مختلف موضوع

رواداري

چونڊ تحريرن ۽ دستاويزن جو ھي مجموعو تعصب، نفرت ۽ تشدد جي خلاف شعور جي بيداري، رواداري ۽ برداشت کي واڌارو ڏيڻ لاءِ  ڇپايو ويو آھي. ان سلسلي ۾ آزاد بخاريءَ مختلف ليکڪن جيئن سبط حسين، وجاھت مسعود، آءِ اي رحمان، افراسياب خٽڪ، پروفيسر ڪرار حسين، جسٽس دراب پٽيل، ڊاڪٽر اقبال احمد، مولانا وحيد الدين ۽ ٻين جي لکيل مضمونن کي چونڊيو. ان سان گڏ ڪتاب ۾ يونيسڪو ۽ اقوام متحدہ جو مذھب يا عقيدي ۽ رواداري بابت پڌرنامو پڻ شامل ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book رواداري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، مصور ۽ محقق آزاد بخاريءَ پاران ترجمو ڪيل چونڊ مضمونن ۽ دستاويزن تي ٻڌل مجموعو ”رواداري“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
چونڊ تحريرن ۽ دستاويزن جو ھي مجموعو تعصب، نفرت ۽ تشدد جي خلاف شعور جي بيداري، رواداري ۽ برداشت کي واڌارو ڏيڻ لاءِ  ڇپايو ويو آھي. ان سلسلي ۾ آزاد بخاريءَ مختلف ليکڪن جيئن سبط حسين، وجاھت مسعود، آءِ اي رحمان، افراسياب خٽڪ، پروفيسر ڪرار حسين، جسٽس دراب پٽيل، ڊاڪٽر اقبال احمد، مولانا وحيد الدين ۽ ٻين جي لکيل مضمونن کي چونڊيو. ان سان گڏ ڪتاب ۾ يونيسڪو ۽ اقوام متحدہ جو مذھب يا عقيدي ۽ رواداري بابت پڌرنامو پڻ شامل ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2006ع  ۾ ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار ھيومن ڊولپمينٽ، لاھور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي