڪري کيس اڙدو کان نفرت ٿي ويئي هئي. هو ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ جي گھر جو فرد هو. هن کيس پنهنجين لکڻين کي اڙدو ۾ ترجمي ڪرائڻ لاء چيو هو. ان ڪم جي نگراني لاء هن کيس معاوضو ڏيڻ چاهيو ٿي جيڪو هن وٺڻ کان انڪار ڪيو پر هن جي بيروزگار هئڻ ڪري هو وقت بوقت سندس کيسي ۾ پئسا وجھندو رهندو هو ۽ سندس ڌيئرن کي به ڏيندو هو. هو لاهور جي عبدالله ملڪ ۽ ٻين ڪجھ دوستن جو به ذڪر ڪري ٿو.
جرمن ٻولي ۽ ڪلچر سان واقفيت هئڻ ڪري کيس لاهور جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. هو نوڪري کي هونئن ئي هڪ غلامي سمجھي ٿو ۽ برابري جي سطح تي ورتاء جو قائل آهي. پر اها ڳالهہ پاڪستان ۾ ته ممڪن ناهي جنهن جو تجربو کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيوهو پر هو چئي ٿو ته جرمني ۾ به باس اها توقع ڪندو آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي ۽ هر حڪم مڃيو وڃي. جيستائين ڪراچي ۾ شرر ڊائريڪٽر هو تيستائين معاملو خوشگوار نموني هلندو رهيو. سندس وڃڻ کانپوء نئين ڊائريڪٽر سان ناتن جي اها نوعيت نه رهي ۽ کيس اتان استعفا ڏيڻي پئي جڏهين ته لاهور جو گوئٽي انسٽيٽيوٽ به ڪجھ عرصي کانپوء بند ٿي ويو. ان کانپوءِ هن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو پر پنهنجي اصولن تي ٺاه نه ڪرڻ جي عادت جي ڪري هو ڪٿي ٽڪي نه سگھيو ۽ گھڻين جاين تي سندس خيالن جي ڪري کيس ٽڪڻ نه ڏنو ويو. هو مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ پڻ لکندو رهيو. سندس چوڻ آهي ته کيس ڊان پاران ته سندس مضمونن جي باقاعدي ادائيگي ٿيندي هئي جڏهين ته جنگ گروپ پاران ائين نه ٿيندو هو.
هن پنهنجي مختلف ملڪن جي ياترا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ڀارت جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿو ته شروع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ اچ وڃ تي گھڻيون پابنديون نه هيون. هتي اچڻ کانپوء سندس ماء هڪ ڀيرو پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاء اتي ويئي هئي ۽ خيريت سان موٽي آئي هئي. اها صورتحال 1965 جي جنگ کانپوء بدلجي ويئي. جيتوڻيڪ کيس اتي ڪانفرنسن وغيره جي دعوت ملي ٿي پر هاڻي ڀارت جو ويزا ملڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. جڏهين سندس ڌي عطيه کي جواهر لال يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي ۾ داخلا ملي هئي ته هو ۽ سندس زال ۽ ٻار پڻ ڀارت ويا هئا. کيس پاڻ جواهر لال يونيورسٽي جي فيلوشپ جي آڇ ٿي هئي پر بي جي پي جي حڪومت ۾ اها منظور نه ٿي سگھي ۽ ٻنهي ملڪن جي تنازعن جو شڪار ٿي ويئي. سندس ٻه ڌيئرون آمريڪا ۾ آهن ۽ هو ٽي ڀيرا اتي ويو آهي. انگلينڊ به سندس اکين جي چڪاس وغيره لاء وڃڻ ٿيو آهي.
آتم ڪٿا مان هڪ ته اها ڳالهہ ظاهر ٿئي ٿي ته هو پنهنجي مزاج ۽ خيالن جي ڪري خاص طور هتان جي ماحول سان مطابقت پيدا نه ٿو ڪري سگھي جنهن جي ڪري کيس تڪليفون به سهڻيون پئن ٿيون ۽ فرسٽريشن به ٿئي ٿي. ٻي ڳالهہ ته کيس اهو احساس به آهي ورهاڱي کانپوء جيڪي ماڻهو هتي لڏي آيا آهن انهن کي قبوليت نه ٿي ملي ۽ هتان جا ماڻهو انهن کي پنهنجو نه ٿا سمجھن ٿا. آتم ڪٿا جي پهرئين جلد ۾ به هن ان ڳالهہ جو اظهار ڪيو آهي ته پنهنجي وطن مان ته نڪتا آهيون هاڻي الائي اسان کي ڪٿي ڪٿي ڌڪا کائڻا پوندا. ان ساڳي ڳالهہ جو اظهار هن هن جلد ۾ مولانا آزاد جي حوالي سان ڪيو آهي ته جڏهين سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾ قوم پرستي زور وٺندي ته اهي اوهان کي ناپسند ڪرڻ لڳندا. سندس چوڻ آهي هن وقت به پنجاب ۾ مهاجرن کي ڀيا ۽ سنڌ ۾ انهن کي نفرت وڃان مڪڙ چيو وڃي ٿو.
هڪ ذهين ۽ قابل ماڻهو پر ساڳي وقت ڏک ۽ مسئلن ۾ ورتل ۽ فرستريشن جو شڪار. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر مبارڪ لاء اها ڳالهہ اطمينان جو باعث هئڻ گھرجي ته کيس هڪ عوامي تاريخ دان جو رتبو حاصل آهي ۽ کيس جيڪڏهين مقتدر طبقن پاران رد ڏنو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي کيس نوجوان ۽ عام ماڻهو عزت ڏين ٿا. ان ڳالهہ ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاريخ جي حوالي سان سندس ڪم ساراهڻ جوڳو آهي.

مھمان ڇوڪري

مھمان ڇوڪري

انور ابڙو جو ناول هڪ مهمان ڇوڪري هينئر پڙهي پورو ڪيو آهي. انور سان پنهنجي تعلق کي آئون وقت جي حساب سان نه ٿو ڳڻي سگھان. احساسن جي هڪ هم آهنگي آهي جيڪا اسان کي گڏ رکيو ٿي اچي. ساڻس ملاقات کي شايد سال گذري ويا آهن ۽ فون تي ڳالهائيندي شايد مهينا ٿي ويا آهن کيس منهنجي خبر هجي يا نه هجي پر مون کي هميشه سندس خبر هوندي آهي. هو پنهنجو هر نئون ڪتاب مون کي موڪليندو آهي. سندس گھڻن ڪتابن تي مون ڪجھ لکيو به آهي. هڪ دوست، هڪ سياسي ڪارڪن، هڪ صحافي ۽ هڪ ليکڪ طور منهنجي ساڻس واقفيت هئي. آئون سندس جذباتي زندگي کان گھڻو واقف نه هوس. سندس ڪتاب ڀڳل رانديڪو ان حوالي سان منهنجو شايد سندس زندگي جي ان پاسي سان وڌيڪ تعارف هو. ان دوران ڪالمن ۽ مضمونن جو ڪتاب اڌ صدي جو اوجاڳو آيو پر مون کي سندس ڪهاڻين جي مجموعي پهرين جنوري ۾ شامل ڪهاڻي روشن قبر ڇرڪائي وڌو هو. ساڳي وقت ان مجموعي ۾ ڪجھ ڪهاڻين مان ائين لڳو ٿي ته انور موٽ کاڌي آهي ۽ ان ڪيفيت مان نڪري آيو آهي.
هي تازو ناول هڪ نئين عشق جي شروعات ۽ پڄاڻي آهي. اهو ناول جيتوڻيڪ اتي پورو ٿي وڃي ٿو جتي سوڍي جي رٽئرمنٽ ٿئي ٿي ۽ اڳتي رسمي خدا حافظ جي ضرورت نه هئي. جيتوڻيڪ هن ناول کي ڀڳل رانديڪو ۽ روشن قبر جو هڪ تسلسل ته چئي سگھجي ٿو پر ان جي ڪيفيت بلڪل ئي مختلف آهي. ان مان لڳي ٿو ته هو ماضي مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿو پر اڃا شايد کيس ڪن جذباتي تجربن مان گذرڻو پوي.


ميداڪ گھٽي

ميداڪ گھٽي

مصرجو نوبل انعام ناول نگار نجيب محفوظ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. عمر جو ڳچ حصو سرڪاري نوڪري ۾ گذارڻ جي باوجود سندس ڪم ڄڻ رڳو لکڻ پڙهڻ ئي رهيو. سندس جڳ مشهورCAIRO TRIOLOGY کانسواء ٻيا ڪيئي شاهڪار ناول مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي پڙهندڙن جي توجھ جو مرڪز رهيا آهن. اهي ناول گھڻي ڀاڱي مصر ۽ خاص طور تي قاهره جي زندگي سان واسطو رکن ٿا. تازو سندس ناولMidac Alley يا ميداڪ گھٽي پڙهڻ جو موقعو مليو. هو ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي خاندان سان قاهره جي پراڻي علائقي مان يورپي علائقي ۾ منتقل ٿي ويو آهي ۽ اتي ئي برطانوي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. پر هي ناول قاهره جي پراڻي علائقي جي هڪ پاڙي، ان جي ماڻهن ۽ ان جي رنگا رنگ زندگي متعلق آهي.
ٻين مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول ان دور جي مسئلن کي ظاهر ڪري ٿو جڏهين ماڻهو بمباري کان بچاء لاء بچاه گھرن يا شيلٽرن ۾ پناه وٺندا هئا. انهن ۾ ٻار، ٻڍا، جوان عورتون ۽ مڙد سڀيئي شامل هونڌاهئا ۽ روايتي اخلاقيات ڄڻ ته پسمنظر ۾ هلي ويئي هئي. هن ناول ۾ ڪو هڪ شخص هيرو ۽ هيروئن يا ولين ڪونهي پر مختلف ڪردار آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي انداز سان زندگي گذارين ٿا ۽ سندن پنهنجون خواهشون آهن. مثال طور حميده لاء عباس جي محبت جو ان کان وڌيڪ ڪو ڪارج ناهي ته هو پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي. جيتوڻيڪ عباس ان کي هڪ بهتر زندگي ڏيڻ لاء برطانوي فوج جي نوڪري اختيار ڪري ٿو پرِ جڏهين حميده ۽ سندس ماء کي ڪمپني جي سيٺ، جيڪو پنهنجي زال مان مطمئن ناهي ۽ کيس ان جو پورائو حميده جي جواني ۽ سونهن ۾ نظر اچي ٿو، جي صورت ۾ هڪ بهتر آپشن ملي ٿو ته اهي عباس کي ڇڏڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿيون ان جي باوجود ته هو عمر ۾ کانئس گھڻو وڏو آهي. جڏهين اهو معاملو نه ٿو ٺهي ته هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاء ڌنڌو ڪرڻ لاء به تيار ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت سندس ماء جنهن ان کي رڳو پاليو آهي اها به ان لاڙي جي شڪار آهي. اهڙي ريت ان ئي پاڙي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ زيٽا جو ڪردار آهي جيڪو ماڻهن کي سندن مرضي موجب معذور بڻائي ٿو ته جيئن اهي پنڻ جهڙا ٿي سگھن. ساڳي ريت ڊاڪٽر بوشي آهي جيڪو نقلي ڏندن جو ڪم ڪري ٿو ۽ زيٽا سان گڏ هڪ مڙدي جا سونا ڏند چورائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. عباس جنهن تي سچي محبت جو ڀوت سوار آهي ۽ پراڻين قدرن جو علمبردار آهي اهو آخر ۾ حميده جي عاشقن هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ زندگي جيئن جو تيئن هلندي رهي ٿي.

جمال عبد الناصر پنهنجي زال جي نظر ۾

جمال عبد الناصر پنهنجي زال جي نظر ۾

جمال عبدالناصر کي جديد عرب قوم پرستي جو نشان ڪري ليکيو وڃي ٿو. انهن ماڻهن جي عوامي ۽ قومي زندگي کانسواء سندن ذاتي زندگي به هوندي آهي جنهن جي گھڻو ڪري گھٽ ماڻهن کي خبر هوندي آهي. ان سلسلي ۾ جمال ناصر جي زال طائحه جمال عبدالناصر جو ڪتاب My Husband Nasser سندس زندگي جي گھڻن پاسن تي روشني وجھي ٿو.
ناصر طائحه کي ڪنهن تقريب ۾ ڏٺو هو ۽ پوء هن ان جو سڱ گھريو. سندن مڱڻو ٿيو پر کين اڪيلي ڪٿي گھمڻ ڦرڻ ۽ سينيما وغيره وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ان لاء کين گھر جي ڪنهن فرد کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻو پوندو هو. جيتوڻيڪ اها ڳاله ناصرکي ناگوار لڳندي هئي پر ان سلسلي ۾ هو ڪجھ نه ڪري سگھندو هو. 1944 ۾ سندن شادي ٿي ۽ کيس پنهنجي زال سان اڪيلي گھمڻ ڦرڻ جي آزادي ملي. ناصر ان ڳالهہ کي پسند نه ڪندو هو ته سندس زال سندس دوستن سان ملي. جيڪڏهين ڪو دوست پنهنجي گھر واري سان ملڻ ايندو هو ته اهو ناصر سان ڌار ويهندو هو ۽ گھر واري سندس زال سان ڌار ويهندي هئي. ناصر مذهب سان لاتعلق نه هو. هو نماز به پڙهندو هو ۽ عمرو به ڪيو هئائين.
ان وقت مصر ۾ برطانيا جي فوج موجود هئي. ملڪ ۾ بادشاهت هئي ۽ ناصر فوج ۾ ڪئپٽن هو. ساڳي وقت فلسطين ۾ عرب اسرائيل جنگ پڻ هلندڙ هئي. ناصر کي مصر جي فوجي دستي سان اتي موڪليو ويو. فلسطين ۾ فلوجه جي علائقي، جيڪو گڏيل قومن جي مينڊيٽ موجب فلسطين جو حصو هو ۽ جتي مصر جو فوجي دستو موجود هو، کي اسرائيلي فوج گھيرو ڪيو هو. اهو گھيرو گھڻن ڏينهن تائين هليو ۽ ناصر کي اسرائيلي ڪمانڊر پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاء چيو ويو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ ٻنهي ڌرين ۾ ڳاله ٻوله کانپوء اهو گھيرو ختم ٿيو. اٽڪل ٽن مهينن کانپوء مصري فوج واپس موٽي ۽ ناصر جي نه رڳو هڪ هيرو وانگر آجيان ڪئي ويئي پر کيس ڪرنل جي عهدي تي پڻ ترقي ڏني ويئي.
ناصر پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گھڻو پيار ڪندو ۽ انهن جو گھڻو خيال رکندو هو. هو ساڻن ممڪن حد تائين وقت گذارڻ ۽ سندن ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. گرمين جي موسم ۾ هو انهن کي اسڪندريا ۾ سمنڊ جي ڪناري وٺي ويندو هو. ان وقت هو ٻين فوجي آفيسرن سان گڏ مصر ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هو ۽ سندس گھر انهن سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. گھڻا فوجي آفيسر ساڻس ملڻ ايندا هئا جن ۾ انور سادات به شامل هو. جيڪڏهين ناصر گھر تي نه هوندو هو ته اهي پرچي تي پنهنجو نالو لکي چڏي ويندا هئا جيڪو سندس زال يا نوڪر سندس اسٽڊي ۾ رکي ڇڏيندا هئا. هو پنهنجي زال کي مختلف قسم جا هٿيار ڪٻٽن ۾ رکڻ لاء ڏيندو هو جنهن جي ڪنهن کي خبر نه هوندي هئي. هڪ ڀيري وزيراعظم ناصر کان هٿيارن متعلق معلوم ڪيو ۽ ناصر جي اقرار ڪرڻ تي انهن هٿيارن کي ضبط ڪيو ويو پر کيس گرفتار نه ڪيو ويو. پر ان کانپوء به هٿيارن رکڻ وارو اهو سلسلو بند نه ٿيو. ان سڀ جي باوجود سندس زال کي اها ڄاڻ نه هوندي هئي ته هن ڇا پئي ڪيو ۽ اسٽڊي ۾ پنهنجن دوستن سان جيڪي گڏجاڻيون ڪندو هو انهن جو مقصد ڇا هو. هو پنهنجي زال کي انهن ڪمن ۾ شريڪ نه ڪندو هو.
بادشاهت جي ختم ٿيڻ ۽ فوج جي اقتدار سنڀالڻ کانپوء جيتوڻيڪ جنرل نجيب صدر ٿيو هو پر ڄڻ اصل اختيار ناصر وٽ ئي هو. سندس زال ٻڌائي ٿي ته نجيب ڪڏهين سندن گھر نه آيو هو ۽ نه هن ان کي ڏٺو هو. ڪجھ عرصي کانپوء ناصر کي اها خبر پئي ته نجيب پاران کيس مارائڻ جي سازش رٿي ويئي هئي. ان ڪري نجيب کي صدارت تان فارغ ڪري قيد ڪيو ويو ۽ ناصر پاڻ صدارت جو عهدو سنڀاليو
ناصر جي ذهن ۾ ملڪ جي عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ هڪ سوشلسٽ ۽ غير وابستا مصر جو تصور هو. ان مقصد لاء هن ملڪ ۾ زرعي سڌارا آندا، اسوان ڊيم جي ڪم کي اڳتي وڌايو.ِ سندس سڀ کان اهم قدم سوئز نهر کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ هو جنهن جي نتيجي ۾ پهرين اسرائيل ۽ پوء ان جي حمايت ۾ برطانيا ۽ فرانس مصر تي ڪاه ڪئي. ان حملي وقت هن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ته اسڪندريا موڪلي ڇڏيو هو ته اهي اتي محفوظ رهن پر پاڻ ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء قاهره ۾ ئي رهيو.
ناصر عرب قوم پرستن لاء هڪ اتساه هو. هن شام ۽ مصر جو هڪ وفاق قائم ڪيو هو. سندس زال جو چوڻ آهي ان وفاق جي سالگره جي موقعن تي هو اڪثر هفتن جا هفتا شام ۾ هوندو هو. اهو سلسلو ان وقت ختم ٿيو جڏهين شام ۾ باٿ پارٽي اقتدار سنڀاليو ۽ ان ان وفاق کي ختم ڪيو. ليبيا ۾ انقلاب کانپوء ڪرنل قذافي خاص طور ناصر سان ملڻ ۽ ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لاء مصر آيو هو.
ناصر غير وابستا ملڪن جي تنظيم ٺاهڻ ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ نهرو ۽ مارشل ٽيٽو سان گڏ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهڙي ريت دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان جيڪي ملاقاتون ٿينديون هيون انهن مان ڪجھ دعوتن ۾ سندس زال جي شرڪت لازمي هوندي هئي. ناصر کيس انهن دعوتن جي طور طريقن متعلق ٻڌائيندو هو. ان لاء هن کي فرينچ ته ٿوري گھڻي ايندي هئي باقي کيس انگريزي سکڻي پيئي. سندس چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو جڏهين اهڙي هڪ دعوت ۾ هو خاص مهمان جي ڀر ۾ ويٺي هئي ته مٿس ايتري گھٻرائٽ طاري ٿي جو سندس دل جي دڙڪڻ تيز ٿي ويئي ۽ ناصر سندس حالت ڏسندي کيس اندر ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاء چيو. بهرحال وقت گذرڻ سان هن پنهنجي هن عادت تي قابو ڪري ورتو ۽ منجھس هڪ اعتماد اچي ويو.
مارشل ٽيٽو مصر جي دوري دوران ناصر کي پنهنجي خاندان سان يوگوسلاويا ۾ گرمين جي وئڪيشن گذارڻ جي دعوت ڏني. ان خوشگوار دوري جي پڄاڻي تي جڏهين اهي واپس پئي موٽيا ته وچ سمنڊ ۾ سندن جهاز کي روڪيو ويو ۽ واپس موٽڻ لاء چيو ويو. ڪارڻ اهو هو ان وقت عراق ۾ انقلاب آيو هو ۽ اهو خدشو هو ته سمنڊ ۾ جيڪو آمريڪي بحري ٻيڙو موجود هو اهو ناصر کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو. ناصر ۽ سندس ڪجھ ساٿين کي جهاز تان لاهي سوويت يونين موڪليو ويو جڏهين ته سندس خاندان کي واپس يوگوسلاويا آڻي سخت سيڪيوريٽي ۾ رکيو ويو. ڪجھ ڏينهن کانپوء کين هوائي جهاز رستي قاهره پهچايو ويو.
1967 جي عرب اسرائيل جنگ ۾ مصر جي شڪست ۽ سنائي رڻ پٽ جي هڪ وڏي حصي تي اسرائيل جي قبضي ناصر کي وڏي صدمي ۾ وجھي ڇڏيو هو ۽ هن استعفا ڏيئي ڇڏي هئي. پر سندس ان استعفا کي ماڻهو قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا.ِ کيس استعفا واپس وٺڻ تي مجبور ڪرڻ لاء ملڪ ۾ وڏي پئماني تي مظاهرا شروع ٿي ويا هئا ۽ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد سندس گھر اڏو اچي بيٺو هو. نيٺ ناصر پنهنجو استعفا واپس ورتو. ان موقعي ناصر سان گڏ فوج جي سربراه ۽ ناصر جي دوست حڪيم امر به استعفا ڏني هئي. ناصر جي استعفا واپس وٺڻ کانپوء کيس اها توقع هئي ته هو کيس به پنهنجي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيندو. پر هن ائين نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسرائيل کان شڪست کانپوء هن فوج جي نئين سر تنظيم ڪرڻ چاهي ٿي. ناصر جي ان قدم جي ڪري حڪيم امر مايوس ٿي آپگھات ڪري ڇڏيو.
ناصر پنهنجي ڪم ۾ ايترو رڌل هوندو هو جو کيس پنهنجي صحت جي پرواه نه هوندي هئي. پنهنجي ٽنگ ۾ سور جي ڪري کيس هڪ ٻه ڀيرا علاج لاء سوويت يونين به وڃڻو پيو پر پويان سرڪاري مصروفيتن جي ڪري علاج اڌ ۾ ڇڏي کيس مصر موٽڻو پيو. ساڳي ريت هن پنهنجي دل جي عارضي تي گھڻي توجھ نه ڏني. ناصر جو آخري وڏو ڪم سيپٽمبر 1970 ۾ قاهره ۾ اردن ۾ شاه حسين ۽ پي ايل او ۾ ٺاه ڪرائڻ لاء عرب سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ هو. ان جي ڪجھ ئي ڏينهن کانپوء هو پنهنجي دل جي بيماري مان اٿي نه سگھيو.
ناصر جي ڌي هدا سندس سيڪريٽري جو ڪم ڪندي هئي. ناصر جي وفات کانپوء انور سادات کيس پنهنجي سيڪريٽري ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر هن اها نه قبولي. اسرائيل سان ٺاه ٿيڻ کان اڳ تائين ناصر جي خاندان جا حڪومت سان ناتا ٺيڪ هئا. پر جيئن ته ان خاندان جو ملڪ جي سياست ۾ ڪو سرگرم ڪردار نه هو ان ڪري کين گھڻو تنگ نه ڪيو ويو.
هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ناصر دنيا جي اهڙن ڪجھ اڳواڻن مان آهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي سڃاڻپ آهن.

نائون مل جي زندگي جو هڪ ٻيو پاسو

نائون مل جي زندگي جو هڪ ٻيو پاسو
سيٺ نائون مل هوتچند سنڌ جي تاريخ جو هڪ مشهور ۽ تڪراري ڪردار رهيوآهي. پر سنڌ جي ماڻهن ۾ سندس مشهوري جو ڪارڻ سندس ميرن خلاف انگريزن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ هو جنهن جي ڪري گھڻن پاران کيس غدار به سمجھيو وڃي ٿو. پر ساڳي وقت گھڻا ماڻهو کيس محب وطن، وطن جي آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ، لوڪ ڪهاڻين جو هيرو ۽ هڪ عالم ڪري به ليکين ٿا جنهن پنهنجي ڪاروبار جي واڌ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ علمي ميدان ۾ به ڪم ڪيو. سندس ڪتاب يادگيريون جو سندس پوٽي رائي بهادر الومل ٽريڪمداس ڀوڄواني هندوستان جي تاريخ جي هڪ وسريل باب جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو 1917 ۾ شائع ٿيو. ساز اگر وال پنهنجي ڪتابSindhi Tapestry- An Anthology of Reflections on Sindhi Identity ۾ نائون مل جو هڪ ٻيو پاسو سامهون آندو آهي. اها ڪٿا سيٺ نائون مل جي رامائن جي سنسڪرت مان گورمکي ۾ ڪيل ترجمي جي هٿ سان لکيل مسودي جي آهي جنهن ۾ 1820 عيسوي کان 1860 عيسوي يعني چاليه سالن جو عرصو لڳو هو. اهو مسودو هن وقت نائون مل جي خاندان جي هڪ فرد سباش ڪندن مل وٽ آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو. هو اها سڄي ڪٿا ٻڌائي ٿو.
نائون مل جي پي سيٺ هوتچند پنهنجي پٽ کان پڇيو ته هاڻي جڏهين هو بلوغت جي عمر جي ويجھو آهي ته ان جو پنهنجي زندگي گذارڻ متعلق ڇا ارادو آهي. سيٺ هوتچند مٿس واضح ڪيو ته هڪ سٺي خاندان سان واسطو هئڻ جي ڪري تومان هڪ سٺي گھر هلائيندڙ، سٺي مڙس، پي، ڀاء، دوست،ِ پاڙيسري، ذميوار واپاري ۽ پنهنجي برادري لاء هڪ مفيد فرد هئڻ جي توقع ڪري سگھجي ٿي. کانئس حقيقي ۽ اصل سوال اهو ڪيو ويو ته تون پنهنجي روحاني زندگي جي ترقي لاء ڇا ٿو سوچين؟ ڪهڙو ڪم يا ڪهڙا ڪم تون انجام ڏيندين جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي ۽ گڏوگڏ ان سان تنهنجي روح جو سفر به اڳتي وڌي ۽ ان کي وڌيڪ تقويت ملي.؟ ان تي نائون مل پنهنجي پي کي چيو ته کيس ان تي سوچڻ لاء ڪجھ وقت گھرجي. ڪجھ وقت کانپوء نائون مل پنهنجي پي کي چيو ته هن ان سلسلي ۾ سوچيو آهي ته هو رامائن جو سنسڪرت مان گورمکي ۾ ترجمو ڪندو. ان وقت گورمکي اتر هندوستان ۾ پنجابين، سنڌين ۽ گرو نانڪ جي وڌنڌڙ پوئلڳن ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي هئي. سيٺ هوتچند اهو ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ پنهنجي پٽ کي چيو ته هو ان معاملي تي سنجيدگي سان ويچار ڪري. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ايترو سولو ناهي. ان سلسلي ۾ کيس سنسڪرت ۽ گورمکي ۾ مهارت حاصل ڪرڻي پوندي ۽ ساڳي وقت کيس رامائن جي پيچيده اصطلاحن۽ تشبيهن وغيره جي سمجھ ۽ رامائن جي لڪل جوهر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي. اهو اهڙو ڪم آهي جنهن جڳن کان عالمن، اڪابرن ۽ پوئلڳن کي مصروف رکيو ۽ گھڻن ان ڪوشش ۾ دنيا ئي تياڳي ڇڏي. هن کيس وينتي ڪئي ۽ کيس هوشيار ڪيو ته هو جيڪڏهين ان ڪم ۾ ناڪام ويو ته کيس روحاني طور وڏو هاڃو رسندو. ان تي نائون مل کيس مطمئن ڪندي جواب ڏنو ته ان جي ڪري سندس ٻيا ڪم متاثر نه ٿيندا ۽ هو پنهنجا دنيا داري جا ڪم گھر جون ۽ واپار وغيره جون ذميواريون ساڳي ريت پوريون ڪندو ۽ پنهنجي ان ڪم سان به وفادار رهندو.
اهو واضح ناهي ته هن ڪڏهين اهو ڪم شروع ڪيو پر هن ان کي 1820 کان 1860 عيسوي تائين پنهنجي سڄي روزاني جي ڪم جو هڪ حصو ٺاهي ڇڏيو. اها سنڌ ۾ بجلي اچڻ کان گھڻو اڳ جي ڳاله آهي. ان ڪري هو ميڻ بتي يا لالٽين جي روشني ۾ وڏي محنت سان مس ڪپڙي مان قلم ٻوڙي اهو ڪم ڪندو هو.
پنج سو صفحن تي ٻڌل هٿ سان لکيل اها دستاويز، جنهن جا اکر هاڻي وقت سان گڏ ڪجھ ڌنڌلا ٿي ويا آهن، نهايت مهارت ۽ صاف سٿري نموني سان پني جي ٻنهي پاسن کان هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لکيل آهي. سامهون ۽ پٺيون پاسو ڪارڊ پورڊ سان سوٽي ڪپڙي ۾ جلد ٿيل آهي. جڏهين ان کي بند ڪجي ته اهو پنج انچ ٿلهو، ڏه انچ ويڪرو، چوڏنهن انچ ڊگھو ۽ وزن ۾ ڏه کن پائونڊ آهي. جيڪڏهين ان کي کوليو وڃي ته اهو پوتر گرو گرنٿ صاحب جيان لڳندو ۽ ڊيگھ ۾ اٺاويهہ انچ ٿيندو.
ان دستاويز کي 1947 ۾ ورهاڱي جي وڳوڙن دوران ڪراچي کان منتقل ڪيو ويو. پهرين ان کي جبل پور ۾ رکيو ويو جتان ان کي ليکڪ جي مامي نارو ڪي ڀوجواڻي جي گھر دهلي موڪليو ويو. نيٺ ان کي بمبئي موڪليو ويو جتي اهو پنجويه سال رهيو. اتان ان کي لندن، پوء نيويارڪ ۽ بالٽي مور موڪليو ويو ۽ هن وقت اهو ليکڪ وٽ آمريڪا ۾ آهي. نائون مل جو خاندان هر ڏياري تي ان کي ان ڏڻ جو حصو ٺاهي پنهنجي آڏو رکندا هئا. ان جي ڪور تي سيندور جا نشان آهن جيڪي نائون مل جو اولاد سالن تائين ان تي هڻندو آيو هو. ان کي محفوظ رکڻ لاء خاندان جون عورتن وقت بوقت ان کي سوٽي ۽ ريشمي جلدن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن.
پنهنجن پوئينرن کي نصيحت ڪندي نائون مل لکي ٿو ته جڏهين آئون پندرنهن سالن جو هوس ته مون سنسڪرت، گورمکي ۽ گجراتي پڙهڻ سکيون. ان وقت کان وٺي مون مذهب ۽ حڪومت جي اصولن متعلق لاتعداد ڪتاب پڙهيا آهن ۽ اهو منهنجو پختو عقيدو آهي ته انسان پنهنجي وقت ۾ اهو ڪجھ حاصل ڪري وٺي ٿو جيڪو خدا ان جي مقدر ۾ لکيوآهي. ان ڪري ان کي راضي برضا رهڻ گھرجي. ڪنهن کي ۽ ايستائين ته دشمن کي به تڪليف پهچائڻ کان پرهيز ڪجي. سٺو عمل ڪجي ۽ ماڻهو جي ڀلائي جي خواهش ڪجي. دنيا فاني آهي ۽ اها تيزي سان گذري ويندي. هميشه خدا کي ياد ڪيو ۽ ان ۾ يقين رکو. غريب تي رحم ڪيو، پنهنجي حيثيت موجب خيرات ڪيو ۽ خراب ماڻهن جي صحبت کان پري رهو.
تاريخ ۾ اهڙا گھڻا ڪردار ملندا جن جو تاريخدانن پنهنجي مرضي موجب رڳو هڪ چڱو يا خراب پاسو ماڻهن آڏو پيش ڪيو آهي ۽ پوء گھڻا رڳو ان تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهندا آهن. ساڳي ريت سيٺ نائون مل جو به رڳو هڪ پاسو پيش ڪيو ويو آهي جيڪو پاڻ بحث طلب آهي. ٻين موضوعن ۽ مضمونن جيان تاريخ به لاڳيتي تحقيق ۽ کوجنا جي گھر ڪري ٿي ۽ اها ڳالهہ سنڌ جي تاريخ سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي.

نسيم کرل

نسيم کرل

ڪجھ دوستن سان هڪ ڪچهري ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ وڏي عمر جي دوست، جنهن جا ڪهاڻيڪار نسيم کرل سان دوستي وارا ناتا هئا، هڪ واقعو ٻڌايو. سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيري نسيم جي دعوت تي آئون سندس ڳوٺ ويس. سي جو موسم هجي. رات جو اسان ڪجھ دوست مچ جي چوڌاري ويٺا هئاسين ته ڪجھ ماڻهو هڪ همراه کي پڪڙي وٺي آيا ۽ نسيم کي چيائون ته سائين هن چوري ڪئي آهي. هڪ ڀيرو اڳ به هن چوري ڪئي هئي پر ان وقت اسان کيس ٿڪ بجو ڪري ڇڏي ڏنو هو پر هي نه مڙيو ۽ هن وري چوري ڪئي آهي. نسيم هن همراه کان پڇيو ته ڇا واقعي تو چوري ڪئي آهي ته هن پنهنجو ڏوه باسيو ۽ جڏهين نسيم هن کان اڳ ڪيل چوري جو پڇيو ته هن ان جو به اقرار ڪيو. نسيم کيس چيو ته هاڻي جڏهين تو پنهنجو ڏوه قبول ڪيو آهي ته تون پاڻ ٻڌائي ته تو سان ڇا ڪجي. تو کي پوليس جي حوالي ڪجي يا راڄوڻي ڪجي. هن همراه شايد اهو سمجھيو ته راڄوڻي ۾ سائين کيس ٿڪ بجو ۽ مار موچڙو ڪري ڇڏي ڏيندو سو هن چيو ته راڄوڻي ڪيو. نسيم ڇا ڪيو ته مچ مان هڪ ٻرندڙ ڪاٺي ڪڍي ان همراه جي پير کان مٿي مري واري سڄي حصي کي چوڌاري ڏنڀ ڏنائين. اهو ايترو ته شديد هو جو ان حصي جو سڄو گوشت ٻاهر نڪري آيو.
نسيم جي ان دوست جو واسطو ڪراچي سان هو ۽ پاڻ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو. ساڳي وقت کيس اها به خبر هئي ته نسيم پاڻ سنڌي افساني جو هڪ اهم نالو آهي. اها ڳالهہ سندس لاء ڇرڪائيندڙ هئي. سندس چوڻ هو ته هن ان مهل ئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نسيم کي چيو ته هاڻي جيڪڏهين توسان منهنجي ڪراچي ۾ ملاقات ٿي ته مون کان ڪنهن چڱي ورتاء جي اميد نه رکجان.

نڪسل، آديواسي ۽ ڀارت سرڪار

نڪسل، آديواسي ۽ ڀارت سرڪار

نڪسل باڙي تحريڪ متعلق مختلف زاوين سان گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته اها ڀارت جي وڏن سرمائيدارن، بورجوازي ۽ گھڻ قومي ڪمپنين جي مقامي ماڻهن ۽ خاص طور جهنگل ۾ رهندڙ ماڻهن، جن کي آديواسي چيو وڃي ٿو خلاف جنگ، انهن کي پنهنجن گھرن مان تڙڻ ۽ انهن جي وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت آهي. ان تحريڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽي (مائوسٽ) جو اهم ڪردار رهيو آهي. پارٽي کي علائقي جي ماڻهن جي وڏي حمايت حاصل آهي. ان حوالي سان تازو منهنجي مطالعي ۾ ليکڪا نندني سندر جو ڪتاب The Burning Forest – India’s war against the Maoists رهيو. ليکڪا چتيش ڳڙه جي ڏکڻ ۾ بستر جي 39114 چورس ڪلوميٽر جي بسٽر ضلعي جي صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو مزاحمت ۽ ماڻهن جي درد ۽ تڪليفن ۾ ورهايل آهي. اهو علائقو ڄڻ ته ڀارت سرڪار جي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) جي خلاف جنگ جو مرڪز رهيو آهي. هڪ پاسي سرڪار جا هيلي ڪاپٽر، فوجي سازوسامان، خاردار تارن وارا ڪئمپ، سڙڪون ۽ کاڻيون آهن جيڪي جهنگل ۾ پري تائين هليا وڃن ٿا ته ٻئي پاسي ڪميونسٽ پارٽي جي جناٿن سرڪار يا عوامي حڪومت جون مبهم سرحدون ۽ اطلاعن جا پراسرار ذريعا آهن.ِ سندن حڪومت ڄڻ عوام جي دلين تي آهي.
هتان جي ماڻهن جي پنهنجي علائقي سان هڪ جذباتي وابستگي آهي. هتي ڪنهن ڌارئين جي مداخلت سندن لاء برداشت جوڳي نه هوندي آهي. انگريزن، جن هن علائقي جي وسيلن جي استحصال لاء خاص قانون ٺاهيا هئا، جي اهڙن قدمن جي پڻ مزاحمت ڪئي ويئي هئي. آزادي کانپوء به اهڙن قانونن کي برقرار رکيوويو. هن علائقي ۾ جيتوڻيڪ آديواسين جي گھڻائي آهي پر اختيار ۽ اقتدار ٻين علائقن مان آيل ماڻهن کي حاصل آهي جيڪي هتان جي واپار ۽ ٻين وسيلن تي قابض آهن ۽ علائقي متعلق فيصلن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. انهن ماڻهن کي اهم جاين جهڙوڪ روڊ رستن جي ڪنارن سان آباد ڪيو ويو آهي ته جيئن کاڻين ۽ ٻين تنصيبات تائين پهچڻ ۾ گھڻي رنڊڪ پيدا نه ٿئي. نوآبادياتي حڪمرانن جو اهو وطيرو رهيو آهي ته مقامي ماڻهن کي گھٽ، نااهل ۽ ايستائين ته انسان کان به گھٽ درجي جو ثابت ڪيو وڃي ته جيئن کين پنهنجي استحصال ۽ ڦرمار جو جواز ملي سگھي. بلڪل اهڙي ريت جھنگل جي انهن ماڻهن کي سرڪار پاران جانور جي طور پيش ڪيو ويو آهي. ڀارت جي سياحت جي اشتهارن وغيره ۾ هتان جي هڪ ننڍي ڇوڪري کي جھڪي جانورن جيان وات سان تلاء مان پاڻي پيئندي ڏيکاريو ويندو هو. مختلف تنظيمن جي احتجاج کانپوء ان اشتهار کي واپس ورتو ويو.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب هن مائوسٽن جي حمايت ۾ نه پر ڀارت جي جمهوريت جي ڪمزورين ۽ ان جي پنهنجن ماڻهن سان روين متعلق لکيو آهي. هڪ پاسي اهو سندس پنهنجو ڪٿارسس به آهي جيڪا هڪ بيوسي جي ڪيفيت ۾ ماڻهن جي ڪوس ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم کي ڏسي رهي هجي. ٻئي پاسي اهو انهن عام آديواسين لاء لکيو ويو آهي جن کان هو واقف آهي ۽ جن منجھيل صورتحال ۽ رڪاوٽن ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا آهن ۽ انهن مان گھڻن سندس تصور کان وڌيڪ بهادري وارا ڪم ڪيا آهن.
هن وقت هن علائقي جي ماحول ۽ هتان جي ماڻهن جو جياپو ڄڻ دائو تي لڳل آهي. هتان جا معدني ذخيرا ۽ دريا ملڪي ۽ پرڏيهي سرمايا داران لاء وڏي ڇڪ جو باعث آهن. حڪومت پاران ٽاٽا، ايسڪس ۽ ٻين گھڻ قومي ڪمپنين کي مختلف پروجيڪٽ ڏنا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ جهنگل کي صاف ڪرڻ سان گڏ هتان جي ماڻهن کي وڏي پئماني تي بي گهر ڪري لڏايو پيو وڃي. ان جي خلاف ملڪ جي انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ فردن آواز اٿاريو آهي ۽ نڪسل به انهن جو هڪ حصو آهي.
1980 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ مائوسٽن بسٽر کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو. شروع ۾ انهن ماڻهن کي سرڪاري آفيسرن جي زيادتين کي منهن ڏيڻ لاء تيار ڪيو. حڪومت سان سالن تائين سندن خودرو قسم جون جھڙپون هلنديون آيون. حڪومت پاران ان کي هڪ امن امان جو مسئلو سمجھيو ٿي ويو جيڪا مائوسٽن يا ڪميونسٽ پارٽي لاء هڪ انقلابي تحريڪ هئي. نيٺ 2005 ۾ حڪومت پاران علائقي تي پنهنجي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاء ان تحريڪ کي سختي سان ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي ته مختلف ملڪن ۾ عوامي تحريڪن ۽ بغاوتن جون پنهنجيون مقامي خاصيتون به هونديون آهن جڏهين ته حڪومتن پاران انهن بغاوتن ۽ تحريڪن کي منهن ڏيڻ لاء پوء ڀلي اهو سري لنڪا هجي، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جو ڪو ملڪ هجي، هڪ جهڙا طريقا ئي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي ئي تربيت جي مختلف ادارن ۾ رياست جي ڪارندن کي سيکاريا وڃن ٿا.
حڪومت مقامي ماڻهن ۽ باغين خلاف پوليس ۽ فوج جي استعمال ڪرڻ سان گڏ بسٽر جي جهنگل ۾ هيلي ڪاپٽرن جو استعمال به ڪيو. ان ۾ حڪومت پاران ميزو ۽ ناگا فورس جو به استعمال ڪيو ويو. اها واقعي هڪ سوچڻ جهڙي ڳاله آهي ته ناگا جن هڪ ڊگھي عرصي تائين ڀارتي فوج سان ويڙه ڪئي ۽ ان جا ظلم سٺا اهي پاڻ کي ڀارتي محب وطن قرار ڏين ٿا ۽ ڀارتي فوج جو حصو بڻجي ڪم ڪن ٿا. اهي ساڳي وقت ٻين ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۾ نه رڳو ڪا هٻڪ محسوس نه ٿا ڪن پر هڪ لحاظ کان اڳي کان اڳرا آهن. هتي بسٽر ۾ انهن ماڻهن کي مارڻ ۽ آديواسي عورتن سان زوري زنا ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏي. هتي نون ڄاول ٻارن ۾ ناگا ۽ آديواسين جون گڏيل خاصيتون نظر آيون. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن هتي اچڻ سان ڪتن ۽ سورن جو تعداد گھٽجي ويو. اهي ڪتو سو روپين ۾ وٺندا هئا جڏهين ته آديواسي عورت جا هزار روپيا ڏيندا هئا.
رياستي ادارن جي طاقت کي استعمال ڪرڻ سان گڏ حڪومت پاران پنهنجن حامين کي مائوسٽن خلاف تحرڪ ۾ آڻي اهو تاثر ڏنو ويو ته اهو ماڻهن جو ڪميونسٽن جي زيادتين خلاف پنهنجو ۽ خود رو ردعمل آهي. 2009 ۾ ان کي باقاعدي طور سرڪاري سرپرستي ڏيئي هڪ پوليس فورس جي صورت ۾ ان کي هٿيار ۽ ٻيو سازوسامان مهيا ڪيا ويا. ان کي مقامي ٻولي ۾ سلوا جدوم جو نالو ڏنو ويو مطلب ته اهڙي تحريڪ جيڪا علائقي کي باغين کان صاف ڪندي. ان سان گڏوگڏ خاص پوليس فورس قائم ڪئي ويئي جنهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي نڪسل کان ڌار ٿي آيا هئا ۽ اهي باغين خلاف جاسوس طور استعمال ٿيندا هئا. انهن جي پوليس فورس وانگر ڪا مستقل حيثيت نه هئي ۽ نه ئي انهن جي گھڻي پگھار هوندي هئي. حڪومت جيڏي مهل چاهي انهن کي فارغ ڪري ڇڏيندي هئي.. ان ۾ گھڻا اهڙا به هوندا هئا جيڪي رڳو روزگار خاطر انهن ۾ شامل ٿيندا هئا. ساڳي ريت اهي مائو باغين جي نشاني تي به هوندا هئا.
علائقي جا عام ماڻهو جيڪي سڌي ريت ان بغاوت جو حصو ۽ ان ۾ شامل نه هئا. هر ملڪ جيان انهن مان گھڻن جون باغين سان همدرديون هيون ۽ گھڻا اڻ ڌريا هئا. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي نڪسل باغين پاران پناه گاه ۽ کاڌ خوراڪ جي فراهمي لاء استعمال ڪيو ويندو هو. ان ۾ اتان جي ماڻهن جي رضامندي جو شامل هئڻ ضروري نه هو.
سلوا جدوم ۾ مقامي ماڻهن کي زوري شامل ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد انهن پاران نڪسل جي نشاندهي ڪرڻ هو. بجائي باغين کي ختم ڪرڻ جي ان تحريڪ ڪنهن امتياز کانسواء ڳوٺاڻن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي. سندن نالو ئي ڳوٺاڻن لاء هڪ دهشت ۽ ڊپ جي علامت هو. ڳوٺن کي باهيون ڏيڻ، عورتن سان زنا ڪرڻ ۽ مال ملڪيت جي ڦرمار سندن طريقه ڪار هو. ڳوٺاڻن کي جيئن ئي سندن اچڻ جي خبر ملندي هئي ته اهي پنهنجا گھر ٻار ڇڏي جهنگلن ڏانهن ڀڄي ويندا هئا. حڪومت پاران مختلف ڪئمپ قائم ڪيا ويا هئا جتي ماڻهن کي ڳوٺن مان لڏائي رهايو ويندو هو. جيڪي انهن ڪئمپن ۾ اچڻ کان انڪار ڪندا هئا انهن جي لاء اهو فرض ڪيو ويندو هو ته اهي مائوسٽن جا حامي آهن. انهن ڪئمپن قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته ڳوٺن کي ڊاهي جھنگل کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن ڪمپنين وغيره کي کاڻين ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ رٿائن تائين پهچڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي ۽ انهن کي ماڻهن جي ڪنهن مزاحمت کي منهن ڏيڻو نه پوي.
سلواجدوم جي انهن ڪارواين ۽ جھنگ صاف ڪري ڪئمپ وغيره قائم ڪرڻ ۽ اتي مختلف سهولتن جي فراهمي جي ڪري اهي ڄڻ شهرن جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا ۽ هڪ لحاظ کن اتي شهرن هئڻ جو عمل ٿيڻ لڳو هو.
گهڻا ڳوٺاڻا ان ظلم کان جهنگل ڏانهن ڀڄي ويا ۽ گھڻا پاسي واري رياست آندرا پرديش هليا ويا جتي اهي اڳ به روزگار وغيره جي سلسلي ۾ ويندا رهندا هئا. آديواسين ۾ گھڻا پڙهيل ڳڙهيل بيروزگار نوجوان به هئا جيڪي پنهنجو مفاد ان ڳالهہ ۾ سمجھندا هئا ته علائقي ۾ مختلف رٿائن شروع ٿيڻ ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۾ ان ريت سندن مفاد آهي ته کين روزگار ملندو ۽ اهي ذاتي طور خوشحالي ماڻيندا.
ان صورتحال ۾ ماڻهن کي عدالتن کان ڪنهن ريليف ملڻ جي توقع گھٽ هوندي هئي. ماڻهو پاڻ ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل ڪارڪن ۽ وڪيل مختلف معاملن ۾ عدالتن سان رجوع ڪندا هئا. پهرين ڳالهہ ته انهن جي شنوائي ٿيڻ ڏکي ڳاله هوندي هئي ۽ جيڪڏهين عدالتن پاران سندن حق ۾ ڪو فيصلو ڏنو به ويندو هو ته ان تي عمل نه ٿيندو هو ۽ نه ئي عدالتون ان ڳالهہ جي پوئواري ۽ پڪ ڪنديون هيون ته ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه. ساڳي ريت رياستي ادارن جي ڏاڍ خلاف ماڻهن جي دانهن کي ملڪ جي مين اسٽريم پريس ۽ ٻئي ميڊيا به ڪا ڪوريج ۽ اهميت نه ٿي ڏئي. اهي سيڪيوريٽي ايجنسين ۽ حڪومت جي موقف کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ان کي ماڻهن تائين پهچائيندا هئا. اهڙي ريت اتان جي ماڻهن جو هڪ منفي تاثر ڏنو ويندو هو ته اهي ملڪ جا دشمن ۽ ترقي جا مخالف آهن.
حڪومت پاران ماڻهن ۽ علائقي جي ڀلائي ۽ ترقي لاء جيڪي ڪجھ ڪيو ويو اهو انهن ڳالهين مان ظاهر آهي. هتان جي کاڻين مان ساليانو ٻه ڪروڙ ٽن لوهي معدنيات حاصل ڪئي وڃي ٿي. پر علائقي جا ماڻهو بکيا سمهن ٿا. هتان جا آديواسي ملڪ جي غريب ترين ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. هتي 2011 ۾ غريب ترين ماڻهن جو تناسب 45.3 سيڪڙو هو جيڪو ملڪ جي سراسري غربت جي سظح جي 25.4 سيڪڙو کان گھڻو وڌيڪ هو. هتي حڪومت جي نظر ۾ ترقي جو مطلب ئي سيڪيوريٽي تي خرچ ڪرڻ آهي. تعليم ۽ صحت جون اڻ پوريون سهولتون آهن. بجيٽ جو هڪ وڏو حصو ٿاڻن کي محفوظ ڪرڻ، پوليس ٰ ۽ ٻين فورسز کي هٿيار وٺي ڏيڻ وغيره تي خرچ ٿئي ٿو. گھڻو زور سڙڪن جي تعمير تي آهي. بجيٽ جو اٽڪل چاليهہ سيڪڙو ان تي خرچ ٿئي ٿو. ان جو بنيادي مقصد جهنگل ۾ پري تائين هڪ ته سيڪيوريٽي فورسس کي باغين تائين رسائي ڏيڻ ۽ ٻيو معدني وسيلن جي کاڻين تائين رسائي حاصل ڪرڻ آهي. ڏٺو وڃي ته ان جو آديواسين کي ڪو فائدو ناهي. ڇاڪاڻ ته موٽر ڪار وغيره ته پري جي ڳاله آهي انهن جي هڪ سيڪڙو کان به گھٽ ماڻهن وٽ سائيڪلون آهن. اٺ سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ ٽي سيڪڙو صحت تي جڏهين ته رڳو 0.81 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻي لاء آهي.
جيتوڻيڪ بي جي پي جو باغين خلاف مهم ۾ وڏو حصو آهي پر ٻين وڏين سياسي جماعتن جهڙوڪ ڪانگريس وغيره مان به باغين کي ڪا سهائتا نه ٿي ملي . اها سلوا جدوم ۽ ٻين مسئلن تي ورهايل هوندي هئي. ايستائين ته پارٽي جا راهول گانڌي ۽ سونيا گانڌي جهڙا اڳواڻ ان بنياد تي سيڪيوريٽي فورسز جي ڪاروائين جي حمايت ڪن ٿا ته ان سان مائوسٽن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي ريت اها ڄڻ انهن جي مخالفت ۾ ئي هوندي آهي. ساڳي ريت وزير اعظم من موهن سنگھ ۽ سندس گھرو وزير پڻ سلوا جدوم جي ڪارواين کي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. انهن جماعتن جي لاتعلقي جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته رياستي اسمبلي ۾ 2005 کان 2015 تائين ڪنهن رڪن انهن ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز نه اٿاريو. اهي ميمبر ان وقت ڳالهائيندا هئا جڏهين مائوسٽ سيڪيوريٽي فورسز تي حملا ڪندا هئا ۽انهن حملن ۾ انهن جا ڪي ماڻهو مرندا هئا. نڪسل جا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان جيتوڻيڪ اختلاف آهن ۽ اهي گهڻين ڳالهين ۾ هڪٻئي سان متفق ناهن هوندا پر ملڪ جي اهم جماعتن مان اها واحد جماعت آهي جيڪا هتان جي ماڻهن سان گڏ هوندي آهي. سندس ان گھر جي ڪري ته ڀارت جي قانون ۾ شيدول 6 تحت ان علائقي جي زمين وغيره جي حوالي سان سڀ فيصلا هتان جي مقامي ماڻهن جي رضامندي سان ڪيا وڃن ان کي سلوا جدوم، سيڪيوريٽي فورسز،ِ بي جي پي ۽ ڪانگريس پاران پنهنجي لاء سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪري ليکيو ويندو آهي. ان جماعت جي اهم ڳالهہ اها آهي ته ان جي اڳواڻن مان گھڻائي جو واسطو مقامي آديواسين سان آهي جڏهين ته اها ڳالهہ مائوسٽن لاء به نه ٿي چئي سگھجي.
انساني حقن جا مختلف گروپ جيڪي علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي پڻ سلوا جدوم. سيڪيوريٽي فورسز ۽ حڪومت پاران باغين جي حامي مخالف قوت طور ڏٺو وڃي ٿو.
تجزيه نگار ان ڳالهہ تي زور ڏين ٿا ته انهن جماعتن جي ان روئي هڪ سياسي خال کي جنم ڏنو آهي جنهن جي ڪري صورتحال ويتر خراب ٿي آهي. اهي ان حوالي سان آندرا پرديش جو حوالو ڏين ٿا جتي وڏين سياسي جماعتن جي شموليت جي ڪري مسئلي جي حل ۾ مدد ملي هئي.
ڪشمير جيان انهن علائقن ۾ به چونڊن وغيره ڪرائڻ ۽ پنهنجي اختيار کي صحيح ثابت ڪرڻ لاء سيڪيوريٽي جي فراهمي، فوج، هيلي ڪاپٽر ۽ ٻين هٿيارن وغيره تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهين اهو پئسو علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي تعليم، صحت، روزگار ۽ صاف پاڻي وغيره جي فراهمي تي خرچ ڪيو وڃي ته ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري اچڻ سان گڏوگڏ علائقي جي صورتحال ۾ به بهتري اچي سگھي ٿي.
رياست باغين سان ڳالهہ ٻولهہ ۽ کين رعايتن ڏيڻ کي پنهنجي شڪست سمجھندي آهي ۽ اها ساڳي صورتحال ڀارت سرڪار سان به آهي. بهرحال اهو ته طئي آهي ته ڳالهہ ٻولهہ کانسواء ان مسئلي جو ٻيو ڪو حل ڪونهي.

ڪانگريس ۽ مذهب جي سياست

ڪانگريس ۽ مذهب جي سياست

ورهاڱي کانپوء ڪانگريس تي مذهبي انتها پسندن جو دٻاء وڌي ويو هو. نهرو جي شخصيت جي اثر جي ڪري انهن کي گھڻي ڇوٽ نه ٿي ملي. پر ان جي باوجود به انهن پنهنجو ڪم ڪيو ٿي. آزادي کانپوء شروعاتي ڏينهن ۾ ئي هڪ پوليس آفيسر گھرو وزير جي آشير واد سان بابري مسجد ۾ مورتيون رکرائي ڇڏيون ۽ اتي باقاعدي پوڄا ٿيڻ لڳي. بابري مسجد ۽ رام مندر واري معاملي تي نهرو جو موقف اهو هو ته ان جاء جي رام مندر هئڻ متعلق ڪا تاريخي ثابتي ناهي ان ڪري ان کي پنهنجي موجوده حيثيت ۾ ئي رهڻ ڏجي. ان سلسلي ۾ هن جڏهين گھرو وزير کان پڇا ڪئي ته هن پنهنجي اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو ۽ سڄو ڏوه ۽ سزا جو بار پوليس آفيسر کي کڻڻو پيو.
ڏٺو وڃي ته بابري مسجد جو تنازعو مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ارڙهين صدي کان هلندو اچي. 1949 ۾ اتي مورتين رکڻ جي واقعي کانپوء ان کي ڪلف لڳايو ويو ۽ مسلمان ۽ هندو ٻنهي کي ان ۾ داخل ٿيڻ کان منع ٿيل هئي. هندو انتها پسندن پاران گھڻا ڀيرا بابري مسجد کي ڊاهڻ ۽ مندر ٺاهڻ لاء ڪوششون ورتيون ويون. وشوا هندو پريشاد جي آشير واد سان بي جي پي جي اڳواڻ آڏواڻي جي 1990 ۾ رٿ ياترا کانپوء دسمبر 1992 ۾ مسجد کي ڊاهڻ لاء ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ايوڌيا ويو. هن ڀيري جڏهين هو ان ۾ ڪامياب ٿيا ته رياست جي حڪومت پاران ان متعلق ڪي قدم نه کنيا ويا جڏهين ته ان وقت مرڪز ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي ۽ نرسمارائو وزير اعظم هو. ليکڪ ٻڌائئ ٿو ته بجائي ان سڀڪجھ کي روڪڻ ۽ ان ياترا ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪو قدم کڻڻ جي هو پوڄا لاء ويهي رهيو ۽ اها هدايت ڪيائين ته جڏهين مسجد کي ڊاهڻ جو ڪم پورو ٿي وڃي ته کيس ٻڌايو وڃي ۽ هن ٺيڪ ان وقت پنهنجي پوڄا ختم ڪئي جڏهين کيس ان ڪم پوري ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو. ان واقعي جي ڪري نه رڳو ڀارت پر پوري ننڍي کنڊ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، ملڪيتن جو نقصان ٿيو ۽ ڪيترا ماڻهو مري ويا. ان جو سياسي فائدو بي جي پي ۽ جن سنگھ پريوار کي ئي پهتو جڏهين ته ڪانگريس سياسي طور به وڃايو ۽ سندس سيڪيولر ڪردار کي پڻ نقصان پهتو.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته نهرو پنهنجي ديهانت تي مذهبي رسمن وغيره ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. پر اندرا گانڌي پاران باقاعدي اهي سڀ رسمون ڪرايون ويون، بنارس مان پنڊت گھرايا ويا، گنگا جل گھرايو ويو ءَ جاپ ڪرايا ويا. هن نهرو جي بيمار هئڻ وقت هڪٻئي ڪانگريسي اڳواڻ گلزاري لال سان گڏجي جاپ به ڪرايا هئا. نهرو جي ڀيڻ لڪشمي پنڊت جو چوڻ هو ته اهو سڀڪجھ اندرا گانڌي جي چوڻ تي ٿيو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته شايد نهرو جو پنهنجن آخري ڏينهن ۾ مذهب ڏانهن رويو ڪجھ تبديل ٿي ويو هو. نهرو جي ديهانت کانپوء گلزاري لال جو چوڻ هو ته بيماري دوران جاپ ڪرائڻ سان سندس زندگي ۾ ڪجھ وقت جي واڌ ٿي هئي ۽ جيڪڏهين هو پنهنجي ڪابينا ۾ هڪ همراه، سندس مراد لال بهادر شاستري سان هئي، کي نه کڻي ها ته اڃا ڪجھ عرصو وڌيڪ جيئرو رهي ها.
اندرا گانڌي جو مذهب متعلق هڪ منجھيل رويو هو.سندس چوڻ هوندو هو ته ملڪ جا سڀ مذهب سندس لاء اهم آهن ۽ انهن جي اهميت سياست کان وڌيڪ ڪلچر سان آهي. ذاتي طور تي سندس گھر ۾ پوڄا جو ڪمرو هو جتي مورتيون وغيره رکيل هيون. هو مختلف ڪمن جي ڪرڻ جي لاء شگن ڏسندي هئي. نهرو جي وزيراعظم طور تين مورتي ۾ منتقل ٿيڻ جو ڏينهن ۽ وقت به هن پنڊتن جي صلاح سان طئي ڪيو هو. نهرو جي بيماري ۽ ديهانت وقت مذهبي رسمن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي جن ۾ اندرا جو وڏو هٿ هو. اندرا جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته سندس سيڪيولرازم جي حوالي سان ڪا واضح پاليسي نه هئي. هو پنهنجي سياسي ضرورتن آهر مختلف مذهبن جو استعمال ڪندي هئي. سندس ان پاليسي جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ هم آهبگي پيدا نه ٿي سگھي بلڪ منجھن اختلاف ۽ ويڇا اڃا وڌي ويا جنهن جو سياسي فائدو بي جي پي، جنهن جي اڳ پارليامينٽ وغيره جي حوالي سان ڪا حيثيت ئي نه هئي، کي مليو.
ڪانگريس جي اڳواڻن پاران مذهب جي سياسي مقصدن لاء استعمال هڪ پاسي ڀارت جي سيڪيولر ڪردار کي متاثر ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي ملڪ ۾ فرقيواريت کي وڌائڻ ۽ مذهبي فسادن جي همت افزائي ڪئي آهي. ان صورتحال ڀارت جي گھڻن خيرخواهن کي مايوس ڪيو آهي.
ليکڪ پنهنجي ڪابل جي دوري دوران اتي خان غفار خان سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو اتي نهايت سادي زندگي گذاري رهيو هو. ليکڪ سوچي ٿو ته هي ماڻهو جيڪڏهين ڀارت ۾ هجي ها ته ڪيڏي نه شاندار زندگي گذاريندو هجي ها. پر ڏٺو وڃي ته اهو سرحدي گانڌي جو زندگي گذارڻ جو پننهنجو طريقو هو. هو ڀلي ڪٿي به هجي ها زندگي ائين ئي گذاري ها. غفار خان کانئس پڇيو ته ڇا 1970 ۾ گجرات ۾ جيڪي فساد ٿيا هئا انهن ۾ گھڻا مسلمان مارجي ويا هئا. ليکڪ ان جو جواب هاڪار ۾ ڏنوته غفارخان پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ٿو ته نهرو کيس چيو هو ته جڏهين هندوستان انگريز کان آزاد ٿيندو ته اهي مذهبي فساد وغيره ختم ٿي ويندا پر ائين ناهي ٿي سگھيو.
ساڳي ريت جڏهين ليکڪ ڀارت پاران لندن ۾ هائي ڪمشنر هو ته اتي هن ليکڪ ۽ ناول نگار سلمان رشدي سان ملاقات ڪئي جنهن جو واسطو ڀارت جي شهر ممبئي سان آهي. رشدي کيس ٻڌايو ته هن اهو سوچيو پئي ته هاڻي پنهنجو گھڻو وقت ممبئي ۾ گذاري. پر هن وقت اتي مذهبي نفرت ۽ تفرقي جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ سندس لاء ائين ڪرڻ ڏکيو آهي. اهڙي ريت هو ٻڌائي ٿو ته ڀارت جي نامياري آرٽسٽ ايم ايف حسين کي رڳو ان ڪري ملڪ ڇڏڻو پيو جو هن ديوين جون اگھاڙيون تصويرون ٿي ٺاهيون. جڏهين ته سندس چوڻ هو ته گھڻن مندرن ۾ اهڙيون تصويرون موجود آهن ۽ سندس مقصد ڪنهن مذهب جي توهين ڪرڻ ناهي. ايم ايف حسين جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿو ته جڏهين هو برطانيا ۾ هائي ڪمشنر ٿيو ته اتي ڪائونسليٽ ۾ آزادي جي سڀني اڳواڻن جون تصويرون لڳل هيون پر انهن ۾ مولانا آزاد جي تصوير نه هئي. هن حسين کي ان تصوير ٺاهي ڏيڻ لاء گذارش ڪئي ۽ هن اهڙو واعدو به ڪيو پر هن اهو ڪم نه ڪيو. کيس ان ڳاله جو افسوس آهي ته ڀارت جو هڪ ناميارو پٽ پرڏيه ۾ گذاري ويو ۽ کيس پنهنجي ملڪ جي مٽي به نصيب نه ٿي.
ڀارت جي گھڻ قومي، گھڻ مذهبي ۽ گھڻ ٻولي واري جمهوري حيثيت گھڻن ملڪن، جن ۾ آمريڪا ۽ اڳوڻو سوويت يونين ٻه شامل آهن، اتساه جو باعث رهي آهي. پر وڌنڌڙ مذهبي تفرقي بازي ۽ فسادن ملڪ جي آئيندي جي حوالي سان گھڻن کي تشويش ۾ وجھي ڇڏيو آهي.
.

ورهاڱو: لڏپلاڻ ۽ صحافت

ورهاڱو: لڏپلاڻ ۽ صحافت

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي هڪ ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي پر گھڻا ماڻهو اڃا ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان موضوع تي گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکجي رهيو آهي.
ڪلديپ نير ڀارت جو هڪ ناميارو صحافي رهيو آهي جنهن جو پاڪستان سان به ويجھو لاڳاپو رهيو آهي. Beyond the Lines: An Autobiography هونئن ته سندس آتم ڪٿا آهي پر هڪ لحاظ کان اها ورهاڱي کان وٺي من موهن سنگھ جي وزيراعظم ٿيڻ تائين جي تاريخ آهي جنهن ۾ سندس پنهنجو نهايت سرگرم ڪردار رهيو آهي.
ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي پي، جيڪو هڪ ڊاڪٽر هو، سان گڏ سيالڪوٽ ۾ رهندو هو. ان وقت هن لاهور ۾ قانون جي تعليم پئي حاصل ڪئي. خشونت سنگھ لاهور لاء ڪاليج ۾ سندس استاد هو جنهن کي هو پوء پروفيسر صاحب جي نالي سان سڏيندو هو. علامه اقبال سيالڪوٽ ۾ سندس هڪ دوست شفيق جي پاڙي ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري هي ٻيئي دوست سندس گھر ويا ته هن کٽ تي ويٺي چلم ڇڪي ۽ ٺيٺ پنجابي ۾ پئي گهٽ وڌ ڳالهايو. اهو ڏسي ٻنهي دوستن کڙين تي زور رکيو ۽ اتان ڊوڙ پاتي. هن پنهنجي گھر ۾ هڪ پير جي قبر جو ذڪر ڪيو آهي. ان قبر تي شهر جا ٻيا ماڻهو به فاتحه وغيره پڙهڻ لاء ايندا هئا. ان پير جي هڪ ڪرامت جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته اندرا گانڌي پاران لاڳو ڪيل ايمرجنسي واري وقت جڏهين هو جيل ۾ هو ته هڪ ڀيري رات جو هڪ بزرگ خواب ۾ آيو جنهن جي لاء هن سمجھيو ته اهو ساڳيو سندن سيالڪوٽ واري گھر جو پير هو. هن کيس چيو ته تون ايندڙ خميس تي آزاد ٿي ويندين. هن ان کي ائين ئي پنهنجو وهم ۽ خيال ڄاتو پر واقعي ايندڙ خميس تي هو آزاد ٿي ويو. ان کانپوء هن ٻين گھڻن مسئلن ۾ ان پير جي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو.
سنڌ جيان پنجاب جي هندن ۾ به سک ڌرم سان گڏجي هلڻ عام هو. ايستئين ته جيڪي پٽ ڄمندا هئا انهن جي نالي سان سنگھ لڳايو ويندو هو. ڪلديپ جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي نالي سان سنگھ ان ڪري هٽائي ڇڏيو ته متان ماڻهو کيس بغير وارن وارو سک نه سمجھن.
ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ساڳي وقت پنجاب جو ورهاڱو به هو. ڪانگريس جنهن مذهبي بنيادن تي ننڍي کنڊ جي ورهاست جي مخالفت ٿي ڪئي ان بنگال ۽ پنجاب جي مذهبي بنيادن تي ورهاست تي زور ڏنو.
ورهاڱي کان اڳ ئي پنجاب ۾ وڏي پئماني تي فساد شروع ٿي ويا هئا. ڪلديپ جي خاندان جو اتان لڏڻ لازمي ٿي ويو. هڪ ميجر، جنهن ڀارتي فوج جي چونڊ ڪئي هئي، ڪلديپ جي پي جو واقف هو. هن کين ٻڌايو ته وٽس هڪ ماڻهو جي جاء آهي. ڪلديپ ان ميجر سان گڏ ويو. واٽ تي کيس جيڪي ڪجھ نظر آيو ان سندس ذهن ۽ باقي زندگي تي ديرپا اثر وڌا. ٻنهي پاسن کان لٽيل ڦريل ماڻهن جا قافلا پئي آيا. رستن ۾ ماڻهن جا لاش پيا هئا.مختلف جاين تي انهن قافلن تي حملا ٿي رهيا هئا. ڪجھ مانهن پاران کيس پنهنجا معصوم ٻار پئي ڏنا ويا ته سندن خاندان ۾ اهو باقي بچيو هو ۽ اهي هندوستان پهچي کيس ڳولهي پنهنجو ٻار کڻي ويندا. پر کيس پنهنجو ئي پتو نه هو ته دهلي پهچڻ کانپوء هو ڪٿي هوندو ۽ سندس ڇا ٿيندو. ان صورت ۾ هو انهن ٻارن جو ڇا ڪندو.
دهلي ۾ هو پنهنجي ماسي جي گھر رهي ٿو. هتي به فسادن جي ڪري متاثر ۽ بي گھر ٿيل مسلمانن کي همايون جي مقبري ۽ ٻين هنڌن تي قائم ڪيل ڪئمپن ۾ رهايو ويو هو. انهن مسلمانن ڏانهن نهرو ۽ پٽيل جا مختلف رويا هئا. نهرو انهن کي هرقسم جي تحفظ ڏيڻ جي حق ۾ هو جڏهين ته پٽيل کي انهن سان ڪا همدردي نه هئي.
هو سيالڪوٽ مان ڪي گھڻا پئسا کڻي نه نڪتو هو. هتي اچڻ کانپوء کيس پنهنجي جياپي لاء هٿ پير هڻڻا هئا. سندس جيئن ته لاهور ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رهيو هو ان ڪري هو پراڻي شهر ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي دفتر وڃي ٿو. هو کيس شهر ۾ وڪڻڻ جي لاء پارٽي جي ترجمان اخبار جون ڪاپيون ڏين ٿا. اتي چوڪ تي هڪ ڇوڪري کيس سڃانيندي چئي ٿي ته مار هاڻي اها نوبت اچي ويئي آهي جو ڊاڪٽر صاحب جو پٽ اخبار پيو وڪڻي. هو فوري طور پارٽي جي دفتر وڃي ٿو ۽ اتي همراه کي چئي ٿو ته کيس نوڪري گھرجي. هو کيس هڪ اڙدو اخبارانجام جي مسلمان مالڪ ڏانهن موڪلي ٿو جيڪو کيس ان آسري تي پنهنجي اخبار ۾ رکي ٿو ته هڪ هندو هئڻ جي ناتي هو کيس سندس ڀاء جي اها ملڪيت واپس وٺي ڏيندو جيڪا ان جي پاڪستان لڏي وڃڻ جي ڪري سرڪار ضبط ڪري ڇڏي هئي. ان ڪري هو چئي ٿو ته هن پنهنجو آغاز يعني شروعات ئي انجام يعني پڄاڻي کان ڪئي. ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين مالڪ اهو ڏسي ٿو ته هو ملڪيت نه ٿو وٺي ڏيئي سگھي ته هو کيس نوڪري کان جواب ڏيئي ڇڏي ٿو. سندس ٻي نوڪري به هڪ ٻي اڙدو اخبار ۾ هجي ٿي. اتي سندس ملاقات مولانا حسرت موهاني سان ٿئي ٿي.
مولانا کاٻي ڌر جي خيالن جو ماڻهو هو. هو ڪجھ عرصو ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ هليو ويو هو پر اتي گھڻو عرصو هلي نه سگھيو. ڪلديپ ان وقت اڙدو ۾ شاعري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ درستگي لاء مولانا کي ڏيکاريندوهو. مولانا کيس صلاح ڏني ته اها شاعري ۽ اڙدو صحافت وغيره ڇڏي هو انگريزي صحافت ڏانهن وڃي جتي سندس آئيندي لاء سٺا موقعا هئا. هن اها صلاح مڃي اها نوڪري ڇڏي ڏني پر کيس فوري طور ڪنهن انگريزي اخبار ۾ نوڪري نه ملي سگھي. هن انگريزي ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا جن مان ڪي شائع ٿيندا هئا ۽ ڪي نه. نيٺ کيس آمريڪي سفارخاني جي انفارميش کاتي ۾ نوڪري ملي ويئي. ڪجھ عرصي کانپوء هو صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ لاء آمريڪا هليو ويو. پر جڏهين اتان موٽي آيو ته وري ساڳي بيروزگاري. ڪنهن اخبار ۾ کيس نوڪري نه ٿي ملي. گھڻين ڪوششن کانپوء نيٺ کيس هند حڪومت جي اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر جي نوڪري ملي. سندس ڊيوٽي مختلف جاين تي لڳائيويئي ۽ پوء کيس گھرو وزير پنٿ جو انفارميشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت ڪلديپ جو وڪيل ٿيڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ هو صحافت ۾ اڳتي وڌنڌو ويو. ڪجھ ٻيون ڳالهيون ايندڙ مضمونن ۾ اينديون.

گانڌي جو قتل، مولانا آزاد ۽ هندوستان جا مسلمان

گانڌي جو قتل، مولانا آزاد ۽ هندوستان جا مسلمان

دهلي ۾ ڪلديپ جو پهريون ڪم برلا هائوس وڃڻ هو جتي مهاتما گانڌي روز قرآن، گيتا ۽ بائبل جي ورد کانپوء پنهنجو باشن ڏيندوهو. ان ڏينهن شروع ۾ ئي هڪ همراه قرآن جي تلاوت تي اعتراض ڪيو جنهن تي گانڌي اهو سلسلو روڪي ڇڏيو. اتي موجود ٻين همراهن جي سمجھائڻ تي ته اهڙي ريت مهاتما اهو سلسلو ئي بند ڪري ڇڏيندو هو همراه ماٺ ڪري ويٺو. گانڌي جي قتل جي خبر کيس اهڙي ريت پيئي ته هو نيوز روم ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيو هو ته ٽيلي پرنٽر تي هڪ خبر آئي ته گانڌي کي قتل ڪيو ويو آهي. هو فوري طور برلا هائوس ويو. اها فسادن واري صورتحال هئي. ان ڪري ان ۾ ڪنهن به مسلمان جو شامل هئڻ اڃا باه تي تيل جو ڪم ڏيئي سگھيو ٿي. ان ڪري سياسي اڳواڻن پاران ان ڳاله تي زور ڏنو ويو ته ريڊيو تان گھڙي گھڙي ان ڳاله جو اعلان ڪيو وڃي ته مهاتما کي قتل ڪندڙ جن سنگھ سان واسطو رکندڙ هڪ انتها پسند هندو آهي.
ان کان اڳ ئي گانڌي کي نهرو ۽ پٽيل پاران پاسيرو ڪيو ويو هو ۽ کيس اهم فيصلن ۾ شريڪ ڪرڻ ته ڌار کيس انهن جو اطلاع به نه ٿي ڪيو ويو. ليکڪ موجب گانڌي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو مخالف هو. ان ڪري جڏهين نهرو ۽ پٽيل ورهاڱي جي رٿا کي منظور ڪيو ته انهن گانڌي کي اعتماد ۾ نه ورتو. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ڄاڻائي ٿو ته نهرو ۽ پٽيل سياسي جدوجهد ڪندي شايد ثڪجي پيا هئا. ان وقت نهرو پنجونجاه ۽ پتيل ٻاهتر سالن جو هو. ٻنهي جي اها خواهش هئي ته اهي پنهنجي زندگي ۾ اقتدار جا مزا ماڻين. ساڳي ريت آزادي کانپوء به خاص طور تي پاڪستان کي اثاثن منتقل ڪرڻ جي معاملي تي انهن جا گانڌي سان اختلاف هئا. هڪ ته انهن چاهيو ٿي ته اثاثن نه ملڻ ڪري پاڪستان جو نئون ملڪ جنهن وٽ انتظامي ۽ حڪومتي ڍانچو نه هو ۽ معاشي وسيلا به محدود هئا پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگھي. ان معاملي تي پٽيل جو موقف نهرو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت هو. ان سلسلي ۾ انهن هڪ اهو آپشن ڏنو هو ته هندو ۽ سک پاڪستان ۾ جيڪا ملڪيت ڇڏي آيا هئا اها ان ملڪيت کان تمام گھڻو وڌيڪ هئي جيڪا پاڪستان لڏي ويل مسلمان ڀارت ۾ ڇڏي ويا هئا ان ملڪيت کي انهن اثاثن جي مد ۾ حساب ۾ آندو وڃي. گانڌي سندن ان ڳاله سان متفق نه هو ۽ هن ان مسئلي تي مرن ڀرت جي ڌمڪي ڏني جنهن جي ڪري پاڪستان کي ڪجھ اثاثا منتقل ٿي سگھيا.
اهڙي ريت جڏهين گانڌي جو قتل ٿيو ته ماڻهن پٽيل تي آڱر کڻڻ شروع ڪئي. پٽيل پاڻ به ان ڳاله کي محسوس ڪيو ٿي ته گانڌي ڏانهن سندس رويو درست نه هو. ان ڳاله کي محسوس ڪندي هن وزارت تان استعفا ڏني ۽ نهرو کي چيو ته هو گانڌي سان جيڪي ٿيو آهي ان لاء پاڻ کي به ڪنهن حد تائين ذميوار سمجھي ٿو. پر نهرو پاران سندس ان استعفا کي قبول نه ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هن وقت جنهن ڏکي صورتحال مان گذري رهيا آهيون ان کي گڏجي منهن ڏيڻو آهي ۽ ڌار ٿيڻ مناسب ناهي. بهرحال پٽيل پنهنجو استعفا واپس ورتو.
گانڌي جي موت سڀ کان وڌيڪ ابوالڪلام آزاد کي متاثر ڪيو. ڪانگريس جي صدر هوندي هن برطانيا جي مختلف ڪميشنن اڳيان جيڪو موقف ۽ تجويزون رکيون انهن جو مقصد ئي ننڍي کنڊ کي هڪ وفاق جي صورت ۾ متحد رکڻو ۽ ورهاڱي کي ٽارڻو هو. کيس ان ڳاله تي افسوس هو ته هن آخري وقت ۾ پارٽي جي صدارت ڇو نهرو جي حوالي ڪئي هئي جنهن ان وقت جڏهين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڪيبينيٽ مشن جي رٿا تي راضپو ڏيکاري چڪيون هيون اهو بيان ڏيئي ته آزاد هندوستان جي آئين ساز اسمبلي ان ۾ تبديليون ڪري سگھي ٿي ان سڄي رٿا کي سبوتاز ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ان کان بهتر هو ته هو اها صدارت سردار پٽيل جي حوالي ڪري ها.
آزادي کانپوء جيتوڻيڪ هو نهرو جي ڪابينا ۾ وزير هو ۽ نهرو سندس خيال به ڪندو هو پر سندس اها اهميت نه هئي. پٽيل پاران آزادي کان اڳ ان وقت به جڏهين هو ڪانگريس جو صدر هو کيس گھڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. جڏهين ڪئبينيٽ مشن ۾ هن وفاق واري فارمولي جي حمايت ڪئي ته پٽيل ڪميشن کي چيو ته اهو آزاد جو پنهنجو موقف آهي جڏهين ته ان سلسلي ۾ آخري فيصلو پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي ڪندي. هوِ هاڻي به کيس نظر انداز ڪندو هو. مهاتما گائڌي واحد شخص هو جنهن سان هو هڪ هم آهنگي محسوس ڪندو هو ۽ هاڻي ان جي وڃڻ کانپوء سندس اڪيلائي وڌي ويئي هئي.
هڪ لحاظ کان ورهاڱي ڀارت جي مسلمانن جي سياسي ۽ سماجي حيثيت کي متاثر ڪيو هو. کين پاڪستان جي حوالي سان شڪ جي نگاه سان ڏٺو ٿي ويو ۽ اهي ڄڻ پاڻ کي ٻئي درجي جا شهري سمجھڻ لڳا هئا جيئن پاڪستان ۾ هندن سان ڪيو ٿي ويو. ان جو مثال ڏيندي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته اڙدو اخبار انجام، جتي گھڻو ڪري سڄو عملو مسلمانن تي ٻڌل هو، سڀيئي هندو هئڻ ڪري ساڻس ڏاڍي عزت سان پيش ايندا هئا ۽ جونيئر هئڻ جي باوجود ايڊيٽر پاران کيس جوائنٽ ايڊيٽر جو وزيٽنگ ڪارڊ ٺاهي ڏنو ويو هو ته سرڪاري ادارن وغيره ۾ سندس حيثيت مان فائدو وٺي سگھجي. اها ساڳي ڳاله ڪانگريس جي مسلمان سياسي اڳواڻن ۽ ايستائين ته مولانا آزاد سان به ٿي جيڪو ڪانگريس جو صدر رهي چڪو هو ۽ جنهن جو آزادي جي تحريڪ ۾ هڪ ڀرپور ڪردار هو. هن پنهنجي ورهاڱي متعلق واضح موقف جي ڪري مسلم ليگ جي اڳواڻ محمد علي جناح جي ناراضگي سٺي. هن ان کي شو بوائي وغيره جهڙا مختلف خطاب پڻ ڏنا. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ڪانگريس جي اڳواڻن سان هڪ گڏجاڻي ۾ جناح نهرو، پٽيل سان ته هٿ ملايو پر هن آزاد کي هٿ ڏيڻ به گوارا نه ڪيو.
ان ڳالهہ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ورهاڱي ڪانگريس جي سيڪيولر حيثيت ۽ موقف کي متاثر ڪيو. نهرو ان سلسلي ۾ هڪ مضبوط آواز هو پر پٽيل سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن ان آواز کي وڌيڪ موثر ٿيڻ نه ڏنو. ان صورتحال ۾ مولانا آزاد جهڙن اڳواڻن کي گھڻو ڪجھ سهثو پيو.
اهو هڪ لحاظ کان ننڍي کنڊ جي گھڻن اهڙن ماڻهن ۽ اڳواڻن جو الميو آهي جيڪي مذهبي هم آهنگي، سهپ ۽ گڏ رهڻ ۾ يقين رکندا هئا پر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ۽ نتيجي ۾ کين ذاتي ۽ سياسي لحاظ کان گھڻو ڪجھ سهڻو پيو.

ڀارت ۾ ٻولي جي سياست

ڀارت ۾ ٻولي جي سياست

ننڍو کنڊ لاتعداد قومن، نسلن ۽ ٻولين جو خطو آهي. اهڙا دور آيا آهن جڏهين اشوڪا، اڪبر ۽ اورنگزيب جهڙن حڪمرانن جي حڪومت علائقي جي گھڻي حصي تي رهي هجي پر اهو عرصو گھڻو ڊگھو نه هو ۽ نه ئي اها حڪومت سڄي ننڍي کنڊ تي ڦهليل هئي. اهڙي ريت تاريخ ۾ شايد اهو انگريزن جو دور ئي آهي جڏهين اهو هڪ ملڪ جي صورت ۾ هڪ ئي حڪمران جي اثر هيٺ رهيو آهي.
نهرو ۽ ڪانگريس جي ٻين اڳواڻن انگريز جي وڃڻ کانپوء ملڪ ۾ بجائي هڪ حقيقي وفاق جي مرڪزيت کي ترجيح ٿي ڏني. ڪيبينيٽ مشن رٿا کي قبول ڪرڻ کانپوء نهرو پاران آزادي کانپوء ان ۾ تبديلي جي اشارن پويان اها ئي ذهنيت هئي جنهن ان سڄي رٿا کي ئي سبوتاز ڪري ڇڏيو هو.
ٻولي جو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ ناهي رهيو پر اهو ڀارت ۾ به رهيو آهي. هندي گھڻي ڀاڱي اتر هندوستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ساڳي وقت هتان جي ماڻهن ئي مختلف حڪمرانن جي دور ۾ ملڪ جي ٻين علائقن تي حڪومت ڪئي آهي. نهرو پاران آزادي کانپوء انگريزي جي جاء تي هندي کي سرڪاري ٻولي طور رائج ڪرڻ لاء هڪ وقت مقرر ڪيو ويو. پر ان تي خاص طور ڏکڻ هندوستان جي هندي نه ڳالهائيندڙ آبادي پاران شديد ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. سندن موقف اهو هو ته اهڙي ريت هندي نه اچڻ ڪري اهي سرڪاري نوڪرين ۽ ٻين شعبن ۾ پوئتي رهجي ويندا. ان ردعمل کي ڏسندي ان تاريخ کي گھڻا ڀيرا اڳتي ڪيو ويو پر ڏکڻ جا ماڻهو ان مان مطمئن ٿي نه سگھيا.
هڪ ٻيو مسئلو ملڪ ۾ ٻولي جي بنياد تي صوبن جو قيام هو. اهو ڄڻ هڪ پنڊورا باڪس کي کولڻ هو. اهو پڻ لڳو ٿي ته نهرو ملڪ جي ٻين معاملن ۾ کڻي ڪيترو ئي ذهين ۽ هوشيار ڇو نه هجي پر هو ملڪ جي بنيادي حقيقتن ِء عوام جي سوچ کان اڻڄاڻ هو. هڪ ته هن آزادي کانپوء جڏهين فسادن ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي قتل عام ۽ لڏپلاڻ کي ڏٺو ته کيس هڪ ڏوه جو احساس ٿيو ته هن کان ورهاڱي کي مڃي وڏي غلطي سرزد ٿي هئي ۽ ٻيو جڏهين ٻولي جي بنياد تي صوبن ٺاهڻ واري مسئلي هڪ سنگين صورت اختيار ڪئي ۽ ايستائين ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ ماڻهن پاڻ کي باهيون ڏيئي ساڙڻ شروع ڪيو ته هن پاڻ پڇتاء جو اظهار ڪندي چيو ته هن ان مسئلي ۾ ڇو هٿ وڌو.
پنجاب جي حوالي سان ليکڪ ٻڌائي ٿو ته اتي جيتوڻيڪ سڀ پنجابي آهن پر ٻولي ۽ ثقافت جي لحاظ کان منجھن ايڪو ناهي. پنجاب جيان بنگال جو ورهاڱو به ٿيو پر بنگال ۾ ان پئماني تي فساد نه ٿيا جيئن پنجاب ۾ ٿيا. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته اهي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي لحاظ کان متحد ۽ مضبوط هئا ۽ منجھن ٽيگور ۽ نذرالاسلام جهڙا شاعر هئا جڏهين ته پنجابي رڳو مذهبي لحاظ کان نه پر ٻولي جي حوالي سان به ورهايل هئا. مسلمان فارسي عربي واري اڙدو، هندو ديوناگري واري هندي ۽ سک گورمکي واري پنجابي کي ترجيح ڏيندا آهن.
پنجابي هندو پنجابي کي پنهنجي ٻولي ڪري نه ليکيندا آهن ۽ سندن لاء اهميت هندي جي آهي. ان ڪري جڏهين ملڪ ۾ ٻولي جي بنياد تي صوبن ٺاهڻ وارو معاملو اٿيو ته سکن پاران پنجابي ٻولي جي بنياد تي پنهنجي ڌار صوبي جي گھر شروع ٿي. کين اهو خدشو هو ته آبادي ۾ وڌيڪ هئڻ ڪري هندو مٿن حاوي ٿي ويندا. ان ڪري اهي پنهنجي ڌار صوبي ۾ ئي وڌيڪ محفوظ هوندا. پنجاب کي اهڙي ريت ٻولي جي بنياد تي ٻن صوبن پنجاب ۽ هريانا ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته ان نئين صوبي جي گادي جو هنڌ ڪهڙو هوندو. سکن جي گھر چندي ڳڙه لاء هئي جڏهين ته مرڪزي حڪومت ان لاء تيار نه هئي. گھڻي ڇڪتان کانپوء نيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته چندي ڳڙه هريانا ۽ پنجاب ٻنهي رياستن جو گادي جو هنڌ هوندو. پر سکن اتي بس نه ڪئي. سندن پنجاب جي خودمختياري لاء لاڳيتو مرڪزي حڪومت سان ڇڪتاڻ هلندي رهي.ِ نتيجي ۾ معتدل قيادت پاسيري ٿي ويئي ۽ بندراوالا جي اڳواڻي ۾ انتها پسندن سکن جي پوتر جاء گولڊن ٽيمپل تي قبضو ڪري ورتو. سخت قسم جي هٿيار بند ويڙه جنهن ۾ ايستائين ته حڪومت کي ٽينڪ استعمال ڪرڻا پيا ۽ امرتسر شهر کي گھڻن ڏينهن تائين ڪرفيو هيٺ رکيو ويو. گھڻن ڏينهن تائين هلندڙ ان ويڙه ۾ بندراوالا سميت ٻنهي پاسن جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ گولڊن ٽيمپل کي شديد نقصان پهتو. ان صورتحال نه رڳو هندن ۽ سکن ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي پر سڄو پنجاب ۽ هريانا عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو.ِ هڪ ڊگھي عرصي تائين اها صورتحال برقرار رهي. اندرا گانڌي جو سندس سک محافظن هٿان قتل ۽ ان کانپوء دهلي ۽ ٻين علائقن ۾ سکن جو وڏي پئماني تي قتل عام به ان جا نتيجا هئا.
ساڳي ريت آسام جي صورتحال به تشويش جوڳي هئي. ان جو واسطو هتي ورهاڱي کانپوء ۽ خاص طور اوڀر بنگال جي 1970 جي بحران کانپوء وڏي پئماني تي غيرقانوني طور بنگالين جي هتي اچي آباد ٿيڻ سان آهي جنهن مقامي ماڻهن ۾ ٿورائي ۾ ٿيڻ جو ڊپ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت به ان جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر اندرا گانڌي جي دور ۾ ان ٻن شاگرد اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ باقاعدي هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. هڪ ڊگھي عرصي تائين اهو احتجاج هلندو رهيو. مرڪزي ۽ رياست جي حڪومتن پاران ان دٻاء کي محسوس ڪندي مسئلي کي حل ڪرڻ جون يقين دهانيون ڪرايون ويون. پر ساڳي وقت تحريڪ اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ۽ پنهنجو دباء برقرار رکي نه سگھي. جڏهين ته سرڪار پاران به ان سلسلي ۾ ڪي موثر قدم نه کنيا ويا.
ساڳي ريت ملڪ ۾ ناگا لينڊ جو مسئلو هو جن جو اهو اصرار هو ته سندن ڀارت جي وفاق سان ڪو تعلق ناهي ۽ اهي خودمختيار آهن ۽ سندن ڌار جھنڊو ۽ ٻولي آهي.
هتي جيئن انگريز جي روايت رهي تيئن انهن جا وارث به سڀني ماڻهن کي محڪوم ۽ پنهنجي رعايا سمجھن ٿا. ان ڪري بجائي ان جي ته برابري جي سطح تي انهن ماڻهن سان ڳالهہ ٻولهہ وسيلي مسئلن کي حل ڪيو وڃي طاقت جي استعمال کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي. هن وقت به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گھڻا ماڻهو پنهنجن قومي حقن لاء وڙهي رهيا آهن. اهڙي ريت ڪشمير، جيڪو هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي ۽ جتي گھڻي عرصي کان وحشياڻي فوجي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي، کي کڻي هڪ پاسي به رکجي ته ملڪ جي ٻين گھڻن علائقن ۾ به حالتون اطمينان جوڳيون ناهن. انهن تي هڪ سرسري نظر وجھڻ سان ئي اها ڳالهہ واضح ٿئي ٿي ته ڀارت هڪ رضاڪارانا وفاق، جنهن جي ڳالهہ آزادي جي اڳواڻن ڪئي ٿي، جي حيثيت ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگھيو. ان جو گھڻو زور مسئلن کي طاقت جي زور تي حل ڪرڻ رهيو آهي.

قصو صحافين جي اغواء جو

قصو صحافين جي اغواء جو

ڪولمبيا ۾ لبرل پارٽي جي اڳواڻ جارج گيٽان، جنهن ملڪ ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ چاهيا ٿي ۽ جنهن کي پنهنجي پارٽي ۽ قدامت پرستن پاران ڊپ ۽ نفرت وچان بگھڙ چيو ويندو هو، جي قتل ٿيڻ کانپوء ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا ۽ ملڪ گھرو ويڙه جو شڪار ٿي ويو. اها صورتحال لاڳيتو 1948 کان 1957 تائين رهي جڏهين ته ڪي اڃا ان کي سٺ جي ڏهاڪي جي وچ تائين وٺي وڃن ٿا. ان ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه کان چار لک ويڙهاڪ ۽ ٻيا عام شهري مارجي ويا. ان کانپوء مختلف گوريلا تنظيمون ۽ ڏوهاري گروه ملڪ ۾ سرگرم رهيا آهن ۽ انهن جو حڪومت سان ٽڪراء رهندو آيو آهي.
ڪولمبيا خاص طور ڪوڪين ۽ ٻين نشي آور شين جي پيداوار ۽ انهن جي آمريڪا موڪلڻ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. هڪ لحاظ کان اتي ڄڻ انهن شين جي واپارين ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ جنگ واري ڪيفيت رهي آهي. مختلف شهرن ۾ بم ڌماڪا ۽ ايستائين ته مخالفن کي مارڻ لاء اڏامندڙ جهاز جي اندر ڌماڪا جنهن ۾ ٻيا مسافر به مارجي وڃن ٿا هڪ معمول رهيو آهي. ماڻهو اهڙي جهاز ۾ سفر ڪرڻ کان ئي لنوائيندا آهن جنهن ۾ ڪو اهم ماڻهو سفر ڪندو هجي ۽ جنهن متعلق اهو گمان هجي ته اهو ڪنهن نه ڪنهن گروه جي نشاني تي آهي. آمريڪا پاران ان سلسلي ۾ ڪولمبيا جي حڪومت تي خاص طور تي نشي جي واپار ۾ شامل اهم ماڻهن کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاء دٻاء پڻ پوندو رهيو آهي.
ڪولمبيا جي حڪومت 1990 ۾ نشي جي واپار سان سان لاڳاپيل ڪجھ وڏن نالن کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاء ٺاه ڪيو هو. اها ڳالهہ خاص طور ميڊلين ڪارٽيل جي اڳواڻ پابلو ايسڪوبار کي ڪنهن به ريت قبول نه هئي. سندس چوڻ هو ته هو آمريڪا جي جيل ۾ زندگي گذارڻ کان ڪولمبيا ۾ پنهنجي قبر هئڻ کي ترجيح ڏيندو.
آمريڪا پنهنجي ملڪ ۾ نشي جي استعمال لاء انهن ملڪن کي ذميوار سمجھيو ٿي جتي ان جي پيداوار ٿئي ٿي جڏهين ته نشي جي واپارين جو موقف اهو هو ته ان مسئلي کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻ گھرجي ۽ ذميواري ساڳي وقت نشي استعمال ڪرڻ وارن ملڪن تي پڻ وجھڻ گھرجي. ساڳي وقت ان جي اها به گھر هئي ته حڪومت جيئن گوريلا گروپ M-19 سان ٺاه ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي سياسي عمل جو حصو ڪيو آهي ساڻن به اهو ساڳيو ورتاء ڪيو وڃي. پنهنجين انهن گھرن کي مڃرائڻ ۽ حڪومت تي آمريڪا سان ٺاه کي ختم ڪرڻ لاء دٻاء وجھڻ لاء هن هڪ ته انهن اهم شخصن تي حملا ڪرڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ان ٺاه جا حامي هئا ۽ ٻيو هن ڪجھ اهم صحافين کي اغواء ڪيو. حڪومت جي مختلف نمائندن سان ڳاله ٻوله جي عمل هلندي هڪ خاتون صحافي کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻي رياستي ادارن جي ڪاروائي ۾ مارجي ويئي جڏهين ته باقي ست ڄڻن ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصو پابلو ايسڪو بار جي مختلف هنڌن تي ٺهيل قيد خانن ۾ گذاريو.
انهن مان هڪ آزاد ٿيل خاتون صحافي ۽ سندس مڙس گارشيا مارڪيز کي درخواست ڪئي ته هو ان حوالي سان لکي. هن ان خاتون صحافي ماروجا تي جڏهين لکڻ شروع ڪيو ته کيس خبر پيئي ته ٻيا ڪجھ صحافي پڻ ان قصي ۾ شامل هئا.ِ پوء هن نئين سري کان ان کي لکڻ شروع ڪيو ۽ اٽڪل ٽن سالن جي تحقيق ۽ لکڻ کانپوء سندس اهو نان فڪشن News of a Kidnapping 1996 ۾ اسپيني ٻولي ۾ سامهون آيو ۽ 1997 ۾ انگريزي ۾ پڌرو ٿيو.
پابلو ايسڪوبار ۽ سندس تنظيم ميڊلين ڪارٽيل جو تعلق ڪولمبيا جي هڪ سهڻي شهر ميڊلين سان هو. هو پاڻ ۽ سندس تنظيم جا گھڻا ماڻهو شهر جي ڏتڙيل علائقن ۽ غريب خاندانن سان واسطو رکندا هئا. دنيا جي گھڻن رابن هوڊ قسم جي ڏوهارين جيان ايسڪوبار به انهن ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو هو. پوليس ۽ فوج پاران گھڻي ڀاڱي انهن علائقن ۽ اتان جي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو هو ۽ ان جي جواب ۾ پوليس ۽ فوج تي حملا ڪيا ويندا هئا. اهڙي ريت ماضي جو هڪ سهڻو ۽ پرامن شهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو هو.
يرغمالين کي سخت قسم جي نگراني ۾ رکيو ويو هو. جيتوڻيڪ کين ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن رسالن وغيره جي سهولت ڏني ويندي هئي پر هڪ ته کاڌي پيتي جي حوالي سان ساڻن مناسب ورتاء نه ڪيو ويندو هو ۽ ٻيو ته کين پنهنجي حاجتن کي پوري ڪرڻ جي به مڪمل آزادي نه هئي. کين باٿ روم جي در ڏيڻ جي اجازت نه هئي ۽ ساڳي وقت ان لاء انهن وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو جڏهين ته نگراني لاء گارڊ ٻاهر بيٺل هونڌو هو. وقت بوقت گارڊ تبديل ٿيندا رهندا هئا. انهن مان گھڻن جو واسطو ايسڪوبار جي علائقي سان هونڌو هو ۽ اهي غريب ۽ بحران ۾ ورتل خاندانن مان هونڌا هئا. ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو سندن مقصد پئسو ڪمائڻ هونڌو هو. گھڻا قتل وغيره جهڙين ڪارواين ۾ به ملوث هونڌا هئا ۽ کين اها به ڄاڻ هونڌي هئي ته سندن زندگي مختصر آهي ۽ ڪنهن به وقت اهي پنهنجي ڪنهن ماڻهو جي گولي جو نشانو بڻجي سگھن ٿا. انهن مان ڪي ته پڙهيل ڳڙهيل، سمجھدار، حالتن تي نظر رکندڙ ۽ همدرد قسم جا هونڌا هئا جڏهين ته گھڻا تنگ ڪندڙ ۽ ايذاء ڏيندڙ هونڌا هئا. يرغمالين سان جنهن قسم جو ورتاء ڪرڻو هونڌو هو ان نموني ۽ طبيعت جا گارڊ مقرر ڪيا ويندا هئا. يرغمالين کي وقت بوقت هڪ جاء کان ٻي جاء تي منتقل ڪيو ويندو هو. جڏهين ماروجا سان گڏ اغواء ٿيل سندس نڻان بيٽرز کي آزاد ڪيو ويو ۽ ساڻس گڏ قيد ميرينا مونٽووا کي قتل ڪيو ويو ته هو ڪمري ۾ اڪيلي رهجي ويئي هئي.
کيس هر وقت اهو ڊپ رهندو هو ته گارڊ ڪٿي ساڻس زوري زنا نه ڪن. يرغمالين سان ورتاء جو دارومدار ان ڳالهہ تي هوندو هو ته اغواء ڪندڙن سان حڪومت جي ڳالهہ ٻولهہ ڪهڙي مرحلي ۾ آهي. ساڳي وقت ٻنهي پاسن کان هڪٻئي جي ماڻهن کي مارڻ جو سلسلو پڻ جاري هو جنهن جو اثر يرغمالين سان ورتاء تي پيو ٿي.
ايسڪوبار هڪ پاسي ته حڪومت سان ٽڪراء ۾ هو ۽ ٻئي پاسي کيس ٻين ڏوهاري گروهن جهڙوڪ ڪالي ڪارٽيل جي ماڻهن کان به ڊپ هو جن مٿس مختلف وقتن تي حملا به ڪيا هئا. هو ايترو محتاط رهندو هو جو هڪ ته گھڻو عرصو هڪ جاء تي نه رهندو هو ۽ ٻيو ته نه رڳو اهو ته ٽيليفون استعمال نه ڪندو هو پر ان خيال کان هر ماڻهو سان به نه ملندو هو ته متان ان جي جسم جي ڪنهن حصي ۾ اهڙو ڪو اوزار لڳل هجي جنهن سان پوليس جو سندس رهائش جي هنڌ پهچڻ ممڪن ٿي سگھي. ان ڪري هن گرفتاري ته ڏيڻ چاهي ٿي پر سندس پنهنجا شرط هئا. هڪ ته کيس اها ضمانت گھربل هئي ته کيس ۽ سندس ساٿين کي آمريڪا جي حوالي نه ڪيو ويندو ۽ ٻيو ته هن پنهنجي مرضي جي شهر ۾ جيل قائم ڪرڻ ۽ اتي گھربل انتظام ڪرڻ چاهيا ٿي. پرملڪ جي صدر يرغمالين جي مائٽن جي دٻاء ۽ ملڪ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي باوجود اهو ڏيکارڻ نه ٿي چاهيو ته هو نشي جي واپارين جي دٻاء ۽ بليڪ ميل ۾ اچي سندن گھرن کي مڃڻ لاء تيار ٿيو آهي.
هڪ ڊگھي ڳالهہ ٻولهہ جي عمل، جنهن ۾ سماج جا گھڻا اهم ماڻهو شامل هئا، کانپوء يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي ٿو پر کين اها تنبيه ڪئي وڃي ٿي ته اغواء ڪندڙن جي جاء ۽ انهن جي شخصيت متعلق ڪنهن کي به ڪا معلومات نه ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ نتيجن جي ذميواري مٿن هونڌي. ان کانپوء ايسڪوبار ۽ سندس ساٿي گرفتاري ڏين ٿا. کين اڳ ۾ ئي سندن مرضي ۽ ضرورتن مطابق تيار ڪيل جيل ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو ۽ اندران ۽ ٻاهران اهڙا انتظام ڪيا وڃن ٿا جيئن مٿس ڪنهن به پاسي کان ڪو حملو نه ٿي سگھي. سندس لاء جيل ائين هجي ٿو ڄڻ فائيو اسٽار هوٽل جنهن ۾ کيس سڀ سهولتون حاصل هجن ٿيون. تحفظ ۽ غيريقيني صورتحال کان محفوظ هئڻ سان گڏوگڏ هو اتي ساڳي وقت پنهنجو ڌنڌو به معمول موجب هلائي سگھي پيو. ڪجھ وقت کانپوء حڪومت کيس ان جيل مان منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. هو سمجھي ٿو ته ان جو هڪ مقصد کيس آمريڪا جي حوالي ڪرڻ هو ۽ ٻيو مقصد پوليس هٿان قتل ڪرائڻ هو. ان ڳاله کي ذهن ۾ رکندي هوِ جيل مان ڀڄڻ جي رٿا ٺاهي ٿو. جيل جي پوليس کي رشوت ڏيئي هو پنهنجن ڪجھ ساٿين سان جيل مان ڀڄي وڃي ٿو. اهو سندس لاء سخت وقت هجي ٿو. پوليس هر وقت سندس پويان لڳل هجي ٿي ۽ هو ڪٿي به ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه ٿو رهي. هڪ ڀيري کانئس جڏهين صبر نه ٿو ٿئي ۽ پٽ سان ٽيليفون تي ڳالهائي ٿو ته پوليس کي سندس ٺڪاڻي جو پتو پئجي وڃي ٿو ۽ اها ان جو گھيراء ڪري وٺي ٿي. دنيا جو ڪو به ملڪ کيس پناه ڏيڻ لاء تيار نه ٿو ٿئي ۽ جرمني مان سندس پٽ کي واپس ڪيو ٿو وڃي.
گارشيا مارڪيز هن ڪتاب ۾ پنهنجي صحافتي ۽ ادبي صلاحيتن کي گڏي استعمال ڪيو آهي ۽ اهو فڪشن نه هوندي به ڄڻ فڪشن جي انداز ۾ لکيل آهي. گارشيامارڪيز جو هي ڪتاب پوري دنيا ۾ هڪ مثال بڻجي ويو آهي. خاص طور تي جڏهين ايران جي مخالف ڌر جي اڳواڻ مير حسين موسوي، جنهن کي 2011 کان گھر ۾ نظربند ڪيو ويو هو، پنهنجي خاندان وارن کي اهو چيو ته جيڪڏهين اوهان منهنجي قيد جي صورتحال کي سمجھڻ چاهيو ٿا ته گارشيا مارڪيز جي هن ڪتاب کي پڙهو. چيو

ھالا جا رنگ ھزار

ھالا جا رنگ ھزار

ڪجھ وقت اڳ پنهنجن ڪتابن مان پڙهڻ لاء ڪو ڪتاب به ڏٺم ته محمد حبيب سنائي جي سهڙيل ڪتاب هالا جا رنگ هزار تي نظر پيئي. حبيب منهنجو پراڻو دوست آهي. هڪ پڙهيل ڳڙهيل، سلجھيل ءِ ماٺيڻو شخص آهي. وٽس گھڻو ڪجھ هوندي به هو ان جي نمائش نه ڪندو آهي. خاموشي سان ڪم ڪندڙ ماڻهو جنهن جي گھڻي ڪم کي اڃا سامهون اچڻ جي ضرورت آهي.
هي ڪتاب مٽياري ڪتاب دوست پروگرام تحت سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپايو ويو آهي. هالا گھڻن حوالن سان سنڌ جو هڪ اهم شهر آهي. هن ڪتاب ۾ شهر جي تاريخ، جاگرافي، ادب، سماجي زندگي ءِ ٻين مختلف حوالن سان مختلف جاين تي اڳ ڇپيل مواد کي گڏ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب رڳو نالي ۾ ناهي پر حقيقت ۾ شهر جي سڄي تصوير پيش ڪري ٿو. سنڌ جي ٻين شهرن متعلق به اهڙي ڪم جي ضرورت آهي جيڪو حبيب جهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو ئي ڪري سگھن ٿا

هجرت جو الميو

هجرت جو الميو

جيتوڻيڪ ماڻهو شروع کان ئي مختلف سماجي، سياسي ۽ معاشي ڪارڻن جي ڪري هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندو رهيو آهي پر ان جي نتيجي ۾ هو ڪيئي نسلن تائين خاص طور تي ذهني ۽ نفسياتي ڀوڳنائن جو شڪار رهندو آهي. هو ڄڻ پنهنجي اندر ۾ پنهنجي سڄي ڌرتي، ان جا رسم رواج، اتان جي ٻولي، اتان جا ماڻهو، موسم، ميوا، کاڌا ۽ انهن جو سواد سڀ کڻي ٻئي ملڪ پهچندو آهي ۽ اتي پنهنجي ڌار دنيا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهين گھڻن معاملن ۾ هو ائين نه ڪري سگھندو آهي ته هڪ مايوسي ۽ فرسٽريشن واري ڪيفيت ۾ وٺجي ويندو آهي. ايراني آمريڪي ليکڪ آزادي موئويني شاه خلاف انقلاب جي نتيجي ۾ پنهنجي خاندان جي آمريڪا لڏي وڃڻ جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿي ته ايرانين لاء باغن جي وڏي اهميت آهي جنهن جو مثال هو ائين ڏئي ٿي ته جڏهين سندس ناني کي پنهنجي مڙس متعلق اها خبر پئي ته سندس ڪنهن ٻي عورت سان ناتا آهن ته هن کانئس بدلي وٺڻ لاء نوڪر کي حڪم ڏنو ته سندس باغ جي وڻن کي وڍي پٽي ويران ڪري ڇڏي. آمريڪا ۾ ايران جهڙا باغ ته ممڪن نه هئا پرسندس ناني پنهنجي سڪ پوري ڪرڻ لاء پنهنجي فليٽ آڏو گلن جي هڪ ٻاري لڳائي هئي ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندو هو جڏهين ته سندس ناني انهن کي ايران جي باغن جي ڀيٽ ۾ ڪا اهميت نه ڏيندي هئي. هو ٽي ڏهاڪا آمريڪا ۾ رهيو پر هن انگريزي سکڻ کي ضروري نه سمجھيو. هو پنهنجو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿي ته هو جيتوڻيڪ ڄائي آمريڪا ۾ هئي ۽ ننڍي هوندي پنهنجي ماء سان گڏ ڪجھ وقت لاء ايران ويئي هئي پر کيس ان جي باوجود ته آمريڪا جي ڊپارٽمنٽل اسٽورن تان توتن جا پيڪٽ ملندا هئا کيس اهي ڳاڙها توت نه وسرندا هئا جيڪي هو ايران ۾ باغن ۾ وڻن تي چڙهي ۽ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين ٽپي پٽي کائيندي هئي ۽ پوء سندس ماء کي کيس اتان رڙيون ڪري زوري لائڻو پوندو هو.
پنهنجي عادتن، لباس ۽ رسم ۽ رواج جي ڪري اهي ماڻهو مقامي ماڻهن لاء نه رڳو عجيب هونڌا آهن پر انهن لاء مسئلا به پيدا ڪندا آهن. اها ڳالهہ سنڌ جي ماڻهن کان بهتر ٻيو ڪير سمجھي سگھندو جيڪي هڪ ڊگھي عرصي کان ٻنهي پاسن کان ان ڪيفيت مان گذري رهيا آهن ۽ اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ڪيتري عرصي تائين اهو معاملو جاري رهندو ۽ ان جو انت ڪٿي ٿيندو. ان سان گڏوگڏ ساڳي وقت ان ڳالهہ کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٿيل لڏپلاڻ پهرين وڏي ۽ آخري لڏ پلاڻ نه هئي. دنيا خاص طور تي هن وقت لڏپلاڻ جي هڪ غيرمعمولي ڪيفيت مان گذري رهي آهي. افغان جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ٿيل اٽڪل اڌ ڪروڙ ماڻهن جي لڏپلاڻ ان کان پوء پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري ڄڻ پس منظر ۾ هلي ويئي آهي. صدام جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوء عراق جي گھرو ويڙه گھڻن ماڻهن کي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان کان پوء شام ۽ ليبيا جي صورٽحال، جنهن جي پيدا ڪرڻ ۾ عالمي ۽ علائقائي طاقتن جو وڏو هٿ آهي، ڄڻ سڄي علائقي کي وڪوڙي ويئي آهي ۽ لڏ پلاڻ جي اها صورتحال گھڻا ڀيرا وڌي ويئي آهي. ان لڏ پلاڻ ۾ رڳو متاثر ٿيل ملڪن جا ماڻهو شامل ناهن پر پاڪستان، افغانستان ۽ ٻين گھڻن آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جا ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جن جي ملڪ ۾ بظاهر ڪا اهڙي هنگامي صورتحال موجود ناهي. هن وقت رڳو ترڪي ۾ ٽيه لک کان مٿي شامي ۽ ٻيا پناهگير موجود آهن. پر ترڪي انهن ماڻهن جي منزل ناهي. انهن ماڻهن جي منزل ايجين سمنڊ پار ڪري يونان پهچڻ ۽ پوء اتان بلقان جي رستي يورپ جي ٻين آسودن ملڪن ڏانهن وڃڻ آهي. ان کانسواء گھڻا سمنڊ جي رستي ليبيا کان اٽلي پهچن ٿا ۽ پوء اتان يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن اسهن ٿا. اهي سڀ ماڻهو پنهنجي جان ۽ پنهنجن ٻارن کي جوکم ۾ وجھي ٻيڙين رستي سمنڊ جو خطرناڪ سفر اختيار ڪن ٿا ۽ پوء ان ڪوشش ۾ گھڻا پنهنجي منزل تي پهچن ٿا، گھڻا اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ گھڻا پنهنجن پيارن کان وڇڙي وڃن ٿا.
يورپ جيتوڻيڪ پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت وغيره جي تحفظ جي خيال کان وڏي پئماني تي پناهگيرن جي اچڻ جي ڊپ ۾ مبتلا رهيو آهي پر مختلف سماجي ۽ معاشي حالتن جي ڪري منجھن ان مسئلي متعلق گھڻا اختلاف رهيا آهن. ان سلسلي ۾ جرمني پنهنجي معاشي ۽ سياسي طاقت جي ٻل تي هڪ فيصلي ڪن ۽ رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. يورپي يونين جي گھڻن ملڪن پاران پناهگيرن جي اچڻ جي مخالفت ۽ انهن جي اچڻ تي پابنديون وجھڻ جي باوجود جرمني جي چانسلر انجيلا مارڪيل هڪ واضح موقف اختيار ڪندي وڏي پئماني تي جرمني ۾ پناهگيرن جي اچڻ ۽ رهڻ جي اجازت ڏني. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته يورپ جي ٻين ملڪن جيان جرمني ۾ به ڪم نه ڪري سگھندڙ پوڙهن جي آبادي جو تناسب ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جڏهين ته ان کي پنهنجي وڌنڌڙ معيشت لاء اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي ڪم لائق هجن ۽ ڪم ڪري سگھن. پنهنجي ان فيصلي جي ڪري مارڪيل لاڳيتو يورپي يونين ۾ شامل ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهي. ڪجھ وقت ۾ ئي اها ڳاله واضح ٿي ويئي ته پناهگيرن جو اچڻ ڪو هڪ دفعي جو يا هڪ خاص تعداد جي اچڻ جو معاملو ناهي پر اهو هڪ لاڳيتو سلسلو آهي جنهن متاثر ٿيل ملڪن جي ڳوٺن ۽ شهرن کي خالي ڪري ڇڏيو آهي.
اها ڳالهہ ته واضح آهي ته اهي پناهگير رڳو افرادي قوت جو پورائو ڪندڙ ناهن پر اهي ساڳي وقت انهن ملڪن جي سماجي سهولتن ۽ وسيلن تي پڻ هڪ بار بڻجن ٿا. ان سان گڏوگڏ اهي پاڻ سان اهڙا قدر ۽ رسم ۽ رواج کڻي اچن ٿا جيڪي اتان جي ماڻهن کان بلڪل ئي مختلف آهن ۽ گھڻن معاملن ۾ انهن سان ٽڪراء ۾ اچن ٿا. انهن پناهگيرن جي گھڻائي جو مسلمان هئڻ موجوده حالتن ۾ دهشت گردي وغيره جي واقعن کي ڏسندي انهن ملڪن جي حڪومتن ۽ ماڻهن لاء اڃا وڌيڪ تشويش جو باعث آهي. ان ڪري گھڻن ملڪن پاران پناهگيرن لاء پنهنجين سرحدن کي بند ڪيو ويو آهي. يورپي يونين پاران ترڪي کي مختلف ترغيبون ڏيئي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته پناهگيرن کي ايجين سمنڊ پار ڪري يونان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي. ان کي ٽي ارب يورو ڏيڻ سان گڏوگڏ ترڪي جي ان گھر تي پڻ غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي ته ان جي يورپي يونين ۾ داخل ٿيڻ لاء ڳالهين جي عمل کي تيز ڪيو ويندو. ترڪي کي اهو چيو ويو آهي ته اهو يونان ۾ پناه ورتل هڪ شامي پناهگير جي بدلي ۾ هڪ شامي پناهگير کي يورپ اماڻيندو.
انهن قدمن سان گڏوگڏ شام جي مسئلي جو پڻ حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. پر اصل ڳالهہ اها آهي ته ايشيا ۽ آفريڪا هن وقت غربت، بک، بيروزگاري، سياسي عدم استحڪام، دهشت گردي ۽ گھرو ويڙه ۾ ورتل آهن جن اتان جي ماڻهن جي جيئڻ کي جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ڄڻ اتان لوڌي ڪڍيو پيو وڃي. جيستائين انهن مسئلن کي حل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ماڻهن جي حياتي کي جيئڻ لائق نه ٿو بڻايو وڃي تيستائين ان صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ ڏکيو آهي.

هڪ ليکڪ جي زندگي

هڪ ليکڪ جي زندگي

ويڪوم محمد بشير مليالم ٻولي جو ليکڪ آهي. جيتوڻيڪ هن افساني ۽ ناول وغيره جي حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو آهي پر سندس رڳو اهو ڪم نه رهيو آهي. 1910 ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪ جو ڀارت جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. هو پنهنجي اسڪول جي ڏينهن کان ئي ان ۾ شامل رهيو. جڏهين هو پنهنجي پڙهائي جي سلسلي ۾ روچي رياست جي شهر ويڪوم ويو ته اتي سندس ملاقات مهاتما گانڌي سان ٿي جيڪو اتي ستيا گره تحريڪ جي سلسلي ۾ آيو هو. گانڌي جي شخصيت ۽ ڳالهين کيس گھڻو متاثر ڪيو ۽ پنهنجن ڪجھ دوستن سان گڏ هن پڙهائي ڇڏي ان تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت روچي جي رياست هئڻ ڪري اتي سياسي سرگرمين جي اجازت نه هئي ان ڪري اهي دوست ستيا گره جو حصو ٿيڻ لاء مالابار لاء روانا ٿي ويا پر پوليس کين مقصد تائين پهچڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪري ورتو. ٿاڻي ۾ ڪجھ ڏينهن رهائڻ کانپوء مقدمو هلائي کيس سزا ڏيئي ٽن مهينن لاء جيل اماڻيو ويو. اتي هن ڀڳت سنگھ، سکديو ۽ ٻين انقلابين جن کي ان دوران ڦاهي ڏني ويئي هئي جا قصا ٻڌا ۽ انهن کان متاثر ٿيو.
گانڌي ارون ٺاه کانپوء ٻين ڪارڪنن سان گڏ کيس به آزاد ڪيو ويو پر هو سک سان نه ويٺو ۽ پنهنجين سرگرمين کي جاري رکيائين. هو پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ گھڻي ڀاڱي کاٻي ڌر جي انقلابين سان گڏ هونڌو هو جيڪي تشدد کي به پنهنجي جدوجهد جو هڪ طريقو ڪري ليکيندا هئا. هن سياسي تحريڪ کي منظم ڪرڻ سان گڏ اجيونن جي نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيو جنهن جي ڪري مٿس وارنٽ جاري ٿيا ۽ هو فرار ٿي ويو. پوليس کان بچڻ لاء هو لاڳيتو هڪ جاء کان ٻي جاء تائين اٽڪل ستن سالن تائين سفر ۾ رهيو. ان دوران هن اٽڪل سڄو هندوستان گھميو ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي گھڻن ملڪن ۾ ويو. سادن سنتن سان گڏ رهيو ۽ هماليه جي غفائن ۽ گنگا جي ڪنارن تي به رهيو. هن بکون به ڪاٽيون، موت جي آمهون سامهون به ٿيو ۽ پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاء ڪنهن به ننڍي وڏي ڪم کان نه ڪيٻايو. هن چوڪيدار، قسمت جو حال ٻڌائيندڙ، ميوو وڪڻندڙ، باورچي، اخبار وڪڻندڙ هاڪر، هوٽل مينيجر ۽ ٻڪرار جهڙا ڪم ڪيا. گھر موٽڻ کانپوء پنهنجي پي جي خراب معاشي حالت کي ڏسندي هن ڪاروبار شروع ڪيو پر سائيڪل جي حادثي ۾ ٽنگ ڀڄڻ جي ڪري اهو به ختم ٿي ويو. 1940 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ کيس وري گرفتار ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ کانپوء هن فيصلو ڪيو ته هاڻي کيس رڳو هڪ ليکڪ طور جيئرو رهڻو هو. هو اخبار ۾ ڪهاڻيون لکڻ ۽ پنهنجا ڪتاب ڇپائي ان کي پاڻ گھر گھر وڃي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اڳتي هلي هو پنهنجو بوڪ اسٽور پڻ قائم ڪري ٿو. ڀارت جي آزادي کانپوء سندس عملي سياست سان دلچسپي ختم ٿي ويئي پر هو اخلاقي ۽ معاشرتي مسئلن سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان تي پنهنجو موقف ڏيندو رهيو.
پنهنجي قيد دوارن ٿاڻي ۽ جيل ۾ بند قيدين ۽ پوليس وارن سان سندس جيڪا ڳاله ٻوله ٿيندي رهي ان اڳتي هلي سندس مختلف ڪهاڻين جو روپ ورتو. جيل ۾ هونڌي هن ديوارن جي نالي سان هڪ شاندار ۽ انوکي ڪهاڻي لکي. هو جتي قيد هجي ٿو اتي ديوار جي ٻئي پاسي عورتن جو وارڊ هجي ٿو. هو روز انهن جا آواز ٻڌي ٿو. هڪ عورت، جنهن جو آواز کيس پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري ٿو، سان سندس ڏيٺ ويٺ ۽ ديوار ۾ ٿيل سوراخ ذريعي ڳالهہ ٻولهہ ٿئي ٿي. پر جڏهين اهي هڪٻئي کي ڏسڻ ۽ ملاقات لاء ڪو ڏينهن مقرر ڪن ٿا ته ان کان ڪجھ وقت اڳ ئي سندس آزادي جو حڪم اچي وڃي ٿو ۽ اها ملاقات نه ٿي ٿي سگھي ۽ اها بس سندس تصور جو حصو بڻجي سندس ڪهاڻي ۾ امر ٿي وڃي ٿي. سندس ٻي هڪ مشهور ڪهاڻي فاطمه جي ٻڪري آهي. اها هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي جيڪو هڪ ڊگھي سفر تان پنهنجي گھر اچي ٿو جتي سندس ماء، ڀائر، ڀينرون ۽ انهن جا گھر وارا رهن ٿا. هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار سندس وڏي ڀيڻ فاطمه، جيڪا ڌار ٻئي گھر ۾ رهي ٿي، جي ٻڪري آهي جيڪا سڄو ڏينهن سندن گھر ۾ رهي ٿي ۽ ڪو نه ڪو نقصان ڪندي رهي ٿي. ان ڪهاڻي جي ٻي خاص ڳاله اها آهي ته سندس ماء سميت گھر جو هر فرد کانئس ڪجھ نه ڪجھ رقم ۽ ٻيون شيون وٺڻ جي چڪر ۾ هجي ٿو. گھڻن موقعن تي هو بيزار به ٿئي ٿو، کين ڇڙٻي به ٿو ۽ گھر مان هليو وڃڻ جي ڌمڪي به ڏئي ٿو پر اهي سڀ نڪ جا ڏاڍا ۽ نرڄا هجن ٿا ۽ پنهنجي ڪرت کي لڳل رهن ٿا. هڪ عام ۽ آسان انداز ۾ لکيل ڪهاڻي جنهن کي گھڻا پڙهندڙ ڄڻ پنهنجي ئي وارتا ڪري سمجھي سگھن ٿا.گھڻن پاران اهو خيال ڏيکاريو وڃي ٿو ته اهي ڪهاڻيون هڪ لحاظ کان ڄڻ سندس آتم ڪٿا آهن. هڪ سادي ۽ سهل انداز ۾ هو ائين لکي ٿو ڄڻ ڪا ڳالهہ ڪبي آهي.
جيڪڏهين سندس زندگي جي سفر تي نظر وجھجي ته واقعي ائين لڳي ٿو ته اهو سڀڪجھ ساڻس ئي ٿيو هو. سندس ڪهاڻين جي ٻولي عام فهم ۽ اها آهي جيڪا عام استعمال ۾ اچي ٿي. جيتوڻيڪ کيس پنهنجي ٻولي مليالم تي عبور حاصل هجي ٿو پر هو گرامر وغيره کي گھڻي اهميت نه ٿو ڏئي. هڪ ڀيري سندس ڀاء جيڪو مليالم جو استاد هجي ٿو کيس ان متعلق سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هو کيس ڇڙٻ ڏيئي چئي ٿو ته پنهنجي گرامر پاڻ وٽ رک آئون اها ئي ٻولي استعمال ڪندس جيڪا عام ماڻهو ڪري ٿو. ساڳي ريت هو انهن پبلشرز سان وڙهي پوندو هو جن جي ليکي هن معياري ادبي ٻولي استعمال نه ڪئي هئي ۽ ان ۾ هٿ چراند ۽ ڦيرڦار جي ڪوشش ڪندا هئا. سندس اصرار هونڌو هو ته اهڙي ريت سندس لکڻين جي خودرويت ۽ انهن جي رواني متاثر ٿئي ٿي ان ڪري ان کي جيئن ان لکيو آهي ائين ئي ڇاپيو وڃي. هن ڪردار به عام زندگي مان کنيا آهن. اهي گھڻو ڪري ڏتڙيل ۽ هيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ آهن.
سندس زندگي لاڳيتو بحرانن جو شڪار رهي. هڪ غيرمعمولي ڳاله اها ته هو ٻه ڀيرا شديد ذهني بيماري جو شڪار ٿيو جنهن جي ڪري کيس ذهني بيمارين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. پرِ ٻيئي ڀيرا هو صحتياب ٿي موٽيو ۽ پنهنجي ادبي ۽ سياسي ڪرت کي لڳي ويو.
پنهنجي ان سڄي جاکوڙي زندگي جي ڪري هو رڳو وچولي عمر ۾ ئي سانتيڪو ٿي هڪ جاء تي ويهي سگھيو.هن اٺيتاليهہ سالن جي عمر کانپوء ويهن سالن جي ڇوڪري فاطمه سان شادي ڪئي جنهن سان کيس شديد محبت هوندي آهي ۽ پنهنجي نالي جا ڪجھ حرف گڏي هو ان کي فبي ڪوٺيندو هو. ان مان کيس ٻه ٻارٿيا ۽ اها سندس وفات کانپوء ويه سالن تائين جيئري رهي. سندس ادبي ڪمن کي عوامي ۽ حڪومتي سطح تي مڃتا ملي ۽ مرڪزي ۽ ڪيرالا جي رياستي سرڪار پاران کيس

هڪ شهزادي جي ڪهاڻي

هڪ شهزادي جي ڪهاڻي

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست تي گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به اهو سلسلو جاري آهي. بينظير جي شهادت کان پوء سندس دوست ڀارتي صحافي شيام ڀاٽيا سندس شخصيت ۽ سياست تي هڪ اهم ڪتاب Goodbye Shahzadi- A political Biography of Benazir Bhutto لکيو. شيام آڪسفورڊ ۾ بينظير سان گڏ هو پر ٻنهي جا ڪاليج ڌار هئا. بينظير سان پنهنجي تعارف ۽ واقفيت متعلق هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت هو بي بي سي سان ڪم ڪندو هو. کيس انهن پاران بينظير جي انٽرويو ڪرڻ جو اسائنمنٽ ڏنو ويو. هن جڏهين بينظير سان رابطو ڪري انٽرويو متعلق چيو ته هن کيس چيو ته هو پنهنجي پي سان ڳالهائي پوء کيس ان متعلق ٻڌائيندي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته بينظير آڪسفورڊ پاران سندس پي، جيڪو پڻ آڪسفورڊ جو شاگرد رهيو هو، کي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاء ڪوشش ڪري رهي هئي پر هن ۽ ڪجھ ٻين ان ڳالهہ جي ان بنياد تي مخالفت ٿي ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي اوڀر بنگال ۾ ادا ڪيل ڪردار جي ڪري کيس اها ڊگري نه ملڻ گھرجي ۽ کيس اها ڊگري نه ملي. سندن دوستي اٽڪل ٽي ڏهاڪن بينظير جي شهادت تائين هلي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته هڪ صحافي جي طور هن مختلف سياستدانن جا انٽرويو ڪيا آهن پر سڀ کان گھڻا انٽرويو هن بينظير ڀٽو جا ڪيا. اهي انٽرويو هن گھڻو ڪري لندن، دبئي ۽ ڪراچي ۾ ڪيا.
بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي پهريون تعارف 1971 ۾ ان وقت ٿيو جڏهين هو پنهنجي پي سان شملا ۾ پاڪ ڀارت معاملن تي ڳالهہ ٻولهہ لاء آئي هئي. بينظير جو چوڻ هو ته اهو ان ڳاله جو ثبوت هو ته ذوالفقار علي ڀٽو بجائي مرتضا جي کيس پنهنجو سياسي جانشين ڪرڻ چاهيو ٿي جڏهين ته ليکڪ جو خيال آهي ته اهو سڀ حآدثاتي طور ٿيو. بيگم نصرت ڀٽو کي پنهنجي مڙس سان ڀارت اچڻو هو پر سندس بيمار هئڻ ڪارڻ بينظير کي ان وفد ۾ شامل ڪيو ويو. هو ٻڌائي ٿو ته اتي اخبارن ۽ شملا جي ماڻهن پاران کيس گھڻي اهميت ڏني ويئي. هو جڏهين ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لاء قطار ڪري بيهندا هئا. ان ڳاله اندرا گانڌي ۽ ٻين گھڻن کي پريشان ڪيو ته اخبارن ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي ٿيل ڳاله ٻوله ۽ ان ۾ لاهن چاڙهن کي ايتري اهميت نه ٿي ڏني جيتري انهن بينظير کي ڏني ٿي. ساڳي وقت ڀٽو جي پنهنجي ڌي سان گھڻي محبت هوندي هئي. هو جڏهين پهريون ڀيرو 1968 ۾ گرفتار ٿيو ته ان وقت بينظير اي ليول ۾ هئي. هن کيس هڪ خط وسيلي پنهنجي پڙهائي تي توجھ ڏيڻ لاء چيو ۽ جڏهين هو هارورڊ ۾ هئي ته ڀٽو کيس لکيو ته تنهنجي پڙهائي وغيره تي گھڻو خرچ اچي ٿو جيڪو سڀ انهن هارين جي محنت جي ڪري ٿئي ٿو جيڪي اسان جي زمينن تي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته پنهنجي پڙهائي تي توجھ ڏي ۽ جيئن واپس موٽڻ کانپوء انهن ماڻهن جي خدمت ڪري سگھين.
فوجي بغاوت مهل ڀٽو پنهنجن ٻنهي پٽن کي ملڪ مان ڪنهن به ريت نڪري وڃڻ لاء چيو جڏهين ته بينظير ۽ نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهڻ جو ئي فيصلو ڪيو. هي ٻيئي لاڳيتو ڏکيائين کي منهن ڏينديون رهيون. وقت بوقت کين قيد ڪيو ٿي ويو ۽ مٿن پابنديون مڙهيون ٿي ويون. بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي حوالي سان هن سندس دوست پيٽر گالبريٿ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو آهي. پيٽر جو پي گالبريٿ مشهور معيشتدان ۽ پوء ڀارت ۾ آمريڪا جو سفير به رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سندس مداح هو ۽ سندس ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. هو جڏهين ڀارت ۾ سفير هو ته هو واهگه رستي پاڪستان آيو هو ۽ ڀٽي سرحد تي سندس استقبال ڪيو هو. بينظير جڏهين هارورڊ ۾ پڙهڻ ويئي ته ڀتي کيس سندس سرپرست ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. جڏهين ته پيٽر کي بينظير سندس سگريٽ پيئڻ، وڏن وارن، اڍنگن ڪپڙن پائڻ ۽ بي فڪري طرز عمل ڪري پسند نه ڪندي هئي پر پوء هن بينظير جي آزادي ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کيس گھڻو متاثر ڪيو. پيٽر بينظير سان آڪسفورڊ ۾ به گڏ هو ۽ هن سندس ڊبيٽنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري چونڊجڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. بينظير جي گرفتاري وقت پيٽر آمريڪا ۾ پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽي ۾ هڪ سينيٽر سان لاڳاپيل هو. هن اتي مختلف سينيٽرن کي ان ڳاله تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بينظير سان پاڪستان ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو اهو غلط هو. ان وقت آمريڪا ۾ ريگن جي حڪومت هئي ۽ سوويت فوجن جي پاڪستان ۾ اچڻ ڪري آمريڪا لاء پاڪستان جي اهميت وڌي ويئي هئي. ان ڪري هو جڏهين هتي آيو ته کيس ينظير سان ملڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. واپس آمريڪا وڃي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي ۽ مختلف سينيٽرن سان لاڳاپي ۾ آيو. ان ڪري ريگن انتظاميا تي به دٻاء پيو. هو جڏهين وري پاڪستان ويو ته کيس اتي آمريڪي سفير به سٺي موٽ ڏني ۽ حڪومت پاران به کيس بينظير سان ملڻ جي اجازت ڏني ويئي. پر سندس بينظير سان ملاقات کان اڳ حڪومت کيس آزاد ڪري ملڪ کان ٻاهر علاج لاء موڪلي ڇڏيو. هن اتي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته هو آمريڪا اچي ۽ اتي مختلف سينيٽرن ۽ ٻين بااثر ماڻهن سان ملاقات ڪري. جيتوڻيڪ ريگن انتظاميا پاران ضياءالحق سان ويجھڙائي جي ڪري کيس گھڻي اهميت نه ڏني ويئي پر ٻين حلقن ۾ کيس چڱي پذيرائي ملي.
ڀٽو ۽ بينظير تي ڀارت نوازهئڻ جو الزام به لڳايو وڃي ٿو. ان جو هڪ ڪارڻ اهوڏنو وڃي ٿو ته ڀٽو جي ماء خورشيد بيگم هندو مان مسلمان ٿي شاهنواز ڀٽو سان شادي ڪئي هئي. ان ڳاله جي سڀ کي خبر آهي ته ڦاهي ملڻ کانپوء ڀٽو جي شلوار لاهي فوٽو ڪڍيا ويا هئا ته جيئن ان ڳاله جي پڪ ڪري سگھجي ته آيا سندس طهر ٿيل هئا. پر اها ڳاله ثابت ٿي ته مسلمانن جيان سندس طهر ٿيل هئا. ان ڳاله کي به نظر ۾ رکڻ گھرجي ته جيتوڻيڪ ڀارت سان شملا ٺاه سندس هڪ وڏي ڪاميابي هئي پر ساڳي وقت هن هڪ پاسي ڀارت سان هزار سالن تائين جنگ جي ڳاله ڪئي ٿي ۽ ٻئي پاسي هن ڀارت جي ائٽمي پروگرام جي جواب ۾ پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪيو هو ۽ ان ڳاله کي واضح ڪيو هو ته ڀلي گاه کائڻو پئي پر پاڪستان پنهنجو ائٽمي پروگرام مڪمل ڪندو. بينظير لاء اهو چيو وڃي ٿو ته هن سکن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاء ڀارت جي مدد ڪئي. ساڳي وقت سندس راجيو گانڌي جي پاڪستان جي دوري وقت اها مفاهمت ٿي هئي ته سياچين کي هڪ غيرفوجي علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ ٻيئي ملڪ اتان پنهنجيون فوجون واپس گھرائيندا پر راجيو ڪجھ وقت کانپوء ڪنهن پرڏيهي دوري تي ويندي جهاز مان کيس اهو نياپو موڪليو ته هو هن وقت اهو نه ٿو ڪري سگھي ۽ چونڊن ٿيڻ کانپوء ان متعلق فيصلو ڪندو. ساڳي وقت بينظير پاران ڪشمير جي معاملي ۾ هڪ سخت موقف اختيار ڪرڻ پڻ ان سلسلي ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي ويو.
پاڪستان جو نيو ڪليائي پروگرام بحث جو موضوع رهيو آهي. بينظير جو چوڻ هو ته ان وقت جو پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن جو چيئرمين منير احمد خان ان سلسلي ۾ هڪ اهم ماڻهوهو جڏهين ته ڊاڪٽر قدير متعلق هو چئي ٿي ته هو رڳو هڪ ٽيڪنيشن هو جيڪو هالينڊ مان ان متعلق معلومات چورائي اتان ڀڄي پاڪستان آيو هو ۽ هتي ڀٽو کي پنهنجيون خدمتون آڇيون هيون. ايران، ليبيا ۽ اتر ڪوريا وغيره سان نيوڪليائي معلومات ونڊڻ متعلق ڊاڪٽرقدير جي ڪردار متعلق پڻ بينظير ليکڪ سان ڳالهايو آهي. ان جي تفصيل مشرف پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڏني آهي.
1988 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيل پارٽي بنيادن وارين چونڊن ۾ پاڪساتان پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. حڪمران ڪنهن به ريت اقتدار بينظير جي حوالي ڪرڻ لاء تيار نه هئا. ان جي مقابلي لاء سڀني مخالف جماعتن کي گڏي اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهيو ويو پر ان سڀ جي باوجود پيپلز پارٽي قومي اسمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت جي طور سامهون آئي. کيس اها توقع هئي ته صدر کيس حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندو. پرکيس حڪومت نه ڏيڻ لاء مختلف حربا هلايا ويا. پيپلزپارٽي جي چونڊيل اسمبلي جي ميمبرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر کين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. نيٺ آمريڪي سفير رابرٽ اوڪلي کي ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پيئي تڏهين صدر پاران بينظير کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويئي.
اهو چيو وڃي ٿو ته بينظير جي ويهہ مهينن جي پهرئين حڪومت جي دور ۾ ڪابه قانون سازي نه ڪئي ويئي. ڏٺو وڃي ته ان جا ڪارڻ هئا. کيس هر طريقي سان بي اختيار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ٽرائيڪا جيڪو رياست جي اهم معاملن متعلق فيصلا ڪندو هو ان ۾ عام طور صدر، آرمي چيف ۽ وزيراعظم شامل هوندا آهن پر هن ڀيري ان ۾ بجائي وزيراعظم جي آئي ايس آئي جو سربراه شامل هو. جنرل اسلم بيگ پاران وزيراعظم کي اهو چيو ويو ته اها بچاء ۽ پرڏيهي معاملن کان پري رهي ۽ انهن ۾ مداخلت نه ڪري. بينظير ليکڪ کي اهو به ٻڌايو ته کيس نيوڪليئر معاملن کان پري رکيو ويو. هن جڏهين صدر کي چيو ته هو ان متعلق لاڳاپيل سائنسدانن کان بريفنگ وٺڻ چاهي ٿي ته هن کيس چيو ته تنهنجو ان معاملي ۾ ڪجھ نه وڃي پر جڏهين هن ان معاملي کي ماڻهن ۾ کڻي وڃڻ جي ڳاله ڪئي ته صدر سائنسدانن کي کيس بريفنگ ڏيڻ لاء چيو. ساڳي وقت پنجاب ۾ نوازشريف جي حڪومت هئي جيڪو ڪنهن به ريت ساڻس سهڪار ڪرڻ لاء تيار نه هو. ڪجھ عرصي کانپوء حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويئي جيڪا ناڪام ٿي. انهن سڀني ڳالهين کانپوء اٽڪل ويه مهينن کانپوء آگسٽ 1990 ۾ صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت اهو سڄو عرصو ڄڻ پنهنجي بچاء جي جدوجهد ۾ ئي گذري ويو. 1993 ۾ کيس اقتدار ملڻ وقت ٽرائيڪا ٽٽي چڪو هو. جنرل اسلم بيگ رٽائر ٿي چڪوهو ۽ غلام اسحاق خان نواز شريف سان اختلافن جي نتيجي ۾ صدارت ڇڏي ڇڪو هو. پر ان دور ۾ به بينظير حڪومت جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي نه رهي. خاص طور عورتن جي حوالي سان ضياء الحق جي حدود آرڊيننس وغيره کي ختم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي ويئي. ان جي لاء بينظير جو چوڻ هو ته آئين ۾ تبديلين لاء کيس اسمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي گھڻائي جي ضرورت هئي جيڪا وٽس نه هئي. 1995 ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ رپورٽ شائع ڪئي جنهن ۾ ان ڳالهہ کي واضح ڪيو ويو ته بينظير حڪومت جي پنهنجي پندرنهن مهينن جي اقتدار ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي رهي.
ساڳي وقت اها ڳالهہ به هئي سندس پنهنجي ئي آندل صدر سان ناتا پڻ خراب ٿي ويا هئا. سندس چوڻ هو ته مرتضا جي قتل ۾ فاروق لغاري جو هٿ هو. صدر چيف آف آرمي اسٽاف سان حڪومت کي برطرف ڪرڻ لاء صلاح ڪئي ۽ حڪومت کي ڪرپشن ۽ نااهلي وغيره جي الزامن سان برطرف ڪري ڇڏيو.
ان کانپوء بينظير جي جلاوطني جو دور شروع ٿيو. ڪجھ عرصو هو لندن ۾ رهي پر سندس گھڻو وقت دبئي ۾ گذريو جيڪو سندس لاء گھر کان ويجھو ۽ گھر کان پري ڄڻ هڪ ٻيو گھر هو.. متحده عرب امارات جي امير شيخ زيد بن سالطان ذوالفقار علي ڀٽو سان پنهنجي دوستي جي ڪري بينظير کي دبئي ۾ هڪ عاليشان رهائش ڪنهن مسواڙ وغيره کان سواء ڏني پر ان ۾ رڳو هڪ شرط هئي ته هتي هو پاڪستان حڪومت جي اعلا عملدارن سان ته ملاقات ڪري سگھي ٿي پر ٻي ڪا سياسي سرگرمي نه ٿي ڪري سگھي.
بينظير جو تعلق هڪ اهڙي پسمنظر ۽ خاندان سان هو جتي کيس ڪک ڀڃي ٻه نه ڪرڻو پوندو هو پر هن ليکڪ کي ٻڌايو هو ته ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هو مري جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاء داخل ٿي هئي ۽ پوء هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ويئي هئي جتي کيس پنهنجا گھڻا ذاتي ڪم پاڻ ڪرڻا پوندا هئا. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته بينظير هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ۾ ڪڏهين به مايوسي ۽ ڪمزوري جو اظهار نه ڪيو هو پر جلاوطني کانپوء جڏهين دبئي ۾ هن پنهنجي پنجاهين سالگره ملهائي ٿي جنهن ۾ سندس گھڻا دوست ۽ واقف به شريڪ ٿيا هئا جن ۾ پاڪستان مان آيل ماڻهو به شامل هئا ته ان تقريب ۾ بينظير هڪ نظم پڙهيو هو جيڪو اٽڪل پنجيتاليه منٽ هليو. ان نظم ۾ بينظير جي هڪ مايوسي واري ڪيفيت هئي. هن پنهنجو پاڻ کي ملير جي مارئي جيان وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان پري محسوس ڪيو ٿي.
ليکڪ مشرف سان پنهنجي ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو ته هو بينظير جي صلاحيتن جو معترف هو پر سندس چوڻ هو ته هن بجائي ماڻهن جي ڀلائي لا ڪم ڪرڻ جي ڪرپشن وغيره ۾ پنهنجو وقت وڃايو ۽ هو ڪنهن به ريت کيس وري اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندو. پر اهڙو وقت آيو ته کيس بينظير سان ڳالهائڻ لاء دبئي اچڻو پيو. آمريڪي جن مشرف جي ناراض ٿيڻ جي ڊپ کان بينظير سان ڳالهائڻ ۽ ساڻس ملڻ پسند نه ٿي ڪيو هاڻي انهن چاهيو ٿي ته هو مشرف سان گڏجي ڪم ڪري. مشرف ڪرپشن جا سڀ ڪيس ختم ڪرڻ ۽ ساڳي وقت ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي لاء جيڪا قانون سازي ڪئي هئي ان کي به ختم ڪرڻ لاء تيار هو. پر ليکڪ اهو خيال ڏيکاري ٿو ته ان سڀ جي باوجود ائين محسوس ٿيو ٿي ته هو بينظير کي اقتدار ڏيڻ لاء تيار نه هو. ان جو مک ڪارڻ اهو ٻڌائي ٿو ته ڀٽو خاندان اسٽيبلشمنٽ کي ان ڪري ڏکيو پوندو هو جو اهي پنهنجي مرضي هلائيندا هئا ۽ سندن گھٽ ٻڌندا هئا.
ليکڪ ڀٽو خاندان ۽ خاض طور تي بينظير سان مرتضا ۽ نصرت ڀٽو جي اختلافن جو ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مرتضا به آڪسفورڊ ۾ هو پر ليکڪ جو ان سان هڪ رسمي تعلق هو. هو مرتضا سان دمشق ۾ هڪ ملاقات متعلق ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي اخبار پاران بيروت ۾ اوله جي هڪ صحافي جي اغواء جي سلسلي ۾ دمشق جي هڪ هوٽل ۾ رهيل هو. مرتضا به انهي هوٽل ۾ رهيل هو. هڪ ڀيري هو لابي ۾ ويٺو هو ته مرتضا اتان لنگھيو. هن کيس آواز ڏنو جنهن تي مرتضا فورن پنهنجو ريوالور ڪڍي پوئتي مڙي چيو ته ڪير ساڻس ملڻ چاهي ٿو. سندس ان انداز هڪ دهشت پيدا ڪري ڇڏي پر مرتضا کيس سڃاڻي سندس نالو ورتو ته شيام تون آهين. پر هو ان دهشت ۾ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ پوء مرتضا ڪيتري دير تائين سندس در تي آواز ڏيندو رهيو. نيٺ هن در کوليو ۽ پوء ٻنهي هوٽل جي تلاء وٽ رات دير تائين ڪچهري ڪئي.
ليکڪ بينظير جي هڪ دوست هئڻ سان گڏ هڪ صحافي ۽ ليکڪ به آهي. هڪ پاسي جتي سندس دوستي ۽ محبت آهي ته ٻئي پاسي هڪ صحافي جو مختلف معاملن جي حوالي سان هڪ تنقيدي نڪته نظر به آهي. اهڙي ريت ڪتاب پڙهندڙ کي بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي مختلف پاسن کان آگاهي ڏئي ٿو.

هندو هئڻ جا ڪارڻ

هندو هئڻ جا ڪارڻ

ششي ٿرور هڪ سفارتڪار، ليکڪ ۽ سياستدان آهي. سندس چوڻ آهي ته 1980 جي ڏهاڪي ۾ جڏهين مخلتف مذهبن جي حوالي سان بنياد پرستي متعلق بحث شروع ٿيو ۽ ڀارت ۾ هندوتا جي حامي قوتن کي سياسي لحاظ کان هڪ مٿڀرائپ پڻ حاصل ٿي ته هن اهو صروري سمجھيو ته هندو مذهب متعلق ڪجھ وضاحتون ڪري.
هو چئي ٿو ته پاڻ هڪ آزاد خيال شخص آهي پر ساڳي وقت هڪ هندو جي طور پوڄا پاٽ ڪندو آهي. سندس خاندان ۾ مذهب ۽ پوڄا وغيره ڄڻ ته هڪ ذاتي معاملو آهي. سندس پي باقاعدي روز صبوح پوڄا ڪندو هو پر هن ڪڏهين ان لاء مٿس زور نه وڌو. گھر ۾ هڪ خاص جاء عبادت لاء مخصوص آهي جتي مورتيون وغيره رکيل آهن. هو جيتوڻيڪ مندر وڃڻ بجائي اتي پوڄا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي پر پنهنجي حلقي ۾ پنهنجن ووٽرن جي خوشنودي لاء مندر به ويندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڀڳوان جي ڪا خاص ٻولي ناهي ۽ هو سڀ ٻوليون سمجھي ٿو. سندس پوڄا مليالم، سنسڪرت ۽ انگريزي ۾ گڏيل هوندي آهي.
ان مقصد لاء هن ڪتاب Why I am a Hindu لکيو جنهن ۾ هندو مذهب جي حوالي سان گھڻين ڳالهين جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. هندو ڌرم ٻين مذهبن جيان ناهي. پهرين ڳاله ته هندو نالو هتان جي ماڻهن يا مذهبي ڪتابن وغيره پاران نه ڏنو ويو آهي پر اهو پرڏيهين جهڙوڪ ايرانين ۽ فرانسيسين وغيره پاران ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب اهي ماڻهو آهن جيڪي دريا يا سنڌو جي هن پار رهندا آهن. جيئن ته فارسي ۾ س جو اچار ناهي ان ڪري هه جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو سنڌو مان ڦري هندو ٿي ويو آهي. جڏهين ته مذهب لاء سنتانا ڌرم يا هڪ سچي مذهب ۽ عقيدي جو اصطلاح اسستعمال ڪيو ويو آهي. هندو جي حوالي سان سڃاڻپ تي گھڻو زور انگريزن جي هندوستان ۾ اچڻ کانپوء ڏنو ويوته جيئن مختلف مذهبن جي ماڻهن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري بيهاري سگھجي.
جيئن ٽنهي وڏن ابراهيمي مذهبن ۾ پيغمبر ۽ الهامي ڪتاب آهن اهڙي ريت هندو ڌرم ۾ نه ته ڪو هڪ پيغمبر آهي، نه ئي انهن جو ڪو هڪ مذهبي ڪتاب آهي ۽ نه ئي ڪو چرچ آهي. ان ڪري هندو ڌرم هڪ مذهب کان وڌيڪ هڪ ڪلچر ۽ تهذيب آهي جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي طريقي جي مذهب جي چونڊ ڪرڻ جي آزادي آهي.
آستڪ هندن جو مطلب ويدن، آتما ۽ برهما يا پالڻهار ۾ يقين آهي. انهن ۾ ڇه فرقا آهن. ڪوبه پنهنجي پسند جي فرقي جي چونڊ ڪري سگھي ٿو ۽ پوء به هو هندو هجي ٿو. انهن ٽن شين مان ڪنهن به شي جو انڪار ڪندڙ ناستڪ آهي پر هو پوء به هندو هوندو. ناستڪ ۾ پنج فرقا آهن جن ۾ ٻڌ مت ۽ جين مت کي به شامل ڪيو وڃي ٿو. چواڪا جي نالي سان هڪ فرقو اهڙو آهي جيڪو مذهبي رسمن وغيره کي نه ٿو مڃي ۽ ان جو سڄو ڌيان دولت گڏ ڪرڻ ۽ نفعي ڪمائڻ ڏانهن هجي ٿو پر اهي پوء به هندو ئي آهن. گھڻن جنمن جي تصور کي ليکڪ ان ريت بيان ڪري ٿو ته خاص طور ابراهيمي مذهبن موجب اهو روح آهي جيڪو جسم ۾ رهي ٿو جڏهين ته هندوڌرم موجب جسم روح ۾ رهي ٿو ۽ ڪنهن به جيو جي گذريل جنم جي ڪرمن جي ڪري ايندڙ جنم ۾ اهو ان مطابق پيدا ٿئي ٿو.
هندو ڌرم جي هزارين سالن تائين باقي رهڻ جو مک ڪارڻ اهو آهي ته اهو لاڳيتو ارتقاء ڪندو آيو آهي. ان ۾ اٽڪل ٽيٽيه ڪروڙ ديوتا آهن. هن جين مت ۽ ٻڌ مت کي ڌار مذهب قرار ڏيڻ جي بجائي مهاوير ۽ سڌارٿ گوتم کي مصلح ۽ ڀڳوان جي اوتارن جو درجو ڏنو. ليکڪ يهودين جي هڪ گروه جو مثال ڏنو آهي جيڪو حضرت عيسا جي دور ۾ اوله هندوستان ۾ اچي آباد ٿيو هو. گھڻي عرصي گذرڻ کانپوء اهي ايتري قدر ان ماحول جو حصو ٿي ويا هئا جو انهن جي ڌار عبادت ۽ پوڄا جي طريقن جي باوجود انهن کي هندو سمجھيو ويندو هو جيستائين ڪنهن يهودي ربي اچي کين نه ٻڌايو ته اهي هندو نه پر يهودي آهن.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته شروع ۾ جيڪي ويد لکيا ويا انهن ۾ ذات پات جو تصور نه هو۽ اهو پوء لکيل ويدن ۾ شامل ڪيو ويو هو. رڳ ويد جي لکڻ جي پنج سو سالن کانپوء ٻيا چار ويد لکيا ويا جن جي لکڻ ۾ پنجاه رشين حصو ورتو ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ هزار سال جو وقت لڳو. ساڳي ريت اپنشدن ۽ پرانن جي لکڻ ۾ هڪ هزار سال جو عرصو لڳو.
ائين نه ٿيو ته آريا جيئن هندوستان ۾ آيا ته انهن هتي اڳ رهندڙ ماڻهن جي ديوي ديوتائن کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو بلڪ انهن مان گھڻن کي انهن پنهنجي مذهب جو حصو بڻايو. ساڳي ريت قبائلي ماڻهن ۽ جھنگلن ۾ رهندڙ آديواسين جي ديوي ديوتائن کي انهن پڻ پنهنجي مذهب جو حصو بڻايو. اها ٻي ڳاله آهي ته گنگا جمنا جي ميدانن يعني اتر هندوستان جيڪو آريائن جو مرڪز هو ۽ ڏکڻ هندوستان، جتي دراوڙن جي گھڻائي هئي، ۾ مختلف ديوي ديوتائن جي ڪردار جي حوالي سان اختلاف موجود آهن. مثال طور ڏکڻ ۾ هڪ روايت آهي ته اتي اونم مهابلي نالي هڪ بادشاه هوندو هو جيڪو سخي، رحمدل ۽ خلق جو ڀلو ڪرڻ وارو هو ۽ ماڻهن جي ساڻس گھڻي محبت هوندي هئي. اهو ڏسي ديوتائن کي اچي اهو ڊپ ٿيو ته ماڻهو بادشاه جي محبت ۾ ڪٿي کانئن ڦري نه وڃن. ديوتائن پاران وشنو کي هڪ ونم بندري شخص جي صورت ۾ بادشاه جي درٻار ۾ موڪليو وڃي ٿو. هو بادشاه کي چئي ٿو ته کيس ٽي قدم زمين کپي. بادشه سندس قد بت کي ڏسندي سمجھي ٿو ته اها ته ڪا ڳالهہ ئي ناهي. هو کيس چئي ٿو ته ٺيڪ آهي. سندس هڪ قدم ۾ پوري ڌرتي اچي ٿي وڃي ۽ ٻئي قدم ۾ پورو آسمان جڏهين ته ٽئين قدم ۾ مها بلي زمين دوز ٿي ٿو وڃي. ڏکڻ جا ماڻهو مهابلي جي زمين ڏانهن موٽ جي ياد ۾ هر سال انم مهابلي جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن ۽ اتر وارا ونم بندري جي روپ ۾ وشنو جي پوڄا ڪندا آهن. هڪ ڀيري بي جي پي جي هڪ وزير ٽوئيٽ ڪري وشنو جي پوڄا جون واڌايون ڏنيون هيون جڏهين ته رڳو هڪ ڏينهن اڳ ڏکڻ وارن انم مهابلي جي ڌرتي ڏانهن موٽ جو ڏهاڙو ملهايو هو. وزير جي ان توئيٽ تي ڏکڻ جي ماڻهن پاران سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو.
ايندڙ مضمون ۾ ڪجھ ٻين پاسن جو جائزو ورتو ويندو.

ھنگل ۽ سوڀو

ھنگل ۽ سوڀو

انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي ورهاڱي وقت اصولي طور اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته پارٽي کي به هندو مسلم جي بنياد تي ورهايو ويندو. ان جو هڪ اهم اشارو ته پاڻ سجاد ظهير جو پارٽي کي وري منظم ڪرڻ لاء پاڪستان اچڻ هو ۽ ساڳي وقت هتي موجود پارٽي جي هندو ميمبرن کي ڀارت لڏڻ لاء زور ڀرڻ هو. ان جو ذڪر ڪندي ڪامريڊ نور ظهير پنهنجي ڪتاب At Home in Enemy Land جي صفحي 16 تي لکي ٿي ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ اي ڪي هنگل ۽ سوڀو گيانچنداڻي ٻيئي گڏ هئا. سجاد ظهير ٻنهي کي ڀارت لڏي وڃڻ لاء چيو هو. انهن مان هڪ هائوڪار ڪئي ۽ ٻئي منع ڪري ڇڏي. جنرل سيڪريٽري جي هدايت جي ان فرمانبرداري ۽ نافرماني ٻن جگري يارن کي ائين جدا ڪري ڇڏيو جو انهن لاء ڇاونجاه سالن کانپوء ان گڏجاڻي ۾ ملڻ ئي ممڪن ٿي سگھيو.


واپاري ڪمپنيون ۽ نئين بيٺڪيت جي شروعات

واپاري ڪمپنيون ۽ نئين بيٺڪيت جي شروعات

سترنهين صدي جي شروع ۾ يورپ جا مختلف ملڪ جهڙوڪ هالينڊ، انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ پورچوگال وغيره جيڪي هن وقت معاشي لحاظ کان ترقي ڪيل ملڪن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا هندوستان ۽ ٻين گھڻن اڄ جي گھٽ ترقي يافتا ملڪن کان گھٽ ليکيا ويندا هئا. ان جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت دنيا جي ٽيڪسٽائيل جي پيداوار ۾ انگلينڊ جو حصو پنج سيڪڙو مس هو جڏهين ته هندوستان جو پنجويهہ سيڪڙو هو.
انهن ملڪن جي ٻي دنيا تائين پهچ ۾ سامونڊي جهازن ۾ سڌاري ۽ ترقي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. اتفاق سان آمريڪا جي دريافت اسپين لاء خزانن جا در کولي ڇڏيا ۽ اهو هڪ پٺتي پيل ملڪ مان عالمي طاقت بڻجي ويو.ِ پوء ٻيا ملڪ به ان جي ڪڍ اتي پهتا. ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ڄڻ انهن جي پهچ ۾ اچي ويئي. هالينڊ ۽ انگلينڊ وغيره نالي ۾ ننڍا ملڪ هئا پر سامونڊي طاقت ۽ جديد هٿيارن انهن کي گھڻن ملڪن جي حڪومتن کان وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيو هو.
انهن مان ڪجھ ملڪن پاران واپار جي نالي ۾ ڪمپنيون ٺاهيون ويون جن کي هڪ ته حڪومتن جي پوري پٺڀرائي هوندي هئي ۽ ٻيو عام ماڻهن جي ان ۾ سيڙپ هوندي هئي. جڏهين ته ٻين ملڪن ۾ اهو واپار حڪومتن جي سڌي ضابطي ۾ هوندو هو. ڏٺو وڃي ته واپار جو رڳو نالو هوندو هو جڏهين ته اصل ڪم سمنڊ ۽ مختلف ملڪن ۾ ڦرمار ۽ زور زبردستي سان پنهنجي لاء فائدا حاصل ڪرڻ هوندو هو. انهن بحري جهازن سان گڏ باقاعدي هٿيار ۽ فوج هوندي هئي ۽ انهن جون سمنڊ ۾ هڪٻئي سان چڪريون هڪ عام ڳالهہ هوندي هئي. پورچوگال، انگلينڊ، فرانس ۽ هالينڊ وغيره جا هڪٻئي جي جهازن تي حملا ۽ ڦرمار هڪ معمول هوندو هو ۽ حڪومتن پاران ان جو ڪو تدارڪ به نه ڪيو ويندو هو بلڪ ان جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي.
ان وقت مصالحن وغيره جي يورپ ۾ گھڻي گھرج هوندي هئي ۽ اهو هڪ نفعي وارو واپار هوندو هو. ايسٽ انڊيزيا انڊونيشيا مصالحن جو مرڪز هو. ان واپار تي پورچوگال ۽ اسپين جي هڪ هٽي هوندي هئي. 1588 عيسوي ۾ انگلينڊ هٿان اسپين جي شڪست انگلينڊ کي اهو موقعو ڏنو ته اهو ان واپار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٺاهڻ جو مقصد اهو ئي هو. ان وقت هالينڊ جيتوڻيڪ هڪ ننڍو ملڪ هوندو هو ۽ تازو ئي اسپين کان آزاد ٿيو هو پران جي واپار جي حوالي سان اهم حيثيت هئي. وٽس ايتري فوجي طاقت هئي جو اهو پنهنجن واپاري مفادن جي حفاظت ڪري سگھي. 1623 ۾ امبوئنا جي واقعي ۾ ڊچ حاڪمن پاران انگريز، پورچوگيزي ۽ جپاني واپارين جي قتل عام هڪ لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ان مصالحن جي واپار کان ڄڻ باهر ڪري ڇڏيو ۽ ان پوء هندوستان ۾ ڪپه جي واپار ڏانهن توجھ ڏني جتي ان کي هڪ دنيا ئي ٻي نظر آئي. هتي ان جو مقابلو پورچوگيزن سان هو پر هالينڊ ۽ انگلينڊ هٿان ايشيا ۾ پورچوگال جي شڪست ان کي ان مقابلي کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ان وقت پورچوگال دنيا ۾ ڄڻ هڪ دهشت جي علامت هوندو هو. ان جا مختلف علائقن ڏانهن جيڪي سامونڊي جهاز ويندا هئا اهي باقاعدي هٿياربند هوندا هئا. کين سرڪاري سرپرستي حاصل هوندي هئي ۽ اها نه رڳو اجازت هوندي هئي پر ان جي حوصلي افزائي به ڪئي ويندي هئي ته اهي سامونڊي قزاقن وارا طريقا اختيار ڪن ۽ سمنڊ ۾ ڪنهن به ملڪ جو ڪو جهاز نظر اچي ته ان تي حملو ڪري ان کي ڦرين ۽ ان جي مال تي قبضو ڪن. ڏکڻ هندوستان جي بندر گاهن تي پورچوگيزن جي حملن ۽ مختلف علائقن تي قبضا ۽ ڦرمار هڪ عام ڳاله هئي. گھڻن مقامي حڪمرانن ۾ ايتري سگھ نه هئي جو اهي انهن کي منهن ڏيئي سگھن ۽ انهن جو مقابلو ڪري سگھن. ساڳي ريت پورچوگيزن پاران ٺٽي کي ڏنل باه سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. اهي ڦرمار ڪري جڏهين واپس پنهنجي وطن موٽندا هئا ته انهن جو بادشاه ۽ عام ماڻهن پاران شاندار آڌرڀاء ڪيو ويندو هو ۽ ڦر ڪيل مال سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيو ويندو هو.
فرانس ۽ انگلنيڊ ۾ 1756 کان 1763 جي ست سالن واري جنگ ان سلسلي جو اهم واقعو آهي. اها جنگ بنيادي طور يورپ جي ملڪن جي جنگ هئي جنهن ۾ اسپين به شامل هو جنهن جو ان کي گھڻو نقصان کڻڻو پيو. ان جي شروعات آسٽريا ۽ پرشيا جي وچ ۾ هڪ علائقي جي ملڪيت تان ٿي. انگلينڊ پرشيا جي پاسي جڏهين ته فرانس آسٽريا جي پاسي هو. اڳتي هلي اها جنگ هڪ عالمي جنگ ۽ تنازعي جي صورت اختيار ڪري ويئي. يورپ کانسواء آمريڪا، هندوستان، چين ۽ دنيا ۾ جتي به انهن ٻنهي ملڪن جا مفاد هئا اهي سڀ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويا. ساڳي وقت سمنڊن ۾ به اها جنگ وڙهي ويئي. ٻنهي ملڪن پاران انهن سڀني علائقن ۾ هڪٻئي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۽ انهن تي حملي ڪرڻ لاء باقاعدي حڪم جاري ڪيا ويا. 1763 ۾ پيرس ٺاه تحت فرانس ڪينيڊا کي انگلينڊ جي حوالي ڪيو ۽ اهڙي ريت اها جنگ ختم ٿي ۽ ڪينيڊا ٻن ثقافتن وارو ملڪ بڻجي ويو.
يورپ جي گھڻن ملڪن ائين ئي سمجھيو هو ته جيئن انهن آمريڪا کنڊ جي ماڻهن کي زير ڪيو هو ۽ اتي قبضو ڪري ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواء ڦرلٽ ڪئي هئي اهي ان ساڳي نموني سان هندوستان ۽ ان جي ماڻهن تي به حاوي ٿي ويندا. پر اها ڳالهہ ايتري سولي نه هئي. هندوستان ۾ اورنگزيب جي وقت تائين جڏهين دهلي ۾ هڪ مضبوط مرڪزي حڪومت موجود هئي اها ڳالهہ اٽڪل ناممڪن هئي. ان جو اندازو ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ان وقت ٿيو هو جڏهين انهن ڏکڻ هندوستان ۾ پنهنجي واپاري مرڪزن کي ديوار ڏيڻ ۽ قلعا ٺاهڻ شروع ڪيا. تنبيهہ جي باوجود جڏهين اهي انهن کان باز نه آيا ته اورنگزيب پاران باقاعدي فوج موڪلي انهن کي ڊاٿو ويو لندن ۾ ڪمپني جي هيڊ آفيس پاران به کين صلاح ڏنني ويئي ته حڪمرانن سان ٽڪراء کان پاسو ڪيو وڃي جيڪا ڳالهہ ڪمپني جي واپاري مفادن لاء هاڃيڪار هئي.
پر اورنگزيب جي وفات کانپوء مغل سلطنت وکرجڻ شروع ٿي ۽ اها صورتحال بدلجي ويئي. هڪ خال ۽ افراتفري هئي جنهن ۾ مختلف گروهن مٿڀرائپ حاصل ڪرڻ لاء ڪوشش شروع ڪئي ۽ انهن گروهن ۾ خاص طور فرانس ۽ انگلينڊ جي واپاري ڪمپنين جو اهم ڪردار هو.

بنگال ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني

بنگال ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني

هندوستان جي ارڙنهين صدي جي افراتفري واري صورتحال ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ بغاوتون شروع ٿي ويون هيون. سک، جاٽ، مرهٽا ۽ ٻيا مختلف هٿيار بند گروه سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا هئا ۽ مغل بادشاه وزيرن ۽ اميرن جا محتاج ٿي ويا هئا. ان وقت پنهنجي سڄي رونق ۽ شان و شوڪت جي ڪري استنبول ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ دهلي جهڙو ڪو شهر نه هو. اهو هاڻي هڪ اهڙي پڪل انب جيان لٽڪي رهيو هو جنهن کي ڪوبه پنهنجي طاقت ۽ هٿيارن جي زور تي حاصل ڪري سگھيو ٿي. مرڪز کي ڪمزور ڏسندي مختلف پرڳڻن ۽ علائقن جي صوبيدارن وغيره پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي محصولن وغيره جو حصو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ان جي مالي حيثيت اڃا ڪمزور ٿي ويئي هئي. نادرشاه جي حملي ۽ ڦرمار صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڏيو هو. نادر شاه جو مقصد دهلي ۾ رهڻ نه پر رڳو ڦرمار ڪري مال دولت کڻي پنهنجي وطن موٽڻو هو جتي کيس اصل ۾ ترڪن ۽ ٻين دشمنن کي منهن ڏيڻو هو.
انهن حالتن ۾ يورپي ڪمپنين کي خاص طور پنهنجن جديد هٿيارن ۽ جنگ جي نون طريقن ۽ تنظيم جي ڪري هڪ اهم حيثيت حاصل هئي. مختلف نوابن ۽ رياستن ۾ جيڪي جنگون ٿينديون هيون ان ۾ اهي ڪمپنيون واپاري ۽ ٻين مالي فائدن وغيره جي عيوض ڀاڙيتو فوجي ڏيئي هڪ نه ٻي ڌر جي مدد ڪنديون هيون.
انهن ڪمپنين پنهنجن واپاري مرڪزن سان گڏ مختلف شهر قائم ڪري ڄڻ هڪ لحاظ کان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهن شهرن ۾ فرينچ ڪمپني پاران چندرنگر ۽ پانڊيچري کي آباد ڪيو ويو جڏهين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪته کي آباد ڪيو.
انهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاء ڪلڪتي جي هڪ اهم حيثيت هئي ۽ اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان ڪمپني جي حڪومت جو گادي جو هنڌ هو جتان هندوستان جي ٻين علائقن کي به ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. ان جا گھڻا ڪارڻ هئا. هڪ ته اهو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ اتي بندرگاه جي سهولت موجود هئي جتي ڪمپني جا جهاز آساني سان پنهنجيون واپاري سرگرميون جاري رکي سگھيا ٿي. ٻي ڳاله ته بنگال پنهنجن معاشي ۽ انساني وسيلن جي ڪري يورپي ڪمپنين لاء ڄڻ سون جي کاڻ هو. ان ڪري ان پنهنجي سڄي توجھ بنگال تي ئي ڏني.
ڪلڪتي ۾ قلعن جي تعمير سان گڏ شهر جي حفاظت لاء ان جي چوڌاري هڪ وڏي کڏ کوٽائي ويئي. جڏهين هندوستان جي مختلف علائقن ۾ مرهٽن پاران ماڻهن جو قتل عام، ڦرمار ۽ ڳوٺن ۽ شهرن کي باهين ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ماڻهن کي ڪا اهڙي جاء نه ٿي ملي جتي اهي سلامتي سان رهي سگھن. ڪلڪتو هڪ اهڙو شهر هو جيڪو هڪ محفوظ شهر سمجھيو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي مختلف علائقن، ٻولين ۽ ثقافتن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. شهر جي آبادي گھڻي وڌي ويئي. ساڳي وقت شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي کي ڪارو شهر چيو ويندو هو جتي اهي ماڻهو رهندا هئا جيڪي هندوستان جي مختلف علائقن مان اچي اتي آباد ٿيا هئا ۽ ٻئي حصي کي اڇو شهر سڏيو ويندو هو جتي يورپي ماڻهن جا گھر ۽ بنگلا هوندا هئا. شهر جي ان تعميرات جي حوالي سان مرشد آباد ۾ بنگال جي نوابن سان ڪمپني جو تنازعو هلندو ٿي آيو. پهرين علي وردي خان پاران انهن کي ان سلسلي ۾ تنبيه ڪئي ويئي پر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو. علي وردي خان جي وفات کانپوء سندس ڏوهٽي سراج الدولا اقتدار سنڀاليو. سراج الدولا متعلق چيو وڃي ٿو ته سندس ماتحتن ۽ مائٽن وغيره سان نهايت ظالماڻو ۽ خراب ورتاء هوندو هو. جڏهين سندس ڏنل تنبيهن کي به ڪمپني پاران خاطر ۾ نه آندو ويو ته هن ڪمپني جي توقع جي برخلاف هڪ وڏي لشڪر سان ڪلڪتي تي ڪاه ڪري سڄي شهر کي تهس نهس ڪري ڪمپني کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن شهر جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. پر ڪمپني سان هڪ ٻئي ٽڪراء ۾ کيس هزيمت کي منهن ڏيڻو پيو.
هندوستان جي مختلف رياستن ۾ هندو سيٺن جو اهم ڪردار هوندو هو. اهي نه رڳو واپار وغيره ۾ اڳتي هوندا هئا پر حڪمرانن کي جنگن ۽ ٻين مختلف ڪمن لاء قرض به ڏيندا هئا. اهڙي ريت بنگال ۾ جگت سيٺ مشهور هو. اهو دراصل هڪ لقب هوندو هو جيڪو نسل در نسل پيو هلندو هو جڏهين ته انهن جا ذاتي نالا ٻيا هوندا هئا. اهي هڪ لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپني لاء به ڄڻ ته مالي وسيلن جي فراهمي جو هڪ وسيلو بڻجي ويا هئا. ساڳي وقت اهي بنگال جي حاڪمن کي سندن جنگي مهمن ۽ ٻين مقصدن لاء به قرض ڏيندا هئا. اهڙي ريت کين حاڪمن کان سٺي ورتاء جي اميد هوندي هئي. پر سراج الدولا پاران انهن سان سٺو ورتاء نه ڪيو ويو بلڪ مختلف موقعن تي انهن جي بيعزتي به ڪئي ويئي. سراج الدولا جي طبيعت ۽ پنهنجين درٻارين سان ورتاء جي ڪري دربار ۾ سندس مخالفت موجود هئي ۽ هاڻي ان ۾ جگت سيٺ به شامل ٿي ويو هو. انهن سڀني گڏجي ان ڳاله تي سوچڻ شروع ڪيو ته سراج کي ڪيئن اقتدارکان هٽائجي. ان سلسلي ۾ سندن آڏو مختلف امڪان هئا پر آخر ۾ انهن اهو فيصلو ڪيو ته ڪمپني سان رابطو ڪجي ۽ انهن جي مدد حاصل ڪجي. ڪمپني جي لاء ته سراج هونئن ئي مٿي جو سور هو. ان ڪري هڪ وڏي رقم عيوض انهن مير جعفر ۽ جگت سيٺ جي مدد ڪرڻ قبول ڪيو.
پلاسي جي جنگ ۾ ڪمپني جي فوجن جي اڳواڻي ڪندڙ رابرٽ ڪلائيو هڪ اهڙو مهم جو هو جنهن جو مقصد رڳو مال ميڙڻ ۽ واپس انگلينڊ پهچي پنهنجي لاء هڪ سياسي حيثيت حاصل ڪرڻ هو. سراج الدولا جي شڪست کانپوء مير جعفر کي بنگال جي تخت تي ويهاريو ويو. پر ان سان بنگال ۽ اتان جي ماڻهن جي مقامي حڪمرانن، ڪمپني ۽ انگريز واپارين هٿان وڏي پئماني تي ڦرمار شروع ٿي ويئي. ڪمپني سان جنهن رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ان جي پورائي ۽ پنهنجي شاه خرچين لاء ماڻهن تي ڳرا محصول مڙهيا ويا. گورن، پوء، ڀلي اهي ڪمپني سان لاڳاپيل هجن يا نه، کي اها آزادي هئي ته اهي عام ماڻهن، زميندارن ۽ مقامي واپارين سان ڪهڙو به ورتاء ڪن. انگريز واپاري زوري زميندارن ۽ هنرمندن کان گھٽ قيمتن تي شيون وٺندا هئا ۽ انهن کي وڏو منافعو رکي ڳري قيمت تي انگلينڊ موڪليندا هئا. ان ظلم ۽ ڏاڍ کان بچڻ لاء گھڻن ڪاريگرن ماڳيئي پنهنجيون آڱريون ئي وڍي ڇڏيون. محصول وغيره جي اڳاڙي جا اختيار ڪمپني کي ڏنا ويا هئا جنهن جي وصولي لاء اهي هرقسم جو طريقو اختيار ڪندا هئا ۽ ان ڳاله کي نه ڏٺو ويندو هو ته آيا پيداوار ڪيتري ٿي هئي. ان سڀ جي باوجود به ڪمپني مير جعفر جي انتظام مان مطمئن نه هئي ۽ ڪجھ عرصي کانپوء ان کي هٽائي سندس ناٺي مير قاسم کي بنگال جو صوبيدار بڻايو ويو.
ٻن سالن جي سوڪهڙي جي ڪري بنگال ۾ 1770 عيسوي ۾ جيڪو ڏڪر آيو اهو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ به ڏڪر ايندا هئا پر ان وقت جي مغل حاڪمن وٽ انهن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست هوندو هو. اناج جي سرڪاري ذخيرن کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو هو. مختلف جاين تي ماڻهن کي مفت خوراڪ ڏيڻ جا بندوبست ڪيا ويندا هئا ۽ هارين تان محصول وغيره معاف ڪيا ويندا هئا. ڪمپني پاران اهڙو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو هو. هٿئئين انهن جي ڪوشش اها هئي ته زميندارن کان ڪنهن به ريت زوري زبردستي محصول اڳاڙيا وڃن ۽ پنهنجي آمدني ۽ نفعي کي وڌايو وڃي. ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي سڄو ملڪ تباه ٿي ويو هو. بک کان بيحال ماڻهو سڙڪن ۽ گھٽين ۾ ڪنهن آسري کانسواء ماني گره لاء پيا واجھائيندا هئا. گھڻين لاشن کي ٻاريو ويندو هو يا اهي پکين ۽ جانورن جو کاڄ ٿيندا هئا. سوين لاش دريا ۾ پيا لڙهندا هئا. ان جي برعڪس ڪمپني جي اهلڪارن ۽ فوجين لاء وافر مقدار ۾ کاڌ خوراڪ موجود هئي. اهو بنگال جي تاريخ جو بدترين ڏڪار هو. پر ٻئي پاسي ڪمپني جي لندن کي موڪليل بيلنس شيٽ ۾ آمدني ۽ نفعي ۾ واڌارو ٿيو هو.
ان صورتحال انگلينڊ سميت سڄي دنيا ۾ هڪ تشويش پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان سلسلي ۾ ڪمپني پاران مقرر ڪيل بنگال جي گورنر رابرٽ ڪلائيو جو اهم ڪردار هو. هي اهڙو مهم جو هو جيڪوٽي ڀيرا انگلينڊ کان بنگال آيو ته مال ميڙي انگلينڊ ۾ پنهنجي لاء پارليامينٽ ۾ ڪا حيثيت حاصل ڪري سگھي. هي پلاسي جي جنگ ۾ سراج الدولا کي شڪست ڏيڻ واري فوج جو اڳواڻ هو. هو هر ڀيري بنگال مان مال ته چڱو خاصو ميڙي انگلينڊ کڻي ويو پر کيس پنهنجي مقصد ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. ڪلائيو کي نيٺ هائوس آف لارڊس پاران محاسبي کي منهن ڏيڻو پيو. انگلينڊ جي ميڊيا ۾ کيس هڪ بدمعاش ۽ ڦورو ڪري پيش ڪيو ويو ۽ سندس پلاسي جي جنگ ۾ فتح کي هڪ پاسي رکيو ويو. جيتوڻيڪ محاسبي مان کيس آجو ڪيو ويو پر ساڻس ان دوران جيڪي ڪجھ ٿيو هو ان ذهني طور کيس تباه ڪري ڇڏيو هو. هو لاڳيتو هڪ ڊيپريشن واري ڪيفيت ۾ رهندو هو ۽ پنجاه سالن جي عمر ۾ بنگال مان ڦريل بي پناه دولت ۽ عيش وعشرت جي زندگي جي باوجود هن آپگھات ڪري پنهنجو انت آندو. ڪمپني جي بنگال ۾ ڪيل ڏوهن جي ڪري هڪ ٻئي گورنر وارن هسٽنگ، جنهن کي هڪ پڙهيل لکيل ۽ ديسي ماڻهن جو هڏ ڏوکي ڪري ليکيو ويندو هو، کي پڻ محاسبي کي منهن ڏيڻو پيو. پر هو به ان مان باعزت طور آجو ٿي ويو.
جيتوڻيڪ بنگال ان سڄي معاشي، سماجي ۽ انساني بحران مان نڪري آيو ۽ ڪمپني لاء وري سونا آنا ڏيڻ واري ڪڪڙ وانگر ٿي ويو پر ڪمپني هٿان جيڪي ان تڪليفون سٺيون اهي تاريخ جو حصو آهن.

وچ اوڀر جا عيسائي

وچ اوڀر جا عيسائي

وليم ڊارليمپل ڀارت ۾ گھڻو وقت رهيو آهي. هن دهلي ۽ خاص طور مغل دور جي حوالي سان گھڻا ڪتاب لکيا آهن. ساڳي وقت هو پنهنجي تحقيق ۽ مختلف ادبي ميلن وغيره جي سلسلي ۾ پاڪستان پڻ ايندو رهيو آهي. سندس ڪتاب From the Holy Mountain: A Journey in the Shadow of Byzantium ۾ تاريخي حوالي سان وچ اوڀر جي عيسائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. سڄي وچ اوڀر ۾ رومن سلطنت جي دور ۾ بت پرستن جي گھڻائي هئي. رومن بادشاه ڪانسٽنٽائين پهرئين، جنهن 306 کان 337 عيسوي تائين حڪومت ڪئي هئي، سڄي عمر بت پرست جي طور گذاري هئي. هن 313 عيسوي ۾ عيسائين لاء سهپ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو جڏهين ته ان کان اڳ عيسائين سان چڱو ورتاء نه ڪيو ويندو هو ۽ اهي رياستي ڏاڍ جو شڪار هونڌا هئا. مرڻ گھڙي مهل هن عيسائي مذهب اختيار ڪيو. ان تبديلي جي ڪري رومن سلطنت جي گھڻن ماڻهن نئون مذهب اختيار ڪيو. اسلام جي اچڻ وقت وچ اوڀر ۾ عيسائين جي گھڻائي هئي. مسلمان حڪمرانن جيئن ته مذهبي معاملن ۾ گھڻي مداخلت نه ڪئي ان ڪري مسلمانن جي حڪومت هئڻ جي باوجود وچ اوڀر جي گھڻن ملڪن ۽ خاص طور بيت المقدس جي شهر ۾ عيسائين جي اها حيثيت برقرار رهندي آئي. پوء اهو سڄو علائقو 1453 ۾ قسطنطنيه يا استنبول جي ترڪن جي قبضي ۾ اچڻ کان اڳ تائين بازنطيني سلطنت جو حصو هو. ان کان پوء جي دور ۾ جيڪي تبديليون واقع ٿيون ۽ خاص طور قسطنطنيه تي ترڪن جي قبضي، اسرائيل جي قيام ۽ اسلامي بنياد پرستي جي فروغ جي ڪري ان صورتحال ۾ تبديلي واقع ٿي آهي. گھڻن ملڪن مان عيسائين جي گھڻائي اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ويئي آهي ۽ لڏي رهي آهي جنهن جي ڪري هن وقت اٽڪل وچ اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ اهي ٿورائي ۾ آهن.
ليکڪ پنهنجي تحقيق جو بنياد هڪ راهب جان ماشوس، جنهن پنهنجي هڪ ساٿي سوپرنيئس سان گڏ انهن علائقن جو سفر ڪيو هو، جي ڪتاب Spiritual Meadow تي رکيو آهي. بازنطيني سلطنت ڄڻ آرٿوڊوڪس عيسائين جو هڪ اهم مرڪز رهي آهي ۽ قسطنطنيه انهن جو روم رهيو آهي. ڪيٿولڪ عيسائين سان انهن جو بنيادي تضاد رهيو آهي ۽ انهن کي اهي ڪافر، فري ميسن ۽ شيطان جا پوئلڳ قرار ڏيندا آهن.
ليکڪ اهو سفر 1990 جي ڏهاڪي ۾ ڪيو آهي. پر هن وقت به سوائي شام جي ٻين ملڪن جي صورتحال اٽڪل ساڳي آهي ۽ ان ۾ ڪا خاصيتي تبديلي واقع نه ٿي آهي. پنهنجي سفر جي شروعات هن جبل اٿوس جي هڪ خانقاه کان ڪئي آهي جتي جي لائبريري ۾ جان ماشوس جي ڪتاب جي اصل ڪاپي موجود هئي. اتان جا راهب ڪيٿولڪ ۽ فري ميسن کي ساڳي ڳاله سمجھن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي خانقاه ۾ گھڙڻ جي اجازت نه ٿا ڏين جڏهين ته ساڻس ڪيٿولڪ هئڻ جي باوجود اها خاص رعايت ڪن ٿا.
هو اتان استنبول پهچي ٿو. ترڪي جي خاص ڳالهہ اها آهي ته جيتوڻيڪ اتا ترڪ خلافت کي ختم ڪري ملڪ کي سيڪيولر ٺاهڻ ۽ ان کي اوله جي ملڪن سان ڳنڍڻ لاء مختلف قدم کنيا پر اهو سڀڪجھ هو ملڪ جي اندر نه ڪري سگھيو ۽ مختلف مذهبي ۽ نسلي ٿوراين سان امتيازي سلوڪ جاري رهيو. پهرين ته يونان سان هڪٻئي جي ماڻهن جي ڏي وٺ جو ٺاه ٿيو جنهن تحت گھڻا يوناني عيسائي يونان لڏي ويا ۽ يونان ۾ رهندڙ ترڪن کي ترڪي آندو ويو. ان ٺاه ۾ استنبول شامل نه هو. پر 1955 جي فسادن جي ڪري هتان به گھڻا يوناني عيسائي يونان لڏي ويا ۽ اهو جيڪو هڪ ڪاسموپوليٽن شهر سمجهيو ويندو هو جتي مختلف ٻولين، نسلن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا اهو گھڻي ڀاڱي هڪ ٻولي، نسل ۽ مذهب جو شهر بڻجي ويو. ليکڪ شهر جي مختلف آرمينائي ۽ يوناني گرجائن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مان گھڻن کي ڊاهيو ويو آهي. گھڻن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ئي عبادت لاء اچن ٿا جڏهين ته انهن جي سنڀال لهندڙ ۽ پادري نهايت محتاط نموني سان اها شڪايت ڪندا نظر اچن ٿا ته حڪومت پاران ساڻن امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. نوان چرچ ٺاهڻ ته پري جي ڳالهہ موجوده گرجائن جي مرمت جي به اجازت نه ٿي ملي جڏهين ته اهڙي ڪا پابندي مسجدن لاء ناهي. ساڳي وقت خلافت جي دور ۾ ئي گھڻن گرجائن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
ليکڪ هتان ڏکڻ ترڪي ۾ ڪردن جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو جتي ڪرد گوريلا ۽ فوج جنگ ۾ رڌل آهن. ترڪي جي حڪومت ڪردن جي ڌار وجود ۽ سڃاڻپ کي مڃڻ لاء تيار ناهي ۽ انهن کي جابلو ترڪ ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي هو اهو ڏسي ٿو ته جيتوڻيڪ ڪرد ۽ فوج هڪٻئي سان جنگ جي حالت ۾ آهن پر ٻنهي جو عيسائين سان ساڳيو منفي رويو آهي. ڪرد انهن کي حڪومت جو ايجنٽ سمجھن ٿا جڏهين ته فوج اهو سمجھي ٿي ته اهي گوريلن جا مددگار آهن. هتي به ساڳي گرجائن ۽ خانقاهن جي ويراني نظر اچي ٿي. هتي گھڻو ڪري ٻن قسمن جا عيسائي آهن. هڪ جن کي شامي عيسائي چيو وڃي ٿو ۽ ٻيا آرمينائي. انهن جو ڪيٿولڪ چرچ سان تعلق ناهي. آرمينائي ٻولي جي قدامت جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته حضرت عيسا لاء اهو چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجي ٻولي آرمينڪ هئي. آرمينائين ۽ ترڪن جي تضاد جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. ترڪ فوج پاران آرمينائين جي قتل عام ۽ انهن کي لڏڻ تي مجبور ڪرڻ جا قصا سڄي دنيا ۾ عام آهن پر ترڪي جي حڪومت پاڻ ان کي مڃڻ لاء تيار ناهي. اهو سلسلو ڄڻ ته لاڳيتو هلندڙ آهي. هن وقت به گھڻا آرمينائي اها شڪايت ڪن ٿا ته ترڪن پاران مٿن سختيون ڪيون وڃن ٿيون ، کين زوري گھرن مان بيدخل ڪيو وڃي ٿو، مذهبي لحاظ کان ساڻن امتيازي ورتاء ڪيو وڃي ٿو ۽ کين هڪ شهري جيان معمول جي زندگي گذارڻ نه ٿي ڏني وڃي. ان جي ڪري گھڻا اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي وڃن ٿا. ليکڪ هڪ ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي جتان جي سڄي آرمينائي آبادي کي شام، جيڪو ان وقت گڏيل قومن جي مينڊيٽ جي تحت فرانس جي تحت هو، لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جتي انهن کي ڪيتري عرصي تائين ڪئمپن ۾ رکيو ويو. شام تائين ان سڄي علائقي ۾ مختلف جاين تي فوج جون چوڪيون قائم آهن. سج لٿي کانپوء گوريلن جي ڪارواين جي ڊپ کان سفر ڪرڻ کان منع ڪئي وڃي ٿي. ان سفر دوران ليکڪ کي هڪ شام وڻ ۾ هڪ ماڻهو جو لاش ٽنگيل نظر آيو. کيس ٻڌايو ويو ته ممڪن آهي ته ڪرد گوريلن ان کي فوج جي جاسوس هئڻ جي شڪ ۾ ماريو هجي.
ڪرد علائقي جي هن سفر ۾ ليکڪ لاڳيتو هڪ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهي ٿو. هڪ ته کيس سڄي رستي ۾ قائم ڪيل مختلف فوجي چوڪين تي روڪيو وڃي ٿو ۽ ڪاغذن ڏسڻ کانسواء آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻيو لاڳيتو اينٽيليجينس ۽ پوليس جون گاڏيون سندس پويان لڳل هجن ٿيون. جتي خانقاهن وغيره ۾ هو وڃي ٿو اتان جي راهبن ۽ انتظام سنڀاليندڙن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري هو مٿس زور ڏين ٿا ته هو گھڻو وقت اتي نه رهي. سندس هتان شام ۾ داخل ٿيڻ سان کيس صورتحال مختلف نظر اچي ٿي. اتي مذهبي لحاظ کان آزادي هجي ٿي ۽ ماڻهو امن ۽ سڪون سان رهن ٿا. ان جو ڪارڻ حافظ الاسد، جنهن جو واسطو ملڪ جي ٿورائي واري علوي فرقي سان هجي ٿو، جي حڪومت آهي. هتي ڪجھ ڏينهن تائين پنهنجو ٿڪ لاهڻ کانپوء هو اڳتي لاء روانو ٿي وڃي ٿو.

وچ اوڀر جا عيسائي II –

وچ اوڀر جا عيسائي II –

شام مان هو لبنان لاء روانو ٿي وڃي ٿو. اهو ملڪ اڃا تازو گھرو ويڙه مان آجو ٿيو هو. بيروت، جيڪو دنيا جي سهڻن شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو، ان جنگ ۾ تباه ٿي ۽ مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويو هو. ان جي نئين سر تعمير جو ڪم هلندڙ هو. هڪ ته جنگ جي ڪري گھڻا گھر ۽ ٻيون عمارتون کنڊر بڻجي ويون هيون ۽ ٻيو ان نئين اڏاوت ڄڻ پراڻي بيروت جي سونهن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. وڏين عمارتن جي صورت ۾ چئني پاسن کان ڄڻ ڪنڪريٽ جا جبل بيٺل هئا. ڊٺل عمارتن مان ماڻهو گھڻو سامان کڻي ويا هئا. ليکڪ دروز اڳواڻ وليد جنبلات جو ذڪر ڪيو آهي جنهن پنهنجي ضابطي هيٺ علائقي جي ڊٺل بنگلن مان قيمتي ۽ سهڻا ٽائل کڻي پنهنجي گھر ۾ هڻايا هئا جن کي ڏسڻ لاء هو سندس اجازت سان سندس گھر ويو هو.
پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء فرانس پنهنجي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي شامي عيسائين جي هڪ فرقي مارونائٽ جي گھڻائي واري علائقي کي شام کان ڌار ڪري وچ اوڀر ۾ عيسائين جي هڪ ملڪ جي قائم ڪرڻ لاء لبنان جو قيام عمل ۾ آندو.
هتي گھڻي عرصي تائين سندن هڪ حاوي حيثيت رهي ۽ اهي ملڪ جي ٻين رهواسين کي گھڻي اهميت ۽ اقتدار ۾ حصي ڏيڻ لاء تيار نه هونڌا هئا. ملڪ جي آئين ۾ پڻ ان ڳالهہ جي ضمانت ڏنل هئي ۽ فرقيواريت جي بنياد تي حڪومت جا وڏا عهدا ورهايل هئا. علائقي ۾ ايندڙ تبديلين، فلسطيني پناهگيرن جي لبنان ۾ اچڻ ۽ ملڪ جي سني، دروز ۽ شيعه آبادي پاران اقتدار ۾ وڌيڪ حصي جي گھر ان سڄي توازن کي بگاڙي ڇڏيو. ساڳي وقت مارونائٽ جي فلانجسٽ پارٽي اندر به مختلف دڙن جا پاڻ ۾ پڻ اختلاف رهندا آيا آهن جن کي انهن هڪٻئي جي رتوڇاڻ وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن دڙن جا علائقا ورهايل آهن ۽ هڪٻئي جي علائقي ۾ وڃڻ کي خطرناڪ ليکيو وڃي ٿو. پنهنجي ان حيثيت کي برقرار رکڻ ۽ خاص طور فلسطيني مهاجرن کي لبنان مان بيدخل ڪرڻ لاء انهن ڪڏهين شام ته ڪڏهين اسرائيل سان اتحاد ڪيا آهن. لبنان جي صابره ۽ شتيلا جي مهاجر ڪئمپن ۾ فلسطينين جي وڏي پئماني تي ٿيل قتل عام ۾ اهي اسرائيلي فوج سان گڏ هئا. ليکڪ ملڪ جي مختلف علائقن جي دوري مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته گھڻا عيسائي ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن ۽ خانقاهون ۽ چرچ ويران پيا آهن. ان جي ڪري ملڪ ۾ سندن سياسي حيثيت به اها نه رهي آهي. ان سلسلي ۾ هو مختلف ماڻهن سان مليو آهي جن کيس اهو ئي ٻڌايو آهي ته انهن جو وڏو ڪارڻ فلانجسٽ پارٽي جو ماڻهن سان خراب ورتاء ۽ انهن جي پاڻ ۾ ويڙه رهي آهي. فلسطين جا عيسائي کيس ٻڌائين ٿا ته فلانجسٽن، جن کي انهن عيسائي هئڻ ناتي پنهنجو همدرد سمجھيو ٿي، هميشه ساڻن خراب ورتاء ئي ڪيو ۽ کين پنهنجن علائقن مان لوڌي ڪڍيو جڏهين ته پي ايل او پاران سندن خيال رکيو ويو آهي ۽ سندن سارسنڀال لڌي ويئي آهي ۽ اهي مسلمان فلسطينين سان امن ۽ سڪون سان رهن ٿا.
ليکڪ هتان اسرائيل وڃي ٿو. رومن شهنشاه ڪانسٽنٽائين جي عيسائيت قبول ڪرڻ کان اڳ يرو شلم جي ڪا اهميت ۽ حيثيت نه هئي ۽ گھڻن ماڻهن کي ان جي خبر به نه هوندي هئي. اها هڪ ننڍي ۽ غير اهم آبادي هئي. پوء جي دور ۾ شهر جي اهميت وڌي ۽ گھڻا ماڻهو اچي هت آباد ٿيا. خاص طور تي عيسائي راهبن جو هڪ وڏو تعداد شهر ۽ شهر جي پسگردائي ۾ آباد ٿيو. انهن راهبن پاران بت پرستن تي حملا ۽ انهن جي عبادتگاهن کي تباه ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو ۽ اهڙي ريت اهو هڪ عيسائي گھڻائي وارو شهر بڻجي ويو. اهو ٽن ابراهيمي مذهبن، يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام لا۽ هڪ اهم ۽ پوتر شهر آهي. ساڳي وقت اهو اهڙو شهر پڻ آهي جتي گھڻي رتوڇاڻ ٿي آهي. مختلف وقتن تي اهو شهر مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ حڪمرانن جي تسلط ۾ رهيو آهي. هن وقت اسرائيل جي اها ڪوشش آهي ته عام طور سڄي فلسطين ۽ خاص طور يروشلم تي پنهنجي قبضي کي تاريخي طور جائز ۽ صحيح ثابت ڪيو وڃي. پادرين جو چوڻ آهي ته هتي مسلمان ۽ عيسائي فلسطينين سان نهايت ئي خراب ورتاء ڪيو ٿو وڃي. انهن کي پهرين ته ڪو روزگار نه ٿو ملي ۽ جيڪڏهين ملي به ٿو ته اهو صفائي ڪرڻ ۽ ٿانون ڌوئڻ وغيره کان وڌيڪ نه ٿو ملي. کين ووٽ جو ڪو حق ناهي. ان جي ڪري جن جي لاء ممڪن آهي اهي اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ٿا وڃن. نتيجي ۾ جيڪو ڪنهن وقت عيسائي گھڻائي جو شهر هو اتي هاڻي اهي ٿورائي ۾ اچي ويا آهن. ان سان گڏوگڏ اسرائيل جي اها ڪوشش آهي ته يروشلم کي تاريخي طور يهودين جو شهر ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ عيسائين ۽ مسلمانن سميت ٻين سڀني ماڻهن کي ٻاهران آيل ڪاه ڪندڙ ڪري پيش ڪيو وڃي. ان مقصد لاء تاريخي آثارن ۽ نشانين کي پڻ ڊاهيو وڃي ٿو. ساڳي ريت شهر ۾ يهودين جي آبادي کي وڌائڻ لاء فلسطيني ڳوٺن تي قبضا ڪري اتان ماڻهن کي لڏائي اتي يهودي آبادڪارن کي جديد سهولتون ڏيئي آباد ڪيو ٿو وڃي.
ليکڪ هتان مصر وڃي ٿو جيڪو سندس خيال ۾ ان سفر جو هڪ ٻيو ڏکيو مرحلو آهي. هتي هو پهرين اسڪندريا وڃي ٿو جتي ڪنهن دور ۾ يوناني عيسائين جو وڏو تعداد رهندو هو ۽ اهو پنهنجي نائٽ ڪلبن ۽ رات جي زندگي سان هڪ ڌار ڪلچر جو حامل هو. پر هاڻي خاص طور اسلامي بنياد پرستي جي اڀارجي ڪري صورتحال تبديل ٿي ويئي آهي. جيتوڻيڪ اڃا به ڪجھ يوناني عيسائي اتي رهن ٿا ۽ پراڻي زندگي جا ڪجھ نشان آهن پر گھڻا اتان اوله جي ملڪن ڏانهن لڏي ويا آهن. ليکڪ اتان قاهره وڃي ٿو. هتي گھڻو ڪري شهر جي پسگردائي ۾ قبطي عيسائين جي آبادي آهي. قبطي جي معنا ئي مقامي ۽ ديسي آهي. اهي مصر جا اصلوڪا رهاڪو آهن جن جي مسلمانن جي اچڻ کان اڳ ملڪ ۾ گھڻائي هئي جن مان پوء گھڻن پنهنجو مذهب تبديل ڪري ڇڏيو. کيس اهو ته محسوس ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو ڊپ ۾ پنهنجي زندگي گذارين ٿا پر اهي ساڻس کليل نموني ان ڪري اظهار نه ٿا ڪن ته متان حڪومت نه ناراض ٿئي. سندن چوڻ هو ته حڪومت هونئن ته سندن خلاف اسلامي پسندن جي ڪارواين تي ڪو قدم نه ٿي کڻي پر جڏهين کان انهن مصر ايندڙ پرڏيهي سياحن تي حملا شروع ڪيا آهن ته پوء حڪومت به انهن خلاف سرگرم ٿي ويئي آهي. قاهره ۾ ڪجھ وقت گذارڻ کانپوء هو مٿئين مصر ۾ وڃڻ چاهي ٿو. اهو علائقو ساڳي وقت قبطي عيسائين جي گھڻائي ۽ اخوان جي سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي. هتي لاڳيتو فوج ۽ اخوان ۾ جھڙپون ٿينديون رهن ٿيون ۽ گھڻو ڪري ٻاهرين سياحن کي اتي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي آهي. پر ليکڪ ڪجھ وقت اڳ حسني مبارڪ جو انٽرويو ڪيو هو جنهن ۾ مبارڪ کيس چيو هو ته اوهان ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسواء ان علائقي ۾ وڃي سگھو ٿا. ان بنياد تي کيس نه رڳو اتي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي پرهو سرڪاري گاڏي ۽ سيڪيورٽي ۾ اوڏانهن روانو ٿئي ٿو. واٽ تي کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته هو بجائي سرڪاري گاڏي جي جيڪڏهين عام گاڏي ۾ اچي ها ته وڌيڪ اطمينان ۽ محفوظ طريقي سان سفر ڪري سگھي ها. مختلف جاين تي فوجي چوڪيون ٺهيل هجن ٿيون ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته تازو ئي شدت پسندن سان جھڙپ ٿي هئي ۽ ان ۾ ايترا فوجي ۽ ايترا اخوان جا همراه مارجي ويا هئا. هر مرحلي تي سندس سيڪيورٽي وڌائي وڃي ٿي. مختلف جاين تي هو گوجائن ۾ وڃي ٿو ۽ پادرين ،ِ راهبن ۽ عام ماڻهن سان ملي ٿو جيڪي کيس گرجائن تي حملن، انهن کي ساڙڻ ۽ عيسائين تي حملن، انهن کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ وغيره جا تفصيل ٻڌائين ٿا.هڪ ڊگهي سفر کانپوء هو کرگا نخلستان پهچي ٿو جيڪو هڪ لحاظ مصر جي سرحد آهي ۽ ان کان اڳتي رڳو ريگستان آهي. هتان سيڪيورٽي واپس وڃي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته اڳتي ڪوبه خطرو ناهي. اهو ريگستان بازنطيني سلطنت جي آخري سرحد هونڌي هئي جتي خطرناڪ قيدين ۽ خاص طور نستورين جهڙن مذهبي مخالفن کي رکيو ويندو هو. هتي ليکڪ پنهنجو سفر پورو ڪرڻ کانپوء واپس موٽي ٿو.
ليکڪ پنهنجي سڄي ان سفر مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هڪ ته عيسائيت اوله جو نه پر اوڀر جو مذهب آهي. ساڳي وقت عيسائيت جو اسلام تي اثر آهي جيڪو ان جي گھڻين رسمن ۽ عبادت جي طريقن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ساڳي وقت اسلام جو پڻ عيسائيت تي اثر آهي جيڪو ان ڳاله مان ڏسي سگھجي ٿو ته ڪجھ وقت لاء بازنطيني سلطنت پاران تصويرن ۽ بتن جي پوڄا تي پابندي وڌي ويئي هئي. ساڳي ريت جيئن اسلام جي مختلف فرقن ۾ نبي پاڪ جي نور ۽ بشر متعلق بحث هلي ٿو، عيسائين جي مختلف فرقن ۾ به حضرت عيسا جي خدا ۽ انسان هئڻ متعلق اختلاف موجود آهن. خاص طور نستوري اهو سمجھن ٿا ته يسوح ۾ انسان واريون خاصيتون گھڻيون هيون. پنهنجي ان عقيدي جي ڪري اهي بازنطيني سلطنت ۾ معتوب ئي رهيا.
اهو ڪتاب ڄڻ تاريخي لحاظ کان وچ اوڀر ۾ عيسائيت جو هڪ جائزو آهي جنهن مان گھڻين ڳالهين جي خبر پئي ٿي.

هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ جو پسمنظر

هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ جو پسمنظر

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو انهن ماڻهن لاء هڪ ديڄاريندڙ خواب رهيو آهي جيڪي ان مرحلي مان گذريا آهن. ڀارتي صحافي ڪلديپ نير چواڻي ته ايستائين ته جناح جڏهين جهاز مان واهگه جي سرحد تي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي لڏپلاڻ کي ڏٺو ته کيس هڪ پڇتاء جو احساس ٿيو ته اهو ڇا ٿي ويو هو. ساڳي ريت جواهر لعل نهرو جڏهين پنجاب ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ، قتل عام ۽ فسادن جون خبرون ٻڌيون ته کيس اهو محسوس ٿيو ته کانئس اهو ڪهڙو ڪم ٿي ويو هو.
لڏي ويل ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ان سڀڪجھ کان پري رکندا هئا جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو ۽ کين ڪنهن ڳالهہ جي خبر ٿيڻ نه ڏيندا هئا. اشي نندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته اهڙن المين ۽ گھٽنائن تي غيرجذباتي طور غور ڪرڻ ۽ ان جي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ لاء ٻه نسلن جو وقت گھرجي جيئن يورپ ۾ هولوڪاسٽ جي شڪار يهودين سان ٿيو آهي.
ساڳي ريت ورهاڱي جي حوالي سان سنڌي هندن جي ڪيس کي گھڻي اهميت نه ڏني ويئي آهي. ڀارت ۾ ان موضوع تي جيتوڻيڪ مختلف ڊراما جهڙوڪ تمس ۽ فلمون وغيره ٺاهڻ وارا سنڌي آهن پر انهن ڊرامن ۽ فلمن جو موضوع پنجاب رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان پئماني تي فساد ۽ قتل عام نه ٿيو جيئن پنجاب ۾ ٿيو پر اهو بهرحال هڪ انساني الميو آهي. هن وقت سنڌي هندن جي ٽين نسل هڪ ته پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها ۽ ٻيو جيڪو ڪجھ ٿيو ان جي ڪارڻن کي ڏسڻ لاء جاکوڙ شروع ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ننديتا ڀاوناني جو ڪتاب The Making of Exile- Sindhi Hindus and Partition of India هڪ سٺي ڪوشش آهي. ڪتاب ۾ تاريخي لحاظ کان سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ناتن کي سسي پنهون جي قصي کان هندن جي سنڌ مان لڏڻ ۽ ڀارت ۾ پناه حاصل ڪرڻ تائين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.
سنڌ تي انگريزن جي اچڻ کان اڳ اٽڪل يارنهن سو سال مسلمانن جي حڪمراني رهي آهي. سنڌي هندو هڪ ٿورائي جي حيثيت ۾ رهيا آهن. ان سڄي عرصي ۾ هندن ۽ سنڌي مسلمانن جي ناتن ۾ ڇڪتاڻ شروع کان ئي رهندي آئي آهي. خاص ڳاله اها هئي ته مسلمانن کي حاڪم هئڻ ڪري مٿڀرائپ حاصل هئي. هندن کي دربار تائين ته رسائي حاصل هئي پر نه ته کين زمين خريد ڪرڻ ۽ نه ئي گھوڙي جي سواري ڪرڻ جي اجازت هئي. پر انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوء اها صورتحال يڪسر بدلجي ويئي. ان جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگھجي ٿو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته جتي انگريز جي اچڻ کان اڳ هندن وٽ هڪ جريب زرعي زمين به نه هئي اتي انگريز حڪومت پاران هندن کي زرعي زمين جي خريداري جي اجازت ڏيڻ کانپوء سنڌ جي چاليهہ سيڪڙو زرعي زمين هندن جي ملڪيت هئي جڏهين ته ٽيه سيڪڙو وٽن گروي رکيل هئي. اهڙي ريت حقيقي طور مسلمانن وٽ ڪل زمين جو ٽيه سيڪڙو مس هو.
انگريزن جو ٻيو اهم قدم جديد انگريزي تعليم کي رائج ڪرڻ ۽ ان جي لاء مختلف ادارا قائم ڪرڻ هو. اهي ادارا گھڻو ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا. جيئن ته انهن شهرن ۾ هندن جي گھڻائي هئي ان ڪري انهن سهولتن مان انهن ئي وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو ۽ اڳتي هلي انهن کي ئي گھڻيون سرڪاري نوڪريون مليون. جڏهين ته ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ جتي مسلمانن جي گھڻائي هئي اتي جديد تعليم تي گھڻو توجھ نه ڏنو ويو ۽ اهي گھڻي ڀاڱي مدرسن ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا رهيا جنهن جو سرڪاري نوڪرين وغيره جي حوالي سان ڪو ڪارج نه هو.
اهڙي ريت خاص طور شهرن ۾ رهندڙ هندو وچولو طبقو مسلمانن کي گھٽ ڪري سمجھندو هو. اهي مسلمانن کي چوندا ئي ڄٽ هئا. حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي ۽ ٻين علائقن جتي شام جو هندو ناريون سير سپاٽي لاء نڪرنديون هيون اتي مسلمانن جي داخلا منع هوندي هئي. ساڳي ريت ليکڪا سکر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿي ته اتي هندو وڌوائن لاء هڪ مرڪز قائم ڪيو ويو هو. ان کي وڌوا گھٽي چيو ويندو هو ۽ اتي مسلمانن جي داخلا منع هوندي هئي.
ساڳي ريت سياسي لحاظ کان به هندو ۽ مسلمان هڪٻئي کان ڌار ئي رهيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هڪ اهم ڳالهہ هئي. شروع ۾ هندن پاران ان جي حمايت ڪئي ويئي.پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ هڪ مذهبي ٿورائي هئا ۽ بمبئي سان گڏ هئڻ ڪري کين مٿڀرائپ حاصل هئي ان ڪري انهن پوء ان جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي.
منزل گاه واري واقعي، جنهن ۾ اتر سنڌ جي گھڻن شهرن ۾ ٿيل فسادن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو قتل ٿيا هئا، هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سياسي لحاظ کان هڪ واضح ليڪ ڪڍي ڇڏي هئي. ساڳي ريت ڀڳت ڪنور رام جو قتل ان حوالي سان هڪ ٻيو وڏو سانحو هو. اهڙي طرح هڪ بي يقيني جو احساس هو. هندن کي اها پڪ نه هئي ته جيڪڏهين ورهاڱو ٿئي ٿو ته پوء مسلمانن سان گڏ رهڻ ممڪن هوندو يا نه. ان خيال سان گھڻن بمبئي ۾ پنهنجي لاء گھر وغيره جا بندوبست ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.
ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان پئماني تي فساد نه ٿيا جيئن پنجاب، بنگال ۽ دهلي وغيره ۾ ٿيا هئا. پر ليکڪا مطابق هتي سنڌي مسلمانن جو هندن ڏانهن ٻن قسمن جو رويو هو. هڪڙن ته انهن سان مٺ محبت جو ورتاء ٿي ڪيو، کين پنهنجن گھرن ۾ پناه ٿي ڏني ۽ اهو نه ٿي چاهيو ته اهي هتان لڏين جڏهين ته ٻين اهو چاهيو ٿي ته اهي هتان لڏين ته جيئن سندن مال ملڪيت ۽ زمينون وغيره کين ملن. هندو زميندارن جي ٻنين تي ڪم ڪندڙ ڪجھ هارين پنهنجي ڳوٺ جي وڏيرن جي چوڻ تي هندو زميندارن کي پوک جو حصو ڏيڻ ۽ سندن ٻنين تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. لاڙڪاڻي ۽ اتر سنڌ جي ٻين ڪجھ شهرن ۾ مذهبي جھيڙا پڻ شروع ٿيا هئا.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ئي ڪراچي ۾ پناهگيرن جو اچڻ شروع ٿي ويو هو. 1946 ۾ بهار ۾ هندو مسلم فسادن جي ڪري بهار جي مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد ڪراچي لڏي آيو. شروع ۾ حڪومت پاران انهن کي بندرروڊ ايڪسٽينشن، جتي شاهوڪار طبقي جي هندن جي آبادي هئي، جي ويجھوآباد ڪرڻ جي رٿا هئي پر هندن جي اثررسوخ جي ڪري انهن کي لياري نئين جي ويجھو آباد ڪيو ويو جيڪو علائقو ان ڪري هن وقت بهار ڪالوني جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. ڪراچي سنڏ جي گادي جو هنڌ ته هو پر هاڻي نئين ملڪ پاڪستان جي گادي جو هنڌ پڻ ٿي ويو. اهڙي ريت ڪراچي جنهن جي نالي جي ئي دنيا جي گھڻن ماڻهن کي خبر نه هئي دنيا جي توجھ جو مرڪز بڻجي ويو.
اهڙي ريت اهي مسلمان سرڪاري ملازم ۽ سندن ٻار ڪراچي پهتا جن پاڪستان جي چونڊ ڪئي هئي. ان کانسواء ٻن قسمن جي ماڻهن ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. هڪ ته اهي ماڻهو جيڪي واقعي فسادن ڪري متاثر ٿيا هئا جڏهين ته ٻين لاء نئين ملڪ ۾ نون موقعن ۽ فائدن ملڻ جي ڇڪ هئي. ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي شهر جو نقشو ۽ آبادي جي بيهڪ ئي بنيادي طور تبديل ٿي ويئي هئي. ڪراچي جيڪو هڪ هندو گھڻائي وارو شهر هوندو هو اهو پنهنجي آبادي ۾ ٻيڻي ٽيڻي واڌاري سان هاڻي مسلم گھڻائي جو شهر ٿي ويو هو.
گھڻن هندن ان ڳالهہ کي محسوس ڪري ورتو هو ته ورهاڱو اڻٽر آهي ۽ سنڌ مسلم گھڻائي هئڻ ڪري پاڪستان جو ئي حصو ٿيندو. ساڳي وقت سنڌ جي هندن پاران ڪانگريس کي اها رٿ پيش ڪئي ويئي هئي ته بنگال ۽ پنجاب جيان سنڌ جي به مذهبي بنيادن تي ورهاست ڪئي وڃي ۽ ٿر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي اتي سک شانتي سان رهي سگھن ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ترويج لاء ڪم ڪن. پر ڪانگريس جي اڳواڻن جي اهڙي ڪنهن تجويز ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. ان ڪري انهن سنڌ ۾ پنهنجيون زمينون ۽ گھر وغيره کپائي ڀارت جي مختلف شهرن ۽ خاص طور بمبئي منتقل ٿيڻ شروع ڪيو هو. پر اڃا هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت هئي ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع نه ٿي هئي. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ ان جي ڪارڻن تي انيدڙ مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.

سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌ حڪومت

سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌ حڪومت

ڪراچي کي نئين ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪرڻ جي ڪري سنڌ حڪومت لاء ٻيڻا ٽيڻا مسئلا پيدا ٿي ويا هئا. هڪ ته نئين ملڪ لاء انتظامي ڍانچي کي ٺاهڻو هو. ڇاڪاڻ ته جيئن ڀارت کي دهلي ۾ انگريز سرڪار جو ٺهيل ٺڪيل انتظام مليل هو ائين پاڪستان لاء نه هو ۽ هتي هر شي کي نئين سر ٺاهڻو هو ۽ ٻي ڳاله ته حڪومت جي دفترن سان گڏ مرڪزي حڪومت جي ملازمن، سندن خاندانن ۽ وڏي تعداد ۾ ايندڙ پناهگيرن جي رهائش جو بندوبست پڻ ڪرڻ هو.
اسمبلي جي عمارت ۽ سيڪريٽريٽ وغيره مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري سنڌ اسمبلي اين جي وي اسڪول جي عمارت ۽ سيڪريٽريٽ نپيئر بيرڪس وغيره ۾ شفٽ ٿي ويو پر اصل مسئلو رهائش جو هو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايتري گنجائش نه هئي جو پناهگيرن جي ان سيلاب نوح کي جاء ڏيئي سگھي. ان جو فوري حل اهو هو ته هندو هتان لڏي وڃن. شروع ۾ انهن هندن جي گھرن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا جن پنهنجن گھر وارن کي ڀارت موڪلي ڇڏيو هو ۽ هڪ يا ٻه ڄڻا گھر وغيره جي سنڀال لاء گھر ۾ رهيل هئا. اهڙن ڪجھ وڏن گھرن کي حڪومت پنهنجي استعمال ۾ ڄاڻائي پنهنجي تحويل ۾ ورتو.پرپوء به اهو مسئلي جو حل نه هو. اڃا به هندن جو هڪ وڏو تعداد ٻڏتر جو شڪار هو.
نومبر دسمبر 1947 ۾ اهي خبرون اچڻ لڳيون ته اجمير ۾ مسلمانن تي حملا ٿيا آهن ۽ انهن حملن ۾ سنڌ مان لڏي ويندڙ هندو به شامل رهيا آهن. ليکڪا ننديتا ڀاوناني سنڌ مان ويندڙ هڪ خاندان جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته سندن ٽرين جڏهين اجمير کان لنگھي ته ٻي پٽڙي تي هڪ ٽرين بيٺي هئي جنهن مان رت ڳڙهي رهيو هو. ان ٽرين ۾ اهي مسلمان هئا جيڪي پاڪستان اچي رهيا هئا. ان سلسلي ۾ اهم خبر اها هئي ته حضرت معين الدين چشتي جي درگاه تي حملو ڪري ان کي نقصان پهچايو ويو هو. ان خبر جي پوء ترديد به ٿي ۽ اها ڪوڙي ثابت ٿي پر ان پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ وڏي پئماني تي هندن جي گھرن تي حملا ۽ ڦرمار شروع ٿي ويئي. ان صورتحال حيدرآباد شهر ۽ ويجھڙائي وارن علائقن ۾ هڪ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ۽ هندن وڏي پئماني تي لڏڻ شروع ڪيو. نوابشاه ۾ اڳ ئي هندن ۽ سکن تي حملا شروع ٿيا هئا ۽ اتان لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي هئي.
ڪراچي ۾ جيتوڻيڪ اهڙي صورتحال نه هئي پر هتي مهاجرن کي اهو فڪر هو ته هندو هتان ڇو ڪونه ٿا لڏين ته جيئن سندن ڇڏيل گھر کين ملي سگھن. ان مقصد لاء انهن جنوري 1948 ۾ موليڏني مسافر خاني ۾ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ اهو چيو ويو ته سنڌي مسلمان ته ڪانئر ۽ بزدل آهن ۽ اهي هندن کي ڪجھ نه چوندا ۽ مهاجرن کي ئي ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪرڻو پوندو. ان مقصد لاء هندن تي حملن لاء 6 جنوري 1948 جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. ان جي خبر سنڌ حڪومت جي اهلڪارن کي پئجي ويئي ۽ انهن ان سلسلي ۾ حفاظتي قدم کڻندي ڪجھ ڄڻن کي گرفتار به ڪيو. 6 جنوري تي سنڌ جي ٻين شهرن مان سکن جي هڪ وڏي تعداد کي ڀارت لڏڻ لاء ڪراچي اچڻو هو. انهن تي حملي لاء ريلوي اسٽيشن تي مهاجرن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو. انهن کي ڪنهن ريت رتن تلاء جي گردواري يپهچايو ويو. پر گردواري جي ٻاهران مهاجرن جو وڏو تعداد گڏ ٿي ويو جيڪو ڪن اندازن موجب اٺ هزار يا پنجويه هزار هو پر ليکڪا سوڀي گيانچناڻي جي حوالي سان ان تعداد کي سوا لک ٻڌائي ٿي. بهرحال ڪجھ سکن کي ته گردواري اندر داخل ٿي ماريو ويو جڏهين ته آخر ۾ گردواري کي باه ڏني ويئي جنهن ۾ گھڻا سڙي مري ويا. اهي فساد سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويا ۽ مختلف علائقن ۾ هندن جي گھرن تي حملا، ڦرمار ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا ٿيا. ڪراچي شهر ۾ پهريون ڀيرو ڪرفيو لڳايو ويو. سنڌ جي وزير اعظم محمد ايوب کهڙو جو چوڻ هو ته ان وقت جو ڀارتي هائي ڪمشنر سري پرڪاس ان سڀڪجھ لاء ذميوار هو. شهر جي صورتحال کي ڏسندي کيس چيو ويو هو ته سکن کي ڪراچي نه گھرائي ۽ جيڪڏهين گھرائي به ٿو ته رات جي اونداهي ۾ گھرائي ۽ انهن کي سڌو بندرگاه موڪليو وڃي. پر انهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهين ته هائي ڪمشنر جو چوڻ هو ته هو ان وقت ڀارت ۾ هو ۽ سکن جي ڪراچي اچڻ جو جيڪو ٽيليگرام آيو هو ان کي ڊپٽي هائي ڪمشنر جوڳي اهميت نه ڏني. سنڌ حڪومت.پاران ان سلسلي ۾ سخت قدم کنيا ويا. وڳوڙين کي تنبيه ڪرڻ سان گڏ گھڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سزائون ڏنيون ويون جڏهين ته ساڳي وقت هندن کي اهو يقين ڏياريو ويو ته سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ اهي سنڌ مان نه لڏين. ليکڪا جو چوڻ آهي ته کهڙو جي اهڙن سخت قدمن جي ڪري وزير اعظم لياقت علي خان هڪ نجي ڳڏجاڻي ۾ کيس ڇنڀيندي چيو ته تون ڪهڙو مسلمان آهين. اتي هندوستان ۾ هندو مسلمانن کي مارين پيا ۽ هتي تون هندن جي حفاظت پيو ڪرين ۽ مسلمانن کي مارين پيو. سندس اشارو پوليس فائرنگ ۾ وڳوڙين جو مرڻ هو. بهرحال سنڌ حڪومت جي انهن قدمن کڻڻ جي باوجود هڪ غيريقيني ڪيفيت هئي ۽ هندن پاڻ کي محفوظ نه ٿي سمجھيو. سندن سنڌي مسلمانن متعلق چوڻ هو ته اهي انهن وڳوڙن جو حصو نه هئا پر ساڳي وقت اهي کين بچائڻ لاء به اڳتي نٿي آيا ۽ هڪ خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ٿي ڪيو. ان جو ڪارڻ شايد اهو هو ته انهن پاڻ ۾ ايتري سگھ نه ٿي محسوس ڪئي جو اهي ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيئي سگھن.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پناهگيرن پاران گھرن تي قبضي ڪرڻ لاء اهِڙا فساد ڪيا ويا. دهلي جو مثال ڏيندي هو چئي ٿي ته اوله پنجاب مان آيل پناهگيرن اتي وڏي پئماني تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو، ڦرمار ڪئي ۽ گھرن تي زوري قبضا ڪيا. ان ۾ اٽڪل ويه کان پنجويه هزار ماڻهو مري ويا جڏهين ته ڪراچي ۾ ٿيل ۾ فسادن ۾ يارنهن سو کن ماڻهو قتل ٿيا. انهن فسادن جو نتيجو اهو نڪتو ته نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ واڌارو اچي ويو.
اڳ گانڌي جو اهو موقف هو ته سنڌ ۾ اهڙيون حالتون نه هيون جوهندو اتان لڏين. کين اتي رهي حالتن کي منهن ڏيڻ گھرجي ۽ ساڳيو موقف نهرو ۽ سردار پٽيل جو به هو. پر ڪراچي جي فسادن کانپوء سنڌ جي ڪانگريس جا اڳواڻ گانڌي سان مليا ۽ کيس ان ڳاله تي قائل ڪيو ته انهن حالتن ۾ سنڌي هندن جو لڏڻ ضروري ٿي پيو هو ۽ هو نهرو ۽ پٽيل کي ان سلسلي ۾ انتظام ڪرڻ لاء هدايتون ڏيئي. اهڙي ريت ڀارت جي حڪومت پاڪستان ۾ پنهنجي هائي ڪمشنر کي اهڙن انتظامن وغيره ڪرڻ لاء لکيو. ان سلسلي ۾ هڪ ته ريل ذريعي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان جوڌپور جي واٽ هئي. پر جيئن ته ٽرينن تي حملا ۽ ڦرمار هڪ عام ڳاله بڻجي ويئي هئي ان ڪري اهم ۽ محفوظ واٽ ڪراچي جي بندرگاه کان سمنڊ رستي بمبئي ۽ ڀارت جي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ هو. مختلف شپنگ ڪمپنين کي ان مقصد لاء جهاز فراهم ڪرڻ لاء چيو ويو ۽ گھڻن ڊيڪ تي سفر ڪندڙ مسافرن کي مفت سفر جي سهولت فراهم ڪئي ويئي.
سنڌ حڪومت پاران گھڻي ڪوشش ڪئي ويئي ته اها لڏپلاڻ نه ٿئي. ڇو ته هندو سنڌ جي معيشت ۽ سرڪاري مشنيري جو هڪ اهم حصو هئا. هندن جي حفاظت لاء انهن کي خاص جاين تي رهايو ويو هو. ان سلسلي ۾ هندن جي ترجيح اها هوندي هئي ته ان علائقي ۾ سنڌي مسلمان ته ڀلي هجن پر مهاجر نه هجن جيڪا ڳالهہ پاڻ مهاجرن ۽ سندن اڳواڻن کي پسند نه ايندي هئي. ان سلسلي ۾ گھٽ ذات وارن هندن جو معاملو، جن کي دلت يا گانڌي جن کي هريجن جو لقب ڏنو هو، ٻين هندن کان مختلف ۽ دلچسپ هو. انهن مان گھڻا گجرات ۽ راجستان وغيره جا هئا جتي ذات پات جو هڪ مضبوط نظام آهي ۽ کين ان ڳالهہ جي پڪ هئي ته اتي به ساڻن هتان کان ڪو بهتر ورتاء نه ڪيو ويندو. پر شروع ۾ پيدا ٿيل ڊپ جي ڪري انهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ سنڌ جي شهرن ۾ ڪچري وغيره جي نيڪال جي حوالي سان هڪ بحران پيدا ڪري ڇڏيو ۽ مختلف جاين تي ڪچري جا ڍير لڳي ويا جنهن کي صاف ڪرڻ لاء مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي ميدان ۾ اچڻو پيو. حڪومت پاران ان صورتحال جي پيش نظر انهن ماڻهن جي لڏپلاڻ تي پابندي لڳائي ويئي جنهن جي ڪري گانڌي ۽ ٻين اڳواڻن کي مداخلت ڪرڻي پيئي. بهرحال انهن مان گھڻن ماڻهن هتي رهڻ جو ئي فيصلو ڪيو. ليکڪا جي چوڻ موجب ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻارنهن کان چوڏنهن لک هندن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي. اهڙي ريت نئين ملڪ جي اڳواڻن جي ذهن ۾ جيڪو Hostage Theory جو تصور هو ته ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جو تحفظ پاڪستان ۾ رهندڙ هندو ۽ سک آهن ۽ جنهن جي ڪري ئي جناح ان ڳاله جي حق ۾ نه هو ته هندو سنڌ مان لڏين ڪامياب نه ٿي سگھيو. پاڪستان گھڻي ڀاڱي هڪ مذهب واري رياست بڻجي ويو ۽ هندن ۽ سکن کان ڄڻ خالي ٿي ويو.
ان سڀ جي باوجود مهاجرن لاء گھرن ۽ رهائش جو مسئلو مڪمل طور حل نه ٿي سگھيو. گھڻا مهاجر جيڪي پاڪستان کي پنهنجي لاء هڪ جنت سمجھي آيا هئا پنهنجن خوابن جي پوري نه ٿيڻ جي ڪري واپس ڀارت پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا ۽ گھڻا هڪ ڊگھي عرصي تائين شهر جي مختلف علائقن ۾ نهايت خراب حالتن ۾ جڳهين ۽ فٽ پاٽن تي رهيا.

ڀارت لڏڻ کانپوء سنڌين جي صورتحال

ڀارت لڏڻ کانپوء سنڌين جي صورتحال

2010 جي آدم شماري موجب ڀارت ۾ سنڌين جي آبادي اٽڪل پنجويه لک آهي جنهن ۾ نوي سيڪڙو هندو آهن جڏهين ته ڏه سيڪڙو کن سنڌي سک آهن. اٽڪل ٽيٽيه سيڪڙو سنڌي مهاراشٽر ۽ انهن جو هڪ وڏو حصو بمبئي ۾ رهي ٿو جڏهين ته ٻيا گجرات، راجستان، چتيش ڳڙه ۽ ٻين رياستن ۾ رهن ٿا.
گھڻن سنڌي هندن پنهنجي شهري پسمنظر ۽ واپاري لاڙن جي ڪري بمبئي ۽ ٻين وڏن شهرن کي رهڻ لاء ترجيح ڏني. پر اهو سڀڪجھ ايترو سولو نه هو. سنڌ مان لڏڻ کانپوء کين گھڻن مرحلن مان گذرڻو پيو. ڪراچي مان شرنارٿين جو پهريون جهاز جڏهين بمبئي پهتو ته مسافرن کي ان بنياد تي جهاز مان لهڻ نه ڏنو ويو ته جهاز ۾ اسمگلنگ جو سامان هو ۽ چيو ويو ته چڪاس کانپوء انهن کي جهاز ۾ لهڻ ڏنو ويندو. ان وقت بندرگاه تي پاڪستان لڏيندڙ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد پڻ موجود هو. انهن شرنارٿين جهاز مان لهڻ کانپوء پاڻ سان سنڌ ۾ ٿيل ورتاء جو بدلو وٺڻ لاء انهن ماڻهن تي حملو ڪري ڪيترن کي ڦٽي ۽ سندن سامان ڦري ورتو.
انهن شرنارٿين کي بمبئي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. اهڙا جن جا مٽ مائٽ اڳ شهر ۾ رهيل هئا کي ثبوتن وغيره ڏيڻ کانپوء شهر ۾ وڃڻ ڏنو ويو جڏهين ته باقي کي سڌو ريلوي اسٽيشن آندو ويو جتان کين مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل ڪئمپن ڏانهن موڪلڻ هو. پر انهن پناهگيرن جي گھڻائي جي ترجيح بمبئي ۾ رهڻ هو. ان ڪري گھڻا ريلوي اسٽيشن تي پنهنجو سامان ڇڏي شهر هليا ويا.
بمبئي کان اٽڪل ويهہ ڪلوميٽر پري ٻين مهاڀاري جنگ ۾ فوجين جي رهائش لاء قائم ڪيل ڪلياڻ ٽرانزٽ فوجي ڪئمپ هو جيڪو هاڻي خالي هو. اهو سنڌي پناهگيرن جو وڏي ۾ وڏو ڪئمپ هو. اهي بئرڪس نهايت ئي خراب حالت ۾ هيون. رهائش، پاڻي، حوض ۽ ڪاڪوس وغيره جون مناسب سهولتون نه هيون. ان جي لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. هڪ ڪمري ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي خاندان رهندا هئا ۽ ڪا پرائيويسي نه هئي. ريلوي اسٽيشن گھڻو فاصلي تي هئي. ڪم ڪار ۽ پڙهائي وغيره لاء بمبئي وڃڻو پوندو هو جنهن ۾ ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويندا هئا. آهستي آهستي اتي خالي پيل زمين تي هٽ ۽ گھر ٺاهيا ويا ۽ ننڍي پئماني تي ڪم شروع ڪيو ويو.
جهڙي ريت ڪراچي ۾ مهاجرن لاء رهائش جو مسئلو هو ۽ هندن جي گھرن تي قبضا وغيره ڪرڻ هڪ عام ڳالهہ ٿي پيئي هئي اهو ساڳيو معاملو بمبئي ۾ به هو. اتي سنڌي مسلمانن جي خالي گھرن جي ڳولها ۾ هوندا هئا. انهن گھرن تي قبضا ڪري پنهنجي نالي الاٽ ڪرايو ويندو هو. بمبئي جي مقامي حڪومت ان جي تدارڪ لاء ڪجھ قدم کنيا. ان ۾ اهم قدم پناهگيرن لاء هڪ اهڙو قانون لاڳو ڪرڻ هو جنهن مطابق هر پناهگير کي ٿاڻي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي هئي ۽ جيڪڏهين هو پنهنجي رهائش بدلائي ٿو ته ان جو اطلاع به ڏيڻو هو. ان قانون تي سنڌين پاران گھڻو احتجاج ڪيو ويو ۽ نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته رڳو گھر جو سربراه پنهنجي سڃاڻپ وغيره ڪرائيندو. گھڻي عرصي تائين اهو قانون لاڳو رهيو.
سنڌي پناهگيرن جو اهو اصرار هوندو هو ته کين پناهگير نه چيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي ڀارت جا شهري آهن ۽ انهن ان ملڪ جي آزادي لاء قربانيون ڏنيون آهن. ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کانپوء ٻنهي ملڪن جي شهرين جي ڪا واضح سڃاڻپ نه هئي. گھڻي عرصي تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ اچ وڃ تي ڪا پابندي نه هئي. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاء ساڳيو پاسپورٽ هوندو هو۽ پرڏيهي جو تصور انهن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاء نه پر ٻين ملڪن جي ماڻهن لاء هوندو هو. ڪافي وقت کانپوء ڀارت پاران پرمٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو. ان ڪري ئي ٻنهي ملڪن مان جيڪي ماڻهو شروع ۾ لڏي ويا هئا انهن مان گھڻا موٽي پنهنجن گھرن ۾ آيا. ان جي ڪري ئي نهرو کي اهو چوڻو پيو هو ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪير ڀارت جو شهري آهي ۽ ڪير ناهي. ان ڪري ڀارت لڏي ويندڙن کي بجائي شرنارٿي چوڻ جي بي گھر ماڻهو يا Displaced Persons چيو ويو. جڏهين ته پاڪستان ۾ جيڪي پناهگير آيا انهن مان جيڪي پنجاب ۾ اچي آباد ٿيا اهي اتان جي ٻولي ۽ ثقافت وغيره ۾ ضم ٿي ويا. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جيڪي اوڀر پنجاب کانسواء ڀارت جي ٻين علائقن مان آيا هئا جڏهين ته سنڌ ۾ ائين نه ٿي سگھيو ۽ هتي خاص طور يوپي، سي پي، دهلي ۽ بهار وغيره مان جيڪي پناهگير آيا انهن پاڻ کي مهاجر چوڻ پسند ڪيو ۽ اهو نالو اڃا تائين هلندو اچي.
مقامي ماڻهن پاران شروع ۾ ته سنڌين سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ سندن مدد ڪئي ويئي پر آهستي آهستي جڏهين انهن مختلف معاملن ۾ چٽاڀيٽي ۽ مقامي ماڻهن کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن خلاف هڪ ڌڪار ۽ نفرت وارو ماحول پيدا ٿيڻ لڳو. هڪ ته گھرن جي گھرج وڌي ويئي ۽ سنڌي وڌيڪ پڳڙي ڏيڻ لاء تيار هوندا هئا جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ گھر مهانگا ٿي ويا ۽ گھڻن مقامي ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا. ٻي اهم ڳاله اها هئي ته سنڌي واپاري گھٽ ۾ گھٽ نفعي ۽ ڪڏهين نقصان ۾ شي وڪڻڻ لاء تيار ٿي ويندو هو جنهن جي ڪري مقامي واپاري چٽاڀيٽي کان ٻاهر ٿي ويندو هو.
سنڌين جي مزاج ۾ ٻئي ڪنهن جي نوڪري ڪرڻ نه هوندو هو. ان ڪري حڪومت پاران فني تربيت جا جيڪي ادارا وغيره قائم ڪيا ويا هئا اتان تربيت حاصل ڪيل بجائي ڪنهن ڪارخاني ۽ ورڪشاپ وغيره ۾ ڪم ڪرڻ جي ان ڳاله کي ترجيح ڏيندا هئا ته پنهنجو ڪو ڪم ڪن. هڪ وڏو ڪم سنڌين اهو ڪيو ته انهن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي تعليم جي تسلسل کي برقرار رکجي. اها ڳاله سنڌ مان لڏڻ وقت ئي سندن ذهن ۾ هئي. ان جو اندازو ان ڳاله مان ڪري سگھجي ٿو ته حيدرآباد جي هڪ ڪاليج جي ليڪچرار لڏڻ وقت سڄي ڪاليج جي ليبارٽري کي دٻن ۾ بند ڪري ان مٿان گل وجھي ڇڏيا ته جيئن ائين لڳي ته اهي مورتيون آهن نه ته ٻي صورت ۾ ان کي کڻي وڃڻ جي اجازت نه ملي ها. استادن پاران ڪوششون ڪري تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا. گھڻا شاگرد پنهنجين خراب معاشي حالتن جي ڪري بسن، ريل گاڏين ۽ فٽ پاٿن تي مختلف شيون وڪڻندا هئا ۽ شام جو تعليم حاصل ڪندا هئا.
ساڳي ريت سنڌين پاران پنهنجين مذهبي رسمن ۽ رواجن کي جيڪي ڪنهن حد تائين سندن ڀارت جي ميزبانن کان مختلف هئا هتي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليکڪا جي چوڻ موجب جھولي لال سنڌ ۾ هڪ گھٽ اهم ديوتا سمجھيو ويندو هو پر ڀارت ۾ ان کي گھڻي اهميت ڏني ويئي. ساڳي ريت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ساڌو واسواڻي ٽرسٽ جي ڪمن کي هتي وري جاري ڪيو ويو. هندو سنڌ ۾ سچل سرمست جهڙين وڏين درگاهن سميت گھنن پيرن جا مريد به هئا. گھڻا مريد پنهنجن پيرن جي زيارت ڪرڻ لاء اڃا به سنڌ ايندا آهن ۽ گھڻا پير به وقت بوقت پنهنجن مريدن وٽ ڀارت ويندا رهندا آهن.
هن وقت تائين گھڻو پاڻي سنڌو مان وهي چڪو آهي ۽ ستر سالن کان وڌيڪ جي عرصي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن جي سنڌين جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ ۽ سياسي ۽ مذهبي خيالن ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. هاڻي ان سڀڪجھ کي ان تناظر ۾ ئي ڏسڻ گھرجي.

ورهاڱي کانپوء

ورهاڱي کانپوء

ورهاڱي جي نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسي جي سنڌين ۾ سماجي، ثقافتي ۽ ٻولي جي حوالي سان وڏيون خاصيتي تبديليون واقع ٿيون آهن جن سندن وچ ۾ هڪ نامياتي تعلق کي ڪمزور ڪري رڳو ان کي هڪ رسمي شڪل ڏيئي ڇڏي آهي. ڀارت جي سنڌين لاء ٻولي جو اهم مسئلو هو. پر ان سلسلي ۾ ائين ٿيو ته سنڌي کي اسڪولن ۾ رائج ته ڪيو ويو پر حڪومت جي ويجھو ڪجھ سنڌين پاڻ کي وڻائڻ لاء ديوناگري لپي کي لاڳو ڪرايو جيڪا ڳالهہ ٻولي جي لاء هاڃيڪار ۽ گھڻن سنڌي ليکڪن وغيره لاء قبولڻ جوڳي نه هئي. جيتوڻيڪ پوء احتجاج وغيره جي ڪري حڪومت پاران عربي فارسي لپي کي به لاڳو ڪيو ويو پر ظاهر ڳاله آهي ته ترجيح پوء به ديونا گري لپي کي ئي حاصل هئي ۽ ان جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ جي سنڌين ۽ ڀارت جي سنڌين ۾ ٻولي جي حوالي سان هڪ فاصلو پيدا ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ٻولي ۾ عربي ۽ فارسي جي استعمال ۽ ڀارت ۾ سنسڪرت، هندي ۽ ڀارت جي ٻين ٻولين جي استعمال ان فاصلي کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي.
سنڌين جي لاء اها ڳالهہ پريشاني جوڳي رهي آهي ته ڀارت ۾ بنگالين ۽ پنجابين جيان اهڙو ڪو علائقو ناهي جنهن کي هو پنهنجو چئي سگھن ۽ اتي پنهنجن طورطريقن ۽ ثقافت مطابق رهي سگھن. پنهنجي ان خواهش کي پوري ڪرڻ لاء انهن ڪڇ جي راجا کان زمين وٺي اتي گانڌي دهم جهڙو شهر به قائم ڪيو آهي جتي سنڌين جو وڏو تعداد رهي ٿو ۽ گھڻا تعليمي ۽ ٻيا ادارا آهن جتي سنڌي ٻولي جو استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي سرحد جي ويجھو آهي پر مک شهري مرڪزن کان پري ۽ رڻ ۾ هئڻ جي ڪري گھڻا سنڌي اتي رهڻ پسند نه ٿا ڪن.
اها ڳالهہ واقعي سوچڻ جوڳي آهي ته ڀارت ۾ سنڌي معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان گھڻو اڳتي آهن پر ان جي باوجود اهي نفسياتي ۽ ذهني طور ڀارت جي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ احساس ڪمتري ۾ ورتل آهن. گھڻائي پنهنجن ٻارن کي سنڌي ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ گھرن ۾ انهن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ کي پسند نه ڪندي آهي. ساڳي ريت ٻار پنهنجن دوستن وغيره کي اهو نه ٻڌائيندا آهن ته اهي سنڌي آهن. ان جو هڪ مک ڪارڻ اهو آهي ته جيڪي سنڌي خاص طور گجرات ۽ راجستان وغيره ۾ آباد ٿيا جتي ذات پات جو هڪ مضبوط نظام آهي انهن کي مقامي ماڻهن پاران وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌين جي لباس، کاڌ خوراڪ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڪري چيو ويندو هو ته انهن جي هلت چلت سڄي مسلمانن جيان آهي. ان ڪري ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته ساڻن گھٽ ۾ گھٽ سماجي تعلق رکجي. ان جو هڪ اثر اهو ٿيو ته پاڻ کي مقامي رسم و رواج ۽ ڪلچر ۾ ضم ڪرڻ لاء سنڌين ماڳيئي پنهنجي سنڌيت تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو ۽ ٻي اهم ڳاله ته پاڻ کي هندن کان وڌيڪ هندو ثابت ڪرڻ لاء انهن مان گھڻا آر ايس ايس جهڙين جماعتن ۾ سرگرم ٿي ويا. سنڌ جي صوفي هندن ڀارت ۽ خاص طور گجرات جي هندو مسلم فسادن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايل ڪي آڏواڻي ته رڳو ان جو هڪ سمبل آهي جڏهين ته گجرات ۾ سنڌين جو فسادن ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهي مودي جي لاء نهايت اهميت جا حامل رهيا آهن.
سرحد جي ٻئي پاسي مسلمان سنڌين لاء به صورتحال ائين نه هئي جيئن انهن سمجھيو ٿي. هڪ ته هندن جون ڇڏيل ملڪيتون گھڻو ڪري ڪليمن جي عيوض ڀارت مان آيل مهاجرن کي مليون ۽ ٻيو وڏن زميندارن ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري زمينن تي قبضو ڪيو ۽ انهن هارين کي بيدخل ڪيو جن انهن ٻنين کي کيڙيو ٿي ۽ جن سمجھيو ٿي ته اهي ٻنيون کين ملنديون. ساڳي ريت مسلم ليگ سان لاڳاپيل سنڌي سياستدانن کي به ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيو. مرڪزي ڪابينا، جنهن ۾ پنجاب جي گھڻائي هئي، ۾ رڳو محمد ايوب کهڙو کي وزارت جي آڇ ڏني ويئي. پر هو جيئن ته ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو ۽ هن اهو عهدو نه ٿي ڇڏڻ چاهيو ان ڪري ان کي قبول نه ڪيو. اهڙي ريت ان ڪابينا ۾ ڪو به سنڌي وزير نه هو. پوء گھڻي احتجاج کانپوء مرڪزي ڪابينا ۾ سنڌ مان هڪ وزير کنيو ويو.
ان وقت ڪراچي مرڪز ۽ سنڌ ٻنهي جي گادي جو هنڌ هو. ڪجھ وقت کانپوء اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي ۽ ڪراچي مرڪز جي ضابطي هيٺ هجي. ان جي لاء جواز اهو ڏنو ويو ته ورهاڱي کانپوء مهاجرن جي وڏي پئماني تي ڪراچي ۾ اچڻ کانپوء اهو هاڻي سنڌي گھڻائي وارو شهر نه رهيو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب ان جو مک ڪارڻ سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙو ۽ پاڪستان جي وزيراعظم لياقت علي خان جا اختلاف هئا ۽ لياقت علي خان اهو چاهيو ٿي ته کهڙو کانئس پري ئي رهي. پر ان سلسلي ۾ سنڌ اسمبلي ۽ وڏو وزير کهڙو گادي جي هنڌ کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاء راضي نه هئا. ان جو هڪ ڪارڻ ته ڪراچي جي سنڌ لاء تاريخي اهميت هئي ۽ ٻي ڳاله ته ڪراچي پنهنجي بندرگاه ۽ ٻين معاشي وسيلن جي ڪري سنڌ حڪومت لاء آمدني جو هڪ اهم ذريعو هو. سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور شاگردن پاران به مرڪز جي ان فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو. پر مرڪزي حڪومت ان سڀڪجھ کي ڪا اهميت نه ڏيندي ايوب کهڙو کي وڏ وزارت تان لاهي پير الاهي بخش کي سندس جاء تي آندو جنهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو ۽ ان وقت جي سنڌ جي گورنر غلام حسين هدايت الله ان جي منظوري ڏني.
ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻولي جي گھڻي اهميت هئي. مختلف شعبن ۾ گھڻو ڪم ٿي رهيو هو. جيئن ته اهو ڪم ڪندڙ گھڻو ڪري هندو هئا ان ڪري انهن جي ڀارت لڏي وڃڻ جي ڪري اهو ڪم رڪجي ويو. ٻي اهم ڳالهہ اها هئي ته سنڌي بولي کي جيڪا سرڪاري سرپرستي حاصل هئي اها ختم ٿي ويئي. ايوب خان جي دور ۾ اسڪولن مان هڪ لازمي مضمون طور سنڌي کي ختم ڪيو ويو. اڳ سنڌي بازار ۽ شهرن جي ٻولي هئي اها هاڻي نه رهي هئي. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته هندن جي ئي شهرن ۾ گھڻائي هوندي هئي ۽ اهي ئي سنڌ جو وچولو طبقو هئا. انهن جي لڏي وڃڻ کانپوء شهرن ۾ سنڌين جي حيثيت نه هئڻ برابر وڃي رهي هئي.
سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪٻئي جي مذهب ۽ طور طريقن لاء عام طور جيڪا سهپ ۽ عزت هوندي هئي ورهاڱي کانپوء اها ٻنهي پاسن جي سخت گير، انتها پسند ۽ اسهپ وارن روين ۾ بدلجي ويئي. سنڌ جي ماڻهن جي جنهن صوفي مزاج جا مثال ڏنا ويندا هئا اهو سڀڪجھ ماضي جي ڳالهہ بڻجي ويو.
اهڙي ريت هڪ ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن لاء جيڪي نتيجا نڪتا اهي سندن توقع مطابق نه هئا ۽ ٻي ڳالهہ ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڏيون ۽ بنيادي تبديليون آيون جن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن سان ٺهڪي هلڻ لاء سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين جاکوڙ ڪري رهيا آهن.

يارن جون ڪسرون ٻارن مان

يارن جون ڪسرون ٻارن مان

ڀارت جي صحافي ڪرن ٿاپر جو تازو ڪتاب Devil’s Advocate- The Untold Story شائع ٿي آيو آهي. هي ڪتاب ليکڪ جي پنهنجي ڪم جي دوران مختلف شخصيتن سان ناتن وغيره جي حوالي سان آهي. هن اميتاڀ بچن سان پنهنجي هڪ انٽرويو جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اميتاڀ جي زال ۽ سندس ٻار به موجود هئا. هن اميتاڀ کان هڪ سوال ڪيو ته ڇا هن پنهنجي شادي کانپوء ڪنهن سان عشق ڪيو آهي. اميتاڀ چيو ته نه هن نه ڪيو آهي. ڪرن وري کانئس پڇيو ته ڀلا پروين بابي متعلق اوهان جي حوالي سان گھڻيون خبرون هليون انهن ۾ ڪيتري حقيقت آهي. اميتاڀ چيو ته نه اهو سڀ غلط آهي. مون به اهڙيون خبرون پڙهيون هيون پر اوهان هر رسالي ۽ اخبار کي روڪي ته نه ٿا سگھو. ان تي ڪرن کانئس پڇيو ته ڀلا ريکا متعلق اوهان ڇا چوندا. اميتاڀ جو چوڻ هو ته اهو سڀ غلط آهي. ان تي ڪرن ٿاپر اتي ويٺل سندس زال جيه کان پڇيو ته ڇا کيس يقين آهي ته سندس مڙس جيڪي چئي پيو اهو صحيح آهي. ان تي اميتاڀ جيه ڏانهن مڙي ڏٺو ۽ جيه چيو ته ها کيس پنهنجي مڙس تي يقين آهي. ان تي ٿاپر کانئس وري پڇيو ته ڇا هو واقعي اهو سمجھي ٿي يا مڙيئي ائين ئي چئي رهي آهي. هن جواب ڏنو ته نه هو واقعي ائين سمجھي ٿي.
انٽرويو کانپوء اميتاڀ اصرار ڪندي کين چيو ته هو ماني کائي پوء وڃن. انهن اهو سمجھيو ته انٽرويو خوش اسلوبي سان ٿي ويو آهي ۽ اميتاڀ کي خاص طور سندس عشق متعلق سوال ناراض نه ڪيو آهي. پر اسان کي ڪهڙي خبر ته اهو معاملو اندر ئي پچي رهيو آهي ۽ هاڻي ٻي صورت ۾ ٻاهر ايندو. اسان ماني لاء ويٺا هئاسين ته جيه اچي اميتاڀ کان پڇيو ته ڇا اوهان چانور کائيندا ته هن ان کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته ڇا توکي خبر ناهي ته آئون چانور ناهيان کائيندو. اسان کي سندس رويو ڏاڍو عجيب لڳو. ٿوري دير کانپوء هن وري پڇيو ته دراصل ماني پچڻ ۾ ٿوري دير آهي تيسين اوهان ٿورا چانور کائي وٺو. اميتاڀ رڙ ڪندي کيس چيو ته توکي سمجھ ۾ ڳالهہ ڇو نه ٿي اچي ته آئون چانور نه کائيندو آهيان. اها ساڳي ڳالهہ ٽيون ڀيرو به ورجائي ويئي ۽ اميتاڀ ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ نه ٿي رهيو. پوء جيه جيئن ڪمري مان ويئي تيئن موٽي نه آئي. ٻي ڪنهن وڌيڪ ڳالهہ ٻولهہ کانسواء اسان جيڪو پليٽن ۾ هو سو کائي موڪلياسون. پوء اها ڳالهہ سمجھ ۾ آئي ته اسان جي سوال جي ڪاوڙ ڪٿي وڃي نڪتي هئي.

سيد قمر الحسن

سيد قمر الحسن

يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوء سيد قمر الحسن نالي حيدرآباد دکن جو هڪ همراه ميرپور بٺورو جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ان همراه کي سنڌي سکڻ ۽ لکڻ پڙهڻ وغيره جو شوق هو. ان مقصد لاء هو مختلف ماڻهن سان رابطي ۾ آيو. هن نه رڳو سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ سکي پر بٺورو ۾ ڪجھ دوستن جي مدد سان سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪري ادبي سرگرميون پڻ شروع ڪيائين.
ان وقت سنگت جو ڪو مرڪزي ڍانچو نه هو ۽ سڄي سنڌ ۾ مختلف شاخون پنهنجي ليکي ادبي ڪم ڪنديون هيون. پوء ڪجھ دوستن پاران ان کي هڪ مرڪزي حيثيت ڏيڻ جو سوچيو ويو ۽ پنجاه جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ انهن سڀني شاخن جو اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ بٺورو جي سنگت جا جيڪي چار نمائندا شريڪ ٿيا انهن ۾ سيد قمرالحسن به شامل هو. ڪتاب موجب ان وقت سڄي ٺٽي ضلعي ۾ سنگت جي اها واحد شاخ هئي جيڪا ڪم ڪري رهي هئي.
سيد قمرالحسن هڪ مثبت مثال آهي ۽ يقينن سنڌ ۾ اهڙا ٻيا مثال به هوندا جن کي سامهون آڻڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي.