ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سيد غلام حيدر شاھہ قلندري جي سماجي ۽ إصلاحي ڪالمن جو مجموعو ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“  اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ انجمن غلامانِ قلندر (ويلفيئر) سنڌ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون محترم محمد بخش ٿيٻي جا، جنھن ھِي ڪتاب سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکڻ لاءِ سافٽ ڪاپيءَ ۾ ڏياري موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

ايڪويهين صديءَ جي انهن انسانن جي نالي جيڪي چويهن ڪلاڪن ۾ متواتر سراسري پنج کان ڇهه ڪلاڪ موبائل کي ڏيڻ باوجود ڪتاب پڙهن ٿا انهن قدردانن جي نالي.

 سيد غلام حيدر شاهه قلندري.

قلم جي خوشبو

قلم جي خوشبو

هن ڪائنات جي رنگ منچ تي حضرت انسان ئي اُها مخلوق آهي جيڪو زندگيءَ جي چمن کي رنگ ۽ خوشبو عطا ڪري ٿو پر ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي اهڙا ماڻهو آهن جن جي وجود مان گلن جهڙي مهڪ اچي ٿي ۽ آس پاس جي ماحول کي رونق بخشي ٿي ۽ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جي دلين ۾ ڪوڙ، ڪلفت، نفرت ۽ ڏيکاءُ ۽ تخير جهڙا زهريلا ٿوهر ڦٽل آهن اُهي زندگيءَ جي چمن ۾ ٽڙندڙ خوبصورت گلن کي ايذائيندا رهن ٿا ۽ اهڙن ئي ايذائيندڙ ماڻهن جي ڦهلايل گند کي صاف ڪرڻ لاءِ هن زندگيءَ جي رنگ منچ تي صاف دل صوفي مالهيءَ وارو ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪي پنهنجي علم، قلم، ڪردار ۽ گفتگو ذريعي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل ڪن ٿا جيڪي ذهنن مان زهر ڪڍي دلين ۾ محبتن جي ماکي وجهن ٿا ۽ سائين سيد غلام حيدر شاهه ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻهن ۾ محبتن جي خوشبو ڦهلائيندو رهي ٿو جنهن جو ثبوت هيءَ ڪتان ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا آهي.
الطاف ملڪاڻي.

جيڪو به پڙهندو، اهو پرائيندو!

جيڪو به پڙهندو، اهو پرائيندو!

اڄڪلهه جا اڪثر ماڻهو ڄڻ ته تڙ تڪڙ جي اهڙي ڪنهن جهانُ جا واسي آهن، جنهن ۾ ماڻهن وٽ وقت ئي وقت هوندي به، وقت نه آهي! جنهن کي ڏس، موبائيل ۾ مصروف آهي! اهڙي ماحول ۾ ماڻهن وٽ مطالعي جو ته بلڪل به وقت ڪونهي، پر جيڪڏهن ڪير به، چند گهڙيون مطالعي لاءِ ڪڍي به ٿو، ته اها غنيمت پنهنجي جاءِ تي، پر سچ اهو آهي ته اڄڪلهه سنجيده موضوع ۽ ڊگهيون تحريرون پڙهڻ، ڄڻ ته ڪنهن لاءِ به ممڪن ئي نه رهيو آهي. جڏهن ته عالمي ڳوٺڙو بڻجي پيل هي دنيا، انهن ماڻهن جي دنيا آهي، جيڪي وقت ۽ ان جي تقاضا کي سمجهڻ جي سرت، سمجهه ۽ ساڃاهه رکن ٿا.
منهنجي ذاتي خيال مطابق، جيڪڏهن گهڻ رخو ۽ حقيقت تي مبني جائزو وٺبو، ته پنهنجو جيڪو عام ماحول آهي، ان تي صرف ڳڻتي ئي ڪري سگهجي ٿي! ان ڳڻتي جي ازالي جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.
سائين غلام حيدر شاهه ڪاظمي قلندري جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جن کي حاضر دور ۾ پنهنجي ماحول ۽ ان ماحول ۾ رهندڙن جو فڪر آهي.
سائين غلام حيدر شاهه ڪاظمي قلندري لاءِ آئون اهو لکڻ لازمي ٿو سمجهان، ته سائينءَ! پنهنجي علم ۽ حلم جي روشنيءَ ۾، ماڻهن جي سوچڻ جو انداز ڏسي، پنهنجي زبان ۽ قلم کي اهڙي طرح استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾، جنهن وٽ تمام ٿورڙو به وقت آهي، اهو سائين غلام حيدر شاهه ڪاظمي قلندري جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ۽ تحريرون پڙهي ٿو.
جيتوڻيڪ “ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” سائين جو گهڻو ڪري ايڪيهون ڪتاب آهي، پر آئون سمجهان ٿو، ته سندس هي ڪتاب، گذريل سمورن ڪتابن کان وڌيڪ پڙهيو ويندو. ڇو ته هن ڪتاب جو نالو ته پرڪشش آهي ئي آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر تحريرن جا عنوان به توجهه ڇڪائيندڙ آهن. جڏهن انهن عنوانن ۾ موجود مواد پڙهجي ٿو، ته پڙهندڙ ڪتاب جي نالي ۽ تحرير جي عنوان مان مانوس ٿيڻ وانگر، مڪمل تحرير به ساڳي دلچسپي سان پڙهي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ڇو ته سائين غلام حيدر شاهه ڪاظمي قلندري جي هن ڪتاب “ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو اڄ ڪلهه جي تڙ تڪڙ واري جهان جي موبائيل ۾ مصروف اڪثر ماڻهن کي پڙهائڻ جي شديد ضرورت آهي. هن ڪتاب ۾ اهڙو مواد آهي، جيڪو ماڻهن وٽ وقت ئي وقت هوندي به، وقت نه آهي، پر جيڪو به ماڻهو هي ڪتاب ڏسندو، اهو ڪتاب کي اٿلائيندو پٿلائيندو ۽ جيڪو به ڪتاب کي اٿلائيندو پٿلائيندو، اهو ڪتاب پڙهندو ۽ هي ڪتاب جيڪو به پڙهندو، اهو پرائيندو!
مٺل جسڪاڻي.

بابا حيدر جون حبداريون

بابا حيدر جون حبداريون

پھرين ته آئون ناچيز ايترو لھان ئي ڪونه جو بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري لاءِ انھن لفظن جي چونڊ ڪري سگھان جيڪي بابا سائين جي علمي ادبي قد ڪاٺ ۽ سندن شخصيت لاءِ بلڪل ايترو وزن رکندا ھجن جيترو بابا سائين جي ڏات جي اڏام تائين پھچي سگھن، بابا سائين کي ۽ سندن لکڻين کي ڏات جي ڏيهه ۾ ھيرن جي اڻ کٽندڙ کاڻ سان ڀيٽا ڏيان يا ارپيان فطرت جون اُھي سحر انگيزيون جيڪي جن کي محسوس ڪرڻ يا پرکڻ سان انساني سوچ سِڪ، سونھن ۽ سچائي جي حقيقي رنگن تائين رسائي حاصل ڪري ٿي، ڇونه سوپيان بابا سائين کي جھان جا سمورا جلترنگ، چنڊ جي چاھت ۾ پرواني جي عشق جي اوچائي، يا ڀيٽيان ڪنھن مست ملنگ جي اندر جو احساس جيڪو دُنيا جي ھر ان خواھش کان بي خبر آھي جيڪا وقت حاضر ۾ انسان جي ڀٽڪڻ جو سامان آھي. بابا سائين غلام حيدر شاھ صاحب جو ديدار سال 1988ع ۾ نصيب ٿيو جڏھن جڳ جا ماڻهو بابا سائين کي غلام حيدر شاھ ٻُسٽاني جي نالي سان سڃاڻيندا ھئا تڏھن کان اڄ ڏينهن تائين سائين بابا سان پريت جا پيچ ڳنڍيل آهن ۽ انشاالله جيون جوڳ ۾ ساٿ سلامت رھندو. آئون سمجھان ٿو سائين بابا کي ڏات جا انمول خزانا ڪنھن اھڙي ورھاست ۽ ولايت جي نگري مان مليل آھن جيڪي ھر ڪنھن کي نصيب ناھن ٿيندا.
بابا سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري روحاني صوفياڻي سلسلي (انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر) ۾ سٻاجھڙي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سلسلي جي اصل مقصدن ۽ ڪمن سان گڏ ان ئي ڪم جي ھڪ ڪڙي ڪالم لکڻ ۽ انھن کي سلسلي سان ڳانڍاپيل توڙي خلق خدا لاءِ سبق آميز مواد پھچائڻ جو ھڪ سگھارو ذريعو پڻ ٺاھيو. سائين جن لکيل ڪالم پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا جن مان مون فقير (راقم القلم) سميت اڻ ڳڻيا سلسلي جا ساٿي ۽ خلق خدا مستفيد ٿئي پئي. وقت جي مُختلف مونجھارن ۽ معاشري جي سرسري مشاھدي مان اھا ڳالهه پڻ عالم آشڪار نظر اچي ٿي ته ھن ڀونءِ مٿان ڀٽڪندڙ انسان روحاني سڪون جي ڳولا ۾ پنھنجا پير پٿون ڪندي نظر اچي ٿو، درد دل جي دوا لاءِ ڪنھن دارون دوا جو متلاش آهي پر انھي ڪوشش ۾ هلندي رھنمائي نه ھئڻ ڪري انسان انھي چوواٽي تي پھچي وڃي ٿو جتي کيس سڀ رستا وسري وڃن ٿا، سندس حواس ڪنھن بد مست گھوڙي جيان واڳون ٽوڙي سندس قبضي مان نڪريو وڃن، نتيجو اھو ٿو نڪري ته انسان راھ راست کي ڇڏي ڪنھن اڻ ڏٺي واٽ ڏانھن نڪريو پوي پوءِ ڪٿي اھو ڀٽڪيل ماڻھو ڪنھن اڻٽيھين اونداھي ۾ گُم ٿيو وڃي ته ڪٿي پنھنجو پاڻ وڃائي حق ۽ باطل جو فرق وساري انھن ڪُڌن ڪمن ۾ لڳيو وڃي جيڪي سندس بدنامي جو سبب ۽ نيڪ انسانن لاءِ اذيت ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا، اھڙين حالتن ۾ اھا ھڪ حق سچ حقيقت آھي ته بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري جي لفظن جو مضبوط سھارو ۽ دور انديشي اھڙن ڀٽڪيل ماڻھن کي روشني ڏيکاري واپسي جو دڳ پسائي پُرسڪون طرز حيات ڏانھن وٺيو اچي. اھا پڻ ھڪ تلخ حقيقت آهي ته وقت حاضر ۾ سوشل ميڊيا جي شور ۾ جتي لکڻ ۽ پڙھڻ جو رحجان تمام گهڻو گھٽجي ويو آھي اتي حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري پنھنجا ڪالم اصلاح، مذاح ۽ پڙھندڙن جي سوچ کي نظر ۾ رکندي 'ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا' جي سري ھيٺ لکي اھڙو ته وزنائتو سلسلو شروع ڪيو آهي جو پڙھندڙ سائين بابا جو لکيل ڪالم آخري لفظ تائين پڙھڻ تي مجبور ٿيو پوي، نه رڳو ايترو پر ڪالم پڙھڻ کان پوءِ ان ڪالم جي سبق آميز ڳالهه جنھن کي سينٽرل آئيڊيا يا ONE LINE کڻي چئجي مان گھڻو ڪجهه پرائي پنھنجي اصلاح ڪري ٿو، وجود يا ڪردار مان ڪا کُٽل شيءَ پوري ڪري ٿو ٻين لفظن ۾ مڻ ميراڻ ڌوئي ٿو ۽ ڪردار جي ڳري وجود کي ھلڪو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.

دلشاد خاصخيلي.

طنز مزاح نگاري ۾ سماج جي عڪاسي

طنز مزاح نگاري ۾ سماج جي عڪاسي


سائين غلام حيدر شاھ قلندري جا مختلف وقتن تي نون نون موضوعن تي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيندا رهن ٿا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو هي مسلسل لکندڙ ليکاري آهي جيڪو پنهنجي لکتن ذريعي سماج ۾ تبديلي جو منتظر آهي، اڄ سندس هي ڪتاب (ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا) جيڪو طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ ننڍڙي پر سٺي ڪوشش ڪئي آهي.
جڏهن هڪ نظر عالمي ادب تي وجهي ڏسبي پوء هي ڄاڻ ملي ٿي ته هر ملڪ جي سرزمين جي ليکارين طنز مزاح جي ادب کي اپنايو آهي، انهي ڪري ته هن ادب ۾ سماج جي براين تي آساني سان ڳالهائي سگهجي ٿو,سنڌ جي اديبن به طنز مزاح نگاري ادب کي جيئندان بخش لاء ڪم ڪيو آهي پر اهڙي ڪم جا ڪجهه متخلف دور ملن ٿا، مسلسل مزاح واري ادب تي اسان ڌيان نه ڏنو آهي. دنيا جي عالمن جو مزاح بابت چوڻ آهي ته،
“طنز هڪ اهڙي تحرير آهي جنهن سان انفرادي عيبن ۽ معشاري جي اوڻاين کي تنقيد جو نشانو بنائي سگهجي ٿو”.
سنڌي ادب ۾ اسان جي ليکڪن پنهنجي نظم ۽ نثر ۾ طنز مزاح ۾ ادب جي آبياري لاء ڪم ڪيو آهي، جيڪو ٿيو گهٽ آهي پر سٺو ۽ اصلاحي ٿيو آهي، شمير الحيدريء جو مضمون (سنڌي ادب ۾ مزح نگاري) هجي يا ايس ضياءُ الدين بلبل جو مقالو کي ڏسجي انهن مزاح جي ادب کي اڳتي آڻڻ لاء ڪوششون ورتيون آهن, ته شمس الدين “بلبل”، امام الدين “ضامن” ۽ غلام رسول “سومري سودائي” جي طنز مزاح ۾ شاعري به ملي ٿي.
هن ڏيهه ۾ سچ ڳالهائڻ لاء يا ته چريو ٿيئڻو پوي ٿو يا کل ڀوڳ ۾ ئي سچ ڳالهائي سگهجي ٿو ٻي صورت هي سماج سچ کي قبول ڪرڻ بدران سچ ڳالهائڻ واري جو مخالف ٿي بيهي ٿو، جڏهن عزت ماب غلام حيدر شاھ قلندري! جي مزاحيه پر اصلاحي ڪالمن جي ڪتاب (ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا) تي مان پنهنجي پاران ٻه اکر لکي رهيو آهيان ته الاهي خوشي محسوس پئي ٿئي ته طنز مزاح ۾ ڪالم نگاري واري فن کي زنده رکڻ لاء سائين غلام حيدر شاھ قلندري! به پنهنجي حصي جو ڪم تمام ايمانداري ۽ سچائي سان ڪيو آهي, جي ڏٺو وڃي ته اسان وٽ حليم بروهي، نور گهلو مزاحيه ڪالم لکندا رهيا آهن ۽ عزيز ٽالپور اڄ به لکندو رهي ٿو, پنهنجي لکڻي ۾ طنز مزاح جو روح ڦوڪڻ به هڪ ڪماليت آهي ۽ اهڙي هنر مندي جو فن سائين غلام حيدر شاھ قلندري! جي هنن ڪالمن ۾ نظر اچي ٿو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونهن ملي ٿي جنهن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري! ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو، مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي, سولي ملي ٿي جنهن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.
جي ڏٺو وڃي ته ڪالمن جا عنوان ۾ معنيٰ خيز آهن، جيئن “اوجهري جا ڪم ڏسو گوشت پئي سڏائي”، “هيرا ڦيري ۾ به هيرا ڦيري”، “ٻرڙي ڪئي ٻارن سان يارن ڪئي يارن سان”، يا “ڪيلي جي کل تان ڪريو ڪنڌ ڀر ڪنڌار”، ڏسون هي ڪيڏا ته اصلاحي سماجي جي ڀرپور اوڻاين جي عڪاسي ڪندڙ عنوان آهن جنهن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته سائين غلام حيدر شاھ قلندري! بلڪل صحيح انداز ۾ سماجي براين تان پردو کيو آهي، ۽ اميد رکان ٿو ته هي ڪتاب (ٽهڪن ۾ ٽوڪوڙا) سنڌي ادب ۾ سٺو وڌارو آهي.
محبوب سنڌي

“ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” ، سماجي براين خلاف بغاوت

“ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” ، سماجي براين خلاف بغاوت

سنڌ ۾ هڪ اهڙي جماعت پروان چڙهي آهي، جنهن پنهنجي نرالي انداز سان سنڌ ۾ نه صرف حقيقي صوفي ازم جي پرچار ڪئي آهي، پر خاص طور تي نوجوانن کي سماجي براين کان پري ڪري انهن کي جسماني، روحاني ۽ خيالي پاڪيزگي طرف مائل ڪيو آهي، دنيا ۾ اهڙيون جماعتون يا شخصيتون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هونديون، جيڪي فرسودگي، خيالي ذائقي ۽ گٺيل پيٺيل رواتين سان مقابلو ڪري، نوجوانن کي ترقي پسند سوچ، سڌريل ۽ صحتمند سرگرمين ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ شخصيت ساز ڪردار ادا ڪنديون هجن، انجمن غلامان قلندر هڪ اهڙي جماعت آهي، جنهن صوفي ازم جي شاندار روايتن کي هٿي ڏني آهي، جيڪا پيري مريدي، شخصيت پرستي ۽ آسائشي انداز کي رد ڪري ٿي پر ان جماعت جو مڪمل توجهه ڀلائي ۽ ماڻهن جي اخلاقي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي پرچار طرف آهي.
منهنجو خيال آهي ته انجمن غلامان قلندر (ويلفيئر) سنڌ، علم ۽ ادب جي اوسر ۾ به وڏو ڪرادار ادا ڪري رهي آهي، هي جماعت هڪ طرف عشق رسولﷺ ۽ انسان سان پيار جي درس سان گڏ، سينه به سينه درود پاڪ جي تبليغ ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف سماجي رابطن واري نظام ۽ قلم ذريعي بزرگن ۽ صوفياءِ ڪرام جو پيغام رساني جو ڪم ڪيو پيو وڃي، انتهائي ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته انجمن غلامان قلندر جا سرواڻ سائين محمد علي قلندر ۽ موجوده سرپرست سائين غلام حيدر شاهه بادشاهه پنهنجي علمي، عملي ۽ ڪڍيل ڪشالن کي لفظن ۾ اتاري ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جنهن ۾ لاتعداد ماڻهو مستفيد ٿي رهيا آهن.
جنهن سماج ۾ پاڻ هاڻي ساهه کڻي رهيا آهيون، ان دور ۾ خاص طور اصلاحي تنقيد ڪرڻ ۽ تنقيد جي سهپ هجڻ وارو رجحان نه هجڻ جي برابر آهي، هن دور ۾ سهپ، سڃاڻپ، اخلاق ۽ تعميري سوچ جو ڄڻ ڪال پئجي ويو آهي، ماڻهن وٽ سهپ نالي ڪابه شيءَ ناهي رهي، لالچ، حوس ۽ خودغرضي سبب سماج ۾ رشتن، واسطن ۽ دوستين جو معيار ئي بدلجي ويو آهي، ۽ انهن سڀني شين ۾ لالچ ڪاهي پئي آهي، ۽ هاڻي سڄڻ ۽ دشمن جي پرک ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، اهڙي معاشري ۾ پنهنجي ڪمزوري، خامين ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي، براين ۽ ٻين جي حقن جي لتاڙ بابت سچ چوڻ يا ان خلاف آواز اٿارڻ پنهنجي سر جو سانگو لاهڻ جي برابر آهي.
سيد غلام حيدر شاهه قلندري جي لکڻ جو هنر انتهائي ڪمال آهي، جن پراڻي پهاڪن ۽ نئين سماجي اٿل پٿل جو امتزاج جوڙي انتهائي شاندار ۽ دلچسپ انداز ڪالم تحرير ڪيا آهن، سائين جن جي ڪتاب “ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” ۾ شامل سڀ ڪالم سماجي مسئلن بابت لکيل آهن، سائين جن آسان عوامي ٻولي ۾ ماڻهن جي مزاج، ڪردار، سماجي براين، اخلاقي، ذميواري روئيي، سماج ۾ موجود خامين ۽ انسان جي عادتن کي بهترين نموني سان وائکو ڪري پنهنجي قلم وسيلي، ان تي نوڪ جهوڪ ۽ گهرائي سان هاڪاري تنقيد ڪري ماڻهن کي ان طرف متوجهه ڪرڻ جو ڪمال انداز اپنايو آهي، خاص طور تي “تولو مولو” جا خيالي ڪردار تخليق ڪري، ڪنهن جي به دل آزاري ڪرڻ بجاءِ هن سماج جي هر ماڻهو جي ڪردار کي ڪالم ۽ اڪثر هنڌن تي ڪالم ڪهاڻي واري انداز ۾ لکيو آهي، جيڪو هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه ناهي.
سيد غلام حيدر شاهه قلندري، هڪ طرف درود پاڪ جو پيغام کڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر به تبليغ جي سرواڻي ڪري رهيا آهن، ته ساڳي وقت، اهڙي مصروفيتن باوجود مجازي ۽ اصلاحي شاعري ۽ ڪالم ذريعي معاشري ۾ موجود اوڻائين کي نشاندهي ڪن ٿا ۽ سماج جي هر فرد ۽ مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل ماڻهن جي شخصيت سازي جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.
“ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا” ۾ شامل سڀ ڪالم پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن، انهن کي هنياءَ ۾ هنڊائڻ سان، اهڙيون تحريرون،خاص طور تي اسان جي نوجوانن، شاگردن ۽ سنڌ واسين جي ذهني، علمي، اخلاقي ۽ سائنسي اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ڪتابن سان صحبت واري ختم ٿيندڙ ماحول ۾ سائين غلام حيدر شاهه قلندري جو مسلسل لکڻ ۾ مصروف رهڻ، ڪتاب شايع ڪرائڻ ۽ بنا ٿڪاوٽ جي پنهنجو قلم پورهيو جاري رکڻ تي، کين سلام پيش ڪريان ٿو، اميد ته سائين جا ڪالم سنڌ جي سماجي سائنس سان سلهاڙيل ماڻهن کي بهترين ڄاڻ ميسر ڪندا رهندا.
گل شير لوچي )ٽنڊوڄام(

ٻہ اکر ڊاڪٽر علي حسن قمبراڻي

ٻہ اکر ڊاڪٽر علي حسن قمبراڻي
ڀلا ڀاڳ ڀائيندس جو سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري جهڙي عظيم هستيءَ جي قلمي پورهئي تي لکڻ جو موقعو مليو، سائين پنهنجي هن ڪتاب ۾ معاشري ۾ موجود انهن سڀني ناسور بڻجي ويل ڪردارن، براين ۽ بڇڙائين کي اهڙي طريقي سان وائکو ڪيو آهي جيڪو هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه ناهي. سندن جي عظمت ۽ محنت کي منهنجو سلام آهي.

ڊاڪٽر علي حسن قمبراڻي.

ٻہ اکر، ڊاڪٽر ممتاز قريشي

ٻہ اکر، ڊاڪٽر ممتاز قريشي
پهرين ته آئون پنهنجو پاڻ کي ان قابل ئي نٿو سمجهان ته سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري جهڙي عظيم هستيءَ جي محنتن کي پنهنجي لفظن ۾ سمائي سگهان، هڪ طرف ته سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري پنهنجي خطابت ذريعي عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي عام ڪري رهيا ته ٻي طرف پنهنجي تحريرن ذريعي موجوده دور جي سماج ۾ موجود اوڻائين جي بهترين نموني عڪاسي ڪري رهيا آهن. سندن ڪاوشن کي سلام پيش ڪيان ٿو.

ڊاڪٽر ممتاز قريشي.

ٻه اکر

ٻه اکر

اصل ۾ ڪتاب ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙو ھڪ ڪالمن جي صورت ۾ حالاتِ حاضره جي انھن سڀني اوڻائين جي نشاندهي تي مشتمل آهي جيڪي وقتن به وقتن اخبارن ۾ شايع ٿيندا رھن ٿا، موجوده وقت جي تقاضا ۽ هن ايڪويهين صديءَ جي انساني مزاج کي ڏسجي ته هي اهڙو بڻجي چڪو آهي، جتي هڪ ديني مبلغ ۽ مذهبي واعظ به کل مسخري ڪندي شوق سان ٻڌو ٿو وڃي، اهڙي سماج ۾ وري اصلاح ۽ حق واري دشوار واٽ ۽ ان تي آڻڻ لاءِ اصلاحي لٽريچر سمجهائڻ آسان ڳالهه ناهي، جيئن ڳالهين ڳالهين ۾ سواءِ ڪنهن دل آزاريءَ جي ڳالهه دل تي اثر انداز ٿئي، اها به هڪ وڏي ڪاميابي آهي، الحمد الله دوستن جي مهربانين ۽ پرنٽ ميڊيا به مڪمل ساٿ ڏنو آهي هن ڪتاب ۾ موجود سڀ ئي ڪالم اڳ ۾ به ڇپيا آهن انھن جو وڏو ڪريڊٽ پٽ شيرخان پنهور کي آھي، جيڪو انھن کي ڪمپوز ڪري رياض عالماڻي ۽ شھزاد ملاح جي سھڪار سان اخبارن ۾ موڪلڻ ۽ شايع ڪرائيندو آهي ۽ پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ انھن سڀني سڄڻن جن مالي سهڪار ڪيو ۽ سائين الطاف ملڪاڻي جي معاونت سان شير جي محنت رنگ لاٿو جيڪو ھن وقت اوھان جي ھٿن ۾
آھي، اميد آهي ته نوجوان طبقو توڙي تمام ماڻهو هن مان سٺو لاڀ پرائيندا.
سيد غلام حيدر شاهه قلندري

پيو ڦاٽي ڦوڪڻو ڦوڪن جو

پيو ڦاٽي ڦوڪڻو ڦوڪن جو

اسان جي ڏيهه ۾ ڏھيسرن جو قحط ڪونهي، ڪاٽن ۽ ڪلف وارا ڏھيسر، مڇن کي تتليون ڪري مٿي چاڙھي چوٽائڻ وارا ۽ وڏي نڪ وارا ڏھيسر، ھوٽلن تي ھل ھنگاما، ھينگون، پٻجي گيم کيڏڻ وارا ۽ واتن ۾ ورتل گٽڪا چوسڻ وارا ڏھيسر، خيسا خالي جيبن ۾ لنڊيون بلائون اڌار تي نڪتل شوقين ڏھيسر، ڪڪڙن جي ملاکڙي تي حصي پتي مان مليل رقمن تي شراب جي چسڪن ۾ مست ڏھيسر، ڏسڻا وائسڻا ھر فوٽو تي سواءِ ڏسڻ جي ماشاءالله لکڻ وارا ڀلي ڪو ڪنھن جو مائٽ فوت ٿيو ھجي پر لکڻو وري به ماشاءالله اھڙا دانا ۽ دلبر ڏھيسر، فقط فوٽون سيشن لاءِ پھتل نالي وارا رانديگر سواءِ انعام جي موٽندڙ ڏھيسر، ٺڳي جي ٺڪائن تي نڪتل لٽيرن لوٽن جا ٽولا ٽولين ۾ ڏھيسر، واٺا واپاري وفا جي نعرن جي گونج ۾ نرڙ تي لڪيرون لڇڻن وارا ڏھيسر، مطلب ته گھران جيڪو به دال ماني تي ويچاري امڙ کان ڪاوڙجي اھو به مڙس ڏھيسر، اھي سڀ اسان جا ڏھيسر فقط سوشل ميڊيا تي، ڪي پرنس، ڪي لاڏلا، ڪي جوڌا جوان. اصل ۾ ڏسجي ته مڙس وياجن جي کنيل قرضن ۾ جڪڙيا پيا آهن، عجب تماشو ۽ روش آھي.
ھڪ دفعي، تولو مولو کي ڀرواري وڏيري چيو، اڄ ھلو ته اسان ڪرڪيٽ ميچ جا مھمانِ خصوصي آھيون، ڳالهه خيرن جي ۽ ويگو جون اندريون سيٽون به خالي ھيون پر تولو مولو کي وري پروٽوڪول لاءِ ڊالي ۾ ويھڻو پيو، وڃي پھتا گلن جي ورکا ۾، ٽنگ ٽنگ تي چڙھي پئي وڏيري جي شھپرن کي سٽڪا، تيستائين شوروم وارو پڇائون ڪندو ڪندو ميدان ۾ پهچي ويو، وڏي ڇڪ ڇڪان کانپوءِ ويگو شوروم وارو ڪاھي ويو، ڪجهه ڪپڙا به ڦاٽا، ھاڻي ھمراهه آھستي آھستي کسڪڻ جي ڪئي، تولو ۽ مولو، خالو هوٽل وارو جنھن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ چڻن جو گاڏو لڳرايو هو، اتي بيٺل ھئا، بس وڏيرو اچي اتي پھتو شاباش ھجي خالو کي پوءِ به ڳوٺ جو هو جنھن گاڏي جي ھيٺيان ٻوري ٻڌل ۾ لڪائي ويھاري ھڪ چڻن جي پليٽ ھٿ ۾ ڏنائين، چيائين بک ٿو مرين ماٺ ڪري کاءُ، ائين وڃي گھر ڀيڙو ڪيائين ۽ سمجھائيندو ويس، آئون به فنڪاريون سکيو ھئس سرمائي سائينءَ کان، ڏاڍا پادر کاڌاسين، بس توبهه ڪئي سون، آئون چڻا پيو کپايان ۽ سائين سرمائي شام جي وقت پڪوڙا پيو ٺاھي، بس اھڙي ڦوڪڻي تي اعتبار ڪھڙو جيڪو گهڻي ھوا ڀرجڻ سان ڦاٽي پوي.

اوجھري جا ڪم ڏسو گوشت پئي سڏائي

اوجھري جا ڪم ڏسو گوشت پئي سڏائي

معاشي شرارت ۽ جاگرافيائي ڄنڊا پٽ دنياوي لاڙھا چاڙھا، ڪڏھن مٽ ماٽي تي ڪڏھن ماٽي مٽ تي، ڪڏھن دال چلهه تي، ڪڏھن چلهه سيني ۾، ڪڏھن سينو سرت ۾ ڪڏھن سرت ساڃاھ جي اڻاٺ ۾، ڪڏھن اوڻايون اوچائي اشارن تي، ڪڏھن اشارا فردن جي فرمائشن تي، ڪڏھن لفظن ۾ تال ميل، ڪڏھن تال ميل ۾ لفظن جون لذتون، ڪڏھن لذتن ۾ لالچون ڪڏھن لالچن ۾ ٺوڳي پٽ اوڀائي جو، جيڪو جھڙو تھڙو ماري پر وقت نه وڃائي پنھنجو. جڏھن دنيا جي نقشن تي نھاربو ٿورڙو پويان تاريخ مٿي وڃبو اڳي ويڙھون سرحدن جي حصول تي هونديون ھيون، سرحدون پار ڪبيون ته سڀ ٺيڪ ٿيندو، پر ھاڻي جنگ رڳو روٽي ڪپڙي تي آھي، سڄو زور خوراڪ ۽ اناج جي پورائي يعني معاشي شرارتون ڪڏھن ڪھڙي روپ ۾ ڪڏھن ڪنھن نئين ايٽم ۾، ڪڏھن ايندهن جي کوٽ ته ڪڏھن فقدان پاڻي جو، ڪڏھن حصولِ روزگار جو فڪر ته، ھڪ طرف اشياء جي قلت، پر قلت ناھي، قيمتون مٿي ٿي ويون آھن، جنھن شيءِ کي ھٿ لاھجي ٿو ته ناڻو ڊبل ٿيو وڃي، افراتفري جو اھڙو عالم جنھن جو مڪمل نقشو رمضان ۾ ظاھر ٿيڻ جو اوسيئڙو رھي ٿو، ڪڻڪ آبادگارن کان نڪري واپارين جي ڀانڊن ۾ پھچي چڪي آهي، ائين روزمره جي واپرائڻ جون شيون ويون وڏن مڇين جي منھن ۾، بس ھر طرف معاشي شرارت چوٽ چڙھي وئي آهي، ٻئي پاسي انٽرنيٽ جا مزا ۽ وات مٺو ڪرڻ لاءِ سڀ لھي پيا آھن دين ڌرم جي طرف، ھرڪو ڪنھن نه ڪنھن کي ڇڪيو بيٺو آھي، جڏھن قلم ۽ عقل علم واندن جي ور چڙهندو، جيڪي ڪمرن ۾ آرام سان ٽيڪ ڏئي پيا فيسبڪ تي ڦٿڪندا ته پوءِ سماج ۾ انتشار ۽ حرام پايون جنم وٺنديون، ڪي ته واقعي حقيقن تان پردا کڻڻ وارا ھوندا، ڪافي وري شھرت جا بکيا رات ۾ مشھوري ماڻڻ لاءِ ميدان ۾ لھي ايندا، نقصان وري به اوجھري جو ٿيندو ڇو ته ويچاري اوجھري آھي ته گڏ گوشت سان، پر گوشت تسليم نٿي ٿئي، ان کي به کينچل ٿئي پئي ته آئون گوشت ٿيان پر متان ڦوڪجي ڦوڪجي ڦاٽي واجهه نه ڇڏي، اھڙن ننڍڙي ذھنيت وارن کي اوجھري وڏي رکڻ گھرجي خوامخواه ڪنهن جي به دين ۽ ڌرم، عقيدي ۽ نظرئي ۾ خوامخواه وچ ۾ اچي فارم نه ڀرائجي، الله سائين جي ذات کي ھر ڪو ڪنھن نه ڪنھن طرح تسليم ڪري ٿو، انتھا پسندي ڪنھن لاءِ به چڱي ناھي ڀلي اھا معاشي ھجي يا ذھني ھجي، واپاري ھجي يا فزيڪلي ھجي، يا کڻي جاگرافيائي صورتحال ھجي، امن سٺي واٽ آھي ۽ ڀائيچارو بھترين ھٿيار آھي، ھڪ ٻئي کي ھضم ڪجي پر اوجھري کي گوشت سمجهي ھضم ڪو نه ڪبو.

هيرا ڦيري ۾ به ھيراڦيري

هيرا ڦيري ۾ به ھيراڦيري

ڳالھه مان ڳالھڙو ٻڌبو ھو ۽ سيري مان دال، ڀت سان رٻ ٺھڻ جو به ھنر ٻڌندا ھئاسين، جيئن جيئن ويچارڙي دنيا ترقي ڪندي وئي، ته ڪَئين جاھل ڄٽ جڙتو جمالا پڙھندين به ڏٺاسين، جڏھن جڏھن جمالن ۾ گھوٽالا اچي گھڙيا ڄڻ جمال گھوٽا بڻجي ويا ٿاڌل وارا ٿڌرڙا ذھينڙا، چست چابڪ چھرا اجھاڻيل ڏيا ڄڻ صدين کان صدا جي صفت وڃائي ويٺل پريشان بي حالڙا ادبن ۽ اخلاقن جي بار ھيٺ چيڀاٽيل پوڙھا، جنوني بيمار بي آرامي جا مريض، مردا روح جڏھن وري معاشري ۾ موٽ کائين ته ڪاٻاڙو ڪريو ڇڏين، سڄي فطرت جي حسناڪين کي ڇيڙي ڇيڙي ستياناس بڻايو وجھن، فقط ھڪ ننڍڙي سوچ سان لامحدود کي محدود ڪرڻ مذاقيا حرڪتن سان، يقينن اھا شرارت فقط ھڪ سوچ جي دل وچان ته ٿي سگهي ٿي، پر عقل ۽ شعور جي لتاڙ جي باوجود شرمساريءَ کانسواءِ فقط احساس محروميءَ ۽ ڪم ظرفي پريشان حال ذھنيت جي عڪاسي ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ به ناھي، فطرتِ ڪائنات سان ۽ ان جي تخليق ڪار تي بي اعتماديءَ ان جو چٽو اھڃاڻ آهي ته سواءِ ورڇن مان وانجھيل ننڍڙي قد ڪاٺ جا ذھني زھريلا شخص خوبصورتي ۽ رنگينين جا قائل وقت جي وھڪرن ۾ وھي وھي سڀ ڪجهه لٽائي کائي کپائيل جسم ۽ جوانين جي جنازه نماز ڪرائي، صورتحال صورتن ۾ شعوري سگهه جي ھيراڦيري ۾ ڪڏھن حيرانگي جي حد ڪراس ڪري ڪري ابتا جملا وڦلڻ ۾ وڃائين ٿا يا ذھنيت مدي خارج کي متعارف ڪرائين ٿا، پر ممڪن کي ڪيئن ناممڪن چئجي، ھميشه موجود کي ناموجود تسليم ڪرڻ وارن جو گمان چٻرن جھڙو آھي، جنھن کي سج جي روشني به بي نور بڻائي ٿي، اھڙا نادان ستائيل ۽ پاڻ کي ڏاها دانا ڪوٺائيل ڪونڌر انب کائڻ لاءِ نڪريو پون، اڪن جي تلاش ۾، جڏھن اتي پھچي ڏسن ڀر ۾ بيٺل ٽوھن کي وڃيو ڀاڪر وجھن، پوءِ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي ڪوشش ڪن، وات کارا ۽ لوڻاٺيا ٺاھيو اونڌو منجو ڪريو سمھيو پون، بس اھڙيون ھيراڦيريون وقت ناڪام بنائيندو آھي.

مينٽل پارٽي

مينٽل پارٽي

تولو مولو جيئن ئي مزدوريءَ تان موٽيا واٽ تي شودائي شاعر وچ ۾ گڏجي وَين، ھڪل ڪري چيائين ڪيڏانهن پيا وڃو؟ چيائون گھر ڏانهن، بيھو بيھو منهنجي چانهه پي وڃو، دل ۾ ٻئي خوش به ٿيا وري سوچيو يار مٿو ته کائيندو ضرور، پر ھل پوءِ به چانهه پي ٿا وٺون، بس پوءِ شاعري مٿان شاعري ھئي، نه ڪن نه پڇ، اسان پاڻ ۾ نھاريندا وياسين ۽ واھ واھ سان گڏ چانهه جا ڍڪ به ڀريندا وياسين، تيستائين جولو پڪوڙائي آيو شودائي شاعر کي ھٿ ملائي چيائين يار اڄ اوھان جي ڪمپئرنگ گھرجي، بس اھا ڳالھه ڪرڻ جي دير ھئي شودائي شاعر کي به تازي ڪا پگھار ملي ھئي، بس پوءِ ته جالو پڪوڙائي لاءِ ڪيڪ اچي ويا چانهه اچي وئي، بس ان وقت شودائي فون ڪڍي دعوتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيائين، سڄي شھر جي ڇٽل ڪارتوسن کي سڏڻ لڳو، پر اڃان پڇيائين ڪو نه جالو پڪوڙائي کان ته ڪنهن جي دعوت آھي ۽ ڇا جو پروگرام آھي؟ بس رڳو ڪمپئرنگ جي نشي ۾ ھمراهه تولو مولو کي ڀاڪر پيو پائي چوي پيو ھي ڏس فون ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ ورتو اٿم، صبح جو مھرباني سان منھنجيون تصويرون ضرور ڏسجان، جيستائين فالتو فولادي پنھنجي گاڏي ۾ سائين سرمائي ۽ لکاني سميت اچي لٿو پوءِ ته بس ڇا ڏسون ھڪ ٻئي کي چميون ھٿن تي بس ڪھڙي ڳالھه ڪجي، ڪجھ ڏوڪڙ جالو جي تري تي رکي تياري ڪرڻ جو چيو ويو، وري تولو مولو کي رڪشي جو ڀاڙو ڏئي چيو ويو ڪجھه ھمراهه ضرور آڻجو، اسان کي اڄ طاقت جو مظاھرو ڪرڻو آھي، تولو مولو اڳي ئي سڄو راڄ کايو ويٺا ھجن چيائون ته اسان کي ٻن رڪشن جو ڀاڙو ڏيو، شودائي شاعر دير ئي ڪو نه ڪئين ڏئي ڇڏيائين، وري سٺي برياني جو آرڊر بڪ ڪرايائون، شام ٿي ته تولو مولو ڀاڙو سجايو ڪرڻ لاءِ ٻئي اچي کانچا کڻي پھتا، ڏسن ته اسٽيج تي اُھي ئي پنج چار يارڙا چڙھيو ويٺا آھن ۽ اسٽيج جي ھيٺ جالو پڪوڙائي پڪوڙن جي ٿال ۾ گل جھليو ويٺو آھي، شودائي شاعر جون گگون پيون وھن، شعر پڙھي ٻيو ٿيو سڀ خير جيستائين تولو مولو تي نظر پئي ھمراھن پاڻ ڏانهن سڏيو پر ھُنن ويجھي وڃڻ کان نٽايو ڇو جو اڳي ئي ھوٽل تي گگن ڀري ڇڏيو ھئن، پري کان ادب سان بيھي چيائون ھڪ رڪشو وچ ۾ خراب ٿي ويو ۽ ٻئي جو ٽائر برسٽ ٿي ويو آهي، ڪافي ماڻهو اسان آندا آھن ھاڻي ماني ڏيو يا انھن جا پئسا ڏيو، انھن کي کارائي وٺي اچون دير ٿي ويندي، تيستائين شودائي شاعر چيو ته ھي فون وٺ ٻٽي پوز ھڻ تي فيس بڪ تي رکون، اڄڪلهه اھڙا جنوني جوان اسان جي معاشري جي زينت بڻيا ويٺا آھن، جنھن جي ڪري ڪجهه چھچٽا لڳا پيا آهن، جتي ڪٿي لھيو پون مرڻا پرڻا خيراتون بس رڳو خبرون پوڻ جي دير آھي، زال مان مڙس ۽ مڙس مان زال ٺاھيو ڇڏين، اڳيون تڏي توري وارو ڦڪائي جي وچان رڳو ڪنڌ ڌوڙڻ جي پيو ڪري، ويچارو ڇا ڪري شرم اچڻ وارن کي ڪونھي ھو پوءِ به حيا ۾ ٻڏيو وڃي، وري ڪو ڇوڪر ڏسن جلدي ڪر ٻچا ھي يادگيرو آھي ٻٽي پوز ھڻي وٺ، صبح جو خبر پوي ته سڄي مينٽل پارٽي وڏو ميدان ماري اچي لٿي، جڏھن ھيڙا ھيراڪڙا ھلي پوندي ڏسو پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا، ڄٽن جا به وٿاڻ ڀريا پيا ھجن پوءِ جالو پڪوڙائي لاء به عيدون نت نيون روز ٿينديون، لکاني جي ٽوپي جالو گھري ڪنھن شادي ۾ پائڻ لاءِ پر لکاني چيو اھا تحفي ۾ مليل آھي ۽ آھي به ننڍڙي، مٿي ۾ به ڪو نه ٿي اچي، نرڙ تي نڪريو بيٺي آهي، پر وقت جي ضرورت آھي پائڻي پوي ٿي، سائين سرمائي جي ٽوپي تي وري شودائي جي اک ھئي ڇو جو مٿي تي فيشل ٿيو پيو ھو، ڄڻ ڪا ٽڪ ۾ تصويرون پيون نظر اچن، پر اھو به ڪامياب نه ٿيو ائين مينٽل پارٽي ٽڙ پکڙ ٿي ۽ تولو مولو واپس ڪون پھتا.

مرشد آهي پر گهوڙو گاھ مان ٻاهر ڪڍي

مرشد آهي پر گهوڙو گاھ مان ٻاهر ڪڍي

تولو مولو ڪو وقت هو، سائين سرمائي کي مرشد کي مڃيندا ھئا، پر چون ٿا وقت ھميشه ساڳيو ناھي رھندو، ڏسو اڄڪلهه ڪڏھن يارڙا ھڪ ھنڌ ته وري رات جي پيٽ ۾ ٻئي هنڌ بڻيا ويٺا هجن، خبرون ئي نراليون، جھڙوڪر تعلقات اصل ۾ ھئا ئي ڪو نه، دنيا جي مفادن ماڻھن جي پاڪ رشتن ۾ سڀ کان پھريائين چمڪ ڌمڪ ڀري پوءِ وري انھن ۾ نقل پڻي سان ربينن ذريعي سينگاري مارڪيٽ ۾ آندو، پوءِ چوندا آهن ته جھڙو وکر ۽ سودو ته گراھڪ به اوھڙائي ايندا، ائين ھن ھڻا ھڻ جي زماني ۾ ھر فيلڊ ۽ شعبي ۾ ڄنڊا پٽ لڳي پئي آھي، ھوٽل وارو ھوٽل واري کي بنهه برداشت نٿو ڪري، ڪوشش ۾ آهي ته ڪاري ڪامڻ ذريعي به ھن کي ھتان تڙجي جيئن آئون اڪيلو ٿي ھوٽل ھلايان، ائين مانڊلي واري کان وٺي سياستدان ۽ پاڙي جا وڏيرا آفيسر، پٽي ڀائي، ڀنگ ڀائي مطلب ته ھر واپار ۽ ڪاروبار کان وٺي نيڪي وارن ڪمن ۾ به ھيراڦيريون لڳيون پيون آهن، ھڪ ٻئي جا اصل ترا ڪڍڻ ۾ پورا، ڪو نه ڪو الزام ۽ بھتانن وسيلي ٻئي جو ڪاروبار بند ڪري پاڻ کي معتبر ظاھر ڪري پيش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، جھڙوڪر پاڻ سئو ٻليون کائي به نيڪ ۽ ڪامل بڻيو ويٺو ھجي، زندگي جي روزمره ڪمن ۾ انسانن کي منجھائي ڇڏيو اٿن ته ويچارا ڪھڙا گس وٺن، جيڏانھن وڃن اڳيان سڀ ٻھروپيا پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ۾ پي ايڇ ڊي ھولڊر لڳا پيا آھن، ڪميشن تي، بس متان ٿئي نه اونداه پير نه لھين پرينءَ جو، بس گڏ ڪري وٺجي جائيدادون ۽ ملڪيتون، ڪو فڪر نه ڊپ ڪو خدا جو خوف ڪونهي، توڪل سڀ ختم، ڳالھيو وڏيون پر ڏوڪڙن جي معاملي تي ڪير نه ڪنھن جو، عجب ستم ظريفي آھي، عيبن ڪڍڻ جا اھڙا ماھر ڄڻ ڪي وڏيون فلٽر مشينون گڏ کڻيو پيا ھلن، ھڪدم ٻئي تي تنقيد ڪري سڄي لسٽ جاري ڪري ڇڏيندا، وري ڇاڙتا اھڙا رکيل جو ڪوڙيون دعوائون ۽ ڪھاڻيون اھڙيون ته جوڙيندا جو پاڻ پيا شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪندا، عجب فسانا، وڃي جي پير کڻبا ڳالھه وڃي ڏوڪڙن تي ختم ٿيندي، ھڪ ٻئي جي گراھڪن تي اک، ائين تولو مولو ان وقت ٻن مرشدن کي ھڪ وقت سائين سائين ڪندا ھئا، ھڪ لکانو ۽ ٻيو سرمائي سائين، بس خالو واري ھوٽل تي چانهه جا چشڪا لڳا پيا هوندا هئا اھڙيون ڪوڙيون ٺڳيون جو سائين ويچارڙا ان غلط فھمي ۾ بس ھي ڪٽي کائڻ وارا نه خون ڏيڻ وارا مريد آھن، ٿيو وري ائين جو اڌ تي ٻنھي ھمراھن تولو مولو گاھ ڪارو لوسڻ پوکيو ھو، سائين لکاني جي گھوڙي سائينءَ سرمئي وٽ ترسيل ھئي، ٻئي گاھ لاءِ نڪتا ھنن جي اڌڙ مان گاھ ڪرڻ، بس ڇا تولو ھڪ ننڍڙي قد وارو وري ڪاوڙ ايڏي آئيس جھڙو ڦوڪڻو ٿي ڦاٽي نه پوي، لکانو اڳئي ڊڄڻو ھو رڙ ڪري چيائين تنھنجي مرشد سرمائي سائينءَ جي گھوڙي آھي! تولو چيو مرشد آھي پر گھوڙي گاھ مان ٻاهر ڪڍ.

ڌاڳو دانگيءَ تي به نه ڌاڳجي

ڌاڳو دانگيءَ تي به نه ڌاڳجي

انساني فطرت جي حوالي سان ۽ انھن جي معيارن موجب يا ڪردارن تحت، ٻي صورت ۾ کڻي چئجي روئين ۽ روشن جي حوالي سان تعارف به مختلف ليکجن ٿا، انسان ويچارو مختصر زندگيءَ جي وھنوار ۾ ڪيترن ئي نالن ۽ واسطن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ان کي اوهان احسن ۽ سولن الفاظن ۾ رشتا لاڳاپا يا واسطا ڪوٺي سگھو ٿا، رشتا يا واسطا ڪاروبار جا به ٿي سگھن ٿا جتي توھان جو واسطو فقط ڌندو داري ۽ روزمره زندگيءَ جي آمدن ۾ نفعي ۽ نقصان تحت قائم ٿيل تجارت آھي، جنھن کي گذر سفر پيٽ پالڻ جا لقب به ڏئي سگھجن ٿا، ھڪ ٻيو رشتو محبت ۽ خلوص جو ھوندو آھي، جنھن ۾ خود اعتمادي ۽ اعتباري قوت وڏي سگهه سمجھي ويندي آهي پوءِ اھو ازدواجي زندگيءَ کان وٺي ڪاروبار ۽ دوستي جي روپ ۾ ڇو نه ھجي، پر ان جي پويان وڏو ڪارڻ خلوص جو عمل ھوندو ۽ ھميشه خلوص دل انسان گھاٽن ۽ فائدن کان وڌيڪَ زور خلوص ۽ واسطي تي ڏيندو آهي، اھڙيءَ ريت روح جو رشتو جنھن جي جوڙجڪ ھڪ روح جي رابطي ۾ قيد ھوندي آھي، يعني ڪنھن معتبر فلسفي مذھب ڌرم سان عقيدي جي آڌار سان رغبت روحاني، ائين ڪنھن خاص ڪرشماتي شخصيت سان سواءِ ميل جول جي محبتن جو اظھار ڪرڻ فقط ان جي ڪردارن کان وٺي ان جي ڪشش واري حيثيت کي دل ڏئي ڇڏڻ مطلب ته ائين چانهه جي ڪپ تي تبصراتي ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ وارا واسطا، جيئن رٽائر ٿيڻ جي صورت ۾ گھر مان بيزاري ۽ فالتو ڪم چور جي علامت سمجھي ويندڙ اھو انساني ڍانچو جيڪو ھڪ اليڪٽرانڪ مشين تحت پنهنجي جوڀن ۾ ڪم ڪار ڪري آخرڪار مشين جي پرزن جي ناڪاري ٿيڻ بعد گھر ۾ عزت وڃائي ويٺل پوءِ پاڻ جھڙن کي ھٿ ڪري ڪڏھن معاشرتي، ڪڏھن سياسي، ڪڏھن جواني، ڪڏھن مذھبي مطلب بحث ۽ مباحثا ڪري وقت کي ڌڪو ڏيڻ ۾ مصروف عمل رھندڙ ھڪ طبقو، ائين ھڪ رشتو رت جو به ھوندو آھي، پر رت ۾ جراثيم پنهنجائپ وارن جي بدران جراثيم حسد، ھوڏ، حوص ۽ حرص نمودار ٿي وڃن، ته دل بيمار لالچي ۽ لوڀي ٿي ويندي آهي، پوءِ اھو انسان سڀئي فطري لاڳاپا واسطا وساري ان مفادن جي جنگ ۾ لھي پوندو آهي جتي پڄاڻيءَ جي ڪھاڻيءَ عبرتناڪ ھوندي آھي، اتي وري روحاني رشتو پائيدار ثابت ٿيندو آھي ڇو ته ان ۾ لالچ وارو عنصر ختم ٿيل ھوندو آھي.
ھاڻي ڳالهه دانگي يعني ماني پچائڻ وارو ٿانوَ جي جنھن تي وڏڙا چوندا ھئا ته رت کي اتي به ڇڪ اچي ويندي آهي، پر ان نفيس ۽ نازڪ ناتي کي به وڌيڪ محبت جون ڳنڍون ڏيڻ بدران جيڪڏهن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙيو وڃي، نتيجن ڌاڳو داڳجي يا سڙي ويندو ھي اھو وقت ھلي رھيو آھي، انتھائي احتياط لازمي آهي جتي سڀني رشتن کي مفادن ختم ڪري ڇڏيو آھي، ان معاشري مان موٽ ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.

ڪشڪش وارو ڪردار

ڪشڪش وارو ڪردار

فرد ۽ افرادن ۾ فرق ھوندو آھي، اُھو اسان جي سماج جي گھرجن تحت تاريخي مذهبي ڪرداري ھلندڙ آھي، افرادن مان ڪنھن ھڪ کي اڳواڻي ڪرڻي ھوندي آھي، اُھا ڪنھن آفيس کان وٺي وڃي پيش امامي جي فريضي تائين ڇو نه ھجي ان ۾ سياسي پارٽيون ھجن يا گاديون ۽ درس گاھون ڇو نه هجن، هاڻي ڳالهه رھي شخصيت جي صاف ظاهر آهي ڪي شخصيتون سحر انگيز ھونديون آھن، ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي باقي اھو سحر ڪيستائين ھلندو، ڪنهن جو ھڪ ڪچھري تائين، ڪنھن جو ڪنھن پروگرام يا فنڪشن تائين، ڪنھن شخصيت جو سحر صدين تائين ھلندو رھي ٿو، اھو ان جي ڪردار جو ھجي يا اخلاقي ھجي يا قلمي ڇو نه ھجي، اھو تعين تاريخ ڪندي، نه ئي ڪو ھڪ فرد ڪري ٿو سگھي، نه ئي اھا شخصيت پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو اھڙو فيصلو ڪندي آھي ته منھنجي شخصيت کي سحر انگيز ڪوٺيو وڃي، پر ائين ٿي ويندو آهي اھو قدرتي فعل آھي، پوءِ ان فرد جي دنيا ڇڏي وڃڻ بعد ان جي جڳهه تي اچڻ واري تي به لازمي ٿي ويندو آهي، مجبوري تحت ته گاڏو ھلائڻ لاءِ ان جي سحر انگيز شخصيت جو سھارو ورتو وڃي پوءِ اھو تقرير ۾ جملن ۽ اقوالن جي صورت ۾ پر ائين ڪرڻ وقت جي تقاضا ٿي ويندي آهي، اھو بحث الڳ موضوع آهي ته حسد ۽ ساڙ وارن کي اھا ڳالهه نه کڻي وڻي پر نه چاھيندي به ان سحر انگيز شخصيت جو نالو ڳڻائڻو پئجيو وڃي، ڏسو سياسي جماعتون ۽ مذھبي جماعتون ۽ گاديون اڃان تائين ان سحر انگيز شخصيت جون محتاج ٿي ھلي رھيون آھن، چوڻ وارن کي پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ کپي، تنقيد ڪرڻ کان اڳ ۾ اصلاح ۽ ان سوچ تي سوچڻ گھرجي ته ڪڏهن به ڪو اھڙو انسان نه چاھيندو آھي ته مون کي ڪجهه سمجھيو وڃي پر تاريخ ان کي انمول ڪردار ۽ شخصيت ٺاھي ڇڏيندي آهي، باقي ضرور دنيا ته فنا جي دائري ۾ اچي ٿي اھا ڳالهه الڳ آھي، دنيا کي ڇڏڻو ھر ڪنھن کي پوندو آھي بقا الله سائين جي ذات کي آھي، ٻي ھر ڪا شيءِ فنا آھي، پوءِ اھو ئي بقا وارو جنهن کي چاھي ان کي ياد ڪرائي ڪنھن به نموني سان، اڄ به ڏسو شاھ صاحب ڀٽائي جي شاعريءَ کان وٺي روميءَ جي مثنوي يا اھڙن عظيم ڪردارن جي تعريف ۽ تعليم ياد ڪئي پئي وڃي، اھا ان جي لفظن ۽ ڪردارن کي مليل سحر انگيزي ۽ چڪمڪي ڪشمڪش واري ڪيفيت آھي، باقي مڃجي ٿو ته حسد ۽ ساڙ ضرور ڪنڌ کڻندو آهي ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، چوڻ وارن کي شل ڪو ڪٿان موقعو ملي، شخيصت پرستي بگاڙ نه سنواريندڙ ڪردا آھي، ان جي تعليم ۽ درس سان، باقي ھاڻي افرادن جي مرضي ته ان کي ڪھڙو رنگ ٿو ڏنو وڃي.

ٻرڙي ڪئي ٻارن سان، يارن ڪئي يارن سان

ٻرڙي ڪئي ٻارن سان، يارن ڪئي يارن سان

دنيا جا چھچٽا ئي آھن، جيڪي دنيا جي طرف سڏي وري ڌڪاريو ڪڍن، ويھاريو ويجھو وريو اڇلايو ڇڏين، پوءِ به دوکن ۽ فريبن جي ھوندي به دنيا قائم آهي، پنهنجي سڀ رنگينن سان ڇو ته وٽ وڪڙ ئي ته زندگيءَ جو نالو آھي، ڪڏھن سوڀ ڪڏھن ھار، اڇا ڪارا ڦڪا پيلا ضرور حياتيءَ ۾ ھلن ٿا، پر وفائون ويچارڙيون ڳوليندين شام ٿيو وڃي، رات ڪاري جي ڇانئجي وڃڻ کانپوءِ صبح جي انتظار ۾ ڏاڙھي جا وار سفيديء ۾ ڍڪجيو وڃن، سڃاڻڻ به مشڪل ٿيو وڃي جنهن لاءِ ڪارن مان اڇا ٿيا، ڪٿي راھون تڪيندي راھگير ڀٽڪيو وڃي، ڪٿي وري ڀٽڪيل راھ تي رسيو وڃي، ڪٿي جلوا جواني ۽ مستيون اھڙيون جو مليل ڏک درد ٽھڪن جي ٽاڪوڙن ۾ ڪجھ دير لاءِ وسريو وڃن، پر جڏھن اڪيلائيپ ڀاڪرن ۾ ڀري ته ستل سور وريو جاڳيو سامھون ٿيو بيھو رھن، ڪٿي عقل علم تي حاوي ڪٿي وري علم عقل تي حاوي بس ائين نشا نينهن جا سڀني تي حاوي وري رونشان ۽ رمزون اميرن لاءِ راند روند ڪٿي غريبن لاءِ ڳجھارتون پيٽ بکئي ڀريل جون، ڪٿي ٽيجوڙين جا دروازا کليل ڪرسي جي مزي لاءِ، ڪٿي ڪرسي ڪلھي تي ۽ ڪلھا ڪمزور بڻيل، ڪٿي اقتدار اڻڀو سڻڀو سڄو ۽ منڊو نه جانچي ڪٿي وري ٺوڪرون ڪنڌ مان سريا لوھ وارا ڪڍيو ڇڏين، ڪٿي سمجهه کان ٻاهر ٻوليون پروڙڻ ڏکيون، ڪٿي ڏکيون پروليون ڪم لاھيو وجھن، بس دنيا تنھنجي مرضي ڪنھن کي روئاڙي ڇڏي ڪنھن کي کلائي وجهين، بس ٻرڙي واري ڳالهه ٻارن واري سکيو وڃون، ٻرڙو ويچارو دل پڪي ڪري ويھي ڪون رھندؤ، ضرور چوندو مون سمجھيو ڪو نه جيڪڏهن سمجھيم ته سوچيم ڪو نه، جڏھن سوچيم تڏھن ٻرڙو ٻارن وٽ پھچي ويو، جڏھن ٻارڙا ٻرڙي جي ور چڙھي ويا پوءِ لاھڻ وس ۾ نه رھيو، بس وري انتظار ڪرڻو پيو ۽ يارن جي ياري ڇڏبي نه.

ڏوهه ويچاري ڏري(بال) جو

ڏوهه ويچاري ڏري(بال) جو

ڳوٺ جي ڳوٺاڻي ماحول وارن کي ڪنھن ڪپڙي وارو ڏرو (بال) ٺاھي ڏنو، ڇوڪرن اچي ويچاري ڏري کي دڪين(ھٿرادو بيٽ) سان اچي اھڙو ته ڪٽيو ويچارو ڏرو اڳڙيون اڳڙيون (ڪپڙن جا ٽڪر) ٿي ويو، وري اچي ٻين سندا ڏئي جوڙي وري ساڳيو اچي حشر ڪيو، ويچارڙو بال ٿڏن جي وچ ۾ ڪڏھن ھيڏانھن ڪڏھن ھوڏانھن موچڙا به ڍئو تي، نه ڀڄي جان ڇٽي نه ٽٽي جان ڇٽي، چؤطرف افراتفري متل آھي، ساڳئيون بال رانديگرن جي ھٿن ۾ آھي، ڪافي جھونا بازيگر وڏا شهه سوار ڪي وري الڙ نوان کلاڙي ميلو متو پيو آھي، ھر طرف چمڪا پاليش جا، ڪير ٿو ڪيتري چمڪ چمڪائي، دڪانن تي به رش ڏسڻ وٽان آھي، گراھڪن جي ڪا به ڪمي ڪانھي، ڪلين واش، ھنيڊ واش، واشنگ مشينون واش ڪرڻ جا سانڀاها ڪري ڇڏيا اٿن، جيڪو مٽي ۾ ڀربو تنھن کي به صاف ڪبو، جيڪو اڌ ڀربو ان لاءِ به پڪيج آھي، جيڪو ڪليئر ٿي ويندو ان لاءِ وري فيشل جو به بندوبست آھي، وڏي ڊوڙ ڊوڙا آھي، ڪڏھن بال نڪريو وڃي. جيئن ڪلھ تولو مولو ھڪ دعوت کائڻ لاءِ ويا ته اوچتو رڙو رڙ لڳي وئي، وڏيون ھڪلون متان ڇڏيو ھيڏانھن بيٺو آھي ھو ڏس پريان بيٺو آھي، پوءِ ته رڳو ڪوڪريا ھئا، ڪنھن تماشو پئي ڏٺو ڪو وري تماشو پئي ٿيو ڪنھن کي وري رونشو لڳو، پوءِ ته ھڻ ھڻان ھئي، ڪنھن جا چمچن جي بدران پليٽن ۾ ھٿ ھئا ڪنھن جا وري ڏونگهن ۾ ھٿ ھئا، ڪنھن جون گگون ڳَڙيون پئي، ڪنھن کي الٽيون پئي آيون پيٽ ڀريل جون بس چھچٽو متل ھو، ڪي ويچارڙا جھونا شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيا ڪي جوان تڪڙا نڪرڻ جي پويان ھئا نئيڊ واري بيگ تائين پهچڻ جي وڏي ڪوشش ھئي، گھوٽ ھڪ جي جڳهه تي ٻئي اچي گڏ پھتا، نڪاح پڙھائڻ وارو مولوي ويچارو پريشان، ڪنوار ويچارڙي ھڪڙي ھر ڪو نصيب جي جنگ وڙھڻ ۽ لاٺي چارج ۾ شروع ٿي ويو، ميڪپ ۽ بيوٽي پارلر وارو خرچو اٽڪي پيو، ڪنهن جا ھٿ ڦٽيا ڪنھن جا چھرا ڦٽيا ڪي وري نڪ جا ڏاڍا، ڪن جا نڪي ھئا، نڪو ڪو خوف ۽ ڊپ، بس تولو مولو سڄو لقاءُ ڏسڻ بعد ھيڏي وڏي ڪاڄ مان سواءِ کاڌي پيتي جي خالي پليٽون جيئن ھٿن ۾ کنيون ائين اچي بس اسٽاپ تي لٿا، خالو ھوٽل واري کي منٿون ڪرڻ لڳا ٻه ٽي پاروٿا پاپا ۽ ھڪ چانھ ھاف ھاف ڪري ڏي، بس ٿڌا ساھ ۽ نڪ تي گيسيون ۽ توبھائون ئي توبھائون ھنيون ھميشه لاءِ بي دعوتي دعوت کائڻ کان پاسو ڪرڻ جو عھد ڪيائون، بس سمجھي وٺو اھو اٿئو ھن دنيا جو رونشو جيڪو اٽڪيو ان جو اھڙو ئي حشر ٿيڻو آھي.

خوشيون، خودڪشيون، غميون ۽ غم خواريون

خوشيون، خودڪشيون، غميون ۽ غم خواريون

جڏھن معاشري مان غم خواريون موڪلائي وڃن، آٿتون، ڏڍ، اعتباريون، ڀروسا، پنهنجائپون ڏسڻ ۾ نه اچن، جتي رڳو مفادن جا جاوا ساوا پيلا ڦڪا ديپ جلن، اتي جيئڻ لاءِ عدم دلچسپيون ٿيڻ لازم ملزم ٿيو وڃن، جتي پري پري کان ڪا اميد زندگيءَ نه بچي، جتي سودا، سوداگر سودائي ٺڳ ٺڳين جي وسيلي ڪن، جتي ظاھريت پسندي پنهنجي عروج تي ھجي، جتي عزتون ڏوڪڙن جي ور چڙهي وڃن، جتي اخلاص ۽ خلوص جي ماپ طور فقط کوکلن ڀاڪرن ۽ وڏن نقلي ٽھڪڙن جي گونج ۾ گونجن، اتي غم خوارن کي ڪھڙن روپن ۾ تلاش ڪجي؟ جتي تمنائون چوٽ چڙھي وڃن، فرمائشون فڪري الميا جنم ڏين، محبتن جي جڳهه تي خوراڪ ۽ طعام کي ڏيکاءَ واريون سيلفيون ٺاھي مارڪيٽنگ ايجنسي جي روپ ۾ سوشل ميڊيا جي زينت بڻائي خوش ٿيندي ۽ بکايلن ۽ ڪمزورن کي خوابي پلائن جي تصويري جھلڪيون ڏيکاري مايوسيءَ ۾ ڌڪجي، جتي اسلام ڪنھن فروٽ جي کل خالي گھر جي اڳيان اڇلڻ کان منع فرمائي، کاڌي جي خوشبوءِ به ٻاھر نه نڪري اتي ھي رونقون شادين ۽ فوتگين ۾ پوليس ۽ باڊيءَ گارڊن جي نگراني ۾ ٿين متان ڪو غريب ڪپڙن ڦاٽل ڪو چشڪو اوڀارو کڻي ۽ کائي نه وڃي، جتي صفائي جي وقت ڪڪڙن جا پڪل ٽڪرا ٻاھر اڇلايا وڃن، بکئي پيٽ وارا ٻارڙا حسرت جون نظرون ڊوڙائيندا ڏسندا رھن، انھيءَ خوف کان ويجھو نه وڃن متان ڪٿي چوڪيدار ڪاوڙجي نه پوي، پوءِ ڀلا معاشري ۾ استحڪامِ زندگيءَ خواب يا خيال؟ جتي مشورا به مفادن ۽ رقم تحت ڏنا وڃن، سواءِ ڏيڻ وٺڻ جي ڪو ڪم سوچڻ گناھ سمجھيو وڃي، اتي فيصلائتي فيصلا چورن جي چؤگرد ڦرن، پوءِ خوشيون ۽ خودڪشين تي ڇا چئي سگھجي؟ جتي دين ۽ مذھب جي پاڪيزه ٿيوري ويڪائو وڻجارن جي بغلن ۾ قيد ٿي رھجي وڃي، جتي ھڪ طعام جي جڳھه گھڻن کان گھڻن طعامن جو مقابلو اھڙي تيزي سان پکڙجي پوي، پوءِ اتي ھڪ عام ويچارڙو انسان دعوت قرب جو ڪٿان سوچيندو؟ پوءِ ڪمزور دلين وارا ھنيا لاٿ ٿي نااميديءَ جي نجهري ۾ وڃي سڀ آسرا ۽ توقعاتون دفن ڪري زندگيءَ جو انت ئي سرمايو سمجھن، ته ان تي سياڻن کي سوچڻ گھرجي، گھٽ ۾ گھٽ ڪو اھڙو فورم ھجي جتي ذھني اميد پيدا ڪري سگھجي، اھو ذھن نشين ڪرائي سگھجي ته اڃان ڪا ٻي ھستي آھي جنھن جھان کي پيدا ڪيو آھي، عزت ۽ ذلت جي رکوالي ڪندڙ اھا ذات آھي، ڪجھ به ٿئي پر روزي وري به اھو ئي ڏيڻ وارو آھي، فقط جدوجھد وارو جھاد ڪرڻ لازم آھي، مايوسي جو علاج افلاطون وٽ ناھي پر رحمت العالمين جي تعليمات ۾ ملي پيو، بس غور ۽ فڪر جي ضرورت آھي، جيڪي ان جي در سان وابسته آهن، اوڏانهن منھن ڪجي ۽ رابطو ڪري حوصلو حاصل ڪجي، ڪڏھن به پسپائي نه ٿيندي.

ڪيلي جي کل تان ڪريو ڪنڌ ڀر ڪنڌار

ڪيلي جي کل تان ڪريو ڪنڌ ڀر ڪنڌار

ھمراهه جي ٻانھن جي لکن واري لوڏ، ائين پيو ھلي بازار ۾ جيئن تولو مولو ٽڪ ٽاڪ ٺاھيندي ٺاھيندي ٽيڪم داس جي ڳئون جي ڳچيءَ ۾ وڃي لڳو، ڇو جو ٽيڪم داس جون ڍڳيون بازار ۾ کليون گھمنديون رھنديون آھن، ھڪ دفعا سائين سرمي وارو خدن جي ٻنيءَ تان مفت واري ڀاڄي کنيو پئي آيو، جيڪا گٽر جي پاڻيءَ تي سٺي اپت ڏئي ٿي، خدن بس گٽر جي ٺيڪي کڻڻ لاءِ ائين اوٻاسيون ڏيندو وتندو آھي جيئن مٺن موالي گهٽڪن جي ٻاڙ ۾، مٿان وري پابندي جي آڙ ۾ ٿاڻي واري سرڪار جو قانون حرڪت ڪندو ھجي، سو سائين سرمي واري ٽماٽن جي به ٿيلهي کنئي جيڪا ان کي مفت ۾ ملي هئي، بس خالو واري ھوٽل تي چانهه جي چسڪي لاءِ جيئن اچي بيٺو، بس ٽيڪم جي ڳئون دير ئي ڪون ڪئي، ٻئي ٿيلهيون چٽ ڪري ڇڏيائين، اصل ۾ سائين سرمي واري کي ٽماٽن جو ته فڪر ڪو نه ٿيو پر پالڪ جو ڏاڍو شوقين ھو، مٿان وري حڪيم به چيو ھئس ته گٽر واري ڀاڄي ۾ وڏا وٽامن اٿئي، جيئن فش فارمن ۾ ڪڪڙن جي صفائي ٿيل ڀاڻ ڇٽجي ٿو ائين وري ڪڪڙين جي فارم ۾ مڇين جون ھڏيون وغيره، بس ھاڻي سڄي طاقت جا سرچشما اچي اتي بيٺا آھن، جيئن ڪاڪي ڄامن جي چوڻي آھي بابا جيستائين حرام جو ھڏو ۽ سونگهڻي نه سونھگجي ته سمجهه ڏينھن سڄو ٺلهو گذريو.
ھوڏانھن وري نٽ ڇوڪرن وارو ٽولو مخصوص ٽائيم موڪل واري تي ڏاڍا فيشل ڪري نڪتل ھو، موٽر سائيڪل تان لھي ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ جي ڪوشش ۾ ھئا، ڪاڪي اوڀائي مير ڇتن جي مليل ڪيلي واري سوکڙي مان ڪيلو کائي ڪو پڪي روڊ تي ڦٽو ڪيو هو، بس ڇا ته منظر ھو ھمراهه ٽڪ ٽاڪ واري جو پير ان کل جي مٿان اچي لڳو، پوءِ اھو ھمراھ ائين اچي زمين تي ڪريو جيئن وڏيرو اليڪشن ۾ ھارجي اچي لٿو ھجي، بس پوءِ چؤطرف ٽھڪڙا گونججي ويا، ھڪ سٺي ٽڪ ٽاڪ اپ لوڊ ٿي وئي، بس سڄي دنيا ئي ٽڪ ٽاڪ اٿئو خيال ڪريو، جيڪڏهن ڪيلي جھڙي خواھش تي ڪرڻ لڳا ته شايد ڪا ٽنگ ٻانھن ڀڃائي نه ويھو، دنيا ھلندي پئي پر اوھان جو ھلڻ ممنوع ٿي ويندو، بس قدم سنڀالي کڻو، احتياط لازمي آهي، نه ته سائين سرمي واري جيئن نه ڀاڄي بچندي نه وري ٽنگ ٻانهن، ڇو ته بازارن ۾ بکين ڳَئُون جي ڪمي ناھي، وري مفت خور ڪاڪي اوڀائي وانگر روڊ ۽ رستن تي گند ڇڏڻ وارا به گھڻائي ۾ اٿئو.

معاشرتي ڀونچال، ڀونءِ مٿي انسانيت جو

معاشرتي ڀونچال، ڀونءِ مٿي انسانيت جو

جڏھن ڪوڙ ڪپت ڪپتان ٿي اڳواڻي ڪري، مرجھايل معاشري جي، جنھن ۾ سواءِ دوکن ۽ فريبن جي ڪو به چڱو مڙس ٿيڻ جيڪڏهن چاھي به صحيح ناممڪن آهي، انھيءَ لاءِ جو ھاڻي اسان جي تربيت ۽ پالنا ٿي ئي ان بنياد تي رهي آھي، جنھن ۾ اسان کي سمجھايو ٿو وڃي ته نقل ڪيئن ڪرڻي آهي، ملاوٽ ڪيئن ڪجي، ٺڳي ۽ دوکو فريب نون روپن ۾ ايجاد ڪري اسان کي سيکاريا وڃن ٿا، ڪو به شعبو ھجي، ھر طرف اھڙا ڪلور ۽ ڪرتوت واضع ملندا، ڪو به ڪم ميرٽ جي بدران چاپلوسي ٽولو ڪجھ ڏيو ۽ وٺو جي بنيادن تي ڪرائي وجهي، جتي عزتون ويس وڳن ۽ ڊريسنگ کي وڌيڪ ملڻ لڳن، اتي شريف نفس انسان جي پوشاڪ، شرافت، سواءِ ندامت جي ڪجهه به نه لهي، جتي ٺيڪيدار معاشرتي وڏن ٺاھ ٺوڪن سان مفادن ۽ ذاتيات جي بنيادن تي سڀ فيصلا ڪندا رھن، جتي نقل اصليت تي ھر طرفان حاوي نظر اچي، ڏسڻ واسڻ باوجود ڪير چوڻ جي پوزيشن ۾ نه رھي، ڌرم مذھب فقط رواج ۽ رسم تحت ھلايا وڃن، انسان کي مختلف قسمن ۾ قسطن جي صورت ۾ تقسيم ڪيو وڃي، پوءِ ھڪ ڪمپيوٽر تحت ان کي ائين ھلايو وڃي جيئن والدين پنهنجي ٻارڙن کي موبائيل فون ھٿن ۾ ڏئي پٻجي گيم ڊائون لوڊ ڪري ڏئي ائين سمجھن ته ھاڻي اسان تان ھٿ ھلڪو ٿيو، ائين وري ٻھراڙين جا مائٽ پنهنجي معصوم ٻچڙن کي پنهنجي ھٿن سان گھٽڪا پنهنجي ئي ڪيبن تان کڻي کارائين ته جيئن ٻار ھاڻي صبر ۾ رھندو، جتي وڏيون وڏيون مھانگيون گاڏيون وياجن تي خريد ڪري عام عوام تي روب ۽ دٻدٻو قائم رکڻ جو رواج عام ھجي، گھر ۾ ڪنهن برتن تي لکيل نالو نه ھجي ۽ ٻاھر اڌار واري ڊٻل ڪيبن تي ٻه ٽي بي روزگار باڊي گارڊ ويھارڻ وارو طريقو رائج ھجي، جتي حق جي روزيءَ کي ناقص سمجھي حرام کي حلال ۽ وڌندڙ ڌنڌو قرار ڏئي ان مان ڪمايل ملڪيت تي مذھبي فريضه ادا ڪرڻ نيڪي سمجھيو وڃي، جتي معصوم ٻچڙن جي معصوميت سان جنسي حيوانيت سرِ عام ظاھر ٿيڻ لڳي، ھم جنسيات کي شغل طور رواجن ۾ شامل ڪيو وڃي، حلال وارن ريتن نڪاحن کي انھن ناسور فرمائشن يعني ڏيج، گھر وغيره جي ڪري ڇڏيو وڃي، پوءِ گٽرن ۽ نالن تي انساني نسل جانورن جي خوراڪ ٿيندي ڏسڻ باوجود نه ڪو خوف، نه ڪو غم، نه ئي ڪا غمگيني ٿئي، انسان جتي ڪيڪن تي خوشين جي نالن تي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي زندگي جون دعائون گھرجن، والدين ويچارڙا ناڪاره بڻجي ڪنھن ڪنڊ پاسي رٽائرڊ آفيسر وانگر حياتيءَ جا ڏينهن ڳڻيندي ملن، زمانا مستين ۽ جوانين جا داستان ياد ڪندي اتي ڀونءِ مٿي ڀونچال انسانيت ۾ ته ايندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟

وحشي پڻو

وحشي پڻو

جڏھن انسانيت ۾ حيوانيت داخل ٿي ويندي آهي ته، سڀ کان پھرين اُها ذھن کي متاثر ڪرڻ لڳندي آهي، جڏھن ان جو مقدار جمع ٿيندي وڌڻ لڳندو آھي پوءِ اھا حيوانيت ڏي منقل ٿيڻ لاءِ ايڪشن يعني عمل ۾ ۽ حرڪت ۾ اچي ويندي آھي، جڏھن اُھي حرڪتون فردن مان نڪري افرادن ۽ انفراديت مان نڪري اجتماعيت ۾ اچڻ شروع ٿين ته سمجهي وٺو ڪو وڏو الميو جنم وٺي رھيو آھي، شايد انسانيت ختم ٿي رھي آھي يا ڪا وڏو قحط برپا ٿيڻ وارو آھي، انسانيت جي تاريخ ۾ اھڙا وڏا وڏا سبق آميز داستان ملن ٿا، خون ريزيون، تباھ ڪاريون، ھٺ ڌرميون ظلم ۽ انتھا پسنديون، پر وحشي پڻي جا ڪئين قسم سامھون اچن ٿا، انھن ۾ عورتن جي تذليل، عزيزن ۽ والدين جي بي ادبي، ٻيون گھڻيون ئي ڪھاڻيون ٻڌجن ٿيون، انھن ۾ جنسي حملا حوص جي مريضن جا سمجھي سگھجن ٿا، ائين ڌاڙيلن ۽ ڦورن جون ڳالهيون ھميشه ٻڌندا اچون ٿا، پر انھن ۾ به ڪجھه قائدا ۽ قانون ڏسبا هئا عجب روش دورانِ حال ۽ ھلندڙ دنيا جي وحشي پڻي ۾ ڏٺي سون. ڪجھه سالن کان معصوم گلن جھڙيون ٻچڙيون نياڻيون جن کي مختلف مذھبن به عزتون بخشيون آهن، اسان جي رھبر سائين خاتم النبي صلي الله عليه وسلم جن ته ھڪ بيوه عورت کان وٺي ھڪ معصوم نياڻي کي ايترا ته حق ڏياريا آھن جن انسانيت جو قد ڪاٺ بلند ڪري ڇڏيو آھي، وڏي افسوس جي ڳالهه آھي اھڙا لفظ چپن يا قلمن تي آڻيندي به شرم ٿو اچي ته انسان سڏائڻ کان بھتر آھي حيوان سڏائيجي، ڳالھه کي اتي ڦٽو ڪرڻو ناھي، رڳو ھاءِ گھوڙا مقصد ناھي، ھي سڀ ھن جديد دؤر ۾ جڏھن انسان ترقيءَ جو دعويدار سڏائي ٿو، حقوق انسان جو ھر وقت علمبردار ڪوٺائي پيو، پوءِ ڪٿي فالٽ آھي؟ جو اھڙا اذيت ناڪ واقعا روز به روز ٻڌڻا پون پيا، ڇا ڪٿي ڪنھن تربيت جي ضرورت آھي؟ يا تعليم ۾ اھا اصليت نه رھي آھي جيڪا اسان جي معاشري جي معصوميت کي سڪون ڏياري؟ ايندڙ وقت ۾ والدين درسگاھن ۾ تعليم ڏيارڻ کان وٺي راند روند پر ڪھڙن ڪھڙن مقامن تي اولاد جي نظرداري ڪندا، يا انھن جي پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ۽ نوڪري ڪندا، ھاڻي ته انساني چھرن مان وحشت پئي اچي، اسان ڇو نه پنهنجي معاشري ۾ موجود انھن انساني فقدان جو اصل حل ڳولي ڪڍون، اھا تعليم ۽ تربيت جيڪا اسان کي ان رھبر انسانيت کان ورثي ۾ ملي آھي ان کان عملن دؤري ته ناھي، خالي ڳالھيون ته ڪو نه بچيون آهن، الله سائين اسان کي سگهه ڏئي انسان کي انسان ٿيڻ جي.

محبت ۾ مندي ٻيڙائي

محبت ۾ مندي ٻيڙائي

اڄڪلهه جي هن نفسانفسي دور ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ سان گڏوگڏ محبتن جو به هڪ وڏو فقدان آهي، هر طرف معاشري ۾ ذخيره اندوز ۽ نفرتون ڦهلائيندڙ عنصر پنهنجي جڳهه والاري چڪا آهن، جيڏانهن نظر ڊوڙائبي تيڏانهن ٻهروپين جو راڄ رائج ملندو، حوس ۽ حرس پرستي پنھنجيون سڀ حدون اورانگھي چڪي آهي، معاشرو انتها درجي تائين پهچي چڪو آهي، انسان، انسان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پوءِ ڀلي اهو کڻي ڪنهن رت جي رشتي ۾ ئي ڇو نه ٻڌل هجي، هر طرف پنهنجي مفادن جي جنگ جاري آهي، دوستيون ياريون سڀ مقصد خاطر نڀائجي رهيون آهن، جتي هڪ عزت دار انسان تي ڪنهن چاپلوس کي فوقيت ڏني وڃي، اتي محبتن جي پرچار ڪندڙ سواءِ اميدن جي ڪجهه ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن.
ائين تولو مولو محبت جي ڏينهن جو نالو ٻڌي، گلاب جا گل کڻي نڪتا، سوچيون ته ڪنهن کي ڏيون، پوءِ وڏا ساهه کڻي آه ڀريندي چيائون، اسان بي روزگارن سان ڀلا ڪير ته محبت ڪندو، هتي ته هر ڳالهه جي قيمت آهي، سواءِ مطلب جي ڪير سلام به نٿو ڪري، انهيءَ ڪشمڪش ۾ لکاني هنن جي هٿن ۾ گل ڏٺا ته هليو آيو، ڇاڪاڻ جو ان کي گلن پائڻ جو شوق رهيو آهي، پڇائين ڀائو توهان منهنجي لاءِ بيٺا آهيو، هي ته اڳي ٻاڙيا ويٺا هئا، هڪدم چيائون ته اسان پنهنجي مڱيترن کي ڏينداسون، وڏي رڙ ڪري لکاني چيو ته جن شاديون ڪيون آهن انهن کان ته پهرين پڇو پوءِ گل ڏيو. پريان چاچو چوڪيدار لٺ جي سھاري ھلي اچي پھتو، چيائين مون کي اوھان جون ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون، چئيم ويچارا اڻ ڄاڻ آهن ڪجھه سمجھاڻيون ڏيو وڃان متان فائدو رسي وڃين، ٻڌو منهنجا ابا! پنھنجي ڳوٺ جي ڀرسان ادي خانو واري ھوٽل جي اڀرندي طرف جيڪو مٽي وارو وڏو دڙو ڏسو پيا، اتي ويچارو نمرو نالي ھڪڙو ھمراهه رھندو ھو، ڏاڍو شوقين ھوندو ھو، ريس ريسان ۾ ٻه ٽي شاديون ڪري ورتائين ڪجھه وقت گاڏو گهليندو رھيو، جيستائين طاقت ھئيس، ابي کي چوان جيئن جيئن عمر وئي جھڪندي بس نه پڇ، سڄو ڏينهن مال چاريندو هو جيئن ئي سانجھي وقت واپسي گھر ورندو هو ڄڻ ڪو گھر ۾ ڌاريو ڪتو داخل ٿيو ھجي، رڙو رڙ لڳي ويندي هئي، بس سٽڪا اسان پنهنجي ڪنن سان ٻڌندا ھئاسين، آخرڪار ويچارو ڪاڪي اوڀائي جي بابي جي اوطاق تي ڀڳل کٽ تي عمر گذاري پوري ڪيائين، اھو دڙو اڃان شاھدي پيو ڏئي، بس ٻچڙا ڪجھه خيال ڪجو وقت ڏاڍو تنگ اٿئو.

نه ڪُھڻ نه ڏُھڻ پوءِ ڇا جو روئڻ؟

نه ڪُھڻ نه ڏُھڻ پوءِ ڇا جو روئڻ؟

دنيا جي فطرت ۽ انساني ضرورتون، دوستيون، رشتيداريون، وڻج واپار، کيتيون، آباديون، رسمون ۽ رواج، غميون ۽ خوشيون، موج ۽ مستيون، تدبيرن ۽ تقديرن جو ڳالھيون ٻڌڻ ۽ سکڻ لاءِ ڏاھن ۽ سگھڙن جي واتان ڪڏھن ڳجھارتن جي صورت ۾ ته ڪڏھن وري شعرن جي صورت ۾ ملن ٿيون، ناتا ۽ دوستيون نڀائڻ لاءِ رکبيون آهن، نڪي مفادن جي واسطي، پر ھاڻي گاڏو ئي چٻو لڳو پيو آهي، سڀ ڪھاوتون ڪوڙيون خبرون پيون لڳن، سڀ مٽيون مائٽيون ڄڻ ڪاغذ ڪورا بڻجي چڪيون آهن، غميون خوشيون بس ان ٽشو پيپر وانگر ٿي چڪيون آهن جنهن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ اڇلائي ڇڏجي ٿو، عجب لقاءُ آهي، نڪو ڪو ترس آهي نه ئي ڪو تعارف، وفا جو ڪم نڪتو ناهي پنو ڦاٽو ناهي، قرابت ۽ واسطو ڄڻ ڦوڪڻي ۾ ھوا، مطلب واري نڪتي ناھي ڪنھن ڪم جو نه رھيو، اھڙا ماڻھو جڏھن مسڪيني ۾ ھئا ڄڻ وڏا ھڏ ڏوکي پئي لڳا، جڏھن پيرن تي بيٺا ڪنھن حوالي سان ڪٿي غمي خوشي ۾ جيڪڏھن آمھون سامھون ٿجي ٿو ته چھرو لڪائي ڀڄن ٿا، ان مان ٻه شيون واضح نڪرن ٿيون، هڪ ته ڪو ڪم نه پوي، پر ٻي خاص ڳالهه جيڪا ذھن ۾ اچي ٿي ته متان ڪٿي منھنجي اصليت ڳالھين ڳالھين ۾ ظاهر نه ٿي پئي. اھڙي ريت تولو مولو جو پڳ مٽ يارڙو قاضي قادن ڪنھن وقت ۾ ڏاڍو ڪمزور ھوندو ھو، شلوار پائڻ جي به خبر ڪو نه پوندي ھئيس، ڪڏھن ڪڏھن گوڏن کان مٿي شلوار کڻي ڇڏيندو ھو، ڪڏھن وري ھڪ پانچو ھيٺ ته ٻيو مٿي ٿي ويندو ھو پر ھمراھ کي سمجھ ۾ ئي ڪو نه ايندو ھو، سندس والد ويچارو رڳو گگون ڇاڻڻ ۾ پورو ھوندو ھو، پراڻي ھڪ ڦٽڦٽي تي ننڍا وڏا گڏجي سوار ٿيندا هئا، بس وقت ڦريو ھمراھ ڪجھ ڏانءُ سکيو، ائين ڪندي گاڏيون بنگلا بس ڊزائين ئي تبديل ٿي وئي، استري ڪاٽن جي به ٻئي شھر مان ٿيڻ لڳي، سنوارت کي اڳي ڪيترا ئي مھينا گذري ويندا ھئا، ھاڻي ته وڏا فيشل اڇا ڪارا برش واھ واھ لڳي پئي آهي، ڳالهائڻ جا اسٽال مان تان بس ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن، تولو مولو کي جيڪڏھن ڪٿي ڏسي منھن موڙيو وڃي، خانو چانهه واري ھوٽل جي مفت چانهه به ياد نٿو ڪري، تڏھن چون ٿا اھو ڪھڙو جانور پالجي جيڪو ڪُھڻ جي ڪم اچي نه ڏُھڻ جي، باقي خوامخواه گاھ جي چٽي.

سڻڀا، اڻڀا، کارا، مٺا، کٽا سڀ ھڙپ

سڻڀا، اڻڀا، کارا، مٺا، کٽا سڀ ھڙپ

جڏھن قوتِ ھاضمه هڪ وڏي مقدار ۾ مختلف غذائن کي هڪ ئي وقت هاضمي ڪرڻ جي طاقت رکي، پوءِ ڪھڙي ڊاڪٽر جي پرواھ آھي؟ ۽ ڇا جي لاءِ ڪنھن حڪيم جو پڇجي؟ جيڪو آيو سو اگھيو. ننڍي ھوندي اسڪول ۾ ھڪ شيدي ڪرتب اچي ڏيکاريندو ھو، شيشا ۽ ٽائر پر خبر ناھي ڇا ڇا کائي ويندو ھو، ائين وري ڏاڏي وڏي جي دؤر ۾ ھڪ ملنگ فقير ايندو ھو جنھن جي اڳيان ڇيلي جو ڪچو گوشت رکبو ھو جيڪو ھو ظاھري طور کائڻ شروع ڪري ختم ڪري ڇڏيندو ھو، اھڙا منظر اسان جي اکين پاڻ ڏٺا، پوءِ انھن کي اسان ڀلي ڪهڙا به کڻي نالا ڏيون پر اهي سڀ منظر اسان جي اکين جي اڳيان گذريا آهن. ھاڻي جڏھن تازو ڪاڪي اوڀائي جي سس فوت ٿي، اصل ۾ ته چاچو اوڀايو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ھوندو، پر زال ماسي چپرا جي پادرن جي ڪري اکين ۾ لونگن جو پاڻي وجھي روئڻ جو ڊرامو ڪرڻ لڳندو ھو، وري ماسي چپرا دلاسو ڏئي ماٺ ڪرائيندي ھئي ۽ چوڻ لڳندي هئي ته، دل سوڙھي نه ڪر آئون جو ويٺي آھيان، اندر مان ڪاڪو اوڀايو چوندو ھوندو ته اھو وارو تنھنجو ھو، ھو ويچاري خوامخواه جھپجي وئي. ڳالھ ڪوتاھ فاتح جي رسم ادا ڪرڻ واسطي تولو مولو وارو سڄو ٽولو خالو خانڻ جي اڳواڻي ۾ ھڪ نئي دوست مجن ماريل سان گڏ وڃي اتي لٿو، ان ڏينهن ڪو ختمو رکيل ھو، پاڙي واري مولوي يعقوب ۽ گڏوگڏ سندس شاگردن کي گھرايو ويو هو، پر ٿيو ائين جو ھنن ھمراهن نه ڏٺي هم نه ڏٺي تم دسترخوان تي حملو ڪري ڏنو، ڪاڪو اوڀايو شرمساري وچان ماٺ ۾ رھيو، اڃان به پراڻن دوستن تولو مولو جي هدايتن تي ڪجھ رحم پئي ڪيو، باقي جيڪو نئون مجن ماريل آيو ھو ان مڇي، ڪڪڙ فارمي، ڪسٽر، مٺا چانور وري مولوي يعقوب وارو دھي جو ڊٻو، ديسي ڪڪڙ ۽ ڪڙھيل کير جو وٽو سڀ چٽ ڪري ڇڏيائين، بس جڏھن خير سان واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو اچي پيٽ ۾ ھيرا ڦيري لڳيس، تولو مولو اديب سگھڙ خليل عارف کوسو جو شعر پڙھڻ شروع ڪيو، روڊ کائي ويو، پٿر کائي ويو، رستا کائي ويو، ٻڌائي کل مشخريون ڪرڻ لڳو، ھمراھ جي اندر ۾ جھڙي نيب جي ٽيم اچي لٿي هجي، ھڪڙي پاسي مڇي پئي ڦٿڪي ته ٻئي پاسي مولوي يعقوب وارو ديسي ڪڪڙ ۽ کير جو وٽو، اڃان پاسو ورائي مس ته وري ڇيلو ۽ ڪسٽر سميت دھي چانور فارمي ڪڪڙ پيڇو ڇڏين ئي نه، بس خالو خانڻ بيزار ٿي وڃي حڪيم الله رکئي وٽ پھچايو، حڪيم ڏسي خانو خانڻ کي ڪن ۾ چيائين تون وارو دوست صفا کائڻ جو جھڙو ڪامريڊ ھجي، اھڙو بد فعلو نه ٿيڻ کپي، سڀ اڻڀا، سڻڀا، کارا، کٽا، مٺا ھضم ڪيئن ٿين ٿا؟ اسان وٽ اھڙي اڃان ڪا ڦڪي ايجاد ئي ڪو نه ٿي آھي.

جمع، جملا ۽ جمالا

جمع، جملا ۽ جمالا

جتي ڪٿي ضرب، ونڊ ۽ جمع جون ڳالھيون ڳائجن پيون، جتي به ٻه ماڻهو جمع ٿين ٿا اتي ڪا نه ڪا اھڙي ڳالھ ضرور چوري وڃي ٿي جنھن ۾ جھلڪ مھانگائي جي نظر اچي ٿي ۽ ان تي حيرت ۽ بد نظمي، ان سان گڏ ٻئي ھٿ مٿي تي جھليو ڪئين جھونا ڳجھارتون ڏيو وڃن ٿا، اصل ۾ ڳالھه ته وڏي ڪريو پيا وڃن پر سمجهه ۾ بنھ نٿي اچي، ڇو جو ذھن سوچڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آھي، نفانفسي جي نجاست ۽ مناسب حڪمت عملي جي کوٽ سون کرن کوٽن کي کاري ڇڏيو آھي، ھٿ ٽنگڻ وارن کي وري ٽنگو ٽالي ڪري ٽنگيو پيو وڃي، مفت خورن مڪالن جا مڪر پنھنجي جڳهه تي پر پاڙيسري پيٽ پالڻ وارا پنڻ پري نظر پيا اچن، وڏو ڪو جمالو ڳائجي پيو، جڏھن تازو تولو مولو ڪنھن سياسي جلسي مان اھڙا جملا رٽي ياد ڪري وريا ته صبح ٿيڻ ئي شرط خالو واري ھوٽل تي اچي رٽڻ لڳا، سامھون سرمائي سائين گھٽي مان گذري رھيو ھو، ٻڌڻ شرط ھڪل ڪري چيائين ڇورا ڏاھا ٿيو اسان کي به ائين لکاني لڪڙ ۾ ھڻين ويو، وٺي جو اھڙا جملا ياد ڪري سڄي سنگت کي جمع ڪري جمالا پڙھايائين، مٿان وري صابو شوقين ۽ ڊڳر منڊو گڏجي اچي اھڙيون تقريرون ڪيائون بچيل سوجھرو به هلندو ٿيو، اڃان تائين اسان پير تي واپس ڪو نه بيٺاسين، وڏا ڏچا اٿئو، ڳالھيون ڳائڻ سان ڪجهه نٿو ٿئي، جيڪي اھڙيون گفتگو ڪن ٿا اھي پاڻ ٺڳين جا ماھر آھن، اسان به يار سڀ ڌنڌا ڪياسون، پير به ٿياسين، صوفي بڻياسين، عطائي ڊاڪٽرن وانگر دوربينيون کڻي وري ڪلينڪ ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪيوسون، پر اسان وارا پاٽنر اسان کي مورچو ٺاھي مال ميڙي ھليا ويا، اسين اتي ئي اتي رهياسين، بس ھتي ھر ڳالهه ۾ ڪميشن لڳي پئي آهي، ٻٽاڪن سٽاڪن ۾ سٽاء بلڪل ڪونهي، متان کريا آهيو، رڪشا به چون ٿا بند پيا ٿين، صالو واري گڏھ بيٺي اٿوَ، بس گاڏو ڪنھن کان ڇڪي گهلي اچو، مون ته يار گھر جا گاڏا ڇڪي ڇڪي چيلهه به چٻي ڪري ڇڏي آھي، ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونھي بس ڦوڪون ۽ ڦوھارا لفظن جو ڀريون ڇوڙيو ڇڏين، اسان واري ماسي سڀاڳي به ھاڻي حوصلو ھاري ويٺي آھي، اڳي ته ڪڻڪ جي کرن ۾ سائين لکاني سان نڪري پوندي هئي ھاڻي اھڙو حال نٿا ڏسون، خالو ھوٽل تي لڳي ويو گراھڪ جي نٿا اچن تڏهن به پاڻ چانهه ڪاڙھي پيو پئي، باقي جملن کي جمع ڪري جمالا پڙھڻ وارا وقت گذري ويا.

واقعا، وھنوار، ورڇون ۽ واسطا

واقعا، وھنوار، ورڇون ۽ واسطا

وقت جون گھرجون ڪڏھن ڪھڙيون ته ڪڏھن ڪھڙيون، وقت ناياب ۽ قيمتي ھئڻ سان گڏوگڏ گذرڻ ۾ به دير نٿو ڪري، پوءِ پويان پنھنجا پاڇا ڇڏيندو ھليو ٿو وڃي، ڄڻ ٿرجي واري ھٿن جي آنڱرين جي وچان لھي پئي پٽ تي ۽ ڪو احساس ئي ڪو نه ٿيو، ڪلهه جنھن جڳهه تي تنبو ۽ شاميانا لڳل ڏٺاسون، ٽھڪڙا مذاق ڳالھين جا ٺڪاءُ پئي پيا، اتي اڄ خاموشي ۽ ويراني فقط کاڌي کائڻ کان پوءِ ڦٿل ڪيلا، ڇڏيل ڪچرو ۽ اڇليل ھڏا کاڌل جيڪي ڪتن ۽ جانورن به چوسي چوسي نه ڳڙڪائي سگهڻ جي صورت ۾ زمين تي ڦٽا ڪري ڇڏيا، ڪير محسوس ڪندو ته ھتي به ڪلهه ميلو متل ھو ڪو رنگ چڙھيل ھو، چون ٿا وقت واڪا يعني سڏ ڪندو ويندو آهي ۽ قدر قيمت سيکاريندو گذري ويندو آھي، پوئين لاءِ پڙاڏا ۽ پڇتاءُ جا پيغام چئي ۽ چوائي ويندو آھي، وقت اھڙا وھنوار ۽ ورڇون ورجائي ورجائي ايندڙن نسلن کي فڪر ۽ فلسفا مھيا ڪندو ويندو آھي، جنھن ان کي سمجھيو اُھي عقل وارا ڏاھا ليکبا، وقت جي ورقن ۾ انھن ڏاھن جو قدر ۽ قيمت لکبي ۽ چيو ويندو اُھي وقت جا قدردان ھئا، اڄ سندن فلسفا ۽ جملن جا پڙاڏا ٻڌجن پيا، تاريخ جي ڪتابن ۾ انھن کي ستل معاشري ۾ جاڳيل انسان سمجھيو ويندو، انھن جي عقل ۽ ھوشياري سياڻپ جون ڳالهيون پوئين کي ورڇ ۾ سيکاريون وينديون، انھن تي عمل ڪرڻ وارن کي سندن پوئلڳ چيو ويندو آھي، قبرن جي مڻ مٽي جي ھيٺان به زنده ڏيکاءُ ڏيندا رھندا، جڏھن به ھنن جا گفتا ياد ڪبا اھي ياد ايندا رھندا، باقي دنيا جا ستل ضمير وارا انسان دنيا ۾ بي فڪر ننڊن ۾ ستل آهن، انهن جي قبرن کي قبرستان ۾ ڳوليندا ته ھٿ به ڪو نه اينديون، نه ئي ڪو چاھيندو ته انھن جي مٽي تي ڪنهن ڏھاڙي تي پاڻي ڇٽڪارجي، ڇاڪاڻ جو انھن ھميشه انسانن جي ڦٽن تي لوڻ ڇڻڪيا، ڏک ۽ مھڻا ڏنا، سک کسي ڏک ڏنا، مجبورين ۾ وياج تي ڏوڪڙ ڏئي پنهنجي خواهشن جا ڀڀ ته ڀريا پر رھيا ھميشه خالي خالي، اھڙن معاشرتي وياج خورن جي ڪرتوتن ۽ بي ضميرن جي بدبوءِ جئيري ئي پري پري تائين مار ڪندي رھندي آهي، اھڙا لالچي عناصر ڪھڙن ئي ويسن ۽ قيمتي خوشبوئن سان پاڻ کي مھڪائين پوءِ به انھن جي بدبوءِ نه ويندي، قبرن جي مٽي به گواهي ڏيندي ته ھي جسم وياج خورن جو آھي، ڪوڙي دنيا جي ڪوڙن واسطن جا نشان مٽجي ويندا وقت جي وهڪرن ۾، خبر ڪان پوندي ته ھتي ڪو واسطي وارو رھندو ھو، مگر وفائن جا سڏ واقعا ھوڪا پڙڏا پري کان محسوس پيا ٿيندا، جيئن وري ڪو ھن ڏکئي وقت ۾ آٿت ڏئي رھيو آھي، حوصلو ڏئي رهيو آهي، اھڙن انمول انسانن جو قدر ڪرڻ سکو، اُھي تحفا آهن قدرت پاران انسانيت لاءِ ھن دجالي دؤر ۾.

چريا کريا آهيون پر سمجھون سڀ پيا

چريا کريا آهيون پر سمجھون سڀ پيا

ڳالهه ٿا ڪن ته جڏھن وتائي فقير کي ڳوٺ جي کوھ تي سڀ عورتون فري آيون، وتائي کي چيائون فقير اسان کي کيڪاريو، انهن عورتن ۾ لڪ ڇپ ۾ وتائي فقير جي مڱيندي به شامل ھئي، وتائي فقير جڏهن سنڌ جي ريتن رسمن تحت سڀني عورتن کي مٿي تي ھٿ رکيا، ائين آزمائش طور اڳي ئي کان طعي ٿيل منصوبي تحت وتائي فقير جي مڱيندي به مٿو جهڪايو، وتائي فقير زور سان چيو، چريا کريا آهيون پر سمجھون سڀ ٿا، ائين اوھان جون حرڪتون ڄاڻيو ويٺا آھيون، ھڪ آواز تي تولو مولو ڪاڪي مرھيات اوڀائي جي ڇوڪر ورائي کي چيائون، اسان ايترا گھڻا تجربيڪار ڪون آھيون، سوشل نيٽ ورڪ تي ايڪٽو ته آهيون پر اوھان جيڪي مختلف تصويرون ڏيکاريو پيا پنھنجيون فيس بڪ تي اھو سڄو ڪمال انھيءَ ٽڪ ٽوڪ جي شوقين سرفو سڪايل جو آھي، نه پسند اچڻ وارا ڦوٽو فلٽر ڪري ڏيکاري ٿو، سڄو ڏينهن اسان وارا ڇوڪر ٽڪ ٽاڪ تي ۽ شام ٿيندي ئي پب جي گيم ۾ لڳيو وڃن، رات چاچي سڀاڳي ننڊ مان رڙيون ٻڌي اٿي ويهي رهي، ويچاري اڳي ئي بيمار، ھڪڙي ننڊ اچي ئي ڪو نه، ٻي مس مس گورين کائڻ بعد ننڊ آئي، دانھن تي پنهنجي لٺڙي کڻي ٻاھر نڪري ھونگرون ڏيندي پڇا ڪيائين، ابا ڇا ٿيو؟ ابا ڇا؟ چورَ! چورَ، سڀ وڏا پاڙي وارا اچي لٿا ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندا، ڪمال، ڪلر واري ڪمري ۾ نھاري ته سڄي سنگت لٿي پئي آهي، مٿان وڃي سڀ پھتا پر ڪنھن به ھنن ڏانھن نھاريو ئي ڪو نه، ساڳيون رڙيون ھڪلون، ڪو ڪنڊ ۾، ڪو ڪوچ تي، ڪو ڪرسي تي، ڪو پٽ تي سڀ پکڙيا پيا آهن، خبر نڪا چار، عشق اڙانگو يار، تولو مولو ھڪ ٻئي ڏئي نھاري زري گھٽ پاڻ کي ڀونڊا ڏيڻ وارا ھئا، ڏسو اسان ڪو نه پڙھياسين اڄ پنون پيا، ھوڏانھن سائين سرمائي سڄو ڏينهن ٺڳين تي ڪم ٽپائي پيو، وري لکانو يارڙو ماسي سڀاڳي کي کڻي ھُتي ھُتي در در ڪڻڪون پيو ميڙي، ھنن ڇوڪرن جي ڦٽي آھي، اسان جاھل صحيح پر سمجھون سڀ پيا، شل اسان کي شعور اچي.

چريون ڏئي چار، واڇان ورتيسين هڪڙي، ان جا به اهڙا ئي پار.

چريون ڏئي چار، واڇان ورتيسين هڪڙي، ان جا به اهڙا ئي پار.

ماسي چپرا ڏاڍي ڪاوڙ مان ڪالهه جڏھن سيڌي سامان وٺڻ لاءِ خادم خفتي جي دڪان تي وڃي پهتي، ته اُتي ماجرا ڏسي حيران ٿي وئي! خادم خفتي پنهنجي ڇوڪر کي ڪجهه ھدايتون ڏئي رھيو آھي، وڏيري واجد واري پٽ جي سالگرهه ملھائجي پئي، مھينو ٿيو آھي ڪڏھن ڪنهن وٽ، ڪڏھن ڪنهن وٽ، روز دعوتون پيون اچن. رات وڏيري جي پٽ مون کي گھرائي ٺوڪ ڏني ته تون ڪڏھن ٿو منهنجي سالگرهه ملهائين؟ اھڙي ريت خادم خفتي مشورو ڪري رھيو ھو سندس ڇوڪر سان ۽ چئي رھيو ھو ڪا مار پوي فيس بڪين کي ٻيا ڪم سڀ ڇٽا بس رڳو سالگرهون اچي بچيون آھن ڏسو، پر يار ھي ڪھڙو ظلم آھي، اڃان به ڪا شخصيت ھجي ڪنھن ڪمال واري ته اڃان به ڳالھ ڪجي، نه منھن نه مھانڊو، پر ھتي ته چرخو ئي اونڌو، ڌڻي پاڻ سڏائي سالگرهه ملھائڻ لاءِ چئي پيو، بس توبهه لڳي پئي آهي، اسان مسڪينن لاءِ وڏو آزار آھي، ڪيڪ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست وري تحفا تحائف اھڙا جيڪي سوشل ميڊيا تان ڪنھن جي ويڊيو ڏسي انھن جي نقل وارا، بس لاچار ٿي اچي قابو ٿيا آھيون، نٿا ڪريون ته ٽپڙ ٽيشن تي رکڻا ٿا پون. بس ماسي چپرا روئي چيائين پئي ته، پٽ وڏن ڪردارن جون ورسيون ته ٻڌنڌا ھئاسين، بابا مرھيات ڪڏھن ڪڏھن نالا وٺي انھن عظيم شخصيتن جون خوبيون بيان ڪندو هو، پوءِ اھڙن پروگرامن تي انھن عظيم انسانن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻين کي سبق ڏنو ويندو ھو، پر ھتي ابو بس منھن اڇو ڪريو ڇڏين ڪيڪ اڳيان پيو آھي، بيڪري وارن وري ڪمائي لاءِ برٿ ڊي جا ڪيڪ ٺاھيا آھن، ھڻ ھڻان لڳي پئي آهي. ابي کي چوان ڪلهه مون کي تولو مولو ٻئي گڏيا پاڻ ۾ بحث پئي ڪيائون، آئون مٿان پهچي ويس، انھيءَ ڳالهه تي اٽڪي پيا ته پھرين سالگرهه ڪنھن جي ڪجي، مون رڙ ڪري چيو اوھان کي خبر آهي ته ڪھڙي ڏينهن جنم ٿيو؟ چيائون اسان ڪاڪي لکاني کان پڇيو ان وراڻيو ته ڇپر واري قحط ۾، مون رڙ ڪري چيو ابا انھن کي وڏو عرصو ٿيو اوھان جو ڏاڏو مرھيات ان وقت پيدا ٿيو ھوندو، آئون اوھان جي پيدائش جي ڳالهه پئي ڪريان، ٻنھي چيو ماسي چپرا فيسبڪ ۾ جيڪا تاريخ اچي وئي اھائي آھي، فيسبڪ جو اڪائونٽ ڇوري ناٿن ٺاھيو ھو انھيءَ وري ابي مرھيات واري تاريخ لکي ڇڏي، جيڪو ٿو ڏسي اصل ۾ رڪيسٽ ئي نٿو موڪلي، اڃان تولو ويھن سالن جو ڄاڻايل آھي، پروفائيل تي تصوير زناني لڳائي آھيس، پنج ھزارن کان مٿي دوست ٿي ويا آھن بس انھيءَ لاءِ سالگرهه ملھايون ٿا، ٻين کي جواب ڏئي ٿڪي پيا آھيون، چونو وٺي آيا آھيون منھن کي اڇو ڪنداسين، بيڪري تان پاپا آندا اٿئون انھن کي ڊٻي ۾ پيڪ ڪرايون ٿا، رميز نٽ کي چيو اٿو فوٽو ڪو نه ڪڍنڍو ڇا؟ صابو جي والد جي فوت ٿيڻ واريون اوڍائيل ٻه ٽي اجرڪون ملان يعقوب کي مليون آھن، اھي کڻي اچبيون، ٽماٽا ٽڪي ڌڙي لڳا پيا آھن انھن جي چٽڻي پاپن تي ھاربي مڙئي جڳاڙ ٿي ويندي، ڇوڪر رميز نٽ موبائيل ۾ تصويرون فيشل ڪندو، بس واھ واھ ٿي ويندي، ماسي چپرا چيو ته چريون وٺي چار اسان به ڏٺيوسون پر اھڙي واڇان کان الله ڏئي پناھ.

اخوت مروت تلاش گمشدگي

اخوت مروت تلاش گمشدگي

جتي تاريخون وسري وڃن، جتي ڪتابن جا ورق پراڻين المارين ۽ اڏوهي کاڌل ڪٻٽن جي زينت ٿي مٽي جي تهن ۾ ڍڪجي وڃن، علم ۽ عقل جا اعليٰ خزانا انھن جا ناياب پنا پڪوڙن، ڇولن ۽ چڻن وڪڙڻ جي ڪاغذن طور استعمال ٿيڻ لڳن، گھر ۽ اوتارا سواءِ ڪتابن جي ڦڪا ۽ اڻڀا لڳن، لائيبرين جي جڳهه تي فٽ پاٿن تي اسان جو نئون نسل پب جي گيم ۾ مصروف ھجي، لٽيريچر علم غائب فقط ڊگري خريدي پاس ٿيڻ جي تڪڙ ھجي، جتي ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ داخلائون ميرٽ جي بجاءِ جيب گرم ٿيڻ تي ٿين، مستقبل جا ڊاڪٽر سفارش سورس رقم ۾ سيٽون حاصل ڪن ۽ فيوچر جا انجينئر ميٿاميٽڪس جي انگن بدران نوٽن جي انگن تي سليڪٽ ٿين، جتي والدين جي جڳهه ننڍڙا ٻارڙا ولارين، دوستن کي حال ڀائي ۽ والدين کي دشمن ليکجي، امڙ ٻانھي ۽ زال کي زينت گھر جي ٺاھجي، جتي والدين جي رھائش اولڊ هائوس ۽ ڪفن دفن ڏوڪڙن تي ٿيڻ لڳي، اولاد جنازي ۾ شامل ٿيڻ کان ڪيٻائي، تاريخي علمي شخصيتن جي نالن بدران اسان جا نوجوان ماڊلنگ اداڪارن جا نالا رٽي ياد ڪندا رھن، استادن کي فقط ٽائيم پاس سمجھي وقت گذارين ۽ استاد تعليم ڏيڻ کان وڌيڪَ اکيون چهري ۾ رکن، جتي تعليم کي واپار سمجھيو وڃي، جتي ايمانداري ۽ سچائي کي وبا سمجھي ڀڄي جان ڇڏائجي ڪوڙ ۽ ڪپت وارن دوستن سان واسطا جوڙيا وڃن، اشرافيت جو موت ٺڳي ۽ فريب دوکي جي ھٿان ٿيڻ لڳي، خود غرضي انائيت محبتن تي سوار ٿي خلوص جا جلوس ڪڍرائي، گاڏين ۽ سوارين تي مختلف قسمن جا اشعار ۽ جملا لکيل ڏسجن، عوامي ليٽرين ۾ دل جا ارادا ڀتين تي لکجن، پوءِ ترجماني ڪھڙي ڪجي؟ جتي لفظن جي معنيٰ ئي ڪير نه سمجھي، ادبي بگاڙ ۽ تلفظن جو ڪاٻاڙو ٿيندو رھي، اتي ھڪ اداس اديب ڇا حال ٻڌائيندو؟ اڳيون حرڪتون سڀ وسري ويون ۽ نئيون ٽوپيون نئين ڊزائين ۾ عجيب حرڪتن سان ۽ نمونن سا ظاھر ٿي اچن، پوءِ ڪنھن کي ڪھڙي ھنڌ تلاش ڪجي؟ ڪٿي ڪٿي اخلاص ۽ اخلاق کي ڳولجي؟ جيترو وڏو ظالم ۽ ڪوڙو ٺڳي باز اوترو عزت وارو سڏجي! ان وٽ فيصلا ٿين شرافتن جا، پوءِ اھڙن چنيسرن کان چڱائي جي اميد ڪيئن لڳائجي.

ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا

ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا


جڏهن هيٺاهين سنڌ ۾ ڪڏھن به وارا بندي ڪو نه ٿيندي ھئي، نھري نظام مسلسل روان دوان رھندو ھو، جيڪڏهن ڪو شاهوڪار ٺهرائيندو هو، زمين جي سطح تي ھوديون يعني ٽانڪيون ٺھيل ھونديون ھيون، واٽرن مان گڏھ گاڏين تي ڊم رکي يا مشڪون يا ساندارين جي ذريعي ڀريون وينديو ھيون، غسل ۽ وهنجڻ لاءِ کوھن يا واٽرن ۽ ڪينالن جو رخ ڪيو ويندو ھو، عورتن لاءِ خاص مقام درياھ کان وٺي ڪينالن تي ٺھيل ھوندا ھئا، جتي ھو ڪپڙن جو ڌوپ يعني ڌوئڻ سان گڏ غسل جو اھتمام ڪنديون هيون، ايڏي عزت ۽ احترام پردي داري جو خيال رکيو ويندو هو، مجال آهي ڪو غير مرد ان طرف لنگھي وڃي، ڇوڪري ڇٻر کي جرئت ئي ڪان ٿيندي هئي، ڳوٺن جا رکوالا وڏيرا انھيءَ ڪم ۾ ڏاڍا سخت ھوندا ھئا، اھڙي حساب سان مال وغيره لاءِ کاڻيون ٺھرائيل ھونديون ھيون جتان ڪچين ديوارن ۽ ان تي گارو يعني راڳو ڪرڻ ۽ مٽي کڻڻ ۽ جانورن پالتون کي پاڻي وغيره پيارڻ جو ڪم ورتو ويندو هو، اھڙي طرح گوچر يعني اھڙا چراگاهه خالي ھوندا ھئا جتي ڳوٺاڻن جا پالتو جانور چري سگھن، گاھ وغيره ان ۾ قدرتي ٿيندو رھندو ھو، اھڙيءَ ريت ٻٻرن جا وڏا وڻ جنھن کي ھُڙِيُون چيو ويندو ھو جيڪي جهجي انداز ۾ ھونديون ھيون، جنھن جا ڪاٺ گھر ٺاھڻ کان وٺي جنھن ۾ ڇنا منا چونئرا وغيره ٺھندا ھئا، ان سان گڏوگڏ ٻارڻ جو ڪم ورتو ويندو ھو، شادين ۽ فوتگين ۾ پاڙي جا ماڻھو پاڻ پھچائي ويندا ھئا، پاڻ ۾ اعتبار ۽ ناتا ايترا ته مظبوط ۽ پائيدار ھوندا ھئا جيڪڏهن ڪنھن ھڪ جو ڪو مھمان ايندو ھو ته اھو سڄي پاڙي ۽ ڳوٺ جو مھمان سمھجيو ويندو ھو، اوطاقن تي مھمانن لاءِ ھر وقت ماني کير ۽ لسي جو انتظام ڪيو ويندو ھو، کير ۽ مکڻ کي وڪڻڻ وڏو عيب سمجھيو ويندو ھو، اھڙي طرح وري ٿر ۾ برساتن جو پاڻي سڄي سال لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ ٽانڪا مٽيءَ مان اھڙي مھارت سان جوڙيا ويندا ھئا جو ان ۾ پاڻي خراب ڪو نه ٿيندو ھو ۽ سڄي سال دستياب هوندو ھو، پيئڻ لاءِ اھڙي ريت اناج لاءِ گدام ٺاھيا ويندا ھئا ۽ مال جانورن لاءِ خوراڪ کي ذخيرو ڪيو ويندو ھو، سنوارت وارو نائي يا درزي سڄي سال لاءِ مقرر ھوندو ھو جنھن کي فقظ اناج ڏنو ويندو ھو، ڪڪڙ، گھيٽا ۽ ڇيلا مھمانن لاءِ مخصوص پاليا ويندا ھئا، ڪڏھن به مادي جانور يا ڪڪڙ حلال ڪون ڪيو ويندو ھو، ڀاڄي جي جڳھه تي کير مکڻ ۽ لسي جو استعمال گھڻو ڪيو ويندو هو، جيئن جيئن انسان جديد ٿيندو ويو انھي جديد ٽوٽڪا ميدان ۾ متعارف ڪرايا، کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويھڻ جا اسٽائيل تبديل ٿيندا ويا، گھرن جا ڊزائين مختلف صورتن ۾ سامھون اچڻ لڳا، لائيٽ جي فراهمي گھر گھر ٿيندي وئي، گھرن جي مٿان ٽانڪيون ٺھڻ لڳيون ۽ انھن جا نمونا مختلف طريقن سان سنوارجڻ لڳا، پاڻي لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيمون اچڻ شروع ٿي ويون ۽ تلاءَ ٺھڻ لڳا، پاڻيءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ جيئن جيئن ٽانڪا جڙيا ته وارا بنديون شروع ٿي ويون، جيئن جيئن ڀاڄيون اچڻ لڳيون ته کير گيهه مکڻ لسيون ختم ٿينديون ويون، اوطاقن جي جڳهه تي ھوٽلون جڙيون، محبتن جي جڳهه تي نفرتن ۽ حسدن جايون والاريون، حيا شرم جي جڳهه تي بي شرمي اچي وئي، بردباري برداشت جي جڳهه تي ڪاوڙ بخيلي ڪاھي پئي، ڪچھرين جي جڳهه تي فون، ٽي وي اچي ويا، سماجي واسطا سياست جي ور چڙھي ويا، افراتفريون سڪون ۽ راحت آرام کي کڻي ويون، پالتو جانور ڊيري فارمن ۾ قيد ٿي ويا، اصل ڪڪڙ فقط ويڙھ لاءِ وڃي بچيا ھئا، هائبرڊ ڪڪڙ ۽ انسان متعارف ٿي ويا، ھرطرف ڪيميڪل شيون مارڪيٽ ۾ پيڪينگ ۾ دستياب ٿي ويون، بس ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا اسان جا پيٽ ٿي ويا، جيڪي انسانن جي خواهشن کان وٺي انھن جي خونن سان ڀرجي ڀرجي ڦاٽي رھيا آھن پوءِ به اسان پنهنجو پاڻ کي جديد انسان سڏيون پيا.

گھٽڪا سٽڪا، مٽڪا ٺري جا

گھٽڪا سٽڪا، مٽڪا ٺري جا

اڳئين دؤر ۾ ھجرت ڪري آيلن ھٿان اسان کي پن واريون ٻيڙيون ۽ پان سوپاريون مليون، جن ۾ جدت ايندي وئي، پان تي ڪاٿو ۽ چن جو لڳڻ لازمي ٿيندو ويو، وري ماھرن سوپارين کي پاڻي ۾ سڄي رات پسائي نرم ڪري پان ۾ وجھڻ شروع ڪيو، ان سان گڏ ڪاٿي کي سٺي نموني ڪاڙھڻ لڳا پوءِ ان مانڊلي واري جا پان شوقينن وڏي چانهه سان کائڻ لڳا، پوءِ وري ان ۾ پتي جو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو، چڱا خاشا اعليٰ تعليم يافته ماڻهو شوقيا طرح پان واپرائڻ لڳا، ايتري قدر جو ڪجهه خاص پان فروشن جا پان سوکڙين طور ٻاھرئين ملڪن ڏانھن وڄڻ لڳا، پوءِ وري ڪجهه ماھرن گھٽڪن جون فيڪٽريون کولي گھٽڪا ٺاھڻ شروع ڪيا، انھن ۾ وري جديد انداز سان ڪجهه مختلف پڙيون نڪتيون، جيڪي ننڍن وڏن جي واتن ۾ چوس چوسان لڳي پئي آهي، جتي ڪٿي ڪنھن اوطاق ۽ ھوٽلن جون ڀتيون رنگين ٿيون پيون آھن، ايستائين جو گاڏين جي شيشن ۽ ٻاھران به گھٽڪن جي پاليش ضرور ٿيل ھوندي، ھن برگر ۽ جديد دؤر ۾ جيڪو انھن شين کان محروم آھي، ڄڻ اھو پيدا ئي ڪو نه ٿيو آھي، جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اھو ڪاروبار اھڙي منطق ۽ منظم طريقي سان ڪيو ٿو وڃي، ھڪ ته فائدو وڏو آھي ۽ استعمال ٿيل شيون سستيون ۽ خراب ٿيل ھونديون آھن، واپرائڻ وارا عادي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پابندي جي ڪري وڏي رقم ۽ مھانگائي ۾ وٺڻ ۾ عار محسوس نٿا ڪن، خاص ڪري رات جا اوجاڳا ڪاٽيندڙن لاءِ، ڊرائيونگ ڪرڻ وارن لاءِ وڏي غنيمت آھي، اھڙي ريت وري ھٿرادو کارو پاڻيءَ صدين کان ڪنھن نه صورت ۾ ھلندو پيو اچي، پر ھاڻي وري نئين ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان ان ۾ وجھڻ واريون شيون اھڙيون انسان ذات لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون جنھن ۾ موت کي اڳواٽ دعوت ڏني وڃي پئي، ايتري اڻ ڄاڻائيءَ آھي جو ماڻھو سواءِ ڪنھن خوف جي ھر طبقي سان تعلق رکندڙ انهن کي ھڪ مشروب جي طور استعمال ڪن ٿا، خاص ڪري خوشين جي ڏھاڙن تي وڏي طريقي سان مرحبائي ڪيمپون قائم ٿيو وڃن، رسائي وري ايڏي وڏي انداز سان ڪئي ٿي وڃي جو بندش جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، شايد ڪو ڳوٺ يا شھر بچيل ھجي جنهن ۾ ٺري ٺھڻ جو ڪم نه ٿيندو ھجي، ھاڻي ته اوطاقن تي گھٽڪا فيڪٽريون کلي ويون آھن، جيئن جيئن سختي ڪئي ٿي وڃي اوتري رسائي وڌيڪ ٿيندي وڃي ٿي، جنھن اشياء جي کوٽ ايندي آھي ان جا ريٽ ۽ اسباب خريديا ويندا آھن، سڀني جا منھن بند ڪرايا ويندا آھن.
تولو مولو ھڪ دفعي سرمائي سائينءَ سان چانهه جي پيالي تي ڪچھري پئي ڪئي اتي وڏي عمر وارو ڪاڪو سھراب جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو کاٽڙيو چور ھو، چيائين پئي اسان ڪتن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ وڏا ھڏا اڇليندا ھئاسين، پوءِ پاڙي جا ڪتا انھن کي چوسڻ ۾ لڳا پيا ھوندا ھئا اسان ڪم ڪڍي ويندا ھئاسين، بس ھي به ھڏن جو ھڪ قسم آھي، ڪير چوڻ وارو ھوندو ان کي به پنھنجو حصو ملندو ويچارو ماٺ ٿي ويندو، جيڪو گھٽڪا گھٽڪا ڪندو ان کي سٽڪا ملندا، باقي ٺرو ته دليون ٺاري ڇڏي ٿو.

ڪتو ڪروزر ۾ يا کُوھه ۾، پر پينو پنندي ئي سوگھو

ڪتو ڪروزر ۾ يا کُوھه ۾، پر پينو پنندي ئي سوگھو

ھر طرف ڪتو، ڪتو لڳي پئي آهي، ڪٿي ڪتو ڏند پيو ڏيکاري، ڪٿي ڪتو پڇ ٽئورو ڪريو بيٺو آھي، ڪٿي وري ڪتو پڇ لڪائي ڪنھن مخصوص جڳهه تي ڀڄڻ جي پيو ڪري، ڪٿي وري ڪتو پير پيو کڻي، اڄڪلهه وري ڪتو کوھ ۾ ڪريو پيو آهي، پاڻي سڀ ڪڍندا وڃن ۽ پيئندا وڃن پر ڪتي مسڪين کي کوھ مان ڪير نٿو ڪڍي، سوچ انھيءَ ۾ ورتل آھيون ته کوھ جو پاڻي پاڪ آهي يا پليت. وارا بندي جي موسم ھئي تلائن مان پاڻي به اڻ لڀ ٿي ويو، واٽر سپلاءِ وارن وري وتائي فقير واريون ورڇون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. سو تولو مولو آخرڪار پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ بعد ان ڳالهه تي راضي ٿيا ته جيڪڏهن واٽر سپلاءِ وارن جي خلاف ڪنهن کي دانهن ڏبي ته ھو پراڻا بل وصول ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا، انھي ۾ پنھنجي لاءِ ڀلائي ڪانھي، بھتر اھو آھي ته مائيٽاڻي اصلي کوھ مان ولڻ وڏيري جي سولر پليٽ بلدياتي اليڪشن جي ووٽن جو آسرو ڏئي کڻي ڪم ھلائيجي، اھڙي ريت تولو مولو وڃي کوھ تي پھتا، جانچ پڙتال بعد کوھ ۾ ھڪ ڪتي کي مئل ڏٺائون، سرمائي سائينءَ جي صلاح مشوري بعد مولوي محبت خان وٽ وڃي پھتا، حرام حلال جي خبر وٺڻ لاءِ مولانا جي مشوري سان سؤ دلا پاڻيءَ جا کوھ مان ڪڍڻ لاءِ چيو ويو، ھمراھ ٻَئي ڪم کي لڳي ويا، سڄو ڏينهن سولر جي استعمال بعد وڃي سؤ دلا پاڻيءَ جا ٻاھر ڪڍڻ بعد سوا پنج رپين جي مٺائي ورھائڻ بعد پاڻي ڀري گھر آندائون ۽ سائين سرمائي ۽ سڄي سنگت کي ان خوشيءَ ۾ دعوت ڏئي مچ ڪچهري ۽ گجر محفل ڪيائون، سڄي رات روح رھاڻ بعد صبح جو سائين سرمائي کوھ جو ديدار ڪرڻ ۽ غسل ڪرڻ جي فرمائش ڪئي، وڃي جو کوھ تي پهتا سرمائي سائينءَ ھيٺ نھاري ته ڪتو کوھ ۾ موجود ھو، حيرت مان پڇائين ته ھي اوھان ڇا ڪيو؟ چيائون سائين پاڻي اسان مولانا جي چوڻ تي ڪڍي ڇڏيو آهي، سرمائي سائين چيو پر ڪتو ته ڪون ڪڍيو اٿئو! ھُنن چيو ڪتو ڀلي پيو ھجي ڪتي جي اڄڪلهه وڏي مارڪيٽ آهي جتي ڪٿي ڪتي جو نالو پيو هلي، گاڏين ۾ ڪتو، پير به ڪتو کڻي، جيڪو ڪاوڙجي اھو ڪتو، ڪتو چوي، ۽ پينو فقيرن کي ڪتا مار مھم وانگر جھليو سوگھو پيا ڪن، پر وڏا ڪتا اڃان کوھ ۾ محفوظ آھن، فقط ڪجهه دلا پاڻي جا ٻاهر ڪڍيا اٿن.

عشق ٿيو فشق ٽڪان ولان ڏي

عشق ٿيو فشق ٽڪان ولان ڏي

جڏھن ڪنھن چاھت ۽ تمنا ۾ دل چري ٿيندي آهي، پوءِ جنون جي حد تائين پيڇو ڪبو آھي، زندگي جي ڪنهن شعبه حيات سان ڇو نه لاڳاپيل ھجي، جيئن گذريل سال 2020ع ۾ ٽماٽن جي فصل جي سٺي اپت ۽ سٺي ريٽ تي ڪمائي جي خيال سان ھن سال به ننڍن وڏن آبادگارن رات جي پيٽ ۾ سٺو ناڻو ڪمائڻ لاءِ ٽماٽن کي پوکڻ شروع ڪيو، ايستائين جو ڪاڪي لکاني ڪڪڙين جي فارم ۾ ٽماٽا لڳائي ڇڏيا، ھوڏانھن وري چاچي اوڀائي پنهنجي جھوپڙي نما گھر ۾ چوطرف پيئڻ واري پاڻي مان بچت ڪري ٽماٽا لڳرايا، اڪيلي ھڪڙي ٻڪريءَ کي ڪاٺ ۾ ھڻي ٻڌي ڇڏيائين، ماسي سڀاڳي کي دلاسو پئي ڏنائين ته موٽر سائيڪل وٺندس توکي گڏ چاڙهي گھمندس، مٿان وري سيٺ صالو رام سڄي پيڊي جي چئو طرف گملن ۾ ٽماٽا پوکيا، ڇو ته سيٺ بغير ٽماٽن جي ماني ڪو نه کائيندو آهي، ٿورڙو ھٿ جو پڪو ھو بچت جي ڪري ھي وڏو ڪارنامو پئي ڪيائين، پريان خدن کڻنگ پيسٽي سائيڊ واري شمشو شودائي جي پويان اڌار تي ٻج وٺڻ جي ڪوشش ڪيائين، جيئن ڪڪڙ جي ميل ۾ لکاني جي ڇوڪر کي شرط ھارائي سگھي، سائين سرمائي جتي ڪنھن دعوت ۾ وڃي ڪوشش ڪري ٽماٽن جي ٿيلھي ۾ وجھڻ لاءِ جھپا جھپي ۾ لڳيو وڃي، پر الله کي ڪرڻو ڪجهه ٻيو ھو، مٿان ڪلين شيو سرڪار کي ڪھڙي خبر، ملڪ جي ماڻھن جي خواھشن جي انھن ويچارن برسات ۾ سڀ فصل ٻڏڻ جي صورت ۾ ۽ قرض کڻي ٻج ۽ ڀاڻ ڪري بصر ۽ ٽماٽا پوکيا، انسان آھي ضرور خواهشون ڪري سگھي ٿو، ھن دؤر ۾ وچئين طبقي وارو آبادگار ۽ ھاري فقط خيالي پلاءُ وارا خواب ئي ڏسي سگھندا آھن، ڇو جو مھانگائي اھڙو ته جڪڙيو آھي جو فرمائشون سڀ آخرت ۾ پوريون ڪرڻ جون سوچيندا آهن، ھن دنيا ۾ ماني جي ۽ ڪڙھائي جي خوشبو وٺڻ لاءِ فقط ھوٽل جي ٻاھران ڏھ رپين جي ماسڪ ۾ منھن ويڙھي سونگھيندا وتندا آهن.
ھاڻ ته جتان ٿا مٽيون ٽرڙي ڪڪڙي جيئن ھر طرف ٽماٽن جي ٽان ٽان لڳي پئي آھي، ڪي وري آبادگار پٽون ۽ پاراتن تي لھي آيا آھن، ڪي وري سائين ٽماھي سرڪار کان اگهه وڌائڻ لاءِ دعائون ۽ ڌاڳا ڪرائين پيا، پر شڪر آھي جو ڪاڪي لکاني کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، وري فارم ۾ ڪڪڙ رکڻ شروع ڪري ڇڏيائين، چاچي اوڀائي جي ٻڪري ٽماٽا کائي متاري ٿي ويئي آهي، سيٺ صالو رام پيڊي آئيلن کي ٽماٽن جي تعريف ۽ وٽامن بابت ڊاڪٽر ھڻ کڻ جون ڳالهيون ٻڌائي چانهه جي جڳهه تي ٽماٽا کارائي پيو، پريان وري خدن وارن وٽ فوتگي ٿي ويئي جڏھن شمشو شودائي فاتح لاءِ پھتو، خدن چانهه جي جڳهه تي ٽماٽن جي پليٽ اچي اڳيان رکي، ھاڻي بس ڪڙھائي ۾ گيهه ۽ دھي جي بدران رڳو ٽماٽا نظر اچن پيا، سائين شوقين شلوار واري جون ڪنڊيون ڪاريون مينھون به فيڊ جي جڳهه تي ٽماٽا پيون کائين، بس سائين سرمائي فال ھڻي ٻڌايو آھي ته اگهه وڌنڌو، تڏھن وڃي ڪجهه ھمراھ ماٺ ۾ آيا، بس گھڻن کي چوندي ٻڌو ويو آھي ته عشق ٿي ويا فشق ٽڪا ولان ڏي.

واٽون ويهه ٿيون، نقل جي نخرن ۾

واٽون ويهه ٿيون، نقل جي نخرن ۾

اڄ جو انسان ذاتيات تي ايترو اونڌي منھن اچي ڪريو آھي جو سواءِ پنهنجي ذاتي مفادن کان ٻئي پاسي نظر ڊوڙائي ئي نٿو، جتي به مفادن جو ٽڪراءُ محسوس ڪري ٿو اتي سڀ حربا استعمال ڪري وٺي ٿو، باقي رڳو ڳالهيون ۽ ٻٽاڪ ٻين لاءِ مڙئي چال بازين سان اٽڪلن سان انسانن جي احساسن کي قتلِ عام اڳتي نڪرڻ جي ڪوششون ڪري ٿو، ايتري حد تائين جو ان جي وچ ۾ خوني رشتن کي مسمار ڪرڻو پوي ته به ھچڪاھٽ نٿو ڪري نڪريو پوي، انساني حقن جي ڀلي ڪيتري لتاڙ ڇو نه ٿئي ڪا به پشيماني نٿي ٿئي، ڇو جو ھو بس جلدي ۾ جائيدادون اڏڻ جي پويان آھي، جڏھن اھڙن انسانن سان ملبو آھي سچ سمجهو آدم بوءِ اچڻ لڳندي آھي، ڄڻ انھن جو سڄو دامن انسانن جي خونن سان رنگيل ھجي، وري ڳالھيون مذهبن ۽ ڪردارن جو اھڙيون ڄڻ وڏا اسڪالر ھجن، عبادتن گاھن مان ٻاھر نڪرڻ شرط نانگ زھريلا زھرن کي ڦھلائيندا وتندا، پوءِ ڀلي ڪاروبار جو روپ ھجي يا ڪھڙو به ميدان ھجي ڳالهه وري به پنهنجي مفادن جي وچ ۾ اٽڪيو پوي، اھڙن انسانن سان ملڻ جي وقت اوھان کي ماديت پرستي جي اھڙي ته خوشبوءِ ايندي جو اوھان کي به خوف پيدا ٿي ويندو، ڪٿي ڪٿي گفتگو ۾ وري اداسيءَ جو ڪھاڻيون ڪرڻ لڳندا ۽ چوندا يار سڄي زندگي ڀڄ ڀڄان ۾ گذاري ڇڏيسون، ٻين جي حق تلفي ڪري سڪون ماڻڻ لاءِ جڏھن دنيا گڏ ٿي، ھر سڪون وارا ظاھري اسباب جمع ٿيا پر سڪون موڪلائي ويو، نه اولاد، اولاد رھيو، نه ڪو ساٿي ساڻ بچيو، بس خالي مال ۽ بي آرامي سڄي زندگي جو سامان بڻجي وئي، ھاڻي ته راتيون جاڳي جاڳي ٿڪي پيا آھيون، ننڊ اچي ئي نٿي، گھڻيون ئي دوائون کائي بيمار ٿي پيا آھيون، جھنم جي باھ گھڻن جو زندگيون جھنم ڪرڻ بعد انھن کائڻ پيئڻ وارين اشيائن ۾ ملاوٽ، بازارن ۾ خريد وفروخت جي سامان جي ذخيرہ اندوزي ڪري وڏي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀانڊن کي ڀري رکڻ، ڪنھن جي مجبوري ۾ وياج تي چيڪ رکي رقمون ڏيڻ، چوڻ ته اسان جو ڪاروبار آھي، وري ھر سال سڄي فيملي سان پاڪ مقدس جائين جون حاضريون، بس گناھن کي ڌوئي ان رب جيڪو سڄي عالم جو رب ۽ تخليقڪار آهي، ان سان به ڪاروباري ٻوليءَ وانگر ڏي وٺ وارو سودو ڪرڻ، جھڙو ان ھستي کي ڪا خبر ناھي، ھي خلق ان جي ناھي، ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جا حڪم ڇا آھن، بس ٺڳيون انسانن سان ته آھن پر انسانن جي خالق سان به، واھ واھ اي انسان ڪٿي اچي توکي لالچ لوڙھيو آھي، جنھن دنيا کي ته ھميشه رھڻ واري جڳهه سمجھيو، مال ميڙيا اُھا توکي ائين ڪڍي ٻاھر ڪندي جو اک ڇنڀڻ جيتري مھلت ڪون ملندئي، ڇاجي لاءِ ايڏيون وڏيو واٽون ٺاھيون اٿئي؟ نخرا نقل وار ڇڏ، انسان ٿي، انسان ٿي.

لکئي جا ليک، تڙيا ويچارا تڙجيو وڃن پيا

لکئي جا ليک، تڙيا ويچارا تڙجيو وڃن پيا

ويندل وريو وڃن، رڪيل ھليا وڃن، جن کي دنيا ڄٽ ڄاڻندي آھي دانائن کان وڌيڪَ ڄاڻون نڪريو پون، ڪي وري پڙھيا لکيا اھڙا جاھل نڪريو پون جو سڄا راڄ اڙجيو وڃن، ڪٿي ڪٿي ڪچھرين ۾ صفا آڱوٺي ڇاپ، اھڙا گفتا ڪڍن جو عقل ئي دنگ رھجيو وڃي، ايڏيون وڏيون يادگيريون ايڏا وڏا سگھڙ ڇا ته ڳالهه ڪجي؟ يادائشت ايڏي وڏي وسيع جو وڏن وڏن شاعرن جا ياد حافظه، اھڙا ماڻھو عجيب ٻڌاسون، ٿاڻي دار به انھن سان قانوني مشورا ڪندا ھئا، وري اھڙا ڏاھا جن جا فيصلا سؤ فيصد ڪامياب ويندا ھئا، راڄن ۽ ڀاڳن کي ڳراٽڙيون پائيندا ھئا، ڪنھن کي احساس ڪو نه ٿيندو ھو ته پنھنجا آهن يا پَراوا، اھڙا ڪئين وڏا وڏا نالا سياسي ميدان ۾ اھڙا ڪامياب ۽ ڪامران ٿيا، اڄ به انھن جو ڦل انھن جا پويان کائين پيا، پر انھن جون ساروڻيون اڃان زنده آھن، ٻئي طرف پڙھيل لکيل جاھل جيڪي ڪمپيوٽر جي پيداوار لائيٽ ھلي وڃي صاحب کان سڄي ڊيٽا گم، سوٽي کي گهوٻاٽو، ھڻ ھڪڙي نڪري ٻي، ملڻ وارن جا نالا ھڪڙا پڪاريا ٻيا پيا وڃن.
ٿرپارڪر اولڊ جي ھڪڙي وڏي سياست دان جو فون آپريٽر ھڪ نابين ھوندو ھو، سڀني جا نمبر ياد ھوندا ھئس ۽ آواز به سڃاڻيندو هو، ھاڻي صاحب پڇي پيو ڇوڪري کان بابا اوھان جو ٺيڪ آھي؟ ڇوڪر ويچارڙو ماڻھن جي ھجوم ۾ ڇا چوي؟ بابا کي فوت ٿيندي ڪيترائي سال ٿي ويا آھن، صاحب جنازي ۾ به ھو ۽ فاتح به ڪري ويو آھي، ھاڻي ان کي ڪم ڪار جي ڪھڙيءَ خبر ڇا چئجي؟ بس شرم وچان جهڪي سلام ڪجي ۽ پوئين پيرن تي زور ڏجي.
ھاڻي اسان جا حافظه انھن ڪاغذن جيئن آھن، جيئن ڪنھن وڏي گلوڪاره کان وڏي ڪنھن فنڪشن ۾ اڳيان رکيل ڪاغذ رکيل پکي جي هوا تي اڏري ويو، ھاڻي گلوڪاره پئي تان ھڻي، شعر ياد ڪو نه ھئس بس لڳي ويئي ڪلاسيڪل ۾، جڏھن وڃي ان ڪاغذ کي کنڀي پڪڙي کڻي اڳيان رکجي، ائين ويچارڙا جڳاڙو يارڙا اسٽيجن ۽ تقريرن جي ميدان تي رٽن واريون چٽڻيون وسريو وڃن پوءِ صوفي ڪلام ڳائڻ شروع ٿيو وڃن، ٻڌڻ وارا به حيران ۽ چوڻ وارو به پريشان، بس ائين نئين پيداوار ائين وريو گم ٿيو وڃي جيئن تڙ غسل ڪندي پير ترڪي نڪري پئي، ھمراھ پڪي شاخ تان پاڻ کڻايو پيو اچي، پڇن ڇا ٿيو ادا؟ جواب مليس ترڻ سکڻ ويو هئس، اڙي ھن سيءَ جي موسم ۾ اھڙو شوق! بس اٽي کي گهوٻاٽو تڙجڻو مقدر ۾ ھو باقي ڏوھ ڪاڪي سومار تي، ان جي چوڻ تي ائين سڀ ڪجهه ٿيو آھي.
جيئن جوڀن واري جوانيءَ جو رنگ روپ ڪو فيشل مان ملي، ڪيتريون کڻي ڪيميڪل ڪريمون ھڻجن پر اھي چھري وارا موھيڙا ڪيئن موٽي اچن، اھي ڪارڙا وار ڪاريھر انھن جي جڳهه ونگ جي سيٽنگ ڪيئن ٿئي، جي ڏئي ھوا دٻ ته ونگ سڄي پٽ تي، صاحب ڀڄي ڀڄي واش روم مان نڪتو بس لکئي جو لکڻو ائين ھو، تير ڪمان مان نڪرڻو ھو، پوءِ نالو جيڪو وڻي سو ڏيو.

ماڻھو ھو ڀلو، پر کريو خوامخواه جو

ماڻھو ھو ڀلو، پر کريو خوامخواه جو

ڦٽي تي ڍل ڪونھي، بنجر زمين تي معيار ناھي، کاري کوھ تي ڪھڙو وهنوار، لوڻاٺي کاڻ مان سواءِ لوڻ جو ٻيو ڇا ملندو؟ ڪنجوس ۽ بخيل کان ڪھڙي سخاوت جي اميد، جيڪو سڄو ڏينهن چار سؤ سٺ تي ڪانٽو رکي ان کي صبر جي تلقين ڇا ڪندي؟ جيڪو سڄو ڏينهن رفر دفر ۾ هجي ان کي ٺھراؤ جي ڪھڙي ڳڻتي، جنھن کي رلي ڪلھي تي مانيون راڄ تي ان کي ڪھڙو فڪر قحط ۽ سڪار جو، جيڪو اٺ وانگر ٻٽيهه اوطاقن جون ماپون ڪري انھي سياسي ڪامريڊ کي ڪهڙا فڪر فاقا، جنھن جون ويهه پارٽيون ۽ رستن جي ڪا به روڪ ٽوڪ نه انھي شوقين سنگت تي ڪھڙي پابندي بندش، جيڪو رڳو چري ڄاڻي ۽ اوگرايون ڏئي ڄاڻي ان کان ھاضمي خرابي جو ڪڏھن متان پڇو، جيڪو پيدا ئي پيٽ لاءِ ٿيو ھجي انھي کي پرھيز جو ڇا لاءِ چئجي، پر جيڪو ماڻھو سلڇڻو لڳي ۽ ڳالھيون وڏيون دانائي واريون ڪري، ھاءِ وي تي ھلندي اوجھڙ تي لھي پوي ان جو ھٿ جھلڻ ضرور گھرجي، خوامخواه پڪي کي ڇڏي ڪچي ۾ ڪاھي پئي، ھجي به ٻوڏ جو وقت مڙس به مٿير ڪجھه نه ڪجھه سمجھائڻ جي ضرور ڪجي، ڦٽڦٽي تي ڦوڪون ڀلي کڻي ھڻي، پر ڪارن شيشن واري جديد گاڏي ۾ نڪ تائين ماسڪ مٿي رابن جو چشمو، وري نڪ ۾ پاڻي ھٿ ۾ مهانگو آئي فون، پوءِ به جيڪڏھن کرڻ جون خبرون ڪري اھڙي سمجھون کي پيٽ ڀريل يا بکايل سڏجي ڪھڙا لقب ڏجن؟ مرليون وري مرليون مرڪون ۽ تان سين واريون ٻولين ۾ ڪڏھن اھڙا سر جھڙا ملھاريون ساوڻ واريون پئي ڳائجن، ڪڏھن وري بي سمجهه بي وقتائتن لفظن جي مار، ڄڻ اٻوجھن جي اڳيان ڪنھن ڪلاسيڪل ڪلاڪار جا مال ڪوس سرگم، پر ھن جديد دور ۾ فيس بڪين گھڻن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ڪافي لڪل لڪ لڪوٽين تان پردا کڻائي ڇڏيا اٿن، خبرون ڀلي خيرن جون ۽ ھمدردين جون ھجن پر انھن گفتگو ۾ به ڪوڙ جون جھلڪيون جھمريون ھڻن ٿيون، پاڻ پنھنجي لفظن ۾ لڪڻ بدران لڙھيو وڃن، پوءِ انھن کي ڇا چئجي؟ بس ايترو ڪافي آهي ماڻھو ھو ڀلو پر کريو خوامخواه جو.

رولو لڏو، وڪاڻو وڃي ونگاري ٿي

رولو لڏو، وڪاڻو وڃي ونگاري ٿي

آڳاٽي زماني ۾ وقت جا ڏاھا وڏيون ڏاھپ واريون ڳالھيون ڪري ڇڏيندا هئا، سمجھڻ لاءِ گھڻو ڪجهه چئي ويندا هئا. چون ٿا ته، ڪاڪو آچار وڏو ڏاھو ماڻھو ھو، جڏھن ڪچھري ۾ ويھندو ھو ڏسندي ڏسندي گھڻن جا ڇڪا ڇڏائجي ويندا هئا، چھرن منجھان سڃاڻي وٺندو هو، چون ٿا ته ان وقت ھڪڙو نئون جنوني درويش فقير پيدا ٿيو، جنھن ڪاڪي آچار جي پاڙي ۾ ٻه ٽي پنھنجا ھم خيال ٺاھيا، ڪنھن ڪچھري ۾ ڪاڪي آچار جي ور چڙھي ويا، ڪاڪي کي رڙ ڪري چيائين ته توھان سان منھنجي اڳي ئي ملاقات ٿيل آهي خادم واري خيرات جي ماني تي، ھمراھن شرم مان ڪنڌ جھڪائي چيو ٿي ٿو سگھي، مگر ڪاڪي وري ڇڪي چَين، ٻي سنگت ڪٿي آھي؟ جنھن وڏيون پئي مرليون وڄايون، جنوني فقير جي ٽولي جي ھڪ ھمراھ وڏي فلسفي واري ڳالھ ڪئي ۽ چيائين ته ڪاڪا وڻ وڏو ھو ٽار به نڪرڻ شروع ٿي ويا ھئا، هو هوڏانھن ويا اسين وري ھيڏانھن آياسين، ڪاڪو آچار وڏو ڏاھو ماڻھو ھو چيائين پوءِ سمجھو اوھان وڻ کان الڳ ٿي ويا آھيو، سمجھون ٿا، ٽاريون ۽ ٽار وڻ کان ڌار ائين ڪون ٿيندا آهن، يا ته ڪو وڍي ڌار ڪري يا ھوا طوفان ڌار ڪري، اوھان ڏيو خبر ڪيئن الڳ ٿيا؟ وري ٻئي ساٿي چيو اسان پنهنجي مرضيءَ سان ڌار ٿيا آھيون، وڌيڪ پڪڙڻ لاءِ ڪاڪي رڙ ڪري چيائين وڌڻ وارو ڪم ته ٻج جو ھوندو آھي، يا قلم لڳائيندو آھي ڪو ڪاريگر، اوھان ڏيو خبر ڀلا؟ پاڻ خود جنوني چيو ته نه اسان پاڻ قلم ۽ ٻج جو ڪم ڪندا آھيون، ڪاڪي آچار چَين شاباش ھجي پاڻ پيا چئو، آھيو ٽاريون، وري ڳالهه ٻج ۽ قلم جي پيا ڪريو، يا ته نڪتل ٽاريون آھيو، جيڪي سڪي ٻارڻ ٿينديون وڃي ڪنھن مچ جو، يا سڙي جانور کائي ويندن، چريا ٿيا آھيو ڪجهه سمجھڻ جي ڳالهه ڪريو، وڃي قلم ڪنھن مالھي کان لڳرايو جيڪو مالڪي ڪري پاڻي پياري وڏو ڪري، جيڪڏھن نه ته ٽئين گڏجي نڪري پئو، ٻه ٿين چيلا ھڪ ٿئي اڳواڻ، ڌنڌو سٺو لڳي ويندو، باقي ٽار ۽ ٽارين واريو ڳالھيون ڇڏيو، اھا جڏھن ڪاڪي آچار واري ڪھاڻي تولو کي مولو ٻڌائي ته اھي ٻئي کلڻ لڳا ۽ سمجھي ويا، چوڻ لڳا يار ونگار وارن جو حشر ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو آھي، ھميشه رولو لڏي وانگر رلندا رهندا آھن، ڀلي کڻي ڪنھن به فيلڊ سان وابسته ھجن، ڪڏھن جلسن ۽ جلوسن ۾، ڪڏھن خيرات جي ماني کائڻ ۾، ڪڏھن نعرا ۽ نغما جُهونگاريندي، ڪڏھن ڪنھن جي چاپلوسي ۽ واکاڻون ڪندي، بس نتيجن موٽ صفر ڇو سڃاڻيندا، سڀئي آھن ڪي ڪاڪي آچار وانگر منھن تي چئي ڏين، ڪي وري ڀر ۾ رکيو ڇڏين، پر جنھن لاءِ ونگار وهبي آھي، اُھي به قدر ڪو نه ڪن، ڇاڪاڻ جو ريٽ ۽ اگهه اڳي ئي مقرر ڪيل ھوندا آھن، جڏھن ڀاڙي ۽ مسواڙ تي نڪربو پوءِ ڪھڙا روئڻ روئبا، ڪڏھن برياني ڪڏھن ڌڪا ۽ ٿاٻا ضروري آهن، مختلف آفرون ۽ ڪم ملندا آھن، پوءِ بحث وري ڇا جا؟ بس رولو لڏا ۽ ونگاري ائين ئي وقت پورو ڪندا آھن.

ھڄڪيون جھڙپون ۽ جھمريون

ھڄڪيون جھڙپون ۽ جھمريون

انسان جي بناوت به عجيب آهي ۽ فطرت ۾ وڏو فساد ۽ ڦشري ڀريل آھي، جڏھن به ڪياڙي ۾ خارش ٿيندي آهي ته ڀر وارن کي ڪاوڙ ۾ چُهنڊڙيون ھڻڻ شروع ٿي ويندو آھي، ڪڏھن ڪامياب ٿي پوندو آھي ڪڏھن وري ڪياڙي کي گنج ڪرائي ويندو آهي، پر عادتي علت ۽ عادت کان ڪيئن رھي، جنھن جي ذھن ۾ چگل خوري جي خمار ٺمريون ٺرڪائي اھو جيستائين ٺرڪندو نه ايستائين ٺھندو ڪيئن؟ ويٺي ويٺي نڪتل ڪڪڙ وانگر پيو جهڄڪيون ھڻندو، جيئن ڪو موالي ڀرپور نشن ۾ ڪڏھن ڪنڌ آسمان ۾ ڪڏھن زمين تي پيو ھڻندو، ائين پيو گجندو جو واقعي محسوس پيو ٿيندو اجھو ٿو وسي، پر پاسي کان آھستي آھستي گذري ويندو، جڏھن ھوش ايندو دارون درمل لاءِ پيو جھڙپون ھڻندو، گھر وارا ته ويچارا ڦاٿا ئي ڦاٿا پر راڄ سڄو اڙيو، سامان ميسر ٿيو ناھي پوءِ پيو جھمريون پائيندو، ڪنھن تي ٿو پائي اھا خبر ڌڻي کي به ڪون پوندي، جيئن اڄڪلهه جي عوام ھر ھڪ سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺي آهي سرت ڪا به ڪانھي، فساد ۾ به گڏ، جهڄڪين ۾ به تاڙيون ئي تاڙيون، سٽڪن ۽ ڪٽڪن ۾ به گڏوگڏ، وري جھمرين ۾ به گڏ، ھاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو عوام ڪيڏي ترقيءَ ڪئي آھي، ڪي ڪرسين جي مٿان، ڪن جي نظر ڪرسين ۾ اٽڪيل، ڪي وري واٺا ڪرسين جي ھيٺ پيھو پيھ لڳي پئي آھي، رستا راھون ڳوٺ گليون ۽ وري سوشل ميڊيا جهڄڪين جھڙپن ۽ جھمرين جا ميدان جنگ بڻجي ويا آھن، تبصرا، چھچٽا، چونڊڪيون، ڪچڪوليون وري شرارتون ڀوڳاؤ، وري چاپلوسي جون مالشون، زور ڄڻ ملهه لاءِ سنڌرا پيا ٻڌجن، ڪٿي ڪاڪا پويان، ڪٿي ڪاڪا اڳيان، عوام پويان، رڳڙن مٿي رڳڙا، ونجهه وٽيون کٽن ته ڪو ڪارائتو ڪم ٿئي، رستا روڊ چيلهه جھليو ڇڏين، ملاوت ايتري جو وٺ دال سائي ته ملي ماجھلي جو ٻج، اٽي ۾ ڇاڻ ئي ڇاڻ، کير جي رڳو اڇاڻ رھي آھي باقي ڪا خبر نڪو ڪار، بس عرض نماڻا نيازمندي وارا ڇڏيو جهڄڪيون جھڙپون ۽ جھمريون، موٽي اچو رڌم ۾.

ساڍا چار وارن جو سٺ تي ڪانٽو

ساڍا چار وارن جو سٺ تي ڪانٽو


ڪاڪو اوڀايو خالو واري ھوٽل تي پراڻي وقت جو ساروڻيون ساريندين وڏا ساھ ڀريندي ۽ چانهه جا چشڪا وٺندي چوندو ويو ابي کي چوان جڏھن نارا ڪئنال ۽ سکر بئراج ڪو نه ٺھيا ھئا ابو مرحيات وسايو خان چوندو ھو ته زمينون گھڻي قدر غير آباد ھونديون ھنيون، واھوندين جي ھوائن ۾ واچوڙا چڙھندا ھئا جيڪي مٽي ۾ زمين تي گول ٺاھيندا پکڙبا ويندا هئا، اڃان آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اھڙا واچوڙا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سو ابي کي چوان ناني مرحيات چوندي ھئي ته اھي واچوڙا جنات جي شادي آھي، انھي کي چپل اڇلي ھڻبي ته خارڪون ملنديون، بهرحال اسان به ھئاسين ڇوڪرا ائين ڪندا ھئاسين، خارڪون ته ڪو نه مليون، پر ٻه ٽي دفعا چپلون اڇلي ھنيوسين، ھڪ دفعي چپلون وڃي اسان جي ڳوٺ جي وڏيري جيڪو ان واچوڙي ۾ ڦاسي پيو هو ان کي لڳيون پوءِ ته واقعي خارڪون سونٽن واريون مليون جيڪي اڃان به ياد آھن، سو ابي کي چوان اوھين جوان آھيو تولو مولو واري خوامخواه ھيراڦيرين جي عادت پاڻ ۾ نه وجهجو.
چون ٿا ھڪڙا چار گھاٽا يار ھئا، چئني جون پنھنجيون پنھنجيون عادتون ھنيون، شل نه ڪو ڪٿي وجهه ملي ھميشه پيا لنڊيون لتاڙيندا ھئا، ڦوڪن وارا نانگ پيا جھليندا ھئا، ھر ڪنھن پنھنجي سڃاڻپ الڳ ٺاھي ھئي، ھڪڙو ته ھفتي ۾ گنجو ٿيندو رھندو ھو سو به سواءِ پاڪيءَ جي، پوءِ خبر ناھي ٿيندو ڪيئن ھو؟ چوندا ھئا وار پنھنجا پنھنجي ھٿن سان پٽڻ جي عادت ھوندي ھئيس يا گھر وارن جي مٿس عنايت ٿيندي ھئي، بهرحال اھو سندن خاص اسٽائيل ھوندو ھو، ٻيو جيڪو دوست ھوندو اھو ھميشه خوامخواه وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو ويٺي ويٺي جھجهڪي چڙھندي ھئي اصل ۾ اندر ۾ روئيندو ھو پر ٻاھر نقلي ٽھڪ ڏيندو ھو پوءِ خبر وڃي اڳتي پئي ته سندس ٻي شادي پسند جي ٿي آھي، ٽيون جيڪو دوست ھو اھو پنھنجيون مُڇيون وات ۾ وجھي ڦيرائيندو هو شايد ڪا ڳالھه سوچيندو ھجي ۽ خوامخواه ڏيڻي وٺڻي اچي سنگت سان گڏ ويھندو ھو، چوٿون ھمراھ سرنهه جو کارو تيل مٿي کان وٺي سڄي بدن ۽ منھن تي ھڻندو ھو ان جو به وڏو ڪارڻ ھوندو ھو، باقي ساڍن وارو انگ ٻه ڪاليج جا ڇوڪرا ھوندا ھئا جيڪي ھنن جي حاضري ۽ واندڪائي ۾ ھوٽل جي ٻاهر واري ڪندا ھئا ۽ شام جو خرچي ملي ويندي هئي، سو ابي کي چوان اُھا ان وقت جي ڳالھه آھي ساڍن چار جي نالي سان وڏا مشھور ٿيا، جڏھن اڃان پھرين اپريل فول وارا ڪوڙ ڪو نه ھليا ھئا ان وقت ابي کي چوان اسان وٽ وڏو ڪوڙ اُھو ھوندو ھو ته وڏيري جي گھوڙي ڏينهن جو ويائي، بس سمجهه ھٿ ٻڌي ڪوڙ ھڻڻ ھوندو ھو اڳيون ماڻھو سمجھي ويندو ھو، اھي ساڍا چار ھميشه ڪو نه ڪو نئون اشو روز ٺاھيندا ھئا، الله جو ڪرڻو ائين ھو ڪنھن مست جنوني جي ور چڙھي ويا پھرين ته ھُن گھرائي دعوت کارائڻ ۽ سٺي تواضع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ھنن کي ھميشه مفت جون مانيون کائڻ جي عادت ھوندي ھئي، بس ماني وغيره سامھون رکي جيئن ھنن کي مٿئين ھوا مان سرور واري کاڌي جي خوشبو پئي اچي بس ھمراھ سڄي ڏينهن جا بکايل ھئا گھرن ۾ عزت جي بس ڪھڙي ڳالھه ڪجي ھڪ ٻئي کي ٺوٺيون پيا ھڻن، ھڪڙو چوي فلاڻي ڀاڄي آھي ته ٻيو چوي ته پلاءُ ڀت آھي، بهرحال بس وات مان گگون ۽ بادي ھوا پيا خارج ڪن، ايتري ۾ جنوني مست کي ٿي جهجھڪي چڙھي ھڪ وڏي ڪاپي شاعريءَ جي ڪڍي کڻي آيو ۽ چيائين ته ٻڌو بس پوءِ ته ھڪ مٿان ٻيو شعر شروع ٿيندو ويو، جڏھن پاڻ ٿڪجي ته پنھنجي ٻالڪي کي پڙھڻ لاءِ پيو سڏي، پر کٽڻ جي ڳالھ نه پيو ڪري رات جا ٻارنهن وڃي ٿيا، ننڍڙا ٻاھر وارا ساڍا ٻئي سمھي رھيا، باقي وڏا چار ڪو مٿي جو وار پيو پٽي، ڪو مُڇيون پيو وات ۾ وجھي، ڪو خالي ٽھڪ ڏيڻ بدران رڳو ڏند پيو ٽيڙي مطلب ته ڪنھن ڏاھي ھنن کي صلاح ڏني ته ھاڻي ڏيئي ۾ تيل گھٽ آھي ماٺ ڪري خوشبو تي نه مرو رفعو چڪر ٿي واچوڙي وانگر سٺ تي ڪانٽو رکو، ھميشه سواءِ ڄاڻ جي ڪنھن جي دعوت ۾ ٽوپي نراڙ تي رکي نه ويندا ڪريو.

ڀڀڪيون ۽ ڦڙڪيون ھوا ۾ اڏريون

ڀڀڪيون ۽ ڦڙڪيون ھوا ۾ اڏريون


جڏھن انسان لفظن جي ورڇ ۾ ورھائجي ويندو آهي، لفظن جي چونڊ ۾ ڦاسي پوڻ بعد ناداني سر مستيءَ ۾ ڪنھن سودائي جوش ۾، خوشيءَ جي کيل ۾، جيت جي ريت ۾، نوبت جي نعري تي نچڻ وارن جي جھرمٽ ۾، معاشرتي قائدن ۽ قانونن کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾، محبتن جي مدِ مقابل نفرتن جي پاليسي ۾، گفتن ۾ گلن جي خوشبوءِ وکيرڻ جي جڳهه گند ۽ گندلاڻ جي ڌپ ڇٽڪارڻ سان فقط امن ۽ سلامتيءَ جي گھر ۾ جھيڙي جهڳڙي جون جھمريون پائيندي ته گھڻن جي ڪکاؤن آکيرن کي ڄيرا باھ جا ڏيڻ عقل مندي ڪون چئبي، چپن مان نڪتل لفظن ۾ وڏي مٺاس ۽ چاشني رکيل ھوندي آھي، پراون کي قيد بند ڪري ڇڏيندو ھڪ آٿت ڏئي غمن کي خوشين ۾ آڻي تبديل ڪريو ڇڏي، اتي مرڪون مرجھائڻ بدران نڪريو نڪور چڪور وانگر چمڪن ٿيون، باقي نفرتن جا جملا جھيڙن جھٽن ويڙهاند کانسواءِ ڇا ڏيندا، معاشرو اڳي ئي سڙيو پيو آھي سورن ۾، مھانگائي ۽ اڻ ھوند زماني سازي جي قحطن ڪارا ڪڪر ڇانئي ڇڏيا آهن، اڃان ڪھڙي ڪثر رھيل آھي؟ پوءِ ڀڳڙن واريون ڀڀڪيون ڇو ۽ ڇا جي لاءِ؟ اسان جا احساس سھي وانگر، اسان محبتن جا متلاشي سٻاجهڙا پراون کي پنهنجو سمجھڻ عادت اسان جي، ڦوڪڻا ھميشه ھوائن ۾ اڏرندا ڏسبا آھن، ٽائرن ۾ به ھوا ھوندي تڏهن ئي گاڏين کي گهلي منزلن تائين رسائيندي، جڏھن ھوا نه رھندي پوءِ ڦوڪڻن ۽ ٽائرن تي ڪھڙو ڀروسو ڪبو، اڏري اڏري نيٺ لھڻو ته ھيٺ پوندو، داڻون چڳڻون زمين تي پوندو، پوءِ ڇا لاءِ زمين تي رھي اڏرڻ واريون ڳالهيون ڪجن؟ انسان ويچارڙي کي وري به زمين جي اندر ئي لھڻو آھي، ٽيڙين آنڱرين وارن گيهه پئي ڪڍيا ڪنھن وقت پر آسمانن وري انھن کي زمينن ڏانھن موڪليو.

ڄُنڊن ۾ ھٿ، هڏو ويو نڪري، لوڏ لڙھيو چسڪو

ڄُنڊن ۾ ھٿ، هڏو ويو نڪري، لوڏ لڙھيو چسڪو

چون ٿا رسا ڪشي ھڪ اھڙي ناسور چوس آھي، جنھن کي به لڳي ٿي ڪڏھن نه ٿي ڇڏي، ان جو سڄو وقت ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڪنھن ٻئي طرف ڌيان ئي نه ٿي ڏيڻ ڏئي. جيئن ٻھراڙين ۾ واندا ماڻھو ڪم ڪار کان ھوٽلن ۽ اوطاقن تي پتا راند پيس ڪٽ پيا ڪندا، يا نئون کڻي سارين واري راند زمين تي يا ڪاغذن جي گتي تي نشان ھڻيو لڳا پيا ھوندا آھن، خاص ڪري ٿر ۾، ھاڻي وري موبائل تي گيم وغيره جنھن ۾ ننڍا وڏا لڳا پيا آهن، ڪم ڪار سڀ ختم ٿي ويا، سڀئي ھڪ ڌن ۾ مگن ھوندا، اُها ھڪ اھڙي عادت آهي جو چانهه جو ڪوپ جيڪڏهن ٿڌو ٿي وڃي ته ڀلي ٿي وڃي، ماني تي مکين جي ويڙهه ڪيڏي وڏي وسيع ڇو نه ٿي وڃي پر ھمراھ لڳا پيا ھوندا، وڏيون ھونگرون ۽ نعرا جيئن ڪڪڙن جي ميل ۾ بي زبان پکيءَ جا ويڙهه ۾ اکيون ۽ عضوا ڪڍرايو ڇڏين، پر شوقينن جون ڪلٽي بازيون ۽ ھڪلون ھڻ پنهنجي پيءُ کي، ائين ڪرڪيٽ جا شوقين، وري ڪامريڊن جا اليڪشن ۾ نعرا ۽ ھاڻي وري فيس بڪ تي نتيجا ۽ تبصرا سئو فيصد سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ ھڪ ويچارو سنجيده طبقو ڪنن کي طاقيون چاڙھيو ڇڏي، ميل جي ڪڪڙن وانگر ڪِنِ جو چهنبون ۽ مٿا رتو رت، ڪِنِ جا کنڀ ۽ پاسراٽيون ۽ کڻي اچڻ وارا پنجرا ڀُڪا ڀُڪا ٿيو پون، ميدان رتو رت، وري وچ ۾ ڦوهارن وارو پاڻي، سانڍ وارا کاڌل بادام ۽ پشتا سڀ ٻاھر نڪريو وڃن، بازي کٽڻ وارن جا ٻئي ھٿ گيهه ۾، سپورٽ ڪرڻ وارن لاءِ اوطاق تي ٻوڙ ڳاڙھا ۽ مانيون اڳ ۾ کارو پاڻي يا مٿان ڪاري چانهه، ھارايل بازي وارن کي ٽاڪا ۽ ھيڊ گرم تيل جا ٽاڪوڙا، ننڊ لاءِ وري مفت مشورا، الزام ويچاري ڪڪڙ تي، ھن جي ڀڙڪي گھٽ ھئي، ڪڪڙ ويڙھو ضرور ھو پر جوانيءَ جي ويڙھون وڙھي وڙھي ٿڪجي پيو آهي، رياضت جي ڪمي ھئي، شيخن تي ميخ گھٽ ھئي، ٽنگون ڏڪيون پئي کڻڻ ۾ دير پئي ڪيائين، مطلب تي ھارڻ واري ڪڪڙ تي طرح طرح جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويندا، ڪڪڙ ويچارو سورن ۾ اڳي ئي ساڻون، ڌڪن جا درد سيءَ ۾ وڌيڪ ڏُکن، ڏوھ به سڄو ڪڪڙ تي، ميارون به ويچاري ڪڪڙ تي، شاباس ھجي ڪڪڙ کي ويچارو وڙھيو شوق سان آخر تائين جيستائين وڃي دساڻو، نه ته چاھي ها ته وچ مان ڪو گس ٺاھي ڀڄي به سگھيو پئي، ھاڻي علاج ڪرڻ بدران خوامخواهه مھڻا ڏيڻ انھن کي سونھن نٿا جن کڻي وڃي ويڙھايو، باقي ملاکڙن ۾ ھار جيت ٿيڻ لازم ملزم آھي، جيستائين ھڏ مضبوط ھئا پاڻيءَ وارن پئي ڦوھارا ڏئي چوسيس، ھاڻي ھڏن جو زور ٽٽو ته بس ڄنڊا پٽ شروع ٿي وئي، ھاڻي ويڙھ واري ڪڪڙن لاءِ ٿري ڊي ڪيلشم کارائڻ ضروري آھي جيئن ھڏا مضبوط ٿين ويڙھ ۾ توڙ ڪجي.

رُسڻا روئيندي رھيا، کِلَڻن کَٽيون بازيون

رُسڻا روئيندي رھيا، کِلَڻن کَٽيون بازيون

جتي دنيا جي جديد ترين اسبابن ۽ ٽيڪنالاجي اوزارن آسائشون ۽ راحتون ڏيکارڻ جا خواب انسان کي ڏيکاريا آھن، اتي وري انھن جي حاصلات لاءِ انسانن کي ڀڙڪائي ذليل ۽ خواريءَ مان گذاري ذھني مريضن جي فھرست ۾ به بيھاري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته شارٽ ڪٽ ۽ وقت تي پھچڻ کان پھريائين پھچڻ وارا خواھش مند ايڏي تڪڙ جي ڪوشش ڪن ٿا جو چالاڪيون استعمال ڪندي ڪندي پاڻ ان جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جھٽ پٽ، ڇڪ ڇڪان، ھڻ ھڻان، وٺ پڪڙ جي ور چڙھندي چڙھائي تان چڙھڻ جي ڪوشش ۾ ترڪيو پون، وري پير ڪڍڻ ۾ پنهنجن جا ڪارناما وساري نٿا سگهن، ويچارا ڏاڍا خير خواھ ھوندا آھن، اُھي ڪڏھن به برداشت نه ڪندا آھن ته ڪو پنهنجو ڪنھن ڊوڙ ۾ سرخرو ٿي اڳتي نڪري پوي، ھر ممڪن ڪوشش ڪندا ته پويان ان جو ڪپڙو جھلي بيهجي، ٿورڙو وجهه ملي خميس مان جھلي لاھڻ جي ڪوشش ڪجي.
تولو مولو جو پڳ مٽ يار شاھو، سرڪاري ونجهه وٽيون ڪندي شيطان کي پنھنجو پرين استاد ٺاھي ڪافي ماڻھن منجهه شامل ٿي انھن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي، ھاڻي وري موٽڻ متاري کي شاگرد بڻايو اٿس، موٽڻ متارو اصل ۾ ھن سان لاڳاپيل رھندو اچي، گھڻين ھيراڦيرين ۾ ملهه ماريندو رھيو آھي، ھنن پنھنجو ھڪ گروپ به جوڙيو آھي جنھن کي آپريٽ شاھو سرڪاري ڪندو آھي، ھو وجهه ھميشه وڃائي ڪو نه ڀلي پنھنجو پيءُ ڇو نه مفادن ۾ ٽڪر پيدا ڪري، ھو انھن سڀني کي پويان ڇڏيندي چڱ مڙسي کان وٺي ھر طرح پاڻ کي اڳتي آڻڻ جي ڪندو آھي، هر ڏاھين ٻلي شڪار ڪندي ڪنڊن واري گرهه کائڻ جي جلدي ۾ پنهنجي ٻنھي پنجن سان ڳچي دٻائيندي آھي جيئن ڦاٿل ڪنڊا ڳڙڪائي ڇڏي پر ٻاهر نه ڪڍي، سو شاھو سرڪاري ھضم ڪرڻ ئي سکيو آهي، اھو فن ھر ھر استعمال ڪندو رھندو آھي، تازو ھڪ نئو پتو کيڏيو اٿس، وڏي جفا ڪشي بعد جانو جرمن کي شطرنج ۾ ڦاسائي سڄو مال ڪٻاڙو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي، اھا ڳالهه درست آھي جانو جرمن ڪوڙو ته ڀلي کڻي ھجي پر محنت سان مال ڪمايو ضرور اٿس، ھاڻي شاھو سرڪاري جي پٽي تي چڙھي ويو آهي، موٽڻ متارو به صلاح مشوري ۾ شامل آھيس، ڏسجي ڇا ٿو ٿئي! باقي تولو مولو ته ھنن کي سچ منھن تي ٻڌائي ڇڏيو، شاھو سرڪاري تون رڳو جانو جرمن جي اڳيان موٽڻ متاري کي روئاڙي مظلوم بڻائي بازي کٽڻ چاھين ٿو، پر خدن ڪٻاڙي وجهه ۾ اٿئي اوھان جو ٽولو سڄو شرارت تي مشتمل آھي، ھاڻي وقت اوھان جي روئڻ جو آھي، جنھن تي اوھان کلندا ھئا ھاڻي اھي بازيون کلندي کٽيندا.

لالچي لومڙي، بگهڙن جي ڳوٺ ۾.

لالچي لومڙي، بگهڙن جي ڳوٺ ۾.

جڏھن معاشرو سڄو ئي بگهڙن جو ھجي اتي لالچي لومڙيون پيدا ته ضرور ٿيڻيون آهن، اھو انسان جي فطرت ۾ شامل آھي ھر شيءِ جيڪا ظاھري اکين کي متاثر ڪري ان جي خواهش پيدا ٿيڻ انسان جي خامين ۾ اچي ٿي، پوءِ اھا متاثر ڪندڙ سواري ھجي يا سونھن ڀريو چھرو ھجي يا رھائشي گھر کان وٺي منصب ۽ مراتب ڇو نه کڻي ھجي، ان جي وقت کان پھرئين سواءِ ميرٽ جي طلبي اسان کي يا ذھني بيمار بڻائيندي يا لالچ جي بازار ۾ پھرئين وڪامي پوءِ خريدڻ جي ڊوڙ ۾ ڊوڙائڻ لاءِ تيار ڪندي. چوندا آهن چنڊو چنڊن کي ڳولي وڃي ھٿ ڪندو آهي، ھر ڪو پنھنجي ھم خيالن جي تلاش ۾ رھندو آھي، فقير فقيرن سان ٺھندو آھي، امير اميرن جي ڀر وٺندو آهي، غريب ويچارڙو پنهنجي خبرون پاڻ جھڙن غريبن سان وڃي سليندو آهي، ائين ڪنھن نشي ۽ منشيات جو عادي جيستائين پاڻ جھڙن سان گڏ نه ويھندو نشو اصل چڙھندس ئي ڪو نه، پر ھڪ اصلي فقير وري به انھن سڀني کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ھوندو آھي ۽ پنهنجي گودڙيءَ ۾ جڳهه ڏيڻ جي به ڪوشش ڪندو رھندو آھي، من ڪو فقيري واري رمز ۾ اچي لالچ جي مرضن کان بچي پوي، پوءِ قسمت ۽ مقدر جي راند آھي جنھن جو جتي لکيو اتي وڃي داڻو چڳي، جڏھن نئون لالچي نئين بازار ۾ پراڻن ۽ جھونن بازيگرن کان فن اٽڪلون سکڻ نڪرندو آھي، پھرئين ته ھو انھن جي ھٿان ٺڳجي ٺڳجي ڪاريگر ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪڏھن به لالچي پنھنجيون تدبيرون سيکاريندو ڪو نه، ان لاءِ ته متان منھنجي ڌنڌي ۾ گھٽتائي نه اچي، پر ھو انھن سان گڏ رلي ملي سکي وٺندو آھي، پوءِ اھو نئون لالچي پراڻن رھزني لالچين کي پويان ڇڏيندو سڀ گڻ ۽ اٽڪلون سکي مھارت حاصل ڪري، ڪڏھن نه ڪڏھن وڃي بگهڙن جي پاڙي ۾ سندن شڪار ٿي سڄي ڪمائي ھڪ ڌڪ سا چٽ ڪرائي پوءِ موٽندو، پوءِ گوشه نشين ٿي ويندو يا وري ڪنھن فقير جي پناري پوندو، سڄي روئي دانهه ڏيندو، پر فقير وري پيو کلندو ڇو ته ھو اڳ ۾ ئي ھڪ ڄاڻو ماھر ھوندو آھي، سڀ ڪجھ سڃاڻڻ بعد فقيري اختيار ڪندو آھي، پر خاموشيءَ به ايتري جو ظاھر ڪرڻ ۾ عيب محسوس ڪندو آھي، رڳو لالچي ھمراھ جي ڳالھه ٻڌڻ بعد کلي چوندو لالچي لومڙي وڃي بگهڙن جي ڳوٺ ۾ پاڻ کاڄ ٿي.
چون ٿا پنهنجو پاڻ وڃي ڦرائي ان جو ڪھڙو داد ۽ فرياد، ڇاڪاڻ لالچ موت جي ڀيڻ به سڏجي ٿي، جيڪو ھڪ سٺي انسان کي به لالچ جي پويان ڀڄائي ڀڄائي ٿڪائي وري فقير ٺاھي ٿي، ڦرجڻ کان پوءِ ڪو فڪر باقي رھندو ناھي، پوءِ آساني سان صبر سان فقيري رمز ۾ رھي پوندو پر ھڪ دفعا اھڙن عادتي نون لالچين جو پانارو بگهڙن سان پوڻ ضروري آهي، ڌڪا ٿاٻا کائڻ سواءِ ڪھڙو قدر ٿيندو آهي، ڏکن بعد سکن جو مزو ئي پنهنجو آهي، گھڻي ھڻ ھڻان مان جان آزاد ٿي ويندي.

کوٽن ۽ کرن جي پوي خبر ھار جيت سان

کوٽن ۽ کرن جي پوي خبر ھار جيت سان

جتي خوشيون گڏ ملھائڻ جون رسمون زور وٺنديون وڃن، جتي غمن جي لڙڪن جون لاڙون پاڻ کي ئي اگھڻيون پون، جھمريون ۽ نعرا جيت جو سمان دلين کي ھميشه سٺو لڳندو آھي، اتي ھار جي بازيءَ کي به برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ سهپ ھئڻ بھادرن جي بھادري آھي، جيت جون مستيون ۽ تماشا ڏسڻ وٽان ھوندا آھن، اتي ھار جي بازي جا ھارايل چھرا لٿل ۽ ڪومايل نظر اچڻ ھڪ فطرت آھي، پر جڏھن ھار کي تسليم ڪري حسد جي ھاٿيءَ کي خاموش ڪرائي، لالچ جي لومڙيءَ جي شرارتن کي لغام ڏئي، ڪوڙيون گجگوڙون شينھن جون ڪجھه وقفي لاءِ ماٺ ڪرائجن، گدڙ واريون ڀڀڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪري، جيت جو تماشو ڀلي کڻي نه به ٿجي پوءِ به صبر سان ڪنھن جي خوشي کي ھضم ڪرڻ ئي ھڪ مردانگي چئجي ٿي، اسان جي معاشري ۾ جتي جنازا ۽ فاتحون مفادن جي ور چاڙهي پوءِ ادا ڪيون وڃن، ڪمزور ۽ ڪنھن لاوارث جي ميت تي روئڻ ته پري جي ڳالهه آھي، پر ڪير سمجھندو به نه آھي ته ڪنھن جي پاڙي ۾ به ڪا فوتگي ٿي آهي.
چون ٿا سياڻا صوبيدار جي بابي جي جنازي ۾ ماڻهن جي وڏي پيھ ھئي، پر خود صوبيدار جي جنازي لاءِ خلقِ خدا کي منٿون ڪرڻيون پئي پيون، ڇو جو جنھن ۾ مفاد ھو اھو دنيا ۾ رھيو ڪون، معاشرو پوئين کي ڏسي پوءِ شرڪت ڪندو آھي، تولو مسڪين جي شاديءَ لاءِ رڪشو تيار ڪيو ويو ھو، رئيس خدن جي ڇوڪر لاءِ الاھي ڪيتريون گاڏيون سوارنجي اچي لٿيون، پوءِ انھن جو ڀر وٺي مولو تولو کي وٺي سرمائي سائينءَ جي فون سان سيلفيون پئي ڪڍرايون، سرمائي سائين به فون ائين ڪو نه ڏنو ھو پراڻو واسطو ھو، اڃان به ڪڏھن زور ڏيارڻ لاءِ ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڪٿي مچ سڪل ڪاٺن جا بڙ، ڪٿي وري ڇيڻي ۽ گوبر جو دونھون به اڻلڀ، ڪٿي خوشامندڙيون خوارين ۾ به چڱيون ڏسڻ ۾ اچن، ڪٿي وفائون ويچارڙيون سچ جي ھوندين به شرمائجيو پون، ڪٿي نه برداشت ڪرڻ واريون ڳالھيون مٺيون لڳن، ڪٿي ڏاھپ وارا گفتا ٻڌڻ لاءِ ڪو به نه ملي، ڪٿي ڪتاب رکڻ لاءِ جڳهه تنگ ٿيو وڃي، اتي بوٽن جي لاءِ قيمتي پاليشون ۽ بھترين کوکا دستياب ھجن، جتي اوطاقن ۾ گڏھ ھينگن اتي ھوٽلن جي رش چمڪار چمڪندي ملي، جتي لائيٽ غائب ٿئي ته ڄڻ دنيا ئي ختم پر محبتون ۽ چاھتون پنهنجي موت مرن ڪو فڪر ناھي، جتي ڏوھ ڪري سمھڻ وارن کان ماني کائڻ جون صلاحون ھرڪو ھڻي پر ڪنھن بکئي پيٽ کي محسوس ڪرڻ باوجود پاروٿي ماني ڏيڻ ۾ به شرم اچي، جتي ڪپڙي تي داغ ٿيڻ تي پريشان ٿيو وڃون پر سڄو ڪردار داغدار ھئڻ باوجود به خوش لڳون، پوءِ به جيتن تي جشن فطرت رھي آھي ۽ ھار تي حيرانگي شرمندگي محسوس ٿيندي آهي.

پيڪينگ جي پڪنڪ ۾ گم اسان جا غم.

پيڪينگ جي پڪنڪ ۾ گم اسان جا غم.

تولو مولو مسلسل ڪارخانن ۾ مزدوري ڪرڻ بعد بازارن جو رخ ڪيو، پھرئين لنڊا بازار جو درشن ڪرڻ جو سوچيون، وري ھليا ويا آچر بازار، کاڌي پيتي جي شين کي ويجھڙائي سان ڏسندا رھيا، ڪافي روزمره جون کائڻ ۽ واپرائڻ واريون شيون ڏسندا رھيا، ريٽ ۽ اگھ پڇڻ بعد خيسا ۽ جيبون جانچڻ بعد وري اکين ۾ اکين جا اشارا خاموش ڪرايو ڇڏين، مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ مھل ائين اچي داخل ٿيا ڄڻ اڄ سڄي بازار خريد ڪندا، جيئن ڪو اناڙي ليڊر اليڪشن جي مھم ۾ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ بعد اليڪشن جي ورڪ ۽ ڪامريڊن جي رول ريگيوليشن جي وات ڦاڙ سٽڪن، اخراجات جي ڦرمار، ھر ڪنھن ھنڌان موسمي اڳواڻن جون فرمائشون، وري ڏوراپا ۽ معيارون، وري ٽيبلون ۽ طعام ڪباب، گھڻن نون شوقينن جا ھانؤ ڏاريو ڇڏين، گھڻن جون ايمانداريون ۽ دينداريون نوٽن جي سامھون نه بچيو سگھن، پوءِ ڀڄڻ ڪم وريام جو، انھيءَ ريس ۾ سواءِ ڏوڪڙن جي ڪو چاڙھو آھي ئي ڪو نه، ڪنھن جي دال ڪيئن ته ڳري، پاڻي تي پاڻي ڀلي پيو ٽھڪي، وڏين گاڏين جي اڳيان ننڍڙيون گاڏيون جيڪي ڪم نه ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري نون شوقينن کي نوان ليڊر ٺاھڻ جا مشورا ڏنائون پئي، اُهي به انھن وڏين سوارين جي اڳيان سيلفين جا پوز ھڻندين ڏٺا ويا، ڏوراپا ۽ معيارون سڀ وسري ويون، ويچارا تولو مولو اشياء جون رنگين پيڪينگ ڏسڻ بعد گگون ڳاڙيندا رھيا، پر نوٽن ساٿ نه ڏنو، ايتري دير ۾ سائين لکانو اچي مٽيو، پراڻو واسطو رھيو ھو، پڇائين ته ڇا پيا ڪيو؟ ٻنھين رڙ ڪري دردن جي دانھن ڪئي، لکاني کلي چيو دوست اسان ھميشه اوھان کي چوندا آھيون ڳالهه مڙئي ساڳي آھي اسان وانگر پيڪينگ ڪريو پيا ڪم ھلايو، اچو ته اصل دڪان تي وٺي ھلان جتان ھي يارڙا خريد ڪري پوءِ پيڪينگ ڪري اوھان جھڙن کي بي وقوف ٺاھين ٿا، بس وڃي پھتا لنڊا مارڪيٽ جي جڳاڙي بازار ۾، جتي چند شيون سٺيون هيون پر ھيون صفا ظاھر، خريداري ٿي لکاني چيو ھاڻي ھڪ شيءِ وڃي پيڪينگ واري خريد ڪري ڏسو فرق جي خبر پئجي ويندي، اسان پاڻ سڀ ھتان وٺي پوءِ پيڪينگ ڪندا آھيون، اڄڪلهه ھر ھڪ فيلڊ ۾ اھڙو رجحان آھي، جڏھن تحفا دوستن کي ملن ٿا تڏھن ڏاڍا خوش ٿين جڏھن کولين ٿا تڏھن ھڪ سؤ ٽي جو بخار چڙھيو وڃي، ڏس ھر قسم جي پيڪينگ ڪرڻ جو سامان به ھتي ملي ٿو بس اوھان پنھنجي پنھنجي مرضيءَ جو سامان ھتان خريد ڪري وڃي پيڪينگ ڪريو ماڻھن کي بي وقوف ٺاھيو. ياد ڪريو ويچارو وتايو به ڪنھن دعوت ۾ فقيري لباس ۾ ويو هو، همراه کي ڀت وارن ڊوڙائي ڪڍيو هو، پر جڏھن ڪنھن وڏيري جا ڪپڙا پائي گھوڙي تي چڙھي پھتو تڏھن سڄي ڀت وارن آجيائون پئي ڪيون، اھو سڀ ڪمال اصل ۾ پيڪينگ جو آھي، جھڙي سٺي پيڪينگ ڪندا اوترو ناڻو به سٺو ملندو.

ماسڪ ۾ ٽاسڪ آھي.

ماسڪ ۾ ٽاسڪ آھي.

آڳاٽي زماني ۾ ويھٽ (يعني سواري وارو گھوڙو، خچر ۽ گڏھ) انھن کي چاري خوراڪ لاءِ رات جو پاھوڙو چاڙھيو ويندو ھو، جيئن ھو سڄي رات خوراڪ چرندا رهن ۽ ان مشغولي ۾ مصروف رھن ۽ ٻئي طرف ڌيان نه ڏين بس لڳا رھن، جيئن اڄڪلهه ڪرونا جي وبا کان بچڻ لاءِ اڄڪلهه جو انسان ماسڪ سيفٽي طور استعمال ڪري رهيو آهي، ھونئن به ماسڪ زڪام ۽ ٿڌ، ڌنڌ ۽ ڌونھي وغيره لاءِ ھميشه استعمال ٿيندو رھي ٿو، اھڙي ريت بدن ۽ جسم کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو به ھڪ ماسڪ آھي، ائين موٽر سائيڪل هلائيندي يا بيٽنگ ڪندي پليئر ھيلمنٽ پائي ٿو اھو به ھڪ سيفٽي ماسڪ آھي، ائين بد ڪردار وري ظاھري پنهنجي ڪردار کي لڪائڻ واسطي ظاھريت جو ٿورڙي دير ماسڪ پائي نڪرندو آھي پر خوشبوءِ کُلڻ ۾ دير نه ڪندي آھي. جيئن ڪنھن به اداري جا اھلڪار پنھنجي اداري جون ورديون پائي ھڪ ماسڪ طور ٻڌائين ٿا ته اسان به سيفٽي ظاھر ڪريون ٿا، جيئن ھڪ ڊاڪٽر جي پنهنجي ھڪ مخصوص وردي وري دوربين ڳچيءَ ۾ لٽڪيل ھئڻ لازمن آهي، ائين ھڪ وڪيل جو ڪارو ڪوٽ نشاندھي ڪري ٿو وڪالت ۽ قانون جي، ائين فائيو اسٽار ھوٽل جا بيرا ھڪ خاص ڊريسنگ ۾ ھوندا آھن، ائين اسڪولن جا پنھنجا پنھنجا لباس مقرر ھوندا آھن، اھڙي ريت پيٽرول پمپ وارا به انھن نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي رانديگرن وانگر شرٽون استعمال ڪندا آھن.
چوڻ ۽ سمجھائڻ جو مقصد دنيا ۾ اندازِ بيان تحرير يا تقرير ان جو به ھڪ لباس ھوندو آھي، جيڪو ان جي تحرير ۽ تقرير مان ظاھر ٿيندو رھندو آھي، جيئن ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جو پٽ ڊبل ڪيبن ۽ باڊيءَ گارڊن جي موجودگي ۾ اظھار ڪرائي ٿو ته آئون ھن گاڏي ۽ لباس ۾ آھيان جيڪو ڪو عام انسان نٿو ڏيکاري سگھي، ائين ھڪ پوليس اھلڪار جنھن ۾ جيڪڏھن ڪو دٻدٻو ۽ روب ناھي ته پوءِ مزو ناھي، ائين ڪنھن آفيسر ۾ جيڪڏھن بليڪ ميلنگ ناھي پوءِ آفيسر ٿيڻ جو ڪو فائدو ناهي، ائين ھر فرقن ۽ مذھبن به پنهنجي پاڻ لاءِ لباس لازم ڪيا آھن، ائين ھڪ صوفي الڳ سڃاڻپ ڏيکاري ٿو گيڙو ويس پائي، ائين ھڪ پير لاءِ جبو ضروري آهي، اسان جي معاشري ۾ ھر ھڪ پنھنجي پسند جي فيلڊ جو لباس پائي ان جي نقل ڪري ٿو يا ان سان محبت ظاھر ڪري ٿو، پر اصل ۾ هڪ سٺي انسان جي ڪاپي ڪرڻ سٺن انسانن جو شيوو رھيو آھي، انسانيت سان محبت ۽ پيار ڪرڻ ھڪ انسان جو اصلي لباس آھي، ائين ھڪ بد ڪردار انساني لباس ۾ ملبوس ٿي بگهڙ ٿي اچي آخرڪار ڪٿي نه ڪٿي پڌرو ٿيڻو ئي پوندو، پر ماسڪ ۾ جيئن رڳو اکيون نظر اچن ٿيون ۽ چھري جا سر ڏاڙھي جا اڇا وار نظر نٿا اچن ضرور ڪجھ بچاءُ ٿيو وڃي ٿو، پر اُها ٺڳي ڪجهه وقت ئي هلندي.

جنوني الست شخص

جنوني الست شخص

تازو تولو مولو پنھنجي يارن ڏانھن نڪتل ھئا، وقت پاس ڪرڻ لاءِ، ڪچھري ڪندي ڪندي ڳالهه نڪري پئي ته يار جيئن جيئن گرمي پد وڌندو پيو وڃي ائين ڪاوڙون پيون وڌن، الاھي ڇا ٿي ويو آهي انسانن کي؟ جنھن کي کڻي ڏسو بس ڪانٽو ٻارنهن کان مٽيو پيو وڃي.
جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ھڪڙا دوست نڪتل ھئا ڪنھن دوست جي سڏ تي، واپسيءَ ۾ ايڏو تڪڙ سان وريا جو سڀ ڦٽا پيا ھئا ڪو به ڪنھن سان نه ڳالھائي، بس اسان به ڏٺو سون پر ماٺ ڪئي سون ھمراھن جي حالت حال پڇڻ جھڙي ڪو نه ھئي، مٿان وري مولو چيو ھاڻي خير صبح ساڻ سوشل ميڊيا تي سڄي رپورٽ اچي ويندي واقعي ٿيو به ائين، سڄي ڪاروائيءَ وڏيري جي پٽ اسان کي سڏي سڄيءَ روئداد ٻڌائي ۽ پڇيائين اوھان ھنن سان گڏ ڪو نه ھئا، اسان ڳالهه کي سمجھي چپ جو روزو رکيو سون، چيائين وڏي سوشل ميڊيا تي دٻ دٻان لڳي پئي آهي، پاڻ وارو فراقي ڦٽيل شعر پيو پڙھي ۽ جنوني الست تپيو ويٺو آھي، بهرحال مٿان خالو ھوٽل وارو پھچي ويو ۽ ڳالهه مان ڳالھڙو ڪرڻ کان روڪيندي سياڻپ ڏيکاريندي چيائين، تولو مولو وڏيرو صحيح پيو چوي، اڄڪلهه ھر ڪو جنوني الست ٿيو پيو گھمي، ڪنھن جي قلم ۾ جنون، ڪنھن جي سوچ ۾ جنون، ڪنھن جي ڪچهري ۾ جنون، ڪنھن جي لفظن ۽ تقرير ۾ جنون، مقصد ته اسان جو معاشرو ذھني حدون جنونيت جون پار ڪري ويو آهي، ڪنھن جو ڪپڙو نٿو وڻي ته ان تي به ٺٺوليون ۽ بحث تبصرا، ڪنھن جي ڪاروبار تي چڙ، ڪنھن جي نالي سان ناراضگي، جنهن جي فائدي واري ڪا ڳالھه ڪانھي بس ھو جنون جي حد تائين پھچيو وڃي، سڀئي لقب ڏيو ڇڏي، بس ھرڪو ٻئي تي حاوي ٿيڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، جيئن گونگو ڄڻ لائوڊ تي ڪم لٽيو بيٺو ھجي، ان کي خبر به آھي مالڪ مونکي ڳالھائڻ واري سگهه ناھي ڏني، تڏهن به ٻئي کي ھٿ لاھڻ ناھي ڏيڻو ڀلي گگن سان ڇو نه ڀري ڇڏي، ائين انڌو آئيني جي سامھون بيهو اپوزٽ کي شڪل ۽ شبيهه پيو ٻڌائي، پر ان کي صورت ڏسڻ به ناھي ڏيڻي، وري گنجو مٿي تي ڦڻي گھمائي گھمائي تارون ۾ داڳ ڪري ڇڏي واھ واھ وارا لفظ پيو اچاري، پر ڪنگو پاڻ تائين محدود، جيئن پاڻ وارو ڪاڪو قادن ڪنن کان ٻوڙو پاڻ کلي ۽ هاڻ روئي ڏوهه سڄيءَ ڏيهه تي بس ڇا چئون.
جيڪڏھن اسان وارو اڄ جو انسان پنهنجي اندر واري جنوني حسد تي ڪنٽرول ڪري ۽ پنهنجو محاسبو ڪري ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن، جڏھن اسان رڳو ھر عيب ھر ڳالهه ٻين ۾ ڳولڻ جي بدران پاڻ ۾ ڳولي اُهي عيب ظاھر ڪريون ته معاشرو ھن انتشار جو اصل شڪار ٿئي ئي ڪو نه، جڏھن اسان سڀ پنھنجو پاڻ کي آپي خان ۽ ٻئي کي گھٽ اھميت ڏيڻ شروع ڪنداسين ته حشر اھڙو ئي ٿيڻو آهي. اوھان مونکي ڏسو آئون ھاڻي ھوٽل تي ويھي ھر گراھڪ کي ڏسان ٿو انھن جون ڪچيون ڦڪيون ڳالھيون ٻڌان ٿو، ڪو چانهه مان عيب پيو ڪڍي، ڪو پاڻي مان، ڪو وري ٻاھر واري کي گھٽ وڌ پيو ڳالهائي، آئون سڃاڻان ٿو جيڪو ائين چوي پيو ان کي کٽ به گھر ۾ سڄي ڪونھي پر ھوٽل تي ڪمدار سان گڏ اڌار تي چانهه پيئڻ آيو آھي، صبر ڪرڻو پوي ٿو مونکي به اڳي اھڙي برداشت ڪو نه ھئي پر سائين سرمائي ۽ سائين لکاني سان ڌڪا کائي کائي پرايون اوطاقون ماپي ماپي ڏاھا ٿي وياسين، ھنن وڃي ٻيون فيلڊون سنڀاليون مونکي ھوٽل تي لڳائي ڇڏيو اٿن، دوستن کي ڪجهه ونڊي ورڇي ۽ ٿڌو ڪري کائڻ گھرجي جيئن ھمراھ گرم لاءِ نڪتا ٿڌا ٿي اچي لٿا، مٿان وري جنوني الست ڳالهه کي گهوٻاٽو ڪريو پيو گھمائي.

جيڏانھن رخ، تيڏانھن مخ

جيڏانھن رخ، تيڏانھن مخ

دنيا جي گھڻائي ھميشه دنيا جا رخ ڏسي پاڻ کي به اوڏانھن موڙيندي آھي، اھو فطرت ۾ شمار رھندو اچي، ھر ڪو ڪنھن نه ڪنھن جي ڪاپي ڪرڻ جي چڪر ۾ رڌل هوندو آهي، خبر دير سان وڃي پونديس ته ڪاپي غلط ٿي وئي، انھيءَ ۾ وڏي آساني سوشل ميڊيا ڪري ڇڏي آھي بس رخ ڏٺو ناھي مخ ڦريو ناھي، ڪاپي پيسٽ ڪرڻ ھونئن به آسان طريقو آهي، جيئن ڪنھن وقت ۾ جناح ٽوپي جو رواج ھو، وري ترڪي واري ٽوپي ائين ڪئين ٽوپيون آيون ۽ ويون، ائين وري ڊريسنگ وقتن به وقتن تبديل ٿيندي وئي، ائين ھر اڳواڻ پنھنجي پوئلڳن کي پاڻ جهڙي ڊريسنگ پارائڻ شروع ڪئي، ائين وري سياسي شخصيتن کان متاثر ڪجھه عناصرن اھو شوق جاري رکيو، بهرحال ڊريسنگ تائين ته سڀ خير پر لھجن ۾ جيڪڏھن اھڙيون شروعاتون رونما ٿينديون رھن، سٺي ڳالهه جي نقل سٺو رجحان پيدا ڪري ٿي بھتر آھي، پر جيڪڏهن غلط رويا ۽ غلط لھجا ۽ خاص ڪري غلط الزام بازيون ۽ تعصب ڀريون ۽ نفرت سان مالامال نقلون سڄي معاشري جو وايو منڊل تبديل ڪريو ڇڏين، نقصان وري به پنھنجا ئي پنھنجا، جتان کنيو وري اتي ڇڏيو، اھڙيون سرد مھريون رشتن ناتن سان ھٿ چراندون، ڪلفتن جا دڪان کوليو ڇڏين خاص ڪري اڄڪلهه وڏي دڪان داري سوشل ميڊيا تي ٿيندي آھي. جيئن تولو مولو پاڻ ۾ ڪنھن ڳالهه تي کلي رھيا ھئا ته ڪاڪو قادن خوامخواه کليو پئي، تولو ھَڪَلَ ڪري پڇيس ته ڪاڪا ڪجھه سمجھيو اٿئي يا خوامخواه پيو کلين؟ ورنديءَ ۾ چيائين ابا سمجھڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي سائينءَ سرمائي چيو آھي ته وقت سان گڏ ھلڻ سکو، بس ٻچا اوھان پيا کلو ته آئون به پيو کلان، جيڪڏھن اوھان روئيو ھان ته آئون به اوھان وانگر روئڻ جي ڪوشش ضرور ڪريان هان، باقي معلومات وٺڻ پاڻ ۾ ڪونھي، نڪو ٻڌون نڪو سڻون بس جڳ جھڙو ٿيڻ لاءِ ھونگرون ٻڌڻ بعد آواز ملائيندا آھيون، پوءِ جھڙو رخ اوڏانھن اسان جو چھرو ۽ مخ.

لائبريريون ۽ لاپرواهيون

لائبريريون ۽ لاپرواهيون

مامي خدن جي افطاري تي سڄي سنگت اچي گڏ ٿي، فقرائي ۽ ڳوٺاڻي حال سارو سڀ کائڻ پيئڻ جو سامان اچي گڏ ٿيو، مامي خدن جي چؤ ياري جي ھميشه اھا عادت رھي آھي ته جيڪو به ايندو ڪجھه نه ڪجھه گھران کڻي ضرور ايندو آھي.
وڏيرو اديب روزا ته ڪو نه رکي پر احترام باقاعده ڪندو آھي، اھو به حسبِ دستور پنھنجي گھران ڪجھ نه ٺاھجي مليو ته به خير، پر ونگاري ڪنھن دوست کان سواءِ ڪنھن دين ڌرم جي پڪوڙا ۽ چرڪاڻ آڻي ئي آڻي، ڇاڪاڻ جو پاڻ ھميشه چرڪاڻ کائيندو رھندو آھي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نوازڻ سائين کائڻ جي منع ڪئي اٿس، پر ان کي به کارايو اچي پوءِ ٻئي پيا کلندا آهن.
ائين خالو ھوٽل وارو بچيل ڪڙھيل کير ملائي ڪڍي ان ۾ ملڪ روز ٺاھي آڻيندو آھي، شودائي شمشو چپسون اڌار واريون ۽ ڀينڊيون پنهنجي ٻنيءَ مان پٽيل ڪچيون کڻي ايندو، ڇو ته پچائڻ لاءِ وري خالو ھوٽل وارو ذميوار آھي. ائين تولو مولو جو ذمو فقط کائڻ ۽ کارائڻ جو آھي، باقي ٻيا سائين سرمائي ۽ لکانو مرضيءَ جا مالڪ آھن، دعا پڙھندا آھن.
اڄ افطاري کان اڳ وڏيري اديب ھڪ اھڙي بھترين ڳالھ ڪئي جو سڀني ڪن ڏئي ٻڌي ۽ دل سان لڳايائون. وڏيري اديب چيو، يارو ڏسو اڳي ھر وڏيري جي اوطاق ۾ روز واريون تازيون اخباون پيل ھونديون ھيون، ائين ھوٽل واري وٽ، سيلون واري وٽ ۽ پيڊي واري وٽ، اڳي ڳوٺ ۽ شھر جي پارڪن ۾ به لائيبريرون ھونديون هيون جتان ننڍا وڏا ڪتاب پڙھڻ لاءِ کڻي ويندا ھئا ۽ وري واپس ڪري ٻيا کڻندا ھئا، ايترو ته ڪتابن جو رجحان ھو جو بابا مرحيات اسان سڀني کي گرميءَ ۾ نم جي وڻ ھيٺان ويھاري پاڻ خميص لاھي پوءِ ڪتاب کولي ڪڏھن قصص الانبيا، ڪڏھن امير حمزي وارو داستان مطلب ڪھاڻيون وغيره اسان کي ٻڌائيندو رھندو ھو، اُھي اڄ ڏينهن تائين اسان جي دل ۾ نصب ٿيل آھن، مجال آھي اسان ھيڏانھن ھوڏانھن فالتو گھمون، ھاڻي ته افطاري تائين رڳو فونون ھٿن ۾ آھن ڪا خبر ناھي، جيڪڏهن پيڪيج ختم ٿيو وڃي ته ڄڻ سڄيءَ فيملي ۾ ماتم، الاھي ڪھڙو واءُ وريو آھي، ٺيڪ آهي جديد ٽيڪنالاجي ضروري آهي پر اسان مان ادب ۽ احترام نڪري ويو، پوءِ ويچارو مامو خدن اڃان ڪم کي کڻيو ويٺو آهي، ڪتابن جو شوق پورو ٿيڻ سان ئي علم عقل موڪلائي ويو، معلومات جا ذخيرا ضرور گڏ ٿيا باقي لاپرواھيون وڌي وڃڻ ڪري سڄو ڪلچر ۽ تاريخ اڳتي پوئتي ٿي وئي آھي، جتي ننڍ وڏائي انسانيت ۽ ڪردار ڪتاب سيکاريندا ھئا اتي اڄ نيٽ اسان کي حرام پائيءَ جي جديد طريقن سان ھمڪنار ڪري اھڙيون گيمون متعارف ڪرايون آھن جنھن ۾ نه ڪو ذھني شعور، نه ڪو علمي شعور، فقط وقت قيمتي ھٿن مان نڪتو پيو وڃي، وڏيري اديب جي اھڙي ماھرانه گفتگو سڄيءَ روزي جون بکون ۽ اڃون لاھي ڇڏيون، سڀني متفقه اھو فيصلو ڪيو ته ھاڻي ڪتابن پڙھڻ ۽ پڙھائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.

ڪاٺ ڪٺو ۽ طوطو

ڪاٺ ڪٺو ۽ طوطو

طوطائي رنگ جتي دل فريب آھي اتي خوبصورتيءَ جي علامت پڻ آهي، سبز رنگ اسان جي زندگيءَ جي بھترين رنگن ۾ شمار ٿئي ٿو.
طوطو پکي تمام قديمي پکي تسليم ڪيو وڃي ٿو، مثنوي روميءَ ۾ ان جي ڏاھپ ۽ سياڻپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انبن جي باغن ۽ وڻن سان طوطي جي قربت ۽ قريبي نسبت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي، جيئن اسان وٽ انبن جا باغ ختم ٿيڻ شروع ٿيا ائين طوطا غائب ٿيڻ لڳا، يقينن ان جو ڪارڻ انھن جي رھائش جو مستقبل جو مسئلو برپا ٿيڻ لڳو.
طوطو ٻوليون سکي گھرن ۾ ڳالھيندڙ پکي طور پاليو ٿو وڃي، سندس دلچسپ انداز ٻولڻ گھر جي ٻارڙن جي وڏي وندر رهي آهي، خاص ڪري پوڙھي امان، نانيءَ، ڏاڏيءَ جي اڪيلائيپ ۾ شغل ليکي ويندي ھئي، ھاڻي طوطا ٻاهرينءَ ملڪن وارا ڄڻ ھائيبرڊ ھجن، جھرڪين وانگر پنڃرن ۾ بازارن ۾ وڪري لاءِ رکيا ويندڙ نظر اچڻ لڳن ٿا. باغن ۽ باغيچن سان عدم دلچسپيءَ جا ڪارڻ ڳولي لھڻ سجاڳ وندن جو ڪم آھي، انھن ساڃاھه وند ڌرين کي اھڙن ناياب پکين جي گمشدگي تي اچرج ھئڻ ضرور گھرجي.
جيئن اڄڪلهه انسان ۽ خاص ڪري انسانيت ناياب ٿيندي پئي وڃي، انھن جي خانه پوري ڪرڻ لاءِ متبادل مصنوئي انسان جنم وٺڻ لڳا آهن، ھاڻي ڀلا انھن اصلي انسانن جي جڳهه جيين پيش، سون جي جڳھه تي مصنوعي زيور مارڪيٽ جي زينت اچي بڻيو، ائين ھر جڳهه تي متبادل سسٽم رائج ٿي ويا.
اصل ۾ ان طوطي جو انبن ۾ گھر ٺاھڻ جو ڪم اھو ويچارو ڪاٺ ڪٺو ڪندو ھو جنھن جي وڏي نوڪ واري چهنڀ ان ڪاٺ ۾ بھترين گھر فراهم ڪندي ھئي، انھن اصلي ماڻھن وانگر جيڪي پنهنجي خانقاهن، درسگاھن، تربيت ۽ تعليم ۾ ھڪ وڏي ڪرداري انسان ٺاھڻ لاءِ ڄڻ ھڪ فيڪٽري طور ڪم ڪندا ھئا، انھن ادارن مان جيڪي به فارغ تحصيل ٿيا اُھي دنيا جا وڏا عظيم اڳواڻ، صوفي معلم، سخي بھادر انسان بڻيا، اڄ به انھن جون ڳالهيون ڳائيجن پيون.
بس ڪوشش ڪجي انھن ڪاٺ جھڙن ذھنن کي ٽاڪيندڙ اھڙن ڪاٺ ڪٺن جي ڳولا ڪجي، پر اھڙا باغيچا به ڳولجن جتي اُھي اچن ۽ رھن، اچي آماجگاھون ٺاھين.

لکن جا ھيرا، ٽڪن ۾ وڪاڻا

لکن جا ھيرا، ٽڪن ۾ وڪاڻا

جڏھن بھارن مان خزائون اينديون آھن، پن ڇڻندا آھن ۽ نوان پن انھن جي جڳھه والاريندا آھن، سرديون گرمين ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ پوءِ اھو احساس ئي ختم ٿي ويندو آھي ته ڪا تپش به ھوندي ھئي، ائين ويچاريون جوانيون ۽ مستيون جڏھن ساٿ ڇڏينديون آهن پوءِ پنھنجو پاڻ تي به اعتبار ناھي رھندو جو اسان ڪڏھن جوان ھئاسين، ائين ئي گھر جا پڪل کاڌا جڏھن ھوٽلن تي تلاش ڪجن ته سمجھڻ گھرجي سياڻيون ۽ گھر ڌڃاڻيون يا ته رھيون ئي ڪونھن يا ڪا ھار تسليم ڪري ورتي اٿن، يا پنھنجو پاڻ کي (سرينڊر) حوالي ڪرڻ ۾ ڪا عافيت سمجهي ڇڏي اٿن، ائين اوطارن جي جڳهه جڏھن ھوٽلن ۽ ڦٽ پاٿن ورتي ته اھا سنجيدگي گم ٿي وئي، جڏھن گفتار ۽ گفتن ۾ اڻ ڄاتل جملن جڳهه والاري ته اھا مٺاس ۽ چاشني نڪري وئي، لائيبريرين جي جڳهن تي موبائيلي معلومات ھلي پئي ته استاد ۽ ڪتاب ڪھاڻيون بڻجي ويا، جتي وڏن تجربيڪارن ھٿيار ڦٽا ڪيا اتي ان ٽرينڊ (غير تربيت يافته) مافيا سرگرم ٿي عطائي لفظَ ايجاد ٿيا، محنتن ۽ توڪل جي ڪمي ٿي ته ھرڪو غلط رستن ذريعي راتون رات امير ۽ بادشاه بڻجڻ جا خواب لھڻ لڳو، جتي ڏينهن سمھڻ ۽ رات رلڻ ۾ گذرڻ لڳي اتي ذھني سڪون دوائن ۽ منشيات ۾ ڳولڻو پيو، لالچن لکن جون بازيون لوڙھي ڇڏيون ٿورڙي منافعي ڪاڻ، جڏھن آرٽيفيشل (هٿرادو) ۽ ڪاپي ڪلچر متعارف ٿيو اصل نقل جي پويان لڪي ويو، هر طرف سڀڪو ماھر ۽ ڄاڻو بڻجي ويو، جڏھن پڙهڻ ۽ پتوڙڻ کان سواءِ آڱوٺي جي اشاري سان ڪاپي پيسٽ ڪا تحرير ٿي وڃي جيڪا صحيح پڙھي به نه هجي، ان اديب کان ان لکڻي جي باري ۾ ڪو ڪنھن ڪچھريءَ ۾ ڪو سوال پڇي ته ھمراھ ليٽرين جي بھاني اٿي ھليو وڃي، جيڪڏھن ليڪچر رٽا ھڻي ڏنا وڃن ۽ پڇڻ جي صورت ۾ جواب گول مول ٿيو وڃي، ائين ناڪاميون شوشن ۾ ڇُپيون وڃن وڏين گاڏين جي قطارن ۾ جاھل ليڊر ۽ شعور مند جانچيندي سج لاھيو ڇڏين ۽ ٻڌڻ وارو ڳوليو نه لڀي، جتي عقل ٻڌل افواهن جي نرغي ۾ ھجي اتي علم ۽ عقل لڪي ڳجھارتون نه ڏين ته ٻيو ڇا ڪن؟ جتي قيمتي ڪتابن جا ورق پڪوڙن ۾ استعمال ٿين جنهن کي لکڻ وارن ڪھڙيون اذيتون کائي پوئين لاءِ علم ۽ عقل فھم جا دريا بند ڪيا انھن اھي دريا سڪائي ان جي جڳهه تي گٽرن ۽ نالين جو بدبودار پاڻي واپرائڻ کي دانشمندي طور استعمال ڪن، پوءِ ميارون ڪنھن کي ڏجن؟ اھڙين صورتحالن ۾ ڏاھا چريا نه سڏجن ته ٻيو ڇا ڪن؟ جتي ڪاپر چاندي ۽ پتل سون پيش ٿي کپي، اتي ملھ ۽ قدر جي ڳالهه ڪنھن سان ڪجي؟ جتي رڍون رباب ٻڌن، فن فرمائشي طور وڪامجي، اتي لکن جا ھيرا ڪھڙن دامن ۾ وڪبا؟.

کُٽا آھيون تڏھن به خان آھيون

کُٽا آھيون تڏھن به خان آھيون

چون ٿا رئيس رمو وڏي ڳالهه ھو، جڏھن مُڇين کي ڪارو ڪلر ھڻي وٽ ڏيڻ شروع ڪندو ھو ڄڻ ساري پاڙي کي پيو وٽ ڏئي ۽ وڏو شوقين به ھو خاص ڪري ڪٿي ميلو ملاکڙو نه ٻڌي، اڌار سڌار کڻي به پھچڻو ھوندو ھئس، پوءِ بس گھوڙن جي ڊوڙ دوران رڳو سندس نالا پيا ورتا ويندا ھئا، پھرين ته پاڻ ويگو گاڏي جي ڊالي ۾ بيهي ريس ڏسندو ھو، پوءِ جڏھن ڏوڪڙن جي ڪمي پيشي ٿي ته ڪاڪي ولڻ جي ٽريڪٽر ۾ ٽيڪجي مڊگارڊ تي الڙون پائي جهاتيون پائيندو ھو ۽ لڪندو به ھو متان ڀوتار ڏسي نالو نه وٺي لائوڊ تي ڇاڪاڻ جو خيصو خالي ٿي چڪو ھو، ايترو ھٿ کي تيز ھلايائين جو ھوريان ھوريان مٿان کان ھيٺائين ڏانھن رڙهندو ويو، ان ڪري جنھن سان مدِ مقابل ٿي مھاڏو ٿي اٽڪايائين انھن وٽ پرايو مال ھو، چون ٿا ته پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، خبر نٿي پوي باقي ويچارن وڏرڙن جي ڪمائي وارا ھڏا وڪڻي جيڪڏهن شوق ڪبا ته آخرڪار نتيجو اھڙو ئي اچڻو ھو، پوءِ رمو ڳالھيون ٻڌيون ته ماڻھو ڪيئن ٿا ڪمائين انھن جي ريس ڪرڻ شروع ڪيائين، پر اھا اٽڪل نه آيس، وري جو سوشل ميڊيا تي ڏٺائين ڌاڙيلن جا ٺٺ، ائين ڪرڻ جو شوق جاڳيو وڃي پاپڙ چوري ڪيائين پر پڪڙجي پيو، پاپڙ واري ترس کائي ڇڏي ڏنس، اھا سڄي ڪھاڻي سائينءَ سرمائي ھڪ ساھي ۾ چئي ويو، ايستائين تولو مولو گرم چانهه مفت واري ڳڙڪائي ويا، خالو جيڪو اڳئي تپيو ويٺو ھو دوستن جي رويي تي ڏاڍي ڪاوڙ ھئيس، جو ھميشه خالو کي برياني مفت واري وڻندي ھئي، ھڪدم جو تولو مولو کي ٻڌايائين تي پاڙي واري ڪڪڙائي چاچي ڪا دعوت ڪئي ھئي جيڪا ھنن دٻي کاڌي، پوءِ گرميءَ اچي کنيو تڏھن وڃي پاڻي جي ڀر ورتائون، بس خالو جيئن جيئن خبرون ٻڌي تيئن گرم ٿيندو وڃي، بس مٿان سائين لکاني رڙ ڪري ھڪل ڪئي ۽ چيائين نور ڀٽاري جو قسم! ڪڪڙائي وارا ڪڪڙ پيالو پيتل ھئا مونکي ادي سڀاڳي ٻڌايو ھو نه ته دعوت مون کي به ھئي، تڏھن تولو مولو کي ھيڏي گرميءَ ٿي، بس اھا ڳالهه ٻڌڻ خالو جو خاموش ٿيڻ ۽ تولو مولو جو الٽيون شروع ڪرڻ، بس چون ٿا ايترو ڪجي جو وري ٻاھر ڪڍڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ھميشه ٿڌو ڪري کائجي پوءِ رڳو پاروٿيون ڳالھيون بقايا رھجي وڃن ٿيون تي اڳئي ائين ڪندو ھئس ھاڻي پنا پيو ميڙيا، پير به سَوَڙِ جي ويڪر ڏسي پکيڙجن متان ٻاھر نه نڪري وڃن.

ڪارڙو، ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي، ته مينھن وسي

ڪارڙو، ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي، ته مينھن وسي

ٻھراڙيءَ جا ٻارڙا گڏجي پراڻي ڪپڙي جون جھوليون ٺاھي پاڙي وارن جي گھرن ۾ وڃي ائين چئي ان گڏ ڪندا ھئا، پوءِ ديڳڙيون چاڙھي پچائي کائيندا ۽ کارائيندا ھئا، جيئن اڄ جا نوان شوقين جنم ڏينهن تي پاروٿا ڪيڪ ڪٽي کائيندا آھن ۽ کارائيندا آھن، اڳي ٻارڙا ديڳڙيون چاڙھيندا ھئا ھاڻي نوجوان اٽي جي دز جھڙا ڦوھارا اڏائي منھن ۽ ڪپڙا اڇا ڪري ۽ چوندا آھن ته اڃان جيئو ۽ ڌٻون ڌٻڌٻو ۽ ڌوپار ٿيو مطلب ته اھڙا شوق ڪڏھن ويچارن مائٽن جي حصي ۾ ڪو نه اچي سگھيا، مائٽ ويچارو چلهه تي ويھي رات واري بچيل پاروٿي ماني زال جي طعنن ۽ مھڻن جي وچان نڪ جو ڏاڍو ٿي ڪاري چانھ سان ڪنڌ ھيٺ ڪري کائي پيو ۽ ڇوڪر جنم ڏينهن کي وش ڪري دوستن کي ٻڌائي پيو ته منھنجا والدين نڀاڳا ھئا جنھن اھي ڏينهن ڪو نه ڏٺا، اڄ اسان ڏس پنھنجي والدين جي ھوندين به جنم ڏينهن ملھايو پيا، وقت جا رونشا ۽ (تماشا ڪمپني) وڏا اچرج جھڙا ڊراما رچائي ڇڏيا آھن، ھڪ طرف بابي لاءِ دوا ۽ درمل ملڻ مشڪل ٻئي طرف ڇوڪر ٻئي ڏينهن زوري ڪاوڙجي بيوٽي پارلر جو رخ ڪري ۽ سوشل ميڊيا جي پيڪيج ھٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪتابن کي به قرباني جو ٻڪرو ٺاھيو ڇڏي.
هل چري تنھنجا عيش، اھڙين وارداتن جا عادي کيڏاري رتومل ۽ سوٽامل فونن تي سائينءَ رڌڻي خان کي گھرائي ڪا تقريب ڪوٺائي پوءِ ته بس واڪا ٿي ويا وسڪاري جا، رئيس ڇٽل ڪارتوس وري تولو مولو جو سھارو وٺي پاڙي جا ٻارڙا گڏ ڪري ڪارڙو ڪمارڙو ڪري ان گڏ ڪري ٿيلهي ساڻ کڻي اچي لٿو، بس پوءِ ته ڇٽڪارن تي ڇٽڪارون مڙس ست گھر جا ڀاتي اٺ وري پويان جي دٻ جلدي ڪيڪ گھر موڪليو، پوءِ رئيس ڇٽل ڪارتوس جي گگ ڪڏھن وات مان ڪڏھن وري ڪيڪ تي پئي پوي وڏي رساڪشي بعد ھڪ اڌ ٽڪر بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ھڪ ٿيلهي ۾ رکڻ جي دير ھئي تولو مولو اڳئي تاڙ ۾ بس ھو به کڻڻ جا ماھر پوءِ وڏيري جون رڙيون گھر پھچڻ بعد ٻڌڻ جھڙيون هيون ڄڻ ته ھڪ تاريخ نئين لکجي رھي ھجي، رئيس ڇٽل ڪارتوس جي ننڍي ڀاءُ وقت جي غنيمت کي سمجھي وڏيري رڌڻي خان کان ڪجھ اڌار رقم گھري ورتي بس ڪجھ مقصد حل ٿي ويو، ائين تقريب ختم ٿيڻ شرط تولو مولو ڏاڍا خوش ھئا ۽ چيائون پئي ته وڏيرا جتي به ڪو اھڙو پروگرام رٿيل ھجي بس اسان کي ضرور اطلاع ڪجو اوھان جو انگ پورو ٿي ويندو ۽ اسان جو ڌنڌو لڳي ويندو، بس پوءِ انھن ٻنھي گڏجي ماسڪ کي ھٿ ۾ کڻي ڪارڙو ڪمارڙو ڪري رئيسن ۽ سيٺين کان وٺڻ شروع ڪيو وڏيري جي خيسي کي اڳئي رئيس ڇٽل خان ٻھارو ڏئي ويٺو ھو پوءِ بس اڌار کڻي ڪم ٽپائيڻو پيو ائين رات دير سان تولو مولو ڪارڙو ڪمارڙو واري ديگڙي لاٿي ۽ برسات جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.

ڏيڏر ٽپ جؤار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ

ڏيڏر ٽپ جؤار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ


ڏيڏر ويچارو ڪنھن جانور جو پيشاب ڏسي وٺي جو ٽُپ ڏنائين ته وڃي مٿو ڀتر (مٽيءَ جو کڙو) تي لڳس، اچي جو ٽانء ٽانء ڪيائين ته پاڙي وارا ڏيڏر ۽ ڏيڏريون اچي گڏ ٿيا، چيائون خير ته آھي ھيڏي وڏي حشري ٻڌي اٿئي؟ چيائين اڄ وسڪاري جي پھرئين برسات پئي آھي پر مون واري حريف ڏيڏر مونکي سينيٽائزر اڇلي ھنيو آھي منهنجو نڪ رتو رت ٿي ويو، هاڻي مونکي برسات جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ جي جڳهه تي ڌپ پئي اچي، ڪنھن ڏاھي سينئر ڏيڏر سمجھائيس شوقينَ، رڙين ڪرڻ جا ماھرَ اصل ۾ ڏوهه تنهنجو پنهنجو آھي، تو ٽُپ ئي ڌپ واري جڳهه تي ڏنو آھي، اھو چڱو ٿيو جو تنھنجو نڪ سينيٽائزر سان واش ٿي ويو، آئندہ لاءِ خوامخواه پرائي چوڻ تي ٽپو ڪو نه ڏيندي، سڄو ڏينهن ٽانء ٽانء ڪرڻ تي ڪُئيون ڪو نه لڀنديون نه ئي جھلي سگھندي، ڪجهه ٿڌو ڪري کائڻ سک، ڪو وڏو تلاء جانچ اتي يا ته شڪار ملندئي يا شڪار ٿي ويندي، نفعو نقصان ته ضرور آھي باقي رڳو فائيدن لاءِ نه ڀڄ، نه ته اھڙي ڌپ جي ڪري پنهنجا به ڇڏي ويندئي، اڄڪلهه پلر پاڻيءَ ناياب ٿيندو پيو وڃي، ائين وري نھري پاڻي جي به اڻاٺ پنهنجي جڳهه پر پوءِ به احتياط لازمي آهي، ماسي ڏيڏري پنهنجي سمجھاڻي جاري رکندي چيو ته، اسان واري وقت ۾ ھڪ چاچو چبنر نالي رھندو ھو، ڪچھري جو ڪوڏيو ھوندو ھو جنھن کي چُهٽيو ته بس چنبڙيو پيو ھوندو ھو، رات صبح ۾ تبديل ٿي ويندي ھئي پر گفتا ۽ ڳالھيون نه کٽن اصل ۾، سو ابي کي چوان چاچي چنبر چيو ته ھڪ ٽولو نئون نئون ٺھيو، پاڻ ۾ به گھاٽا يار ھئا بس ڪٿي ڪا سس پس ٻڌي نه اٿن سنگت سميت پھتا ناھن، الله سائين جي ڪرڻي ۽ چوڻي آھي ته کُٽي کڻي ته نانگن جا ٻر جانچي، وڃي ڪٿي ٺڪاؤ ڪيائون، رسمي ڳالھه ٻولهه کان پوءِ توازو ٿيو پر ھي نوان نوان شوقين جو سردين جا فروٽ گرمين ۾ کائڻ جا مزا پيا ڳولين، جيئن تون وڃين تلاء جي بدران گند ۾ ڪاھي پئني، ھو به تڪڙا چوٽيءَ جا، ڏنو ٽٻي تلاء ۾ مڇين لاءِ ۽ پاڻ ٿيا شڪار وڃي ڪاري نانگ بکايل جا، بس ابي کي چوان تڪڙ ڇڏ خواھشن واري ڪاري نانگ کان بچ نه ته جيت ماڪوڙا به ويري ٿي پوندئي، ڪُئيون ڪُئيون ڪندي متان ڪُئين وانگر اوھين کاڄ نه ٿي وڃو.

تڏي آئي ۽ پُٽ ڄائي به ڪو آرھو ٿئي؟

تڏي آئي ۽ پُٽ ڄائي به ڪو آرھو ٿئي؟

راڻو رتن اڌار کڻڻ جو وڏو شوقين ھوندو ھو، ھميشه پيو وجهه ڳوليندو ھو، ڪٿان ڪا اڌار ملي پوءِ ڀلي ڪو فلاحي ادارو ڇو نه ھجي يا ڪو (اين جي او) مطلب ته دوست رشتيدار پاڙيسري راڻي رتن کان بچي به ڪيئن؟ اڌار گھرڻ جا نت نوان جديد طريقا استعمال ڪرڻ جو ھنر به ڪو وٽانس سکي، ائين ڌوڙيا لاھي ڇڏيائين پنجن رپين واري شيءِ پندرھ رپين ۾ پيو چُڪائي کڻي، لالچي لوڀ ۾ ڪنڌ نمايو اچيو پاڻ ڏين، پوءِ راڻي رتن جو ڪھڙو ڏوهه؟ گراھڪ گھر ويٺي اڌار ڏيو وڃن ٻيڻا ٺاھڻ جي چڪر ۾.
ھڪ دفعي متارو مسڪين جنهن جو ڪيتري وقت کان راڻي رتن ڏانهن قرض رھيل ھو جڏھن گھرڻ وڃي ته جواب ۾ اھا ورندي اچي بس منھنجو ڇوڪرو ٿيڻ وارو آھي دائي ٻڌايو آهي، بس پوءِ پئسا گھر ويٺي ڏئي ويندس، متارو مسڪين سوچيو ويچارو راڻو پريشان آھي شايد ٻار جي معاملي ۾ شايد ڪا آپريشن وغيره جو ڪو مسئلو آهي، ڀلي فارغ ٿئي، ائين وقت گذرندو ويو، هڪ ڏھاڙي نديم ناسوري جيڪو ويجھو راڻي رتن جو عزيز ھو، ھڪ ھوٽل تي ڏسي سڀ قرضي گڏ ٿيو راڻي رتن کي ڦريو ويٺا آھن، ھي به وڏو ناسوري فقير ھو وڃين پاسو ورتائين سڀ پيا پڇن ته راڻا تنھنجو ڇوڪر ٿيندو ڪڏھن؟ راڻي وڏا ٽھڪ ڏيندي چيو بس دير ڪانھي، اتي ناسوري نديم پڇيو ڀلا راڻا رتن تنھنجي ڇوڪر جي پيدا ٿيڻ سان ھنن قرضين جو ڇا جيڪي سڄو ڏينهن گھر جي گھٽي تي بيٺا آھن، پاڙي وارا ماڻهو سمجھن ٿا راڻو ڪا وڏي ھستي ٿي ويو آھي ڏاڍا مھمان اچن ٿا وٽس، اصل ڳالهه جي خبر ھاڻي پئي آهي، راڻي رتن ورندي ڏني، ناسوري! منھنجا ماڻھن کي ڪروڙين رپيا ڏنل آھن مبارڪن جا بس ڇوڪر جيئن ٿيو سڀ وصول ٿيندا، پوءِ الٽو ڪار به وٺبي ۽ قرض به ڏبا ۽ توکي به گھمائيندس، ناسوري ھيڪر ته خوش ٿي ويو سڀ قرضي حيرت مان ھينئان لاٿار ٿي ويا، پر راڻو رتن کلڻ ۾ لڳي ويو، ناسوري به ناسڪا ھڻندو وڃين گھر پهتو خبر پئي ته ٻار ته پري جي ڳالهه آھي ھمراھ اڃان ڇڙو ڇانڊ آھي، شادي جھڙي آھي تھڙي ڪانھي بس ناسوري الٽو ۾ گھمڻ واري ڳالهه تان ھٿ کڻي ويو پر قرضين کي ٻڙي ڏيڻ جو سوچيائين، وڃين متاري مسڪين جي ڪن ۾ سس پس ڪيائين، متارو ڪيئن مڃي جيڪو خيالي پلاءُ ۾ ٻيڻان ڏوڪڙ ٺاھيو ويٺو ھو اھو يقين ڪرڻ باوجود به آسرو ڪيئن پلي.
دوستو، دنيا جي وھنوار ۾، زندگيءَ جي خواھشن ۾ سواءِ ٺڳيءَ جي ٺڪائن کان ٻيو ڇا آھي؟ ويچارو انسان متاري مسڪين وانگر نفس راڻي رتن جي آسري رڳو خوش فھمي ۾ آڱرين تي ڳڻيندي ڳڻيندي سڄي بازي زندگيءَ جي ھارائي ھٿين خالي واپسيءَ جي ٻيو ڪجھ بچندو ڇا؟ بس سوچيندي ٻيڻا کڻڻ جي بدارن وکر اھڙو ويھارجي جيڪو پنهنجي مٺ ۾ ھجي ۽ خراب به نه ٿئي.

اچو ته چنڊ کي چورايون

اچو ته چنڊ کي چورايون

چنڊ ۽ چانڊوڪي جو موضوع ھميشه زيرِ بحث رھيو آھي، چنڊ جتي روشني جو اُھڃاڻ آھي، اتي مذھبن جي ڪتابن ۾ به ان جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيئن قرآن مجيد ۾ شمس ولقمر جو ذڪر ملي ٿو، ائين نبي آخر زمان صلي الله عليه وسلم جي چنڊ جي معجزي کي تاريخ ۾ وڏي اھميت حاصل آھي، ائين چنڊ کي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي محبوب جي چھري ۽ وري رخسارن کي ڪارن ڪڪرن ۾ لڪائڻ واريون لڪ لڪوٽيون ڳايون آھن، جنھن مان وقت جا مجازي مستانه لطف اندوز ٿيندا رھيا آھن، وري سھڻي ميهار جي قصي کي به اونڌاهي ۽ چانڊوڪي راتين جي عنوانن سان شاھ صاحب ڀٽائي ڳائي لازوال محبت جو داستان ھميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.
چنڊ به واقعي محبوب جي حسين چھري وانگر جڏھن ڪارن ڪڪرن ۾ لڪ لڪوٽيون ڪرڻ شروع ٿو ڪري ته ھڪ عجيب عاشقانه دلين ۾ بي چينيءَ رم جھم جھڙي ڪيفيت ظاهر ٿيو پوي، ڪئين مستانه فطري فڪرن جا فاصلا طئي ڪندا ڏسجن ٿا، عجب لقاء آھي فطرت جو نه ته سج به روشن وڌيڪَ آھي پر چنڊ جو ذڪر ديرينه دليريءَ سان پيش ڪيو ٿو وڃي، وڏيون ڪھاڻيون دلبر ۽ دلربائي جون ملاقاتيون وري چانڊوڪين راتين ۾ لڪ ڇپ ۾ ھڪ ٻئي کي ڳولي لڀڻ جون ڪھاڻيون، ائين جيئن آڳاٽي زماني ۾ اسان جي ٻھراڙين ۾ نوجوانن جون ونجهَوٽِيون ۽ ڪوڏي ڪوڏي جون رانديون چانڊوڪي جي انتظار ۾ ھونديون ھنيون، ائين جيئن ڪنھن پاڙي واري درويش جي دربار تي اسان جون ويچارڙيون زائفائون گھر کان ٻاھر نڪرڻ جي بھاني کي تلاش ڪندين، مطلب ته چنڊ خود مجاز سان ڀرپور روشني آھي، جيڪڏهن ان کي گرھڻ ٿو لڳي ته ڄڻ عاشق جي دل ائين ٿي تڙپي جيئن دلاسو ديدار وارو جدائيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ، پوءِ ڏوڪرين ۽ مڙهين جا سوڻ ساٺ پنهنجي جڳهه تي وري سائنسي بنيادن تي ۽ فلڪياتي ماهرن ۽ ستارن جي عاملن جا منطق الڳ الڳ نمودار ٿيندا آھن.
ائين اڄڪلهه ان فطري سونھن کي به سائنسدانن اچي وڪڙ ۾ وڌو آھي، ھڪڙيون خلائي اسٽيشنون چنڊ تي لھن ته ٻيون وري سفر ۾ ائين اتي چنڊ جي زمينن تي قبضا مافيا ملاکڙي لاءِ رسا ڪشي ۾ مشغول وري واءِ فائي به ھلڻ لڳي چنڊ تي ھاڻي ڇنل ۽ ڇڄڙيل رولاڪ روح جيڪي چنڊ کي ھڪ محبوبه جيئن سمجھي روئڻ ۽ ريجھائڻ ۾ لڳي ويندا ھئا، ڇا ھاڻي اُھي ڪنھن بيوٽي پالر جي دڪان اڳيان انتظار ڪندا ته ڪڏھن ٿو محبوب تيار ٿي ٻاھر نڪري؟ ائين جيئن ھڪ ڪماؤ مافيا بجيٽ جي اوسيئڙي ۾ ته ڪھڙي جنس مھانگي ٿئي، ائين نوجوان جيڪي سڄيون راتيون سوشل ميڊيا تي وڃائڻ بعد انھيءَ انتظار ۾ ته ڪو ڪرونا سبب بڻجي پيپر پروموٽ ٿيندا وڃن ۽ اسان پاس ٿيندا رھون، ائين وري سياستدان ٺيڪن ۽ ڪميشن جي لالچ ۾ نوڪريون ٿوڪ تي نيلام ڪرڻ جي چڪرن ۾ ۽ آئينده اليڪشن جي سيٽينگ لاءِ رقم گڏ ڪرڻ ۾ رڌل، بس ائين اڄڪلهه جو اولاد ظاھر ۾ مائٽن کي پاڻي جو گلاس پيارڻ لاءِ به لاچار باقي فادر ڊي تي ڪنھن سٺي ڪاپي پيسٽ جي ڪاپي ڪرڻ جي انتظار ۾، بس اھڙا به جوان ڏٺاسين جو چون ته ابو اڄ پرڏيھ پکي وانگر اڏري ته سندس آکيري ۾ چٻ وانگر ٿي ويهجي جيئن ڪنھن ڪامل درويش جو اوٻاش اولاد ان سياستدان جي اولاد وانگر مسند نشين ٿيڻ لاءِ آتو بس ھڻ ھڻان جو جھان آھي جيڪو ڦٻي بس اسان يار جي ياراني ۾ غرق ۽ منافق مفادن ۾ در بدر.

دائي کان پيٽُ ۽ ڪُڙميءَ کان کيٽُ ڳجھو ڪونھي

دائي کان پيٽُ ۽ ڪُڙميءَ کان کيٽُ ڳجھو ڪونھي

چون ٿا ته اکين ڏٺا شاھِدَ به وقت جي وھڪري ۾ وھيو وڃن، يعني خاموشيءَ جو ماسڪ پايو ڇڏين ۽ منھن ۾ پُڙي وجھيو ڪنن ۾ ھينڊ فري ھڻيو دنيا ۾ ٻوڙا گونگا سمجھڻ لڳن، ھڪ طرف ڏسجي ته ٺيڪ ڪيو اچن، نٿا پھچي سگھن، مفادن جي ٽڪراءُ کان ٽاڻا ٽارين پيا، وري ڪٿي سڻڀو لقمو لڪيو چٺايو ٿو وڃي، ڪڏھن وري زوري جي مهندي ھڻايو وجھن، مطلب ته مجيجي جي ماٺ ماڻا به ڪري سياڻا به سڃاڻي پر چپ کي چُھنبَ ۾ جھلي رکيو ڇڏي، ڳالهه ڪوتاھ، ائين درسگاھن ۾ گڏھن کي گاھه کارائڻ واري عادت گھڻي پراڻي آھي، تڏھن کان گڏھ پالبا ھئا جڏھن کان گھوڙن جي کوٽ ۾ سواريون ڪبيون ھيون، اھو رواج وري ھن جديد دؤر ۾ وڌيڪ تيز ٿي پيو آھي، جڏھن کان گاھه جي جڳهه تي اليڪٽرانڪ فيڊ اچڻ شروع ٿي وئي آھي، جو ھڪدم سست جانور تندرست توانو ٿيو سواري لاءِ دستياب ٿيو وڃي، جيئن اڳئي ڏاھا ويچارا چوندا ھئا ته ڪتو ڇتو ٿئي پوءِ به مالڪ جو خيال ڪري ٿو وڃي، ائين چور وري به چور ٿي پاڙي کي ٽاريو ڇڏي، ڌاڙيل بيواهه ۽ سيد جو احترام ڪرڻ لازم سمجھي، نياڻي کي ست قرآن سمجھي ھرڪو ادب ڪري، ھاڻي قرآن جا ڄاڻون قرآن کي پاڪ ڪلام کان ھٽي ڪري جان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن استعمال ۾ آڻين ته دانھن ڪنھن جي در ڏجي؟ جتي اخلاقيات لاءِ نئون نسل نھاري اتي وري نت نوان طريقا ايجاد ڪيا وڃن ان بي شرمي ۽ واھيات حرڪتن جا جنھن لاءِ ڪتاب ڪلام الله ۾ پنج ھنڌن تي ذڪر ڪري ۽ حديث پاڪ ۾ سخت کان سخت سزائن جي حوالي ڪيو وڃي، اتي پيشماني لڄ بچائڻ جي زياده ٿيو وڃي، تعليم ۽ تربيت جي جڳهه تي اھو رواج اڄڪلهه سڀني نيڪي جي منصبن تي فائز افرادن کان وٺي پاڪيزہ جڳهن تي نظر فڪر ۽ غور طلب آھي، سڀني کي ھڪ قطار ۾ نٿو بيھاري سگھجي پر ڪاري رڍ گر واري ولر کان الڳ ڪرڻ جيتري لازمي آھي اوتري اھا وبا واري بيماري کي ساڙڻ گھرجي، پوءِ ڀلي جنھن کي لڳل وبا ھجي اھو ڪيڏو به قيمتي جانور ڇو نه ھجي، ٻئي ولر ۽ جاندارن کي محفوظ رکڻ لاءِ جڳهه کي جراثيم ڪش اسپري ڪرڻ گھرجن جيئن وبا جو ھميشه خاتمو ٿي وڃي، باقي دائي کي دُن ۽ پيٽ جي ڄاڻ نه ھجي اھو ممڪن ڪونھي.
ائين ھاري کي پنهنجي زمين جي زرخيزي ۽ مرضن جي سڀ سڌ ھوندي آھي، اھو وقت آهر انھن فصلن جو علاج به ڪندو آھي ۽ ان ٻنيءَ جي مطابق فصل اپائيندو رھندو آھي، دائي به علاج لاءِ پنھنجو تجربو ضرور استعمال ڪندي آھي، پر ائين جيڪڏھن ڄاڻون ۽ سجاڳ طبقا جنهن کي خبر سڀ آھي پر فقط مفادن کان ھٽي ڪنھن ذاتي نظرئي فڪر کان اڳتي وڌي ھڪ وڏي ناسور بدنامي جي داڳ کي ڌوئڻ واسطي نروار ٿي ڪري ڪووڊ (Covid) جيان ويڪيسين وارو عمل شروع ڪن ته قرباني جو جانور فقط قرباني ۾ ئي ڪم اچي سگھي، باقي ٻين گھرجن کان پري رکجي ته نسل ڪمزور پيدا ڪو نه ٿيندو، ايندڙ وقت ۾ ولر جي ناياب ڌڻَ کي ڪو فڪر خوف ڪو نه ٿيندو.

سڀ رئيس، گھوڙو ڪير ٻَڌي؟

سڀ رئيس، گھوڙو ڪير ٻَڌي؟

وقت، وقت جي تقاضا آهي، جڏھن گھر ۾ ھڪ وڏي جي ھلندي ھئي، ائين راڄ ڀاڳ ۽ ڳوٺ پاڙي جو چڱو به ھڪڙو ھوندو، ھاڻ ته گھر ۾ ڀاڄي به ھر ڪنھن جي پسند، نه ته اڳئي دال ماني به ھڪ دسترخوان تي گڏ کائبي ھئي، ھاڻ ته ٽي وي به ھڪ نٿي وڻي، ھر ڪو الڳ ديڳڙي رڌڻ ۾ پورو آھي، پوءِ اھا ٻي ڳالهه آھي جو ان ۾ سامان رڌڻ وارو گھٽ وڌ ھجي.
اڳئي صلاحون وڏن کان وٺبيون ھيون، ھاڻي مشورا مفت ۾ مفت وارن جا ٻُڌڻا ٿا پون، جنھن جو نالو نه نشان اھو به گھر ڌڻي، ھڪل ڪري چوي جانو ڪُتي کي جھل آئون تنھنجو مھمان، نه ڄاڻ نه سڃاڻ مڙس ائين اچي لٿو ڄڻ ملڪن جو والي، ويندي ويندي خبر پئي ته ڄٽ کيسو به ڪتري ويو.
ائين اڄ اسان ھڪ اھڙي ماحول ۾ رھون پيا جتي مائٽ پريشان آھي، اولاد ۽ استاد جي پاڪيزه رشتي ۾ گندلاڻ جو وچ ۾ اچڻ، جتي لفظ به اٽڪي ٿا پون ڳچيءَ مان ڪيئن نڪري اظھار ڪن ادب ۽ حياء شرمسار ٿيو پوي، فطرت جا قانون ۽ قائدا، نيڪيون ۽ بديون وري انھن جا به ڪي اصول ۽ سسٽم ھئا، نڀاڳن جي کوٽ اڳئي ئي ڪو نه ھئي پر ھاڻي ڇڙواڳي ڪم لاھي ڇڏيو آهي، نه خبر سمھڻ جي نه خبر جاڳڻ جي، وري ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي دشمنن جي وچ ۾ دوستن جو ۽ دوستن جي وچ ۾ دشمنن جو، سڀ ڏسڻ ۾ ماکيان ميٺ گھڻو، خوشامند وري اھڙي جو جو ڄڻ ڪڪڙ ڪڪڙي کي داڻو پيو چڳائي، حسد جا ھيراڪ ظاھري ۾ حيرانگي جي عالم ۾ ماٺ جي مار ۾ جي ڳالھائي سگھن تي اھا ماجرا الڳ آھي، پر اندر جي باھ اکين ۽ منھن مان اولا ڪريو پئي نڪري، پرائي ڪاڄ ۾ ۽ ٽوپي نراڙ تي ڪاٽن جي کر کرا ائين گھوٽ ٿيو پيا اچن پر نئييڊ جي بيگ ۽ ڪاپي کان ايترو پري نڪريو ڀڄيو وڃن جيئن موالي مسجد کان ۽ ملان ملامت کان ۽ پير پنھنجي ماني کان، نقلي صوفي فڪر فھم کان، بس واڄٽ لڳو پيو آھي پنھنجي منھن پنھنجي تعريف جون ڪھاڻيون، وري ٻڌڻ وارا کائڻ ۾ پورا ڪرڻ وارو خوش فھمي مبتلا، چوڪيدار ۽ چور ڳٺ جوڙ ڀاڳيو ۽ پيري انھيءَ اوسيئڙي ۾ متان ڪٿي چورن جا سنگتي ڪا ٺوڪ نه ڏين، چڱا راڄ جا چورن جا يار وري والاري ۾ ڀاڳين سان گڏ ڀيڙا ۽ ڇڏائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرا، پوءِ ڀلا ڪيئن نصيب کُلن ھن ڌرتيءَ جي دردن جا، ھڪڙو فون ٻَڌائڻ لاءِ وري ٻيو فون ڇڏائڻ لاءِ، آفيسر به پريشان ڇو ته ان ويچاري کي پيٽ ۽ ٻچا آھن، گھر جا ڌڻي ھيڪاندا، ھر ڪنھن جو گھوڙو جھلڻو پوندو ان جي واڳ سميت، جيڪڏھن گھوڙو رسو ڇنائي ويو ته راڄ رينگٽ ۾ اچي لھندؤ، پوءِ بس رئيس جو گھوڙو ۽ گاھ وري ڪلهو جھلڻو پوندو.

گَنجو چوي، سڀ مون جھڙا ٿين

گَنجو چوي، سڀ مون جھڙا ٿين

عادتون ڇٽن ھا ته لومڙيون لوريون ڏئي پنهنجي ٻچن کي شينھن جون آکاڻيون ڪو نه ٻڌائين ها، گدڙ ويچارڙا اونائيون ڪن بُک مان صابو سمجھي ته منھنجي ڪڪڙ فارم تي حملو پيا ڪن، اصل ۾ ھو اھو چوڻ چاھين پيا صابو ھٿ ڪڍ حلال سڀ تنھنجا پر مئل ته اسان لاءِ ڇڏ، پر صابو به جڏھن گدڙ جي اونائين واري ٻولي سمجھي ايستائين ڪاڪو ڏنو پھچيو وڃي، سڀئي مئل ڪڪڙ ميڙي سيڙي ڪامران جي دعوت ۾ ديگڙي حوالي، پر گاھ به ڀريءَ ۾ ته اچي ان کان اڳ ۾ خدن اچي خواريءَ جو سندرو ٻڌو، ڍاپي مري مورو ڏوهه پوي ڏاتن جي ڏانٽن تي (گاھ وڍڻ وارو)، ڏاتن ڏانٽو ڇو ڏنو؟ پر گھرڻ وارن کان به ڪير پڇي ته اوھان ڏانٽو کنيو ڇاجي لاءِ؟ جڏھن اوھان ھميشه پرايا گاھه چورائي لوسڻ نڪ ڪيا، جيڪڏھن ڏاتن جي ڏانٽي پنهنجو ڪم ڪٻاڙو ڪيو ته چڱو ٿيو، وري ڪٿي لوسڻ مانجھلي ڪو نه ٿيندو، ھاڻي ته گاھ جا به ڪئين قسم دريافت ٿيا آھن، اسان اڃان پراڻا طريقا پيا ڳوليون.
ڪالهه گنجي گاجن جڏھن خالو واري ھوٽل تي نديم ناسوري کي وڳ پاتل ڏٺي بس ھمراھ صفا ٺري پيو، وڃين گھر واري ٻڪري ۾ ھٿ وڌائين تياريءَ ڪيائين ته ناسوري واري وڳ وٺبي، تڪڙ ۾ ڀلجي ويو تولو مولو کي صلاح ھنيائين ته اوھين به وڳ وٺو، سائين لکاني ٻڌي ورتو چيائين گنجو تون پاڻ سمجھين وري ٻين کي پيو، اتي چاچي خدن وڏا ٽھڪ ڏئي چيو ته سائين لکانو اُھي سبق ته سڀ اوھان ئي سيکاريا آھن ھر ڪنھن کي انھيءَ دڪان واري طوطي جيئن پاڻ وانگر سڀني کي گنجو سمجھڻ، جيڪي عادتون اوھان پاڻ ۾ وڌائي وڏيون ڪيون اُھي ائين پيا سمجھو ڄڻ ٻين ۾ اھڙيون عادتون ھونديون، لٺيون ۽ موچڙا پاڻ جھليو ٽپا ڏيو ڏيڏر وارا، نھاريو پرايون کيڙيل زمينون وري چؤو ته سبحان الله! اُھي اسان پنهنجي عقل ۽ فھم ۾ ڪھڙيون ٺاھيون ڪاريون ٻٽالي واريو بوتلون چپن تي چاڙھيو ۽ سڄو جيڪي چاڙھين انھن سان گڏ ھلو وري سمجھو ته چاچي خدن به ائين ڪيو ھوندو، ڪجهه خوف خدا جو ڪريو ھاڻي ڀلي کڻي سائينءَ ٿي ويا ھجو پاڻ سڀ مديجي آھيون، ھڪ ٻئي کي سڄاڻون ٿا، وقت تبديل ٿي ويو آهي ھر ھڪ کي گنجو نه سمجھو متان ٽوپيءَ ۾ لڪيل تو واري ٺوڙ تي ڪنبر ڪامل وارا ٽٽل ٺڪر نه ڪٿي ھي ھمراھ ٽوڙي نه وجھن، تون سمجهين پيو انھي آڳاٽي زماني کي ھن وقت ڇوڪرا سڀ شوق مان ڪڪڙي ڪٽ ٿيو پيا گھمن، ڇڏين نه ڪٿي گنج سُڄائي، پوءِ پيو مائي ڀاڳيءَ وارا ڳاجهه ڳائين ۽ ساروڻيون سارين.

عادت مٽي، نه عادتي، علت مور نه جاء، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چونڊي کائي

عادت مٽي، نه عادتي، علت مور نه جاء، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چونڊي کائي

چوندا آھن ته علتي ڪا عادت ڇڏي، جيئن ھڪ جواري کٽندو ته ٺِڪرين تي به جُئا ڪندو، ضرور ماچيس جون تيليون چورائي به علت پوري ڪندا، ائين علتون ۽ عادتون گھڻيون سماج ۾ موجود آھن، وڏي ۾ وڏي خطرناڪ عادت فتني خوري جي آھي، فتنه خور ھڪ وڏو ناسور آھي سماج لاءِ جيڪو در در باهه دُکائي، پنھنجن کان وٺي پاڙي ۾ دونھان مچائي، اڃان به اڳتي سنگت کان وٺي ڪنھن جي سٺي ڪاروبار کان ٿيندي ھر ھڪ فيلڊ ۾ لھي پوي بس، ٻن کي ڦٽائي پوءِ پيو لنگر کائي شيطان جو، اھڙا فرد لڪي نٿا سگھن پر وڏا ٽيڪنيڪل ماھر ٿين ٿا ڇو جو شيطاني قوت سندن سرپرستيءَ ڪندي رھي ٿي، اھڙو ھڪ ٽولو تولو مولو جي ور چڙھي ويو، تولو جو اوٻاسيون ڏيندي خالو جي ھوٽل تي پھچڻ چانهه جي ھنڍيءَ ڏانھن حسرت ڀرئين نظرن سان ڏسڻ، ايستائين سڪايل سوٽو اچي رسيس چانهه ۽ بسڪيٽ جو آڊر ڏئي تولو سان ڪچھريءَ ۾ لڳي ويو، تولو اڳئي سڃاڻندو هو ڇو جو سائينءَ سرمائي سان گھڻو گڏ گھمندو ھو، بس اچي جو مولو لاءِ تولو جي دل ۾ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائين، وڏا داستان ڌريندو رھيو چوندو ويو، مولو ڪو ماڻھو آھي ڏس جڏھن بي روزگار ھو تڏھن ڏس اڄ وري نخرا پيو ڪري، سائين سرمائي اڳئي ئي توکي سيکاريو ھو پنھنجي ھٿ مان نه ڪڍ نڪري ويندؤ، ڏس سائين سرمائي سچ چيو ھو، ڏس اڄڪلهه ھو مولو وارو نئون سائين ڪنھن کي گاھه ئي ڪو نه ٿو وجھي پنھنجي ھٺ ڌرمي ڇڏي ئي نٿو، بس ھر وقت سچ جي رٽ لڳائي ويٺو آهي، بابلا اھو وقت ٽري رھيو آھي، بس نانگ نمونو ڪري ماڻھن کي ٺوڪون ڏيڻ گھرجن، حق ۽ سچ بس ڪتابن ۾ چڱو ٿو لڳي، راھ گناھ پاڻ سان گڏ اسان سڀني جي روزي تي لت هڻندو، وري اھڙيون جون حقيقتون ٿو ٻڌائي جو اسان ھاڻي لڪڻ ۾ ئي پورا، آئون ته ان مولو واري سائين کي صفا ڄٽ اُٺ ٿو سمجھان جيڪو ڪڻڪ جو فصل ۾ بيھي ڪري ڪنڊا چونڊي پيو کائي، ھي ڪو وقت آھي ھميشه ڪنڊا چونڊي کائجن، ماڻھو کي پنھنجي مفادن لاءِ سوچڻ گھرجي، ڇا انسانيت جا ٻين سڀ حق پورا ڪري ڇڏيا آھن باقي رڳو ھڪ مولو وارو سائينءَ بچيو آھي سمجھي ئي نٿو، پر اسان به ڇڏينداسون ڪو نه، ڪوشش ڪنداسون پاڻ جھڙو ڪري ڇڏيون، نه ته خوار ڪرڻ لاءِ گامو سچار جي ڪوڙي آئي ڊي تان اھڙيون جڙتون ڳالھيون جوڙي ھلائينداسين بقول سائين لکاني جي ماڻھو ان کي سچ سمجھندا، تولو يار تون ڌوڙ پائي مولو جي منھن ۾ توکي ڇا مليو تون اسان سان گڏ ٿي وڃ گڏجي ونڊ ورڇ ڪنداسين، آھي ته ٽولو وڏو پر جتي لالچي بازار ۾ اتي ٺڳ بُک ڪو نه مرندو، ڀلي مولو وارو سائين وڃي اُٺ وارا ڪنڊا ٽوڙي اسان ته گلن جون پتڙيون کائينداسين.

قلم گونگي جي زبان آهي

قلم گونگي جي زبان آهي

لکڻ ھڪ داناءَ ۽ دانائيءَ جو نالو آهي، جيڪڏهن ڪاٺ يعني قلم جي تلوار چئجي ته ليکڪ جو قلم تکي تلوار به آھي، پر جيڪڏھن جنھن سماج ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳا پيا هجن، ته يقينن سمجھو قلمڪار جو قلم ھڪ ٻھارو به بڻجي ٿو وڃي، جيڪڏهن ڪٿي اڻ برابري جا رواج وڌنڌا پيا وڃن، اتي قلم ھڪ رستو ۽ اھڃاڻ آهي ڀائپي ۽ ڀائيچاري جو، جتي ڪاوڙ ۽ حسد جي باھ روان دوان آھي، اتي قلم صبر ۽ برداشت جو حصيدار ٿيو بيھي ٿو ۽ سيکاري ٿو ڏانءُ ۽ ڏات سان صلاح مشورا محبت وارا، جتي بدمعاشي ۽ فنڪاري عروج تي ھجي اتي قلم ھڪ سياڻپ جو داستان آهي، جتي حق ظلم جي اڳيان سر سجود ھجي اُتي قلم لڪ لڪوٽي جو سچ آهي، جتي ڏاڍ جو ڏھڪاءُ ھجي اتي قلم قلمبند ڪري ٿو تاريخ نسلن جي.
دنيا جي تاريخ ۾ اھڙا مصنف ملندا جيڪي ھزار ھا ڪتابن جا ليکڪ ھئا ۽ اھو ڪم صدين کان جاري آھي، جن پنهنجي قلم جي پورھئي مان شھرت به ڪمائي پر علم جي دولت جو ورثو پوئين لاءِ محفوظ ڪري ويا، اشارتن اھڙا راز ۽ علم ڇڏي ويا جيڪو سونن ۽ جواھرن جي ماليت کان وڌيڪَ وزني قرار ڏنو ويو.
ھن جديد ۽ اليڪٽرانڪ دؤر جي دنيا ۾ قلمي نسخا وڏي اھميت جا حامل ٿي ويا آهن جن تي تحقيق ڪندي ڪندي ماڻهو وڏا داناء ۽ اڪابر بڻجي ويا، جتي ابن عربي جھڙن جي مفڪرن اشارتن ۾ ڪائنات جي رازن کي سمجھيو آھي، اتي مولانا روميءَ جھڙن مثنوي ۾ روح جا خارجي ۽ داخلي معاملا سلجھايا آھن، وري ڀٽائيءَ کي جي ڏسجي ۽ پڙھجي ته ھڪ صورتختي لفظن جي صورت ۾ ٻي طرف گھڻن زبانن کان وٺي قرآن پاڪ ۽ حديث کي گڏي اظھار ڪرڻ جو سليقو سمجهه وارن لاءِ وڏو خزانو آهي، جيڪڏهن ڪنھن ڳوليو ۽ ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڄڻ دل درياه بڻجي ويس. ٻئي طرف روزمرہ جي زندگي ۽ گذريل زندگيءَ کي ھڪ جڳهه ملائي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري سامھون آڻڻ وارن فلاسافرن به ڪمال ڪيو آھي، دنيا جو سڄو رواج جيڪڏهن اڄ قائم آھي ته قلم جي ڪوششن جو وڏو عمل دخل آھي، اڄ جيڪڏھن مذهبي ڪتاب موجود آھن ته انھن جو پويان به قلم جو ڪم آھي، جنھن وقتن به وقتن انھن جا تفسير بيان ڪيا آھن، مقدس ۽ پاڪ ڪلام قرآن پاڪ جي موجودگي ۽ ان جو گھڻو ڇپجڻ به انسانيت جي بقا لاءِ وڏو سھارو آھي، جيستائين قرآن پاڪ موجود آهي تيستائين ھر قسم جي ظلم ۽ جبر اڻ برابريءَ کان وٺي سڀ بدڪارين کي ننديو ويندو، ھڪ اھڙو رستو ۽ سبق حاصل ٿئي جنھن ۾ زندگيءَ کي سونهن ۽ سينگار ملڻ کان وٺي پاڪيزه ٺاھڻ جا گس فراھم ٿين ٿا، انسان جي پيدائش کان وٺي اختتام تائين سڀ ڪجهه بيان ٿيل آھي، پر سمنڊ ۽ خشڪي، ستارا ۽ چنڊ تارا سمجهه ته سڄي سائنس منجهه موجود آھي، زندگي کان بعد به اچڻ واري زندگيءَ جو احوال ملي ٿو، جيڪو ھڪ انسان ڀِتِ وانگر ماٺ ۾ به آھي قلم ان گونگي کي لکڻ جي زبان ڏئي ٿو.

نئون ڍَڳو نار ۾، وَھي ٿو واپار ۾

نئون ڍَڳو نار ۾، وَھي ٿو واپار ۾

نئين ھر ڪا شيءِ وڌيڪ تيزي ڏيکاريندي آھي، جيئن پنهنجا پير پڪا ڪري، نئين ڪنوار نوان ويس ان لاءِ ڪندي آھي جيئن ڪنوار ٿي رھي پوءِ جيترا ڏينهن رھي، جيڪڏھن ھوندس مڙس ڪو لالو موالي ته ويھاريندس پھرئين ڏينھن چلهه تي، سو به ديوين جي آلين ڪاٺين تي، پوءِ ته ڪنوار وارا نخرا ته ٺھيو پر ونواهه وارا کاڌا به وسري ويندس، ائين مسجد ۾ موذن وڏن زورن سان ٻانگون ڏيندو آھي جيئن پاڙي واريو ماسيون ۽ نانيون ٻُڌن ڪو سڻڀو ٽڪر موڪلين.
ائين نئون نئون ڄٽ مارڪيٽ ۾ پنهنجي مائٽن جي ڪمائي تي انٽري ڪرائيندو آهي، ڪوشش ڪندؤ ھلندڙ وقت ۾ ضروري آھي ڀلي ٽپڙ وڪڻي پر ويگو گاڏي قرض تي به کڻين پر نمائش لاءِ اھو پھريون قدم کڻبو ضرور، ان سان گڏ سيٽون ڀلي سڀ خالي ھجن، پر ڏالي ۾ ڪو نشائي موالي ھيروئني کي ڪا ڦٽل بندوقڙي ڪلھي تي رکائبي ضرور پوءِ ويچارو اھو چرسي جيڪو پنهنجو پاڻ مان بيزار، وزن نه پنهنجو کڄئيس وري ڪَٽيل ۽ خالي ڪاٺ ڪٿان کڻي، ھن جو ساھ پيو وڃي ننڍو رئيس رونشي ۾ خوش، ائين نئون کلاڙي پري کان ڇَڪا چونڪا ڏسي ڪرڪيٽر ته بڻجڻ جو شوق ميدان ۾ کڻي آيس، لڳيس نه پٿر وارو ڏرو ٻئي ھٿ شلوار الاھي گھوڙا يوئنس پيشاب ھاڻي ڪيئن ڪندس، اھو اڳ ۾ سوچڻو ھو.
ائين نئون نئون صحافي موبائل اُڌار تي قسطن تي کڻي اچي مارڪيٽ ۾ لٿو ٻين جي واکاڻ ٻڌي، خبر ڪو نه پئي وڏو حق سچ جو شوقين بنجي پيو، مٿان اُڦٽ مار جي، پوءِ ته بابلا ھڪڙا پُٺا نوان وري مٿان سونٽا نوان پوءِ دانھون به صفا نئيون نئيون ۽ آوازن کا سُر ڪڏھن ڀيروي ڪڏھن اسان واري ڪوھياري مان مالڪوس پيو ڳائي، ٻُڌڻ وارن به واھ جا مزا ورتا، سڄي مارڪيٽ اڳئي لوڊشيڊنگ جي افراتفري ۾ ڪاوڙيل ھئي مٿان وري سواءِ ٽڪيٽ جي تفريح پوءِ ته ماشاءالله.
ائين وري نئون زميندار پڻس جي فوتگي جي ڪري اچي زمينن تي ڪڙڪيو، ڀاڻ کي ٻج، ٻج کي ڀاڻ پيو ڪري جنهن ھميشه ناشتي ۾ کارا بسڪوٽ کاڌا ھجن ان کي ڪيڪن جي ڪھڙي خبر، اھو ائين ٿيو جو مولو وارو يار تولو جي ڳالھين ۾ اچي شامتي پھلوان سان ملھه ٿو وڙھي خبر تڏھن پئي جو شلوار ۾ چاچي آدم واري دعوت جي ماني سڀ جمع ٿي اچي سائين سرمائي جي ھنج ۾ ڪري، پوءِ ته ملھه ته ملھه جي جاءِ پر شلوار ۽ سائين سرمائي ٻئي فقير لکاني جي ڪنڌ ۾، ڌوٻي ڪٿان ملي، ڦاٿي وڃي ماسي سڀاڳي ويچاري، جنھن کي ڪو ڪڻڪ جو ڪٽو مفت ۾ مليو ھو.
ائين سيٺ راضي رکت تي اچي نئون سيٺ ٿيو ٻه ٽي خوشامندڙا اھڙا اچي مٿي لڳس جو ھڪ ھفتي ۾ سيٺ پڪوڙن جو ٿالهه ھٿ ۾ ڪريو پئي گھميو، ائين وري نئون فقير پير پرديسيءَ جي صحبت ۾ اچي ميدان ۾ لٿو ڦيڻا سور ٻيڻا، فقيريون سڀ ٺڪريون ائين ٿيون ڄڻ نديم ناسوري جا وارا نانگ مڻڪن سميت ڳچيءَ ۾، سو نئون ڍڳو پانجاري ۽ گڏ سلھاڙيل پراڻو منڊو ڍڳو به ھلائي ڇڏيائين، چون ته سياڻا ته ڀَتُ ٺاري کائجي خوامخواه وات نه ٻارجي.

هڪڙو انڌو، ٻيو گُهمي کيڙيءَ ۾

هڪڙو انڌو، ٻيو گُهمي کيڙيءَ ۾

جڏھن سج جي روشني هلڪي ٿيندي ويندي آهي، ته ھر طرف انڌيرو ڇانئجي ويندؤ آھي ۽ ھر ڪو چوندو يار رات ڪاري ٿي وئي يعني اونداهي اونداهي، پوءِ ڪو متبادل روشنيءَ جو بندوبست ضروري ڪيو ويندو آهي، آڳاٽي زماني ۾ وڏي باهه ٻاري روشني ڪئي وينددي ھئي خاص ڪري مسافر ماڻھو يا مالوند مارو جيڪي جنھگ ۾ يا سفر ۾ نڪتل ھوندا ھئا، باقي ٻھراڙين ۾ مٽيءَ جي تيل جا ڏيئا وغيره روشن ڪيا ويندا ھئا ۽ امير ماڻھو شمعدان روشن ڪندا ھئا، ائين پوءِ لائيٽ بجلي جو دؤر وريو جنريٽر ۽ شمسي توانائي جو رواج وڌيو، ھر طرف مصنوعي روشني رات کي به روشن ڪري ڇڏيو ۽ انسان رات جو آرام ڪرڻ جي بدران روشنين ۾ جاڳڻ کي پسند ڪرڻ لڳا، انساني عادتون تبديل ٿينديون ويون، ڏينهن وارا ڪم رات جو ۽ رات وارا ڪم ڏينھن جو ٿيڻ لڳا، ھر طرف نوان نوان رواج ۽ نظام لاڳو ٿي ويا، ٻين کاڌي پيتي جي شين وانگر سج جي روشنيءَ به شمسي توانائيءَ جي نالي سان ذخيره ٿيڻ لڳي، وري وسڪاري جي صورت ۾ کنوڻ ۽ آسماني روشني وڌيڪ جوھر ڏيکارڻ لڳي، ائين آسمان تان ھيٺ زميني سفر ڪندي رھي، ان سان جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ لڳا، ڪنھن چيو ته اھو ڏوهه شمسي توانائيءَ وارن جو آھي، ڪنھن وري ڏوهه موبائل فونن جي بيجا استعمال تي ھنيو ليڪن جيترا وات اوتريون تشريحون يقينن ٿيڻيون آهن.
ھاڻي اچون ٿا ان اونداهي ۽ نابينا پن تي، نابينا پن جسماني، خارجي ۽ داخلي سان گڏوگڏ معاشرتي، ماحولياتي، روحاني، اخلاقي ۽ تربيتي به ٿيندو آهي، جتي روشني نه ھئڻ جي ڪري اُهي سڀ نقصان ڀوڳڻا پوندا اتي اُن جي لپيٽ ۾ سڄي انسانيت اچڻ يقيني آھي، اھڙي اندهيري جي انڌي پن ۾ جيڪڏھن ھمراهه ڪم ڪري بغير روشنيءَ جي، ته ھاڃيڪار ثابت ٿيڻ نصيب نه پر نابينا پن سڏائيندو، ائين جيڪڏھن عقل جو انڌو ڏاھپ جو ڌڄيون ڌارو ڌار ڪندو، وقتي ڌنار رڙيون زور سان ڪرڻ سان گڏ روشني عقل ۾ آڻڻ جي ھر ممڪن ڪوششون وٺندو، ائين علم کان وانجھيل نابينا نقلي علم جوڙيندو ته سياڻا ماٺ ڪو نه ڪندا ضرور پنھنجي حال سارو ھٿ ھڻندا، ائين جيڪڏهن معاشري ۽ سماج بدڪاري ۽ بدي جو اونداهو انڌيرو نمودار ٿيندو ته سچائي ۽ خير جا پارکو ولولا جاکوڙي جاري رکندا، ايستائين جيستائين روشني معاشري کي روشن نه ڪري، نه ته انڌا زرخيز ۽ آباد زمينون ڇڏي بنجر ۽ کيڙي ۽ کڙن ۾ وچڙي وڃي اونڌي منھن ڪرندا نه ته ٻيو ڇا ڪندا.

روز روز نئين کوهه جو پاڻي نه چکجي

روز روز نئين کوهه جو پاڻي نه چکجي

استقامت ۽ ھڪجھڙائي انسان کي قابليت سيکاري ٿي، در در سين ھڻڻ وارو گھڻ منھن وارو قرار ڏجي ٿو، چوندا آھن ھيءَ ھڪ ڳالهه وارو آھي يعني اعتبار جي لائق آھي، جيڪو سڄو ڏينهن ڳالھيون تبديل ڪندؤ رھي جيئن اسان وٽ ھمراهه پارٽيون ائين ٿا مٽائين جيئن شوقين برگر جوان ڪپڙن جا جوڙا، ائين سنگتون واسطا دوستيون وفائون سج جي پاڇولن وانگر گم ٿيو وڃن، افسوس اھڙا انسان صبح جو جنھن جي تعريف ڪندي ڏٺا ٿا وڃن شام جو اُھي وري چانهه جي پيالي وانگر ڍُڪ ڍُڪ سان گلائون ڪندي مور نه ڍاپن، ڪن کي وري عادتن ٻڪريءَ وانگر ٻٽيهه ۽ اُٺ وانگر ڇٽيهه ٻوٽيون کائڻ جي عادت ھوندي آھي.
ائين جيڪڏھن اليڪشن جا ڏينهن اچن ٿا ته خاص ڪري ھڪڙو شوقين ٽولو سڀني وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن جا چڪر ھڻڻ اُتي ڳاڙھا ٻوڙ چکڻ سنگهڻ ۾ وڏي ڪاميابي سمجھي ٿو، وري ھڪڙو ٽولو اھڙن وڏن ماڻھن سان سيلفيون ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکڻ ۾ وڏو ڪارنامو سمجھي ٿو، پوءِ ڌڻي سڃاڻي نه سڃاڻي پاڙي وارا ۽ گھر واري جي ھوندي ته اھا ويچاري ڦاٿي، چوندا ته ڏسو اسان ھاڻي وڏا ماڻھو بڻجي ويا آھيون.
ائين وري فقيرن ۽ عمليات جا شوقين بس راتو رات مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پيا ڳولين اھڙا ماڻھو جن وٽ ظاھري وڌاءُ ۽ رک رکاو جھڙا اسباب موجود ھجن، ھاڻي ته اھڙا عامل وڏين گاڏين جي پروٽوڪول ۾ وڏن وڏن نالن وارن کي پاڻ سان گڏ کڻيو گھمندا وتن ۽ سفارشون به ڪرائين ٿا پوءِ ظاھر آھي دنيا ويچارڙي اوڏانهن منھن ڪري ٿي رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ، جيڪو فرد ھميشه پنھنجو پير ٻئي جي جُتيءَ ۾ وجھڻ جو عادي ھوندو ان کي تڏھن خبر پوندي يا جُتيءَ وارو وچ ميدان ۾ جھلي ڪڍندس ڦيهه يا جُتي ننڍي وڏي جي چڪر ۾، يا وري اُبتي سبتي يعني ھڪ پادر ھڪڙو ٻيو وري ٻيو، بھتري ھميشه ان ۾ ئي ليکبي آهي ويساھ ۽ واعدا قول قرار جيترا مظبوط ھوندا اوترو اُھو انسان سماج منجهه ھڪ ڳالھ وارو ليکبو، باقي ھڪ کوهه جو پاڻي کارو سمجھي وري ٻي ڏانھن منھن ڪري ڏسڻ وارو ڀلي کان ڀلي جي ڳولا ۾ زندگيءَ وڃائي ويھندو پر مطمعن مشڪل ٿئي.
ھڪ ڏينھن جڏھن تولو مولو گڏجي خيرات جي ماني کائڻ لاءِ سائين لکاني سان گڏ نڪتا ته وچ ۾ سرمائي سائينءَ اچي گڏيو، خبرون چارون وٺڻ بعد چيائين ٺيڪ آھي پر ھيڏانھن اڄ فلاڻي ڪمدار جي ماني جي وڏي ڳالهه ٻڌي اٿم اڄ ڏسون ٿا اوڏانهن ھلجي، ايتري دير ۾ وڏن سلامن سان چاچو چنبر خان اچي لٿو مڙئي حال احوال کان پوءِ ٻڌايائين پاڙي ۾ وڏي سياسي پارٽي آھي ڏاڍا ھرڻ ۽ تتر آندا اٿن ڪڏھن کاڌا ڪو نه اٿئون، مون واري ڇوڪر کي وڏيري جي ڇوڪر دعوت به ڏني آھي ۽ سنگت ساٿ کي آڻڻ جو چيو اٿن، اچو ته اوڏانهن ھلون، ھمراھ سڀ صفا مُنجھي پيا وات ۾ پاڻي نارا ڪريو پيو وھي، نيٺ آخرڪار تترن ۽ ھرڻن ماري وڌو، گڏجي سڪندي وڃي پھتا دعوت به پڄاڻي تي پھتل ھئي، وڃي اوبرن تي مارو ڪيون بس تترن ۽ ھرڻ جو ھڏيون گڏ ڪري ٿيلھي ۾ ٻڌي کنيائون ته سنگت ساٿ ۽ گھر وارن کي ٻڌائبو ته اسان اڄ تتر ۽ ھرڻ کاڌا آھن، بس تڏھن چوندا آھن پنھنجي پاروٿي، تازن ٽڪرن کان بھتر آھي جتي ڪپڙا به ڦاٽن ذليل رسوا به ٿيڻو پوي.

سيد غلام حيدر شاهه قلندري جا

سيد غلام حيدر شاهه قلندري جا

ڇپيل ڪتاب ايندڙ ڪتاب
1. منهنجا سهڻا سڄڻ (ڪافيون)
2. ڀلي چريو چون ماڻهو (غزل شاعري)
3. نرتؤن منجهان نينهن (فضائل دُرود پاڪ)
4. هو جي هليا هنگلور (نثر)
5. گونجيا گيت حيدر جا (شاعري)
6. آذانِ عشق (تقريرون)
7. چنڊ چھرو محبوب جو (شاعري)
8. پرينءَ جي پار جون ڳالهيون.
9. سڄڻ جن کي سڏيو
10. اعلانِ عشق (تقريرون).
11. آثار قيامت
12. انتقالِ عشق وصالِ يار (شاعري)
13. نچوڙيو نينهن جن کي
14. هدايت نامه سلوڪِ قلندري
15. وفاءِ محمد ﷺ
16. سفرِ عشق
17. رڳون ٿيون رباب
18. مٺيون ڀيڙي ڀڄ
19. مقامِ محبت ﷺ
20. Salient Message of Sufism
21. ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا 1. ميدانِ عشق (تقريرون)
2. وارداتِ عشق (تقريرون)
3. باغِ وفا جون رمزون
4. لفظن جي ڄار (شاعري)
5. سب کچھ چلتا ہے
6. انعامِ عشق (سوالن جا جواب)
7. بے سمجھی کی باتیں (اردو شاعری)
8. رازِ عشق
9. چوڏهينءَ وارو چنڊ
10. روميءَ جي اوطاق
11. جهونن جي جهوپڙي
12. ورتم ڀر ڀٽائي جي