ناول

عشق لا محدود

ھي ڪتاب سنڌي سماج اندر ٻوساٽيل ماحول ۾ سنڌي عورت جي جاکوڙي ڪردار تي لکيل ناول آھي. ھن ناول ۾ ڪٽنب ۾ عورت کي پيش ايندڙ مسئلن کي موضوع بنايوويو آھي ـ ھن ناول جا ڪردار ڏاڍا بيلنس آهن. واقعا يا انساني رويا منفي بہ آهن تہ مثبت بہ آهن، اها ئي هن ناول جي ڪاميابي بہ آهي. عورت جي حمايت ۾ لکيل ھي ناول عورت جا ڪيترائي منفي رخ بـ سامھون آڻي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 95
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book عشق لا محدود

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب : عشق لا محدود
ليکڪ: زاھدہ تاج ابڙو
سال : مئي 2016ع
ڇپيندڙ: امجد پرنٽرس ڪراچي
ڇپائيندڙ: عقيل عباس سومرو
قيمت: 300 رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2023ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books. sindhsalamat. com


All Rights Reserved

Book : Ishq La MAhdood
Author : Zahida Taj Abro
Edition : May 2016
Printed : Amjad Priters Karachi
Published by: Aqeel Abbas Soomro
Price: 300/-

سنڌيا پبليڪيشنس
● ايف 960 واپڊا يونين ھال، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ، حيدرآباد 022 - 2729977
● پنج پير اسٽريٽ هاٿي در، شڪارپور 0726512333
● ايم 14 هلال پريس مارڪيٽ اڪبر روڊ رتن تلاءُ، صدر ڪراچي 021-32733100

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

انتساب

پنھنجي جيون ساٿي
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ
جي نانءُ جيڪو منھنجي ھر قدم جو
ھمسفر آھي

- زاھدہ تاج ابڙو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ ڪمپيئر زاھدہ تاج ابڙو جو لکيل پھريون ناول ”عشق لا محدود“ پيش ڪري رھيا آھيون.
ھي ڪتاب سنڌي سماج اندر ٻوساٽيل ماحول ۾ سنڌي عورت جي جاکوڙي ڪردار تي لکيل ناول آھي. ھن ناول ۾ ڪٽنب ۾ عورت کي پيش ايندڙ مسئلن کي موضوع بنايوويو آھي ـ ھن ناول جا ڪردار ڏاڍا بيلنس آهن. واقعا يا انساني رويا منفي بہ آهن تہ مثبت بہ آهن، اها ئي هن ناول جي ڪاميابي بہ آهي. عورت جي حمايت ۾ لکيل ھي ناول عورت جا ڪيترائي منفي رخ بـ سامھون آڻي ٿو.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيا پبليڪيشنس پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون سنڌيا پبليڪيشن ۽ ادي زاھدہ تاج ابڙو جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

محترمہ زاھدہ تاج ابڙو جو جنم سنڌ جي علمي، ادبي، شخصيت محترم تاج محمد ابڙو صاحب جي گهر ۾ ٿيو. تاج محمد صاحب تعلقي شھدادڪوٽ ۾ 1924ع ۾ جنم ورتو. 1942ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪيائين، گهڻو ڪري فوجداري جا ڪيس کڻندو ھو. ابڙو صاحب علمي، ادبي سرگرمين سان گڏوگڏ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پڻ سرگرم رھيو. ڀٽو صاحب جي جي دور ۾ سائين جن سيشن جج جي عھدي تي فائز ٿيا، محترمہ زاھدہ تاج جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد صاحب جو وڏو اثر رھيو.
زاھدہ تاج ابڙو ھڪ سنجيدہ، مدبر، باذوق ۽ اونھو مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ ھڪ گهڻ رخي آرٽسٽ آھي، سندس تازو شاعريءَ تي ٻڌل ھڪ ڪتاب ”دنيا آکيرو“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پڌرو ٿي چڪو آھي.
زاھدہ تاج اوھان کي ڪڏھن تہ ٽي وي پروگرام ۾ بطور اينڪر نظر ايندي تہ وري شام جو ڪنھن ريڊيو پروگرام ۾ تعارفي يا ڪتابن تي تبصرو ڪندي ٻڌڻ ۾ ايندي، ساڳي ڏينھن ڪنھن اخبار ۾ سندس عصر حاضر جي مسئلن تي ڪو ڪالم، مضمون پڙھڻ ۾ ايندو تہ ڪڏھن رات جو فيس بڪ تي ڪا نئين شاعري پڙھڻ لاءِ ملندي، نيٺ عشق لامحدود ھڪ شاندار ناول اڄ اوھان جي ھٿن ۾ آھي، ھي زاھدہ تاج ابڙو جو لکيل پھريون ناول آھي.
سندس خوبين ۽ صلاحيتن جو احترام ڪندي ادارو سنڌيا پبليڪيشن ”عشق لامحدود“ ڇاپي ڪري پنھنجي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري رھيو آھي. اداري جو ھميشہ اھو خواب، خيال ۽ مقصد رھيو آھي تہ جديد دور جي اڀرندڙ ليکڪن جي اندر سمايل قدرتي ڏات ۽ فن کي ھمٿائي کين علمي ۽ ادبي پورھئي کي سھڻو روپ ڏئي پنھنجي ايندڙ پيڙھي جي حوالي ڪجي.
اسان کي اميد آھي تہ اسانجي ھيءَ نماڻي وک اوھان کي پسند ايندي.

مھرباني

عقيل عباس سومرو
ڊائريڪٽر، سنڌيا پبليڪيشن

1

امي ڪنوار ٿي ويٺي هئي. هلڪي آسماني رنگ جي ڪم ٿيل شلوار قميص ۾ ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. امي مونکي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ڇڏيو هو. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي ته ماءُ جي شاديءَ ۾ ڌي سندس ڀر ۾ ويٺي هئي عموما ڌيءَ جي شادي ۾ ماءُ ڀَرَ ۾ ويهندي آهي. مان عجيب ڌي هيس جو ماءُ جي شاديءَ ۾ شريڪ هيس. پر خير ايڏي عجيب ڳالهه به نه آهي. هي اميءَ جي ٻي شادي هئي ۽ منهنجو ويهڻ ايتري حيرانيءَ جي ڳالهه ڪونه هئي.
جنهن وقت اميءَ جي ٻي شادي ٿي ته منهنجي عمر پنج سال ۽ ڪجهه مهينا هئي. مان ڪلاس ون ۾ پڙهندي هيس ۽ جڏهن منهنجي بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. اُهو ڏينهن به مونکي ٿورو ڌنڌلو ياد آهي، شايد مان ان وقت ساڍن چئن سالن جي هونديس. بابا پنهنجي موٽر سائيڪل تي روز آفيس ويندو هو. هڪ ڏينهن مونکي ماما اظهر اسڪول مان جلدي ۽ پريشانيءَ ۾ وٺي گهر پهتو. مون کائنس پڇيو هو ته “ماما توهان مونکي اسڪول ۾ وٺڻ ڇو آيا آهيو” “بس ڪتاب کڻ ۽ جلدي هل.” ماما اظهر وڌيڪ مونکي هڪ لفظ به نه ٻڌايو ۽ هُو ان وقت ايترو ته پريشان ۽ بدحواس هو جو مون به وڌيڪ ڪجهه پڇڻ جي جرئت نه ڪئي، بس خاموشيءَ سان ماما اظهر سان بائيڪ تي چڙهي گهر پهتس. گهر جي دروازي تي پهچندي ئي مون اميءَ جو زور زور سان روئڻ جو آواز ٻڌو. اندر پهتس ته ڇا ڏسان ته بابا ورانڊي ۾ پيل کٽ تي رکيل هو بابا رت ۾ صفا ڳاڙهو هو. سندس ڪپڙا رت ۾ ٻڏل هئا. بلو ڪلر جي شرٽ رت جي رنگ سان واڱڻائي ۽ آف وائيٽ پينٽ ڳاڙهي ٿي چڪي هئي. امي، ناني ۽ بوا شڪيله کٽ جي پاون وٽ ويهي روئي رهيون هيون. خاندان ۽ پاڙي جون ڪجهه مايون به اتي موجود هيون. مون کي انهن کي روئيندو ڏسي روئڻ اچي ويو. اهو سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته آخر سڀ روئن ڇو پيا. مون اميءَ کي چيو هو...
“امي بابا کي ڇا ٿيو آهي، بابا جو رت ڇو ٿو وهي؟، بابا کي ڌڪ لڳو آهي؟، بابا کي ڊاڪٽر ڏي وٺي هلو نه؟
امي بابا کي اسپتال وٺي هلو نه ؟
اميءَ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هو ـ مونکي ڏسي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ وڌيڪ زور سان روئڻ لڳي هئي.
ويٺل ماين مان هڪڙي ٻين کي ٻڌايو پئي ته
“مجتبيٰ آفيس پئي ويو ته رستي ۾ ٽرالر سان ٽڪر ٿيو اٿس ـ اسپتال ته وڃڻ جو وقت ئي نه مليس اُتي ئي ايڏا ضبرا ڌڪ لڳس جو ان وقت ئي فوت ٿي ويو”
آيل سڀ عورتون بابا جي اخلاق جي تعريف ڪري رهيو هيون.
اڪثر اسان جي ذهنن تي خيالن ۽ آسپاس جي ماحول جي حڪومت رهندي آهي، جيڪو ڪجهه سوچيندا يا آس پاس ڏسندا آهيون اسان جوجسم ان مطابق ئي عمل ڪندو آهي. سڀ هڪ ٻئي کي روئيندو ڏسي پاڻ مرادو روئي رهيا هئاسين. مون کان بابا جو اُهو رت ۾ ٻڏل جسم ڪڏهن ڪونه وسري سگهيو آهي.
بابا روزانو مونکي اسڪول ڇڏي ۽ موڪل مهل وٺڻ ايندو هو. واپسيءَ تي ڪا نه ڪا شيءَ کائڻ لاءِ ضرور وٺي ڏيندو هو.
شام جو اڪثر ٻاهر گهمائڻ وٺي هلندو هو، مونکي اميءَ کان وڌيڪ بابا پيار ڪندو هو. مونکي ياد ناهي ته مون ڪڏهن بابا کان ڪا فرمائش ڪئي هجي ۽ هُن پوري نه ڪئي هجي.
وقت گذرڻ سان گڏ مونکي احساس ٿيو ته اولاد لاءِ پيءُ جو هجڻ به ڪيڏو نه ضروري آهي اُهو پيءُ ئي آهي جيڪو اولاد جي زندگيءَ ۾ آيل منفي ۽ مثبت تبديلين جي راهه هموار ڪري اولاد کي محفوظ ۽ مضبوط بنائي ٿو.
بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مان ۽ امي ناني امان جي گهر رهڻ لڳاسين. امي اڪثر خاموش رهڻ لڳي هئي. نانيءَ جي گهر ۾ ماما اظهر ۽ سندس زال مامي ڪلثوم، ماما جو پٽ احسن ۽ ڌيءَ نيلوفر به رهندا هئا. احسن مون کان هڪ سال وڏو هو ۽ نيلوفر تقريبن 3 سال وڏي هوندي.
بابا جي وڃڻ کان پوءِ اميءَ کي صفا چپ لڳي وئي هئي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي فڪرمند ۽ اداس ٿي وڃڻ اميءَ جي عادت ۾ شامل ٿي ويو هو. ڄڻ زندگي گذارڻ اميءَ لاءِ مشڪل مرحلو ٿي پئي هئي. اميءَ کي اداس ڏسي مان به اداس رهڻ لڳي هيس.
جنهن اسڪول ۾ بابا مونکي داخل ڪرايو هو، ماما اظهر ان اسڪول مان منهنجو نالو خارج ڪرائي احسن ۽ نيلوفر جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. احسن نيلوفر ۽ مان گڏ ساڳئي ئي اسڪول ۾ وڃڻ لڳاسين. پهريان ماما اظهر اسان ٽنهي کي اسڪول پنهنجي بائيڪ تي ڇڏڻ هلندو هو پر مونکي محسوس ٿيڻ لڳو هو ته نيلوفر کي منهنجي هلڻ تي اعتراض ٿيندو هو اڪثر ماما اظهر کي چوندي هئي
“ابو مونکي ويهڻ ۾ سوڙهه ٿي ٿئي هڪڙي بائيڪ تي چار ماڻهو ٿا ويهون مشڪل ٿي ٿئي ڏاڍي”
هڪدم احسن منهنجي طرفداري ڪندي چوندو هو “نه ابو مشڪل ڪونه ٿي ٿئي، هي ڏس نيلو ڪيڏي جڳهه پيئي آهي.”
احسن پاڻ کي سوڙهو ڪري نيلو کي وڌيڪ جاءِ ڏيندي چوندو هو.
ان وقت احسن جو اهڙو منهنجي طرفداريءَ وارو رويو مونکي ڏاڍو وڻندو هو.
ماما اظهر نيلو جي روز روز جي بائيڪ واري اعتراض جو حل ڳولهيندي اسان جي اسڪول لاءِ رڪشه جو بندوبست ڪري ڇڏيو ۽ نيلو جي مسئلي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. پر شايد نيلو جو مقصد ئي مونکي تنگ ڪرڻ هو هميشه مونکي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ، پنهنجي ڪلاس فيلوز اڳيان منهنجي بيعزتي ڪرڻ يا طنز ڪرڻ هُن پنهنجي عادت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. نيلو جي رويي جو ذڪر مان اميءَ سان نه ڪندي هيس پر نيلو جو رويو گهر ۾ به مونسان ساڳيو رهندو هو ۽ امي ان کي بخوبي محسوس ڪندي هئي. نيلو ته نيلو پر مامي ڪلثوم ته وري نيلو کان به ٻه هٿ اڳيان هئي تنهن ڪري به شايد امي هر معاملي تي خاموشي اختيار ڪري وٺندي هئي ڇو ته اگر امي ڪجهه به ماميءَ کي چوندي هئي ته ڄڻ سڄي گهر ۾ قيامت اچي ويندي هئي، مامي وڌ کان وڌ ماما اظهر کي اذيت ۾ مبتلا ڪندي هئي ۽ اِهو محسوس ڪرائيندي هئي ته امي ۽ منهنجي ڪري ئي گهر جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي. مامي اڪثر ماما کي چوندي هئي ته تنهنجي ڀيڻ سيما ۽ ڀاڻيجي عينيءَ اسان جي زندگي ڊسٽرب ڪري ڇڏي آهي کين الڳ ڪرائي جو گهر وٺي ڏي ۽ ماما اظهر چڱي ريت ڄاڻندو هو ته مان ۽ امي اڪيلا نه ٿا رهي سگهون الڳ رهڻ سان خرچ ٿيندو ۽ انهن اخراجات جو بار ڪير کڻندو.
هڪ ڏينهن ان ئي ڳالهه تي ٻنهي ۾ ڪافي جهيڙو ٿيو
مامي ڪلثوم جي ڀاءُ جي شادي هئي ۽ هُو پنهنجا ۽ ٻارن جا شاديءَ لاءِ ڪپڙا وٺڻ لاءِ وڌيڪ پئسن جو مطالبو ڪري رهي هئي.
ماما کي چيائين
“تون جيڪي پئسا ڏئين ٿو انهن مان ته اسان ٽنهي جو هڪ هڪ سوٽ مس ٺهندو. ڇا سڄي شادي جي سڀني فنڪشنز تي هڪڙي وڳي ۾ گهمنداسين؟”
پر ڪلثوم مان پاڻ کي وڪڻندس ته ڪونه نه؟
ماما اظهر بيوسيءَ مان چيو
“مان ڪجهه ڪونه ٿي ڄاڻان پاڻ کي وڪڻ يا ڪو ڌاڙو هڻ پر مونکي هر حال ۾ پئسا گهرجن توکي ڪير ٿو چوي ته ٻين جا ٻار ٻچا ويهي پال”. “پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري” پنهنجي زال ٻار جو خرچ ته تون پورو ڪري ڪونه ٿو سگهين وري ويٺو ٿو ڀيڻ پالي، اظهر ڪجهه به هجي مونکي پئسا ڏي مان پنهنجي پيڪن ۾ پنهنجو نڪ نه وڍائيندس.
مامي ڪلثوم جڏهن ماما اظهر کي اسان جا طعنه هنيا ته امان نانيءَ وچ ۾ ڳالهايو.
“ڪلثوم تون هر ڳالهه ۾ سيما کي ڇو ٿي گهلي اچين سيما کي خرچ مان پنهنجي پينشن مان ڏيندي آهيان پڇُ اظهر کان سيما کي هُو ڪو پئسو نه ڏيندو آهي باقي جيڪڏهن ڀيڻ کي نياڻيءَ کي ٻه گرهه ماني جا کارائي ٿو ته الله اوترو جهجهو ڏيندس جيڪو نياڻين سان وهندو سو سدائين سائو هوندو. توکي هر چيز اظهر ڏي ٿو پوءِ به ڏينهن رات روئڻ پٽڻ اٿئي”
“ها ڇو نه رڳو تنهنجي پينشن تي ٿي هلي تنهنجي ڌي ٻيو گهر ۾ هن جو خرچ ئي ڪونهي پيٽ کي ڦري فقير ڪري ڇڏجانءِ”
مامي ڪلثوم جواب ڏنو.
“امان تو چپ ڪر، پريشان نه ٿي مان ڪٿان بندوبست ڪري ڏيان ٿو ڪلثوم کي ....”
ماما اظهر امان ناني کي چيو.
مامي ڪلثوم ڀلا چپ ويهڻ واري ڪٿي هئي چيائين! “ماءُ کي چپ ڪرڻ لاءِ ته ائين ٿو چوين ڄڻ مان تنهنجي ماءُ تي وڏا ظلم ڪندي هجان”
“ڪلثوم توکي پئسا ملي ويندا منهنجو وڌيڪ دماغ خراب نه ڪر”
ماما ڳالهه کي ختم ڪندي چيو.
مامي ڪلثوم امان ناني ۽ امي کي گهوريندي پنهنجي ڪمري ڏانهن مٿي هلي وئي.
مامي ڪلثوم جي هميشه کان اها عادت هئي ته هميشه هر ڳالهه ۾ ماما اظهر سان وڙهي کيس طعنه ۽ مهڻا ڏئي پنهنجي ڳالهه مڃرائي وٺندي هئي. ماما اظهر طبيعت جو جيترو نرم ۽ خوش اخلاق هو مامي ڪلثوم اوتري ئي بد مزاج، ضدي، حسد ڪندڙ ۽ گهر ۾ هر وقت فساد ۽ واويلا مچائڻ واري عورت هئي. سندس اندازِ گفتگو به اهڙو هو جو ساڻس ڳالهائيندي به ڊپ ٿيندو هو ته خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي مڇرجي پوي ۽ جهيڙو شروع ڪري ڏي.
ماما اظهر پنهنجي ڪنهن دوست کان پئسن جو بندوبست ڪرائي ماميءَ کي پئسا ڏئي ڇڏيا.
ماما اظهر اڪثر رات جو جڏهن ماني کائي فارغ ٿيندو هو ته امان نانيءَ جي ڪمري ۾ اچي ويهي رهندو هو ۽ ڪجهه دير ڪچهري ڪندو هو.
مان ۽ امي به امان نانيءَ جي ڪمري ۾ ئي رهنديون هيون سين. امي ۽ ماما اظهر صرف پاڻ ۾ ٻه ئي ڀيڻ ڀاءُ هئا. ماما اظهر، اميءَ کان ڪجهه سال وڏو هو. منهنجو نانو يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. منهنجي پيدائش جي ٻن سالن بعد سندس انتقال ٿي ويو. نانا جي پينشن امان نانيءَ کي ملندي هئي. ماما اظهر ڪاليج ۾ ليڪچرار هو.
سردين جا ڏينهن هئا. مان بستري ۾ ليٽيل هيس ننڊ ڪونه هيم، منهن تائين سردي جي ڪري منهنجي مٿان اميءَ ڪمبل وڌو هو امي منهنجي ڀر ۾ ئي بيڊ تي ويٺل هئي امان ناني پنهنجي بيڊ تي سوڙ ۾ پاڻ کي لڪائي ويٺل هئي، سندس بيڊ جي پيرانديءَ وٽ ماما اظهر ويٺل هو.
پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيا هئا. مونکي ٿورا ننڊ جا خمار ٿيڻ لڳا، وڌيڪ ڳالهه سمجهي ڪانه سگهيس پر ايترو ضرور ڄاتم ته ماما ۽ امان ناني اميءَ جي ٻي شاديءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
ڪجهه مهينن جي اندر ئي اميءَ جي شادي ڪرائي وئي. امي نئين گهر ۾ اچي وئي. مان به ساڻس گڏ هيس.
اميءَ جنهن سان شادي ڪئي ان جو نالو ايوب هو. شاديءَ رات اميءَ کي ڪنوار جو وڳو پهرائي نئين گهر ۾ آندو ويو، وڏو سينگاريل ڪمرو هو بيڊ تي امي ويٺل هئي مان به ساڻس گڏ بيڊ تي ئي ويٺل هيس. اميءَ کي سٺو وڳو، الائي سارو زيور به پارايو ويو هو. بنگلو به وڏو هو جتي اسين پهتيون هيون سين.
ڪمري جو دروازو کليو، اميءَ جو گهوٽ اندر آيو هي بهترين لباس ۾ ملبوس تقريبن 55 سالن جو مرد هو سندس شخصيت رعبدار هئي هن منهنجي ويجهو اچي منهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۽ منهنجي ڳل تي چمي ڏنائين چيائين، “منهنجي گڏيءَ جو نالو ڇا آهي؟”
هن مونکي پنهنجي هنج ۾ ويهاريندي پڇيو “قرت العين” مون جواب ڏنو.
“واهه واهه نالو تي ڏاڍو پيارو اٿئي، ڀلا مان ڪير آهيان” مونکان پڇيائين.
مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو رڳو وائڙن وانگي کيس ڏسندي رهيس.
“ناهي خبر!؟ ته مان عينيءَ جو ڪير آهيان. مان عينيءَ جو پپا آهيان”
ڇا آهيان ۽ وري پڇيائين؟
“پپا” مون جواب ۾ چيو.
“ها! پپا” تون ته منهنجي گڏي آهين اڄ کان تون هن گهر ۾ رهندينءَ پنهنجي اميء ۽ پپا سان گڏ” تنهنجي لاءِ الڳ ڪمرو به آهي جتي توکي تنهنجيون ٻه ڀيڻون به ملنديون.
ڪڏهن ڪڏهن اظهار جا طريقه ڪيڏا نه خوبصورت ۽ اثرائتا ٿي پوندا آهن. پپا ايوب جو پهريون ڀيرو مون سان ملي خوبصورت لفظن ۽ عمل سان پيار جو اظهار ڪرڻ مون کي ڏاڍو ڀلو لڳو. پنهنجائپ جو احساس به رشته وڌائڻ جو سبب بڻبو آهي، پنهنجي هجڻ جي طلب ۽ خواهش جي تلاش هميشه مون ۾ رهندي آئي. بابا ۽ ماما اظهر کان پوءِ پپا ايوب ۾ به مون کي ساڳيو محبت جو جذبو محسوس ٿيو.
حالانڪه هي شخص جيڪو هينئر هينئر تازو منهنجو پپا ٺهيو هو ڪجهه لمحه پهرين مون لاءِ اوپرو هو پر هُن جنهن اڪير جو احساس مون سان ونڊي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ته مون کي هُن ۾ بابا جو چهرو نظر اچڻ لڳو.
ان رات مون کي اميءَ کان پري ٻئي ڪمري ۾ رات گذارڻي پئي. اِهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون ڏينهن هو جو مان بستري تي اميءَ کان ڌار هيس. مون کي جيڪو ڪمرو هن نئين گهر ۾ مليو ان ۾ ٽي بيڊ لڳل هئا مون کان علاوه ان ڪمري ۾ مونهجيون ٻه ڀينرون (بقول پپا ايوب جي) ٻيون به موجود هيون، اقرا مون کان پنج سال وڏي هئي ۽ صنم منهنجي هم عمر هئي جنهن مهل مان ڪمري ۾ داخل ٿيس هُو ٻئي پنهنجي بسترن تي ليٽيل هيون ننڊ ڪونه هين. مون کي ڏسي اقرا مُسڪرايو البته صنم ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. صبح جو ناشتي جي ٽيبل تي سڀ موجود هياسين. امي ۽ مان نئون ماحول ڏسي خاموش هياسين باقي سڀ گهر جا فرد پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا پپا ايوب طبيعت جو کل مک ماڻهو هو شايد ان جو اثرئي گهر تي به هو. سندس رويو ڌين سان بلڪل دوستن جيان هو.
گهر تمام سهڻو ۽ سينگاريل هو. هڪ ماسي ۽ ٻه ملازم ڪم ڪار لاءِ موجود هئا. زندگيءَ جي هر سهولت گهر ۾ موجود هئي، مون اندازو لڳائي ورتو ته گهر ۾ سهولتن سان گڏوگڏ پئسي جي به ڪمي نه آهي. گهر ۾ رهڻ سان مون کي لڳي پيو ته ڪنهن خوبصورت واديءَ ۾ مان اچي وئي آهيان. مون کي لڳي ٿو ته جنت ماڻڻ لاءِ مرڻ ضروري نه هوندو آهي جنت جيئري به ملي سگهي ٿي ۽ جڏهن جيئري جنت ملي ته پوءِ ٻي ڪا طلب نه رهندي.
واقعي اقرا صنم لڪي هيون جيڪي هن جنت جهڙي خوبصورت گهر ۾ رهي رهيون هيون .
اقرا طبيعتن پپا جهڙي هئي، سڀني کي خوش رکڻ سان خوش ٿيڻ واري....
هتي هن گهر ۾ پُهچي مون کي وري هڪ دفعو ٻيهر ان اسڪول مان به ٽرانسفر ڪرايو ويو جتي پهريان پڙهندي هيس احسن ۽ نيلو سان گڏ، هتي مون کي اقرا ۽ صنم جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. گهر ۾ ٻه گاڏيون موجود هيون ڊرائيور اسان ٽنهي کي اسڪول ڇڏڻ هلندو هيو مان هينئر ڪو رڪشا يا بائيڪ ۾ نه پر وڏي چم چم چمڪيلي ڪار ۾ ويندي هيس.
اقراءِ صنم جي امي ڪجهه سال پهريان گذاري وئي هئي، شايد ڪنهن بيماريءَ ۾، ان جي پپا ٻي شادي نه ڪئي ۽ شايد اقرا، صنم کي پنهنجي ماءُ گهڻي ياد به نه رهي جو پپا کين ايترو ته پيار ۽ توجهه ڏني جو هنن ماءُ جي ڪمي محسوس نه ڪئي. آسودگي ۽ پئسو به ڪيترين شين جي ڪميءَ جو نعمل بدل آهي، ان جو احساس مون کي هتي اچڻ بعد ئي ٿيو. زندگيءَ جي هر سفر ۾ پئسي ۽ دولت کي خاص اهميت آهي، اُهو رشتن جو سفر، سڪون جو سفر، هجي يا بلندي ۽ معاشري جو سفر پئسو هر هنڌ هر سفر ۾ ٽڪيٽ وانگي ڪم اچي ٿو.
همسفر جو ساٿ ڪڏهن کان سفر ۾ شروع ٿيندو، ان جو پتو ڪنهن کي نه هوندو اِها پڪي نصيب جي ڳالهه آهي. امي جي پپا سان شادي به سندن نصيب ۾ لکيل هئي ان ڪري ئي ايڏو وقت زال جي مرڻ کان پوءِ اچانڪ پپا جي شادي اميءَ سان ٿيڻي هئي سا ٿي وئي.
اميءَ جي رويي مان اقرا، صنم ۽ پپا انتهائي مطمعين هئا. اميءَ ڪڏهن به اقرا ۽ صنم کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هُو سندن ويڳي ماءُ آهي ساڳئي ريت پپا ڪڏهن مون کي محسوس نه ڪرايو ته هُو منهنجو سڳو پيءُ ناهي.
“اڄ اسان جي فيملي مڪمل ٿي وئي آهي” پپا خوشيءَ مان ڪيڪ جو هڪڙو پيس اميءَ کي کارائيندي ان ڏينهن چيو جڏهن اسان جو ننڍڙو ڀاءُ شهباز اميءَ کي پيدا ٿيو.
“سيما توکي خبر آ تون مون کي ڪيڏيون نه خوشيون ڏنيون آهن”
“ايوب اِهي سڀ رب جا اسان تي ڪرم آهن”
“ها! بلڪل تون شهباز کي رب جو ڪيل ڪرم چئين سگهين ٿي پر هن گهر کي خوشيون ۽ سڪون صرف ۽ صرف تنهنجي ڪارڻ مليو آهي”
“پر ايوب گهر جو سڪون رڳو عورت جي رويي سان نه هوندو آهي پر مرد به برابر جو شريڪ ٿو رهي، توهان پنهنجيون سڀ ذميواريون، حق، فرض ايتري نه ايمانداري سان نڀايا آهن جو ان جو عڪس گهر ۾ نظر اچي ٿو. مون ڏٺو آهي ته توهان پنهنجيون ذهني پريشانيون ۽ دٻاءُ کي گهر جي ماحول مٿان نه مڙهيو آهي، هر ڳالهه جو نتيجو خدا جي توڪل تي رکي گهر ۾ ٻارن ۽ مون کي پيار ڏيندا رهيا آهيو هي سڀ ان جو ئي نتيجو آهي جو اسين گهر ۾ فڪرمنديءَ جو ماحول نه ٿا ٺاهيون توهان ئي اسان کي خوش رکڻ سيکاريو آهي”
“ها ها ها” پپا کلي ڏنو.
“سيما اسان انسانن کي پنهنجي زندگي سوچ ويچار جي حساب سان ٽن عملن مان گذارڻي پوندي آهي جن ۾ ڪجهه شارٽ ٽرم پلاننگ، ڪجهه لانگ ٽرم پلاننگ ۽ ڪجهه گاڊ ٽرم پلاننگ هوندا آهن. شاٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم ته انسانن جي هٿ وس هوندو آهي پر گاڊ ٽرم پلاننگ سؤ سيڪڙو خدا جي طرفان ٿيل منصوبه بندي هوندي آهي مقصد اِهو ته انسان جي محنت ۽ خدا جي مدد اسان جي زندگيءَ جي رسته آسان بنائيندي آهي، مان هميشه سخت محنت ڪندو رهيو آهيان ۽ خدا منهنجي مدد ڪندو رهيو آهي.”
“۽ مان دعا ڪنديس ته خدا ائين ئي اسان جي مدد ڪندو رهي”
“آمين ـــ آمين” پپا پيار منجهان اميءَ کي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پائيندي چيو.
شهباز ڇا آيو ڄڻ گهر جي رونق ئي وڌي وئي. اسان ٽنهي ڀينرن کي ته ڄڻ هڪڙو رانديڪو ملي ويو هو.
شهباز جو رنگ روپ پپا جيان سُرخ ۽ سفيد هو ۽ نقش وَ خدوخال امي جهڙا خوبصورت هيس. بس هڪڙي ڪمي هيس ته مٿي تي وار تمام هلڪا هيس پر پوءِ به مون کي پنهنجو هي گنجڙو گنجڙو ڀاءُ ڏاڍو پيارو هو.
شهباز جي ڄمڻ کان پوءِ پپا جو رويو اڃا به وڌيڪ سٺو، خوشگوار ۽ نرم ٿي ويو هو. اسان سڀني کي وڌيڪ گهمائيندو ڦيرائيندو ۽ شاپنگ ڪرائيندو هو.
وقت پنهنجي رفتار هلندو رهيو
مان ميٽرڪ ۾ پُهچي ويس. اقرا يونيورسٽيءَ ۾ اچي وئي، مان ۽ صنم گڏ هڪڙي ڪلاس ۾ هياسين. منهنجي ۽ صنم جي ڳالهين ۾ اڪثر اختلاف رهندا هئا ۽ اقرا جي اِها ڪوشش هوندي هئي ته اسان ٻنهي ۾ امن قائم رهي جيڪو هميشه جنگ جي شڪل اختيار ڪندو رهيو.
مان امي ۽ شهباز ناني جي گهر اڪثر ويندا هياسين. احسن مون کان هڪ سان سينيئر هو ڪاليج ۾ داخل ٿيو هو.
ان ڏينهن ڪافي ڏينهن کان پوءِ جڏهن ناني جي گهر وياسين ته احسن مونکي ڏسي چيو...
“عيني منهنجي ڪمري ۾ اچ توکي ڪجهه ڏيکارڻو آهي”
“هل ڀلا ڏسان ڇا ٿو ڏيکاري”
“عيني اکيون بند ڪر”
“ڇو”
“بس بند ڪر نه!”
“OK”
هُن منهنجو هٿ پڪڙي هڪڙي ننڍڙي خوبصورت اسٽيل جي ٺهيل منڊي منهنجي هٿ ۾ پارائي چيو...!
“Happy Birth day”
اوهه .................. ٿينڪ يو احسن. توکي منهنجي برٿ ڊي ياد آهي.؟
“بلڪل! عينو”
(احسن واحد ماڻهو هو جيڪو مونکي عيني بجاءِ عينو چوندو هو)
“عينو منهنجو گفٽ پسند آيو ٿي نه”؟
“ها! ٺيڪ آ”
مون منڊيءَ کي ڏسندي چيو.
مون کي احسن جو تحفو ڪو خاص پسند نه آيوهو. ٻه ڏينهن اڳ منهنجي برٿ ڊي گذري هئي جنهن ۾ مونکي منهنجي فرينڊس پپا، اميءَ ، صنم ۽ اقرا بهترين ۽ قيمتي تحفا ڏنا هئا. انهن قيمتي تحفن اڳيان مونکي احسن جي تحفي ۾ ڪا ڪشش نظر ڪونه آئي حالانڪه مان ڄاڻان پئي احسن هميشه مون سان پُر خلوص رهيو آهي ۽ خلوص جي ڪا قيمت نه ٿيندي آهي پر الائي جي ڇو شعوري طور تي مونکي دولت سان پيار ٿي رهيو هو. مون کي محسوس ٿيندو هو دولت کان سواءِ زندگي ڏاڍي مشڪل آهي، احسن مونکي پسند ڪندو آهي مون کي اِها به ڄاڻ هئي هُن ڪڏهن اظهار ته ڪونه ڪيو هو پر مون کي سندس ان احساس ۽ سوچ جي سُڌ هئي ۽ مان ڄاڻي واڻي کيس پيار جي موٽ نه ڏيندي هيس ان جو سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو، ته مون کي ڊپ هو ته متان احسن جو رايو ۽ پسند ڏسي ماما اظهر منهنجو رشتو نه گهري ڇڏي ۽ مان هاڻ محل ۾ رهي ڏٺو هو امان نانيءَ جي گهر ۾ منهنجو ساهه گُهٽجڻ لڳندو هو. مون اِهو سوچي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن مان شادي ڪنديس ته ڪنهن دولتمند ماڻهوءَ سان ئي ڪنديس، ڄاڻان پئي ته احسن ايترو دولتمند ناهي ۽ ان ڪري ئي مان احسن کي مسلسل نظرانداز ڪندي رهيس. مان سمجهي چڪي هيس ته معاشري ۾ عزت ڀريو مقام تڏهن ئي ملي سگهي ٿو جڏهن دولت جو سگهارو ساٿ هجي. معاشري ۾ انسان جو نه پر دولت جو قدر ڪيو ٿو وڃي.
اقرا M.A ڪري بس ڪيو ته پپا سندس رشتو پنهنجي سوٽ چاچا اڪرم جي پٽ نبيل سان ڪري ڇڏيو.
نبيل کي هڪ پرائيويٽ جاب هئي گهراڻو گهڻو خوشحال نه هو پپا چيو ته پئسو زندگي جي اهم ضرورت ناهي. نبيل سٺو سمجهدار، شريف ڇوڪري آهي، اقرا لاءِ هڪ محبت ڪندڙ جيون ساٿي ثابت ٿيندو. اقرا ته هئي ئي صفا درويش، سٻاجهڙي پپا جي هر ڳالهه ۽ پسند کي حڪم سمجهي مڃي ورتائين.
“اقرا تون هن رشتي تي خوش آهين ۽ تون سمجهي ٿي ته نبيل توکي خوش رکي سگهندو”؟ مون کيس چيو
“پپا چوي ٿو ته نبيل سٺي نيچر جو آهي مون سان سٺو نڀائيندو ۽ ٻي ڳالهه ته نبيل مون کي پسند ڪري ٿو، ڪيتري عرصي کان مون سان محبت ڪري ٿو، يقينن مان هن سان خوش رهنديس.”
اقرا چانهه جي مگ مان ننڍڙا ننڍڙا سپ ڀريندي چيو.
“هونئن پپا چوي ٿو” ماءِ ڊيئر زندگي رڳو پيار سهاري ڪونه ٿي گذري سگهي، لائف انجواِءِ ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ پيار کان وڌيڪ پئسي جي ضرورت ٿي پوي، پيار سان ڪڏهن به پئسو خريد ڪري نه ٿو سگهجي پر پئسي سان پيار پاڻ مرادو ملي وڃي ٿو”
مان اقرا کي دليل ڏيندي چيو.
ائين ناهي عيني
“ائين ئي آهي اقرا”
مون نرمي ۽ مسڪراهٽ ملائيندي چيو.
“عيني زندگيءَ کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ مان سمجهان ٿي ته محبت ئي ڪافي آهي . جيڪڏهن مان اهڙي ماڻهو سان شادي ڪيان جيڪو مون کي دولت ته جام ڏئي پر محبت لاءِ سڪائي ته پوءِ ڀلا مان زندگيءَ مان ڪهڙو مزو ماڻيندس؟”
بي ايزي يار ....! اقرا هڪڙي ڳالهه ٻڌ محبت سان زندگي انجواءِ نه ٿيندي آهي پر دولت سان دنيا جي هر خوشي انجواءِ ٿي سگهي ٿي، محبت صرف هڪ جذبو آهي ۽ جذبه هميشه ساڳيا نه رهندا آهن، مرد جي محبت تي ته ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي مرد ته بصر جيان هوندو آهي خبر ناهي ڪيترن کلن جي تهن ۾ لڪيل ۽ جيئن بصر ڪٽڻ سان اکين مان ڳوڙها وهندا آهن تيئن مرد جي ويجهو وڃن سان عورت کي هميشه ڳوڙها ئي مليا آهن.
“پر عيني .... نبيل اهڙو نه آهي”
اِها ئي ته تنهنجي ڀُل آهي، مرد تي اعتبار ڪرڻ عورت جي پهرين غلطي هوندي آهي.
“توبه عيني خدا توکي عقل ڏي”
اقرا مو ن کي هٿ ٻڌندي چيو.
“مون کي ته خدا عقل ڏنو آ رڳو هاڻ توکي ڏي”
مون ٽهڪ ڏيندي چيو.
منهنجي ڪنهن به راءِ يا دليل جو اقرا تي اثر نه ٿيڻو هو ۽ نه ٿيو.
ڏاڍي زور شور سان شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون، پپا ڪوشش ڪري دنيا جي هر شيءِ اقرا کي ڏاج ۾ ڏني.

2

اقرا هن شاديءَ مان ڏاڍي خوش هئي.
شادي ٿي وئي ۽ اقرا نبيل جي گهر ڪنوار بڻجي هلي وئي.
شادي جي ٻئي ڏينهن شام جو اقرا ۽ نبيل اسان جي گهر آيا. اقرا ته صفا خوشيءَ ۾ ڪونه پئي ماپي.
“عيني منهنجي شاديءَ واري ڏينهن نبيل جي هڪ دوست کي تون ڏاڍي وڻي وئي آهين تنهنجي لاءِ رشتو موڪلڻ ٿو چاهي” اقرا چيو.
“ڪير آ اُهو”
“آفاق نالو اٿس”
“ڇا ڪندو آهي”
“ڪينيڊا ۾ ٻه سپر اسٽور اٿس، ڪافي سٺي فيملي آهي ماءُ پيءُ جو هڪڙو ئي پٽ آهي. پر هاڻ هُو پنهنجا سپر اسٽور پاڪستان ۾ سيٽ ڪرڻ ٿو چاهي”
“اڇا” مون چيو.
“تنهنجو ڇا خيال آ اقرا اِهو رشتو ڪرڻ گهرجي”
“ها ڪرڻ ته گهرجي پر عيني آفاق جو خيال آهي ته هُو توسان هڪ ٻه ملاقات ڪري ته جيئن توهان ٻئي هڪ ٻئي جي طبيعت کان واقف ٿي سگهو”
“ها اِهو خيال خراب نه آهي”
“ ته پوءِ عيني ائين ڪر جو تون شام جو منهنجي گهر اچي وڃجاءِ آفاق به سڀاڻي شام اسان جي گهر ايندو، وڌيڪ توهان ٻئي هڪٻئي کي آمهون سامهون ڏسندؤ ته وڌيڪ بهتر ٿيندو”
“اقرا ٺيڪ آ مان سڀاڻي اينديس” پر پپا ۽ اميءَ کان ته اجازت وٺ نه”
“تون فڪر نه ڪر مون اجازت وٺي ڇڏي آهي”
ٻئي ڏينهن مان اقرا جي گهر پُهتس آفاق اچي چڪو هو. سڀ ڊرائينگ روم ۾ ويٺا هئا. ڪاري پينٽ ۽ ڪاري سوٽ ۾ ويٺل نوجوان ڏسندي ئي مان سمجهي ويس ته اِهو آفاق آهي هُو تمام گهڻو خوبصورت نه هو معمولي صورت رکندڙ هو.
مونکي ڏسندي ئي سندس مُک تي هڪڙي مُرڪ اچي وئي، بيهندي چيائين....
“اچو... اچو... پليز ويهو”
“مهرباني” مون چيو.
“عيني اسين تنهنجو ئي انتظار ڪري رهيا هئاسين” اقرا آفاق ڏي معنيٰ خيز انداز ۾ ڏسندي چيو.
“ها بلڪل” آفاق پنهنجي هٿن کي ڏسندي ٿورو شرمائيندي چيو.
“توهان ڪيئن آهيو” آفاق مونکان پڇيو”
“مان ٺيڪ آهيان”
“اڄڪلهه ڇا مصروفيات اٿو”
“ڪجهه نه بس يونيورسٽي ۽ گهر”
“اڇا ....!؟
“عيني منهنجي خيال ۾ توهان مٿي ٽيرس تي هليا وڃو ٻئي، ڏاڍي ٿڌي ٿڌي هوا ٿي لڳي ۽ توهان ٻنهي کي پرائيويسي به ملي ويندي ڇا خيال آ؟” اقرا چيو.
“خيال بُرو نه آهي” آفاق خوش ٿيندي چيو.
اسين ٻئي ٽيرس تي هليا آياسين.
“عيني توهان جي هي مونسان پهرين ملاقات آهي توهان کي مان ڪيئن لڳس؟”
“پهرين ملاقات ۾ ڪنهن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي ها البته ڏسڻ ۾ توهان سٺا آهيو” . مون چيو
“ڀلا مان توهان کي ڪيئن ان ڏينهن شادي ۾ ايترو اٽريڪٽ ڪيو جو توهان مون کي پروپوز ڪرڻ جو سوچيو؟”
“هڪ ته تون خوبصورت آهين ٻيو مون کي تنهنجي خود اعتمادي سٺي لڳي” (هُو هڪدم توهان کان تون تي لهي آيو)
توهان ڪيتري وقت لاءِ پاڪستان آيا آهيو؟
“آيو ته هڪ هفتي لاءِ هيس پر توهان کي ڏسڻ کان پوءِ ارادو بدلائي ڇڏيو اٿم هينئر هڪ مهيني جي Leave موڪلي ڏني اٿم.”
توهان کي ته پنهنجا اسٽورز آهن نه پوءِ Leave جي ڪهڙي ضرورت؟
“ها اِهي سڀ ڪاغذي ڪم هوندا آهن جيئن اسان جي مُلازمن کي به احساس هجي ته Leave ڏيئي Inform ڪرڻ جي ڪيتري ضرورت آهي”
“اڇا مطلب ته اصولن جا پڪا آهيو”
“ها بنا اصول جي ڪوبه ڪم پنهنجي انجام تي صحيح طريقي سان نه ٿو پهچي سگهي، ايتري تائين جو کاڌي کائڻ، پاڻي پيئڻ، سمهڻ، کلڻ، ميل ميلاپ، دوستي ۽ ۽ ۽ ....... ؟”
۽ ڇا ؟
“۽ شايد پيار ڪرڻ جا به ڪي اصول هوندا آهن”
“پيار ڪرڻ جا اصول”؟؟
“ها! بلڪل پيار ڪرڻ جا به اصول هوندا آهن جيڪڏهن ڪو پيار جو جواب پيار سان نه ٿو ڏئي ته مطلب هُن اصول ٽوڙيا.”
“ها ها ها! اڇا اِها مونکي اڄ خبر پئي ته پيار جو جواب پيار سان ڏيڻ اصول ۾ شامل آهي” مون کلندي چيو
آفاق به مسڪرائڻ لڳو.
“عيني”
“هون ....!”
اگر مان هينئر توهان کي پروپوز ڪيان ته اوهان جو Reply ڇا هوندو؟
“سوچينداسين” مون پنهنجي کُليل وڏن وارن جي هڪڙي چڳ کي پنهنجي آڱر تي ويڙهيندي چيو.
“پليز ٻڌايو نه عيني”
توهان مونکي پنهنجو موبائل نمبر ڏئي ڇڏيو رات توهان کي ٻڌائينديس
“Ok ....”
اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجا موبائل نمبر ڏناسين.
عيني هي ڏسو مون اوهان جون ڪيڏيون Pics پنهنجي موبائل ۾ Save ڪري رکيون آهن”
“ڏسان!” اوهه ماءِ گاڊ ايڏيون Pics توهان شاديءَ تي ڪيئن ڪڍيون مون کي ته خبر ئي ڪونه پئي”
سچ چوان عيني .... خبر ته مون کي به ڪونه پئي ته مون ايڏيون Pics ڪيئن ڪڍيون، پر بس ڪڍيون.
“واهه واهه اِهو سٺو جواب آهي”
اسين ٻئي کلي پياسين. ان ڏينهن ڪافي ڳالهيون ڪيون سين. آفاق بس مونکي ڏسندو ئي رهي پيو ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪيترا پل هُن جا مونکي ڏسندي پيا گذرن. هُو تمام ساده طبيعت انسان هو. (مون کي اهڙي ئي همسفر جي ضرورت آهي جنهن کي پئسو جام هجي پر هوشياري گهڻي نه هجي) مون دل ۾ سوچيو.
اسان ٻئي هڪٻئي سان موبائل ذريعي هر وقت رابطي ۾ رهڻ لڳاسين. هُن جي هر هر ڪال ۽ SMS ڪرڻ جي عادت مان مون اِهو اندازو لڳائي ڇڏيو ته هُن کي مون سان شديد محبت ٿي وئي ، هُن جي محبت جي ايڏي شدت ڏسندي مون هڪ نئين چال کيڏي مون پنهنجو پاڻ کي هن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ئي مان هن کي Reply نه ڏيندي هيس ته هُو مونکي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته امان نانيءَ هڪ ڀيرو چيو هو ته “مرد جي فطرت چقمق وانگي هوندي آهي جيڪا عورت هُن کان پري ڀڄندي هُو ان پويان ڊڪندو آهي” مون اِهو ئي حربو آفاق تي آزمايو امان ناني سؤ سيڪڙو صحيح چيو هو.
ڪجهه ڏينهن اندر آفاق جي والدين منهنجو رشتو پپا کان گهريو. امي ۽ پپا کي ڪوبه اعتراض نه هو. پر پپا اقرا کي چيو ته هو منهنجي مرضي معلوم ڪري.
ٻئي ڏينهن شام جو اقرا اسان جي گهر آئي مان پنهنجي ڪمري ۾ T.V ڏسي رهي هيس.
“عيني .... !” اقرا ڪمري اندر داخل ٿي چيو
“اوهه ..... اقرا .... تون ڪڏهن آئيءَ؟”
“بس هينئر ئي آئي آهيان”
“ٺيڪ آ ويهه ته گڏجي چانهه ٿا پيون”
اميءَ اسان لاءِ چانهه ۽ ڪيڪ موڪليو.
“عيني ....”
“هون .... ”
“اڄ پپا مون کي خاص طور تي تو ڏانهن موڪليو آهي ته توکان آفاق بابت پڇيان ته تون ان رشتي تي راضي آهين يا نه”
“ڀلا اقرا تون صلاح ڏي ته مان آفاق لاءِ ها ڪيان يا نه”
منهنجي خيال ۾ ته توکي ‘ها’ ڪرڻ گهرجي، آفاق شڪل و صورت ۾ بيشڪ معمولي آهي پر مزاج جو بهترين ماڻهو آهي، هونئن به مرد جي شڪل صورت عورت کان ٿوري گهٽ هجي ته بهتر آ، اُهو مرد عورت سان وڌيڪ محبت ڪندو آهي ۽ آفاق توسان تمام گهڻي محبت ٿو ڪري.
“پر اقرا .... مان محبت تي يقين نه ٿي رکان مان سمجهان ٿي ته زندگي محبت جي سهاري نه پر دولت جي سهاري سان وڌيڪ خوشگوار گذرندي آهي. اصل ۾ محبت صرف هڪ وقت غرض جو نالو آهي، محبت هڪ سهارو آهي، محبت جي سهاري اُهي عورتون زندگي گذارينديون آهن جيڪي پاڻ کي مرد کان ڪمزور سمجهن جن کي هڪ پناهه گاهه جي ضرورت هجي، ۽ مان ڪڏهن به ڪمزور ٿي زندگي گذارڻ نه چاهيو آهي. مان پنهنجو سهارو پاڻ بنجڻ ٿي چاهيان ۽ ان لاءِ دولت ضروري آهي”
“ضمير ائين به نه آهي”
اقرا مون سان اختلاف ڪندي چيو.
توکي ڪهڙي خبر عيني ته مرد جي پُر خلوص محبت ڪيترو ته زندگيءَ جو سڪون ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿي عورت ڪيتري به مضبوط ڇو نه هجي، پر ڪنهن جي مضبوط حصار ۽ پيار جي پناهه گاهه کيس ڪيڏو نه بي اونو ۽ معتبر بنائي ڇڏي ٿي.
“اهي سڀ مرد جا طريقه آهن جيڪي هُو عورت کي ذهن نشين ڪرائي ڇڏي ٿو ۽ مرد هميشه ..... (مان جملو پورو ڪندي رهجي ويس) “مون بس ڪئي منهنجي ڏاڏي” اقرا منهنجي آڏو ٻئي هٿ ٻڌندي کلي چيو، “تون صحيح مان غلط رڳو هاڻ ايترو ٻڌاءِ ته آفاق جي رشتي جي ها ڪيون يا نه ؟
اقرا مون کان “ها” يا نه جو جواب طلبيندي چيو!
“ڀلي “ها” ڪري ڇڏيو مون کي ڪوبه اعتراض ناهي”
مون سندن ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي مرڪندي چيو ...
“شڪر آ” اقرا ٿڌو شوڪارو ڀريو.
منهنجو آفاق لاءِ شادي جي “ها” ڪرڻ ۾ صرف اهو ئي فائدو هو ته هُو دولتمند هو ۽ مون کي يقين هو ته هر مسئلي جو حل دولت آهي.
ڪجهه مهينن اندر ئي آفاق ۽ منهنجي شادي ٿي وئي، مان ڪينيڊا اچي ويس آفاق ڏاڍو خوش هو، هُو منهنجو ڏاڍو خيال رکڻ لڳو، ڪينيڊا منهنجي لاءِ نئون هو پر مان خوش هيس.
آفاق مونکي روز تفريح لاءِ ڪٿي نه ڪٿي گهمائڻ وٺي وڃڻ لڳو.
هڪ ڏينهن مونٽريئل شهر (Moutreal City) جي بلندي تي ٺهيل هڪ پارڪ ۾ وٺي ويو بلندي تي ٺهيل مونٽ رائل پارڪ (Mount Royal Park) ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان جنت ۾ داخل ٿي وئي هجان وچ ۾ وڏي تلاءَ نما ڍنڍ جي پاسن کان لاتعداد سَوَن جي تعداد ۾ ڳاڙهن پنن وارا وڻ هئا هوا لڳڻ سان ڳاڙهن پنن جي جهومڻ سان پنن مان ڇير جي ڇم ڇم جهڙا آواز عجيب رڌم پيش ڪري رهيا هئا. اهڙو ماحول مونکي پنهنجي هڪ مخمور ڪندڙ آغوش ۾ وٺي رهيو هو.
آفاق منهنجي چهري تي آيل مسرت ڏسي چيو ...!
“عيني تون مون سان هت ڪينيڊا ۾ خوش آهين نه!” اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آ ... خبر اٿئي آفاق مون هميشه اهڙي زندگيءَ جا ئي خواب ڏٺا هئا ۽ تون منهنجا خواب حقيقت ۾ بدليا آهن مون پنهنجو منهن مٿي وڻن ڏي ڪري پاڻ کي گول هوا ۾ ڦيرائيندي چيو ۽ آفاق مون کي خوش ڏسي خوش ٿيڻ لڳو.
مون ٽن مهينن ۾ پوري ڪينيڊا گهمي ڇڏي. هر پارڪ، هوٽل، شاپنگ مال هر اُها جاءِ گهمي جنهن جي به باري ۾ ٻڌو هيم. اڪثر آفاق مصروف هوندو هو ته پوءِ مان پاڻ ئي اڪيلي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويندي هيم. گاڏي مون وٽ موجود هئي. روپئي پيسي جي مون کي ڪا ڪمي نه هئي. مون انهن سهولتن مان خود جيءُ ڀري فائدو ورتو. ايتري شاپنگ ڪئي ايترو گهميس جو بيزار ٿي پيم.
منهنجي زندگي ۾ ڪابه ڪمي نه هئي، ڪنهن شي جي گهٽتائي نه هئي مون کي هر قسم جي آزادي هئي ، مون تي آفاق ڪا پابندي نه لڳائي نه پئسي جي نه آزاديءَ جي پر ڪڏهن ڪڏهن به پناهه سڪون ۽ سڀ سهولتون به بي چين ڪري سگهن ٿيون اهو سڀ مون انهن ڏينهن ۾ محسوس ڪيو. مون کي خبر هئي ته آفاق مون سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو پر هاڻ مون اهو به محسوس ڪيو ته هاڻ مون کي آفاق سان ڪابه محبت ڪونه رهي هئي. هُو جيترو منهنجو خيال رکندو هو مون کي اوتري ئي چڙ محسوس ٿيندي هئي، هُو جيترو منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪندو هو مان اوترو ئي کيس نظر انداز ڪرڻ لڳيس، مون کي ڄاڻ هئي ته مان غلط ڪري رهي آهيان پر پوءِ به مون کان اِهو سڀ ٿيندو رهيو. “ميم اوهان جو موبائل وڄي رهيو آهي” سارا منهنجي ملازمه مون کي موبائل هٿ ۾ ڏيندي چيو. ڏٺم اميءَ جي ڪال هئي.
“جي امي ڇا حال آهن”
مان ٺيڪ آهيان تون ٻڌاءِ ڪيئن آهين، آفاق ڪيئن آهي”
“ٻئي ٺيڪ ٺاڪ آهيون”
“ڪڏهن ٿا پاڪستان اچو؟”
“فلحال ته اچڻ مشڪل آهي ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو اچي وڃون، پاڪستان ۾ سڀ ٺيڪ آهن نه، احسن جي خبر چار ڏيو، شادي کان پوءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه ئي نه ٿي آهي”
“سڀ ٺيڪ آهيون، احسن به ٺيڪ آهي”
“پپا ڪٿي آهي؟”
“آفيس”
“صنم ڇا ٿي ڪري؟
“يونيورسٽي وئي آهي”
امي سڀني جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائيندي رهي. امي مون سان تقريبن روز ڳالهائيندي هئي. روز ڳالهائڻ سان مون کي محسوس ئي نه ٿيندو هو ته مان اميءَ جن کان پري آهيان “ڪنهن جو فون هو”
مون فون تي ڳالهائي بس ڪيو ته آفاق پڇيو
“اميءَ جو فون هو”
“ڇا پئي چوي”
“ڪجهه خاص نه بس خير خيريت معلوم ڪيائين.
“اڇا”
“اڄ ته ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان آفيس جا ڪم کٽن ئي ڪونه ٿا روز نئون ڪم نڪريو اچي ” آفاق روز وانگي ساڳيو جملو دهرايو مون دل ۾ سوچيو عجيب ماڻهو آهي هن وٽ لفظن ۽ جملن جو ڪيڏو نه ڏڪار آهي. روز ساڳيا جملا ساڳيا لفظ ....
“هي ڏس آفاق مون مون اڄ نئين ڊريس خريد ڪئي هئي ڪيئن آهي”
مون هينگر ۾ لٽڪيل ڊريس پاڻ تي رکندي آفاق کان پڇيو!
“ٺيڪ آهي بس ڪلر ٿورو تيز اٿس لائيٽ ڪلر ۾ وٺين ها نه”
“نه مون کي لائيٽ ڪلر پسند نه آهن”
“پوءِ بس توکي پسند آهي ته ٺيڪ آهي” مونکي ڀلا ننڊ ٿي اچي مان سمهان ٿو.”
آفاق اوٻاسي ڏئي بيڊ تي پاسو ورائيندي چيو مون حسرت وچان پنهنجي نئين ڊريس کي ڏٺو ايڏي خوبصورت بليڪ ڪلر جي ڊريس هئي پر آفاق ڪا اهميت ئي ڪونه ڏني. هُو هميشه ائين ڪندو هو. ڪڏهن به هن شخص مونهنجي تعريف ڪانه ڪئي. “صفا ڪو بورنگ ماڻهو آ” مون کيس دل ۾ چيو ....
مان اڪثر شام جو پنهنجي گهر ڀرسان ٺهيل هوٽل ۾ اچي چانهه پيئندي هيس. هي هوٽل پاليسر (Palliser Hotel) ڪينيڊا جي چند خوبصورت ترين هوٽلن مان هڪ هو. هوٽل جي هال جو ڏاڍو خوابناڪ خوبصورت ماحول هو. مون چانهه جو آڊر ڏئي ڇڏيو هو. جيسين چانهه اچي هٿ ۾ هڪ ميگزين کڻي پڙهڻ لڳيس.
“ايڪسڪيوز مي”
مون اکيون مٿي ڪيون ته اڳيان هڪڙو قدآور خوبصورت نوجوان بيٺو هو. سندس مک تي مرڪ هئي
“جي”
“مان هتي ويهي سگهان ٿو”
هُن صاف سنڌيءَ ۾ مون کان پڇيو. ڏسڻ ۾ به هُو ايشين Asian ئي لڳي رهيو هو. هُن منهنجي ٽيبل آڏو رکيل ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪندي چيو.
“ها ويهي سگهو ٿا” مون لاپرواهيءَ مان چيو.
“مان هن هوٽل ۾ اڪثر شام جو اچي ويهندو آهيان ۽ توهان کي روز ئي هن ڪرسي تي اچي ويهندو ڏسان ٿو، چانهه پي پوءِ توهان اٿي ويندا آهيو ڪالهه مون توهان کي موبائل تي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو. تنهنڪري اڄ دل چاهيو ته توهان سان ملجي توهان کي منهنجو هتي ويهڻ خراب ته ڪونه لڳو؟”
“نه .... نه بلڪل نه”
هُن اڌ ڪلاڪ اندر ئي پنهنجو پورو تعارف ڪرائي ڇڏيو ۽ مون کان منهنجي باري ۾ پڇائين مون پنهنجي ۽ آفاق جي باري ۾ مختصر طور تي کيس ٻڌايو. هُن جو نالو مصطفيٰ هو ڪينيڊا جي ئي هڪ هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر هو. مصطفيٰ نفسياتي ماهر هو.
مصطفيٰ جي ڳالهين مان مون کي اندازو لڳي رهيو هو ته هُو هڪ ڪامياب ماهرِ نفسيات (Psychiatrist) آهي.
مصطفيٰ جي شخصيت ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي جيڪا هر نئين ماڻهوءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ضروري هوندي آهي، کيس زندگيءَ جي هر شعبي جي معلومات هئي، مون کي هُن سان ملي اها ڄاڻ ٿي ته ڪن ماڻهن ۾ نمايان ٿيڻ جي صلاحيت هوندي آهي ۽ جن ماڻهن ۾ اها صلاحيت غير معمولي ٿئي ٿي اُهي يقينن زندگيءَ ۾ ڪامياب ۽ اڳيان وڌي اچن ٿا. ان ڏينهن بعد منهنجيون روز مصطفيٰ سان ملاقاتون ٿيڻ لڳيون.
هڪ ڏينهن اسان پنهنجي مخصوص ڪرسين تي هوٽل ۾ چانهه پي رهيا هئاسين ته مصطفيٰ مون کي غور سان ڏسندي چيو!
“ڇا پئي سوچين ڪٿي گم آهين؟”
(اسان ٻنهي مان اوپرائپ ختم ٿي وئي هئي)
“توهان” کان هاڻ “تون” تائين پهتا هئاسين
“مان سوچيندي آهيان ته شباب ۽ جوانيءَ جو دور جيترو حسين آهي اوترو نازڪ پڻ ٿئي ٿو، ڪڏهن ته دنيا تمام گهڻي حسين نظر اچي ٿي ۽ ڪڏهن وري طبيعت ۾ بيچيني ۽ اضطراب جي ڪيفيت اچي وڃي ٿي” مون چيو
اڇا ! مطلب ته تون اڄڪلهه بيچين ۽ اضطرابيت ۾ مبتلا آهين؟ هُن غور سان مونکي ڏسندي چيو.
“نه خير مان پنهنجي ته ڳالهه ڪونه ٿي ڪيان”
“تون يقينن پنهنجي ڳالهه ئي ڪري رهي آهين مان سائيڪياٽري پڙهي آهي، ۽ مان ڪنهن جي ڳالهائڻ ۽ چهري جي زاوين مان ان جي احساسن جو اندازو هڻي وٺندو آهيان” مونکي ٻڌاءِ توکي ڪهڙي پريشاني آهي. ؟ ”
“مصطفيٰ مونکي ناهي خبر اِهو ڇا آهي، مان توسان گڏ هوندي آهيان ته ڏاڍي Relax هوندي آهيان پر جڏهن گهر وڃان ٿي ته مونکي بيزاري ٿي محسوس ٿئي، آفاق تي نه ڄاڻ ڇو خوامخواهه چڙ ٿي اچي”
“پوءِ اِهو ته سراسر ماحول جو اثر آهي نه”
“مان چاهيان ٿي ته آفاق ۽ گهر ڏي توجهه ڏيان پر مان جڏهن هُن کي ڏسان ٿي تڏهن مونهنجي سوچ ۾ تون ٿو اچين وڃين”
“ته پوءِ تون مونکي پنهنجي سوچ تي ايترو حاوي ڇو ڪري ڇڏيو آهي؟” هُن چيو
“اِهو سڀ منهنجي وس ۾ ناهي”
“ٺيڪ آ هاڻ مان توسان نه ملندُس”
“ها مصطفيٰ تون صحيح ٿو چوين اسان کي نه ملڻ گهرجي”
“بلڪل عيني مان اِهو ڪڏهن به نه چاهيندس ته منهنجي ڪري تنهنجي زندگي ڊسٽرب ٿئي، ته پوءِ Done ! هاڻ پاڻ نه ملنداسين”
ان شام جو مان، مصطفيٰ سان نه ملڻ جو واعدو ڪري گهر موٽيس ....... پر شام کان وٺي منهنجي بيچيني وڌيڪ ٻيڻي ٽيڻي ٿي وئي، منهنجي لاشعور ۾ مصطفيٰ ۽ صرف مصطفيٰ رهجي ويو هو. ان شام مونکي ڪنهن پل چين نه آيو.
“عيني” .... ! آفاق مونکي سڏ ڪيو.
“هون ......”
“هل ته ڊرائيو تي هلون”
“نه آفاق منهنجو موڊ نه آهي”
“تون هلڻ جي ڪر، موڊ پاڻ ئي ٺهي ويندو”
“نه ... نه ... دل نه ٿو چوي”
“پر منهنجو ته دل چوي ٿو نه ......”
آفاق منهنجو هٿ ڇڪيندي چيو
“نه اهو ضروري ته نه آهي ته منهنجو دل به تنهنجي دل سان احساساتي طور تي ساڳيو هجي”
مون آفاق جي جذبات کي Disown ڪندي چيو اصولن ته مونکي آفاق جو چوڻ وٺڻ گهرجي ها پر منهنجي دل وَ دماغ تي رڳو مصطفيٰ جي سوچ حاوي هئي.
آفاق منهنجي بي رُخي وارو جواب ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ آنٽيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ان جي روم ڏانهن هليو ويو ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي بيڊ تي ليٽي پيم. ننڊ اکين کان ڏور هئي ٽي وي کوليم، چينل تي چينلز چينج ڪندي رهيس، پر ڪجهه به سٺو ڪونه لڳو.
اکين آڏو صرف مصطفيٰ هو. اُٿندي، ويهندي، کائيندي کلندي ...... هر هنڌ هر وقت مصطفيٰ.
ڪنهن جو سامهون هجڻ ضروري نه آهي ياد نظرن ۾ نه پر دل ۾ هجي ٿي.

3

هڪ ڏينهن مون مصطفيٰ کان پڇيو هو ... “مصطفيٰ ڇا مان توکي پسند آهيان” مان توکي ڪيئن لڳندي آهيان”
چيائين ....
“اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آ ... ! تمام پياري لڳندي آهين، تڏهن ته هر وقت تون ئي تون هوندي آهين”
اِهي ڳالهيون ياد ڪري مون کي مصطفيٰ وڌيڪ ياد اچڻ لڳو. منهنجو هٿ موبائل ڏانهن ويو مصطفيٰ کي SMS ڪيم
“ڪٿي آهين”
“گهر ....... ڇو؟ ” پڇيائين
“ائين ئي ٿي پڇان” وراڻيم
“مصطفيٰ هڪڙي ڳالهه چوانءِ؟
“ها چئو” Reply ڪيائين
“ڇا تون مونکي وساري سگهندي”
“نه ڪڏهن به نه” وراڻيائين
“مصطفيٰ مان به توکان سواءِ نه ٿي رهي سگهان حقيقت اها آهي ته اسين ٻئي هڪٻئي کان پري نه ٿا رهي سگهون”
“ها ! تون صحيح ٿي چوين” Reply ڪيائين
“ته پو مونکي پري رهڻ لاءِ ڇو ٿو چوين” ؟
“for your betterment” جواب SMS ڪيائين
مان توکان سواءِ مري ويندس پليز مونسان سڀاڻي ملجاءِ”
“نه ..... ملڻ مناسب نه آهي”
پليز مصطفيٰ پليز .... توکي ڪهڙي خبر توکان سواءِ تنهنجي غير موجودگيءَ جي سوچ جو احساس ئي منهنجو ساهه ڄڻ ڪڍي ڇڏي ٿو”
هُن ڪوبه Reply نه ڪيو.
“مصطفيٰ..... ”
“No Reply”
“مان پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو ٿي محسوس ڪيان”
“No Reply”
“تو بنان گذاريل هي هڪ شام مونکي ڪنهن صديءَ جيان ٿي لڳي نه مونکي ننڊ ٿي اچي نه بک ٿي لڳي”
“No Reply”
پليز مصطفيٰ جواب ته ڏي
“No Reply”
مصطفيٰ جي Reply نه ڪرڻ تي منهنجي سوچ ۽ لوچ ڪنهن طوفان جيان وڌي رهي هئي هُن جي Ignore ڪرڻ تي مان کيس وڌيڪ SMS مٿان SMS ڪرڻ لڳيس.
آخر هُن ايس ايم ايس جو جواب ڏنو
“Ok، سڀاڻي ملنداسين”
هُن جي جواب ملڻ تي مان ٽڙي پيس، منهنجي اندر ۾ داد ۽ خوشيءَ جي ميلاپ واري ڪيفيت هئي.
سچ پچ ڪنهن انسان جي موجودگيءَ جو احساس تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن ڪو خاص اسان جي زندگيءَ مان نڪري وڃي ٿو، پر مان ڪنهن به صورت ۾ مصطفيٰ کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
ٻئي ڏينهن اسين ٻئي ساڳئي هوٽل ۾ ساڳين ڪرسين تي ويٺل هئاسين. ڪالهه واري موضوع تي اسان ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو. ٻئي ائين ئي خوش هئاسين جيئن پهرين هوندا هئاسين.
وري هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
مصطفيٰ جي طبيعت مونکي ان ڪري به ڏاڍي وڻندي هئي جو هُو تمام گهڻو خيال رکندڙ ماڻهو هو، منهنجي ڪنهن به ڳالهه سان اختلاف نه رکندو هو ۽ ٻين مردن جيان عورتن پويان لڳڻ سندس عادت ۾ شامل نه هو. ڪينيڊا ۾ رهندي به هُو شراب ۽ عورتن کان پري هو هُو پيشي جي لحاظ کان هڪ نفسياتي ماهر هو ڪيتريون ئي عورتون سندن ڪلينڪ تي اينديون هيون، چاهي ها ته ٻين ڊاڪٽرن جيان پنهنجي مريض عورتن سان افيئر هلائي ٿي سگهيو. هڪ ڀيرو مان سندس ڪلينڪ تي وئي هيس جتي هڪ کان هڪ خوبصورت عورت موجود هئي پر مصطفيٰ کي مون هر عورت کان لاتعلق ڏٺو. مون سندس ڪلينڪ تي بيٺل چوڪيدار ۽ هيڊ نرس سان به ڳالهيون ڪيون هيون هنن به مصطفيٰ جي ڪريڪٽر جي تعريف ڪئي جنهن بعد ئي منهنجي دل مصطفيٰ ڏانهن وڌيڪ مائل ٿي هئي.
مصطفيٰ کي خبر هئي ته مان شادي شده آهيان ان ڪري ئي هُو منهنجو وڌيڪ خيال رکندو هو، ڪٿي به مونسان گهمڻ هلندو هو ته ان ڳالهه جو اونو ضرور رکندو هو ته متان مونکي ڪو هُن سان ڏسي وٺي ۽ منهنجي ازدواجي زندگيءَ تي ڪو مونجهارو اچي ۽ سندن اِها خيال رکڻ جي عادت منهنجي لاءِ روشنيءَ جا نوان ڪرڻا کولي ڇڏيندي هئي حالانڪه هُو ته غير شادي شده هو هُن تي تکي نظرداري وارو ڪوبه ڪونه هو.
هڪ ڏينهن چيو هيو مانس
“شادي ڇو ڪونه ٿو ڪرين؟”
“تون ڪراءِ نه مونهنجي شادي”
“اڇا ! مان ڪرايان” چڱو ڀلا ٻڌاءِ توکي ڪهڙي قسم جي ڇوڪري کپي؟”
“مون کي تو جهڙي ڇوڪري کپي؟” منهنجي اکين ۾ ڏسي چيائين
“مون جهڙي ! ” کلندي چيو مانس
“ها ! تو جهڙي”
“ڇو ! مون ۾ اهڙو ڇا آهي”
تو ۾ سڀ ڪجهه آهي توکي ڪهڙي خبر تون ڇا آهين ؟ ”
مون کلندي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو
مصطفيٰ روزي جو پابند هو. رمضان جا سڀ روزا پابنديءَ سان رکندو هو. زڪوات خير خيرات، غريبن جي، دوستن جي مدد ڪرڻ ۾ هميشه اڳيان هوندو هو ۽ مونکي هُن جون اهي عادتون پسند هيون. ان ڏينهن مون کي پاڻ سان لانگ ڊرائيو تي وٺي هليو. ڊنر ڪرايائين. بار بار کيس موبائل تي ميسيج اچي رهيا هئا پڇيو مانس
“ڪنهن جا ٿا هر هر ميسيج اچن”
“اڄ منهنجي برٽ ڊي آهي دوست وش ٿا ڪن تون ته مونکي وش ڪونه ڪيو” هن شڪايتن چيو مون شرمنده ٿي چيو.
اڇا ! مونکي خبر ئي ڪونه هئي، چڱو ڀلا، پنهنجو هٿ ڏي وش ڪيان مون سندس هٿ تي چمي ڏئي پنهنجي ڳل سان لڳايو، هُو مُرڪي پيو چيائين .....
“مَسَ ڪو منهنجو خيال آيو اٿئي ! چڱو هاڻي پنهنجو هٿ ڏي، مون هٿ اڳيان ڪيو ته هُن منهنجي هٿ جي ٽئين آڱر ۾ هڪ خوبصورت نازڪ ڊائمنڊ جي منڊي پارائيندي چيو “هاڻ منهنجي محبت توکي هر وقت ٽچ ڪندي رهندي”
“Wow زبردست ! ڪيڏي پياري Ring آهي مون منڊيءَ کي تعريفي انداز ۾ ڏسندي چيو.
“پر منهنجي راڻيءَ کان وڌيڪ نه آهي” هن پيار منجهان چيو
“پر مصطفيٰ تنهنجي برٿ ڊي آهي مونکي تحفو ڏيڻ گهرجي ها نه ! ..... الٽو وري تون ٿو گفٽ ڏين”
“تون سموري، تنهنجو سمورو پيار منهنجو تحفو ئي ته آهي” ٻئي کلي پياسين.
“چانهه پيون ؟” مصطفيٰ پڇيو
“ها ! پي سگهجي ٿي” وراڻيم
گاڏي هوٽل جي پارڪنگ ۾ بيهاري اسين پارڪ ۾ رکيل بئنچ تي ويهي رهياسين. بيرو چانهه جو آرڊر وٺي ويو.
ٿوري دير ويهڻ سان اسان کي سرديءَ جو احساس ٿيو . مون مصطفيٰ کي چيو ته گاڏيءَ ۾ ويهي ٿا چانهه پيون. اسين اُٿي اچي ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهي رهياسين ۽ چانهه جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.
مصطفيٰ ٻانهن ورائي مونکي پنهنجي ويجهو ڪري ويهاريو. مون پنهنجو مٿو هُن جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ هُو آهسته آهسته منهنجي وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيريندو رهيو. ڪا مهل اسين هڪٻئي ۾ گم رهياسين. بيرو چانهه کڻي آيو. چانهه پي گهر موٽياسين.
مان جڏهن به مصطفيٰ سان ملي گهر موٽي ايندي هيم ته پوءِ خيالن ۾ مصطفيٰ ۽ آفاق جي ڀيٽ ڪندي هيس آفاق جي شخصيت مونکي هميشه مصطفيٰ کان گهڻي هيٺ نظر ايندي هئي، آفاق بيوقوفيءَ جي حد تائين سادو ماڻهو هر ڳالهه ۽ هر مسئلي تي ماءُ پيءُ کان مشورو وٺڻ جو عادي هو، ڪڏهن به پنهنجي خود اعتماديءَ سان پاڻ فيصلو نه ڪندو هو. صرف پنهنجي بزنس ۾ مگن هو، مصطفيٰ ان جي ابتڙ هو. هُو عقلمند، پنهنجو هر فيصلو پاڻ ڪرڻ وارن مان هو، وڏي کان وڏو مسئلو پاڻ حل ڪندو هو پنهنجي پريشاني ڪنهن سان شيئر ڪري ڪنهن کي پريشان نه ڪندو هو.
مصطفيٰ جي ملڻ بعد مونکي احساس ٿيو ته عورت کي پئسي سان گڏوگڏ مرد جي پيار ۽ توجهه جي به ضرورت هوندي آهي ۽ آفاق مون ڏي بلڪل توجهه نه ڏيندو هو. جڏهن ته مصطفيٰ سان گذاريل پيار جو هڪ پهر به مونکي صدين جيڏيون خوشيون ڏيڻ وارو احساس ارپيندو هو.
مون آفاق کان طلاق وٺي مصطفيٰ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
مون آفاق سان ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهيڙا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اهڙين ننڍين رنجشين کي ايترو ته طويل ڪرڻ شروع ڪيم جو ذڪر پاڪستان ۾ اميءَ تائين ٿيڻ لڳو. مان ڪوشش ڪري امي ۽ پپا تي اِهو ظاهر ڪندي رهيس ته آفاق ۽ ان جا والدين مون سان سٺو سلوڪ نه ٿا ڪن.
۽ شايد اِها حقيقت به هئي. صرف پئسو اضطرابيت ختم نه ٿو ڪري سگهي. محبت لاءِ توجه به اهم آهي آفاق کي ته محبت جو مفهوم ئي معلوم نه هو هُو بزنس مائينڊڊ هو. آنٽي مونکي سمجهائيندي هڪ ڏينهن چيو ته ....
“آفاق هي سڀ محنت توکي سک ڏيڻ لاءِ ڪري رهيو آهي، عيني اُهي عورتون خوشنصيب هونديون آهن جي جي سُک لاءِ سندن شريڪ حيات ايتري محنت ڪندا آهن”
“پر مونکي اهڙي شريڪ حيات مان ڪهڙو فائدو جيڪو مونکي پيار، توجه ۽ وقت جي شراڪت نه ڏئي سگهي” بي زاريءَ مان چوندي هيس.
“تون پنهنجي نصيب کي پاڻ ٿڏا ٿي هڻين”
“ٿڏا مان نه ٿي هڻان پر ٿڏا آفاق ٿو هڻي پنهنجي نصيب کي. توهان ئي ٻڌايو ڪهڙي ڏينهن هُن مون سان ويهي ڪي گهڙيون گذاريون آهن هر وقت بس بزنس بزنس ..... “مون ٻئي هٿ مٿي تي رکيا پريشانيءَ مان”.
منهنجي مٿي ۾ سور ٿي رهيو هو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو شايد بلڊ پريشر وڌڻ ڪري ...
“ڏس عيني اِهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون زندگيءَ ۾ ....(آنٽي منهنجي مٿي تي هٿ رکيائين) پليز آنٽي .......... سمجهائڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي “پٽ کي سمجهايو، مونکي سڀ سمجهيل آهي”
مان اٿي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن وڌيس
“رات جو آفاق آيو ته چيائين ... عيني ٿيٽر جون ٻه ٽڪيٽون وٺي آيو آهيان تيار ٿي ته هلون، ڊنر به ٻاهر ڪنداسين. ”
“مون کي ناهي هلڻو”
ناهي هلڻو پر ڇو؟ توکي جڏهن به ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چوان ٿو ته جواب ٿي ڏي آخر ڇو؟ “ان ڪري جو هاڻ مون توهان سان گڏ ٻاهر نڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن”
“مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي عيني اگر نه ٿو هلان ته اعتراض ٿي ڪرين ۽ هلڻ لاءِ ٿو چوان ته انڪار ٿي ڪرين، آخر مان ڇا ڪريان، تون ڇا ٿي چاهين؟
“مان في الحال آرام ڪرڻ ٿي چاهيان”
مان بيڊ تي پاسو ورائي سمهي پيس.
آفاق ۽ مان هڪٻئي کان پري ٿيندا وياسين، فاصلا وڌندا ويا. ماڻهو غلط چوندا آهن ته فاصلا محبت کي وڌائيندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته فاصلا فاصلن کي وڌائيندا آهن.
“مون کي طلاق گهرجي” مون ڄڻ گهر ۾ بم ڦاڙي ڇڏيو.
“طلاق ... ؟؟ دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي” آفاق اخبار پڙهندي اوچتو ڇرڪ ڀريو.
“ها ! طلاق ڇو ته توکي منهنجي موجودگي يا غير موجودگي جو ڪو احساس ئي ڪونهي مان توسان وڌيڪ زندگيءَ جو وقت ضايع ڪري نه ٿي سگهان” بريڊ سان چانهه پيئندي چيم “عيني آخر توکي ڇا تڪليف آهي. دنيا جي اُها ڪهڙي شي آهي جيڪا مون توکي ميسر ڪري نه ڏني آهي”
“آفاق ! مان ان بحث ۾ پوڻ نه ٿي چاهيان تون مون کي آزاد ڪر”
“پر عيني ..... ” هن منهنجي هٿ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين
“بس ...... ” هُن جو هٿ هڪڙي ئي سٽ سان پري ڪيم.
“چيم نه آزاد ڪر”
“نه عيني ائين ڪڏهن به نه ٿيندو مان طلاق نه ڏيندس”
“ٺيڪ آ مان ڪورٽ جي ذريعي وٺندس”
منهنجو ارادو اٽل هو.
ڏس عيني سمجهڻ جي ڪوشس ڪر. تون جيئن چونديءَ مان ائين ئي ڪندس توکي هاڻ ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏيندسُ، مان توسان تمام گهڻو پيار ٿو ڪيان، توکان سواءِ رهي نه سگهندس”
“ٺيڪ آ اگر توکي ڪورٽ جا چڪر ڪاٽڻ جو شوق آهي ته پوءِ ائين ئي سهي” مان ڊائيننگ ٽيبل تان اٿي ويس
ٻن ڪلان بعد اميءَ جو فون آيو
“عيني هي آفاق ڇا ٿو چئي؟ تون هن کان طلاق گُهري آهي؟”
ها ! امي مان هن ماڻهو کي برداشت ڪري نه ٿي سگهان
“پر هُن آخر ڇا ڪيو آهي؟” اميءَ پريشانيءَ مان پڇيو
“امي هُو انسان نه بُت آهي هُن وٽ مون لاءِ وقت ئي ناهي، مان هُن لاءِ گهر ۾ رکيل ڪنهن ٿانو يا ڊيڪوريشن پيس جيان آهيان، جنهن تي توجه ڏيڻ هُو لازم نه ٿو سمجهي”
“عيني ائين ناهي، مونکي به خبر آهي ته آفاق توسان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي”
“اِها توهان جي غلط فهمي آهي امي جنهن کي محبت هوندي آهي اُهو اظهار به ڪندو آهي پنهنجي توجه سان محبت جو احساس به ڏياريندو آهي” مون دليل ڏيندي چيو.
“عيني توکي اِهو ڪنهن چيو آهي ته زبان سان اظهار ئي پيار جي دليل ۽ سچائي هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ لڪيل پيار نظر نه ايندو آهي، هر انسان لاءِ پنهنجا جذبات ظاهر ڪرڻ آسان به نه آهي، تون آفاق جي دل ۾ لڪيل سچي محبت پرکڻ جي ڪوشش ڪر، آفاق هڪ بهترين مڙس آهي، هُو هڪ سچو انسان آهي.
”مان سڀ پرکي چڪي آهيان،مان هن سان گذاريل رفاقت مان گذري آهيان، هن ۾ ڪو اهڙو جوهر موجود ناهي جنهن جي توهان ايتري تعريف ڪيو” منهنجي لهجي ۾ تيزي نمايان هئي.
“عيني، آفاق تنهنجي پسند آهي، تنهنجي مرضي معلوم ڪرڻ بعد ئي اسان توهان ٻنهي جي شادي ڪرائي هئي. هاڻ ڇو ٿي پاڻ کي به پريشان ڪري ۽ اسان کي به مشڪل ۾ وجهي” اميءَ جو لهجو افسوسناڪ هو.
“نه مان پريشان آهيان ۽ نه ئي مان توهان کي ڪنهن مشڪل ۾ وجهندس. مان پنهنجو ڀلو بُرو سمجهان ٿي.”
“تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن ڪر، تون ڪو اسان جي ڳالهه مڃيندي آهين ڇا!” اميءَ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
سڀني گهر وارن جي مخالفت ۽ آفاق جي طلاق کان انڪار باوجود مان پنهنجي فيصلي تي قائم رهيس. آفاق مونکي گهڻي ڪوشش ڪئي سمجهائڻ جي پر مان هڪ انچ به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار نه هيس. منهنجي بي رُخي ۽ ضد ڏسي آفاق آخرڪار مونکي طلاق ڏئي ڇڏي.
مون پنهنجا ڪجهه ضروري سامان کڻي آفاق کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي آيس. ان ڏينهن ئي مون ۽ مصطفيٰ ڪورٽ ميرج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. عدت پورو ڪري مون ۽ مصطفيٰ شادي ڪري ڇڏي (عدت وارو وقت مون هڪ ڪرائي جي فليٽ ۾ گذاريو) پوءِ مصطفيٰ مونکي پنهنجي فليٽ تي وٺي آيو.
مصطفيٰ ۽ مان ڏاڍا خوش هئاسين. مون پاڪستان فون ڪري گهر وارن کي پنهنجي شاديءَ جو اطلاع به ڏئي ڇڏيو. شاديءَ جي خبر تي هنن ڪوبه خوشيءَ جو اظهار نه ڪيو. کين شادي جي خوشيءَ کان وڌيڪ منهنجي طلاق جو غم هيو.
مصطفيٰ ۽ مان شايد هڪٻئي لاءِ ئي ٺهيا هياسين، زندگيءَ جو هي سفر ڏاڍو سهڻو ۽ سهانو ٿي ويو هو، هر طرف بهار ئي بهار هئي مصطفيٰ صبح جو پنهنجي ڪلينڪ تي هليو ويندو هو منجهند جو اچي ٿورو آرام ڪندو هو ۽ پوءِ شام کان رات تائين اسين ٻئي گهمندا رهندا هياسين. اهڙي ڪا گهمڻ جي جاءِڪو پارڪ، هوٽل يا مارڪيٽ نه هئي جيڪا اسان نه گهمي هوندي.
منشا موجب محبوب هجي، زندگيءَ جون سڀ رونقون هجن ته حياتي ڪيڏي نه مست ٿي پوندي آهي اِهو مون هاڻ ڄاتو هو.مان پنهنجي فيصلي تي مطمئن هيس، مصطفيٰ هڪ پيار ڪندڙ همسفر هو، هُن جي قرب ۽ ساٿ ۾مونکان دنيا جهان وسري ويو.
ان ڏينهن مان آئيني آڏو تيار ٿي رهي هيس، سفيد رنگ جو سوٽ پائي سفيد جيوئلري جي ميچننگ ڪري مون هلڪو ميڪ اپ ڪيو. مصطفيٰ منهنجي پويان اچي منهنجي چيلهه ۾ پنهنجون ٻانهون وجهندي چيو!
“عيني مان ڪيڏو خوشقسمت آهيان جو تون جهڙي خوبصورت حور منهنجي زندگيءَ ۾ شامل ٿي، توکي ڏسندي ئي مان صفا بيوس ٿيو پوان، توکان نظر پري ڪرڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. لڳي ٿو ته واقعي مونکي توسان عشق ٿي ويو آهي” مصطفيٰ رومينٽڪ ٿي پيو.
“اڇا ! ته سرڪار کي اڄ خبر پئي آهي ته مون سان عشق ٿيو اٿئي، ته پوءِ ايترو وقت اڳ۾ ڇا هو؟”
مون مسڪرائيندي سندس هٿن تي هٿ رکي پنهنجو چهرو سندس سيني ۾ لڪائيندي چيو
“اُهو ته مان صرف توسان ٽائيم پاس پيو ڪندو هيس مون کي ڪهڙي خبر هئي ته تون بلڪل سيريس ٿي مون سان شادي ڪنديءَ” کليو
“ڇا ! ڇا .... ڇا .... تون مونسان ٽائيم پاس ڪيو هو”
مصطفيٰ ٽهڪ ڏيندو، آئيني تي اچي وارن کي برش ڪرڻ لڳو. ٻئي کلڻ لڳاسين.
زندگي خوبصورت رنگن جو هڪ مجموعو ٿي پئي هئي، سمنڊ جي شفاف پاڻيءَ جيان لهرن جي پوري شوخي چنچل ۽ ڇولي ٿي مون کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙيندي رهي.
“عيني مان سوچيان ٿو ته منجهند جي ٽائيم تي ڪلينڪ ۾ ڪجهه وڌيڪ ٽائيم ڏيان، ڇو ته شام جو مان صرف ۽ صرف توسان گڏ رهڻ چاهيندو آهيان تنهن ڪري منجهند جو ٽائيم مريضن کي ڏيڻ ٿو چاهيان” صبح جو ڪلينڪ لاءِ تيار ٿيندي مصطفيٰ ٻُڌايو.
“اُهو ته ٺيڪ آ پر صبح جو 9 بجي کان وٺي شام تائين مسلسل مريض ڏسندي تون ٿڪجي نه پوندي؟”
“نه” ڪوٽ پائيندي چيائين
“شام جو جڏهن مان موٽي تو وٽ ايندس ته تون منهنجا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندينءَ، توکي ڏسي مان وري فريش ٿي ويندس”
“اها ڳالهه آ” مان خوشيءَ مان ٻهڪي پيس
“ها ! بلڪل، اها ڳالهه آ، منهنجي راڻي”
“Ok جيئن توکي مناسب لڳي.”
مصطفيٰ منجهند جو به ڪلينڪ شروع ڪري ڇڏي. صبح جو مان مصطفيٰ جي ڪلينڪ تي وڃڻ بعد ٻيهر سمهي پوندي هيس. شام جو 6 وڳي تائين مصطفيٰ به واپس اچي ويندو هو.پوءِ شام جو اسين تقريبن روز آئوٽنگ تي هليا ويندا هئاسين.
موبائل ڪافي دير کان وڄي رهيو هو. کنيم مصطفيٰ هو.
“اڄ مون کي ٿوري اچڻ ۾ دير ٿي ويندي تون پريشان نه ٿجاءِ”
“ٺيڪ آ ..... پر تون ڪهڙي وقت تائين ايندي؟”
“مون کي 8 ...... 9 ٿي ويندا”
“Ok ” ...... فون بند ٿي ويو.
مصطفيٰ کي ڪافي دير ٿي وئي رات جو يارهين وڳي تائين آيو. ايندي ئي چيائين! “يار اڄ ڏاڍي دير ٿي ڪجهه ڪلينڪ تي ۽ ڪجهه وري دوست اچي ويا انهن سان ٻاهر هليو ويس. تون ٻڌاءِ ماني کاڌي اٿئي؟
“نه” مون ڪائوچ تي ويٺي ويٺي ئي جواب ڏنو پوءِ کڻي آ ماني ته کائون”
“ها ! مان ماني لڳايان ٿي تون چينج ڪري اچ”
“حاضر اجهو ٿو اچان”
مصطفيٰ اُتي ئي اڃان بيٺو هو ته موبائل وڄس “اسلام عليڪم” سلام ڪرڻ ۾ هميشه اڳرو هوندو هو.
“ ها! يار مان ٺيڪ آهيان” بس تنهنجي ئي ڪم سان نعيم صاحب وٽ آيل آهيان، ڪجهه دير بعد توکي ڪال بيڪ ڪيان ٿو” تون ڳڻتي نه ڪر تنهنجو ڪم ٿي ويندو” “Ok يار ...... Ok .......”
“ ڪير هو ڪنهن جو فون هو؟ مون سوال ڪيو.
“رفيق هو، ڪو ڪم چيو هيائين ان جو پيو پُڇي”
“پوءِ تون ان سان ڪوڙ ڇو ڳالهايو ته تون نعيم صاحب وٽ آهين؟”
“ظاهر آ مان نعيم صاحب وٽ وڃي نه سگهيو هيس ۽ توکي خبر آ مان ڪنهن کي به “نه” ڪري نه سگهندو آهيان ان ڪري چيو مانس ته نعيم وٽ تنهنجي ئي ڪم لاءِ آيو آهيان”
“پر مصطفيٰ تنهنجي اِها ڏاڍي خراب عادت آهي جو ماڻهن کي هروڀرو آسرن ۾ رکندو آهين، جيڪڏهن ڪم نه هجي ڪرڻو ته صاف جواب ڏيئي ڇڏجي” مون ڪچن ڏانهن ويندي چيو.
“اِهو ئي ته مسئلو آهي مان ڪنهن کي به جواب ڏيئي نه سگهندو آهيان” لاپرواهيءَ مان چيائين
“پر اِهو سڀ غلط آ مصطفيٰ”
“ها ! يار ائين ته آهي” خير ...... ڇڏ”
مون به ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪيو ڇو ته وڌيڪ هِن کي چوڻ جو ڪو فائدو به ڪونه هو مون کي هن جي طبيعت جي ڄاڻ هئي، هُو هميشه هر ڪنهن سان ها ۾ ها ملائيندڙ مزاج وارو ماڻهو هو. سڀني کي هر ڪم لاءِ “ها” ڪندو پوءِ جڏهن ڪري نه سگهندو هو ته جواب ڏيڻ بدران يا ته فون پئي وڄندي ئي اٽينڊ ئي نه ڪندو يا وري ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي وري اڳلي ماڻهوءَ کي آسري ۾ رکي ڇڏيندو هو.
ماني جي ٽيبل تي مصطفيٰ هڪ ٻه گرهه کائي هٿ روڪي ڇڏيا.
“ڇو ماني نه ٿو کائي” اندازو هيم ته پيٽ ڀريل اٿيس
“بس .... مان بس ڪئي تون کاءُ” اصل ۾ مان ٻاهر دوست سان کائي آيو هيس بس توکي ڪمپني ڏيڻ لاءِ ويٺس” منهنجو اندازو صحيح نڪتو.
“پهرين ٻڌائين ها ته ماني نه لڳايان ها”
“ڇو ... ڇو تون نه ٿي کائين ڇا ... تون کاءُ ”
“بس مان به بس ڪئي” مان بمشڪل پنهنجي پاڻ کي ڪاوڙ کان بچائيندي چيو.
“ڪهڙي دوست سان ماني کائي آيو هئين؟”
“ماجد سان” مختصر جواب ڏيئي بيڊ روم ڏانهن ويو

4

مصطفيٰ جي عادت هئي هُو ڪابه ڳالهه ڪنهن سان به شيئر نه ڪندو هو. مون کي پاڻ هڪ ڀيرو ٻڌايو هئائين ته هُو هميشه پڙهائي جي سلسلي ۾ مائٽن کان پري هاسٽلن ۾ رهيو هو ان ڪري هن ۾پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي عادت پئجي وئي .
مصطفيٰ مزاج جو تمام ٿڌو، هر ڳالهه کلي ٻڌڻ وارو ماڻهو هو پر سندس مزاج ۾ هڪ لاپرواهي موجود هئي ۽ هن جي اِها عادت منهنجي لاءِ بيچيني ۽ بيقراريءَ جو سبب ٿيندي هئي. (پر شايد هر انسان پرفيڪٽ نه هوندو آهي)
وقت هلڻ شروع ڪيو هو ۽ تيزي سان وکون کڻي هلندو رهيو. مصطفي! اڪثر شام جو دير سان اچڻ لڳو هو. مان گهر ۾ اڪيلي هوندي هيس ۽ هر وقت سوچون ۽ اڪيلائي مون مٿان يلغار ڪري ڏينديون هيون. مصطفيٰ جو گهڻو وقت ٻاهر گذرندو هو يا ته ڪلينڪ تي يا وري دوستن سان. هُو ڊرائيونگ جو شوقين هو. دوستن سان ڪم ڪار لاءِ هڪدم راضي ٿي ساڻن هليو ويندو هو ۽ مون کي بعد ۾ اچي ٻڌائيندو هو ته هُو ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو هو.
ڪيترا ڀير ان عادت تي ناراض به ٿي هئي مانس پر هُو ڪڏهن به اڳ ۾ يا پوءِ ڪابه ڳالهه شيئر نه ڪندو هو.
هڪ ڏينهن چيو مانس ....!
مصطفيٰ مونکي لڳي ٿو ته ڄڻ مان ڪنهن بت جهڙي بيحس ماڻهو سان زندگي پئي گذاريان “مطلب ته مان بي حس ۽ بت آهيان”
هُن پيار مان منهنجي چهري کي ٻنهي هٿن سان جهليو
“ها! ظاهر آ توکي ئي چوان پيئي، منهنجي آسپاس يا هن گهر ۾ ٻيو ڪو ماڻهو ته آهي ڪونه پوءِ مطلب ته اُهو بت تون ئي آهين نه؟
“بس يار مان اِهو ئي فقير ماڻهو آهيانئن“
ليپ ٽاپ کي آن ڪندي چيائين
“اِهو وري هاڻي ليپ ٽاپ ڇو ٿو کُلي”
چڙ منجهان چيم
“اِها ته مونکي به خبر نه آهي ته ڇو ٿو کُلي“ لاپرواهيءَ مان کلي چيائين.
“سڄو ڏينهن ٻاهر ٿو رهين جي گهر ۾ ٻه گهڙيون اچين ٿو ته وري اِهو ليپ ٽاپ ....”
“چڱو چڱو بس رکان ٿو” هاڻي خوش؟
“خير خوش ته نه آهيان”
منهنجي منهن۾ڪاوڙ هئي
“ٺيڪ آ سڀاڻي سنڊي جو ڏينهن سڄو سارو تنهنجو هوندو” سڄي شام ٻاهر گذارينداسين.
منهنجي منهن تي بدستور ڪاوڙ هئي.
“ڀلا هاڻي ته سهين ....”
مصطفيٰ منهنجي ڳل تي چُهنڊي پائيندي چيو ۽ مان کلي پيس.
صبح جو دير سان اک کلي گهڙيال ڏٺم يارنهن ٿي رهيا هئا، بيد جي پاسي تي نظر وڌم ته مصطفيٰ پنهنجي پاسي تي ستل نه هو پڪ ڄاتم ته ڪلينڪ هليو ويو هوندو.
اَلا اوءِ اَلا ! اکيون مهٽي ٻئي ٻانهون کولي آرس ڀڳم. بيڊ ڇڏي فريش ٿي ناشتو ڪيم. ليڊي سرونٽ صفائي ۾ رُڌل هئي فون کڻي اقرا جو نمبر ملايم ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا اَمي ۽ اقرا سان ڳالهه ٻولهه ڪونه ٿي هئي
اقرا ڏي رنگ وڃي پئي ..... اٽينڊ ڪيائن،
“اقرا ڪهڙا حال آهن”
“سڀ ٺيڪ ....” تون ٻڌاءِ
“ادا مصطفيٰ ڪيئن آهي؟ تون خوش آهين نه”
“ها ! ها! مان مزن ۾ آهيان مصطفيٰ منهنجو ڏاڍو خيال رکندو آهي، قسم سان آفاق ته گونگي گاءِ هو جنهن مان جان ڇڏايم”
“نه عيني ائين نه چئبو .... آفاق سچو هو، خبر ناهي توهان ۾ اختلاف جا سبب ڇا هئا نه هُو ڄاڻي سگهيو نه تون”
“جي نه .... مان سڀ ڄاڻي وئي هيس، هُن وٽ مون لاءِ ٽائيم ئي ڪونه هو، اهڙو ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿو سگهي جيڪو صرف ۽ صرف دولت ڪمائڻ جي ڪڍ هجي، گهٽ ۾گهٽ زال لاءِ ته پسنديده هرگز نه ٿو ٿي سگهي”
“نه عيني پئسو به ضروري آهي، پيار جي عمر تمام گهٽ هوندي آهي، پر زندگيءَ جي ضرورتن جي عمر تمام وڏي ڊگهي هوندي آهي، پئسو ۽ پيار ٻئي ضروري آهين،مون کان پُڇُ نبيل کي پرائيويٽ جاب آهي، هُو ڪيڏي به مونکي توجه محبت ڏئي پر جڏهن مهيني جا آخري ڏينهن هوندا آهن تڏهن اسان ٻنهي کان سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي صرف پئسو ۽ ضرورتون ياد رهنديون آهن، جهوليءَ ۾ ڪنڊا ته ڪٺا نه ٿا ڪري سگهجن نه”
چڱو ڀلا ٻڌاءِ پاڪستان جو موسم ڪيئن آهي”
مون اقرا جو موضوع بدلائڻ چاهيو (موضوع بدلائڻ جو سڀ کان آسان طريقو موسم جي خبر چار وٺڻ هوندو آهي)
“اُف موسم نه پُڇ لڳي ٿو جيئري دوزخ ۾ آهيون ڏاڍي گرمي آهي مٿان وري 10 _ 10 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ، لڳي ٿوڄڻ زندگي رُڃ ۾ ڦاسي پئي آهي، من ماندو آ ته سگهو ئي سيارو اچي ۽ هن بيحال ڪندڙ گرميءَ مان جان ڇُٽي”
“صفا ائين ڇا”
“ٻيو باقي”
ڪافي دير کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون پوءِ فون بند ڪيم.
گيلريءَ ۾ بيهي اُفق ڏنهن نهار ڪيم ته ڪاريون ڪاريون ڪڪريون ڇانيل هيون، گهنگهور گهٽائون لهري لهري اڳيان وڌي رهيون هيون سوچيم ٻاهر جو چڪر هڻجي. ڄاڻان پئي ته مصطفيٰ هميشه جيان ديرڪندو پنهنجي مريضن ۾مشغول هوندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ صنم جي شادي رٿي ويئي هئي، سا خير سان انجام کي پهتي هئي، صنم جي گهوٽ جي ماءُ تمام گهڻي بيمار هئي، تنهنڪري تڪڙي شادي ڪرڻي پين، مان ۽ مصطفيٰ شادي اٽينڊ ڪري نه سگهيا هئاسين. اڄ اقرا ٻڌايو ته هُنن مون کي شاديءَ ۾ ڏاڍو مس ڪيو هو، پرديس ۾ رهڻ جو اِهو وڏو نقصان آهي ته وقت سر ڪيترن موقعن تي وطن پهچي نه ٿو سگهجي.
اڄڪلهه ڏينهن ڏاڍا سست گذري رهيا هئا، زندگيءَ ۾ لطف جو نه تاب هو ته تپش، مصطفيٰ پاڻ کي ڏاڍو مصروف ڪري ڇڏيو هو.
خير .....
نڪري پيس .... هرو ڀرو شاپنگ مالز گهمندي رهيس منجهند جو ٽائيم هو سوچيم مصطفيٰ جي ڪلينڪ وڃان ٻئي گڏجي لنچ ڪنداسين مصطفيٰ جي منهن تي مونکي ڏسي ڪهڪشان وري ايندي.
مصطفيٰ جي ڪلينڪ جو رُخ ڪيم.
ڪنهن سچ چيو آ ته ڪڏهن ڪڏهن مجاز جو عشق ڏاڍو بيتاب ڪندو آهي، اِها ئي ڪيفيت هن وقت منهنجي هئي.
ڪلينڪ تي پهتس ته Peon مونکي Wait ڪرڻ لاءِ چيو، چيائين ته ڊاڪٽر صاحب اندر مريضن سان مصروف آهي.
مون P.Aکي چيو ته
“اندر صاحب کي انفارم ڪر ته مان آئي آهيان، مريضن مان جلدي فارغ ٿئي”
“جي ميڊم مان ڪال ڪيان ٿو”
هُن ٻه ٽي ڀيرا ڪال ڪئي پر اندران مصطفيٰ شايد گهڻو مصروف هو P.A جي ڪال نه اٽينڊ ڪري سگهيو P.A مونکي ڏسي وڌيڪ بيچينيءَ مان ڪال ڪرڻ لڳو تقريبن 20 منٽ مان انتظار ڪندي رهيس، مان P.A سان ساز باز ڪرڻ بنان ڪمري جو رخ ڪيو جتي مصطفيٰ مريض پيو ڏسي.
“ميڊم پليز توهان اندر نه وڃو، مريض ڊسٽرب ٿيندا صاحب ناراض ٿيندا”
“Oh you shut up, let me go I am his wife”
“ميڊم پليز ڊاڪٽر صاحب مونتي ناراض ٿيندا”
هُن مونکي گهڻو ئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان دروازي وٽ پهچي در کي ڌڪو ڏنو، دروازو اندران بند هو ٿوري زور لڳائڻ سان دروازو un lock ٿي ويو، مان اندر داخل ٿي ويس ....... اندر ڪمري جو منظر ...... اُن منهنجيون وايون بتال ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو، مون جهڙي طرح مصطفيٰ جي ڀاڪر ۾ ان عورت کي ڏٺو اُهو پل مون لاءِ اڻ وسرندڙ آ، مونکي محسوس ٿي رهيو هو منهنجي ڄنگهن مان ساهه ختم ٿي رهيو هجي ڪوئي مونکي ڪُن ۾ هيٺ ڇڪي رهيو هو. مان شايد رڙيون ڪري روئان ها پر منهنجو ته آواز ئي بند ٿي ويو هو، جنهن مصطفيٰ کي مون پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهيو هو اُهو، ڪنهن ٻئي سان ونڊيل ڏسي مون ۾ عجيب قسم جي ڪيفيت پيدا ٿي رهي هئي حقارت، حسد، ڪمتري، بغاوت مان عجيب پاڳل لڳي رهي هيس اکيون پٽيل وات کليل، منهنجي من ۾ مصطفيٰ جي محبت جو جيڪو پاڇو هو سو ته شايد فنا ٿي ئي چڪو هو پر منهنجي ذهني حالت، بصيرت، حساسيت شيشي جي ڪرچين جيان ڊانواڊول ٿيندي وئي، نه رڳو مان پرمصطفيٰ جي حالت به ڏسڻ وٽان هئي. هُو هن اوچتي ڇاپي لاءِ ذهني طور تي تيار ئي نه هو. صفا وائڙو ٿي منهنجي اڳيان پنهنجي صفائي ۾ خبر ناهي ڇا چئي رهيو هو نه هُو پيو سمجهي نه مان. مون مصطفيٰ کي ڪجهه به چوڻ بجاءِ پويان پير ڪيا.
“عيني ......... عيني ......... عيني ٻڌ ته سهي ..... ”
هُن جا سڏ ٻُڌم ...........
منهنجو ذهن بي ڪيف ٿي چڪو هو، پنهنجي آسپاس صرف ۽ صرف اوندهه هئي، گهر ڪيئن پهتس ڪا خبر نه اٿم. عاشقي الفت روح مان آزاد ٿي وئي هيم، هٿن مان هانءُ نڪرندو ٿي ويم، مون سمجهيو هو ته شادمان ۽ خوشحال زندگيءَ جون سڀ ڪڙيون مان پنهنجي مقدر ۾ مضبوط ڪري ٻڌيون آهن پر نه ڄاڻ ته سڀ ڪڙيون ڍريون ٿي ويون هيون منهنجي گرفت مان نڪري رهيون هيون،
خدا معلوم ڪهڙي وقت مصطفيٰ به گهر پهتو، اسين ٻئي چپ هئاسين. نيٺ ماٺ جي منجهڌار مان نڪري مصطفيٰ ڳالهايو.
“عيني تون سڀ ڪجهه غلط ٿي سمجهين، روزي منهنجي Patient آهي، هُوءَ ذهني مريض آهي، هُن کي پيار سان سمجهائڻ لاءِ مان هن جي ٿورو ويجهو ٿي ويس ته تون اچين وئي، اهڙي ڪابه غلط ڳالهه ڪونه هئي. اڪثر مريض ڪيترين ڳالهين تي ضد ڪندا آهن هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان اسان کي سمجهائڻو پوندو آهي”
“هونئن مريض ......... مان سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي چڪي آهيان”
“تون جيڪو ڏٺو غلط زاويي سان ڏٺو آهي جنهن ۾ ڪابه حقيقت ناهي”
“ها ! مان سڀ سمجهان ٿي”
“اِهو ئي ته مسئلو آ ته تون جيڪو به سمجهين ٿي غلط ٿي سمجهين”
“ها ٺيڪ آهي مان غلط آهيان” تون ڇا ٿو سمجهين ته تون ڀونر وانگي مکڙين جو رَسُ چوسيندي ته مان ان کي تنهنجو گلشن جو سير سمجهنديس، هرگز نه، ايتري اٻوجهه ناهيان”
“ٺيڪ آ ته پوءِ توکي جيڪو سمجهڻو آ سو سمجهه”
ان رات مان هڪڙو پل سمهي نه سگهيس سڄي رات پاسا ورائيندي گذري مون کي لڳي پيو مان ڪنهن هٺيلي هرڻ جيان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پئي هجان. مصطفيٰ پرسڪون نموني ننڊ ۾ الوٽ هو، هُن کي منهنجي جاڳ جو ڪو احساس نه هو، منهنجو اندر ڀورا ڀورا ٿي ويو هو، ڪنهن عورت جي مڙس سان ڀائيواري من ۾ ڪيڏا ڇيهه رسائي ٿي اِهو ان رات مونکي احساس ٿيو. ڀرسان ستل مصطفيٰ کي ستل ڏسي مون کي ڪلينڪ وارو منظر ۽ عورت ياد اچي رهي هئي، رات جي هرگهڙي مون کي ڏنڀ ڏيئي رهي هئي. هن بدمست، ڀيانڪ رات جي اوجاڳي ۽ وهندڙ ڳوڙهن اکين تي سوڄ طاري ڪري ڇڏي، سڄي رات وقت جو ڊيڄاريندڙ ديو ڊُڪندو رات گذاري ويو، فجر جي روشني ڪهڙي وقت چڪناچور من کي سانت ڪري ڇڏيو ڄاڻ نه اٿم.
مان ۽ مصطفيٰ هڪ گهر ۾ رهندي به هڪ ٻئي کان گهڻو پرتي ٿي ويا هئاسين، ندي جي انهن ڪنارن وانگي جيڪي هميشه گڏ هلندي به ملي نه سگهندا آهن.
هاڻ اڪثر مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ مان هڪ وڏي ميدان ۾ ڌرتتيءَ ۾ پيرين اُگهاڙي بيٺل آهيان ۽ منهنجي مٿان ڪو ڇانورو نه هجي ۽ ڪنهن ويل احساس ٿيندو هيس ته ڄڻ سڄي دنيا مون تي ٽهڪ ڏيئي ٺٺوليون ڪندي هجي، آرسيءَ آڏو پاڻ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نهاريندي هيس ته “مون ۾ ڪهڙي ڪمي آهي؟”
مصطفيٰ کي منهنجي جذبات جو ڪوبه احساس نه هو يا وري هُو انهن احساسن کي بي معنيٰ سمجهي نظرانداز ڪري رهيو هو.
مان آفاق کي ڇڏي مصطفيٰ ڏانهن وري هيس تڏهن مصطفيٰ مون کي ٻيلي جي شاهي وڻ جيان ڇانورو محسوس ٿيو هو، مان ته سڀ ٻيڙيون ساڙي ٻنڍ لتاڙي مصطفيٰ جي پناهه چاهي هئي مون کي ڪهڙي خبر ته ائين ويساهه گهاتي ڪندو.
“عيني ناشتو تيار آهي؟”
مصطفيٰ آرسي آڏو پاڻ مٿان پرفيوم جو مينهن وسائيندي پڇيو.
“ها” مختصر جواب ڏنم
ٽيبل تي اچي هُو ناشتو ڪرڻ لڳو.
“تون ناشتو ڪونه ٿي ڪرين ڇا؟”
“مون کي بک ناهي” ٽيبل تي ناشتو رکندي چيم
“يا مون سان گڏ ويهڻ نه ٿي چاهين”
خاموش رهيس
“ڏس يار تون پنهنجي دل مان اِهي سڀ وهم ڪڍي ڇڏ تون نه ٿي ڄاڻين ته مون لاءِ تون ڪيتري اهم آهين مون کي ڪيتري پياري آهين”
“منهنجو پيشو ئي اهڙو آهي جو مون کي عورت ۽ مرد ٻنهي مريضن کي ڊيل ڪرڻو ٿو پوي، زالون ته مڙسن جون وڏيون وڏيون غلطيون برداشت ڪنديون آهن ۽ مون ته ڪا اهڙي غلطي نه ڪئي آهي جيڪا تون سِرَ تي سوار ڪري ڇڏي آهي”
“غلطي ..... ؟ اڃا غلطي ڇاکي چئبو آهي، تون ته منهنجو اعتماد ئي ختم ڪري ڇڏيو، مريضن ۾ ۽ محبوبائن ۾ فرق هوندو آهي، جيڪو مان اکين سان ان ڏينهن ڪلينڪ تي ڏسي چڪي آهيان”
هُن مون کي ڪاوڙ مان نهاريو ۽ چيائين
“ٺيڪ آ توکي جيڪو سمجهڻو آ سمجهه، مون کي تون جهڙي ننڍڙي دماغ وارين شڪي عورتن کان نفرت هوندي آهي”
هن ناشتي تان هٿ کنيا ۽ اُٿي ڪلينڪ هليو ويو.
اسان وچ ۾ روز به روز تلخي وڌي رهي هئي، مان پنهنجي خول ۾ پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو هو.
اسان ۾ ناراضگيون ان ڪري به وڌڻ لڳيون جو عورت مرد کان وڌيڪ جذباتي ۽ حساس ٿيندي آهي، تعلق ٺهڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي پر تعلق ڇڄڻ ۾ ويرم ڪونه ڪندو آهي، ڪامل ۽ مڪمل ته ڪو به نه هوندو آهي ته مان هيس نه مصطفيٰ ٿي سگهي ٿو، مان پنهنجي انا ۽ شخصيت جي غير لچڪداري جي ڪري مصطفيٰ کان پري ٿي رهي هيس.
مصطفيٰ بار بار پنهنجي صفائي پيش ڪندي مونکي پرچائيندو رهيو.
هڪڙي شام هُو جلدي موٽي آيو چيائين
“اُٿ منهنجي راڻي ته ٻاهران ٿوري آئوٽننگ ڪري اچون”
“نه منهنجو موڊ نه آهي”
“مٺڙي اُٿنديءَ ته موڊ ٺهي ويندو . اٿ .........”
هن مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هٿن کان پڪڙيو
“اُٿ بس جلدي ڪر”
هُن ٻنهي هٿن سان منهنجو چهرو جهليندي چيو
“پر ...............”
“پر ...... ور ....... ڪجهه به نه ........ بس هلڻو آ ته هلڻو آ”
سندس تمام گهڻي زور ۽ اصرار تي مان وڃڻ لاءِ تيار ٿيس.
اسان لانگ ڊرائيو تي هلي وياسين، ڪينيڊا جي مشهور شاپنگ مال Moutreal’s under ground city ۾ هُن مونکي شاپنگ پڻ ڪرائي، ڪينيڊي ريسٽورنٽ Joe beef ۾ اسان ڊنر ڪري رات دير سان گهر پهتاسين، پهريان انهن تفريحي ماڳن تي مصطفيٰ سان گهمندي مون کي عجيب سُرهائي ۽ سندُرتا محسوس ٿيندي هئي پر هينئر هنئي گهمڻ سان عجيب مونجهه اندر ۾ اُتري رهي هئي. پيڙاهه واري ڪيفيت هئي.
گهر پهچي مصطفيٰ پنهنجي اکين ۾ پريت جا پاڇا ميڙي ۽ چاهه آڻي مون کان پڇيو
“ڏس ڪيڏو انجواءِ ڪيوسين”
مون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو
هُن ڪپڙا چينج ڪيا ۽ پُرسڪون ننڊ جي واديءَ ۾ گم ٿي ويو.
مان کيس ننڊ ڪندو ڪا مهل ڏسندي رهيس.
ذهني اذيت جي جنهن ٻه واٽي تي مان بيٺي هيس ان مهل مصطفيٰ جي رويي جي خوشگواري سمجهڻ مون لاءِ مشڪل نه هئي. مان سمجهان پيئي ته هُو پنهنجي غلط عمل کي منهنجي ذهن تان هٽائڻ ٿو چاهي.
اڪيلائي جو هڪ هڪ پل مونکي اندران ئي اندران اذيت ڏيئي رهيو هو. مان پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهي هيس. مصطفيٰ پنهنجي مٿان هڪ خوشگوار رويي واري پوشاڪ اوڍي ڇڏي هئي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ محبت ختم ٿيندي پئي وڃي.
هاڻ اڪثر مان هن جي موبائل فون کي چيڪ ڪندي هيس جڏهن هُو رات جو سمهي پوندو هو ڪجهه sms ۽ نمبرز مون کي اهڙا هٿ لڳي ويا جن مان مونکي اِهو اندازو لڳائڻ ۾ ويرم نه لڳي ته مصطفيٰ جا ڪنهن هڪ نه پر ڪيترين عورتن سان لاڳاپا آهن. مصطفيٰ جي ڪلينڪ تي وڃڻ بعد مان به گهران نڪري هن جي ڪلينڪ تي ايندڙ ويندڙ عورتن تي نظر رکڻ لڳيس.
گهڻو ڪري لنچ ٽائيم تي مريضن جي آمد گهٽ هوندي هئي، ان وقت مان اِها ڳالهه نوٽ ڪئي ته ڪجهه مخصوص ڀرپور فيشن ايبل عورتون ان ٽائيم تي مصطفيٰ جي روم ۾ وڃن ٿيون ۽ روم جو دروازو لاڪ ٿئي ٿو، ٻي صورت ۾ عام مريضن جي چيڪ اپ وقت ان روم جو دروازو لاڪ نه ٿو ٿئي. اِهي ڳالهيون مان تڏهن نوٽ ڪيون جڏهن ڪلينڪ تي بلڪل سامهون هڪ ريسٽورنٽ ۾ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪلينڪ تي نظر رکندي هيس.
مصطفيٰ جو ڪردار هينئر منهنجي سامهون بلڪل صاف چٽو ٿي پيو هو، هُو عورتن جو عادي فلرٽ ماڻهو هو. هن جي خوشمزاجي عورتن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري وجهندي هوندي (جيئن هن مونکي مائل ڪيو هو)
مان مصطفيٰ ڏانهن پنهنجيون سوچون هٽائڻ لاءِ پاڻ کي ٻاهر جي ماحول ۽ دلچسپين ۾ وندرائڻ چاهيو. اڪثر سينيما يا شاپنگ مالز جو رُخ ڪندي هيس. پر منهنجي دل، دماغ ۾ بي سڪوني ايتري ته پيوست ٿي چڪي هئي جو ٻاهر جون رنگينيون به مون کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري نه سگهيون.
هڪ شام انڊين فلم “دل والي دلهنيان لي جائين گي” ڏسڻ لاءِ سينيما ويس، اُتي هڪ انڊين عورت منهنجي ڀرسان ويٺي هئي فلم جو Interval ٿيو ته فلم جي Love Story مان ڏاڍو متاثر ٿي مون کي چيائين.
“پيار بهي ڪيا عجيب جذبه هي اگر دنيا مين پيار نه هو تو شايد دنيا رُڪ جائي، عشق انسان ڪو ڪهان سي ڪهان پهنچا ديتا هي”
مون کيس مسڪرائي چيو
“عشق انسان ڪو تباهه بهي تو ڪرديتا هي”
“ڪيا مطلب”
“ڪچهه نهين”
مان هُن کي چوڻ پئي چاهيو ته “جڏهن نه محبت جي ٻيڙي ڪناري تي لڳندي آهي، تڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آهي، ۽ درياهه جون ڇوليون ڪيڏو نه جلدي ان ٻيڙي کي ڪناري تائين آڻينديون آهن. محبت جو سفر پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي مون کي ياد آهي ڪنهن زماني ۾ مون کي اها انڊين فلم ايتري ته وڻي هئي جو مون لاڳيتو 5 ڀيرا ڏٺي هئي، تڏهن مون کي به فلم ۾ هيروئن جو پيار لازوال ٿي لڳو هو پر هينئر ڏسي احساس ٿيو ته مان ماضيءَ ۾ ڪيڏي نه بيوقوف هيس.
جڏهن فلمون شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ منهنجي بي يقيني کي هڪڙو حقيقي احساس نه ڏيئي سگهيون تڏهن مان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. قرآن شريف ترجمي سان پڙهڻ شروع ڪيو.

5

مصطفيٰ کي خبر هئي ته مان موويز ۽ شاپنگ جي ديواني آهيان. هن وري مونکي ڪجهه ڏينهن بعد چيو
“عيني ڇا خيال آهي؟ ٻاهر هلجي؟ شاپنگ به ٿي ويندي”
“نه منهنجي دل نه ٿي چوي”
“ڇا مطلب تنهنجي شاپنگ تي دل نه ٿي چوي .... حيرت آ اِهو تون ٿي چوين، تون ته وڏي شوق سان روز شاپنگ لاءِ تيار رهندي آهين”
“رهندي آهيان نه ....... رهندي هيس ضروري ته نه آهي هميشه انسان جون عادتون ساڳيون رهن”
“چڱو ٺيڪ آ هل ته پوءِ مووي ٿا ڏسي اچون”
مان خاموش رهيس ۽ هُن هاڪار سمجهي شام جو ٻئي تيار ٿي مووي ڏسڻ وياسين، اسڪرين تي انڊين مشهور مووي “هم دل دي چڪي صنم” هلي رهي هئي مونکي ياد اچي ويو ته ڪنهن زماني ۾ هي به منهنجي پسنديده مووي هئي پر هينئر مونکي فضول لڳي رهي هئي.
مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي آخر منهنجي ظاهر ۽ باطن ۾ ايتريون تبديليون ڇو اچي رهيون هيون. ڪنهن زماني ۾ شاهه رُخ خان ۽ ايشوريا راءِ منهنجا پسنديده ايڪٽرز هوندا هئا مان سندن ڪا مووي مِس نه ڪندي هيس فلم ۾ سندن هر روپ مونکي وڻندو. خاص طور تي رومانوي فلمون ضرور ڏسندي هيس ۽ مووي جا سين اکين آڏو ڦرندا هئا اڪثر آفاق ۽ مصطفيٰ سان Love stories ڏسڻ بعد وڌيڪ پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندي هيس، هينئر به سينيما ۾ مصطفيٰ فلم ۾ رومانوي سين اچڻ تي منهنجو هٿ پڪڙي خوشيءَ مان مون کي ڏسي بار بار مسڪرائي پيو پر هُن جي هٿ جهلن سان منهنجا احساس بلڪل سرد ئي رهيا. شايد جڏهن ڪنهن سان انسيت نه ٿي رهي تڏهن محبت پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي، شايد محبت کي پابند نه ٿو ڪري سگهجي. مون سوچيو هن وقت به مصطفيٰ ۾ احساس ملڪيت موجود هو هُو مونکي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيو هو پر مون مان احساس ملڪيت Sense of Possession ختم ٿي چڪو هو مان مصطفيٰ کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ ڇڏي ڏنو هو.
مان مصطفيٰ کي اِهو ٻڌائڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي ته هن جا ڪلينڪ تي ايندڙ ڪيترين ئي عورتن سان تعلقات آهن ۽ مان ڄاڻان ٿي.
“ڏس عيني هن فلم ۾ محبت جو ڪيڏو وڏو فلسفو ٻڌايو اٿن ته محبت هميشه پائدار رهندڙ آهي”
“اِهو ضروري ته نه آهي، محبت ڪڏهن به پائيدار نه ٿي رهي سگهي، جڏهن محبت ڪرڻ وارن جا اعتماد ۽ واڳيل تعلق ٽٽندا آهن تڏهن محبت متاثر ٿيندي آهي”
“ها بلڪل عشق ۾ آزمائش ۽ امتحان ۽ اصل عاشق جي پرک هوندي آهي”
ها ! مان سمجهان ٿي ته تون رومال ۾ ويڙهي مون کي ڇا ٿو سمجهائڻ چاهين”
“ته پوءِ تون سمجهين ڇو نه ٿين”
“ها ! مان سمجهي ئي ته وئي آهيان، ٿورڙي دير ضرور لڳي اٿم”
“عيني پنهنجي انا ۽ خود داري کي پامال ڪرڻ جو نالو ئي محبت آهي”
“مصطفيٰ مان سمجهان ٿي محبت انسان تڏهن ئي ڪري سگهي ٿو جڏهن سندن اندر ۾ سُرُهائي ۽ خوشي هجي، ۽ هونئن به عدم اعتماد سان محبت ڪري نه ٿي سگهجي”
مصطفيٰ منهنجو جواب ٻڌي بي يقيني سان مون کي ڏسي چپ ٿي فلم ڏسڻ لڳو.
جڏهن مووي ڏسي گهر واپس ورياسين ته مصطفيٰ چيو....
“آخر توکي ڪهڙي شي جي ڪمي آهي تون اِهو اڻ سڌي طرح سان مون ته طنز ڇو ٿي ڪرين هڪ قصو جيڪو غلط فهمي تي ٻڌل هو، ان کي پنهنجي پُرسڪون زندگيءَ تي حاوي ڇو ٿي ڪرين؟” توکي دولت، محبت عيش آرام سڀ ڪجهه موجود آهي، توکي ڪهڙي شي جي ضرورت آهي جيڪا مان مهيا نه ڪئي آهي؟”
“تون ڇا ٿو سمجهين قلب جي سڪون لاءِ دولت محبت ۽ عيش آرام ئي ضمانت هوندا آهن”
“ها ! بلڪل”
“توکي خبر آ مصطفيٰ نج سون جڏهن پاڻ کي باهه ۾ تپائيندو آهي تڏهن ئي سندس نج ۽ اصلي ٿيڻ جي تصديق ٿيندي آهي،
“اڇا ! ته تنهنجو مطلب آ هاڻ تو لاءِ مان پاڻ کي باهه ۾ ساڙيان”
“ها ها ها” مان ٽهڪ ڏيندي چيو
“مان تنهنجي نه نج سون جي ڳالهه ڪئي آ”
“مونکي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون ڪهڙيون فلسفي واريون ڳالهيون ڪري مون کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪرين ۽ ڇا ٿي چاهين”
“اِها ته شايد مونکي به خبر ناهي ته مان ڇاٿي چاهيان ۽ سڪون لاءِ ڇا گهرجي”
مان کيس ڇا ٻڌايان ته آفاق ۽ تنهنجي چاهت منهنجي رستي جا اُهي ڪانڊيرا آهن جيڪي مون پاڻ پنهنجي هٿن سان پوکيا. آفاق مان دولت ۽ مصطفيٰ مان محبت جي آس رکي پنهنجي اندر کي زخم ۽ ايذاءُ رسايا اٿم، هاڻ اِهي ڪانڊيرا مون کي پاڻ کي ئي زخمي ڪري رهيا آهن. جديد فيشن مطابق ڊريسنگ ڪرڻ منهنجي جنون ۾ شامل هو. منهنجي وارڊ رُب ۾ سَون جي تعداد ۾ وڳا موجود هيا پر خبر ناهي ڇو مون کي فيشن، هار سينگهار يا پنهنجي ٺاهه جوڙ سان ڪابه دلچسپي ڇو نه رهي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلي ڪمري ۾ گذارڻ لڳيس ٻاهر نڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ به گهٽ ڪري ڇڏيو هيم.
ڪيترن ڏينهن بعد اميءَ سان Skype تي ڳالهايو مون کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي پيئي چيائين !
“پنهنجي ڇا حالت ڪري ڇڏي اٿئي، گهر ۾ ٿي رهين يا ڪنهن زندان ۾؟”
“ڇو امي مون کي ڇا ٿيو آهي.”
مون کان ٿي پڇين ته ڇا ٿيو آهي وڃ وڃي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏس. لڳي ٿو ورهين جي بيمار آهن. اکيون ڏار ڏيئي ويون اٿئي اکين هيٺان ڪارا حلقه پئجي ويا اٿئي.
“ها امي مون کي هتي بي سڪوني ٿي محسوس ٿئي لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن ڪونجڙي جيان مان پنهنجي ولر کان وڇڙي ديس کان پرديس پهچي وئي هجان ڄڻ منهنجيون کنڀڙاٽيون ڪمزور ٿي ڪرڻ واريون هجن”
“عيني ٻُڌاءِ ڇا ٿيو آهي، تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ڇا بيمار آهين”
“امي طبيعت ٺيڪ اٿم پر .... ”
“پر ڇا ..... ؟ جلدي ٻڌاءِ” تنهنجي حالت ڏسي منهنجي ته اکين آڏو اوندهه اچي وئي آهي منهنجيون ڄنگهون ۽ هٿ پير ڏڪن ٿا .... سچ ٻڌاءِ منهنجي مٺي ڇا ٿيو آهي”
“ها ها ها! ........... امي سچ پچ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي مان ٺيڪ ٺاڪ آهيان پر خبر ناهي جو من ڏاڍو اُداس ٿو رهي. پاڻ کي اڪيلو ٿي feel ڪيان”
“عيني مون کي ته لڳي ٿو ضرور ڪا ڳالهه آهي تون جلدي سان پاڪستان هلي اچ”
“نه امي فلحال نه ....... جڏهن دل چيو ته پاڪستان به ايندم”
“پر عيني مان تنهنجي اهڙي حالت ته ڪڏهن به ڪونه ڏٺي آهي، تون ته سدائين ٽپ ٽاپ ۽ خوش باش رهڻ وارن مان آهين.
“ڀلا امي انسان آهيان ...... ڪڏهن موڊ بدلجي به سگهي ٿو. توهان فڪر نه ڪريو مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي مان ٺيڪ آهيان”
“Ok هاڻ فون بند ٿي ڪيان”
“Ok ........”
ڪافي ڏينهن کان گهر ۾ ئي هيس ٻاهر ڪونه نڪتي هيس اهو مان پاڻ به پروڙي ڪين سگهين ته اڪيلي ڪمري ۾ اوندهه ۾ چپ چاپ رهڻ ۾ مون کي ڪهڙو مزو ٿو اچي. اڄ سوچيم ته ٻاهر وڃي ڪجهه ڪتاب خريد ڪري اچان. پنهنجو پاڻ تي نظر وڌم ڪالهه واري جينز ۽ گهنجيل شرٽ پاتل هئي، مٿان وري جيڪيٽ ۽ مفلر پائي ڪلهي ۾ پرس وجهي فليٽ کان هيٺ لهي آيس.
ٻاهر هلڪي هلڪي بارش ٿي رهي هئي بوندن ۾ ڇم ڇم جي پايل وارو شور هو، شهر جو شور اڪثر ڪري بارش جي شور ۾ گهٽجي ويندو آهي. روڊ تي منهنجي سامهون هڪڙو جوڙو هڪٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وجهي بارش مان لطف انداوز ٿي وڃي رهيا هئا، پر مونکي بارش جي هي مند به ساڙي رهي هئي، جڏهن اندر جي موسم ئي سرءُ جهڙو هجي تڏهن بارش به سج جهڙو تاءُ ئي ڏيندي آهي. مون پنهنجي اڳيان ويندڙ جوڙي کي ڏٺو.... مون کي سنڌ جا پيار ڪندڙ جوڙا ياد اچي ويا. اسان وٽ سنڌ ۾ پيار ڪرڻ وارن لاءِ ڪيڏو نه بيوسيءَ وارو ماحول هوندو آهي، اِهو ته ورلي ئي ٿيندو آهي ته ٻن محبت ڪرڻ وارن کي مائٽ ملائن سندن شاديءَ تي مائٽن کي هميشه ئي اعتراض رهندو آهي، شهرن ۾ وري به ڪجهه والدين هاڻي مجبوري سمجهي لوڪ ميار کان شادي ڪرائي ڇڏين ٿا باقي ٻهراڙي يا ننڍن شهرن ۾ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته مائٽ پسند جي شاديءَ تي راضي ٿين. نتيجي ۾ جوڙا فرار حاصل ڪري ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏيندا آهن، پيار جا پرڻا ڪندڙ جوڙا گهڻو ڪري برادري جي قتل جي خوف کان دربدريءءَ واري زندگي گذاريندا آهن ۽ جيڪڏهن بدنصيب جوڙو برادريءَ جي هٿ لڳي وڃي ته پوءِ جرڳو ويهاري ڪارو ڪاري قرار ڏيندا کين قتل ڪري ڇڏيندا يا وري مٿن ڪا ڇٽي رکي ويندي آهي جيڪا سڱ يا نقد رقم جي شڪل ۾ هوندي آهي، هونئن ته سماج ۾ وڏي پيار ۽ محبت جي پرچار ڪئي ويندي آهي پر پيار جا پرڻا وري پوءِ پلاندن تائين پهچيو وڃن......
مان وري ڳيان ويندڙ جوڙي کي ڏٺو سوچيو جيڪڏهن سنڌ ۾ هنن وانگي ڪو جوڙو ائين آزاديءَ سان ٻانهون چيلهن ۾ وجهي گهمي ها ته جيڪر ان وقت ئي مٿن فتويٰ جاري ٿئي ها ته هي واجب القتل آهن.
اسان جي سماج ۾ زندگي اڄ به ڪيڏي نه سوڙهه ۾ سمٽي پئي آهي چوطرف سوچ جو گدلو پاڻي خوشين کي ٻوڙي ٿو وجهي.
ڪينيڊا ۾ under ground شاپنگ مالز گهڻا آهن، جتي ضروريات زندگيءَ جي هر شي ملي وڃي ٿي هتي پئسن جي ڪثرت آهي ماڻهو آرائش ۽ آسائش واري زندگي گهارين ٿا.
مان هڪ شاپنگ مال جي بوڪ شاپ ۾ داخل ٿي ويس، هتي ڪيترين ئي زبانن ۾ ڪتاب موجود آهن، جن ۾ گهڻائي انگريزي زبان جي ڪتابن جي آهي. مان لٽريچر واري سائيڊ ڏانهن رکيل ڪتابن کي ڏسڻ لڳيس، ڪوشس پئي ڪيم ته ڪو سنڌي ڪتاب ملي وڃي ڪوشس نيٺ رنگ لاتو، سامهون شاهه جو رسالو نظر آيم کڻي اچي ڪائونٽر تي قيمت چڪايم، سوچيم ترجمي وارو قرآن شريف به خريد ڪرڻ گهرجي وري واپس ڪتابن ڏانهن وريم.
(منهنجو اندر ٻاٽ جيان ٿي ويو هو جنهن تي شايد مذهب جو سوجهرو ڪوريج ڪري) اِهو سوچي قرآن شريف ترجمي وارو به ورتم، ڇو ته جڏهن سُرت کسجي وڃي تڏهن ذهن پورا ٿي پوندا آهن منهنجي ذهن جي هن وقت اِها ئي حالت هئي ۽ پوءِ شايد الله پاڪ جي ياد ۽ قرب ئي سڪون ڏئي ٿو.
بوڪ شاپ مان نڪرندي سامهون Toy shop تي نظر پيم، جتي مٽ مائٽ يا والدين پنهنجي ٻارن کي قيمتي رانديڪا خريد ڪري ڏيئي رهيا هئا. مونکي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. جڏهن مون بابا سان مهانگي جيوميٽري وٺڻ جو انگل ڪيو هو ۽ بابا ان جيوميٽري جي 400 روپيه قيمت ٻڌي چپ ٿي ويو هو، بابا پوءِ مونکي ان جي بجاءِ 150 روپين واري جيوميٽري وٺي ته ڏني هئي پر مون کان اُها 400 روپين واري گلابي جيوميٽري ڪڏهن به وسري نه سگهي جنهن تي Barbie Doll جي گلابي فراڪ ۽ سنهري وارن ۾ تصوير اُڪريل هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اقرا سان فون تي ڳالهائڻ ٿيو هو تڏهن هُن ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي مهانگائي ٿي ويئي آهي. ايتري تائين جو غريب ماڻهن وٽ ايترو پئسو ناهي جو هُو پنهنجي ٻچن کي پيٽ ڀري ماني ڳڀو کارائي سگهن ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا ٻچا وڪڻن ٿا بازارن ۾ ٻارن جي قيمتن جا هوڪا لڳايا وڃن ٿا اها ڪيڏي نه مفلسي جي انتها آهي يا وري نوجوان غربت ۽ بيروزگاريءَ کان خودڪشيون ڪري رهيا آهن.... جڏهن ته سياستدان امير کان امير ٿي رهيا آهن.
سوچيم هڪڙا سنڌ جا ٻارڙا آهن جيڪي پيٽ ڀري ماني ڳڀو به نه ٿا کائي سگهن ۽ هڪڙا هي ڪينيڊي ٻار آهن جيڪي لکن جا رڳو رانديڪا خريد ڪري رهيا آهن.
جڏهن اقرا مون سان اِهي ڳالهيون ڪيون هيون تڏهن مون انهن تي نه ايترو غور ڪيو نه اهميت ڏني هئي تڏهن مان مصطفيٰ جي محبت ۾ ڪاڪ محل جا سير جو ڪري رهي هيس، ۽ هاڻ جڏهن اکين تان عشق جو اُهو اثر لٿو آ، درد جي لوڏ ۾ لڏي آهيان تڏهن سنڌ ۽ سنڌين جا درد محسوس ٿيا اٿم.
اُف ! انسان ڪيڏو نه مطلب پرست ۽ خود پرست آهي، خوشين ۾ صرف پنهنجو پاڻ سان محبت ڪري ٿو ۽ جڏهن غم جي دونهاٽيل شام ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو تڏهن کيس ٻين جي غمن جو صحرا نظر اچي ٿو. شايد تڏهن ئي محل ۾ رهندڙن کي جهوپڙي نظر نه ايندي آهي ۽ انڌيري ۾ ئي ديپ ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي.
فليٽ تي پهچي دروازو کوليم ته سامهون صوفي تي مصطفيٰ ويٺو هو. منهنجي هٿن ۾ شوپنگ بيگ ڏسي چيائين ته ....
“شاپنگ ڪرڻ ويئي هئيئن؟”
“ها”
“مان به ته ڏسان سائين، ڪهڙي شاپنگ ڪئي اٿئي”
مون کيس جواب بجاءِ ڪتاب هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا
ڪتاب ڏسي چيائين
“شاهه جو رسالو ... ؟ مطلب ته اڄ ڪلهه شاعريءَ جو شوق ٿيو اٿئي، ڇو ڀلا ! ڪنهن سان ڪو پيار، محبت ٿي ويو اٿئي ڇا”
“هڪ غلطي ٻه ڀيرا نه ٿي ڪري سگهان”
“ڇا مطلب”
“ڪجهه نه ”
“عيني تون مونسان ايترو طنزيه، رُوڊ (Rude) ٿي ڇو ٿي ڳالهائين”
“اهو ڪو طنز نه آهي حقيقت آهي ۽ حقيقت هميشه بُري لڳندي آهي سچ وانگي ڪوڙي لڳندي آهي.”
“مان به ڪو خام خيالي ۾ رهندڙ ماڻهو نه آهيان پر ايترو سمجهي سگهان ٿو ته حقيقت ۽ طنز ڇا ٿيندو آهي”
“جيڪڏهن تون خام خيالي ۾ رهندڙ نه هجين ها ته هيل تائين اکيون کولي چڪو هجين ها”
مصطفيٰ منهنجي سامهون بيهي منهنجي کاڏيءَ ۾ هٿ وجهي چهرو مٿي ڪري چيائين
“اِهو ئي مان توکي چوڻ ٿو چاهيان ته اکيون کول، ائين نه ٿئي جو تون پنهنجوگهر برباد ڪري ويهي رهين”
“ته تون ڇا ٿو سمجهين هي گهر آباد آهي”
“آهي ته آباد، پر تون پنهنجي ڪروڌ ۽ هٺ سان ضرور هن کي برباد ڪندينءَ”
“ها ! تون صحيح ٿو چوين ....... هي گهر منهنجي ڪري برباد ٿيندو” مون سندس اکين ۾ بي يقينيءَ مان ڏسندي چيو. مصطفيٰ بنان ڪجهه جواب ڏيڻ جي فليٽ کان ٻاهر نڪري هليو ويو.
اسين ٻئي بظاهر همسفر هوندي به زندگي جو سفر ڌارڌار ڪري رهيا هئاسين، هن جو سفر خيالن ۾ ۽ منهنجو خاڪن ۾ گذري رهيو هو. مون کي سفر ۾ هيڪلو هوندي به ڊپ نه هو ۽ هُو هُجوم ۾ هوندي به هيسيل هو.
اسان ٻنهي جي سوچن ۽ طبيعت جا رُخ مٽجي رهيا هئا. مصطفيٰ جي اصليت ڄاڻڻ بعد مان هن جا سپنا ڏسڻ جهڙي بنهه نه رهي هيس.
رات جو دير سان مصطفيٰ گهر آيو ماني پڇي مانس ته چيائين
“ماني کائي آيو آهيان، هونئن به ڀلا هاڻ تون ڪهڙو منهنجو انتظار ڪندي آهين. شايد اُهي ڏينهن گذري ويا جڏهن پاڻ گڏجي ويهي ماني کائيندا هئاسين. عيني اڄ به منهنجي دل توکي پهرين جيان ئي چاهي ٿي پر خبر ناهي تون ڪهڙي غلط فهمي مون جي طرفان دل ۾ ويهاري ڇڏي آهي.
“مان سمجهان ٿي ۽ يقين اٿم ته توکي مونسان پيار آهي، پر پيار تنهنجي فطرت ۾ شامل آهي تون صرف مون سان نه پر ٻين سان به پيار ڪرين اِها تنهنجي مجبوري آهي، جيئن، کائڻ، سمهڻ، جاڳڻ، ساهه کڻڻ تنهنجي مجبوري آهي تيئن پيار تنهنجي طبيعت ۽ رت ۾ شامل آهي”
“عيني ڪيئن به توسان پيار ڪيان ته اٿو نه؟”
“تون مون تي ڪوئي احسان ڪونه ٿو ڪرين مون کان علاوه به تون ڪيترين عورتن سان پيار ڪرين ٿو”
“ائين نه آهي”
“بلڪل ائين ئي آهي، ڪا هڪ نه پر ڪيتريون عورتون آهن جيڪي تنهنجي ڪلينڪ تي اچن ٿيون ۽ تون علاج جي بهاني پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي کين ڦاسائي وجهين ٿو، جيئن مان ڦاسي پيس”.
“خبردار ! مون تي الزام هڻڻ جي ڪوشش نه ”
“الزام ...... ؟ مصطفيٰ مان سڀ ڪجهه پاڻ تنهنجي ڪلينڪ واري هوٽل جي سامهون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي جانچي چُڪي آهيان
جيڪڏهن توکي اعتبار نه اچي ته پنهنجي P.A کان ضرور تصديق ڪري پُڇي سگهين ٿو ته مان تنهنجي ڪلينڪ تي جانچ لاءِ ايندي هيس يا نه. مان اِهو به ٻڌائي سگهان ٿي ته عام مريضن وقت تنهنجي روم جو دروازو کليل ۽ خاص مريضن مهل لاڪ ٿي ويندو هو”.
مصطفيٰ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ دهمان ڪندي چيائين
“اِهو سڀ ڪوڙ آهي بڪواس آهي”
“ڪوبه ڪوڙ ڪونهي ڪابه بڪواس ڪونهي، پئسي ۾ وڏي طاقت آهي، مان چند پئسن جي عيوض تنهنجي P.A کان پوري حقيقت معلوم ڪري چڪي آهيان”
“مان تنهنجا اِهي الزام مڃڻ لاءِ تيار ناهيان”
“مصطفيٰ توکي ڪهڙي خبر ته مان توسان ڪيتري نه محبت ڪئي هئي، پر تون منهنجو سڄو مانُ غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو”
“عيني مان اڄ به تنهنجو آهيان صرف توسان ئي محبت ٿو ڪريان”
“پر مونکي توسان ڪا اُنسيت نه رهي آهي. تون بي اعتباري جي آڙاهه ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، تون مون کي ايترو ڌوڪو ڏيندين مان شايد هاڻ سڄي حياتي ڪنهن تي اعتبار ڪري نه سگهان”
منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي پيا، مصطفيٰ مون کي گهڻو ئي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الائي ڇو مون کي هن جو هر عمل ڏيکاءُ لڳي رهيو هو. مان هن ڏانهن جڏهن به ڏسڻ چاهيو يا هن لاءِ سوچڻ چاهيو ته هميشه منهنجي اکين ۾ هن جا عورتن سان ويجهڙائي ۾ ويٺل ڪلينڪ وارا منظر ترڻ لڳا، ۽ مون کي نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. مون کي هن سان ڪا رغبت نه رهي هئي.
آس ۽ اميدون به درياهه جي لهرن جيان هونديون آهن جيڪي وقت جي تيز وهڪ ۾ تڪڙيون لُڙهي وينديون آهن.
مان پنهنجو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪرڻ لڳي هيس.
شاهه سائين جو رسالو پڙهڻ شروع ڪيم سر ڪلياڻ پڙهيم لکيل هو ڪلياڻ معنيٰ سک يا شانتي، واقعي به جيئن جيئن سُر پڙهندي ويس، من ۾ سڪون اوتبو ويو ۽ دل بندگيءَ لاءِ مائل ٿيڻ لڳي اڳيان پڙهيم لکيل هو “هي ڪائنات هڪ محل آهي جنهن کي سهسين دريون آهن. شاهه سائين لکن ٿا ته ؛
ايڪ قَصرُ در لک، ڪوڙين ڪَڻِسِ کِڙڪيون
جيڏانهن ڪيا پرک، تيڏانهن صاحب سامهون
دريءَ دريءَ منجهان رب جو ديدار ٿو ٿئي جيڏانهن پرک ڪر تيڏانهن صاحب سامهون آهي
“ڌڻيءَ جا عاشق ساڻس هڪ ٿيا پيا آهن”
شاهه سائين ڪهڙا نه سهڻا مثال ڏنا آهن ٻوليءَ جي رمز ۽ پيچ کي ڪيئن نه ڳنڍيو اٿئي.
مان شاهه سائين جي شاعري کي اڳيان رکي سوچڻ لڳيس جي اگر رب پاڪ هر دري منجهان ٿو پسجي ته پوءِ مون کي نظر ڇو ڪين آيو مان ڪيڏي نه بورائپ ۾ زندگي گذاري مان انهن انسانن جي پويان لڳي پيس جن درد کان سواءِ ڪجهه ڪين ڏنو.
ڪڏهن دولت کي هن دنيا جي ڪاميابي سمجهي آفاق کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشس ڪيم ته ڪڏهن مجازي عشق کي منزل سمجهي مصطفيٰ کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪيم، جيڪي فاني، عارضي شيون هيون تن پٺيان ڊڪنڊي رهيس.
“اُف اسان انسان پاڻ کي ڪوڙي دنيا لاءِ ڪيڏو نه نيست و نابود ڪري ڇڏيون ٿا هٿ ته ڪجهه به ڪين ٿو اچي.

6

شاهه جو رسالو پڙهڻ سان منهنجي اندر جي مايوسي، اداسي اضطراب ۽ ڏک گهٽجڻ لڳو منهنجي اندر ۾ حوصلو ۽ اطمينان وڌي رهيو هو.
مايا انسان کي ڪيڏو نه مست مجنون بڻائي ٿي ڇڏي ڪجهه سال اڳ مان ان مايا لاءِ چري هيس، آفاق سان شادي ڪرڻ منهنجو مقصد ٿي ويو هو سمجهيم پئي ته آفاق ملندو ته دولت ملندي ۽ دولت ملندي ته ڄڻ دنيا جهان ملي ويندو، پر ائين آهي ڪونه ...... دولت گهڻو ڪجهه آ پر سڀ ڪجهه نه آهي سڀ کان وڏي ڳالهه دل جو سڪون هوندو آهي جڏهن دولت مايا دل جو سڪون ئي نه ٿي ڏيئي سگهي ته پوءِ ٻيون شيون ثانوي حيثيت رکن ٿيون منهنجي جيون ۾ دولت جي بهار هوندي به خزان جي موسم ڇانيل رهي، اڪيلائپ جيءُ جهوري وڌو مايوسي ۽ اُداسيءَ جون شامون طويل ٿينديون ويون منهنجو اندر ڪيڏو نه کوکلو ٿي پيو هو. جيئن اُڀ تي ڪو پنڇي اڪيلو اُڏندو آهي مان ائين اڪيلي ٿي پئي هيس، پر ان ۾ آفاق جو به ڏوهه نه هو. هُو به تو مون وانگي ائين ئي سمجهي پيو ته دولت ڪمائي وٺان جي دولت نه هوندي ته هوند زندگي سهل نه سگهندي هن کي ڪهڙي خبر ته زندگيءَ جا پيچرا ڏاڍا ڏکيا آهن، هُو جو ڏينهن رات هڪ ڪري منهنجي لاءِ پئسي پويان ڊُڪي رهيو هو اصل ۾ اِهو پئسو ئي اسان ٻنهي جي دوريءَ جو سبب بڻيو هو.
شاهه سائينءَ جو رسالو اڳيان پڙهان ٿي. هن رسالي ۾ ڪيڏو نه سچ لکيل آهي هڪ مصرعا آهي ته
“ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه ڳَنُ وڍيندڙ هٿ ۾”
هي شعر به مون تي ٺهڪي ٿو اچي، مان پاڻ ئي ته دولت پويان ڊُڪي هيس، ان ۾ آفاق يا دولت جو ڪهڙو ڏوهه شاهه انسان ڏي سؤ سيڪڙو سهي اشارو ڪيو آهي سدائين انسان پنهنجي لاءِ کاهي پاڻ کوٽيندو آهي. دولت جٽادار نه آهي پر پوءِ به انسان ناڻي پويان پاڻ کي ميسار ٿو ڇڏي.
مان شاهه سائينءَ جا داستان اڳيان پڙهندي رهيس، سندس هر سورميءَ ۾ خدا لڪيل هو شاهه جي لکيل هر عشق ۾ عشق حقيقي موجود هو، مورک انسان ئي آهي جيڪو الله پاڪ جو در ڇڏي هن دنيا جا ڪوڙا در جاچي ٿو.
“انسان به فاني ته دولت دنيا به فاني، تڏهن ته فاني شين جو عشق به فاني آهي”
مصطفيٰ جڏهن به گهر ۾ داخل ٿيندو هو تڏهن مون کي شاهه جو رسالو هٿن ۾ ڏسندو هو هڪ ڏينهن طنزيه طور تي چيائين تون ڇا شاهه جو رسالو معمولي ڪتاب سمجهيو آهي، ان کي پڙهڻ ۽ پوءِ سمجهڻ آسان ڪم ڪونه آهي، ان ۾ رڳو دنيا نه پر آخرت جا به وڏا اشار آهن ۽ هن دنيا ۾ دنيا وارن سان گڏ هلڻو ٿو پوي اِها هر انسان جي مجبوري آهي ته دنيا جا عيش آرام پيار محبت انسيت سک ڇڏي نه ٿو سگهي.
“پر ضروري ته ناهي ته دنيا جا سک آرام هر ڪنهن تي حاوي ٿي وڃن”
“گهٽ ۾ گهٽ تون هن دنيا جا عيش ڇڏي نه ٿي سگهين اِهو ته مون کي به يقين آهي”
مصطفيٰ کلندي چيو
مون چيو مانس ........
جيڪڏهن ڪنهن انسان آڏو ڪو پنهنجي انا کي فنا ڪري سگهي ٿو ته پوءِ “اُن حقيقي ذات” آڏو پاڻ مٽائڻ ڏاڍو آسان آهي”
“هون ........ اهي سڀ چوڻ جو ڳالهيون آهن”
هُن لاپرواهيءَ مان چيو.
“پيزا آندو اٿم گرم ڪري اچ ته کائون”
مان مصطفيٰ کان پيزا وٺي اوون ۾ گرم ڪرڻ ويس.
مصطفيٰ کي خبر هئي ته مان پيزا شوق سان کائيندي آهيان. ڊائيننگ ٽيبل تي منهنجي پيزا ڏانهن دلچسپي نه ڏسندي چيائين ......
“کاءُ نه .......! خاص طور تي تنهنجي لاءِ ئي آندو اٿم”
منهنجي ذهن ۾ پيزا کان وڌيڪ مصطفيٰ جون ڳالهيون ۽ موٽ ۾ شاهه جا داستان اڀري رهيا هئا. منهنجي دماغ ۾ هڪ جنگ ٿي رهي، جتي شاهه جاداستان وزن ۾ مصطفيٰ جي دنيا جي ڳالهين کان گهڻا ڳرا هئا.
ٻئي ڏينهن مان وري بوڪ اسٽور جو رُخ ڪيو. شاهه جو رسالو پڙهڻ بعد منهنجو ذهن وڌيڪ درويشن ۽ الله جي عاشقن ڏانهن وڌي رهيو هو. مان شاهه جيان ٻين جي زندگيءَ بابت سوچ پڙهڻ چاهي.
هڪ نئين دنيا جي جستجو مون کي نئين منزل جي راهه ڏيکاري رهي هئي.
مان بوڪ اسٽور مان، رابعه بصري، اويس قرني، منصور حلاج، عبدالقادر جيلاني، سچل سرمست، بلهي شاهه، لعل شهباز ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جا ڪتاب خريد ڪيا.
منهنجو گهڻي کان گهڻو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ گذرڻ لڳو، هنن ڪتابن سان دوستي منهنجي ويراڳين شامن کي انڊلٺ جهڙا حسين رنگ بخشي الستي راز ارپي ڇڏيا هئا جيڪا زندگي مون کي غير متحرڪ لڳي رهي هئي هنن ڪتابن جي پڙهڻ سان حسناڪين جا ڪيئي عڪس منهنجي اندر ۾ اوتجي ويا هئا. جيئن ڪنهن طوفان بعد هڪڙي خاموشي اچي ويندي آهي ائين ئي هڪ سانت ۽ سڪون منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويٺو هو. هاڻ مصطفيٰ جي بي وفائي جو ڪوبه غم نه هو، مون کي هُن جي ٻين عورتن سان ملڻ جلڻ تي ڪو اعتراض يا حسد به محسوس ڪونه پئي ٿيو نه ته جڏهن مان پهريون ڀيرو مصطفيٰ کي ٻي عورت سان ڏٺو هو تڏهن منهنجي دل دماغ ۾ هڪ باهه لڳي وئي هئي اندر ۾ وڍ پئجي ويا هئا، راتين جون ننڊون اُڏي ويون هيون پر هينئر منهنجي اندر ۾ ڪا اُڃ ڪا رُڃ ڪونه هئي.
مان شاهه جي رسالي کي پهرين عام شاعريءَ جو ڪتاب سمجهندي هيس پر هاڻ ڄاتم ته هن رسالي کي دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪري ڇو ٿو پڙهيو وڃي سندس سُورمين جي عشق ۾ ڪو ٻيو ئي عشق سمايل آ، جيڪو اُن عشق حقيقي تائين پهچائي ڇڏي ٿو جتي ڪنهن ٻئي عشق جو چاهه باقي نه ٿو رهي.
امي سان Skype تي ڳالهايم.
“عيني ڪيئن آهين”
“امي مان بلڪل ٺيڪ آهيان” توهان کي ڪيئن ٿي لڳان؟”
“مون کي ته هينئر ڪافي Relax ٿي لڳين، الله توکي سدائين خوش رکي”
“ها ! امي بس توهان جون دعائون سدا ساڻ هجن”
“مصطفيٰ ڪئين آهي”
“اُهو به ٺيڪ آهي”
اميءَ ٻڌايو ته احسن جو پروموشن ٿيو آهي بينڪ ۾ مينيجر ٿيو آهي ۽ نيلوفر کي ٻه Twins ڌيون ڄايون آهن. ۽ مون کي چيائين ته ٻنهي کي مان فون ڪري مُبارڪ باد ڏيئي ڇڏيان.
مون احسن ۽ نيلوفر کي بعد ۾ مبارڪباد جا فون ڪري ڇڏيا.
مون اميءَ کي يا پاڪستان ۾ ڪنهن کي به پنهنجي ۽ مصطفيٰ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ دورين بابت ڪابه ڳالهه نه ٻڌائي هئي، پر اِها ڳالهه به عجيب هئي ته ان کان پهريان مان گهر جي هر ڳالهه امي يا اقرا سان شيئر ڪندي هيس پر هينئر مون کي هي دوري يا رنجش ڪا وڏي ڳالهه ڪونه لڳي.
مان حضرت مولانا جلال الدين رومي جو “مثنوي رومي” پڙهيو، پاڻ روم جا هڪ وڏا عالم هئا روم ۾ هڪ وڏو ڪتب خانو هين جتي شاگردن کي درس ڏيندا هئا هڪ ڏينهن اوچتو هڪ معمولي حليه ۽ لباس وارو شخص سندن مڪتب ۾ داخل ٿيو ۽ سلام ڪري بغير اجازت جي مولانا رومي جي ڀر ۾ ويهي رهيو، اجنبي جو اهڙو بي تڪلف رويو مولانا رومي کي ناگوار ته گذريو پر هُو خاموش رهيو، بعد ۾ ان اجنبي شخص مولانا رومي جا ناياب ڪتاب هٿ ۾ کڻي چيائين! “هي ڇا آهن؟”
“هي اُهو علم آهي جيڪو تون نه ٿو ڄاڻين”
مولانا رومي جواب ڏنو
اجنبي ڪجهه نه چيو خاموشيءَ سان تمام ناياب ڪتاب کڻي ڀرسان پاڻيءَ جي حوض ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا.
مولانا رومي اجنبي جي ان حرڪت تي طيش ۾ اچي چيائين
“اي جاهل شخص توکي ڪهڙي خبر! توکي ڪهڙي خبر تون ڪهڙا نادر ڪتاب تباهه ڪيا آهن جيڪي ڪنهن شهنشاهه وٽ به ڪونه هوندا”
اجنبي مولانا روم کي مُسڪرائيندي چيو ...
“اها ڳالهه آ ته ڪتاب واپس ٿو ڪيان”
اجنبي شخص حوض ۾ هٿ وجهي سڀ ڪتاب مولانا روم کي ڏنا.
مولانا رومي ڪتاب ڏسي شديد حيرت جي عالم ۾ اچي ويو. ڪنهن به ڪتاب تي ڪو هڪ ڦڙو به پاڻي جو لڳل ڪونه هو.
اِهو اجنبي حضرت شمس تبريز رضه هو جنهن مولانا رومي جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. مولانا رومي ڪتاب تدريس سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجي استاد شمس تبريز جي خدمت ۾ رهڻ لڳا استاد جي شخصيت سان کين عشق ٿي ويو. استاد جي نيڪي ۽ بندگي ڏسي مولانا رومي به پنهنجو گهڻو وقت عبادت ۾ گذارڻ لڳا ۽ اهو شمس تبريز جي نگاهه دلنواز جو ئي فيض هو جو مولانا رومي شاعري ڪئي ۽ شهر آفاق تصنيف “مثنوي رومي” لکي، ۽ آخرڪار مولانا رومي جو لاڙو عشق حقيقي ڏانهن ٿي ويو.
شاهه لطيف سرڪار کي به ويهن سالن جي عمر ۾ مجاز جي محبت لڳي هئي ۽ پوءِ پاڻ به آخرڪار اِلاهي عشق ۾ وٺجي پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان لنؤن لڳائي ويٺا.
مان هنن بزرگن جا جيڪي به ڪتاب پڙهيا اِها ڳالهه ئي نروار ٿي ته روحاني ڳالهين سان روح جو رب سان ناتو ڳنڍجي وڃي ٿو.
حقيقي عشق يعني خدا سان عشق حقيقت ۽ مجازي عشق کان ئي شروع ٿئي ٿو. دنيا جي هڪ ڪم جي وسيلي ٻيا ڪم حاصل ٿين ٿا.
مجازي عشق ئي حقيقي عشق جي ڏاڪڻ آهي، جيڪو سمجهي ته ڄاڻي ويندي ته مجازي عشق جي هڪ راهه بلآخر حقيقي عشق جي منزل تي پهچائي ٿي، پر ان ۾ به الله پاڪ جنهن کي چاهي اِهو اعليٰ درجو ڏي ، هُو اسان جي اندر کي بهتر ڄاڻڻ وارو پروردگار آهي.
منهنجي سامهون واري فليٽ ۾ هڪڙي نيپالي عورت رهندي هئي منهنجي ان سان ملاقات پهريون ڀيرو تڏهن ٿي هئي جڏهن مان مصطفيٰ جي فليٽ ۾ شفٽ ٿي هيس. هن جو نالو شيلا هو. ننڍڙي نڪ، چُچين اکين، ٿلهن چپن ۽ گول بال نما وات جهڙي شيلا بظاهر ته نقش وسبن ۾ معمولي هئي پر هيءَ سانوري شيلا پُرڪشش ڏاڍي هئي، (پر مون کي ڪونه وڻي هئي) مون کي مصطفيٰ سان فليٽ ۾ اندر سامان سُوڌو داخل ٿيندو پڇيو هئائين ته ڇا مان هُن جي مهمان آهيان .... جڏهن مصطفيٰ ٻڌايس ته مان سندس زال آهيان ته هُو پنهنجي گول وات کي وڌيڪ گول ڪري ڊگهو ا...... و ........!! چئي هڪدم پنهنجي فليٽ جي در کان نڪري اسان جي در تائين پهچي وئي هئي ۽ مون ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندي چيو هئائين .....
“Nice to see you”
وري چيائين ......
“I am from Nepal, my name is Sheela, where from you?”
“From Pakistan”
مون جواب ڏنو
وري چيائين ...
(موهن جو دڙو)“Oh ….. Great, huu ………. From Moan zo Dro”
مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڙيو
وري اُتي بيٺي ئي هڪ وڏي لسٽ مون مٿان سوالن جي يلغار ڪڍيائين
نالو ڇا اٿئي؟
ڇا ڪندي آهين؟
ڀائر ڀينر ڪيترا اٿئي؟
ڪينيڊا به ڪڏهن کان آهين؟
ڊاڪٽر مصطفيٰ سان ملاقات ڪيئن ٿي؟
ڊاڪٽر ڏاڍو سٺو ماڻهو اٿئي هن جو خيال ڪجاءِ وغيره وغيره
مطلب ته بنان موقع مهل ڏسي رڳو پئي ڳالهائڻ جا موقعا ڳولهيندي هئي ان ڪري هُو مون کي پهرين ملاقات ۾ بنهه ڪونه وڻي هئي.
چوندا آهن ته ڪنهن جي شخصيت جو پهريون اثر ئي آخري اثر هوندو آهي. پر اِها ڳالهه مون کي ته درست ڪڏهن به نه لڳي آهي. ڇو ته مون کي اهڙا به ماڻهو مليا جي پهرين ملاقات ۾ وڏا متاثر ڪُن ثابت ٿيا پر پوءِ بعد جي ميل ميلاپ مان اندازو ٿيو ته سندن شخصيت ۾ ڪيڏو جهول هو. ساڳئي ئي طريقي سان شيلا جڏهن پهريون ڀيرو مون کي ناپسند آئي ته بعد ۾ ملاقاتون وڌڻ بعد اندازو ٿيو ته هُوء ڏاڍي محبت ڪرڻ واري سٻاجهڙي ۽ هڏڏوکي عورت هئي. (بس ڳالهائڻ جي گهڻي عادت هيس)
مون شرٽ ۽ جينز پائڻ تقريبن ڇڏي ڏنيون هيون، هتي هڪڙي پاڪستان بوتيڪ جي مالڪياڻيءَ سان منهنجي دوستي هئي تنهن کي شلوار قميض جا آرڊر ڏيئي، رَئي سميت ڪيترائي سوٽ ٺهرائي ڇڏيا هيم ۽ هاڻ اُهي پائڻ لڳي هيس.
ان ڏينهن جڏهن مان مارڪيٽ وڃڻ لاءِ فليٽ کان ٻاهر نڪتس ته شيلا دروازي وٽ ئي ملي وئي مون کي شلوار قميص ۾ ڏسي چيائين ...
“wow, Good …. Marvellous dress you are looking Gorgeous”
مان هن جي تعريف ڪرڻ تي مُرڪي پيس، وري ويجهو اچي منهنجي ڪپڙن کي هٿ لائي ڏسڻ لڳي.
شيلا ۽ هن جي مڙس کي سياحت سان وڏي دلچسپي هئي، پنهنجي سڪيلڌي ننڍڙي پٽ “وويڪ” سان گڏ ڪيترا ئي ملڪ گهمي چڪا هئا. بقول شيلا جي ته “سياحت انسان جي زندگيءَ کي خوشگوار بڻائي ٿي، هن کي ڏک درد ڏيندڙ سوچون ۽ احساس گهمڻ ڦرڻ سان ختم ٿيو وڃن”.
شيلا اڪثر مون کي ۽ مصطفيٰ کي به مشورو ڏيندي هئي ته ٽائيم ڪڍي ٻين ملڪن ڏانهن گهمڻ ڦرڻ ضرور ويندا ڪيو، پر اسان ٻيئي هميشه هُن جي ڳالهه کي سگريٽ جي دونهي جيان هوا ۾ اُڏائي ڇڏيندا هئاسين. هُوءَ اسان کي هميشه Guys of Moan zo dro (موهن جي دڙي جا ماڻهو) چوندي هئي شيلا ۽ هُن جي مڙس (جنيش پاڪستان جي سياحت به ڪئي هئي هُوء چوندي هئي ته پاڪستان سياحت جي لحاظ کان تمام سگهارو آهي هتي ڪيتريون ئي تاريخي مذهبي ۽ تفريحي جايون آهن جن ۾ سنڌ ۾ موهن جو دڙو خاص طور تي عالمي طور تي مڃتا ماڻيل آهي ان کان علاوه گورک هل اسٽيشن، گنڌارا، ٽيڪسيلا، بادشاهي مسجد، مڪلي جو قبرستان (جيڪو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي) شاليمار باغ، شاهي قلعو لاهور، ٿر جو ريگستان انهن کان علاوه به هُن کي پاڪستان جي مختلف مذهبي ۽ تفريحي مقامن جي ڄاڻ هئي، جيڪي هوءَ گهمي چڪي هئي.
شيلا هميشه مصطفيٰ ۽ مون کي Guys of Moan zo dro موهن جي دڙي جا ماڻهو سڏيندي هئي
هڪ ڏينهن مون کي چيائين ...
“عيني توکي موهن جو دڙو ڏسي ڇا محسوس ٿيندو آهي”
پر مون ته موهن جو دڙو ڏٺو ئي ڪونهي ته پوءِ محسوس ڪرڻ واري ڪيفيت ڇا ٻُڌايان” مون کيس چيو.
“ڇا ..... !!! ؟؟”
شيلا حيرانيءَ مان رڙ ڪئي
“تون پاڪستان آهين ۽ چوين ٿي ته موهن جو دڙو نه ڏسي سگهي آهين، اِها مون لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه آهي”
مان شيلا جي ڳالهه تي اندر ۾ ڏاڍي شرمندا ٿي هيس، هُوء ته منهنجي صرف پاڪستاني هجڻ جي ڳالهه تي حيران هئي پر مان ته سنڌ جي هيس ۽ سنڌ ۾ رهندي به سنڌ جي عالمي قديم ماڳ کي ڏسڻ کان محروم هيس ان ڏينهن مان شيلا اڳيان پاڻ کي ڏاڍو ننڍڙو محسوس ڪيو هو.
شيلا کي پنهنجي ملڪ نيپال سان ڏاڍي محبت هئي ان ڏينهن چيو هئائين
“مان نيپال جي سڀئي قديم مذهبي ۽ تفريحي ماڳ هڪ نه بلڪه ڪيترا ڀيرا وڃي ڏٺا آهن اِهي ماڳ اسان جي ملڪ جي سڃاڻپ آهن ۽ اسان کي انهن تي فخر آهي.”
وري چيائين ....
اسان جو ملڪ سياحت لاءِ مشهور آهي، جيئن ته اسان وٽ قدرتي وسيلا گهٽ آهن ۽ ذريعه معاش جو ڪو ٻيو ذريعي به موجود نه آهي تنهنڪري سياحت اسان جي ملڪ جو بهترين معاش جو متبادل رهيو آهي ۽ اسان جي گورنمنٽ نيپال جي قديم ماڳن جي گهڻي حفاظت ڪندي آهي ته جيئن سياحن کي ڪا مشڪل پيش نه اچي ۽ هُو نيپال اچڻ ۾ آسان محسوس ڪن”
هڪ ٻي ڳالهه به هن مون کي چئي
چيائين ...
“هڪڙي ڳالهه چوان توکي ڪاوڙ ته ڪونه لڳندي”
“ها ! چئو ”
چيائين .... اسان جڏهن پاڪستان سياحت لاءِ ويا هئاسين تڏهن اسان کي محسوس ٿيو ته پاڪستان جي حڪومت تاريخي آثارن ڏانهن ڌيان نه ٿي ڏي يا ائين چئون ته انهن تاريخي مقامن جي چڱي پرگهور نه ٿي لهي، اسان ڪتابن مان ڄاڻ حاصل ڪري پاڪستان پهتا هئاسين پر اُتي پهچي ڏاڍي مايوسي ۽ نااميدي ٿي انهن ناياب تاريخي جاين جي حالت ايتري ته خسته ۽ زبون هئي جو اسان کي انهن ۾ ڪابه ڪشس نظر نه آئي، هُتي سياحن لاءِ ڪي به بنيادي سهولتون موجود ڪونه هيون اهڙن ماڳن جي آسپاس هوٽل، ڪينٽينز، سپر اسٽورز يا ميڊيڪل اسٽورز ضرور هوندا آهن پر اتي پري پري تائين پيئڻ جو پاڻي ۽ واش رومز به اڻ لڀ هئا. ٻي اهم ڳالهه ته ڪوبه گائيڊ نظر ڪونه آيو، جڏهن ملازمن کان آثارن بابت پڇيوسين ته اندازو ٿيو ته هنن کي به ڪا گهڻي معلومات ڪونه هئي” شيلا جي ڳالهه بعد مون کي به احساس ٿيو ته اسان جا تاريخي ماڳ ڪيترا نه لاوارث بڻيل آهن.
مان جڏهن شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڀنڀور، ٿر، ڪينجهر، ڪاڇي ۽ ٻين ماڳن مقانن جو ذڪر پڙهيو تڏهن مان سوچيو ته شاهه کي ڪيترا سال اڳ سنڌ جي انهن ماڳن مڪانن سان محبت ۽ انسيت هُئي هُن کي انهن ۾ ڪيڏي نه ڇڪ محسوس ٿي هئي جو شاهه انهن ماڳن کي ڳايو آهي ۽ انهن جي اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي پر اسان هن جديد دور ۾ رهندي انهن کي وساري ويٺا آهيون، ٻيا ملڪ قديم ماڳن مڪانن تي سياحت جون سهولتون رکي ملڪ کي مضبوط بنائي رهيا آهن ۽ اسين پنهنجي قديم تاريخي قيمتي اثاثن کي مٽي جي دز جيان اُڏائي رهيا آهيون.
اسان پنهنجي ملڪ جي نه زراعت نه قدرتي وسيلن ۽ نه وري سياحت مان فائدو وٺي سگهيا آهيون.
ملڪ لاءِ معاشي وسيلا جيترا وڌيڪ هوندا اوترو عوام خوشحال رهندو ۽ شايد معاشي وسيلا نه هجڻ ڪري بيروزگاري وڌيل آهي ۽ پاڪستان عوام جو معيارِ زندگي به اُسريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.
شيلا مون کي اِهو به ٻڌايو هو ته دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جن پنهنجن قديمي آثارن يا تاريخي ۽ مذهبي جاين کي سياحت طور ڪتب آڻي ملڪي آمدنيءَ جو ذريعو بڻايو آهي جيئن مصر، چين، جاپان ملائيشيا، نيپال، انڊيا، عراق، سريلنڪا وغيره هنن ملڪن جا قديم آثار دنيا جو هڪ وڏو حصو پئسي جو پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن مختلف ملڪن جا سياح هر سال هڪ وڏي آمدني سياحت ذريعي انهن ملڪن ۾ پهچائي رهيا آهن.
شروعاتي ڏينهن ۾ شيلا جڏهن سياحت جون ڳالهيون ڪندي هئي تڏهن مان انهن کي ڪڏهن به ايترو اهم نه سمجهيو هو. پر شاهه جي شاعريءَ ۾ اهڙي ڪا مقناطيسيت هئي جو منهنجي من ازخود سنڌ لاءِ عجيب ڪشش ۽ محبت جاڳي پيئي هئي. جيترا ڀيرا هن رسالي کي پڙهان ٿي، اوترو وڌيڪ وڻي هو، پڙهڻ سان ۽ سمجهڻ سان احساس ٿئي ٿو ته مار ! هن رسالي ۾ ته پوري ڪائنات جو حسن اوتيل آهي.
انسان پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ پيدائش کان موت تائين جن ڪيفيتن مان گذري ٿو تن ۾ مون کي لطيف سرڪار جي جهلڪ نظر آئي، خوشي، ڏک، وڇوڙو، ميل، محبت، نفرت ، آس نراس، آزادي ۽ قيد ..... مطلب ته هُن هر ڪيفيت کي محسوس ڪيو ۽ لکيو آهي.
انساني سوچ، احساس ۽ تصور هميشه ڪنهن نه ڪنهن مقصد يا منزل جو سبب بڻبا آهن. جڏهن کان مصطفيٰ ۽ مون وچ ۾ مفاصلا وڌڻ لڳا ۽ مون ڪتابن جي دنيا ۾ پاڻ کي آڻي ڇڏيو تڏهن کان مان مذهب ۽ پنهنجي ديس جي ويجهو ٿيندي ويس، شلوار، قميض ۽ مٿي تي رئو پائڻ مون کي وڻڻ لڳو، قرآن شريف باترجمه سمجهڻ ۽ نماز پڙهڻ کي مون پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو، شايد ائين به هيو ته مان ڪو سهارو ڳولهي رهي هيس، پوءِ اُهو سهارو مذهب، ديس يا ڪتابن جو به ٿي سگهي ٿو، ۽ مون ذهني طور تي اِهو به سمجهڻ شروع ڪيو هو ته مصطفيٰ منهنجو نه آهي ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهندو.

7

سوچيان ٿي ته عورت آخر اُهو ڪهڙو رستو اختيار ڪري جتي هوءَ مرد جي معيار تي پوري لهي سگهي !!!
پر نه ................ عورت ڀلي پاڻ کي فنا به ڪري ڇڏي تڏهن به مرد جي معيار تي ڪڏهن به پوري لهي نه سگهندي ڪنهن به روپ ۾ ڪٿي نه ڪٿي هُن ۾ ڪا نه ڪا ڪمي ڪوتاهي ضرور رهجي ويندي ۽ پوءِ ان لاءِ کيس سزا طور ڀوڳڻو به ضرور پوي ٿو ...
خدا عورت کي ايتري عظمت بخشي آهي جو هُوء هڪ نئين وجود جي تخليقڪار ٿيڻ جو ذريعو آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو خوبصورت رُخ اپنائي ..... ؟؟
مرد ڪڏهن به عورت مان مطمعن نه رهندو مان جڏهن شلوار قميض پائڻ شروع ڪيو ته هڪ ڏينهن مصطفيٰ چيو .......
“اڄڪلهه وڏي وطن جي محبت جاڳي پئي اٿئي، سنڌي وڳا پائي ٿي گهمين؟”
“ڇو هنن ڪپڙن پائڻ ۾ ڪو حرج آهي ڇا؟”
“نه حرج ته نه آهي پر چوندا آهن جهڙو ديس تهڙو ويس”
“ڇو توکي هي ڪپڙا پسند نه آهن”
“جي چوان “نه” ته پوءِ ...............”
ڪوئي فرق نه ٿو پوي ....... مان تنهنجي پسند اپنائڻ جي پابند ناهيان، ۽ هونئن به هر انسان جي پنهنجي اهميت ۽ انفراديت آهي، مان پنهنجي مرضيءَ ۾ آزاد آهيان” مون چيو.
“هميشه مثبت رويه زندگيءَ ۾ خوبصورتيءَ جا رنگ شامل ڪندا آهن جڏهن ته منفي رويه فرد جي سوچ جي دلڪشي مٽائي ڇڏيندا آهن” مصطفيٰ مون مٿان طنز ڪندي چيو.
“توکي غلط فهمي آهي ته مون منجهه منفي سوچ ٿي پلجي ۽ جيستائين زندگيءَ جو سوال آهي ته تنهنجي اطلاع لاءِ عرض ڪيان ته منهنجي زندگي ۽ سوچ پهرين کان وڌيڪ دلڪش ٿي وئي آهي”
“اڇا .......! اِها دلڪشي آ؟ تون هر وقت اڇن ڪپڙن ۾ مُلياڻين وانگي رَئو ويڙهي ٿي هلين، مون کي دلڪشي نه پر ماتم ۽ اُداسي نظر ٿي اچي”
“توکي ڇا ٻڌايان ته مان ايتري خوش ۽ مطمعين پهرين ته ڪڏهن به نه هيس جيتري هينئر رهڻ لڳي آهيان”
منهنجو اطمينان سان جواب ڏيڻ تي مصطفيٰ بي يقيني جي حالت ۾ مون کي ڏسڻ لڳو.
وري چيائين ....... !
“تون شايد اِهو ٿي سمجهين ته مان توسان محبت نه ٿو ڪريان”
“ها ! پهرين ائين ئي سمجهي هيس پر هاڻ ائين ڪونه ٿي سمجهان”
“مطلب ...... ؟”
“ڪڏهن غور سان برف کي رجهندي ڏٺو اٿئي! ڪيئن نه آهستي آهستي هن جي موجودگي ختم ٿي ويندي آهي، محبت به ائين ئي هوندي آهي ناپائيدار هڪ ڏينهن گهٽجي گهٽجي ختم ٿي ويندي آهي”
“پر زندگيءَ ۾ محبت اهم ترين آهي ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي”
“ها ! مون به هميشه اِهو ئي سمجهو هو ته زندگيءَ ۾ محبت ۽ پئسي جي وڏي اهميت آهي پر حقيقت ۾ سڪون ۽ دل جو اطمينان انهن ٻنهي کان وڌيڪ ضروري آهي، جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني آهي ته پوءَ محبت ۽ پئسو ڪنهن ڦوڪڻي مان نڪتل هوا جيان سوچ مان نڪري وڃي ٿو”
“سڄي دنيا محبت کي مڃيو آهي، تاج محل ان محبت جو ثبوت آهي”
“مصطفيٰ دليل ڏيندي چيو
مان مصطفيٰ کي مسڪرائي موٽ ۾ چيو
“محبت رڳو مطلب پرستي ۽ خود غرضي آهي” تون جنهن تاج محل کي محبت جي وڏي ۾ وڏي علامت سمجهين ٿو نه ....... اِهو تاج محل هندوستان جي مغل سلطنت جي پنجين بادشاهه شاهجهان پنهنجي ٽئين زال ممتاز محل جي محبت ۾ سندس مرڻ بعد جدائيءَ ۾ پنهنجي محبت جي ثبوت طور جوڙايو هو نه ... ها ..... ان کي محبت جي انتها چئي سگهجي ٿو پر شاهجهان جي بي مثال لازوال سمجهندڙ محبت هميشه ممتاز محل سان قائم نه رهي جڏهن هُوء انتقال ڪري ويئي ۽ هن جي موجودگي ختم ٿي ويئي ته آهسته آهسته شاهجهان جي دل مان به ان جي محبت ختم ٿي ويئي ڇو ته شاهجهان کي بدلي ۾ محبت ڏيڻ واري ممتاز محل موجود ڪونه رهي هئي ان ساڳئي شاهجهان پنهنجي محبت ڪندڙ پيار زال جي وفات بعد وري 3 شاديون ڪري محبت کي ورهائي ڇڏيو... ان محبت جي پائيدار تي ڪيترو يقين رکجي ؟؟ ٻڌاءِ ؟؟
“پر محبت جو چاهه ايترو اهم آهي جو، محبت ۾ ڪنهن کي به ڪجهه نظر نه ٿو اچي، ان ڪري ئي محبت کي انڌو چيو ويو آهي” مصطفيٰ چيو
“مصطفيٰ ! توکي شايد خبر آهي .... محبت صرف محبت سان ئي ملندي آهي محبت واقعي انڌي هوندي آهي هن کي نظر نه ايندو آهي ته ڪنهن کي برباد ڪيائين ڪنهن کي آباد ڪري ويئي، محبت ساڳئي وقت قوت به آهي ته ڪمزوري به آهي”
“پر اِهو به ته درست آهي نه ته ... محبت ڪنهن جي چاهه ۾ پاڳل ڪري سگهي ٿي”
ها ! مصطفيٰ .... پر وري ڪنهن کان اوتري نفرت ڪرڻ به ڄاڻي ٿي، هي محبت ڏي وٺ جو واپار آهي جي محبت ڪنهن لاءِ بي وس بڻائي سگهي ٿي ته ڪنهن کان لاتعلق به بڻائي سگهي ٿي” ڇو ته هي صرف ٻن فردن جي راند آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي جيت ته ڪنهن جي هار به ٿي سگهي ٿي”
“مان نه ٿو مڃان؟ محبت ۾ ڪهڙي جيت ڪهڙ هار؟ هڪ ماءُ جڏهن پنهنجي ٻار سان محبت ڪري ٿي تڏهن هُن جي دل ۾ ڪنهن به جيت يا هار جو تصور ڪونهي ڪو” مصطفيٰ باقاعد بحث جي موڊ ۾ هو هُو اِهو ثابت پيو ڪرڻ چاهي ته هُو ۽ مان هڪٻئي سان شديد محبت ڪيون ٿا، هن ٽاءِ کي ڍلو ڪيو ڪنڌ مان ڪڍي لاهي صوفي تي رکيو، شرٽ جا بٽڻ کوليا پاڻ کي Relaxڪرڻ لاءِ بوٽ لاهي رينڪ تي رکي جرابن سُوڌو بيڊ تي ليٽندي مون کي ماءُ ۽ ٻار جي محبت جو مثال ڏنائين.
“ماءِ ڊيئر مصطفيٰ .... ماءُ ٻار سان محبت نه پر پيار ڪندي آهي”
“۽ ماءِ ڊيئر عيني پيار ۽ محبت ڪي ٻه الڳ الڳ شيون نه آهن هڪ ئي ڳالهه آهي”
نه هڪ ڳالهه نه آهي .... ٻئي هڪٻئي کان بنهه الڳ ۽ مختلف آهن”
“پر تون ڪجهه به چئو ٻنهي جو اثر ته ساڳيو ئي آهي”
“نه ٻنهي جو اثر ۽ درجو به ڌار ڌار آهي”
“محبت ٻه طرفه ٿيندي آهي جڏهن ته پيار هڪ طرفه ٿيندو آهي. ماءُ ٻار سان پيار ڪندي آهي پر ضروري نه آهي ته ٻار به ماءُ سان پيار ڪري پر محبت بدلي ۾ محبت ئي گهرندي آهي، ڇو ته ان ۾ توقعات وابسته هونديون آهن، جڏهن ته پيار بي لوث هوندو آهي جنهن ۾ توقعات ڪونه ٿين، جيئن انسانن جو جانورن سان پيار، پکي پکڻ ڪتابن يا قدرتي نظارن سان پيار، پوپٽ گلن سان پيار ...... ڇو ته پيار هڪ جذبو آهي جيڪو انسان جي فطرت ۾ شامل رهي ٿو سندس طبيعت ۾ شامل رهي ٿو، جيئن نسن ۾ رت رهي ٿو، جيئن کائڻ پيئڻ، هلڻ گهمڻ سمهڻ، ڳالهائڻ انسان جي ضرورت آهي، تيئن پيار به ضرورت آهي، جيڪو انسان سان گڏ رهي ٿو، هر رشتي ۾ پيار موجود آهي ڀيڻ ڀاءُ ماءُ پيءُ دوست ڇو ته پيار ۾ ڪا موٽ يا تقاضا جي گهر ڪين ٿيندي آهي”
مون هڪ ڊگهر ليڪچر ڏيئي ڇڏيو.
مصطفيٰ ناسمجه پر هٺيلي ٻار جهڙي شڪل ٺاهي مون ڏانهن ڏٺائين ڄڻ ڪي منهنجي ڳالهائڻ نٽهڻ ۾ لڳندڙ جهولي جهڙو لڳو هجي.
وري چيائين ....
“مان ٿڪيل آهيان هاڻ ننڊ ٿي اچي تنهنجو باقي فلسفو پوءِ وري ڪڏهن ٻڌندس (ڄڻ اڻ سڌي طرح چوڻ چاهيائين ته چڱو هاڻ پنهنجي بڪواس بند ڪر مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي)
مون کي اِها ڳالهه اڄ تائين سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته مڙسن کي ڪهڙي قسم جون زالون پسند هونديون آهن ..........
نادان .......... يا .......... عقلمند ؟؟
جيڪڏهن زال سادي ۽ گهٽ داناءَ هوندي ته چوندا “مورک ۽ وائڙي آهي”
اگر جي عقلمند هوندي ته چوندا پاڻ کي وڏو عقلمند ٿي سمجهي، ڄڻ سقراط جي ڌي هجي بنيادي طور تي مڙس گهٽ عقل واري مُورک، هيڻي ڪمزور عورت دلي طور تي چاهيندو ته جيئن گهٽ عقلمند عورت مڙس تي حاوي نه ٿي سگهي.
مڙس هجڻ به مرد جو هڪڙو عجيب روپ آهي. ساڳئي مرد جو هڪ روپ پيءُ ۽ ڀاءُ وارو به آهي ڌي يا ڀيڻ عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪندي ته پيءُ يا ڀاءُ خوش ٿيندا ته اسان جي نياڻي هيڏي اڪابر آهي پر مُڙس زال جي اڪابري ڪڏهن به هضم نه ڪري سگهندو.
ساڳيو ئي تضاد وارو روپ عورت جو پڻ آهي جيڪڏهن پيءُ يا ڀاءُ ڇوڪريءَ کي چوندا ٻاهر نه وڃجاءِ ماحول خراب آهي ته هُوء يقين ڪندي ته منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ صحيح ٿا چون پر جڏهن مڙس ٻاهر نڪرڻ لاءِ منع ڪندو ته وڏي واويلا ڪندي ته “هاءِ گهوڙا منهنجي آزادي ختم ڪري مون تي پهرا ٿو لڳائي”
رشتن ۾ اعتماد جو ڪيڏو فرق ٿو اچي وڃي مڙس هميشه زالن سان قرب ۽ پيار به گهڻو ڏيکاريندا آهن ۽ وري ساڳئي وقت من ۾ دردن جا گهرا ديرا ڄمائي ڇڏيندا آهن.
مان سڀ ڳالهيون سوچي به رهي هيس ۽ سامهون منهنجي ڀر ۾ ستل مصطفيٰ کي نهاري به رهي هيس هُو دنيا جهان کان بي خبر، بي اونو ٿي ننڊ جي واديءَ ۾ ستل هو.
شروعاتي ڏينهن ۾ مصطفيٰ جڏهن منجهند جو ڪلينڪ تي هوندو هو ته مان اڪثر سندس جاچ لهڻ لاءِ ڪلينڪ جي سامهون واري هوٽل ۾ شيشي واري دري مان اکيون ڪلينڪ تي کُپائي ويهي رهندي هيس.
پر ... هاڻ نه .............
مون کي زندگي جيڪا پهريان ڏاڍي ڏکي ۽ زهر کان وڌ ڪساري لڳي هئي ... هاڻ اُها زندگي ماکيءَ جي لار جيان مٺي لڳي رهي هئي جتي ڪوڙاڻ جو مان ڪو هڪ ڍڪ به محسوس ڪري ڪونه پئي سگهان. منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو بدلاءُ اچي ويو هو. مصطفيٰ جي زندگي ۽ سندس دلچسپين يا سرگرمين سان مون کي ڪو سروڪار نه رهيو هو.
جيڪو منجهند جو ٽائيم مان هُن جي ڪلينڪ کي تاڙيندي گذاريندي هيم، هاڻ اُهو وقت مان ڪنهن پارڪ ۾ گذارڻ لڳس، فيشن ميگزينز جي بدران منهنجي هٿن ۾ مذهبي ڪتاب رهڻ لڳا شاپنگ ڪرڻ فيشن مالز ۽ ميڪ اپ جا شاپس گهمڻ بجاءِ مان ڪتابن جي ميلن يا ڪتابن جي دوڪانن تي نظر اچڻ لڳيس.
مان تقريبن روزانو ڪجهه ڪلاڪ ڪنهن سرسبز پارڪ ۾ گذاريندي هيس، جتي جي ٿڌڙي هير پاڻ ڏانهن ڇڪي من ۾ هڪ اتساهه اٿلائي ڇڏيندي هئا، آسپاس ڦُٽيل ننڍڙا تازه نرم اڇي کير جهڙا رابيل جا گل پنهنجي سڳنڌ سان مون کي ڪنهن معطر دنيا ۾ وٺي ويندا هئا، ان وقت منهنجي اکين ۾ الماس جهڙي جوت ۽ چپن تي مرڪ هوندي هئي. منهنجي دل جا سڀ ويران ميسارجي ويندا هئا چوطرف جهومندڙ مست وڻ، ٽڙندڙ گل نه رڳو مون کي پر باغيچي ۾ ايندڙ هر فرد کي هلڪو ڦلڪو ۽ تازو توانو ڪري ڇڏيندا هئا. مان باغيچي جي سونهن ڏسي رب پاڪ جي تخليق تي حيران ٿيندي هيس اچرج ٿيندو هو ان مصور تي جنهن حسن جا هيترا حسين رنگ ڌرتي تي وڇائي ڇڏيا آهن.
پارڪ ۾ ويهڻ سان سوچ گهڻي بدلجي وڃي ٿي، باغيچن ۾ مان پهرين به ايندي هيس، پر تڏهن ڏسڻ جو انداز ۽ محسوس ڪرڻ جو زاويو مختلف هوندو هو. هزارين پوپٽ اڳي به گلڙن تي ديوانه هوندا هئا پر ائين کين رقصان نه ڏٺو هيم ائين خوشيون کنڊيري گلن کي مستيءَ ۾ ڇُهندا محسوس نه ٿيندا هئا ٿڌيون هوائون وڻن جي پنن سان دل لڳي ڪري ڪيئي راڳ ڇيڙي ٿيون وڃن پارڪ ۾ اچڻ سان وڏو دلي سڪون محسوس ٿئي ٿو.
آسپاس سنگِ مر مر جي بينچن تي ڪيترائي جوڙا پيار محبت ونڊڻ ۾ محو آهن جوڙن کي ڏسي مون مسڪرائي سوچيو اهو سڀ ڪيڏو نه عارضي آهي، چاهت محبت جهڙو پاڪ رشتو به عارضي؟
يادن جا ڪيئي خاڪا مون کي پنهنجي ۽ مصطفيٰ جي محبت جا ياد اچڻ لڳا .....
پر هي محبت ڪيڏو نه جلدي ناچڻي جي ڪنهن ٽٽل گهنگهروءَ جيان رقص ڪندي ڇڙوڇڙ ٿي وڃي ٿي.
مان پاڪستان وڃڻ چاهيو. منهنجي دل ۾ يڪدم اُڪير جاڳي ته مان شاهه لطيف جي درگاهه جي حاضري ڀريان مون کي لڳي پيو ڄڻ لطيف سرڪار مون کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿو سندس سڏڙا مان واضح ٻڌي رهي هيا ٻئي ڏينهن اميءَ سان Skype تي ڳالهايم
“امي مان پاڪستان ٿي اچان”
“سچي .... ؟ (امي کي يقين نه آيو) ڪجهه ڏينهن پهريان توکي چيم اچ ته تون جواب ڏنو ته نه ايندم، وري هي اوچتو ڪيئن پاڪستان جي آرزو جاڳي پئي اٿئي؟”
“امي مان شاهه لطيف جي درگاهه تي وڃڻ ٿي چاهيان، ان لاءِ پاڪستان ٿي اچان”
“ڇا ..... ؟ تون رڳو شاهه سائين جي درگاهه لاءِ پاڪستان اچڻ ٿي چاهين”
“نه .... موهن جو دڙو به ڏسندس”
“عيني تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟ تون ٺيڪ ته آهين نه ..... ؟ جن جاين سان توکي ڪا دلچسپي ڪڏهن نه رهي آهي، هاڻ تون اُهي جايون ڏسڻ لاءِ پاڪستان سنڀرين آهين !؟”
“امي توهان ايترا حيران ڇو ٿا ٿيو”
“حيران ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون جو ڪرين ٿي..... ”
تون ڪڏهن اهڙين درگاهن يا تاريخي جاين تي وڃڻ جو شوق نه ڏيکاريو هو. ڇا اِهي مصطفيٰ جا شوق آهن هُو ڏسڻ چاهيندو هوندو نه .....؟
“نه امي مان ڏسڻ ٿي چاهيان”
“هلو خير سٺي ڳالهه آهي.... هلي اچ بُڪنگ ڪرائي اٿئي ڪڏهن جي فلائيٽ آهي”
“امي اڃا بڪنگ نه ڪرائي آهي جيئن ئي Confirmation ٿئي ٿي ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيندس”
“ٺيڪ آهي”
واقعي اميءَ جو حيران ٿيڻ سؤ سيڪڙو سهي هو. پاڪستان ۾ ماما وارا ڪيترا ئي ڀيرا شاهه سائين جي درگاهه تي وڃي چڪا هئا پر مان ڪڏهن ساڻن وڃڻ ۾ راضپو نه ڏيکاريو هو بلڪه مون کي وڃڻ جو شوق نه هوندو هو ته مان احسن کي به اصرار ڪري روڪي پاڻ سان ويهاري ڇڏيندي هيس، ۽ جڏهن عين ٽائيم تي احسن ماما کي هلڻ کان جواب ڏيندو هو ته مامي احسن تي ڏاڍو ڪاوڙبي هئي بلڪه مون کي به چوندي هئي ته پڪ سان تون ئي احسن کي جهليو هوندو ۽ پوءِ مان معصوم صورت ٺاهي انڪار ڪندي هيس ته مون احسن کي ڪجهه نه چيو آهي.
احسن صاف دل جو انسان هو. مون کي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته هو مونسان بي انتها سچي محبت ڪندو هو، جڏهن منهنجو آفاق سان رشتو طئي ٿيو هو تڏهن هن منهنجي سوز ۽ فراق ۾ پاڻ کي ٻن ڏينهن تائين ڪمري ۾ محدود ڪري ڇڏيو هو. سندس ڪمري مان سڄو ڏينهن بار بار هڪ ئي گانو وڄندو رهندو هو....
ڪسي نظر ڪو تيرا انتظار آج بهي هي
ڪهان هو تم ڪه يه دل بيقرار آج بهي هي
۽ مون کي اِهو گانو ٻڌي ۽ سندس حالت ڏسي مذاق لڳندو هو. احسن انهن ڏينهن ۾ ڪيڏو نه ڏکارو ٿي ويو هو. هُن ڪڏهن به مون سان اظهار محبت نه ڪيو، هُو ڄاڻي پيو ته مان ڪنهن دولت مند ماڻهو سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيو پر مون کي ڪهڙي خبر هئي ته احسن جي سچي دل کي رنجائي مان ڪڏهن به خوش رهي نه سگهنديس مان ڪڏهن به اِهو نه ڄاتو هو ته انسان ڪنهن ويل به هڪ حال ۾ نه رهندو آهي، مون کي هاڻ احساس ٿيو آهي ته ڪڏهن انسان ٻيڻو آهي ته ڪڏهن هيڻو .....

8

انسان جي زندگيءَ جا ٽي دور هوندا آهن ننڍپڻ، جواني ۽ پيري، سڀني کان وڌيڪ توجه جي ضرورت جنهن دور کي هوندي آهي، اُهو آهي ننڍپڻ جو دور، جنهن ۾ ٻار کي مڪمل نگهداشت لاءِ وڏن جي ڀرپور ضرورت رهي ٿي، پر مان ننڍپڻ جو دور بابا جي وفات بعد ڏاڍي احساس محروميءَ ۾ گذاريو، ناني جي گهر رهندي وقت سان گڏ مون کي احساس ٿيڻ لڳو هو ته منهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون خواهشون اڌوريون رهجي وڃڻ جو سبب صرف ۽ صرف پئسو هو. جنهن جي ڪري مان هر مسئلي جو حل پئسي کي ئي سمجهيو، آفاق سان مون کي ايتري دلچسپي نه هئي جيتري هُن جي دولت سان هئي، مون آفاق سان نه پر سندس دولت سان شادي ڪئي هئي.
۽ ان ڪري ئي مون کي احسن جي سچن جذبن جو به احساس نه ٿيو هو.
بابا جي وفات بعد مون کي پيءُ جو پيار نه مليو اميءَ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مون کي بابا جي ڪمي محسوس نه ٿئي پر سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار ٿين ٿا جيڪي اسان کي احساس محروميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. اسڪول ۾ ٻارن کي پنهنجي پيئرن سان پيار ڪندي ڏسندي هيس تڏهن پاڻ کي پيءُ بنان اُڌورو محسوس ڪندي هيم.
دنيا ۾ هر رشتي جو نعم البدل موجود آهي پر والدين جو نعم البدل ناممڪن آهي، هر رشتو هر صورت ۾ ٻيهر ملي سگهي ٿو پر والدين ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر نه ٿا ملي سگهن.
هر انسان کي ڪاميابيءَ جي تمنا رهي ٿي مون ۾ اِها غلط فهمي اچي وئي هئي ته منهنجي ڪاميابي دولت ۾ لڪيل آهي، جيڪا منهنجي ڀل هئي.
صبح جو ناشتي جي ٽيبل تي مون مصطفيٰ کي چيو...
“مان پاڪستان وڃڻ ٿي چاهيان”
“پر مان فلحال ڪلينڪ تي گهڻو مصروف آهيان پاڪستان نه ٿو هلي سگهان”
“مان توکي هلڻ لاءِ نه ٿي چوان”
مون بريڊ تي بٽر هڻندي چيو
مصطفيٰ جي هڪ هٿ ۾ چانهه جو ڪپ ۽ ٻئي هٿ ۾ اخبار هئي، ٻئي هٿ بيهجي ويس چيائين
“ته ڇا تون مون کان سواءِ اڪيلي وينديءَ؟
“ها”
“پر پهرين ته ڪڏهن مون کان سواءِ نه ويئي آهين”
“ضروري ناهي ته وقت سان هميشه ساڳيا فيصلا ڪجن”
“مان توکي اڪيلي وڃڻ جي اجازت ڪونه ڏيندس”
“مان توکان اجازت ڪونه ٿي وٺان، فقط ٻڌايان ٿي ته پاڪستان ٿي وڃان”
“اڇا ...... ؟؟” مون کي گُهوريندي چيائين
مصطفيٰ جي ذهن ۾ مونجهارا وڌڻ لڳا
چيائين ......“مطلب ته تون هاڻ مون کان ڪجهه پڇڻ به گوارا ڪونه ٿي ڪرين؟”
“ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي”
“فرق پوي ٿو”
“بحرحال ..... ما بُڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي سڀاڻي منهنجي فلائيٽ آهي رات جو 2 وڳين”
“اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي ٿي ويئي آهي پاڪستان ۾ جو تون تڪڙي بُڪنگ ڪرائي ڇڏي”
“ڪابه ايمرجنسي ڪونهي ....... بس منهنجي دل مون کي اوڏانهن ڇڪي ٿي، مون کي وڃڻو پوندو”
“عيني ان پنهنجي خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرُ حقيقت پسند بڻجي کليل دل وَ دماغ سان ڪجهه سوچ، ٻارن جيان ضد نه ڪر، ڪجهه ڏينهن بعد ٻئي گڏجي هلنداسين”
“مصطفيٰ تنهنجو گڏ هجڻ يا نه هجڻ مون لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، تنهنجي موجودگي يا غير موجودگي مون کي ڪو احساس نه ٿي ڏي”
“ڇا توکي مون مان ڪا شڪايت آهي؟” هن پڇيو
“تون اهڙو ڪجهه ڪيو آهي ڇا جو تنهنجو ضمير توکي منهنجي شڪايت لاءِ منجهائي ٿو” مون سندس اکين ۾ واجهائي چيو
“نه مان ته اهڙو ڪجهه نه ڪيو آهي”
“جي نه ڪيو اٿئي ته پوءِ دل مطمعين ڇو نه اٿئي؟”
“مان مطمعين آهيان مون کي ڪو ڊپ ڪونهي”
“ها ! تو جهڙن کي ڪوبه ڊپ نه هوندو آهي”
“عيني جيڪو چوڻو اٿئي صاف صاف چئو .... ائين ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ”
“ڳالهايان ڇا ........ توکي ته صاف سمجهڻ گهرجي ته مان توکي صاف رستو ڏيئي واپس پاڪستان وڃي رهي آهيان، مون جيڪو اعتبار توتي ڪيو ان جو صلو مون کي ملي چڪو آهي. باقي رهي پاڪستان جي ڳالهه ته مان پنهنجي ديس ٿي وڃان ۽ وڃڻ ۾ ڪو حرج به ڪونهي، ديس جي موجودگيءَ جو احساس ته خوشبو جيان هوندو آهي جيڪو نظر کان پري هوندي به ساهه ۾ محسوس ٿيندو آهي”
“اِها ديس جي خوشبو توکي هاڻي ٿي ساهه ۾ محسوس ٿئي ٿي پهرين ته محسوس نه ٿيندي هئي”
“جڏهن نه رشتن تان اعتماد ٽٽندا آهن تڏهن زندگي هڪ هنڌ Freeze ٿي نه ويندي آهي. نون جهانن جا ڏس ازخودنڪري پوندا آهن، الله پاڪ خواهشن جو نعم البدل ضرور ڏيندو آهي”
“ته تون پاڪستان نعم البدل ڳولهڻ ٿي وڃين”
“اهو ئي سمجهه”
“ڪڏهنن موٽنديءَ”
“ڪا خبر نه اٿم”
“تڏهن به ..........”
“مصطفيٰ تنهنجي دنيا توکي مبارڪ .... شايد مونسان گڏ رهي تون مسرور رهي نه سگهين، ڇو ته هڪ گهر ۾ رهندي به اسين ٻئي هڪٻئي لاءِ اوپرا ٿي چڪا آهيون”
“اهو صرف تون ٿي سمجهين، مان توسان اڄ به ساڳي محبت ڪريان ٿو”
“پاڻ لاءِ تنهنجي کوکلي محبت جو المناڪ انت ڏسي چڪي آهيان”
“ڇا تون مون کي معاف نه ٿي ڪري سگهين؟”
“مصطفيٰ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي محبت جو خون ٿي ويندو آهي، ڪي ڳالهيون ايڏيون ته حيران ۽ ششدر ڪندڙ هونديون آهين، جيڪي حواس خطا ڪري ڇڏينديون آهن، ڪي منظر اکين کي سُن ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي حقيقتون ناقابل يقين بڻجي ڏسڻ واري جي زندگي بي ترتيب ڪري ڇڏين ٿيون.”
“عيني ڳالهه ايتري سيريس ڪونهي جيتري تون پنهنجي ذهن تي حاوي ڪري ڇڏي آهي”
“مصطفيٰ مون کي تو کان ڪابه شڪايت ڪونهي مان اِهو هاڻ سمجهي چڪي آهيان ته هن دنيا جون سڀئي حسناڪيون محبت سان سلهاڙيل نه آهن”
“تون غلط ٿي چوين .......... اڄ به اسان جون دليون محبت سان ڳنڍيل آهن، تون اڄ به مون سان محبت ٿي ڪرين”
“ها مون توسان محبت ڪئي هئي ....... مصطفيٰ مان اقرار ٿي ڪريان ته مون کي توسان بي انتها محبت هئي، اهڙو ڪو انسان ڪنهن ڏيهه ۾ ورلي ملندو جنهن کي محبت جي ميخ نه لڳي هوندي، پيار جو پاند هر ڪنهن ڳنڍيو هوندو، انسان کي ٻوڙڻ ۽ تارڻ واري ته ڌڻي جي ذات آهي پر ڪڏهن محبت به ٻوڙيندي ۽ تاريندي آهي، مان تنهنجي محبت ۾ ايتري پاڳل ٿي ويئي هيس جو دل بي وس ٿي پئي هئي، اکين آڏو تنهنجي صورت ڦرندي هئي دل تي تنهنجو ئي قبضو هو پر ........
“پر ڇا .......... ؟”
“پر وفا جي موٽ ۾ مون کي تنهنجي وفا نه ملي جنهن بت جي مون پوڄا ڪئي اُهو ڪيترو نه ڪمزور نڪتو، واريءَ جيان ڀُري پيو اهڙي ڪمزور رشتي کان مان پاڻ کي آزاد ٿي ڪيان”
“مون پنهنجي من ۾ هڪڙو ئي ديوتا سجايو هو پر تون ته پنهنجي بتڪدي ۾ ڪيتريون ئي مورتون سجائي رکيون آهن”
“مصطفيٰ تنهنجي من ۾ سجيل اِهي سڀ مجازي مورتيون اٿئي سڀئي هڪ هڪ ڪري ڀري ويندئي، تون انهن کي پاڻ ئي ڀوري ڇڏ .......”
“مون به پنهنجي من مان تنهنجو ڪمزور واريءَ وارو بت ڊاهي ڦٽو ڪيو آهي، هاڻ منهنجي من ۾ اُهو آباد آهي جيڪو ڪڏهن نه ڀرندو ، جيڪو هميشه جو، دائمي آهي.”
“تون مون کان پڇيو هو نه ته مان پاڪستان ڇو ٿي وڃان؟”
“ها ! ڇو ٿي وڃين”
“مان لطيف سرڪار جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ٿي وڃان ..... مون کي شاهه سائين سڏڙا ٿو ڪري، هُن ئي ته مون کي سمجهايو آهي ته مان مجاز مان نڪران، مون کي رابيعه بصري، اويس قرني، رومي لعل شهباز قلندر ۽ سچل هي سچو رستو ڏيکاريو آهي مان جسم جي طابع نه ٿي رهڻ چاهيان مان دنيا جي ڏيکاءَ جا هي رشته ڇني ڇڏيا آهن.
“عيني اِهي سڀ ڪتابي ڳالهيون آهن، هن دنيا ۾ اِهو سڀ ڪونه ٿيندو آهي” هن منهنجو هٿ جهليندي چيو
“ته پوءِڇا ٿي پيو ........ مون لاءِ دنيا مشڪل ٿي پوندي نه ....... مان به ته دنيا کي مشڪل ۾ وڌو هو ...... هاڻ منهنجي پرک ٿيندي هاڻ منهنجي آزمائش جو وقت آهي” مون هٿ ڇڏائيندي چيو
“عيني ........... عيني تون ڊپريشن ۾ هلي ويئي آهين”
“ها ها ها ...... نه مان جيون جي ڀوڳنائن ۽ وقت جي وارتائن سان پنهنجي حقيقي محبوب سان ملي ويئي آهيان، منهنجو حقيقي محبوب مون کي ڌوڪو نه ڏيندو منهنجو روح، دل، دماغ ڏاڍو پرسڪون آهي، مون کي توسان ڪابه شڪايت، ڪاوڙ يا حسد ڪونهي........ بلڪه مان تنهنجي شڪر گذار آهيان تون مون کي حقيقت سان روشناس ڪرايو تنهنجي ڪري مون کي منزل ملي تنهنجي ڪوڙي محبت سان مون کي سچو عشق جو دڳ مليو مون کي پنهنجي منزل ملي ويئي آهي. مان بنهه آزاد آهيان منهنجي پويان پڇتاءَ جو ڪو پڙاڏو ڪونهي مان خوش آهيان. مطمعين آهيان.
“عيني هن خوابن ۽ خيالن جي دنيا مان نڪري اچ” هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي مون کي زور سان جهنجهوڙيندي چيو ........
هن سمجهو هو شايد مان هن جي بي وفائيءَ ۾ پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺي آهيان.
“توکي مان ڪيئن سمجهايان منهنجا مصطفيٰ ته مان پنهنجي پوري هوش ۽ حواسن ۾ آهيان مان عشق جي سچي آغوش ۾ آهيان” هُو منهنجي چهري کي وائڙن وانگي ڏسي ترس وارين نگاهن ۾ توري رهيو هو مون کي هن جي ائين ڏسڻ تي کل اچي ويئي ۽ خبر نه آهي ڇو هُو منهنجي ائين کلڻ تي صفا ڊڄي ويو.
رات جو ئي مان سامان جي پيڪنگ شروع ڪري ڇڏي سڀاڻي رات جو منهنجي فلائيٽ هئي. هن مون کي وري وڃڻ کان منع به ڪيو، خاموشيءَ سان سامان پيڪ ڪندو ڏسندو رهيو.
ٻئي ڏينهن رات جو هُو مون سان ايئرپورٽ تي هو، ڇڏڻ مهل هُن مون کي چيو
“پنهنجي خيال رکجاءِ، مان به ڪوشش ڪندس ته توسان جلد پاڪستان ملڻ اچان”
“تون بي فڪر ٿي وڃ. منهنجو اونو ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي”
منهنجي ڳالهائڻ مهل هو منهنجو منهن ائين ڏسي رهيو هو جيئن ڪنهن ٻار جي دماغ تي بخار چڙهي ويندو آهي ۽ ٻار حواس باخته ٿي ڳالهائيندو آهي.
رات جو پيڪنگ ڪرڻ وقت هن مون کي سائيڪياٽري (Psychiatry) جون ڪيتريون دوائون ڏنيون هُن سمجهو هو ته شايد مون تي ڪو نفسياتي مسئلو (Psychiatric Problem) ٿي ويو آهي ۽ مان ڊپريشن ۾ هلي ويئي آهيان.
مون کي جهاز تي چاڙهي مصطفيٰ هليو ويو.
مان جهاز ۾ پنهنجي ۽ مصطفيٰ بابت سوچڻ لڳيس ....... زال مڙس جو رشتو جيڏو مضبوط آهي اوترو نازڪ پڻ آهي ڪنهن ريشم جي ڏوريءَ جيان جيڪا ٻن انسانن کي ڳنڍي به ٿي پر ساڳئي ئي وقت ڇڄندي دير به ڪونه ٿي ڪري.
“زال مڙس جو رشتو ئي شايد اهڙو آهي جنهن مان چاهڻ جي ڪشش جلدي ئي ختم ٿي وڃي ٿي” .........
حياتي ڀر هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جا واعده تڏهن ئي ختم ٿي وڃن ٿا جڏهن ٻئي هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا جذبات ۽ احساس ختم ٿيو وڃن، تلخي وڌي وڃي ٿي، بي حسي وڌي وڃي ٿي، ٻئي پنهنجي پنهنجي خول ۾ بند، حصار ۾ قيد ٿي هڪٻئي لاءِ ناگواريءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا، ۽ پوءِ آهسته آهسته ناقابل برداشت احساس ۽ موجودگي نفرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، اُهو ماڻهو جيڪو شاديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو پاڻ کان به پيارو آهي، اُهو ئي فرد وقت ۽ حالات سان گڏ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿو.
“مصطفيٰ مون سان ائين ڇو ڪيو؟” مان ڪا مهل سوچيندي رهيس.
فلائيٽ پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي هئي، ٿوري دير ۾ ئي مان ڪراچي ايئرپورٽ تي هيس، امي ۽ پپا مون کي وٺڻ آيا هئا، مون کين پنهنجي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. “عيني هي تون آهين، مون کي ته يقين ئي نه ٿو اچي؟”
اميءَ جون نظرون منهنجو نهه کان چوٽيءَ تائين اڀياس ڪرڻ لڳيون.
مون کي اڇي رنگ جا شلوار قميض پاتل هئا، مٿي تي اڇي رنگ جو ئي رئو هو. ڪلهي ۾ ڪارو پرس، پيرن ۾ بنان هيل جي فليٽ ڇپل پاتل هئي، منهنجي وارن جي چوٽي ٿيل هئي چهرو ميڪ اپ کان عاري. “ڇو امي يقين نه اچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ” مون اڻڄاڻ ٿي پڇيو ، مان ڄاڻان پئي امي منهنجو حليو ڏسي حيران ٿي وئي هئي (يا شايد پريشان ٿي وئي هئي)
“يقين وري ڪيئن ايندو، اُها عيني جيڪا الٽرا موڊرن هئي هميشه پينسل هيل پائڻ ۽ وار کولڻ جي عادي هئي ....... بحرحال ڏاڍي پياري ٿي لڳين. اهڙي معصوم پاڪ صاف، پاڪيزه ٿي لڳين ڄڻ ڪا آسماني حور ...... رب پاڪ توکي نظر کان بچائي.”
اميءَ مون کي پيار منجهان نهاريندي چيو.
“ڀلا سڀ ڳالهيون هتي ايئرپورٽ تي ئي ٿينديون يا عينيءَ کي گهر به هلڻ ڏينديءَ” پپا اميءَ کي ٽوڪيندي چيو.
ٽيئي کلي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين.
امي گاڏيءَ ۾ پورو رستو مٽن مائٽن جا حال احوال ڏيندي رهي.

9

منهنجي اچڻ جو ٻڌي صنم ۽ اقرا به گهر پهرين ئي پهچي چڪيون هيون. گهر پهتاسين. اقرا ۽ صنم وڏي پاٻوهه سان مليون ٻنهي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
اقرا مون کان حال احوال وٺڻ بعد پڇيو
“عيني تون خوش ته آهين نه، طبيعت ته ٺيڪ ٿي رهي نه تنهنجي”
“ها بلڪل ٺيڪ آهيان مان” مون اقرا جي ٻنهي ڪلهن تي هٿ رکي پيار منجهان چيو
“ته پوءِ هي اُداسيءَ وارا Simple اڇا ڪپڙا ڇو پاتا اٿئي، اُها عيني ڪٿي آ جيڪا فيشن ۾ اول نمبر تي هئي”
“اقرا، هر ڪم جو هڪڙو وقت ٿئي ٿو، هاڻ مون کي سادگيءَ ۾ وڏو سڪون ٿو ملي ۽ ڪو وقت هو ته فيشن ۾ مزو ايندو هو، شايد وقت سان انسان ڪڏهن ڪڏهن بدلجي ٿو وڃي، قيمت ۽ اهميت انسان جي هجڻ گهرجي اقرا .... ڪپڙي ۽ حليي جي نه”
“ها اِها ڳالهه ته صحيح آهي”
“بس ته پوءِ مان خوش آهيان پاڻ کي هن طرح رکندي”
“ جي تون خوش آهين ته اسين به خوش آهيون توسان هونئن به تنهنجو پرسڪون Relax چهرو ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته ٺيڪ آهين .....
“ها اقرا اسان جو چهرو ئي خيالن جي اسڪرين هوندو آهي، ذهني پريشاني يا خوشيءَ جو اندازو چهرو ڏسي ئي لڳائي سگهبو آهي نه”
“عيني اهو ته ٻڌاءِ ادا مصطفيٰ توسان گڏ ڇو ڪونه آيو آهي؟”
“بس هن جي مريضن جون appointments هيون ان ڪري نه اچي سگهيو”
“اڇا ....”
ٻئي ڏينهن مامي ماما ۽ احسن به مون سان ملڻ آيا. احسن جي ڪجهه ڏينهن پهريان ئي شادي ٿي هئي، شادي جي دعوت مون کي ڪينيڊا۾ ئي موڪلي هيائون پر مان نه اچي سگهي هيس. احسن مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين
“عيني تون ته عيد جو چنڊ ٿي ويئي هئينءَ”
“ها ! بس مصروفيتون ئي اهڙيون رهيون”
“ڪيترا ڏينهن رهندينءَ پاڪستان ۾ ؟”
“ڪجهه چئي نه ٿي سگهان”
“ڊاڪٽر ڪٿي آ”
“اُهو ڪونه اچي سگهيو آهي”
“هلو خير تون ته اچي ويئيءَ، اِهو سٺو ٿيو”
مان کيس ڏسي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
“احسن تنهنجي wife ڪٿي آ”
“اُها پنهنجي ماءُ ڏانهن ويل آهي، منهنجي سُهري جي طبيعت ڪجهه خراب آهي”
“اڇا”
“عيني تون هيڏي وقت کان پوءِ آئي آهين ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهجاءِ”
“ٺيڪ آهي” مون کيس مُرڪي چيو.
مون کي تقربن 10 ڏينهن گذري چڪا هئا پاڪستان ايندي. ان وچ ۾ مصطفيٰ ڪيترائي ڀيرا فون به ڪيو، اسان ۾ سرسري طور تي گفتگو ٿي. ان دوران مون کيس هڪ دفعو به فون ڪونه ڪيو.
هڪ ڏينهن اقرا ۽ صنم به آيل هيون. سڀ گڏ ويٺا هياسين. مان ڪنهن ڪم سان پنهنجي ڪمري ڏانهن ويس. واپس آيس ته امي اڪيلي ويٺي هئي. صنم ۽ اقرا ڪچن ۾ هيون مان به اوڏانهن ويس، ڪچن جي دروازي وٽ پنهنجو نالو ٻڌي بيهي سندن گفتگو ٻڌڻ لڳس
صنم جو لهجو هميشه جيان زهر ۾ ٻڏل هو، چيائين
“مون کي ته عينيءَ ۾ وڏي تبديلي ٿي محسوس ٿئي، صفا مستي ئي مري ويئي اٿس ڪٿي پهرين واري عيني ۽ ڪٿي هي، ضرور ڪا ته ڳالهه آهي اقرا”
“مثلن” ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي تنهنجي سوچ مطابق ڇو ته مون کي ان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نظر ڪونه ٿي اچي”
“چڱو اقرا توکي يقين ڪونه ٿو اچي نه، ڀلا توکي اِهو ياد آهي ته عيني جڏهن ڪينيڊا نئين نئين ويئي هئي تڏهن پاڻ کي پئي انگريزياڻي سمجهندي هئي، ۽ هاڻي وري جو آئي آهي ته صفا مُلياڻي ..... ان مان اندازو هڻ ته ضرور ڪا نه ڪا ڳالهه ته آهي ئي آهي”
“ڪجهه به ڪونهي، جي کڻي ڳالهه آهي به ته عيني نيٺ ٻڌائي ڇڏيندي، تون دلجاءِ ڪر”
“منهنجي دل جاءِ تي آهي. رڳو ميڊم عيني هڪ جڳهه تي بيهي”
ان بعد ٻيئي خاموش ٿي ويون، ۽ مان ڪچن وڃڻ بدران واپس ڪمري ۾ اچي ويس.
شهباز منهنجو پيارو دادلو ڀاءُ هميشه کان مون کي عزيز رهيو هو، هاڻ به جڏهن واپس پاڪستان آيس ته هُو پنهنجي اسڪول ٽائيم بعد مون سان ئي هوندو هو. هن وقت ماشاء الله شهباز ميٽرڪ ۾ پهتو هو، جواني ۾ قدم ڄمائي رهيو هو. نڪ نقشه ته هونئن ئي سهڻا هيس، رنگ اڇو ۽ گلابي، ڊگهو قد، ڊهي قد وارو هينڊ سم نوجوان ٿي پيو هو. ان ڏينهن مونکي چيائين....
“آپي ! ايترا ڏينهن ٿيا اٿو. هلو ته ڪيڏانهن گهمائي اچانوءَ”
“ڪيڏانهن گهمائڻ ٿو چاهين مونکي؟”
“آپي جيڏانهن توهان چئو ته هلون”
شهباز ! مان ڀٽ شاهه جي ڀونءِ ڏسڻ ٿي چاهيان، شاهه لطيف جي مزار تي حاضري ڀرڻ ٿي چاهيان.
“ڀلي آپي ! جڏهن پروگرام ٺاهيو ته پوءِ هلون”
ٺيڪ آ امي ۽ پپا کان پڇون ته پوءِ صلاح ڪري هلون ٿا.
“ٺيڪ آهي”
شهباز کٻي هٿ جي آڱوٺي ۽ وچين وڏي آنڱر سان چپٽي وڄائيندي چيو.
ماحول جو هر انسان تي وڏو اثر ٿئي ٿو پر اِهو سڀ وقت عمل دخل آهي
ذهن جي ڪنهن حصي جي گهرائيءَ ۾ دفن ٿيل لاشعوري يا شعوري احساس اوچتو جاڳ ڏين ٿا.
انسان غم تڪليف ۾ گهايل پهر وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته غم کي بار بار ياد ڪري ذهن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته اهو ذهن ۾ ڪٿي وڌيڪ طاقتور ٿي اڀري پوندو آهي. شايد اِهو ئي سبب آهي جو اُهي جذبات جيڪي ڪاوڙ، نفرت يا رقابت تي ٻڌل هجن ذهن کي وڌيڪ متاثر ڪندا آهن بنسبت خوشي محبت يا پيار جي احساسن جي.
مون سان به اِهو ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو. مان جيترو مصطفيٰ جي رويي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي اُهو مون مٿان وڌيڪ ڳرو پٿر ٿي بيهي رهيو.
جيڪڏهن زندگيءَ ۾ پنهنجا رشته ساٿ ڏين ٿا ته پوءِ ساڻن پنهنجي من ۽ درد جو ٻوجهه هلڪو ڪرڻ گهرجي، اِهو سوچي مون اقرا ۽ اميءَ کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ۽ کين اِهو به ٻڌايو ته مصطفيٰ جي ان دورنگي رويي بعد مون واپس مصطفيٰ ڏي نه ورڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پر امي منهنجي ان فيصلي تي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ هرگز راضي نه هئي چيائين....
“شاديءَ ۾ اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، مرد اڪثر اِهو سڀ ڪندا رهندا آهن، پر عورت ئي آهي جنهن کي درگزر ڪري دل وڏي ڪرڻي پوندي آهي”
“امي ڳالهه عورت يا مرد جي درگزر ڪرڻ جي نه آهي بلڪه دل جي آهي، منهنجي دل نه ٿي مڃي”
“تون غلط آهين عيني شاديءَ بعد ڳالهه دل جي نه پر دنيا جي هوندي آهي، تون اِهو سوچ ته دنيا ڇا چوندي ؟؟ ڇا تون پاڻ مٿان ٻن مڙسن ڇڏڻ جو ليبل لڳائي زنده رهي سگهنديءَ، ياد رک هي دنيا توکي جيئڻ نه ڏيندي”
اميءَ مون لاءِ فڪرمند ٿيندي چيو
“امي مون کي دنيا جي ڪابه پرواهه ڪانهي، نه ئي مون کي دنيا سان ڪا دلچسپي رهي آهي. منهنجي دل خدا آڏو مطمعين آهي ته پوءِ مان ڇو ڪنهن کان ڊڄان ...؟؟
“عيني مرد پپل جي ان وڻ جيان آهي جيڪو هزارين ساوا پن کڻي هوا ۾ جهومندو وتندو آهي آواز نه ڪندو آهي پر عورت پپل جي ان سڪل پن جيان آهي جيڪو وڻ کان ڇڄي هوا تي هيڏي هوڏي ٿي لاوارثن جيان ڀرندو ۽ آواز ڪندو رهندو آهي ۽ آخر هڪ ڏينهن ڪنهن جي قدمن هيٺان اچي پرزا پرزا ٿي ويندو آهي. هي دنيا عورت کي مڙس جي رشتي سان ئي مانُ ڏيندي آهي ڀلي مڙس جو رويو ڪهڙو به هجي، اڪيلي عورت کي هي دنيا وارا ڪڏهن به مانائتو نه سمجهندا آهن”
“امي مانُ ڏيڻ واري ذات خدا جل شانه جي آهي، جڏهن منهنجو رب مون سان گڏ آهي ته پوءِ مان دنيا کان ڇو ڊڄان هُن شخص منهنجو اعتبار ۽ اعتماد ڀورا ڀورا ڪيو هاڻ مان هن تي ڪڏهن به اعتبار ڪري ڪونه سگهنديس پوءِ بهتر آ ته عليحدگي ڪجي”
“نه هرگز نه ..... اسان جي خاندان ۾ ڪڏهن ڪنهن کي طلاق نه ٿي آهي، مان توکي باربار اِهو عمل ڪرڻ هرگز نه ڏينديس”
“مصطفيٰ ۽ منهنجي ساٿ جو انت عليحدگي ئي آهي ڇو ته هاڻ ويساهه باقي نه رهيو آهي”
“پر عيني آفاق کي ڇڏڻ بعد ته توکي مصطفيٰ هڪ Perfect ماڻهو لڳندو هو پوءِ هن ۾ يڪايڪ اِها تبديلي ڇو آئي؟
اقرا مون کان سوال ڪيو جيڪا امي ۽ منهنجي گفتگو خاموشيءَ سان ٻڌي رهي هئي.
“شايد مان مصطفيٰ کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري وڌي، هُن جي اصليت آهسته آهسته بعد ۾ ظاهر ٿي يا شايد مان آفاق کان ڌار ٿيڻ ۾ جلدي ڪئي”
“اقرا ! اسان عورتن جو وڏو مسئلو اِهو هوندو آهي ته اسان پنهنجي زندگيءَ جو مقصد رڳو محبوب جي محبت ۽ دولت جي حاصلات کي ٺاهي ڇڏيو آهي” مون ڳالهه وڌائيندي وري چيو....
“عورت هميشه محبت جي هن سراب پويان پاڻ ئي ڊُڪندي رهندي آهي ۽ وڏي خوشيءَ سان ان دُٻڻ کي پنهنجي پناهگاهه سمجهي پاڻ کي ڦٽو ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن جو نالو محبت آهي ائين نه آهي ته ان ڊوڙ ۾ عورت اڪيلي هوندي آهي بلڪه ان سراب پويان ڊُڪڻ ۾ مرد به عورت گڏ هوندو آهي پر محبت جي دُٻڻ ۾ ڦاسڻ وقت مرد وڏي هوشياريءَ سان پرتي ٿي ويندو آهي، پنهنجا پير زمين تي مضبوط ڄمائي پاڻ کي ان دُٻڻ مان بچائي وٺندو آهي ساڳيو ئي حال منهنجو به ٿيو اقرا! مان به مصطفيٰ جي محبت واري دُٻڻ ۾ ڦاسي پيس ۽ آخرڪار ان ۾ غرق ٿي ويس، پر هڪ ڳالهه ضرور مڃڻي پوندي ته مان ان محبت جي سراب مان ٻيهر ٻاهر نڪري، اُسري آهيان ۽ وري هڪ ٻي محبت لاءِ تيار ٿي ويئي آهيان،
“هڪ ٻي محبت” اقرا حيرانيءَ مان پڇيو
“ها”
“هڪ ٻي محبت” اُها ان “وڏي مهربان” جي محبت آهي، وڏو مهربان ڪڏهن به ڌوڪو نه ٿو ڏي، جنهن سان شراڪتداري ڪندي ڪو حسد به محسوس ڪونه ٿو ڪري”
مون خدا پاڪ ڏانهن نظرون کڻي اقرا کي مفهوم سمجهائيندي چيو.
“اقرا !..... مان شڪر گذار آهيان مصطفيٰ جي جنهن جي بي وفائيءَ مون کي هن دنيا ۾ “وڏي مهربان” سان ملايو”
“امي ............ مان صحيح ٿي چوان نه”
مون امي کي ڏسندي چيو
امي منهنجي ڀر ۾ ئي بيڊ تي ويٺي هئي. مون کي پاڻ ڏانهن سوري پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ نرڙ تي مون کي چمي ڏيئي چيائين .............
ها ! خوشقسمت آهن اُهي ماڻهو جيڪي هن دنيا ۾ ئي ان وڏي مهربان کي حاصل ڪري وٺن ٿا پر .......... ” مون اميءَ جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو
“امي مون صرف مصطفيٰ جي محبت ۾ فريب نه کاڌو پر مان آفاق کان به ان ڪري دور ٿي ويس جو مون آفاق سان نه پر سندس دولت سان محبت ڪئي هئي، مون کي سبق ته ملڻو ئي هو نه”
“ته ڇا عيني توکي هينئر احساس ٿيو آهي ته دولت سڀ ڪجهه نه هوندي آهي؟” اقرا تجسس مان چيو
“ها اقرا ........ تون ٺيڪ ٿي چوين ته دولت سڀ ڪجهه نه هوندي آهي، پر اها به حقيقت آهي ته دولت گهڻن مسئلن جو حل به آهي، دنيا ۾ رهڻ لاءِ دولت به ضروري آهي ها ! اِها الڳ ڳالهه آهي ته اِها اهم ترين نه آهي، مون دولت کي دنيا جي اهم ترين شي سمجهوهو. مون سمجهو هو ته دولت سان دنيا جو هر سک حاصل ڪري سگهجي ٿو پر ڪجهه سک اهڙا به هوندا آهن جيڪي دولت جي ساٿ سان نه به ملي سگهندا آهن”
“آفاق جي دولت مونکي احساس ڏياريو ته دولت کان وڌيڪ انسان جي اهميت هوندي آهي ۽ مصطفيٰ جي محبت اِهو احساس ڏياريو ته انسان جي محبت کان وڌيڪ ان “وڏي مهربان” جي محبت اهميت واري آهي”
“مطلب ته محبت ۽ دولت ٻئي ناپائيدار ۽ بي بقا وجود آهن ٻئي هن دنيا ۾ غير اهم آهن” اقرا بي يقينيءَ وچان پڇيو.....
“نه .......... مان اِهو نه چيو ........... مان صرف اِهو سمجهو آهي ته دولت ۽ محبت جو اسان کي محتاج نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اسين جڏهن اُن “وڏي مهربان” کي سڃاڻي وٺون ٿا تڏهن اسان کي هن دنيا جي هر محبت ۽ دولت حقير نظر اچي ٿي .... ٻنهي جي موجودگيءَ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي صرف انهن جي محتاجي چاهه ۽ سلاميءَ کان انڪار ڪجي، مجازي محبت ۽ دولت “دنيا جا سراب” آهن.”
“پر ڪجهه به هجي هن دنيا ۾ رشتا نڀائڻا ٿا پون، مان ڪڏهن به توکي صلاح نه ڏيندس ته تون مصطفيٰ کان عليحدگي وٺ “سماج ڇا چوندو؟”
اميءَ حڪم ڏيندي چيو
“امي .......! سماج ته پوءِ چوندو آهي، پهريان ته اسان جا پنهنجا گهرڀاتي ۽ خاندان وارا ئي ننديندا آهن پنهنجا ئي ته هوندا آهن نه جيڪي من ۾ ٽانڊن جو ڍير گڏ ڪري ڇڏيندا آهن .......... امي ............ منهنجو ويساهه هن دنيا جي دولت ۽ مجازي عشق مان نڪري ان “وڏي مهربان” جي ذات ۾ پختو ٿي ويو آهي ته پوءِ پليز .......... امي مونکي ان لافاني عشق کان پري نه ڪريو. هن دنيا جي عارضي، مطلبي دولت کي اگر مان سمجهي اک کولي چڪي آهيان ته پوءِ مون کي ان راهه کان نه هٽايو منهنجو ساٿ ڏيو امي !! ”
مون اميءَ جي ڪلهي تي پنهنجو ڪنڌ رکي سڪون سان اکيون بند ڪندي چيم.
اميءَ منهنجي ڳل تي پنهنجو هٿ رکي پيار ڏيندي چيو
“پر منهنجي راڻي عورت لاءِ ڪنهن مرد جي ساٿ سوا زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي”
“نه امي ......... ساٿ کان وڌيڪ پنهنجي ضمير جو پرسڪون هجڻ ضروري آهي، پاڻ ۾ ويساهه ضروري آهي، هر انسان صرف ۽ صرف پنهنجو پاڻ محبت ڪندو آهي باقي سڀ وقتي ڳالهيون آهن”
مون اميءَ جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو
“پر عيني اڪيلي زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو اٿئي؟“
“ڪا ڏکي ناهي ڪيترائي انسان سڀ رشته هوندي به اڪيلا هوندا آهن”
اقرا مون کي ڪجهه تجسس ۽ ڪجهه پُرسڪون نظرن سان ڏسي رهي هئي چيائين
“ڇا تنهنجي هي سوچ وقتي ته نه آهي ائين ته نه آهي ته مصطفيٰ جي رويي تنهنجي اندر منجهه بغاوت ۽ نفرت جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو آهي، وقت سان گڏ تنهنجي سوچ مٽجي به سگهي ٿي، ڪڏهن مذهبي ڳالهين ڏانهن لاڙو وقتي ۽ دنيا کان فرار به هوندو آهي، جڏهن مصطفيٰ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو ته هُو پاڻ مُرادو تو ڏانهن موٽندو توکان معافي وٺندو”
“اقرا اهڙي ڳالهه ناهي ته مان دنيا کان فرار ٿي چاهيان، ۽ رهي ڳالهه مصطفيٰ جي ته هُو مون کان هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا معافي وٺي چڪو آهي”
“پوءِ توکي مصطفيٰ کي معاف ڪرڻ گهرجي اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون شادي بعد زال مڙس ۾ ٿينديون رهنديون آهن”
اقرا وڏي ڀيڻ جو فرض نڀائيندي مون کي سمجهائيندي چيو
امي منهنجي ڳالهين تي پريشان نظر اچي رهي هئي چيائين
“ڀلا مان ۽ پڻهين هڪ دفعو مصطفيٰ کي هتي گهرائي سمجهايون؟”
“ها ها ها” مون ٽهڪ ڏيندي چيو “منهنجي پياري امي پريشان نه ٿي، هاڻ مون کي مصطفيٰ سان جڏهن ڪا شڪايت ناهي، مون کي هُن سان ڪا دلچسپي به نه رهي آهي هن سان رهڻو ئي ناهي، ۽ مان هن سان ڪو جهيڙو ڪري نه آئي آهيان جو اوهان هُن کي گهرائي ٺاهه ڪرائڻ ٿا چاهيو، ! جيڪڏهن مون لاءِ ڪجهه ڪرڻ ئي چاهيو ٿا ته پوءِ بس مون کي هت رهڻ ڏيو”
“عيني تون هٿ ڀلي رهه پر ڇا شادي شده ڌيئرون پيڪن ۾ رهندو ٺهنديون آهن؟”
“ٺيڪ آ جيڪڏهن توهان کي منهنجي رهڻ تي اعتراض آهي ته مان ڪنهن ورڪنگ وومن هاسٽل ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي”
مون اميءَ کي سرد لهجي ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو
اقرا مون کي ڀاڪر پائيندي چيو
“عيني ! اميءَ کي غلط نه سمجهه هُوءَ صرف توکي تنهنجي گهر ۾ خوش ڏسڻ ٿي چاهي تنهنجو مسئلو حل ڪرڻ ٿي گهري”
“پر منهنجي زندگي جڏهن مون لاءِ مسئلو ناهي ته پوءِ اوهان سڀ پريشان ڇو ٿا ٿيو ...؟”
“اقرا انسان ته ڪڏهن به مطمعين نه هوندو آهي هميشه پنهنجي ڪنهن ان اڻپوري گهرج جي تلاش ۾ رهندو آهي خاص طور تي جنهن گهرج جي هُن وٽ ڪمي هوندي آهي. انساني زندگيءَ جي هڪ وڏي جستجو دولت، حسن ۽ عشق جي ڳولها ۾ گذري ٿي ۽ هر فرد جي عشق ۽ حسن لاءِ ڌار ڌار معيار آهن ان ڪسوٽيءَ جي شڪل شبيهه به الڳ الڳ آهي ڪنهن کي ڪوجهائيءَ ۾ حسن نظر اچي ٿو ۽ ڪو اوندهه کي به روشني سمجهي عشق ٿو ڪري هر هنڌ هر نظر ۾ عشق جا معيار به الڳ آهن ڪٿي عشق مٽيءَ سان آهي ته ڪٿي مجاز سان........ پر افسوس ته اسان ڪڏهن به ان حقيقي عشق جي ڳولها ۾ نه ٿا نڪرون جيڪو اسان جي اندر ۾ اسان سان ڳنڍيل آهي ۽ آخرڪار اُهو عشق اسان مان ئي ڪنهن نه ڪنهن کي چونڊي لهي ٿو ۽ اُهو عشق ئي زندگيءَ جي اصل سڃاڻپ آهي. انسان جو وڏو الميو اِهو آهي ته هُو عمر گذرڻ سان گڏ جڏهن دنيا لاءِ ناڪاره ٿي ويندو آهي تڏهن ان “وڏي مهربان” جي تلاش شروع ڪندو آهي حالانڪه اُهو “مهربان” تلاش ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي اُهو ته اسان جو جنم ٿيندي ئي اسان منجهه موجود هوندو آهي”
اقرا منهنجون ڳالهيون ٻڌي چپ ٿي ويئي پوءِ اٿندي اميءَ کي چيائين.....
“امي عيني کي پنهنجو مونجهارو پاڻ حل ڪرڻ ڏيو اِهي ڳالهيون زور زبردستيءَ جون ناهن هلنديون، عيني سمجهدار آهي پنهنجي بهتريءَ جو فيصلو پاڻ ڪري سگهي ٿي عيني کي ڪجهه وقت ڏيو”
“Thanks اقرا”
مون اقرا کي مسڪرائي چيو.

10

مون کي پاڪستان آئي به ٽيون مهينو ٿيو هو ان وچ ۾ مصطفيٰ مون سان ڪيترائي ڀيرا فون تي ڳالهائي چڪو هو. هڪ ڏينهن فون ڪري چيائين “عيني مان پاڪستان توکي وٺڻ ٿو اچان”
مون چيو مانس ...........
“مصطفيٰ پاڪستان ڀلي اچ پر شايد مان توسان گڏ واپس هلي نه سگهان”
“ڇو” اچرج مان پُڇيائين.
“مان اِهو ضروري نه ٿي سمجهان ٻڌائڻ ته ڇو نه ٿي هلڻ چاهيان”
“عيني مان تنهنجو مڙس آهيان تنهنجو فرض آ منهنجو چيو مڃڻ ۽ مون سان گڏ رهڻ مان ڪا غلط ڳالهه ڪونه ٿو چوان Any ways مان ٽڪٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي آهي ٻن ڏينهن بعد منهنجي فلائيٽ آهي باقي ڳالهيون پاڪستان اچي ڪنداسين، ۽ تون تيار رهجاءِ مان توکان سواءِ واپس ڪونه ايندس” فون بند ٿي ويو.
مون گهر وارن کي مصطفيٰ جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. امي تمام گهڻو خوش هئي ته مصطفيٰ اچي رهيو آهي مون کي وٺي هلڻ لاءِ.
ٽئي ڏينهن مصطفيٰ پهچي ويو. هُو مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، هُو امي پپا، اقرا، صنم ۽ شهباز ۽ مون لاءِ تمام گهڻا تحفه به وٺي آيو هو. سڄي گهر وڏي خوش اخلاقي ۽ پنهنجائپ منجهان سندس استقبال ڪيو.
ٻن ڏينهن رهڻ بعد مصطفيٰ پپا کان مون کي وٺي هلڻ جي اجازت گُهري، ان وقت لائونج ۾ سڀ گهر وارا ويٺا هئاسين.
“ڀلا اسان کي ڪهڙو اعتراض ٿو ٿي سگهي ڊاڪٽر جڏهن توهان جو دل چئي عيني کي وٺي وڃو.”
“پر چاچا عيني واپس ڪينيڊا هلڻ نه ٿي چاهي”
“واپس هلڻ نه ٿي چاهي پر ڇو !!؟؟”
پپا انتهائي حيران ٿيندي پڇيو
(پپا کي منهنجي نه وڃڻ واري ارادي جي ڪابه خبر ڪونه هئي مون پاڻ ئي اميءَ کي منع ڪيو هو ته پپا کي ڪجهه نه ٻڌائن هُو پريشان ٿيندا ان ڪري مصطفيٰ جي سوال تي حيران ٿي ويا)
پپا مون ڏانهن ڏسي پڇيو
“ڇو بابا عيني واپس ڇو نه ٿي وڃڻ چاهين”
“بس بابا مان هتي پاڪستان ۾ مستقل رهڻ ٿي چاهيان”
“پر عيني پٽ ائين ڪيئن ممڪن آهي، مصطفيٰ اُتي سيٽ آهي هُن لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو هتي شفٽ ٿيڻ بلڪه شايد هن لاءِ ناممڪن ٿئي”
“پپا ! مان مصطفيٰ کي شفٽ ٿيڻ لاءِ نه ٿي چوان”
“ڇا مطلب ........!”
“مطلب اِهو ته مصطفيٰ ڀلي ڪينيڊا رهي پر مان هتي پاڪستان ۾ رهنديس”
پپا عينڪ لاهي مون کي غور سان ڏسندي چيو
“اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڊاڪٽر ڪينيڊا رهي ۽ تون هتي، بابا اِهو مناسب نه آهي، تون اگر اُتي مونجهي ٿي ٿئي ته جڏهن چاهين پاڪستان اچي چڪر هڻي ويندي ڪر، تنهنجو ڪينيڊا وڃڻ ئي بهتر آهي”
امي خاموشيءَ سان اسان جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي.
“تياري ڪر ۽ ڊاڪٽر جڏهن چوي ته ان سان گڏ هلي وڃ” پپا پنهنجو فيصلو ٻڌائي اٿي هليا ويا.
مصطفيٰ پهريان مون کي ۽ پوءِ اميءَ ڏانهن ڏٺو اسين ٻئي خاموش هُيوسين.
ٻئي ڏينهن مصطفيٰ چيو
“مان ٽڪيٽس بُڪ ڪرائي آيو آهيان ٻن ڏينهن بعد اسان کي هلڻو آهي”
مان مصطفيٰ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.
“عيني مان توسان ڳالهائي رهيو آهيان”
مصطفيٰ منهنجي سامهون بيهي، اکين ۾ اکيون ملائي ٻئي هٿ منهنجي ڪلهن تي رکي تقريبن مون کي جهنجهوڙيندي چيو
“پر مان پهريان به چئي چڪي آهيان ته مان واپس نه هلنديس”
“ڇا اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي؟
“ها”
ٺيڪ آهي مان توکي وڌيڪ نه چوندس، ڇو ته مان توکي ايلاز ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان مان ڪا ايڏي وڏي غلطي ڪونه ڪئي آهي جنهن جي تون مون کي سزا ڏيڻ ٿي چاهين. اگر توکي پنهنجو گهر برباد ڪرڻ جو شوق آهي ته اِهو شوق به پورو ڪري ڏس ۽ مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن تون پاڻ هلي اينديءَ”
“اُهو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو”
مون بااعتماد ٿي جواب ڏنو.
مصطفيٰ منهنجي بي باڪيءَ تي ڪاوڙ مان مون تي نهار وجهي ڪمري مان هليو ويو.
ٻن ڏينهن تائين پپا امي ۽ اقرا مون کي سمجهائيندا رهيا پر منهنجي “نه” کي “ها” ۾ بدلائي نه سگهيا.
مصطفيٰ هليو ويو
مصطفيٰ ويندي ويل مون کي فقط هڪڙو لفظ چئي ويو هو “الوداع” ۽ ڪجهه دير بيهي مون کي ڏٺو هئائين.
گهر وارا سمجهن پيا ته شايد مان مصطفيٰ جي بيوفائيءَ جي ڪري پنهنجي “ضد” تي اڙي پيئي آهيان. منهنجو Relax رهڻ به هنن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هو سندن جو خيال هو ته مون پنهنجو گهر برباد ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. گهر وارا مون کي هرو ڀرو جي هٺيلي سمجهڻ لڳا هئا مون کي سندن سوچ تي افسوس به ٿيو ۽ حيراني به ..........
گهر وارن جو خيال هو ته مصطفيٰ جي بجاءِ ڪو ٻيو شخص هجي ها ته منهنجي هن “ضد” تي مون کي بيٺي بيٺي طلاق ڏيئي ڇڏي ها. کين اِهو به خدشو هو ته ڪجهه ڏينهن اندر ئي مصطفيٰ طرفان طلاق نامو مون تائين پهچي ويندو.
گهر جو ماحول عجيب اداسيءَ وارو ٿي چڪو هو امي ته هر وقت سوچ ۾ رهڻ لڳي هئي ڄڻ مصطفيٰ نه پر منهنجي ڪردار تي ڪو ليڪو اچي ويو هجي. ڄڻ مان ڪنهن گناهه جي ڀڪ ۾ بيٺل هجان.
ڪيترن ڏينهن بعد صنم آئي هئي مان ٻيپهريءَ جي نماز پڙهي اڃان مصلي تي ئي ويٺي هيس، هر نماز بعد ٻه ٽي تسبيون دُرود شريف جون پڙهڻ منهنجي عادت ۾ شامل ٿي ويو هو.
صنم آئي مون کي مصلي تي ڏسي اميءَ جي ڪمري ۾ هلي ويئي. ڪجهه دير بعد ٻيئي ڪمري مان نڪتيون، مان به فارغ ٿي لائونج ۾ اچي ويٺي هيس، مون کي حسب معمول اڇو سوٽ پاتل هو رئو اڃان نماز وانگر ئي ويڙهيل هو.
صنم کي تيز ڳاڙهي رنگ جو پهترين ڪڙهائي وارو سوٽ پاتل هو قميض سان سگريٽ پينٽ پاتل هيس. هن صوفي تي ويهندي مون کي چيو!
“ڪجهه برينڊز (Brands) تي سيل لڳي آهي تون هلنديءَ ڇا؟”
مون کي مسڪرائي چيو
“سيل” نه نه مون کي ڪجهه نه گهرجي مون وٽ سوٽ پيل آهي”
“جيڪي پاتل اٿئي نه اڇا يا لائيٽ ڪلرز جا؟ اهڙا”
“ها ها ها” هن طنز ڪري ٽهڪ ڏنو
مون کيس ڪجهه به جواب نه ڏنو، مون پنهنجن ڪپڙن تي هڪ نظر وجهي صرف مسڪرايو
هن وري زهر ۾ ٻڏل لفظ ميڙي مون کي چيو
“شابس آ توکي جو تون هيئڙا ماسين ڪُراڙين جهڙا ڪپڙا ٿي پائين، مون کي اهڙا ڪپڙا ڪو مفت ۾ ڏي ته به نه پايان ادا مصطفيٰ جي دل به تڏهن خراب ٿي پيئي هوندي نه تو مان نه ته جيڪر ڇو ٻين ماين جي پويان لڳي ها. مردن کي به اُهي مايون ٿين وڻن جيڪي پنهنجو پاڻ کي ٽپ ٽاپ رکن، بابا مجبوري آ مان تڏهن ئي پاڻ کي هروقت هاءِ فاءِ رکندي آهيان ته جيئن منظور صرف مون ڏانهن ئي ڌيان ڏي”
مون معنيٰ خيز نظرن سان ڏسي مُسڪرائي کيس چيو......
جيڪڏهن زال جو ٽپ ٽاپ رهڻ ئي مڙس کي قابو ۾ رکڻ جو هٿيار آهي ته ان غلط فهميءَ ۾ ڪڏهن نه رهجان صنم”
“مان پنهنجي مڙس جي طبيعت چڱي طرح سمجهان ٿي بلڪه مان ڇا هر زال ۽ مڙس هڪٻئي جي طبيعت مان چڱي ريت واقف هوندا آهن”
هن پنهنجي مڙس تي بانور ڪندي ۽ مون کي گهٽ ڏيکاريندي چيو
“زال جي حسن، سونهن ۽ فيشن جو مڙس مٿان گهڻو وقت اثر نه رهندو آهي، زندگيءَ جو همسفر ڪڏهن ٿو پنهنجو رُخ مٽائي اِها ڪنهن کي به ڄاڻ نه هوندي آهي”
It happens, Deliberately or sometime un intentinally خدا تنهنجي مڙس جو پيار هميشه توسان گڏ رکي مون کيس دُعا ڏيندي چيو.
“ظاهر آ نباهه ڪرڻو آ ته ڪجهه برداشت به ڪرڻو پوي ٿو شادي مذاق ٿورئي آ، جو روز روز مڙس مٽائجن، پوءِ ماڻهو ويٺو ماءُ پيءُ کي پريشان ڪري اسان کان ته اِهو ڪونه ٿو ٿئي”
هُوء سنئون سڌو مون کي طعنه هڻي رهي هئي ۽ مان خاموش کيس ٻڌندي رهيس
اميءَ کي محسوس ٿيو ته صنم جو طريقه ڪار مون سان غلط آهي سندس رويو منهنجي دل آزاري ڪري رهيو آهي.
تنهن ڪري صنم جي ڳالهين ۾ مداخلت ڪندي چيائين
“توکي شاپنگ لاءِ وڃڻو آهي نه .......... وڃ دير ٿي ويندئي”
صنم امي کي جواب ئي نه ڏنو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وري به مون ڏي طعنه بازي ڪندي چيائين
“ادا مصطفيٰ ته ڪو رابطو نه ڪيو هوندئي؟”
“نه”
“ظاهر آ رابطو ڪندو به ڪيئن تون جو هُن سان حالتون ڪنديءَ ته هُو ڪنڌ ڪڍائي ته ڀڄندو نه”
مان خاموش ئي رهيس
“هروڀرو پنهنجو سکيو ستابو گهر ڦٽائي ويٺي آهين، مائٽن جي درتي ويهڻ ڪو سولو آ ڇا”
“ڇا ٿي چوين اِهو صنم هي به عيني جو پنهنجو گهر آ، اسان تي بار ناهي جو زوريءَ وڃڻ لاءِ مجبور ڪيونس تون ائين ڇو چيو”
اميءَ صنم کي بس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي مون کي گهر ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو.
“پر امي مڙس جو گهر بادشاهي آ، ۽ اُهو ئي ڇوڪريءَ جو اصل گهر آهي”
صنم اڃان منهنجي جان ڇڏڻ جي موڊ ۾ نه هئي.
“مون هٿ ۾ ٽي وي جو ريموٽ کڻي ٽي وي آن ڪندي سندس ڌيان هٽائيندي چيو
“منهنجي معاملي ۾ ڪو نه ڳالهائي ته بهتر آهي مون کان وڌيڪ منهنجي بهتري ڪونه ٿو سمجهي سگهي، تون پنهنجا معاملا ئي هينڊل ڪر ته سٺو اٿئي”
“منهنجا معاملا هينڊل آهن، تون وانگر مان گهر ۽ مڙس ڇڏڻ جي غلطي ڪونه ڪئي آهي، اسان ته سچ چونداسين، وڌيڪ تنهنجي مرضي”
صنم بيزاريءَ مان مون کي جواب ڏنو ۽ اميءَ کي چيائين
“چڱو امي مان وڃان ٿي توهان کي مارڪيٽ مان ڪجهه کپي ته نه؟”
“نه ..... مون کي ڪجهه نه کپي”
“اوڪي مان شاپنگ ڪري هتي ئي موٽي ٿي اچان رات جي ماني توهان سان کائيندس”
صنم هلي وئي، صنم جڏهن به گهر ايندي هئي مون کي طعنه هڻي تمام گهڻو تنگ ڪندي هئي پر مان هميشه خاموش ئي رهيس. مون کي خبر هئي صنم کي هروڀرو طنز ڪرڻ جي عادت آهي، مون کي لڳندو آهي جن ماڻهن کي پاڻ نمايان ڪرڻ جي عادت هوندي آهي اُهي ئي هميشه طنزيه گفتگو ڪندا يا وري اجايو ضد ۽ بحث ڪندا آهن، پاڻ کي اهڙا ماڻهو “عقل ڪُل” سمجهندا آهن.
سڀني گهر وارن جو رويو مون سان نيم ناراضگيءَ وارو هيو. سواءِ شهباز منهنجي مٺڙي ڀاءُ جي، ٻين سڀني ۾ بدلاءُ هو مان ان قسم جي صورتحال لاءِ تيار هيس، مون کي خبر هئي ته نه رڳو گهر وارا پر پوري زماني جون مون ڏانهن آنڱريون کڄنديون. منهنجي زندگي آسان به ٿي وئي هئي ۽ مشڪل به” مون کي منهنجي ضمير ڪڏهن به پنهنجي ڪيي تي نادم ٿيڻ نه ڏنو، انسانن جو ساٿ ۽ سهڪار عارضي آهي.
تقريبن رات جا 9 وڳا ته صنم شاپنگ ڪري موٽي آئي، سامان جا ڪيترا شاپرز هٿ ۾ هيس، وڏي فخر سان هر مهانگو سوٽ کولي قيمت ٻڌائي اميءَ کي ڏيکاري رهي هئي مون کي سندس مادي شين سان چاهه ۽ دولت سان پيار تي کل اچي رهي هئي، ڇو ته انهن شين جي محبت مان مون گهڻو ڪجهه سکيو هو. گهر جو ماحول عجيب اوپرو ٿي ويو هو.
ڇنڇر جو ڏينهن هو شهباز جو اسڪول ڇنڇر تي آف رهندو هو. پر ان ڏينهن شهباز دير تائين ننڊ ڪرڻ بجاءِ سوير اٺين بجي اُٿي اچي منهنجي ڪمري تي پهتو چيائين؛
“آپي! اُٿو تيار ٿيو ته ڀٽ شاهه ٿا هلون، ادا احسن به هلن ٿا، اسان رات ئي پروگرام ٺاهي ڇڏيو هو.”
“اڄ هلون” مون اوچتي پروگرام تي حيرانيءَ مان چيو”
“ها ! ڇو ....؟ توهان کي ڪٿي ٻئي هنڌ وڃڻو آهي ڇا؟”
“نه .... نه ..... منهنجي ته خبر اٿئي ڪيڏانهن ڪونه وڃان”
“ته پوءِ اُٿو تيار ٿيو ...... ادا احسن به اچڻ وارو هوندو”
“توهان مون کي رات ڇو ڪين ٻڌايو”
“آپي پروگرام رات دير سان موبائل تي ئي سيٽ ٿي ويو هو مان توهان کي ٻڌائڻ آيس پر توهان نماز بعد ذڪر ۾ مصروف هيا مون کي ڊسٽرب ڪرڻ مناسب نه لڳو، هينئر به دير ڪونه ٿي آهي، جلدي تيار ٿيو ته هليا هلون، سڀاڻي Sunday آهي، گهر اچي Rest به ڪري سگهنداسين هلو نه ....... آپي ........!”
شهباز مون کي ٻانهن مان ڇڪي اٿڻ لاءِ چيو
“Ok بابا ..... هلون ٿا”
مون کلندي سندس پيشانيءَ کي چُمي کيس محبت وچان ڏٺو.
ٿوري دير ۾ احسن اچي پهتو. شهباز گاڏي ڪڍي ۽ اسين ٽئي ڀٽ شاهه لاءِ نڪري پياسين.
مان ڪيترن ئي ڏينهن بعد اڄ ٻاهر نڪتي هيس، سٺو لڳي رهيو هو. روڊ جي ٻنهي طرفان جا گهاٽا ساوا پن تيز تيز گاڏيءَ جي اسپيڊ سان پٺتي ڊُڪندا پئي ويا. تازي هوا اندر ۾ اوتجي رهي هئي ڏاڍو سڪون پئي مليو ... عابدو پروين جا وجداني غزل ماحول کي وڌيڪ سونهن بخشي رهيا هئا. رستي ۾ هڪ هنڌ ننڍڙي هوٽل تي ڪکن جي مَنهن ۾ ويهي دودهه پتي چانهه پي ٿڪاوٽ لاهي وري پنڌ پياسين.
سفر پورو ٿيو، اسان جي منزل، ڀٽ ڌڻي اسان جي سامهون هوجتيون لاهي، صحن ۾ پهتاسين، اڱڻ ۾ اُس هئي. هلندي هلندي اوچتو شهباز چيو
“آپي اڱڻ جي هن اڇي ٽائيل وچ واريءَ تي هلي ڏسو ڪيڏي Cool Cool آ، باقي پورو فرش گرم آ”
منهنجي پير به اُس جي تپش وچان گرم ٿي ويا هئا مان ۽ احسن هڪدم اڱڻ جي وچ ۾ لڳل ان اڇي ٽائيل جي پٽيءَ تي اچي هلڻ لڳاسين وقعي به اُها پٽ پاڍي ٿڌڪار پئي ڏي شايد اُها لڳل ٽائيل جي پٽي ڪنهن خاص پٿر جي هئي. جنهن تي، اُس جي تپش اثر نه پئي ڪيو. اِها پٽي ٻاهر اڱڻ کان وٺي اندر مقبري جي حُجري تائين هئي.
شاهه سائين جي درگاهه تي اندر داخل ٿي، مون کي اندر ۾ وڏو سڪون محسوس ٿي رهيو هو.
مون کي حسب معمول اڇا ڪپڙا ۽ اڇو وڏو رئو مٿي تي ويڙهيل هو، مان دعا لاءِ هٿ مٿي ڪيا، ڪيتريون ئي دُعائون گهريم، ڪيتريون ئي ڀٽائي سرڪار سان اکيون بند ڪري ڳالهيون ڪيم.
روحاني سڪون کي وڌائڻ ۾ اولياء الله جو هڪ الڳ ۽ اهم ڪردار آهي اِهو مونکي هتي شاهه سائين جي حاضريءَ تي اچڻ بعد محسوس ٿيو هن دنيا جو انڌيرو روشني ڏانهن آڻڻ ۾ اعليٰ بزرگن جي رهنمائي خود ان روشني جو تسلسل آهي، هن سنسار کي روشن ۽ منور ڪرڻ لاءِ خدا جل شانه جا موڪليل ڪيترائي رهبر، رهنما شاهه سائين جي صورت ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود آهن.
مان اڃان بيٺي ئي هس ته پويان ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، ڪنڌ ورائي نهاريم ته منهنجي پراڻي ڪلاس فيلو ڪائنات ڪجهه خوشي ۽ ڪجهه حيرانگيءَ منجهان مون کي ڏسي چيائين!
“توهان .......... عيني ............ آهيو؟؟
“ها ! ڪائنات مان عيني ئي آهيان، ڇو مون کي ڪونه ٿي سُڃاڻين؟”
مون کيس مسڪرائي ڏوراپو ڏيندي وراڻيو
“الا .......... عيني تون ته صفا change ٿي ويئي آهين، مان ته بس ٿورڙي شڪ جي بنياد تي توکان پڇيو، تون ڪڏهن آئي آهين ڪينيڊا مان، ٻڌايو به ڪونه اٿئي ڪيترن ڏينهن لاءِ آئي آهين، هتي ڪنهن سان آئي آهين، ادا گڏ اٿئي ..... ؟؟
مان مسڪرائي ويٺس هن سوالن جي هڪ يلغار ڪري ڇڏي هئي.
کلي چيومانس .....
“سڀئي سوال هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڇندييءَ يا ساهه به پٽيندينءَ”
“ساهه وري ڪٿان پٽيان، توکي ڏسي ته مان خوشيءَ ۾ ڪين ٿي ماپان، هي اڇا ڪپڙا، ڪيڏي ته پاڪيزه پاڪيزه ٿي لڳين تون ڏاڍي پياري ٿي لڳين”
“مونکي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڪائنات توکي ڏسي”
مون کيس احسن ۽ شهباز سان ملايو. ڪائنات ٻڌايو ته “مان هڪ يتيم ٻارڙن جو ادارو هلائيندي آهيان، اسٽاف سان گڏ شاهه سائينءَ جي حاضري ڀرڻ آيا آهيون” ڪائنات جو stayڀٽ شاهه ۾ ئي هڪڙي سرڪٽ هائوس ۾ هو، اسان کي به پاڻ سان اتي وٺي آئي. جتي چانهه ۽ ريفريشمينٽ جو انتظام هو، سٺي ڪچهري ٿي، ڪائنات کي مون سڀ ڳالهيون ٻڌايون، مصطفيٰ جي باري ۾ به کيس ٻڌايو هُن تمام گهڻو زور ڀريو ته مان سندس ادارو جوائن ڪيان. ڪجهه وقت اتي ويهڻ بعد ڪائنات وارا ته اتي ئي هيا پر اسين واپس گهر ڏانهن هليا آياسين.
گهر پهتاسين ته رات ٿيڻ واري هئي نماز پڙهڻ بعد ڪجهه تسبيح ڪئي پوءِ پاڻ کي بستري جي حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجي وڏي خواهش هئي ته شاهه سائينءَ جي درگاهه جي حاضري ڀريان ۽ اڄ اُها منهنجي خواهش پوري ٿي هئي.

11

دنيا جو ڪوبه علم پڙهجي سائنس، تاريخ، فلسفو، فلڪيات سماجيات يا آرٽ جيڪڏهن فڪري کوجنا گهرائي ۾ ڪجي ته سوچ جي حاصلات اتي اچي بيهاريندي جتي منزل فقط وحدانيت تي اچي ختم ٿئي ٿي، انسان جو ظاهر ڪهڙي به ماحول ۾ هجي پر باطن نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي حقيقي مالڪ کي ڳولهي لهي ٿو اُن حقيقي عشق جو مزو ٻيوآهي جيڪو دنيا جي عارضي رشتن تان پردو کڻي ٿو هن رنگين دنيا جا رشته به رنگين آهن جيڪي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ پنهنجا رنگ بدلائيندا رهن ٿا، اگر ڪو پڪو پختو ۽ يقيني حقيقي رنگ آهي ته فقط ۽ فقط ان “وڏي مهربان” جو ئي آهي، جنهن جو عشق لامحدود آهي. پر اسين انسان ڪيڏا نه اٻوجهه آهيون جو رشتن ۽ ڪردارن جي محدود، عارضي ۽ مصنوعي عشق پويان ڊڪندا رهون ٿا ۽ ان عشق لامحدود کان هٿين خالي رهون ٿا، جيڪو اسان جي روح تائين اسان کي مالا مال ڪري ڇڏي ٿو.
مان مطمعين هيس ته زماني جي بي ترتيبيءَ منهنجي زندگيءَ کي تريب ڏيئي ڇڏي هئي پر مونکي ڏک ۽ افسوس صرف نه ڳالهه جو هو ته جڏهن منهنجي زندگي بي ترتيب هئي ته مان اهم هيس ۽ هاڻ جڏهن مان حقيقي طور تي صحيح معنيٰ ۾ ترتيب ۾ آئي آهيان ته سڀ پنهنجا ويجها رشتا مون کي نادان ضدي ۽ اٻوجهه ٿا سمجهن مونکي بي ترتيب ڪرڻ ٿاچاهين.
ڪاش! اڄ شاهه سائين زنده هجي ها ته ....... هُو يقينن منهنجو درد محسوس ڪري ها .... شاهه جي سوچ ڪيڏي نه مٿاهين هئي هُن ڪيڏيون صديون اڳ ئي عورت جي اندر کي سمجهي، پنهنجي سورمين جي پٺ ڀرائي ڪئي هئي، هُن کي ته مارئيءَ جي پنهنجي ساڻيهه سان محبت ئي وڻي ويئي هئي تڏهن ته کيس ايڏو ساراهيو هئاين. شاهه سائين مارئي جي اندر ۾ لڪيل وطن جي محبت کي محسوس ڪيو ۽ کيس وڏو معتبر ڪري مانُ ڏنو. پر هتي ته ڪنهن کي منهنجي پنهنجي رب سان محبت پسند ڪونه ٿي اچين، شايد هي سڀ اِهو ٿا سمجهن ته خدا جل شانه سان محبت صرف وڏي عمر ۾ ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن فرد معاشري ۽ خاندان لاءِ وڏي عمر جا ٿي بيڪار يا فالتو ٿي ويندا آهن يا ائين چئجي ته جڏهن سڀ رشته کين ڌڪاري ڇڏيندا آهن تڏهن الله سان لنئون لڳندي آهي پر جيڪڏهن مان پنهنجي رب جي ڪري رشتن کي ڌڪاريو ته ڪجهه به غلط نه ڪيو اٿم.
اميءَ جي اڃان به اِها ئي ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح مان مصطفيٰ ڏانهن وري واپس وڃان سندس خيال هو ته اسان جي سوسائٽي ۾ مرد جو عورت مٿان ڪنهن رشتي جو ليبل لڳڻ نهايت ضروري آهي. پوءِ اُهو پيءُ هجي پٽ يا ڀاءُ، ۽ شادي بعد مڙس جو نالو عورت کي سماج جي سڀني سوالن کان بچائي ٿو.
شايد اميءَ جي سوچ پنهنجي جاءِ تي سهي هجي، اهو به سچ آهي ته اسان جي سماج عورت کي تمام گهڻو سوڙهو رکيو آهي، ايتري تائين جو عورت جي سوچ تي به مرد جو پهرو آهي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي مطابق گذارڻ وارو فيصلو به عورت پاڻ نه ٿي ڪري سگهي.
مصطفيٰ ڪينيڊا وڃڻ بعد مون سان ٻه ٽي ڀيرا Skype تي رابطو ڪيو هو. مون کي پاڪستان آئي نائون مهينو هو. مصطفيٰ جڏهن به مون سان ڳالهائيندو هو ته امي وڏي خوشگوار موڊ ۾ ساڻس ڪچهري ڪندي هئي کائنس حال احوال وٺندي هئي ۽ اڪثر مون کي به سمجهائيندي هئي ته شادي شده عورت کي پهرين ترجيح پنهنجي مڙس ۽ گهر کي سمجهڻ گهرجي.
مون کي خبر هئي ته امي منهنجي ڪري پريشان آهي هڪ ڏينهن مون کيس چڱي طرح ويهاري سمجهائيندي چيو
“امي منهنجي مصطفيٰ سان نه وڃڻ منهنجو ڪو ضد وغيره ڪونه آهي، مان توهان کي پهرين به اِهو ئي چوندي رهي آهيان ته مصطفيٰ جي بي وفائيءَ بعد منهنجو دل دماغ هن ڏانهن مائل ٿي نه سگهيو، مان مطمعين آهيان ۽ هاڻ ته مون کي مصطفيٰ کان عليحدگي جو ڪو افسوس به ڪونه ٿو ٿئي، خدا جي هر ڪم ۾ ڪا نه ڪا مصلحت هوندي آهي. شروع ۾ مون کي مصطفيٰ جي رويي سان بيحد ملال پهتو هو پر هينئر ته توهان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن مان مصطفيٰ جو اڃان به اندر ۾ سوڳ ملهايا هان ته شايد هر وقت غمزده رهان ها، دنيا کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪيان ها، مان ڪمزور ٿي پاڻ کي ڪمري تائين محدود ڪري ڇڏيان ها پر ائين نه ٿيو”
“عيني تون بدلجي به ته ويئي آهين نه تون اُها عيني نه رهي آهين”
اميءَ شڪوو ڪندي چيو
“ها امي ! مان اُها عيني نه رهي آهيان پر مان وڌيڪ مضبوط عيني ٿي اُڀري آهيان، مصطفيٰ جي بي ڌياني ڏک ۽ بيوفائي مون کي قوت بخشي آهي، هنن حالات مون کي منهنجي خالق سان وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، مان خوش آهيان امي توهان يقين ڪيو.”
ان وقت ته امي منهنجي ڳالهين تي مطمعين ٿي ويئي هئي، پر جڏهن به منهنجو يا مصطفيٰ جو ذڪر ٿيندو هو ته مان بخوبي اندازو لڳائي سگهندي هيس ته اميءَ جي پيشاني تي آيل ريکائون ڪهڙي پريشانيءَ جا احساس آهن.
جڏهن به گهر ۾ ڪو مهمان ايندو هو يا خاندان جو ڪو فرد داخل ٿيندو هو ته امي خوفزده ٿي ويندي هئي ته هُو کائنس منهنجي باري ۾ سوال ڪندا. اڪثر اهڙا مهمان گهر ۾ ايندا هئا جيڪي منهنجي زندگيءَ کي تجسس منجهان کوٽڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. مون تي ڪوبه فرق نه پوندو هو ته ماڻهو منهنجي باري ۾ ڇا ٿا سوچين، منهجي لاءِ اِهو ئي سوچ ڪافي هئي ته منهنجو الله جل شانه مون سان گڏ آهي، مون معاملن تي سوچڻ به ڇڏي ڏنو هو مان پنهنجو هر معاملو الله جل شانه جي سپرد ڪرڻ سکي ورتو هو ۽ اِها ئي سوچ مون کي پُر اعتماد رکندي هئي. گهر ۾ آيل مهمانن جي سامهون مان ازخود اچڻ کان گريز ڪندي هيس صرف ۽ صرف اميءَ جي ڪري ته جيئن منهنجي ڪري اميءَ کي ڪا پريشاني نه ٿئي.
ڪائنات مون کي ٻه ٽي دفعه ڪال ڪري پنهنجي سينٽر تي اچڻ لاءِ زور ڀرو هو. هڪ ڏينهن وقت ڪڍي ڪائنات جي سينٽر وڃي پهتس ڪائنات کان ايڊريس پڇي ڇڏي هيس سينٽر جي گيٽ تي پهتس ته گيٽ مٿان وڏو بورڊ لڳل هو. “Sweet Home” مون کي سندس سينٽر جو نالو “Sweet Home” ڏاڍو وڻيو. گيٽ تي بيهي ڪائنات کي ڪال ڪيو ٻن منٽن ۾ گيٽ کليو ... سامهون ڪائنات بيٺل هئي هميشه جيان مسڪرائيندڙ چهرو خوبصورت نقش و نگار اڇي رنگ ۽ ڪلهن تائين ڪٽيل وارن واري سنهڙي سمارٽ ڪائنات هلڪي بلو ڪلر جي شلوار قميض ۾ انتهائي خوبصورت نظر اچي رهي هئي. ڪجهه سال پهريان ڪائنات اڃان به وڌيڪ سهڻي هوندي هئي، پر هن وقت به هُوء خوبصورت حسين ماڻهن ۾ شمار ڪرڻ جهڙي هئي ڪائنات مون کي وٺي پنهنجي آفيس ۾ آئي. چيائين .....
“هي منهنجي آفيس آهي”
مون هڪ نظر پوري آفيس تي وڌي نهايت سليقي سان سجيل آفيس هئي، صوفه ٽيبل، نوٽيس بورڊ ٻه لڳل هئا هڪ تي ضروري نوٽيس سينٽر بابت لڳل هئا ٻي بورڊ کي پڪچر بورڊ ٺاهيو ويو هو جنهن تي ٻارن جون Activities ڏيکاريون ويون هيون ڪجهه فنڪشنز جون تصويرن ۾ ڪي ٻار منسٽرز کان انعام به وٺندي ڏيکاريا ويا هئا. آفيس ۾ A.C به لڳل هو، هڪ L.C.D به 32انچ جو لڳل هو. ميز تي نهايت خوبصورت نازڪ نفيس گلن جو گلدستو رکيل هو گلن جي خاصيت اِها هئي ته سڀئي گل تازه پٽيل هئا جيڪي گلدان ۾ سجايا ويا هئا. گلن جي خوشبو سڄي آفيس کي معطر ڪري رهي هئي، ۽ ڪمري ۾ تازگي جو خوبصورت احساس ملي رهيو هو. ڀتين تي ڪجهه پينٽنگز به لڳل هيون جيڪي لڳي پيو ته ٻارن طرفان ٺاهيون ويون آهن، آفيس جي ڪنڊ ۾ هڪ وڏو شوڪيس به رکيل هو جنهن ۾ اندر ٻارن کي مليل ٽرافيون ۽ ميڊلز رکيل هئا. شوڪيس ۾ اندر Hand made شيون به رکيل هيون جن ۾ پرس، ٿيلها، گلدسته فائيل شامل هئا جيڪي به يقينن ٻارن جا ٺهيل پيا لڳن.
“تنهنجي آفيس ته ڏاڍي خوبصورت آهي”
مون تعريف ڪندي ڪائنات کي چيو
“Thanks a lot”
ڪائنات خوشي مان چيو
“هاڻ اچ ته توکي پورو سينٽر visit ڪرايان آفيس مان نڪرندي ورانڊي ۾ پهتاسين سامهون تمام وڏو لان هو جنهن ۾ مون کي لڳو ته شايد دنيا هو هر گل ٻوٽو سجايو ويو آهي سائي لان ڪنهن گلم جيان وڇيل هئي وڏا وڏا ڊگها صنوبر جا وڻ پوري لان جي چوڌاري رکيل هئا. ايڏو ته خوبصورت ۽ پُرڪشش منظر هو جو ڪجهه پل منهنجا پير اُتي ئي ڄمي ويا. اکيون منظر کان هٽڻ لاءِ آماده نه هيون، ايڏو پرسڪون پارڪ سجيل هيو، دل هٽڻ لاءِ تيار نه پيو ٿئي. لان جي هڪ سائيڊ کان پنجن ڇهن گاڏين بيهارڻ لاءِ هڪ وڏو ڪار پورچ ٺهيل هو.
“هاڻي هيڏانهن اچ”
“ها ...... ها”
“اندر سينٽر ۾ ڪل ٽوٽل ست گهر نما هال ٺهيل آهن، هر هڪ کي هوم سڏيندا آهيون، هر هوم ۾ هڪ ماسي رکيل آهي جنهن کي “مما” چيو ويندو آهي، هر مما وٽ 12 ٻار رکيل آهن، هر مما سان هڪ اسسٽنٽ طور ڇوڪري رکيل آهي جنهن کي ٻار “آپي” چوندا آهن.”
ڪائنات تفصيل ڏنا.
مون هر هوم اڳيان نالي جي تختي به پڙهي قائدِ اعظم، علامه اقبال، شاهه لطيف، جي ايم سيد، شيخ اياز، شهيد عزيز ڀٽي، بينظير ڀٽو اِهي نالا هئا هومز جا.
هوم عزيز ڀٽي ۾ داخل ٿياسين. ٻه وڏا بيڊ روم هئا
ڪائنات رومز جا دروازه کولي ٻڌايو
“هتي هر روم ۾ 6_6 ٻار رهن ٿا”
“هي بيڊ ٻارن جا آهن؟”
“ها”
مون ڏٺو ڪاٽ جا ٺهيل هڪجهڙا بيڊ رکيل هئا سڀني تي گدا ۽ گدن تي خوبصورت صاف سٿريون بيڊ شيٽ به وڇايل هيون
“ڪائنات هي رومز تي تمام ڪشاده ۽ سٺا آهن؟”
“ها ..... هي ڏس ڀتين ۾ ڪٻٽ به لڳل آهن هر ٻار پنهنجو سامان الڳ رکي ٿو.”
“واهه ڪائنات تون ته ٻارن جي سهولتن لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون آهن”
“ها عيني هڪ سڀ يتيم ٻار آهن جن جي سک لاءِ مون صرف ڪوششون ورتيون ۽ خدا جي طرفان مدد ملندي ويئي هن دنيا ۾ تمام رحمدل ماڻهو رهن ٿا عيني جيڪي “Sweet Home” لاءِ وقت به وقت مدد ڪندا رهن ٿا.”
“تمام سٺو .... تون صحيح ٿي چوين خدا جي ذات وڏي ڪارساز آهي، هُو ڪڏهن به ڪنهن کي اڪيلو ڪونه ٿو ڇڏي”
“ها بلڪل ائين ئي آهي”
“عيني هتي توکي هر ٻار سان هڪ الڳ ڪهاڻي ملندي، تون ٻڌين ته تنهنجو جيءُ جُهري پوي”
“هاڻي هيڏانهن اچ.......”
ڪائنات مون کي هٿ کان جهلي هڪ طرف هلندي چيو
“ڪيڏانهن ....... ؟”
“تون اچ ته ......”
“هي منهنجو ڪمرو آهي”
“تنهنجو ڪمرو”
“ها ! عيني ......ارشد احمد جي Death بعد هن هيڏي وڏي بنگلي ۾ رهڻ مون لاءِ انتهائي مشڪل هو. منهنجو ڏير تمام گهڻو لالچي ماڻهو آهي. هُن ڪوشش ڪئي ته منهنجي هن بنگلي تي قبضو ڪري”
“ته ڇا هي بنگلو تنهنجو آهي”
“ها”
“شادي بعد مون کي صرف هڪڙو پٽ ڄائو هو مان ۽ ارشد احمد ڏاڍو خوش هئاسين، اسان جي ڪل ڪائنات اسان جو پٽ طلحه هو هُو جڏهن ڏيڍ سال جو ٿيو هو ته هن باغ جا سڀ گل پٽي ڇڏيندو هو ۽ سڀ گل ٽوڪريءَ ۾ ڀري رکي ڇڏيندو هو. ننڍڙو پتڪرو طلحه پنهنجي قد کان به وڏي گلن جي ٽوڪري پوري لان ۾ گهليندو وتندو هو سندس اِهي حرڪتون ڏسي مان ۽ ارشد ڏاڍو گُدگُد ٿيندا هئاسين. سڄي گهر ۾ هڪ کان ٻئي ڪمري ۾ پيو ڊڪندو وتندو هو”
ڪائنات جي چهري تي پٽ ۽ مڙس جي ڳالهه ڪندي ڪيئي خوشيءَ جا انڊلٺي رنگ اڀري پيا.
هُوء ڪمري ۾ ڀت تي لڳل ان وڏي تصوير آڏو اچي بيهي رهي، تصوير ۾ ڪائنات ارشد ۽ سندن پٽ طلحه بيٺل هئا”
“۽ پوءِ اُهو بدنصيب ڪڏهن نه وسرندڙ ڏينهن اچي ويو ........ ان ڏينهن مان ارشد ۽ طلحه آئوٽنگ لاءِ ٻاهر وڃي رهيا هئاسين. گاڏي کي ارشد ڊرائيو ڪري رهيو هو، فرنٽ سيٽ تي مان پنهنجي هنج ۾ طلحه کي کني ويٺي هيس ۽ پوءِ اوچتو ..... هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، مون زور سان طلحه کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو بس ان کان پوءِ ڪجهه ياد نه اٿم....... جڏهن هوش ۾ آيس ته اسپتال ۾ هيس منهنجو ارشد ۽ طلحه موجود نه هئا. نرس کان پڇڻ تي خبر پيم ته ارشد ۽ طلحه هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا هئا. ان ظالم ٽرالر مون کان سڀ ڪجهه کسي ورتو هو.
ڪائنات سڏڪا ڀري روئڻ لڳي
مون اڳيان وڌي کيس ڀاڪر پائي بيڊ تي اچي ويهاريو....
“عيني! ارشد ۽ طلحه بعد مون کي لڳو پئي ته مان نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگهاڙي اڪيلي هجان. زندگيءَ جي هر خوش نڪري چڪي هئي.”
““ڪائنات تنهنجو چاچو به هوندو هو تون ان ڏانهن واپس ڇو ڪين هلي ويئي؟
مون پڇيو مانس
“منهنجي شاديءَ جي هڪ سال بعد ئي چاچا جي Death ٿي ويئي هئي . پيڪن ۾ منهنجو ڪوبه باقي ڪونه هو.”
“پوءِ تون هن گهر ۾ رهڻ لڳيءَ”
“ها.......... هي منهنجو گهر ........ جنهن ۾ طلحه جا ٽهڪ ارشد ۽ منهنجا ڪيترا يادگار لمحه گذريا هئا هاڻ اُهو گهر ويرانو، يا ڪنهن کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهو هو. مان رات جو اڪيلي ڪمري ۾ رڙيون ڪري روئيندي هيس، ڪڏهن ارشد جي ڪپڙن جو ڪٻٽ کولي سندس ڪپڙن کي سنگهڻ لڳندي هيس، ڪڏهن سندس ڪوٽن جي خالي کيسن ۾ هٿ وجهي، سندس هٿن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هيس ڪنهن ويل وري طلحه جا پتڪڙا بوٽ هٿن ۾ کڻي چمندي هيس اولاد جي غم ۽ شريڪ حيات جي وڇوڙي مون کي نيپوڙي ڇڏيو”
“پوءِ توکي هن گهر کي ٽرسٽ بنائڻ جو خيال ڪيئن آيون”
“هي تمام وڏو گهر ڪروڙن جي Property هو، منهنجي ڏير گهڻي ڪوشش ڪئي هن گهر تي قبضي ڪرڻ جي جڏهن ڪو حيلو وسيلو کيس نظر نه آيو ته هُن مون کي شاديءَ جي آفر ڪئي”
“پوءِ ......؟”
مون انڪار ڪري ڇڏيو. منهنجو دل دماغ ارشد ۽ طلحه کي وساري ڪنهن ٻئي کي قبول ڪرڻ جي حق ۾ نه هو مون ٻنهي جي يادن ۾ رهڻ ٿي چاهيو”
“پوءِ تنهنجو ڏير؟”
منهنجي شاديءَ جي انڪار تي هن مون کي ڪافي ڌمڪايو به......... مان اڪيلي هيس ڪجهه خوفزده به ٿيس........ ان وقت مون ارشد جي وڪيل سان مشورو ڪيو جنهن صلاح ڏني ته بنگلي کي ٽرسٽ جي حوالي ڪيو وڃي ان طرح هي بنگلو هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندو. پر مان پاڻ به هن بنگلي ۾ رهڻ پئي چاهيو، هن گهر ۾ ارشد ۽ طلحه جون يادگيريون هيون هر ڪمري ۽ ورانڊي مان سندن گذر ٿيل هو هر در و َ ديوار ۾ هنن ٻنهي جون ڪيئي ڳالهيون سانڊيل هيون مان ڪنهن قيمت تي به هي بنگلو ڪنهن جي حوالي نه ٻئي ڪري سگهان.
اِهي ڳالهيون سوچي مون بنگلو ٽرسٽ جي نالي ته ڪيو پر هڪ ڪمري ۾ پاڻ رهڻ لڳس هڪ يتيم خاني به تعاون ڪيو هنن پنهنجي رهڻ جو انتظام ڪري پنهنجا ٻار ۽ اسٽاف هتي منتقل ڪيو.
پوءِ هي “طلحه ارشد هومز” جي نالي سان هلڻ لڳو، ارشد ڪافي ملڪيت ڇڏي هئي مون اُها به هتي لڳائي ڇڏي.
“هن کي شروع ٿيندي گهڻا سال ٿيا آهن”
“تقريبن پنجون سال آهي”
پوءِ وري پنهنجو چهرو هٿن سان ٺيڪ ٺاڪ ڪندي ڪائنات اُٿي بيٺي ۽ چيائين
“مان به ڪيڏي نه چري آهيان، اڃان تائين توکي چانهه به ڪونه پياري اٿم، هل ته آفيس هلي چانهه به پيون ٿا” ڪچهري به ڪيون ٿا.
اسين ٻيئي آفيس ۾ اچي ويٺيون سين.
“السلام عليڪم ميم”
آفيس ۾ چانهه ۽ بسڪٽ، سموسه کڻي ايندڙ عورت سلام ڪيو
ڪائنات ۽ مون گڏجي کيس سلام جو جواب ڏنو
“ادي زينب ڇا حال آهي؟”
“ميم مان ٺيڪ آهيان”
تنهنجي ننڍڙيءَ جي طبيعت ڪيئن آهي”
“ڪافي بهتر آهي ميم”
هُوء اسان ٻنهي کي چانهه ڏيئي هلي ويئي ڪائنات مون کي ٻڌايو ته هي سينٽر جي ڪم ڪار لاءِ رکيل آهي کيس ادي چوندا آهيون.
“مطلب ماسي آهي” مون چيو
“ها عيني هي سڀ ڪم لاءِ ماسيون ئي رکيل آهن پر کين عزت طور هتي “مما” ۽ “ادي” چيو ويندو آهي جيئن هي سينٽر کين پنهنجائپ جو احساس ڏئي ۽ ٻارن کي اِها خبر پوي ته امير هجي يا غريب کين عزت سان پڪاريو وڃي”
“ڪائنات اِهو مخاطب ڪرڻ جو طريقه ڪار تون نهايت سٺو رکيو آهي”
“ان ڪري ته عزت ملڻ هر انسان جو حق آهي”
“ها اِهو ته بلڪل درست آهي” مون چيو
“ڪائنات هڪ ڳالهه مون کي سمجهاءِ”
“پُڇُ”
“تنهنجي هن بلڊنگ جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل آهي “ارشد طلحه ٽرسٽ هائوس” وري ان جي هيٺان تون “Sweet Home” لکرايو آهي اصل ۾ هي سينٽر ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو”
دراصل جڏهن هن سينٽر جي شروعات ٿي ته “ارشد طلحه ٽرسٽ هائوس” جي نالي سان ٿي بعد ۾ جڏهن ٻارن جو تعداد وڌيو ته ٻارن جي عمر ۽ سمجهه وڌڻ سان مون کي اِهو وهم ٿيو ته هي ٻار پوري زندگي اِهو نه سمجهن ته اسان سڄي زندگي هڪ ٽرسٽ ۾ گذاري ڇڏي ان ڪري مون بعد ۾ هن کي “Sweet Home” جو نالو ڏنو ته جيئن ٻار هن کي ڪو ادارو نه پر پنهنجو گهر سمجهن.
“ڪائنات مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته تون هنن ٻارن جي ڀلائي جو ايڏو اونو رکين ٿي”
“عيني هن ٻارڙن ۾ مون کي طلحه نظر ايندو آهي. اڄ جيڪڏهن هي Sweet Home نه هجي ها ته مان ڏاڍي تنها هجان ها ۽ ٻار ئي آهن جن مون کي زندگي سان همڪنار ڪيو نه ته مان ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي هيس مان هنن ٻارن جي حفاظت نه ٿي ڪيان پر هي معصوم ٻار منهنجي حفاظت ڪري رهيا آهن”

12

ڪائنات ڳالهيون ڪندي ڪندي آفيس جي ان دري وٽ وڃي بيٺي جيڪا ٻاهر لان ۾ کُلي پيئي مان به ساڻس دري وٽ بيهي رهيس اسان ٻنهي جي نظر ٻاهر ويئي ٻاهر لان ۾ ڪجهه ٻار کيڏڻ ۾ مصروف هئا، ڪجهه ڊوڙي رهيا هئا ڪجهه انهن کي پڪڙي رهيا هئا، اسان ٻيئي ان صورتحال مان لطف اندوز ٿي رهيو هيون سين، ڪائنات دري کان نظر پري ڪري مون ڏانهن ڏٺو ۾ مسڪرائي چيائين “ته پوءِ ڪڏهن ٿي جوائن ڪرين Sweet Home کي؟”
“تمام جلد” مون کلي وراڻيو
“Good اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي پوسٽ خالي آهي ۽ مان چاهيان ٿي ته ان پوسٽ تي صرف تون هجڻ گهرجي”
“انشاء الله ۽ مون کي خوشي ٿي آهي ڪائنات ته تون مون تي ايترو اعتماد ٿي ڪرين”
“اعتماد ته آهي” هن منهنجي ٻيئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو
“ته پوءِ هاڻي مون کي اجازت”
“هونهو............ دل ته نه ٿو چوي پر ان واعدي تي ته تون سڀاڻي ضرور ايندئ؟”
“بلڪل مان اينديس”
“Ok خدا حافظ”
“خدا حافظ”
ڪائنات کان موڪلائي مان گهر پهتس ان وقت گهر پهچندي تقريبن ٻه ٿيا هئا. امي پڇيو ته مان ڪيڏانهن ويل هيس، کيس ڪائنات بابت سمورو تفصيل ڏنل Sweet Home جوائن ڪرڻ لاءِ به ٻڌايومانس.
“ڪهڙي ضرورت آهي “Sweet Home” جوائن ڪرڻ جي؟”
“امي هونئن به مان سڄو ڏينهن گهر ۾ Free ٿي رهان. سٺو آ ته جوائن ڪيا Time سٺو پاس ٿي ويندو”
“۽ ماڻهو ڇا چوندا......؟ ته ڪجهه ڏينهن ڌي گهر ۾ ڇا اچي ويٺن نياڻيءَ کي ٻه گرهه ماني به نه کارائي سگهيا جو نوڪريءَ جي ضرورت پئجي ويس؟
امي کي هميشه جيان “ماڻهن” جو اونو کائي رهيو هو.
“امي هي نوڪري مان پئسن لاءِ ڪونه ٿي ڪيان، مان ڪائنات کي ڪابه پگهار ڪونه وٺنديس مان صرف پنهنجي سِر خلقِ خدمت ٿي چاهيان”
“تون ته خلقِ خدمت ٿي چاهين “ماڻهو” ته اِها ڳالهه نه سمجهندا نه .......؟”
“اف ماڻهو ....... ماڻهو ........ توهان کي صرف ماڻهن جي ڳڻتي، ماڻهو هيئن چوندا ماڻهو هونئن چوندا آخر ماڻهن جو وڃي به ته ڇا ...؟ اسان جي زندگي آ جيئن چاهيون تيئن گذاريون. هونئن به توهان جا “ماڻهو” ته ڪنهن به ڳالهه ۾ راِضي نه آهن رهندا پوءِ اهڙن “ماڻهن” جو خيال ڇو ڪجي جيڪي نه ڪنهن جي خوشيءَ ۾ خوش نه ڏکن کي ونڊين”
“پنهنجي پپا کان پڇيو اٿئي”
اميءَ “ماڻهن” کان پوءِ پپا جو ڊپ ڏنو
“اڃا ته نه پڇيو آهي پر مون کي يقين آهي ته پپا منع نه ڪندا، هُو روشن خيال انسان آهن” ۽ ٿيو به ائين جڏهن رات جي مانيءَ تي پپا کي Sweet Home جو ٻُڌايم ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چيائيون ........
“اِها ته تمام سٺي ڳالهه آهي ته تون هنن يتيم بي سهارا ٻارڙن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهين؟”
“ڏٺوَ امي...! پپا کي ڪوبه اعتراض ڪونهي.” ۽ پپا مون ڏي پيار مان نهاري ڏٺو.
“پپا واقعي به هڪ عظيم انسان آهن هنن ننڍپڻ کان وٺي ڪڏهن به هڪ لمحي لاءِ به مون کي اِهو احساس نه ڏياريو هو ته هُو منهنجا ماٽيلا پي آهن نه ته شايد سندن منفي رويه سان مان ڪڏهن به survive ڪري نه سگهان ها، ۽ هڪ احساسِ محروميءَ ۾ اچي وڃان ها.
ٻارن کي منظم ڪرڻ ۾ والدين جو وڏو حصو ٿو ٿئي، ننڍپڻ ٻارن جي زندگيءَ جو خوشگوار ترين ۽ بي فڪري وارو دور هوندو آهي ۽ مون کان ته ان دور ۾ ئي بابا جي آڱر ڇڏائجي ويئي هئي، اُهو کيڏڻ ۽ کلڻ وارو دور هو جيڪو منهنجو محرومين ۽ مايوسين ۾ گذريو مان ماميءَ جي ڊپ کان نه کيڏندي هيس، وري به شڪر آ ته ماما اظهر جو منهنجي مٿان ڪجهه هٿ رهيو هو. ماءُ هجي يا پيءُ ڪنهن هڪ جي به غير موجودگي ٻار کي وڏو ڇيهو رسائي ٿي، اهڙي ئي دور ۾ جڏهن مان ريزه ريزه ٿي وڃان ها، پپا ئي اُها هستي هئا جن مون کي پيءُ جو پيار ڏنو ۽ منهنجي جيون جي هڪ وڏي محرومي ختم ڪري ڇڏي. پر مان سمجهان ٿي ان ڏس ۾ اميءَ به پنهنجو ڪردار نهايت خلوص منجهان نڀايو هُن ڪڏهن به صنم ۽ اقرا کي مون کان گهٽ نه ڀانيو نه هنن کي ماٽيلي ماءُ جي نظر سان ڏٺو. اسان جي گهر ۾ ڪڏهن به “ماٽيلو” لفظ استعمال نه ٿيو هو. دنيا ۾ ذهني سڪون انسان جو وڏو قيمتي اثاثو آهي ۽ والدين ئي آهن جيڪي گهر ۾ پُرسڪون ماحول ٺاهڻ جا اهم محرڪ آهن، زندگيءَ جا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي صرف والدين ئي حل ڪري سگهن ٿا. ٻئي ڏينهن صبح جو مان Sweet Home لاءِ تيار ٿي امي کي ٻڌايو
“امي مان Sweet Home ٿي وڃان”
“ٺيڪ آ خدا حافظ” اميءَ ڪو خاص خوشيءَ جو اظهار نه ڪيو.
آفيس پهتس ته ڪائنات کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ پاتم.
لان ۾ ڪجهه هجوم هو آواز به اچي رهيا هئا
ڪائنات چيو
“اڄ ڪجهه N.G.O وارن اسان جي ٻارن لاءِ Donation آندو اٿن هلو ته لان ۾ هلون”
“ها .......... ها ........... ڇو نه .... ”
مون گرمجوشيءَ مان اٿندي چيو
ڪجهه ڪتاب ۽ رانديڪن جا تحفه هنن آندا هئا، N.G.O جي staff جي چوڌاري ٻار جوش خروش سان کين گهيري بيٺا هئا. سڀني ٻارن ۾ تحفه ورهائجي رهيا هئا گڏوگڏ فوٽو به ڪڍيا پيا وڃن.
“ٻار ڪيڏا نه معصوم هوندا آهن، ننڍڙن معمولي تحفن تي به ڪيڏا نه خوش ٿيندا آهن” مون ٻارن کي خوش ٿيندو ڏسي پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
“عيني اڄ Sweet Home ۾ تنهنجو پهريون ڏينهن آهي مون کي يقين آهي ته هي ٻارڙا توکي ايتريون خوشيون ڏيندا جو هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو تون هنن کان پري رهي نه سگهنديءَ”
ها! ڪائنات هي معصوم ٻارڙن جو ماحول واقعي به مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو ان جو احساس مون کي پهرين ڏينهن تي ئي ٿي چڪو آهي.”
توکي خبر آ عيني! ته انساني معاشري جو بنياد صحت، احساس قرباني جهڙن بي لوث ۽ پاڪيزه جذبن تي آهي ۽ معاشري کي براين کان پاڪ رکڻ لاءِ محبت جي ضرورت ته هميشه اوليت تي رهي ٿي پر هتي هنن ٻارن ۾ رهي توکي احساس ٿيندو ته اِهي سڀ جذبه اسان وڏن کان وڌيڪ هنن ٻارڙن ۾ موجود آهن.
ڪائنات لان ۾ چهڪندڙ ٻارڙن کي پيار منجهان بي خود ٿي ڏسندي اِهو سڀ چيو.
ها ! ائين ته آهي. تڏهن ئي شايد ٻارڙن کي فرشتن سان مشابهت ڏني ويندي آهي. ڪجهه ڪلاڪن بعد لنچ جو ٽائيم ٿيو ته سڀ ٻار پنهنجن پنهنجن هومز ۾ هليا ويا.
مان ۽ ڪائنات به بينظير هوم ۾ ٻارڙين سان گڏجي لنچ ڪيو..
“هن هوم ۾ صرف ڇوڪريون آهن؟”
مون ڊائيننگ ٽيبل تي ويٺل ڇوڪرين تي نظر وجهندي چيو.
“ها ! هي هوم بينظير آهي، هتي ٿوريون وڏيون ڇوڪريون رکيون وينديون آهن، ۽ هتي هن بينظير هوم جي هر ڇوڪري بينظير جهڙي مايا ناز نياڻي ٺهندي ان ڪري هن عمر جي ڇوڪرين کي هتي رکيو آهي” ڪائنات بينظير هوم جي اهميت ٻڌائيندي چيو
“اڇا......! ته ڇا هر هوم جي نالي ۾ ڪا خاص لوجڪ آهي” مون تجسس مان پڇيو
“ها ! تقريبن هر نالي کي اسان اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن قائد اعظم هوم ۾ بلڪل ننڍڙن ٻارڙن کي رکيو ويندو آهي مقصد ته هي هوم بنياد آهي.
“بينظير هوم جيان وڏي عمر جي ڇوڪرن لاءِ عزيز ڀٽي هوم آهي ته جيئن هر وقت کين وطن تي جانثارءَ جو احساس ٿئي.”
“اڇا...... تڏهن ته هر هوم جي اڳيان ان شخصيت جي تصوير ۽ سندس پروفائيل به توهان سنگِ مرمر تي اُڪرائي ڇڏيو آهي” مون ٻاهر لڳل تختي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.”
“ها ..... ته جيئن هنن ٻارن جي زندگي سندن پسنديده شخصيت جهڙي آئيڊيل هجي. ڪائنات فخريه انداز ۾ چيو.”
مان ڊائيننگ ٽيبل تي ٻارن سان لنچ ڪيو، ۽ اتي سندن کاڌي کائڻ جا طور طريقه ۽ ڊسيپلين ڏسي، مون کي اندازو ٿي ويو ته ڪائنات واقعي دل سان هن ٽرسٽ ۽ ٻارن تي توجهه ڏيئي رهي آهي.
هي ٽرسٽ ڪنهن به طرح سان يتيم خانو نه پيو لڳي. هنن ٻارڙن جي سرڪاري اسڪولن ۾ باقائده داخله ٿيل هئي، هڪ وين به رکيل هئي جيڪا ٻارن کي اسڪول وٺي ويندي هئي ٻارن جي صحت لاءِ هيلٿ منسٽر جي تعاون سان بهترين ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ويندو هو. کاڌو به ٻارن کي تمام سٺو گهر جهڙو مهيا ڪيو وڃي پيو.
ان ڏينهن پنجين بجه مان گهر واپس آيس. منهنجو ڏينهن تمام سٺو گذريو هو مان ڏاڍي پُرسڪون هيس، نماز پڙهي ڪجهه دير آرام ڪيم، سج لٿي جي آذان کان اڳ۾ ئي وري جاڳ به ٿي ويم.
مان خدا جل شانه جي شڪر گذار هيس جنهن مون کي ايڏي وڏي ذميداري لاءِ چونڊيو هو ته مان يتيم ٻارڙن جي خدمت ڪري سگهان هر انسان جي اندر ۾ خدا جل شانه ڪا نه ڪا صلاحيت ضرور رکي آهي جنهن جي ڄاڻ صرف کيس ئي آهي شايد مون ۾ به رب پاڪ اهڙي ڪا صلاحيت رکي هوندي جنهن لاءِ مون کي ئي هنن ٻارن لاءِ چونڊيو هو. مون شڪراني جا نفل به پڙهيا.
نماز، قرآن ۽ درور شريف ٽي اهڙا عمل آهن جيڪي انسان کي لوڪ ۾ عزت بخشرائين ٿا. شايد تڏهن ئي خدا منهنجي مان مرتبي ۾ اضافو ڪيو هو. ڇو ته هي ٽيئي منهنجا پسنديده عمل هئا.
اڄ منهنجو Sweet Home ۾ ٽيون ڏينهن هو. سينٽر ۾ گهڙڻ سان هر طرف ننڍڙا معصوم ٻار ڏسي زندگي جو ڀرپور احساس ٿيندو هو ٻارڙن کي پوري لان ۽ سينٽر ۾ ڊڪندو ڏسي هُو مون کي بهار ۾ ٽڙيل گل لڳندا هئا.
مون کي سينٽر ۾ ڏاڍو مزو اچڻ لڳو. روز بروز ٻار مون سان مانوس ٿيندا ويا، هاڻ مون کي گهر پهچڻ تي به ٻار ياد پوندا هئا ڪو ٻار جي بيمار هوندو هو ته گهران فون ڪري بار بار سندس خيريت دريافت ڪندي هيس. ٻار منهنجي زندگيءَ جو حصو ٿي ويا هئا. صبح جو 9 وڳي کان شام جو 6 وڳي يا ستين وڳي تائين وقت ٻارن سان گڏ ڪيئن گذري ويندو هو ڪا خبر ئي نه پوندي هئي. مون کي Sweet Home جوائن ڪندي ڇهه مهينا گذري ويا.
هاڻي ٻارن جي هر خوشي مون کي پنهنجي خوشي لڳڻ لڳي هئي، سندن هر پريشاني مون کي پنهنجي پريشاني محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
Sweet Home جا ٻار، مماز، آپيز، اديون ۽ چاچا (Peons) مون سان ائين رلي ملي ويا هئا ڄڻ اسين سالن کان هڪٻئي جا سڃاڻو هجون.
هڪ ڏينهن ادي زينب مون کي چوڻ لڳي
“ميم عيني”
“جي.......... چئو”
“محبت ۾ وڏي طاقت هوندي اٿو”
“اُهو وري ڪيئن”
“ڏسو نه هي ننڍڙا ٻار توهان کي ڪيڏو نه پنهنجو ٿا سمجهن صرف ان ڪري جو توهان کين محبت ڏيو ٿا.”
“ها ! ادي زينب .... پيار کي ته جانور به محسوس ڪندو آهي، هي ته انسان آهن”
“ميم توهان کي خبر آ هنن مان ڪيترا ٻار اهڙا به آهن جيڪي يتيم ناهن سندن ماءُ پيءُ حيات آهن پر پوءِ به هي ٻارڙي يتيم ٿا چورائين”
“اڇا ..... پر ائين وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي”
“ها .... مان سچ ٿي چوان اسان وٽ جيڪي نويد، الله ورايو، شميم، عادل، خالد ۽ رخسانه آهن نه ....... اِهي اُهي ٻار اٿو جن جا ماءُ پيءُ موجود آهن”
“ته ڇا سندن والدين غريب آهن جو هتي ڇڏي ويا اٿن؟”
“نه”
“پوءِ باقي ..........”
“هن ٻارن جي ماءُ پيءُ ۾ خانداني ڏي وٺ يا ٻين ڳالهين جي ڪري جهيڙا ٿيا، سندن وچ ۾ طلاقون ٿي ويون ٻئي زال مڙس طلاقن بعد ٻيون شاديون ڪري ويٺا ۽ ٻيون شاديون ڪرڻ بعد ماٽيلو پيءُ يا ماٽيلي ماءُ هنن ٻارن کي رهائڻ لاءِ تيار نه هئا. پوءِ ماءُ يا پيءُ مان ڪو نه ڪو هڪڙو آيو، ڪن جا چاچا ۽ ماما به آيا هئا ۽ اُهي کين هتي داخل ڪرائي ويا.”
“ته ڇا اِهو سڀ ڪجهه هي ٻار ڄاڻن ٿا”
“جيڪي ٻار عمر جا وڏڙا هئاسي ڄاڻن ٿا پر جيڪي ان وقت ننڍڙا هئا سي بيخبر آهن. شميم جو پيءُ ۽ الله ورائي جي ماءُ ساڻن ڪڏهن ڪڏهن ملڻ به ايندا آهن”
“اِها ته ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي”
“ها ميم ...... ۽ اِهو سڄو مسئلو منهنجي گهر ۾ به موجود اٿو”
“ڇا مطلب”
“ميم..... منهنجي ڌي مريم جڏهن رڳو 6 سالن جي هئي ته منهنجي گهرواري جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو، منهنجي مائٽن منهنجي ٻي شادي ڪرائي ڇڏي، منهنجي ٻي شاديءَ کي به 9 سال گذري چڪا آهن، مون کي 3 ٻار ٻيا به ڄاوا پر منهنجو گهر وارو منهنجي ڌي مريم کي ڪڏهن به پيءُ جو پيار ڏيئي نه سگهيو. منهنجي ٻچڙي ڏاڍي سٻاجهڙي آهي، هُن ڪڏهن به شڪايت ڪونه ڪئي پر مون کي سندس اکين ۾ چڱي طرح نظر ايندو آهي ته هُوء پيءُ جي پيار لاءِ سڪي ٿي. مون ڪڏهن به ٻي شادي ڪرڻ نه چاهي هئي پر منهنجا ماءُ پيءُ پيرسن هئا، چيائون اسان کان پوءِ زمانو توکي تنگ ڪندو ۽ منهنجي شادي ڪرائي ڇڏيائون.”
“تون شادي ڇو نه پئي ڪرڻ چاهي”
“مون کي هڪ شادي بعد اندازو ٿي ويو هو شادي لاءِ سوچڻ ۽ شادي بعد زندگي گذارڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي، ۽ ان وقت ته مون سان مريم به ساڻ هئي. مون کي اهو به خوف هو ته ٻيو پيءُ مريم جي وجود کي برداشت ڪري به يا نه....”
“پوءِ ڇا ٿيو”
بس ميم پوءِ ٻي شاديءَ بعد مان پنهنجي ٻئي مڙس اميد علي مان ڪابه اميد نه رکي هئي جيڪڏهن اميدون رکان ها ته شايد جي نه سگهان ها. سڪون حاصل ڪرن جي ڪوشش ڇڏي ڏنم گهر کي سڪون ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم”
“پوءِ هاڻ ته خوش آهين نه”
“بس ميم انسان جي سڀ کان وڏي طاقت “برداشت” ۽ ايثار هوندو آهي جيسين اِها طاقت اٿم تيسين هلندس”
“Good”مون کيس ڪلهي تي هٿ رکي آٿت ڏيندي چيم.
گهر پهچندي مون کي صرف ڏهه يا 20 منٽ ئي ٿيا هئا. شام جا ڇهه وڳا هئا. ان وقت صنم پنهنجي پٽ شاويز سان آئي هئي.
شاويز ته ٽي ويءَ جو ريموٽ سنڀالي چينل بدلائي پنهنجو پسنديده چينل ڪارٽون نيٽ ورڪ ڳولهڻ لڳو ۽ صنم امي ۽ مون سان چانهه پيئڻ ويهي رهي.
“ڪيئن ٿو هلئي تو وارو يتيم خانو؟”
“الحمدالله تمام سٺو”
“صنم وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو
“الحمدالله ته ائين ٿي چوين ڄڻ ته ڪو حَجُ کٽي آئي آهين، شابش اٿئي جو ائين ٻارن جي پويان پنهنجي زندگي ويٺي رولين”
“هر ڪم ڪنهن غرض لاءِ نه پر بي غرض ٿي به ڪرڻ گهرجي، مان ان ڪم ۾ مطمعين آهيان”
“مطمعين....؟؟ تون ان کي مطمعين ٿي چوين اِهو ته سنئون سڌو پپا جو نالو society ۾ خراب ڪري رهي آهين”
“ان ۾ نالو خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.؟” اميءَ کيس ڪاوڙ مان جواب ڏنو.
معاف ڪجو امي......هن کي جيڪڏهن ٽائيم ئي پاس ڪرڻو هو ته ڪو بيوٽي پارلر يا بوتيڪ کولي ڇڏي ها گهٽ ۾ گهٽ ڪو عزت جو ڪم ته سڏجي ها”
“پنهنجي پنهنجي سوچ آهي، ڪو ڪم تنهنجي نظر ۾ ڪمتر آهي۽ ڪو منهنجي نظر ۾ اعليٰ” مون لاپرواهيءَ مان چيو.
“جيڪڏهن ٿورڙي اک پٽين ها ته ڪمتر ۽ اعليٰ ۾ فرق بخوبي ڏسي سگهين ٿا پر افسوس .....!”
مون سندس جملو ڪٽيندي چيو هر ڪم خدا جل شانه جي طرفان ٿيندڙ آهي ۽ الله جل شانه جيڪو ڪندو آهي صحيح ڪندو آهي.”
“پر خدا به سوچڻ سمجهڻ لاءِ دماغ به ڏنو آهي”
هن طنزيه کلندي جواب ڏنو خوشنصيب اُهي انسان آهن جيڪي پاڻ کي خوشنصيب سمجهن ٿا ۽ مان رب پاڪ جو هر ڪم افضل ٿي سمجهان، هُن پاڪ ذات مون کي ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي ۽ نه ڪندو”
مون پرسڪون لهجي ۾ وراڻيو.
“مون کي ته سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته آخر پپا هن کي اِهو گهٽيا ڪم ڪرڻ کان جهلي ڇو ڪونه ٿو. هڪ ته ماڻهن کان هن جي ادا مصطفيٰ کان عليحدگي جي ڳالهه ئي اڃا ڪونه وسري آهي مٿان وري هي هلي آ ڀلائي جا ادارا هلائڻ، “اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني”
مون کي پنهنجي ساهرن ۾ هن جي باري ۾ ٻڌائڻ به شرمندگي لڳندو آهي
صنم پنهنجو پاڻ کي معتبر سمجهندي چيو.
ايتري ۾ پپا به اچي ويا اميءَ جي ڀرسان صوفي تي ويهندي چيائون.
“مائي صنم آئي آ ڇا” ڪهڙيون ٿي خبرون چارون ڪرين؟”
پپا اڪثر پيار مان اسان ڌيئن کي “مائي” ڪري سڏيندا هئا.
“ڏسو نه پپا ....... توهان عيني کي منع ڇو نه ٿا ڪيو ته هُو يتيم خاني وڃڻ ڇڏي ڏي”
“نه ان ۾ منع ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي يتيم بي آسرا ٻارڙن جي پرگهور لهڻ ته اسان جي نبي پاڪ صه کي به پسند هئي، عيني اهڙو ڪوبه غلط قدم نه کنيو آهي”
پپا منهنجي طرفداري ڪندي مون ڏانهن مسڪرائيندي چيو، موٽ ۾ مون به کين مسڪرائيندي ڏٺو.
“واهه.... واهه.......واهه....... هتي ته سڄو گهر ئي نيڪيءَ ۾ ٻُڏو پيو آهي صنم هٿ جو آڱوٺو ۽ اشهد آنڱر ملائي واهه واهه چوندي هٿ لوڏايو.
“پپا جي سپورٽ ڪرڻ تي صنم مون مٿان وڌيڪ ڏمرجي پيئي هئي. چيائين....
“منهنجي نه ڌي جيڪڏهن هن وانگي ٻه ٻه گهر ڦٽائي يتيم خانه آباد ڪري ويهي ها ته جيڪر مان کيس ان ڏينهن تي ئي ٽپڙ گول ڪرائي يتيم خاني ڏانهن موڪلي ڇڏيانس ها، بلڪه پپا توهان به بهتر اِهو ٿيندو ته عيني کي يتيم خاني ۾ رهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيوس، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ماڻهن جون ڳالهيون ته نه ٻڌڻيون پونديون.... ۽ هن بي بيءَ کي به 24 ڪلاڪ جي سروس ملي ويندي” ائين چئي صنم ٽهڪ ڏنو.
امي، پپا، شهباز ۽ مان کيس حيرت منجهان ڏسڻ لڳاسين.
اهڙي ڪيتري گفتگو صنم ڪندي رهي سندس شڪار صرف مان ئي رهيس.
صنم جي بداخلاقيءَ ڪڏهن به هُن کي منهنجو دوست بڻجڻ نه ڏنو، هوء ڪڏهن به مون لاءِ مخلص نه رهي، هر موقعي تي مون لاءِ هڪ نئون جنگي محاذ کولڻ لاءِ تيار رهندي هئي. هن جون اهڙيون زهر ۾ ٻڏل ڳالهيون ٻڌي امي ۽ شهباز مون کي اڪثر سمجهائيندا هئا ته مان سندس ڳالهين تي ڌيان نه ڏيان. پپا، امي، شهباز يا اقرا ڪڏهن به مونکي اهو نه چيو ته مون لاءِ Sweet Home وڃڻ غلط آهي بس اگر مسئلو هو ته صرف صنم کي. جڏهن به صنم گهر ۾ اچي مون کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ان رات مان پنهنجي محبوب تعاليٰ جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويندي هيس عبادت ۾ وڌيڪ وقت گذاريندي هيس، عبادت هميشه انسان جي وجود کي اهو احساس ڏياري ٿي ته هُو تنها نه آهي، عبادت سان محبت ۽ صداقت خدا جل شانه جي وڌيڪ قريب آڻي بيهاري ٿي.
مان هر وقت ڪوشش ڪندي هيس ته هميشه باوضو رهان، باوضو رهڻ سان مون کي خدا جل شانه طرفان تحفظ جو احساس ٿيندو هو. نفس جي مخالفت خدا جل شانه جي قريب ٿيڻ جي ابتدا آهي.

13

صنم عادت کان مجبور هئي هن جي مزاج ۾ طنز شامل هو ڪنهن کي خوش ڏسڻ، يا مطمعين رهڻ کيس پسند نه ايندو هو. هُن جو مقصد صرف ۽ صرف مون کي پريشان ڪرڻ هو. جڏهن هن کي اندازو ٿيو ته هُن جي لهجي ۽ طعني بازي کي Ignore ٿي ڪيان ۽ هن جي ڪنهن به ڳالهه جو Notice نه ٿي وٺان ته پوءِ هن روز تقريبن اچڻ شروع ڪيو ۽ هن اِها ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان اها ڳالهه پپا جي ذهن ۾ وجهي ته مان Sweet Home ڇڏيان. پپا پهريان ته خاموش هيا پر چوندا آهن پٿر تي به جيڪڏهن پاڻي پوندو رهي ته اتي نشان ٺاهي وجهندو آهي سو پپا به آخرڪار انسان هئا. صنم جي ڳالهين ۾ اچي مون کي مبهم نموني Sweet Home ڇڏڻ لاءِ چوڻ لڳا.
پر هاڻ مون لاءِ اِهو هرگز ممڪن ڪونه هو ته مان Sweet Home ڇڏيان. ڪائنات امريڪا ويل هئي ڪجهه انٽرنيشنل ايڊ ملڻي هئي Sweet Home لاءِ. ان لاءِ کيس امريڪا وڃڻو پيو. هن جي غير موجودگيءَ ۾ Sweet Home جي نگراني منهنجي حوالي هئي.
هڪ ڏينهن ادي زينب مون وٽ آئي پريشان هئي چيائين
“ميم مون کي توهان سان ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي”
“ها ! چئو ... مان ٻڌان ٿي”
مون فائيل جا ڪجهه پنا سائن ڪندي چيو
“ميم مون کي ڪجهه ڏينهن کان محسوس ٿئي ٿو ته منهنجو گهر وارو اميد علي، منهنجي نياڻي مريم ۾ غلط نظر وجهي رهيو آهي”
“ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، متان اِهو تنهنجو وهم هجي ڀلي ويڳو ئي سهي پر آهي ته پيءُ نه .... ڌي ۾ نظر نه وجهندو”
“ميم خدا ڪري منهنجو وهم ئي هجي”
“ڀلا اِهو ٻڌاءِ توکي ان ڳالهه جو اندازو ڪيئن ٿيو”
مون آخري پيپر سائن ڪري فائيل بند ڪري رکندي چيو
“مون کي ڪجهه ڏينهن کان محسوس ٿيو هو ته هُو خوامخواهه مريم کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري سندس پٺي يا ٻانهن تي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ اڄ ته مريم پاڻ ئي مون کي دانهن ڏني ته پپا جي سڏ تي سندس ڪمري ۾ نه وينديس”
“ادي زينب جي ائين آهي ته تون مريم کي هُن کان پري رک”
“ها ! اِها مان ڪوشش ڪيان ٿي”
Sweet Home ۾ ڪم وڌي ويو هو، ڪائنات اڃا امريڪا مان ڪونه موٽي هئي جمعي جو ڏينهن هو مان جيئن ئي آفيس پهتس ته ادي زينب هڪڙي 13_14 سالن جي سٺڙي صورت جي نماڻي نيڻن واري ڊگهي سنهڙي ڪڻڪ رنگي ڀورن وارن واري ڇوڪريءَ سان آفيس ۾ ويٺي هئي، ٻئي ڏسڻ ۾ پريشان پئي نظر آيون.
مون پرس ميز تي رکيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهندي ادي زينب کان پڇيو
“ڪير آهي هيءَ؟”
مون ان معصوم خوبصورت نماڻي ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندي چيو
“ميم هي منهنجي ڌي آهي”
“تنهنجي ڌي......؟ مريم .....؟”
“جي ها ! مريم ...... ميم مون اميد عليءَ لاءِ جيڪو شڪ توهان کي ڏيکاريو هو اُهو صحيح هو.
“مطلب”
“اِهو ئي ته اميد علي جي مريم کي ڏسي نيت خراب ٿي پيئي آهي. ڪالهه مان هتي هيس، مريم اسڪول نه وئي هئي اميد علي به گهر ۾ هو اتي مريم ٻڌايو ته اميد علي ساڻس ڏاڍيون غلط ڳالهيون ڪيون هيون. جڏهن مان گهر پهتس ته مريم روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون هيون ۽ خوف منجهان پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ويٺي هئي.
“اف منهنجا خدا” مون ٻيئي هٿ مٿي تي رکي مريم کي ڏٺو، مريم جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
“ڪوبه پيءُ ايتري حد تائين به ڪري سگهي ٿو” مون چيو
“ميم هُو ڪو سڳو پيءُ ناهي جنهن کي نياڻي جو احساس ٿئي هُو ويڳو پيءُ آهي”
“پر ادي زينب پيءُ ته پيءُ آهي اهڙي مقدس رشتي کي هن شيطان لڄايو آهي.”
“ميم منهنجي مدد ڪريو، منهنجي معصوم نياڻيءَ کي بچايو”
“ها..... ٺيڪ آهي ...... جيئن ته چئين پوليس کي گهرايان ؟”
“نه نه ميم.......پوليس نه گهرايو، مون کي پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ واپس هُن گهر ۾ ئي رهڻو آهي”
“ته پوءِ ڇا ڪجي”
“منهنجي مريم کي Sweet Home ۾ داخل ڪيو....!”
“گهر هوندي به مريم کي هتي داخل ڪيان؟”
“ميم جنهن گهر جو چوڪيدار ئي چور ٿي پوي اتي تحفظ ڪونه ملندو، اِهو گهر مريم جو گهر ڪڏهن به ٺهي نه سگهندو”
مون مريم ڏانهن ڏٺو هُوء ڪنڌ جهڪائي پنهنجي پيرن ۾ نظر کپائي، ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل هئي.
ادي زينب جون مريم جي ويڳي پيءُ بابت ڳالهيون ٻڌي منهنجي تصور ۾ پپا جو خاڪو اُڀري آيو. پپا ڪيڏو نه مهان آ، هن ڪڏهن به هڪ پل لاءِ به مون کي محسوس نه ڪرايو هو ته هُو منهنجو سڳو پيءُ ناهي.
“ادي زينب جي تنهنجي مرضي آهي ته مان مريم کي هتي Sweet Home ۾ رکان ٿي تون عورت آهين سمجهي سگهين ٿي ته عورت لاءِ گهر وڏي پناهه گاهه هوندو آهي جيڪڏهن ٿوري به گنجائش ڪڍي سگهين ٿي ته پوءِ مريم کي گهر ۾ ئي رهاءِ”
“ميم گهر صرف عورت سان نه هلندو آهي، مرد جو رويو به گهر کي پرسڪون يا بي سڪون بنائڻ جو ذميوار هوندو آهي”
جڏهن ادي زينب اِها ڳالهه ڪئي ته مان ڪا ويرم سندس منهن تڪيندي رهجي ويس. ادي زينب ڪيڏي نه گهري ڳالهه چئي ويئي هئي.
مون مريم کي Sweet Home ۾ داخل ڪري ڇڏيو. مريم خاموش طبع پر نهايت سمجهدار ڇوڪري هئي هُن ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ڪيتريون ئي ذميواريون سنڀالي ورتيون. ادي زينب به مطمعين ٿي ويئي. مون کي ناهي خبر ته ادي زينب پنهنجي مڙس کي مريم جي هتي رهائش لاءِ ڇا ٻڌايو هوندو.
ڪائنات جي روم جي ڀرسان ئي مون پنهنجو روم به سيٽ ڪري ڇڏيو هو. ڪائنات جي امريڪا رهڻ بعد مون کي ڪڏهن ڪڏهن هتي رات به رهڻو پوندو هو.جنهن لاءِ مون امي ۽ پپا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو هو.
ان رات مان Sweet Home تي ئي ترسيل هئس. اُها عيد جي چنڊ رات هئي. Sweet Home جي ٻارن جي عيد لاءِ ڪپڙا ۽ بوٽ خريد ڪرڻا هئا رات جو دير سان شاپنگ تان آيل سامان ٻارن ۾ ورهايو جڏهن رات جا يارنهن ٿيا تڏهن مون کي احساس ٿيو ته رات ٿي ويئي آهي. بهتر اِهو سمجهم ته رات Sweet Home تي ئي گذاريان. اميءَ کي به ٻڌائي ڇڏيم.
صبح جو ساڍي پنجين بجي منهنجي ڪمري جو دروازو ڪنهن کڙڪايو مان ان وقت ئي فجر جي نماز پڙهي پوري ڪئي هئي، اوچتو دروازو کڙڪڻ تي تڪڙي اٿي دروازي ڏانهن وڌيس مون کي پڪ هئي ته ڪنهن ٻار جي طبيعت خراب ٿي ويئي آهي. ان ڪري مون کي ٻڌائڻ ڪو آيو آهي.
جيئن ئي دروازو کوليم تي سامهون ادي سبحان هٿن ۾ نئون ڄاول ٻار کنيو بيٺي هئي. چيائين
“ميم هندوري ۾ مهمان پهتو آهي”
اڄ عيد جو ڏينهن هو ۽ رب پاڪ مون کي عيد جو تحفو موڪليو هو.
مون بسم الله چئي هٿ وڌايا، ٻار تمام موچاري صورت وارو ڇوڪر هو واڱڻائي رنگ جي ڀرت واري رئي ۾ ويڙهيل هو.
ٻار کي جيئن ئي هٿ وڌائي پنهنجي هنج ۾ کنيم ته محسوس ٿيم ته کيس بخار آهي، فورن ڊاڪٽر رقيه کي فون ڪري گهرائي ورتم. ڊاڪٽر رقيه هڪ N.G.O جي طرفان اسان لاءِ هائر ڪئي ويئي هئي جيڪا ايمرجنسي ۾ صرف هڪ فون ڪال تي پهچي ويندي هئي.
ڊاڪٽر رقيه ننڍڙي ٻار جو چيڪ اپ ڪري ڪجهه دوائون ڏنيون جيڪي کيس ان وقت ئي کارايون ويون ڊاڪٽر رقيه ٻڌايو ته ٻار گذريل رات جو تازو ڄاول آهي.
ڊاڪٽر رقيه سان منهنجي سٺي دوستي ٿي ويئي هئي. ٻار ڏسي چيائين “عيني مون کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي Sweet Home جي گيٽ تي جيڪو هي ٻارن جو جُهولو رکيو آهي، ان ۾ جڏهن ڪوبه ٻار ڪوئي رکڻ اچي ٿو ته توهان (Closed Circuit Television) CCTV ڪيمرا ۾ سڀ ڏسندا آهيو، ته پوءِ ٻار کين هندوري ۾ رکڻ ڇو ٿا ڏيو، کين پوليس حوالي ڪرايو؟”
“تون بلڪل صحيح ٿي چوين اسين چاهيون ته کين ان وقت ئي جهلي سگهون ٿا پر اسان ائين نه ڪندا آهيون. اڪثر عورتون ئي ٻار رکڻ اينديون آهن، جڏهن اسين ڪيمرا ۾ ڏسندا آهيون ته هُو ٻار هندوري ۾ رکي واپس هليون ويون آهن تڏهن ئي چوڪيدار وڃي ٻار هندوري مان ڪڍي اسان جي حوالي ڪندو آهي ۽ اهو سڀ جيڪڏهن اسين نه ڪيون ته شايد هي جيئرا معصوم ساهه اسان کي ڪنهن ڪچري جي ڍير تي يا ڪنهن ڪتي جي وات ۾ ئي نظر اچن.
“ها بلڪل ائين ئي ٿئي، پوءِ ته توهان جو طريقو بلڪل درست آهي” ڊاڪٽر رقيه منهنجي ڳالهه سمجهندي وراڻيو
“اِها اسان جي سماج جي بي حسي آهي رقيه ته هُو نادان نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجو نفس نه ٿا مارين پر پنهنجو گناهه لڪائڻ لاءِ هڪ معصوم کي ماري وجهن ٿا”
“پر ان ۾ والدين جو به ڏوهه آهي جيڪڏهن اولاد جي مرضيءَ سان سندن شاديون ڪرائن ته شايد اهڙا گناهه نه ٿين”
“ها .... ائين به آهي .... پر جيڪڏهن هُو والدين جي مرضي سان شادي ڪن ٿا ته ڪجهه عرصي ۾ ئي سندن پسند ته شايد وسري وڃي ۽ سندس پريتم کين ياد نه رهي پر لڪ ڇپ ۾ هي هيڏو وڏو گناهه جو ٻوجهه سندن ضمير ڪڏهن نه وساري سگهندو هوندو ۽ هن دنيا ته ڇا پر اڳلي دنيا ۾ اِهو ٻوجهه سندن مٿان رهندو.
“پرعيني اِهو ڪٿي ٿو ڪوئي سمجهي”
“گهڻا سمجهن ٿا صرف ٿورڙا آهن جيڪي نه ٿا سمجهن”
“خير ڊاڪٽر تون ڇڏ ان ڳالهه کي مون کي اهو ٻڌاءِ ته هن ٻارڙي جو ڊائٽ پلان ڪيئن ٺاهبو؟”
ڊاڪٽر عيني مون کي تفصيل سان ٻارڙي جي کير ۽ دوائن بابت ٻڌائي پوءِ هلي وئي
نئين آيل مهمان بابت مون ڪائنات کي به امريڪا ۾ Inform ڪري ڇڏيو ۽ اُن سختي سان مون کي هدايت ڪئي ته ٻارڙي جو خاص خيال رکان، جيسين هُو واپس اچي پوءِ هُوءَ پاڻ ئي ٻارڙو سنڀاليندي. اڃا ڪائنات جي اچڻ ۾ هفتو دير هئي.
پورو هفتو گذري ويو مون ٻارڙي جو بيحد خيال رکيو سندس نالو رافع رکيوسين، رافع ڏاڍو خوبصورت هو سندس جاڙين ڀرون واريون نماڻيون ڪاريون اکيون گول چهرو ۽ رنگ چٽو اڇو هو.
مان پورو هفتو گهر به ڪونه ويس اميءَ کي به رافع جي باري ۾ آگاهه ڪيم. رافع جي هر ضرورت جو خيال مون پاڻ رکيو. جڏهن هُو روئيندو هو ته منهنجي هنج ۾ ايندي ئي هڪدم خاموش ٿي اکيون بند ڪري ڇڏيندو هو، هُن کي منهنجي هنج ۾ جيڏو سڪون ملندو هو ان کان وڌيڪ مون کي سڪون ۽ اطمينان اچي ويندو هو. مون کي هڪ هفتي ۾ ئي رافع سان بي انتها محبت ٿي ويئي هئي کيس هڪ پل پاڻ کان ڌار نه پئي ڪري سگهيس، مان سوچيو کيس جنم ڏيندڙ ڪهڙي قسم جي ماءُ هئي جنهن نَوَ مهينا کيس پنهنجي اندر ۾ سانڍڻ کانپوءِ به پنهنجي وجود جي هن خوبصورت حصي کي پاڻ کان ڌار ڪري ويئي.
هڪ هفتي بعد ڪائنات واپس موٽي آئي. اچڻ بعد Sweet Home جي سڀني ٻارڙن سان ملي. پوءِ آخر ۾ مون کان رافع جو پڇيائين مون کيس چيو...
“صرف رافع جو پڇنديءَ؟ کيس ڏسنديءَ ڪونه؟”
“ها........ ها........... ڇو نه ڏسبو”
مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويس جتي رافع منهنجي بيڊ جي ڀر ۾ رکيل هڪ بيبي ڪارٽ ۾ ستل هو.
“ماشاءالله......... تمام پيارو آهي تنهنجو رافع.... جيڪڏهن تون هن کي خوشيءَ سان سنڀالڻ چاهين ته مون کي سٺو لڳندو پر جي نه .......
مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيو ۽ چيو مانس
“ڪائنات مان پنهنجي دل و جان سان هن کي سنڀالينديس مان پاڻ توکي اِهو چوڻ واري هيس ته رافع هاڻ منهنجو آهي”
ته پوءِ Done...... اڄ کان تون رافع جي ۽ رافع تنهنجو” ڪيئن؟”
“ها ها ها” Thanks ڪائنات، توکي ڇا ٻڌايان ته هن سان مون کي ڪيڏي نه انسيت ٿي ويئي آهي.”
“عيني خدا توکي هڪ ذميواري تحفي جي صورت ۾ ڏني آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته تون مايوس نه ڪندينءَ”
“انشاءالله.........”
مون ستل رافع جي ڳلن تي پيار ڪندي چيو.
ڪائنات مون کي ڏسي مسڪرائڻ لڳي. وقت گذرڻ لڳو رافع چئن مهينن جو ٿي ويو. مان پوريون پوريون راتيون جاڳي ساڻس گڏ گذاريندي هيس. هُو رات جو جاڳندو ۽ ڏينهن جو ننڊ ڪندو هو پنجين مهيني سندس سماعت به نهايت پختي ٿي ويئي هئي منهنجي آواز کي سڃاڻڻ لڳو هومان کيس سڏيندي هيس ته هڪدم مون ڏانهن منهن ڪري مسڪرائيندو هو. ٽي وي جي رنگن کي غور سان ڏسڻ لڳو هو، هُو صحتمند ٿيڻ لڳو هو. گول مٽول پيارو پيارو ٿي ويو هو. هٿن پيرن کي گهڻو هلائڻ لڳو هو. وات مان غون غون جا آواز ڪڍي قهقهه به هڻڻ لڳندو هو. سندس هڪڙي مسڪراهٽ منهنجي سڄي ڏينهن ۽ رات جو ٿڪ لاهي ڇڏيندي هئي، منهنجي جسم جي قوت کي متحرڪ ڪري ڇڏيندي هئي، کيس ڏسي منهنجي طبيعت ۾ هشاشيت، سرشاري ۽ خوشيءَ جا جذبات پيدا ٿيندا هئا.
مون هاڻ رافع جي ڪري مستقل Sweet Home ۾ رهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. اگر جي اميءَ وٽ ايندي هيس ته رافع کي به گڏ کڻي ايندي هيس رافع سان پپا، امي، اقرا ۽ شهباز به پيار ڪرڻ لڳا هئا، ها البته جڏهن صنم مون کي رافع سان ڏسندي هئي ته عجيب حقارت جي نظر وجهندي هئي. هڪ دفعي اميءَ کي چيائين “خبر ناهي ڪنهن جو ناجائز اولاد آهي جيڪو پپا جي گهر ۾ کڻي ٿي اچي”
مون اميءَ کي چيو.
“ٺيڪ آ جي صنم کي اعتراض آهي ته مان هاڻ هن گهر ۾ نه ايندس”
“هي گهر جيترو صنم جو آ اوترو تنهنجو به آهي. توکي هتي اچڻ کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي.
وقت کي پر لڳي ويا هئا تڪڙو تڪڙو اُڏي رهيو هو. مون کي Sweet Home جوائن ڪندي 15 مهينا گذري ويا.
هڪ ڏينهن مان ۽ امي شام جو ويٺا هئاسين تقريبن ست وڳا هئا. اوچتو صنم روئيندي رڙيون ڪندي زور سان ڳالهائيندي تڪڙي تڪڙي گهر ۾ داخل ٿي، سندس منهن ڳاڙهو هو، اکين ۾ ڳوڙها هيس اچڻ شرط چيائين
“مان واپس هِن ماڻهو ڏي ڪڏهن به ڪونه ويندس، بدڪردار، عياش انتهائي درجي جو ڪريل انسان آهي. مون کي نفرت ٿي ويئي آهي ان کان .....”
“پر ڇا ٿيو........ ڪنهن جي ڳالهه ٿي ڪرين؟”
اميءَ پريشان ٿيندي صوفي تي هن جي ڀر ۾ ويهندي چيو
“ڪنهن جي وري ڪنهن جي.......... انهن منظوري جي ڳالهه ٿي ڪيان (ڪاوڙ ۾ هُوء پنهنجي مڙس منظور کي منظورو چيئي رهي هئي.
“آخر تون ٻڌائين ڇو نه ٿي. ٿيو چاهي؟”
اميءَ جو ضبط صنم جي حالت ڏسي جواب ڏيئي رهيو هو.
“هن حد ڪري ڇڏي آهي امي”
“صنم تون ڪجهه ٻڌائينديءَ ته خبر پوندي نه؟”
مون پهريون ڀيرو کائنس سوال ڪيو.
“هن سڏڪي سڏڪي چيو
ڪالهه زينب منهنجي دوست مون کي ڪال ڪري ٻڌايو ته هُن شاپنگ ڪندي منظور کي ڏٺو آهي جيڪوهڪ عورت ۽ سندس ٻن ٻارن کي وڏي محبت ۽ سخاوت سان شاپنگ ڪرائي رهيو هو ۽ پوءِ مون جڏهن رات جو گهر پهچڻ تي منظور کان ان عورت ۽ شاپنگ بابت پڇيو ته هن چيو ته شائسته کي غلط فهمي ٿي آهي ۽ مون اعتبار به ڪري ڇڏيو منظور جي ڳالهه تي پر اڄ صبح جو ته حد ئي ٿي ويئي. جيئن ئي صبح جو منظور جو ڪوٽ ڪٻٽ ۾ رکي رهي هيس ته سندس کيسي مان جيڪو 35 هزارن جو بل نڪتو اُهو ان ئي شاپنگ مال جو آهي، جنهن ۾ شائسته منظور کي ان مُئي مائيءَ سان شاپنگ ڪندي ڏٺو هو، جڏهن بل منظور کي ڏيکاريم ته چيائين “ها مان نرگس کي شاپنگ ڪرائي هئي، جيڪو ڪرڻو اٿئي سو ڪر”
“منظور جي ان دليريءَ تي مون کي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ پوءِ اسان ٻنهي ۾ گهڻو جهيڙو ٿيو بس مان هاڻي گهر ڇڏي هلي آئي آهيان”
هن پنهنجي پٽ شاويز کي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جواشارو ڪندي چيو
صنم کي صرف هڪ ئي پٽ هو شاويز، شاويز جي عمر ڇهه سال هئي.
صنم پنهنجوسامان به بيگ ۾ وجهي آئي هئي شاويز به پنهنجو اسڪول بيگ گڏ کڻي آيو هو.
“پر اِها نرگس آهي ڪير”
اميءَ صنم جي فڪرمندي ڏسي، حيرانيءَ مان پڇيو
“الائي امي مون کي ته ڪا خبر ئي ناهي ته اِها مُئي هن جي سنگتياڻي ڪير آهي؟”
“توکي پهريان ان ڳالهه جي خبر نه هئي”
“نه نه ......... مون کي خبر ئي ڪانه پيئي آهي ته ڪڏهن کان هُن رن جي چڪر ۾ اچي ويو آهي جو 35_35 هزارن جون شاپنگون ٿو ڪرائي، هي ته ڀلو ٿئي شائسته جو جنهن چوري پڪڙي اٿن.
ڪجهه ڏينهن اڳ صنم جون چيل ڳالهيون مون کي ياد آيون ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجي مڙس تي فخر ڪندي مون تي ٽوڪيو هو. ۽ اڄ مون مٿان ڪيل هر ٽوڪ مون سندس سامهون ڏٺي، مون اِهو سڀ صرف پنهنجي دل ۾ سوچيو هن کي ڪجهه به ڪونه چيم. ضروري نه آهي ته جي ڪوئي انسان جي دل آزاري ڪري ته موٽ ۾ اسان به سندن دل ڏُکايون.
هونئن به ڪنهن عورت جو مرد جي ڪنهن به رشتي ۾ ڪيترو وقت تحفظ ٿيندو ان جي ڪابه گارنٽي ڪونهي نه ئي شادي جي ڪاميابي جي ڪيتري عمر ٿيندي ان لاءِ به ڪوئي اڳواٽ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. زال مڙس ڀلي هڪ گهر ۾ گڏ گذارين پر وقت ۽ حالت کين ڪڏهن نه ڪڏهن بدلائي ٿو ڇڏي، اِهو سڀ ڪجهه عدم اعتماد، قوت برداشت يا سهپ، مزاج، تربيت ۽ شخصي اڻ برابريءَ جي ڪري ٿئي ٿو.
انسان لاءِ پريشاني ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿي وارد ٿئي ڪنهن کي به معلوم ڪونهي، ڪوئي مسئلو ڪڏهن ڪَرُ کڻندو اِهو به چئي نه ٿو سگهجي.
صنم مڙس جي ڳالهه ڪندي وڏي تابش تاءُ ڪندي چيو
“مان به هاڻ هتي رهي ٿي پوان ، منظور جو پاڻي ڪڇي ڏٺم، کيس به پُروڙ پوي ته گهر رُليس ٿو يا نه...... هيءُ ويٺو عاشقيون ڪري ۽ مان هن جي گهر سنڀالڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ويٺي تباهه ڪيان، منهنجي ڀورائيءَ مان هن گهڻوفائدو ورتو، گهر جا پاندا پورا نه ڪري، هليو آ مڙس سنگتياڻيون رکڻ”
مان ۽ امي هڪٻئي کي ڏسڻ لڳيون سين هي اُها ئي صنم هئي جيڪا مون کي اميءَ جي گهر ۾ رهڻ جا طعنه هڻندي هئي.
صنم کي هفتو ٿي ويو اميءَ وٽ رهندي کيس منظور فون ڪري پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس گهر اچڻ لاءِ به چيو پر صنم جو ضد هو ته هُو ان عورت سان تعلقات ختم ڪري ته پوءِ مان اينديس.
صنم جي بار بار چوڻ تي منظور کيس اميءَ وٽ وٺڻ آيو.
شاويز پيءُ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو اميءَ ٻڌايو مون کي ته منظور ڊنر اسان سان ڪيو ۽ پوءَ صنم کي وٺي ويو.
صنم هلي ته ويئي پر منظور سان خوش نه هئي ڇو ته ادا منظور نرگس سان تعلقات ختم ڪري نه سگهيو هو.
رافع وڏو ٿي رهيو هو، يارهون مهينو شروع ٿيو هيس. پنڌ ڪرڻ به شروع ڪيو هئائين. سڄي Sweet Home ۾ هلندو گهمندو وتندو هو. سڀئي ٻار کيس گهڻو پيار ڪرڻ لڳا هئا.
انهن ڏينهن ۾ ئي هڪ ٻيو مهمان هندوري ۾ اچي ويو. هيءَ هڪ ڇوڪري هئي تقريبن پنجن مهينن جي، ڪوئي کيس هندوري ۾ سمهاري هليو ويو، جنهن وقت ننڍڙي ٻارڙي اسان کي ملي ان وقت ستل هئي ٽي ڪلاڪ گذري ويا هئا پر ڇوڪري ننڊ مان ڪونه اٿي ته اسان کي تشويش ٿيڻ لڳي، مون ڊاڪٽر رقيه کي گهرايو جنهن تپاس ڪري ٻڌايو ته ننڍڙي ٻارڙيءَ کي نشو پياريل هو. ڊاڪٽر رقيه چيو ته ڪلاڪ اڌ ۾ هُوء هوش ۾ اچي ويندي.
مون کي اِها فڪر هئي ته آخر اهڙي ڪهڙي مجبوري هئا جو هيترڙي ٻارڙي کي هيڏو وڏو ڊوز نشي جو ڏنل هو.
آخرڪار ڪلاڪ بعد ننڍڙي هوش ۾ آئي هن اکيون کوليون. گولڊن وارن ۽ نيرين اکين واري هيءَ ننڍڙي ڪنهن پٺاڻ خاندان جي پيئي لڳي. ٻارڙيءَ جي اکين کولڻ ۽ جسم کي حرڪت ڏيڻ سان اسان کي اندازو ٿي ويو ته هُوء ابنارمل آهي، هن جي اکين ۾ eye contact ڪونه پيو ٿئي وات کليل پيو رهجي وڃي ۽ هٿ پير ڦري رهيا هئا.
ٻارڙيءَ کي نشو ڏيئي هتي ڇڏڻ جي وجه اسان کي سمجهه ۾ اچي ويئي. اهڙي ٻارن کي سنڀالڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي، هي هڪ Full time job آهي، هنن ٻارن کي گهڻي توجهه جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ڪري اڪثر مائٽ کين نشو ڏيئي سمهاري ڇڏيندا آهن.
ڊاڪٽر رقيه ٻڌايو.
هيءَ ٻارڙي هاڻي Sweet Home جو حصو ٿي چڪي هئي، ۽ هن جي سار سنڀال اسان تي فرض هئي. اسان سندس نالو دعا رکيوسين.
مان رافع ۽ دعا ٻنهي کي پنهنجي ڪمري ۾ رکيو.
هڪ ڏينهن ڪائنات مون کي منهنجي ڪمري ۾ اچي چيو.
“عيني ٻئي ٻار گود نه کڻ رات جو اوجاڳا ڪري بيمار ٿي پونديءَ، هڪڙو ٻار ادي زينب کي سپردگيءَ ۾ ڏي”
“نه مان ٻنهي سان عرق ريزي ڪري ٿي سگهان، مون کي ڪا تڪليف ڪونه ٿي ٿئي”
“عيني تنهنجي عزم بالجزم کي سلام آ پر مون کي بلاشڪ تنهنجي صحت به عزيز آهي”
“ڪائنات ڪو بکيڙو ڪونه ٿيندو تون فڪر نه ڪر”
“فڪر ڪيئن نه ڪيان .....؟ بس اڄ کان رافع ادي زينب جي ڪمري ۾ رهندو”
ڪائنات پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو مجبورن مون رافع ادي زينب جي حوالي ڪيو مون کي رافع جي گهڻي عادت هئي منهنجو هن سان عشق پيچ جي ول جهڙو رشتو هو جنهن ۾ ول پنهنجو پاڻ کي ايترو وڪوڙي ڇڏيندي آهي جو الڳ ٿيڻ جو سوچڻ به محال ٿئي.
پر جڏهن دعا مون کي ملي ته مان ان جي عشق ۾ به وڪوڙجي ويس. دعا کي منهنجي وڌيڪ ضرورت هئي هن جي موجودگيءَ مون کي هڪ لمحي لاءِ به باهُڙجڻ نه ڏنو.
ڪيترن سالن بعد مصطفيٰ مون کي فون ڪيو سندس آواز ۾ ڏاڍي بيوسي هئي چيائين
“عيني مان توکي وساري نه ٿو سگهان، مون ڏي موٽي اچ، مان اڄ به توسان اوترو ئي عشق ٿو ڪريان جيترو پهرين هيو”
“مصطفيٰ وقت جا گهاءُ ڪڏهن به هجر جي طوفان ۽ وصل جي ٻڌندڙ ٻيڙي کي بچاءُ نه ڏيندا آهن ها پر عمر جي اُها شاخ ڪومائجي ضرور ويندي آهي پوءِ ڀلي ڪيتريون به بهارون ڇو نه اچن. عشق صرف تون نه پر مون به توسان انتها جي درجي جو ڪيو هو. مان اڄ به تنهنجي ٿورائتي آهيان تنهنجي محدود عشق مون کي عشقِ لامحدود کان روشناس ڪرايو، هن عشق جون مون ڪيئي صورتون ڏٺيون آهن جتي ڇو ته مان هتي هاڻ پنهنجي رب پاڪ جو عشق لامحدود حاصل ڪري ورتو، جنهن جي ڪابه حد ڪونه آهي” مون چيو
“پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿئي ٿو ته مون تو کان هڪ Luxurious زندگي کسي ورتي. اڄ صرف منهنجي ڪارڻ تون هڪ يتيم خاني جي ٻارن سان life گذاري رهي آهين”
“نه مصطفيٰ تون غلط ٿو چوين، مان اڄ هڪ تمام پرسڪون زندگي ٿي گذاريان هتي هر ٻار ۾ الله جل شانه جو عڪس عيان آهي، تنهنجي بيوفائي ۾ هڪڙو دور اهڙو به آيو جو مون هن دنياکان گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ ان گوشه نشينيءَ جي Phase ۾ مون رب پاڪ کي پنهنجي گهڻو قريب ڏٺو ، اسان هڪ انسان جي عشق ۾ گم ٿا رهون، پر رب پاڪ جو عشق پوري انسانيت جو ڏي، مان خوش آهيان مصطفيٰ”
جڏهن مصطفيٰ ڏٺو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو مطمعين ۽ خوش آهيان ته چيائين
“مون سڀ ڪجهه وڃائي ڪجهه نه پاتو ۽ تون صرف مون کي وڃائي سڀ ڪجهه پاتو”
“ها مصطفيٰ، انسان جي چاهت ۾ انسان سڀ ڪجهه وڃائي ٿو ويهي، فنا جي پويان فنا ٿيو وڃي” مون کيس وراڻيو
مون وري کيس چيو
“مصطفيٰ هي دنيا بازار مصر آهي، جتي هر انسان هڪڙو ئي ڪم پنهنجي ذات لاءِ ڪري ٿو ۽ اُها آهي “محبت”، ۽ نيٺ پنهنجي محبت ۾ پاڻ ئي وڪامجي ٿو وڃي”
مصطفيٰ مون کي ڪيترو وقت وري وري اِهو ئي چوڻ لڳو ته، مان ڏانهس موٽي اچان ۽ مون کيس اِهو چئي انڪار ڪيو ته مون واپس اچڻ لاءِ سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي.
تنهن بعد مصطفيٰ اچڻ لاءِ نه چيو منهنجي زندگي جو محور صرف ۽ صرف Sweet Home هو اِهو مون مصطفيٰ کي صاف ٻڌايو.
اڄ مون کي Sweet Home ۾ آئي 22 سال ٿي چڪا آهن، منهنجي زندگيءَ جو مقصد خدا جي قربت ۽ سندس انسانن سان پيار ڪرڻ، خدمت ڪرڻ رهيو آهي.
روشني سان روشني وڌي ٿي انسان سان انسان جي مشڪلات آسان ٿئي ٿي، انسان ئي انسان جي دوا آهي. بي وس، لاچار، مجبور انسانن جي خدمت گذاري ۽ غم خواري جيڪو سڪون بخشي ٿي اُها انمول آ ۽ ان جو ملهه ڪٿي نه ٿو ملي سگهي.
اميءَ جو انتقال ٿي ويو، پپا حيات آهن. تمام گهڻا ضعيف ٿي ويا آهن. ساڻن اڪثر ملڻ ويندي آهيان، ڪڏهن ڪڏهن کين Sweet Home ۾ به وٺي ايندي آهيان هُو ٻارن سان ملي هشاش بشاش ٿي ويندا آهن.
شهباز جي شادي ٿي ويئي الحمدالله تمام پياري ڪنوار مليس هڪڙي گڏيءَ جهڙي ڌي به اٿس تمام خوش آهي.
منهنجو گهڻو وقت اڄ به پنهنجي وڏي مهربان جي حمد و ثنا ۾ گذري ٿو اڪثر تهجد ۾ ويهي پنهنجي ڪيل غلطين جي معافي وٺندي رهندي آهيان ۽ سندس شڪرانا ادا ڪندي رهان ٿي. جنهن مون کي پنهنجي قربت کان روشناس ڪرايو ۽ پنهنجي عشقِ لامحدود جي روشني ڏني.
مان اڪثر سوچيندي آهيان ته انسان ڪيڏو نه مُورک آهي، عشق مجازي ۾ هڪ شخص پويان پوري دنيا کي ڇڏي پيئي ٿو ۽ عشق حقيقيءَ م هڪ رب پويان پوري دنيا کي حاصل ڪري وجهي ٿو، پوري انسانيت سان لامحدود پيار ڪري ٿو، اِهو پيار ڪڏهن ڪونه ٿو کٽي ۽ اِهو سڀ ان “وڏي مهربان” جي محبت ۽ عشق جي صدقي ملي ٿو.