ڪتاب ”تاريخ سکر“ ۾ شھر جي تاريخي قدامت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ جاگرافيائي ۽ سماجي تبديلين جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي . مصنف هن ڪتاب کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي . باب پھرين ۾ مھراڻ ، سکر ۽ بکر بابت ، باب ٻئي ۾ سکر جي تاريخ بابت ، باب ٽئين ۾ اسلامي فتوحات بابت، باب چوٿين ۾ سکر غلام سلاطين دور ۾ ، باب پنجين ۾ سکر خلجي دور ۾ ، باب ڇھين ۾ سکر تغلق دور ۾ ، باب ستين ۾ سکر ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ، باب اٺين ۾ سکر مغلن جي دور ۾ ، باب نائين ۾ ڪلھوڙا دور ، باب ڏهين ۾ ميرن جو دور ، باب يارهين ۾ انگريزن جو دور ۽ سکر نئون ، باب ٻارهين ۾ سکر ويھين صديءَ ۾ ، باب تيرهين ۾ سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت ، باب چوڏهين ۾ سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻھو ، باب پندرهين ۾ بکر ۽ سکر جا فارسي شاعر ۽ باب سورهين ۾ سکر جا سنڌي ، سرائيڪي ۽ اردو شاعر شامل آھن.
سنڌ شناسي
تاريخ سکر
- 4.5/5.0
- 30
- 5
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ڇپائيندڙ پاران
”سنڌين وٽ بہ پنهنجو تمدن، زبان ۽ خط هو، پر اهڙي ثبوت کان دنيا بيخبر هئي، وري جڏهن ويهين صديءَ جي شروعات 1922ع ڌاري محڪمي آثار قديمہ جي ماهر سر جان مارشل جي زير نگراني مهراڻ ماٿريءَ جا ٻہ قديم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو صفحہ هستيءَ تي نمودار ٿيا، تڏهن مهراڻ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت دنيا وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پيو، تہ 5 هزار ورهيہ ق.م سنڌ جا رهاڪو متمدن هئا ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو گهوارو هئي“. (ص 1 – 2 )
هونئن تہ ” سنڌ مهراڻ جو تحفو آهي“ (ص 1) پر ان ڏس ۾ مولائي شيدائي جيڪي تاريخي حوالا ڏئي ٿو، انهن مان هڪ اڌ هتي Coat ڪجن ٿا:
”مهراڻ جو اصلي نالو سنڌو آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ ”مهاساگر“ ( وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر نہ اچي.
”رگويد ۾ سنڌو جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ ڏنل آهي.
”رگويد ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”سوشاما“ بہ ڄاڻايل آهي. ”سنڌو جي ڪپن تي آرين رشين جهوني ويد رگويد کي قلمبند ڪيو هو، تنهن سبب ڪري گنگا ۽ جمنا کان وڌيڪ متبرڪ آهي“. (ص 2)
ائين سنڌ ۽ سنڌو تان ٿيندو مولائي شيدائي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر تي اچي ٿو، جيڪو ”مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آباد هڪ مشهور شهر آهي.“
تاريخ سکر جو اسڪرپٽ 16 هن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ پيل هو ۽ اها بہ فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي ۽ ان ڪاپيءَ ۾ بہ هر هنڌ، لڳ ڀڳ هر صفحي تي ڪٿان ڪٿان مواد غائب هو. چٽو نہ آيل هو- ڊٺل هو- ڪٿي ڪٿي لفظ ۽ انگ اکر آيل ئي نہ هئا. ان جي اصل ڪاپي ڪٿي هئي؟ ان جي ڪابه خبر نہ آهي!
ظاهر آهي تہ ان عرصي ۾ ”سکر“ گهڻو بدلجي چڪو آهي. خود ”تاريخ سکر“ جو مورخ بہ جسماني طور تي اسان وٽ موجود نہ آهي. پوءِ اهو اسڪرپٽ نظرثانيءَ لاءِ ڏنو ويو؛ پر ان جي نظرثاني ڪانہ ٿي.
اهو بہ خدا جو شڪر آهي تہ ”تاريخ سکر“ جي فوٽو ڪاپي ئي سهي، پر اسڪرپٽ موجود هو. جڏهن اهو اسڪرپٽ ڇپائڻ لاءِ ڏنو ويو، تڏهن ڪمپوزنگ ۽ پروفنگ ۾ ڏکيائون ٿيڻ لڳيون، ٻي ڪا واھہ نہ ڏسي، اسان ڌڪي تي مولائي شيدائيءَ جي نياڻي الھہ نور بروهيءَ کي ان ڏس ۾ واهر ڪرڻ لاءِ خط لکيو. اسان کي خوشيءَ آهي، تہ الھہ نور بروهي صاحب ان جو هاڪاري ۽ ترت جواب لکيو. ان جواب ۾ مولائي شيدائيءَ جي پويان ڇڏيل مواد بابت جيڪو الھہ نور بروهيءَ لکيو آهي، اهو اسان جي پنهنجي محسنن سان روا رکيل بي حسيءَ جو ۽ پنهنجو قومي سرمائي کان لاپرواهيءَ جو چٽو پٽو ثبوت آهي. (اهو خط ”مهراڻ“ ۾ ڏئي رهيا آهيون)، اسان جي اها ڪوشش رهندي، تہ اسين پنهنجي ان ڪوتاهيءَ جي ڪا تلافي ڪري سگهون.
الهه نور بروهي صاحب هڪڙي ڏينهن پاڻ ” تاريخ سکر“ جي اصل ڪاپي کڻي، سکر کان ڪهي، پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ڄام شوري هليو آيو، پر انهن ٻنهي ڪاپين (اصل ۽ فوٽو اسٽيٽ) ۾ فرق هو. جنهن مان ظاهر هو، تہ مولائي شيدائي ٻہ اسڪرپٽ لکيا هئا، ۽ فائنل ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ کي ڏني هئي، جنهن تان ئي فوٽو ڪاپي تيار ڪئي وئي هئي ۽ اها اصل ڪاپي ڪٿي آهي؟ ان جو ڪو پتو ڪونهي!
انهن سڀني مرحلن مان اسين ڪيئن اُڪري پار پياسين؟ تہ ان ڏس ۾ ليٽر پريس جي مئنيجر جاويد مرزا ۽ ڪارڪنن شهمير خان چانڊيو، عبدالستار ڪلهوڙو، جان محمد ٽڳڙ، محمد يوسف مغل، عبدالصمد ٻٻر، علي نواز ڪيهر، محمد اسماعيل قمبراڻي جنهن ذميواريءَ ۽ لڳن سان پاڻ موکيو آهي، ان لاءِ اهي بجا طور تي مبارڪن جا مستحق آهن. فارسي متن جي سلسلي ۾ محترم غلام محمد بلوچ (بلي صاحب) اسان جي رهنمائي ڪئي، جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون.
سيد امداد حسيني
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،سنڌ
30-نومبر 1992ع
باب پهريون: سکر مهراڻ جي ڪپ تي پيارو شهر
مهراڻ صفائي جي سرزمين ۽ اولياءَ الله جي کاڻ
سکر شهر سنڌ جي سري ۾ مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي هڪ مشهور شهر آهي، سنڌ مهراڻ پاران ڏنل تحفو آهي. دنيا ۾ جيڪي بہ قومون تمدن ۽ ثقافت جون علمبردار شمار ٿين ٿيون، تن اهڙو رتبو دريائن جي برڪت ڪري حاصل ڪيو، مثلاً ڪلداني، بابلي ۽ آشوري. انهن قومن عراق ۽ بابل ۽ اشور ۾ اتي جي ٻن دريائن دجله ۽ فرات ڪري ناموري حاصل ڪئي، مصري تہ قديم زماني ۾ نيل نديءَ کي ديوتا ڪري مڃيندا هئا، چينائي بہ چين جي ٻن درياهن ينگسٽي ڪانگ ۽ هوانگو ڪري متمدن شمار ٿين ٿا، اهڙي طرح مهراڻ جي ماٿريءَ مان بہ ست درياھہ وهن ٿا، جيئن مٿين بيان ڪيل درياهن جي وجود ڪري مٿيون قومون زراعت ۽ صنعت ۽ حرفت ڪري متمدن شمار ٿينديون هيون، تيئن سنڌين وٽ بہ پنهنجو تمدن، زبان ۽ خط هو پر اهڙي ثبوت کان دنيا بيخبر هئي. وري جڏهن ويهين صديءَ جي شروعات 1922ع ڌاري محڪمي آثار قديم جي ماهر سرجان مارشل جي زير نگراني مهراڻ ماٿريءَ جا ٻہ قديم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو صفحہ هستيءَ تي نمودار ٿيا، تڏهن مهراڻ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت دنيا وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پيو تہ 5 هزار ورهيہ ق-م سنڌ جا رهاڪو متمدن هئا ۽ سنڌو ماٿري تهذيب جو گهوارو هئي، اڄڪلهه ”موئن جو دڙو“ سياحن لاءِ آماجگاه بنجي چڪو آهي. موئن جي دڙي جي ڀر ۾ گهڻائي دڙا آهن جن جي کوٽائي ڪانہ ٿي آهي.
مهراڻ جا نالا ۽ شاخون
مهراڻ جو اصلي نالو ”سنڌو“ آهي جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي معنيٰ ”مهاساگر“ (وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نہ سگهي ۽ اها حقيقت آهي. ڇو تہ اڳ مهراڻ جي آب ڪلاني کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪو نہ هئا، پاڻيءَ جي چاڙهه وقت درياھہ وڻن ٽڻن ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو ميلن تائين پکڙجي ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو. خبر نہ ٿي پوي تہ سندس پيٽ ۾ ڪيترا شهر دفن آهن. ٻي منجهس هيءَ خوبي آهي تہ درياھہ ڪيترا ڀيرا پنهنجي وهڪري کي بدلايو آهي. ڪو وقت موئن جو دڙو بہ ان جي ڪپ تي بندر هو. رگويد ۾ سنڌو جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ ڏنل آهي. سنڌو کان سواءِ تاريخن ۾ سندس ٻيا نالا بہ ڏنل آهن جهڙوڪ اٽڪ، نيل آب، پنجاب، چينائن مٿس ”سين“ نالو رکيو ۽ مهران مٿس عربن نالو رکيو. رگويد ۾ سنڌو جو ٻيو نالو ”سوشاما“ بہ ڄاڻايل آهي. سنڌو جي ڪپن تي آرين جي رشين جهوني ويد رگويد کي قلمبند ڪيو هو، تنهن سبب ڪري گنگا ۽ جمنا کان وڌيڪ متبرڪ آهي[1] رگويد چوي ٿو تہ سنڌو ان ڪري متبرڪ آهي جو ”ورونا“ ديوتائن جي وهڪري جو رستو ٺاهيو آهي. انهيءَ طرح مسلمانن ۾ امام سيوطي کان هڪ روايت آهي تہ جنت مان چار درياھہ نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا، جن مان سيحون سنڌو آهي[2] رگويد ۾ مهراڻ جي معاون شاخن جا نالا بہ سنسڪرت ۾ ڄاڻايل آهن، جهڙوڪ: (1) وتستا (جهلم)، (2) اسڪني (چناب)، (3)پروشني (راوي)، (4) شتودري (ستلج)، (5) وپاس (بياس) اسلامي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي تہ ”سنڌ“ ۽ ”هند“ سام بن نوح عليه السلام جا پٽ هئا، جن جي نالن ڪري سنڌ ۽ هند نالا پيا ۽ انهن جي اولاد گهڻو وقت سنڌ ۽ هند تي حڪومت ڪئي[3] مهراڻ هماليه جبل جي مانسرور ڍنڍ مان نڪري18 سو ميل وهي، ڪيٽي بندر جي ويجهو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪر ي ٿو ۽ دنيا جي وڏين ندين مان سترهون نمبر آهي. صوبي سرحد مان ٻہ نديون ڪرمو (ڪرم) ۽ گومتي (گومل) منجهس پون ٿيون. آرين جڏهن وچ ايشيا کان نڪري پنجاب جي ستن درياهن واري ميدان ۾ بيٺڪون وڌيون تڏهن هن ديس تي ”سپت سنڌو“ يعني ستن درياهن وارو ملڪ نالو رکيو. ايرانين پنهنجي لهجي ۾ هن کي ڦيرائي ”هپت هندو“ ڪيو. انهيءَ طرح سنڌو بہ بدلجي ”هندو“ ٿي پيو ۽ يونانين جي زباني چرخي تي چڙهي ” انڊو“ Indo ٿي پيو. اڳتي هلي مغربين هندوستان انڊو کي ”انڊيا“ India ۽ سنڌو کي ” انڊس“ Indus بنائي ڇڏيو. وري جڏهن 1947ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان نقشي تي نمودار ٿيا، تڏهن هندوستان ڀارت سڏجڻ لڳو ۽ مهراڻ بہ مختلف نالا بدلائڻ کانپوءِ پنهنجي اصلوڪي ”سنڌو“ نالي سان سڏجڻ لڳو.
سکر جي طبعي حالت
ويدڪ شاسترن موجب سنڌ چئن حصن ۾ ورهايل آهي:
(1) اڌيجا (سرو)، (2) مڌ يا ديش (وچولو)، (3) نيچيا (لاڙ)، (4) پر اچيا (ٿر)
ليڪن قدرتي طرح ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سرو (اتريون مٿاهون حصو)، (2) وچولو (وچ وارو ڀاڱو)، (3) لاڙ (قدرتي لڙيل ڏاکڻو حصو)، (4) ڪوهستان (الهندي وارو جابلو حصو)، (5) ٿر (وارياسو حصو)، (6) ڏکڻ (اڀرندي واري ڪنڊ). سکر اتر مٿاهين حصي سري ۾ مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي شهر ۽ مکيه بندر آهي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٽيون نمبر وڏو شهر آهي، جو سمنڊ جي مٿاڇري کان 194 فوٽ بلند آهي ۽ اتر ويڪرائي ڦاڪ درجي 127 ۽ 22 ڊگرين ۽ اڀريندي ڊگهائي ڦاڪ درجي 168 ۽ 54 ڊگرين تي واقع آهي. قدرتي طور سکر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ جابلو ڀاڱو جو ٽڪرين ڪري سينگاريل آهي. ٻيو ميداني حصو، ٽڪرين واري حصي تي سرڪاري دفتر، ڪورٽون، ميونسپالٽي جون آفيسون، ڪاليج، اسڪول، راندين جو اسٽيڊيم، بجلي گهر نيشنل بئنڪ، اولياء الله جا مقبرا، پارڪ، مهراڻ ڪلچر، جيمخانا، پارڪون، بنگلا، واٽر ورڪس وغيره ديده زيب عمارتون انهيءَ حصي جي کاٻي پاسي کان مستانو مهراڻ نازخرامي سان پيو وهي، غرض قدرت جي صناعي هٿن هن شهر جي مشاطگي ڪندي هن صفائي واري سر زمين کي جيڪا زينت بخشي آهي، سا قدرت جي ڪريمي آهي.
ميداني حصي ۾ مارڪيٽ، مسافر خانا، گهنٽا گهر، مختلف بازاريون، هوٽل، سينيمائون، شاپون، براج ڪالونيون، ڪارخانا، بندر وارو رستو، پارڪ، شاپون ۽ دڪان آهن. مسلمانن ۽ هندن جا مسافرخانا، ريلوي اسٽيشن ۽ ريلوي جا دفتر ۽ پوليس ٿاڻو، ريلوي جا مال گدام بہ هن حصي ۾ آهن. هي حصو ٽڪرين واري حصي کان گهڻو ڳتيل آهي، اڳ شهر جي آدمشماري سٺ هزار هئي. تقسيم هند کانپوءِ مهاجرن جي اچڻ ڪري آدمشماري وڌي وڃي ڏيڍ لک کي پهتي آهي. آدمشماري جي وڌي وڃڻ ڪري، هن شهر جي اتر ۽ اولهندي طرف جايون تعمير ٿينديون. اميد تہ ڪنهن ڏينهن گوسڙجي تائين وڃي دنگ ڪندو. اهڙي رٿا زير غور آهي.
سکر جون سونهري ٽڪريون
جن جو سلسلو اروڙ کان شروع ٿي نئين ڳوٺ جي آدم شاهه ٽڪريءَ تائين ختم ٿئي ٿو. اهي ٽڪريون اروڙ کان شروع ٿي ڏکڻ طرف 34 ميلن تائين وڃن ٿيون. ڪن جون چوٽيون ڪن ڪن هنڌن تي ٽن سون فوٽن جي بلندي تي آهن. سابق رياست خيرپور ۾ ڪوٽ ڏيجي بہ هڪڙيءَ شاخ تي ٻڌل آهي. پاڻي نہ هئڻ سبب ويران آهن، پر سکر واريون ٽڪريون جن کي پاڻي ملي ٿو، تن تي پارڪ، باغ ۽ بوستان آهن. اروڙ وارين ويران ٽڪرين وٽان اڳ هاڪڙو درياه وهندو هو، جنهن جي وهڪري جا نشان بهاولپور ۽ ميرپور ماٿيلي وٽ نظر اچن ٿا. انهيءَ جي هڪ شاخ تي جيسلمير جي ڀرسان لوڊاڻي جي ڪپ تي مومل ڪاڪ جو قلعو ٻڌايو هو. جيئن سنڌ جو قومي شاعر ڀٽائي رحه فرمائي ٿو ته:
”ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، لوٺو لنڊاڻو؛
تو پڄاڻا سپرين، آتڻ اجهاڻو،
مئين سين ماڻو، مناسب نہ مينڌرا.“
هن بيت مان معلوم ٿيو تہ هاڪڙي جي شاخ لوڊاڻي ڪري ڪاڪ ۾ وڻڪار هئي، ميرپور ماٿيلي پريان هاڪڙي تي ڏيٿڙي جو پتڻ هو. جتي مال سان ڀريل ٻيڙيون پهچنديون هيون. سنڌ ۾ ستن شهيدن جون پيشنگويون مشهور آهن، جن مان پهرئين بيت ۾ هاڪڙي ڏانهن اشارو ڏنل آهي:
”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بيهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سو کڙي.“
هاڪڙو انبالا کان سيوالڪ جبل مان نڪري، بيڪانير، ڀٽ نير، ڪوٽ ڏراور ۽ اروڙ وٽان ٿيندو ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبڪلانيءَ جي مند ۾ ستلج جي ڇر جو پاڻي اچي هاڪڙي سان گڏبو هو. هينئر هاڪڙي واري وهڪري تان اوڀرندو نارو وهي ٿو. مشرقي پنجاب ۾ درياھہ گهگهر هاڪڙي جي ياد گار آهي. تازو پاڪستان آثار قديمہ جي ماهرن ڪوٽ ڏيجي وارن دڙن جي کوٽائي ڪندي ڪي شيون هٿ ڪيون آهن، سندن راءِ موجب اهي ”موئن جي دڙي“ واري تهذيب کان بہ جهونيون آهن. انهيءَ مان هاڪڙي جي قدامت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو . [4]
اروڙ جي ٽڪرين مان هندڪي دور ۾ سون ۽ چاندي کاڻين مان نڪرندي هئي، پوءِ اهي کاڻيون مٽجي ويون. هن وقت فقط ميٽ جون کاڻيون آهن. چُن ۽ ٽڪرين جي واري جاين جي تعمير ۾ ڪم اچي ٿي. انهيءَ واريءَ جي ڪري روهڙي لڳ سيمينٽ فئڪٽري آهي.
روهڙي جو شهر بہ انهن ٽڪرين جي هڪڙيءَ شاخ تي آهي. روهڙيءَ کان ڪنڪريٽ، وڏاپهڻ ۽ چن ٻاهر وڃن ٿا. سکر بئراج تي جيڪو پٿر ڪم آيل آهي سو سکر ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين مان ورتو ويو.
ستين واري ٿان جي ٽڪري جيڪا روهڙي واري ريلوي پل جي ڀر ۾ اولهندي پاسي کان آهي ۽ نهايت نظاري دار ٽڪري آهي، اروڙ وارين ٽڪرين جي شاخ آهي. خواجه خضر جو آستان ۽ بکر جو مضبوط قلعو بہ ٻن ٽڪرين تي آهن. بکر واري ٽڪري ڪري مهراڻ ٻن شاخن روهڙي وٽان وهي ٿو. بکر واري ٽڪري لنگهڻ کان پوءِ پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، سکر ۽ بکر واري درياھہ جي شاخ ويڪر ۾ ٻہ سوگز آهي ۽ ”کرڙي“ نالي سان سڏجي ٿي. 1903ع ۾ سياري ۾ صفا سڪي ويئي هئي، بکر ۽ روهڙي واري شاخ جي، جنهن جو نالو ڪن تاريخن ۾ ”کارماتري“ ڄاڻايل آهي، ويڪر چارسو گز آهي، بکر جي قلعي جي ڏکڻ اولهندي ۾ ٻہ ننڍيون ٽڪريون ”شاد ٻيلو“ ۽ ”دين ٻيلو“ نالن سان سڏجن ٿيون، شاد ٻيلو پوءِ ڦري ”ساڌ ٻيلو“ ٿيو ۽ دين ٻيلو بہ ساڌ ٻيلي سان ملحق ٿي ويو، اڳ ”ستياسر“ ڪوٺبو هو. سکر وارين ٽڪرين مان شهر جي اتر اولهندي واري ٽڪري تي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبر گنبذ هيٺان آهي، اها ٽڪري سندس نالي تي ”آدم شاهه“ ٽڪري سڏجي ٿي. انگريزن سکر شهر وارين ٽڪرين تي انگريزي نالا رکيا، جيئن واٽر ورڪس، جنهن مان شهر کي پاڻي پهچي ٿو، مشن زنانه اسپتال جي سامهون واري ٽڪري، مير معصوم شاهه مناري واري ٽڪري، ملٽري بنگلي واري ٽڪري، فريڪ هل جنهن تي سول اسپتال، ريلوي ڪوارٽر ۽ گهاڙ بنگلو آهي، ڪنگس هل ٽڪري جا سينٽ ميري هاءِ اسڪول کان شروع ٿي غريب آباد تائين آهي ۽ مٿس ريلوي جا بنگلا، عيد گاه ۽ ريلوي انسٽيٽيوٽ ۽ ميونسپل ريسٽ هائوس ۽ ريلوي گرلس هاءِ اسڪول آهن. شهر جي اتر الهندي وارين ٽڪرين تي انگريزن 19 صديءَ ۾ ملٽري مورچا تعمير ڪرايا هئا، جيڪي پهرين عالمگير جنگ تائين قائم رهيا، انهن ٽڪرين تي بيشمار قبرون هيون، سکر اوليائن جي کاڻ هو، انگريزن قبرون ڊهرائي دفتر ۽ بنگلا تعمير ڪرايا، خبر نہ ٿي پوي تہ ڪهڙا بزرگ پوريل هئا، جن جي مئي کان پوءِ مٽيءَ جي بي حرمتي ڪئي ويئي[5]، انهن ٽڪرين جا پهڻ لائڊ براج جي تعمير کان پوءِ گڊو براج تي ڪتب آندا ويا 1961ع کان 1962ع تائين روزانو ويهه گاڏا ريلوي جا پهڻن سان ڀريل ڪشمور ويندا هئا. ازانسواءِ نئين ڳوٽ جي سامهون چن جا بٺا آهن، جن ۾ لکين مڻ چن جڙي ٿو ۽ ڪنڪريٽ لکين ٽن ماهوار ريلوي لائينن تي وڇائڻ لاءِ ٻاهر وڃي ٿي ۽ شهر جا رستا تعمير ٿين ٿا، اهڙين ڪمائتين شين ۽ بزرگان دين جي قبرن ڪري اسين هن شهر جي ٽڪرين کي ”سونهري“ ڪوٺيون ٿا“ انگريزن اچڻ سان ٽڪرين تي جيڪي بہ قبرون ڊهرائي سندن نڪتل هڏن جون ٻيڙيون ڀرائي درياھہ ۾ اڇلايون، وري جڏهن مسلمانن وٽن احتجاج ڪيو، تڏهن جيڪو جواب ڏنائون، سو دلچسپ آهي:
”توهين مسلمان عجيب قوم آهيو، جو اوهان نظاريدار ٽڪرين کي قبرستان بنائي ڇڏيو آهي، اسان توهان تي ۽ اهل- قبور تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو سندن سڙيل هڏين کي ڪڍرائي درياھہ ۾ اڇلايو آهي، هي سنڌو درياھہ عربي سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اڇلايل هڏيون لڙهنديون وڃي حجاز پهچنديون.“
ايترين بربادين هوندي بہ ڪن ڪن ٽڪرين تي ڪي خالي قبرون نظر اچن ٿيون، جن کي نہ برٽش طاغوتي طاقت ڪيرائي سگهي نہ اڄ تائين زماني جا انقلاب مٽائي سگهيا، ڪن قبرن تي ڪاشي ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم ڪيل آهي، خبر نہ ٿي پوي تہ اهي اميرن جون آخري آرام گاهون آهن يا اولياء الله جون، پر آهي معاملو عجيب. جيڪي آثار قديمہ جي نگراني هيٺ آهن، سي زمانه جي دستبرد کان بچيل آهن. ڪن خدا رسيدن جون خانقاهون حڪومت پاڪستان اوقاف کاتي جي حوالي ڪيون آهن، اهو بلڪل سٺو انتظام آهي. بعض بيٺل قبرون ڪتبن نہ هئڻ ڪري قطعي گمنام آهن، مثال طور واٽر ورڪس جي اتر ۾ هڪ چبوترو جهونين سرن جو جڙيل آهي ۽ سرن جي جوڙن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. هندن جي دور ۾ سکر ميونسپالٽي اتي هڪ لوهي بئنچ رکائي هئي. شام جو ماڻهو مٿس ويهي نظاره مان لطف اندوز ٿيندا هئا. قيام پاڪستان کان پوءِ مٿس قبرون جوڙايون ويون ۽ ڏاڪڻ کي ڪيرايو ويو. مير عبدالباقي پوراني جي قبرستان ۾ گهڻائي اهڙا چبوترا هئا ۽ ڪي موجود آهن، ڪن کي زماني مٽائي ڇڏيو، جن کي مون سانڀر ۾ ڏٺو هو. ميرڪ جي قبي پٺيان هڪ ٽڪريءَ جي ٻن ڪنڊن تي بہ هم صورت چبوترا آهن، اهي ڪهڙن بزرگن جون قبرون آهن، تحقيقات ڪندي بہ پتو نٿو پوي. انهيءَ قبرستان جي مسجد جي ڀر ۾ هڪ بلند گوشو جڙيل هو، جنهن مان لنگهڻ ڪري حرامي ۽ حلاليءَ جي پرک پوندي هئي، هينئر ڪونهي. مناري معصوم شاهه جي سامهون هڪ وڏو چبوترو هو جو سلطان محمود ڪوڪلتاش بکر واري قبرستان ۾ آهي. هندن ان کي ڊهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪڙي ڪنڊ جون سرون ڪڍيائون تہ اندر هڪ پير مرد، هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ پرده دار خاتون جا لاش نظر آيا. مسلمانن ڪليڪٽر کي دانهن ڏني تڏهن مس مڙده لاشن جي طفيل چبوترو بچي ويو. واٽر ورڪس جي ويجهو نوگزي پير جي قبر آهي. اصل نالو بزرگ جو ڪهڙو آهي، سا خبر پئجي نہ ٿي سگهي. اتر هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ اهڙيون ڊگهيون قبرون آهن جيڪي نوگزا نالي سان سڏجن ٿيون. اتر الهندي وارين ٽڪرين تي گهڻيون جهونيون قبرون آهن خبر نٿي پوي تہ ڪير آهن. ڀوسالين جتي هينئر تيل جو ڊيپو آهي ڀر واريءَ ٽڪري تي هڪ چبوتري تي ڪي قبرون ۽ هڪ مسجد آهي. بيان ڪيل ٽڪرين اندر سکر جي تاريخ سمايل آهي. سنڌ ۾ ٽي نظاري دار هنڌ آهن: (1) لڪيءَ جو جبل جنهن جي هيٺيان مهراڻ وهي ٿو. (2) جهرڪ جي ٽڪري جنهن جي ڀر ۾ مهراڻ وهي ٿو. (3) بکر جي ٽڪرين جنهن تي بيهي ڏسڻ سان ستين جو ٿان ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ وارا کجين جا نخلستان ۽ روهڙي شهر جون جايون جيڪي منظر کي دلفريب بڻائين ٿا. حقيقت ۾ قدرت سکر کي سينگارڻ ۾ فراخدليءَ سان ڪم ورتو آهي.
نالو
سکر جي نالي متعلق تاريخن ۾ جدا جدا بيان ڏنل آهن جن مان ڪي من گهڙت آهن، ”هر که آمد تعمير نو ساخت“ جي مصداق آهن. ڪي افسانا سکر جي گرم آب هوا جي بنا تي ڏنل آهن، ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا، جي دلچسپ بہ آهن جيئن آئينده لاءِ انهن جو ازالو ٿئي:
”چيو وڃي ٿو تہ جڏهن غازي محمد بن قاسم، سکر جي ويجهو پهتو، تڏهن هتي جي گرم آب هوا محسوس ڪري ”سقر“ چيائين. چنانچه سقر لفظ بگڙجڻ کان پوءِ ڦري سکر ٿي ويو، جو ان جو هاڻوڪو نالو آهي. سقر عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي دوزخ ۽ هيءَ حقيقت آهي تہ هتي بي انتها گرمي پوي ٿي ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ جا ٻہ مهينا دراصل جهنم جو منظر پيش ڪن ٿا. آگسٽ ۾ گرمي شدت اختيار ڪري ٿي ، لطف هي چئبو جو ڪيترن ڏينهن تائين گهٽ ۽ ڪاڙهو هئڻ ڪري ماڻهو تڙپڻ لڳن ٿا ۽ تڙپندي ڏينهن گذارين ٿا.“
مٿيون بيان روزانه اخبار جنگ جي سکر جي نمائنده مٿئين اخبار ۾ شايع ڪرايو هو[7]. هن مضمون جو تاريخ سان ڪو تعلق ڪونهي. صوبو سنڌ چار هزار ورهيہ قبل مسيح مان سوني هو ائن جي دائري اندر هو. ان سبب ڪري هتي مينهن جام پوندا هئا. اهڙو ثبوت ”موئن جي دڙي“ جي پڪ سري جاين مان ملي ٿو ۽ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ هاٿي، گينڊا، چيتا، گورخر، باندر، مور ۽ جهنگلي ڪڪڙ نظر اچن ٿا. 324 ق-م يونانين جي ڪاهه ڪرڻ وقت سنڌ مان سوني هوائن کان ٻاهر هئي، تاهم مينهن ڪثرت سان پوڻ ڪري جانور ۽ پکي موجود هئا فقط باندر غائب نظر اچن ٿا. 1334ع ۾ شيخ ابن بطوطا سنڌ جي سياحت ڪرڻ وقت مهراڻ جي ٻيلن ۾ هڪ سڱا گينڊا ۽ بيد جا وڻ ڏٺا هئا[8]. غازي محمد بن قاسم 711ع ۾ سنڌ ۾ وارد ٿيو هو. سندس ڪاهه وقت سنڌ ۾ ايتري گرمي ڪانہ هئي، جيتري فاضل نامه نگار بيان ڪئي آهي، جو عرب جي صحرا نشينن پنهنجي وطن جي ٻرندڙ هوا باد سموم کي وساري سکر جي آب و هوا کي ” سقر“ دوزخ جو خطاب ڏين. عربي دور ۾ بہ هن صوبي ۾ ڪافي برسات پوندي هئي ۽ هي صوبو ڍنڍن ۽ ڍورن سان ڀريل هو. عربن هتي مور جام ڏٺا هئا ۽ هاٿي بہ هئا. هنن مور عراق پهچايا هئا، پر اتي جي آب و هوا مورن تي ناموافق پوڻ ڪري سندن رنگن ۾ فرق پئجي ويو هو. بني اميه دور جو حڪيم ابن فرازون سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ اڪثر مورن جو گوشت شوق سان کائڻ لڳو ۽ چوندو هو ” ”والله! مون اهڙو گوشت سڄي عمر ڪو نہ کاڌو هو[9] “. ابن بطوطا فقط سيوهڻ جي گرم راتين جو بيان ڏنو آهي[10].
غازي محمد بن قاسم هن کان 6 صديون اڳ آيو هو پر سکر ڪونہ آيو، اروڙ کان پوءِ ملتان تي ڪاهي ويو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جي پونين ڏينهن ۾ ترڪي اميرالبحر (ڪپتان) سيدي علي رئيس سنڌ ۾ آيو هو ۽ هن مهراڻ جي ڪپ وارن ٻيلن ۾ چيتا ڏٺا هئا. اڄ چيتن جو سنڌ ۾ نالو نشان ڪونهي. آب و هوا جي بدلجڻ ڪري جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، سنڌ جي آب و هوا ۾ فرق پوندو ويو، سراسري طور ڪراچي ۾ ساليانو 5 انچ مينهن پوي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هاٿي، گينڊا، مور، باندر، گورخر، شينهن، بيد ۽ بانس جا وڻ غائب ٿي ويا.
(2) تقسيم هند کان ڏهه سال اڳ، جي – ايل اسڪول سکر جي هڪ هندو ماستر مسٽر پرسرام ويرو مل مسند، سکر شهر جي تاريخ ”سکر سونهارو“ Sukkur The Sweet جي نالي سان تصنيف ڪئي، جا سندر شيوڪ سڀا پرماتما پريس سکر مان شايع ڪرائي. تاريخ ۾ مهاشيه جيڪو بيان ڏنو آهي، تنهن جو حوالو ڪونہ ڏنو اٿئين لکي ٿو ته:
”محمد بن قاسم ٿڪل ماندل حالت ۾ جڏهن سکر پهتو، تڏهن هتي جي شادابي کي ڏسي، خداوند تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيائين، سندس لفظ ”شڪر“ بدلجي سکر ٿيو، علاوه ان جي سکر ۾ ڪمند جي پوک ۽ ڳاڙهي کنڊ (شڪر) جڙندي هئي، انهيءَ سبب ڪري هن شهر تي سکر نالو پيو جو شڪر جو مخفف آهي[11] “.
مٿيون بيان هندڪي ڏند ڪٿا آهي بلڪ سونهارو لفظ جي معنيٰ هن ”مٺو“ ڏيکاري آهي جا عليم لغات موجب غلط آهي، سونهارو معنيٰ سونهن وارو، جنهن لاءِ انگريزي لفظ آهي بيوٽي فل Beautiful. محمد بن قاسم اروڙ ضرور پهتو هو، جيڪو انهن ڏينهن باغات ڪري معمور هو پر سکر ڪونہ پهتو هو.
(3) اڪبري دور ۾ ”تاريخ طاهري“ جا مير محمد طاهر نسياني قلمبند ڪئي، تنهن ۾ سکر جو نالو ”شڪورا“ ڄاڻايل آهي[12].
(4) سکر متعلق عربي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي تہ عباسي خليفي المعتصم باالله (218 هه 227هه) جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والي موسيٰ برمڪي جي ڏينهن ۾ 221 هه جڏهن سندس پٽ عمران بن موسيٰٰ برمڪي منصوره جو حاڪم ٿيو تڏهن سنڌ جي ميدن، حڪومت خلاف بغاوت ڪئي ۽ خونريز جنگ ۾ 3 هزار باغي قتل ٿي ويا ۽ هڪ وڏي جماعت قيد ٿي وئي، جن کان عمران مهراڻ جي آبڪلاني کي روڪڻ لاءِ سکر وٽ وڏو بند تعمير ڪرايو هو جو سڪته الميد ڄاڻايل آهي يعني ميدن واري پل- اهو سڪته لفظ ڦرندو سکر بنجي ويو. چچنامه ۾ سکر جو نالو ”سڪه“ لکيل آهي.
(5) المسعودي سکر کي شاڪرا لکيو آهي[13].
(6) سکر جنهن کي موءرخن شڪر، شڪورا، شاڪرا، سڪه، نالن سان لکيو آهي، سو مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري ”ساگر“ سڏجڻ لڳو. ساگر يا ساگرا جي معني آهي سمنڊ. آرين سنڌو درياه کي ساگر سڏيو هو. اهو نالو ڪثرت استعمال ڪري سکر بنجي ويو ڇو تہ فارسي تاريخن ۾ سکر ڄاڻايل آهي ۽ ڪن هنڌن تي ڪتاب جي غلطي وچان ”شڪر“ لکيو آهي، جيئن ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ ڄاڻايل آهي:
”ود ران طرف محاذيء قلعه شمال رويه،
شکر نام شهريست جنب دريا.“[14]
سکر جي لغوي معنيٰ
سکر ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي شريف، صحتمند، فارغ البال، شريف هن کي ان سبب ڪري چون ٿا جو هي شهر اولياءالله جي کاڻ آهي. افسوس! پهاڙين تي مقبرا انگريزن ڊهرائي ڇڏيا. باقي جيڪي آهن، تن جا چپي چپي تي مقبرا ۽ گنبذ موجود آهن، جن ۾ بزرگان دين ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. انهن خدا پرستن جو بيان موقع سر ڏبو. صحتمند هن ڪري آهي، جو باوجود سخت گرمي، جهولن ۽ ڪاڙهي جي هن شهر جي گرم هوا ۽ مٺو پاڻي بيحد مفيد آهن، جنهن کان ڪوبه عقلمند انڪار ڪري نہ سگهندو. فارغ البال هن ڪري آهي جو هي مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ سبب ۽ جاءِ وقوع جي هيئت ڪري اهڙي هنڌ تي بيٺل آهي جو واپار، صنعت، حرفت جو هميشه کان مرڪز هلندو ٿو اچي. اڄ بہ ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾ سري ۾ واپار جي وڏي مڏي آهي، اهڙي صنعتي ۽ تجارتي گهما گهمي ڪري غريبن کي بہ روزگار ميسر ٿئي ٿو.
سکر ثقافت جو هندورو ۽ نزهتگاه آهي
مشرقي خواه مغربي مؤرخن توڙي سياحن جي نظر ۽ بيانن موجب سکر نہ صرف ثقافت جو گهوارو هو پر هڪ نظر نواز دلفريب نزهتگاه بہ آهي. انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان اڳ جت هينئر نئون سکر جڙيل آهي اتي باغات، سرسبز کيتيون ۽ کجين جي وڻن جا نخلستان هئا ۽ هي شهر ميون ۽ گلن ڪري مشهور هو. اهڙن قدرتي حيات آفرين تحفن جي ڪري، هي شهر نزهتگاه هئڻ کان علاوه اهل- الله جي مسڪن هئڻ ڪري اسلامي تمدن ۽ علم و عرفان جو هميشه کان علمي ادارو ۽ تمدني مرڪز رهندو آيو. ڪن ماڻهن جو غلط خيال آهي تہ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي جيڪي کجين جا نخلستان هن وقت موجود آهن، اتي محمد بن قاسم جي لشڪر منزل ڪئي هئي ۽ عربن کارڪون کائي جيڪي ککڙيون اڇلايون، تن مان کجين جا وڻ پيدا ٿيا. تعجب اهو تہ وڏن وڏن محققن اهڙو بيان ڏنو آهي جو قطعي غلط آهي[15]. کجين جي وڻن جو وطن عربستان نہ آهي پر ايراني نار جو ڪنارو آهي، جتان هي وڻ نڪري، عراق، عرب، اتر آفريڪا ۽ الهندي يورپ تائين پکڙجي ويو. سنڌ جو علائقو مڪران کجين جي ڪري مشهور آهي، جتي هڪ سوء کان بہ وڌيڪ کجين جا قسم آهن، يعني تہ عربن جي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ کجين جا وڻ هئا، چچنامه ۾ ڄاڻايل آهي تہ سنڌ جي راجا چچ بن سيلائج ايران ۽ سنڌ جي حدبند ي ڪرڻ لاءِ مڪران جي ندي دشت جي ڪناري تي کجين جا وڻ پوکرايا هئا[16]. هن بيان مان سمجهي سگهندا تہ عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ کجين جا وڻ هئا، حڪومت پاڪستان مڪران جي کارڪن جي واپار کي وڌائڻ لاءِ اٺن لکن روپين جي موڙيءَ سان تربت ۾ کارڪن سڪائڻ ۽ دٻن ۾ بند ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو آهي.
مشهور انگريز سياح رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ سکر جي نظارن متعلق رقم طراز آهي ته:
”جيڪڏهن ڪو شخص سکر جي جمال کي ڏسڻ چاهي تہ مير معصوم جي مناري تي چڙهي چوءطرف ڏسڻ سان ديدار ڪري سگهي ٿو“.
برٽن 19 صديءَ جي وچ ڌاري سکر پهتو، جڏهن نئين سکر اڃا ترقي ڪانہ ڪئي هئي، 14 صدي ۾ شيخ ابن بطوطا سکر جو سير ڪيو هو، جڏهن شهر پراڻو سکر هو، هن شهر وارن جي مهمان نوازي ۽ خانقاهن ۽ بزرگان دين جي صحبتن جو بيان ڏنو آهي[17].
سڀني کان وڌيڪ سهڻو بيان سکر سونهاري متعلق مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي تاريخ تحفته الڪرام ۾ ڏنو آهي. جيڪڏهن تحفت الڪرام اڄ اسان وٽ نہ هجي ها تہ جيڪر اسين سکر سونهاري ۽ شهر واسين جي جمال ۽ ڪمال کان محروم رهجي وڃون ها، هن صاحب جيڪو بيان ڏنو آهي، سو غيرفاني آهي، جنهن تي اسين فخر ڪري سگهون ٿا، فرمائي ٿو تہ ”لاڙ ۾ ٺٽو ۽ سري ۾ بکر (سکر) ٻئي شهر تمدني مرڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽ ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ، نفاست ۽ قابليتون آهن. اونهاري ۾ جڏهن آبڪلاني جي مند ۾ ميوا پچن ٿا ۽ گل کڙن ٿا، تڏهن شهر جا امير توڙي غريب زالن ۽ ٻارن ٻچن سوڌو سڄو ڏينهن باغن ۾ گذارين ٿا، واقع انهن باغن جا گل سنگهڻ جي لائق آهن.“ عهد-گل جي وسريل افساني جي عبارت ملاحظه فرمايو:
”مرد مش چون مردم سپر و صفا دوست و بلطافت
مزاج و تلاش استعداد انصاف دارند در ايام تابتان
که موسم طغياني آب رسيدن ميو هات اهالي و موالي،
ادنيٰ و اعليٰ از ذکورو اناث بيشتر بخلا و ملا
روز در باغات بسر برند بالجمله جائي ديدني و گل از بوستان نزاهتش شميدني.“ [18]
بکر جي قدامت
جهڙيءَ طرح سکر قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو جهوني ۾ جهونو شهر آهي، تهڙيءَ طرح سکر جو قلعو بکر جنهن جي نالي تي اسلامي تاريخن ۾ سکر، بکر ڄاڻايل آهي، قدامت رکي ٿو، ان باري ۾ عيسوي سال 60 ۾ بکر جو ڏس هڪڙي گمنام يوناني جي ڪتاب ”پيريپلوس“ Periplus مان پئجي سگهي ٿو. هن ڪتاب جو مسٽر ونسينٽ وليم Vincent William انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو سنه 1800ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. ڪتاب جو نالو آهي، ”هندي وڏي سمنڊ جو پيريپلوس“ Periplus of Ery Threan Sea ڪتاب ۾ بکر جو نالو ”بيهڪر“ Behker ڄاڻايل آهي[19]. هي پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ بکر جو بگڙيل نالو نظر اچي ٿو.
(2) مسٽر ايڇ- ريورٽي پنهنجي ڪتاب ” مهراڻ ۽ سندس معاون شاخون“ ۾ لکيو آهي تہ اتر سنڌ ۾ ”اڪر“ ۽ ”بڪر“ ٻہ شهر آهن، هن مان معلوم ٿيو تہ اسلام کان اڳ سکر، اڪر سڏبو هو ۽ بکر، بڪر سڏبو هو، مسٽر ريورٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي تہ بڪري تي سوڍن جي حڪومت هئي، قلعو هو يا نہ ان متعلق بيان ڏنل ڪونهي[20].
(3) چچنامه جو سنڌ جي پهرين تاريخ آهي، جنهن ۾ راءِ گهراڻي جي راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڇهن قلعن جا نالا هن طرح ڏيکاريل آهن: 1-اُچ، 2-ماٿيلو، 3-سيورائي، 4-مؤ، 5- الور، 6- سيوستان[21].
(4) بکر جو قلعو ڄاڻايل ڪونہ آهي، اڳتي هلي چچنامه جي ترجمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ باب ”اشارا ۽ واڌارا ۾ بلاذري جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو تہ محمد بن قاسم جي فتوحات وقت اروڙ جي ويجهو بغرور شهر هو، جنهن کي بکر سمجهڻ گهرجي[22]. بلاذري جو بيان مون پڙهيو آهي بغرور شهر جو نالو ڏنل آهي پر اهو بکر ٿي نٿو سگهي[23] ڇو تہ علامه بلاذريءَ اهو ڪونہ لکيو آهي تہ بغرور (بکر) هو. جديد تحقيقات ڪندي اروڙ جي سامهون بدره (پدره) جو ڳوٺ مغليه دور ۾ نظر اچي ٿو، جنهن کي بلاذريءَ بغرور لکيو هوندو. بدره جو بيان موقعه سر ڏبو. بکر جو نالو عربي دور ۾ لب-تاريخ جي صاحب ”فرشته“ ڄاڻايو آهي، جيڪڏهن بغرور هجي ها تہ بدلائڻ جو ڪهڙو ضرور؟
(5) لب تاريخ جو صاحب فرشته متعلق هن طرح بيان ڏنو آهي:
که در بعض کتب قديم ديده ميشود که تاريخ بناء بکر (بالاحصار) که ازرواعداد حروف ابجد سال 333 هه برمي ايد که مطابق (1040ع) خواهد گشت شايد در زمان حکام خلافت بني عباس بنياد گرديده است [24].
ترجمو: ”يعني تہ ڪن جهونن ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي تہ بکر بناء ابجد جي حساب مطابق تاريخ بالا حصار مان 333 هه مطابق 1040ع معلوم ٿئي ٿي ۽ ان دور ۾ سنڌ تي عباسي خليفا حڪومت ڪندا هئا.“
لب تاريخ جي صاحب جن جهونن ڪتابن جو اشارو ڏنو آهي تن جا حوالا ڪونہ ڏنا آهن، ان ڪري سندس بيان تاريخي فن جي لحاظ سان مبهم آهي، ڇو تہ هن صاحب بکر جي قلعي جي تعمير جو جيڪو سال 1040ع ڄاڻايو آهي، ان دور ۾ بغداد جي عباسي خليفن جي حيثيت دهليءَ جي پوين مغل بادشاهن شاهه عالم اڪبر ثاني ۽ ابو ظفر بهادر شاهه جهڙي هئي، چنانچه ايران، عراق، ماوراء النهر، شام جهڙا صوبا خلافت عباسيه جي اقتدار کان نڪري چڪا هئا، سلجوقي سلاطين جو سڪو رائج هو. وري 1025ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ کان موٽندي منصوره تي قبضو ڪري عربي حڪومت جو سنڌ اندر خاتمو آندو. مٿين تاريخي شاهدين هوندي ڪيئن چئي سگهبو تہ 1040ع ۾ عباسي خليفن بکر جي قلعي کي تعمير ڪرايو؟
(6) فرشته (بکر) جو قلعو عباسي خليفن مان هارون الرشيد (786 – هه 170ع) بغداد جي تخت تي ويٺو سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شيخ ابوتراب جو تبع تابعين مان هو متوفي(787 – 171 هه) فرشته جو قلعو تعمير ڪرايو[25].
(7) غلام سلاطين جي دور ۾ التمش 1210ع کان 1235ع تائين دهليءَ تائين حڪومت ڪئي. سنڌ بہ سندس ماتحت هئي، سندس ڏينهن ۾ سيد مير محمد مڪي رح رضوي ساداتن جو ڏاڏو مشهد کان سکر پهتو. انوقت صبح صادق جو وقت هو.سيد صاحب جي زبان مان هي فقرو نڪتو:
”جعل الله بکر تي في بقعته المبارڪ“.
ترجمو: الله منهنجو صبح برڪت واري زمين تي ڪيو[26].
ٻي روايت هن طرح آهي تہ سيد محمد مڪي پنهنجن خادمن کي چيو هو تہ جتي ڍڳي جو آواز ٻڌو اتي منزل ڪنداسون، سکر وٽان لنگهڻ وقت خادمن ڍڳي جو آواز ٻڌي هتي خيما کوڙيا هئا، هي واقعو 1260ع جو آهي، عربيءَ ۾ بکر معنيٰ صبح ۽ بقر معنيٰ ڍڳو. ٻنهي لفظن جو اُچار هڪجهڙو آهي ۽ انهن لفظن ڪري فرشته نالو بدلجي ”بکر“ جو اڄ تائين قائم هلندو اچي ٿو. بکر جو قلعو عربي دور کانوٺي فوجي نقطئه نظر کان سکر جي پاسباني ڪندو رهيو، تنهنڪري اهڙي سياسي اهميت جي ڪري سکر بہ بکر ڪوٺجڻ لڳو حالانڪ بکر جو قلعو فوجي ڇانوڻي هو ۽ شهر پراڻو سکر هو جو اڄ تائين سکر پراڻو سڏجي ٿو. هن شهر ۾ جيڪي امير توڙي درويش رهندا هئا، سي تاريخن ۾ ”بکر“ ڄاڻايل آهن، انهيءَ طرح سکر پراڻي جا هندو بہ پاڻ کي ”باکرو“ سڏائيندا هئا، تحفته الڪرام مان وڌيڪ معلوم ٿئي ٿو تہ شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا ملتانيرحه پنهنجي مرشدشيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي کان رخصت وٺي بغداد کان روانو ٿي ملتان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو تہ ان موقعي تي مرشد کيس چيو هو تہ فرشته ۾ منهنجو هڪ مريد مخدوم نوح رهي ٿو، تنهن سان ملاقات ڪجانءِ[27]. مخدوم نوح جي قبر سفيد قبي اندر بکر جي قلعي اندر ريل جي پٽي لڳ آهي.
سکر شريف
سنڌ ۾ گهڻا اهڙا شهر آهن جي بزرگان دين جي زيارتگاهن جي ڪري ”شريف“ جي لقب سان سڏجن ٿا، جهڙوڪ: سيوهڻ شريف، روهڙي شريف، اُچ شريف، ملتان شريف وغيره. سکر کي صاحب تحفته الڪرام سيد مير علي شير قانع ٺٽوي تہ ”اولياء الله جي کاڻ“ لکيو آهي پر اسان مسلمان اهڙي لکت کان بي خبر آهيون، جو هن برڪت واري سرزمين کي ”شريف“ جي شرف کان محروم ڪندا رهيا آهيون. بنين تفاوت!
________________________________________
[1] ايف مئڪ سلمر: واٽ انڊيا ڪئن اٽ ٽيچس، ص 164 – 168 آڪسفورڊ.
[2] سيوطي جي روايت لاءِ ڏسو سيد سليمان ندوي جو ڪتاب ”عرب ۽ هند جا تعلقات، اله آباد.
[3] مولانا سيد ابوالحسن: آئينه ائوڌ ص 3 مطبع نظامي ڪانپور 1305 هه.
[4] هاڪڙي متعلق ڏسو منهنجو مضمون روزانه مهراڻ ڪراچي جو سال نمبر 16 – نومبر 1958ع.
[5] آزاديءَ کان پوءِ واٽر ورڪس جي اتر طرف واري ٽڪريءَ تي اسلاميه ڪاليج تعمير ڪرڻ وقت مٽيءَ جي دڙن کي سڌي ڪرڻ لاءِ ٽرئڪٽر هلايا ويا تہ ڪيترا انساني هڏا صحيح سالم نڪتا هئا.
[6] نوٽ: اڳ ٻڌڪي ٽڪري ۽ جهرڪن واري ٽڪري پاڻ ۾ گڏيل هيون پوءِ سنڌو سندن وچان رستو ٺاهيو هتان دريا جو پاڻي تيزي سان وهي ٿو.
[7] روزانه اخبار جنگ جو فيچر مضمون 26 سيپٽمبر 1959ع ڪراچي از جميل جبلپوري.
[8] عجائب الاسفارج 2 دهلي، يونانين جي بيان لاءِ ڏسو ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ج - 1 يونانين جي ڪاهه
[9] مولانا نور محمد نظاماڻي: تاريخ سنڌ ج – 2 سنڌي ادبي سوسائٽي پريس حيدآباد.
[10] عجائب الاسفار ج – 2 بيان سيوهڻ.
[11] پرسرام ويرو مل مسند: سکر سونهارو ص 19– 20 پرماتما پريس سکر.
[12] ايلٽ – ايچ (ڊائرسن): تاريخ هند ج – 1ص 256 – تاريخ طاهري جو سال تصنيف آهي. 1030 – 1625 ع
[13] سنڌ هسٽاريڪل جرنل، ج 1، ڀاڱو 2، بيان قديم سنڌ ص 25 مارچ 1934ع ڪراچي.
[14] يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجهاني، باب اول ص 4، ڪراچي 1962ع.
[15] ڊاڪٽر ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدآباد.
[16] R. Hughes Buller: Gazetteer of Makran “DATES”, Bombay 1908 ښ
[17] تحفته الڪرام ج – 3 ص 144.
”عجائب الاسفار ج 2 بيان بکر .
[18] مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام ج 3 ص 144.
[19] Vincent William: peryplus of erythrean sea, Part I. London. 1800
[20] Raverty.H.G: Mehran & its tributaries, Calcutta, 1892
[21] چچنامه سنڌي ترجمو از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم امير احمد، باب 1، ص 10 سنڌي ادبي بورڊ 1954ع.
[22] چچنامه باب اشارا ۽ واڌارا ص 376.
[23] بلاذري لاءِ ڏسو فتوح البلدان بحواني ڪتاب ”عربون ڪي نظر مين هندوستان“ ص 118 ج 1، اعظم ڳڙه.
[24] خان بهادر خان: لب تاريخ بيان فرشته، رياض الهند پريس امرتسر 1901ع.
[25] سنڌ گزيٽئر، ج ب 3 ص 43 بمبئي 1928ع شيخ ابوتراب جو مقبرو ميرپور ساڪره جي ڳوٽ گجو ۾ آهي، جنهن تي ڄام صلاح الدين قبو اڏايو ۽ زيارتگاه آهي.
[26] روزانه الوحيد اسپيشل ايڊيشن سنڌ آزاد نمبر ص 62، جون 1936ع ڪراچي.
نوٽ: هندوستان ۾ گواليار، ارنگل، چتوڙ، رڻٿنڀور ۽ برهمڻ آباد مشهور ۽ مضبوط قلعا هئا، برهمڻ آباد جو قلعو چئن ميلن ۾ هو. معارف جولاءِ 1962ع ص 8 – 9 .
[27] ايچ ڪزنس: دي ائنٽيڪوئيٽيز آف سنڌ ص 94، ڪلڪتو
باب ٻيو: سکر تاريخ جي آئيني ۾
هڪ هزار ورهيہ قبل مسيح آرين جي هڪ پنڊت منو مهراج جيڪي قانون رائج ڪيا، ان مطابق ورن آشرم جو دور شروع ٿيو. منوءَ جي قانونن موجب برهمڻ ايشور جي مک مان، کتري ٻانهن مان، ويش پيٽ مان ۽ شودر پيرن مان پيدا ٿيا. مٿين قانونن موجب برهمڻ جو ڪم هو راجائن کي صلاح مصلحت ڏيڻ، تعليم ڏيڻ ۽ مذهبي امور بجا آڻڻ. اهي سڀني ذاتين کان برتر هئا، حڪومتن جو چرخو بہ سندن معرفت هلندو هو. کتري حڪمران طبقو هو. ويش جو ڌنڌو هو ، واپار ڪرڻ ۽ زراعت، شودر قديم رهاڪو هئا جن کي ”دسير“ ۽ زالن کي ”داسي“ لقب ڏنا، هن طبقي جو ڌنڌو هو مٿئين ذاتين جي چاڪري ۽ غلامي ڪرڻ. غرض انساني سوسائٽي ۾ قديم رهاڪو سخت قانونن نافذ هئڻ ڪري ذليل زندگي بسر ڪرڻ لڳا. سندن ڇوٽڪاري جو ڪو وسيلو ڪونہ هو، سواءِ غلامي جي. اهو دور. .00 6 ق-م تائين رهيو.
جين ۽ ٻڌ ڌرم
467 ق-م ويسيلي شهر ۾ هڪڙي شاهوڪار جناتريڪا کي مهاوير نالي پٽ ڄايو. ويسيلي پاٽنا جي ويجهو ويديها آريائي رياست جو تختگاه هو جو سڄي هندوستان ۾ برک شهر هو. مهاوير جين ڌرم جو پايو وڌو. هن چئن ڳالهين جو پرچار ڪيو (1) ڪنهن بہ ساهه واري کي ايذاءَ نہ پهچايو. (2) هميشه سچ ڳالهايو. (3) ڪابه شيءِ چوري نہ ڪريو. (4) پٺيان ڪابه ملڪيت نہ ڇڏبو.
گوتم ٻڌ
ڪپل وستو رياست جي ساڪيا گهراڻي جي راجا سڌوڌن جو پٽ، سندس زمانو 563 ق-م کان 483 ق-م آهي. گوتم ذات پات جي زنجيرن کي ڀڃڻ لاءِ تحرڪ شروع ڪيو. پهريان بنگال، وچ هندوستان ۽ گجرات تائين ٻڌ ڌرم پکڙجي ويو. بعد ۾ موريا راجائن جي تبليغ ڪري سنڌ، بلوچستان، افغانستان، وچ ايشيا، چين، جاپان، برما، سيام ۽ سيلون تائين پکڙجي ويو. تعجب هي چئبو جو ايتري وسعت هوندي بہ هندوستان مان بہ سندس اثر مٽجي ويو فقط جين ڌرم موجود آهي. مٿئين ڌرم جي ڪري دسيو کي زندگيءَ جي مهلت ملي ۽ برهمڻ جو زور گهٽجي ويو. دسيو کي تعليم پرائڻ ۽ هنر سکڻ جي اجازت ملي. آسوڪا ٻڌ ڌرم کي زور وٺرايو. جا بجا ٻڌ جا ڪتبا، مندر ۽ مَٺ تعمير ٿيا، اهڙن مندرن ۽ اسٽوپن جو سنڌ ۾ چار هزار تعداد هو ۽ هوئن تسانگ چيني سياح ڄاڻايو آهي تہ راجا آسوڪا جمله 000 84 چوراسي هزار سنگهارا ۽ مٺ تعمير ڪرايا هئا. سنڌ ۾ تارڪ الدنيا ڀڪشن جو تعداد ڏهه هزار هو[1]. هوئن تسانگ 629ع کان 645ع تائين سنڌ ۽ هند جي سياحت ڪئي هئي.
سکر ايران جي ماتحت
ايران جي اشڪاني فرمانروائن مان دارا جي ڏينهن ۾ مهراڻ جو اولهندو حصو اٽڪ کان وٺي ويندي سمنڊ تائين سکر سميت ايران جي ماتحت هو. دارا کي هن حصي مان 178272 پائونڊ ساليانو آمدني هئي. ايرانين ڪڇي ۾ قندابيل ۽ سنڌ ۾ بهمن آباد شهر تعمير ڪرايا، لاڙڪاڻي ضلع جي دڙن مان جيڪي شيون هٿ لڳيون آهن، سي ايراني ساخت جون آهن[2]. دارا مهراڻ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ۽ سامونڊي رستن کي معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اميرالبحرسائيڪلاس کي اٽڪ کان جهازن جو دستو ڏيئي روانو ڪيو، جنهن ٽن سالن تائين مهراڻ جي ڊيلٽا کان ڳاڙهي سمنڊ کان مصر تائين رستو معلوم ڪيو هو. [3]. هي 480 ق-م جو واقعو آهي.
يونانين جي ڪاهه
332 ق-م يونانين اسڪندر مقدوني جي سرڪردگيءَ هيٺ ايشيا ڪوچڪ، شام، فلسطين، مصر، ايران، وچ ايشيا ۽ افغانستان کي طوفان وانگر لتاڙيندا خيبرلڪ ٽپي بياس تائين پهچي، ٻيڙين وسيلي ملتان، اچ فتح ڪري سکر تائين پهتا، اسڪندر اروڙ جي راجا موسيڪانوس کي آڻ مڃڻ لاءِ چوائي مڪو پر هن انڪار ڪيو، هڪ دوا يوناني فاتح ڏانهن مڪائين، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان نانگ جو زهر ضايع ٿيندو هو. اسڪندر دوا کي آزمائي موسيڪانوس جي تعريف ڪئي ۽ سکر ۾ پنهنجي هڪ جنرل ڪريٽريوس جي نگراني هيٺ هاٿين جو دستو ۽ لٽ جو سامان بولان لڪ واري رستي کان سيستان ڏانهن روانا ڪيا، موءرخ بطليموس اسڪندر جي ڪاهه وقت بکر جو نالو بينانگر ڄاڻايو آهي. يعني بينا قوم رهندي هئي. تحفته الڪرام بينا، تاڪ ۽ موميد سنڌ جون قديم قومون لکيون آهن، تاڪ قوم جو وطن تڪاديش هو، جنهن تي يونانين ٽئڪسلا نالو رکيو هو. ريورٽي بينا قوم کي سوڍا ڏيکاري ٿو، جنهن جو بيان بکر جي نالن ۾ ڏيئي چڪا آهيون، ادارڪي بيگلاري” بيگلار نامه“ ۾ بينا، ٽانڪ ۽ بنوميا سنڌ جون قومون ڄاڻائي ٿو. بهرحال اسان کي خبر پئجي سگهي ٿي تہ يونانين جي ڏينهن ۾ بکر ۽ سکر جا رهاڪو بينا يا بنوميا يا بنو جا هئا[4]. وڌيڪ هي خبر پوي ٿي تہ سکر مهراڻ تي مشهور پتڻ هو جو مهراڻ ذريعي پنجاب، ڪشمير، صوبه سرحد ۽ سنڌ جي ڊيلٽا وارن شهرن سان ڳنڍيل هو ۽ خشڪيءَ رستي بولان ۽ موله لڪن وسيلي مڪران، قنڌار، خراسان، سيستان ۽ وچ ايشيا ڏانهن هتان رستا ويندا هئا.
موريا جو راڄ
اسڪندر مشرقي ملڪن جي دولت کي لٽي واپار جي رستن کي معلوم ڪري 324 ق-م ۾ مڪران جو ڪنارو وٺي بابل پهتو جتي انتقال ڪيائين. هن جيڪي ملڪ فتح ڪيا هئا، سي سندس جرنيلن پاڻ ۾ ورهائي کنيا. سنڌ سيليوڪس جي ماتحت ٿي ويئي، جنهن کي 323 ق-م ۾ موريا گهراڻي جي راجا چندر گپت مات ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ هرات تائين ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندا. سيليوڪس پاران ميگسٿيتيز، چندر گپت جي درٻار پاٽنا ۾ سفير هو، جنهن جي بيانن مان ان زماني جي سماجي، اقتصادي، ثقافتي، ڌرمي ۽ تجارتي حالتن تي روشني پئجي سگهي ٿي. مسٽر آر-سي دت يوناني سفير جي بيانن تان قديم هندستان جي تاريخ جا ٽي جلد تيار ڪيا.
آسوڪا
337 ق-م آسوڪا اعظم پاٽنا جي گادي تي ويٺو، جنهن ٻڌ ڌرم کي زور وٺرايو ۽ جا بجا ڪتبا کڙا ڪيا، جي پالي زبان ۾ آهن. هن پنهنجا سفير يونان، مصر ۽ لبيا جي يوناني حاڪمن جي درٻارن ڏانهن روانا ڪيا. اهڙن ناتن جي ڪري واپار ۽ ثقافت ترقي ڪئي. موريا راڄ ۾ امن امان هئڻ ڪري سکر واپار ۾ ترقي ڪئي. چين جو ريشم، ڪشمير جون جڙيون ٻوٽيون ۽ عطر مهراڻ رستي ڊيلٽا تي پهچڻ لڳو جتان جهازن وسيلي مصر جي بندر برنائيس تي پهچڻ لڳو. هي بندر ڳاڙهي سمنڊ تي مصر جي بطليموس حاڪمن تعمير ڪرايو هو. خشڪي رستي هندوستان جي مال جا قافلا خيبر ۽ بولان لڪن کان ايشيا ڪوچڪ تائين پهچڻ لڳا. سنڌ جي ڊيلٽا تي پٽالا ۽ ڀنڀور ٻہ مکيه شهر ۽ بندر هئا، جتي فنيقيا جا واپاري رهندا هئا. ڀنڀور ۾ مهراڻ جي جهازن کي محصول ڀرڻو پوندو هو ۽ ٻيڙن جو مال غورابن ۾ ڀربو هو[5]. سکر کان گهوڙا ۽ گڏهه وڪري لاءِ هندوستان ڏانهن ويندا هئا. سکر واپار جي مارڪيٽ هئي.
يوناني باختري حڪومت
185 ق-م-موريا شهنشاهت جو سنگا گهراڻي خاتمو ڪيو. هن انقلابي دور ۾ نئين يوناني باختري حڪومت جنم ورتو، جنهن پنجاب، سنڌ ۽ گجرات تائين قبضو ڄمايو پر جٽاءُ ڪري نہ سگهي.
پارٿي ۽ يوچي
پارٿين جو وطن خراسان هو، جن سان ساڪ (سٿين) قوم بہ شامل هئي. ساڪ قوم جي ڪري سيستان تي ساڪستان نالو پيو هو. يوچي جن جو وطن اتر چين هو ۽ مغربين هن قوم کي ”هن“ HUN لکيو آهي. انهن قومن جو وجود بلخ، ڪابل، پنجاب ۽ بلوچستان تائين پکڙجي ويو هو. 73 ق-م هندوستان ۾ سنگا گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ 78 ق-م انڌرا قوم ولين مگڌه تي قبضو ڪيو. ساڳي سال يوچي راجا ڪنشڪ پنجاب، ڪشمير، قنڌار، سنڌ ويندي نربدا نديءَ تائين علائقن تي قبضو ڪيو. ڪنشڪ جي حڪومت مضبوط هئي پر 220ع ۾ ڪنشڪ کان پوءِ انڌرا ۽ يوچين جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ پاٽنا تي گپت گهراڻي قبضو ڪيو. هندوستان ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو. ڪنشڪ جي راڄ ۾ گنڌارا آرٽ ترقي ڪئي ۽ يوناني سنگتراشي جو اثر پيو.
گپت جو راڄ
گپت راجائن مان 375ع ۾ راجا وڪرما جيت اُجين جي گاديءَ تي ويٺو. مالوه، گجرات ۽ سنڌ سندس قبضي هيٺ هئا. هن دور ۾ سنسڪرت زبان پراڪرت ٻولين ۾ ورهائجي ويئي، شاعري ۽ فن ناٽڪ ۽ سنگتراشي ترقي ڪئي[6]. وڪرما جيت جو سنبت هندن ۾ اڄ بہ رائج آهي. وڪرمي درٻار جي شاعرن مان مهاڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ شڪنتلا، ميگهدوت، رگهوونس مشهور آهن. شاعر امر ڪوس جون تصنيفون بہ مشهور آهن. جو تشين مان براهمير، آريا ڀٽ نالي وارا ٿي گذريا آهن. طب ۾ ڌنوتري وقت جو جالينوس هو. فن مصوري بہ ترقي ڪئي. شڪنتلا جو ڊرامو گهڻن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مٿين ادبي ڪارنامن جو اثر اسان جي سنڌي ادب تي پيو هوندو.
هرش جي حڪومت
گپت گهراڻي جي خاتمي کانپوءِ قنوج جي راجا هرش ٻڌ ڌرم جي تبليغ ڪئي. سندس ڏينهن ۾ چيني سياح هوئن تسانگ هندوستان ۾ ٻڌ جي مندرن جي ياترا ڪرڻ آيو هو. هن اروڙ کان وٺي ٿر تائين سنڌ جا مندر ڏٺا هئا. هرش 647ع ۾ انتقال ڪيو. کائنس پوءِ جيڪي انقلاب رونما ٿيا، انهن مان هڪ هو ٻڌ ڌرم جو هندوستان ۾ خاتمو، ٻيو ويدڪ ديوتائن اندرا، ورونا ۽ اگني بدران درگا (ڪالي)، گنيش جي بتن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. راجپوت جيڪي ڪاليءَ جا پوڄاري هئا، سي ٻڌ جي خلاف هئا. اڄ بہ اروڙ ويجهو ڪاليءَ (ڪالڪا) جي بت تي هر سال رات جو ميلو لڳي ٿو، جتي جو ئا جام هلي ٿي. هرش پاڻ ودو ان هو. سندس ڊراما نا گا نندا، رتناولي ۽ پريه درڪشا مشهور آهن ۽ سندس درٻاري شاعر ”بان“ جون تصنيفون ڪادمبري ۽ هرش مشهور آهن.
راجپوت
راجپوت معنيٰ راجائن جو اولاد، آهي سورج ونسي ۽ چندر و نسي سڏائيندا هئا. پوءِ منجهن جدا جدا ڪل بنجي ويا جهڙوڪ اگني ڪل جنهن ۾ پرمار، سولنڪي، چوهاڻ ۽ پرمار. ”سورج و نسي“ جون چار شاخون آهن: گهلوت، سيبويه، ڪڇوا، راٺوڙ. ”چندر و نسي“ جون اٺ شاخون آهن: يادو، ڀاٽي، جاڙيجا، سمتيجا، مديجا، بدمن، بدا ۽ سوها[7].
اروڙ جا راجپوت
ايوڌيا جي ڪوسل راڄ جا راجائون، جن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ رامائڻ جي هيرو سري رامچندر سان سندن مائٽي هئي، اهي سورج و نسي هئا. سنڌ جي راجائن جو بيان ”وشنو پراڻ“ ۽ ”مئترايڻي“ اپنشد“ ۽ ويدڪ دور ۾ مهراڻ ماٿريءَ ۾ ڪيڪئه ديش هاڻوڪي اٽڪ وٽ هو. ڪيڪئي هن ديش جي راجڪماري هئي، جنهن ايوڌيا جي راجا دسرٿ سان شادي ڪئي هئي. مالي قوم جو راڄ ملتان تي هو. سنڌ ساگر دوآبه تي ”شبي“ راجا جو راڄ هو، جنهن جي اولاد سنڌ جي ڪڇي پر ڳڻي ۾ شبي SIBI (سيوي) جو شهر تعمير ڪيو هو. يوب، لورالائي ۽ قلات تي انهيءَ شيوي (شيوا) قوم جي حڪومت هئي. راجا رامچندر جي سورج و نسي ڪل جي راجا بليڪا جي پٽن اروڙ جو بنياد وڌو. اهي راجائون اروڙ و نسي بہ سڏبا هئا. هندن ۾ اروڙ قوم پنجاب ۾ موجود هئي. هن بيان مان 1100 يارنهن سوء ورهيہ ق-م اروڙ شهر جي قدامت جو ڏس ملي ٿو. تاريخن ۾ اروڙ جا ٻيا نالا بہ آهن، ايم-جولين سنسڪرت نالو ”وچوا پورا“ يعني وچولي جو شهر ڄاڻايو آهي.
اروڙ جا نالا
سنڌ جي تختگاه شهر اروڙ جو پهريون نالو ” پٽولا“ هو معنيٰ ٽڪري تي مندر وارو بندر. سنڌ جا اهڙا شهر جيڪي مهراڻ جي ڪپ تي ٽڪرين مٿان هئا، تن تي يونانين ”پٽالا“ نالو رکيو هو، جيئن نيرن ڪوٽ اڳ پٽالا سڏ بو هو. لهاسا (ٿٻيٽ) ۾ لاما جو ٽڪر تي مندر بہ پٽولا سڏبو هو[8]. هوئن تسانگ اروڙ جو نالو ” پيشان پوپولو“ ڄاڻايو آهي، جنرل ڪئنگهام ڪتاب ” قديم هندوستان“ ۾ اروڙ جا ٻہ نالا ڏيکاري ٿو، ”روڙپورا“ ۽ ” روڙانگرا“ ٻنهي جي معنيٰ ٽڪريءَ وارو شهر، راءُ گهراڻي جا راجائون، جن 450ع کان 643ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي، تن جي سلطنت جون حدون چچنامه ۾ هن طرح ڏيکاريل آهن:
”حدود و مسالڪ او از جانب شرقي تاحد ڪشمير، از طرف غربي تاحد مڪران، از جنوبي تالب آب درياي محيط و ديبل و از شمالي تاکوه کردان و از ڪيڪانان[9] “.
سکر چوٿين پرڳڻي ۾ ”سڪهہههه “ ڄاڻايل آهي. رعايا خوشحال ۽ حڪومت وٽ دولت هئي، بکر جو نالو ڏنل ڪونهي.
تختگاهه اروڙ
اروڙ هينئر ڳوٺ آهي روهڙيءَ کان پنج ميل ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪري تي آهي، تختگاھہ واري زماني شهر جي الهندي کان مهراڻ ۽ اوڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري شهر باغات، نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو، شهر کي ٻٽي عالمپناه ڏنل هئي، شهر ۾ ڪاٺ جون ماڙيون ۽ محلات هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو عظيم الشان مندر هو، منجهس وڏو بت رکيل هو. جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ پيل هئا، هٿيارن ۽ اَن جا گدام هئا، گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون، اروڙ پنهنجي باغن ۽ تفريحگاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو هو. راءُ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور هئا، ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندوستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هتي لنگر هڻندا هئا، حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي، شاهي خزانا ڀرپور هئا. حڪومت چئن حصن ۾ ورهايل هئي، جن مٿان گورنر(ملڪ) مقرر هئا، ماڻهو هر طرح فارغ البال هئا.
”راويان احاديث و مصنفان تواريخ چنين آورده اندر که شهر ارور که دارلملڪ هند و سنداست، شهري بود معظم، آراسته، بانواع قصر و باغ ورياحين و حياض و انهارو و رياض و ازهار، بر آب سيحون که آنرا مهران گويند“[10].
راءُ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندوستان ۾ اقتصادي ۽ سياسي نقطه نظر کان مضبوط هئي، سنڌ جي راجائن جي راجپوتانا ۽ ڪشمير جي رجائن سان مائٽي هئي، ڪشمير کان وٺي ديبل تائين ۽ چتوڙ کان وٺي ڪردان (براهوئي جبل) ۽ مڪران تائين ملڪ سندن ماتحت هو.
اروڙ جا عربي نالا
ابن خردازبه 250 هه : هن تختگاھہ شهر کي رور لکيو آهي، اصطخري الزور ڄاڻايو آهي، مسعودي جنهن 942ع ۾ شهر ڏٺو هو الرور لکيو آهي. ادريسي 1165ع ڌاري رور ڄاڻائي ٿو ۽ ابن حوقل جنهن 343 هه مطابق 943ع سنڌ جو پهريون نقشو تيار ڪيو هو، اروڙ کي الرور ڏيکاري ٿو[11]. راءُ گهراڻي جي جمله پنجن راجائن حڪومت ڪئي: 1- راءُ ديواجي، 2- راءُ سهرس، 3-راءُ سهاسي. 4- راءُ سهرس ٻيو، 5- راءُ سهاسي ٻيو، اهي راجائون ايران جي ساساني فرمانروائن جا همعصر هئا، راءُ سهرس اول نيمروز (سيستان) جي جنگ ۾ ايرانين هٿان مارجي ويو هو. راجائن جو مذهب ٻڌ هو.
برهمڻ حڪومت
راءُ سهاسي ثاني بي اولاد هو، هن جي راڻي سُونهدي (سونهن ديوي) نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ جو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي ويد ياد هئا، پڻهس سيلائج اروڙ جي ڀر ۾ هڪ مٺ جو پروهت هو. چچ وڏي وزير رام جي دفتر ۾ محرر هو. چونڪ انشاپردازي جي فن ۾ ماهر هو، ان سبب ڪري وزير جو منظور نظر بنجي ويو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾ پهچندا هئا، سي وزير راجا کي ٻڌائيندو هو ۽ حڪمن موجب جواب گورنرن کي موڪليندو هو. هڪ دفعي وزير موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو تہ راجا کي احتياط سان خط پڙهي ٻڌائي ۽ جواب ڌيان سان لکي روانا ڪري، وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي در تي پهتو ان وقت راڻي بہ موجود هئي، چونڪ برهمڻ زادو هو، ان ڪري راجاراڻي جي پردي کي محسوس نہ ڪري چچ کي روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا نوجوان برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو تہ آئينده رام جي غيرحاضريءَ ۾ چچ ڪم هلائي، ليڪن راڻي برهمڻ نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي، ڪجهه وقت خفيه عهد و پيام جو سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻي، راجا جي موت کي لڪائي، چچ سان وعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽ اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان شادي ڪئي. راءُ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 662ع تائين سياڻپ سان حڪومت ڪئي. جن جن راجائن يا قومن بغاوتون ڪيون تن کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو هو. هن رعايا لاءِ جيڪي ٻڌ هئا، اهڙا سخت قانون نافذ ڪيا هئا، جو ڪيترن راجائن بغاوتون ڪيون، جن کي ٻاهرين امداد نہ ملڻ سبب شڪست کائڻي پئي. حضرت عمرالفاروق رضه جي ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقع تي چچ ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي، اهڙي طرح سياسي توازن رکڻ لڳو[12]. سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جي ٻڌ جا پوڄاري هئا، سي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا.
ڏاهر بن چچ
ڏاهر بن چچ 700ع ۾ اروڙ جي تخت تي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ دمشق جي تخت تي بنواميه گهراڻي مان وليد بن عبدالملڪ هو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصره جو حاڪم هو. مشرقي پر ڳڻا بہ سندس نگراني هيٺ هئا، هو وڏو سياستدان ۽ ظالم هو، سندس ظلمن کان تنگ ٿي گهڻن عربن ملبار، سيلون ۽ ڪارو منڊل ۾ بيٺڪون وڌيون هيون، ۽ اتي واپار ڪندا هئا. وليد جي ڏينهن ۾ عرب جي قبيلي علافي بغاوتون ڪري مڪر ان ۾ پناه ورتي هئي. حجاج سندن گوشمالي ڪرڻ لاءِ محمد بن هارون نمريءَ کي مڪر ان جو والي مقرر ڪيو، جنهن علافين کي شڪست ڏني. ڪي علافي سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا، جن کي ڏاهر پناهه ڏئي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيو. سنڌ جا برهمڻ راجائون وقت بوقت اسلامي سلطنت سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳا. برهمڻ راجائن ٻڌ وارن تي جيڪي قانون نافذ ڪيا هئا، سي گهڻو سخت هئا. جهڙوڪ: (1) گهوڙي تي هني رکڻ کان سواءِ سواري ڪن، (2) ريشمي ڪپڙن پائڻ کان پرهيز ڪن، (3) چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي نڪرن. (4) ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو ساڻ کڻن، (5) مندرن جي لنگر خانن کي ڪاٺيون پهچائين، (6) مٿي تي پٽڪي رکڻ بدران رومال ٻڌن، (7) حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪن. چچ جي قانون کان ٻڌ جا پوڄاري جن کي عرب موءرخن سمينه لکيو آهي، تن مان نيرن ڪوٽ وارن حجاج بن يوسف ڏانهن امداد لاءِ وفد مڪو. وليد جي ڏينهن ۾ اسلامي حڪومت جون حدون الهندي ۾ موراڪو کان اڀرندي ۾ ڪابل تائين هيون. ڀونوچ سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ ۽ ايراني نار تي عربن جو قبضو هو. حجاج گهڻائي ڀيرا وليد کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اجازت گهري هئي؛ پر خرچ پکي جي سبب ڪري وليد انڪار ڪندو رهيو. ڏاهر کي نجومين اطلاح ڏنو تہ جيڪو تنهنجي ڀيڻ ٻائي سان شادي ڪندو، سو سنڌ فتح ڪندو. ڏاهر اهو ٻڌي پنهنجي ڀيڻ سان نالي ماتر شادي ڪئي، انهيءَ ڪري شاهي خاندان ۾ انتشار پئجي ويو، ڇو تہ ٻائي چتور جي راجڪمار سان مڱيل هئي[13].
________________________________________
[1] جين جا مندر ننگر پارڪر ۾ آهن.
[2] ايضاً ڪلڪتو 1929ع فردوسي شاهنامه ۾ ڪشمير، ملتان، سنڌ ايراني حڪومت جا حصا ڄاڻايا آهن.
[3] ڪمبرج تاريخ هندوستان ج 1، ڪئمبرج 1922ع.
[4] ايضاً، اسڪندر جي ڪاهه، جيمس ٽاڊ: تاريخ راجستان ج 1 ص 92 – 53 ج 2 ص 225 – 227 .
[5] آر-سي دت: ائنشنٽ انڊيا، ج 2 ڪلڪئو، ايف مئڪسملر: واٽ انڊيا ڪئن اٽ ٽيچ اس، آڪسفورڊ.
Vincent Willaim, D: Yoyage of Nearchus, from Indus to Euphrates, pp. 122 – 23 London, 1779.
[6] سنگتراشي لاءِ اجنتا جا غار بهترين نمونو آهن. گپت راڄ ۾ چيني سياح فاهين 405ع کان 411ع تائين سياحت ڪئي هئي. وي –اي سمٿ: آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا، ص 106.
[7] مولوي حڪيم نجم الغني: وقاع راجستان، ج 1، ڪانپور 1927، اروڙ جو ميلو ڪالڪان سڏبو آهي.
[8] Horig.M.R: Indus delta country, C H, II PP. 18. 20, London 1892. Sindh
Histarical journal part IV, March 1939, Karachi.
[9] شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: چچنامه ص – 15 مطبع لطيفي دهلي 1939ع.
[10] شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: چچنامه ص 15 مطبع لطيفي دهلي 1939ع.
[11] ابن حوقل جي سنڌ جي نقشي کي سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ” عرب وهند کي تعلقات“ ۾ ڏنو آهي، جو ايلٽ کي شاهان اؤڌ جي ڪتبخاني مان هٿ لڳو هو.
[12] شبلي معماني: الفاروق، اعظم ڳڙهه..
[13] عراق جي سوميري قوم، مصر جي فراعنه ۽ هندن ۾ نالي ماتر ماءُ ۽ ڀيڻ سان شادين ڪرڻ جو رواج هو.
باب ٽيون: اسلامي فتوحات
ڏاهر جي هٺ ڌرميءَ ڪري، حجاج سنڌ تي ڪاهه ڪرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو. چنانچه سرانديپ جي راجا ڪي سوغاتون خليفي وليد ڏانهن روانيون ڪيون، انهن جهازن ۾ عرب سوداگرن جون بيوه زالون ۽ يتيم ٻار بہ سوار هئا. ديبل وٽ پهچڻ وقت بحري ڦورن مٿين جهازن کي لٽي، بيوه عورتن ۽ يتيمن کي ديبل جي قلعي ۾ قيد ڪيو. حجاج ان باري ۾ ڏاهر سان خط و ڪتابت ڪئي، پر ڏاهر ڪو معقول جواب نہ ڏنو. حجاج دمشق درٻار کان اجازت وٺي، خرچ جو ذمو پاڻ تي کڻي، شيراز جي گورنر ”عماد الدين محمد بن قاسم“ کي، جو سندس سوءٽ نوجوان جرنيل هو تيار رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. محمد بن قاسم جي عمر 17 سال هئي ۽ دمشق جي فوجي ڪاليج جو تعليم يافته شاگرد هو.
محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه
حجاج پنهنجي سؤٽ کي روبرو گهرائي ضروري هدايتون ڏيئي 6 هزار شامي سوار فوج ۽ 6 هزار عراقي شتر، سوار لشڪر سئي سڳي سميت ڏيئي روانو ڪيو ۽ هڪڙو جهازن جو دستو جن تي کانڀاڻيون ( منجنيقون) هيون، سمنڊ رستي روانو ڪيائين. مڪران پهچڻ وقت محمد بن هارون بہ ساڻس پنجن سون جي فوجي دستي سان شريڪ ٿيو ۽ اسلامي لشڪر ارمائيل (لس ٻيلو) فتح ڪيو. هتي محمد بن هارون وفات ڪئي[1]. سال 711ع ڌاري اسلامي لشڪر ديبل تي گهيرو ڪيو. مجاهدن وڏي کانڀاڻي سان مندر جي عظيم الشان گنبذ جنهن تي جهنڊو لڳل هو، ڪيرائي ڇڏيو، قلعي وارن آڻ مڃي. محمد بن قاسم قيدين کي آزاد ڪرايو. جن آڻ مڃي هٿيار ڦٽا ڪيا، تن کي آزاد ڪيو ويو، جن مقابلو ڪيو، تن کي گرفتار ڪيو ويو. محمد بن قاسم اڳتي وڌي نيرن ڪوٽ ۽ سيوستان فتح ڪيا، اروڙ جي جنگ ۾ ڏاهر وڏي لشڪر سان شڪست کاڌي ۽ مارجي ويو. برهمڻ آباد فتح ڪرڻ کانپوءِ اروڙ تي گهيرو ڪيو ويو. شهر وارن تنگ ٿي امان گهري، محمد بن قاسم اڳتي وڌي ملتان فتح ڪيو. هتي جي مندر جي تهخانن مان کيس بيشمار خزانو هٿ لڳو، جو سمنڊ رستي حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو. فتوحات سنڌ وقت مال غنيمت ۾13 ڪروڙ روپيا هٿ لڳا. عرب فاتح جيڪي شهر ديبل کان قنوج تائين فتح ڪيا، تن تي مسلمان حاڪم مقرر ڪيا ۽ منجهن مسجدون تعمير ڪرايون، هندن جي مندرن سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪونہ ڪيائين، برهمڻن جي عهدن ۽ جاگيرن کي قائم رکي، انهن لاءِ وظيفا مقرر ڪيائين. برصغير ۾ سنڌ پهريون علائقو هو جو اسلامي تبليغ ڪري ”باب الاسلام“ بنجي پيو. ٽن سالن جي عرصي ۾ غازي محمد بن قاسم ڪشمير جي حد کان وٺي مالوه ۽ راجپوتانا تائين ملڪ فتح ڪيا. سکر اسلامي جهنڊي هيٺ اچي ويو ۽ اولياء الله جو مسڪن بنجي ويو. لوڪل بورڊ سکر جي دفتر جي اڀرندي طرف ٽڪري جي ٻنهي ڪنڊن تي ٻہ ڊٺل تجرون آهن، جن متعلق روايت آهي تہ مجاهدن جون قبرون آهن، جيڪي محمد بن قاسم جي لشڪر سان آيا هئا.
بني اميه دور
خلافت راشده جو دور 632ع کان شروع ٿي 35 هه مطابق 652ع تائين پورو ٿيو. ٻيو دور اسلامي سلطنت جو 41 هه کان مطابق 661ع شروع ٿي 127 مطابق 743ع تائين پورو ٿيو. 714ع وليد بن عبدالملڪ جي وفات کانپوءِ سليمان بن عبدالملڪ دمشق جي گاديءَ تي ويٺو. وليد پنهنجي پٽ کي وليعهد مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؛ جن سندس مدد ڪئي هئي، تن کي سليمان سخت سزائون ڏنيون جهڙوڪ: غازي محمد بن قاسم فاتح سنڌ کي واسط جي جيل خاني ۾ قيد ڪري کيس ايذاء ڏيئي مارايو. قتيبه بن مسلم فاتح ڪابل ۽ وچ ايشيا، موسيٰ بن نصير فاتح اندلس کي بہ تڪليفون پيش آيون. سليمان حڪم ڏنو تہ جيڪي عرب سپاهي محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ڏانهن ويا هئا، سي سنڌ ۾ رهن، بني اميه دور ۾ اسلامي تبليغ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جي ڪوشش سان بيحد ترقي ڪئي. 107 هه (725ع) ۾ جنيد سنڌ جو والي ٿي آيو جنهن مرمد مارواڙ، مانڊل (وير گام)، دهنج (پٽن) ۽ ڀڙوچ فتح ڪيا. جنيد کانپوءِ حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ جو والي مقرر ٿي آيو ساڻس محمد بن قاسم جو پٽ عمر گڏجي جنهن ٻہ نوان شهر منصوره ۽ محفوظه تعمير ڪرايا، جن مان منصوره صدين تائين سنڌ جو عربي تختگاه رهيو. حڪم کانپوءِ عمرو بن محمد قاسم سنڌ جو والي ٿي آيو. کانئس پوءِ يزيد والي مقرر ٿيو، جنهن جي خلاف منصور بن جمهور باغي ٿي سنڌ تي قبضو ڪيو.
عباسي دور
132 هه – 749ع ڌاري عباسي دور شروع ٿيو ۽ سنڌ بغداد جي ماتحت ٿي ويئي. هن دور ۾ ساداتن ۽ عباسين جون پاڻ ۾ جنگيون شروع ٿيون، جن جو اثر سنڌ تي بہ پيو. جهڙوڪ: عمر بن حفص ساداتن جو حامي هو، جنهن ڪري شيعت جو سنڌ تي اثر پيو، جو پوءِ اڳتي هلي وڌي وڻ ٿي ويو. 752ع منصور عباسي جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شام جازن سان گجرات ۽ ڀڙوچ تي ڪاهي يادگار لاءِ ڀڙوچ ۾ مسجد تعمير ڪرائي، 777ع ۾ مصبح بن عمر تغلبي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ نزارين (حجازين) ۽ يمنين جا پاڻ ۾ فساد شروع ٿيا، جنهن ڪري سنڌ جي عربي حڪومت کي نقصان پهتو. 780ع ۾ ليث سنڌ جو والي ٿيو ۽ جاٽن فساد ڪيا. هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ شيخ ابوتراب بکر جو فرشته قلعو تعمير ڪرايو ۽ يمني ۽ حجازين جا باهمي جهڳڙا زور پوندا ويا. 800ع ۾ دائود مهلبي سنڌ جي والي حجازين جو زور ڀڃي ڇڏيو. 221هه – 835ع ۾ موسيٰ برمڪي سنڌ جو والي مقرر ٿيو، پٽس عمران ڪيڪانان جي جاٽن کي شڪست ڏني ۽ بيضا جو شهر تعمير ڪرائي، منجهس ڇانوڻي وڌي. موسيٰ کان پوءِ عمران برمڪي سنڌ جو والي ٿيو، جنهن ميد باغين کي شڪست ڏيئي قيدين کان سکر وٽ مهراڻ کي ”سڪته الميد“ بند ڏياريو، سنڌ ۾ هيءَ پهرين ”براج“ هئي.236هه-850ع ۾ عنبسه ابن اسحاق ديبل واري مندر جي هڪ حصي کي قيد خاني ۾ تبديل ڪيو، يمنين ۽ حجازين جو وري فساد کڙو ٿيو. عمران بن موسيٰ، حجازين جو امير، عمر بن عبدالعزيز هٿان مارجي ويو، 849ع ۾ هارون سنڌ مٿان والي مقرر ٿيو، هو يمنين ۽ حجازين ۾ توازن رکي نہ سگهيو، جنهن ڪري عمر بن عبدالعزيز، هباريءَ هٿان قتل ٿي ويو. خليفي متوڪل عباسيءَ عمر بن عبدالعزيز جي درخواست تي سنڌ، هباري امير جي حوالي ڪئي.
سنڌ تي هبارين جي حڪومت
هن خاندان جو باني عمر بن عبدالعزيز هبارين اسود جي پيڙهيءَ مان هو، هباري گهڻي وقت کان منصوره جي ڀر واري ڳوٽ ”بانيه“ ۾ رهندا هئا ۽ سنڌي عربن ۾ سندن قبيلو ممتاز هو ۽ 854ع ۾ طاقت ۾ اچي سنڌ جا حاڪم بڻجي ويا، سنڌ نالي طور بغداد جي ماتحت هئي، عربن جي اندروني باهمي فسادن ۽ انتشار ڪري سنڌ جي هندو راجائن خود مختياري اختيار ڪئي هئي، جنهن ڪري عربن کي پنهنجي بچاءُ ڪاڻ منصوره، محفوظه ۽ بيضا جا نوان شهر تعمير ڪرڻا پيا. اڳ اروڙ تخت گاه هو پوءِ منصوره بني اميه جي پوئين دور ۾ عربن جو تخت گاه بڻجي ويو، هبارين جو تخت گاه بہ منصوره هو. 270هه-883ع ڌاري عمر کان پوءِ پٽس عبدالله منصوره جي گاديءَ تي ويٺو، پر 279هه 892ع ۾ عام بلوه ۾ بنو ڪنده جي غلام صمه سنڌ تي قبضو ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عبدالله هباريءَ حالتن تي قبضو ڪري، پنهنجو موروثي ملڪ هٿ ڪيو. سکر ۽ بکر اروڙ سميت منصوره ۾ شامل هئا.
بنو منبه جي ملتان تي حڪومت
بنو منبه گهراڻي وارا عمان جي بنوسامه خاندان جي هڪ شاخ هئا، جي ملتان ۾ رهندا هئا، عربن جي بغاوتن مان فائدو وٺي 290هه ۾ ملتان ۾ پنهنجي خود مختاريءَ جو اعلان ڪيائون ۽ سنڌ ٻن رياستن ۾ ورهائجي ويئي: (1) منصوره جنهن جون حدون اروڙ کان وٺي سمنڊ تائين هيون. (2) ملتان جنهن جون حدون ملتان کان اروڙ تائين هيون. ٻئي فوجي لحاظ کان طاقتور هيون.
ملتان ۽ منصوره تي محمود غزنويءَ جو قبضو
شيعن جو هڪ فرقو اسماعيلي سڏ جي ٿو ۽ تاريخن ۾ قرمطي ۽ فاطمي نالن سان ڄاڻايل آهن. ان زماني ۾ اتر آفريڪا ۽ مصر ۾ فاطمين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. عباسي سلطنت پوڙهي ٿي چڪي هئي، ان مان فائدو وٺي فاطمين پاران داعي عباسين جي پر انهن صوبن ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ پر ڳڻن کي انقلاب لاءِ تيار ڪرڻ لڳا. 270 هه – 999ع ۾ عبدالله المهدي فاطمي جي ڏينهن ۾ داعي هيشم سنڌ ۾ تبليغ ڪرڻ آيو هو. تنهن کانپوءِ داعي تبليغ ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. کين قاهره کان هدايتون ملنديون رهيون، آخر سر زمين سنڌ کي انقلاب لاءِ هموار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسماعيلي امام العزيز باالله متوفي 386 هه جي ڏينهن ۾ ”جلم بن شيبان“، امام جي فوجي مدد سان 367 هه -997ع ۾ بنوسامه قريشين کان ملتان کسي حڪومت ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ڀر وارن هندو راجائن سان دوستي جا ناتا رکڻ لڳو. 375 هه شيخ حميد ملتان جي گاديءَ تي ويٺو ۽ فاطمي سڪو ۽ خطبو جاري ڪيائين. کانئس پوءِ شيخ نصر کانپوءِ شيخ دائود تخت نشين ٿيو، جنهن محمود غزنوي خلاف لاهور جي راجا جيپال کي مدد ڏني. انهيءَ ڏوهه ڪري 401 هه 1010ع ۾ سلطان محمود دائود کي گرفتار ڪري، ملتان تي قبضو ڪيو. اسماعيلي منصوره ڏانهن ڀڄي آباد ۽ شهر تي قبضو ڪيائون. 416 هه – 1025ع ۾ محمود غزنوي سومناٿ فتح ڪري، موٽندي منصوره تي قبضو ڪيو ۽ سلطان جي جنرل عبدالرزاق سکر ۽ بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو[2].
مهراڻ جو اروڙ کان رخ بدلائڻ
عربن جي پوين ڏينهن ۾ سندن ڪم طاقتي ڪري جن هندو رياستن سنڌ ۾ زور ورتو، تن مان اروڙ جي رياست وڏي هئي. راجا جو نالو دلو راءِ هو، جو وڏو ظالم هو. هر رات ڪنهن نہ ڪنهن دوشيزه سان هم بستري ڪندو هو ۽ اروڙ کان لنگهندڙ مال سان ڀريل جهازن کان مال جي قيمت جو اڌ حصو محصول طور اڳاڙيندو هو. برهمڻ آباد بہ سندس رياست اندر هو. هن جي ڏينهن ۾ مهراڻ اروڙ کان رخ بدلايو. ايلٽ هن واقع کي تاريخ طاهري کان نقل ڪيو آهي.
”هڪڙي دفعي هڪ خداپرست عرب سودا گر سيف الملوڪ مال ٻيڙيون ڀرائي، مهراڻ ذريعي ديبل ڏانهن وڃي رهيو هو، (ڪن هنڌن سودا گر جو نالو شاهه حسين سيف الملوڪ ڄاڻايل آهي) اروڙ جي بندر تي لنگرانداز ٿيڻ وقت، راجا جي اهلڪارن هن جي زال بديع الجمال جي حسن جي تعريف وڃي راجا سان ڪئي، جنهن حڪم ڏنو تہ زوريءَ سندس زال کي رنگ محل اندر پهچايو وڃي. سودا گر مطلب سمجهي ٽن ڏينهن لاءِ مهلت گهري. انهيءَ وچ ۾ ڪثير دولت خرچ ڪري اروڙ کان ڪجهه فاصلي تي مهراڻ کي ڪاريگرن کان مضبوط پٿرن جو بند ڏياريائين، جنهن ڪري مهراڻ هاڻوڪو رخ روهڙي ۽ سکر کان اختيار ڪري، ٻن شاخن ۾ وهڻ لڳو“.[3]
هن واقعي ڪري اروڙ جو اوج مٽجي ويو. انهيءَ ۾ شڪ ناهي جو دلو راءِ ظالم ۽ زاني هو، ڇو تہ هو پنهنجي ڀاءُ ڇٽي آمراڻي جي زال تي بہ بري نظر رکندو هو، پر ٽن ڏينهن ۾ مهراڻ تي بند ٻڌڻ مهال اچي ٿو[4]، شايد زلزلي جي ڪري درياھہ رخ بدلايو هوندو. والله اعلم بالصواب. مهراڻ جي اروڙ واري وهڪري جي نشان لاءِ اروڙ جي ويجهو هڪ وڏو پهڻ اڄ بہ موجود آهي، جنهن تي مير محمد معصوم جو نالو اڪريل آهي. مهراڻ جي اروڙ کان رخ بدلائڻ جي سال تي مؤرخن ۾ اختلاف نظر اچي ٿو. چنانچه ايڇ – ڪزنس 341 هه 952ع ڄاڻائي ٿو[5] مسٽر ايڇ – ريورٽي مهراڻ جي وهڪري بدلائڻ جو سال 335 هه – 946ع ڏيکاريو آهي[6] مسٽر اي- ايڇ ائٽڪن سنڌ گزيٽئر ۾ 1221ع سال لکيو آهي[7].
مسٽر جي- ايبٽ سال 992 هه ڏيکاريو آهي[8]. جنرل ڪننگهام ڊائريڪٽر آثار قديمہ هندوستان جي قديم جا گرافي ۾ ڄاڻايو آهي، تہ محمد بن قاسم جي ڪاهه کان اڳ راجا ڏاهر بن چچ جي حڪومت ۾ سال 680ع ۾ مهراڻ سکر ۽ روهڙي کان وهڻ لڳو هو، والله اعلم بالصواب.
سکر عربن جي ڏينهن ۾:
واپار
عربي دور ۾ سکر مشهور پتڻ هو. هندستان جي مال جا قافلا جيڪي خشڪيءَ رستي اڳ اروڙ مال نيڪال ڪندا هئا، سي اروڙ جي ويرانيءَ کانپوءِ سکر پهچڻ لڳا، ڇو تہ روهڙي جو شهر اڃا آباد ڪونہ ٿيو هو. المسعودي سکر کي ”شاڪرا“ ڄاڻايو آهي، جو ”ساگرا“ سنسڪرت لفظ جو مخفف آهي. سکر سرحدي شهر جي حيثيت ۾ وچ ايشيا جي ملڪن کي ويجهو هئڻ ڪري واپار ۾ ترقي ڪئي. اتر الهندي وارن ملڪن، خوزستان، فارس، بحيره خضر (ڪاسپين سمنڊ)، آرمينا، ڪاري سمنڊ ڏانهن ويندڙ قافلا بولان ۽ موله لڪن کان ايندا ويندا هئا. سکر عربي دور جي واپاري شهرن جهڙوڪ: ملتان، سيوستان، منصوره، نيرن ڪوٽ ۽ ديبل سان تجارتي لحاظ سان ڳنڍيل هو. بولان لڪ کان جيئن قافلا وچ ايشيا، خراسان ۽ ايران ڏانهن ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ خر اسان جا تر ۽ خشڪ ميوه، ڪيمخواب، ڪلاباتون ويندي جار جيا جون ٻانهيون ۽ روسي ورلگا جو چمڙو ۽ غاليچا آڻيندا هئا، تهڙيءَ طرح موله لڪ کان قافلا جهالاوان جي شهر قصدار، مڪران جي شهر ڪيچ ۽ قتربون ويندي ڪرمان کان مال آڻيندا ۽ نيندا هئا. بشاري مقدسي پاڻ واپاري هو. ڄاڻائي ٿو ته، سنڌ جي شهرن ۾ هڪ هزار درهمن جي موڙيءَ سان هڪ هزار دينار فائدو پهچي ٿو. ديبل سنڌ جو مکيه بندر هو. سندس حيثيت اڄڪلهه جي ڪراچي جهڙي هئي. مهراڻ وسيلي ڪشمير، پنجاب، هندوستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل پهچندو هو. ملتان جي عظيم الشان مندر ۾ روزانو ٻن اشرفين جي قيمت جون خوشبودار شيون ٻرنديون هيون. پروهتن کان عرب واپاري اهي شيون خريد ڪندا هئا[9]. ديبل تي چين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ ايراني نار جي بندرن تيز، سيراف، ابله ۽ بصره سان ڳنڍيل هو ۽ بصره جي کجور جي وڏي مارڪيٽ هئي. ديبل جو مال، ٻيڙين رستي سکر پهچندو هو ۽ وچ ايشيا جو قيمتي مال هن شهر کان ديبل پهچندو هو. سکر ڪڻڪ جي پيداوار ڪري مشهور هو، جا هتان ٻيڙين وسيلي لاڙ جي شهرن ڏانهن ويندي هئي. چنانچه ابن خرداز بہ متوفي 912ع ڄاڻايو آهي تہ لاڙ مان بيد ۽ بانس سان ڀريل ٻيڙيون 4 ڏينهن ۾ سکر پهچن ٿيون ۽ هتان ڪڻڪ خريد ڪن ٿيون. سکر کي هر وقت ميدن جي ڪاهه کان خطرو رهي ٿو. ابن حوقل 977ع ڌاري ڄاڻايو آهي، تہ ملتان کان وٺي سمنڊ تائين مهراڻ جي ڪپن تي جيڪي بہ شهر آهن، تن کي ميدن کان خطرو رهي ٿو [10].
سڪا ۽ شين جي سستائي
موئن جي دڙي مان سڪا هٿ لڳا آهن. اهڙي ثبوت ڪري تسليم ڪرڻو پوي ٿو، تہ قديم زماني کان سنڌ ۾ سڪن جو رواج هو. ازانسواءِ شين جي ڏيتي ليتي جو بہ رواج هو. سنڌ ۾ هندي، يوناني، ايراني، باختري ۽ ٻين ڌارين ملڪن جا سڪا بہ چالو هئا. انهن سڪن مان ڪن جون تصويرون ڪئمبرج تاريخ هند جلد پهرين ۾ ڏنل آهن. آسوڪا اعظم جي سلطنت جون حدون هرات تائين هيون. کائنس اڳ ۽ سندس ڏينهن ۾ (483 ق – م – 563 ق-م) ”نشڪا“، سونا سڪا يا سونا زيور-”سوانا“ بہ سونو سڪو هو. ڪمسا، پادا ۽ ماشا، پتل ۽ ٽامي جا سڪا هئا. سڪن کان سواءِ ”سپيڪاني“ (ڪوڏين) جو رواج هو. عيسوي ويهين صدي کان ڏهه ورهيہ پوءِ بہ سکر ۾ في پئسي 25 چونڪ ڪوڏيون چالو هيون. پالي زبان ۾ وياج کي ”وڌي“ چوندا هئا. اشڪاني ايراني ڪسرائن (486 ق-م-522 ق-م) جو زمانو دارا اعظم کان شروع ٿئي ٿو. سندس ڏينهن ۾ ٻن قسمن جو سڪو رائج هو (1) ”درميڪ“ سونو سڪو: (2) سگولي. دريڪ جو وزن انگريزي 130 گرين هو. سگولي چانديءَ جا چوڪنڊا سڪا وزن 86 گرين هو. ويهه سگوليون هڪ دريڪ ۾ پونديون هيون. اهي سڪا هندوستان کان وٺي ايشيا ڪو چڪ تائين رائج هئا.
ساساني سڪا ٽن قسمن جا هئا: (1) بغلي، (2) طبري، (3) مغربي[11]، سنڌ ۾ رائج هئا. عربي دور ۾ پهريان خليفته المسلمين حضرت عمر الفاروق اعظم رضه سڪا رائج ڪرايا هئا، جن جي هڪڙي پاسي کان ”لا اله الا اله وحده“ ٻئي پاسي ”محمد رسول الله“ عبارتون لکيل هيون، انهن سڪن جو وزن بغلي ۽ طبري سڪن جيترو ۽ ڏهن درهمن جو وزن 6 مشقالن جيترو هو ۽ درهم جي قيمت بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي اڌ جيتري هئي. بني اميه تاجدارن عبد الملڪ بن مروان دينار ۽ درهم رائج ڪرايا هئا. عرب جڏهن سنڌ ۾ پهتا تہ بيان ڪيل غير اسلامي سڪن کانسواءِ بہ هندي سڪا رائج هئا، طاطري سوماترا جو سڪو هو. ٻيو گجرات جي هندو راجائن جا روپيا بالوترا چالو هئا. بني دور ۾ چئن قسمن جا سڪا رائج ٿيا: (1) حجاجيه، جيڪي حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا هئا، (2) هبيره، جيڪي ابن هبيره راج ڪرايا هئا، (3) قسريه، جيڪي خالد قسريءَ رائج ڪيا هئا، (4) يوسفيه، جيڪي يوسف بن عمر ضرب ڪرايا هئا[12]. بصره ۽ بلخ ۾ ضربخانا هئا، پويان ٻہ پهرين ٻن کان کرا هئا. عباسي دور جي دينارن ۽ درهمن جو سون ۽ چاندي خالص هئا، في دينار جي قيمت هاڻوڪن پنجن روپين جيتري هئي ۽ درهم جي قيمت چار آنا هئي. عربي دور ۾ دينارن جو واپار هلندو رهيو؛ ڇو تہ في سنڌ جو دينار هندوستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرفين ۾ وڪامندو هو. سليمان تاجر سنڌ جا دينار بنگال جي اپسمنڊ تائين وڪامندو ڏٺا هئا[13]. ڪي عربي سنڌ جا سڪا جوڌپور جي عجائب گهر ۾ موجود هئا[14]. ايڇ-ڪزنس صاحب کي برهمڻ آباد جي کنڊرن مان ڪي سڪا منصوره جا هٿ لڳا هئا.
سستائي هئڻ ڪري ماڻهو فارغ البال هئا، جن عرب سياحن سنڌ کي ڏٺو سي سستائي جي تعريف ڪن ٿا. گوشت، ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ زندگيءَ جي ضروريات جي شين ۽ ميوات جي شهرن ۾ سستائي هئي. اٽو في درهم ٽيهه مڻ، غانيذ (کجور جو حلوه) في درهم ٽي مڻ منصوره، الور، بکر، ملتان ۽ ڪيزڪانان باغات ڪري مشهور هئا. ديبل تہ سڄي هندوستان اندر اناج جي وڏي مارڪيٽ هئي[15]. بشاري تہ ايترو لکيو آهي تہ فارغ البالي ڪري ماڻهو آرام سان زندگي بسر ڪن ٿا[16]. اهو بہ ياد رکڻ گهرجي تہ عربي مڻ جو وزن گهڻو گهٽ هو.
مذهبي حالت
اسلامي فتوحات ڪري سنڌ جي شهرن ۾ مسجدون تعمير ٿيون. عرب فاتحن هندن جي مندرن جو احترام ڪري، پنهنجي رواداري جي ثبوت لاءِ هندن کي اهل – ڪتاب جو درجو ڏنو ۽ مندرن جي پروهتن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا هئا. اهڙي رواداري ڪري هندو جن جي شهرن ۾ ڪثرت هئي، سي مسجدن جو احترام ڪندا هئا. هر هڪ شهر ۾ عدالتي کاتي لاءِ قاضي مقرر هئا، هندو پنهنجا فيصلا پئنچائت وسيلي ڪندا هئا؛ چونڪ هندو شراب پيئندا هئا، تنهنڪري شهرن ۾ مسلمانن جا محلا ڌار هئا. حجاج بن يوسف غير اسلامي قومن جي سهولت لاءِ قرآن شريف کي نقطا ۽ اعراب ڏياريا، تہ غير مسلم قومن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. سنڌ فتح ڪرڻ کان ٿورو اڳ عبدالملڪ بن مروان جي ڏينهن ۾ ابن جبير جو تفسير موجود هو[17]. الور جي راجا مهروگ لاءِ عراق جي هڪ سنڌي عرب عالم قرآن شريف جو نثر ۽ نظم ۾ هندي ترجمو ڪيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه شهرن جي مسجدن ۾ قرآن شريف جي تعليم لاءِ معلم مڪا ۽ شاگردن لاءِ وضيفا مقرر ڪيا؛ جنهنڪري سنڌ جي گهڻن راجائن دين اسلام خوشيءَ سان قبول ڪيو[18]. فن-حديث جي تدوين بہ بني اميه دور ۾ ٿي، عربن حڪومت جي زبان عربي مقرر ڪئي، جنهن ڪري هندن خوشيءَ سان عربي زبان ڳالهائڻ ۽ لکڻ سکي، بصره ۽ بغداد تائين مال گذاري کاتن ۾ عهدا هٿ ڪيا. مسلمان علماء هندو پنڊتن سان مذهبي مناظرا ڪندا هئا، اهڙن مناظرن جو هندن تي چڱو اثر پيو ۽ اسلام جي تبليغ ٿيڻ لڳي[19]. عرب هندي زبان ڳالهائڻ لڳا ۽ هندو عربي. اهڙي ميل جول ڪري هندن جو ملواري ۽ ناگري خط عربي سنڌي ۾ بدلجي ويو. الور جي ويرانيءَ کان پوءِ اتي جيڪي عرب عالم رهندا هئا، تن بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جنهن ڪري ديبل، منصوره، بکر ۽ ملتان علمي لحاظ ڪري ڪوفا، بغداد، دمشق ۽ قرطبه سان همسري ڪرڻ لڳا.نو مسلم هندن پاڻ تي عربي نالا رکيا. الور کان جيڪي عرب علماء سکر ۾ اچي رهيا، تن جا وڏا عراقي ۽ شامي لشڪر سان گڏجي آيا هئا، انهن ۾ ڪي اهڙا بزرگ هئا، جن کي صحابه ڪرام کان ۽ ڪن مجاهدن، تابعين جي صحبتن کان فيض پاتو هو.
تمدني حالت:
فاتح قوم جو مفتوح قوم تي اثر پوڻ لازمي امر آهي. عرب سپاهي جيڪي محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي سليمان بن عبدالملڪ سنڌ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو، جن هتي جي زالن کي مسلمان ڪري ساڻن شاديون ڪيون. حڪمران قوم جي لباس کي پائڻ ڪري هندو بہ عراق جي پوشاڪ پائڻ لڳا، جنهن ڪري هندو مسلمان جو لباس هڪ جهڙو هو. اهڙي ميل جول جي هڪ اهڙي گڏيل ”هندو مسلم“ (Indo – Muslim) تهذيب جو بنياد پيو. عرب فوجي سپاهي هئا، سندن ڪا خاص وردي ڪانہ هئي. پاجاما ۽ موزا سندن خاص پوشاڪ هئي. عراق، يمن ۽ مصر جون رنگين چادرون، ٽوپيون ۽ قبائون سنڌي پائڻ لڳا. منصوره ۽ ملتان جا عرب امير هندو راجائن وانگي هاٿين تي سواري ڪرڻ لڳا. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو.
سکر جون جايون ڪاٺ جون سوڙهيون هيون. عربن اچي شهرين کي ڪشادا اڱڻ رکڻ سيکاريو. ڪمرن کي فرش سان سينگارڻ ۽ دسترخوانن تي ماني رکي کائڻ، شمعدان ۽ قنديلن ٻارڻ کان واقف ڪيو. لوهه ۽ ٽامي جي باسڻن جو رواج بہ عربن وڌو. پرهيزگاري ۽ پاڪائي مومنن جي ايمان جو مکيه جزو آهن، ان ڪري مجاهدن حمامن جو شهرن ۾ بنياد وڌو. مسلمان زالون چادر اوڙهي بازارن مان سودو سلف خريد ڪرڻ لڳيون[20].
زاني لاءِ قتل جي سزا مقرر ڪئي ويئي، جنهن ڪري شهرن مان بدڪاري مٽجي ۽ واپار ۽ ڏيتي ليتي ايمانداريءَ سان ٿيڻ لڳي. اڳ وياج خور قرض خواهه، قرضائن جون زالون، ٻار ٻچا ۽ گهر وڪڻي قرض وصول ڪندا هئا. عباسي دور ۾ هتي جي باشندن جي طرز معاشرت گهڻو بدلجي ويئي. سنڌي زيب ۽ زينت ڏانهن مائل ٿيا[21].
________________________________________
[1] محمد بن هارون جي قبر ٻيلي جي ويجهو قنبلي ڳوٺ ۾ زيارتگاه آهي، هن کي پير ڄام چوندا آهن.
[2] ڪزنس- ايڇ: سنڌ جا آثار قديمہ ص 132
[3] ايلٽ-ايڇ: تاريخ هندوستان ج 1، بحوالي طاهري.
[4] ڇٽو آمراڻي اروڙ جي ويراني کانپوءِ اچي برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو تہ دلو راءِ بہ برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي تنگ ڪرڻ لڳو، جنهن تي ڇٽي بغداد پهچي خليفي کي دانهن ڏني. خليفي سيد علي کي لشڪر ڏيئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. دلوراءِ پيش پئي پنهنجي ڌيءَ جي سيد علي سان شادي ڪرائي. شاهه صدر الدين لڪياري سيد علي جي اولاد مان آهي، جو سنڌ جي راشدي ساداتن جو مورث اعليٰ آهي. ڇٽي امراڻي جو مقبرو سيوهڻ ۾ زيارتگاه آهي.
[5] ريوٽي-ايڇ: مهراڻ، ص 202 ڪلڪتو 1892ع.
[6] ائٽڪن – اي – ايڇ: سنڌ گزيٽئر ص 96 ڪراچي 1907ع.
[7] جي-ايبٽ: سنڌ ناخوش ماٿري ص 75 – 76، ڪراچي 1907ع.
[8] Sindh Historical Journal, Part IV, P.3, March, 1937
[9] ابوزيد سيرافي: سفر نامه ص 130، پيرس.
[10] Sindh Historical Journal, VoI, I, Part II, p.25, “Ancient Sindh” March, 1934, Karachi
[11] الماوردي: الاحڪام السلطانيه، ص 67، مصر،
[12] جرجي زيڍان: ابو مسلم خراساني اردو ترجمو، ص 43 لاهور.
[13] الجاحظ: ڪتاب البيان التبيين، ج 2، ص 215، مصر 1345 هه – هڪ دينار ۾ ويهه يا پنجويهه درهم پوندا هئا. في دينار انگريزي 9 شلنگن جي قيمت رکندو هو.
[14] المعارف: آگسٽ 1949ع ص 132 – 133، اعظم ڳڙهه.
[15] معودي: مروج الذهب ج، ص 372 .
[16] بشاري: احسن التقسيم ص 84 ليڊن.
[17] ذهبي: ميزان الاعتدال ذڪر عطاء بن دينار: ابن خلڪان: تذڪره حجاج بن يوسف.
[18] بلاذري: فتوح البلدان ص 446 .
[19] مسعودي: مروج الذهب، ج 1، ص 254.
[20] بشاري: احسن التقسيم ص 84، ليڊن.
[21] شهرن ۾ کوهه، شفاخانن، يتيم خانن، مسافرن جي رهائش لاءِ سرائون تعمير ڪرايون ويون. محتاجن ۽ نادارن لاءِ دولتمند خير خيراتون ڪرڻ لڳا. محلن ۾ مهمان خانه کلي ويا. اهو بيان بشاريءَ ڏنو آهي جو پاڻ عالم هو
باب چوٿون: سکر غلام سلاطين جي دور ۾
ناصر الدين قباچه جي حڪومت
”ناصر الدين قباچه شمس الدين التمش ٻئي سلطان قطب الدين ايبڪ جا نياڻا (ڄاٽا) هئا. هو ٻئي ملڪ جي جدا جدا خطِن جي حڪومت تي فائز هئا. قطب الدين جي وفات کان پوءِ التمش، دهليءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو. سندس دور اقتدار ۾، ناصر الدين قباچه جي حڪومت ملتان کان وٺي ديبل بندر تائين قائم رکي ويئي، جنهن ۾ سيوستان (سيوهڻ) ۽ ڀٽنڊا ڪهرام ۽ سرمستي جا علائقا شامل هئا. سلطان قباچه انهن علائقن تي 22 سال حڪمراني ڪئي. هن پنهنجي دور اقتدار ۾ علم و ادب، شعر و شاعري جي سرپرستي ۽ وڏي خدمت ڪئي. سندس درٻار گوهر بار ۾ وڏا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر موجود هوندا هئا. ملتان شهر تنهن سمي وقت جو هڪ وڏو مذهبي، علمي ۽ ثقافتي مرڪز بڻجي چڪو هو. هتي سهروردي ۽ چشتي سلسلي تصوف جي اڪابر صوفياءِ ڪرام۽ مشائخ عظام، شريعت ۽ طريقت جون خوبصورتون قنديلون روشن ڪيون. مقامي عالمن کان علاوه بيروني عالمن، شاعرن پڻ علم و ادب جون مجلسون ۽ محفلون سينگاري سنواري قائم رکيون. عرفان نوازي ۽ علم دوستيءَ کي حڪومت جي لوازم شاهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. التمش، ناصر الدين قباچه جو مخالف بنجي پيو. سندس ڪوشش هئي تہ علم ۽ فن جي معاملي ۾ ملتان جي حيثيت دهليءَ کان ممتاز رهي. سن 621 ۾ چنگيز خانين جي حملي وقت، قباچه وقت جي وڏن بزرگن خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، حضرت شيخ بهاء الدين ذڪريا ۽ شيخ جلال الدين تبريزي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. کانئن روحاني امداد جي درخواست ڪئي. انهيءَ روحاني امداد جي ڪري، قباچه ٻئي ڏينهن تي فتح حاصل ڪئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شيخ بهاوءالدين زڪريا دين جي فلاح ۽ بهبود ان ڳالهه ۾ محسوس ڪئي تہ سلطان التمش کي قباچه جي معاندانه سازش کان مطلع ڪري. اهڙو خط واٽ تي پڪڙجي پيو ۽ قباچه کي پيش ڪري شيخ کي درٻار ۾ سڏايو ويو. پڇا ڪرڻ تي شيخ در ويشانه شان و عظمت کان بعد قباچه کي جواب ڏنو تہ هائو منهنجو آهي ۽ منهنجي تحرير آهي. قباچه سوال ڪيو. جنهن جو جواب شيخ بي نيازي سان ڏنو ته:
”مون اهو خط حق تعاليٰ جي رضا لاءِ لکيو آهي ۽ بلڪل سچ لکيو اٿم. توکي جيڪي دل ۾ اچي سو ڪر پر تون ڪري سگهندين؟ عوام جي شيخ بهاءالدين سان عقيدت جي ڪري ناصرالدين کيس درگذر ڪري ڇڏيو.“ (بزم مملو ڪيه، صباح الدين، اعظم ڳڙهه).
غزنيءَ جي علائقي ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ يلدوز لاهور پهتو. جتي هن پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪري اتي پنهنجي متوازي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. اها حالت ڏسي ”التمش فوج وٺي لاهور روانو ٿيو. ترائن جي مقام وٽ سنه 1216ع ۾ کيس شڪست ڏنائين ۽ يلدوز کي قيد ڪيائين. سلطان لاهور کان پوءِ دهليءَ روانو ٿيو. دهلي ۾ کيس خبر پئي تہ قباچه لاهور پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي. سلطان کي ٻيو دفعو لاهور وڃڻو پيو. سلطان جي اچڻ جي خبر ٻڏي، قباچه ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن سندس گهيرو ڪيو ويو، آخرڪار قباچه کي شڪست نصيب ٿي.
سلطان التمش جي نظر ۾ سنڌ جي فتح بہ راجپوتانه جي قلعن وانگر اهم هئي، قباچه بہ دهلي حڪومت جي منصوبن کان واقف هو. هن جنگ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون. سلطان پاڻ اُچ جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لاهور جي حاڪم ملڪ نصير الدين کي هدايت ڪيائين تہ هو ملتان تي حملو ڪري ڏي. اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي هن کي جڏهن معلوم ٿيو تہ سلطان جي وڏي فوج ويجهو پهچڻ واري آهي تہ هو هرات جي طرف ڀڄي ويو.
غلام سلاطين جي دور ۾ سکر جا علماء ڪرام
قاضي اسماعيل ثقفي
غازي محمد بن قاسم تختگاه اروڙ فتح ڪري اتي جامع مسجد جوڙائي قاضي اسماعيل جي جدا اعليٰ موسيٰ بن طائي بن يعقوب ثقفيءَ کي شهر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. اروڙ جي ويراني کان پوءِ قاضي صاحب جي معزز خاندان بکر (سکر) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي صاحب جي معزز خاندان بکر (سکر) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي اسماعيل وقت جو جيد عالم هو. سندس شجرو هي آهي: مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب الثقفي وٽ فتوحات سنڌ متعلق، سندس وڏن جو لکيل عربي قلمي نسخو ”تاريخ منهاج الدين“ نالي هو. سلطان ناصر الدين قباچه جي درٻار ۾ هڪ عرب شاعر علي بن حامد بن ابي بڪر الڪوفي رهندو هو، جنهن مولانا قاضي اسماعيل کان بيان ڪيل قلمي نسخو هٿ ڪري، اُچ جي درٻار ۾ 613 هه مطابق 1216ع ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري مٿس ”فتحنامه“ نالو رکيو جو اڄڪلهه ”چچنامه“ جي نالي سان سڏجي ٿو. سنڌي، پارسي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب جا ترجما شايع ٿي چڪا آهن[1]. سنڌ جي پهرين تاريخ آهي، جنهن مان اسلام کان اڳ سنڌ جي تاريخ تي ٿوري روشني پيل آهي. چچنامه يا فتحنامه جو سطح تي اچڻ جو؛ شهر سکر شريف کي شرف حاصل ٿيو، جو بزرگان دين جي رهائش گاه بنجي چڪو هو ۽ اها اسلام جي برڪت هئي.
مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه
شيخ الا سلام مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه سکر جي هڪ زنده روحاني يادگار آهي، شيخ عين الدين بيجاپوري، سندن شجرو هبار بن اسود بن مطلب بن اسد قريشي تائين پهچايو آهي[2]. شيخ عبدا لحق محدث دهلوي کين اسدي لکيو آهي[3] سنڌ ۾ هباري خاندان منصوره جي ڀر واري ڳوٺ بانيه ڳوٺ ۾ رهندا هئا ۽ عربي دور ۾ وڏن عهدن تي ممتاز هئا، هن منصوره تي حڪومت ڪئي هئي، شيخ لاسلام جي خانداني ذخيره ۾ هڪ جهونو ڪتاب ”خلاصته العارفين“ جو هڪ عربي اقتباس نقل ڪيل آهي، جو ملفوظات سيد جلال بخاري رحه کان منقول آهي، تاريخ طاهري ۾ ڄاڻايل آهي تہ شيخ بهاءالدين سهروردي جو خاندان منصوره جي تباهي 1025ع کان پوءِ سومرن جي شهر محمد طور لاڙ ۾ رهڻ لڳو ۽ هن شهر جي ويراني کان پوءِ ”سڪور“ (سکر) ۾ رهڻ لڳو[4]. ان کان پوءِ غزنوي حڪومت جي پاڇي ۾ ملتان ۾ سڪونت پذير ٿيو، ٿيو، يا خوارزم کان ٿيندو پوءِ ملتان پهتو هوندو. والله اعلم بالصواب، مخدوم بهاء الدين ذڪريا 578 هه ۾ ملتان ۾ تولد ٿيا ۽ 666 هه ڌاري وفات ڪيائون، سکر شريف کي هي شرف حاصل ٿيو، جو سهرورد يه بزرگن ملتان شريف کان اڳ سکر کي وطن جوڙيو هئائين، اڄ بہ هڪ سهروردي بزرگ سکر ۾ ابدي ننڊ ۾ آرام فرمائي رهيو آهي.
شيخ نوح رحه
بکر جي قلعي ۾ لينسڊائون پل جي سکر واري شاخ جي منهن وٽ ريلوي پٽي جي لڳ سفيد گنبذ جي اندر شيخ نوح رحه جي قبر آهي، جو شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي رحه جو خليفو هو. مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني، جڏهن شيخ شهاب الدين کان خرقو خلافت حاصل ڪري بغداد کان ملتان ڏانهن تڏهن حضرت شهاب الدين کيس چيو هو تہ منهنجو هڪ مريد فرشته (بکر) ۾ رهي ٿو، تنهن سان ملاقات ڪجو. مخدوم بهاوءالدين ملتان پهچڻ کان پوءِ پنهنجي پير ڀائي سان گڏجڻ لاءِ بکر پهتو هو، پر سندس پهچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ مخدوم نوح وفات ڪئي هئي[5].
سيد محمد مڪي رحه
بر صغير جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو، سيد محمد مڪي رحه جي قبر ڊپٽي ڪمشنر سکر جي بنگلي جي ڏکڻ طرف چوديواري اندر آهي. غلام سلطان ناصر الدين محمود جي ڏينهن ۾ 1260ع مشهد مقدس کان سکر ۾ قيام فرمايو. قبر جي دروازي جي پيشاني تي ڪاشيءَ جي سر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، تنهن جي عبارت هن طرح آهي:
”تعويذ قبر حضرت قطب الاقطاب سلطان العارفين اميرالمومنين سيد محمد مڪي بن سيد شجاع نور الله مفجعه بن سيد ابراهيم بن سيد قاسم بن سيد زين بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن امير المومنين سيدنا جعفر ثاني بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام شان علي بن موسيٰ رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن حضرت امير المومنين امام المشارق المغارب اسد الله الغالب علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنهم.“
هن ڪتبي مان اها خبر پئجي سگهي ٿي تہ سيد محمد مڪي، شيخ الشيوخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڏوهٽو هو. ڪتبي جي عبارت جا ڪي اکر ڊٺل آهن. سندن اولاد سکر روهڙيءَ کان علاوه ٺٽي ۽ نصرپور تائين پکڙجي ويو. چنانچه نصرپور جو مشهور شاعر شاهه عنايت رضوي سندن اولاد مان هو. سيد محمد مڪي سکر جي برڪت واري زمين کي وطن جوڙي هتي خاڪ پاڪ ۾ آرامي آهي. سندن وفات جي سال جي خبر نٿي پوي پر هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو. سکر جي مشهور زيارتگاهن مان آهي. تقسيم هند کان پوءِ سکر جي ميمڻ گرين شاپ جي سيٺ قبر مٿان هڪ سيمنٽ جي باره دري تعمير ڪرائي آهي.
شعبان الملت سيد شمس الدين
شعبان الملت سيد شمس الدين بن سيد محمد مڪي، شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه کان خلافت جو خرقو حاصل ڪري مرشد جي حڪم موجب ائوڌ جي ضلعي ڪڙه مانڪپور جي شهر جهانسي جي راجا هربونگ سان جهاد ڪرڻ جي ارادي سان اتي پهچي هڪ ٻهيڙي جي وڻ هيٺان منزل ڪئي. سندن ڪرامتن کي ڏسي هندو مرد ۽ زالون اولاد گهرڻ جي ارادي سان آستان بوسي ڪرڻ لڳا. جيڪا زال وڻ مان ٻهيڙو پٽي کائيندي هئي، تنهن کي پٽ ڄمندو هو. اهي خبرون راجا جي ڪنن تائين پهتيون، هن پنهنجي درباري پنڊت کي ماجرا معلوم ڪرڻ لاءِ مڪو تہ ڏسي اچي تہ نووارد شخص ڪير آهي. پنڊت اچي سيد کان پڇيو تہ ”توهين ڪهڙي ارادي سان آيا آهيو ۽ هي ڪهڙو ڍونگ کڙو ڪيو اٿوَ؟“ سيد فرمايو ته، ”جيڪڏهن تون بہ ٻهيڙو پٽي کائيندين تہ توکي بہ پيٽ ٿيندو.“ هن وڻ مان ٻهيڙو پٽي کاڌو تہ واقع حامله ٿي ويو ۽ نون مهينن گذرڻ کان پوءِ هن جو پيٽ چيري ٻار ڪڍيائون تہ واقعي پٽ هو. هن واقعي کي ڏسي راجا لشڪر وٺي جنگ ڪرڻ آيو پر اسلامي لشڪر کان شڪست کائي مارجي ويو. مسلمانن کي قلعي مان بيشمار دولت هٿ لڳي. هزارين هندو بيعت ڪري مسلمان ٿيا. سيد موصوف جي قبر بہ جهونسي ۾ آهي، جنهن مٿان سلطان فيروز شاهه تغلق قبو اڏايو[6].
شاه صدر الدين خطيب
شاهه صدرالدين خطيب جي تربت بکر جي قلعي اندر اوڀرندي طرف چوديواري اندر آهي. هن ڪامل ولي الله جي تربت عقيدت مندن لاءِ مشهور زيارت گاه آهي. سندن وعظ جي مٺي آواز ۾ اهڙو تاثير هو، جو گهڻن ئي گمراهن کي صراط المستقيم تي ڇڪي آندائون ان ڪري خطيب جي لقب سان مشهور آهن. مزار جي ٻاهر هڪ گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ روايت آهي تہ حضرت قلندر لعل شهباز رح، ملتان کان سيوهڻ ڏانهن ويندي، ڪجهه وقت هتي قيام فرمائي اهو وڻ هنيو هو. در گاه لڳ هڪ باؤلي (کوه) بہ آهي؛ جو گهڻو عرصو پوريل هو پوءِ قيام پاڪستان بعد هڪ درويش اهو هنڌ معلوم ڪري کوه ڳولي لڌو. سکر جي هڪ پنجابي مهاجر حلوائي درگاه اندر لوهه جي ڄاريءَ جو ڪٽهڙو هڻائي گلن ۽ ٻوٽين جو انتظام ڪيو آهي. راقم بہ هن بار گاه جو عقيدتمند آهي.
سيد بدرالدين
سيد بدر الدين بن سيد محمد مڪي رح بہ بکر ۾ رهندو هو. سيد جلال الدين سرخ بخاري رح بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ بخارا کان ملتان پهچي شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ملتاني رح کان خرقو خلافت حاصل ڪري بکر ۾ اچي رضوي ساداتن جي ويڙهي ۾ قيام فرمايو پر بکر جي رضوي سيدن کين سيد مڃڻ کان انڪار ڪيو، حلانڪ سيد سرخ بخاري مادر زاد ولي الله هو. هڪ رات سيد بدر الدين کي حضرت رسول اڪرم عليه الصلوات والسلم ارشاد فرمايو تہ پنهنجيءَ نياڻيءَ جو نڪاح سيد سرخ بخاريءَ سان ڪيو، جو هو منهنجي نسل مان آهي. صبح ٿيڻ سان سيد بدر الدين پنهنجيءَ نياڻي جي شادي سيد سرخ بخاري سان ڪرائي، جنهن جي بطن مان سيد بخاريءَ کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد بهاء الدين، (3) سيد محمد- سيد جلال الدين مهانيان جهان گشت سيد احمد ڪبير جو فرزند هو. سنڌ جا سومرا جيڪي اڳ اسماعيلي هئا ۽ سما سيد جلال الدين جهانيان جا مريد ٿيا. سيدجلال الدين سرخ بخاري ڪجهه وقت بکر ۾ رهڻ کان پوءِ اچ ۾ قيام فرمايو ۽ سندن مزار بہ اتي آهي[7].
مولانا ڪمال الدين
سکر جي قاضين جو چشم ۽ چراغ جيد عالم ٿي گذريو آهي، سندس بزرگيءَ جي تعريف موءرخ علي بن حامد ڪوفيءَ هن طرح ڪئي آهي:
”درفصاحت کان فضل است و د ر ملاحت جانِ عقل است و در فنون- فارسي بي نظير و و در بلاغت بي عدل شده بو ده“[8]
سيد حامد بخاري
بکر بخاري سيدن جو اوائلي وطن هو- سيد حامد بہ سيد بخاري جي اولاد مان هو، جنهن سيد قطب الدين مدني رح، شيخ عبدالقادر جيلاني غوث الاعظم رح جي ڀاڻيجي جا ملفوظات قلمبند ڪيا. سيد قطب الدين مدني مدينه منوره کان جهاد جي ارادي سان سلطان قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ پنجاب مان لنگهندي هندوستان پهتو هو. سلطان موصوف سندس مريد ٿيو هو. سيد احمد بريلوي جنهن سيد اسماعيل شهيد سان گڏجي سکن خلاف صوبه سرحد ۾ جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو هو، سيد قطب الدين مدني جي اولاد مان هو[9].
سيد سومار شاهه بخاري رح
بکر جي بخاري سيدن مان هو. سندن تربت سکر مشن زناني اسپتال جي سامهون ٽڪريءَ تي آهي. افسوس! گهڻي ڳولا ڪندي بہ حالات حاصل ٿي نہ سگهيا. فقير جو مجاوري ڪري ٿو، تنهن چيو تہ غازي محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ آيو، اهو بيان غلط آهي. بخاري سادات جو مورث اعليٰ غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ آيا. بهر حال سکر جو جهونو بزرگ آهي.
سيد نور شاه ۽ مراد شاه بخاري
ٻنهين بزرگن جون قبرون پاور هائوس جي ڀر واريءَ ٽڪري تي آهن. حالات معلوم نہ ٿي سگهيا.
سيد حاجي شاه بخاري
هن بزرگ جي تربت سکر ڊسٽر ڪٽ جيل جي اوڀرندي ۾ آهي. حالات معلوم نہ ٿي سگهيا. ڪي قبرون منگل باغ ۾ آهن پر نالن جي خبر پئجي نہ ٿي سگهي. اهي اوائلي بخاري ساداتن جون آهن.
سيد بقا شاه ۽ لقا شاه بخاري
ٻنهين بخاري ڀائرن سيدن جون قبرون سکر واٽر ورڪس واري انجڻ جي اتر اولهندي واريءَ ٽڪريءَ تي ابدي ننڊ ۾ آهن. سکر جا جهونا بزرگ آهن. حالات معلوم نہ ٿي سگهيا. انهيءَ ٽڪريءَ تي سيشن جج جي ڪورٽ آهي.
سيد امير شاه بخاري
سکر ۾ جنهن هنڌ تي ٿرمل پاور تعمير ٿي رهي آهي، اتي اڳ گهڻيون جهونيون قبرون هيون ۽ ڪي چبوترن مٿان جڙيل هيون پر پوءِ زماني جي دست برد ڪري ڊهنديون ويون. فقط امير شاه بخاريءَ جي هينئر قبر موجود آهي.
شاه ڪمال الدين بخاري
سکر اسٽيشن جي سامهون اوڀرندي واري ٽڪريءَ تي سفيد گنبذ ۾ محو خواب آهن. اڳ هڪ خسته حال قبر موجود هئي. ٽڪريءَ هيٺان پاڻي نڪرڻ ڪري هن کي لاکو پير سڏڻ لڳا. ٽڪريءَ جي ڀر ۾ گڏاڻي ٻروچن جون جهوپڙيون آهن، هندن جي لڏپلاڻ ڪري ڪن گڏاڻي ٻروچن کي هندن جي لوهه جا ڪارخانه هٿ لڳي ويا ۽ مالدار بنجي ويا. ڪجهه پنهنجي هڙان ڪجهه چندو ڪري قبو تيار ڪرايائون. هن بزرگ جا حالات بہ معلوم ٿي نہ سگهيا پر ايترو تسليم ڪرڻو پوندو تہ هي بزرگ اوائلي دور جو آهي. افسوس! جن ٽڪرين تي اڄ بنگلا آهن اتي اڳ قبرون هيون.
سيد محمد ثاني
سيد محمد ثاني بکري سيد محمد مڪي جي اولاد مان سير جي سانگي
جو نپور پهتو ۽ اتي شيخ منجي شطاريءَ جي دختر سان شادي ڪيائين. سندن مزار جونپور جي ڳوٺ ڪمال پور ۾ آهي.
________________________________________
[1] علامه عمر بن محمد دائود پوٽو شمس العلماء: چچنامه ص 234، 235 مطبع لطيفي، دهلي 1939ع. آهي
[2] عين الدين بيجاپوري جو حوالو سيد سليمان ندوي جي ڪتاب ”عرب وهند کي تعلقات ۾ ڏنل آهي.
[3] عبدالحق محدث دهلوي: اخبار الاخيارص 26 مطبع هاشمي ميرٺ
[4] ايڇ- ايلٽ: تاريخ هندوستان ج 1ص 256. روانو ٿيو.
[5] الوحيد اسپيشل نمبر جون 1936ع بيان مخدوم نوح رحه ڪراچي.
[6] سيد ابو الحسن: آئينه ائوڌ بيان سيد شمس الدين، ڪانپور 1305 هه. نوٽ- سنڌ جو گورنر جنرل مسٽر غلام محمد مرحوم بہ شاه صدرالدين جي زيارت ڪرڻ آيو هو.
[7] سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم- صوفيه 395 معارف اعظم ڳڙه.
[8] ايضاً: بزم- مملوڪيه ص 57 – 58 اعظم ڳڙه.
[9] سيد عبدالحي ندوي: ياد-ايام (تاريخ گجرات) ديباچو.
باب پنجون: سکر خلجي دور ۾
خلجي ترڪن جو قبيلو هو، جن کي غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ فوجي عهدا مليل هئا. هن گهراڻي جي بادشاهن 687 هه 1288ع کان 720 هه 1320ع تائين دهليءَ تي بادشاهي ڪئي. سنڌ بہ سندن ماتحت هئي. هن خاندان جو باني جلال الدين فيروز شاه خلجي هو، جو غلام سلطان معز الدين ڪيقباد جي ڏينهن ۾ وڏو وزير ۽ سپه سالار هو، ڪيقباد جي مرڻ کان پوءِ ستر سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ 696 هه 1297ع ۾ پنهنجي ڀائٽي علاوء الدين جي همراهن هٿان مارجي ويو. 716 هه 1316ع ۾ علاوء الدين جي مئي کان پوءِ پٽس قطب الدين مبارڪ شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو جو آرام طلب ۽ عياش جيئڙو هو. سندس نومسلم سپه سالار خسرو خان 720 هه 1320ع ۾ هن کي قتل ڪري تخت هٿ ڪيو ۽ خلجين جي پڄاڻي ٿي.
تاتاري مغلن جون ڪاهون
مغل لفظ ”منگ“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”بهادر“. مغلن جو وطن منگوليا چين جي اتر ۾ هو، تنهنڪري منگول ڪوٺبا هئا. مسلمانن پنهنجي لهجي ۾ مٿن مغل نالو رکيو ۽ هن نالي سان تاريخن ۾ ڄاڻايل آهن تاتاري مغلن 1221ع ۾ چنگيز جي سرڪردگي هيٺ طوفان وانگي وچ ايشيا جي وسندڙ شهرن کي جي اسلامي علمن ۽ تهذيب جا گهوارا هئا. ڪاهي، بلخ، بخارا ۽ سمر قند کي لٽي شهرين کي بي رحميءَ سان قتل ڪري، ملڪن کي ويران ڪرڻ لڳو. خيوا جي حاڪم جلال الدين خوارزم شاه سندس مقابلو ڪيو پر شڪست کائي پنجاب پهتو. هن سلطان التمش کان مدد گهري جا نہ ملڻ سبب سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦريندو عراق ڏانهن ويندي قتل ٿيو. 683 هه 1294ع ملتان تي مغلن ڪاهه ڪئي. بلبن جو لائق فرزند شهزادو محمد قاآن دغا سان مغلن هٿان شهيد ٿيو. امير خسرو درٻاري شاعر هن واقعي کي ڪربلا سان تشبيهه ڏني آهي. انهيءَ کان اڳ 1241ع بهرام شاه جي ڏينهن ۾ مغل اُڙدن لاهور تائين ملڪ کي لٽيو هو. علا ؤ الدين خلجي جي ڏينهن ۾ مغلن پنجاب، ملتان ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون. 1298ع ۾ مغليه سيلاب دهلي جي دروازن تائين پهتو، هن دفعي مشهور سپهه سالار ظفر خان قتل ٿيو. 1304ع ۾ مغليه سيلاب لاهور کي لوڙيندو سيوالڪ جبلن طرفان امروها تائين پهتو. ليڪن علاؤ الدين وقت بوقت دشمنن کي اهڙيون شڪستون ڏنيون جو وري هندوستان تي ڪاهه ڪرڻ جو خيال دماغ کان ڪڍي ڇڏيائون، ڇو تہ سلطان موصوف جا چار سپهه سالار‘ الخ خان، ظفر خان، نصرت خان ۽ الپ خان بهادر ۽ تجربي ڪار حڪومت جا ٿنبا هئا، جن جي بازن جي قوت سان علاؤ الدين هندستان فتح ڪري پاڻ کي ”اسڪندر ثاني“ سڏائڻ لڳو.
چنگيز کان پوءِ پٽس چغتائي خان گومل نديءَ کان وٺي مڪران سوڌو، سنڌ جي اُتر ۽ الهندي وارن سرحدي علائقن تي قبضو ڪيو. کير ٿر جي لڪن کان مغل سنڌ جي علائقن تي ڪاهون ڪندا رهيا. سيوهڻ جي راجا صاديو مغلن جي چرچ تي بغاوت ڪئي، پر گرفتار ٿي مارجي ويو.
سکر جي فوجي ۽ اقتصادي حالت
غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ سنڌ جو تختگاھہ شهر ملتان هو. التمش جي ڏينهن ۾ نظام الدين جنيدي قباچه کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ التمش بکر کي سنڌ جو تختگاھہ ڪيو. بکر تہ ٽڪريءَ تي محض هڪ قلعو آهي، جنهن جي جمله پکيڙ اُوڀر کان الهندي تائين اَٺ سو يارڊ ڊگهائي ۾، ۽ ويڪر ۾ اُتر کان ڏکڻ تائين فقط 3 ٽي سو يارڊ آهي. ايتري سوڙهي اراضي تختگاھہ ٿئي، سو غير ممڪن آهي. تنهن ڪري سنڌ جي تختگاھہ شهر سکر هو، جو بکر جي فوجي قلعي جي اهميت ڪري بکر سڏبو هو[1]. نظام الملڪ کان پوءِ التمش نور الدين محمود کي سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪيو جنهن جو صدر مقام بکر هو، ۽ بکر جو گورنر لوور سنڌ جي نگراني ڪندو هو. 1236ع مغلن رڪن الدين التمش جي ڏينهن ۾ اُچ تي ڪاهه ڪئي. رڪن الدين جو پٽ مسعود شاهه دهلي کان لشڪر وٺي اُچ جي قلعي کي بچايو. نور الدين محمود ڪا بہ مدد ڏيئي نہ سگهيو هو ان سبب ڪري مسعود بکر پهچي نور الدين کي معزول ڪري، جلال الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. 1246ع ۾ التمش جو ننڍو پٽ ناصر الدين محمود دهلي جي تخت تي ويٺو. هن سنڌ ۾ ٻہ گورنر مقرر ڪيا. بکر کان وٺي سمنڊ تائين قليچ خان کي گورنر مقرر ڪيائين جو سکر بدران سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. بکر کان ملتان تائين سنجر کي گورنر مقرر ڪيائين. 1257ع ۾ بلبن جي ڏينهن ۾ مغلن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت ڪشلو خان سنڌ جو گورنر هو. پر بلبن مغلن کي هڪالي ڪڍيو. ملتان ۽ سنڌ مٿان شهزاده محمد بلبن جو پٽ گورنر هو. 1285ع ۾ شهزادو محمد مغلن هٿان شهيد ٿيو، سلطان محمد جي پٽ ڪيخسرو کي سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪيو. خلجين 1288ع ۾ دهلي جو تخت هٿ ڪيو. 1290ع ۾ جلال الدين خلجي ارڪلي خان کي ملتان ۾ اُچ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ نصرت خان کي سنڌ مٿان گورنر ڪيائين. ٻئي بهادر ۽ تجربيڪار جرنيل هئا. نصرت خان بکر ۾ رهندو هو. انهن جي ڏينهن ۾ 1297ع ۾ مغل لشڪر سيوهڻ تي ڪاهه ڪئي، سيوهڻ جي راجا بہ بغاوت ڪئي. نصرت خان اطلاع ملڻ تي ملتان ۽ بکر کان ٻيڙين ذريعي لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪڙڪيو ۽ راجا صلديو، جنهن مغلن جي مدد سان بغاوت ڪئي هئي، تنهن کي گرفتار ڪري دهلي ڏانهن اُماڻيائين.
مٿين بيان مان معلوم ڪندا تہ بکر ۽ سکر ۽ سيوهڻ سنڌ ۾ وڏي اهميت رکندا هئا ۽ زبردست بچاءُ جا قلعا هئا، جيئن ملتان گومل لڪ جي سامهون مضبوط قلعو هو، تهڙي طرح بکر بولان ۽ موله لڪن جي پاسباني ڪندو هو ۽ سيوهڻ ڪوهستاني علائقي جي حفاظت ڪندو هو. غلام سلاطين بکر جي سياسي اهميت کي معلوم ڪري هن کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. برصغير کان بچائڻ لاءِ اولهندي سرحد تي، سيوهڻ، بکر، ملتان، سمانا ۽ ديپالپور مشهور ڇانوڻيون هيون، جن جي آڌار تي دهليءَ جو بچاءُ منحصر هو. اها هئي سکر جي فوجي حالت اقتصادي حالت بلڪل ٺيڪ آهي، مغلن جي مسلسل ڪاهن جي ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ هر وقت هنگامي حالتون هيون، سکر ۽ خلجين جي يادگار رضوي سيدن جو روهڙي اسٽيشن جي لڳ ڪچو قلعو آهي، جن کي انهيءَ ڪوٽ ڪري ”ڪوٽائي سيد“ چون ٿا، سلطان علاءالدين خلجي سکر جي رضوي سيدن کي روهڙي جي آسپاس جاگيرون ۽ سندون ڪرايائين، جنهن تي ٽي قبا ۽ بلند[2] منار دروازي وٽ آهن: ٻنهي پاسن کان حجرا جڙيل آهن، مسجد زماني جي انقلابن ڪري ڊٺل صورت ۾ اڃا بيٺل آهي، مٿس ڪاشيءِ جو ڪم ڪيل هو جنهن جون سرون اکڙجي ويون آهن. مٿيون بيان روايتن مان معلوم ٿيو. والله اعلم باالصواب، سلطان علاء الدين اڻ پڙهيل ۽ جبرو حاڪم هو، پر ملڪي انتظام جنهن نموني ۾ هن رکيو تنهن لاءِ مؤرخ هن جي تعريف ڪن ٿا، هنگامي دور هئڻ ڪري سلطان حڪومت اندر ”راشن سسٽم“ جاري ڪيو جو نهايت ملڪ ۽ رعايا لاءِ ڪامياب ثابت ٿيو. ملڪ جون پيداوارون حڪومت خريد ڪري سرڪاري گدامن ۾ رکندي هئي، جتان واپاري خريد ڪندا هئا، هر هڪ شهر جي آدمشماري جو رجسٽر رکيل هو. شهرين کي راشن ڪارڊ ورهايا ويا ۽ رجسٽر جي نالن مطابق هر هڪ شهري کي روزانه راشن ملندو هو. ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن کي سخت سزائون ملڻ لڳيون، هر هڪ شهر مٿان هڪ محتسب مقرر هو، جو رجسٽرن جي چڪاس ڪندو هو، دڪانن جا وٽ ۽ ترازيون جاچيندو هو ۽ شين جا اگهه مقرر ڪندو هو. سئي سڳي کان وٺي ويندي چوپايه مال ۽ ٻانهن ۽ ڪنيزن جي وڪري تائين اگهه مقرر هئا، محتسب شهرن جي محلن مان شريف ماڻهن کي چونڊي ڪاميٽيون مقرر ڪيون هيون، ڪاميٽيءَ جا ميمبر غنڊن جا نالا محتسب کي پيش ڪندا هئا. ۽ محتسب انهن کي سر بازار سزائون ڏيندو هو، اهڙي انتظام ڪري شهرن ۾ امن امان هو، محتسب روزانو شهر جي ڪارخانن، علمي ادارن، شفاخانن ۽ پتڻن جي بہ چڪاس رکندو هو. قاضيءَ کي مجال نہ هئي جو محتسب جي ڪمن ۾ دخل ڏيئي سگهي، باقي مجرمن کي اجازت هئي، تہ قاضي وٽ اپيل ڪن، شهرن جي ڀروارن ڳوٺن جي هارين کي حڪم هو تہ زميندارن ۽ جاگيردارن ۽ تپيدارن خلاف تڪليفون ۽ شڪايتون محتسب کي پهچائين، سوداگر ۽ شاهوڪار کي اجازت هئي تہ سرڪاري خزاني مان قرض وٺن، علائي حڪومت زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو هو، چور بازاري، ذخيره اندوزي ۽ رشوت جو نالو نشان مٽجي ويو. شهرن ۾ سرڪاري دڪان بہ هئا، جن تان ضروريات جون شيون آسانيءَ سان ملنديون هيون، سلطان وٽ مضبوط جاسوسي کاتو هو. جيتل ٽامي جا پئسا ۽ چاندي ۽ سون جا ٽنڪا (روپيا) چالو هئا، علائي حڪومت اندر سستائي ڪري ماڻهو فارغ البال هئا، اهڙي آسودگي وري ڪڏهن بہ برصغير کي نصيب ڪا نہ ٿي، ضرورت آهي تہ شين جي فهرست ۽ اگهه ڏنا وڃن.
سکر ۾ شين جا اگهه
علائي حڪومت جي في چانديءَ جي ٽنڪي جو وزن تولي جيترو هو ۽ في ٽنڪي چاندي جي قيمت 64 جيتل (پئسا) هئي في مڻ جو وزن 28 سير هو.
شين جون جنسون قيمت
ڪڻڪ في مڻ
جَو = =
ساريون = =
اڇي کنڊ =
ڳاڙهي کنڊ في سير
لوڻ في مڻ
ڳئون هڪ
ٻڪري هڪ
ٻڪري يا رڍ جو گوشت في مڻ
گيهه
حسين ٻانهيون يا ڪنيز
عام ٻانهيون هڪ
تازي في گهوڙو
وچين قسم جو في گهوڙو
رواجي في گهوڙو ڏيڍ جيتل
4 =
5 =
ڏيڍ ٽنڪو
11/3 جيتل
2 =
3 کان 14 ٽنڪا
10 کان 14 جيتل
10 جيتل
16 =
120 ٽنڪا
5 کان 10 ٽنڪا
100 کان 120=
80 کان 90 =
65 کان 70 =
ڪپڙن جا قسم قيمت
اعليٰ سنهي ململ
اوني ڪپڙو
اوني ڪمبل
عمدي محمودي
اوني ۽ سوٽي ڪپڙو
شيرين زنانو رنگين ڪپڙو
چادر
سون في ٿان 55 ٽنڪا
= 3 =
في داڻو 6 جيتل
في ٿان 20 گز 1 ٽنڪو
في ٿان 40 گز 1 =
في ٿان 2 کان 3 =
في داڻو 10 جيتل
نوٽ: اعليٰ سنهي ململ اميراڻو طبقو خريد ڪندو هو[3]
في درم جي قيمت پائلي سنڌ ۾
سکر جو واپار
غلام سلاطين توڙي خلجي دور ۾ ملتان، سکر ۽ سيوهڻ کي فوجي قلعن ۽ سرحدي ڇانوڻين هئڻ ڪري دهلي وارين حڪومتن جي ڏينهن ۾ وڏي اهميت حاصل هئي، ٽئي شهر وقت بوقت سنڌ جا تختگاھہ ٿي رهيا. اڳ انهن شهرن کي ميدن جي ڦرلٽ کان هميشه خطرو رهندو هو، جو ڇانوڻي هئڻ ڪري مٽجي ويو. ملتان کان پوءِ سمنڊ تائين سنڌ جو وڏو شهر سکر هو، جتي دهلي درٻار جا نواب رهندا هئا. مغلن جي ڪاهن ڪري ملڪ ۾ هنگامي حالتون هيون پر وچ ايشيا سان خشڪي رستي واپار هلندو رهيو، غلام، هٿيار ۽ گهوڙن جو واپار هن شهر سان هلندو هو، جو برصغير جي اولهندي واري سرحد تي سنڌ جو وڏو شهر هو. هتان وچ ايشيا ڏانهن رستا ويندا هئا. سکر کان پوءِ قلات وچ ايشيا جي ايندڙ ۽ ويندڙ قافلن جي وڏي قافلي سراءِ هو. مهراڻ وسيلي سکر اُتر ۾ ديپالپور، ملتان ۽ لاهور سان واپار رستي ڳنڍيل هو. ساليانو هزارها ٻيڙيون مال سان ڀريل پهچنديون هيون. ديبل جو اوج مٽجي چڪو، مهراڻ جي ڊيلٽا تي لاهري بندر جنم ورتو، جنهن جو وجود شاهجهان جي دور تائين قائم رهندو آيو. شين جا اگهه مقرر هئا ۽ علائي دور ۾ رستا محفوظ هئا. ڌارين ملڪن جا سفير علائي درٻار ۾ رهندا هئا. اهڙين سهوليتن جي ڪري سوداگر ڌارين ملڪن کان اچي سون، چاندي ۽ گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. مال سان ڀريل قافلا گجرات، مالوه، دکن ۽ بنگال تائين ڏيتي ليتي ڪندا هئا. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ سکر کان نڪرندڙن وچ ايشيا ڏانهن ويندڙ رستن جو نقشو پيش ڪيون ٿا[4]. وچ ايشيا جا سوداگر سکر ۾ ريشم نيڪال ڪري هتان نير خريد ڪندا هئا. ازانسواءِ سکر جو نير ٻيڙين وسيلي سنڌ جي لاهري بندر کان سوداگر خريد ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ نيڪال ڪندا هئا، سکر ۾ ڪپڙي سازي ۽ رنگريزي جا ڪارخانا هئا[5]. سکر جو واپار هندن جي هٿن ۾ هو، جيڪي گهڻو ڪري ”سارسوت“ برهمڻ هئا، مئڪمروڊ سکر جي عام هندن کي ”سورياني“ ڄاڻيو آهي، يعني سورج بنسي کتوي، لوهاڻا بہ رهندا هئا، جن جو اصل وطن افغانستان جي اوڀرندي ۾ لغمان ۾ هو ۽ قافلن ذريعي افغانستان ۽ هندوستان سان واپار ڪندا هئا، سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل هئا. چچ بن سيلائج جي ڏينهن ۾ اگهم لوهاڻو برهمڻ آباد جو حاڪم هو، افغانستان جا لوهاڻا سبڪتگين جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيا ۽ سندن قبيلو اڄ بہ ”لوهاڻي“ سڏجي ٿو[6]. ڀاٽيا بہ هندن جي هڪ قوم هئي.
سکر جي علمي حالت
سکر رضوي ۽ بخاري ساداتن ۽ قاضين جو مسڪن هئڻ ڪري تعليم ۽ عرفان جو گهوارو هو، سهروردي قريشين بہ ملتان پهچڻ کان اڳ هن شهر کي وطن جوڙيو هو، تاتارين جي ڪاهن ۽ سندن هٿان چنگيز جي پوٽي هلاڪو 656 هه – 1258ع ۾ عروس البلاد بغداد جي سر سان سر وڄائي ڇڏي. بغداد جو پنجن صدين کان يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ اسلامي تمدن ۽ علمن جو مرڪز هو، ان جي برباديءَ ڪري ڪيترائي عراق ۽ عجم جا عالم فاضل سنڌ ۽ هند ۾ اچي پناه گزين ٿيا، جن جي اچڻ ڪري اسلامي تعليم جا ادارا کلي ويا. سکر سرحدي شهر هو جنهن ۾ گهڻن عالمن ۽ فاضلن ادارا کوليا. سوال آهي تہ انهن ڏينهن ۾ ڪهڙي تعليم ڏني ويندي هئي، اهڙو ڏس بہ تاريخن مان ملي سگهي ٿو، عربن جي ڏينهن ۾ قرآن، حديث ۽ فقه جي تعليم مسجدن ۾ رائج هئي، علم بديع ۽ بيان، اصول فقه، اصول دين، نحو ۽ تفسير جي تعليم رائج هئي، دهلي جا سلاطين علم پرور ۽ معارف نواز هئا، مڪتب جيڪي مسجدن سان ملحق هئا، تن جي ذريعي معلمن ۽ شاگردن جي خرچ پکي لاءِ اوقاف کاتو کوليو هئائون، جن جي ذريعي معلمن کي زمينون ۽ کوهه مرحمت ڪيا هئائون، جن جي آمدنيءَ مان مڪتبن، علمائن ۽ شاگردن جو گذر سفر ٿيندو هو. حضرت صدرالدين خطيب جڏهن هر جمعي تي وعظ ڪندا هئا تہ هزارين هندو اسلام جي دائره ۾ اچي ويندا هئا. چونڪ تبليغي دور هو، تنهنڪري مناظرن جو سلسلو جاري رهندو آيو. مسلمان علماء ڪرام سنسڪرت ۽ پراڪرت زبانن جو اڀياس ڪندا هئا ۽ هندو شاگرد حڪومت جي عهدن هٿ ڪرڻ لاءِ مسلمان شاگردن سان گڏ فارسي پڙهندا هئا. شعر و شاعري جي بساط بہ وسيع هئي، علمائن وٽ وڏا ڪتبخانا هئا. صوفين جي سماع جي مجلسن ۾ مسلمان ۽ هندو گڏجي شريڪ ٿيندا هئا. تصوف متعلق داتا گنج بخش هجويري رحه جا ڪتاب ڪشف المحجوب، ڪشف السرار، منهاج الدين ۽ البيان الاهل العيان ان زماني ۾ ادبي ۽ علمي ادارن ۾ پهتا. جڏهن شيخ شهاب الدين سهروردي جو ڪتاب عوارف المعارف ۽ ابن العربي جو فصوص الحڪم اڃا قلمبند ڪو نہ ٿيا هئا، داراشڪوه المحجوب جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته:
”ڪشف المحجوب مشهور و معروف است و هيچکس رابران سخن نيست – و مرشدي است ڪامل – و در کتبِ تصوف بہ خوبي آن در زبان فارسي تصنيف نہ شده“.
سهروردي بزرگن جي تبليغ ڪري سومرا دين حنفيت جي دائري ۾ اچي ويا. صوفيا ڪرام جي تبليغ ۽ تربيت جي ڪري هزارين حق جا طالب راھہ حق تي گامزن ٿيا، سکر ۾ سهروردي خلفاء جهڙوڪ: مخدوم نوح بکري ۽ رضويه ساداتن جي اُچ جي بخاري سيدن سان مائٽي هئڻ ڪري بخاري سکر ۾ سڪونت پذير هئا، قرمطين جو خاتمو سلطان محمود ڪيو هو، پويون دفعو سلطان رضيه جي ڏينهن ۾ مدرسي معزيه تي حملو ڪيائون پر سمورا قرمطي قتل ٿي ويا. دور علائي تائين ديني ڪتابن کان علاوه ڪيترن فنن تي ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا. مثلاً البيروني جو ڪتاب هند، قانون مسعودي (هئيت تي)، التمش جي ڏينهن ۾ فخر مدبر جو فنون جنگ متعلق ڪتاب ”آداب الحرب“ فن تاريخ تي بيهقي جي تاريخ يمني، نظامي الدين حسن جي تاريخ ”تاج الماثر“ جنهن ۾ قطب الدين ۽ التمش جا واقعات ڏنل آهن. علي بن حامد ڪوفيءَ جو چچنامه فارسي، مولانا منهاج السراج جي تاريخ طبقات ناصري، سديد الدين عوفي جو ”تذڪره فارسي شعرا“. سلطان بلبن بغداد کان ٻہ ڪتاب ”آداب السلاطين“ ۽ ”ماثر السلاطين“ گهرايا. التمش جي ڏينهن ۾ تاريخ مبارڪ شاهي قلمبند ٿي، مويد جاجرمي امام غزاليءَ جي احياء العلوم جو فارسي ترجمو ڪيو. ازانسواءِ رڪن الدين فيروز جي ڏينهن ۾ امام رازي جي ڪتاب ”سَرّ َ مڪتوم“ جو فارسي ترجمو ڪيو ويو. شعراء ڪرام مان فردوسي، عنصري، فخري، منو چهري، مسعود سعد سلمان، عارف سنائي، عسجدي، شهاب مهمره، فخرالدين عميد سنامي، تاج الدين سنگريزه، طوطي هند امير خسرو، امير حسن جا ديوان ۽ صوفياء اعظام مان خواجه معين الدين چشتي، خواجه بختيار ڪاڪي، مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني، شيخ فريد الدين شڪر گنج، خواجه نظام الدين اولياء، مخدوم علاء دين صابر، سيد موليٰ، شيخ جمال الدين هانسومي، شيخ حميد الدين ناگوري، شيخ بدر الدين عارف، قاضي مغيث الدين، مولانا ضياء الدين سنامي، علاء الدين مقري، جمال الدين شاطبي جهڙا عالم، مفسر، صوفي، محدث، فقهي، محدث جي تعليم ۽ تربيت ڪري دهلي، اجمير، لاهور، ملتان، اجوڌن، اُچ ۽ بکر (سکر) علمي لحاظ ڪري بخارا، سمرقند، بغداد، قاهره، دمشق ۽ تبريز کان وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ منصوره کان پوءِ سکر علمي مرڪز بنجي ويو. حضرت لعل شهباز قلندر بلبن جي ڏينهن ۾ سيوهڻ ڏانهن ويندي ڪجهه وقت بکر ۾ رهيا هئا[7].
________________________________________
[1] ايڇ – ڪزنس، 142.
[2] نوٽ: پهرين عالمگير جنگ تائين سکر شهر لاءِ ميونسپالٽي پاران مارڪيٽ انسپيڪٽر مقرر هو، جو وٽن ۽ ترازن جي علاوه مشين جي چڪاس ڪندو ۽ شهرين جون شڪايتون ٻڌي انهن جا بروقت فيصلا ڪندو هو.
[3] مٿيان فرخ عبدالمجيد سالڪ جي ڪتاب مسلم ثقافت ۽ ٻين تاريخن تان ورتل آهن.
نوٽ: هر سال 15 هزار مال سان ڀريل اٺ گومل لڪ کان قنڌار ۽ وچ ايشيا ڏانهن ويندا هئا.
[4] سيد ابو ظفر: مختصر تاريخ هند، ص 62 – 63 مطبع معارف اعظم ڳڙه 1938ع.
[5] Sindh Histrocial Journal, P, 32, March, 1935, Karachi
[6] Sindh Histrocial Journal, ‘Ancient towns of Sindh’ March, 1935.
نوٽ: علاء الدين خلجي دينار شمار نٿو ٿئي پر مولانا ضياء الدين سندس درٻار جي علمائن جو تعداد 46 ڏيکاري ٿو جن ۾ مولانا ظهير الدين بکري بہ نظر اچي ٿو. معارف اعظم ڳڙهه ص 18 جولاءِ 1962ع.
[7] علمي بيان آثار الڪرام، چشمهء ڪوثر ۽ هندوستان ۾ مسلم ثقافت تان ورتل آهي.
باب ڇهون: سکر تغلق دور ۾
بکر جي گورنر جي بغاوت
محمد تغلق هڪ سال دهليءَ ۾ رهيو ۽ 1326ع ۾ ديوگير (دولت آباد) کي دکن ۾ تختگاه مقرر ڪري اُتي رهڻ لڳو. سندس غير حاضري مان فائدو وٺي بکر جي نواب ملتان جي بلوچن ۽ بکر جي لشڪر سان ملتان ۾ پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪيو، محمد تغلق وڏي فوج وٺي تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪندو ملتان پهتو ۽ ڪشلو خان سان جنگ جوٽايائين، ڪشلو خان قتل ٿي ويو. محمد تغلق ملتان جي ماڻهن جون رت جون نديون وهايون، آخر اتي جي روحاني پيشوا رڪن الدين رحه جي چوڻ تي قتل عام بند ڪري قوام الملڪ کي ملتان ۽ سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪري موٽي ويو.
غلام طغي جي بغاوت ۽ محمد تغلق جي وفات
سلطان سوچيو تہ پهريائين گجرات جي بغاوت کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ دولت آباد جي بغاوت کي، گجرات ۾ طغي شاهي فوج کان ڪيترين لڙائين ۾ شڪست کاڌي آخرڪار هن ڪاٺياواڙ ۾ پناهه ورتي سلطان جي فوج سندس تعاقب ۾ رهي طغي ڪاٺياواڙ کان ڀڄي سنڌ ۾ هليو آيو جتي کيس سنڌ جي ڄام پناهه ڏني. سلطان ڄام کي سزا ڏيڻ خاطر سنڌ جو رخ ڪيو اڃا هو منزل مقصود تي پهتو ئي مس هو تہ کيس بخار اچي ويو جتي هو مري ويو. برني جي لفظن ۾ ”سلطان کي پنهنجي ماڻهن کان ۽ ماڻهن کي سلطان کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو.“ بزرگ مشائخ جي اصرار تي محمد تغلق جي سوٽ فيروز شاهه حڪومت جون واڳون سنڀاليون سومرن ۽ جاڙيجن سان جنگيون جوٽيون جن طغي کي پناهه ڏني هئي. سنڌوءَ جي ڪپ تي سندس تاجپوشي ٿي. دهليءَ ڏانهن ويندي سيوهڻ ۽ بکر کان لنگهندي اتي جي عالمن ۽ فاضلن کي گهرائي خلعتون ڏنائين. ملڪ رڪن الدين کي بکر مٿان ۽ تاج الدين ڪافوري ۽ علي شير کي سيوهڻ مٿان گورنر مقرر ڪيائين.
روهڙي شهر جو بنياد پيو
سکر وانگر سنڌ جي سري ۾ روهڙي بہ قديم آهي، جنهن جي قدامت جي باري ۾ ڪي شيون درياه جي پيٽ مان 1875ع ۾ هٿ لڳيون، اهي شيون پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ هيون. اهڙو بيان رائل انجنير مسٽر ٽويملو ۽ مسٽر جان ٽيٽ جي ٻن مضمونن مان معلوم ٿيو جيڪي جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ بيان ڪيل سال ۾ شايع ٿيا هئا. ائين معلوم ٿو ٿئي تہ ٽڪريءَ تي پنجاه فوٽن جي بلنديءَ تي هي شهر ڪيترا دفعا آباد ٿي ۽ پوءِ مٽندو رهيو. سنڌ گزيٽئر ۾ شهر جو نالو ”لوهڙي“ ڄاڻايل آهي. ڪپتان اي – ويسٽ ميڪاٽ 1841ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شهر جو نالو ”لوهر ڪوٽ“ لکندي ڄاڻايو هئائين تہ اهو شهر جو قديم نالو هيو. ريوٽي صاحب ”مهراڻ “ ۾ روهڙي جو قديم نالو ”روڙپورا“ يا ”روڙا ننگرا“ لکيو آهي[1]. روڙي سنسڪرت لفظ آهي معنيٰ ٽڪريءَ وارو شهر. روهڙي جي بہ ساڳي معنيٰ آهي. روهه معنيٰ جبل روهڙي معنيٰ ٽڪري. اڄ تائين پنجاب ۽ هندوستان وارا هن شهر کي ”روڙي“ سڏين ٿا. هاڻوڪي شهر متعلق سنڌ جي پهرين گزيٽئر ۾ مسٽر اي – ڊبليو هيوز صاحب ڄاڻايو آهي تہ 696 هه 1297ع ۾ سيد رڪن الدين تعمير ڪرايو. يعني سلطان علاو الدين خلجي جي ڏينهن ۾، جڏهن علاؤ الدين خلجي رضوي سيدن لاءِ ڪوٽ تعمير ڪرايو هو. جي – ايڇ ڪزنس صاحب ”سنڌ جي آثار قديمہ“ ۾ لکيو آهي تہ هي شهر مخدوم رڪن الدين بن صدر بن مخدوم بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني تعمير ڪرايو، جنهن کي سلطان فيروز شاه تغلق اخلاص خان جو لقب ڏنو هو[2].
ڪزنس صاحب جو بيان غلط آهي ڇو تہ مخدوم ابو الفتح رڪن الدين 735 هه ڌاري سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي هئي ۽ سلطان فيروز شاه تغلق 752 هه 1351ع ۾ تخت تي ويٺو هو[3]. فيروز شاه ملڪ رڪن الدين کي بکر جو نواب مقرر ڪيو هو. سيد ڪو نہ هو، ٽڪري جنهن تي شهر ٻڌل هو، اها پنجاه فوٽ بلند آهي. اڳ درياه جي طغياني وقت پاڻي ٽڪريءَ سان لڳي وهندو هو ۽ پاڻيءَ جي چاڙهه جا نشان اڄ تائين موجود آهن. درياه جي کاٻي ڪپ تي هئڻ ڪري هن شهر ستت واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ڪئي ۽ چوڌاري باغات ۾ ميويدار وڻن ڪري ”چمن – سنڌ“ ڪوٺجڻ لڳو ۽ شهر ۾ سوا لک پير ابدي ننڊ ۾ آهن، جن جي ڪري ”روهڙي شريف“ ڪوٺجي ٿو. غرض تہ سکر ۽ روهڙي علم، هنرن ۽ روحاني فيض ڪري تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سنڌ تي سمن جي حڪومت
سومرن 1300ع کان 1439ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سنڌ جي لاڙ ڀاڱي کان هالڪنڊي تائين وڌي سگهيا. ايبٽ صاحب ڪڇ، گجرات، سورت تائين سومرن جي حڪومت جون حدون ڏيکاري ٿو[4]. بهرحال عمر ماروئي، مومل مينڌرو، سسئي پنهون، ليلان چنيسر جن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي وحدت جو جامو پهرايو آهي، هن دور جون آکاڻيون آهن ۽ سنڌي ادب لاءِ روح روان آهن. پويون حاڪم همير سومرو هو، جنهن جي ظلمن کان تنگ ٿي سمن گڏجي هن کي قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. ڄام انڙ سيوهڻ جي دهلي جي حاڪم ملڪ رتن کي قتل ڪري سرڪاري خزاني تي قبضو ڪيو. سمن مان ڄام بانيهه بن اُنڙ سلطان فيروز شاه جي ڏينهن ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. 1371ع سلطان فيروز شاهه تغلق نوي هزار سوار ۽ پيادا ۽ 480 هاٿي 5 هزار ٻيڙين تي چاڙهي ديپالپور کان ٺٽي پهتو پر گاهه ۽ کاڌ خوارڪ جي ڪمي ڪري واپس وريو ۽ برسات جي مند گجرات ۾ گذاري، لشڪر جي جوڙجڪ ڪري مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پر مخدوم جلال الدين جهانيان بخاري معرفت طرفين جو صلح ٿيو، سنڌ دهليءَ کان آزاد ٿي[5]. سمن اُوٻاوڙه تائين ملڪ فتح ڪيو، سمه سلاطين 1521ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي، سومرن ۽ سمن جو زمانو اسلامي تبليغ جو زمانو هو، سومرن ۾ ڪي هندڪي رسمون هيون، سمن جي ڏينهن ۾ بہ هندن جو تعداد وڌيڪ هو. ٺٽي جو بنياد سمن وڌو.
تغلق دور ۾ سکر جي اقتصادي ۽ تجارتي حالت
دهليءَ جا سلاطين بغداد جي عباسي خليفن جو خطبو پڙهندا هئا ۽ اسلامي دنيا جي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا سفير سندن درٻار ۾ رهندا هئا، اهڙن ناتن جي ڪري اسلامي دنيا جا واپاري برصغير ۾ واپار ڪرڻ ايندا هئا، سنڌ جو سرحدي صوبو هو، تنهن واپار ۾ ترقي ڪئي، ملتان ۽ سکر واپار جا وڏا مرڪز هئا، جتي ڌارين ملڪن جي واپارين کي محصول ڀرڻو پوندو، ابن بطوطا بہ عراق جي هڪڙي واپاريءَ کان ملتان ۾ گهوڙا خريد ڪيا هئا، علاؤ الدين خلجي ملڪ جي رستن تي فوجي چوڪيون قائم ڪري واپارين لاءِ سهولتون پيدا ڪيون هيون، رستي تي ڪا چوري ٿيندي هئي، تہ حد جو ٿاڻيدار ۽ ويجهي ڳوٺ جا باشندا جوابدار هئا، سلطان محمد تغلق بريد کاتي (ٽپال) کي ترقي ڏني هئي، رستن تي هرڪارن لاءِ چوڪيون، ڪوس منارا ۽ کوهه کوٽرايا ويا ۽ دڪان کولايا ويا، جتي مسافرن کي کاڌو بہ سرڪار پاران ملندو هو، سيوهڻ جي ٽپال ٽن ڏينهن ۾ دهلي پهچندي هئي، سنڌو جي ڊيلٽا تي دمريلا ۽ لاهري بندر ٻہ بندر هئا، جن مان لاهري بندر واپار ڪري مشهور هو، هتي مسقط، يمن ۽ ايراني نار جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا، مهراڻ ذريعي سکر جو مال ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو، ڇو تہ ايشيا جا قافلا هن شهر ۾ مال نيڪال ڪندا هئا. سکر وڏو دريائي پتڻ هو، توهان پڙهي چڪا آهيو تہ فيروز شاهه تغلق پنج هزار ٻيڙيون لشڪر سان ڀرائي مهراڻ تان لنگهيو هو[6].
سڪا
جيتل، ٽنڪا ۽ ٻيا ننڍا سڪا رائج هئا. هندوستان جي سڪي کي ٻاهر موڪلڻ تي بندش پيل هئي، تنهن ڪري سکر جي لوهاڻن، ڀاٽين دوڪاندارن کي ناڻي ڪمائڻ جو وجهه ملي ويو، محمد بن تغلق جي ڏينهن ۾ دوآبه جي سر زمين جا زرخيز هئي، اتي جي زميندارن جي بغاوت ڪري هندوستان ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، جو سانده ڏهه سال هليو، ٻيو تہ دنيا ۾ چانديءَ جي کوٽ پوڻ ڪري محمد تغلق ٽامي جا سڪا سون ۽ چانديءَ جي اگهن تي هلائڻ لڳو، جنهن ڪري ماڻهن بيشمار جعلي سڪا تيار ڪيا، جن کي ڌارين واپارين وٺڻ کان انڪار ڪيو، ملڪ جي سڀني پر ڳڻن ۾ فساد پوڻ ڪري واپار کي ڪافي ڌڪ لڳي ويو، سکر سرحدي شهر هئڻ ڪري مٿين قسمن جي آفتن کان آزاد هو، علاؤ الدين خلجي زمينداري ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو هو، هارين کي نقد ڍل پيارڻي پوندي هئي. فيروزشاهه تغلق جاگيرداري نظام کي ٻيهر عمل ۾ آڻي 23 ڍلون معاف ڪيون، سکر جا رهاڪو سکيا ستابا هئا. شين جا نرخ هن طرح هئا:
محمد تغلق
ڪڻڪ
جوَ
ساريون
داليون
اڇي کنڊ
ڳاڙهي کنڊ
گوشت ٻاڪرو في مڻ
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= = 12 جيتل
8 =
14 =
4 =
1 ٽنڪو 14 جيتل
1 ٽنڪو
1 ٽنڪو
فيروز شاهه
ڪڻڪ
جوَ
ساريون
داليون
کنڊ اڇي
کنڊ ڳاڙهي
گيهه في مڻ
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= = 8 جيتل
4 جيتل
14 جيتل
4 جيتل
140 جيتل
120 جيتل
100 جيتل[7]
نوٽ: ڪپڙن جا اگهه ساڳيا هئا جيڪي علاء الدين جي زمانه ۾ هئا.
مذهبي ۽ علمي حالت
محمد تغلق ۽ فيروز شاه جي ڏينهن ۾ مخدوم سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت جي تبليغ ڪري گهڻن قومن اسلام اختيار ڪيو ۽ سهروردي بزرگن جي سنڌ ۾ پهرين خلافت سکر ۾ قائم ٿي هئي، جنهن لاءِ شيخ نوح رحه جو بيان ڏيئي چڪا آهيون، جنهن جو مقبرو بکر جي قلعي ۾ موجود آهي. سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ سهروردي خلافتون سيوهڻ ۽ لاڙ ۾ قائم ٿيون. ملتان، اُچ، بکر، سيوهڻ، محمد طور ۽ اگهاڻي تبليغ ۽ علميت جا مرڪزي شهر بنجي ويا. سهرورديه سلسله خلافت گجرات تائين پهتو. هندن جا گهڻائي فرقا هئا. انهن مان شومت وارا مهاديو جي ”لُنگ“ مخصوص عضوي ۽ سندس زال جي شرمگاه ”ڀُڳ“ جي پوڄا ڪندا هئا[8]. ٻيا فرقا جهڙُوڪ ڀڳتي، ٻڌڪان ۽ وامامرگي (واساچاريه)، پوئين فرقه جو صدر مقام اوڙيسا ۾ جگناٿ پري جو مندر هو. هن فرقي وارن جون ٽوليون سنڌ تائين چڪر هڻنديون هيون. سندن پاٽ پوڄا جو طريقو نرالو هو. جنهن شهر ۾ پهچندا هئا تہ هڪ مخصوص هنڌ کي گوبر سان ليپو ڏيئي مٿس چانور، گل ڇڙڪي، مڇي، گوشت تيار ڪري، زالن جون چوٽيون ۽ چوليون گڏ ڪري رکندا هئا. پوءِ مرد شراب پي هڪ مورتي جي پوڄا ڪندا هئا. شراب پيئڻ ۽ ڀڳتي کان واندا ٿي، ”ڀيروا چڪرا“ ڪندا هئا، هن فرقي وارن کي ”تنتر“ جي نالي سان سڏيندا هئا. فرشته هن فرقي وارن کي ”اباحيه“ ڄاڻايو آهي[9]. اڪبري دور تائين هن فرقي جو سنڌ جي شهرن ۾ چڪر ڪاٽيندي ڏس ملي ٿو[10]. علاؤ الدين خلجي منجهان گهڻن کي مارايو هو. سلطان فيروز شاه حڪم ڏنو هو تہ ڪو بہ هندو مسلمانن کي هندو ڌرم ۾ نہ آڻي[11]. سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪيتريون هندن جون رسمون رائج هيون. مثلاً شراب پيئڻ، دستر خوان تي گڏجي طعام تناول نہ ڪرڻ وغيره. اهي رسمون سومرا حڪمران طبقي ۾ هيون. علاؤ الدين خلجي شرابين لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون. مسلمان هندو عورتن سان شاديون ڪندا هئا ۽ هندو مسلمان زالن سان. وري ڪنهن بدنصيب مسلمان عورت جو هندو مڙس مرندو هو تہ مسلمان زال کي مڙس جي لاش سان چکيا تي چڙهڻو پوندو هو. اهو رواج اتر هندوستان ۾ رائج هو، جو شاهجاهن جي ڏينهن تائين قائم رهندو آيو[12]. سمان، سومرا ۽ ڪلهوڙا هندو عورتن کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ کان سواءِ ساڻن شاديون ڪندا هئا[13]. سنڌ جي روماني آکاڻين، مومل مينڌرو ۽ ليلان چنيسر پڙهڻ سان اهڙا مثال ملن. بعض پتورتا زالن کي پنهنجي پاڪدامني جي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ باهه مان لنگهڻو پوندو هو. سنڌي ٻولي گهرن ۾ ڳالهائبي هئي. سرڪاري زبان پارسي هئي. مسجدن ۾ بہ پارسي تعليم ڏيڻ جو رواج هو. اهي مسجدون مدرسا هئا، جن جو خرچ سرڪاري اوقاف کاتو ڀريندو هو. فقه حنفي جي ڪتاب ”هدايه“ جي تعليم هن دور ۾ رائج هئي، نصاب جا ڪتاب پارسي ۾ هئا. سنڌي ٻولي جي شاخ ملتاني نهايت فصيح هئي، جنهن مان اردو زبان جنم ورتو، هن قومي زبان جي اوائلي صورت لهنڊا ٻولي ۾ نظر اچي ٿي. يعني تہ اردو ٻوليءَ مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ جنم ورتو[14]. سنڌي شاعري جا اهڃاڻ هن دور ۾ ڏوهيڙن مان نظر اچن ٿا، جن مان سومرن جي علاؤ الدين سان جنگين جو ذڪر ملي ٿو[15]. سمن جي صاحبي ۾ سنڌ اندر امن امان ۽ فارغ البالي جو دور هو. ٻئي طرف 1398ع ۾ امير تيمور هندستان تي ڪاهي ملڪ کي لٽيو. سکر سندس ڪاهه کان بچي ويو. تيمور جي پوٽي شهزاده پير محمد ملتان پهچڻ کان پوءِ سکر وارن کي پيش پوڻ لاءِ ڌمڪي ڏني هئي پر هن شهر جي هڪ خدا پرست بزرگ جي روحاني برڪت سان اها بلا ٽري ويئي. 1334ع ۾ شيخ ابن بطوطا طنجي سنڌ جي سير تي آيو ۽ سکر شهر واسين جي مهمان نوازي ۽ هتي جي عالمن ۽ فاضلن بزرگن جي هن پنهنجي سفرنامي ۾ تعريف ڪئي آهي. جن جو بيان موقعه سر ڏبو. صوفين جي سماع جي محفلن ۾ هندو گويا بہ ڳائيندا هئا.
تغلق دور جي سکر ۾ هڪ يادگار
هند ۽ سنڌ ۾ اوليائن جي زيارت ڪرڻ ۾ هندو بہ مسلمانن جهڙو حصو وٺندا هئا. ڄام ننده (نظام الدين) جي ڏينهن ۾ نيرن ڪوٽ جي سماع جي مجلس ۾ هڪ هندو سوناري ڇوڪري هي بيت سرتال سان ڳايو:
”سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نہ ورن،
ڪوڙي دعوا دوست جي ڪڄاڙي کي ڪن.“
اهو بيت ٻڌي مخدوم احمد ڀٽي صاحب مڇيءَ وانگي تڙڦندي پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. هي واقعو 930 هه جو آهي[16]. سنڌ ۾ گهڻيون اهڙيون زيارتگاهون آهن جن تي هندو ۽ مسلمان گڏجي ويندا هئا. مثلاً مخدوم لعل شهباز قلندر کي هندو راجا ڀرتري چوندا هئا، ڪراچي جي ويجهو منگهو پير جنهن کي هندو لالا جسراج چوندا هئا، پير پٺو ديبلي وغيره غرض اسلامي تصوف جو رنگ نہ صرف مسلمانن تي چڙهيل هو پر هندن تي بہ غالب هو. اهڙن مشترڪه زيارتگاهن مان سکر ۾ خواجه خضر جو آستان آهي.
خواجه خضر جي خانقاه
هيءَ خانقاه جا بکر جي قلعي جي اوڀرندي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، تنهن کي مسلمان خواجه خضر عليه السلام جو آستان چون ٿا. مورخ يوسف ميرڪ هن طرح ڄاڻائي ٿو: ”و طرف رويه بهکر، آستانهء حضرت خضر عليه السلام برکوهي درميان ساخته اند“[17]. هن ٽڪريءَ متعلق گهڻيون روايتون آهن. ريورٽي صاحب لکي ٿو تہ خانقاه تعمير ٿيڻ کان اڳ انهيءَ ٽڪريءَ تي هر رات ماڻهو هڪ ڏيئو ٻرندو ڏسندا هئا، جڏهن ٻيڙيءَ ذريعي اتي پهچندا هئا تہ ڏيئو غائب ٿي ويندو هو [18]. غرض تصوف جي مشترڪ رجحان ڪري درياه جي وچواري هيءَ ٽڪري بہ معمو هئي. هندن جو عقيدو تہ عجيب ۽ غريب هو. هنن ٽڪري تي ”زنده پير“ نالو رکيو هو. ٻيو نالو اڏيرو لعل رکيو هئائون. مسلمان اڏيري لعل کي شيخ طاهر چوندا هئا.
سندن عقيدي موجب سمنڊ جا پلا اُڏيري لعل ”زنده پير“ جي زيارت ڪرڻ لاءِ هتي پهچن ٿا[19]. سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي نواب ڪشلو خان هن ٽڪريءَ تي هڪ خانقاه جوڙائي هئي. ٽڪريءَ جو عاليشان دروازو جو روهڙي ڏانهن هو ۽ مٿس وڏو قبو هو، هن دروازي جي ديوارن تي خوبصورت ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل هو. آبڪلاني جي مند ۾ درياه جو پاڻي دروازي جي ڏاڪڻ جي ڪن ڏاڪن کان مٿي چڙهي ويندو هو. هن ٽڪريءَ تي هڪ غار بہ آهي. مسلمانن ۽ هندن جي هڪ مشترڪ زيارتگاه هئي. هندن دروازي مٿان گهنڊ ٻڌا هئا، جي صبح ۽ شام وڄائيندا هئا[20]. ابن بطوطا بہ هيءَ خانقاه ڏٺي هئي. سکر جي پهرين عمارت بکر جو قلعو عربن تعمير ڪرايو ۽ هيءَ ٻي عمارت تغلق دور جي آهي.
تغلق ۽ سمن جي ڏينهن جا ساکرو علماء
سيد علاؤ الدين رضوي
سيد علاؤ الدين بن شهاب الدين بن موسيٰ بن علاؤ الدين بن سيد محمد مڪي رحه هن دور جو برک بزرگ هو.
پير موسيٰ نواب
سهروردي مخدومن مان تبليغ جي ارادي سان اچي بکر ۾ رهيو. گهوٽڪي، ماٿيلي ۽ سکر جي آس پاس رهندڙ ٻن مکيه راجپوت قومن مان مهرن ۽ ڌاريجن اسلام قبول ڪيو. انهن قومن کي جيڪي جڻيان پاتل هئا، سي اڄ تائين پير موسيٰ نواب جي درگاه (بهاولپور رياست) تي موجود آهن.
سيد مير ميران
سيد مير ميران رضوي وڏي ڪرامت جو صاحب هو. سندس تربت روهڙي شهر جي وچ ۾ آهي.
شاهه حاجي دريائي
سندس تربت روهڙي شهر جي اُتر ۾ درياه جي ڪپ تي آهي. عام طور ”حاجران شاهه حضوري“ جي نالي سان مشهور آهي. تحفته الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي تہ هڪ نابينا قلندر درياه جي ڪپ تي ڪنڍيءَ سان مڇي ڦاسائي رهيو هو تہ ڪنڍي ڪنهن شيءِ ۾ ڦاسي پئي، ڇڪي ڪڍيائين تہ هڪڙي صندوق هئي ۽ صندوق کي ڇهڻ سان سندس اکيون روشن ٿي ويون. صندوق کولي ڏٺائين تہ منجهس لاش پيل هئي. هن کي خواب ۾ اشارو ٿيو تہ منهنجو نالو شاه حاجي آهي ۽ مرشد شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني رح جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ لاءِ عرب کان هت پهتو آهيان. سندس قبر درياه جي ڪپ تي آهي. عقيدتمند اڪثر مڇي ۽ ماني درگاه تي ورهائيندا آهن.
شيخ ابن بطوطا طنجي
تاريخ جي وچين زماني جو مشهور سياح ابن بطوطا 1334ع ۾ سکر کان لنگهيو هو. سکر پراڻي متعلق لکي ٿو تہ مهراڻ جي ڪپ تي بارؤنق شهر آهي. هتي هڪ خانقاه آهي جتي مسافرن کي کاڌو ملي ٿو. سندس ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي هئي. ان وقت شمس الدين جي عمر سندس بيان موجب هڪ سؤ ويهه ورهيہ هئي. اها خانقاه خواجه خضر واري ٽڪريءَ تي هئي[21]. شيخ ابن بطوطا اُچ ۽ سکر جي وچ ۾ شهر جناني ۽ اتي جي رؤنق دار بازارين جو بيان ڏنو آهي. خبر نہ ٿي پوي تہ اهو ڪهڙي هنڌ تي هو.
مير ابو الغيث بکري
سکر جو ديندار خدا رسيد و بزرگ هو. سنڌ جي سمي حاڪم ڄام فتح خان بن ڪرن جي صاحبي ۾ امير تيمور گورگاني جي پوٽي ميرزا پير محمد ملتان پهچڻ کان پوءِ سکر جي شهر واسين کي حڪم ڏنو تہ اچي پيش پئو، ٻيءَ صورت ۾ مغل لشڪر سکر تي ڪاهه ڪندو. هن خوفناڪ خبر شهرين جي دلين ۾ ڌڌڪو پيدا ڪيو ۽ هو خوف کان شهر خالي ڪري جيسلمير ڏانهن ڀڄڻ لڳا. اهڙي ٻڙڌول کي ڏسي مير ابو الغيث، ميرزا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ملتان ڏانهن روانو ٿيو. سندس پهچڻ کان هڪ رات اڳ ميرزا خواب ۾ حضرت رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي ڏٺو، حضور پاڪ هن کي فرمايو ته، منهنجي اولاد سان احترام سان پيش اچج. چنانچه مير صاحب جڏهن ميرزا جي درٻار ۾ پهتو،تڏهن شهزادو نهايت احترام ۽ تواضع سان ڀاڪر پائي پاڻ سان گڏ ويهاري، خواب جو احوال اوريو ۽ سيد موصوف کي تسلي ڏنائين تہ سکر تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو اٿم. موڪلائڻ وقت شهزاده مير صاحب کي بيش بهاسوغاتون ۽ اروڙ جو پرڳڻو جاگير ڏيئي روانو ڪيو. سکر واسين تان هيءَ ناگهاني آفت ٽري ويئي، هو موٽي اچي شهر ۾ رهڻ لڳا.
مير ناصر الدين بکري
سيد مير ناصر الدين بن نظام الدين بکري، هر وقت سماع جي مجلسن ۾ مسرور رهندو هو ۽ سوندري راڳ کي بيحد پسند ڪندو هو. وفات ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن ماڻهو تدفين لاءِ سندس جنازو کڻڻ لڳا تہ کڄي نہ سگهيو. پٽس مير رڪن الدين کي پيءُ جي وصيت ياد آئي، هن سازندن کي گهرائي سوندري راڳ شروع ڪرايو. قدر خداوندي سان جنازو پاڻمرادو کڄي وڃي قبرستان ۾ لٿو.
مولانا عالم
مولانا عالم ظاهري توڙي باطني علمن جو ماهر ۽ صاحب ڪشف هو. پٽس درويش يحيٰ هو، جو پوءِ سکر ڇڏي ريل پرڳڻي ۾ رهڻ لڳو. ريل پرڳڻو سيوهڻ ويجهو هو، جتي شيخ مبارڪ، ابو الفاضل ۽ فيضي جو پيءَ ڄائو هو. شيخ مبارڪ پهريان ناگور پهتو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ گجرات ۾ رهيو، جتان آگره پهتو هو.
قاضي معروف
ڄام سنجر سمي قاضي معروف کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو، جو وڏو عالم، متقي ۽ بيحد خوش مزاج هو. وٽس جيڪو فريادي ايندو هو، تنهن کان ۽ جوابدارن کان رشوتون وٺندو هو. اهي شڪايتون ڄام سنجر کي پهتيون، جنهن قاضي صاحب کي گهرائي کانئس پڇا ڪئي. قاضي موصوف بيباڪيءَ سان جواب ڏنو تہ عيالدار آهيان پگهار گذر سفر لاءِ نا ڪافي آهي، تنهنڪري مدعي ۽ مدعاليه کان رشوتون وٺان ٿو. افسوس اٿم تہ شاهد فيصلي ٻڌڻ کان اڳ هليا وڃن ٿا تہ نہ جيڪر انهن کي بہ خالي وڃڻ ڪو نہ ڇڏيان ها. ڄام سنجر سندس صاف گوئي تي گهڻو خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين تہ سرڪاري ملازمن جو پگهار وڌايو وڃي جيئن رشوت کي ٻنجو اچي وڃي.
قاضي ابو الخير
اصل سيوهاڻي هو ۽ سکر مٿان قاضي هو ۽ سکر ۾ رهڻ لڳو. مشهور قاضي قاضن سندس پيڙهيءَ مان هو. [22]
اروڙ جو واقعو
سيد جلال الدين جهانيان مڪي کان موٽندي سکر پهتو تہ شهر جي ماڻهن کيس چيو تہ اروڙ جي الڳ هڪ غار ۾ هڪ درويش رهي ٿو، جو دعويٰ ڪري ٿو تہ الله تعاليٰ هن لاءِ نماز کي معاف ڪيو آهي. اهو قصو ٻڌي مخدوم صاحب اروڙ پهتو ۽ ڏٺائين تہ غار اڳيان ماڻهن جو هجوم لڳل هو، جنهن ۾ امير توڙي غريب موجود هئا. مخدوم صاحب بہ تارڪ – صلوات وٽ پهچي کائنس پڇيو تہ تون نماز ڇو نہ ٿو پڙهين جڏهن حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته، ”الفرق بين المومن و الڪافر الصلوات“ يعني تہ ”مومن ۽ ڪافر ۾ فرق نماز ڪري ٿي“. درويش جواب ڏنو ته، ”سيد! مون وٽ جبريل ايندو آهي ۽ بهشت کان طعام آڻيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، تو لاءِ نماز معاف ڪئي ويئي آهي ۽ تون خاص مقرب بنجي ويو آهين“.
حضرت مخدوم صاحب ٻڌي فرمايو ته، ”بڪواس بند ڪر، جڏهن تہ محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم لاءِ نماز معاف نہ ٿي ته، تو جهڙي جاهل لاءِ ڪيئن معاف ٿي؟ جيڪو تو وٽ اچي ٿو، سو شيطان آهي ۽ تو کي چوي ٿو تہ آءٌ جبريل آهيان، جبريل وحي جو فرشتو آهي، جو پيغمبرن کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ ڪو نہ ايندو. جيڪو کاڌو تو وٽ اچي ٿو، سو غليظ آهي“. درويش چيو ته، کاڌو ڏاڍو لذيذ هوندو آهي ۽ مان ان مان لذت محسوس ڪندو آهيان. مخدوم صاحب چيس ته، ”جڏهن تو وٽ فرشتو اچي ته، لا حول ولا قوت اِلا با الله العلي العظيم پڙهجانءِ“. ٻئي ڏينهن جڏهن درويش وٽ ويا تہ درويش سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون توهان جي چوڻ تي عمل ڪيو ته، فرشتو غائب ٿي ويو ۽ جيڪو کاڌو آندو هئائين؛ سو غليظ ٿي، منهنجن هٿن ۽ ڪپڙن تي پيو ۽ منهنجا ڪپڙا نجس ٿي ويا.“ درويش توبه ڪئي ۽ جيڪي نمازون فوت ٿيون هيون، قضا ڪري پڙهڻ لڳو[23].
سلاطين، صوفي درويش ۽ علماء اسلام
جهڙي طرح وقت جي مسلمان بادشاهن جي درٻارن ۾ امير، رئيس، فوجي جرنيل ۽ فنڪار رهندا هئا ۽ سلاطين جي سرپرستي جي زير سايه ملڪ فتح ڪندا هئا ۽ ثقافتي خدمتون ڪندا هئا، تهڙيءَ طرح مسلمان علما قرآن، حديث، منطق، فقه جي تعليم ۽ ترويج سان تعلق رکندا هئا. مسجدن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآن ۽ پارسيءَ جي تعليم ڏيندا هئا. انهن جو تعلق صرف اسلامي معاشري سان هو. اهي هندن سان ڪو تعلق نہ رکندا هئا. ليڪن صوفيا ڪرام ۽ فقرا جون خانقاهون عوام جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ کليل هيون وٽن اسلام يا ڪفر جو ڪو سوال ڪو نہ هو. اهي مخلوق خدا کي سواءِ امتياز جي ”خدا جو ڪٽنب“ سمجهندا هئا، باهمي اختلافات بدران امن ۽ امان ۽ عرفان – الاهي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ اسلامي مساوات، امن ۽ انساني مساوات جي تلقين ڪري اسلام جي اساسي اصولن کي تقويت پهچائيندا هئا. جيئن سلاطين دارو و دهش سان قدر داني ڪندا هئا. انهيءَ طرح صوفين جي خانقاهن تي بہ عوام لاءِ لنگر جاري رهندو هو. انهن خدا رسيده بزرگن کي ذاتي اغراض سان ڪو تعلق ڪو نہ هو، جنهن ڪري سلاطين توڙي امرا بہ سندن احترام ڪندا هئا ۽ کين لنگر خانن جي خرچ لاءِ وڏيون رقمون بہ ڏيندا هئا، مگر انهن بزرگن جي روز افزون خيراتن ڪرڻ ڪري سندن خزانا خالي رهندا هئا. هو پنهنجي رسوخ سان بعض عوام جي شڪايتن جو تدارڪ بہ ڪندا هئا. تاريخ شاهد آهي تہ برصغير ۾ اسلام گهڻو ڪري صوفين درويشن جي ڪوششن سان پکڙيو. بادشاهه ترار جي زور تي عوام تي حڪومت هلائيندا هئا ۽ صوفي درويش روحانيت وسيلي عوام جي دلين تي حڪومت هلائيندا هئا. عيسوي ڏهين صدي کان وٺي هزارين صوفين ۽ مبلغن برصغير جي گوشن ۾ پر امن طريقه سان تبليغ جو ڪم ڪيو؛ نتيجي طور هندن مٿان جيڪو فڪري جمود طاري هو، سو ٽٽي پيو. ضعيف الاعقادي، اوهام پرستي، ڇوت ڇات، ذات پات جو امتياز ۽ شرڪ جا ڪارا ڪڪر جيڪي صدين لاڪر برصغير تي ڇانيل هئا، تن کان آسمان صاف ٿي ويو ۽ شرف – انسانيت جو سج طلوع ٿيو. توحيد جي عقيدي ۽ انساني مساوات عامه جي مقبوليت ڪري، هندو ڌرم جو بنياد لڏي ويو ۽ منجهن نوان روشن خيال مفڪر پيدا ٿيا. اهڙو بيان موقعي سر ڏبو.
________________________________________
[1] جي – ايڇ ريورٽي: مهراڻ ص 494 – وقت جي شاعرن روهڙي جي تعريف ڪندي شهر جو نالو ”لُهري“ پنهنجن قصيدن ۾ ڏيکاريو آهي، جيئن شاعر عبدالقادر ”بيدل“ جو مشهور قصيدو آهي. ڏسو عبدالحسين شاه موسوي جو ديوان بيدل ص 14 – 16 سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع حيدرآباد سنڌ.
[2] جي – ايڇ ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمہ بيان روهڙي ڪلڪتو 1929ع.
[3] سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم صوفيا ص 273.
[4] ايبٽ جو ”سنڌ“ ص 89 فوٽ نوٽ.
[5] ايشوري پرساد: مسلمانن جي هندوستان تي حڪومت جي مختصر تاريخ، ص 154 – 155 الله آباد 1939ع.
نوٽ: منشي عطا محمد قنڌاريءَ پنهنجي ڪتاب ”نوائي معارڪ“ ۾ روهه معني جبل ان حصي کي ڏيکاريو آهي جو حسن ابدال کان هرات تائين آهي.
[6] عجائب الاسفارج – 2، سيد ابو ظفر ندوي مختصر تاريخ هند دور تغلق ص 70 – 72.
[7] عبد المجيد سالڪ: هندوستان ۾ مسلم ثقافت ص 668 – 669.
نوٽ: سکر جي واڻين لوهاڻن، ڀاٽين ۽ ڇاٻڙن کي وياج جي ڪمائي هئي. جيڪو ماڻهو محمد تغلق کي تحفا پيش ڪندو هو، تن کي بادشاهه کان ٻيڻي رقم ملندي هئي انهي ڪري واپاري ماڻهن کي دل کولي قرض ڏيندا هئا.
[8] لنگ جي پوڄا اڄ تائين هندن ۾ رائج آهي. هر ڇهين سال هر دوار هي ڪنڀ جي ميلي، هر ٻارهين سال پرياگ جي ميلي تي لکين اگهاڙا ساڌو، گنگا ۽ جمنا ۾ لنگ پوڄا ڪرائڻ لاءِ هماليه جي ترائن مان اشنان ڪرڻ اچن ٿا. لنگ پوڄا لاءِ ڏسو راقم جو مضمون روزانه الوحيد ص 8، 21 فيبروري 1954ع ڪراچي.
[9] Hodiwala, S H: Studies in Indo – Muslim History, p 342, Mombay, 1939.
[10] سفينته نوح از مولائي شيدائي، ڪتبخانو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ قلمي هالا.
[11] فتوحات فيروز شاهي ص 7 – 8.
[12] Cambridge History of India, Vol: II, p. 306, Cambridge 1929.
[13] شيخ محمد اڪرام: رود ڪوثر ص 166 – 167، ڪراچي.
[14] مسلمانن جي هندستان ۾ ثقافت.
[15] خان بهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ بيان سومرا، سنڌي ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد.
[16] سيد حسام الدين راشدي: سنڌي ادب ص 21 – 22 ڪراچي.
[17] يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجاهني، باب اول ص 4، ڪراچي 1962ع.
[18] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ ۽ سندس معاون شاخون.
[19] Sindhian World ‘The tri – Islets in the Indus’, pp. 135 – 140 Feb: 1940, Karachi.
[20] عجائب السفار ج 2.
[21] عجائب السفار ج 2.
[22] علمائن جو بيان عبدالغني عبدالله جي تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد 1939ع، تحفته الڪرام ج 3 مرزا قليچ بيگ جي تاريخ قديم سنڌ، بلوءَ ٽسڪي پريس حيدرآباد 1925ع تان ورتل آهي. سمن جي صاحبي ۾ ڄام تماچي ۽ نوري جي آکاڻي مشهور آهي. ٻنهين جون قبرون ڪينجهر جي ڍنڍ ۾ آهن.
[23] الحد المنظوم في ترجمه ملفوظات المخدوم، اردو ترجمو ص 217.
باب ستون: ارغونن ۽ ترخانين جي ڏينهن ۾ سکر
شاهه بيگ ارغون
ارغون چنگيز جي نسل مان هئا، شاهه بيگ جو پيءُ امير ذوالنون بصري هرات جي پوئين مغل حاڪم سلطان حسين بائقراه جو وزير ۽ سپهه سالار هو ۽ شاهه بيگ پيءَ طرفان قنڌار ۽ زمين داور مٿان نائب هو. انهن ڏينهن ۾ وچ ايشيا مان محمد خان شيباني جي سرڪردگي هيٺ اوذبڪن جو طوفان اٿيو، جنهن خيوا ۽ خراسان جي تيموري شهزادن جي حڪومتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. چنانچه 913 هه 1507ع ڌاري سلطان حسين ۽ امير ذوالنون اوذبڪن هٿان مارجي ويا. بابر ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ شاهه بيگ کان قنڌار جي گهر ڪيائين. شاهه بيگ قنڌار بابر جي حوالي ڪري گرم سير، پشين ۽ سيوي تي قبضو ڪري سنڌ ۽ گجرات تي قبضي ڪرڻ لاءِ محڪم ارادو ڪري پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي لشڪر ڏيئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. انهن ڏينهن سنڌ جو حاڪم ڄام نندو عرف نظام الدين هو، جنهن ٺٽو شهر تعمير ڪرايو هو. سندس سپهه سالار دريا خان عرف قبوليو چانڊڪي پرڳڻي ۾ سلطان محمد کي شڪست ڏيئي قتل ڪيو. ليڪن شاهه بيگ بزدل ڪو نہ هو جو ماٺ ڪري ويهي رهي. 1508ع ۾ نيڪ بخت سمي ڄام ننده وفات ڪئي. پٽس ڄام فيروز ٺٽي جي گاديءَ تي ويٺو، جو جوانيءَ جي نشي ۾ سرشار هو پر حڪومت هلائڻ جي منجهس لياقت ڪا نہ هئي. ٻئي طرف دشمن قوي هو ۽ سنڌ جي دولت کي لٽڻ لاءِ منتظر هو.
سقوط بکر
بکر سنڌ جي سري جي لاڙڪاڻي ۽ سيويءَ تائين پاسباني ڪندو هو. ڄام ننده بکر جي پرڳڻي مٿان قاضي قاضن جهڙي ڪاريگر ۽ عالم، فاضل کي نائب مقرر ڪيو هو. شاهه بيگ ارغون پنهنجي ٻن جرنيلن فاضل ڪوڪلتاش کي بکر تي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان کي سيوهڻ تي چاڙهي مڪو – سيوهڻ ڪوهستان ۽ ٺٽي ڏانهن ويندڙ رستي جي حفاظت ڪندو هو. ڄام فيروز جي نا اهليت سبب قاضي قاضن کي وقت سر فوجي امداد نہ ملڻ سبب ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. مرزا عيسيٰ ترخان سيوهڻ تي قبضو ڪيو. مغل لشڪر جتان لنگهيو ڳوٺن کي ڦريندو وتيو. شاهه بيگ 1520ع ۾ ٺٽي تي قبضو ڪيو ۽ شهر ۾ ڦرلٽ ڪرايائين. آخر قاضي قاضن جي چوڻ تي لٽ مار بند ڪيائين. قاضي قاضن جي علميت ۽ فضيلت کي ڏسي هن کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيائين. ڄام فيروز جو حرم کي ڇڏي ڀڄي ويو هو، اچي پيش پيو. شاهه بيگ لڪي جبل تائين سنڌ جو اُتريون حصو پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ لڪي کان سمنڊ تائين ڏاکڻو حصو ڄام کي ڏنائين.
بکر جي قلعي جي تعمير ۽ سرڪش قومن کي شڪست
شاهه بيگ ارغون بکر جي قلعي کي وري نئين سر تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو ته، سندس صلاحڪار قاضي قاضن هن کي سمجهائيندي چيو تہ بکر ولايت جي سيلابي زمين ڪانڊيرن سان ڀريل آهي، تنهنڪري قلعي تعمير ڪرڻ کان اڳ زمين کي ڪنڊن کان صاف ڪيو وڃي.
”قاضي عرض کرد که زمين، اين ولايت سيلابست و خار بسيار،
درين زمين مي رويد، بيلِ خار کني هميشه دردست بايد گرفت.“
درياهه جي کاٻي پاسي کان مهر ۽ ڌاريجا ٻہ مضبوط سماٽ جنگجو قومون هيون، جن مان مهر چانڊوڪي پرڳڻي تائين پکڙيل هئا. انهن قومن جا اٽڪل 47 ڌاريجن ۽ مهرن جا سردار مير فاضل ڪوڪلتاش جي اچي پيش پيا، بغاوت ڪرڻ کان پوءِ بکر ۽ سکر جي ماڻهن منجهان خوف رهندو هو. درٻيلو بہ بکر ولايت اندر هو، اتي جا رهاڪو سميجا ۽ سهته بہ سرڪشي ڪرڻ ۾ ويرم ڪو نہ ڪندا هئا، درياھہ جي ساڄي کان سماٽ قومون ٻگهيه، ٿيٻا، جوڻيجا، ڏاهري، دل، راهوجا، ساند، کيبر، ڪيريا، لاکيار، ڪوريجا، سومرا، پريا، ابڙا، ڪلهوڙا راڄن وارا هئا ۽ وڏا زميندار هئا، جوکي هرڻي، منهه نالي شهر امير ابڙي جا اڏيل هئا. ڪوٽڙي جو ڳوٺ شاهه علي ابڙي ٻڌايو هو، انهن پنهنجا واھہ کوٽايا هئا. ڪيهر، سانگي ۽ ماڇي بہ هئا، مٿيون قومون گهڻو ڪري (ڪلهوڙن کان سواءِ) بہ سميجا قوم جون شاخون هيون جن ۾ اُنڙ، ڪيهر ۽ جوهيا بہ شامل ۽ بغاوتون ڪرڻ سندن جبلت هئي، سکر کان مديجي تائين پرڳڻو بلوچن جو هو، جن ۾ جتوئي بليدي، لولي، شرن پنهنجي جاگيرن ۾ ننڍا قلعا تعمير ڪرايا هئا، هر قوم مٿان سردار هو، چانڊڪي پرڳڻي ۾ مگسي، چانڊيا ٻروچ رهندا هئا، مٿيون قومون سماٽن جا ٻار ٻچا بہ وڪڻڻ کان ڪين مڙنديون هيون. ڌارين حاڪمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻروچ ۽ سماٽ پاڻ ۾ ٻٽ ٿي مقابلو ڪندا هئا[1]. مير فاضل ڪوڪلتاش برجستو ۽ تجربيڪار جرنيل هو، هن سماٽ قومن مان ڌاريجن ۽ مهرن کي پنهنجو ڪري، هڪ رات ٻروچن تي حملو ڪري منجهان گهڻن کي قتل ڪري سندن زمينون مهرن جي حوالي ڪيائين. اهڙي طرح شاهه بيگ ڪانڊيرن وارن زمين کي صاف ڪري قلعي جي تعمير ڏانهن رجوع ٿيو. هن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ۽ سندون ڏيئي ارڙو جي قلعي ۽ جاين مان پڪيون سرون ڪڍرائي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لڳو، 25 فوٽ اونچي ٽڪريءَ مٿان ٻٽي ديوارن سان قلعو تعمير ڪرايو ويو، جن جي اونچائي 30 کان 35 فوٽن تائين هئي، مٿس ڪنگرا تعمير ڪرايا ويا ۽ قلعي کي ٻہ دروازا هئا: هڪڙو ڏکڻ طرف هو ٻيو اتر طرف، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي هڪڙو برج تعمير ڪرايو ويو، جنهن تان مجرمن کي هيٺ ڪيرايو ويندو هو، ان کي ”خوني برج“ چوندا هئا[2]. شاهه بيگ قلعو مير فاضل ڪوڪلتاش جي حوالي ڪري گجرات فتح ڪرڻ جي ارادي سان اگهاماڻي پهتو، 928 هه – 1521ع ۾ وفات ڪيائين، پٽس ميرزا شاهه حسن نصرپور ۾ پنهنجيءَ تاجپوشيءَ جو اعلان ڪيو.
شاهه حسن جو ٺٽي تي قبضو
ڄام فيروز ظاهري ميرزا شاهه جي دوستيءَ جو دم ڀريندو هو ۽ اندروني جنگ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. سمن ڄامن جي گجرات جي مظفر ۾ سلاطين سان مائٽي هئي، جتان پنجاهه هزار لشڪر وٺي آيو، چاچڪان جي جنگ ۾ ڄام فيروز شڪست کائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، سمن جي صاحبي سنڌ ۾ ختم ٿي.
ملتان تي ڪاهه
932 هه – 1525ع ۾ شاهه حسن ملتان فتح ڪري ڦرلٽ ڪري بابر جو خطبو پڙهيو، جنهن 1526ع ۾ دهلي ۽ آگرهه فتح ڪيا. 937 – 1530ع ۾ بابر وفات ڪئي پٽس همايون دهلي جي تخت تي ويٺو، ساڳئي سال مير فاضل ڪوڪلتاش وفات ڪئي، ميرزا شاهه حسن پٽس سلطان محمود کي بکر مٿان نائب مقرر ڪيو.
همايون جو شڪست کائي روهڙي پهچڻ
1536ع ۾ همايون چوسا ۽ قنوج جي ٻن جنگين ۾ شير خان سوريءَ کان شڪستون کائي لاهور پهتو تہ هتي ڀائرن جي نا اتفاقي ۽ شير خان جو هينئر شاهه سڏائڻ لڳو، تنهن جي خوف کان ڀڄي 1541ع ۾ سخت مشڪلات کان پوءِ روهڙيءَ پهتو ۽ اُتي جامع مسجد ۾ پنهنجي نالي جو خطبو پڙهايائين:
تا همايون نام اور اسکه بردل نقش کرد
مهر از مهرش دهان – سکه برزر ميکند
منبري کز خطبه القاب او زيست گرفت
مشتري گوهر نشاري فرق – منبر ميکند
بکر ۽ سکر جي نواب سلطان محمود ڪوڪلتاش، همايون جي ارادن کي معلوم ڪري روهڙي شهر جي هڪ وڏي حصي کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ازانسواءِ درياء تي مير بحرن جون جيڪي بہ ٻيڙيون هيون تن تي قبضو ڪيائين. سندس مقصد هو تہ روهڙيءَ ۾ ڏڪار پئجي وڃي ۽ معزول شهنشاهه هتان ڀڄي وڃي، معزول شهنشاهه جي حالت زار هئي، ميرزا شاهه حسن جي شهنشاهه کي مدد ڏيئي نہ پي سگهيو، ڇو ته، شير شاهه، اخلاص خان کي لشڪر ڏيئي همايون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو، ميرزا شاهه حسن ٻٽي چال چلي رهيو هو، هڪ طرف همايون جي نگراني ڪري رهيو هو تہ ٻي پاسي وٽس تحفا موڪليندو رهيو ۽ شاهي پاسداري جو ثبوت ڏيڻ لڳو، ميرزا همايون کي لاڙ ۾ چاچڪان جو زرخيز پرڳڻو ڏيڻو ڪيو ۽ پنهنجيءَ سڪيلڌي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم جو بہ معزول شهنشاهه کي دلاسو ڏنائين تہ اچي شادي ڪر.
بکر جي قلعي تي همايون جي ڪاهه ڪرڻ
بکر جي قلعي کي ٻٽي ديوار ڏنل هئي، سلطان محمود ٽين ديوار ڏياري قلعي تي ستر برج تعمير ڪرائي، ست دروازا هڻايا، اڳ فقط ٻہ دروازا سکر ۽ روهڙي طرف هئا، قلعي اندر نظر گاه ۽ گذر گاه نالي ٻہ باغ هئا، جن جي وڻڪار ڪري هي قلعو غنچو بنجي ويو. اڳ قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽ بلند هيون، ٽين ديوار 40 فوٽ بلند هئي، همايون، سلطان محمود کي قلعي حوالي ڪرڻ لاءِ چوايو پر هن انڪار ڪندي چيو تہ ميرزا شاهه حسن جي حڪم کان سواءِ ڏيئي نہ ٿو سگهان. همايون جي گجرات تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ مرضي هئي، پر اميرن جي مرضي هئي تہ بيگمات کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي ويهاري پوءِ ڪاهه ڪجي. ميرزا شاهه حسن کي همايون جي ارادي جي خبر هئي، هن ميرزا عيسيٰ ترخان، ميرزا جاني، پائينده محمد قريشي، دولت خان ۽ مير جمله ترخان کي لشڪر ڏيئي، سلطان محمود جي مدد لاءِ روانا ڪيا هئا. همايون بي يار مددگار هو ۽ بکر جهڙي مضبوط قلعي تي قبضو ڪرڻ هن لاءِ محال هو. معزول شهنشاهه بکر جي لڳ ٻٻرلو جي ”چار باغ“ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو، جنهن ۾ صوفن، انارن، انجيرن، انبن ۽ کجين جا وڻ هئا، گلاب ۽ چمبيلي جي مهڪ ڪري باغن جي زمين زعفران زار هئي. شهنشاهه کان آگري جا شاهي باغ وسري ويا. ميرزا هندال ٻٻرلو کان 5 ميلن جي پنڌ تي بٽ ڳوٺ ۾ منزل انداز هو. يادگار ميرزا تہ ٻٻرلو جي ڪتبخاني ۾ رهڻ لڳو، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي مشهور ڪتبخانن مان هو. چار باغ واري ڇانوڻي 18 هزار چورس فوٽن جي ايراضي ۾ هئي[3].
سکر تي شير ڳڙه نالو پيو
بکر جي ڪليدي قلعي تي قبضي ڪرڻ کان نا اُميد ٿي 1541ع همايون سيوهڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، واٽ تي پاٽ ڳوٺ ۾ هن حميده بيگم سان شادي ڪئي، جا خواجه احمد جام زنده فيل جي اولاد مان هئي. حميده بيگم جو پيءُ ميرزا بابا دوست محمد عرف مولانا شيخ علي اڪبر جامي، جو ميرزا هندال جو اتاليق هو، علمي فضيلت ڪري ”فضيلت ماب“ جي لقب سان سڏبو هو. ميرزا شاه حسن سيوهڻ جي آسپاس جا باغ ويران ڪرائي سيوهڻ جي قلعيدار مرزا عليڪ کي توبون ڏياري مڪيون ۽ پاڻ سن ۾ ڇانوڻي هڻي حالتن جو جائزو وٺڻ لڳو، همايون جي لشڪر کي ڏڪار اهڙو تنگ ڪيو جو جوئر جو في سير هڪ اشرفي قيمت تي ملڻ مشڪل هو.
”در اُردوي بادشاه قحطي عظيم چنان افتاد که يک سير غله جواري گاهي بيک اشرفي پيدا نمي شود.“
همايون ڏهه هزار پنهنجو لشڪر مفت مارائي واپس مشڪل سان ٻٻرلو پهتو، سندس ڪيترائي امير ميرزا شاهه حسن جي پيش پيا. سلطان محمود وٽس 3 سو ان سان ڀريل گڏهه مڪا تڏهن همايون جي سپاهين ۾ ساهه پيو، ٽن سالن تائين برابر همايون سنڌ ۾ قسمت آزمائيندو رهيو، ڪڏهن جوڌپور تائين قسمت آزمائيندو رهيو، ڪڏهن عمر ڪوٽ ۾ راڻي وير سال وٽ رهيو. هتي 1542ع ۾ کيس اڪبر پٽ ڄائو، 1543ع ۾ مرزا بيرم خان خانان اچي ساڻس گڏيو، آخر هڪ لک روپيا نقد ۽ 2 سو اُٺ ميرزا شاهه حسن کان وٺي ايران ڏانهن هليو ويو، همايون کي سنڌ ۾ چڪر ڪاٽيندو ڏسي، شير شاهه پنهنجي سپهه سالار حبيب خان کي 44 – 1543ع ۾ بکر تي چاڙهي مڪو، جنهن بکر تي قبضو ڪري مٿس ”شير ڳڙهه“ نالو رکيو ۽ هتي جي ضرب خانه مان يادگار طور ڪي سڪا ضرب ڪرايائين، سکر تي شير ڳڙهه نالو فقط اوترا ڏينهن قائم رهيو، جيترا ڏينهن حبيب خان موجود هو، همايون چونڪ ايران ڏانهن نڪري ويو، تنهنڪري حبيب خان موٽي ويو، بکر جي قلعي مان ٻہ سڪا هٿ لڳا هئا، جن تي شير ڳڙهه نالو لکيل هو[4].
ساڌ ٻيلي تي پهرين عمارت
همايون جي ڀاءُ ميرزا ڪامران ڪابل ۽ قنڌار تي قبضو ڪيو، هن قنڌار تي ميرزا عسڪري کي نائب مقرر ڪيو هو. همايون شير شاهه کان شڪست کائي جڏهن لاهور پهتو هو، تہ ڪامران ڀاءُ کي قيد ڪري شير شاهه جي حوالي ڪرڻ لاءِ مخفي طور شير شاهه سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. انهي سببان همايون سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو هو، ايران ڏانهن ويندي ميرزا عسڪري بلوچن جي معرفت همايون کي گرفتار ڪرائڻ جو ارادو ڪيو هو پر همايون بچي نڪري ويو. ميرزا ڪامران ميرزا شاهه حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان شادي ڪئي هئي. 1546ع ۾ همايون ڪابل ۽ قنڌار تي ايران کان موٽندي قبضو ڪيو، ڪامران پنهنجي سهري کان لشڪر وٺي 1553ع تائين هٿ پير هڻڻ لڳو ۽ همايون کي تنگ ڪرڻ لڳو، آخر قيد ٿي ويو ۽ همايون هن کي انڌو ڪرايو، ڪامران حرم سوڌو سکر پهتو. ميرزا شاهه حسن پنهنجي ناٺيءَ لاءِ بکر جي اولهندي واري ٽڪري ”ساڌ ٻيلي“ جنهن ۾ کجيءَ جي وڻن جا جهڳٽا هئا، هڪ گنبذ سان محلات جوڙايو هو. اهو گنبذ نما محلات مير معصوم بکري جي ڏينهن تائين موجود هو، جيئن تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ ڏنل آهي:
”در مغرب رويه قلع بهکر، کوهي سطح درميان درياه افتاده، و در آنجا چند درخت خرما ويک گنبذي واقع است“
ميرزا شاه حسن آخري عمر ۾ اڌ رنگ بيماريءَ جي شڪايت هئڻ ڪري هلڻ کان لاچار هو، تنهنڪري لاڙ کان سري تائين مهراڻ تي ٻيڙيءَ وسيلي مسافري ڪندو هو ۽ ساڌ ٻيلي ۾ ڌيءَ کي ڏسڻ ايندو هو، پر پوءِ ڪامران حرم ۽ عسڪري سميت مڪه ڏانهن هليو ويو، جتي چار ورهيہ رهي 964 هه – 1557ع ۾ وفات ڪيائين[5]. ساڌ ٻيلي ۾ پهرين عمارت جو ڏس ارغونن جي ڏينهن ۾ ملي ٿو. سال 967 – 1560ع ۾ ميرزا شاهه حسن وفات ڪئي، سندس بيوه زال سان مرزا عيسيٰ خان ترخان شادي ڪئي. ميرزا حسن کي نرينو اولاد ڪو نہ هو، تنهنڪري اميرن گڏجي مرزا عيسيٰ کي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو، سري ۾ سلطان محمود ڪوڪلتاش پنهنجي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو. سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ڏاکڻو حصو سمنڊ کان سيوهڻ تائين مرزا عيسيٰ جي قبضي هيٺ رهيو، ٺٽو تختگاه هو، اتر ۾ سلطان محمود جي حڪومت هئي، جنهن جو تختگاھہ بکر هو.
سلطان محمود ڪوڪلتاش
سلطان محمود بن مير فاضل بن خواجه عادل بن خواجه احمد اصفهان ۾ رهندو هو، امير تيمور جڏهن اصفهان فتح ڪيو هو، ان وقت خواجه احمد صغير هو، سندس ڏاڏي امير حسن هن جي پرورش ڪئي، جواني ۾ پهچڻ کان پوءِ خواجه احمد، تيموري خاندان سان وابسته ٿي ويو، بکر فتح ڪرڻ وقت سلطان محمود جي عمر 12 سال هئي، جڏهن هن پنهنجي پيءُ مير فاضل سان گڏجي بکر فتح ڪيو هو، هن جي فوجي قابليت کي ڏسي شاهه بيگ ارغون مٿس مهربان ٿيو ۽ پيءُ جي مئي کان پوءِ بکر مٿان نائب ٿيو، ميرزا شاهه حسن جيسين جيئرو رهيو، تيسين ساڻس فرمانبردار رهيو، شاهه حسن گجرات تي ڪاهڻ وقت سلطان محمود کي پاڻ سان وٺي ويو هو[6]. سلطان محمود جي قابليتن کي ڏسي ميرزا شاهه حسن هن کي بکر جي نائبي ڏني هئي، شاهه طهما سپ صفوي جنهن 1547ع ۾ همايون کي مدد ڏني هئي، تنهن سلطان محمود ڏانهن جهنڊو، نقارو، خلعته روانا ڪيا. 979 هه ڌاري شاهه طهما سپ ٻيو دفعو سلطان محمود ڏانهن تحفا مڪا ۽ ”خان جو خطاب“ ڏنائين، ٽيون دفعو کيس ”خان خانان“ جو خطاب ڏنائين، همايون کان پوءِ اڪبر اعظم اُچ تائين پرڳڻا سندس حوالي ڪيا.
مرزا عيسيٰ خان جي بکر تي ڪاهه
مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود ٻئي تجربيڪار جنرل هئا. ميرزا عيسيٰ سڄي سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۽ بکر تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڊمن ۽ ڊيو جي پورچوگيزن کان مدد گهري. جيسين پورچوگيز پهچن، تنهن کان اڳ ميرزا عيسيٰ لشڪر وٺي بکر تي ڪاهي آيو. پٺيان پورچوگيز پيڊرو پارليٽورولين جي سرڪردگيءَ هيٺ لاهري بندر پهتا. ٺٽي کي لاوارث ڏسي شهر کي ڦري، اٺ هزار شهرين کي بيگناه قتل ڪري شهر کي باهه ڏني اٽڪل ويهن لکن پائونڊن جي ملڪيت لٽي موٽي ويا[7]. مرزا عيسيٰ جي پٽ، محمد صالح کي ماري وڌو، ويتر ٺٽي جي تباهي جو احوال ٻڌي مرزا عيسيٰ ٺٽي ڏانهن موٽي ويو ۽ شهر کي ٻيهر تيار ڪرايائين. هن 18 ورهيہ حڪومت ڪئي ۽ 980 هه ۾ وفات ڪئي. پٽس مرزا محمد باقي ٺٽي جي گاديءَ تي ويٺو. هو وڏو ظالم هو. پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماهه بيگم کي بکون ڏيئي ماريائين. پنهنجي ننڍي ڀاءُ جان بابا کي قتل ڪرايائين ڪيترن ارغونن ۽ ترخانين کي مارائي ڇڏيائين. سندس خلاف شڪايتون اڪبري درٻار تائين پهتيون.
سلطان محمود جي ڌيءَ سان اڪبر شادي ڪئي
اڪبري اقبال اوج تي پهتل هو، هندستان جا راجائون ۽ نواب اڪبري اقبال جي سايه هيٺ اچي چڪا هئا، سلطان محمود هينئر پوڙهو هو. کيس هڪڙي نياڻي اولاد هو، جنهن جي شاديءَ ڪاڻ هن اڪبري درٻار کي درخواست ڪئي هئي، جا شهنشاهه اڪبر منظور ڪري، حرم ۾ قبول ڪري 980ع ڌاري اعتماد خان کي بکر ڏانهن روانو ڪيو ۽ چار هاٿي ۽ سوني سنج سان گهوڙو ۽ جڙائدار ترار سلطان محمود ڏانهن تحفا روانا ڪيا. شهنشاهه جي غير حاضري ۾ سلطان محمود جي ڌيءَ سان شرعي طريقي سان شادي ۽ نڪاح خواني جي رسم ادا ڪئي ويئي. اعتماد خان ڪنوار کي اجمير ڏانهن وٺي روانو ٿيو، جتي شهنشاهه منزل انداز هو.
سلطان محمود جي وفات
ناهيد بيگم، ماهه بيگم جي پهرين مڙس مان ڌيءَ هئي. جڏهن شعور کي پهتي تڏهن اڪبري درٻار جي امير محب علي سان سندس شادي ڪئي ويئي. ناهيد بيگم پنهنجي ماءُ جي ڏکن جي خبر ٻڌي سلطان محمود کان مدد گهري هئي. محمود شرط پيش ڪيو تہ جيڪڏهن هوءَ درٻار اڪبري کان هن لاءِ بکر جي حڪومت جو دائمي پروانو حاصل ڪري ڏيندي تہ هو مرزا باقي کان انتقام وٺندو. ناهيد پروانو هٿ ڪري، پنهنجي مڙس محب علي ۽ مجاهد خان کي ساڻ ڪري اُٻاوڙه پهتي تہ سلطان محمود ٺٽي تي حملي ڪرڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏيو ۽ انڪار ڪيائين، جنهن تي ٻنهي اميرن بکر جي قلعي کي گهيرو ڪيو. سلطان محمود اڪبر کي دانهن ڏني، جنهن گيسو خان کي بکر مٿان نائب ڪري مڪو پر هن جي پهچڻ کان اڳ 982 هه ۾ سلطان محمود وفات ڪئي ۽ مير معصوم جي مناري جي سامهون واري ٽڪريءَ تي دفنايو ويو.
”ظن قوي ست که قبرش بر کوهچه در سکهر نو برطرف شمال مناره مير محمد معصوم بهکري ست العالم عند الله[8] “.
قبر پڪين سرن سان جڙيل هڪ چبوتري تي آهي. تقسيم برصغير کان اڳ هندن انهيءَ ٽڪريءَ جي ڀر ۾ جايون جوڙايون ۽ چبوتري کي ڊاهڻ لاءِ هڪڙيءَ ڪنڊ جون سرون ڪڍيائون تہ ڪي لاش ڪفن ۾ ويڙهيل صحيح سالم ستل نظر آيا. مسلمانن انگريز ڪليڪٽر کي پڪار ڪئي، جنهن چبوتري کي ڊاهڻ کان منع ڪئي. چبوتري جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي مسجد آهي، جنهن جي مهاجرن تعمير ڪرائي آهي. اڳ مسجد جي حالت زبون هئي. سلطان محمود 84 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سال وفات ”در بهشت آسود“ مان 982 هه نڪري ٿو.هو بهادر، سخي، علم پرور ۽ نيڪ دل هو. روزانو قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هو. ڪڏهن موج ۾ ايندو هو تہ پيرن ۾ لوهي زنجير ٻڌي قلعي جي ديوار تان درياه ۾ ٽپو ڏيندو هو ۽ صحيح سلامت تري ٻاهر نڪرندو هو.
بخشو لنگاهه کي شڪست
شاهه حسن ارغون ملتان ۽ اُچ کي ڦري ويران ڪري ٺٽي موٽي آيو. تنهن کان ٽي مهينا پوءِ 1543ع ۾ بخشو خان لنگاه جنهن همايون کي روهڙي پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي، پنجاه ٻيڙين تي لنگاه، ٻروچن ۽ ناهرن جو لشڪر چاڙهي، رات جي وقت بکر جي قلعي جي هڪ دروازي کي باهه ڏياريائين. قلعي ۾ لشڪر هو ٿورو پر حمله آورن کي قلعي جي برجن تان باهه وسائڻ ڪري؛ شڪست کائي پٺتي موٽڻو پيو. ٽي ڏينهن سانده بخشو قلعي فتح ڪرڻ جي انتظار ڪندي روهڙي ۾ گذاريا پوءِ نا اُميد ٿي ملتان ڏانهن موٽندي واٽ تي ڳوٺ ڦريندو ويو[9]. سلطان محمود ڪوڪلتاش جيسين جيئرو رهيو. بکر جي قلعي جي بهادريءَ سان حفاظت ڪندو رهيو.
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سکر جي حالت
شاهه بيگ ارغون پٽس شاهه حسن سياڻپ سان حڪومت ڪئي، شاهه بيگ فن تفسير ۽ فقه جو ماهر هو. شاهه حسن شعر و شاعري سان دلچسپي رکندو هو. سندس تخلص ”سپاهي“ هو. پر ارغونن سنڌين سان اهڙي هلت ڪئي جيئن گاٿ حملي آورن مغلوب اٽالين سان ڪئي هئي. دولتمند ڳوٺن ۽ شهرن کي ڦريائون ۽ زرخيز زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيائون، سندن ظلمن کان تنگ ٿي گهڻن سنڌي علمائن وطن مالوف سنڌ کي خيرباد چئي گجرات، دکن ۽ حرمين شريفين ۾ سڪونت اختيار ڪئي، مغلن جون ڳوٺن ۽ شهرن ۾ حويليون قائم ٿيون، سکر پراڻي ۾ بہ مغلن جي حويلي قائم ٿي، جن مان شاهه خير الدين رحه شادي ڪئي هئي، 982 هه ۾ سنڌ جي سري وارو حصو اڪبر اعظم جي قبضي هيٺ اچي ويو. مرزا شاهه حسن سنڌ کي ڇهن سرڪارن ۾ ورهايو هو: (1) بکر، (2) سيوهڻ، (3) نصرپور، (4) ٺٽو، (5) چاچڪان، (6) چڪر هالو (هالڪنڊي) ۽ جوڻ[10] بکر سرڪار جون حدون پهريان اوٻاوڙي پوءَ اُچ تائين هيون، ليڪن اڪبر جي مرضي سڄي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ هئي. بکر سرڪار جي مقابلي ۾ ٺٽي جي حالت زار هئي، پهريان 1555ع ۾ پورچوگيز ڌاڙيلن شهر کي لٽي ساڙي مفت اٺ هزار شهرين کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيائون، تنهن کان پوءِ مرزا عبدالباقي رعيت تي ظلم نازل ڪيا، ايتري قدر جو ٺٽي جا هندو مندرن ۾ ۽ مسلمان مسجدن ۾ هن ظلم جي برباديءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳا، هن جي ظلمن جا افسانا اڪبري درٻار تائين پهتا، 993 هه مرزا باقي خود ڪشي ڪري پنهنجو انت آندو. اڪبر بادشاهه مرزا عبدالرحيم خان خانان کي لاهور کان ٻيڙين تي هاٿي، توبخانو ۽ لشڪر ڏيئي مرزا جاني بيگ ترخان سان جنگ ڪرڻ مڪو. خان خانان سيوهڻ تي قبضو ڪري نصرپور پهتو. جنگ اينگهه ڪئي، مرزا جانيءَ پورچوگيزن کان مدد ورتي. سنڌ جي وچولي ۽ لاڙ حصي ۾ ڏڪار پئجي ويو. 1001 هه 1592ع ڌاري خان خانان جنگ کٽي ۽ سڄي سنڌ تي اڪبر جو قبضو ٿي ويو. ٺٽي مٿان بکر وانگي دهلي درٻار پاران نواب مقرر ٿي اچڻ لڳا.
واپار
سکر ۽ ملتان سرحدي شهر هئا، ملتان تي لنگاه سلاطين جي خودمختيار حڪومت جو 1525ع ۾ خاتمو ٿيو، پر ٻئي شهر گهوڙن جي واپارن ڪري تجارتي مارڪيٽ هئا. هن دور ۾ گهوڙن جي مالوه، گجرات ۽ دکن ۾ گهڻي گهرج هئي.دکن ۾ في گهوڙي جي قيمت 5 سو اشرفيون هئي، گهوڙن جي واپار جو ڏس ابن بطوطا، مارڪوپولو ۽ ايران جي سفير عبدالرزاق جي سفرنامن مان ملي ٿو. گجرات سان ايران، بغداد، بصره، يمن، استنبول، حبش ۽ مصر جا واپاري واپار ڪندا هئا ۽ مصطفيٰ آباد۽ احمد آباد جا قافلا مٿين ولايتن جو مال خشڪيءَ ذريعي ٺٽي پهچائيندا ها، جتان ٻيڙين وسيلي اهو مال سري جي وڏي شهر سکر پهچندو هو ۽ سکر جو نير، کنڀات جي بندر کان ٻاهر ويندو هو. جيتل، ٽنڪن سڪن جو اڳيئي رواج هو. تيمور جي ڪاهه کان پوءِ تيموري سڪو بہ رائج ٿي ويو. گجرات سان واپار ڪري لاري روپيا بہ چالو هئا. اهو مظفريه سلاطين جو سڪو هو. فيروزشاهي روپيا بہ چالو هئا. مرزا عيسيٰ ”عيسائي“ ۽ مرزا جاني بيگ ”جاني“ سڪو رائج ڪيو هو. ارغونن ۽ ترخانن جو زمانو هو سنڌ کي ڦرڻ، تاهم شيون سستيون هيون. مثلاً گلبدن بيگم همايون نامه ۾ ڄاڻايو آهي تہ في روپيو چار ٻڪريون وڪامنديون هيون. همايون جي روهڙي اچڻ، بکر ۽ سيوهڻ جي قلعن تي ناڪام ڪاهن ڪرڻ ڪري ۽ عبدالرحيم خان خانان جي ڪاهن جي ڪري سري، وچولي ۽ لاڙ ۾ هٿرادو ڏڪار پيا. هن دور جي روپئي جي قيمت هاڻوڪي روپئي کان 25 حصا وڌيڪ هئي.
مذهبي حالت ۽ تعليم
مسلمان صوفين جي صحبتن ۾ هندو پهريون دفعو توحيد ۽ انسانيت جي مساوات جو سبق سکيو. ان زماني ۾ هندن ۾ جيڪي مفڪر پيدا ٿيا، تن جي تعليم ۾ اسين اسلامي توحيد ۽ مساوات جو اثر ڏسون ٿا. مثلاً رامديو، رامانند، ڪبير ڀڳت ۽ بابا نانڪ جا سلوڪ اسلامي تصوف جي عڪاسي ڪن ٿا. جن مندرن ۾ اڳ بتن جي پوڄا ٿيندي هئي، اتي خدا جي ڀڳتيءَ جو رواج پيو. ڀڳتي طريقي جو باني رامانج هو، جنهن 12 صديءَ ۾ دکن ۾ شنڪر ادويتا جي خلاف وشنو پنٿ جو پرچار ڪيو. رامانج جي پرچار کي رامانند عيسوي 14 صديءَ اتر هندوستان ۾ زور وٺرايو. سندس پرچار ڪري برهمڻن جو زور ٽٽي پيو، جيڪي مرشد جي حيثيت رکندڙ هئا. رامانند سڀني کي هڪ جهڙو پرچار ڪندو هو. ايتري قدر جو اهير (پاڻي ڀريندڙ)، چمار، ڪوري ۽ موچي جن کي هندو نفرت سان ڌڪاريندا هئا، اهي رامانند جا چيلا بڻجي ويا. هندو عوام جي سهوليت لاءِ هن هندي زبان کي ترجيح ڏني، جنهن جو چرچو مسلمان صوفين خانقاهن، سماع جي مجلسن کان علاوه شعر و شاعري جو جز بڻجي ويئي. چنانچه محمد تغلق، امير خسرو طوطي هند، محمد جائسي هن دور جا مسلمان هندي شاعر نظر اچن ٿا. سکر جي پهرين سنڌي شاعر قاضي قاضن يا سيد مهدي جونپوري جا چيلا پاڻ کي ”جوڳي“ سڏائيندا هئا. ڀڳت ڪبير بہ رامانند جو چيلو هو. وشنو جا پوڄاري ماس ۽ مڇي ڪونہ واپرائيندا هئا. وشنو پنٿ جي هڪ شاخ ولڀ اچاري دکن ۾ شروع ڪئي، جو 1479ع ۾ تيلوگو پرڳڻي ۾ ڄائو هو، ولڀ سوامي جنهن مٿرا، بندرابن ۽ ڪاشي تائين پنهنجي فلسفي جو پرچار ڪيو هو، جنهن جي تعليم ذات پاڪ جي زنجيرن کي ٽوڙي هڪ نئين فضا پيدا ڪئي. هن خداوند تعاليٰ جي توحيد کي مڪتي ڏيکاريندي چيو تہ سري ڪرشن جي گيتا ۾ خدا جي وحدانيت جي تعليم ڏنل آهي ۽ سندس بانسريءَ جو آواز خداوند تعاليٰ جي ٻانهپ ڪرڻ ۽ تواضع جو سبق سيکاري ٿي. مخلوق خدا جي محبت سان خدمت ڪرڻ ۽ ڪمزورن ۽ محتاجن جي مدد ڪرڻ بهترين عبادت آهي. خدا جي ڪٽنب ۾ برهمڻ توڙي چنڊال سڀ هڪ مرتبي جا ڀاتي آهن. فرقه پرستي ۽ ڇوت ڇات انسانيت جي دامن تي داغ آهن، ناماديو، ڪبير ۽ گرونانڪ جي وائين، سلوڪن ۾ اسلامي توحيد جو اثر صاف نمايان آهي. هندن ۽ مسلمانن جو اپائڻهار هڪڙو آهي ۽ بت پرستيءَ جي خلاف آهن، هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪا خليج حائل هئي، تنهن کي مٽائڻ لاءِ ڪبير، ڀڳت ۽ گرونانڪ ڪوشش ڪئي. جيئن هندوستان جون قومون مت ڀيد وساري خدا جا ٻانها ۽ هڪ قوم ٿي رهن. چيتيانا بنگال ۾ شري ڪرشن جي پريم ڀڳتي جو پرچار ڪيو، اسلام برصغير ۾ انقلاب آندو. انساني خدمت، مساوات، محبت ۽ امن امان جو بيپناهه سمنڊ بنگال ۽ دکن کان وٺي ڪشمير ۽ سنڌ تائين ڇوليون هڻڻ لڳو[11]. غرض وحدت الوجود جي فلسفي همه گير شڪل اختيار ڪئي.
مهدوي تحريڪ
هجري ڏهين صدي ۾ گنگا ۽ جمنا جي دوآبه ۾ الله آباد جي ويجهو جونپور جي حڪومت شرقيه 796 هه کان 905 هه تائين قائم رهي، انهيءَ دور ۾ علوم ۽ فنون جي لحاذ سان اسلامي دنيا ۾ جونپور مشرق جو ستارو بنجي ويو، شهر 12 ڪوهن ۽ 96 محلن ۾ ورهايل هو. سوين مدرسا ۽ مسجدون تعمير ٿي ويون ۽ دنيا جا فقرا ۽ عالم هن شهر ۾ ڇڪجي آيا، جن لاءِ شاهانِ شرقيه وظيفا ۽ جاگيرون مقرر ڪيون. 847 هه – 1443ع ۾ جونپور ۾ سيد محمد تولد ٿيو جو تاريخن ۾ ” مهدي جونپوري“[12] ڄاڻايل آهي. سندس والد جو نالو سيد عبدالله ۽ والده جو نالوبي بي آمنه خاتون هو. سيد محمد جو نسب 12 پيڙهي ۾ وڃي امام موسيٰ ڪاظم سان گڏجي ٿو. چاليهن سالن جي عمر ۾ 887هه ڌاري جونپور کان نڪري دعوت ِ حق ڏيڻ جي ارادي سان داناپور، ڪالپي، چنديري، چاپانير (گجرات)، مانڊو، خانديش، برانپور، دولت آباد، احمد ننگر، بيدر ۽ دکن جي بندر ڊابول کان مڪي پهچي مهدويت جي دعويٰ ڪئي. علم ظاهري ۽ باطني ۾ ڪامل دستگاهه رکندڙ هو. مڪي کان موٽي مهدي موعود جي دعويٰ هند، سنڌ ۽ خراسان جي علمائن ۽ حاڪمن ڏانهن مڪائين، احمد آباد کان ناگور، جيسلمير کان 905هه ڌاري نصرپور، اتان جهوڪ پهتا، جنهن تي ميرانپور جو نالو پيو، ڇو تہ سيد محمد کي سنڌ ۾ سيد ميران سائين سڏيندا هئا. ڄام ننده جي ڏينهن ۾ ٺٽي پهتا، اتان براه مڪران قنڌار ۽ اتان فره پهتا جتي 910 هه ۾ وفات ڪيائون ۽ سندن مقبره بہ فره ۾ آهي[13]. مهدوي تحريڪ هندوستان ۽ پاڪستان جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ تي گهرو اثر وڌو.
”هجري نائين صدي جو زمانو برڪوچڪ ۾ بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو زور هو، حڪومتون کڙيون ٿينديون ۽ بگڙجنديون رهيون، ڪا بہ مرڪزي حڪومت ڪو نہ هئي، جو احڪام شرع جي اجراء ۽ قيام لاءِ ذميدار هجي. علماء حقاني ٿورا هئا، باقي دنيادار علماء گهڻائي هئا، دنيا طلبي، مڪر جي گرم بازاري هئي، اهڙي عالم آشوبي ۾ هر طرف ظلم ۽ مردني ڇانيل هئي، ڪلمه حق جي آواز بدران جابرن جي هيبت ۽ ظالمن جو دور فضا تي ڇانيل هو“[14].
مهدويت جو سکر تي اثر
سيد ميران محمد جونپوري کان پوءِ سندس خليفن مان عبدالله خان نيازي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تبليغ ڪرڻ آيو، سندس هٿن تي گهڻن سکر وارن بيعت ڪئي ۽ سکر هن درويشانه تحريڪ جو منبع بڻجي ويو، غرض مهدوي تحريڪ سنڌ ۾ سکر کان وٺي ٺٽي تائين اثر وڌو. بلوچستان تي وڏو اثر پيو ڇو تہ مڪران جا ذڪري، مهدوي آهن[15]. حقيقت ۾ مهدوين جي تاريخ رت سان لکيل آهي.
مدرسن ۾ تعليم فارسي ۾ هلندي هئي، مغل پنهنجي ڏاڏي چنگيز وانگي ڪافر يا مشرڪ ڪو نہ هئا، پر سفاڪي ۽ سنگدلي، بربريت ۽ خون آشامي ڪرڻ ۾ پنهنجن وڏن کان گهٽ ڪو نہ هئا، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري زرخيز زمينن کي پاڻ ۾ جاگيرن طور ورهائي کنيو هو. ايتري قدر جو هر هڪ مغل سپاهي جاگيردار هو. اهڙي روش ڪري وقت جي وڏي عالم مخدوم بلاول ٽلٽي وارن ارغون سان جنگ جوٽي هئي. هندن ۽ مسلمانن گڏجي ارغونن سان جنگ ڪئي هئي، تعليمي لحاظ ڪري سکر سنڌ ۾ برک شهر هو، بکر ۾ مخدوم نوح جي مڪتب کان علاوه خانقاهن ۽ مسجدن ۾ ايران ۽ عراق جا علماء ڪرام تعليم ڏيندا هئا، جن مان ڪي وقت جا امام هئا، جن سان شيخ ابن بطوطا ملاقاتون ڪيون هيون، مڪتبن ۾ فلسفي، منطق علم نحو جي ڪتاب ڪافيه جي شرح، عقائد نفسي جي شرح، مطالع منطق جي شرح کان علاوه هدايه ۽ شرح وقايه جي تعليم جو چرچو هو. شاهه بيگ ارغون، شاهه حسن ارغون، سلطان محمود ڪوڪلتاش پاڻ علم پرور، سخن سنج ۽ نڪته دان هئا، سندن درٻارن ۾ عالمن، فاضلن ۽ شاعرن کي وڏي عزت هئي، ارغون وچ ايشيا کان آيا تہ پاڻ سان عالمن کي بہ وٺي آيا، جن جي فيض ڪري سري ۾ سکر ۽ لاڙ ۾ ٺٽو باغ و بهار بڻجي ويا، سکر ۾ مڪتبن جي علاوه مختلف علمن ۽ هنرن ترقي ڪئي، سنڌي شاعري بہ هن شهر ۾ پروان چڙهي. سکر جو گورنر ۽ بکر جو قلعيدار قاضي قاضن مهدوي فرقي ۾ داخل ٿيو. سندس بيان موقعي سر ڏبو[16]. بهرحال ارغونن جو زمانو سنڌ جي علمي عروج جو زمانو هو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مڪتب ۽ مدرسن جو رواج پيو.
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سکر جا علماء ڪرام شيخ ابوبڪر جتوئي (مهدوي)
سکر جي علمائن مان شيخ ابوبڪر جتوئي پهريون عالم هو. جنهن سيد محمد مهدوي جونپوري جي هٿ تي بيعت ڪئي. هو جتوئي ٻروچ ۽ جتوئي پرڳڻي جو رهاڪو هو. جتوئي پرڳڻو بکر سرڪار اندر هو، جنهن جون حدون سکر کان وٺي مديجيءَ تائين هيون، جن ماڻهن مهدوي دعوت قبول ڪئي هئي، سي ”مهديجا“ ڪوٺبا هئا، جنهن ۾ ابڙا ۽ ڪلهوڙا تعداد ۾ وڌيڪ هئا.
قاضي قاضن
قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين العابدين اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. هن جي مورث اعليٰ قاضي ابو الخير بکري جو بيان گذريل باب ۾ ڏيئي چڪا آهيون، قاضي صاحب تفسير، حديث جو جيد عالم هو ۽ هر وقت عبادت الاهي ۾ مصروف رهندو هو. قرآن جو حافظ ۽ فن قرائت جو ماهر هو. اصول فقه، تصوف ۽ علم آلات ۾ وافر دخل رکندڙ هو. سلوڪ جي واديءَ ۾ رياضت ڪرڻ کان بہ لذت آشنا ٿي چڪو هو. انشا پردازيءَ جي ثبوت لاءِ سندس خط ڏانهن اشارو ڪري چڪا آهيون ته، جڏهن شاهه بيگ جي ارغوني اُڙدن ٺٽي ۾ غارتگري شروع ڪئي هئي، تڏهن قاضي صاحب جي خط کي پڙهي اهل ٺٽي کي قيامت صغريٰ کان نجات ملي هئي، قاضي صاحب سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو هو، جنهن تي وقت جي علمائن مٿن اعتراض ڪيا هئا، هن کي قاضي صاحب پنهنجي بيتن ۾ جواب ڏنا هئا ۽ اهي بيت سنڌي شاعريءَ جا اوائلي جواهر پارا آهن، قاضي صاحب کي شاهه بيگ ارغون پنهنجو خاص مشير مقرر ڪيو هو ۽ شاهه بيگ جي انتقال کان پوءِ مرزا شاهه حسن کيس بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو ۽ ان عهدي کي نهايت احتياط سان نڀايو هئائين، ڪيترائي دفعا حج ڪيائون، مدينه طيبه واري ايام ۾ شيخ عبد الله متقي بن مولانا سعد در ٻيلوي جي صحبت ۾ رهيا هئا، 958 هه ۾ وفات ڪيائون ميرزا شاهه حسن سندن ڀاءُ نصر الله کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. حضرت قاضي قاضن عالم، فاضل، شاعر جادو بيان، صوفي باصفا ۽ هنرمند ٿي گذريو آهي[17].
شيخ محمد جعفري
قاضي شيخ محمد اُپي جعفري اصل ملتان جا هئا، پوءِ سکر ۾ رهڻ لڳا، سيد محمد مهدي جونپوري، جڏهن ٺٽي ۾ وارد ٿيو، تڏهن پير آسات، شيخ جهنڊو پاتڻي، دريا خان مدار المهام سندس مريد ٿيا، جنهن تي مخدوم بلال رح جي خليفي سيد حيدر سنائي سيد مهدويءَ خلاف قتل جي فتويٰ صادر ڪئي، معاملو ڄام نندي جي درٻار ۾ پيش ٿيو. شيخ محمد جعفري دليلن ۽ ثبوتن سان مير سيد حيدري جي فتويٰ کي رد ڪري ڏيکاريو، جنهن کان پوءِ ڄام نندي سيد مهدي جونپوري کي سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. شيخ محمد جعفري جي قابليت کي ڏسي ڄام نندي هن کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ۽ ميرزا شاهه حسن بہ سندس عهدي کي بحال ڪيو. شيخ محمد جعفري مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي.
شاهه قطب الدين
شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طيب صحيح النسب خراسان جي ساداتن مان هو. اوزبڪن جي انقلاب کان متاثر ٿي وطن ڇڏي سکر کي وطن جوڙي هتي رهڻ لڳو. نهايت متقي ۽ متشرع هو. ميرزا شاهه حسن هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو ۽ هر جمع ڏينهن واعظ ڪندو هو. تاريخ وفات بہ ”واعظ“ مان نڪري ٿي 977 هه.
مير سيد تاج الدين
سکر جي ساداتن مان بلند پايه جو عالم، فاضل ۽ وڏي ڪٽنب وارو ڪثير التعداد اولاد وارو، رضوي سيدن مان هو.
شيخ ميرڪ پوراني
مير سيد محمود عرف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني سادات عربشاهي مان هو، چنانچه شيخ ابو سعيد جي والده ماجده شيخ جلال الدين بايزيد پوراني جي نور نظر هئي. پوران، هرات جي ويجهو ڳوٺ هو. ميرڪ بايزيد کي شاهه بيگ ارغون بکر مٿان شيخ الاسلام مقرر ڪيو. ميرڪ صاحب مخلوق خدا جي خدمت لاءِ هڪ عظيم الشان مدرسو سکر ۾ تعمير ڪرايو، جنهن سان مسافر خانوبه ملحق هو. انهن ادارن جو سمورو خرچ پنهنجي هڙان ڏيندا هئا. لنگر خانو رات ڏينهن چالو رهندو هو، سندس فرزند مير عبدالباقي پاڻ پنهنجن هٿن سان مفروج مشروبات، مربا ۽ چٽڻيون تيار ڪري شاگردن کي کارائي پياري سندن حوصلي افزائي ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ ۾ ٻہ مکيه مدرسا مشهور هئا. پهريون سيوهڻ جو مدرسو جو اسلامي دنيا ۾ ”فقه اسلام“ جي نالي سان سڏبو هو ۽ منجهس مصر جا شاگرد بہ پڙهندا هئا. هن مدرسي جي هاسٽل جي ڇت تي شيخ ابن بطوطا اونهاري جي هڪ رات گذاري هئي. ٻيو دارالعلوم شيخ ميرڪ جو سکر ۾ هو، جنهن ۾ خط نستعليق ۽ اقليدس (جاميٽري) جي تعليم رائج هئي. اڳ خط ڪوفي رائج هو. ميرڪ بايزيد فن خطاطي، حڪمت ۽ اقليدس جو ماهر هو. ميرڪ محمود پوءِ ٺٽي ڏانهن هليو ويو. سکر جي دارالعلوم ۾ عراق ۽ عجم جا شاگرد تعليم وٺندا هئا.
ميرڪ عبدالوهاب
شيخ ميرڪ پوراني جو ڀائيٽو، نهايت خوش طبع ۽ خصائل حميده ڪري هر دلعزيز هو، شاعري ۾ بہ طبع آزمائي ڪندو هو. شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جو درٻاري امير هو. معزول شهنشاهه همايون جن ڏينهن ۾ ٻٻرلو جي ”چار باغ“ ۾ مقيم هو، انهن ڏينهن ۾ ميرڪ عبدالوهاب وٽس مرزا شاهه حسن طرفان بطور سفير ٿي ايندو هو ۽ تحفا آڻيندو هو، ميرڪ صاحب بحر العلوم هو. سندس ڪتاب فقه متعلق ”جامع فتاوي پوراني“ سکر ۽ ٺٽي جي عدالت خانن ۾ رائج هو. سندس ڀاءُ مير محمد پوراني بہ عالم هو. افسوس! جو مرزا عبدالباقي ترخان جي ناعاقبت انديشي ڪري ميرڪ صاحب مفت مارجي ويو.
ميرڪ عبدالباقي پوراني
پنهنجي والد ميرڪ بايزيد جي وفات کان پوءِ بکر جو شيخ السلام مقرر ٿيو[18] ۽ پنهنجي زماني جو قطب ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو لوڪل بورڊ دفتر جي اوڀرندي ۾ چوني گچ جي پلستر سان آهي. گنبذ جي اولهندي ڀر ۾ بيگمات جون قبرون آهن، اڳ اهي قبرون گنبذدار عمارت اندر هيون. هينئر گنبذ ڊهي ويا آهن، فقط اولهندي واري ديوار بيٺل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل آهي. زنانه قبرستان جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف هڪ ڊٺل مسجد جون ديوارون بيٺل آهن، جن تي پڻ بهترين ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. سلطان محمود ڪوڪلتاش جي قبر ۽ ميرڪ عبدالباقي جي بيگمات جون قبرون ۽ مسجد اهي سکر جون اوائلي عمارتون آهن، جن تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. يعني تہ اڄ کان چار صديون اڳ سکر جا ڪاريگر ڪاشيءَ جي هنر کان واقف هئا. مسجد جي ديوارن تي جيڪو ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي، سو اقليدس جي شڪلن مطابق آهي. مسجد جي ڀر ۾ هڪ منارو اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچائي تي بيٺل هو جنهن کي ”حلالي، حرامي“ چوندا هئا، يعني حلالي منجهانس لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي اٽڪجي بيهندو هو. 1904ع تائين اها مناري نما عمارت بيٺل هئي پوءِ زمين دوز ٿي ويئي. مير عبدالباقي پوراني 3 رمضان 1019 هه ۾ وفات ڪئي. مقبري جي پيشاني تي لڳل پٿر تي هيءَ عبارت اُڪريل آهي:
”مير عبدالباقي پوراني آن قطبي که بود
قدوه آل رسول و زبده خاص اله
سال فوتش شيخ قاضي شاه محمد زد رقم
داد جان را مير عبدالباقي پوراني آ.“
1019 هه
ميرڪي سيدن جو قبرستان اڳ وڏو هو. پوءِ قبرن ڊهنديون ويون. مقبري جي پٺيان هڪ ڊگهي ٿلهي تي ڪي جهونيون قبرون موجود آهن، جي زبون حالت ۾ آهن. سکر پراڻي ڏانهن ويندڙ سڙڪ جي سموري ڪناري تي چبوترن تي قبرون ٺهيل هيون، جي مٽجي ويون. فقط ٻہ – چار موجود آهن. ميرڪي سادات سکر پراڻي ۾ رهن ٿا ۽ شيعا آهن ۽ موسوي سادات روهڙي وارا علمي فضيلت کي قائم رکندا اچن ٿا. راقم الحروف بہ سيد وڌيل شاهه صاحب جي مڪتب جي شاگردن مان آهي.
شاهه خير الدين گيلاني
مير سيد خير الله عرف خير الدين گيلاني بن سيد احمد بغدادي 911 هه ۾ بغداد شريف ۾ تولد ٿيو، نسب جي لحاظ سان پنجن واسطن سان سيدنا غوث الاعظم عبدالقادر گيلاني رح سان گڏجي ٿو[19]. اوائلي عمر ۾ بغداد کان مڪي معظمه پهتا ۽ 14 ورهيہ حرمين شريفين ۾ تحصيل علم ۾ مصروف رهيا. فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سياحت ڪندي باب الاسلام سنڌ جي شهر هالڪنڊي ۾ مخدوم نوح اويسي صديقي جي صحبت مان ۽ مخدوم صاحب جي خليفي عالم ۽ عارف شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيضياب ٿي حرقو خلافت ڍڪي[20]، سکر پهتا ۽ هتي جي هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهي ۾ مصروف رهيا. اها ساڳي ٽڪري آهي، جنهن تي سول سرجن سکر جو بنگلو آهي، بنگلي جي اوڀرندي شاهه خير الدين جي عبادت واري هنڌ تي ڪچين سرن جي گنبذ سان جڙيل جاءِ موجود آهي. سکر پراڻي جا گهڻائي باشندا سندن مريد ٿيا، جن ۾ نواب مير محمد معصوم بکري جو پوٽو مير محمد ذڪريا جو نالو قابل بيان آهي. مريدن جي چوڻ تي شاهه صاحب سکر پراڻي جي اُ ن هنڌ تي رهڻ لڳو. جتي هينئر سندن مقبرو آهي، اتي ارغون مغلن جي حويلي هئي[21]. جن مان شاهه صاحب شادي ڪئي[22] کين هڪ فرزند تولد ٿيو. دليل الذاڪرين آهي تہ هڪ دفعي پنهنجي پٽ کي ذڪر الاهي جي اهڙي تلقين ڪيائون جو هو برداشت ڪري نہ سگهيو ۽ پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. هن واقعي تي شاهه صاحب هميشه افسوس ڪندا هئا تہ اعليٰ تلقين وٺڻ لاءِ ڪو بہ طالب علم طاقت نہ ٿو رکي. سندن خليفن ۾ سيد نصير الدين متعلوي جو بہ نالو اچي ٿو، جنهن شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ، مخدوم نوح جي خليفي درويش يحيٰ رانٽيه جي خدمت ۾ رهي فيض حاصل ڪيو هو. سکر ۾ فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين، جنهن جو روضو سکر پراڻي جي بسڪوٽ فيڪٽري جي ڀر ۾ آهي[23]، شاهه صاحب جي خدمت ۾ رهندا هئا، شاهه خير الدين گيلاني 27 رمضان المبارڪ 1027 هه ۾ لاولد هن فاني دنيا مان سفر آخرت اختيار ڪيو. تاريخ مندرجه ذيل قطعه مان ملي ٿي:
”شاهه خير الدين مه برج شرف
مقرب درگاه ايزد سرمدي
سال تاريخ و صالش عقل گفت
مرشد کامل طريقه احمدي“.
1027 هه
مقبرو سکر پراڻي ۾ آهي، جتي هر ماه چنڊ جي يارهين تاريخ ميلو لڳي ٿو. روضي جي عاليشان عمارت نيري رنگ جي گنبذ سان فقير جمال الدين جي پٽ ميان غلام محمد مجاور تعمير ڪرائي ۽ سيد محمد معصوم جي پوٽي سيد اسد الله متخلص ساقي گنبذ جي تاريخ لکي جا گنبذ جي پيشاني تي لڳل آهي.
”شاه خير الدين سرور سالکان
زهي روضه اش مظهر نورِ خدا
غلام محمد سجاده نشين
چو ساقي طلب کرد تاريخ آن
ولي خدا زيده عارفان
بيا بند فيض، زيارت کنان
زسعيش بنا روضئه نونشان
بگفتا خرد درگه فيض دان“
1147 هه [24]
ميان عبدالباقي صديقي
ميان عبدالباقي صديقي بکري (ساکرو) هڪ دفعي حج ڪرڻ حرمين شريفين ڏانهن ويو، اُتي هڪ عرب خاتون سان شادي ڪيائين. سندس سهري شيخ نظام الدين پنهنجيءَ نياڻي کي حضرت رسول ڪريم (صلعم) جي سونهاريءَ جو وار مبارڪ ڏاج ۾ ڏنو هو، جو ام المومنين حضرت ام سلمه رضه وٽ هو، جو پوءِ استنبول پهتو هو، جتان شيخ نظام الدين پاڻ سان آندو هو ۽ 952 هه ۾ ميان عبدالباقي پاڻ سان سکر آندو هو ۽ ڪو وقت پاڻ وٽ مخفي رکيائين. 1545ع ۾ وار مبارڪ روهڙي ڏانهن منتقل ٿي ويو، جڏهن ميان عبدالباقي روهڙي ۾ رهڻ لڳو ۽ وار مبارڪ جو راز اُتي جي ٻن بزرگن سيد حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالمالڪ کي مڪاشفه ذريعي معلوم ٿيو ۽ زيارت ڪرڻ ميان عبدالباقي وٽ آيا ۽ زيارت کان مشرف ٿيا. انهي طرح هر سال 9 ذوالحج روهڙي شريف ۾ وار مبارڪ جي زيارت ڪرڻ جو وڏو ميلو لڳي ٿو، وار مبارڪ هڪ سوني اِٽيءَ ۾ مڙهيل آهي، جنهن تي لعلون لڳل آهن ۽ اِٽي هڪ سوني صندوقڙيءَ ۾ رکيل آهي. اهي شيون هزهائنس مير علي مراد خان ٽالپر والي سابق رياست خيرپور جوڙايون. قيام پاڪستان کان پوءِ انتظام اوقاف کاتي جي حوالي آهي[25]. وار مبارڪ جو بيان مولوي محمد علي تخلص ”طالب“ ”ظهور نامه“ ۾ 1274 هه ۾ ڏنو آهي.
مير ابو البقا
مير ابو البقا صحيح النسب سيد هو، جو درويشي چوغي سان گذر سفر ڪندو هو. همايون جن ڏينهن ۾ بکر جي چار باغ ۾ قيام پذير هو، اڪثر مير ابو القاسم جي صحبتن مان مستفيد ٿيندو هو، اهڙن صحبتن کي سلطان محمود جا چوبدار شڪي نگاهن سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي سيد صاحب جڏهن رستو وٽيو ٿي ويو تہ حريفن مٿس تير وسائي کيس شهيد ڪيائون. همايون خون ناحق ٻڌي بيحد غمگين ٿيو.
شاهه جهانگير هاشمي
شيخ الاسلام شاهه قطب الدين متوفي 977 هه جي عزيزن مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ خراسان کان آيو هو ۽ چڱو شاعر هو. مثنوي ”تحفته الاحرار“ جي جواب ۾ مثنوي ”مظهر الاثار“ تيار ڪيائين. 940 هجريءَ ۾ حج ڏانهن ويندي ڪيچ – مڪران وٽان لنگهندي ڦورن هٿان شهيد ٿيو.
مير غياث الدين
مير غياث الدين رضائي سبزواري، ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف خوند مير جو ڏوهٽو هو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو، شاهه بيگ جي مقربن مان هو ۽ ارغون فاتح سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ سکر ۾ رهيو.
مير ابو المڪارم
مير غياث الدين رضائي سبزواري جو فرزند، مرزا شاهه حسن ارغون جو درٻاري نديم هو. مرزا موصوف جي مرڻ کان پوءِ سلطان محمود ڪوڪلتاش جي اميرن جي زمره ۾ شامل ٿيو ۽ سلطان پاران شاهه اسماعيل صفوي جي درٻار ايران ڏانهن سفير ٿي ويو. نهايت فضيلت ۽ قابليت وارو انسان ۽ بليغ شاعر بہ هو. متخلص شهود ”مثنوي پرڪار“ (سليمان و بلقيس) سندس شاهڪار هو. (تحفته الڪرام ج 3).
مير سيد صفائي
مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمذي، سيد شير قلندر بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو. سيد قطب الدين جي وفات کان پوءِ سلطان محمود کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيائين. 991 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس قبر پٽس مير محمد معصوم مناري جي ڀر ۾ جوڙائي. سندس اولاد معصومي صادات اڄ تائين سکر پراڻي ۾ رهن ٿا.
مير محمد يونس
ارغونن کان اڳ همايون سان منسلڪ هو. بعد مرزا شاهه حسن جي صاحبيءَ ۾، سرڪاري عملدار ٿيو ۽ شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سلطان محمود جي ملازمت ۾ رهيو هو.
ملا اسحاق
سلطان محمود جي اميرن مان مرزا غازي بيگ جو معلم هو.
مير يوسف
مير يوسف سکر جي رضوي سيدن مان هو. جو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو ۽ عقيدتمندي جي ڪري پاڻ سيد يوسف رضوي مهدوي سڏائيندو هو، بعد ۾ سکر کان ٺٽي ڏانهن لڏي ويو هو.
________________________________________
[1] ميرڪ يوسف: تاريخ مظهر شاهجهاني ص 8 – 18، ڪراچي 1962ع.
[2] ايڇ – ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمہ بيان بکر ص 142.
[3] محمد هادي ڪامور: تذڪره سلاطين چغته قلمي 1177 هه رائل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال لائبرري. جوهر آفتابچي پنهنجي تاريخ الواقعات ۾ ٻٻرلو کي بيهرالو ڄاڻايو آهي. ٻٻرلو جي ڪتبخاني متعلق منهنجو اردو مضمون ڪراچي جي رسالي رياض ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ترجمو روزانه عبرت حيدرآباد ۾ 1961ع ۾ شايع ٿيو.
[4] The Sindhian World, BI – Monthly Feb: 1940 Karachi, The tri Islands in the
Indus, P. 138.
ساڌ ٻيلي جي نالي ۽ ڪامران جي بيان لاءِ ڏسو مقالات الشعراء ص 666 سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع.
[5] ابو الفضل: اڪبر نامه ص 330.
[6] گجرات جي مظفريه سلطان محمود شاه ثاني هڪ لک روپيا ميرزا شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار سلطان محمود کي ڏيئي کانئن جند ڇڏائي هئي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: تاريخي معصومي، ص 163.
[7] ايم آر هئيگ: انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، ٺٽي جي تباهي 1555ع – پيڊرو باريٽو رولين مڪليءَ وارن مقبرن مان ڪاشيءَ جون سرون بہ کڻي ويو جيڪي گوئا جي ديولن کي لڳل آهن.
[8] خان بهادر خدادا خان: لب – تاريخ ص 15.
[9] قليچ بيگ فريدون بيگ: تاريخ سنڌ ج 2 ص 87 ڪراچي.
[10] تاريخ مظهر شاهجهاني، باب اول.
[11] Ishwari Prasad: A short History of Muslim Rule in India, P P. 229 – 225.
[12] نوٽ: اڪثر ارباب علم هن ڳالهه تي متفق آهن تہ سيد محمد جونپوري رح وڏو عالم ۽ غيور مسلمان هو، زهد ۽ رياضت ڪري سندس مقام بلند هو، جتي بہ پهچندو هو پنهنجي صحبت ڪري خاص قسم جي ديني فضا پيدا ڪندو هو، تحفته الڪرام هن کي سيد الاولياء جي لقب سان لکيو آهي. هن بزرگ اسلام کي نئين شان سان جلوه گر ڪيو،
تاريخ ڪلهوڙا، ص 137 – 138
[13] سيد شمس الدين مصطفائي: مهدوي تحريڪ ڪراچي 1955ع.
[14] مولانا ابو الڪلام آزاد: تذڪره، ڪراچي.
[15] رحيمداد خان مولائي شيدائي: بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ، پاڪستان ذڪري انجمن ڪلري ڪراچي.
[16] قاضي قاضن جا فقط ڇهه سنڌي بيت بيان العارفين ۾ ڏنل آهن اهو ڪتاب ميان محمد رضا ولد محمد واسع 1628ع ۾ قلمبند ڪيو. خان بهادر محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ ج ص 49 – 50 سنڌي ادبي سوسائٽي 1955ع حيدرآباد.
[17] عمر بن محمد دائود پوٽو: قاضي قاضن، ڪراچي، سنڌ جي ادبي تاريخ جي ج 1 بيان قاضي قاضن ص 47.
The Sindhian, World, The Begining of Sindhi Poetry P. P 274 – 275 December 1940 Karachi.
نوٽ: قاضي قاضن سان گڏ مرزا شاهين بکري بہ سيد الاوليا محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو. مرزا شاهين جو وڌيڪ احوال ملي نہ سگهيو. سيد محمد مهدي جونپوري جي سوانح ۾ سندس نالو ڏنل آهي.
[18] ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جو شيخ السلام ٿي رهيو هو سنت جماعت جو بزرگ هو (آزادي نمبر الوحيد).
[19] شاهه خير الدين جيلاني جي لاءِ سڀني ڪتابن ۾ اهو حوالو موجود آهي تہ هو پنجن واسطن سان غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني سان ملي ٿو. شيخ عبدالقادر جيلاني جي ولادت 481 هه ۾ ٿي ۽ سيد خيرالدين جي ولادت ڪتابن ۾ 911 هه ڄاڻائي ويئي آهي، ٻنهي جي ولادت ۾ فرق تقريباً سوا چار صديون ٿيندو صدي ۾ ٽي پيڙهيون ليکبيون آهن ان حساب سان سيد خير الدين پنجين پيڙهي ۾ نہ بلڪ يارهين ٻارهين پيڙهي ۾ اچي سگهي ٿو. انهي عبارت کي درست ڪجي ورنه اها غلطي هميشه لاءِ رهجي ويندي.
[20] حويلي ارغون مغلن جي ڪا نہ هئي پر سندن پوين حڪمرانن ترخان مغلن جي هئي جن وٽان شاهه صاحب شادي ڪئي هئي (آزادي نمبر الوحيد).
[21] ”سندس خليفي عالم ۽ عارف شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيض ياب ٿي خرقو خلافت ڍڪي پاڻ“ مٿين عبارت مون ڪٿي ڪا نہ پڙهي آهي هيٺين طرح لکجي ”غوث الحق مخدوم نوح صديقي کان فيض حاصل ڪري سکر پهتا“.
[22] نوٽ: شيخ عبدالرزاق راز پنهنجي ڪتاب سکر ۾ ڄاڻايو آهي تہ شاه خير الدين، بکر جي افغان شاه قلي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. هن جو نالو اسماعيل قلي هو جنهن 694 هه مير ابو القاسم نمڪين سان گڏجي اڪبر جي حڪم سان سبي جي بلوچن تي ڪاهه ڪئي هئي. اڪبر نامه ج 3 ص 475.
[23] ميان جمال الدين شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ سندن رفيق همسفر ۽ مريد هو. فقير سڌو جو اصل نالو سدن سوائي آهي جو شاهه صاحب جي خانقاه تي مُٽي ڀريندو هو ۽ گهڻو پوءِ جو آهي، سدن سوائي شاهه صاحب جي مقبري ۾ مدفون آهي ۽ فقير جمال الدين بسڪوٽ فيڪٽري جي ڀرسان دفن ٿيل نہ آهي پر شاه جي ٽڪر تي ڪليڪٽري جي ڀرسان مدفون آهي (ميان پير محمد پيرزاده جي) ميان غلام محمد، ميان جمال الدين جو پٽ نہ هو پر سندس چوٿين پيڙهي مان هو جنهن سجاده نشيني جو سلسلو قائم ڪيو ۽ سکر پراڻي جي پيرزادن جو جد امجد آهي. ميان جمال الدين جو پٽ ميان عبدالرحمان هو جيڪو شاهه صاحب جي وصيت موجب شاهه صاحب جو وارث بڻيو، ص 67 ميان آدم شاه جي شجره جي ضرورت محسوس نہ ٿي ڪجي ص 72 چبوترا ۽ ڪتبا خاص اهميت نہ ٿا رکن حذف ڪجن تہ بهتر ٿيندو.
[24] الوحيد روزانه ڪراچي اسپيشل نمبر جون 1936ع
نوٽ: ازواج مطهرات مان حضرت عائشيه صديقه 58 هه ۽ حضرت ام سلمه 63 هه علم ِ تفسير کان گهڻُو واقف هيون.
[25] سيد محمد ضامن ڪنتوري: عبرتڪده سنڌ ص 35 – 36 حيدرآباد دکن، 1903ع
نوٽ: مخدوم عبدالملڪ مخدوم عثمان درٻيلوي جي اولاد مان هو، وار مبارڪ جو بيان ظهور نامه ۾ ڏنل آهي.
باب اٺون: سکر مغليه دور ۾
سنڌ بکر ۽ ٺٽو ٻن سرڪارن ۾ ورهايل هئي. بکر سرڪار جون حدون سيوهڻ تائين هيون. منجهس اَٺ پرڳڻا هئا. پنج پرڳڻا مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي هئا: (1) ماٿيلو،(2) اروڙ، (3) لڌو گاگن، (4) گاگڙي، (5) درٻيلو. ساڄي ڪپ تي: (1) جتوئي، (2) چانڊڪو، (3)ٽڪري[1]، پويون پرڳڻو سبي هو. بکر جا نواب ملتان جي ماتحت هئا. بکر جي نوابن جي فهرست هن طرح آهي؛
1 گيسو خان 982 هه 2 ترسو خان 983 هه
3 سيد محمد امير 983 هه 4 سيد ابو الفضل 984 هه
5 اعتماذ خان 985 هه 6 فتح خان 987 هه
7 صادق خان 994 هه 8 اسماعيل قلي خان 996 هه
9 شيرويه سلطان 997 هه 10 صادق خان 998 هه
11 ابو القاسم نمڪين 1004 هه 12 مرزا خان 1005 هه
13 سعد خان 1009 هه 14 بقرا خان 1014 هه
15 سردار خان 1015 هه 16 قاضي خان 1016 هه
17 سيد تاج خان 1020 هه 18 بايزيد خان 1025 هه
19 هوشيار خان 1028 هه 20 مرزا محمد علي بيگ 1031 هه
21 محمد غني فوجدار 1038 هه 22 مرزا حسيني 1039 هه
23 عزت خان 1041 هه 24 سيد محمد 1043 هه
25 اسد خان 1045 هه 26 محمد يوسف خان 1046 هه
27 محمد خان 1048 هه 28 شاهه قلي خان 1049 هه
29 سيد جادن 1050 هه 30 التفات خان 1051 هه
31 محمد زمان خان 1052 هه 32 خواجه لطف 1058 هه
33 نواب خواجگي 1061 هه 34 شيخ احمد 1062 هه
35 مرزا لعل بيگ 1065 هه 36 خواجه عبد الواحد 1066 هه
37 خواجه محمد شريف 1068 هه 38 باقر خان 1069 هه
39 عبد الله خان 1070 هه 40 خنجر خان 1070 هه
41 شيخ ابراهيم 1071 هه 42 سيد عزت خان 1047 هه
43 سيد غلام مصطفيٰ خان 1078 هه 44 مير يعقوب خان 1081 هه
45 مير صادق علي خان 1085 هه 46 خدا يار خان 1087 هه
47 مير محمد اڪرم خان 1091 هه[2]
دارا شڪوه جو بکر ۾ قيام
1658ع ۾ دارا شڪوه، شاهجهان جي لاڏلي ۽ وليعهد پٽ آگره جي ويجهو سمو ڳڙهه جي خونريز جنگ ۾ شڪست کائي، پيءُ کي منهن ڏيکارڻ کان سواءِ دهليءَ جي شاهي خزاني مان جيڪي هٿ لڳي سگهيس، توبخاني، حرم ۽ ڪارخاني سميت لاهور پهتو ۽ اورنگزيب بہ سندس پٺيان هو. اُتان ٻيڙين تي سامان کڻائي سکر جي مضبوط قلعي بکر ۾ اچي پناهه ورتائين. اورنگزيب بہ سندس گرفتاري لاءِ پنهنجي پٽ اعظم شاه کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو هو. دارا شڪوه وٽ 14 هزار لشڪر هو. ڪجهه لشڪر پنهنجن ٻن فوجي اميرن بسنت خان ۽ عبدالرزاق جي سپرد ڪري باقي لشڪر ساڻ ڪري گجرات پهتو، جتان لشڪر گڏ ڪري اجمير پهتو، هتي اورنگزيب کان شڪست کائي مصيبتون سهندو ايران وڃڻ جي ارادي سان بولان لڪ جي منهن واري شهر ڍاڍر پهتو، 1659ع ۾ اتي جي حاڪم ملڪ جيوڻ (پني) باروزئي وٽ مهمان رهيو. ڪڇيءَ جي ميدان مان لنگهندي سندس پياري زال شهزادي نادره بيگم پيچش وگهي بيمار ٿي واٽ تي وفات ڪئي، سندس وصيت موجب جنازي کي حضرت ميان مير جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو، ملڪ جيوڻ تي شهزاده دارا شڪوه شهزادگيءَ جي ايام ۾ گهڻائي احسان ڪيا هئا، پر هينئر صحرائي بگهڙ ٽي خچر اشرفين سان ڀريل ڏسي، احسان فراموشيءَ جو پورو ثبوت ڏيندي دارا شڪوه کي سندس ننڍي پٽ سپهر شڪوه سميت گرفتار ڪري دهلي ۾ اورنگزيب جي سپرد ڪري، بختيار خان جو سکڻو لقب حاصل ڪري موٽندي ڪڇيءَ مان لنگهندي مارجي ويو، بسنت خان ۽ عبدالرزاق جيڪي بکر جي قلعي جا محافظ هئا، تن دارا شڪوه جي گرفتاريءَ بعد اورنگزيب جي لشڪر اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا[3]. دارا شڪوه جي شڪست جو سبب هو علمائن جي فتويٰ جن هن کي بي دين سڏيو هو.
سکر ۾ ڏڪار
سمو ڳڙه جي جنگ، جا شاهجهان جي پٽن ۾ تخت ۽ تاج کي هٿ ڪرڻ لاءِ لڳي، سا ايتري قدر هولناڪ هئي جو ان جو اثر سلطنت جي سڀني صوبن تي پيو. داراشڪوه جي سياسي سرگرمين جي ڪري سکر جهڙي دور دراز سرحدي شهر ۾ ڏڪار پئجي ويو. اٽالين توبچي منوچي جو بکر ۾ داراشڪوه جو توبخاني سان هو، لکي ٿو ته، سکر ۾ اهڙو ڏڪار پيو جو في وهڙي جي قيمت 3 سؤ روپيا هئي ۽ في ڪڪڙ جي چوزي جي قيمت 12 روپيا هئي[4]. ڀائرن جي جنگ مغل سلطنت جي سمورن ڪل پرزن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو.
مغليه دور ۾ سکر جي حالت
مغليه دور ۾ سکر، بکر جي قلعي جي سياسي اهميت ڪري، سنڌ جي سري جو تختگاه شهر هو. بکر جي قلعي هئڻ ڪري تاريخن ۾ سکر بدران بکر نالو ڪتب آندل آهي، حالانڪ بکر جي قلعي جي ايراضي ايتري ڪو نہ هئي، جو سرڪاري دفترن ۽ فوجي ڇانوڻي هوندي، شهر بہ هجي. سرڪاري دفترن ۾ بکر نالي جي ڪري سکر بہ بکر جي نالي سان ڄاڻايل آهي، ايتري قدر جو انگريزن جي قبضي وقت بہ سکر، بکر سڏبو هو ۽ سکر پراڻي جا رهاڪو هندو خواه مسلمان سکر بدران پاڻ کي ”باکرو“ ۽ ”بکري“ سڏائيندا هئا. انهيءَ طرح لاڙ ۾ ديبل ۽ ٺٽو هڪڙي نالي سان سڏبا هئا. توڙي جو ٻئي شهر ڌار ڌار هئا. ديبل جي ايتري قدر شهرت هئي جو لاهري بندر جي تاريخن ۽ نقشن ۾ ”ديول“ ڏيکاريل آهي، حالانڪ ديول 1334ع ۾ ابن بطوطا جي اچڻ وقت ويران ٿي چڪو هو[5]. مغليه دور ۾ بکر سرڪار اٺن پرڳڻن ۽ 12 محالن ۾ ورهايل هئي. بکر (سکر) سرڪار جي سالياني اُپت 947، 424، 18 دام هئي. في روپيه جي قيمت چاليهه دام هئي (2). بکر ۾ ضرب خانو بہ هو.
(1) ضرب خانو
سکر 981 هه 1573ع سنڌ فتح ٿيڻ کان اڳ اڪبر اعظم جي شهنشاهت جو صوبو بڻجي چڪو هو ۽ ملتان جي ماتحت هو. اڪبري دور ۾ بکر جي ضربخاني ۾ فقط ٽامي جا دام ۽ ڪي چانديءَ جا چوڪنڊا سڪا بکر جي ضربخاني ۾ تيار ٿيا. دام شير شاهي پتل جا هئا جن جو وزن 311 ۽ 322 گرينس هو. اهي پئسن طور هلندا هئا. چانديءَ جي روپيه جو وزن ساڍا 11 ماشا هو، انگزيب جي ڏينهن تائين دام چالو هئا. ڍلون بہ جنس، چوپايو مال ۽ دام جي حساب سان وصول ٿينديون هيون، اڪبري دام جيڪي بکر جي ضربخاني ۾ ضرب ڪيا ويا تن تي اڪبري سال الاهي ۽ مهينا ڏنل آهن. شاهجهان جي راڄ ۾ بکر ۾ روپيا تيار ۽ اورنگزيب جي ڏينهن ۾ فقط ٽامي جا سڪا بکر ۾ تيار ٿيندا هئا. جهانداد شاهه، فرخ سير، محمد شاهه ۽ احمد شاهه جا بکر ۾ تيار ڪيل روپيا بہ هٿ لڳا آهن. روپين تي هيٺيون عبارتون لکيل هيون:
اڪبر بادشاهه غازي محمد جلال الدين 985 ضرب بهکر.
شاهجهاني سڪن تي هڪ پاسي، ضرب بهکر بماه الهي، ٻي پاسي، فروردي 1040 هه ۾ ڪلمو.
هڪ پاسي، ڪلمو 1044 بصدق ابي بڪر، ٻئي پاسي بادشاه غازي شهاب الدين محمد صاحب بهکر قرآن ثاني ضرب ابان الاهي.
محمد شاهي سڪا، هڪ پاسي، الله بادشاه زمان محمد شاه ٻئي پاسي، سکه زد ز فضل الله بادشاه زمان محمد شاه.
چند بکر جي ضرب خاني جي سڪن جون عبارتون نموني طور ڏيون ٿا[6]. سال 1670ع ڌاري مغليه روپئي جي قيمت 2 شلنگ 3 پينس هئي[7]. روپيو ٽنڪو سڏبو هو ۽ وزن ۾ هڪ تولو هو. مڻ جو وزن 28 سير هو. اڳ پئسا وچين زماني ۾ جيتل سڏبا هئا، هينئر دام سڏبا هئا، مغلن جو دور فارغ البالي وارو هو، هڪ ڪٽنب مرد، زال ۽ 4 يا 5 ٻار ڏهن ٽنڪن (روپين) جي ماهوار آمدنيءَ سان بي فڪري جي زندگي بسر ڪندا هئا، هڪ ڀاتي ڪمائي ڏهن کي کارائي سگهندو هو. ابو الفضل آئين اڪبري ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جون جيڪي قيمتون ڏنيون آهن، هن طرح آهن:
ڪڻڪ جو اَٽو
ڪڻڪ
جَوَ
چڻا
جوئر
عمدا چانور
ڪنگڻي
ماه دال في مڻ
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= = 22 دام (پئسا)
= 12
= 8
= 16 ½
= 10
= 10
= 20
= 16
موٺ
ٻاجهر
مڱ
جون جو اٽو
گيهه
تيل
کير
ڌوئنرو
اڇي کنڊ
= = ٻيون نمبر
= = ٽيون نمبر
ڳاڙهي کنڊ
رڍ
ڍڳي = =
= =
= =
= =
= =
= =
= =
= =
في سير
= =
= =
= =
في داڻو
= = = 12
= 8
= 18
= 11
= 105
= 80
= 25
= 18
= 6
= 5 ½
= 128
= 55
= 1 1/8
= 10
مٿين شين کان سواءِ ٻيون شيون بہ سستيون هيون، گوشت في مڻ 65 دام، اڄڪلهه مڻ جو وزن 82 پائونڊ آهي، اڪبري مڻ جو وزن ½ 55 پائونڊ هو. ليڪن اڪبري سير جو وزن هاڻوڪي چالو سير جي وزن کان وڌيڪ هو. جهانگير مڻ جو وزن 36 سير مقرر ڪيو[8]. شاهجهان مڻ جو وزن 40 سير مقرر ڪيو، سڪن جي چاندي توڙي اشرفين جو سون خالص هو، پهرين درجي واري ڪاريگر (مستري) جي روزانو ست دام مزوري هئي، پهرين درجي واري واڍي کي روزانو ست دام ملندا هئا، عام مزور جو روز 2 دام هو[9]. همايون جي سنڌ ۾ اچڻ وقت 1542ع ڌاري عمر ڪوٽ ۾ في روپئي جون 4 ٻڪريون وڪامنديون هيون، گيهه، کنڊ، مکڻ ۽ کير خالص غريب غربو خريد ڪري پي سگهيو، اڄ هن ترقي جي دور ۾ ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون بازار ۾ ملي نہ ٿيون سگهن، جنهن ڪري غريب غربو درڪنار وچولي طبقي جي زندگي نفس ۽ شڪم پُريءَ جي فڪرات ۾ گذري ٿي. 1658ع – 1660ع تائين سنڌ ۾ سخت ڏڪار پيو، انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي جي ڪورين لاءِ، سورت کان آن لاهري بندر ڏانهن موڪلڻ لڳي، جن کان ايجنٽ ڪپڙو خريد ڪندا هئا.
هنر ۽ واپار
مغليه دور ۾ صنعت، زراعت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن گهڻي ترقي ڪئي، مغلن جي جدت پسند طبيعت نيون ڳالهيون ايجاد ڪيون، جن کان اڳ هتي جا رهاڪو واقف ڪو نہ هئا، مثلاً ڪپڙن جا نوان قسم، تماڪ جي پوک، جنهن جو رواج 1605ع ۾ پيو. نير روانگي جي قيمت سٺي هئي، سکر نير جي اُپت ڪري مشهور هو. شير شاهه سوري آگره کان لاهور، لاهور کان ملتان، آگره کان جيسلمير رستا جوڙايا هئا. جنهنڪري واپار جي آمدورفت ۾ سهوليت ٿي. سکر، دهلي آگره ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ هڪ قافلي سراءِ بڻجي ويو، وچ ايسيا جا قافلا، آگره جي قافلن جي مال سان مٽا سٽا ڪندا هئا، آگره جا قافلا 16 ڏينهن ۾ براه دهلي، اجمير ۽ جيسلمير کان روهڙي پهچندا هئا، نواب مير محمد معصوم سکر پراڻي ۾ هشت پهلو قافلي سراءِ تعمير ڪرائي جنهن جي چوگرد ست کوه هئا، خراسان جا واپاري خشڪ ۽ تر ميوا، ڪيمخواب، ڪلاباتون، غاليچا نيڪال ڪندا هئا ۽ سکر مان نير، جوڙيون روهڙيءَ جو دريائي ڪپڙو (تسر) ۽ هندوستان جو مال ۽ ملتان جا رنگين ڪپڙا خريد ڪندا هئا، جيڪي مهراڻ ذريعي پهچندا هئا. سکر مهراڻ تي وڏو پتڻ هو، جنهن تي مسافرن ۽ واپارين جي سهولت لاءِ مسجد منزل گاه، آرامگاه ۽ باغ تعمير ڪرايا، اهي عمارتون سکر جي تاريخ جا سونهري باب آهن. اڄ اهي عمارتون خاموش آهن پر سندن هر هڪ سر اندر هڪ هنگامو پوشيده آهي. هاري پنهنجي کٿيءَ ۽ ڪوڏر سان مست ٿيا هئا. ڍلون زمين جي قسمن مطابق مقرر هيون. ڏڪار ۽ خشڪ سالي کان سواءِ باقي اوقات هر طبقو بي فڪري سان بسر ڪندو هو. امير ۽ منصبدار عيش ۽ عشرت جي زندگي بسر ڪندا هئا. وچين طبقي وارا آمدني مطابق خرچ ڪندا هئا. منشي مڙهي کي بہ تڪليف يا تلخي ڪو نہ هئي. ڏڪار جي حالت ۾ بہ شاهي خزانن جا در پٽجي ويندا هئا ۽ شهنشاهه خيراتون ڪندا هئا. ٺٽي کان ايندڙ مال سان ڀريل في قافلي ۾ هڪ هزار اُٺ هئا، جن کي ڌاڙيل موقعي سر ڦريندا هئا. هارين کي جنس يا نقد ڍل ڏيڻ کان علاوه ڍور ۽ چوپايو مال بہ ڍل ۾ ڏيڻو پوندو هو[10]. هر وقت فساد پرڳڻن ۾ جاري رهندا آيا. سميجا، جاڙيجا، نومردي، بلوچ، مغليه نوابن لاءِ هر وقت مٿي جو سور هئا.
انهيءَ طرح ٻيڙين تي ڀريل مال کي درياه تي لٽيندا هئا[11]. سکر، روهڙي ۽ ملتان جو رنڱيل ڪپڙو خراسان ۾ مشهور هو. ڌارين ملڪن جي واپارين کي پنهنجا سڪا هن ملڪ ۾ مٽائڻا پوندا هئا. اهو ڌنڌو ملتاني صراف ڪندا هئا. هنڊين جو بہ رواج هو. سوداگر پنهنجو مال ويمو بہ ڪرائيندا هئا. مغربي سياحن مان سيلبئنڪي جو 1609ع ۾ آگره کان سکر پهتو هو، ڄاڻائي ٿو تہ ”سکر درياه جي ڪپ تي خوبصورت شهر آهي ۽ شين جي سستائي ڪري شهري سکيا ستابا آهن. مزور کي روزانو 3 پئسا ۽ وڏي ڪاريگر کي روزانو ڏهه پئسا ملن ٿا ۽ ڌارين ملڪن جا واپاري هتان پنجن آني في مڻ آن خريد ڪن ٿا“[12]. روسي واپاري 1900ع تائين هتان آن خريد ڪندا هئا. 1639ع ۾ ٻيو مغربي سياح مانڊ يلسلو آگره کان قنڌار ويندي 14 ڏينهن ۾ پهتو هو ۽ سکر شهر جي تعريف ڪري ٿو. هتان هڪري قافلي سان قنڌار ڏانهن ويو هو. رستن تي ڌاڙيلن جو خوف هو. سيدي علي رئيس ترڪي ڪپتان جو 1554ع ۾ لاهور ڏانهن ويندي سکر پهتو هو. تنهن کي سلطان محمود ڪوڪلتاش اڍائي سو محافظن جو دستو ڏيئي لاهور وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. انهن ڏينهن ۾ قنڌار وارو رستو سلامت ڪو نہ هو[13]. نڪولس وٿنگٽن آگره کان قافلي سان ويهن ڏينهن ۾ سکر پهتو هو ۽ هتان ٻيڙي وسيلي 15 ڏينهن ۾ ٺٽي پهتو هو. جوزف سيلامبڪي 1609ع ۾ سکر پهتو هو. بکر جي مغليه نواب بہ هن جي آجيان ڪئي هئي. سکر جي ترارين، چمڙي جي رڱائي، ڪپڙي اُڻڻ جي هنرن جي تعريف ڪري ٿو. هن کي سکر کان قنڌار پهچڻ ۾ ويهه ڏينهن لڳا. مٿين بيانن مان صاف ظاهر آهي تہ آگره ۽ قنڌار جي وچ ۾ سکر وڏي تجارتي مارڪيٽ هئي، جتي مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي[14]. روهڙي کان جيسلمير 150 ميلن جي مفاصلي تي هو. اهو رستو براه اجمير، فتحپور سيڪري ۽ آگره ڏانهن ويندو هو.
مهراڻ ذريعي واپار
پنجاب جي تختگاھہ شهر لاهور کان ساليانو اٽڪل 16 هزار مال سان ڀريل اُٺ ڪابل ۽ وچ ايشيا ڏانهن ويندا هئا. ساڳيءَ طرح هندستان، ڪشمير ۽ پنجاب جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ جي لاهري بندر ڏانهن ويندو هو. لاهور ۽ لاهري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ سکر مشهور بندر هو، جتي سامونڊي غوراب لنگر انداز ٿيندا هئا، چنانچه جوزف سلائمبڪي 1609ع ۾ سکر بندر تي کنڀات (گجرات) جا مال سان ڀريل غوراب ڏٺا هئا[15]. عيسوي 16 صدي ۾ لاهري بندر وڏي اوج تي پهتل هو، 14 صدي جي وچ ڌاري ابن بطوطا لاهري بندر تي يمن، عمان ۽ سيلون جا جهاز ڏٺا هئا[16]. مغربي قومن مان پهريان پورچوگيزن هتي ڪوٺي وڌي هئي. سنڌ جا حاڪم فرنگين کان مدد گهرندا هئا. 1592ع ۾ عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني ترخان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پورچوگيزن کي لاهري بندر مان تڙي ڪڍيو هو.
سکر بندر جي دريائي واپار لاءِ معلوم هئڻ کپي تہ ساليانو 4 هزار ٻيڙيون ٺٽي ۽ لاهري جي وچ ۾ مال ۽ مسافرن آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ سرڪاري طور مقرر هيون. اڪبر اعظم سنڌ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ لاهور ۾ ٻيڙين جوڙڻ جو ڪارخانو کوليو هو. پنجاب جي واپارين جون سکر ۽ ٺٽي ۾ ڪوٺيون هيون. مهراڻ ۽ سندس شاخن تي غوراب هلي سگهندا هئا. 1002 هه – 1593ع ۾ اڪبر اعظم لاهور ۾ هڪڙو غوراب جوڙايو هو، جنهن ۾ 2936 ساڳ جا تختا ۽ 428 مڻ لوهه جون ميخون لڳل هيون ۽ 420 واڍا لوهار روزانو ڪم ڪندا هئا[17]. هڪ هزار مزورن ڏهن ڏينهن تائين ڇڪي مس مس درياء تي لاٿو هو.
جهاز جو مستول 35 گز الاهي اونچو هو. واٽ تي فقط روهڙي ۽ سکر ۾ مال ۽ مسافر لاهيندو ۽ چاڙهيندو هو. پر سياري ۾ ڪن هنڌن تي گپي پوڻ ڪري، جهاز کي ڌڪڻ ڪري وڏي دقت ٿيندي هئي، تنهنڪري بيڪار ثابت ٿيو هو. 1004 هه – 1595ع ۾ 16338 روپين جي لاڳت سان هڪ ننڍو جهاز شهنشاهه اڪبر جوڙايو هو، جنهن جو مستول 37 گز اونچو هو ۽ 15 هزار مڻ مال کڻندو هو. مرزا جاني بيگ ترخان سان جنگ ڪرڻ وقت اڪبر 25 جهاز لشڪر ۽ توبخاني ۽ سامان سميت ڀريل مرزا عبدالرحيم خان خانان کي ڏيئي 1590ع ۾ تسخير ٺٽي لاءِ لاهور کان روانو ڪيو هو. جنگ ٻن سالن تائين اينگهه ڪئي ۽ سمورو عرصو مهراڻ ذريعي مرزا عبدالرحيم کي اَن ۽ جنگي سامان ٻيڙين تي پهچڻ لڳو[18]. 1615ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جيمس اول، سرٿامس رو کي جهانگير جي دربار ۾ سفير ڪري مڪو. هن سورت جي ايسٽ انديا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي لاهور کان لاهري بندر واري دريائي شاهراه جي اهميت کان واقف ڪيو ۽ 1616ع ۾ انگريزن ٺٽي ۾ واپار جي ڪوٺي کولي، سندن ايجنٽ ديسي دلالن معرفت سنڌ جي شهرن مان ڪپڙو ۽ نير خريد ڪرڻ لڳا. لاڙ جا واپاري ڳاڙها چانور، چمڙي جي گيهه جا دٻا سکر موڪلي هتان اڇا چانور ۽ هٿيار خريد ڪندا هئا. نڪولس وٿنگٽن جهانگير جي ڏينهن ۾ سکر کان ٻيڙي وسيلي 15 ڏينهن ۾ ٺٽي پهتو هو. لاهور کان ٺٽي تائين ٻيڙين تي هڪ هزار مڻ مال تي اڍائي سؤ روپيا ڀاڙو هو ۽ في ٻيڙي مال سان ڀريل تي چار روپيا سرڪاري محصول ڀرڻو پوندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ديسي هندو دلالن جون ٺٽي، سکر، ملتان ۽ لاهور تائين ڪوٺيون هيون[19]. ٺٽي، لاهري بندر ۽ سکر ۾ شين جا اگهه مقرر هئا. مغلن جي پوئين زماني اورنگزيب جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي مغليه نوابن في ٻيڙيءَ تي محصول وڌائي ڇهه روپيا ڪيو، جنهن ڪري گهڻائي پنجاب جا واپاري ٺٽي ۽ سکر مان لڏي ويا. دکن ۾ مرهٽن سان سانده جنگين ڪري ملڪ مان سستائي موڪلائي ويئي. سرڪاري خزانن ۾ کوٽ پوڻ لڳي[20]. 1652ع ۾ اورنگزيب کي سنڌ ۽ ملتان جاگير ۾ مليا. لاهري بندر جو منهن واريءَ سان ڀرجڻ لڳو. شهزاده نئون اورنگا بندر مهراڻ جي ڊيلٽا تي تعمير ڪرايو. 1617ع ۾ دائود پوٽن، مهرن کي شڪست ڏيئي لکيءَ تي قبضو ڪيو ۽ شڪار گاهه واري هنڌ تي نئون شهر شڪارپور تعمير ڪرايو، جنهنڪري خراسان جا قافلا جيڪي اڳ مال سکر ۾ نيڪال ڪندا هئا هينئر شڪارپور ۾ نيڪال ڪرڻ لڳا. هي شهر جيئن پوءِ ويو ترقي ڪندو. پر سکر کي مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري جيڪا اهميت هئي، سا شڪارپور کي نصيب ڪو نہ ٿي. اڪبري اشرفيءَ جي قيمت 9 روپيا هئي، عالمگيري اشرفي جي قيمت 16 رپيا هئي. ايراني سڪا محمدي عباسي بہ چالو هئا ۽ انهن جي قيمت فقط 4 آنا هئي، سکر ۾ مکڻ ۽ گيهه جي ايتري جهجهائي هئي جو درياه رستي مسقط ڏانهن ويندو هو[21]. سيلاني پادري مانرتي، جنهن 1641ع ۾ لاهور کان ٺٽي تائين مهراڻ تي مسافري ڪئي هئي، لکي ٿو ته:
”سکر ۾ وڏو واپار هلي ٿو، هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن مال سان ڀريل قافلا وڃن ٿا.“
سکر محصول جو ناڪو هو. مانرتي کي هتي محصول ڀرڻ ۾ تڪليف ٿي هئي. وليم فنچ 11 – 1608ع سکر، روهڙي ۽ ٺٽي کي عظيم شهر ڄاڻائي ٿو: جن جو پنجاب سان واپاري ناتو هو[22]. جوزف سئلئمبڪي جو 17 صديءَ جي شروعات ۾ سکر پهتو هو، لکي ٿو تہ سکر ۽ روهڙي ٻہ مکيه شهر آهن:
”روهڙي شهر ۾ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻهو رهن ٿا، زراعت کان سواءِ سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. هلت چلت ۽ وهنوار ۾ سڌا سنوان ۽ امن پسند آهن. بکر جو حاڪم اسان کي احترام سان گڏيو ۽ آجيان ڪيائين. سکر ۾ عمديون تراريون جڙن ٿيون ۽ سستيون آهن...هتي ڪورين ۽ رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا . . . ۽ بهترين قسم جو نير وڪامي ٿو.“ [23]
پادري ماتري، شاهجهان جي ڏينهن ۾ ٺٽي ڏانهن ويندي روهڙي ۽ سکر مان لنگهيو.
”اُتر سنڌ ۾ بکر (سکر) مهراڻ جي ڪپ تي سهڻو شهر آهي، جنهن جي چوگرد چمن ۽ باغن ڪري بهاري هئي، بازار جا دوڪان هر قسم جي مال سان ڀريل هئا، حقيقت ۾ روهڙي ۽ سکر وارين ٽڪرين کي سنڌ جو چمن ڪوٺين ٿا“ (1).
مغليه دور ۾ سکر جي ثقافتي حالت
باب الاسلام سنڌ ۾ ملتان، اُچ، سکر جا شهر بزرگان دين ۽ باڪمال علمائن جي وجود مسعود ڪري تبليغ جي لحاظ سان روحانيت جا مرڪز هئا ۽ سکر جو دارالعلوم قرآن، حديث، فقه، تصوف، منطق ۽ اقليدس جي تعليم ڪري وچ ايشيا تائين مشهور هو، جتي شاگردن جي خوراڪ ۽ رهائش جو انتظام هو، مغل هن ملڪ ۾ آيا تہ پاڻ سان نوان هنر ۽ نيون ايجادون کڻي آيا، باغباني، ڪپڙي سازي، عمارت سازي، مصوري ۽ ٻين هنرن ۽ علمن ڪري هتي جي رهاڪن ترقي ڪئي، نووارد خانوادن جن هن شهر کي وطن جوڙيو، تن هتي جي خاڪ پاڪ کي باغن، بوستانن ۽ نادر الزمان عمارتن سان معمور ڪري ڇڏيو، ڇو تہ قدرت شهر سکر کي حسين ٽڪرين جي ڪري دلاويز حسن بخشيو هو، حڪيم ٽيڪچند هڪ دفعي ميونسپالٽي جي ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي ڄاڻايو هو تہ ”سکر جون ٽڪريون طلائي آهن“ نووارد خانوادن مان نواب محمد معصوم پنهنجي مادر وطن سکر کي عمارتن جوڙائڻ کان پوءِ سنڌ جو فتح پور سيڪري بڻائي ڇڏيو، هن وقت صوبي سنڌ ۾ ٺٽو ۽ سکر آثار قديمہ جي لحاظ سان ٻہ اهڙا شهر آهن، جي ڌارين ملڪن جي سياحن لاءِ تفريحي اسباب مهيا ڪن ٿا، ٻئي شهر گهڻو وقت تختگاه رهندا آيا، سکر کي تہ مهراڻ تحفو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٺٽي جو اڳوڻو اوج مٽجي چڪو آهي، مغليه دور ۾ پارسي لٽريچر ۽ ثقافت بيحد ترقي ڪئي، سکر جي خاڪ پاڪ مان هن دور ۾ چوٽيءَ جا شاعر مورخ ۽ دانشور پيدا ٿيا، جن کي تاريخ دهرائي ٿي، مغل بي انتها پير پرست هئا، جنهن ڪري مرشد سڳورن پيري ۽ مريديءَ جون سندون ايجاد ڪيون، سکر تہ پيرن جو منجو اڄ بہ آهي ۽ چپي تي زيارتگاهون آهن، جن تي ماهوار ۽ ساليانو عرس ملاهيا وڃن ٿا، اهڙو بيان اوهين بزرگان دين جي حالات مان معلوم ڪري سگهندا، اسلام جي تصور توحيد، هر مذهب ۽ هر طبقه جي ماڻهن کي ميلن ۾شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني.
هندي لٽريچر ۽ سکر جا هندو [24]
مسلمانن ۾ سني، شيعا ٻہ مذهبي فرقا هئا، ٽيون مهدوي فرقو بہ سنڌ، بلوچستان، افغانستان ۽ خراسان تائين پهتو هو. انهيءَ طرح هندن ۾ وقت بوقت ڌرمي پنٿ پکڙجڻ لڳا، سکر جا هندو جن ۾ برهمڻ، لوهاڻا، ڀاٽيا، ڇاٻڙا ۽ ٻيون قومون شامل هئا، شهر ۾ مسلمانن کان ڪثير التعداد هئا، مغلن جي صلح پسند حڪمت عملي هندو مسلم اتحاد کي مضبوط ڪيو، مسلمان صوفين جي صحبتن ڪري عيسوي 15 صدي ۾ وشنو پنٿ، ڪبير پنٿ ۽ نانڪ شاهي پنٿ جيڪا بيداري پيدا ڪئي، تنهن هندو ۽ مسلمان قومن کي هڪڙي قوم جي قالب ۾ پلٽي ڇڏيو، پارسي زبان ۽ لٽريچر 16 صدي ۾ ترقي ڪئي. نون پنٿن جي جنم وٺڻ ڪري هندي برج ڀاشا زبان ترقي ڪئي، مغليه درٻار کان علاوه هندي سماج جي ڌرمي ٻولي بہ برج ڀاشا هئي، مسلمان بہ هن ٻولي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا، انهيءَ دور جا ڏوهيڙا ۽ ساکيون سلوڪ شهه پارا آهن. شاعر ملڪ محمد ڊائسي جي ”پدماوت“ جا ظاهري ميواڙ جي راڻي جي آکاڻي آهي، ڳوڙهي فلاسافي رکڻ ڪري هنديءَ جو نئون دور شروع ڪيو ۽ برج ڀاشا جي ميٺاج عوام ۽ خواص کي متاثر ڪيو. عبدالرحيم خان خانان پڻ هنديءَ جو شاعر هو سندس ڏوهيڙا ”رحيم سستاءِ“[25] جي نالي سان مشهور هئا. ولڀ اچاريه پنٿ جي شاعرن مان ”سورداس“، نند داس جو ”رس پنچا ڌايائي“ وٺل ناٿ جو ”چوراسي ويسنا واجي ورتا“، پر ماننداس ۽ ڪڀنداس، رس خان جو ”پريم و تيڪا“ سري ڪرشن ۽ رامچندر جي ڪهاڻين ۽ ڀڳتين سان ڀريل آهن. ڀڳت تلسيداس 1623ع – 1532ع جو رامائڻ، وٺل ناٿ جي اٺن مهرن مان گوڪل ناٿ 1551ع جو ”چوراسي و سينا واجي ورتا“، راڌا بلا ڀي پنٿ جوهري و مسا 1585ع ۾ جاري ڪيو، هن فرقي جو وڏو ”راڌا“ مندر بندرا بن ۾ هو، هن پنٿ وارا راڌا جا پوڄاري هئا. تلسي داس وشنو جي اوتار رامچند جي پرچار لاءِ رومائڻ تيار ڪيو. هن ڪوڀنٿ جاري نہ ڪيو پر ڌرمي مصلح شمار ٿئي ٿو. سندس ڪٿا تي اسلام جو اثر پيل نظر اچي ٿو. دادو ديال 1603 – 1544ع جي دوهن مان بت پرستي لاءِ نفرت ۽ خدا جي وحدانيت جو پرچار سادگيءَ سان ڪيل آهي ٻيا پنٿ جهڙوڪر ”لال داسي“، ”ڌرمداسي“ وغيره – ڀڳتي مالا مان روپا، سناتن؛ جيو گو سوامي؛ گوپال ڀٽ جا نالا ملن ٿا. مهاراشٽر ۾ ٽڪارام 1600ع جي اڀنگا سلوڪن ۾ روحاني پاڪائي جو پرچار ڪيو. رامداس مرهٽي جون ڀڳتيون دکن ۾ مشهور رهيون. مٿين ڀڳتين، ويدانتي پرچارن، دوهن، مالائن ۽ پنٿن جو اثر سکر جي هندن تي پيو. جيئن ڪبير ۽ دادوءَ جا دوها اڄ بہ زبان تي آهن.
مغليه دور جا سکر جا علماء ۽ بزرگ
سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهڻنئي باجبروت حڪمرانن جا مقبرا آهن، جن جي تعمير تي لکين روپيا خرچ ڪيل ۽ اُهي ڪاريگرن جي ڪمال جو بهترين نمونو آهن. ليڪن شمع ۽ گل انهن مقبرن کي نصيب ڪو نہ ٿيا، بلڪ سندن فلڪ فرسا مقبرا جن کي هنن پنهنجي جيئري لکين غريبن جو رت چوسي، سندن رت ۽ پگهر مان جوڙايا، اڄ زماني جون سٽون نہ سهندي بلڪل سنسان آهن ۽ اهل نظر جي عبرت لاءِ افسانا بنجي چڪا آهن. ائين ڇو ٿيو؟ ان لاءِ هڪڙو ئي جواب آهي تہ انهن خون آشام ترار جي زور تي حڪومت هلائي، جن جي نالن کي ٻڌڻ سان مغلوب انسانن جا قلب ڪنبندا هئا. وري انهن گوشه نشين دلپوش بزرگانِ دين جي مقبرن ۽ منارن کي ڏسو! جن گوشه نشيني جي حالت ۾ رهندي مخلوق خدا تي روحانيت جي طاقت سان حڪومت ڪئي. وٽن نہ ترار هئي نہ لشڪر نہ خزانا فقط علم عرفان جا وهندڙ چشما هئا، جن تان معرفت جي متوالن کي پيئڻ لاءِ آبِ بقا ملندو هو ۽ سوز ۽ گدازِ عشق جي طالبن جي رڳن ۾ سماع جي سرمستين ۽ دلنواز نغمن ڪري ڪيف ۽ سرور ۽ دائمي درد پيدا ٿيندو هو ۽ اهو درد ۽ سرور قيامت تائين قائم رهندو هو. اُهي بي سرور ساماني جي حالت ۾ ٻہ صاحب سيف و قلم هئا. جهاد جي وقت مٿن سان ڪفن ٻڌي خاڪ ۽ خون ۾ تڙڦندي جام شهادت نوش ڪندا هئا ۽ پونين لاءِ لافاني سبق ڇڏي ويندا هئا. وقت جي ظالم شهنشاهن جي روبرو وڃي، مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ کريون کريون ٻڌائيندا هئا. شهنشاه انهن بوريه نشينن کي خوش ڪرڻ لاءِ هزارين ۽ لکين روپيا ڏيندا هئا، جن گرانقدر رقمن کي بيٺي بيٺي لحظي اندر محتاجن ۽ نادارن کي ورهائي ڏيندا هئا. اڄ وقت جي شهنشاهن جي عاليشان مقبرن تي ڌوڙ وسي ٿي ۽ سواءِ خاموشي ۽ وحشت جي اتي ڪجهه بہ ڪونهي! سندن ڪشور ڪسائي ۽ رنگين داستانن کي تاريخن جي ورقن اندر پڙهي سگهون ٿا! وري جڏهن انهن بي سرو سامان خاڪ نشينن جي نيلگوني گنبذن کي نيري آسمان جي چمڪندڙ ڇت هيٺان چمڪندو ڏسون ٿا، جن جي تربتن کي عقيدتمند ڏينهن جو رنگا رنگي خوشبوءِ دار گلن سان سينگارين ٿا ۽ رات جو ڪافوري شمعن ۽ قنديلن سان روشن رکن ٿا ۽ هر سال هزارن ميلن کان ڪهي اچي عرس ملهائين ٿا! ڪهڙي سبب ڪري؟ اُن جي جواب لاءِ عارف حڪيم سنائي رح جون ٻہ سٽون اهلِ ذوق اڳيان پيش ڪجن ٿيون:
سر بر آ راز گلشن تحقيق تادر کوي دين
کشتگانِ زنده بيني انجمن در انجمن
در يکي صف کشتگان بيني بتيغي چون حسين
درد گر صف خستگان بيني بزهري چون حسن
شيخ ابو الحسن بکري
اڪبري دور جو وڏو محدث هو ۽ مڪي ۾ تعليم ورتي هئائين، حافظ ابن حجر مڪي جو همعصر هو. علامه مجد الدين محمد بن طاهر گجراتي، شيخ صاحب جو شاگرد هو، جنهن جي تصنيف ڪيل لغت حديث ”مجمع بصار الانوار“ صحاح تسه جي شرح آهي، شيخ ابو الحسن بکر جا ٻہ شاهڪار ”ڪتاب المعني في السماء الرجال“ ۽ ”تذڪره الموضاعت“ بي مثل آهن. علامه مجد الدين آگره ڏانهن ويندي 986 هه ۾ اُجين وٽ شهيد ٿيو.
ميان آدم شاهه بکري
سنڌ جي عباسي ڪلهوڙن جي صاحبي جو سربراه ميان آدم شاه بن ميان نور شاهه بن صاحبڏنو بن ميان خان محمد بن طاهر بن رافع بن شاهه محمد بن ابراهيم بن محمد طاهر بن چنيه بن قائم بن احمد بن طاهر بن قائم بن عبدالرحمان بن عباس بن مامون بن هارون بن ابو عبدالله مهدي بن حضرت عباس، عم النبي صلي الله عليه وآله وسلم[26]. آدم شاهه جا وڏا مڪران کان نڪري اچي سنڌ ۽ ملتان ۾رهڻ لڳا ۽ ميان صاحب سکر ۾ قيام فرمايو ۽ هتي شيخ لنڪراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي بکريءَ جي ٻن واسطن سان سيد محمد ميران مهدوي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، مهدوي تبليغ ڪرڻ لاءِ ڏوڪري تعلقه جي هٽڙي ڳوٺ ۾ پيري مريدي جي مسند وڇائي مهدوي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳا، هتي کٻڙ ابڙو پنهنجي قبيلي سميت بيعت ڪري مرشد جي خدمت ڪرڻ لڳو، 1590ع ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي اڪبر لاهور مان لشڪر، توبخاني ۽ هاٿين سميت سنڌ جي ڏاکڻي حصي کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. خان خانان درويشن جو دوست علمائن جو قدردان، فياضي ڪري حاتم ثاني هو، جڏهن بہ ڪنهن مهم تي نڪرندو هو تہ جيڪي بہ بزرگ واٽ تي هوندا هئا، تن سان ملاقاتون ڪري دعائون گهرندو ۽ نذر ۽ نياز پيش ڪندو ويندو هو. لاهور کان رواني ٿيڻ کان پنهنجي اتاليق علامه ابو الفضل جي صلاح سان، اُتي جي بزرگ شيخ ماڌو لال حسين جي بارگاه ۾ پهچي دعا پنڻ ويو[27]. ملتان پهچڻ وقت پنج سؤ اشرفين سان ڀريل ڳوٿري سهروردي سجاده نشين جي خدمت ۾ مڪائين، پر هن اشرفين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، بکر سرڪار جي پرڳڻي درٻيلي پهچي مخدوم عثمان جي قدمن تي مٿو رکيائين، مخدوم صاحب ان وقت جو مجدد هو[28]. لاڙڪاڻي پهچڻ وقت ميان آدم شاهه جي تعريف ٻڌي، درويش جي دهليز تي پهتو ۽ دعا گهري. رواني ٿيڻ وقت کٻڙ ابڙي مريد فقيرن جي لنگر جي خرچ لاءِ گهر ڪئي، جنهن تي مرزا عبدالرحيم چانڊڪو پرڳڻو ميان صاحب کي لکي ڏنو جو چانڊيه ٻروچ قوم جي ملڪيت هو: قنبر، لاڙڪاڻو ۽ نصير آباد چانڊڪي پرڳڻي ۾ شامل هئا:
”چون در آن وقت خان خانان نزد ميان آدم شاهه بہ استمداد دعا آمده التماس نذري کرد، حسب درخواست کبرا ابره مذکوره زميندار ئي زمين چانڊو که از انتقال قوم چانديه بہ وي گرقته داد“[29].
چانڊڪي پرڳڻي جون حدون مديجي کان سيوهڻ تائين هيون ۽ سنڌ جو باغ ڪوٺبو هو، جنهن جي سالياني آمدني ٻارهن لک روپيا هئي. ابڙن نوان واھہ کوٽرائي نوان شهر تعمير ڪيا. اُهي مهدوي هئڻ ڪري ”مهديجا“ ڪوٺبا هئا. ابڙن ٻہ چار فصل کنيا تہ سندن دماغ ڦري ويو. آس پاس جي سميجن زميندارن سان کوئنس ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن کي ستائڻ لڳا، جنهنڪري مسلسل فساد ٿيندا رهيا. زميندار بکر جي نواب وٽ دانهن کڻي ويا. ٻئي طرف ميان جي مريدن جو روزمره تعداد وڌڻ لڳو ۽ بکر جي نوابن کي منجهانس خوف جاڳيو، حالانڪ ميان صاحب خداپرست درويش پنهنجي دائري اندر استغراق ۾ رهندو هو. کيس دنوي دولت سان ڪو لاڳاپو نہ هو. بکر جي نواب معاملي کي ملتان سرڪار وٽ پهچايو، جتان درٻار اڪبري ۾ پيش ٿيو، جتان ميان صاحب جي گرفتاريءَ لاءِ حڪم صادر ٿيو ۽ ميان صاحب کي ملتان جي جيلخاني ۾ قيد ڪيو ويو. ايڇ – ڪزنس صاحب جو بيان آهي تہ جڏهن ميان صاحب کي ملتان آندو ويو تہ وٽس مريدن جو وڏو هجوم هو. پهريان سهروردي سجاده نشين مخدوم لعل عيسن سان ملاقات ڪيائين، پوءِ جيل ۾ رکيو ويو[30]. قيد جي حالت ۾ ملتان جي ڪوٽوال محمد آقا، ميان آدم شاهه جي هٿن تي بيعت ڪئي، جنهن کي ميان صاحب وصيت ڪئي تہ مرڻ کان پوءِ سندس جنازي کي وطن مالوف سکر جي اولاهين ٽڪري تي دفنايو وڃي. ملتان جي نواب 1598ع ۾ ميان صاحب کي شهيد ڪرايو ۽ مريدن سندس جنازي کي سکر جي اولاهين ٽڪريءَ تي آڻي دفنايو، جا اڄ تائين سندس نالي تي ”آدم شاهه“ جي ٽڪري سڏجي ٿي. ٽڪريءَ تي ٻہ قبرون آهن: هڪ فقير ڄام فيروز ٽالپور متوفي 1800ع ۽ ٻي فقير مستي بن رند جويه جي آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، ميان آدم شاهه جي قبر مٿان مقبرو ۽ مسجد تعمير ڪرائي، جن جو ڪم 1774ع ۾ پايه تڪميل کي پهتو. انگريزي دور ۾ 1890ع کان 1914ع تائين هن زيارتگاهه بندش پيل هئي، جنهن جو سبب هو روس جي ڪاهه. چناچه 1884ع ۾ روسي فوجي اسڪ آباد، مرو ۽ پنج ديهه تي قبضو ڪري، ريلوي لائين سان مٿين شهرن کي وچ ايشيا جي رشين ريلوي لائين سان ڳنڍي ڇڏيو. برٽش حڪومت روس جي مٿين سياسي چرپر کان خوفزده ٿي، سرحد جي بچاءُ لاءِ وائيسراءِ لارڊ لينسڊائون جي ڏينهن ۾ اٽڪ ۽ راولپنڊي کي مورچا ڏياريا، ڇو تہ ٻئي شهر خيبر لڪ جي سامهون هئا. ملتان، شير شاهه، بهاولپور ۽ فيروز پور بہ سرحدي شهر هئا، جن کي مورچن سان مضبوط ڪيو ويو. سکر جو بولان لڪ جو ڦاٽڪ هو، ان جي اولهه وارين ٽڪرين تي مورچا (خندقون) تعمير ڪرايون ويون، سڀني کان مضبوط مورچو ميان آدم شاهه جي مقبري جي چوڌاري تعمير ڪرائي هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ پڻ تعمير ڪرايو ويو ۽ هڪ فوجي سارجنٽ ۽ مورچن جي حفاظت لاءِ چوڪيدار مقرر ڪيا ويا ۽ هن زيارتگاه تي بندش وڌي ويئي[31]. ليڪن 1914ع واري پهرين عالمگير جنگ وقت جڏهن هوائي جهازن جي وجود ۾ اچڻ ڪري قلعن ۽ مورچن جي اهميت گهٽجي ويئي، تڏهن سکر جي مورچن کي برٽش فوجي کاتي ڊهرائي ڪاٺ، لوهه ۽ خاردار تارن کي نيلام جي ذريعي نيڪال ڪيو. ميان آدم شاهه واري مورچي جي لوهي ڦاٽڪ کي هندن خريد ڪيو، جو هن وقت هندو مسافر خاني کي لڳل آهي ۽ زيارتين کي مقبري تي اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏني. ميان صاحب جي مقبره جي وقت بوقت ريلوي ورڪشاپ جا مزور چندا گڏ ڪري مرمت ڪرائيندا رهيا. هينئر يعقوب آئل ملز جو سيٺ مقبره جي سنڀال ڪري ٿو ۽ مقبره تي رهندڙ فقير کي گذرسفر لاءِ ڪجهه ڏئي ٿو. قيام پاڪستان کان پوءِ پهريون دفعو ميان صاحب جي مقبره مٿان رات جو برقي بلب ٻرن ٿا. جيڪڏهن سکر ميونسپالٽي مقبره جي اڳيان ميدان تي ڪو پارڪ تعمير ڪرائي تہ بهترين تفريح گاه بڻجي پوندو.
شيخ فريد بکري
شيخ فريد بکري بن شيخ معروف بکري کي مغليه درٻار ۾ وڏو رسوخ حاصل هو. سندس ڪتاب ”ذخيرة الخوانين“ پارسي جلد اول، پاڪستان هسٽاريڪل ريسرچ سوسائٽي پاران اهتمام سان 1961ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو. شيخ فريد نظم ۽ خط جي تعليم مير ابو القاسم نمڪين کان ورتي هئي.
نواب فتح خان
اڪبر دور جي بکر جي نواب فتح خان روهڙي واري وار مبارڪ واري درگاه جي لڳ مهراڻ جي ڪپ تي پُر فضا هنڌ گنبذن واري جامع مسجد 992 هه ۾ تعمير ڪرائي. مسجد جا ٽي گنبذ آهن، جن تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل آهي. اڱڻ واري پاسي ڏانهن مهاڙيءَ تي وچين دروازي مٿان ڪاشيءَ جي سرن تي هيٺيون ڪتبو لکيل آهي:
خسرو دين پناهه شاهه اڪبر
که بود تاج بخش شهان ملک
شاه انجم سپاه چرخ سرير
حامي شرح مقتدائي زمان
بندگانش چو قيصر و فغفور
چاکرانش چو طغرل و خاقان
سروري نيک رائي دريا دل
منيع جود مجمع احسان
فتح خان آنکه تيغ خونريزش
کرد بنيادِ ظلم را ويران مسجد جامع از برائي ثواب
پر اميد ساخته قصر جنان
دلکشا همچو مسجد کعبه
جان فزا همچو روضه رضوان
تابرد گنبذ فلک برپاءِ
باد سالم ز آفت دوران
سال تاريخش از خود جستم
مسجد خان بگفت کرد روان
992 هه[32]
نواب فتح خان 986 هه ۾ بکر جو نواب مقرر ٿي آيو هو. 1320 هه مرزا ڪلب علي مختيار روهڙي ان مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ پنهنجي نالي جو ڪتبو بہ هڪ پاسي ڏانهن هڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن مرزا صاحب مرحوم اها ڪوشش نہ ڪري ها تہ ان تاريخي مسجد جي بہ اها ئي حالت هجي ها، جيڪا روهڙيءَ جي ٻين بي شمار مسجدن جي ٿي وئي آهي.
نواب سعد خان
نواب سعد خان 1007 هه ۾ بکر جو نواب ٿي آيو. سندس نوابيءَ جي زماني ۾ سال 1011 هه اندر روهڙي ۽ سکر جي مابين خواجه خضر واري ٻيٽ تي هڪ مسجد تعمير ٿي جا ٻيٽاڙي جي ڏاکڻي ڪنڊ تي شڪسته حالت ۾ آهي. ديوارن تان چونو ڳچ لهي ويو اٿس. مسقف حصي واري محراب جي مٿان ڇهن سٽن ۾ هي ڪتبو پٿر جي سر تي اُڪريل آهي:
خان عالي سعيد خان که بدهم
اوست بحر سخا و صحاب کرم
ساخت اين مسجد عيبر سرشت
که فرح راست همچو بيت حرم
بي تڪلف ز لطف آب و هوا
روضه گشت از رياض ارم از مقيما آستانش يکي
چون وفا بنده حميد شيم
کلکه قدرت بہ آب چشمه خضر
سال تاريخ ”روضه“ کرد رقم
1011 هه
مير ابو القاسم نمڪين
مير قاسم خان نمڪين هروي جو پيءُ ملا هو. سبز واري امام موسيٰ رضا رضه جي درگاه جو متولي هو، اُزبڪن جي ڪاهن وقت هرات کان نڪري قنڌار ۾ آيو ۽ اُتي شهيد ٿيو. سندس پٽ مير قسم لاهور ۾ اچي، اڪبر بادشاه جو ملازم ٿيو ۽ چار هزاري منصبي مليس. سبزواري ساداتن مان جن بکر کي وطن جوڙيو، اهي قاسم خان ڪوٺجڻ لڳا. جيڪي ٺٽي ۾ رهڻ لڳا، سي امير خاني سڏبا هئا، ڪي سيوستان ۾ رهندا هئا. مير ابو قاسم جي ذاتي جوهر کي ڏسي اڪبر کيس پنجاب ۾ ڀيره ۽ خوشاب جاگير ۾ ڏنا، جن ۾ لوڻ جون کاڻيون هيون، جن جي ڪري مٿيان پرڳڻا ”نمڪ سر“ سڏبا هئا. مير ابو القاسم لوڻ مان هڪ رڪابي ۽ هڪ پيالو ٺهرائي بادشاه جي خدمت ۾ موڪلي پنهنجي نمڪ حلالي ڏانهن اشارو ڪيو. بادشاه سندس رمز کي پسند ڪري کيس ”نمڪين“ جو لقب ڏنو[33]. مير ابو القاسم گهڻين ئي جنگين ۽ صوبن جي انتظام ۾ حصو ورتو هو. اڪبر اعظم 1003 هه بکر کيس جاگير ۾ ڏنو. هو تجربيڪار جنرل ۽ امور صوبيداريءَ مان واقف هو. مير صاحب 1018 هه قنڌار کان موٽندي واٽ تي انتقال ڪيو ۽ ستين جي ٿان ”صفهء صفا“ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.
ستين جو ٿان
مير ابو القاسم جو قبرستان روهڙيءَ جي سول ڪورٽ جي ويجهو، اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ تي، درياءَ جي ڪپ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان ٺهيل آهي. اولهه کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل آهي، سامهون اتر کان درياءَ جي ٻي ڀر تي سکر جي شهر آهي ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روهڙيءَ جو شهر آهي. بکر جي قلعي جون ڊٺل ديواريون بہ اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان وچ درياءَ ۾ سامهون وجود آهي. جاءِ وقوع جي لحاظ سان هيءَ ٽڪري پنهنجي دلڪشيءَ ۾ بي مثل آهي. چار ئي طرف کليل، ڪوهن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام، پري پري تائين ڏسي سگهجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀرپور آهي. سکر کان ايندڙ رستو درياءَ جو ڪپ ڏيو، انهيءَ ٽڪريءَ جي پهلوءَ کي ڇهندو، روهڙي ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ ٽڪريءَ کي، انهيءَ قبرستان ٺهڻ کان اڳ ”ستين جو ٿان“ سڏيو ويندو هو. يعني ستين جو آستان، جنهن کي فارسيءَ ۾ ”ستياسر“ جي نالي سان لکيو ويو آهي، جيڪو غالباً ”ستين سرتين“ يا ”ستن جو آستان“ جو بگاڙ ٿو ڀائنجي. اڪبر نامي ۾ ان کي ”ڪوهه هفت دختر“ لکيو ويو آهي[34]. ماثر الامرا جو مصنف انهيءَ ٽڪريءَ کي ”کار ماتري“ سڏي ٿو[35]. هندن جي ڏند ڪٿائن ۽ مسلمانن جي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اتي ستين جو آستان هو ۽ اڃا اها جاءِ انهن خدا رسيده معصوم بيبين جي رهائش سبب متبرڪ سمجهي ويندي هئي. مير ابو القاسم ”نمڪين“ جڏهن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ۽ بکر کي ئي پنهنجي مستقل رهائش لاءِ پسند ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجا يادگار ٺهرايائين. جڏهن انهيءَ ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ چوڌاريءَ جا منظر کيس پسند آيا، تڏهن ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کي صاف ڪرائين، مسطح ڪري، چوڌاري ديوار ڏيئي، سرن جو فرش ٻڌائي، چئن ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺهرائي، ان کي پنهنجي خاندان لاءِ قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن ان کان اڳ جو ان ۾ ڪنهن فوتيءَ کي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائي لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو ”صفئه صفا“ رکيائين. سندس فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”پير غلام صفئه چهار گوشه ساخته، وهر گوشئه اين صفه مناري برپا داشته، و ”صفئه صفا“ نام نهاده در شبهاي ايام بيض اڪثر در آن جا ميگذر ايند، وبا اهل فضل مجلس داشته، خرپز هاي موضع نيه بدره راکه درچار کروهي اين صفه واقع است، بغايت خر پز هاي ولايتي آن خوب مي شوند، صرف مي کرد.“ [36]
ڏکڻ سمت ۾ اتان چئن ڪوهن تي سنڌ جو قديم تختگاهه، اروڙ، آهي. ان زماني ۾ مير صاحب جي جاگير ۾ هو. انهيءَ جي سامهون واري ڳوٺ، ”نيه بدره“ ۾ مير صاحب گدرن جا باغ ڪرائيندو هو. گدرن جو پاڻ بہ شوقين هو ۽ ويلي تي هڪ مڻ گدرا کائي ويندو هو. دوستن، احبابن، عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪريءَ تي گڏ ڪري مجلسون ڪري، قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو هو. ماثر الامرا لکي ٿو تہ ”چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٽڪريءَ جو نظارو بي نظير عالم هو.“
”برڪو هچه (که مشرق قلعه بکر است) جنوب روبه جانب قصه لوهري، متصل درياي پنجاب مشهور بہ ”کار ماتري“ گورخانه خود ساخته ”صفئه صفا“ نام گذاشت در شبهاي ماهتاب بي نظير عالم است و همانجا مدفون گشت“.[37]
انهيءَ صاف صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير نمڪين جي زندگيءَ تائين قائم رهيون. 1018 هه ۾ شهيد ٿيو، ۽ پهرين پاڻ اتي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اهو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پهچڻ لاءِ جيڪا ديوار آهي، ان جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت حجرا ٺهيل آهن، جيڪي ڏينهن جي آرام لاءِ ڪتب ايندا هئا. اهڙيءَ طرح، اتر جي طرف کان اوڀر خواهه اولهه جي ڪنڊن تي بہ حجرا آهن، جن جو رخ درياءَ طرف آهي. صبح شام درياءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ نشيمن جو ڪم ڏيندا هئا.
________________________________________
[1] يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجهاني، باب 1، ص 5 – 17.
[2] الوحيد روزانه ڪراچي اسپيشل نمبر جون 1936ع
نوٽ: بکر جو نواب صادق خان سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو، تنهنڪري اڪبر اعظم 999 هه ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي تسخير سنڌ لاءِ روانو ڪيو هو. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا ج 1، ص 140.
[3] جادو ناٿ سرڪار: اورنگزيب
[4] ايف برنيئر جو سفرنامو.
[5] اڳ سندس هنڌ تي ساموئي، ڪلان ڪوٽ ۽ تغلق آباد شهر هئا جن کي بعد ۾ وري ٺٽو ڄاڻايل آهي. ايڇ – ڪزنس بہ ٺٽي کي ديبل لکيو آهي.
نوٽ: ٺٽي جو بنياد ڄام نندي 900 هه مطابق 1494ع ۾ وڌو هو.
[6] Whitehead, R. B: Catalogue of Coins in the Punjab Musume of Lahore,
Oxford 1914.
[7] ايف – برنيئر، سفرنامو ص 200.
نوٽ: 1963ع ۾ ڀارت ۾ ڊاڪٽر تاراچند مغليه معاشره جي تاريخ ۾ ڪڻڪ، چانور ۽ گيهه جي قيمتن جا جيڪي انگ اکر ڏنا آهن سي نقل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ڄاڻايو آهي تہ مغيله دور جي مزدور جو گذران انگريزي دور جي امير کان بهتر هو.
[8] Ishwari Parsad: History of Muslim Rule in India, PP – 54 – 56.
[9] عبدالمجيد سالڪ: هندوستان ۾ مسلم ثقافت، توزڪ جهانگير.
[10] تذڪره امير خاني، ص 133.
[11] ايضاً، تاريخ مظهر شاهجهاني.
[12] ترڪي امير البحر سيدي علي رئيس جو ڪتاب مرات الممالڪ سندس سفرنامو آهي جو هن 1556ع ۾ بغداد ۾ قلمبند ڪيو هو. مسٽر اي – ويمبريءَ ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. ستين باب ۾ سنڌ جو بيان ڏنل آهي.
[13] ايضاً.
[14] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ ۽ سندس شاخون، ص 494.
[15] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ ۽ سندس شاخون، ص 494.
[16] عجائب الاسفار ج 2 لاهري بندر
[17] جهاز سازي جو ڪارخانو راوي جي ڪناري تي هو. نقوش لاهور نمبر 1962ع.
[18] نقوش لاهور نمبر ص 193 – 194، اداره فروغ اردو لاهور 1962ع.
[19] Foster W.W: The English factories in India (1637) P. VII Oxford, 1906.
[20] Foster W.W: The Embaosy of sir Thomas Roe, PP. 75 – 79
[21] Sarkar J.N: History of Aurangzeb, Vol, V, P. 445, Calcutta.
[22] Faster W.W: Early Travells, P. 161.
[23] ايضاً.
[24] سکر جي بازار ۾ وچ ايشيا جو مال جام وڪامندو هو، عربن جي ڏينهن کان سکر جا واپاري ڪابل ۾ رهندا هئا.
Strange. L. E: Eastern Proninees of Caliphate, Kalble, Cambridge 1905.
[25] نوٽ: هندي شاعري ايتري مقبول ٿي جو مسلمانن بہ حصو ورتو جهڙوڪر عثمان جي چتراولي، شيخ نبي جوگيان ديپ قاسم شاهه جو هنس جواهر، نور محمد جي اندراوتي ۽ فاضل شاه جو پريم رتنا شاعري جو موضوع ڪرشن ڀڳتي آهي.
معارف اعظم ڳڙه مئي 1962ع ص 347.
[26] ميان آدم شاهه جي شجري جي ضرورت محسوس نہ ٿي ڪجي.
[27] مفتي غلام سرور لاهوري پنهنجي ڪتاب خزينته الاصفيا ۾ لکيو آهي تہ مرزا عبدالرحيم هڪ ڪڪڙ ڪباب ڪرائي ٻن نانن ۾ ويڙهي شيخ ماڌو لال حسين جي خانقاه ۾ اڌ رات جو پهتو هو.
[28] مخدوم عثمان جي ملاقات جو بيان شيخ فريد ذخيرة الاخوانين ج 1، ڪراچي ۾ تفصيل سان ڏنو آهي ۽ دلچسپ آهي.
نوٽ: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي منشور الوصيت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ميان آدم شاهه، شيخ محمد الياس، شيخ ابوبڪر جتوئي، عيسيٰ جي ٽن واسطن سان محمد مهدي جونپوري رح جو مريد ٿيو هو. منشور الوصيت قلمي ص 14.
[29] تحفته الڪرام ج 3، يوسف ميرڪ: تاريخ مظهر شاهجهاني ص 51.
[30] Cousins, H: Antiqities of Sindh, P. 153, Calcutta, 1929.
[31] MARSHMAN, J.C: Abridgement of the History of India PP. 545 – 51.
نوٽ: ڪلهوڙن مان ميان محمد آدم شاهه، ميان يار محمد، ميان نصير محمد، ميان الياس سمورا سهرورديه طريقي جا پابند هئا. ڏسو تاريخ ڪلهوڙا غلام رسول مهر ج 1ص 136 سنڌي ادبي بورڊ.
[32] الوحيد اسپيشل نمبر ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمہ“ از پير علي محمد شاهه راشدي، جون 1936ع ڪراچي.
[33] ماثر الامرا ج 3 ص 74.
[34] اڪبر نامو ج 3 ص 237.
[35] ماثر الامرا ج 3 ص 77.
[36] مظهر شاهجاني، ص 229.
[37] ماثر الامرا، ج 3 ص 77.
________________________________________
موجوده حالت
مسٽر ڪزنس جي ڏنل هڪ تصوير مان معلوم ٿو ٿئي تہ اهو قبرستان زبون ٿي چڪو هو، منارا پٽ اچي پيا هئا، قبرون ڊهي ويون هيون، سنگين لوڙهه ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا هئا، عمارت جي خاص وضع، ٽڪريءَ جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن محڪمي آثار قديمہ (حڪومت هند) جي ڪار پردازن کي متاثر ڪيو، جن ان کي محڪمي جي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري، سموري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو. منارا ٺاهيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا[1]. فرش ٻڌو ويو ۽ حد بنديءَ واري ديوار دوباره مضبوط ڪئي ويئي ۽ حجرن کي بہ گهڻي حد تائين مرمت ڪري، ڪم آڻڻ جهڙو ڪيو ويو. هن وقت تمام مضبوط حالت ۾ آهي ۽ پاڪستان جي محڪمي آثار قديمہ جي قبضي ۾ آهي، ممڪن آهي تہ جيئن پوڻا چار سؤ ورهيہ گذري چڪا آهن، تيئن ايندڙ ڪن صدين تائين اڃا بہ قائم رهي سگهي.
مرڪزي ٿلهو
فرش جي سطح کان 5 فوٽ 4 انچ بلنديءَ تي هڪ ٿلهو آهي، جنهن جو طول 48 فوٽ 6 انچ ۽ عرض 38 فوٽ آهي. ان تي ڏهه قبرون آهن، جن مان هڪ مير ابو القاسم نمڪين جي آهي. انهيءَ ٿلهي جي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آهن، جيڪي 5 فوٽ کن بلندا ٿيندا، ڏکڻ کان انهيءَ ٿلهي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوٽي جي پلاسٽر جون آهن، باقي سڀ پٿر جون آهن، جن جو سمورو لوڙهه اُڪر جي بهترين ڪم جو شاهڪار آهي، اوڀر کان اولهه طرف قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا، ڪن قبرن جي ڪتبن جا ڪي اکر ڊهي ويا آهن، انهن جاين تي اسان نقطا ڏنا آهن:
پٿر جي قبر، چوڌاري چٽساليءَ جي اُڪر اٿس، سيرانديءَ کان قرآني آيات جو ڪتبو، ۽ پيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:
وفات يافت مرحوم مغفور الواصل الي جوار
رحمت حضرت خالق . . . . . . مرزا عبد . . . .
شهر جمادي الاول . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
نالي جو پهريون جزو پڙهڻ ۾ اچي ٿو، آخري جزو ”العلي“ جهڙو نظر اچي ٿو، ممڪن آهي تہ عبدالعلي نالو هجي.
هيءَ قبر بہ پٿر جي آهي، پيرانديءَ کان ڪو بہ ڪتبو ڪو نہ اٿس، سيرانديءَ کان هيءُ ڪتبو آهي:
لا الله محمد الرسول الله
فغان از گردش گردون بد عهد
دريغازين جهان عمر فرسا
که از بادِ اجل ناگاه شڪست
بنا غستان جان سروِ دل آرا
گل و گلذار اقبال و جواني
ابو القاسم فروغ بخت والا
سزا گر در فراق او بگريد
بجاي آب، خون چشم احبا
چو دلها داغ شد از فرقتِ او
نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“
1045 هه
هيءُ نمڪين جو پوٽو ۽ امير ابو البقا امير خان جو پٽ هو.
پٿر جي قبر – سمورو لوڙهه چٽسالي ۽ قرآني آيات سان مزاين، ڪتبو سيرانديءَ کان لڳل:
حيف و صد افسوس از عبد الرحيم
همچو او کم آمده زين آب و گل
سال فوتش راچه جستم از خرد
گفت از حسرت که ”دارم داغ دل“
1053 هه
هيءَ قبر بہ پٿر جي آهي. ساڳيءَ طرح جي چٽسالي، آيات قرآني، ۽ سيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو آهي:
يکتائي روزگار عتيق الله آن جواد
کاندر جهانِ جود نبودش کمي عديل
نگذاشت آسمان . . . . . . ازان که بود
مشتاق . . . . . او فردوس سلسبيل
سال شهادتش چونو شتم بصفحه بر
از غم بريخت آب ز چشم چو رود نيل
لا الله الله محمد رسول الله
اهو ڪتبو پٿر جي ٻاهرئين طرف کان آهي، اندرئين پاسي هيءُ ڪتبو آهي:
عتيق الله مرزا ڪز فراقش
محبان را جگر ها چاک آمد
چو در خيل شهيدان شد خرامان
فلک را ديده نمناک آمد
ز روي درد گفتا سال تاريخ
”عتيق الله شهيد پاک آمد“
1037 هه
هي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:
بتاريخ روز پنجشنبه چهارم
شهر رجب المرجب سن 1037 هه
بدرجهء شهادت رسيد
هن قبر تي ڪو بہ ڪتبو ڪو نہ آهي، چوني جو پلاسٽر ٿيل آهي ۽ ڪتبا سڀ ضايع ٿي ويل ڏسجن ٿا.
هيءَ قبر مير ابو القاسم ”نمڪين“ جي آهي، بهترين اُڪر جو ڪم ٿيل اٿس، قبر جون سموريون ديواريون آيات قرآنيءَ سان مزين آهن ۽ هتي ڪتبو پيرانديءَ کان پٿر جي ٻاهرئين رخ تي اُڪريل آهي:
مير ابو القاسم آن يگانهء عصر
که بجز تخم دين و داد نکشت
ملڪ و اقبال در تصرف داشت
چو اجل در رسيد جمله بهشت
ديدهء دل کشاد بر گيريد
عبرتِ اِي غافلان پاک سرشت
هي ڪتبو انهيءَ ئي پٿر تي اندرئين پاسي کان آهي:
گربود بستر از حريرچه سود
چون نهد مرگ زيربالش خشت
خلف خير اوز ”داغ ابي“ 1018هه
چونکه تاريخ سال فوت نوشت
گفت ملهم مرا بگوش ضمير
سال فوتش که ”بادجاش بهشت“
1018 هه
هي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي:
خان زمان مير ابو القاسم آنکه او
لوح و جود از رقم غير ساده کرد
. . . . . دود مان . . . . گلبن حيا
سالِ وفات او طلب از ”داغ داده“ کرد
1019 هه
پٿر جي ساڳئي قسم جي قبر تي سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين طرف هي ڪتبو آهي:
عبدالرزاق که روحش قرين
باد ز ايزد بهزاز آفرين
سني و شيعه چو در افتاده دير
تيغ شجاعت ز ميان درکشيد
همت عاليش عنان گرم تاخت
جام شهادت ز فضا نوش يافت
ترک ازين عالم- فاني گرفت
”ملک بقا آل حسيني گرفت“
1062 هه
مير نمڪين جو پوٽو ۽ مير ابو البقا امير خان جو پٽ هو. سيد محب الله روهڙيائي ”تحقيق جناءِ امصار سند“ ۾ لکيو آهي تہ اها قبر عبدالرزاق ڪاشانيءَ (حاڪم بکر) جي آهي، ليڪن اهو غلط آهي، انهيءَ اطلاع جو ماخذ ميان علي اصغر ٺٽويءَ جو رسالو آهي[2].
هيءَ مزار امير البقا امير خان بن ابو القاسم خان ”نمڪين“ جي آهي، نهايت خوبصورت اُڪر جو ڪم، خط طغرائيءَ سان سڄيءَ مزار تي قرآني آيات، قبر جو ساڳيو اهو ئي نمونو آهي، جيڪو سندس والد جي قبر جو آهي. سيرانديءَ کان پٿر جي اندرئين رخ تي هي ڪتبو آهي:
مصدر خلق امير خان که بسي
خلق عالم بخلق او آسود
تا درين دهر بود صاحب جاه
در رضاي خداي خود مي بود
کوس رحلت چو زدز دار فنا
رخت آسودگي بخلد کشود
سال نقلش بگفت هاتف غيب
”هاديءِ دين امير خان آسود“
1057 هه
(9 – 10) نمبر واريون قبرون گهري فيروزي ٽائيلس لڳل آهن، مٿن ڪو بہ ڪتبو ڪو نہ آهي.
صحن جون قبرون
مرڪزي ٿلهي جي اوڀارئين طرف هيٺ فرش تي 67 قبرون آهن، انهن مان جن قبرن تي ڪتبا آهن، انهن جو محل و قوع ڪتاب ”تذڪرهء امير خاني“ جي شامل ڪيل نقشي مان معلوم ڪري سگهيو. ڪتبا هي آهن:
1. وفات يافت مرحومه مغفوره بي بي . . . .
خانم هفتم تاريخ شهر رمضان سن . . .
في تاريخ هفتم شهر صفر ”خاتم بالخير و الظفر“ – 1131 هه (؟)
تاريخ فوت مرحومه يازدهم شهر محرم الحرام – 1070 هه
عبدالواحد چو از جهان فنا
کرد رحلت بسوي‘ ملک يقين
بهر تاريخ او خرد گفتا
”آمده جاي او بهشت برين“ – 1040 هه
خداوند فتاح را بندهء
که او بود در راه حق مستقيم
چوکرده ز دارالفنا انتقال
بدارالبقا گشته جنت مقيم
پيء سال فوتش بسوز و گداز
سحر که بجستم ز طبعِ سليم
ز روي بديهه بگفتا نويس
”چو حاتم جوان مرد بودو کريم“ – 1052 هه
چون بحر اميد عبدالحي والا شان مردي
ازين دارالفنا ناگاه جانب روضهء رضوان
چو جستم سال تاريخ وفات . . . . .
جوان . . . . دانش ”بجنت يافت جاويدان“ – 1068 هه (؟)
چبوترا
اترئين طرف کان چار چبوترا فرش کان بلنديءَ تي آهن، جن مان هڪ اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي آهي، ٻہ اترئين ڪناري تي هڪ ٻئي کان ٿوري فاصلي تي آهن، ۽ چوٿون اتر – اولهه جي ڪنڊ تي آهي. انهن چبوترن ۾ قبرون آهن، ۽ ڪنارن جي ڪنڊن تي ننڍا منارا آهن، قبرن جو تفصيل ۽ ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:
اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ واري چبوتري ۾ هڪ قبر آهي، ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. هيٺيون ڪتبو قبر تي موجود آهي:
مير اسفند يار مرحومي
که بهشت از رخش منور شد
ناگهان روز جنگ رعنا ماه
از شهادت شه مظفر شد
جستم از عقل سال او گفتا
”الحق آن شهيد اڪبر شد“
1036 هه
قبر جي چوڌاريءَ قرآني آيت آهن.
اترئين طرف ڪناري سان جدا چبوترو آهي، جنهن ۾ پڻ هڪ قبر آهي، جنهن تي قرآني آيات خط طغرا ۾ اُڪريل آهن. هي ڪتبو قبر تي موجود آهي:
وفات يافت چو مغفور . . . . ميرزا
ابو نصر بتاريخ . . . شهر ذوالحج
1045 هه
هي مرحوم مير نمڪين جو ڏهٽو هو. تحفته الڪرام ۾ سندس ذڪر آيو آهي.
مٿئين چبوتري سان لڳو لڳ، هن چبوتري ۾ ٻہ قبرون آهن. اولهائين قبر تي ڪتبو آهي:
وفات يافت مرحومي و مغفوري ميرزا محمد . . .
. . . . . بتاريخ شهر ذوالحج سنه 1042 هه
اوڀارينءَ قبر جو هيءُ ڪتبو آهي:
چونکه مرحوم محمد افضل
رفته زين . . . . . . . . . . . . اجل
عقل تاريخ وفاتش گفتا
که ”بيا سود محمد افضل“
1086 هه
اهي ٻئي قبرون خوبصورت سنگتراشيءَ جو نمونو آهن ۽ انهن جي چوڌاريءَ قرآني آيات اُڪريل آهن.
اوڀر اتر واريءَ ڪنڊ تي جيڪو چبوترو آهي، اهو بہ اولهه اتر واريءَ ڪنڊ تي ٺهيل چبوتري وانگر آهي. ساڳيو سائيز، ساڳيو نمونو ۽ ساڳيا چار منارا. منجهس هڪ قبر آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو آهي:
مير والا نزاد معد الدين
آن بهر فن يگانه و کامل
دل ازين خاکدان گرفت اورا
جنت عدن ساخت سر منزل
سال فوتش چو جستم از دل گفت
”شد بفر دوس مير صاحب دل“
1075 هه
مسجد
مٿين ڪتبن کان سواءِ ٻيا ڪتبا پڙهڻ ۾ نہ آيا، گهڻو ڪري ٻين قبرن تي ڪتبا آهن بہ ڪو نه. سرڪاري مرمت وقت يا ان کان اڳ، انهن قبرن جا ڪتبا ضايع ٿي ويا آهن. مغربي ديوار سان لڳ مسجد جون چو ديواريون موجود آهن، ڇت ڊهي ويئي. محڪمي آثار قديمہ طرفان فقط ديوارن کي قائم رکي، انهن جي مرمت ڪئي ويئي آهي. مسجد جو طول 15 فوٽ 6 انچ آهي ۽ عرض 8 فوٽ، مشرق کان ٽي دروازا ونگن سان ۽ ٽي دروازا مغرب کان آهن. اهڙيءَ طرح اتر ڏکڻ کان بہ هڪ هڪ دروازو آهي.
حجرا
ڏاکڻيءَ ڏاڪڻ تان چڙهڻ وقت ڏاڪڻ جي ٻنهي پاسن کان قديم حجرا آهن، جن مان سڄي هٿ وارا حجرا مجاورن سان آباد آهن ۽ کٻي هٿ وارا حجرا بند پيا آهن. اهڙيءَ طرح اترئين طرف کان اولهه – اوڀر وارا حجرا بہ بند پيا آهن ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ پاسن کان ڏاڪڻيون آهن.
هيٺين مسجد
انهيءَ ٽڪريءَ جي چڙهڻ واريءَ ڏاڪڻ کان ٿورو اولهه تي، هيٺ زمين تي، هڪ مسجد ٺهيل آهي، جا پڻ قديم ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان تي ڪو بہ ڪتبو وغيره ڪو نہ آهي، ان کي محڪمي آثار قديمہ وارن بہ پنهنجي قبضي ۾ ڪو نہ ڪيو آهي، جنهنڪري بلڪل زبون حالت ۾ آهي. صفحئه صفا سکر جي جاذب نظر يادگار آهي.
ڪتبن جا سال
مٿي جيڪي ڪتبا ڏنا ويا آهن، ترتيبوار انهن جا سال هن طرح آهن: 1018 هه (ابو القاسم نمڪين)، 1021 هه (خاتمه بالخير و الظفر)، 1036 هه (مير اسفند يار)، 1037 هه (عتيق الله)، 1040 هه (عبد الواحد)، 1041 هه (مير معد الدين)، 1042 هه (ميرزا محمد)، 1045 هه (ميرزا ابو النصر)، 1045 هه (ابو القاسم)، 1053 هه (عبد الرحيم)، 1056 هه (فتاح)، 1057 هه (مير ابو البقا امير خان)، 1062 هه (عبد الرزاق)، 1070 هه (مرحوم . . . .)، 1086 هه (ميرزا محمد افضل).
سيد مير ابو القاسم جا تعميراتي ڪارناما
مير نمڪين 34 ورهيہ اڪبر جي ملازمت ڪئي ۽ 5 ورهيہ جهانگير وٽ رهيو. اهڙي ريت جملي 39 ورهيہ مصروف زندگيءَ جا خير خوبيءَ سان ختم ڪري طبعي عمر کي پهچي، انتقال ڪيائين ۽ پنهنجي وطن بکر ۾ اچي دفن ٿيو. بکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير صاحب ڪيئي يادگار آثار ڇڏيا، جن مان هڪ بہ اڄ سلامت ڪو نہ آهي، سواءِ ”صفحهء صفا“ جي جيڪو محڪمي آثار قديمہ جي طفيل هن وقت تائين قائم رهجي ويو آهي. ”ماثر الامرا“ ۾ آهي تہ ”مسجد عالي قصبه بکر اساس گذاشته اوست“ اها مسجد هن پهرئين دفعي واري قيام جي بکر منجهه ٺهرائي. شيخ معروف بکري مير صاحب جو گهاٽو دوست هو، زياده تفصيل سان لکي ٿو:
”مسجد عالي جامع در قصبهء بکر (سکر) درعين رسيده، بازاز بنا نمود که اساس او در سالهاي دراز خواهد بود، و در قصبه لوهري و قصبه سکر مسجد و عيدگاهه هم بنا کرده است“[3].
مٿينءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيٺيون عمارتون مير صاحب ٺهرايون:
جامع مسجد، نهايت عاليشان بکر ۾ تعمير ڪرايائين،
عاليشان، مضبوط ۽ پائدار بازار بکر ۾ جوڙايائين،
هڪ عيدگاهه سکر ۾،
هڪ عيدگاهه روهڙيءَ ۾ تعمير ڪرايائين.
اهي سڀ جايون زماني جي لاٿ ڦير ۾ ناس ٿي ويون. بکر جو قلعو اڄ صفا پٽ نظر اچي ٿو. قلعي جون ڪجهه ديوارون مخدوم نوح بکري ۽ شاهه صدر الدين خطيب جي روضي کان سواءِ ٻي ڪا بہ جهوني عمارت انهيءَ سر زمين تي موجود نہ آهي. مير صاحب کائڻ جو وڏو ملهه هو. هن پنهنجا خاص باغ سنڌ جي قديم تختگاه اروڙ جي ويجهو رکرايا هئا جتان روزانو وٽس ميوو پهچندو هو. ”ماثرا الامرا“ ۾ آهي ته:
گويند اشتها بسيار داشت، هزارا انبه و هزار سيب شکري، و دو خرربوزه يک يک مني مي خورد“[4].
يعني هڪ وقت تي هزار انب، هزار صوف ۽ ٻہ خربوزه هر هڪ هڪ مڻ جو، کائي ويندو هو. ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنف بہ ان جي تصديق ڪئي آهي[5]. مير صاحب جو فرزند ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”خرپرهاءِ موضع تپه پدره را که در چار کروهي اين صفه (قبرستان) واقع است بغايت خرپزهاي ولايتي آنجا خوب مي شوند، صرف مي کرد، و خرپزهاي سر آمدرا بخدمت حضرت عرش آشياني، ميفر ستاد، و حضرت بادشاهه خوش کرده تناول ميفر موده“.[6]
علمي يادگارون
مير صاحب عالم، فاضل، اديب، علم دوست ۽ علم پروري ڪري مشهور هو، هميشه سندس مجلس ۾ اهل علم ۽ اهل ڪمال رهندا هئا، جن کي پاڻ وظيفا، روزينا ۽ ٻيا انعام اڪرام ڏيندو هو. ميرڪ يوسف هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”بمردم علماء و فضلاء دوست مي داشت، چنانچه روش مدد معاش درين ملک او پيدا کرد، که اکثر اهل علم و اهل فضل اين ديار رادر دور عرش آشياني از طرف خود روزيانه کرده، وبار برداده، همراه خود برداشته، بخدمت مغفرت پناهه ميران صدر جهان رسيده، تجويز هر کدامي رافرا خوردانش او، فرامين درست کنانيده، خرچي راه داده، بسهوان مرخص نمود“.[7]
سندس خاص ملازمت ۾ بہ ڪئين ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي علم ۽ ادب ۾ برک هئا. جهڙوڪ: مير عطاء الله مشهدي جيڪو سندس خاص ماڻهو هو، ۽ اديب، شاعر ۽ خطاط هو. علم دوستيءَ ۽ ادب پروريءَ جي گڻ کان سواءِ اسان کي اهو بہ معلوم ٿئي ٿو ته، مير صاحب پاڻ بہ نظم خواه نثر ۾ استاد ڪامل هو. انشا ۽ خط ۾ بہ کيس انتهائي ڪمال حاصل هو، چنانچه ”ذخيرة الخوانين“ جو مصنف شيخ فريد بکري نظم ۽ خط ۾ سندس شاگرد هو. هو پاڻ لکي ٿو ته، جنهن وقت مرحوم مير صاحب بکر ۾ منصبدار هو، ان وقت ۾ نظم ۽ خط ۾ وٽائنس تعليم ورتي. شيخ فريد جي شاهد ”ذخيرة الخوانين“ مان اڪبري دور جي عملي اميرن جو احوال ملي ٿو ۽ يادگار آهي. ”منثئات النمڪين“ فن انشاء ۾ مير صاحب جي هڪ ضخيم تصنيف آهي، جا مير صاحب 23 شعبان 1006 هه (44 سال اڪبري) 31 مارچ – 1598ع ۾ ختم ڪري پنهنجي ولي نعمت اڪبر بادشاهه جي نالي تي معنون ڪيو. ڪتاب اٺن بابن ۾ آهي ۽ انڊيا آفيسن لنڊن ۾ موجود آهي. مير صاحب جي ڪن تحريرن ڏانهن منهنجي عزيز فاضل دوست سيد حسام الدين راشدي صاحب اشارو ڏنو آهي، جنهن کي سندن ڪتاب ”تذڪرهء امير خاني“ ص 67 تي ڏسي سگهو ٿا.
شيخ معروف بکري
شيخ معروف بکر جي معززن مان هو، اڪبري دربار تائين مشهور هو. پهرئين دفعي جڏهن مير نمڪين بکر ۾ جاگيردار ٿي آيو، ان وقت مقامي اربابن سان ڪن معاملن تي سندن اختلاف ٿي پيو[8]. جنهنڪري بکر جا ارباب فرياد کڻي شاهي لشڪر جي قاضيءَ، مولانا عبدالحي وٽ پهتا. دستور مطابق قاضي صاحب مير صاحب تي حاضر ٿي سبب پيش ڪرڻ لاءِ سمن ڪڍيو، جنهن تي فقط عدالتي ڪارروائيءَ جي مير صاحب پرواه نہ ڪئي، بلڪ مقرر ڪيل تاريخ تي جوابدهيءَ لاءِ بہ عدالت ۾ حاصر نہ ٿيو، تنهن تي قاضي عبدالحي بادشاهه جي حضور ۾ شڪايت لکي تہ ”فلاڻي، شاهي حڪم ۽ عدالت خانهء الاهيءَ جي تعميل ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي قاصر رهي، سخت جرم ڪيو آهي.“ بادشاهه حڪم ڪيو تہ مير نمڪين کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٻڌي، سڄي شهر ۾ ڦيرائي، کانئس حقدار جو حق وصول ڪيو وڃي. ”حکم شد که اورا (نمکين) بہ پاي فيل بسته تمام شهر گرداننده حق بحقدار رسانند“ انهيءَ وچ ۾ مير صاحب کي خبر پئجي ويئي، جنهن تي هنن شيخ معروف بکري (شيخ فريد بکري جي والد) جي ذريعي سڀني فريادين کي ٺاهي، کين حق رسي ڪري موٽائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ بادشاهه کي رپورٽ ڪئي آهي، وٽس ڪو بہ فريادي پيش ڪو نہ ٿيو آهي. بادشاهه حڪم ڪيو تہ قاضي صاحب فريادين کي حاضر ڪري. قاضي غريب کي وچ جي خبر ئي ڪا نہ هئي. گهڻي ڪوشش ڪيائين تہ فريادين مان کيس ڪو هٿ اچي، پر ڪو بہ پيش ڪو نہ ٿيو. ”قاضي دست وپارا بسيار زد، کسي از فرياديان حاضر نگشت“[9]. قاضي شرمندو ٿيو ۽ اهڙي طرح مير صاحبن پنهنجو پاڻ شاهي عتاب کان بچائي ورتو. بادشاهه آئيندي لاءِ حڪم ڪيو تہ هن کان پوءِ فريادين جي شناخت لاءِ سندن شڪل شباهت بہ نوٽ رکي وڃي[10].
نواب مير محمد معصوم
سيد مير محمد معصوم عرف نظام الدين ابن شيخ الاسلام ابن سيد صفا الترمذي، سکر جي معصومي سادات جو سوخيل سکر جي مٽيءَ جو بي بها مڻيو، اڪبري درٻار جو امير ۽ اهلڪار، دنيا جي زنده جاويد بزرگن مان هڪ آهي، هن جي جامع صفات شخصيت جي مختلف پهلوئن تي بحث ڪرڻ لاءِ هت گنجائش ڪانهي، هن کي عمارت سازيءَ سان بيحد دلچسپي هئي. مسٽر ريورٽي صاحب پنهنجي ڪتاب ”مهراڻ“ ۾ مير محمد معصوم جي باري ۾ هن طرح لکي ٿو:
”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازه، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن“[11].
آگره جي عمارتن تي مير معصوم جا جيڪي ڪتبا لڳل آهن، تن کي سيد محمد لطيف پنهنجي ڪتاب ”آگره“ ۾ نقل ڪيو آهي. ٻين ڪتابن لکيو آهي ته، ڌاروار، اوجين، سعدپور، مانڊو، برهانپور، بيانه، مڌڪر ۽ ناگور ۾ بہ ڪن جاين تي سيد محمد معصوم جا ڪتبا آهن[12]. بيل صاحب جي ”مفتاح التواريخ“ ۾ سيد معصوم جو هڪ ڪتبو جنسي نقل ڪيل آهي، جو قنڌار جي عمارت ”چهل زينه“ تي اڪريل آهي. مدينته الاوليا سکر (بکر) سيد محمد معصوم جو وطن هو، جنهن ڪري قدرتي طور کيس پنهنجي وطن کي سينگارڻ جو شوق دامنگير هو. توڙي کڻي گهڻو ڪري سندس ساري زندگي وطن کان ڏور، سرڪاري ڪاروبار سان گذري، تڏهن بہ هن مدينته البسايتن کي ڪين وساريو. جيڪڏهن کيس مهلت ملي ها ته، جيڪر اڃا وطن سکر کي وڌيڪ سينگاري ها. پر ڇا ڪري، ويهه سال وطن کان ڏور گجرات ۽ ٻين پاسن ڏي لڙايون ڪندو رهيو.
عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي اچي سنڌ جو مغربي حصو فتح ڪيائين. جيڪڏهن کيس ڪا بہ فرصت ملي تہ اهي زندگيءَ جا پويان 14 سال سنه 1000 هه ۾ هو تسخير سنڌ مان فارغ ٿيو ۽ 1014 هه يا 1015 هه ۾ سندس انتقال ٿيو. (پر يقيني طرح سندس سال وفات 1014 هه آهي، جو مصرع ”بودنامي صاحب ملڪ سخن“). ان وچ ۾ 1012 هه ڌاري هو ايران طرف سفير ٿي ويو. ان کان سواءِ بہ هيڏانهن هوڏانهن ويندو رهيو. 1005 هه جي پڇاڙيءَ کان ڪم از ڪم 1007 هه تائين هو صاحب قنڌار طرف رهيو آهي. جيڪڏهن محمد معصوم صاحب جا سمورا ڪتبا مختلف جاين تان نقل ڪري اکين اڳيان رکيا ويندا ته، سندس سفر جو مفصل پروگرام مرتب ٿي ويندو. سيد موصوف گهڻو وقت پنهنجي وطن کان ٻاهر پئي رهيو آهي، جنهنڪري کيس عتاب ڏئي نہ سگهبو، پر باوجود ان جي به، هن صاحب سکر سان چڱا ڀال پي ڀلايا آهن. سکر ۽ روهڙيءَ ۾ جيڪي عمارتون سيد محمد معصوم جون ٺهرايل آهن، سي هن پنهنجن پئسن مان ٺهرايون يا سرڪاري امداد سان، تنهن تي ڪو بہ فيصلو ڏئي نہ سگهبو. محمد معصوم وڏو مالدار هو. بادشاهه طرفان کيس وڏيون جاگيرون مليل هيون. جڏهن انتقال ڪيائين، تڏهن بہ 30 يا 40 لک روپيا پنهنجي پٽ کي ڏيئي ويو هو. خود عمارتن جي تعمير ڪا هروڀرو اهڙي قيمتي ڪا نہ آهي، خاص طرح جڏهن ان زمانه ۾ گهڻي سهانگائي هوندي هئي. ان باري ۾ تحفته الڪرام ڪجهه لکيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته، ”اڪبر ڪجهه روپيا نذرانه طور حرمين موڪليا هئا، جيڪي موٽي آيا هئا. مير معصوم بادشاه جي حڪم موجب انهن پئسن مان مناره ۽ نشيمنهائي پاڪيزه سکر ۾ تعمير ڪرايا.“
روهڙيءَ جو عيدگاهه
سکر (بکر ) ۾ جيڪي آثار سيد موصوف جا ٺهرايا آهن، تن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان اول نمبر آهي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ديوار اُره جيتري ۽ اولاهين طرف کان ڳڏي آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن خواه وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي:
ڪتبه
سيادت پناهه امير محمد معصوم نامي بن سيد صفا بنانهاد
مير معصوم ساخت برسر کوه
عيدگاهه بفيض همچون ارم
پير فکرت برائي تاريخش
عيد گاهه بفيض کرد رقم
1002 هه
بعد عيد گاهه وسيع ڪيو ويو آهي، جنهن جو اشارو ايڇ – ڪزنس جي ڪتاب ”سنڌ جا آثار قديمہ“ صفحہ 157 ۾ آهي.
مناره معصوم
عيدگاهه جي تعمير جي ٻئي سال يعني 1003 هه ۾ مير صاحب سکر واري معصومي مناره جي تعمير جو ڪم مير صاحب شروع ڪرايو، جو ڪم مير موصوف جي انتقال کان پوءِ سندن فرزند مير بزرگ 1027 هه ۾ پورو ڪرايو. اها حقيقت ان ڪتبه مان ظاهر آهي، جو مناره جي ڏاڪڻ واري دروازه جي ٻاهران اُڪريل آهي. ڪتبه جو مضمون هن طرح آهي:
”بنيٰ هذا المناره في زمان سلطان جلال الدين محمد اکبر بادشاهه غازي“.
بدر فلک علا محمد معصوم
افزاشت چنين بناءِ عالي که ز قدر
تاريخ بنائي او ملائڪ از عرش
مير معصوم آن رفيع القدر
کرد طرح منار تا گويند
پير چرخ از برائي تاريخش کزوي زمانه صيت نيکو نامي است
افزاحته بہ چرچ مينانامي است
گفتند جهان نما منارنامي است
که ازو کار دين بہ آئينه است
کين پئي يادگار ديرين است
ساق عرش برين بگفت اين است
مناره جي تعمير جي تشڪيل واري سال 1026 هه (يعني مير صاحب جي انتقال کان پوءِ تيرهون سال) هجڻ ان عام روايت جي تڪذيب ڪري رهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي تہ مير صاحب هڪ هندو عورت اڳيان پنهنجي جذبه عشق جي امتحان ڏيڻ لاءِ مناره ٺهرائي مٿانئس ٽپو ڏنو هو.
مناره هڪ اوچي ٽڪريءَ تي جڙيل آهي ۽ منجهس پڪيون سرون ۽ چن ڪم آندل آهي. سرون تمام پڪيون آهن ۽ هينئر گاٺ ڪري چمڪڻ لڳيون آهن. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران ۾ مناره جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي ۽ ان رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو تہ پيڙهه وٽ منارو 84 فوٽ ويڪرو آهي. ڊگهائي ۾ بہ 84 فوٽ ۽ سندس ڦيردار ڏاڪڻ کي بہ 84 ڏاڪا آهن. اهو هڪ عجيب حساب آهي. ڏاڪڻ ڦيريدار ئي اندران وئي آهي. مناره جي چوٽي گنبذ نما آهي، جنهن تي ماڻهو چڙهي وڃي پري پري جو نظارو ڏسي سگهن ٿا. چوٽيءَ کي ميونسپالٽي چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي، ورنه اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏئي خودڪشي ڪندا هئا. عام روايت آهي تہ مناره لاءِ سرون اروڙ جي قديمي عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون ۽ ڪن جو خيال آهي تہ شڪارپور کان گهرايل هيون. پر ان زماني ۾ شڪارپور هئي ئي ڪا نہ – ڇو تہ شڪارپور جو شهر دائود پوٽن پوئين زماني ۾ ٻڌايو هو. مناره ۾ هينئر ڪجهه ڦڏائي نظر اچي ٿي. اي – ڊبليو هيوز صاحب مولف سنڌ گزيٽئر، ان باري ۾ لکي ٿو تہ ”تعجب انگيز ڳالهه هيءَ آهي تہ مناره سڌائي کان ڪجهه مڙيل آهي، پر خبر پئجي نہ ٿي سگهي تہ اهو حساب عمداً ان جي تعمير ۾ ئي ڪيو ويو آهي، يا پوءِ سندن پيڙهه جي هڪ پاسي جهنوي وڃڻ ڪري مڙي پيو آهي،“ يا ڪنهن ڪاريگر جي غلطي سببان ان جي تعمير ۾ ابتدائي ڪجهه ڪجي واقع ٿي ويئي، يا وري پوءِ ڪنهن وقت زمين جي ڌڏڻ ڪري اهو فرق ٿي پيو آهي. هن کان اڳ بہ سنڌ ۾ گهڻائي دفعا نهايت شديد نموني ۾ ڌرتي ڌٻڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، 1828ع ۾ بہ ڌرتي اهڙي ڌٻي، جو ڏکڻ سنڌ جي طبعي جاگرافي تبديل ٿي وئي هئي. مناره ڪنهن جنگي مقصد لاءِ ٺهرايو ويو هو، يا نظاري بازي ۽ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال سان، تنهن تي ڪو بہ يقيني رايو قائم ڪري نہ ٿو سگهجي. ڪتبه مان البت معلوم ٿئي ٿو ته، يادگار قائم ڪرڻ جي خيال، ٺهرائيندڙ جي ذهن ۾ ٻين ڳالهين کان وڌيڪ ويٺل هو، توڙي جو برٽن صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ريوزيٽيڊ“ ۾ مناره تان چڙهي سندس نظارن وٺڻ جو دل کولي بيان ڪيو آهي[13]. هن وقت تائين مناره جي حالت چڱي آهي ۽ انگريز سرڪار جي کاتي تحفظ آثار قديمہ نالي ماتر ڪڏهن ڪڏهن مرمت ڪندو رهندو هو. مگر جنهن هنڌ هاڻوڪن ڪاريگرن مرمت ڪئي آهي، اُت سندن ڪم آندل مصالحو نمايان بيٺو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هاڻوڪن ڪاريگرن کي اهڙو مصالحو ٺاهڻ ئي ڪو نہ ٿو اچي.
آرامگاهه يا فيض محل
جيئن مٿي ڏيکاري چڪا آهيون ته، 1002هه ۾ روهڙيءَ جو عيدگاهه ٺهيو، ۽ 1003هه ۾ مناره جو بنياد پيو، وري 1004هه ۾ مناره جي قريب اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ هشت پهلو گنبذ سان جاءِ جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام ماڻهو ان کي آرامگاهه سڏين ٿا. اها جاءِ برج جي نموني پنجاه فوٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، ڄڻ جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي هن طرح آهي، جنهن مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو:
اين گنبذ باشکوه نامي
کزقدر شد آسمان با فيض
چون بود محل فيض ازان رو
تاريخ شدش مکان با فيض
1004 هه
1005 هه ۾ مير صاحب ڪهڙيون عمارتون ٺهرايون، تن جو پتو ڪنهن بہ جاءِ جي ڪتبه مان ڪو نہ پوي ٿو، البت ڪي آثار اهڙا آهن، جن تي ڪتبا تہ لڳل آهن، مگر سال تعمير لکيل ڪو نہ آهن، ممڪن آهي تہ انهن مان ڪا جاءِ ان سال اندر تعمير ٿي هجي، ان سلسلي ۾ هاڻوڪي جيل جي قريبيءَ واري مسجد، هشت پهلو گنبذ جو ذڪر ڪرڻ هن موقعي تي مناسب آهي. تحفته الڪرام مان هي بہ معلوم ٿئي ٿو ته، مير صاحب بکر جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرايو هو[14]. درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪي پرڳڻا سندس جاگير هئا.
هشت پهلو عمارت، مسجد، کوهه ۽ باغ
پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا تہ ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي تہ مير محمد معصوم مسافر خانه طور عام ماڻهن جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي. اسين مٿي لکي چڪا آهيو ته، سکر ۾ قنڌار ۽ خراسان جي سوداگرن جا قافلا ايندا هئا ۽ مال جي مٽا سٽا ڪندا هئا. انهن قافلن سان مسافر بہ سفر ڪندا هئا، جو انهن ڏينهن ۾ رستا سلامت ڪو نہ هئا. جهانگير جي ڏينهن ۾ 1609ع ڌاري جوزف سلامبئنڪي آگره کان قنڌار ويندي 24 ڏينهن تائين قافلي لاءِ سکر ۾ انهيءَ قافلي سراءِ ۾ ترسيو هو، ويهن ڏينهن کان پوءِ قافلو قنڌار پهتو هو[15]. نڪولس وٿنگٽن بہ سوداگرن جي قافلي سان ويهن ڏينهن ۾ آگره کان سکر پهتو، جيل سامهون واري هشت پهلو عمارت قافلي سراءِ هئي. هن عمارت اندر ڪمرا اهڙي نموني سان جڙيل آهن، جو منجهس ماڻهو ٻارن ٻچن سميت ڌار ڌار ڪمرن ۾ رهي سگهن ٿا. مدينته البساتين سکر جي هن قافلي سراءِ مان شاندار ماضيءَ جي دور جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا. عمارت نهايت خوبصورت آهي ۽ ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ تازي ٺهيل آهي. چاليهه فوٽ ديوار کان مٿي گنبذ اٿس ۽ ان زمانه جي سکر جي ٻاهرون آهي، کوهه ۽ هشت پهلو جاءِ جي اولهه ۾ هڪ مسجد آهي، جنهن جي اندران اولاهين دوار تي پٿر تي هيٺيون ڪتبو اُڪريل هو، جو ڳچ سال اڳ هڪ ملان پٽي گم ڪيو هو:
”بناءِ اين بقعه نهاد امير محمد معصوم نامي بکري جهت سير و استراحت وارد و صادر و مقيم و مسافر هر که درين بنا مقبره کند لعنت خدا و پيغمبران و ملائکه و مومنان بروباد.“
راقم پنهنجي ايام طفلگيءَ ۾ هن هشت پهلو عمارت جي چوگرد ڪي وڻ ڏٺا هئا، جن کي زمانه جي ناسازگار فضا پوءِ مٽائي ڇڏيو. ائين معلوم ٿئي ٿو تہ مسافرن جي آسائش لاءِ اڳ هتي باغ هو، جنهن ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا.
مسجد منزلگاه واريون عمارتون
مسجد منزلگاه سکر بندر تي منزلگاه واري ميدان جي ڏاکڻي پاسي ساڌ ٻيلي جي سامهون درياه جي ڪناري جي نزديڪ سيد مير معصوم جون جوڙايل ٻہ ٻيون عمارتون آهن، جن مان هڪ 1006 هه ۾ ٻي 1007هه ۾ تعمير ٿيل نظر اچي ٿي. 1006هه ۾ جيڪا جاءِ جڙي آهي، سا 1007هه واري هشت پهلو جي اولهه ۾ آهي، اندرين پاسي ڏانهن اولاهين ڀت تي هي ڪتبو پٿر تي اُڪريل اٿس:
خوشا منزل باغ رضوان رقم
که جان را دهد فيض باغ ارم
بتاريخ اين جاءِ عشرت سرشت
زهي جاءِ عشرت رقم زد قلم
1006 هه
سنڌ گزيٽئر ڀاڱي ب جي مؤلف سمائيٿ صاحب جو خيال آهي تہ اها جاءِ مسجد هئي، ان خيال جي ڪزنس صاحب بہ پنهنجي ڪتاب جي تصديق ڪئي آهي. ان جاءِ جي اوڀر ۾ ٻي جاءِ بہ پڪ سري هشت پهلو آهي، هشت پهلو گنبذ جنهن جي چوٽي گنبذ وانگر آهي، گنبذ جي مٿان آسماني رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون چسپان ڪيل آهن. اولاهين ڀاڱي واري ديوار تي ٻاهرين پاسي کان هي ڪتبو لڳل آهي:
در زمان خلافت بادشاه اعظم شهنشاه معظم جلال الدين محمد اکبر بادشاه غازي خلد ملک بنا نمود اين
عمارت خير امير محمد معصوم نامي بکري بن سيد
صفائي ترمذي از برائي نفع عام مسلمانان هر که درين
بنا مقبره سازد لعنت خدا و پيغمبران و ملائکه و
مومنان بروباد. 1007هه
باغ
ڪزنس صاحب ان سلسلي ۾ هڪ نهايت ئي باريڪ نڪته پيدا ڪيو آهي. هو لکي ٿو تہ اهي جايون هڪ باغ سان ملحق هيون، جن مان هڪ ۾ سير ڪندڙ آدم آرام وٺي سگهيو ٿي ۽ ٻيءَ ۾ عبادت گذاري. ان ڳالهه جي تصديق هڪ نهايت ئي قيمتي تاريخي دستاويز مان ٿئي ٿي جو اصلي حالت ۾ سردار ثابت علي شاهه صاحب معصومي وٽ موجود هو. ان دستاويز مان هيٺين حقيقت معلوم ٿئي ٿي:
”تاريخ 9 جمادي الثاني 1005 هه ۾ سيد معصوم ۽ سندس فرزند مير بزرگ هڪ باغ ”ڪوه شاد ٻيلي“ جي سامهون هيٺين حدن وارو ”سکر“ جي شهر ۾ قاضي فخر الدين جي پوين کان هڪ سو ٽنڪا جي قيمت ڏئي ورتو. حدون هن طرح نروار ڪيل آهن: اوڀر ۾ باغيچو ۽ سراءِ مشترين (يعني خريد ڪندڙن جي). اولهه ۾ زمين سعادت سلطان بيگم بنت مير يار حسين جلاير. اُتر ۾ عام رستو ڏکڻ ۽ درياء (پنجاب). اصل دستاويز 1005هه جو لکيل آهي ۽ مٿس قاضي علي بن محمد اسماعيل وغيره جي مهر لڳل آهي. مطلب تہ جيڪو خيال ڪزنس ان جاءِ تي باغ هجڻ بابت ظاهر ڪيو آهي، تنهن جي تصديق خود هڪ دستاويز مان بہ ٿئي ٿي. ان دستاويز ذريعي معلوم ٿي رهيو آهي ته، مغليه دور ۾ سرڪاري دفتري زبان ۾ سکر جو نالو بکر هو پر گهرو زبان ۾ سکر هو ۽ جنهن ٻيٽ کي هينئر ”ساڌ ٻيلو“ سڏيو وڃي ٿو، سو مغلن جي صاحبي ۾ ”شاد ٻيلو“ سڏبو هو، جيئن دستاويز ۾ ”کوه شاد بيله“ لکيل آهي. انگريزن جي سکر ۾ وارد ٿيڻ وقت، ان باغ ۽ جاين تي سندن قبضو ٿي ويل ڏسجي ٿو. مسٽر ايسٽوڪ پنهنجي ڪتاب ”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ“ صفحئه 53 مان معلوم ٿئي ٿو ته، انگريزن ابتدائي زماني ۾ ان جاءِ تي سفارتخاني جي آفيس هوندي هئي. هينئر اهو عظيم الشان باغ برباد ٿي چڪو آهي. عيسوي ويهين صدي جي شروعات ۾ هن ميدان ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا. اوڀرندي پاسي ۾ کوهه بہ هو. راقم هتان انب خريد ڪيا هئا.“
يعني تہ سکر جو هت پتڻ هو، دريائي مسافرن جي آسائش سير ۽ آرام لاءِ مير معصوم هن منزلگاه جون جايون تعمير ڪرايون هيون. ڇو تہ سکر بندر هو ۽ هتي لاهور ۽ لاڙ جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. جوزف سلامبئنڪي جو 1609ع ۾ جهانگير جي ڏينهن ۾ هتان لنگهيو هو، ڄاڻائي ٿو ته، سکر مان غوراب مال سان ڀرجي، سوراشٽر (گجرات) ڏانهن ويندا هئا. لاهور ۽ لاهري بندر جي وچ تي سکر وڏو بندر هو. گجرات ۽ ٺٽي کان قيمتي ڪپڙن سان ڀريل غوراب سکر پهچندا هئا. انهيءَ طرح ٺٽي کان خشڪي رستي جيڪي قافلا سکر پهچندا هئا، في وڳ ۾ هڪ هزار اُٺ مال سان ڀريل هوندا هئا[16]. ملاح جيڪي سميجن ڌاڙيلن سان گڏجي ٻيڙين کي درياء تي لٽيندا هئا، سي ذات جا ”هوسڙا“ ڄاڻايل آهن[17]. مال سان ڀريل غوراب سکر کان ويهن ڏينهن ۾ ٺٽي پهچندا هئا.
اروڙ واري درياءَ جي سير وارو پٿر
هڪ ٻي معصومي يادگار، ايسٽوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي ڪيو آهي. لکي ٿو ته:
”اروڙ ۾ مون قابل توجهه فقط ٻہ پهڻ ڏٺا جي پراڻي درياءَ جي پيٽ ۾ نصب ٿيل هئا، جن تي ڪتبا اُڪريل هئا. انهن ڪتبن تي لکيل عبارت جو مطلب هي هو ته، اهي پٿر مير محمد معصوم جا هڻايل آهن ته، انهن جي وسيلي درياءَ اڳين جي سير جي نشانن جو پتو پوي ٿو.“
انهن پٿرن ذريعي مير معصوم اروڙ واري درياءَ جي وهڪري کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس آهي، جو اڄ انهن پاهڻن مان فقط هڪ موجود آهي[18]. ساڳي طرح اروڙ وٽ هڪ پل جي هجڻ جو احوال بہ ڪن ڪتابن لکيو آهي ۽ ان جي تعمير بہ سيد محمد معصوم سان منسوب ڪيل آهي. پل اڃا موجود آهي، جنهن متعلق ڄاڻايل آهي ته، اورنگزيب عالمگير جي دور جي جڙيل آهي.
ستياسر
سکر اندر مير معصوم صاحب جي ٺهرايل ڪن ٻين يادگارن جا حوالا ڪن ڪتابن ۾ ڏنل آهن، پر انهن يادگارن جا نشان هينئر ڪو نہ ٿا ملن. بلاڪمئن صاحب ”آئين اڪبري“ جو ترجمو ڪندي، پهرين جلد جي پڇاڙيءَ ۾ ڪن اڪبري اميرن جي سوانح حيات تي قيمتي نوٽ لکيا آهن، انهن ۾ هڪ نوٽ مير محمد معصوم بابت بہ آهي. اُن نوٽ ۾ هڪ جاءِ تي بلاڪمئن لکي ٿو ته:
”مير معصوم ڪيتريون عمارتون ٺهرايون – خاص طرح سکر (بکر) جي سامهون سکر ۾ درياءَ جي جيڪا شاخ بکر جي چوڌاري آهي، تنهن جي وچ ۾ مير معصوم هڪ گنبذ ٺهرايو، جنهن تي ”ستياسر“ نالو رکيائين. اهو گنبذ دنيا جي عجائبات مان هيو ۽ ان جي تعمير جو سال ”گنبذ دريائي“ مان نڪري ٿو.“ 1007 هه
ميرڪ يوسف ”مظهر شاهجهاني“ ۾ لکيو آهي تہ ستياسر گنبذ، دين ٻيلي واريءَ ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو ويو، جو هينئر ساڌ ٻيلي سان ملحق آهي. اڳ ڌار هو. اصل عبارت هيٺ ڏيون ٿا، اها هڪ پبلڪ لاءِ تفريح گاهه هئي:
”مير معصوم بکري يک کشتي ڪلان پراز سنگ
کرده بر آن کوهچه غرق کرده، گنبذ سبزي بالايش
عمارت ساخته ”ستياسر“ نام نهاد – اکثر مردم بطريق
سير آنجا ميروند و محظوظ ميگ دند“[19].
قبرستان
معصومي مناره ۽ فيض محل جي اوڀر ۾ هڪ چوڪنڊي، پٿريلي زمين جي هڪ اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن هيٺان سيد محمد معصوم جي والد سيد صفائي، خود سيد محمدو معصوم ۽ ڪن ٻين جون تربتون آهن. اها چوڪنڊي، ڪشادي هشت پهلو ٿنڀن تي بهاريل آهي، تعمير سازي پٿر جي آهي. قبرن تي خواه عمارت جي ڇت ۽ ٿنڀن تي ڪتبن جي ڄڻ هڪ چادر وڇايل آهي، ڪو بہ حصو عمارت جو اکرن کان خالي ڪو نہ آهي. چوڪنڊي جي وچ تي ٻہ ننڍا گنبذ آهن، جن جي هيٺئين پاسي کان پڻ ڪتبا آهن ۽ اهي ڪتبا ناصحانه اشعارن، قرآني آيتن ۽ احاديث تي مشتمل آهن. طور تحرير معصومي نموني جي آهي. ڪن وڏين تربتن جي پيراندي واري پاسي ڏانهن صاحب تربت جو نالو ۽ تاريخ انتقال لکيل آهي. اصل پٿريلي مسقف چوڪنڊي هيٺيان 9 تربتون آهن، جن ۾ هڪ سيد معصوم جي والد جي آهي ۽ ٻي خود مير معصوم جي آهي. انهن قبرن مان ڪن تي صاحب قبر جا نالا ۽ سال وفات اُڪريل آهن ۽ ڪي ان کان خالي آهن. سيد مير صفائي جي تربت تي پيرن واري پاسي کان هيءُ ڪتبو آهي:
اي آمده برسر مزارم
از آمدت اميدوارم
حسرت زده ام بخاک مانده
افتاده درين بفلک مانده
يک فاتح بخوان با اخلاص
تاحق کند مغفرت خاص
- - - - -
ماه قرشي سيد صفائي
کافر اشت فلک لوائي نورش
ناگاه ازين جهانگه سير
افتاد بہ آن جهان عبورش
نامي زبرائي سال تاريخ
گفتا پرنور باد گورش
قبر جي لوڙهه تکي مينائين رنگ جي پٿر جو آهي، جنهن تي سڀني پاسن کان خوش خط ڪتبا آهن. سيد صفائي جي تربت جي اوڀر ۾ هڪ ننڍي قبر ڪتبن کان خالي آهي ۽ ان کان پوءِ سيد محمد معصوم جي تربت آهي. اها ڪتبن سان ڀريل آهي ۽ لوڙهه تي پيرن واري پاسي کان هي ڪتبا اُڪريل اٿس:
مير معصوم آي مه برج شرين
آفتاب شرح دين فخر زمن
روز جمعه سادس ذالحجه گشث
عازم جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش از خود جستم بگفت
بودنامي صاحب ملک سخن
مير معصوم جي مزار کان اوڀر ۾ ٻيون ٻہ قبرون اچن ٿيون، جن تي نالا يا سن وفات ڪو نہ آهن. انهن کان پوءِ هڪ تربت آهي ۽ پيرن واري پاسي کان هي ڪتبو اٿس:
چوشد مير ابو القاسم نيک رائي
سوئي دارالبقا ز دار الفنا
چونامي طلب کرد تاريخ او
خرد گفت رفتا بدار البقا
انهن قبرن ۽ ساڻن ملحق چوڪنڊيءَ جون هي خصوصيتون آهن:
ساري تعمير زرد رنگ جي مضبوط پٿر جي ٽڪرن سان ٿيل آهي. هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ تي ڪتبا آهن، جيڪي نستعليق ۾ آهن. قرآني آيتون ۽ ڪي ٻيون عربي عبارتون طغرائي اکرن ۾ آهن. طور تحرير جو اهو ساڳيو نمونو آهي، جيڪو اڪثر معصومي ڪتبن تي نظر اچي ٿو. قبرون اوچيون ۽ تجز نمونو آهن، چوڪنڊي ڪا تمام اُڀي ڪا نہ آهي. قبر کان 10 فوٽ کن مٿي ڀت اٿس. ڇت ٿنڀن تي بيهاريل آهي. سيد محمد معصوم ۽ سيد صفائي جي تربتن مٿان ٻہ گنبذ آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته، اها چوڪنڊي سيد محمد معصوم پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺهرائي هئي. سندس هيٺان پنهنجي والد کي دفن ڪرايائين ۽ پوءِ پاڻ بہ ساڳيءَ جاءِ تي ابدي ننڊ ۾ ستو.
مير معصوم جون خصوصيتون
مير محمد معصوم صاحب – سيف و قلم هو – فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن. هن کي پنهنجي وطن سکر سان بيحد محبت هئي، سر زمين وطن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري، صنعت گري ۽ هنرمندي، صدق ۽ اخلاص جو مثال پوين لاءِ ڇڏي ويو. سندس صناعي هٿن جيڪي عمارتون تعمير ڪيون، تن جي وجود ڪري سکر سياحن لاءِ آماجگاه آهي. سکر جي قدرتي نظارن ۽ لافاني حسن ۽ رعنائيءَ کي مناره تي چڙهي ڏسي سگهجي ٿو. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق بہ هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽه صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم بہ ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات – نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن. سکر جي خاڪ شريف مان جيڪي وقت بوقت گوهر پيدا ٿيا، تن ۾ مير صاحب هڪ چمڪندڙ موتي آهي.
مير امين الدين خان
سبزواري ساداتن مان جيڪي سکر ۾ رهندا هئا، قاسم خاني ڪوٺبا هئا ۽ جيڪي ٺٽي ۾ رهندا هئا، امير خاني ڪوٺبا هئا. مير امين الدين خان امير خاني هو، جو اورنگزيب جي وفات 1118 هه کان ٻہ سال پوءِ 1120 هه ۾ بکر جو فوجدار مقرر ٿي آيو. هن اچڻ شرط سکر شهر ۾ هڪ عظيم الشان مسجد جوڙائي، جنهن لاءِ مير محمد بلگرامي لکي ٿو ته:
”و همدرين سال 1120 هه خان ذيشان امين الدين خان
فوجدار سرڪار بکر – که از ابناء امير خان تتوي بود –
در عهد فوجداري خود، در قصبئه سکر که آنروئي آب
از قلعه بهکر است، مسجد عالي عمارت نمود، چنانچه
مير صاحب و قبل جاودان تاريخ چنين فرموده اند.“
مير عبدالجليل بلگرامي جيڪو انهيءَ وقت بکر ۽ سيوهڻ ۾ وقايع نويسي ۽ بخشگيريءَ تي فائز هو، مٿي ذڪر ڪيل تاريخ هيٺينءَ ريت چئي آهي:
خان ذيشان امين الدين خان،
در رُ خش نور نبي گشته عيان،
سينه اش مخزن اسرار ازل،
مسجدي کرده بنا در سکر،
خانئه دين خود، آباد نمود،
سکهر از نسبت اين مسجد شد،
جد امجد فرخنده بنا،
از دمِ صبح بر آمد په په،
مي سزد، گريئي جارو بش، چرخ،
باهم آغوش مصلاش شده است،
ذکر فيضش بز بانها مذکوره
در کفش جود علي کرده ظهور
شمع فانوس دلش لمعهء طور
پاک تراز دل ارباب حضور
سعي او پيش خدا شد مشکور
بلدهء طيبهء رب غفور
در و ديوار وي آئينهء نور
پر گچِ او چو نظر کرد از دور
سي سزد، گر پئي جادو بش چرخ،
باهم آغوش معلاش شده است،
دسته بندد ز سر ڪاڪل حور
سجده در جبهه کند رقص سرور
سال تاريخ چنين گفت خرد
مهبطِ نور چو بيت المعمور
1120 هه
مير عبدالجليل بلگرامي
جنهن دور ۾ امين الدين خان بکر جو فوجدار هو، اهو ئي وقت هو جڏهن بکر ۽ سيوهڻ جي بخشيگري ۽ وقايع نويسيءَ تي علامه مير سيد عبدالجليل بلگرامي دهلي سرڪار مان 1117 هه ۾ مقرر ٿي آيو. مير عبدالجليل ۽ مير امين الدين خان امير خاني جا باهمي تعلقات تمام گهرا ٿي ويا ۽ يگانگت پيدا ٿي پئي. مير عبدالجليل جي فرزند، سيد مير محمد پنهنجي والد ڏي لکيو تہ بکر مان ڏانهس ڪو سفيد سرمون وٺي موڪلي. مير صاحب ذاتي تعلقات جي بناء تي پٽ جو اهو جنسي خط امير امين الدين خان جي حوالي ڪيو، جنهن نہ فقط پنهنجو تيار ڪيل نفيس سرمون مير سيد محمد ڏانهن موڪلي ڏنو، بلڪ پنهنجي طرفان ”شرح ملا“ جو هڪ نفيس نسخو پڻ موڪليو. اهي سڀ سوکڙيون فريد نالي مير عبدالجليل جو ملازم کڻي بلگلرام روانو ٿيو. مير امين الدين جي سرمي جون خوبيون ۽ خصوصيتون جيڪي بيان ڪيون ويون آهن، سي هي آهن. ماتا جي بيماريءَ سبب اک ۾ پيل ڦلن کي دور ڪري ڇڏيندو هو، اکين جي نور کي اوجر ڏيندو هو ۽ تقريباً اکين جي سڀني بيمارين لاءِ مفيد هو[20].
________________________________________
[1] چبوترا ۽ ڪتبا خاص اهميت نہ ٿا رکن حدف ڪجن تہ بهتر ٿيندو.
[2] ڏسو تذڪره امير خاني، سيد حسام الدين راشدي فوٽ نوٽ ص 266.
[3]
[4] ماثر الامرا، ج 3 ص 75.
[5] ايضاً، ج 3 ص 77.
[6] شيخ فريد بکري: ذخيرة الخوانين.
[7] مظهر شاهجهاني، ص 229.
[8] مظهر شاهجهاني، ج 2 ص 31.
[9] ماثر الامرا ج 3، ص 275.
[10] ذخيره ص 119.
[11] پير علي محمد شاهه جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمہ“ الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ڪراچي.
[12] رسالو معارف اعظم ڳڙهه آگسٽ 1931ع، رتيديري تعلقه ۾ پير ارشد شاهه جي ڳوٺ واري مسجد جي صحن ۾ هڪ پٿر پيو آهي، جنهن تي پڻ سيد معصوم جو ڪتبو اُڪريل آهي. ڏسو پير علي محمد شاهه راشدي جو مضمون.
[13] الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سيد علي محمد شاهه راشدي جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمہ“ ص 54، جون 1936ع ڪراچي.
[14] مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، ص 16، بلئوٽسڪي پريس حيدرآباد 1925ع.
[15] ايڇ – ريورٽي: مهراڻ، ص 494.
[16] تذڪرهء امير خاني، ص 133 – 134.
[17] سنڌ جي ڌاڙيلن جو بيان مظهر شاهجهاني ۾ وضاحت سان ڏنل آهي.
[18] راقم هڪ پٿر جي وڏي ڇپ اروڙ کان شاهه شڪر گنج ڏانهن ويندڙ رستي تي پيل ڏٺي، جنهن تي مير معصوم جو نالو اُڪريل آهي، باقي ٻي ڇپ جو پتو ڪو نہ پيو.
[19] مظهر، باب اول ص 4.
[20] تذڪرهء امير خاني، مير امين الدين خان ۽ مير عبدالجليل بلگرامي ص 355 – 361.
باب نائون: ڪلهوڙن جي صاحبي
مغليه سلطنت جو زوال
سنڌ ۾ جنهن جدوجهد جو آغاز ارغونن جي دور کان شروع ٿيو هو سر ترخانن کان ٿيندو، اڪبر ۽ جهانگير جي عهد ۾ بہ قائم رهندو، شاهجهان جي آخري ايامن تائين پهتو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي تقريباً سمورا طاقتور قبيلا متحده طور برسر پيڪار رهيا. چند نالا ترتيب وار ڏجن ٿا: سميجا، مهديجا، اُنڙ، چانڊيا، مهر، ڌاريجا، سهتا، ابڙا، لاشاري، جتوئي، ڊومبڪي، باروزئي، خيڪ، قلات جا بروهي، مڪراني ۽ بلوچي قبيلا، جوکيا، نومردي (نومڙيا)، رونجها، ڪڪرالي جا ڄام، سوڍا، شورا، لاکا، سما، چنه، راهوجا، ساند، کيبر، ڪيريا، لاکيار، سهودا، ڳاهيجا، ڪورائي، ٿيٻا، ڪيهر، مگسي، منگواڻا، منڌرا، منڱيجا، لنجار، اوٺا، ماڇي، ملاح، نڪامرا، هاليپوٽا، ناريجا، ڪٽوهر، دل، شيخ، هوسڙا، هالا، ڪوريجا، کماڻ، پنهور، پلي، ديناري، ڏيٿا، ٿهيم، ڪلهوڙا، جوڻيجا، جت، ڏاهري، سانگي، ڪلمتي، نوت، ٻٻر، باريجا، ورياه، بليدي، ڀچا، هندو ۽ گجر. انهن قومن سرڪاري قافلن ۾ ٻيڙين کي ڦري ملڪ ۽ مغليه نوابن جو نڪ ۾ دم آندو هو. شاهجهان جي ڏينهن ۾ شهزادو اورنگزيب، زي الحج 1059 هه کان 1061 هه تائين ٻہ سال اٺ مهينا ٺٽي جو صوبيدار ۽ بکر سيوهڻ جو تيولدار ٿي رهيو. سندس ڏينهن ۾ ڪڇي، قلات، ڪيچ مڪران، ڪاڇي، ڪوهستان، لاڙ ۽ ڪڇ ڀڄ تائين مٿين قبيلن فساد ڪيا. قلات جي احمد زئي خوانين آزادي حاصل ڪئي.
سنڌ جي آمدني امن امان قائم ڪرڻ ۾ خرچ ٿي ويندي هئي. ميرڪ يوسف جي ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ ۽ اورنگزيب جي خطن مان جيڪي هن شاهجهان کي لکيا آهن، تن مان اسان کي سنڌ ۾ انتشار، اضطراب واريون حالتون نظر اچن ٿيون. سنڌ ۾ پيدا ٿيل انتشار جي اهميت سختيءَ، شدت ۽ سنگينيءَ جو پتو رقعات عالمگير مان پئجي سگهي ٿو، جو مغل لشڪر ڪٽڪ، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي هوندي بہ ناڪام هلندو رهيو[1]. شاهجهان جي پٽن ۾ تخت نشينيءَ لاءِ جيڪا ڪشمڪش ۽ عداوت هلندي ٿي آئي، تنهن نہ رڳو آخري عمر ۾ کيس نهوڙي ڇڏيو، بلڪ ساڳي وقت مغل سلطنت جي سمورن ڪل پرزن کي بہ هڪ ٻئي کان جدا ڪري سڄي تشڪيل ۾ استحڪام کي تتربتر ڪري ڇڏيو. جيڪي صوبا محض قوت جي دٻاءَ تي سلطنت اندر شامل ڪيا ويا هئا، انهن ۾ رهائي ۽ آزاديءَ لاءِ ازسرنو جدوجهد جي امنگ پيدا ٿي پئي. بلخ ۽ بخارا جي ڪشمڪش، قنڌار تي صفوين جو قبضو، قلات جي آزاديءَ هندي رياستن ۾ بي چيني، اهي سڀئي صورتحال جو نتيجو هيون. مغلن جي پنهنجي گهرو جنگ و جدل ۽ انتشار جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوريءَ جو، تخت تي ويهڻ بعد، جنهن جو سدباب ڪندي، خود عالمگير جي حياتي بہ رائگان ٿي وئي.
1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ، مغل شهنشاهت ۾ انحطاط شروع ٿيو. ڏکڻ کان مرهٽن ۽ جاٽن غارتگري شروع ڪئي. اُتر ۾ ووهيلن ۽ سکن ڦرمار شروع ڪئي. مرهٽن جي طاقت روز بروز زور وٺندي ويئي. روهيلن دوآبه گنگا جمنا کي ڦرمار لاءِ آماجگاه بنائي ڇڏيو. دکن ۽ ائوڌ مرڪز کان ڇڄي ڌار ٿي ويا. نادر شاهه ۽ احمد شاهه جي حملن ڪري، مغل شهنشاهت جا صدين جا گڏ ڪيل خزانا لٽجي ويا ۽ سلطنت مفلوج ٿي ويئي. اورنگزيب کان پوءِ جيڪي تخت تي ويٺا، تن ۾ بابر، همايون يا جهانگير ۽ شاهجهان يا عالمگير جهڙي صلاحيت ڪو نہ هئي، اهي نالي طور کٽل واڻئي وانگي دوڪان هلائيندا رهيا. سندن بي حيائي ڪري شاهي محلات بيعزتيءَ جو رنگ محل بنجي ويو. حڪومت جون واڳون توراني ۽ ايراني اميرن جي هٿن ۾ هيون، جيڪي اقتدار حاصل ڪرڻ جي جنگ ۾ رڌل هئا ۽ تيمور جي پوين کي ڪاٺ پتلين وانگي نچائيندا رهيا. عالمگير کان پوءِ پٽس بهادر شاهه 64 ورهين جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو. سندس ڀاءُ اعظم سان ”جاجوئا“ جي جنگ لڳي، جنهن جنگ ۾ توڙي جو بهادر شاهه ڪامياب ٿيو، پر مرڪز جا مضبوط ايوان لڏي ويا. هو شخصيت رکندڙ هو پر عام طرح ”شاهه بيخبر“ ڪوٺبو هو. 1712ع ۾ مئو ۽ پٽس جهانداد شاهه تخت تي ويٺو، جو آرام طلب هو ۽ حڪومت سان کيس ڪا دلچسپي ڪو نہ هئي. يارنهن مهينن گذرڻ بعد فرخ تخت تي ٿاڦيو ويو، جو ڪمزور طبيعت جو هو. 1719ع ۾ کيس انڌو ڪيو ويو بادشاه سازباره سيد ڀائرن رفيع الدرجات کي تخت تي ٿاڦيو. پر ٽن مهينن کان پوءِ عالم بقا ڏانهن اُماڻيو ويو ۽ سندس وڏي ڀاءٌ رفيع الدوله کي تخت طائوس تي ويهاريو ويو، ليڪن 3 مهينا مس جيئرو رهيو. بعد ۾ محمد شاهه ”رنگيلي“ کي تخت تي ويهاريو ويو. هن شاهي مهر، پنهنجي پياري ملڪه ”ڪوڪي“ جي حوالي ڪئي، جا هڪ نچڻي فقيرياڻي هئي. حڪومت جو سمورو ڪاروبار سندس مرضيءَ مطابق هلندو هو. درٻاري امير بہ هن جي معرفت ڪم ڪڍائيند هئا. آصف جاهه نظام المڪ، جو ان وقت وڏو وزير هو، تنهن ڪوڪيءَ جي ڪرشمئه سازين متعلق هڪ ربائي چئي هئي:
”مردان نکنند خاڪ برسر چکنند
امروز زني بجائي عالمگير است“
مٿئين رباعيءَ جي جواب ۾ ڪوڪيءَ وٽس جيڪي بيت لکائي مڪا، سي اُن دور لاءِ آئينه دار آهن:
”نوبت زکيان بما کيان افتاد است
بازئي شگرفي بميان افتاد است
شايد کي سپهر سفله رقصد ز نشاط
شميرزدن بدف زنان افتاد است“
شاهي محلات ۾ ”ڪوڪيءَ“، ”حضرت قدسيه“ جي لقب سان سڏبي هئي، جا بدڪار عورت هئي، جنهن پنهنجي نوڪرن مان جاويد بهادر کي پسند ڪيو هو ۽ هن کي ”نواب بهادر“ جو خطاب ڏنو هو. شاهي امير جڏهن درٻار ۾ حاضري ڏيڻ ايندا هئا، تڏهن اهڙن موقعن تي محلات جا محافظ دروازه تي هڪ کودڙو ۽ هڪ ڪتي ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ ايندڙن کي چوندا هئا ته، دربار ۾ گهڙڻ کان اڳ نواب بهادر جاويد خان ۽ حضرت قدسيه کي ڪورنش ڪيو. هن واقع کي مؤرخن جن لفظن ۾ لکيو آهي، سي هيٺ ڏجن ٿا:
”و بمرتبه که کزه خري و ماده سگي بر دروازه قلعه بسته برائي مجرائي هردو ناپاک تکليف سلام بهر مجرائي بيباک مي نموده و ميگفتند که خرکره نواب بهادر ست و سگ ماده نواب قدسيه است“[2].
ڪلهوڙن جو سنڌ تي قبضو
ڪلهوڙن جي صاحبي جو دور 1131 هه 19 – 1718ع کان شروع ٿي 1197 هه (83 – 1782ع) ۾ پورو ٿيو. ميان آدم شاه بکري، اڪبري دور ۾ چانڊوڪي پرڳڻي جي جاگير مرزا عبدالرحيم خان خانان کان هٿ ڪئي هئي، تنهن جي ساليانو اُپت 12 لک روپيا هئي. سندس پوين هن جاگير کي زور وٺرايو ۽ مريدن ۾ بہ اضافو ڪيائون. غرض درويشي چولي ۾ وڏا ذميندار بڻجي ويا ۽ ”سرائي“ جي لقب سان سڏجڻ لڳا. ميان شاهل محمد بن دائود آدم شاهه طاقتور زميندار بنجي ويو، جنهن پنهنجن ابڙن مريدن جون زمينون ضبط ڪيون، جنهن تي وڏيري جلال خان ابڙي بکر جي نواب کي مرشد خلاف شڪايت پيش ڪئي ۽ ميان شاهل محمد بکر جي نواب سان وڙهندي شهيد ٿيو. ميان شاهل محمد کان پوءِ ميان نصير محمد بن ميان الياس بن دائود بن آدم شاهه 1068هه 1657ع ۾ گادي نشين ٿيو ۽ سندس فقير تر جي زميندارن کي تنگ ڪرڻ لڳا. ميان صاحب دادو پرڳڻي جي پنهور زميندارن جون زمينون ڦٻائڻ لڳو، شڪايتون بکر جي نواب کي پهتيون، جيڪو صلح ۽ صفائي لاءِ ميان صاحب کي عالمگير جي درٻار ڏانهن وٺي ويو ۽ حڪومت ميان صاحب کي قيد ۾ رکيو، جتان ڪنهن ترڪيب سان ڀڄي چانڊڪي پرڳڻي ۾ پهتو ۽ بکر جي نواب کي شڪست ڏيئي درياه جي کاٻي پاسي تي ساهتي پرڳڻي تي قبض ڪرڻ کان سواءِ مغل سرڪار کان سيوهڻ جو پرڳڻو ٺيڪي تي کنيائين. ميان صاحب 1696ع 1103 هه ۾ وفات ڪئي، پٽس سرائي ميان دين محمد گاديءَ تي ويٺو، جنهن پنهورن جي شهر فتح پور تي زوري قبضو ڪيو ۽ پنهور دهلي درٻار ڏانهن دانهن کڻي ويا. اهو عالمگير جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وارو زمانو هو. بهرحال دهلي درٻار امير جهان خان کي لشڪر ڏيئي، سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڳريلي وٽ جنگ لڳي، جهان خان مارجي ويو. هن واقعي کان پوءِ بکر جو نواب الله يار خان خوفزده ٿي ويو. اورنگزيب پنهنجي پٽ معز الدين کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. سرائي ميان دين محمد پنهنجي ڀاءُ ميان يار محمد کي شهزاده جي استقبال لاءِ سکر ڏانهن روانو ڪيو. سرائي جي اطاعت گذاري کي ڏسي، شهزادو خوش ٿي لاهور ڏانهن روانو ٿيو. اڃا واٽ تي هو تہ سرائي جي هڪ فقير مقصودي ماٿيلي تائين ڳوٺن کي ڦري ناس ڪري ڇڏيو، جنهن تي معز الدين موٽي سنڌ ڏانهن آيو ۽ ڇهن مهينن تائين سرائي جي زمينن کي برباد ڪندو رهيو، جڏهن سيوهڻ پهتو تہ ميان دين محمد روپوش ٿي ويو. آخر اچي پيش پيو. شهزاده هن کي ملتان جيل ۾ نظر بند رکيو، جتي 1111 هه 1700ع ۾ وفات ڪيائين.
ميان دين محمد کان پوءِ ڀاڻس ميان يار محمد هڪ هٿ ۾ ڏاٽو ۽ ٻئي هٿ ۾ ترار کڻي نڪتو. افراتفري مان فائدو وٺي سبي جي حاڪم بختاور خان پني ميان جي زمينن تي قبضو ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ قلات جي بروهي نواب بروهي لشڪر وٺي چانڊڪي پرڳڻي تي قبضو ڪيو. ميان يار محمد ٻنهين حملي آورن کان پنهنجون زمينون آزاد ڪرائي، معز الدين جي اطاعت منظور ڪيائين، جنهن تي دهلي درٻار پاران کيس ”خدا يار خان“ جو خطاب مليو. هن دادو جي ويجهو ”خدا آباد“ جون نئون تختگاه شهر جوڙايو. انهن ڏينهن ۾ ديره جات ۾ فساد پيو. ميان جي بلوچ سپه سالار مير شهداد خان فسادين کي مات ڪيو، جنهنڪري ميان يار محمد پاڻ کي دهلي درٻار ۾ سرخرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ميان صاحب 1131 هه 1719ع ۾ وفات ڪئي. ميان يار محمد کان پوءِ پٽس ميان نور محمد گاديءَ تي ويٺو، جنهن 18 سالن جي عرصي اندر سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. دائود پوٽن کان سري ۾ شڪارپور هٿ ڪيائين، دائود پوٽن جي سردار بهاول خان، مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي 1749ع ۾ بهاولپور رياست جو بنياد وڌو. ميان نور محمد مهرن کان لکي جو شهر فتح ڪيو ۽ 1144 هه ۾ قلات جي بروهي نواب مير عبدالله خان کي جو ”هبارڪوهستان“ جي لقب سان سڏبو هو، تنهن کي سني جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي، ڪڇي جي شهرن شوران، جهل ۽ ڀاڳناري تي قبضو ڪيو، لاڙ ۾ ڪڪرالي جي ڄامن کي شڪست ڏنائين. 1151 هه – 1736ع محمد شاهه رنگيلي، ٺٽو سرڪار ميان نور محمد خان کي ٺيڪي تي ڏيئي کيس ”خدايار خان“ جو خطاب ڏنو. سنڌ تي ڪلهوڙن جو قبضو ٿي ويو.
نادر شاهه جو بکر تي قبضو
1764ع ڌاري محمد شاهه جي ڏينهن ۾ مغل شهنشاهت جا حصا مرڪز کان ڇڄڻ لڳا، چنانچه نظام الملڪ آصف جاهه دکن ۾، سعادت علي خان ائوڌ ۾ خود مختيار حڪومتون قائم ڪيون. مرهٽن جي پيشوا باجي راءُ گجرات، مالوه ۽ بنديلکنڊ تي 1742ع ۾ اوڙيسا، بنگال ۾ بهار تي قبضو ڪيو. 1738ع ۾ نادر شاهه طوفان وانگي اٿيو. ڪابل ۽ 1739ع ۾ پنجاب کي لتاڙي ڪرنال جي جنگ ۾ مغليه لشڪر کي شڪست ڏيئي دهلي پهتو ۽ شهر کي لٽڻ ۽ قتل ڪرڻ کان پوءِ ويهه ڪروڙ نقد، طائوسي تخت بابر جي ڏينهن کان گڏ ٿيل زر ۽ جواهر، ڪوهنور هيري سميت هٿ ڪري، محمد شاهه سان ڪيل عهدنامي موجب، اٽڪ کان سمنڊ تائين مهراڻ جي اولهندي ڪپ وارن پرڳڻن تي قبضو ڪري، ڪابل ڏانهن موٽيو. اٽڪل اَسي ڪروڙن جي ملڪيت لٽي مغل شهنشاهت کي کوکلي ڪري ويو[3]. نادر شاهه کي رڌل ڏسي ميان نور محمد ڍل ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو، جنهن تي 1152 – 1739ع ۾ نادر شاهه ڪابل کان لاڙڪاڻي پهتو. ميان صاحب خوف کان عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪو، جتي نادر شاهه کيس سوڙهو ڪري، هڪ ڪروڙ رپيا ڦري مٿس ويهه لک روپيا سالياني ڍل مقرر ڪري، بکر، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کي ايران سان لاڳو ڪري، بکر جي قلعي کي ڪيرائي، نئين سر تعمير ڪرائي، ميان نور محمد کي ”شاهه قلي“ خان جو خطاب ڏيئي واپس موٽي ويو.
احمد شاهه دراني جو سکر پهچڻ
1160 هه – 1747ع ۾ نادر شاهه، قزلباش هٿان قتل ٿيو. افغانستان، خراسان ۽ مهراڻ جي اولهندي وارا پرڳڻا احمد شاهه درانيءَ جي هٿ چڙهي ويا، جنهن ميان نور محمد کي ”شاهنواز خان“ جو خطاب ڏنو. ميان صاحب قنڌار کي ڍل پهچائڻ ۾ دير ڪئي، جنهن تي 1167 هه ۾ احمد شاهه دراني سکر پهتو. ٻيڙين وسيلي پل تيار ڪرائي روهڙي پهتو. ميان نور محمد خان خوف کان جيسلمير ڏانهن ڀڄي ويو، جتي وفات ڪيائين. سندس جنازه موري تعلقه جي احمد آباد ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. احمد شاهه، ميان صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان کي ”سر بلند“ جو خطاب ڏيئي موٽيو، پر ميان صاحب ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ڪا نہ هئي، ان ڪري اميرن گڏجي ميان غلام شاهه خان کي تخت تي ويهاريو.
امرڪس جي جنگ
ميان نور محمد خان جي مُئي کان پوءِ سندس پٽن ۾ نا اتفاقي پئجي ويئي. ميان عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودي گڏجي روهڙيءَ جي ڀر واري واھہ امرڪس وٽ ميان غلام شاهه سان جنگ جوٽي، پر شڪست کاڌائون. عطر خان قنڌار ڏانهن دانهن کڻي ويو، اتان نا اُميد ٿي بهاولپور جي دائود پوٽن ۽ اتي جي خيرياڻي سردارن کان مدد وٺي جنگ ڪرڻ آيو، پر اوٻاوڙه وٽ شڪست کاڌائون. ميان غلام شاهه سنڌ جو حاڪم ٿيو. ميان غلام شاهه دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. هن واپار جي ترقي لاءِ 1758ع ۾ اورنگا بندر جي ويجهو شاهڪار (شاهبندر) تعمير ڪرايو. اورنگا بندر شهزاده اورنگزيب 1061 هه جي مابين تعمير ڪرايو هو، جڏهن هو، شاهجهان جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي صوبيدار ۽ بکر ۽ سيوهڻ جو تيولدار ٿي رهيو هو[4]. ميان غلام شاهه 1763ع ۾ ڪڇ جي راءُ کان بستا ۽ لکپت جا بندر ۽ قلعا فتح ڪيا. ڪلهوڙن گهڻائي تختگاھہ شهر تعمير ڪرايا هئا. جهڙوڪ: خدا آباد، مراد آباد، شاه ڳڙه ۽ محمد آباد، مگر انهن کي آبڪلاڻي کان خطرو هو، تنهنڪري ميان غلام شاهه 1768ع ۾ گنجي ٽڪري جي شاخ تي نئون قلعو حيدرآباد تعمير ڪرايو، جنهن ٺٽي کان پوءِ صنعت ۽ واپار ۾ ترقي ڪئي. ميان جي جنرل بهرام خان ديره جات جي ناهرن کي شڪست ڏني، انهن ڪارنامن جي ڪري احمد شاهه ابداليءَ ميان صاحب کي ”شمس الدولت“ ۽ ”صمصام الدوله“ جا خطاب ڏنا هئا. 1772ع ۾ ميان غلام شاهه وفات ڪئي. پٽس ميان محمد سرفراز خان گادي تي ويٺو، جنهن هالا تعلقه ۾ نئون تختگاھہ خدا آباد وڏن جي يادگيري لاءِ تعمير ڪرايو.
ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو
1773ع ۾ احمد شاهه دراني وفات ڪئي ۽ پٽس تيمور شاهه ڪابل جي گادي تي ويٺو. ميان سرفراز خان پنهنجي فوجي عملدارن ٽالپرن سان ڦٽائڻ لڳو، جيڪي ڪلهوڙن جا مريد هئا. هن مير بهرام خان کي مارائي ڇڏيو. ميان غلام نبي خان بہ 1777ع ۾ ٽالپرن سان ڦٽائڻ ڪري مارجي ويو. ٽالپرن سندن ڀاءُ عبدالنبي خان کي گاديءَ تي ويهاريو، جنهن مير بجر خان کي مارائي ڇڏيو ۽ خوف کان ڪابل ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اُتان مدد خان پٺاڻ کي ساڻ وٺي آيو، جنهن لاڙ تائين سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري ويران ڪري ڇڏيو[5]. ميان عبدالنبي نہ ڪابل کي ڍل پياري سگهيو، نہ ٽالپر مريدن سان صلح رکي سگهيو، اٽلندو پٺاڻن کان سنڌ کي تاراج ڪرايائين، ٽالپرن جي سردارن مير فتح خان ۽ مير عبدالله خان کي قتل ڪرايائين. جنهن تي ٽالپرن پهريان لنياري جي جنگ ۽ 1783ع ۾ هالاڻي جي فيصلي ڪن جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪستون ڏيئي، سنڌ تي قبضو ڪيو.
بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير
اهو ياد رکڻ گهرجي تہ قنڌار جي سدوزئي درانين جي ڏينهن ۾ سنڌ جي سري وارو ”مغولي“ پرڳڻو، جنهن ۾ بکر جو قلعو، سکر، شڪارپور ويندي مديجيءَ تائين شهر ۽ ڳوٺ ڪابل قنڌار جي ماتحت هئا. افغان نائب شڪارپور ۾ رهندو هو سن 1192 هه – 1778ع ۾ تيمور شاهه جي حڪم سان نواب صديق بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي. ڪنهن شاعر هن واقع جي تاريخ هن طرح لکي آهي:
در زمان شاهه عالم دين پناه
خسرو عالم ز ماهي تابماهه
خاک جائش فخر اورنگ برين
اوج فرتش رتبهء تاج و کلاه
مي کند گلشن گياهه خشک را
لاله درشوره رويد از نگاه
شاهه تيمور آنکه با لطف خدائي
باد دائم برسرش ظل الله
ساخت از سربنده صديق خان
قلعه بهکر بحکم شاهه
چون بخواهي سال تاريخش صفا
گوبزيبد قلعه تيمور شاهه
1192 هه
تجارتي صنعتي حالت
18 صديءَ جي وچ ڌاري آدمشماري ۽ واپار پراڻن شهرن مان نڪري نون شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو، مير پور خاص ۽ ٻيا شهر جڏهن اسريا، تڏهن پراڻا شهر ڦٽندا ويا. انهن شهرن جي بنياد، اُوسر ۽ واڌاري جي مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي وقت سان ڀيٽ ڪرڻ دلچسپي ٿيندي.
شڪارپور
شڪارپور جي بنياد کي اتر سنڌ جي ڪوري حڪمران دائود پوٽن 1026 هه– 1617ع ۾ وڌو. شهر جي لکي دروازه ٻاهران، حاجي فقير دولا جي لڳل ڪتبي ۾ ”غوڪ“ لفظ ڏنل آهي. ابجد موجب غوڪ لفظ جي تشريح آهي 1026 هه سندس جاگرافيائي بيهڪ بولان لڪ جي ڏکڻ ۾ آهي، ان ڪري افغانستان ۽ قلات کان آمدرفت سولي هئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ خراسان ۽ وچ ايشيا سان خشڪيءَ رستي واپار جو وڏو مرڪز بنجي ويو ۽ شڪارپور جي سيٺين جون هنڍيون اُسترا خان کان ڪلڪتي تائين هلڻ لڳيون[6]. هڪ زرخيز علائقي جي وچ ۾ هئڻ اتر سنڌ ۾ هن عرصي جي پوئين دور ۾ وڏو واپاري مرڪز بنجي پيو هو. سنڌ جي ٻين شهرن وانگر، هن شهر جي اهميت ڪو سندس صنعت ۽ مال تيار ڪرڻ ڪري ڪا نہ وڌي، پر هي شهر مشهور انهيءَ ڪري ٿيو، جو شڪارپور جي صرافن جي بئنڪن جي ڏيتي ليتي سموري برصغير کان وٺي وچ ايشيا جي ڪئسپيئن سمنڊ تائين هلندي هئي. شهر جو واپار ڪو ايترو گهڻو نہ هو، پر هتي جي صرافن جا گماشتا هيٺين شهرن ۾ رهندا هئا: مسقط، بندر عباس، ڪرمان، يزد، مشهد، اُسترا خان، بخارا، سمرقند، يار قند، ڪندوز، خولم، سبزاور، انڌار، غزني، ڪابل، پشاور، ديرو اسماعيل خان، لهيا، ملتان، امرتسر، لاهور، بهاولپورا، جيسلمير، بيڪانير، پالي، ڪوڪن، بمبئي، حيدرآباد دکن، ڪلڪتو، مرزاپور، سلر، حيدرآباد سنڌ، ڪراچي، مانڊوي، قلات[7]. توهان ڏٺو تہ صرافن جا گماشتا وچ ايشيا کان وٺي اڀرندي ۾ هگلي ۽ ڏکڻ ۾ دکن تائين، وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون مهيا ڪندا هئا. تقسيم هند تائين شڪارپور جا صراف هندوستان جي مشهور بئنڪرن ۾ شمار ٿيندا هئا. 19 صديءَ جي اوائل ۾ انگريزن جي اچڻ وقت، جيتوڻيڪ شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا اهڙا شهر هئا. جهڙوڪ: اروڙ، روهڙي، سکر، لکي وغيره تن کان هي شهر وڌيڪ سکيو هو[8]. شڪارپور جي آسودگي 1715ع کان شروع ٿي، جڏهن قنڌار جي افغان حاڪمن هندن کي حفاظت جو يقين ڏياريو ۽ انجام ڪيائون ته، جيڪڏهن هو پنهنجي واپار کي ترقي ڏيندا ۽ رڌل رهندا تہ هنن تي آئيندي ڪنهن بہ قسم جو ظلم نہ ٿيندو. ايتري تسڪين هوندي بہ شڪارپور جو شهر ٺٽي، نصرپور يا سيوهڻ جي بلندين کي ڪين پهتو، توڙي جڏهن شهر جي آبادي انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت 22000 هئي[9].
لاڙڪاڻو
باغات ڪري سنڌ جو ”باغ عدن“ ڪوٺبو هو. چوڻي آهي ”هجيئي ناڻو تہ گهم لاڙڪاڻو“. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هي شهر فوجي ڇانوڻي هئڻ ڪري، سنڌ جو وڏو شهر هو. ميان نور محمد قلعو اڏائي مٿس توبون رکايون هيون ۽ شاهه بهارا هتي جو نائب هو. ميل پرڳڻي جي زرخيز هنڌ ۽ وچ تي ٻڌل هو، اناج جي سري ۾ وڏي منڊي هئي. 1831ع ۾ اليگزينڊر پرنس جو بيان موجب شهر جي آبادي . . . .“ 12 هئي[10].
سيوهڻ
بکر وانگر آڳاٽي زماني کان سيوهڻ سنڌ جي بچاءُ لاءِ هڪ دروازي جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. اهڙي فوجي اهميت ڪري اسلام کان اڳ اسڪندر يوناني قلعو اڏايو هو. محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو تہ ان جو توجه يڪدم سيوهڻ ڏانهن ڇڪيو. سومرن لاڙ کي وسايو مگر سمن سيوهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. ٺتي فتح ڪرڻ کان اڳ شاهه بيگ ارغون سيوهڻ ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا. معزول شهنشاهه همايون بہ هن قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج مارائي هئي. عبدالرحيم خان خانان هنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ رکيو هو. مغلن جي پوين ڏينهن ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي خداآباد جو نئون شهر دادو جي ڀرسان آباد ڪيو، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن مهراڻ جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد هالن واري تعمير ڪيا تہ سيوهڻ جي اهميت گهٽجڻ لڳي. انگريزن جي راڄ بعد سيوهڻ هڪ ننڍي ڳوٺ جي شڪل ورتي. ڊبليو – ڊبليو هنٽر جي گزيٽئر موجب 1872ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري 4249 هئي. جي – ڊبليو سمٿ جي گزيٽئر مطابق 1911ع ۾ شهر جي آدمشماري 4789 هئي. مغليه دور ۾ سيوهڻ باغات ۾ ميوات ڪري مشهور هو. 1635ع ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ سان واپار شروع ڪيو، سيوهڻ ڪڻڪ، نير ۽ ڪپڙي ڪري مشهور ۽ سيد عثمان مروندي لعل شهباز قلندر رح جي زيارتگاهه ڪري هن شهر جو نالو قائم آهي.
حيدرآباد
ڪلهوڙن تاجدارن مان ميان غلام شاهه خان 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر ٻڌايو هو. ان وقت تائين، ٺٽي جو سمورو شان ۽ اهميت ختم ٿي وئي هئي. ۽ ان جي جاءِ وري حيدرآباد ورتي. حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاه بنايو ويو، ۽ ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت جو صدر مقام بہ حيدرآباد ئي رهيو، پر تڏهن بہ حيدرآباد کي ٺٽي جهڙو اوج ڪنهن بہ وقت حاصل ٿي نہ سگهيو. هي شهر گنجي ٽڪر تي بيٺل آهي، آس پاس زرخيز زمينون هئس. هڪ پاسي ٽن ميلن تي دريا هوس تہ ٻئي پاسي ۾ مدامي وهندڙ ڦليلي هئس. ان ڪري جلد ئي صوبي جو مکيه شهر بنجي ويو. پر سندس اهميت ٺٽي، لاهري بندر ۽ شڪارپور جي برعڪس فقط مقامي هئي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪزن مان هو. هتي هٿيارن جا ڪارخانا هئا.
ڪراچي
سنڌ جو لاهري بندر ان وقت سڄو واريءَ ڪري لٽجي سڪي ويو هو. ميان غلام شاه خان شاهبندر مهراڻ جي ڇوڙ تعمير ڪرايو هو. ڪراچي بہ جهونو بندر آهي، جو سڪندر يوناني جي هتي پهچڻ وقت ڪڪرالا علائقي ۾ هئڻ سبب ”ڪروڪلا“ سڏبو هو. هندن جي ڏند ڪٿائن مطابق سري رامچندر بنواس ٿيڻ واري زماني ۾ هت رهيو هو ۽ سندس اچڻ ڪري مٿس ”رام باغ“ نالو پيو هو. ڪن جو چوڻ آهي تہ ڪراچي ”ڪلاچي“ لفظ مان نڪتل آهي، جو چيو وڃي ٿو تہ اتي پسگردائي ۾ مهاڻن جو هڪ ڳوٺڙو هو. پهريان قلات جي قبضي ۾ هو ۽ ”قلاتي بندر“ ڪوٺبو هو. حب ندي جي الهندي ڪپ ڇوڙ واري هنڌ جي ”ڪرڪ“ بندر جي سڪي وڃڻ ڪري، هندو سيٺ ڀوڄومل هتي اچي رهيو ۽ جهوپڙين جي ميڙ کي ڪچي ديوار ڏياريائين، جنهن کي ٻہ دروازا: (1) مٺو در (2) کارو در. اهي نالا اڄ بہ سڏجڻ ۾ اچن ٿا. پوسٽن جي بيان موجب ڪراچي جي آدمشماري فقط 8000 اٺ هزار هئي[11]. سيٺ ڀوڄومل جي پٽ سيٺ درياني مل جي نياڻي ديوان واڌومل حيدرآبادي جي پٽ بهارمل جي گهر ۾ هئي. ديوان واڌومل ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ وڏي عهدي تي هو، تنهن کي ٽالپرن قيد ڪيو، جنهن تي ڪراچيءَ جي سيٺين ڪي رعايتون ٽالپرن کان وٺي قلعي جون چاٻيون 1795ع ۾ ميرن کي حوالي ڪيون ۽ قلات جو نائب ڪراچي ڇڏي ويو. ميرن منهوڙي جي ٽڪريءَ تي ڪچو قلعو اڏائي مٿي توبون رکايون[12]. شهر جا اڌ رهاڪو هندو باقي بلوچ، جوکيا، جت ۽ مهاڻا هئا. ڪراچيءَ کي پنهنجي صنعت ڪا نہ هئي، پر ان هوندي بہ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي، ملبار جي بندرن، بندر عباس ۽ زنگبار سان سندس ڪافي واپار هلندو هو. هتي جي ڪيترن هندو واپارين جا گماشتا ۽ ڪوٺيون شڪارپور، بهاولپور، ملتان، مانڊوي، بمبئي، مسقط، بحرين، هرات، قنڌار ۽ ڪابل ۾ هيون[13]. اهي سنڌ جا نوان شهر جي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ هئا، سي پراڻن شهرن جي مقابلي ۾ نہ وڌيڪ سکيا، نہ وڌيڪ آباد ۽ وسيل نہ وري واپار جا مرڪز هئا.
سکر سونهارو تجارت ۽ صنعت
سکر سونهارو، سنڌ جي پراڻن شهرن مان هو. پکيڙ ۽ آدمشماريءَ ۾ ٺٽي جي مٽ ڪو نہ هو، پر هن کي ڊگهي حياتي حاصل ٿي هئي ۽ سندس پاڙون صنعت ۽ واپار جي لحاظ ڪري نهايت پختيون هيون. سندس اتر ۽ ڏکڻ کان مٺو مهراڻ وهي ٿو ۽ شهر جي اتر – الهندي ۽ ڏکڻ ۾ سونهري ٽڪرين جون قطارون، سرسبز کيتيون، باغ ۽ نخلستان جي ڪري قدرت جي صناعي هٿن ڪري صاف، سٺو ۽ وڻندڙ شهر آهي، جو شيراز جي مصلي و آب رڪناباد جون سڪون لاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو جن بزرگن هن شهر کي وسايو، سي هن شهر جي خاڪ پاڪ ۾ ابدي ننڊ ۾ آهن. بقول حافظ رحه:
نمي دهند اجازت مرابه، سير و سفر
نسيمِ باد مصلي و آب رڪناباد
مٺي مهراڻ جي ناز خرامي، آثار قديمہ ۽ باغن ۽ ميون جي ڪري، هتي جي فرخ بخش ۽ گلريز زمين، عراق، فارس، بغداد، تبريز ۽ فرات ۽ دجله کان وڌيڪ دلاويزيءَ جو سامان مهيا ڪري ٿو ۽ سندس گُل افشاني جو انداز دلين کي موهيو ڇڏي. اها حقيقت آهي تہ شڪارپور، لاڙڪاڻو توڙي حيدرآباد آدمشماريءَ جي لحاظ کان سکر کان وڏا شهر هئا، مگر قطعي گندا هئا. سکر پنهنجن قدرتي جلوه گرين جي ڪري پاڪ ۽ صاف هو. مثلاً: حيدرآباد نئون تختگاه شهر هو، پر ڏاڍو سوڙهو ۽ گندو شهر هو. هتي جي بازار هڪ ميل ڊگهي ۽ بڇڙي طرح اڏيل هئي، منجهس وڪري لاءِ مال ۽ اسباب ڪافي رکيل هو. ڪرنل ڪيٿ ينگ ان لاءِ هيئن لکيو آهي:
”ڪهڙي نہ بڇڙي جڳهه آهي هيءَ حيدرآباد؟ مون اهڙو بڇڙو ۽ گندو بدبودار شهر، ڪو ورلي ڏٺو آهي، مون کي ماڻهن جي بيمار ٿيڻ ۽ شهر کي ڌڪارڻ تي ڪو تعجب نہ ٿيندو آهي“[14].
شڪار پور عيسوي 17 صديءَ جي شروعات ۾ وجود ۾ آيو. پرپوسٽن جو ڪتاب، جو 1843ع ۾ شايع ٿيو، تڏهن شهر کي ”گندي ۽ ڦٽل حالت ۾ ڏٺائين“[15].
ڪراچيءَ متعلق ڪرنل ڪيٿ ينگ ڏسي چوي ٿو ته:
”ڪراچيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪين هو جو رڳو مڪڙ ڪانيرن ڪرڻي لاءِ ترسي پون ڪراچي ڏاڍي نامراد جڳهه آهي.“
ڪراچي جي پسگردائي واري خشڪ ۽ سڃي ملڪ کي ڏسي، ڪرنل ڪيٿ ينگ کي ڪراچيءَ جو نظارو سر والٽر اسڪاٽ جي زماني جي اسڪاٽالنڊ جا مٿانهان پٽ اچي ياد پيا، سو مزاحيه انداز ۾ هڪڙي شاعر جي نظم مان هي ٽڪرو چونڊي چوي ٿو:
”جيسين نظر پهتي ٿي، اوستائين ڪو ٽڻ بہ ڪو نہ هو، زمين جهنگلي ۽ ڌڪاريل گاه (ٿوهر) سان ڍڪيل هئي ۽ واٽ ويندڙ پکين کان سواءِ پکي پکڻ بہ ڪو نہ ٿي اڏاڻو، ماکيءَ جي مکين جي ڀون ڀون نہ هئي، ڪنهن ڪبوتر بہ ڪوڪو ڪا نہ ٿي ڪئي، عنبر جهڙي لسي ۽ عنبر جهڙي صاف ڪا نهر ڪا نہ ٿي وهي، نڪو ڪو ان جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو“[16].
سکر پنهنجي موقع ۽ محل ڪري هميشه کان ترقي ڪندو رهيو. انهيءَ موقع ۽ محل ڪري ڌارين ملڪن جو مال سکر پهچي پوءِ هتان ويندو هو. خصوصاً اتر هندستان جي مال جو نيڪال سکر کان ٿيندو هو. سکر ۾ مڇيءَ جو مقدار ايترو گهڻو هو جو مقامي کاپي کان پوءِ بہ سڪائي، لوڻي، دونهاٽي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. ڊيوريٽ باربوسا 1516ع ۾ سنڌ جي عاليشان مڇي جي صنعت ۽ اتر هندستان ۽ ٻين ملڪن سان هلندڙ بر آمدي واپار جو ذڪر ڪيو آهي. اڄ بہ مڇيءَ جو وڏو حصو پنجاب ڇڪي ٿو. سکر جي مهاڻن وٽ مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ لاءِ سندون موجود آهن:
سنڌ جي سري ۾ سکر کان سواءِ ٻيو ڪو موزون شهر ڪو نہ هو. چنانچه لاهور، ڪشمير، صوبه سرحد، ديرجات، قنڌار، بيڪانير، جيسلمير ۽ ملتان جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ جي ڊيلٽا وارن بندرن کان ٻاهر ويندو هو. مٿي نڪولس وٿنگٽن جو بيان پڙهي چڪا آهيو، جو جهانگير جي ڏينهن ۾ هن گجرات ڏانهن ويندڙ مال سان ڀريل جهاز گجرات ڏانهن سکر کان ويندي ڏٺا هئا. مهراڻ جي مال آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ سکر ۾ جهازسازيءَ جو ڪارخانو هو ۽ هتي مهاڻن جي بستي هئي، جيڪي مڇي ۽ پلن جو شڪار ڪندا هئا. هڪ روايت موجب سمنڊ جا پلا سکر جي خواجه خضر واري ٻيٽ تائين زيارت ڪرڻ ايندا هئا. ٻيڙين جو ڪاٺ ڪشمير کان براه جهلم سکر پهچندو هو. اڄ بہ مياڻي ۾ ڪاٺ جون مڏيون ۽ ٻيڙيون جڙن ٿيون. اهو سکر جو موقع ۽ محل هو، جو انگريزن هن جي اهميت کي معلوم ڪري، ضلع جو صدر مقام جوڙيو هو. هندستان جي مختلف صوبن جا رستا سکر واري رستي سان گڏبا هئا. سامونڊي واپار ۾ جيسين عام سهولتون پيدا ڪو نہ ٿيون هيون، تيسين وچ ايشيا ۽ خراسان جون مختلف جنسون قافلن ذريعي سکر پهچنديون هيون ۽ هتان ٻيڙين وسيلي ڊيلٽا جي بندرن تان ڏيساورن ڏانهن بر آمد ٿينديون هيون. سنڌ جا بندر اورنگا بندر، شاهبندر، پستا ۽ علي بندر ۽ ڪراچي، ملبار، بمبئي، سورت، مانڊوي، مسقط، هرمز بحرين ۽ زنگبار ڏانهن مال روانو ڪندا هئا. انهيءَ طرح سکر کان قافلا ڀرجي هندستان جو مال خشڪيءَ جي رستن کان استنبول، مصر ۽ يورپ ڏانهن ويندو هو. امير تيمور سمرقند کان تبريز تائين واپاري رستو تعمير ڪرايو هو. هن شاهراه جي هر هڪ منزل تي مسافرن جي سهولت لاءِ سرائون تعمير ڪرايون هيون، جتي پاڻي ۽ گاه جو جوڳو انتظام ڪيل هو. ڪلهوڙا حڪمران زراعت پيشه هئا، هنن زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ نوان واھہ کوٽايا هئا. سکر جي آس پاس واريون زمينون نهايت زرخيز هيون، چوپايه مال جي جهجهائي هئي. سکر تيل ۽ گيهه جي سري ۾ مارڪيٽ هئي. گيهه ايتري انداز ۾ ٿيندو هو، جو ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ هئڻ ڪري، مهراڻ وسيلي ٺٽي پهڇندو هو، اتان مسقط ۽ هندستان جي شهرن ڏانهن ويندو هو. مڇيون، ميوو، گيهه، چانور، ڪڻڪ ڀاڄيون ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون هيون، سستائي جو زمانو هو، هندستان جون شيون بہ هتي وڪامنديون هيون. في ڪڪڙ قيمت ٽڪو، في رڍ جي قيمت هڪ روپيو ۽ في مڻ ڪڻڪ جي قيمت ڏهه آنا هئي. سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جي باغن جي وڻن هيٺان آن جا ڍير لڳل هئا، خواتين بہ واندڪائيءَ ۾ گڏجي چرخن تي سٽ ڪتي، ڪورين کان ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ڪپڙو تيار ڪرائينديون هيون. اُتر سنڌ ۾ سکر، روهڙي ۽ لکي ڪپڙي اُڻڻ جا مرڪز هئا. سنڌ ۾ سکر جو چمڙو ۽ تراريون بہ مشهور هيون. ڪلهوڙن کي سنڌ مان اَسي لک روپيا اُپت هئي، ملڪ ۾ پئسو ٿورو هو ۽ روپيه جي قيمت چوٽ چڙهيل هئي. انگريز واپاري لکن ٿا تہ سنڌ جي ڪنهن بہ وڏي شهر ۾ هڪ سؤ روپيا روڪ هٿ ڪرڻ لاءِ گماشتا شهر جي بازارين جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ڊڪ ڊوڙ ڪندا هئا. وليم فنچ 1608ع – 1611ع ۾ سنڌ ۾ آيو، چوي ٿو ته: ٺٽو، روهڙي ۽ سکر جو واپار پنجاب جي وڏن شهرن سان هلي ٿو، هتي آفيم جا وڏا ذخيرا هئا. اورنگزيب جي مرڻ 1707ع ۾ مٿيون واپار پنجاب سان جاري رهيو، پر 18 صدي جي اڌ کي ڏسجي ٿو تہ واپار جا آثار چڱا نظر اچن ڪين ٿا اچن[17]. ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن جي پاڻ ۾ خانه جنگي، ميان عبدالنبي جي ٽالپرن سان خصومت ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ ڪري سمورو صوبو وڳوڙن ۽ مونجهاري ۾ هو، سنڌ جي واپار ۾ مقامي صنعتن ۾ رفته رفته زوال اچڻ لڳو. 1764ع ۾ سنڌ جي واپار تي هڪ عام جمود ڇانيل هو، غير يقيني حالتن جي ڪري وڏن شهرن مان تاجر ۽ ڪاريگر لڏي ويا. ٺٽي ۽ سکر درميان هلندڙ ڳچ جيترو واپار، محصول اڳاڙيندڙن جي ڪڪ ڪندڙن چٽين ۽ اجائي دير مدار ڪري ڪراچي ڏانهن منتقل ٿي ويو. ٽالپرن جي دور ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون[18].
گهرو لڙاين ۽ ٻاهرين ڪاهن جي ڪري معاشي آسودگيءَ ۾ زوال جا آثار نظر اچڻ لڳا. صنعتون ڦٽڻ لڳيون، واپار گهٽجي ويو، پراڻا شهر ويران ٿيندا ويا، انهن جي جاين تي شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جهڙا شهر اُسريا، پر انهن کي ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ سکر جهڙو اوج نصيب نہ ٿيو.
عوامي زندگي
ضرورت آهي تہ هن مضمون ۾ عوامي زندگي جي هڪ جهلڪ ڏيکارجي، تا تہ خبر پئجي وڃي تہ عوام جي زندگيءَ جو اسلوب ڪهڙو هو. زماني قديم کان سمورا ڪم بادشاهن جي ذمي هئا ۽ غريبن ۽ حاجتمندن کي پنهنجي جود ۽ سخا سان مالا مال ڪرڻ جو ڪم بہ سندن بلي هو. ظاهر آهي تہ هڪڙو شخص سڄي ملڪ جي حاجتن جو ڪفيل ٿي نہ ٿو سگهي، مگر سوال آهي تہ اڄ اها ساڳي ڪيفيت آهي؟ ذاتي ۽ عوامي ضرورتن جو قبلو بہ حڪومت کي ڄاتو وڃي ٿو. ادب ۽ شعر جي سرپرستي ڪري تہ حڪومت، ثقافتي سرگرمين لاءِ روپيا بہ حڪومت ڏي. ايتري شور ۽ غوغا هوندي بہ اڄڪلهه جون حڪومتون، گذريل زماني جي بادشاهن جي مقابلي ۾ ڏهين حصي جيترو بہ ڪري نہ ٿيون سگهن. اڃا اهو دور پري آهي، جڏهن عوام پنهنجن سرگرمين جو ڪفيل پاڻ ٿيندو. جڏهن تعليم ۽ ثقافت ۽ ضرورتمندن جي امداد لاءِ حڪومت اڳيان هٿ ٽنگڻ کي پاڻ لاءِ ذات سمجهڻ لڳندو. اسلامي راڄ متعلق اهو واضح سمجهڻ گهرجي تہ بادشاهه، ان جا جاگير دار ۽ امرا، صوبيدار ۽ ملڪ جا رئيس ۽ ڪارڪن سمورا عوام جي شخصي ۽ اجتماعي ضرورتن جي ڪفالت ۾ مصروف رهندا هئا. جتي بہ غريب ۽ افلاس کي ڏسندا هئا، تہ پنهنجن سمورن وسائلن کي انهن جي تلافي ڪرڻ تي لڳائيندا هئا ۽ حتي الوسع ڪوشش ڪندا هئا تہ ملڪ جي خوشحالي ۽ فارغ البالي قائم رهي ۽ اهو پاڻ تي خدائي فرض سمجهندا هئا.
جنهن دور جو اسين ذڪر ڪريون ٿا، ان زماني جي اقتصاديات مطابق عوام سادي زندگي بسر ڪندو هو ۽ پنهنجي ديني يا معاشرتي ۽ رسمن تي پابند هو. ٻار جي ڄمڻ تي مسلمان ۽ هندو خوش ٿيندا هئا. مسلمان نو مولود جي ڪن ۾ ٻانگ ڏيندا هئا. بعد عقيقي ۽ ختنه جون رسمون غوغا آرائي سان ادا ڪندا هئا. هندو پنڊت کي سڏائي جنم پتري تيار ڪرائيندا هئا، وري جڏهن ٻار پنجن سالن جو ٿيندو هو تہ هن کي گروءَ جي حوالي ڪندا هئا ۽ مسلمان ٻارن کي آخوندن جي مڪتبن ۾ داخل ڪندا هئا. وري جڏهن ٻار جوان ٿيندا هئا تہ سندن شاديون ڪرائيندا هئا. هندو توڙي مسلمان هر حالت ۾ ناٺين ۽ ننهن جي انتخاب جو ڪم بزرگن جي سپرد ڪندا هئا. اهي پوري جاچ ڪرڻ کان پوءِ احتياط سان رشتا تجويز ڪندا هئا. بعد ”منڱڻي“ ڪندا هئا ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪنوار کي ساهري گهر وڃڻو پوندو هو. فوتين جو ٽيجهو ۽ چهلم تي قرآن خواني ٿيندي هئي.
ائين معلوم ٿئي ٿو پويون رسمون هندن کان مسلمانن سکيون هونديون ڇو تہ اسلام جي ابتدائي دور ۾ هن رسم جو سراغ نہ ٿو ملي. مسلمان عيدالفطر، عيدالاضحيٰ، شب برات، عاشوره محرم ملهائيندا هئا. هندو شو راتڙي، ڏياري، دسهڙو، هولي، ۽ بسنت پئنچمي تي بعض رسمون تماشن سان ملهائيندا هئا. ڏياري تي مسلمانن کي بہ مٺايون ورهائيندا هئا ۽ هولي ڏينهن شراب پي بازارن ۾ مستيون ڪندا هئا. ڪپتان هئلمٽن عيسوي 17 صدي جي پڇاڙيءَ ڌاري ٺٽي ۾ آيو هو. لکي ٿو ته، شهر ۾ ڏهن هندن جي شمار ۾ هڪ مسلمان هو. اخلاق ۽ وضح جي حالت اها ساڳي هئي جا اڄ کان سٺ سال اڳ عوام لاءِ طرهء امتياز هو. اڄ ورلي ڪن ڳوٺن جي پوڙهن ۾ آڳاٽي تهذيب جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جيڪي ڳوٺ تهذيب حاضره کان متاثر ڪو نہ ٿيا آهن. اڄ معاشري جي اعتبار کان بي شمار نوان عيب نظر اچن ٿا؛ ان جو سبب آهي جديد ماحول جون پيچيدگيون. گذريل زماني ۾ عيب ۽ ثواب جو تصور محدود رهيو. مثلاً: شراب ۽ عورت جا عيب علي العلوم نهايت ناپسنديده سمجهبا هئا. بلاشبه بالائي طبقو ان ۾ مستغرق هو؛ پر عوام اهڙين بدڪارين کان بچيل هو ۽ بزرگن جي طور طريقي تي نهايت ايمانداري سان قائم رهڻ، شرافت سمجهبي هئي. هر شخص پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي رستي تي هلندو هو. خاص طرح نمڪ حلالي سڀ کان وڏي خوبي سمجهندا هئا. مثلاً بادشاه سان امرا ۽ اميرن سان، سندن ملازم، مرشد سان سندس مريد، زميندار سان هاري، سڀ کان وڏو محرڪ وفاداري جو جذبو هو. جيڪو شخص نمڪ حلالي جي رستي جي انحرافي ڪندو هو ان لاءِ ڌڪار هو ۽ سماج ۾ قطعي نا مقبول ڳڻبو هو. دوستي جو رستو بيحد استوار هو. جنهن کي هڪ دفعو دوست چوندا هئا، ان جي رفاقت ۽ خير خواهي جو دم مرڻ گهڙي تائين ڀريندا هئا. مسلمانن ۾ زڪوات، صدقات ۽ خيرات ۽ هندن ۾ دان جو درجو بلند هو. سيد پير، فقير عمدن لباسن ۾ گهوڙن تي چڙهي خيراتون وٺندا هئا. خير خيرات ڪرڻ ۾ هر ڪو سبقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
پيرن، فقيرن، استادن، آخوندن ۽ قاضين توڙي وڏن مائٽن جي عزت ڪرڻ فرض اولين تصور ڪندا هئا. وڏن اڳيان اٿڻ ۽ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ وقت نهايت محتاط رهندا هئا ۽ ننڍا وڏن کي نهايت احترام ۽ شائستگي سان گڏبا هئا. هر محلي ۾ مهمان خانو هو، بلڪ ڳوٺن ۾ ڪچهرين لاءِ منهن هئا. زالن جو درجو مسلم معاشري ۾ نهايت معزز رهندو آيو. اهڙو ثبوت لفظ ”حرم“ مان ظاهر آهي. مسلمانن جي گهرن ۾ زالن کي مقام تقدس حاصل آهي. خواتين پرده ۾ رهنديون هيون ۽ نا محرمن سان کين ملڻ جي اجازت نہ هئي. حيا جي حفاظت ڪرڻ پرده ۾ بہ اصل مقصد هو. شهري زالون برقعن ۾ ۽ ڳوٺاڻيون چادر اوڙهي پوءِ ٻاهر نڪرنديون هيون. معزز ۽ اميراڻي گهرن جون خواتين ڏولين ۽ محافن ۾ ٻاهر نڪرنديون هيون. نوڪر ۽ ملازم ساڻس گڏ هوندا هئا. تعليم ملڪ ۾ مذهبي فرض جيترو درجو رکندڙ هئي. علمي ادارن ۾ غريب شاگردن جي پوشاڪ ۽ طعام جو مفت انتظام هو. اهي مڪتب مسجدون هيون. سکر ۾ جامع مسجدون هيون، جن ۾ شاگردن کي فارسي ۽ عربي تعليم ملندي هئي. هندو بہ مسلمانن سان گڏ پڙهندا هئا، ڇو تہ فارسي سرڪاري زبان هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ بعض مسلمان ڏاڙهين کي ڪترائڻ لڳا.
سکر ۾ ڪلهوڙن جي هڪ يادگار
سکر پراڻي ۾ سکر واھہ جي منهن وٽ درياه جي ڪپ تي چند جهوپڙين جي ميڙ ۾ هڪ چوني ۽ گچ سان ننڍي گنبذ سان عمارت آهي، جنهن کي ”شاهه جو اوتارو“ چون ٿا. روايت آهي تہ انهيءَ گنبذدار عمارت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ڪجهه وقت چلو ڪڍيو هو. شاهه ڀٽائي جو زمانو 1102 هه 1165 هه آهي.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سکر جا علما ڪرام مير نجم الدين مير محمد رفيع بکريءَ جو فرزند ۽ مخدوم محمد معين جو ڀاڻيجو. مخدوم موصوف کان تعليم حاصل ڪيائين ۽ هن جي زندگيءَ ۾ صاحب – درس ۽ فتويٰ بنجي ويو. سندس شاگرد بہ بلند درجن تي پهتا. مثلاً ميان احمد ۽ ميان محمد ٻئي ٺٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ مفتي مڃيا ويندا هئا. مير نجم الدين بکري عربيءَ ۾ گهڻائي ڪتاب تضيف ڪيا هئا. منطق ۾ ”يڪروزي“ هڪ مشهور رسالو هو. ”طوطي نامه“ کي نئين سر لکيائين، جنهن جي عبارت نخشبيءَ جي عبارت کان زياده مٺي آهي. شعر ۾ تخلص ”عزلت“ هوس 1160 هه ۾ هي بکر جي آسمان جو روشن ستارو هميشه لاءِ غروب ٿي ويو.
سيد علي رضا
حضرت شيخ عبدالقادر گيلاني رح جي اولاد مان هو ۽ درويشانه زندگي بسر ڪندو هو. جڏهن ٻاهر ويندو هو تہ پاڻ گهوڙي تي چڙهندو هو ۽ پٺيان اُٺ تي ڪتاب کڻندو هو. خادم اڳيان جهنڊو لهرائيندا هلندا هئا ۽ اهڙي خدم ۽ هشم سان سير ۽ سياحت ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا. مگر سکر جي خاڪ پاڪ جي صلاحيت ۽ شهر جي ٽڪرين جي طبعي دلاويزي کيس اهڙو ڇڪي سوگهو ڪيو، جو وطن جوڙي ويٺو. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي هن درويش جي گذر سفر لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هو. سيد موصوف جي وفات کان پوءِ سندس هڪڙو غلام مسند نشين ٿيو. سيد علي رضا شعر و شاعري جو مذوق رکندڙ هو.
شيخ غلام علي بکري
شيخ غلام علي بن محمد باقر بن قاضي محمد حسين جو وطن اُچ شريف هو پر رهندو سکر ۾ هو. ڪجهه وقت ٺٽي وڃي علمي ڪمال حاصل ڪيائين ۽ اڪثر علمائن جي مجلسن ۾ رهندو هو. قضا الاهي جنون جي عارضه ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ انهيءَ حال ۾ 1154 هه ۾ انتقال ڪيائين. ظاهري علم کان سواءِ روحاني ذوق بہ خوب رکندو هو. اڪثر مثنوي مولانا روم پڙهندو هو. مير قانع فرمائي ٿو ته، چوندو هو تہ بزرگن سهڻيون يادگارون ڇڏيون آهن. اهڙو اشارو هڪڙيءَ مثنويءَ ڏانهن هو، جا پاڻ لکڻ شروع ڪئي هئائين؛ پر جنون جي اثر ڪري مڪمل ٿي نہ سگهي. ان جو فقط هڪڙو شعر ”مقالات الشعراء“ ۾ منقول آهي:
”در خبري پي شدم خبردار
از خود شده باخدا شدم يار“[19]
مير محمد اڪرم
مير محمد اڪرم بکري، جنهن جو خاندان روهڙي منتقل ٿي ويو، فن – طب ۾ ڪامل دستگاه رکندڙ هو، ۽ طبيب جي حيثيت ۾ ميان نور محمد جو ملازم هو ۽ ڪجهه وقت بکر جو ناظم بہ رهيو هو. کيس چار پٽ هئا:
مير سراج الدين، مير تاج الدين، مير معين الدين ۽ مير نور الدين – جيستائين جيئرو رهيو عزت ۽ فارغ البالي سان زندگي بسر ڪيائين. عجيب اتفاق چئبو جو ڪنهن کي بہ نرينو اولاد ڪو نہ ٿيو. مير موصوف جو ڀاءُ محمد افضل ملتان ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پسماندن کي روهڙي کان ملتان ڏانهن وٺي ويو[20].
شيخ محمد رضا
ٺٽي جو باشندو هو پر ملازمت جي ڪري اهل ۽ عيال سميت سکر ۾ رهڻ لڳو. اورنگزيب کان وٺي ويندي محمد شاه تائين بکر سرڪار جي مختلف عهدن تي مامور هو ۽ مير محمد جليل بلگرامي جو سنڌ ۾ وقائع نگاري ۽ اخبار نويسي جي عهدي تي مقرر هو ۽ مير موصوف جڏهن هندستان ڏانهن ويو، تڏهن پنهنجي گهري دوست محمد رضا کي پنهنجي عهدي تي نائب مقرر ڪرائي ويو. نواب محمد اعظم جي جهوڪ تي ڪاهه وقت ساڻس همراه هو[21].
جڏهن صوفي شاهه عنايت کي جهوڪ مان قيد ڪري ٺٽي وٺي آيا ۽ نواب اعظم اڳيان سوالن ۽ جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، تڏهن شيخ محمد رضا، شاهه صاحب ڏانهن مخاطب ٿي هي شعر پڙهيو:
”دوست بيدار شو عالم خواب است اين جا
حرف بيهوده مگو، پاي ثبات است اين جا.“
شيخ صاحب 1143 هه ۾ وفات ڪئي، ڪنهن مصرع تاريخ هن طرح چئي آهي:
”محمد رضا داده جان در جنان شد.“
مير محمد يعقوب
بکر جو رهاڪو ۽ پنهنجي وقت ۾ سکر جو نامي گرامي حڪيم ٿي گذريو آهي.
نواب لطف علي خان بکري
ڪلهوڙا دور جي شاعرن مان محمد محسن بن نور محمد بن ابراهيم بن محمد يعقوب جو پيشو خانداني ريشم فروشي هو، منجهان ڪنهن بہ شخص کي شاعري سان مناسبت ڪا نہ هئي، ليڪن محسن هن خاندان مان گران مايه گوهر پيدا ٿيو، هن اهڙي تربيت نواب لطف علي رضوي بکريءَ جي صحبت ۾ حاصل ڪئي هئي، جو نہ فقط ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ بلڪ سموري سنڌ ۾ هن جهڙو ڪو ورلي شاعر پيدا ٿيو، افسوس! جو هندستان جي تذڪره نويسن کي محسن ٺٽوي متعلق ڪجهه بہ معلوم ٿي نہ سگهيو، ڇاڪاڻ تہ تمام تذڪره هن جي بيان کان خالي آهن، افسوس! جو محسن جو قدر هن جي بلند حيثيت جيترو ڪو نہ ٿيو، ميان نور محمد هن لاءِ 15 روپيا مستقل ماهوار وظيفو مقرر ڪيو هو، محسن جي سمورن قصيدن ۾ ناقدر شناسي شڪوه موجود آهي، سنڌ جي فارسي شاعرن ۾ محسن ٺٽوي، مير قانع ٺٽوي، محمد پناه ”رجا“ سنڌ ۾ مشهور ٿي گذريا آهن، شعر ۾ ”رجا“ جو مقام مير قانع کان بلند آهي، ليڪن هو محسن کي پهچي نہ ٿو سگهي، قانع جي اهميت ۽ عظمت هئي چئبي، جو هن سنڌ جي اڪابر عالمن، فاضلن، دانشورن، درويشن، شاعرن اديبن ۽ هنرمندن جا تذڪره لکي، اسان سنڌين تي عظيم احسان ڪيو آهي، مير علي شير قانع ۽ محمد پناه ”رجا“ مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل جا شاگرد هئا، ۽ محسن جو استاد نواب لطف علي رضوي بکري هو، جنهن جي تربيت ڪري، هو قادر الڪلام شاعر بنجي ويو، سکر جي علمي ۽ ادبي معيار لاءِ مٿيون بيان آئينه دار آهي، محسن 1163 هه – 1750ع 42 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي[22].
منشي عبدالرؤف بکري ميرڪ محمد حسن احسن
سکر کي جن برگزيده خاندان وطن جوڙيو، تن جي علمي ڪارنامن ۽ فيض عام ڪري هي شهر شيراز ۽ بغداد جون سڪون لاهڻ لڳو، وقت جا حاڪم بہ قدردان هئا، ميرڪ محمد حسن احسن جي علمي فضيلت جي افسانن کي خلوتين جي زباني ٻڌي ميان نور محمد هن بزرگ عالم کي ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو ۽ هر وقت هن جي عزت افزائي ڪندو رهيو، پڻ وقت جي شاعرن احسن صاحب جي حسن اخلاق جي تعريف ڪندي قصيدا چيا آهن، هت نموني طور هڪڙي قصيده جو مطلع اهل ذوق جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا جيئن فزا عنبرريز بنجي وڃي:
”گر بودبادِ صبا خلق تو در صحن چمن
گل کند از لب هر غنچه که احسن احسن“
مير مرتضيٰ رضوي
مير مرتضيٰ رضوي بن مير ڪمال الدين احمد رضوي، علم معقول و منقول جي تحصيل کان سواءِ ٽيهن سالن جي عمر تائين سپاهگري، شهسواري، ڪشتي گري، شمشير بازي ۽ تير اندازي ۽ بهادريءَ جي مروجه فن ۾ ڪامل مهارت حاصل ڪئي هئي ۽ علمي لحاظ سان هفت قلم لکڻ جو استاد هو، عالمگيري درٻار ۾ پهچڻ لاءِ آرزومند هو، اورنگزيب جي وفات جي خبر پيس تہ شاهه عالم بهادر شاهه وٽ دهلي پهتو ۽ پنهنجا ڪرتب ڏيکاري مورد الطاف ٿيو، خوبصورتي ۾ يوسف ثاني هو، افسوس جو عين جواني ۾ سکر جو هي بهادر 1127 هه ۾ انتقال ڪري ويو، والد جي تربيت ڪري کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ سندس ئي تجويز سان ”الهام“ تخلص اختيار ڪيو هئائين.
محمد اشرف بکري
سکر جو رهاڪو هو، سندس وڏا سلطان محمود بکري جي حڪومت ۾ چڱن عهدن تي مامور هئا، محمد اشرف فڪر معاش ڪري سرگردان هو، مير قانع هن کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو، جڏهن هن پنهنجي پريشان حالت جو نقشو احوال ڏيندي هيٺين شعر ۾ پيش ڪيو هو:
”آن راکه بچاشت است ني شام
چه صبح وطن چه شام غربت“
مير اسد الله ساقي
مير اسد الله تخلص ”ساقي“ مير محمد معصوم بکري جو پوٽو هو ۽ وقت جي حاذق حڪيم مير محمد يعقوب جي معيت ۾ ڪلهوڙن جي درٻار مراد آباد ۾ پهتو ۽ هتي قانع جي ساڻس ملاقات ٿي ۽ هن جو سجح چيائين ”اسد الله ساقي ڪوثر“ افسوس جو هن معصومي نوابزاده جو اسان کي فقط هڪڙو شعر مليو:
”مست گردم زيادهء کوثر
اسد الله ساقيم باشد“
مير جان محمد رضوي مير
مير جان محمد تخلص ”مير“ شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف جو خليفو هو. صوفي اعظم جي خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ هڪ ڊگهي مثنوي بطور ”ساقي نامه“ لکيائين، جنهن جا گهڻا اشعار ”مقالات الشعرا“ ۾ منقول آهن. شاه عنايت سان ملاقات جي ڪيفيت متعلق چند اشعار هن طرح چيا اٿئين:
ز سر پا ساخته در پيش رفتم
جمالش ديدم و از خويش رفتم
دل و ديده همه محو لقايش
سر آشفته افگندم بہ پايش . . . الخ
مير ابو القاسم جا پوٽا ۽ ڏهٽا
مير ابو القاسم نمڪين ا پوٽا ۽ ڏهٽا، جيڪي 1181 هه تائين سکر ۾ رهندا هئا، تن جا نالا تحفته الڪرام ۾ ڏنل آهن:
مير محمد رحيم، ابو القاسم جو ڏهٽو ۽ پٽس محمد ڪريم – مير ابو نصر نمڪين جو ڏهٽو، مير محمد اسلم نمڪين جو ڏهٽو، مير محمد نعيم نمڪين جو ڏهٽو ۽ پٽس محمد صالح عرف مير قلندر 1181 هه خاندان جو آخري يادگار هو. [23]
(تذڪره امير خاني ص 61 – 62)
________________________________________
[1] تذڪرهء اميرخاني ص 344 – 352. مغلن جي پوئين زماني ۾ سني شيعه اميرن جي جهڳڙن جهڙوڪ: سيد عبدالله، سيد حسين علي خان سادات باره ۽ برهان الملڪ، صفدر جنگ جي سرگرمين ڪري مغليه حڪومت کي نقصان پهتو. معارف اعظم ڳڙه ص 11 جولاءِ 1962ع. غلام قادر روهيلي شاهه عالم جون اکيون ڪڍيون ۽ حرم جي شهزادين جي گلن جهڙن رخسارن کي چماٽن سان سرخ ڪيو هو.
[2] تاريخ احمد شاهي قلمي صفحو 34 – 35 برٽش ميوزم – سيد غلام حسين: سير المتاخرين ج 3 ص 27 ڪلڪتو 1782ع.
[3] Hutton. J: History of central Asia. P. 181, London 1875.
جادو ناٿ سرڪار: مغل شهنشاهت جو زوال، ج 1، ص 127، ڪلڪتو 1938ع.
[4] تذڪرهء امير خاني، ص 346 – 347.
[5] ڪنهن شاعر مدد خان پٺاڻ جي ظلمن جي تاريخ جو مادو ”اي داد از ظالم بيدادي منحوس“ مان ڪڍي آهي 1194 هه.
[6] آر – برٽن: سنڌ ريوزٽيڊ، ج 2، ص 241 – 242، لنڊن 1877ع.
[7] پوسٽنس پرسنل آبزرويشن آن سنڌ، ص 32، لنڊن 1853ع.
[8] سنڌ ريوزٽينڊ، ج 2، ص 342.
[9] پوسٽنس ص 32.
[10] منشي موهن لعل: ٽريڊ آف خيرپور ص 36، سال 1837ع انديا آفيس لنڊن.
[11] ڪارليس: بمبئي رڪارڊس، سليڪشن ج1، ص 195. ميمائرس آف سيٺ نائون مل هوتچند ص 36.
[12] The Sindian World, dec: 1940, pp, 270 – 268, Karachi.
[13] پوسٽنس پرسنل آبزرويشن آن سنڌ، ص 24.
[14] ٿارنٽن: گزيٽئر، ج 1، ص 261، لنڊن 1844ع.
[15] پوسٽنس، ص 32.
[16] ڊاڪٽر ايس – پي ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ 1593 – 1843ع، ڪراچي 1957.
[17] ڊاڪٽر ايڇ – ٽي ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ.
Faster SIR William: Early Travels in India P. 161 Oxford 1921.
[18] ايڇ – ٽي سورلي: شاهه عبداللطيف آف ڀٽ ص 54 – 55 آڪسفورڊ 1940ع.
[19] مير علي شير قانع مقالات الشعرا ص 220.
[20] تحفته الڪرام ج 3 ص 130.
[21] جهوڪ جو پهريون نالو ميرانپور هو. نواب محمد اعظم ٺٽي جو نواب هو جو شاه عنايت صوفي تي ڪاهي ويو هو.
[22] مقالات ص 300.
نوٽ: منشي عبدالرؤف بکري پهريان بختيار خان پني حاڪم سبي ۽ ڍاڍر جو منشي هو، پوءِ ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙن وٽ منشي هو. پنهنجي وقت جو مشهور انشاء پرداز ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب ”گلدسته نورس بهار“ تاريخي واقعات جو مجموعه آهي.
[23] نوٽ: مير جان محمد شاه جو ”ديوان مير“ ۽ سندس پوٽي جو ديوان ”ديوان عاشق“ سندس خاندان ۾ محفوظ آهن. عبدالحسين شاهه موسوي ديوان بيدل 1961ع
سنڌي ادبي بورڊ
باب ڏهون: ميرن جي صاحبي
پهرين چوياري
ٽالپر مير بلوچ ڪلهوڙن جا مريد ۽ فوج ۾ ملازم هئا. 1783ع ۾ هنن ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو. مير فتح علي خان سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو: (1) شهداداڻي سرڪار جنهن جو تختگاه حيدرآباد هو. هيءَ مرڪزي حڪومت هئي (2) ماڻڪاڻي سرڪار جنهن جو سربراهه مير ٺارو خان هو. هن جو تختگاه ونگي ۾ هو: کانئس پوءِ پٽس مير علي مراد خان ميرپور خاص جو شهر اڏائي ان کي تختگاه ڪيو، (3) سهراباڻي سرڪار جنهن جو سربراه مير سهراب خان هو، جنهن سهراب پور جو شهر اڏايو، جو پوءِ خيرپور سڏجڻ لڳو. هن ڪوٽ ڏيجي واري ٽڪري تي قلعو اڏائي ان تي احمد آباد نالو رکيو، پر پوءِ پنهنجي اصلوڪي نالي سان سڏجڻ لڳو. ٽالپر بہ ڪلهوڙن وانگي ڪابل کي ڍل ڀريندا هئا. 1793ع ۾ تيمور شاه وفات ڪري ويو ۽ زمان شاه تخت تي ويٺو. مغولي علائقو سري ۾ جنهن ۾ بکر جو قلعو، سکر، شڪارپور، بلدڪو، روپاچڪ، مغرچه، محمد باغ، ڪلواڙي ۽ سوهيجا پرڳڻا اڳ دراني حڪومت جي ماتحت هئا، تن تي مير سهراب خان جي پٽن مير رستم خان ۽ مير مبارڪ خان قبضو ڪيو. فقط شڪارپور مٿان ڪابل پاران افغان نائب حڪومت ڪندو هو. پهرين چوياري ۾ مير فتح علي خان، مير ڪرم علي خان، غلام علي خان ۽ مراد علي خان حڪومت ڪئي. انگريز، مرهٽن ۽ پنڊارين سان وچ هندستان ۾ رڌل هئا، ٽالپرن سان فقط واپاري عهدناما ڪندا آيا. هن چوياري ۾ 1823ع ۾ ميرن عمرڪوٽ تي ۽ 1824ع ۾ شڪارپور تي قبضو ڪيو، 1802ع مير فتح علي خان وفات ڪئي، مير غلام علي خان گادي تي ويٺو، جنهن ڪابل کي ڍل ڏيڻ بند ڪئي، 1811ع ۾ مير غلام علي خان وفات ڪئي ۽ مير ڪرم علي خان تخت تي ويٺو، 1818ع ۾ بارڪزئين ڪابل تي قبضو ڪيو، شاهه شجاع سدوزئين جو آخري تاجدار ڪشمير لاهور کان ٿيندو انگريزن وٽ لڌياني ۾ اچي پناه ورتي، 1828ع ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي ۽ مير مراد علي خان گاديءَ تي ويٺو، 1831ع انگريزن مهراڻ جي ماپ ورتي.[1]
معزول شاهه شجاع جو سکر مان لنگهڻ ۽ ٻي چوياري
1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي ۽ ٻي چوياري شروع ٿي، مير نور محمد خان گاديءَ تي ويٺو، شاهه شجاع جو لڌياني انگريزن جي ٽڪرن تي پلجي رهيو هو، تنهن ٻہ چار سو سپاهي ڀاڙي جا ٽٽو خريد ڪري اتان ڪابل فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، 1834ع روهڙي پهتو، شهداداڻين جي سپهه سالار سيد ڪاظم شاهه ۽ سهراباڻي جنزل گولي شاهه معزول بادشاهه جو مقابلو ڪيو پر ٻئي جنرل قتل ٿي ويا، شجاع سکر ۽ شڪارپور واري رستي تان قنڌار پهتو پر بارڪزئي سردار عبدالرحيم کان شڪست کائي قنڌار جي نواب محراب خان ۽ ٽالپرن جي مدد ۽ خرچ سان وري لڌياني پهتو[2]. 1834ع تائين محال گوسڙجي، قلعي ڪرن، ڳڙهي ياسين ۽ محال روپاه جو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ آهي جمله ايراضي 402 چورس ميل هئي تنهن تي شاهه شجاع جو قبضو رهيو.
مير سهراب خان جو وصيت نامه
سال 1811ع ۾ مير سهراب خان حڪومت جون واڳون پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو. مير صاحب 1830ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي رياست چئن حصن ۾ پنهنجن پٽن کي دستاويز ذريعي لکي ڏيئي ويو، دستاويز جي تاريخ 18 مئي 1829ع – 1245 هه ڄاڻايل هئي. رياست جي سالياني آمدني 2039000 ويهه لک اوڻيتاليهه هزار هئي. (1) حصو ذاتي مير رستم خان جو ٻيو حصو سندس صفاتي يعني دستاربندي جو (2) مير مبارڪ جو حصو (3) ننڍي پٽ مير علي مراد خان جو حصو، جنهن جي ملڪيت جو سنڀاليندڙ مير مبارڪ خان هو، عام ۾ چوٻول پيل هو تہ وصيت نامه ۾ ڦير گهير ٿيل آهي:
مير رستم خان جا ٻہ حصا
جريان نمبر ضلعن يا پرڳڻن جا نالا آمدني جي سالياني رقم روپيا
نوشهرو فيروز
ڪنڊيارو
لڌو گاگن
350000
17500
150000
روهڙي
ڀنگ ڀاڙو
سبزل ڪوٽ ½ حصو
بردڪو
شڪارپور ۽ ٻيون زمينون ¾ حصو
چڪ ۽ مغرچه
متفرقه زمينون
خيرپور ڏهرڪي
نارو (ريگستان) ڀمڀرڪي
ريگستان جا قلعا
ڪوهيرا جو حصو
اٻاوڙو
30000
25000
25000
60000
21000
50000
50300
120000
3000
6000
10000
125000[3]
جمله پيدائش 1200300 روپيا
مير مبارڪ خان جو 1 حصو
جريان نمبر ضلعن يا پرڳڻن جا نالا آمدني جي سالياني رقم روپيا
ف
گهوٽڪي
مير پور ماٿيلو
امام واهه
مهراڻ جي اولهندي واريون زمينون
125000
150000
2000
20000
شڪارپور جي آمدني جو ½ حصو
ڪوهيرا جو حصو
7000
3000
جمله پيدائش 315000[4]
مير علي مراد خان جو حصو
جريان نمبر ضلعن يا پرڳڻن جا نالا آمدني جي سالياني رقم روپيا
گاگڙي مير واھہ سميت
لڌو گاگن جا حصا
مهراڻ جي اولهندي واريون زمينون
ناري ۽ شير ڳڙه واريون زمينون
ڪوهيرا جو حصو
275000
30000
34000
6000
5000
جمله پيدائش 350000[5]
انگريزن جو بکر جي قلعي تي قبضو
وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ ڪابل سان جنگ ڪرڻ ۽ شاه شجاع جهڙي نا اهل کي ڪابل جي تخت تي ٿاڦڻ جو ارادو ڪيو. هن مهم لاءِ انگريزن، رنجيت سنگهه ۽ شاه شجاع جو پاڻ ۾ عهدنامو ٿيو. بمبئي جي لشڪر ۽ بنگال جي لشڪر کي سنڌ مان لنگهڻو هو. بولان جي رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ فوجن رواني ڪرڻ کان اڳ وائسراءِ اليگزينڊر برنس کي 25 ڊسمبر 1838ع ۾ مير رستم خان ڏانهن مڪو. جنهن کان سنگين جي نوڪ سان برنس بکر جو قلعو هٿ ڪيو، هن شرط سان تہ پهرين افغان ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ انگريز قلعي کي خالي ڪندا. ساڳيءَ طرح حيدرآباد جي ميرنور محمد خان کي زبردستي انگريزن جا شرط منظور ڪرڻا پيا. مطلب تہ سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ انگريزن لاڙ ۾ ڪراچي، ٺٽي ۽ سري ۾ سکر ۽ بکر جي قلعي ۽ درياه وارن ٻيٽن تي قبضو ڪيو. جون 1838ع 1254ع ۾ مير مبارڪ خان وفات ڪئي، ميجر آئوٽ رام حيدرآباد ۾ انگريزي ريزيڊنٽ هو ۽ مسٽر راس بيل خيرپور ۾ ريزيڊنٽ هو.
نونهار جو معاهدو
سال 1841ع 1257ع ۾ جڏهن ڪپتان راس بيل درٻار خيرپور ۾ ريزيڊنٽ هو، جائداد جي باري ۾ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان ولد مير مبارڪ خان جي پاڻ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان سوڀارو ٿيو. مير رستم خان قرآن شريف تي نونهار جو عهدنامو مير مراد علي خان سان ڪيو ۽ پوري ملڪيت کيس موٽائي ڏنائين. 2 نومبر 1841ع ۾ انگريزن سردار اڪبر خان هٿان افغان ۾ ذليل شڪست کاڌي 15 پندرهن هزار لشڪر انگريزن جو پٺاڻن هٿان ناموسي جي تلافيءَ لاءِ انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سر چارلس نيپئر کي ريزيڊنٽ ڪري موڪليو، جنهن 25 سيٽمبر 1842ع ۾ حيدرآباد پهچڻ شرط ميرن اڳيان اهڙا ڳرا شرط وڌا جو ميرن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو.
سر چارلس نيپئَر جو سکر پهچڻ
ڊسمبر 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر، جنهن کي وائسراءِ لارڊ ايلنبرو ميرن سان ڦٽائڻ لاءِ مڪو هو، تنهن اچڻ شرط سيزلڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙو لاءِ مير رستم خان کان گهر ڪئي. مير مراد علي خان جو موقعي جي تاڙ ۾ هو، تنهن مير رستم خان خلاف وصيت نامه ۾ خيانت ڪرڻ جي شڪايت پيش ڪئي، جنهن تي چارلس نيپئر مير رستم خان کي ملاقات لاءِ سکر گهرايو. مير صاحب جي عمر 85 ورهيہ هئي. هن کي خوف جاڳيو متان فرنگي کيس گرفتار ڪري، سو حرم ۽ خزاني سميت ريگستان جي قلعي امام ڳڙهه ڏانهن ڀڄي ويو. فرعون دماغ چارلس نيپئر مير مراد علي خان کي همراه ڪري قلعي تي ڪاهي ويو. مير رستم خان اتان ڀڄي حيدرآباد ڏانهن ويو. فرنگي امام ڳڙهه کي بارود سان اُڏائي موٽيو. فيبروري 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي ٻن خونريز جنگين ۾ مير انگريزن کان شڪست کاڌي انگريزن حيدرآباد وارن ميرن کي جلا وطن ڪري پهريان پوني ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪري رکيو.
ميراڻي سنڌ ۾ سکر
ميراڻي سنڌ ۾ سکر ۾ آسودگي هئي. ميرن جيڪي واھہ کڻايا هئا، سي اڄ بہ مير واھہ سڏجن ٿا. سکر ڪڻڪ ۽ جوئر جي پيداوار ڪري مشهور هو. جوئر جو ڪانو 12 فوٽن کان 16 فوٽ ڊگهو هو. جوئر جو في سنگ وزن ۾ چوڏهن آئونسن جيترو هو. شهر جي آس پاس وارا حصا ميلن تائين ٻنين ڪري سرسبز هئا. اڄ بہ باگڙ جي ڪڻڪ تيل پيڙهڻ جي گهاڻن ڪري مشهور آهي. پُست، ڪمند، ڀنگ ۽ تماڪ ٿوري انداز ۾ پوکبا هئا. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اوتارا (ساقي خانه) هئا، جتي هر شام غم غلط ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو دور جاري هو. چرس جا وزم بہ لڳندا هئا[6]. شهرن ۾ ديسي قسمين قسمين نمونن جو شراب وڪامندو هو. سنڌ ۾ ٺٽو، نصرپور، حيدرآباد، سيوهڻ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر ۽ روهڙي باغات ڪري مشهور هئا. سکر ۽ روهڙي جا ڇوهارا، مسقط جي ڇوهارن کي مات ڪندا هئا، روهڙي جا باغ ڏاڙهن، انجيرن، صوفن، انبن، صوفي ٻيرن، ليما، سنگتڙا، ڪيوڙا، پٻڻ، ڊاک، ڪتل ڪري مشهور هئا. اُتي ڪتل جو عمدو سير وڪامندو هو. اونهارو گلاب ۽ چنبيلي جي مهڪ سان ايندو هو ۽ گلن جي پوشاڪ پهرائيندو هو. تفريح جي ميدان ۾ شڪارپور گوءِ کڻي ويو هو. ڀاڄين جا عام نمونا ڪافي انداز ۾ هئا. چڻا، مٽر، توريون، ساڳ، بيهه، پٽاٽا، موريون، پتائي گجرون، ڪدو، گوگڙو، بصر، پالڪ ۽ ٿوم، پلا ۽ مڇيون غريب غربو کائي رڄ ڪندا هئا. انب لذيز، ڇانهيون ۽ گدرا تور تي ڪو نہ وڪامندا هئا، چوپايو مال، چانور ۽ اناجن جي سستائي هئي. ماڻهو ان جا انبار گڏ ڪري تڏن سان ڍڪي مٿان مٽيءَ جو ليپو ڏيئي ڇڏيندا هئا. ان ۾ شڪ نہ آهي تہ ٽالپرن درياه جي ڪچن جون ڀليون زمينون شڪار لاءِ مخصوص ڪيون هيون، مگر ملڪ جي اُپت ملڪ اندر رهندي هئي، تنهنڪري شين جي سستائي ڪري خوشحالي جو دور هو. عوام جي زندگي سادگيءَ سان گذرندي هئي. لطف الله پنهنجي سفرنامه ۾ لکي ٿو تہ اُتر سنڌ ۾ في ڪڪڙ جي قيمت ڇهه پايون ۽ في رڍ جي قيمت هڪ شلنگ هئي. شهرن جون جايون ڪچيون هيون ۽ ڳوٺاڻا ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندا هئا.
اڄ شهرن ۾ فلڪ بوس عمارتون آهن پر ڳوٺاڻن جون جهوپڙيون ساڳيون آهن، چانور، گوشت، مڇي، کير، ڏڌ ۽ گيهه جي جهجهائي هئي. ڳوٺن ۾ کير ۽ ڏڌ ڪو نہ مڪامبو هو. ڀاڳيا مفت ورهائندا هئا، انهن ڏينهن ۾ ٻاجهر جي پڪل ۽ مکڻ سان مکيل ماني ڏڌ يا کير سان کائڻ طاقتور کاڌو هو. اڄ ڪلهه جي وناسپتي گيهه ۾ پڪل گوشت کان هزار بار مفيد هئي. سياري جو ڪچن مان مکڻ سان ڀريل ٻيڙيون ، ڳوٺن ۽ شهرن جي پتڻن تي پهچنديون هيون ۽ مکڻ ڪوڏر جي لپن سان وڪامندو هو[7]. پهرين افغان ويڙهه وقت سڄا سارا پنج ورهيہ سنڌ انگريزي لشڪر کي کاڌي ۽ خوراڪ ۽ چوپايو مال پهچائڻ لاءِ ”سپلاءِ بيس“ Supply Base هو. انگريزن جا گماشتا جن جو سر گروه سيٺ نائون مل ڀوڄواڻي هو، شهرن ۽ ڳوٺن مان اناج ۽ چوپايو مال خريد ڪندا هئا ۽ جابجا فوجي گدام جڙيل هئا. انهيءَ ڪري ملڪ جي حالت پوڻي پوندي ويئي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۽ مارواڙ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ قحط زده سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا ٽن چئن روپين تي پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. مگر سنڌ جي شهرن ۾ في روپيه ڇهه سير اَن وڪامڻ لڳو. ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا تہ اَن مهانگو ٿي ويو. مٿيون ڏڪار 1802ع – 1207 هه ۾ پيو هو. اڄڪلهه ترقي جو دور آهي، ٽرئڪٽرن ۽ اوزارن سان زمين کيڙي وڃي ٿي ۽ ولايتي ڀاڻ زمينن کي ڏنو وڃي ٿو، تاهم في روپيه ٻہ 2 سير جوئر ۽ ٻاجهري نٿي وڪامي! حالانڪ اڳ سنڌ جي ايراضي جو فقط چوٿون حصو آباد ٿيندو هو، اهو بيان ڊيل هوسٽ 1836ع ۾ ڏنو آهي[8]. اڳ ملڪ ۾ نہ ايترا واھہ هئا نہ وري براجون وڌيل ڪو نہ هيون. اڳ ملڪ ۾ نہ ايترا واھہ هئا نہ وري براجون هيون. مکيه سبب تہ اڳ زندگيءَ جون ضرورتون اڄ وانگر وڌيل ڪو نہ هيون. گهر جي هڪ ڀاتي ڪمائيندو هو ۽ ڏهن کي کارائي سگهندو هو. هر شهر ۾ اوطاقون ۽ ڳوٺن ۾ مهمان خانا هئا، جن ۾ ڪچهريون لڳنديون هيون. فصل لهندو هو تہ ڪڙميءَ کان سواءِ ڳوٺن جي ڪاسبين کي بہ حصو ملندو هو.
اقتصادي حالت
ٽالپري روپيه جي قيمت چاليهه ڏوڪڙ هئي. ڪوڏيون بہ هلنديون هيون. في پئسي جا 25 چونڪ منهنجي سانڀر ۾ ڪوڏيون هلنديون هيون. هڪ پيادي سپاهيءَ کي روزانو هڪ سير اَٽو ۽ چار ڏوڪڙ روڪ ملندا هئا. سوار کي روزانو ان کان ٻيڻو ملندو هو. انهيءَ کان سواءِ کين ڪپڙا ۽ ضروري سامان ڏنو ويندو هو. هڪ عام مزور جو ماهوار پگهار ٽي روپيا هو ۽ ڪاريگر کي ماهوار 4 يا 5 روپيا ملندا هئا[9]. انگريزن پنهنجا ڪلدار جاري ڪيا تہ واپاري خوشيءَ سان وٺڻ لڳا. مسقط جي امام سان ميرن جا دوستانه تعلقات هئا، ايران سان بہ هئا. ان ڪري مٿين ملڪن جا سڪا بہ چالو هئا. انگريزي ڪلدار وڄندا هئا، تنهنڪري واپارين کي وڻندا هئا. ڪلهوڙن جي سالياني اُپت اَسي لک روپيا هئي. پوسٽن ٽالپرن جي آمدنيءَ جا هيٺيان انگ ڏيکاريا آهن:
1800ع 40 لک، 1809ع 43 لک، 1814ع 61 لک، 1824ع 50 لک، 1843ع 35 لک. سراسري اٽڪل 46 لک. مسٽر اي – ڊبليو هيوز جي چوڻ مطابق، سنڌ ۾ انگريزي شروعات راڄ ۾ زمين جي ڍل آمدني، ڪل ڍلن ۾ آمدنيءَ جو ٻہ ڀاڱي ٽيون حصو هوندي هئي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته، اُن وقت جي سراسري قيمتن ۽ روپئي جي قوت خريداري بابت ڄاڻ حاصل ڪجي. ڊاڪٽر راڌا ڪمل مڪر جي قيمتن جون ڪي نسبتي اگهوتريون مرتب ڪيون آهن، جن ۾ 1600ع کان وٺي رپئي جي قوت خريد ۾ ڦيريون گهيريون ڏيکاريون ويون آهن. سنڌ جون قيمتون، هندستان جي قيمتن کان گهڻو مختلف ڪين هيون. کاڌي جي شين جون قيمتون جيڪي سنڌ ۾ رهيون، سورت ۾ ساڳيون هيون. 1650ع تائين رپئي جي قوت خريد ساڳي رهي، 1730ع يعني اَسي سالن کان پوءِ 50 سيڪڙو وڌي ويئي، ان کان پوءِ وري گهٽجڻ لڳي. 1807ع ۾ اصل ملهه جي اٽڪل ٻہ ڀاڱي ٽئين حصي تي وڃي بيٺي، ۽ ان بعد اڍائي سالن کان پوءِ وري اها ساڳي حد قائم رهي. اناج جي شين جي سراسري قيمت 5 آنا في مڻ[10]. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ اناج جي حساب سان روپئي جي قيمت مغلن جي روپئي جي قوت خريد جو 50 سيڪڙو هئي. يعني ڏهين آني في مڻ. ٽالپرن جي وقت ۾ رپئي جي قوت خريد مغلن جي وقت جي قوت خريدي جي 35 سيڪڙو کان بہ گهٽ هئي، جڏهن اناج جي قيمت 5 آنا ڪٿي ويئي آهي، انهيءَ حساب سان ٽالپرن جي وقت ۾ اناج جي قيمت 15 آنا في مڻ هوندي. ان جو سبب تہ ڪلهوڙن جي وقت ۾سنڌ ۾ ويهن لکن ايڪڙن ۾ پوک ٿيندي هئي. ٽالپرن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سراسري ايراضي ڏهن لکن ايڪڙن جي ويجهو هوندي. هن مان اها خبر پوي ٿي تہ ڪلهوڙن جي وقت کان ڪيڏي نہ ڪتر ۽ گهٽتائي اچي ويئي هئي. انهيءَ طرح اسان کي خبر پئي ٿي تہ سنڌ جي زرعي پيداوار جي قوت مغلن جي دور ۾ چڱي عروج تي هئي. اوائلي ڪلهوڙن جي وقت ۾ اڃا اها وڌيڪ بلنديءَ تي پهچندي وئي ۽ ان کان پوءِ ان جو زوال شروع ٿيو. تاهم ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبين ۾ کير ۽ ڏڌ ڪو نہ وڪامندو هو. ڀاڳيا مفت ورهائيندا هئا. انگريزي راڄ ۾ زراعت جي ايراضي وڌندي ويئي. 1878ع – 1879ع ۾ ساڳي ڪلهوڙن واري بلندي يعني ويهن لکن ايڪڙن تائين پهتي ۽ 1930ع – 1931ع ۾ زراعت جي ايراضي 46 لکن ايڪڙن تائين پهتي ۽ 1932ع ۾ سکر بئراج جي تيار ٿي وڃڻ ڪري، انهيءَ ايراضي ۾ ٻين ڏهن لکن ايڪڙن جو اضافو ٿيو[11].
سنڌ جي شهري آدمشماري ۽ سکر
شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري بابت ڪي انگ اکر ملي نہ ٿا سگهن. مسٽر ٿارنٽن پنهنجي گزيٽئر ۾ انگريزن جي فتح وقت سنڌ جي مکيه شهرن جي آباديءَ هيٺيان انگ اکر ڄاڻايا آهن:
شڪارپور 30000
حيدرآباد 20000
ڪراچي 15000
خيرپور 15000
ٺٽو 12000
ميرپور خاص 10000
لاڙڪاڻو 10000
هالا 10000 روهڙي 8000
مٽياري 5000
ٽنڊو الهيار 5000
سکر 4000
گمبٽ 3000
سيوهڻ 2000
مانجهند 2000
بيان ڪيل شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا شهر هئا جهڙوڪ، سبزل ڪوٽ جو سر چارلس نيپئر سکر پهچڻ وقت 1843ع ۾ نواب بهاولپور کي ڀنگ ڀاڙي سميت موٽائي ڏنا هئا. راڻيپور، مغل ڀين هر هڪ جي آبادي پنج هزار هئي. دريجي، ڪوڏل خير گائون، سن، ڀيون، گهوٽڪي هر هڪ جي آبادي ٻہ هزار هئي. انهن کان سواءِ پنج ٻيا بہ مکيه شهر هئا، ٽنڊو محمد خان، قنبر، ٽنڊو مستي خان، نوشهرو فيروز، خيرپور ڏهرڪي، پر انهن جي آدمشماري ڄاڻايل ناهي. اي – برنس توڙي پاٽينجر ٽنڊي محمد خان کي وسندڙ شهر ڏيکاريو اٿن. قنبر چانڊڪي پرڳڻي ۾ پڻ وڏو شهر هو. منجهس هڪ سٺي بازار بہ هئي، جنهن جي چوڌاري واهين ذريعي سرسبز ٻنيون ۽ باغ بستان هئا[12]. سکر جي آبادي ان ڪري گهٽجي ويئي، جو اڳ بکر سرڪار جو صدر مقام هو ۽ هر دور ۾ هن جي ساڳي حيثيت رهندي آئي. بعد مير سهراب خان سهراب پور (خيرپور) جو شهر اڏايو، جو اتر سنڌ جو تختگاه هو ۽ رياست جون حدون مزارچه تائين هيون. سکر جا گهڻائي، ڪوري، موچي، نيروٽي ۽ رنگريز ۽ ٻيا ڪاريگر لڏي وڃي نئين تختگاھہ شهر ۾ ويٺا. شروعات ۾ خيرپور جي آدمشماري فقط 8 هزار هئي، پوءِ وڌي 12 هزارن کي پهتي ۽ 1843ع ۾ 15 هزارن کي پهتي، 1838ع ۾ نئين سکر جي بنياد پوڻ ڪري سکر وڌندو رهيو. ائين چوڻ صحيح ٿيندو تہ سکر ۽ ڪراچي جا شهر جاءِ وقوع جي اهميت ڪري انگريزن جا اڏايل آهن، جن ٿوري عرصي اندر بيحد ترقي ڪئي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا.
ٽالپوري دور ۾ سماجي حالت
خوراڪ: کاڌي ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن جي فراواني هئي ۽ قيمتون گهٽيل هيون. چوپايو مال جهجهو هو، ۽ عام رواجي ماڻهوءَ وٽ آسائشي حالتن ۾ اَٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ 15 يا 20 ٻڪريون هونديون هيون. اها حالت لاڙ جي هئي. اُتر سنڌ جنهن ۾ روهڙي، خيرپور، سکر ۽ شڪارپور مکيه شهر هئا، هڪ هڪ هاريءَ کي رواجي حالتن ۾ چئن کان پنج جوڙا ڍڳا هوندا هئا. زميندارن مان ڪي زرعي مال ۽ نهايت مالدار هئا. کير جي پيدائش جي فراواني هوندي هئي. غريب توڙي امير کي ڏڌ، لسي، مکڻ ۽ کير جام ملندو هوم توڙي جو هاريءَ جو کاڌو سادو ۽ غريباڻو هوندو هو تہ بہ ائين ٿو ڏسجي تہ کير جي پيدائش ۽ گوشت جي لحاظ کان ان دور جو عوام اڄ جي عام ماڻهوءَ کان ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ هو. زراعت ريل ڇيل ۽ هڪ فصلي هئي ۽ زمين جون وڏيون ايراضيون چراگاهن طور استعمال ٿينديون هيون، پر پوءِ خاص ڪري بکر بئراج کلڻ کان پوءِ، زراعت باضابطه ۽ گهڻ فصلي ٿيندي ويئي ۽ چراگاهن لاءِ زمين گهٽجي ويئي ۽ هاڻي تہ ان دور جيتري هيڪاندي چوپائي مال جو چارڻ ئي نا ممڪن آهي، هاريءَ کي انهيءَ ڪري پنهنجي مکڻ ۽ کير جي ٻين پيدائش کي لازمي طرح قناعت سان استعمال ڪرڻو ٿو پوي، ڊچ مورخ پيلز وٽ ٻڌائي ٿو تہ اتر هندستان ۾ غريبن کي گوشت جي سواد جي ڪا خير خبر آهي ٽيري ٻڌائي ٿو تہ سنڌ جا رهواسي اهڙي تہ صاف ۽ لذيذ روتي نهايت سٺي پچائين ٿا، جو آءٌ هوند ان جي ساڳي تعريف ڪريان تہ اها آسماني روٽي (من سلويٰ) آهي. مانيءَ سان گڏ هنن وٽ ٻين شين، جهڙوڪ: مکڻ، ڌوئنرو وغيره جي نهايت فراواني آهي، جو هنن وٽ مينهون، رڍون، ۽ ٻڪريون گهڻي تعداد ۾ آهن[13]. انهيءَ سلسلي ۾ پوسٽن لکي ٿو ته:
”سمورا ماڻهو جانورن جو گوشت کائين ٿا، مسلمان رڍن جي گوشت کان ٻڪريءَ جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا، چانور،
مڇي يا جوئر جي ماني هيٺيئن طبقي ۽ پورهيت طبقي جو مکيه کاڌو آهي، ڌنار ۽ رولو قومون کير، ڏڌ ۽ ٿلهي اَٽي تي گذران ڪن ٿيون“. (آر – برٽن)
سنڌ ۾ شڪار هر قسم جو جام آهي، سنڌين ۾ غريب طبقي جا ماڻهو خوش قسمت آهن، جو کين گذران جا ٻہ ذريعا آهن، مڇي ۽ جهنگلي پکي عام جام ملن ٿا، جن سان درياه، ڍنڍون ۽ تلاءُ ڀريل آهن، ملڪ ۾ جتي جتي پاڻي گهڻو آهي، اُتي انهن پکين جا ولر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ ماڻهو انهن پکين کي ڦاسائڻ ۾ نهايت قابل ۽ ڪاريگر آهن، ۽ مختلف قسمن جي مڇي هر موسم ۾ ايتري تہ گهڻي ۽ فراوان آهي، جو انهيءَ کي شمار ڪرڻ نا ممڪن آهي، ڳوٺاڻا پکي جام پالين ٿا، ۽ انهن کي نهايت سستو خريد ڪري سگهجي ٿو، مسلمان انهن پکين کي کاڌي طور گهڻو استعمال ڪن ٿا[14]. جيئن تہ اڄ ڪلهه زراعت ۽ پوک انهن ايراضين تائين پهچي ويئي آهي، جيڪي اڳ ٻيلن ۽ جهنگن سان ڍڪيل هيون، انهيءَ ڪري گهڻو شڪار هاڻ ختم ٿي ويو آهي، ايتري قدر جو ٻهراڙين ۾ مڇي بہ هاڻي گهٽ ٿي ملي ۽ غريب ماڻهو مشڪل سان مهيني ۾ ٽي يا چار دفعا گوشت واپرائي سگهي ٿو. نہ فقط غريب طبقو پر وچون طبقو بہ اڄ ڪلهه شين جي مهانگائي ڪري پريشان آهي لطف اهو تہ ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون نٿيون ملن، 1963ع ۾ سکر ۾ گوشت في سير 3 روپيه ۽ مڇي في سير 2 روپيه هئي.
سماجي جائزو انگريزن جي دور حڪومت ۾
تهذيب، قوم جي مجموعي حالت جو نالو آهي، قومي افراد جي هلت چلت، رسم و رواج، سياسي ۽ معاشي طريقن فني ڪارنامن کي گڏي ”تهذيب“ نالو ڏنو ويو آهي. تهذيب ڏينهن ۾ رات، صبح ۽ شام وانگر هڪ تدريجي سلسلو آهي، ڪا بہ تهذيب ڪيتري بہ زر خرچڻ سان اچانڪ وجود ۾ اچي ڪا نہ ٿي سگهي ۽ نہ وري اچانڪ ختم ٿي سگهي ٿي. انگريزي حڪومت جي اوائل ۾ سنڌ ۾ شهر ٿورا ۽ ڳوٺ گهڻا هئا، هر ڪو شهر ۽ ڳوٺ سياسي، معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان هڪ خود ڪفيل دائرو هو، جنهن جون گهڻو ڪري سڀ ضرورتون سندس ئي ذريعن ۽ وسيلن سان پوريون ٿينديون هيون، هر ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو يا رئيس هوندو هو، جو پرڳڻن ڪي ڪاردار جي معرفت پنهنجي حد اندر امن ۽ امان رکڻ لاءِ ذميوار هو. ڳوٺن جي آبادي هيٺين چئن طبقن ۾ ورهايل هئي: (1) وڏيرا يا پٽيل ۽ سندن رشتيدار، (2) مخدوم، سادات ۽ علماءَ، (3) وڻجارا يا واڻيا، (4) ڪاسبي جهڙوڪ: واڍا، لهار، ڪوري، موچي، کٽي، ملان، مڱڻهار، چارڻ، چاڪي، ڪڙمي ۽ ننڍا آبدگار، بلوچي قومن جا ماڻهو جهڙوڪ: چانڊيا، چانگ، لغاري ۽ لساري، مري ۽ مستوئي، مليدي ۽ برهماڻي، جمالي ۽ جسڪاڻي، جکراڻي ۽ ککراڻي، جلباڻي، شنباڻي، جتوئي ۽ مغيري، دستي ۽ ڊومڪي، گبول ۽ لنڊ، بوزدار ۽ پتافي وغيره، قديم عربن قبيلن وانگر هميشه ڳوٺن کان ٻاهر علحده علحده پنهنجون بستيون ٺاهي انهن ۾ رهندا هئا، هو پنهنجي معاشي ۽ تعليمي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڀر وارن ڳوٺن سان لهه وچڙ رکندا هئا، بلوچن جي هنن قبائلي بستين ۾ عرب جي بدوي قبيلن وانگر مهامنداري، مساوات، انسيت ۽ عسڪريت ممتاز خصوصيتون هيون، شهرن ۾ ڪاردار ۽ ڳوٺن ۾ وڏيرا گهڻي هد تائين سياه ۽ سفيد جا مالڪ هئا، چورن ٻين رهزنن کي ڪاٺ ۾ وڌو ويندو هو يا ٻيون ڳريون سزائون ڏنيون وينديون هيون.
جن شهرن ۾ ساداتن، پيرن يا علمائن جو زور هو اتي شرعي حڪمن موافق تعزير ملندا هئا، نماز، روزي، ۽ ٻين شرعي امرن کان انحرافيءَ سبب واسيطدار ڌرين کي جوڳي سزا ڏني ويندي هئي يا انهن سان قطع تعلقات ڪيو ويندو هو. ٺٽو، نصرپور، چوٽياري، هالا، سن، سيوهڻ، پاٽ، شڪارپور، روهڙي، سکر، کهڙا، درٻيلو، هالاڻي وغيره وغيره شهر اوائلي انگريزي دور جا مشهور شهر ۽ تعليمي مرڪز هئا، هنن وڏن شهرن ۾ مختلف قمسن جون صنعتون قائم هيون، ۽ اتي جي مدرسن ۾ درس نظاميه موافق مفت تعليم ڏني ويندي هئي. هنن مدرسن جو خرچ مسلمان زميندارن ۽ صنعتڪارن جي طرفانن مليل زڪوات ۽ صدقات وغيره سان ڪيو ويندو هو.
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هندو سڀ گڏ هڪ محلي ۾ پئنچات ڪري رهندا هئا، سندن ڇيڙي نبيري جو ڪم پئنچات جي وسيلي ئي ٿيندو هئو. البت حڪومت يا مسلمان پاڙيسرين سان سندن معاملا قاعدي موافق فيصل ٿيندا هئا. هندن جو مکيه ڪم وڻج واپار هو، جو ڏيارون تائين هلندو هو. جيئن تہ ليکي چوکي ۾ هندو ماڻهو ڀڙ هوندا هئا تنهنڪري منجهائن ڪيترا ڪاردار، منشي ۽ ديوان مقرر ٿيا. ڌرمي تعليم لاءِ هندن کي ڪيترن وڏن شهرن ۾ پاٺشالا هئا. پر ننڍن ڳوٺن ۾ هڪ رواجي هندوءَ جي تعليم گرمکي اکرن جي سڃاڻپ ۽ انگن ۽ ليکن جي ڳڻ ڳوت تائين محدود هئي. جيڪي هندو سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهيندا هئا تن کي پارسي زبان ضرور سکڻي پوندي هئي. بلوچي بستين اندر سرائڪي ٻولي هلندي هئي، ليڪن عام رعايا جي ٻولي سنڌي هئي.
ملڪ ۾ آمدرفت جا رستا گهڻي قدر محدود هئا ۽ ملڪ جو وڻج واپار سنڌو نديءَ ۽ سندس ڦاٽن رستي هلندو هو. هٿ جا واھہ ۾ کوٽايل ڪڙيا ڪي بلڪل ٿورا هئا جيئن تہ درياءَ تي پل يا ڪا ٻي بندش ڪا نہ هئي تنهنڪري درياءَ پوري آزادي سان وهندو هو ۽ آب ڪلانيءَ جي مند ۾ ملڪان ملڪ ٻوڏ ڪري ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيندو هو. ملڪ ۾ سڪار گهڻو هو. سستائيءَ جو اهو حال هو جو بيانيءَ ۾ سير مکڻ ۽ آڌئي ۾ مڻ ڪڻڪ جو ملندو هو. مٿين سببن جي ڪري اهلڪارن جون پگهارون بہ بلڪل ٿوريون هيون. جيئن تہ ان وقت سنڌي معاشرو قديم آرين وانگر چئن طبقن ۾ ورهايل هو تنهنڪري مختلف طبقن ۾ ماڻهن جي هڪ ٻي تي چڙهت ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪا نہ هئي. قاضيءَ جو پٽ قاضي، مُلي جو پُٽ مُلو ۽ چاڪيءَ جو پٽ چڪيءَ ئي ٿي رهندو هو. ملن موراڻن ۽ ڪاسبين کي شهر جي حاڪم ۽ زميندار طبقي کان آهت طور آن ملندو هو، جنهن سان هو پنهنجن گهرن ۾ گنديون ڀري رکندا هئا ۽ اهو ان هنن جي سڄي سال جي ضرورتن لاءِ ڪافي هوندو هو. ملڪ جي وڻج واپار ۾ بہ سڪي جو رائج گهٽ ۽ اناج جو رواج وڌيڪ هوندو هو. ماڻهو ڪفايتي، قناعتي ۽ قربدار هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي معاشرتي منصب ۽ معيار کان واقف ۽ ان تي هلڻ لاءِ پابند هو. اجايو ريب ۽ ريس، حرص ۽ هوس، لوڀ ۽ لالچ ڪو نہ هو. عوام ۽ خواص تصوف جي رڱ ۾ رڱيل ۽ سادگيءَ ڏي مائل هئا. هندن جي ڀڳتين تي مسلمان، ۽ مسلمانن جي سماع تي هندو ايندا هئا. اوليائن جي عرسن ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ هندو خواه مسلمان هڪ جهڙو بهرو وٺندا هئا. انگريزن جو قدم جيئن سنڌ ۾ پڪو ۽ پختو ڄمندو ويو تيئن هو ملڪي معاشرت ۾ پنهنجين سياسي مصلحتن جي بناءَ تي ڦيرڦار ڪرڻ لڳا. ميرن جي زماني ۾ هندن تي جيڪي زمين جي خريدڻ، وياج جي وڏن نرخن وٺڻ ۽ مسلمانن جون زمينون گروي رکڻ تي جيڪي بندشون پيل هيون سي هنن لاهي ڇڏيون جنهنڪري ڪيترا آبادگار پنهنجي جهالت ۽ فضول خرچيءَ سبب هندو شاهوڪارن جي وياج تي وياج ۽ ڪپتن جي ڪري پنهنجون زمينون وڃائي ڪنگال ٿي ويا. اڳ جيڪي مُلن موراڻن، مدرسن ۽ معلمن کي ميرن جي دربار مان مددون ملنديون هيون سي هاڻي قطعي بند ٿي ويون ويتر جو انگريزن پارسي ٻوليءَ کي دفتري زبان جي منصب کان لاهي ڇڏيو تنهن تہ هيڪاري مسلمانن جي علم نواز طبقي جا طاق ڪڍي ڇڏيا. ملڪي اهلڪار جهڙوڪ: قاضي ۽ ڪاردار وغيره، جي پارسي دانيءَ جي شرطن ڪري عموماً مسلمان طبقي مان هوندا هئا سي هاڻي پارسي زبان جي منزلت ختم ٿيڻ جي ڪري هندن وانگر سست ٿين لڳا. ايتري قدر جو ملڪ جي سمورين ملازمتن تي هندن جو قبضو ٿي ويو. هندو پنهنجي انگريز جي ملڪي مصلحتن جي ڪري سنڌ جي صنعت ڪارن کي بہ ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.
انگريز سنڌ ۾ واپاري ٿي آيا هئا ۽ واپاريءَ جي حيثيت سان هو ملڪ جا مالڪ بنجي پيا هئا. هنن جون ملڪي صنعتون مشينن جي مدد سان نهايت اعليٰ معيار تي پهچي چڪيون هيون. انهن صنعتن کي فرغ ڏيئي پنهنجي ملڪي معيشت کي ترقي ڏيارڻ، سندن ملڪ گيريءَ واري پاليسيءَ جو سنگِ بنياد هو. هنن ديسي صنعتن جي مٿان سخت پابنديون عائد ڪري پنهنجي ملڪ جو ٺهيل شيون وڏي انداز ۾ بازار ۾ آڻي ڪڍيون. نتيجو اهو ٿيو جو ٺٽو، هالا، نصرپور، هاکاڻي، درٻيلو، ڪنڊيارو، گمبٽ وغيره، جي اوائلي زماني کان سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت کان مشهور هئا، سي ڦٽي تباهه ٿي ويا ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جو خاتمو ٿي ويو.
1881ع کان سنڌ ۾ ريلوايون پوڻ شروع ٿيو ۽ جلد ئي سڄيءَ سنڌ ۾ ريلوائين جو ڄار پکڙجي ويو. هنن ريلن جو نتيجو اهو نڪتو جو لکها ماڻهو، جن جي گذران جو ذريعو ملڪ جي واپار ۽ آمدرفت سان وابسته هو جهڙوڪ: جت، مير بحر وغيره سيءَ روزگار کان محرو ٿي سڃا ٿي ويا. دنيا سڌندڙ ۽ بدلجڻ واري آهي ۽ علمي، فني ۽ صنعتي ترقيءَ جي ڪري مٿين سڀني ڳالهين جو وجود ۾ اچڻ ناگريز هو. اڳي يا پوءِ بهر صورت اهي ڳالهيون ضرور وجود ۾ اچن ها، پر ٺڪر جو انگريزن تي ڀڄڻو هو، سو مٿن ئي ڀڳو.
مٿين سڀني تبديلين جي ڪري، جي دنيا جي وڌندڙ علم ۽ صنعتي سڌارن جي عين تقاضا موافق هيون تن کان ملڪ جي حيثيت ۽ سماج ۾ وڏو ڦير اچي ويو، جو سنڌ جي مسلم قوم لاءِ وڏي اخلاقي، معاشي ۽ اقتصادي نقصان جو باعث بنيو. ڳوٺن جي معيشت جا اڳ خود ڪفيل هئي ۽ چئن اقتصادي طبقن ۾ ورهايل هئي، سا يڪايڪ بدلجي ويئي. وڏيرن زميندارن جو زور ٽُٽي پيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڪجهه پنهنجن افعالن جي ڪري تہ ڪجهه زماني جي نامساعد حالتن جي ڪري ترين ڀر ڪرندا ويا. علم نواز طبقو يعني قاضي، مفتي مثلاً آخوند، مخدوم ۽ پير بہ ديني علمن، شرعي قانونن ۽ پارسي زبان جي اهميت ختم ٿيڻ ڪري پوين پساهن تي اچي بيٺا، ڪاسبي طبقو تہ بنهه پائمال ٿي ويو، صنعتڪار فنا ٿي ويا، آبادگار ڪنگال ٿي ويا. اڳ جو مخدومن، پيرن، مُلن ۽ سيدن جي اثر ڪري عام توري خاص ماڻهو اخلاقي ضابطن موافق هلندا هئا سي ضابطا بہ معاشي قانون ۽ معاشره جي درهم برهم ٿيڻ ڪري مٽجي ويا ۽ ملڪي معاشره، شتر بي مهار وانگر هاڃي حد تائين وڃي رهيو. ملڪ مان اخلاق به، پر ڪڍي اڏامي ويو، روحاني اقتدار ختم ٿي ويا. ماڻهن مان دينداري ختم ٿي وئي. امير ۽ غريب طبقي جي مٿان اوائل ۾ جيڪو ديندار طبقي جو ڌاڪو ۽ اثر هو سو زائل ٿي ويو ۽ ملڪي معاشرو بي سکان ٻيڙي وانگر، جهان جي گرداب ۾ توائي ٿي ڦرڻ لڳو، پير ۽ مرشد، آخوند ۽ عالم، جي اصل کان دين جا محافظ ۽ اخلاق جا علمبردار هئا سي خود پنهنجي خسته حاليءَ ۾ حيران پريشان ٿي پيا. وڏڙن جي مري وڃڻ کان پوءِ سيدن ۾ پيرن جو نئون نسل آوارهه گرديءَ ۾ ڪاهي پيو. خود مغلي مخدومن ۾، جي اصل کان دين جا ٿنڀا هئا تن ۾ رياءَ ۽ خيانت، لوڀ ۽ لالچ خواه ڪفر سازي ۽ بخيليءَ جون خصلتون گهر ڪري ويون. مطلب تہ بک ۽ بيروزگاري، جهل افلاس ماڻهن سان هاڃا ڪري ڇڏيا. هڪ پاسي مسلمان پنهنجي اخلاقي ابتريءَ ۽ معاشي مصائب ۾ مبتلا هئا تہ ٻئي پاسي وري سندن هندو پاڙيسري پنهنجن انگريز آقائن جي سرپرستيءَ ۾ ملڪ تي پنهنجو حڪومتي ۽ اقتصادي اقتدار وڌائڻ ۾ مصروف هئا. انگريزن جي اچڻ کان اڳ اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين مسلمان سنڌ جي سفيد ۽ سياه جا مالڪ ٿي رهيا هئا. انگريزن جي طرفداريءَ ڪري هندن ۾ حصول اقتدار جو اهو عالم هو جو هڪ سؤ ورهين جي انگريزي دور ۾ مسلمانن کان هڪ هزار ورهين جون ڪسرون ڪڍي رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ کين ڪُٽي ڪُٽي مارڻ لڳا، ايتري قدر جو سنڌ جي خاص هندو شهرن جهڙوڪ: شهدادپور، ٽنڊو آدم، سکر، حيدرآباد، شڪارپور وغيره ۾ اڪيلي سر مسلمان جو شهر جي گهٽين مان لنگهڻ بہ خطري کان ٻاهر ڪو نہ هو. انگريزي راڄ ۾ ڪهڙو انقلاب پيو، تنهن جي هيءَ روئداد آهي[15].
________________________________________
[1] نوٽ: گوسڙجي، ڪرن، ڳڙهي ياسين ۽ روپاه جي آمدني 2 لک ويهه هزار روپيه هئي ۽ آدمشماري 75 هزار شڪارپور سميت هئي: عطا محمد: نوائي معارڪ ص 112، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، سکر، شڪارپور، نوشهرو ابڙو اهو روپاهه پرڳڻو سڏبو هو، خيرپور نامه ص 15.
[2] رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ص 691ع، ڪراچي 1958ع.
[3] خان بهادر خداداد خان: خيرپور نامه ص 22، 23، ڪمشنر پريس ڪراچي 1894ع.
[4] خيرپور نامه ص 23.
[5] خيرپور نامه، ص 24-25.
نوٽ: 1251ع ۾ شاه شجاع قنڌار کان شڪست کائي موٽڻ بعد ميرن کان بکر جي قلعي ۽ شڪارپور لاءِ گهر ڪئي هئي پر ٽالپرن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. نوائي معارڪ ص 358.
[6] ايڇ – ٽي سورلي: مير صاحب شيعا هئا هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ انگاس ۽ اوتار هئا
[7] مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: ميراڻي سنڌ.
[8] سورلي ص 53
[9] ليفٽيننٽ ليچ: رپورٽ آن سنڌين ٽروپس ص 5 – پوسٽن ص 353.
[10] Delections from Pre Muting records No. I, P. 4, 1847 Karachi.
AW. Hughes: Gazettar of Sindh, P. 41 London, 1877.
[11] Mukerji, R.K: Economic History of India, London 1945.
Musto, A. A: Future of Sindh, Karachi, 1923.
ڊاڪٽر ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي.
[12] ٿارنٽن ج 1 ص 39 – ايضاً ج 2 ص 245 – اي برنس: ٽريئولس ٽوبخارا ص 236.
[13] برٽن – آر: آن هئپي وئلي ص 257، سبزلڪوٽ روهڙي کان 77 ميلن جي فاصلي تي آهي ۽ بهاولپور کان 2 ميلن جي فاصلي تي سنڌ جي آخري حد تي قلعو هو. نواءِ معرڪ ص 90.
[14] پوسٽن: ص 72.
[15] ميان ڪريم بخش چنا جي تقرير (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪرئي سان).
باب يارهون: انگريزي حڪومت ۾ سکر نئون
جنهن هنڌ نئون سکر آهي، اتي اڳ جهنگ هو ۽ کيتن کان سواءِ کجين جا نخلستان هئا. ڪي زمينون ڀٽن جون هيون ۽ ڪي جلائر مغلن جون هيون. 1838ع ۾ اليگزينڊر برنس کي وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ بولان لڪ واري رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ پهرين افغان ويڙهه وقت روانو ڪيو هو. اليگزينڊر برنس جي اچڻ وقت سکر نئين ۾ معصوم شاهه مناري ۽ مسجد منزلگاه وارين عمارتن کان سواءِ ٻي ڪابه عمارت ڪانہ هئي. بنگالي جي لشڪر جنهن ۾ 9500 سپاهي ۽ 3800 سئپرس مائنرس هئا، جن جي لنگهڻ لاءِ اڳواٽ نواب بهاولپور فيروزپور کان وٺي ڪچو رستو تعمير ڪرايو هو ۽ راول جيسلمير ۽ نواب صاحب انگريزي لشڪر جي باربرداريءَ لاءِ ٽيهه هزار اُٺ ڏنا هئا. انهيءَ لشڪر لاءِ سکر نئين وارين ٽڪرين ٿي فوجن جي آرام وٺڻ منزلگاهه تعمير ڪرڻي هئي. هتان ٻي منزل شڪاپور هئي ۽ ٽين منزل خان ڳڙهه جو پوءِ جيڪب آباد سڏجڻ لڳو.
بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولهه تائين اٺ 8 سو گز هئي ۽ ويڪر ۾ 3 سو گز هو. ٽڪري درياه کان 25 فوٽ اوچي هئي ۽ قلعي جون ديوارون 30 کان 35 فوٽن تائين بلند هيون، جن تي مضبوط برج اڏيل هئا. قلعي کي ٻہ دروازا سکر ۽ روهڙي طرف کان هئا 1838ع ۾ انگريزن جي قبضي ڪرڻ وقت قلعي اندر 25 پنجويهه جهونيون عمارتون هيون ۽ 115 هڪ سو پنڌرهن ڊٺل عمارتن ها دڙا هئا، جن مان ڪي زمين کان 15 فوٽ ڪي 20 فوٽ اوچا هئا. لينسڊائون پل روهڙيءَ واري حصي جي، جا بکر کان شروع ٿئي ٿي، تنهن جي اوڀرندي ۾ پل جي ڀرسان هڪ عمدي عمارت مغلن جي دور جي بيٺل هئي، جا راقم بہ ڏٺي هئي، تنهن کي انگريزن بارود خانو جوڙيو هو. 1905ع ۾ اها عمارت ڊاٺي ويئي. انگريزن 35 هزارن رپين جي خرچ سان قلعي جي مرمت ڪرائي، ان کي جنگي هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو ڪيو ۽ بمبئي توبخاني جي هڪڙي ليفٽيننٽ مسٽر جان جيڪب کي ڪارخاني مٿان انجنيئر مقرر ڪيو. انهيءَ جيڪب پوءِ جيڪب آباد جو شهر اڏايو هو[1].
انگريزن سکر واري فريڪ هل تي فوجن لاءِ بئرڪون تعمير ڪرايون. جملي 18 هزار فوج کي سکر ڇانوڻي ۾ آرام ڪرڻو هو. آغاخاني اسماعيلين جي امام آغا حسن علي شاهه جنهن جي خراسان ۽ ايران تائين رسوخ هو، تنهن جا خواجا مريد، ڪڇي ميمڻن، پارسي سيٺين ۽ شڪارپور جي هندن سيٺين کي وڏا وڏا ٺيڪا مليا. هن عظيم الشان ڇانوڻي پوڻ ۽ ٺيڪن جي ڪمن لاءِ ٺيڪيدار سيٺين سکر نئين جي ٽڪرين مٿان رهائش لاءِ ڪچيون جايون جوڙايون. فوجن لاءِ اسپتالون ۽ سپلاءِ عمدار لاءِ مناري جي سامهون واري اترين ٽڪري تي عاليشان بنگلو جنهن جي بچاءُ لاءِ اردگرد مضبوط خندقون جڙيل هيون ۽ آس پاس ٽڪري واري حصي تي فوجي دفتر کلي ويا. هاڻوڪي سکر بندر تي پارسي اسڪول جي اوڀرندي ۾ ٻيڙين رستي ڀوسو ۽ اناج پهچڻ لڳو ۽ گدام کلي ويا. فوجي ڇانوڻي بنجڻ ڪري سکر پراڻي ۽ روهڙيءَ جي باکرو واڻين مناري معصوم جي هيٺان فريئر روڊ جي منهن وٽ ننڍين جهوپڙين جي ڪري سکر نئون ”ڇپري بندر“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. يعني تہ نئين سکر جي 1839ع ۾ آبادي 4 هزار ۽ سکر پراڻي جي 4 هزار جملي اٺن 8 هزارن کي پهتي. ڏهين ڊسمبر 1838ع انگريزي 12 هزار فوج ۽ 6 هزار معزول شاهه شجاع جو ڀاڙيتو لشڪر فيروزپور کان روانو ٿيو. هن لشڪر سان انگريزن جو هندوستان جو ڪمانڊر انچيف سر هينري فين بہ شامل هو، جو روهڙيءَ ۾ ڪيمپ هڻيو ويٺو هو ۽ هتان جهاز رستي سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو جتي هن کي بمبئي جي لشڪر ڪمانڊر سرجان ڪين سان ملاقات ڪرڻي هئي. فيبروري 1839ع سکر ۾ لشڪر پهچڻ سان انگريزن سکي، بکر، ڪراچي ۽ ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو[2].
سکر ڇانوڻيءَ جون فريڪ ٽڪريءَ واريون بئرڪون اڄ بہ موجود آهن. ڪمسريٽ جي وڏي عملدار جو بنگلو هينئر زبون ٿي ويو آهي. سندس چوگرد مليٽريءَ جون ڪچيون جايون هيون، سي هينئر ڊهي ويون آهن. ڇوڪرين جو ريلوي هاءِ اسڪول موجود آهي. ميونسپل زناني اسپتال واري هنڌ تي بہ ڪچيون جايون هيون جي ڊاٺيون ويون. سکر ميونسپل اسپتال، انگريزي هاءِ اسڪول ۽ سيشن جج جون ڪورٽون سڀ ملٽري ڪوارٽر هئا. فوجي ٺيڪن جي هيءَ حالت هئي، جو سولجرن لاءِ ماهوار 15000 هزار هارڊسن بيئر جي بوتلن جي ضرورت هئي، ڇو تہ ڪڇ جي گرم ميدان مان لنگهڻ وقت في انگريز عملدار ۽ في سولجر لاءِ ٻہ ڊزن بيئر جي بوتلن جي ضرورت درپيش هئي. بيئر نہ ملڻ جي صورت ۾ جهولي لڳڻ جي ڪري مرندا هئا. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ سر چارلس نيپيئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. پهرين افغان ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ انگريزن بکر جي قلعي کي سياسي قيدين لاءِ جيل خانو جوڙيو. اپر سنڌ فرنٽيئر ۾ سرحدي بلوچن سان جنگين لڳڻ ڪري سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ڇانوڻين کي قائم رکيو ويو. پر فريڪ هل ڇانوڻيءَ جي اتر ۾ سکر پراڻي شهر جي ڪني پاڻيءَ جو دٻو، پهريان راهوجن جي ٻيلي هئڻ سبب مڇرن جو ڏاڍو آزار هو. 1845ع ۾ 78 نمبر گهاگهرا اسڪاچ پلٽڻ جا پنج سو سولجر منڊمن ۽ ٻارن سميت موت جو لقمو ٿي ويا، جنهن سبب ڪري سکر ڇانوڻي کي بند ڪيو ويو[3]. گورن جو اوائلي قبرستان ريس ڪورس روڊ تي غريب آباد ويجهو آهي. هن قبرستان کي چوطرف ديوار ڏنل هئي، جنهن جي سال بسال مرمت ٿيندي رهي. 1896ع ۾ ڀرجي وڃڻ ڪري بند ڪيو ويو ۽ نئون قبرستان نئين ڳوٺ وٽ آهي. قيام پاڪستان کان پوءِ پراڻي قبرستان کي سکر ميونسپالٽي پارڪ ۾ بدلائڻ جو ارادو ڪيو جا رٿ پوري ٿي نہ سگهي. قبرستان جون ديوارون ڪري پيون ۽ ماڻهو قبرن تي لڳل قيمتي پٿر بہ پٽي ويا. اڄ ڪلهه اتي غريبن جون جهوپڙيون آهن[4].
مير علي مراد خان سان انگريزن جو سلوڪ
ويڙهائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ انگريزن جي پاليسي ضربالمثال آهي. ميرعلي مراد خان پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان کي ڀڄائڻ کان پوءِ سر چارلس نيپيئر کي اپر سنڌ جي بلوچن خلاف مدد ڪئي ۽ پنهنجي وفاداريءَ جو پورو ثبوت ڏنائين. پر وٽس جيڪا جاگير هئي ان رياست جي پکيڙ 5 هزار چورس ميل هئي ۽ آمدني ساليانو ڏهه لک روپيا هئي. سر چارلس نيپيئر هن لاءِ سفارش ڪئي، 6 سال لنگهي ويا پر انگريزن اڃان تصديق ڪانہ ڪئي هئي. 1847ع ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو. انگريزن سنڌ کي بمبئي سان لاڳو ڪري مسٽر پرنگل ڪمشنر مقرر ڪيو. سنڌ ٽن ضلعن ۾ ورهايل هئي. ڪراچي،حيدرآباد ۽ شڪارپور. 1849ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو. خيرپور رياست ۾ نوشهرو، ڪنڊيارو، گاگڙي، لڌوگاگن، خيرپور، ٿر، نارو، شاهه ڳڙهه، سردار ڳڙهه، امام ڳڙهه، اوٻاڙو، خيرپور، ڏهرڪي، امام واهه، روپاهه، ڀڙوچڪا، شڪارپور تعلقي جو ڪجهه حصو، موغلي، ميرپور ماٿيلو، سهرڪي، دادلوءَ وغيره. ڪنهن گمنام شخص بمبئيءَ جي گورنر سر جارج ڪلارڪ کي مخفي رپورٽ پيش ڪئي تہ مير علي مراد خان کي مير رستم خان قرآن تي جيڪو نونهار جو معاهدو لکي ڏنو هو، تنهن ۾ مير علي مراد خان ڦير ڦار ڪئي آهي. جتي ديهه جو لفظ هو، اتي پرڳڻي جو لفظ وڌو اٿائين. گورنر جنرل جي حڪم موجب ڪمشنر تحقيقات ڪري هيٺين ماڻهن جا نالا تهمت هڻندڙ مير خلاف ڏيکاريا. (1) معزول وزير شيخ علي حسين سهانپوري (2) سيد علي گوهر شاهه صاحب راشدي پير پاڳارو، (3) منشي ذوقيرام (4) منشي ٽور مل ساکرو. 1855ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر فوجي دستي سان سکر پهتو. تحقيقاتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر ميجر جان جيڪب ۽ ميجرلئينگ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاٺياواڙ. مير علي مراد خان بچاءَ جي شاهدن ۾ پنهنجي چاچي مير زنگي خان، پنهنجي ملازم محمد خان جلباڻي، قاضي محمد شڪارپوري ۽ فتح محمد کي پيش ڪيو. پر 1851ع ۾ انگريزن ارادو ڪيو هو تہ رياست جا شاداب حصا کسيا وڃن. انگريزن مير صاحب کي فقط ريگستان وارو حصو ڏنو جنهن جي اپت فقط اڍائي لک روپيا هئي باقي حصا حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن سان لاڳو ڪيا ويا. مير صاحب 1856ع ۾ لنڊن پارليامينٽ تائين دانهن کڻي ويو پر آواز ٻڌجڻ محال هو.
شاد ٻيلو ڪيئن ڦري ساڌ ٻيلو ٿيو؟
بکر جي ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ شاد ٻيلو ۽ دين ٻيلو بہ ننڍا ٻيٽ آهن، جن تي کجين جي وڻن جا جهڳٽا هئا، شاد ٻيلي تي پهرين عمارت مرزا شاهه حسن ارغون پنهنجي نالي مرزا ڪامران لاءِ جوڙائي هئي، اڪبري دور ۾ نواب مير محمد معصوم هڪڙي گنبذدار عمارت ”ستياسر“ تعمير ڪرائي هئي، جا نيري آسمان هيٺان کجين جي وڻن اندر پريان خوشنما نظر ايندي هئي، جڏهن مير سهراب خان جي پٽ مير رستم خان مٿيان ٻئي ٻيٽ بکي ۽ سکر سميت شڪارپور جي دراني نواب خان فتح ڪيا هيا، تڏهن ٻنهي ٻيٽن تي سواءِ کجين جي وڻن جي ٻيو ڪجهه بہ ڪين هيو، سهرباڻين 1823ع ۾ انهن ٻيٽن تي قبضو ڪيو، تنهن کان اڳ هندوستان کان هڪڙو سيلاني ساڌو سوامي ورکنڊي سنڌ جي سير تي آيو هو، ٻائو ورکنڊي 1762ع ۾ ڪرو کيشتر (ڪرنال) ۾ ڄائو هو. ۽ ساڌن جي ”اُداسين“ فرقي مان هو ۽ 58 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ ۾ آيو هو، لاڙ تائين سنڌ جو سير ڪيائين، پر هن کي شاڌ ٻيلي جي پر فضا ٽڪري ايتري وڻي ويئي، جو ٻيٽ تي ديرو ڄمائي درياءَ مان لڙهندڙ ڪاٺيون گڏ ڪري دونهين دکائي ويٺو، هي 1817ع جو واقعو آهي. وري جڏهن ٻيٽ تي سهراباڻين قبضو ڪيو تہ کين سير ۽ شڪار کان ايتري فرصت ڪانہ هئي جو ٻيٽ جي چڪاس ڪن، ازانسواءِ خيرپور جي درٻار تي هندن جو قبضو هو، مير منشي اُتم چند متخلص ”صبا“ عربي دان ۽ فارسيءَ جو جادو بيان شاعر هو، ايتري قدر جو هن کي سڏيندا ئي ”بلبل بوستان خيرپور“ هئا. سيٺ هوتسنگهه شڪارپوري مدارالمهام هو. منشي ڪشنداس، منشي ڪانسنگهه، منشي سجانسنگهه، منشي مولرام، منشي چندا سنگهه وڏن وڏن عهدن تي مامور هئا[5] هندن جي ايڏي اقتدار جي ڪري ڪنهن کي مجال هئي جو ٻائي مهراج کي ٻيٽ تان تڙي ڪڍي. مير رستم خان تہ پاڻ فقير دوست ۽ درويش سيرت هو، 1838ع ۾ پهرين افغان ويڙهه وقت انگريزن بکر ۽ ٻين ٻيٽن تي سکر سميت قبضو ڪيو تہ ملٽريءَ جا ٺيڪيدار گهڻائي هندو هئا. سڀ کان پهريائين ٻائي ورکنڊي ٻہ چار پٿر جا بت کڙا ڪيا، جن ڪري شاد ٻيلو ”ساڌ ٻيلو“ سڏجڻ لڳو ۽ هندو بتن جي ياترا ڪرڻ اچڻ لڳا ۽ ساڌ ٻيلو تيرٿ بنجي ويو. پوءِ ٻين ساڌن اچي جهوپڙيون کڙيون ڪيون. ساڌ ٻيلو ”ورکنڊي آشرم“ ۽ ”اداسين آشرم“ سڏجڻ لڳو. انهيءَ طرح هڪ سيلاني ساڌو مستقل گادي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، سوامي ورکنڊي هڪ سو ورهين جي ڄمار ۾ 1862ع ڌاري پرلوڪ پڌاري ويو. هڪڙي انگريز مسٽر پينڪ وئلس ٻيٽ تي بنگلي تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر پوءِ ساڌن جون جهوپڙيون ڏسي هن ارادو لاهي ڇڏيو، هندن هن واقعي کي سوامي جو پرڪاشن ظاهر ڪيو. 1883ع ۾ انگريزن سکر کي ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو تہ هندن اثر هلائي ٻيٽ تي عمديون جايون ۽ ڪاليءَ جو مندر تعمير ڪرايو. 1893ع ۾ سکر جي هڪ دال فروش واڻئي جو پٽ سوامي هرنامداس گاديءَ تي ويٺو. هندن هن لاءِ ٻيٽ جي وچ تي هڪ عاليشان محلات اڏايو. ٻيٽ جي گهاٽ واري پراڻي دروازي کي ڪيرائي نئون سنگ مر مرن جو دروازو اڏايو، جنهن جي ديوارن تي سرڳ ۽ نرڳ جون تصويرون ڏنل آهن. ياترين جي اچ وڃ لاءِ هڪ مسقل پتڻ مسجد منزل گاهه جي لڳ مقرر ڪيو ويو. هندن مسجد منزل گاهه کي چوطرف پٿرن جي ديوار ڏياري مسجد کي دائمي قفل هڻائي ڇڏيو. ٻيٽ کي چوڌاري پٿرن جي مظبوط ديوار ڏياري دين ٻيلي کي بہ ساڌ ٻيلي سان ڳنڍي ڇڏيائون. دين ٻيلي تي هڪ شوالو ۽ باغ لڳايائون. هر صبح شام پرارٿنا ڪرڻ وقت گهنڊن جو آواز ۽ مورن جي ڪو ڪو جو آواز فضا۾ گونجڻ لڳندو هو. ٻيٽ تي سڀني ايندڙن لاءِ ڦُلڪا ۽ ڪڻاهه لنگر مان تيار ملندو هو. هر فرقي جي ماڻهوءَ کي اچڻ جي اجازت هوندي هئي. هندن جي اڪثريت ۽ اقتدار جي ڪري تاريخي مسجد منزل گاهه کي هندن بند ڪرائي ڇڏيو، ليڪن انقلاب دهر کي قدرت جنبش ڏني، تقسيم هند کان اڳ ۾ مسلمانن قربانين ڏيڻ کان پوءِ مسجد شريف آزاد ڪرائي. 1947ع پاڪستان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو، هندو هندستان لڏي ويا ۽ گادي نشين سوامي هرنامداس بمبئي کي وڃي وسايو. ساڌ ٻيلو جنهن ۾ صبح شام گهنڊ وڄندا هئا ۽ مور رقص ڪندا هئا، سو انقلاب ڪري شهر خموشان بنجي ويو. يادگار مسجد جنهن کي هندن تالو لڳايو هو، تنهن مان پنج وقتي الله اڪبر جي صدا ايمان وارن کي ايثار ۽ قربانيءَ جو سبق ياد ڏياري ٿي. هينئر هر سال آهڙ جي مهيني جي 12،13 ۽ 14 تاريخن ۾ ساڌ بيلي ۾ ميلو لڳندو آهي، پوءِ سڄو سال خاموشي طاري رهي ٿي.. ”تلک الايام ندا ولها بين الناس“
انڊس فلو ٽيلا ڪمپني جي جهاز راني
1838ع کان 1845ع ستن سالن جي عرصي ۾ سکر نئين جي دڪانن کلڻ ۽ ٽڪرين تي سرڪاري ۽ خانگي عمارتن جي نمودار ٿيڻ مان صاف ظاهر هو تہ سکر شريف جو مستقبل شاندار نظر پي آيو. ڪراچي جيڪڏهن مشرق جي عروس البلاد بنجڻ لاءِ منتظر هئي تہ اوليائن ۽ درويشن ننگري سکر بہ پنهنجي قدرتي دلاويزي ۽ طبعي جاءءِ وقوع جي لحاظ ڪري پاسا بدلائي رهيو هو. ڇپري بندر جي ٽوئن ۽ ڪانن واريون جهوپڙيون ويس مٽائڻ لاءِ منتظر نظر پئي آيون. انگريزن سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ وراهيو هو، پر واپار جي سهوليت لاءِ رستا پٽيءَ ڪونہ هئا، 1857ع واري پهرين آزاديءَ واري جنگ جي موقعي تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڇانوڻين ۾ ديسي سپاهين ڪجهه شورش ڪئي هئي، پر انهن کي سخت سزائون ڏنيو ويون. اهڙن اهم موقعن تي فقط سنڌو درياءُ هڪ قدرتي شاهراهه هئي.
انهن ڏينهن ۾ ”انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ“ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا کان شير شاهه ۽ ملتان مال ڍوئيندا هئا.جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا جو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون کوليون ويون هيون. وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کلي ويا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت پهلو عمارت ۾ ٽريفڪ جي آفيس کولي ويئي. اڳ ٻيڙين وسيلي اناج جيڪو سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺان ڍڳ ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي باقائده سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو اڄڪلهه نواب فئڪٽري ڪوٺجي ٿي. سکر بندر تي هي پهريون گدام هو. سال 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ”انڊس وئلي اسٽيٽ ريلوي“ جي پهرين لائين چالو ٿي، جنهنڪري ” انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريلوي گاڏن ۾ چڙهندو هو. هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. جهازن جي گودي بہ ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي.غرض ڪوٽڙي اهڙي گهماگهميءَ جي ڪري سنڌ جو بمبئي بندر بنجي ويئي. انهن ڏينهن ۾ لاهور کان ملتان تائين ريلوي لائين کلي هئي. آگبوٽ ڪوٽڙيءَ کان ملتان تائين چڪر هڻندا هئا. ڪوٽڙيءَ کان ملتان جي وچ ۾ سکر مشهور واپار جو بندر هو، جنهن جي گهاٽن ۽ پتڻن کي 1860ع ۾ گهڙيلن پٿرن سان مظبوط ڪيو ويو هو ۽ جهازن نجي آمد ورفت جي سلامتيءَ لاءِ هاڻوڪي سکر ميونسپالٽيءَ جي ٽاور واري عمارت کي ” سنگل هائوس“ ٺاهيو ويو، جنهن مٿان اڄ تائين بتيون لڳل آهن. پوءِ هن عمارت کي ميونسپل هال ۽ لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو[6] سن 1861ع کان اڳ سنڌ ۾ ڪابه ريلوي لائين ڪانہ هئي.
بيگاري بند
1874ع ۾ مهراڻ جي ليٽ ڪري جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو هو. ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي بہ نقصان پهتو هو. ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نہ ٿيا هئا،سکر شهر کي هميشه خطرو رهندو هو. بيگاري واھہ جي منهن کان ڪشمور تائين ڇهه ميل مٿڀرو بند تعمير ڪيو ويو ۽ لوپ بند سکر تائين تعمير ڪيو ويو جو 1879ع ۾ پورو ٿيو.
ريلوي لائين جو پهچڻ
1878 ٻي افغان ويڙهه وقت ريلوي لائين ڪوٽڙيءِ کان براه دادو، لاڙڪاڻو، سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ کان خانپور تائين ريلوي لائين چالو ٿي، روهڙي جي ريلوي اسٽيشن قاسم خوانيءَ جي اولهندي ساڌ ٻيلي جي سامهون هئي سکر بندر مال گدام واري آفيس سکر جي ريلوي اسٽيشن هئي ۽ هاڻوڪي بندر تي پٿر گودي ريلوي انجڻ شيڊ هئي. لاهڙيءَ ۾ بہ کجين جي جهڳٽن ۾ انجڻ شيڊ هئي، مٿين ريلوي لائينن کلڻ جي ڪري ”انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جي اهميت گهٽجي ويئي، پر ڪوٽڙيءَ ۽ سکر ۾ لوهي پلين نہ هئڻ سبب ڪري ٻنهي بندرن کي آگبوٽن ۽ فلاٽن جي اڃان ضرورت هئي، مثلاً ريلوي رستي جيڪي مال سان ڀريل گاڏا پنجاب لاءِ سکر پهچندا هئا يا پنجاب کان مال گاڏا جيڪي روهڙي پهچندا هئا، تن کي مزدور ڌڪي فلاٽن تي چاڙهيندا هئا، هن ابتدائي دور ۾ مال گاڏا بلڪل ننڍا هئا ۽ ”ايل “ ڪلاس ننڍيون انجڻيون هيون جن کي فقط ويهه گاڏا لڳندا هئا، فلاٽن تي گاڏا آڻڻ ۽ نيڻ ڪري مزدورن لاءِ روزگار کلي ويو هيو، پر ڪم ۾ وڏي اينگهه ٿيندي هئي. 1882ع ۾ آدم شاهه ٽڪريءَ جي هيٺيان ڏاکڻي طرف انجڻين جي مرمت لاءِ ريلوي ورڪشاپ کولي ويئي جنهن ۾ چار هزار مزدور روزانو ڪم ڪندا هئا، انهن ڪارخانن، ريلوائن جي کلڻ ڪري نئين سکر جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، چنانچه نئين ڳوٺ ۽ غريب آباد جو بنياد پيو، تنهن کان پوءِ ورڪشاپ جي مزورن لاءِ نئين پنڊ ۾ ريلوي ڪوارٽر ٺهرايا ويا.
ڇپريءَ جي جهوپڙين ۾ روزمره اضافو ٿيڻ لڳو، جتي هينئر ڪپڙي بازار آهي، اتي مارواڙي موچين جتين جا دوڪان کوليا. فلاٽن جو ڪم 1889ع تائين چالو رهيو. پوءِ لينسڊائون لوهي پل جڙڻ ڪري فلوٽيلا ڪمپني ختم ٿي ويئي، فقط ڪمشنر سنڌ جي دوري لاءِ ، پاڻيءَ جي ماپ لاءِ ٻہ ٽي جهاز ڪوٽڙيءَ ۾ ۽ هڪڙو ماپ وٺڻ لاءِ جهاز سکر ۾ رکيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي. فريڪ هل واريون فوجي بيرڪون ريلوي کاتي جي حوالي ڪيون ويون، جي اڄ سوڌو آهن.
سکر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر بنجڻ
شڪارپور آدمشماري ۽ واپار جي لحاظ ڪري سنڌ جو پهريون نمبر شهر هيو ۽ هتي فوجي ڇانوڻي بہ هئي ۽ ضلعي جو صدر شهر بہ هو، پر سم ۽ پوسل جي ڪري هتي جي آب و هوا فوجين ۽ گورن عملدارن کي موافق نہ ڪونہ پئي، سو سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪرڻ اڳ ڪٿي ڪندي چيو هو ته:
”ڪراچيءَ کي مشرق جو لورپرل ۽ شڪارپور کي ٻروچن جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن جي بچاءَ لاءِ ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪندس ۽ سکر کي مهراڻ جو مکيه واپاري بندر ٺاهيندس.“
مٿين اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، سکر ۾ لوڪو ورڪشاپ ۽ انجڻ شيڊ پوڻ ڪري يورپين آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سينٽ ميري هاءِ اسڪول کان وٺي ويندي غريب آباد تائين ”ڪنگس ٽڪريءَ“ تي جيڪي مخصوص ٽائيپ جا بنگلا هن وقت بہ ريلوي ملازمن کي مليل آهن، تن ۾ اڳ ۾ يورپين اسٽاف رهندو هو. لوڪو ورڪشاپ جي لڳ بہ گورن لاءِ بنگلا جڙي ويا. لوڪو ورڪشاپ سان لڳ ريلوي سامان جو وڏو اسٽور آهي. ريلوي گورن ملازمن 1883ع ۾ ” ڪنگس هل“ تي ريلوي انسٽيٽيوٽ تعمير ڪرايو ۽ ان سان لڳ ڏکڻ طرف ٽينس گرائونڊ ۽ اتر طرف لائبريري ۽ بلئرڊ روم پڻ تعمير ڪرايو. ريلوي ڪوآپريٽو اسٽور هڪڙي ملٽري عمارت ۾ کولايو، جنهن ۾ اڄڪلهه ڇوڪرين جو ريلوي هاءِ اسڪول آهي. شڪارپور جي ڇانوڻيءَ کي انگريزن 1861ع ۾ کڻي ڇڏيو هو. جيڪب آباد جي ڇانوڻي 1914ع تائين قائم رهي. ان هنڌ کي اڄ ڪلهه ”فئملي ڪوارٽرس“ سڏين ٿا. سکر جي ٽڪرين تي هن وقت جيڪي دفتر ۽ ڪليڪٽر جي آفيس آهي يا فريڪ هل، انهن ٽڪرين تي مسلمانن جون قبرون جڙيل هيون. اڳ آبڪلاڻي جي مند ۾ سڄو ملڪ جهر جهنگ پاڻي ٿي ويندو هو، انهيءَ سبب ڪري مسلمان قبرون ٽڪرين تي ٺاهيندا هئا. انگريزن ضلعي آفيسون تعمير ڪرڻ لاءِ سمورين قبرن کي ڊهرائي هڏن سان ٻيڙيون ڀرائي درياءَ ۾ ڦٽا ڪرايا. مسلمانن جڏهن دانهون ڪوڪون ڪيون تڏهن انگريز عملدارن چيو، ” سنڌو درياءُ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ هڏا وڃي حجاز پهچندا.“ فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي سنگل هائوس کي ميونسپالٽيءَ جو دفتر ڪيو ويو ۽ هڪڙي ۾ شڪارپور لائبريري جا ڪتاب رکيا ويا، جا هينئر جنرل لائبريري سکر سڏجي ٿي. جن عمارتن ۾ جج جون ڪورٽون آهن، ٽريفڪ جون ريلوي آفيسون هيون. 1883ع ۾ سکر ضلعو بنجي ويو، پر جج جي ڪورٽ شڪارپور ۾ هئي. انهن ٽڪرين مان لوڪل بورڊ لڳ ٽڪريءَ مٿان ٻنهي ڪنڊن تي چبوترن مٿان ٻہ گنبذدار قبرون هيون. چبوترا موجود آهن.
سکر نئون وڌي پڪو شهر بنجڻ
ڪليڪٽر ڪرنل آلفريد ميفيو سکر بندر تي وڻ رکائي بندر کي رونق وٺرائي. سکر جي هنڌن ۾ ايڪو هو ۽ اڪثريت ۾ هئا. هنن ڀٽن کان جايون خريد ڪري، نون پلاٽن تي نيون جايون تعمير ڪرايون. انهن هندن ۾ گهڻا ٻاهر جا هئا. جن واپار سانگي هن شهر کي وطن جوڙيو. جتي هينئر ڀائي سيروءَ جو چونڪ آهي ۽ اڄ ڪلهه نشتر روڊ چون ٿا، تنهن جي زمين هيٺانهين هئي، جا آبڪلاني جي مند ۾ ويندي باغ حيات علي شاه ۽ شمس آباد تائين تلاءَ بنجي ويندي هو. بندر کي پڪو ڪيو ويو تہ مينهن جو پاڻي گڏ ٿيڻ لڳو. بندر ڀرسان جنهن چونڪ کي ”نمن جو چونڪ“ سڏيندا هئا، اتي نم جا وڻ هئا، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. سکر جي منزلگاه واري هشت پهلو گنبذ کي پوسٽ آفيس ڪيو ويو. ٻي نئين ڪچن سرن واري پوسٽ ۽ تار آفيس سکر ميونسپالٽيءَ پٺيان تعمير ڪئي ويئي،نيم جي چاڙهي سڏجڻ لڳي. سيٺ لمجي ٺيڪيدار هو. يورپي آبادي جي ڪري بندر تي ڀوسا گدام جي اوڀرندي ۾پارسي سيٺ ڊوسا ڀائي پالن جي سوڍا ليمن جو پهريون ڪارخانو کوليو هو. شهر کي واٽر ورڪس ڪونہ هو، ماڻهو کوهن جو پاڻي استعمال ڪندا هئا. غريب آباد ۾ ماڻهن جي سهوليت لاءِ وڏو تلاءُ کوٽرائي پاڻيءَ سان ڀرائي سندس چوطرف وڻ رکريا ويا هئا، جن هيٺان مسافر ويهندا هئا. وچ تلاءَ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ هو جنهن ۾ کجيءَ جا وڻ هئا. هر آرتوار ڏينهن شام جو منڊمون بطيلن تي چڙهي سير ڪرڻ وينديون هيون، ٻيٽ جو منظر دلفريب هو. شهر واسي تلاءَ مان مڇيون ماريندا هئا ۽ ڪپڙا ڌوئيندا ۽ وهنجندا هئا، پر پوءِ بہ ڪي مجرم، ماڻهن کي ماري تلاءِ ۾ ڦٽو ڪندا هئا. اهڙين وارداتن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سرڪار تلاءَ کي سڪائي پورائي ڇڏيو. سڪي تلاءَ جي اتر اولهائين ڪنڊ تي هر آرتوار شام جو ميلو لڳندو هو. قدردان پهلوانن کي انعام ڏيندا هئا. هفتيوار ملاکڙو گهڻا ڏينهن جاري رهندو هو پر پوءِ منتظمين جي مري کپي وڃڻ جي ڪري ملاکڙو بند ٿي ويو. جتي پوليس هيڊ ڪوارٽر آهي اتي واحد بخش ڀٽي جو باغ هو. سرڪار اها زمين خريد ڪري پوليس هيڊڪوارٽر جو ڪم 1899ع ۾ شروع ڪرايو جو 1901ع ۾ ختم ٿيو. سکر لوڪو ورڪشاپ جا مزور پهريان نئين ڳوٺ لڳ چمڙي گودام وٽ جتي ريلوي برج کاتي جو اسٽور آهي، اتي خانگي جهوپڙين ۾ رهندا هئا. پوءِ ريلوي کاتي انهن جي لاءِ نئين پنڊ ۾ ڪچيون جايون جوڙايون. نئين پنڊ ۽ باگڙجي ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين جي وچ واري هنڌ تي شهر جو گند ڪچرو اڇلائيندا هئا، اتي هڪ انگريز ريلوي عملدار مسٽر ڪنڪ هڪ عظيم الشان باغ ٺهرائي مٿس ”فني گارڊن“ نالو رکيو، جنهن ۾ بيشمار قسمن جا گل، ڀاڄيون ۽ ميوا ٿيندا هئا، جن جون ٽوڪريون ڀرجي هر صبح جو ريلوي عملدارن کي پهچنديون هيون. ناتال ڏينهن گورا، منڊمون ۽ ٻار گڏجي جلسا ڪندا هئا. فني گارڊن ۾ گهمڻ جي اجازت هئي، پر گلن ڇنڻ جي منع هئي. باغ ۾ سيلانين جي آسائش لاءِ ولين ۽ گلن سان ڍڪيل منهن پڻ هئا، جن ۾ بينچون رکيل هيون. باغ حيات علي شاهه ۾ ڀٽن جون کيتيون هيون.
سکر جون بازارون
سکر جي ڪليڪٽرن مان مسٽر واليس ڇپري واري ٽڪريءَ کي ڪاٽائي واليس گنج بازار تعمير ڪرائي جا اڄ تائين سندس نالي تي مشهور آهي. اهو رستو اڳتي هلي صرافڪي بازار يا بمبئي بازار ڪوٺجڻ ۾ آئي.
مسٽر واليس فريئر روڊ جي اوڀرندي واري ٽڪريءَ کي ڪاٽائي، مٿس ميونسپل ۽ سٽي مئجسٽريٽ واري رستي تي پل تعمير ڪرائي. فريئر روڊ سنڌ جي معمار ڪمشنر مسٽر بارٽل فريئر جي نالي تي آهي. هن صاحب سنڌي زبان جو گرامر تيار ڪرائي هن کي تعليمي ۽ سرڪاري زبان جو درجو ڏنو. گهڻو ڪري واپاري هندو هئا تنهنڪري بازارون بہ سندن نالن تي سڏبيون هيون، جيئن ڀاڀڙڪي بازار، لاڙائي بازار. ڀاڀڙ پنجابي واڻيا هئا ۽ لاڙائي لاڙ جا هندو هئا. واليس گنج ۾ گيهه تيل، ڳڙ ۽ ناس جا گدام هئا. ڪپڙي بازار ۾ مارواڙي موچين جون جهوپڙيون هيون، تنهنڪري ”ماڙيچي“ بازار سڏبي هئي. شهر ۾ ناس، گيهه، ڪپڙي ۽ ڪاٺ، چمڙي ۽ پسار جو سامان روزانو لکن روپين جو وڪامندو هو. واپار جي بازار يترو گرم هئي جو واپاري ڪلدارن کي ڳڻڻ بدران تور ڪري وٺندا هئا. بندر تي ڪاٺ ۽ انج جون مڏيون هيون، جتان روسي ۽ پٺاڻ واپاري اناج خريد ڪندا هئا. جاين ۾ گرڊرن ۽ ٽيئرن بدران شهتير ڪتب ايندا هئا.سيٺيون شڪارپور کان ڪمانگر ۽ رازا گهرائي جايون ۽ گدام اڏائيندا هئا. شهر جي هيئت نرالي هئي. پيونسپل مسافر خاني کان وٺي هاڻوڪي اسٽار هوٽل تائين ”راڻي باغ“ هو. هندو مسافر خاني واري هنڌ بيل خانو هو. چنيوٽي چمڙي جي واپارين جي جاين واري هنڌ تي ”ٻڪرا پڙي“ هئي، جتان ڪاسائي ٻڪريون خريد ڪندا هئا. انهيءَ ٻڪرا پڙي جي ڳوڀر ۾ هندوستاني ڪاسائن جي ڪچي لين هئي. اهي ڪاسائي فقط رڍن جو گوشت وڪڻندا هئا جو انگريزن جا بٽلر خريد ڪندا هئا. ڳتي ڊبل روٽين جو جهانگير خان جو دڪان هو ۽ اهو سڄي شهر ۾ فقط هڪڙو دڪان هو. جتي غريب آباد پرائمري اسڪول آهي اتي ڳائي گوشت جي مارڪيٽ هئي پوءِ هندن جي اعتراض ڪري ميونسپل گورن جي قبرستان جي اترين ڪنڊ تي نئين ڳائي مارڪيٽ تعمير ڪرائي. سڄي شهر ۾ لمجي چاڙهيءَ تي پير بخش گهڙي ساز جو دڪان هو، مناره کان شمس آباد ڏانهن ويندڙ رستو گيلاني روڊ سڏبو هو.
سکر ۾ ولايتي سامان جي فقط ٽي دڪان هئا؛ (1) ريلوي ڪوآپريٽو اسٽور، (2) سيٺ جان محمد ميمڻ جو فريئر روڊ تي دڪان، (3) سيٺ حاجي موسيٰ جو دڪان، هاڻوڪي اسٽيڊيم جي لڳ اوڀرندي طرف سول يوروپين عملدارن جو جيمخانو ۽ لائبرري هئي، جيمخاني جي اتر اولهندي واري ڪنڊ تي هڪڙي کٻڙ جي وڻ هيٺيان بخاري پير جي قبر هئي جا اڄ بہ آهي ليڪن پير جي نالي جو پتو نٿو پوي. سول جيمخانو 1843ع ۾ تعمير ٿيو منجهس ٽينس گرائونڊ بہ هو. هندو واپارين وٽ ڪو دڪان ڪو نہ هو. سيٺ پارومل جو دڪان گهڻو پوءِ کليو.هاڻوڪي مناري هيٺان اسپتال ۽ سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ هئي ۽ هاڻوڪي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ سول ڪورٽ هئي ۽ سول ڪورٽ واريون عمارتون فوجي بئرڪون هيون. سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان پوءِ سکر ٻيو نمبر وڏو شهر هو، جو شڪارپور جي واپار کي ڇڪي رهيو هو.
سکر جي وڌنڌڙ آدمشماريءَ جا انگ اکر؛
سال آدمشماري سال آدمشماري
1844ع 4،000 1891ع 29،302
1858ع 8،000 1901ع 31،316
1872ع 13،318 1911ع 35،294
1881ع 27،389
بولان ريلوي
خيبر لڪ وانگر بولان لڪ بہ هندوستان جو دروازو آهي پر فرق هي آهي تہ خيبر لڪ کي لتاڙبو تہ اڳيان پنجاب جي سرزمين اچي ٿي، جتي پاڻي ۽ گاهه جي گهڻائي آهي. بولان لڪ اڳيان ڪڇيءَ جو ٽڪنڊو ويران ميدان آهي، جتي ڪوهن تائين نہ پاڻي لڀي ٿو نہ وري ڪو وڻ ٽڻ نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري فاتح اڪثر خيبر کان آيا. انگريزن ڪوئيٽا ۾ ڇانوڻي وڌي هئي، سندن مرضي هئي تہ هن فوجي مرڪز کي جو برصغير جي بچاءُ لاءِ نيزي جي نوڪ وانگي آهي، تنهن کي ريل رستي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان ملائڻ ضروري ڄاتو ويو. ان باري ۾ قلات جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر گرين ۽ جيڪب آباد جي ڪمانڊر جنرل جان جيڪب هندوستان جي حڪومت کي سفارش ڪئي تہ ريلوي لائين کي بولان لڪ مان لنگهائڻ فوجي نقطه نظر سان وڏي اهميت جي حامل آهي. جود برٽش حڪومت کي تلخ تجربا ياد هئا، جيڪي برٽش فوجين کي 1839ع ۾ هتان لزگهندي پيش آيا هئا. 1878ع – 1880ع ٻي افغان ويڙهه وقت وائسراءِ لارڊ لٽن، بمبئي جي گورنر سر رچرڊ ٽيمپل کي جيڪب آباد کان سبيءَ تائين ريلوي لائين جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيئن جنگ لڳڻ جي حالت ۾ سکر کان فوجي سامان برٽش فوجن کي بولان ۽ خوجڪ لڪن پريان پهچي سگهي.
گورنر پنهنجي سر 1879ع ۾ سروي جو ڪم شروع ڪيو جو 1880ع ۾ پورو ٿيو ۽ 1885ع ۾ ”انڊس اسٽيٽ ريلوي“ جو ڪم بولان لڪ تائين پورو ٿيو. هيءَ ريلوي لائين جيڪب آباد کان براه بولان، ڪوئيٽا ۽ چمن تائين 265 ميلن ۾ هئي. وچ ۾ شيلا باغ کان ٽوپا ڪاڪڙ تائين اڍائي ميل ڊگهي خوجڪ سرنگهه مان لنگهي ٿي. هن ڪوئيٽا، پشين پشين ريلوي جو ڪم 1881ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1891ع ۾ پورو ٿيو. فقط خوجڪ سرنگهه تي ستر لک روپيا خرچ لڳو. ”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ جي ٻي شاخ سبي کان شروع ٿي هرنائي، ڪچلاغ، کوسٽ، خنائي کان ٿيندي ڪوئيٽا چمن واري ريلوي لائين سان بوستان ۾ گڏجي ٿي. هن ريلوي لائين کي ”سنڌ – پشين“ ريلوي چون ٿا. جنهن جو ڪم 1879ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1892ع ۾ ختم ٿيو. هن لائين تي ”ڇپر“ پل فن انجنيرنگ جو حيرت انگيز ڪارنامو آهي[7].
سکر ميونسپالٽي
سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شهر جي آدمشماري 12 هزارن کي قريب پهچڻ تي هئي، انهن ڏينهن ۾ حڪومت شهر واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي، صدارت ڪليڪٽر ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو، 1883ع ۾ جڏهن سکر ضلعو بنجي ويو تہ 1884ع ۾ پهريون دفعو شهر واسين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو مگر صدر ڪليڪٽر ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسو مل ذوقيرام پهريون شهر واسي هو جو صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، 1911ع ۾ شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشهور وڪيل ديوان ڀوڄسنگه صدر چونڊيو ويو ۽ 1914 ع تائين صدر رهيو، 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو دفعو صدر ٿيو، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڇڄجي ڌار صوبو ٿيو تہ ديوان ڀوڄسنگه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر ٿيو، هو صاحب ميونسپل جنرل لائبرري جو چيئرمين بہ هو.
ديوان صاحب جي چيئرميني جي دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي ڪئي، اٽڪل 5 هزار ڪتاب هر فن تي موجود هئا، 1947ع ۾ هندو پاڻ سان بيش بها نسخا ساڻ کڻي ويا، 1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي-آئي-اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر ٿيو، 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگه پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان اوهان معلوم ڪندا تہ 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سمورو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا، وٽن علم هو، دولت هئي ۽ اتفاق هو، ازانسواءِ اڪثريت ۾ هئا، تنهنڪري شهر واسين مان فقط هندن کي فائدا پهتا، جن جو ميونسپالٽيءَ تي قبضو رهندو آيو.
سکر شهر جي بچاءَ لاءِ مورچا تعمير ڪرڻ
1884ع ۾ روس وچ ايشيا ۾ آشڪ آباد، پنج دهه ۽ کرو کي ريلوي لائين سان ڳنڍي تار برقي جو انتظام بہ ڪيو ويو، جنهن سبب جي ڪري شملي ۽ لنڊن جي برٽش سياسي حلقن ۾ هل چل پئجي ويئي. انگريزن هندوستان جي اُتر الهندي وارن سرحدي شهرن کي روس جي حملي جي خوف جي ڪري بچاءَ لاءِ مورچن سان محفوظ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، چنانچه هن رٿا ۾ اٽڪ، راولپنڊي، شيرشاهه، ملتان، خيرپور، بهولپور ۽ سکر شهرن جي چوگرد خندقن تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ اهو وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جو زمانو هو، سکر شهر جي چوگرد چار مورچا تعمير ڪيا ويا. (1) سکر پراڻي جي اُتر اولهندي ۾ سکر واھہ پويان، (2) پير مراد شاهه راهوجن واري رستي جي اولهندي ۾ ٽڪريءَ مٿان، (3) شهر جي اُتر اولهندي وارين ٽڪرين تي، (4) آدم شاهه ٽڪريءَ مٿان، (5) سکر بئراج جي اوڀرندي (جيڪا نئين مسجد تعمير ڪئي ويئي آهي، ان هنڌ تي هو) اهي مورچا ٻاهران مٽيءَ جي دڙن وانگي هئا، جن جي چوگرد پڪين سرن سان مضبوط خندقون جڙيل هيون ۽ ٻاهر سندن چوگرد خاردار لوهي جهنگلا ڏنل هئا. انهن مورچن جي نگرانيءَ ڪرڻ لاءِ هڪڙو گورو ملٽري سارجنٽ لوڪو ورڪشاپ جي هڪڙي بنگلي ۾ رهندو هو، سندس ماتحت هڪڙو چوڪيدار روزانو چڪر هڻندو هو. 1914ع ۾ هوائي جهازن جي وجود۾ اچڻ ڪري قلعن ۽ مورچن جي اهميت گهٽجي ويئي، تنهنڪري ملٽري کاتي انهن مورچن جي لوهه، سرن ۽ ڪاٺ کي ڪڍائي نيلام ڪيو ويو. ميان آدم شاهه شهيد جي مقبره تي وڃڻ لاءِ 1890ع ۾ جيڪا بندش پيل هئي سا 1914ع ۾ هٽائي وئي[8].
لينسڊائون پل
”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ” سنڌ پشين ريلوي“ لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو. ٻيو تہ انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ تہ وقت ضايع ٿيندو هو تہ ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياھہ جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو[9]. پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو، 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻہ حصا آهن، روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني، گورنر تقرير ۾ چيو تہ افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لهه روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو تہ هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.
نئين ريلوي اسٽيشن
سکر نئين جو واپار ريلوي لائين ڪري وڌڻ لڳو، سکر جي مرڪزي اسٽيشن جا موجوده مال گدام نئين ريلوي اسٽيشن هئي ۽ بندر واري اسٽيشن کي سکر بندر مال گدام ڪيو ويو. 1891ع ۾ ريلوي لائين چمن تائين کلي ويئي تنهنڪري هاڻوڪي نئين ريلوي اسٽيشن تعمير ڪئي ويئي ۽ اڳوڻي سکر اسٽيشن کي مال گدام ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ لوڪو انجڻ شيڊ جيڪب آباد کان تبديل ڪري نئين انجڻ شيڊ سکر کي ڪيو ويو. اسٽيشن پريان لوڪو شيڊ جي ملازمن لاءَ ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا، جنهنڪري سکر جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ ريلوي ملازمن جي سهوليت لاءِ غريب آباد ۾ هندن نوان دوڪان کوليا.
سکر نئَين جون 19 صديءَ جون عمارتون
اڇي مسجد
غريب آباد ۾ ڀٽن جي مسجد آهي، جنهن جي لڳ کوهه بہ آهي، مسجد جي دروازي مٿان مولانا محمد عظيم صاحب جو مدرسو هو. راقم ابتدائي تعليم هن مسجد ۾ ورتي، قيام پاڪستان کان پوءِ مسجد کي وڌايو ويو ۽ هينئر جامع مسجد آهي ۽ اڳي کان وڌيڪ خوبصورت آهي.
شيعن جي مسجد
غريب آباد ۾ سکن جي گردواري جي ڏکڻ ۾ شيعن جي هڪڙي ننڍڙي مسجد آهي، قيام پاڪستان کان پوءِ وڌيڪ شاندار نموني سان نئين سر تعمير ڪئي ويئي آهي.
مولانا عبدالرحمان جي مسجد
هيءَ مسجد سکر نئين جي ڪپڙي بازار جي وچ ۾ مولانا عبدالرحمان صاحب تعمير ڪرائي هئي، علم دينيات ۽ فقه جو صاحب هو. مولوي عبدالرحمان صاحب جو وطن ڀاڳناڙي هو. ڳوٺ جا ماڻهو ڪڪڙ ويڙهائيندا هئا، ان ڪري لڏي اچي سکر ۾ ويٺا.
فوجداري
اڳ فوجداري ڪچين سرن جي هاڻوڪي فوجداري واري هنڌ تي هئي، هاڻوڪي ٻہ ماڙ عمارت پوءِ جڙي آهي.
ورن پوري
هي مندر سکر واھہ جي پراڻي منهن وٽ هڪڙي هندو ساڌو ڀائيءَ ٻالي تعمير ڪرايو، جنهن ۾ هر وقت اگني ٻرندي هئي، هن مندر جا گهڻائي نالا هئا جهڙوڪ: ورن پوري، دريا شاه، سري اڏيرو لال جو آستان جو 1893ع جي تعمير آهي. هر سال چيٽ ۽ ويساک ۾ ميلو لڳندو هو. سنڌ، بهاولپور ۽ ملتان کان هندو ياترا ڪرڻ ايندا هئا.
سنڌي اسڪول
انجمن اسلام 1876 ع ڌاري ليمجي چاڙهي تي کوليو هو جو اڌ صدي قائم رهيو.
سوامي موتيررام آشرم ۽ پئَنچائتي ٿلهو
ساڌ ٻيلي جي سامهون ڌوٻي گهاٽ وٽ سکر بندر تي ٽالپرن جي صاحبي ۾ 1824ع ۾ سوامي موتيرام ڪبير پنٿي هن هنڌ تي ديرو دمايو هو، سندس ٽين گادي نشين سوامي ڪيشوداس 1888ع ۾ عاليشان مندر تعمير ڪرايو هو، شروعات ۾ عمارت معمولي هئي، پوءِ ڳاڙهو پٿر هندوستان کان گهرايو ويو ۽ لڪشمي نارائڻ جي مورتي کڙي ڪئي ويئي، مندر اندر کوهه ۽ ساڌن لاءَ ڪمرا جڙيل آهن، سوامي موتيرام صوفي منش غريب پرور هو، پويان گادي نشين ڪشن داس ساکرو هو، 1947ع ۾ هندن جي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ مهاجرن جا ڪٽنب رهن ٿا، پئنچائتي ٿلهو فريئر روڊ ۽ ٺاٺارڪي بازار جي چوسول تي آهي جنهن تي هندو رام ليلا جا ناٽڪ ڪندا هئا.
سوامي آتم پرساد آشرم
هندو درياه جي پوڄا ڪندا هئا، ان سبب ڪري سمورو بندر ويندي هر هڪ وڻ مندر يا آشرم هو، آتم پرساد آشرم سکر بئراج جي ڀر ۾ سيٺ ٽهڪڻ داس 1888ع ۾ تعمير ڪرايو، ٽهڪڻ داس سوامي آتم پرشاد جو مڃيندڙ هو، آشرم اندر ديوتائن جي بتن کان سواءِ هڪ باغيچو بہ هو، سوامي موصوف 1918ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو، پويان گادي نشين سوامي سنت پرساد غريب آباد جو هندو هو، جنهن آشرم اندر سنسڪرت پاٺشالا کولي هئي.
سائين بچل شاهه
سائين بچل شاهه 1807ع ۾ انڙپور تعلقي جي ڳوٺ مانجهوءَ ۾ ڄائو، سير جي سانگي سکر پهچي بئراج جي اولهندي ۾ درياھہ جي ڪپ تي ديرو ڄمائي ويٺو، مسلمانن توڙي هندن سان محبت ڪندو هو، هندو اڪثر سندس معتقد هئا. 1901 ع ۾ وفات ڪيائين ۽ رهائش واري هنڌ تي دفنايو ويو، هندن مٿس مقبرو اڏايو ۽ مقبري چوگرد باغ آهي؛ هندو هر سال عرس وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا هئا؛ هيئنر اتي ڳوٺ ٻڌجي ويو آهي، جو سندس نالي تي ”بچل شاهه“ سڏجي ٿو، هو روهڙي واري بيدل جو همعصر هو.
سکر ۾ پهريون انگريزي اسڪول
1859ع ڌاري ميونسپل هال چئن درجن وارو انگريزي اسڪول کوليو ويو. پوءِ هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ اورينٽل ڪاليج واري بلڊنگ ۾ جا اڳ ملٽري کاتي جي هئي، ميونسپل ائنگلوورنيڪيولر ڇهن درجن وارو اسڪول کوليو ويو هيڊ ماسٽر مسٽر بهار سنگهه خيرپوري هو. 1911ع ۾ هن کي ميونسپل هاءِ اسڪول ڪيو ويو ۽ مسٽر هيرانند روهڙي واري کي هيڊ ماسٽر ڪيو ويو جو 37 ورهيہ مٿين عهدي تي فائز رهيو. راقم هن اسڪول ۾ پڙهيو هو. مسٽر هيرانند پارسيءَ جو ماهر هو ۽ پارسي بيت جوڙيندو هو. 1920ع ۾ مٿس تلڪ هاءِ اسڪول نالو رکيو ويو هو.
سينٽ سؤيئَرديول
مئجسٽريٽ جي ڪورٽ جي اوڀرندي ۾، ڪوئينس روڊ جي منهن تي پروٽيسٽنٽ فرقي وارن لاءِ لينسڊائون پل جوڙيندڙ انجيئنر مسٽر ايف-ايف رابرٽن 1881ع ۾ تعمير ڪرائي، ديول جي ڪتبي مان معلوم ٿي ٿو تہ هيءَ ديول ميجر جرنل آنربل جان رامسي جي ننڊي پٽ ڊيوڊرامسي جي يادگيري لاءِ تعمير ڪرائي ويئي جو 37 نمبر بنگال ريجمينٽ ۾ ليفٽننٽ هو ۽ 1839ع ۾ پهرين افغان ويڙهه ۾ مارجي ويو هو. پاڪستان کان پوءِ سينٽ سؤيئر اسڪول کوليو ويو آهي. پروٽيسٽنٽ فرقي وارن جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ آهي، وٽن تبليغ ۽ نشر ۽ اشاعت لاءِ ”بائيبل سوسائٽي“ آهي.
سينٽ ميري ديول
هاڻوڪي نينشل بئنڪ پاڪستان جي سامهون، عيدگاهه جي ڀر ۾ رومن ڪئٿولڪ فرقي جي عيسائين جي ديول آهي، جا 1885ع ۾ تعمير ٿي. ديول جي اڳيان ماڻهوءَ جي قد جيترو سنگ مر مر جو بت هڪ چبوتري تي بيٺل آهي. ورهاڱي کان پوءِ سينٽ ميري اسڪول کي هاءِ اسڪول ڪيو ويو. هتي وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم وٺن ٿا. فيون بلڪل ڳريون آهن. اڳ اسڪول جي شاگردن کي هر روز بائيبل جو سبق ڏنو ويندو هو، پر ايوبي حڪومت سڀني ديولن جي پادرين کي حڪم ڏنو آهي تہ اسلامي تعليم ڏين. رومن ڪئٿولڪ وارن جو هيڊ ڪوارٽر بمبئيءَ ۾ آهي. 1946ع تائين شاگرد سينئر ڪئمبرج امتحان ڏيندا هئا. 1948ع ۾ سنڌيونيورسٽيءَ سان لاڳو ٿي ويو.
زنانه مشن اسپتال
هن زنانه مشن اسپتال جو نالو ”اليگزينڊرا“ آهي ۽ چرچ آف انگلينڊ جي زيرسايه آهي، جنهن جو بنياد 1888ع ۾ رکيو ويو ۽ ڪچي عمارت هئي، پوءِ ٻہ ماڙ پڪ سري عمارت جوڙائي ويئي. بيمار عورتن جي دوا ۽ آپريشن ڪرڻ جو انتظام تجربيڪار ڊاڪٽرياڻين جي حوالي آهي. پر فيون ۽ رهائش جا خرچ ايڏا وڏا آهن، جو فقط مالدار ماڻهو ئي فائدو پرائين ٿا. اسپتال جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ديول آهي ۽ سامهون ٽڪريءَ تي عيسائي مشينريءَ جي جاءِ آهي. عيسائيت جي تبليغ لاءِ بہ اسپتال جي سامهون ننڍڙو دفتر آهي. عيسائيت تي ڪتاب سستا وڪامن ٿا.
وڪٽوريا جوبلي ٽيڪنيڪل اسڪول
سکر جو هي هنري اسڪول 1894ع ۾ لوڪل فنڊ مان تعمير ڪيو ويو. اسڪول ۾ شاگردن کي تعليم سان گڏ واڍڪو، لوهارڪو ۽ ڍلائي، خراد جو ڪم سيکاربو هو. قيام پاڪستان کان پوءِ بيروني امداد ڪري ”پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ“ کاتي طرفان نين مشينن ۽ ڪيمائي هنرن ڪري اسڪول وڌيڪ ترقي ڪئي آهي.
موزئنڪ لاج [10]
عيدگاهه لڳ اسٽيشن روڊ تي آهي. انگريزي دور ۾ هن کي ”فري مسينري لاج“ چوندا هئا. في ميمبر کي داخلا لاءِ 5 سو روپيا ڏيڻا پوندا هئا ۽ ميمبرن کي سڃاڻپ لاءِ لاج طرفان هڪ منڊي نشاني طور ملندي هئي، جنهن جي ٽڪ تي گونيا مٿان ڪمپاس اڪريل هئا. لاج جي عمارت 1864ع ۾ تعمير ٿي، انگريزي راڄ ۾ وڏا وڏا ماڻهو شوق سان ميمبر ٿيندا هئا. پاڪستان نمودار ٿيڻ کان پوءِ ميمبري جي مقبوليت سرد پئجي ويئي.
مهراڻ جي ماپ جو انتظام
سنڌو ندي هر سال پاڻ سان لکين مڻ رائو آڻڻ ڪري، سندس پيٽ جي سطح مٿي ٿيندي ٿي وڃي. ان ڪري انگريزن ضروري ڄاتو تہ مهراڻ جي چڙهه جو رڪارڊ قائم ڪيو وڃي ۽ پاڻيءِ جي ماپ لاءِ 1848ع ۾ بکر ۾ گيج قائم ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾ دين ٻيلي ۾ گيج لڳايا ويا. گيجن لڳائڻ کان پوءِ آبڪلانيءَ جي مند ۾ اٽڪ کان وٺي ڪوٽڙي تائين عوام کي اخبارن وسيلي مهراڻ جي مستين جي خبر پوي ٿي.
يورپين جيم خانا
1843ع سول عملدارن جو يورپين جيم خانو جاري ٿيو ۽ 1883ع ۾ ريلوي انسٽيٽيوٽ تعمير ٿيو. مهراڻ جا ٻئي ڪپ هيٺيانهين تي آهن ۽ سندن زمين بہ سخت ناهي جنهنڪري هن صوبي کي وقت بوقت آبڪلانيءَ ڪري نقصان پهنچندو رهيو ۽ بئراج پوڻ کان پوءِ 1935ع، 1942ع، 1948ع ۽ 1955ع ڌاري. 1929ع کان پوءِ پنج دفعا صوبي کي نقصان پهتو. 1948ع ۾ تہ ليٽ جو پاڻي لاڙڪاڻي تائين پهتو هو. اٽڪل هڪ لک پنجاه هزار ٽن چانورن جي پوک کي نقصان پهتو. 1961ع ۾ سکر کان 22 ميلن جي فاصلي تي چمن ڳوٺ وٽ بند کي درياءُ کائي ويو. خوف کان شڪارپور جا گهڻائي شهر واسي شهر خالي ڪري ويا پر عوام ۽ انجنيئرن همت ڪري بند کي بچائي ورتو. 1901 ع کان 1930 ع تائين ”انڊس رور ڪميشن“ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنهن ۾ ڏيکاريل هو تہ مهراڻ لکها مڻ واري پنهنجي وهڪري سان گڏ آڻي ٿي، ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي.
واٽر ورڪس
سکر جي شهر واسين کي صاف پاڻي پهچائڻ لاءِ 1896ع ۾ سکر پراڻي جي ڀر واري ٽڪري تي پڪ سري ٽانڪي ميونسپل تعمير ڪرائي ۽ پاڻي ڇڪڻ واري مشين ڌوٻي گهاٽ وٽ لڳائي ويئي. شهر جي آدمشماري ۾ اضافي ٿيڻ ڪري مسٽر بسنت رام جي صدارت ۾ هڪ نئين پڪ سري ٽانڪي مسٽر آهوجا انجنيئر تعمير ڪئي. هيئنر وري آدمشماري وڌڻ ڪري پاڻيءَ جو سوال ميونسپل کي درپيش آهي. ٻن ٽانڪين جو پاڻي شهر جي وڌندڙ آدمشماري لاءِ ناڪافي آهي. جيتوڻيڪ آدم شاهه جي ٽڪري وٽ هڪ واٽر ورڪس ٽيوب ويل سسٽم تہ تيار ٿيو آهي تہ بہ مسئلو حل ٿي نہ سگهيو آهي.
ڊرينيج سسٽم
شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ 1896ع ۾ زير زمين ڊرينج سسٽم جو ميونسپل انتظام ڪيو ۽ مياڻي روڊ تي هڪ مشين گندي پاڻيءَ کي ڇڪڻ ۽ درياءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ لڳائي ويئي. نئين رٿ تي پنجاه لک روپيا خرچ ايندو.
نرسامل جيم خانو
هندن پنهنجي تفريح لاءِ انگريزن کي ڏسي پاڻ لاءِ جيم خانا تعمير ڪرايا. 1899ع ۾ سکر پراڻي جي سيٺ نرسامل، جو وڏو ٺيڪيدار هو ۽ بنگال تائين ٺيڪا کڻندو هو، تنهن ريلوي انسٽيٽيوٽ جي ڀرسان پنهنجي نالي تي جيم خانو تعمير ڪرايو، جنهن ۾ ٽينس جو بہ انتظام هو. سيٺ موصوف 1914ع ۾ پر لوڪ پڌاريو. قيام پاڪستان کان پوءِ مسلمانن مٿس ”همايون جيم خانه“ نالو رکيو.
سول اسپتال
فريڪ هيل تي فوجي بئرڪن مان هڪ بئرڪ کي سول اسپتال ۾ 1880ع ۾ تبديل ڪيو ويو. ميجر باڪلي ۽ خانبهادر پٽيگورا هر دل عزيز سول سرجن ٿي گذريا آهن. قيام پاڪستان خان پوءِ سنڌ جي گورنر ملڪ دين محمد نئين اسپتال جو سنگ بنياد رکيو. نئين سول اسپتال ساڳيءَ هنڌ تي ويهن لکن روپين جي لاڳت سان تعمير ٿي ۽ عملي لاءِ نوان ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا. اسپتال جي سامهون سبز پارڪ هن عمارت جي حسن کي دوبالا ڪري ٿو.
گهاڙ بنگلو
فريڪ هل جي اولهائين ڏاڪڻي ڪنڊ تي، ريسٽ هائوس جي وڏي عمارت آهي جا نظاريدار هنڌ تي آهي.
سرڪٽ هائوس
واٽر ورڪس واريءَ ٽڪريءَ جي لڳ اوڀرندي طرف هڪ نظاريدار هنڌ تي بنگلو آهي. نئون سرڪٽ هائوس بئراج ڪالوني ۾ 1923ع ۾ تعمير ڪيو ويو.
امپيريل بئَنڪ آف انڊيا
پهرين بئنڪ امپيرل بئنڪ آف انڊيا جو دفتر پاور هائوس جي اوڀرندي ۾ ٽڪريءَ تي کوليو ويو. اها عمارت هڪ ميمڻ سيٺ جي هئي. پوءِ هن بئنڪ جي آفيس سينٽ ميري اسڪول جي ڀرسان کولي ويئي ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ مٿس ”نيشنل بئنڪ آف پاڪستان“ نالو رکيو ويو.
ريلوي اردو انگريزي اسڪول
لمجي چاڙهيءَ تي گل بوڪ ڊيپو دڪان جي سامهون هڪ احاطي اندر ريلوي جي پنجابي ملازمن جي ٻارن جي سهوليت لاءِ 1882ع ۾ کوليو ويو. انهيءَ احاطي اندر ماستر جيئومل جو سنڌي ناگري اسڪول بہ هو.
1922ع ۾ نئون ريلوي اسڪول اسٽيشن روڊ تي کوليو ويو. قيام پاڪستان کان پوءِ اسڪول هاءِ اسڪول ٿيو ۽ ماستر عبدالرّب صاحب جي ڪوشش سان هي اسڪول ترقي ڪري رهيو آهي ۽ عمارت کي بہ وڌايو ويو آهي. تاهم شاگردن جو تعداد وڌڻ ڪري ريلوي انسٽيٽيوٽ جي ڪن حصن ۾ ڪلاس کوليا ويا آهن.
سنڌي اسڪول فارمين
مناري معصوم شاهه جي هيٺان 1858ع ۾ کوليو ويو. هن اسڪول جي ماسترن مان فقير محمد قريشي، شيخ حبيب الله،ميان قنبر علي شاهه، ماستر عبدالله، محمد اسحاق ۽ هوتچند نامور استاد هئا. راقم وٽن تعليم ورتي هئي.
سنڌي اسڪول سکر پراڻو
1874ع ۾ سکر پراڻي ۾سنڌي اسڪول چئن درجن وارو کوليو ويو.
هندو گرلس اسڪول
1887ع ۾ بندر روڊ تي هندو ڇوڪرين لاءِ هڪ هندو مخير عورت ڪاڪي ٻائي ڀيمنداس کوليو. هندو ڇوڪرين جو هي پهريون اسڪول هو.
غريب آباد گرلس اسڪول
ميونسپالٽي ساڳي وقت غريب آباد ۾ مسلمان ڇوڪرين لاءِ سنڌي اسڪول کوليو، هيڊ مسٽريس ”بيگم“ مغل نهايت قابل هئي ۽ تعليم کاتي جا عملدار محترمه بيگم صاحبه جي بيحد عزت ڪندا هئا. مسلمان ڇوڪرين جو پهرين اسڪول هو.
ميونسپل مسافر خانو
ٽاور وٽ 1880ع ۾ سکر ميونسپالٽي مسافرن جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو.
وڪٽوريا مارڪيٽ
سکر جي هي مارڪيٽ 1883ع ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي تي تعمير ڪرائي ويئي. ڏاکڻي پاسي قاسائين جا دوڪان ۽ اترين طرف ڀاڄين ۽ ميون جا دوڪان هئا. مڇي مارڪيٽ ڌار هئي. پوءِ مڇي مارڪيٽ ۾ ڳُڙ ۽ کنڊ جا دوڪان کوليا ويا ۽ ميوي ۽ ڀاڄين وارن کي ٻاهر ڪڍي مڇيءَ جا دوڪان وڪٽوريا مارڪيٽ اندر تبديل ڪيا ويا. وڪٽوريا مارڪيٽ جي وچ ۾ چار فوٽ پٿر جو ٿلهو جڙيل هو جو پوءِ ڊاٺو ويو. ميان سبحان علي شاهه مارڪيٽ انسپيڪٽر هو، جو هر روز مارڪيٽ جون شيون تپاسيندو هو. سينيٽري انسپيڪٽر مارڪر صفائي جاچيندو هو، بدن ۾ ايترو ٿلهو هو جو ٽانگي تي چڙهي گهمندو هو. شهر واسي کيس ”باڪس صاحب“ چوندا هئا. مارڪيٽ جي اوڀرندي واري ورانڊي جي هڪڙي حصي ۾ شربت وارا ۽ ٻي حصي ۾ عريضي نويسن جا دوڪان هئا.
ميونسپل اسپتال
مناري هيٺان 1859ع ۾ کولي وئي. وارڊن جو بہ بندوبست ڪيل آهي. اوائلي ڊاڪٽرن مان ڊاڪٽر بينجامن نالو ڪڍيو. هينئر ڊاڪٽر احسان صاحب چڱو نالو ڪڍيو آهي. هن اسپتال جو نالو غوث علي شاهه هو.
سڌار سڀا
هندو جاتي جي سڌاري لاءِ 1895ع ۾ مسٽر گوڪلداس گرداسمل برپا ڪئي. سڀا پاران ”راتڙي پاٺشالا“ (نائيٽ اسڪول) جاري ڪيو ويو. 1897ع ۾ ”گوڪلداس ڪنيا پاٺشالا“ بندر تي تعمير ڪرائي ويئي. ان کان سواءِ بندر روڊ تي ٽيئون مل ديپچند لائبريري کولي ويئي. ويهين صديءَ ۾ سڀائن ۾ اضافو ٿيو.
خيرپور هائوس
جتي جي – بي منگهارام عظيم عمارت آهي، اُتي خيرپور هائوس رياست خيرپور جو بنگلو هو. سکر جو ڪليڪٽر سابق رياست جو ريزيڊنٽ بہ هو، تنهنڪري خيرپور هائوس تعمير ڪرايو ويو. بنگلي جي نظرداري جلندر خان نالي پٺاڻ چوڪيدار ڪندو هو. بنگلي جي ڏکڻ ۾ همت سنگهه وڪيل جو بنگلو هو. هي بنگلو جي – بي منگهارام خريد ڪري هاڻوڪي عمارت تعمير ڪرائي.
19 صدي ۾ سکر جون اخبارون
روزانه آفتاب
19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مسلمانن اڳيان گهڻائي سماجي ۽ سياسي مسئلا درپيش هئا، سکر جي مسلمانن جي بيداري ۽ جائز حقن جي پرداخت ڪرڻ لاءِ شهر جي مخير مسلمانن مان سيٺ حاجي احمد ميمڻ ٺيڪيدار پريس گهرائي فريئر روڊ تي سنڌي روزانه اخبار ”آفتاب“ جاري ڪئي جا 1895ع ۾ طلوع ٿين سان ڪارگر ثابت ٿي. خوش قسمتيءَ سان اخبار جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور اديب ميان شمس الدين متخلص ”بلبل“ هو، جنهن کي ظرافت ڪري اِهل نظر سنڌ جو مولانا اڪبر آبادي چوندا هئا. بلبلِ سنڌ جي تعريف لاءِ مولانا حڪيم فتح محمد صاحب جو هت هڪ غزل پيش ڪيون ٿا:
شمس الدين بلبل جو هي شيرين مقال
سندهه مين شاعر بي عالي مرتبه
بي ايڊيٽر ”آفتاب سندهه“ کا
جلوه گر جس کا سخن هي همچو مه
پرچئه ”الحق“ حوا هي اور بهر
حضرتِ بلبل کي اب زيرِ نگه
کهدون يون سالِ تقويٰ صغير
روشن الحق آفتابِ دين سي وه[11].
روزانه سنڌي
شڪارپور جي هڪ هندو سماجي ڪارڪن مسٽر ويرومل بيگراج، فريئر روڊ تي ڇاپخانو کولي سنڌي زبان ۾ روزانه 1906ع ۾ ”سنڌي“ اخبار جاري ڪئي. هن اخبار بہ چڱا واڄٽ وڄايا ۽ تقسيم هند تائين جاري رهي. مسٽر ويرومل ڪٽر ڪانگريسي هو پر هندوستان ڪو نہ لڏي ويو ۽ پنهنجي وطن شڪارپور ۾ سر ڳواسي ٿيو.
سکر جا اوائلي ڪتبخانا
سکر فقط هڪڙو ڪتبخانو ماستر هريسنگهه جو هو. ڪتاب گهڻو ڪري لِٿو پريس ۾ ڇپيا هئا. ڪاتب لکندا هئا ۽ سندس لکڻيون لاهور، آگره ۽ بمبئي جي پريسن مان شايع ٿينديون هيون. ماستر ميان قنبر علي شاهه معصومي سنڌ جو بهترين ڪاتب هو. 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ ۾ ٻہ ڪتب فروش مشهور هئا. مسٽر هريسنگهه سکر ۾ ۽ مسٽر پوڪرداس شڪارپور ۾، حيدرآباد ۾ به، سندس ايجنسي هئي. 1900ع ۾ شاهه جو رسالو ٽائيپ ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. آفتاب ۽ سنڌي، ٽائيپ ۾ ڇپيون هيون. اوائلي ڪتاب مرزا علي قلي بيگ جو رسالو ”سچل“، ڪليات علي نواز علوي، تاريخ معصومي ننديرام سيوهاڻي، ديوان گل سمورا لِٿو ۾ ڇپيل هئا.
سيٺ جان محمد ميمڻ جي دڪان مان اسلامي ديني ڪتاب، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪتاب وڪامندا هئا ۽ اهي بمبئيءَ مان سيٺ صاحب گهرائيندو هو.
سکر ۾ پهرين پليگ 1895ع
1895ع ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ پليگ پئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مئا. شهر جي ڪنهن گهر ۾ ڪنهن ڀاتيءَ کي پليگ جي ڳوڙهي نڪرندي هئي ۽ ٻيا ڀاتي خوف کان بيمار کي گهر ۾ ڦٽو ڪري ٻاهران قفل هڻي ويندا هئا. ڊاڪٽر تالا ڀڃائي ان گهر جو سمورو اسباب ڍوئي ساڙائي ڇڏيندا هئا. هن پليگ ۾ سکر جي زنده ولي مولانا عبدالرحمان صاحب وفات ڪئي. اهو ڪليڪٽر ميفيو جو زمانو هو.
روزانه الحق اخبار
سال 1900ع ۾ سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي صلاح سان شيخ بابو سليمان صاحب روزانه الحق اخبار سنڌيءَ ۾ جاري ڪئي. الحق پريس هاڻوڪي ماڊل هاءِ اسڪول جي سامهون هئي. اخبار جي انگريزي حصي کي مسٽر علي محمد بارائٽ لاءِ ايڊٽ ڪندو هو. 1901ع ۾ الحق کي شيخ محمد سليمان جو وڏو پٽ حيدرآباد کڻي ويو.
19 صدي ۾ شين جا اگهه
ڪڻڪ في مڻ سوا روپيو 1963ع ۾ ساڍا 17 روپيا
ڳڙ في مڻ ڏهه آنا – سوا رپيو 1963ع ۾ في سير روپيو
اڇي کنڊ جاوا في روپيو ڇهه سير 1963ع ۾ 1 روپيو 2 آنا في سير
ڪڪڙ في روپيو هڪ پئسو 1963ع ۾ 3 آنا
عمدو ولايتي لٺو في روپيو چارگز 1963ع ۾ في گز 2 روپيا
گوشت ٻڪري في سير ٽي آنا 1963ع ۾ اڍائي روپيا
گيهه في سير ٻارهن آنا 1963ع ۾ ساڍا ڇهه روپيا
بافتو في روپيه اَٺ گز 1963ع ۾ في گز سوا روپيو
سون في تولو 18 روپيا بعد 22 روپيا
بصر في مڻ چار آنا 1963ع ۾ 8 آنا في سير
ترڪاري في سير هڪ پئسو 1963ع ۾ هڪ روپيو
شربت عمدو مفرح في گلاس هڪ پئسو 1963ع ۾ 6 آنا
فالودو في پيالو هڪ پئسو
ڪمند عمدو في ڇڙي هڪ پئسو 1963ع ۾ 4 آني في سير
ڪتل في سير هڪ آنو 1963ع ۾ هڪ روپيو
انگريزي اشرفي (في گني جي قيمت 15 روپيا)
ماهيو کير في سير ڇهه پئسا 1963ع ۾ 12 آنا في سير
سگريٽ ڪئنچي ماچيس سميت ٻہ پئسا (في پئڪيٽ)
ڪاربولڪ عمدو في چڪي هڪ آنو
ملتاني ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ في روپيو اڍائي سير
چانور سگداسي عمدا في مڻ اڍائي روپيا يا ٽي، 1963ع ۾ مارڪيٽ مان غائب
عمدو ريشمي رئو في داڻو پنج روپيا
وسڪي جان ڪلابي في بوتل سوا روپيو 1963ع ۾ 63 روپيا
عمدو چيني جو ولايتي ڪوپ ساسر آسٽريا جو جريل ٻہ آنا 1963ع ۾ ولايتي في ڪوپ ساسر 3 روپيا
مزور کي روزانو مزوري 4 آنا 1963ع ۾ 3 روپيا
ڪاريگر رازي کي روز هڪ روپيو 1963ع ۾ اٺ روپيا
سپاهي جو پگهار ماهوار ست روپيا 1963ع ۾ سٺ روپيا
سرڪاري ڪارخانن ۾ ڪاريگر کي روز هڪ روپيو ٻہ آنا 1963ع ۾ ست روپيا
1963ع ۾ سون في تولي جي قيمت 130 هڪ سؤ ٽيهه روپيا اهو بہ تيزابي سون
عوام جي پوشاڪ
هن دور ۾ جيڪو ديسي، ڪوٽ پتلون پائيندو هو، تنهن کي ڪرستان چوندا هئا. شرفا مسلمان بافتو استعمال ڪندا هئا. غريب غربو نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پائيندا هئا. ڌوتل ململ جو پٽڪو چولو، سلوار، پٺن تي چادر يا اجرڪ – شرفا سلوار بدران ”چرڻو“ استعمال ڪندا هئا. چرڻي جا پانچا گهڻو ويڪرا هئا. جيئن اڄ ڪلهه غرارو زالون پائين ٿيون. مرد پٽڪي جو طرو پٺيان لڙڪائيندا هئا. ڏاڙهي ۽ ٻٽوئان وار رکائڻ جو عام رواج هو. ڏاڙهي ڪوڙائڻ عيب هو. پڙهيل گهڻو ڪري ڪاري پرميٽي جو ڪوٽ پائيندا هئا. وڌيڪ تعليم يافته عملدار قسم جا مسلمان پٽڪي جو طرو ڪو نہ ڇڏيندا هئا. شيروانين وانگي گوڏن تائين ڪوٽ اڪثر ڪاري رنگ جو ۽ بوٽ بہ پائيندا هئا. ڏاڙهين کي خضاب يا ميندي سان رڱڻ جو رواج هو. مسلمان خوائين ڇيٽ، سوسي، گربي، چڪن، اَن ڦاڙي ڪپڙا استعمال ڪنديون هيون. شرفائن جون زالون سفيد برقعو ڍڪي ٻاهر نڪرنديون هيون. ترڪي ڪارن برقعن جو رواج پهرين عالمگير جن کان بہ پوءِ پيو. هڪ گل ياٽن گلن واريون زالون جتيون پائينديون هيون. نٿ، بولو، پنٿرا، ڪٺ مال، طوق، ڪڙيون ويندي پيرن تائين منڊيون ۽ پازيب ۽ جهانجهرا زالن جا مقبول زيور هئا. هندو عورتون گهڻو ڪري سڀ پڙا پائينديون هيون ۽ نڪ ۾ سونو ننڍڙو بلڙو ٻن سفيد موتين ۽ هڪ لعل سان پائڻ سهاڳ جي نشاني هئي. ديوانن جون زالون چادر ڍڪي ٻاهر نڪرنديون هيون. وڪيل يا ٻيا عملدار ڪوٽ پتلون ٽوپي ديسيءَ سان پائيندا هئا. ديوان ڀوڄسنگهه پهلاجاڻي ميراڻي ڊگهي ٽوپي پائيندوهو. وري جڏهن هندن ۾ تعليم پکڙجي ويئي تہ ڌوتين بدران پاجاما پائڻ لڳا ۽ زالون بہ پاجاما پائڻ لڳيون. واڻيا، بقال هميشه ڌوتيون ٻڌندا هئا. ڪن واڻين کي ڪنن ۾ سون جا وڏا والا پاتل هوندا هئا. ٻاهر نڪرڻ وقت ڳچيءَ ۾ انگوڇو ويڙهي نڪرندا هئا. ڪي انگر کا بہ پائيندا هئا. مرزا قليچ بيگ صاحب جي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ چڱي روشني ڏنل آهي.
________________________________________
[1] Cousins, H: The Antiquities of Sindhi, P. 142
ڪپتان ويسٽ مئڪاٽ جو بيان، جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ج 9،ص 2، ڪاڪتو 1940ع.
[2] Wylly. H.G: The Military Memoirs of, J. Thackwell, CH. VII, pp. 121-122,
London, 1908.
Trotter, L.J: Rulers of India, The earl of Auckland, p. 78, Oxford 1893.
[3] Wylly. H.G: The Military Memoirs of, J. Thackwell, CH. VII, pp. 121-122,
London, 1844.
[4] سنڌ گزيٽئر ج 3، سکر ضلعو ص 44 بمبئي، 1928ع.
[5] رحيم داد خان مولائي شيدائيِ ؛ مختصر تاريخ بلچستان. باب خيرپور. ص 106 ريلوي برقي پريس سکر 1941ع.
[6] انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي مفصل بيان لاءِ ڏسو راقم جو مضمون ”مهراڻ تي جهاز راني“ روزانه مهرڻ ڪراچي جو سال نمبر ص 25، 1961ع، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي آگ گاڏي مئي 1961ع ۾ چالو ٿي ۽ 1878ع ۾ ڪوٽڙيءَ کان سکر تائين آگ گاڏي چالو ٿي. ڪوٽڙي پل مئي 1900ع ۾ تيار ٿي هئي.
[7] اسٽينلي زيڊ، اي-ايس-ٽي شيپرڊ: دي انڊين ايئر بوڪ، ص 60، بمبئي 1927ع..
سر رچرڊ ٽيمپل: مين ائنڊ ايونٽس آف ٽائيمس ان انڊيا، ص 487، لنڊن 1882ع
نوٽ: تقسيم هند تائين آغا عبدالحميد، عبدالرحمان پيرزادو، رحيم بخش ميمڻ، پيرزادو عبدالستار ۽ خان بهادر نظام الدين خان سکر ميونسپالٽي جا وائيس پريزيڊنٽ رهندا آيا.
[8] Marshmar: Abridgement History of India.
[9] Sindh Historical Journal. Vol. V. January 1941 Karachi. P.5.
[10] وٽ: 1957ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي وڌائي اڃا وڌيڪ جايون تعمير ڪيون ويون آهن. 1853ع ۾ سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ٽي انگريزي اسڪول کوليا ويا. 1865ع ۾ سڄي سنڌ ۾ 4 هاءِ اسڪول 3 مڊل اسڪول 56 پرائمري اسڪول هئا. سنڌي ماستر جو پگهار ماهوار ڏهه روپيا هو.
[11] ڪريم بخش خالد: سنڌي صحافت ص 122 – 123 حبيب پرنٽنگ پريس 1955ع.
نوٽ: سڌار سڀا جو پايو وجهندڙ مسٽر گوڪلداس 1864ع ۾ ڄائو ۽ ريلوي لوڪو ورڪشاپ ۾ مزور ڀرتي ٿيو ڪم سکڻ کان پوءِ وڪٽوريا هنري اسڪول جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. 1895ع واري پليگ ۾ مئو.
باب ٻارھون: سکر ويهين صديءَ ۾
پوليس انجمن
1904ع ۾ سکر هيڊ ڪوارٽر پوليس انجمن، چندا گڏ ڪري سُڪي تلاءُ ۾ منارن واري مسجد تعمير ڪرائي.
سکر پراڻي ۾ انگريزي اسڪول
1903ع ۾ سکر پراڻي ۾ مئولس انگريزي اسڪول کوليو، ھينئر اُتي نئون ھاءِ اسڪول آهي.
گئَو شالا
درياھه جي ڪپ تي هي ڳئون ڀڳت سيٺ ٻالچند 1909ع ۾ تعمير ڪرايو، جتي ڳئون جي پرورش ڪرڻ کان سواءِ سندن علاج ڪرڻ جو بندوبست ڪيل هو. ساڌ ٻيلي جو مهنت نگراني ڪندو هو. هينئر اُتي مهاجرن لاءِ ڪالوني ٺهيل آهي.
ڊسٽرڪٽ جيل
سول ڪورٽ پٺيان 1906ع ۾ 2،74،843 روپين جي لاڳت سان ڊسٽرڪٽ جيل جي قلعي نما عمارت تعمير ٿي.
سوامي آچل پرساد آشرم
ساڌ ٻيلي جي سامهون درياءَ جي کاٻي ڪپ تي سيٺ دولترام ڀرين واري 1912ع ۾ پنهنجي دوست سوامي آچل پرساد لاءِ جوڙائي مٿس ”تپوبن“نالو رکيو. سوامي آچل پرداس جو اصل نالو لکيسر داس، لقمان جو ويٺل وڏو سيٺ هو، جنهن جون سڄيِءَ سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيون هيون، پوءِ سڀ ڪجهھ گھر ٻار سميت ترڪ ڪري تيرٿن جي ياترا ڪرڻ ويو ۽ ڪجهھ وقت ڪاشيءَ ۾ رهيو ۽ موٽڻ بعد هن آشرم ۾ رهڻ لڳو، ساڌ ٻيلي جي مهنت جي نگراني ۾ هو. 1947ع ۾ هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو تپوبن جون سرون بہ ڪڍي کڻي ويا.
راجا وير[1]
آدم شاھه شهيد جي مزار تي مسلمانن جي اچڻ کي ڏسي، هندن ٽڪريءَ ھيٺيان ريلوي لوڪو ورڪشاپ جي ديوار جي ڀر ۾ مندر جوڙائي ھُلايو تہ راجا وڪرم جو آستان آهي. راجا وير تي ھر چنڊ رات ميلا لڳندا ھئا. 1947ع ۾ لڏ پلاڻ ڪري راجا وير اڄ صفا ويران آهي.
گولي مار
19 صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ بوئرن (ڊچن) ۽ انگريزن جي ويڙھه ۾ انگريزن جي سوڀ ٿي، جنگ جي خاتمي کان پوءِ جنرل رابرٽ انگريزي فوجن کي رائيفل ٽريننگ لاءِ حڪم ڏنو، تنهنڪري سکر جي ريلوي کاتي ۾ جيڪي گورا ملازم فوج ۾ والنٽئر ھئا، تن کي رائيفل سکيا ڏيڻ لاءِ سکر ريلوي اسٽيشن جي اُتر ۾ مٽيءَ جا دڙا ٺاھيا ويا ۽ اُتر اولهائين ٽڪريءَ تي نشاني بازي لاءِ انتظام ڪيو ويو، ھفتي ۾ ٻہ ڏينهن چاند ماري ڪرڻ لاءِ مقرر ھئا، نشان چٽڻ وقت ٽڪريءَ مٿان ڳاڙھي جهنڊي کوڙيندا ھئا، جيئن لنگهندڙ خبردار رھن . ھڪڙو ملٽري سارجنٽ جو مورچن جي حفاظت لاءِ مامور ھو، سو رائيفل جي نشاني بازي جي بہ نگراني ڪندو ھو، گولي مار جو ڪم 1904ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1914ع ۾ ختم ٿيو، منڊمون بہ گولي مار ننڍڙين رائيفلن سان ڪنديون ھيون، گهڻو ڪري صبح جو ٻہ ڪلاڪ گولي مار پرئڪٽس ٿيندي ھئي.
بجلي گهر
سال 1922ع ۾ سکر بجلي گهر قائم ڪيو ويو ۽ ضرورت آھر هن کي وڌايو ويو. ليڪن تقسيم برصغير کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجلي جو کاپو وڌڻ لڳو ۽ پراڻين مشينن ۾ بار کڻڻ جي طاقت نہ ھئي. تنهنڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب حڪومت ڪئناڊا ۽ جمهوريه پاڪستان درميان ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ھن ڪم تي 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 ھزار روپيا غير ملڪي زرمبادله خرچ ٿيندو جو حڪومت ڪئناڊا ڏيڻا ڪيا آهن. هي ٺيڪو ”اسٽيڊلر ھرٽر انٽرنيشنل ڪمپني“ مانٽريل (ڪئناڊا) کي ڏنو ويو آهي. هن وقت اپر سنڌ جي فقط 13 شهرن دادو، ڳڙھي ياسين، جيڪب آباد، گمبٽ، خيرپور، ڪوٽ ڏيجي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، روھڙي، رتو ديرو، شڪارپور، ٺارو شاه کي گهڻو ڪري ننڍن غير منافع بخش ڊيزل مشينن رستي بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. نئون بجلي گهر 13 شهرن باڊھ، چڪ، ڏوڪري، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌرا، ڪنڊيارو، ڪنڌ ڪوٽ، خانپور، کهڙا، خيرپور ناٿن شاه، نوشهرو فيروز، مورو، نصير آباد، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، پنو عاقل، ٺل، اٻاوڙو، راڌڻ، غوث پور، لکي، مديجي، سلطان ڪوٽ ۽ نئون ديرو کي بجلي هيا ڪئي ويندي ۽ 40 لکن روپين جو زرمبادله بچي پوندو. ھن رٿا موجب 157 ميل 66000 وولٽ جون لائينوننن، 80 ميل 11000 وولٽ جون ايتري ئي مفاصلي تي گهٽ طاقت جون لائينون يعني 400 وولٽ لائينون وڇائڻ شامل آھن.
فائر برگيڊ
ميونسپل فائر برگيڊ واليس گنج بازار جي سري ۾ ماڪيٽ ٽاور جي ويجهو آهي. باھه لڳڻ جي حالت ۾ شهرين جي اطلاع لاءِ ميونسپل جا وسل آواز ڪن ٿا ۽ رات جو ميونسپل ٽاور واريون بتيون مختلف روشنائن وسيلي باھه لڳڻ واري هنڌ جو ڏس ڏين ٿيون ۽ ڏينهن جو ٽاور سرخ، سبز، سفيد جهنڊين ذريعي اطلاع ڏي ٿو.
لائيڊ بئَراج
ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا، انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ آھي. دنيا ۾ ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو. ھيءَ پُل ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڳي سفيد پٿر جي جڙيل آهي، جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن، جي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور ھائوس ڌار آھي. هن پل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جانچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي_ اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾سيڪريٽري هند کان منظوري پهتي ۽ ساڳئي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ٿيو [2]. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر اڇلائڻ لڳي. جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن Excavators ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي تہ سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. 13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو. ھن موقعي تي سڄي ھندستان جا سرڪاري خواه غير سرڪاري معزز ماڻهو حاضر ٿيا. اهڙو اجلاس شايد ٻئي ڪنهن هنڌ يا سکر ۾ اڳ ڪڏهن بہ ڪو نہ ٿيو ھو. بئراج تي ”لائڊ“ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنهن ڪم ۾ دلچسپي ورتي ھئي. لائڊ بئراج پل جا دنيا ۾ آبپاشيءَ جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. خاص ڪري چاندوڪي رات ۾ ان جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل آهي. پل جي کاٻي پاسي هڪ عجائب خانو بہ جڙيل آهي. هيءَ پل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ وڏي آهي. ساڄي پاسي کان 3 وڏا واهه:ـ (1) اُتر اولهه ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نڪرن ٿا. ۽ کاٻي پاسي کان ڇار وڏا واھہ نڪرن ٿا:ـ (1) اوڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. درياھہ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٻہ مضبوط ديوارون درياھہ ۾ 1600 ۽ 1900 سوء فوٽ ڊگهيون آهن، اوهي درياه جي لٽ کي روڪڻ ۽ واهن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ آهن. مٿيان واھہ دائمي وهن ٿا ۽ هي موسم ۾ پاڻي پهچائين ٿا. جمله 166،6 ملين ۾ زمين آباد ڪن ٿا. مٿن 1970ع ۾ پليون ٻڌل آهن ۽ ويڪر ۾ 346 فوٽ آهي. پل تي ويهه ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. مملڪت جمهوريه پاڪستان پل جي ڀر ۾ سياحن لاءِ وڏي هوٽل تعمير ڪرائڻ جي رٿ تي غور ڪري رهي آهي. بئراج ڪالوني پوڻ ڪري سکر نئين جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ساڄي ڪپ تي المهراڻ عمدي تفريح گاهه آهي.
سال آدمشماري
1921ع 42759
1931ع 64996
1947ع کان پوءِ ڏيڍ لک کان آبادي مٿي آهي
1931ع جي آدمشماريءَ موجب شهر ۾ هندن جو تعداد 38180، مسلمانن جو تعداد 24150، پارسي 111، عيسائي 523، سک 19185، يهودي 8 ۽ باقي ٻيون قومون ھيون.
سينٽرل جيل
1938ع ۾ بئراج پل جي کاٻي پاسي سينٽرل جيل ۽ پوليس لاءِ ڪوارٽر تعمير ٿيا هئا.
عبدالحميد خان اسپتال
آغا عبدالحميد خان، خان بهادر خداداد خان جو فرزند ڪيترا سال ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ هر دلعزيز سماجي ورڪر هو، جنهن نالي تي غريب آباد ۾ هڪ ننڍڙي اسپتال کولي ويئي. اڳ اسپتال جي ديوار تي نالي جو بورڊ لڳل هو پر 1962ع کان بورڊ غائب آهي. آغا عبدالحميد خان 1961ع ۾ وفات ڪئي.
راٿفيلڊ اسپتال
سکر پراڻي جي شهر واسين جي سهوليت لاءِ 1920ع ۾ هيءَ اسپتال کولي ويئي هئي.
ليڊي گراھم ويم گهر
مناري جي سامهون زنانه ميونسپل اسپتال جي لڳ، شڪارپور جي ھڪداني سيٺ سوڀراج چيٽومل جي خرچ سان 1930ع ۾ ويم گهر تعمير ٿيو، جنهن کي ليڊي گراھم ريڊ ڪراس نالو ڏنو ويو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان عليحده ٿي ۽ سر لانسيلاٽ گراھم سنڌ جو پهريون گورنر ٿي آيو.
ڪندنداس مارڪيٽ
هي ننڍي مارڪيٽ جنهن ۾ گوشت ۽ ڀاڄيءَ جا دڪان آهن ۽ مئجسٽريٽ جي دفتر ھيٺان آهي سا ميونسپل 1935ع ۾ تعمير ڪرائي مٿس سرڪاري وڪيل راءِ بهادر ڪندنداس مارڪيٽ نالو رکيو. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر ھيرا نند سکر ۾ موجود آهي. تقسيم کان پوءِ دڪان ڳائي گوشت جا مسٽر عبدالرزاق جي چيف آفيسري جي وقت ۾ کليا انگريز ڪليڪٽر مسٽر ري کلي چيو ڪندن داس بيف مارڪيٽ.
شرڌا نند باغ
ليوڪس پارڪ جي اُتر ۾ ميونسپل باغ آهي، هن باغ جو اصلي نالو ”منگل باغ“ هو بعد ۾ شڌي ۽ سنگهٽن جي باني شرڌانند، جنهن کي دھليءَ ۾ عبدالرشيد قتل ڪيو تنهن جي يادگار لاءِ هندن منگل باغ تي ”شرڌانند باغ“ ۽ مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ميونسپل پارڪ تي ”محمد علي جوهر پارڪ“ نالو رکيو. تقسيم هند کان پوءِ مسلمانن شرڌانن باغ تي ”غازي عبدالرشيد باغ“ نالو رکيو.
ٻيو دفعو پليگ
1915ع ۾ ٻيو دفعو سکر ۾ پليگ پئي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا.
انفلوئنزا
1919ع ۾ انفلوئنزا ڪلور ڪيا. مسلمان مردن کي بغير ڪفن دفنائڻ لڳا هندن کي ڪاٺيون مُردن کي ساڙڻ لاءِ نہ پي مليون.
ليوڪس پارڪ
ڪيفي ايران ھوٽل جي سامهون سکر جي مشهور تفريح گاه ليوڪس پارڪ آهي. اڳ اسڪولن جي راندين جو ميدان ھو. 1919ع ۾ ھن کي پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ مٿس ليوڪس پارڪ نالو رکيو ويو. ليوڪس جي تعريف ھن طرح آهي تہ 1905ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو ۽ بس! تقسيم هند کان پوءِ پارڪ کي مهاجرن جي جهوپڙين سان ڀري ڇڏيو ۽ تفريح گاه جي رونق مٽجي ويئي. وري جڏھن مسٽر نصرت حسن سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو، تڏھن مهاجرن کي ٻين ھنڌن تي منتقل ڪري پارڪ کي گلن ۽ ٻوٽن ۽ حوضن سان سينگاري سبزه زار بنائي ڇڏيو. سکر براڊ ڪاسٽنگ جا نغما ھر شام سير ڪندڙن لاءِ سرور مهيا ڪن ٿا. ھن وقت سندس نالو محمد بن قاسم پارڪ آهي.
سنسڪرت پاٺشالا
سيٺ پارومل جي شاپ پٺيان هڪ ھندوءَ سنسڪرت پاٺشالا کولي ھئي. شاگرد تہ نطر نہ پي آيا، پر بورڊ گهڻو عرصو لٽڪندو رھيو. شايد بورڊ جي پنڊت گذر سفر ڪندو ھو.
عيد گاهه
شيخ بابو محمد سليمان جي ڪوشش سان 1907 ع ۾ مسلمانن چندا گڏ ڪري سينٽ ميري ديول ۽ موزئنڪ لاج جي وچ واري زمين تي عيد گاهه تعمير ڪرائي، يعني تہ اڳ سکر نئين جي مسلمانن وٽ عيد گاهه ڪونہ ھئي. مسجد عيد گاهه جو سنگ بنياد حضرت پير پاڳاري صاحب پنهنجي دستِ مبارڪ سان رکيو. عيد گاهه جي اولهندي واري ديوار تي سنگمرمر جي تختيءَ تي ھي ڪتبو اُڪريل آهي.
”بتاريخ 27 شهر شعبان المعظم سنه 1323هه سنگ بنياد اين بنائي خيررا جناب شرافت و نجابت انتساب حقائق و معارف آگاه حضرت شمس العلما السيد پير شاھ مردان شاهه صاحب الحسين الحسيني القادري النقشبندي بدست مبارک خويش گزاشتند اين چند سطور بطور ياد گيري نوشته شد“ اللهمه اغفر لبا ينها و معاونها و مهتمها بحرمت سيد المرسلين محمد المصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم[3].
عيد گاهه کي مسلمانن ڇت وجهائڻ جو ارادو ڪيو هو پر 1908ع ۾ شيخ محمد سليمان صاحب جي وفات ڪري اهو ڪم رهجي ويو. عيد گاهه کي اوڀر کان فقط ھڪ دروازو ھو. ٻيو اتر طرف وارو دررازو ماستر حبيب الله صاحب تعمير ڪرايو. عيد گاهه ڪاميٽي تي شيخ سليمان مالڪ اخبار الحق، خانبهادر، پير بخش ميمڻ، پيرزادو عبدالرحمان صاحب، ماستر حبيب الله صاحب ۽ ميان ڪرم علي شاه گيلاني ھئي، جن 1904ع ۾ بنيادي ڪم شروع ڪرايو ھو. 1937ع تائين ماستر حبيب الله متولي ٿي رھيو. 1937ع ۾ سندس وفات کان پوءِ عيد گاهه جو ڪم حافظ محمد صديق صاحب پنهنجي هٿ ۾ کنيو. بعد ۾ مسٽر خان ”دون ريڊيو ۽ گرامو فون ڪمپني سکر“ عيد گاهه جو انتظام سنڀاليو. ھن صاحب وڏي خرچ سان عيد گاهه جي ويران ميدان کي گلن ۽ ٻوٽن سان گلريز بنائي مٿس ”گلشن عيد گاهه“ نالو رکيو. 1963ع ۾ وري حافظ محمد صديق نگران مقرر ٿيو ۽ مئنيجنگ ڪميٽي ۾ عبدالمجيد پيرزادو، محمود ميان، سيد بهادر علي شاهه، شيخ عبدالرزاق، نعمت الله قريشي، محمد حسن ڀٽو، حافظ عمر، حاجي محمد رفيق ۽ مولانا احمد محمد ميمبر ٿي رهيا، نعمت الله قريشي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سجاد الله قريشي ۽ عبدالمجيد پيرزادي جي گذارڻ کان پوءِ عبدالحليم پيرزادي کي ميمبر ڪيو ويو. حافظ محمد صديق جي وفات کان پوءِ سجاد الله قريشي عيد گاهه جو نگران ٿيو ۽ مسجد جي ڪم ۾ وڏي دلچسپي وٺندو رھيو.
پيسومل پارڪ
راءِ صاحب ديوان پيسو مل 1888ع کان 1911ع مرڻ تائين سکر ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رھيو ھو، 1920ع ۾ ھن جي يادگيري لاءِ ميونسپالٽي سکر بندر تي ھڪ پارڪ جوڙايو.
چوھڙ داس پارڪ
ھي خوبصورت پارڪ جو 1928ع ۾ تيار ڪرايو ويو، سکر پراڻي ۾ ريلوي لائين جي ڀر ۾ آھي.
جي ـ ايل اسڪول
مسٽر گوپالداس پهلاجاڻي 1908ع ۾ بندر تي هاڻوڪي نواب جي ڪارخاني ۾ جو اڳ گدام ھو، انگريزي چئن درجن جو اسڪول ”نيو انگلش اسڪول“ ۽ 1920ع ۾ ميونسپل جي حوالي ڪيو ويو.
ويڙھا سنگهه پليٽ فارم
سيٺ ويڙھا سنگهه جي پٽ سيٺ رامچند پيءُ جي روپين سان يادگيريءَ لاءِ بندر تي گنبذن سان ھواخوريءَ لاءِ 1936ع ۾ ھڪ پليٽ فارم جوڙايو هو، 1962ع ۾ خواتين جي ھواخوريءَ لاءِ منجهس سڌارا ڪيا ويا آھن.
مارڪيٽ ٽاور
مارڪيٽ ٽاور جو مارڪيٽ چونڪ جي سونهن آهي ۽ 90 فوٽ اوچو ھشت پهلو آهي، سندس چئني ڪنڊن کان گهڙيال لڳل آهن ۽ سندس چو گرد دوڪان آھن، سيٺ واڌو مل پنهنجي ٻن ڀائرن سيٺ سندر داس ۽ سيٺ ڏيئو مل جي ياد گيريءَ لاءِ ڏهه هزار روپيا ”سندر شيوڪ سڀا سکر“ کي تعمير ڪرائڻ لاءِ ڏنا، جنهن 1937ع ۾ ٽاور تعمير ڪرايو، جنهن جو افتتاح سلر جي ڪليڪٽر مسٽر مير چنداڻيءَ ڪيو، اوڀر کان ننڍڙو پارڪ بہ اٿس.
علمي ٽاور
پير الاھي بخش صاحب 1939ع ۾ سنڌ جو وزير تعليم ھو، ھن صاحب ”جهالت ٽوڙ“ تحريڪ شروع ڪئي ھئي، وزير تعليم جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ يا چئو تہ سکر جي ويران ٽڪريءَ جا ڀاڳ کليا جو مسٽر ڪوٺا والا ڪليڪٽر سکر عيد گاهه جي سامهون واري ٽڪري تي ماه مئي 1939ع ۾ پير صاحب هٿان ”علمي ٽاور“ جو سنگ بنياد رکايو، سيٺين ۽ زميندارن ھن ڪار خير ۾ دل کولي چندا ڏنا، سال 1940ع ۾ ٽاور تيار ٿيو جو زمين جي سطح کان 110 فوٽ اوچو ۽ 66 فوٽ ويڪر ۾ آھي، چو طرف گهڙيال لڳل ۽ ٽڪريءَ تي خوبصورت پارڪ ۽ پاڻي جو حوض آھي، پارڪ جي اتر ۾ ريلوي ورڪشاپ جي بالا عملدار پنهنجي اھليه جي نالي تي ”ناز“ پارڪ ٺهرائي منجهس ٻارن لاءِ پينگهه ۽ ھڪ گسڪڻ تعمير ڪرايا، ھر شام جو ماڻهو ۽ ٻار گهمڻ ايندا ھئا ڏاڍي مجلس لڳندي ھئي، ليڪن ستت ئي پارڪ ويران ٿي ويو ۽ گل ٻوٽا سڪي سڙي ويا گهڙيال بہ خاموش ٿي ويا، البت ڪو قومي تهوار ايندو آھي تہ اها رات ٽاور جي دلجوئي لاءِ ميونسپل ٽاور کي رنگا رنگي بلبن جو ھار پارائيندي آهي، 1962ع ۾ ميونسپل کي علمي ٽاور تي رحم آيو جو گهڙيال مرمت ڪرايا ويا آھن. ٻڌجي ٿو تہ ميونسپل ٽڪريءَ تي زنانو پارڪ تعمير ڪرائيندي ـ والله اعلم.
سکر مدرسه بورڊنگ هائوس
تلڪ ميونسپل ھاءِ اسڪول جي اڳيان مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ ٻہ ماڙ بورڊنگ ھائوس ۽ مسجد 1911 ع ۾ تعمير ڪرائي ويئي، اوڀرندي واري حصي ۾ اڄڪلهه ماڊرن ھاءِ اسڪول کوليو ويو آھي. 1903ع ۾ ميونسپل پلاٽ ڏنو ۽ 1905 ع ۾ ڪليڪٽر سکر سنگ بنياد رکيو، 1906 ع ۾ ضلع مدرسه قائم ڪيو ويو، جنهن تي خان بهادر پير بخش، عبدالرحمان پيرزادو، پير ڪرم علي شاھه ۽ ماسٽر حبيب الله مکيه ميمبر ھئا.
جنرل پوسٽ آفيس
اڳ ميونسپل دفترن پٺيان ھڪ تنگ ۽ تاريڪ ڪچي عمارت ۾ پوسٽ ۽ تار آفيس ھئي، سال 1929 ع ۾ ليمجي چاڙهيءَ مٿان عاليشان ڪشادي نئين پڪي عمارت تعمير ڪئي ويئي ۽ شهر واسين جي سهوليت لاءِ پوسٽ کاتي جون ننڍيون شاخون شهر جي مختلف ھنڌن تي کوليون ويون آھن.
پي ـ پي گرلس ھاءِ اسڪول
سکر ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول ھئا پر ھاءِ اسڪول جي بيحد ضرورت ھئي، جا مسٽر پيسو مل ڇانڊواڻيءَ جي اھليه محترمه پوري ڪئي، ھاءِ اسڪول جي عظيم الشان عمارت جنهن جي چئني ڪنڊن تي چار ننڍا گنبذ آھن، ھن عمارت کي وڌيڪ خوبصورت بنائين ٿا، اھو اسڪول پرميشوري ٻائي پيسو مل سڏجي ٿو، مسٽر پيسومل ريلوي کاتي ۾ ڊويزنل پرسنل آفيسر ڪراچي ڊويزن ھو، ھن داني پرش سخي مرد قوم جي شيوا دل کولي ڪئي، سکر پراڻي ۾ ھندو بيوه زالن لاءِ ”ناري شالا“ تعمير ڪرائي جنهن ۾ زالون سوئيٽر اُڻڻ، جوراب جوڙڻ ۽ ڪپڙي سبڻ جو ڪم سکنديون ھيون، سکر ۾ پي ـ پي ھاءِ اسڪول ڇوڪرين لاءِ ۽ ھندو يتيم ڇوڪرن لاءِ ”ٻال مندر“ تعمير ڪرايائين، آزاديءَ کانپوءِ ھن اسڪول وڌيڪ ترقي ڪئي آھي.
پرائمري اسڪول
ٽيئون مل اسڪول 1916 ع ۾ واري تڙ تي کوليو ويو. باغ حيات علي شاه ڪوارٽر ۾ 1916 ع ۾ اسڪول کوليو ويو، 1904 ع ۾ خان بهادر پير بخش اسڪول نئين ڳوٺ ۾ کوليو ويو. 1928 ع ۾ بئراج ڪالوني ۾ ڀوڄسنگهه پهلجاڻي اسڪول کوليو ويو. اھي اسڪول ميونسپالٽيءَ جي نگراني ھيٺ ھئا. 1937 ع ۾ سيٺ جيوڻ داس اسڪول ھندو نوجوان برادري منڊل جي ڪوشش سان کوليو ويو. 1913 ع ۾ بندر روڊ تي ڀاڀڙڪي بازار ۾ ”مِتر منڊلي“ امدادي اسڪول کوليو ويو. ساڳيءَ سال تلڪ ھاءِ اسڪول جي ”ديو سماج“ ماستر خان چند سکر پراڻي ۾ ”ديو سماج“ اسڪول کوليو ھو. ھندو نوجوان سڀا باغ ڪوارٽر ۾ اسڪول کوليو. اردو گرلس اسڪول نئون پنڊ 1903 ع ۾ ريلوي کاتي ڇوڪرين کوليو جتي ڇوڪرين کي ڪپڙن سبڻ جي سکيا بہ ملندي ھئي. ساڳي سال نئين پنڊ ۾ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اردو اسڪول ريلوي کوليو. ھريجن اسڪول، لوڻ گدام جي اولهندي ۾ ھندن ڀنگين جي ٻارن لاءِ ڀنگين جي ڪالونيءَ ۾ اسڪول کوليو ھو. ”راشٽريا ڪنيا پاٺشالا“ 1920ع ۾ سيٺ گيانچند باغ ڪوارٽر ۾ ڇوڪرين لاءِ کولي. 1928ع ۾ پاٺشالا جي عمارت تعمير ڪرائي ويئي. ”غريب آباد ڪنيا پاٺشالا“ ھندو ڇوڪرين لاءِ 1917 ع ۾ ٽوپڻ داس ڪنيا پاٺشالا پئنچات پاران کولي ويئي. 1928 ع ۾ عمارت تعمير ڪرائي ويئي. تيرٿ ٻائي گرلس اسڪول 1903 ع ۾ کوليو ويو، اسڪول کي پنهنجي عمارت ھئي. ميران مڊل اسڪول 1940ع ۾ ليوڪس پارڪ ويجهو کوليو ويو. مسٽر ڀڳوانداس نندو سنگهه مئنيجر ھو. سکر ايڪيڊمي 1930ع ۾ کولي وئي.
پارسي ماما اسڪول
بندر واري برف دڪان ويجهو پارسين جو آتشخانو ۽ ماما اسڪول موجود آھن. خان بهادر اي ـ ايڇ ماما ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر ھو. سکر جا پارسي شهر مان لڏي ويا. آتشخاني ۽ اسڪول جي ھڪ ملا نگراني ڪري ٿو.
ٽيڪنيڪل ڪاليج
مسٽر نواڻي ڪاليج جو ”برٽش انڊيا ٽيڪنيڪل ڪاليج“ سڏبو ھو ۽ تلڪ پريس ويجهو 1920ع ۾ کوليو ويو.
انجنيئَرنگ ڪاليج
سول ڪورٽ ھيٺان مسٽر چوڌري 1924ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کوليو. ھن ڪاليج گهڻائي ڪامياب شاگرد پيدا ڪيا.
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
1919ع ۾ لوڪل بورڊ لاءِ ميمبرن چونڊجڻ جو حق ڏنو ويو. اڳ سرڪار ميمبر چونڊيندي ھئي. 1938ع ۾ اھو سرشتو ختم ڪيو ويو ۽ سال 1933ع ۾ خان بهادر قيصر خان بوزدار صدر چونڊيو ويو ۽ 1939ع ۾ ڪليڪٽر جي ڪچهري ھيٺيان لوڪل بورڊ جي عاليشان عمارت تعمير ڪئي ويئي ۽ ھال تي قيصر خان ھال نالو رکيو ويو.
سيٺ رامچند ڪپڙا مارڪيٽ
سيٺ رامچند ڳهڻو مل ڪلاٿ مارڪيٽ 1926ع ۾ تعمير ٿي. منجهس ريزڪي ڪپڙي جا اٽڪل ٽيهارو کن دڪان آھن.
ھيرا نند ڪپڙا مارڪيٽ
1940ع ۾ کولي ويئي.
سکر پراڻي مارڪيٽ
نئين ڊيزائين تي 1937 ع ۾ تعمير ٿي.
اربن ڪوآپريٽو بئَنڪ
1921ع ۾ ليوڪس پارڪ وٽ کولي ويئي. سينٽرل بئنڪ 1935ع ۾ بندر روڊ ريلوي اسٽيشن جي قريب کولي ويئي. پنجاب نيشنل بئنڪ 1935ع ۾ بندر روڊ تي کولي ويئي.
سنڌ پراونشنل ڪوآپريٽو بئنڪ
فريئر روڊ تي تلڪ پريس سامهون 1938ع ۾ کولي وئي. مٿين بئنڪن مان نيشنل پنجاب بئنڪ، سينٽرل بئنڪ جا 1935ع ۾ کولي ويئي، تقسيم ھند کان پوءِ بند ٿي ويون. نيون بئنڪون هن طرح آهن: حبيب بئنڪ، بئنڪ آف بهاول پور، مسلم ڪمرشل بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ائگريڪلچر ڊولپمينٽ بئنڪ، سکر انڊسٽريل ٽريڊنگ ائسوسيئشن 62 – 1961ع ۾ هن جو چيئرمين ايس تاج الدين ۽ ايس شير اعزازي سيڪريٽري آهن ۽ حڪومت ائسوسيئشن جي چيمبر کي منظور ڪيو آهي.
ماڊرن ھاءِ اسڪول
1955ع ۾ سکر ضلع مدرسي جي ھڪڙي حصي ۾ مسٽر عبدالصمد خان کوليو. پهريان پرائمري اسڪول ھو پنجن سالن اندر شاگردن جو تعداد وڌي 650 کي پهتو، جنهنڪري حڪومت کي امداد ڏيڻي پيئي. عبدالصمد خان ھيڊ ماستر آھي.
اسلاميه اسڪول
نوجوان بردار منڊل واري عمارت ۾ ”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ اسلاميه اسڪول کوليوـ ھتي اسڪول فاران ھاءِ اسڪول جي شفٽ ۾ شام جو بہ کلي ٿوـ عمارت ھڪڙي آھي.
ميمڻ انجمن ھاءِ اسڪول
ميمڻ انجمن 1952 ع ۾ پهريائين مڊل اسڪول جاري ڪيو جو 1958ع ۾ ھاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو.
تعمير نو ھاءِ اسڪول
تعليم جي واڌاري ڪري نوان اسڪول کلندا ويا. 1958ع ۾ خيرپور جي ڪمشنر مسٽر اي ـ ايڇ خان مڊل اسڪول جو افتتاح ڪيو، جو ھڪ سال اندر 1959ع ۾ ھاءِ اسڪول بنجي ويو.
نيو ماڊل ھاءِ اسڪول ۽ ماڊرن ھاءِ اسڪول سکر پراڻو
نيو ماڊل اسڪول ڪوئينس روڊ تي مسٽر ڌرمداس کوليو هو جو اسڪول جو 1931ع ۾ پرنسپال بہ هو. ماڊرن ھاءِ اسڪول مسٽر خوبچند سکر پراڻي ۾ 1944ع ۾ کوليو هو. تقسيم کان پوءِ زنده دل مسلمان ٻنهي اسڪولن کي زنده رکندا اچن ٿا.
انهن اسڪولن مان بعض ھندن جا جاري ڪيل اسڪول تقسيم کان پوءِ بند ٿي ويا، مسلم تعليمي سوسائٽين شهر ۾ گهڻائي پرائمري اسڪول کوليا جهڙوڪ: (1) قادريه رضويه اسڪول، (2) شوڪت الاسلام، (3) جامع عربيه وغيره وغيره ـ سکر جي ھاءِ اسڪول جسٽس آغا حسن علي، آغا تاج محمد، مولائي ميان رحيم بخش، پيرزاده عبدالستار ۽ ٻيون شخصيتون تعليمي معيار جي ثبوت لاءِ پيدا ڪيون.
لا ڪاليج
لا ڪاليج لوڪل بورڊ جي ھال ۾ 1954ع ۾ سيد مظهر علي شاهه ھڪڙي مشهور قانوندان جاري ڪيو جڏهن آغا بدرالدين بدرعالم لوڪل بورڊ جو صدر ھو. ھن ڪاليج تي آغا حسن علي ڪاليج نالو رکيو ويو، جو ھاءِ ڪورٽ سنڌ جو جسٽس رھي چڪو آھي. سيد مظهر علي شاھ جي پرنسپالي ھيٺ چند سالن اندر گهڻائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا. اپريل 1961ع ۾ تڏھوڪي وزير ذوالفقار علي ڀٽي نئين ڪاليج جو بنياد رکيو جو ھينئر تعمير ٿي چڪو آھي، سيد مظفر علي شاه جي وفات کان پوءِ مسٽر سمندر خان پرنسپال ٿيو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ ھادي بخش ميمڻ پرنسپال ٿيو.
اورينٽل ڪاليج
مشرقي تعليم جي واڌاري لاءِ سيد عطا حسين شاهه موسوي 1956ع ۾ ھڪ تعليمي سوسائٽي قائم ڪئي، ھن ڪاليج ۾ اردو ۽ سنڌي ”ادب“ درجي جي تعليم جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ھڪ لائق ليکڪ ۽ اديب سيد عبدالحسين موسوي کي پرنسپل مقرر ڪيو ويو، سيد عبدالرب ھيڊ ماستر ريلوي ھاءِ اسڪول کي اعزازي سيڪريٽري ۽ شيخ عبدالرزاق راز کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، نئين عمارت تعمير ڪرڻ جو مسئلو زير غور آهي.
اسلاميه ڪاليج
مسلم تعليمي سوسائٽين جي ڪوششن جي ڪري سکر ۾ ڪاليجن جو واڌارو ٿيندو رھيو، چنانچه 1955ع ۾ ڪليڪٽر نصرت حسن جي تعاون سان ھڪ ڪاليج بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو پهريون چيئرمين نصرت حسن ھو، چئن سالن جي عرصي اندر ڪاليج ترقي ڪري ڊگري ڪاليج بنجي ويو جنهن ۾ آرٽ، ڪامرس ۽ سائنس جي تعليم جو انتظام ڪيو ويو ۽ خيرپور ڊويزن ۾ وڏو علمي ادارو آهي، 1959ع ۾ خيرپور جي ڪمشنر ڪاليج جي نئين عمارت جو سنگ بنياد رزرو واٽر واريءَ ٽڪريءَ تي رکيو، ڪاليج جي تعمير جو ڪم ڪاليج بورڊ جي نگراني ۾ ھلي رھيو آھي. ڪاليج تي 26 لک روپيا خرچ لڳندو، جنهن جو ڪم جاري آھي. پهرين چيئرمين مسٽر ظهير احمد کي ”تمغه خدمت“ مليو، موجوده چيئرمين مرزا فضل حسين سکر جو اڻٿڪ سماجي ورڪر آھي. ھن تعليمي اداره جي تعمير کان پوءِ سکر تعليمي لحاظ ڪري بلند مقام حاصل ڪندو، ٽيڪنيڪل تعليم ۽ سائنس لاءِ 3 تجربيگاھون تعمير ٿي چڪيون آھن، ميڊيڪل ڪاليج کولڻ جو مسئلي زير ويچار آھي.
گورنمينٽ انٽرميڊيئَيٽ ڪاليج
حڪومت پاران سکر شهر ۾ ٻہ انٽرميڊيئٽ ڪاليج جن ۾ آرٽ ڪلاس آھن، جيڪي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ھلندڙ آھن. انهن ڪاليجن جون عمارتون نهايت خوبصورت آھن. جو ھينئر ڊگري ڪاليج آھي جنهن ۾ سائنس جو شعبو بہ آھي، اھو ڪاليج شڪارپور روڊ تي يعقوب بسڪٽ فيڪٽري جي سامهون آھي.
مدرسه اشرفيه
مدرسه اشرفيه جنهن ۾ علم دينيات فقه ۽ حديث جي تعليم ڏني وڃي ٿي. سو مولانا محمد احمد ٿانوي جاري ڪيو آھي. جنهن جي عمارت جو سنگ بنياد وئلس روڊ تي رکيو ويو آھي. ھن ڪاليج جو تعمير کان پوءِ سکر دنيوي ۽ ديني علوم جي تعليم جو مرڪز بنجي ويندو، مسجد منزلگاه واري ميدان تي بہ مدرسو کولڻ جو سوال زير ويچار آھي.
جانورن جي اسپتال
جيلاني روڊ تي 1918ع ۾ کولي ويئي، جنهن جو ڪم سکر ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جي فنڊن وسيلي ھلي ٿو.
لکومل گوپالداس ڪلب
ھن ڪلب جي منگل باغ جي اولهندي ۾ پڪ سِري عمارت آھي. 1936ع ۾ ھندن تعمير ڪرائي، جنهن ۾ مجلسون ڪندا ھئا. ھندو دولتمند ۽ تعليم يافته ھئا. جتي بہ ڪو زمين جو موزون ٽڪرو ڏسندا ھئا، مٿس ڪنهن نہ ڪنهن سبب سان قبضو ڪندا ھئا. مسلمانن وٽ پئسو ڪو نہ ھو ۽ مفلسي ڪري خاموش ھئا. تقسيم ھند کان پوءِ ھن عمارت ۾ سرڪاري دفتر کوليو ويو آھي. ھن وقت ڪسٽوڊئن جو دفتر آھي.
ڏيپچند ڪرڪيٽ پويلين
ھي پويلين اسٽيڊيم (راندين جي ميدان) جي اولهندي ۾ ڏيپچند رعايت مل جي سرمايه سان 1938ع ۾ سندر شيوڪ سڀا وارن تعمير ڪرايو ھو، جو پوءِ ميونسپل جي نظرداري ھيٺ ھو، تماشين جي ويهڻ لاءِ زمين کان ڇت تائين پڪ سِرا ڏاڪا جڙيل ھئا. قيام پاڪستان کان پوءِ ميونسپل مٿئين پويلين کي ڊھرائي ٽن لکن جي خرچ سان عظيم الشان اسٽيڊيم تعمير ڪرايو. ان کي چو طرف پڪي ديوار ڏياري آھي. ھن عظيم الشان اسٽيڊيم جو سنگ بنياد خيرپور جي ڪمشنر اي ـ ايڇ خان 1959ع ۾ رکيو. اسٽيڊيم جي پهرين منزل جو ڪم 1961ع ۾ پورو ٿيو ۽ خيرپور جو ڪمشنر مسٽر ابونصر افتتاح ڪيو. ميسرز نقوي ۽ صديقي ڪراچي جي ٻن عمارت سازن جو نقشو تيار ڪيو.
المهراڻ
مسٽر اي ـ ايڇ خان خيرپور جي ڪمشنر ”ڊسٽرڪٽ ڪلچر سوسائٽي“ جو بنياد 1959ع ۾ رکيو ۽ ٽيهن ھزارن روپين جي خرچ سان المهراڻ جي چوديواري ۽ اسٽيج تعمير ٿيا. ھن ڪم ۾ مسٽر ايم ـ ايڇ انصاري جنرل مئنيجر اي ـ سي ـ سي سيمينٽ فئڪٽري روھڙي ۽ ميونسپل چيف آفيسر مسٽر محمد نور الله چڱو بهرو ورتو. پهريون ڪلچرل شو ڊپٽي ڪمشنر مسٽر مهدي حسن جي ڪوشش سان فيبروري 1906ع ۾ ٿيو. سيڪريٽري شيخ راز ھو جنهن کان پوءِ سيد حسن ميان سيڪريٽري رھندو آيو.
ھندو پئَنچات ڌرم شالا
ھي ڌرم شالا ھندو پئنچائت 1921ع ۾ تعمير ڪرائي. قلعي نما عمارت جنهن جو دروازو لوهي آھي ۽ اڳ ميان آدم شاھ جي مورچي کي لڳل ھو ۽ پوءِ نيلام ۾ ھندن خريد ڪيو ھو. اندر ٻہ ماڙ ٻہ ڊگهيون عمارتون جڙيل آھن جن ۾ ھيٺ ۽ مٿي ڪمرا جڙيل آھن ۽ وچ ۾ ڪشادو ميدان اٿس. ٻاھر جا ھندو اچي رھندا آھن ۽ حفاظت لاءِ حڪومت پاڪستان پوليس گارڊ جو انتظام ڪيو آھي. ڪاروباري پئنچائت جي سپرد آھي. لالا بيليرام ڌرم شالا 1923ع ۾ مولچند ٿلهي جي قريب تعمير ٿي ۽ لالا موھنداس ڌرم شالا 1930ع ۾ سکر پراڻي ۾ تعمير ٿي.
ريلوي يوروپين باٿ ٽئَنڪ
ريلوي يوروپين انسٽيٽيوٽ جي ڀر ۾ 1903ع ۾ ريلوي جي گورن ملازمن جي وھنجڻ لاءِ ڇت سان تلاءُ تعمير ٿيو. جتي منڊمون ۽ گورا اونهاري ۾ غسل ڪندا ھئا. پاڪستان ريلوي کاتي ھن جي مرمت ڪرائي ريلوي ملازمن لاءِ مخصوص ڪيو.
گرد وارو
جت ھينئر غريب آباد ۾ گرد وارو آھي اتي اڳ ميدان ھو ۽ ٻہ چار نم جا وڻ ھئا، جن ھيٺيان ڀيل پئنچائت ذريعي فيصلاڪندا ھئا. اھا زمين ميونسپل سکن کي گرد واري لاءِ ڏني. 1925ع ۾ سکن گرد وارو تعمير ڪرايو، جنهن کي ٻن پاسن کان دڪان جڙيل آھن. گرد واري جي ڀر ۾ گرمکي اسڪول تعمير ڪرايائون، جنهن ۾ ھينئر اردو پرائمري اسڪول آھي. اسڪول جي پٺيان ميونسپل بيل حاطو آھي جو اڳ ھندو پئنچائتي ڌرم شالا واري ھنڌ تي ھو. ان بيل حاطي جي اولهندي واري ڪنڊ تي سکن جهاٽڪي جو دڪان بہ کوليو ھو.
ھندو ڪسرت شالائون
وير ڀيم سين سياسي سجاڳي کان پوءِ ھندن ڪسرت شالائون بہ کوليون. وير ڀيم سين ڪسرب شالا 1925ع ۾ بندر روڊ جي ڀرسان کولي ويئي.
مها بير دل
بندر روڊ تي 1932ع ۾ کولي ويئي.
ڪرشن ڪسرت شالا
1923ع ۾ جاري ٿي.
شيوا جي دَل
1935ع ۾ شيوا منڊالي ۾ جاري ٿي.
سناتن ھندو
1937ع ۾ واٽر ورڪس واري باغيچي ۾ جاري ڪئي ويئي.
ھندو منڊليون
ڪرشن منڊلي
1900ع ۾ بندر تي کولي ويئي ۽ 1920ع ۾ ست سنگت عمارت ۾ منتقل ڪئي ويئي.
رام منڊلي
بندر ريلوي ريلوي اسٽيشن جي قريب رشي گوبندرام ۽ گورڌنداس 1924ع ۾ کولي ويئي.
پرمانند ڀنڊار
درياه جي ڪپ تي ھندو مقادمن چندو ڪري 1915ع ۾ جاري ڪيو.
ٻڌا منڊل
درياه جي ڪپ تي مسٽر بودرام 1927ع ۾ کوليو ھو.
مٺي سنگت
آريا سماج جي ويجهو 1907ع ۾ سکر پراڻي جي سيٺ درومل جاري ڪئي.
تلڪ ھال
نمن جي چونڪ ۾ 1922ع ۾ قائم ڪيو ويو، جتي ڌرمي ۽ سياسي ليڪچر ٿيندا آھن.
سڌار سڀا
1895ع ۾ مسٽر گوڪلداس گرداسمل لله برپا ڪئي. اُتر سنڌ ۾ جهوني سڀا ھئي. جنهن ”راتڙي پاٺشالا“ جاري ڪئي ھئي. اھا پاٺشالا ھندو عورتن لاءِ گوڪلداس بندر روڊ تي تعمير ڪرائي ھئي. بندر روڊ تي ٽيئو مل ڏيپچند لائبريري بہ جاري هئي هر سال رام ليلا ۽ پر هلاد ڀڳت جا کيل ڏيکاريا ويندا ھئا. مهاشيه ويرومل ۽ ھوتچند مٿين ادارن جا سيڪريٽري ھئا.
سندر سڀا
مسٽر ڇانگي مل 1910ع ۾ قائم ڪئي. ھن سڀا مارڪيٽ جي اوڀرندي دروازه وٽ ويرومل لائبرري ۽ مارڪيٽ نائيٽ اسڪول کوليا ھئا.
سندر شيوڪ سڀا
1919ع ۾ مسٽر ٻالچند رام سنگهه برپا ڪئي ھئي ۽ 1921ع ۾ ھن مولچند ٿلهي تي لائبرري کولي ھئي. ازانسواءِ باغ ڪوارٽر ۾ مليريا جي روڪ لاءِ ڌرمائو اسپتال کولي ھئي. ليوڪس پارڪ، پيسومل پارڪ ۽ لئنسڊائون پل جي ڀر ۾ جل آشرم کوليا ھئا. ھن سڀا 1934ع ۾ بندر روڊ تي ٽيڪچند پارڪ 1936ع ليڊيز پارڪ، مارڪيٽ ٽاور، ڪرشناڊراميٽڪ سوسائٽي، بندر تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض تعمير ڪرايا، سڀا جو سيڪريٽري مسٽر پرسرام مسند ھو جنهن جي نالي تي بورڊ لڳل آھي.
شيوا منڊلي
1919ع ۾ برپا ٿي. ديوان ڀوڄسنگهه پهلاجاڻي سڀا جو صدر ھو، ھن سڀا بندر تي لائبريري ۽ نائيٽ اسڪول، ھڪ بئنڊ قائم ڪئي ھئي. ميلن جي موقعن تي ٻارن جي حفاظت ڪرڻ جو ڪم ان جي سپرد ھو.
ھندو نوجوان منڊل
1930ع ۾ قائم ٿيو. مسٽر جي ـ بي منگهارام منڊل جو مددگار ھو. منڊل سيٽ جيوڻ داس وديالو، ڪنيا پاٺشالا، ويڙھو مل پستڪاليه، سيٺ ٻالچند بئنڊ، دراميٽڪ سوسائٽي، ويدڪ شفا خانو، ٻارن لاءِ ڀوڄراڄ پارڪ قائم ڪرايا. مسٽر کيمچند منڊليءَ جو جنرل سيڪريٽري ھو.
ھندو غريب منڊل
1932ع ۾ گوپيچند ڪشنداس برپا ڪئي، جا غريب ھندن جي شادين جي موقعن تي ديڳيون، باسڻ ۽ شاميانا مهيا ڪندي ھئي. ھڪ نائيٽ پاٺشالا بہ کولائي ميلن جي موقعن تي پاڻي پيارڻ جو ڪم بہ ڪندي ھئي.
ناري شالا
1933ع ۾ ديوان پيسومل چاندواڻيءَ ھندو بيواه زالن لاءِ برپا ڪئي، جنهن جي عمارت بہ خوبصورت ھئي. بيواه زالن کي سبڻ، صابڻ جوڙڻ، ڳوٽا ٺاھڻ، گنجيون ۽ جوراب اُڻڻ جا ھنر سيکاريا ويندا ھئا. راءِ بهادر ڪندن داس جنرل سيڪريٽري ھو.
ھريجن شيوڪ سنگهه
ڀنگين جي حالت کي سڌارڻ ۽ کانئن ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 1934ع ۾ سکر مال گرام ريلوي روڊ تي ڀنگين لاءِ ھڪ ڪالوني تيار ڪئي ويئي. جنهن ۾ آسان قرضن کڻڻ لاءِ ھريجن بئنڪ، ٻارن لاءِ اسڪول، مندر ھنري شالا، ٻال ڀون، راندير لاءِ ميدان، پيئڻ لاءِ ڌار ٽانڪي ۽ غسلخانو تعمير ڪرايا ويا، مسٽر رامچند وڪيل چيئرمين ۽ مسٽر شيو ڪرام ڪرمچند معاون ۽ مددگار ھئا.
جل ڪٽيا منڊلي
1934ع ۾ مسٽر خانچند برپا ڪئي. پاٺشالا ۾ ست سنگهه ڪلاس جاري ڪيو ويو ۽ شادين جي ڏيتي ليتي رسم جي خلاف منڊليءَ پرچار شروع ڪئي.
ھندو لٽريچر منڊلي
1938ع ۾ مسٽر ڀوڄراڄ جاري ڪئي. جنهن معرفت ھندو سورمائن شيوا جي راڻه پرتاب وغيره متعلق ڪتاب شايع ڪرائي پرچار ڪرائڻ لڳي. مسٽر لڇمڻداس سيڪريٽري ھو.
آريا سماج
سکر جي ڪتب فروش مسٽر ھريسنگهه 1888ع ۾ برپا ڪئي ۽ 1908ع ۾ بندر روڊ تي عمارت تعمير ڪرائي ويئي. سماج جي زير نگراني ويدڪ لائبرري، شرڌانند بئنڊ، ھڪ ڪنيا پاٺشالا تعمير ڪرائي ۽ پرچار جو ڪم زور شور سان چالو ٿيو. بندر جي نمن وارو چونڪ آريا سماجي قلعو ھو. حڪيم منگترام، مهاشيه کيمچند، مسٽر شيوارام سيڪريٽري ھئا.
اپاشنا منڊلي
1906ع ۾ ساڌو واسواڻي سکر پراڻي ۾ برپا ڪئي. جنهن جي عمارت عاليشان آھي.
سناتن ڌرم سڀا
1915ع ۾ پنڊت ويلو رام شرما برپا ڪئي جنهن جي عمارت عاليشان ھئي، منجهس سنسڪرت پاٺشالا ۽ ھڪ لائبرري ھئي. ٻائو نارائڻ داس اُداسي چيئرمين ۽ مسٽر پرسرام سيڪريٽري ھئا.
راڌ سوامي منڊل
آگره جي مشهور ديال باغ جي اصولن تي مسٽر هاسي مل سيرو چونڪ تي کولي ھئي.
سري ستنام ھري
1919ع ۾ سناتين کولي ھئي. ھميشه گيارس تي ميلا لڳرائڻ سڀا جو ڪم ھو. مسٽر واپاري مل ۽ جشن مل مکيه ڪارڪن ھئا.
________________________________________
[1]نوٽ: تپ بن متعلق ڪاليداس مشهور ڊرامي شڪنتلا ۾ ڏيکاريو آهي تہ دشنيت شڪنتلا کي تپ بن ۾ ڏسي مٿس موھت ٿيو هو. اڄ تپو بن ويران آھي.
[2]نوٽ: ايڪسڪيوٽر وڏا ڪرين ھئا، مٿن ھڪ بائلر لکيل هو ۽ اسٽيم تي ڪم ڪندا ھئا. سندن سونڍ ۾ مضبوط زنجيرن سان هڪ لوهه جي وڏي پيٽي لڳل ھئي جنهن کي ڏانداريءَ وانگي ڏند لڳل ھئا جا مٽي ٻاهر ڦٽي ڪندي ھئي.
[3]نوٽ: 1896ع مطابق 1314 هه ۾ جناب پير سيد علي گوهر راشدي پير پاڳاري صاحب جي وفات کان پوءِ سندن ڀاءُ سيد شاهه مردان شاهه گادي نشين ٿيو. سنڌ ۾ ھي پهريون مسلمان بزرگ ھو، جنهن کي 1900ع ۾ انگريزي حڪومت شمس العلماء جو خطاب ڏنو ھو . تنهن کان پوءِ ميرزا قليچ بيگ صاحب ۽ بعد ۾ علامه عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب کي سرڪار پاران مٿيون لقب مليو ھو.
________________________________________
ست سنگهه سڀا
1919ع ۾ مسٽر لوڻيندا رام مهراج ۽ چند ٻين ڪارڪنن غريب آباد ۾ کولي ھئي. سڀا جو ڪم ھو ھندو اوتارن جون ورسيون ملهائڻ ۽ ايشور جي ھستيءَ جو پرچار ڪرڻ.
اُداسين منڊل
1920ع ۾ اُداسي ساڌن قائم ڪئي. ساڌ ٻيلي جو مهنت سوامي سنت پرساد پرڌان ھو.
سناتن ڌرم يووڪ سڀا
1924ع ۾ مسٽر چوئٿرام برپا ڪئي ھئي. 1936ع ۾ ھن سڀا بندر روڊ تي ميٺا رام لائبرري قائم ڪئي ھئي. سڀا وٽ ھڪ شوالو ھو جنهن ۾ ھندي زبان جو پرچار ڪرڻ مول متو ھو. مهراج شوو ڪمار، سيٺ ڪوٽو مل ، مهاشيه گوپالداس ميمبر ھئا.
ڀاٽيا سهڪار منڊل
1938ع ۾ ھندو ڀاٽين پنهنجيءَ قوم جي بهبودي لاءِ قائم ڪئي. مسٽر ڪندن داس صدر ۽ مسٽر ڪلاچند وڪيل سيڪريٽري ھو.
ھندو پرچارڪ ڌرم سڀا
1935ع ۾ ڀائي پنجومل برپا ڪئي. سڀا جو متو ھو ھندو جاتيءَ کي بيدار ڪرڻ ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ.
آريو ويدڪ سڀا
1938ع ۾ قائم ٿي. مقصد ھو انگريزي دوائن بدران ويدڪ علاج ڪرايو وڃي. ويد نندلال صدر، ويد راج ڌرم سروپ سيڪريٽري ھئا.
شنڪر ڊراميٽڪ سوسائٽي
1932ع ۾ سکر پراڻي ۾ قائم ٿي. سوسائٽي جا کيل ھندن کي بيدار ڪرڻ لاءِ ھئا. جهڙوڪ : قتل حقيقتراءِ، ھريش چندر ڪامياب کيل ھئا. سوسائٽي جو صدر ڊاڪٽر منگهارام ھاسانند، ٽيڪمداس سيڪريٽري ۽ موٽڻداس ڪارڪن ھو. سوسائٽي وٽ پنهنجو سامان هو.
ھندو ميڊيڪل ائسوسيئَشن
ھندو ڊاڪٽرن جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1915ع ۾ قائم ٿي. جنهن جو صدر سول سرجن ھو. ڊاڪٽر منگهارام ڪلاڻي، ڊاڪٽر ھيرانند ڪيسواڻي ڪارڪن ھئا. ڊاڪٽر ھيرانند اڄ بہ موجود آھي. مٿين منڊلين کانسواءِ ٻيون بہ انيڪ منڊليون ۽ سڀائون ھيون جهڙوڪ : گرسنگت، گرواڻي پرچارڪ سڀا، ھندو اپڪارڪ منڊل، نوجوان جل، ڪٽيا وغيره وغيره. ھر ھڪ ڳلي ۽ چونڪ ۾ ڪو نہ ڪو ڌرمي يا سماجي دفتر ضرور ھو.
پارسي انجمن
پارسي ھن شهر ۾ 1838ع ۾ اچي ويٺا، جڏھن پهرين ڪابل جي ويڙھه شروع ٿي ۽ ملٽري کاتي جا ٺيڪا شروع ٿيا. ليمجي چاڙهي چارسين جو مسڪن ھو. جو اڄ بہ ساڳي نالي سان سڏجي ٿي. پارسي انجمن 1917ع ۾ قائم ٿي. جنهن پارسين لاءِ جدا ڪالوني، اسڪول ۽ آتشخانو تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، خان بهادر ڊاڪٽر چيٽيگرا ھر دلعزيز سول سرجن سکر ۽ سکر ميونسپالٽي جو سرڪاري چونڊيل ميمبر ھو. ھندن توڙي مسلمانن کي ھن لاءِ بيحد عزت ھئي. ڊاڪٽر شاپور جي اسسٽنٽ سرجن ھو. ميونسپالٽي پالسين کي بندر ويجهو برف شاپ لڳ اسڪول ۽ آتشخاني جوڙائڻ لاءِ زمين ڏني. جتي اسڪول ۽ آتشخانو اڄ بہ قائم آھي. سول اسپتال ھيٺيان کين رھائش لاءِ ڪالوني ڏني، جتي رستم جي، ماڻڪ جي، ڪاوءس جي ريلوي ملازمن ۽ مسٽر شاپور جي جايون جوڙايون، سيڪريٽري مسٽر ماڻڪ جي ھو. وقت گذرڻ کان پوءِ ڪي مري کپي ويا ۽ ڪي واپار جي سانگي جايون وڪڻي ڪراچي ڏانهن ھليا ويا. باقي ڪالوني ۽ آتشخانو جنهن ۾ ماما ھاءِ اسڪول ۽ خان بهادر ماڪر جي چندي سان جايون جوڙايون ويون. سي اڄ بہ موجود آھن. جن کي ڏسي چئي سگهبو تہ ڪو وقت ھن شهر ۾ پارسي رھندا ھئا، انهن جاين جي سنڀال ھڪڙو پارسي ملا ڪندو آھي.ڪالوني وارا بنگلا خان بهادر نظام الدين ۽ ميجر عطا محمد ۽ ڪن وڏيرن خريد ڪيا پر ڪالوني اڃا تائين پارسي سڏجي ٿي. پارسين جو پهريون قبرستان سيشن ڪورٽ جي ڀر ۾ آھي. ٻيو قبرستان آدم شاهه ٽڪريءَ جي ھيٺيان آھي. پهرين جي حالت درست آھي پويون ويران آھي.
خالصا ينگ مين ائسوسيئَشن
خالصا ائسوسيئشن، خالصن 1927ع ۾ قائم ڪئي، سکر ۾ سکن جا ٻہ گردوارا ھئا ھڪ نئين پنڊ ۾ ريلوي ٺهرايو ھو ۽ ٻيو غريب آباد ۾ ھو. ائسوسيئشن جو سيڪريٽري سردار بلونت سنگهه ريلوي جو ھڪ ڪلارڪ ھو. گردواري ۾ ديوان لڳرائڻ ائسوسيئشن جو ڪم ھو. جڏھن ڪا سکن جي ٽولي ٻاهران ايندي ھئي تہ گروگرنٿ جو پاٺ ٿيندو ھو. گردواريءَ جي ٻاھرين دڪانن ۾ سکن جو تنور ھو. گردواري لڳ سک ٺيڪيدار سردار بوڙ سنگهه گرمکي تعليم جي پاٺشلا بہ تعمير ڪرائي ھئي. 1925ع ۾ گردوارو سکن تعمير ڪرايو.
مسلمانن جون انجمنون
انجمنِ اسلام
19 صدي جي پڇاڙي ۾ 1898ع ۾ پير غوث علي شاهه گيلاني ”انجمن اسلام“ قائم ڪئي ھئي. صدر خان بهادر پير بخش ۽ سيڪريٽري شيخ بابو سليمان انجمن ھو، جڏھن تہ پير غوث علي شاه 1905ع ۾ وفات ڳئي، ھن انجمن ھڪ سنڌي اسڪول، ڊسٽرڪٽ مدرسو ۽ عيدگاه جهڙا نمايان ڪم ڪيا. سيد ڪرم علي شاه پير غوث علي جي ڀائٽي 1910ع ۾ ھڪ مخالف انجمن اسلام قائم ڪئي پر خان بهادر پير بخش جي موجودگيءَ ۾ پير ڪرم علي شاه جي انجمن ڪامياب ٿي نہ سگهي. 1935ع ۾ خان بهادر پير بخش جي وفات کان پوءِ پٽس منشي ميان رحيم بخش پراڻي انجمن اسلام جو صدر ٿيو پر پير علي محمد شاه راشدي، سيد حسام الدين، راقم الحروف، جنرل غلام نبي بروھي پير ڪرم علي شاه جا معاون ھئا. ان ڪري ميان رحيم بخش گهڻو ڪامياب ٿي نہ سگهيو ڇاڪاڻ جو انجمن اسلام جا ڪانڌي سياسي جماعتن جا ميمبر بڻجي چڪا ھئا.
انجمنِ حسيني
سکر پراڻي جا معصومي ۽ ميرڪي سادات اڪثر شيعا آھن. جن 9101ع ۾ ”انجمن حسيني“ قائم ڪئي ۽ ھر جمعرات امام بارگاھ ۾ مجلسون امام حسين جي يادگيري ۾ ڪندا رھيا. سيد علي شاهه معصومي انجمن جو انتظام ڪندو هو. محرم ۾ هڪڙو تابوت اڄ تائين کڄندو آهي. شيعن جون ٻيون بہ انجمون آهن.
انجمنِ حيدري
1917ع ۾ ميان عبرالرحمان شاه قائم ڪئي ھئي.
انجمنِ حسيني
1901ع ۾ نئين سکر ۾ سيد قائم علي شاه واري تڙ تي قائم ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پٽس ميان نور شاه انجمن کي زنده رکندو آيو ۽ محرم جون مجلسون منعقد ٿينديون رھيون. ليڪن ڪا مستقل امام بارگاه مومنن وٽ ڪو نہ ھئي، وري جڏھن آغا حسن علي خان پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو، تڏھن سندس ڪوشش سان واري تڙ ڪوارٽر ۾ سکر ميونسپالٽي شيعن کي پلاٽ ڏنو، جتي ھاڻوڪي امام بارگاه تعمير ٿي. سيد نور شاه پيش امام ھو، جنهن 1962ع ۾ وفات ڪئي. آغا حسن علي خان اڄ تائين امام بارگاه جي نگراني ڪري ٿو. امام بارگاه جي تعمير جو خرچ مير علي نواز خيرپور واري ڏنو ھو.
انجمنِ خيرخواه اسلام
ھن انجمن کي چنيوٽي خواجن 1920ع ۾ قائم ڪيو. جنهن جو نگران سيٺ اسماعيل ميمڻ ھو. انجمن ”خواجه لائبرري“ غريب آباد ۾ قائم ڪئي ۽ لاوارث لاشن جي ڪفن ۽ دفن جو ڪم بہ ان جي سپرد ھو.
انجمنِ اماميه
1922ع ۾ شيعن قائم ڪئي. جنهن جو الله ڏنو خان خاص رڪن ھو.
انجمنِ سيرت النبي
حضور سرور ڪونين صلعم جي سيرت پاڪ کي ملهائڻ لاءِ اھل سنت جماعت وارن انجمن سيرت النبي 1928ع ۾ قائم ڪئي. ھن انجمن جو ڪم اڄڪلهه حڪيم حاجي عطا محمد ايڊيٽر شمشير سنڌ جي نگراني ھيٺ ھلي رھيو آھي، ھر سال شان ۽ تجمل سان جلوس نڪرندو آھي ۽ سيرت النبي تي واعظ بہ ٿيندا آھن. ھن انجمن جو پايو بابو عبدالله خان رکيو ھو.
انجمنِ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي
تقسيم ھند کان پوءِ مسلمانن جي بيداريءَ لاءِ مٿئين تعليمي انجمن 1946ع ۾ سکر جي ماڻهن جي تعاون سان ھڪڙي مهاجر ماستر مسٽر نسيم الهديٰ قائم ڪئي ڇاڪاڻ جو گورنمينٽ ۽ ميونسپل اسڪولن جي تعداد ٿورو ھو. پهريان پرائمري اسڪول کوليو ويو جو 1951ع ۾ ھاءِ اسڪول بنجي ويو. مسٽر نصرت حسن ڪليڪٽر جي زير نگراني 1955ع ۾ سوسائٽي جو ادارو آرٽ ۽ ڪامرس ڪاليج بنجي ويو. ھن سوسائٽي پاران 15 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ھلن ٿا. سيٺ حاجي محمد عثمان صدر ۽ مسٽر يوسف سيڪريٽري آھن.
ميمڻ انجمن
انگريزي راڄ توڙي آزادي کان پوءِ سکر شهر جي ميمڻ واپاري حضرات کان مسلمانن کي گهڻو فائدو پهچندو رھيو. ڪڇي ميمڻ منشي خاندان جو بيان ڏيندا رھندا آھيون نو وارد ڪاٺياوڙي مهاجر ميمڻن اچڻ شرط پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کوليا ۽ 1951ع تائين ھڪ لائيبرري ۽ آزاد ريدنگ روم کوليائون. 1953ع ۾ ڇوڪرين لاءِ سبڻ ۽ ڀرت جي ھنرن سيکارڻ لاءِ ادارو ۽ فري اسپتالون کوليائون. 1957ع ۾ مڊل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جي درجي تي پهچايائون. انجمن اڻ ٿڪ ڪوشش سان ڪم ڪري رھي آھي.
انجمنِ شوڪتِ اسلام
1948ع ۾ ھن انجمن يتيم خانو کوليو، جنهن ۾ 45 يتيم رھن ٿا. 1951ع ۾ يتيمن جي تعليم لاءِ انجمن پرائمري اسڪول کوليو. يتيمن لاءِ ھڪ شفاخانو ۽ ريڊنگ روم بہ انجمن کوليو.
آل پاڪستان وومن ائسوسيئَشن
ھيءَ ائسوسيئشن بيگم لياقت علي رعنا پاڪستاني خواتين لاءِ جاري ڪئي. اھو ناممڪن آھي تہ سکر جهڙو صدر شهر ائسوسيئشن کان محروم رھجي وڃي. چنانچه 1949ع ۾ اپوا لاءِ سکر ميونسپالٽي ليوڪس پارڪ لڳ پلاٽ ڏنو ۽ 1951ع ۾ ڪليڪٽر سکر مسٽر مظفر حسين اپوا جو دفتر کوليو ۽ بيگم لياقت علي خان خواتين لاءِ ھنري ادارو کوليو ۽ غريب ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ويو. 1954ع ۾ آل پاڪستان اپوا ڪانفرنس جو اجلاس بيگم لياقت علي خان جي زير صدارت ٿي گذريو. 1957ع ۾ ۽ خواتين لاءِ فري ريڊنگ روم کوليو ويو ۽ ”اپوا ڪلب“ کوليو ويو وريس جڏھن بيگم مهدي حسن اپوا ڪلب جو ڪم سنڀاليو تہ مينا بازار ۽ آل پاڪستان مشاعره آمدني مان نئين بلڊنگ تعمير ڪئي ويئي آھي ۽ لياقت ميمورئل اسڪول کي نئين جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو. اپوا ڪلب ترقي ڪري رھيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي کان امداد ملي رھي آھي ۽ مينا بازارين مان وقت بوقت آمدني ٿئي ٿي. بيگم ظفر ھاشمي انجمن جي سيڪرٽري آھي.
سکر جا ڪارخانا
مدينته الاوالياء
سکر ھر صدي سنڌ جي سري ۾ صنعت ۽ تجارت ڪري مشهور رھندو آيو آھي. انگريزي دور ۾ مشينن تي ڪارخانا ھلڻ لڳا ۽ ڪاريگر بي روزگار بنجي ويا. پراڻي تهذيب مٽجي ويئي. جديد تهذيب ۽ ڪلجڳ دنيا کي نئين ايجادن کان واقف ڪيو. فنڪار بيڪار ٿي ويا ۽ نئين انقلاب اقتصادي بدحالي جو دور آندو. اڳ سادگي جو دور ھيو. ڳوٺاڻان نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پائيندا ھئا. سکر ۾ نيروٽين جا دڪان ھئا. ولايتي رنگين ڪپڙن اچڻ ڪري رنگيزن کي نقصان پهتو. مارواڙي موچي گهيتلا تيار ڪندا ھئا. ھڪ سنڌي جوتو سالن تائين ھلندو ھو. دولتمند طبقو گهيتلن تي نقرئي ڪم ڪرائيندا ھئا ۽ ملتاني گهيتلا جي تي ريشم جو ڪم ڪيل ھو اڪثر شرفا پائيندا ھئا. انگريزي بوٽن ۽ سليپرن جي اڇڻ ڪري ھن ديسي ھنر کي ڌڪ لڳي ويو. چمڙي جي دٻن ۾ گيهه سڄو سال تازو رھندو ھو، ٽين جي دٻن اچڻ ڪري چمڙي جي دٻن جو ھنر مٽجي ويو. خواتين گهرن ۾ ريشمي ٽوپيون تيار ڪنديون ھيون. شڪارپوري ٽوپيون مشهور ھيون اڪثر شرفا پائيندا ھئا. اھو رواج مٽجي ويو ۽ گهرو ھنرن جو خاتمو ٿيوـ مغربي تهذيب ۽ پوشاڪ پائڻ کان عوام نفرت ڪندو ھو. بافتو في گز 3 پئسا، محمودي اوچي في گز 6 پئسا، چڪنو في گز 9 پئسا. سادي زندگي جا اھي ڪپڙا ھئا. مغربي تهذيب ۽ لباس اھڙو زور ورتو، جو زندگي ماڻهن لاءِ مهانگي بنجي ويئي. اڳ ھڪ ڀاتي ڪامئيندو ھو تہ اَٺ کائيندا ھئا. ھينئر اَٺ ئي ڪمائن ٿا تہ بہ گهر جي ضروريات جي پورت ڪرڻ کان عاجز آھن. مغربي تهذيب ۽ سائنس جي ترقي ڪري ننڍي ٽهيءَ وارن مان سانڃهه موڪلائي ويئي بلڪ سوسائٽي ۽ سماج جي مزاج ۾ ڦيرو اچي ويو. اڳ سکر جي مياڻي روڊ تي ٻيڙين جا ڪارخانا ھئا. اڄ بہ آڳاٽا اھڃاڻ نظر اچن ٿا پر اڄ اُتي خاموشي ڇانيل آھي. اڳ بازار ۾ ناڻي ڏيڻ سان خالص شيون ملنديون ھيون. ھرڪو شهر واسي صحتمند ھو. نئين تهذيب شين ۾ ملاوٽ جو مرض پيدا ڪيو، جنهن ڪري بيمارين منهن ڪڍيو، جن جو شمار ڪونهي. ڪارخانا ترقي ڪندا رھيا ان سان گڏ بيماريون وڌڻ لڳيون. بک، بي روزگاري ۽ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. 1963 ع جي پڇاڙيءَ ڌاري انگور جي في سير قيمت سوا رپيو ۽ گوار جي في سير قيمت ھڪ رپيو ھئي!
1895ع ۾ پهرين پليگ پئي، ماڻهو بيمارن کي گهرن ۾ ڦٽو ڪري ٻاھران قفل ھڻي ھليا ويا. 1915ع ۾ ٻيهر پليگ منهن ڪڍيو شهر واسين شهر ڇڏي ڀڄي ويا. 1919ع ۾ انفلوئنزا سنڌ کي نپوڙي نيست ڪري ڇڏيو. مسلمانن مئلن کي رلين ۾ لپيٽي پورڻ لڳا ۽ ھندن جي مسڻن ۾ ڪاٺين جو قحط ھو جو مردن کي ساڙي ڀسم ڪن. 1962ع ۾ رپورٽ موجب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ چاليهه سيڪڙو شهر واسي سلهه جا مريض ھئا. ويهين صدي ڌاري سکر صنعتي مرڪز بنجي ويو. چنانچه صابڻ سازي، برتن سازي، ٽجوڙيون ۽ لوھي سامان جهڙوڪ: ڍلائي، خراد، چانور ڇڙڻ جو مشينون، گنجيون ۽ جوراب، بسڪوٽ فئڪٽريون، ڪپڙي سازي، دوا سازي، سگريٽ سازي، قفل سازي جا جابجا ڪارخانا کلي ويا. 1947ع ۾ مهاجرن جي اچڻ ڪري گهرو ھنرن ويتر ترقي ڪئي، جهڙوڪ: لوھي ٽرنڪ، انگوڇا، چادرون اُڻڻ، بوٽ پالش، قفل سازي، کير مان مکڻ ڪڍڻ جون ڊائرون ۽ فراسيون ۽ رنگريزي جي ھنرن ڳوٽن ٺاھن جي ھنرن ترقي ڪئي.
جي ـ بي منگهرام فئَڪٽري
سيٺ منگهارام، سيٺ جيوڻ داس، سيٺ ٻالچند گڏجي ٻہ ڪارخانا باغ حيات علي شاه ۽ شڪارپور روڊ تي کوليا جن جو عمارتون عاليشان آھن. منجهن خوبصورت لذيذ بسڪيٽ، کٽمٺڙا، چاڪليٽ، الميونم جا باسڻ، دوائون ۽ ٻيون شيون جڙڻ لڳيون. جي ـ بي منگهارام جا بسڪيٽ ولايت تائين مشهور ھئا. انهن ڪارخانن ۾ ٽامي ۽ پتل جون چادرون ٺهڻ لڳيون. تقسيم ھند کان پوءِ باغ حيات علي شاه وارو ڪارخانو ھڪ مهاجر خاتون کي الاٽ ٿيو ۽ شڪارپور روڊ وارو ڪارخانو مهاجر سيٺ يعقوب کي الاٽ ٿيو. جي ـ بي منگهارام وارو محلات پاور ھائوس جي ڀر ۾ آھي، جنهن جي ھڪ حصي ۾ اسلاميه ڪاليج آھي.
ڪنيا لال نانڪرام ڪمپني
ٻئي ڀائر سکر پراڻي جا سيٺ ھئا، جن جو بسڪيٽ ۽ کٽمٺڙن جو ڪارخانو پراڻي برف شاپ وٽ ھو.اھو ھينئر ايوب ڀائرن کي مليو.
سکر بسڪيٽ فئَڪٽري
پراڻي سکر ۾ ريل جي رستي جي لڳ آھي. جا سيٺ دولترام ۽ سيٺ ويرومل تعمير ڪرائي، جن دهلي جي سيٺ نواب احمد سعيد سان جائداد جو تبادلو ڪيو.
سنڌ سوديشي ھائوزري مل
سيٺ چوئٿرام ۽ سيٺ رامداس مياڻي روڊ تي تعمير ڪرائي ھئي جنهن ۾ عمدا مفلر ۽ سوئيٽر تيار ٿيندا ھئا. جن جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ کاپو ٿيندو ھو.سال 1939 ع واري ھندوـ مسلم فساد ۾ سڙي ٻري وئي.
سکر ٽائيلس فئَڪٽري
سکر پراڻي ۾ ميان نعمت الله قريشي دٻي وٽ 1934ع ۾ کولي. صوبي اندر واحد فئڪٽري آھي. جنهن ۾ ٽائيلس تيار ٿين ٿا. منجهس سيمنٽ جون ڪونڊيون ۽ پائيپ بہ تيار ٿيندا آھن. راقم 1962ع ۾ قريشي صاحب جي دعوت تي فئڪٽري جو معائنو ڪيو ھو.
گنيش ٽائيلس فئَڪٽري
سکر پراڻي جي سيٺ مٺومل چوھڙمل پارڪ وٽ کولي ھئي. تقسيم ھند کان پوءِ مسٽر نعمت الله قريشي فئڪٽري جي مشينن کي خريد ڪيو ۽ ٻئي ھلن ٿيون.
ڊيمبلا ۽ ڪرشنا فلور ملون
ڊيمبلا مل شمس آباد ۾ ۽ ڪرشنا مل پراڻي برف شاپ وٽ ھندو سيٺين تعمير ڪرايون. جن ۾ روزانو سوين مڻ اٽو، سوجي ۽ ميدو تيار ٿيندو آھي جو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن وڃي ٿو.
اپر سنڌ سگريٽ فئَڪٽري
ھندو سيٺين شڪارپور روڊ تي نئين ڳوٺ ۾ تعمير ڪرائي. جنهن ۾ سگريٽ ۽ چروٽ ٺهندا ھئا. جن جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ کاپو ٿيندو ھو. مگر بازار جي چٽا ڀيٽي سان ڪارخانو مقابلو ڪري نہ سگهيو. مکيه حصيدار راءِ بهادر لڇمڻداس ھو. تنهن کان پوءِ ڪارخاني ۾ لوھه جون شيخون تيار ٿيڻ لڳيون. تقسيم کان پوءِ لکا پتي ڪاٺياواڙي سيٺ ستار جي ملڪيت بنجي ويو. اڄڪلهه يعقوب آئل مل جي نالي سان تيل پيڙھڻ جي مل آھي. جنهن ۾ صابڻ جڙي ٿو.
گنيش کوپرا مل
کوپري جي تيل جو ڪارخانو نئين ڳوٺ پريان شڪارپور روڊ تي سيٺ دنيچند کوليو ۽ سيٺ پنجومل مئنيجنگ حصيدار ھو. ھن مل جو پڪل کوپري جو تيل سنڌ ۽ ھند ۾ مشهور ھو. تقسيم کان پوءِ بند ٿي ويو.
ڪنيا لال ھريرام سلڪ فئَڪٽري
پئنچاتي ٿلهي وٽ کولي ويئي. ھن ڪارخاني جو زالاڻو ريشمي ڪپڙو مقبول عام ھو.
گرونانڪ سلڪ فئَڪٽري
ليوڪس پارڪ وٽ زنانن ڪپڙن تيار ڪرڻ جو ڪارخانو ھو.
گانڌي ھوزري فئَڪٽري
بندر تي ڀوسي گدام سامهون ھئي.
پريسنگ مشين
ھي ڪارخانو ڪپهه ۽ پشم کي پريس ڪري ڳٺڙيون تيار ڪندو ھو، جو سيٺ دوارڪاداس ڪاٺ مڏي طرف کوليو ھو.
چمڙا پريسنگ مشين
نئين ڳوٺ ۾ چمڙا فروش خواجن چمڙي کي پريس ڪري بنڊل ٺاھڻ لاءِ کولي ھئي ۽ اڄ بہ چالو آھي.
سردار علي شاھه جو ڪارخانو
ڊيمبلا مل جي سامهون سيد سردار علي شاھه جو ڪارخانو آھي. جنهن ۾ ڍلائي، خراد کان سواءِ مشينن جا پرزا ٺهن ٿا، جن مزورن ۽ ڪاريگرن ھن ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو سي اڳتي ھلي پاڻ ڪارخانن جا مالڪ بنجي ويا.
غلام حسين صادق علي آٽو موبائل انجنيئَرس
شيخ حاجي غلام حسين ۽ حاجي صادق علي ٻہ ڀائر آھن. جن جو موٽر رپيئرس جو ڪارخانو غريب آباد ۾ مشهور آھي، وٽن موٽرن صاف ڪرڻ، پيٽرول پمپ ريس ڪورس روڊ تي آھي.
جمال الدين ڪارخانو
سڪي تلاءُ تي موٽرن جي مرمت جو ڪارخانو آھي. ٻيا بہ شهر ۾ چپي چپي تي ڪارخانا آھن. جهڙوڪ: گلٽ سازي، رنگسازي وغيره جن جي بيان کي نظرانداز ڪريون ٿا.
نواب انڊسٽري
1918ع ۾ کولي ويئي، جنهن ۾ علي ڳڙه قسم جا قفل ٺهن ٿا، سڄي شهر جي ڪارخانن جو تعداد 230 آھي.
واپڊا جو ڪارخانو
واپڊا جو ڪارخانو بئراج ڪالوني ۾ آھي. جنهن ۾ ٽرئڪٽر ۽ مشنري سامان جڙي ٿو.
سئَنيمائون
سئنيمائن کان اڳ ناٽڪن (ڊرامن) جو رواج ھو،19 صدي جي پڇاڙيءَ ۾ سکر ۾ فقط ھڪڙو مانڊوو ناٽڪ ڪمپنين لاءِ ھو، غريب آباد جي اڇي مسجد جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف ھو، جو ٺارو مل ۽ ٻانها مل ٻن ھندن جي ملڪيت ھو، ٺارو مل دڪاندار ھو ۽ ڀاڻس ٻانهو مل ريلوي ۾ بئلسٽ انسپيڪٽر ھو. انهيءَ ٻانهي مل غريب آباد سڪي تلاءُ جي اتر اولهندي طرف جل آشرم، شوالو ۽ کوھه کڻايو ھو. بدقسمتي سان کوھه جو پاڻي ٻاڙو نڪتو، اھي جايون اڄ بہ موجود آھن. ٻيو ماڊوو ھو ريلوي يورپين انسٽيٽيوٽ، جنهن ۾ ھر ڇنڇر شام جو پيانو جي ساز تي منڊمون نچنديون ھيون. ھال سينٽ ۽ لويبنڊرن جي خوشبوءِ ڪري پرستان بنجي ويندو ھو، فقط يورپين نچندا ھئا. ويهين صدي ۾ مارڪيٽ مسافر خاني جي سامهون ھڪڙي ھندو سيٺ ڪالڪا ٿئيٽر تعمير ڪرايو، ٻاھرين ڪمپنين کان علاوه سکر پراڻي جي شنڪر ڊراميٽڪ سوسائٽي بہ ھن مانڊووئي ۾ کيل ڏيکاريندي ھئي. ازانسواءِ بمبئي، دھلي، لاھور ۽ ڪاٺياواڙ جي ڪمپنين جا کيل راقم ڇوئٿرام ڪالڪا ٿئيٽر ۾ ڏٺا ھئا. ھيئنر اهو ٿئيٽر ھائوس حفيظ ٽاڪيز سڏجي ٿو. 1929ع ۾ لڪشمي ٽاڪيز سڏبو ھو، ڪارونيشن ڪمپني، نانڪ چند ڪمپني ۽ سري واڪانير ڪمپني چڱو نالو ڪڍيو ھو، چنانچه ڪارونيشن ڪمپنيءَ ۾ عبدالرحمان ڪابلي ھيرو جو عمدو پارٽ ادا ڪندو ھو. نانڪ چند ڪمپنيءَ جي ائڪٽر ڦوسيا لال مشهور ھئي واڪانير ڪمپنيءَ جو گجراتي ۾ ”راڌا پريم ڀڳتي“ کيل چڱو نالو ڪڍيو، حفيظ ٽاڪيز جي سامهون 1928ع ۾ امپيرل ٽاڪيز ھائوس تعمير ٿيو، اڳ ان ھنڌ تي مارڪيٽ جو گند اڇلائيندا ھئا، 1926ع ۾ بئراج جي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ شمس آباد ۾ منروا ٽاڪيز ھائوس تعمير ٿيو جو اڄ نشاط سڏجي ٿو. تنهن کان پوءِ جڏھن سئنيما جو شوق وڌندو ويو تہ نوان ھائوس تعمير ٿيڻ لڳا، واٽر ورڪس ٽڪريءَ ھيٺيان موتيرام جي ٽڪاڻي پٺيان ريجينٽ سئنيما تعمير ٿي، جنهن جي ھال جي ديوارن تي مشرقي آرٽ جي نموني تي تصويرون نڪتل ھيون جي ھينئر مٽجي ويون آھن. بعد سکر چڪلي جي ڀر ۾ فردوس سئنيما عمارت تعمير ٿي. پويون سئنيما ھائوس سکر پراڻي ۽ سکر نئين جي وچ ۾ ميجر عطا محمد خان شاليمار سئنيما ھائوس تعمير ڪرايو جنهن ۾ عاليشان عمارت ايئر ڪنڊيشنڊ آهي.
ليوڪس پارڪ مسجد
ليوڪس پارڪ جي اُتر اوڀرندي ڪنڊ تي ھڪ ٽڪنڊو ٽڪرو 1937ع ۾ زالن لاءِ پارڪ جوڙيو ويو ھو. گاهه جي ٻوٽن سان چوطرف پردي جي ديوار ڏنل ھئي. تقسيم کان پوءِ مسلمانن ھن پارڪ ۾ عاليشان مسجد تعمير ڪرائي آھي. ھينئر ليڊيز پارڪ عيد گاه جي سامهون لٽرسي ٽاور واري ٽڪري تي آھي.
ڊسٽرڪٽ ريڊڪراس آفيس
ريڊ ڪراس عام جي ڀلي لاءِ آھي. انجمن صليب احمر ضلع سکر ڳوٺن کي مليريا ۽ سلهه هي خلاف دوائن پهچائڻ لاءِ 1961ع ۾ 19 ھزارن روپين جي خرچ سان ائنبيولنس ڪار خريد ڪئي ھئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي بنگلي جي ھيٺيان اُتر طرف ضلع آفيس 40 ھزار روپين جي خرچ سان تعمير ڪرائي آھي. جا مليريا خلاف مرڪز آھي. چنانچه آبڪلاني جي مند کان پوءِ ھر سال سنڌ ڳوٺن کي موسمي بخار کان نقصان پهچي ٿو. ميجر عطا محمد خان 16 سال ان جو سيڪريٽري ٿي رھيو. سکر ضلع جو ڊپٽي ڪمشنر صدر ھو.
ڇاپخانا
19 صدي جي آخر ۾ ماستر ھريسنگهه وٽ ڇاپخانو ھو. جنهن ۾ عشقيه آکاڻيون ڇپبيون ھيون. 1917ع ۾ سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ ڪم ڪندا رھيا. تقسيم کان پوءِ ھريسنگهه جو ڇاپخانو ختم ٿي ويو.
محموديه پريس
حافظ عبدالحميد ايڊيٽر محموديه پريس ۾ ڪي آکاڻين جا ڪتاب ۽ ڪي مذھبي ڪتاب شايع ڪيا.
حبيب ڇاپخانو
1954ع ۾ فريئر روڊ تي کوليو ويو. جتي شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، بدوي ۽ بشير مورياڻي جا ڪتاب شايع ٿيا.
عجائب اسٽور
ڪتب فروش گهڻو ڪري ٻاراڻا ۽ تعليمي ڪتاب شايع ڪرائي ٿو، تعليم کاتي لاءِ تجارتي ايجنسي آھي ۽ مشهور آھي.
گل بڪ ڊيپو
عجائب اسٽور وانگي گل بڪ ڊيپو بہ تعليم کاتي جا ڪتاب شايع ڪرائي ٿو.
مٿين ڇاپائيندڙن کان علاوه مڪتب انسانيت، عليڳڙه بڪ ڊيپو، حسيني بڪ ڊيپو، روئوف برادرس ۽ ڪياني بڪ ڊيپو وٽان انگريزي، اردو ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب ملي سگهن ٿا.
اخبارون
19 صدي جي پڇاڙي ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ سکر جي مسلمانن وٽ ٻہ روزانيون سنڌي اخبارون آفتاب ۽ الحق ھيون. الحق حيدرآباد ڏانهن کڄي ويئي ھئي. سا 1907ع ۾ ٻيهر سکر کان شايع ٿيڻ لڳي. ھن جو ايڊيٽر شيخ محمد سليمان ھو ۽ انگريزي ڪالم مسٽر محمد علي دھلوي بارائٽ لا لکندو ھو. جو پوءِ بمبئي کاتي جو وزير ٿيو ھو. 1908ع ۾ شيخ محمد سليمان جي وفات کان پوءِ پٽس عبدالعزيز ايڊيٽر ٿيو. 1915ع ۾ الحق بند ٿي ويئي.
سنڌ زميندار
زميندار لاھور وانگي سنڌ جي زميندارن اپر سنڌ لاءِ مسٽر ايم ـ اي کهڙو 1927ع ۾ جاري ڪئي جا سه روزه سنڌي ۾ ھئي. شروعات ۾ ايڊيٽر ميان عبدالوھاب ھو، پوءِ احمد علي عليگ غلام نبي، آغا نظر علي، پير علي محمد راشدي ۽ مولوي سيتائي عبدالغفور ايڊيٽر ٿي رھيا. 1960ع ۾ اخبار بند ٿي ويئي. آفتاب جو بيان موقعي سر ڏبو.
دعوتِ اسلام
ھيءَ سنڌي اخبار 1928ع ۾ ڊاڪٽر محمد يامين قريشي دندان ساز جاري ڪئي ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙندي ھئي. پوءِ مسلم ليگي پرچو بنجي ويو. دعوتِ اسلام بيباڪي ڪري مشهور اخبار ھئي.
المنار
پهريان ماھوار رسالو سنڌي ۾ شايع ٿيندو ھو، ايڊيٽر مسٽر عبدالرحيم کرل ھو. جو پوءِ خيرپور جو چيف جج ٿيو. رسالو 1930ع ۾ جاري ٿيو. حافظ عبدالحميد ڀٽي پرنٽر ۽ پبلشر ھو. 1933ع ۾ المنار حافظ عبدالحميد جي ايڊيٽري ۾ ھفتيوار بنجي ويئي. اخبار جي پاليسي سنڌ جدائي جي فائدي ۾ ھئي. رسالي واري زماني ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، راقم مکيه مضمون نگار ھئا[1]. المنار اڄ تائين ھفتيوار شايع ٿئي ٿي.
ستاره سنڌ
1934ع ۾ سکر مان پهريان ھفتيوار پير علي محمد شاه راشدي جاري ڪري پاڻ ايڊيٽر ٿيو. بعد روزانه ٿي. ھن اخبار سياست ۽ ادبي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ان جو مزاحيه ڪالم ”ملا لٽر“ مشور ھو. سيد حسام الدين، لطف الله بدوي ۽ راقم مضمون نگار ھئا. 1938ع ۾ بند ٿي وئي. ستاره سنڌ کي پنهنجي پريس ھئي.
انقلاب
آغا بدرالدين ڳڙھي ياسين واري سکر مان ڪوئينس روڊ تان 1945ع ۾ سنڌي زبان ۾ روزاني جاري ڪئي. مرحوم درمحمد اويسي ۽ علي احمد بروھي ايڊيٽر ھئا. اخبار ڪانگريسي اخبارن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ جي حامي ھئي. اپر سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ ۾ چڱو حصو ورتو. ڪن سوشل خرابين جي خلاف بہ محاذ کڙو ڪيائين حڪومت ٻہ دفعا مٿس بندش وڌي تاھم 1958ع تائين جاري رھندي آئي. وٽس پنهنجي پريس ھئي ۽ ھينئر نوائي انقلاب جي نالي سان روزانو شايع ٿئي ٿي.
پاڪستان کان پوءِ
1947ع ۾ ھندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ سکر مان اُردو اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون جن جا نالا ڏجن ٿا.
ڪليم
مسٽر مهر الاھي شمسي بريلوي اردو ۾ ھفتيوار جاري ڪئي. اخبار جي پاليسي آزاد ھئي. 1959ع ۾ روزانه ڪئي وئي.
مجاھد
مسٽر محمد اختر فاروقي 1951ع ۾ اردو ۾ ھفتيوار شايع ڪئي. ھيءَ آزاد اخبار آھي جا اڄڪلهه ھفتي ۾ ٻہ دفعا شايع ٿئي ٿي.
نعرهء حق
سکر جي جهوني اُردو اخبار ھفتي ۾ ٻہ دفعا 1938ع کان سکر ۽ ڪوئيٽا مان شايع ٿيندي آھي. مسٽر گلزار احمد ايڊيٽر آھي.
رھنما
1954ع ۾ ھفتيوار اردو ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيڻ لڳي. 1958ع ۾ خيرپور ڏانهن مستقل ٿي ويئي پر ھڪ سال کان پوءِ واپس سکر آندي ويئي. 1960ع ۾ پيڪر نقوي جي ايڊيٽري ھيٺ روزانو اُردو ۾ شايع ٿئي ٿي. پيڪر صاحب نوجوان آھي.
بشارت
1954ع ۾ مسٽر بشارت بي ـ اي جاري ڪئي جا 1956ع ۾ حيدرآباد ڏانهن منتقل ٿي ويئي. مشرف رضا جعفري ان جو ايڊيٽر آھي.
نمودِ سحر
1960ع ۾ شاگردن پاران اردو ۾ شايع ٿي ۽ شاگردن جي تڪليفن کي پيش ڪندي ھئي. ليڪن 1961ع ۾ بند ٿي وئي.
سرچ لائيٽ
مسٽر بشارت انگريزي ۾ شايع ڪئي، ٻن سالن کا پوءِ 1958ع ۾ حيدرآباد ڏانهن کڄي ويئي.
منشور
مسٽر علي احمد بروھيءَ سنڌي ۾ ھفتيوار 1952ع ۾ شايع ڪئي. ھڪڙو صفحو خبرن جو انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندو ھو. اخبار چڱي مقبوليت حاصل ڪئي پر 1953ع ۾ بند ٿي ويئي.
روشني
ھفتيوار سنڌي 1950ع ۾ حاجي محمد عالم مڱريو جاري ڪئي جا اڄ بہ شايع ٿئي ٿي.
شمشيرِ سنڌ
ھفتيوار سنڌي 1951ع ۾ حڪيم حاجي عطا محمد شايع ڪئي جا اڄ تائين جاري آھي.
الخير
سنڌي ھفتيوار ايڊيٽر عبدالله خان بلوچ جي ايڊيٽري ھيٺ شايع ٿئي ٿي.
ھندو اخبارون
ڌرم وير
مهراج امرداس 1908ع ۾ جاري ڪئي جا 1940ع تائين چالو رھندي آئي. سنڌيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر اخبار ھئي.
ھندو ليگ گزٽ
1931ع ۾ مسٽر آرت مل جي ايڊيٽري ھيٺ جاري ٿي.
سکر گزٽ
1935ع ۾ مسٽر بيکچند جي ايڊيٽري ھيٺ جاري رھي.
ڪانگريس
1937ع ۾ جاري ٿي. مسٽر ٺاڪرداس ايڊيٽر ھو. اخبار جي پاليسي سندس نالي مان ظاھر آھي.
سجاڳي
1937ع ۾ جاري ٿي. مسٽر نرسومل ايڊيٽر ھو. 1948ع ۾ ھندن جي لڏپلاڻ ڪري سڀ ھندو اخبارون بند ٿي ويون.
ھوٽلون ڪالي خان
شڪارپور روڊ تي چاءِ جي ھوٽل ھئي. ڪالي خان کان پوءِ مٽجي ويئي.
گل خان
حاجي گل خان ھوٽل مارڪيٽ لڳ کاڌي پيتي جي شين جي ھوٽل آھي.
اسٽار ھوٽل
سکر ۾ رھائش لاءِ اسٽيشن روڊ تي پهرين وڏي ھوٽل آھي. جنهن ۾ لاجنگ ۽ بورڊنگ جو انتظام ڪيل آھي. مالڪ مارواڙي آھي. مسافرن جي سهولت لاءِ آھي،
رائل ھوٽل
مارڪيٽ ٽاور وٽ جديد نموني جي ھوٽل آھي.
محمدي ھوٽل
ٽي ماڙ ھوٽل نئين ٺهي آھي، مارڪيٽ ويجهو آھي.
افغان ھوٽل
مارڪيٽ ويجهو عمدي ھوٽل آھي.
نياز ھوٽل
غريب آباد ۾ چاءِ ۽ ڪباب جي عمدي ھوٽل آھي.
المنظر
اسٽار ھوٽل ھيٺيان جديد نموني تي چاءِ جي ھوٽل آھي.
گلستان ھوٽل
بئراج روڊ تي سٺ ڪمرن واري ھوٽل آھي. جنهن ۾ اندر ننڍڙو لان بہ آھي.
پرنسيز ھوٽل
معصوم شاه جي مناري ھيٺان عمدي چاءِ جي ھوٽل آھي.
ڪيفي ايران
ليوڪس پارڪ وٽ ايراني کاڌي پيتي جي شين جي ھوٽل آھي. اھڙي قسم جي ھڪڙي ھوٽل ڪوئينس روڊ جي منهن وٽ آھي. جا ھڪڙو مهاجر ھلائي ٿو. ھوٽل نشاط سڏجي ٿي.
المهراڻ
انٽر پاڪ ان سکر آثار قديمہ جو شهر تاريخي حيثيت رکندڙ آھي ۽ ڌارين ملڪن جي سياحن لاءِ آماجگاه آھي. اھڙي تاريخي اھميت جي ڪري سياحن جي سهوليت لاءِ بئراج ڪالوني ۾ بئراج پل جي ساڄي پاسي واري منهن وٽ ”لبِ مهراڻ“ ھوٽل ٽن لکن روپين جي لاڳت سان سکر ميونسپالٽي تعمير ڪرائي آھي. جتان لاھور، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا شاھي رستو لنگهي ٿو، قدرت پاڻمرادو سکر کي سندس طبعي بيهڪ ڪري سينگاري رهي آھي ۽ نئين شهر جي جڙڻ کان پوءِ گوسڙجي کي وڃي دنگ ڪندو، ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ميڊيڪل ڪاليج تعمير ڪرڻ لاءِ تياريون زير ويچار آھن.
لبِ مهراڻ
بئراج وٽ درياھہ جي ڪپر تي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ وارن ھڪ تفريح گاه بنايو آھي. ڄڻ ڪراچي جو ڪلفٽن آھي. ماڻهو اونهاري ۾ تفريح جي خيال سان شام ۽ رات جو وقت اُتي گذاريندا آھن.
روٽري ڪلب
1956ع ۾ سکر روٽري ڪلب کي تيار ڪرڻ لاءِ مسٽر آفتاب احمد ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ھيٺ 24 ميمبرن جي ھڪ ڪاميٽي جوڙي وئي ۽ سيد مصطفٰي اڪبر سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪلب جو مقصد آھي تعليمي ۽ صحت جي ادارن کي مدد ڪرڻ، ڪم کي پسندگيءَ سان ڏٺو ويو ۽ ھڪڙي خيرخواه سماهي ورڪر سيد حسن ميان کي امدادي گورنر چونڊيو ويو، ڪلب جو صدر مرزا افضل حسين ۽ ڊاڪٽر محمد شريف اعزازي سيڪريٽري آھي. ڪلب جي عمارت المهراڻ ڪلچر جي ڀر ۾ زيرِ تعمير آھي. 30 ھزار خرچ لڳندو.
آفيسر جيمخانا
سکر 1838ع کان پهرين ڪابل ويڙهه وقت فوجي ڇانوڻي بنجي چڪو ھو، 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ يوروپين عملدارن منگل باغ جي ڀر ۾ ھڪ جيمخانا کوليو ھو. جنهن ۾ لائبرري بہ ھئي، ان جو ھڪ حصو اسٽيڊيم (راندين جي ميدان) ۾ اچي ويو، تنهنڪري سموري عمارت کي ڊھرائي ھڪ لک روپين جي لاڳت سان نئون جيمخانو تعمير ڪرايو ويو جنهن جو افتتاح پاڪستان جي ان وقت جي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي 1962ع ۾ ڪيو.
ادبي سرگرميون
سکر ھر صديءَ ۾ علميت جو مرڪز رھندو آيو آھي ۽ ھتي جي خاڪ مان اديب ۽ شاعر پيدا ٿيندا رھيا، سنڌي ادبي سنگت شيخ اياز ايڊوڪيٽ قائم ڪئي، جنهن ۾ شيخ عبدالرزاق راز، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، شيام سندر، راقم ميمبر ھئا. انهن ميمبرن مان شيخ اياز ۽ شيخ راز شاعري ۽ ناول نويسي ڪري مشهور آھن. مقبول صديقي ۽ شيام ڪمار بہ ناول نويس آھن. رشيد ڀٽي مزاحيه مضمونن لکڻ ۾ ھوشيار آھي. راقم صحافي ۽ تاريخ جو ڄاڻو آھي. پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس 1953ع ۾ مسٽر اي ـ ڪي بروھي مرڪزي وزير جي زير صدارت ٿي گذري، جولاءِ 1954ع ۾ سچل سرمست جو عرس جوھر پارڪ ۾ زير صدارت راقم جي ٿي گذريو، جنهن ۾ مقالا پڙھيا ويا ۽ خير پور ڊويزن جي راڳيندڙن حصو ورتو، ھن موقعي تي مشاعرو مسٽر غلام قادر قيس جي زير صدارت ٿيو[2]. عرس جي ڪاروائي خطبه صدارت شايع ڪيو ويو.
پاڪ ڪلچر سوسائٽي
اپريل 1955ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر آفتاب احمد خان سوسائٽي جو چيئرمين ٿيو ٻن سالن کان پوءِ سوسائٽي تي ”لطيف اڪيڊمي“ نالو رکيو ويو. شيخ راز ان جو چيئرمين ۽ آفاق صديقي سيڪريٽري ھو.
انڊو پاڪ مشاعره
56 – 1957ع ۾ ريڊڪراس سوسائٽي جي امداد لاءِ ٻہ انڊوـ پاڪ مشاعره منعقد ٿيا.
رائٽرس گلڊ
1959ع ۾ پاڪستان رائٽرس گلڊ قائم ٿيو، جنهن ۾ لطيف ايڪيڊمي مد غم ٿي ويئي. سکر رائٽرس گلڊ جو سيڪريٽري آفاق صديقي ۽ شيخ اياز صاحب ائڊوڪيٽ، شيخ راز صاحب، رشيد ڀٽي، سيد حسن ميان صاحب، شهزاده اياز صاحب، حميد عظيم آبادي صاحب، اشتياق اظهر صاحب، صمد رضوي صاحب، حسين حميدي صاحب، راقم، مهر الاھي شمسي صاحب وغيره. فيبروريد 1960ع ۾ ڪلچر شو ملهائڻ جو فيصلوٿيو جنهن ۾ ڪلچرل ايسوسئيشن جو مسٽر جمشيد رضا رحيم ڊپٽي ڪمشنر ايسوسئيشن جو صدر سيد حسن ميان سيڪريٽري ۽ ڪلچرل ايسوسئيشن جو صدر ڪي ـ اين ذاڪر حسين ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ڪلچر شو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ـ وي ـ برائين آمريڪن ڪلچر اتاشي ۽ سيمينٽ فئڪٽري روھڙي جي جنرل مئنيجر ايم ـ ايڇ انصاري حصو ورتو. نومبر 1960ع ۾ المهراڻ آڊيٽوريم جي خوبصورت عمارت تعمير ڪئي ويئي. سکر سب ريجن رائٽرس گلڊ پاران وقت بوقت ڪنوو ڪيشن ٿيندا رھيا. جن ۾ پروفيسر وقار عظيم، جميل الدين عالي، صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، ڊاڪٽر فقير محمد حاجره مسرور، طفيل احمد جمالي حصو وٺندا رھيا، سنڌي ۽ اردو جو پاڻ ۾ سنگم چڱو نتيجو ڪڍيو. شيخ عبدالرزاق راز سب ريجن پاران ”ماروئي ڪي ديس ۾“ اردو زبان ۾ ڪتاب شايع ڪرايو ۽ آفاق صديقي ”ريگزار ڪي موتي“ لکيو جو سب ريجن شايع ڪيو. شيخ اياز کي سندس ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ جو سنڌ ريجن رائٽرس گلڊ شايع ڪرايو. ان لاءِ ھڪ ھزار روپيا مليا. 1960ع ۾ مسٽر نعماني جي صدارت ھيٺ ”مجلسِ ادب“ قائم ڪئي ويئي. سيد حسن ميان جي زير صدارت ”انڊوـ پاڪ“ مشاعرو سڏايو ويو ھو. جنهن ۾ چوٽيءَ جي شاعرن جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض ۽ معين احسن جا نالا سکر شهر جي ادبي سرگرمين لاءِ يادگيري طور رھندا. مجلسِ ادب پاران سهه ماھي رسالو ”جامِ جم“ بہ نڪري ٿو. ازانسواءِ شاعر شاد عظيم آبادي جو ديوان بہ شايع ٿيو. جو اڳ جو شايع ٿيل ھو. مهاجرن جي اچڻ ڪري شاعريءَ جو بازار گرم ٿيڻ لڳي آھي.
براڊڪاسٽنگ اسٽيشن
1954ع ۾ سکر ميونسپالٽي شهر واسين جي تفريح لاءِ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن ميونسپالٽي شهر جي ھڪڙي دفتر ۾ کولي. جنهن جو اعزازي سيڪريٽري مسٽر مهر الاھي شمسي آھي. عبدالرزاق راز ۽ راقم اعزاري ميمبر آھن. حڪومت سکر ۾ ريڊيو اسٽيشن کولڻ لاءِ ويچار ڪري رھي آھي.
ٽيلي پرنٽر
سيپٽمبر 1959ع ۾ ڊويزنل ڊولپمينٽ بورڊ اخبارن جي سهوليت لاءِ ۽ ترت خبرن پهچائڻ لاءِ اي ـ پي ـ پي خبر رسان ايجنسي جي ٽيلي پرنٽر دفتر کولڻ لاءِ 19 ھزار روپيا منظور ڪيا ۽ صوبائي حڪومت بہ اوتري رقم ڏيڻ منظور ڪئي. ائسوسيئيٽڊ پريس پاڪستان جي ٽيلي پرنٽر جو دفتر ميونسپل اسپتال ويجهو کولي، مسٽر بشارت کي پهريون نمائندو مقرر ڪيو.
ايوب پل
لئنسڊائون لوھي پل کي 73 سال گذري چڪا ھئا، ۽ پوڙھي ٿي چڪي ھئي. حڪومت سندس ڀر ۾ نئين پل تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. جنهن جي ڊزائين آمريڪن انجنيئر ڊاڪٽر اسٽين مئن تيار ڪئي ۽ 26 نومبر 1959ع ۾ نئين پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع ۾ ٻن ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ھيءَ ريلوي پل تيار ٿي، جنهن جو افتتاح اُن وقت جي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل ايوب خان ڪيو ۽ مٿس ايوب پل نالو رکيو ويو. ھيءَ پل ھڪڙي ڪمان تي بيٺل آھي. آسٽريليا ۽ متحده آمريڪا جي ھڪ ڪماندار پلين کان پوءِ ھيءَ پل دنيا ۾ ٽيون نمبر آھي ۽ لئنسڊائون پل وانگي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.
ٿرمل پاور اسٽيشن
سکر جي ماڻهن لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي. اھو پاور ھائوس درياه جي ڪناري سکر پل جي ڀرسان آھي. ھن مان لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ضلع خيرپور ۽ سکر جي ڳوٺن تائين بجلي پهچائي ويئي آھي سکر شهر جي ميونسپل ڊي سي پاور ھائوس کان شهرين جي جان آجي ٿي آھي.
مهراڻ مرڪز
وڪٽوريا مارڪيٽ جي سامهون اڳوڻي ميونسپل مسافرخانه ۾ مهراڻ مرڪز تعمير ڪيو ويو آھي. اھو ڪم سکر ميونسپالٽي طرفان ٿيو. ھي مرڪز ٽن ماڙين تي آھي. ھيٺيان دڪان آھن. ٻي ماڙ تي آفيسون آھن ۽ ٽين ماڙ تي رھڻ جا فلئٽس آھن. جيتوڻيڪ سکر ميونسپل لاءِ آمدني جو ذريعو آھي، پر اقتصادي ۽ معاشي طور ماڻهن جي سهوليت کي مدنظر رکيو ويو آھي. ھن مرڪز ۾ دڪانن جو تعداد 110، آفيسون 48 ۽ فلئٽس 26 آھن.
راڳ رنگ
مهراڻ جي ماٿري جي خاڪ ۾ راڳ رنگ جو خمير گڏيل آھي. سنڌي شاعر جي، خدارسيده بزرگ بہ ھئا. جهڙوڪ: شاهه ڀٽائي، شاهه نصير، سچل سرمست ۽ بيدل. تن جي ڪافين ۽ بيتن سنڌي ٻولي کي جادو بنائي ڇڏيو. سنڌي ساز بہ سادا آھن يڪتارو، گهڙو، سرندو ۽ نڙ. جن جو آواز شهري مجلسن کان وٺي ماروئڙن جي ماڳن ۽ پنوھارن جي پکن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سکر جي اوائلي راڳيندڙن مان شاه دوران پٺاڻ، ڀائي چيلو، مٺو مارواڙي ۽ رحمون جان جا نالا ياد اچن ٿا. اھي جتي بہ ڳائيندا ھئا، ماڻهن جا ھشام لڳي ويندا ھئا. خوشحالي جو دور ھو. ھر ماه پهرين سومر يا ھفتي جي يارهين تاريخ ڏينهن رات اوليائن جي خانقاھن تي ملاکڙا لڳلندا ھئا. ڳائيندڙن لاءِ عوام کي عزت ھئي. رحمون جان قداور پارسي ڪمپني جي ناٽڪ سان بمبئي کان سکر پهتي، ھتي جي آب و ھوا اھڙو کيس موافق لڳي جو سکر جي مٽيءَ ۾ پيوند ٿي ويئي. شيرين فرھاد جي ڊرامي ۾ شيرين جو پارٽ ادا ڪندي ھئي. سندس نقرئي آواز پري تائين پهچندو ھو. مطلب تہ ڪلڪتي ۾ گوھر جان ۽ سکر ۾ رحمون جان مشهور ھيون. رحمون جان جا رڪارڊ ھر ھنڌ وڄندا ھئا. ھوءَ سنڌي ۾ ڪافيون بہ چوندي ھئي ۽ وڏن ماڻهن جي مجلسن ۾ ڳائيندي ھئي. عمر جي آخري منزل تي پهچڻ وقت گداگري گذر سفر لاءِ ڪندي هئي ۽ شهري کيس جهجهو ڏيندا هئا. شاه دوران باگڙجي جي پٺاڻ مان مشهور راڳيندڙ ھو.
مٺو مارواڙي ميلن تي ڪافيون چوندو ھو. عبدالرحمان ھندوستاني بہ پهريان ناٽڪن ۾ ائڪٽر ھو، پوءِ خوشيءَ جي موقعن ۽ مجلسن ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ھو. سکر جا اھي اوائلي راڳيندڙ ھئا. گرامو فون نڪرڻ کان پوءِ راڳيندڙن جي ڪاروبار ۾ رخنو پئجي ويو. جن مجلسن کي راڳيندڙ گرمائيندا ھئا، اتي سندس مسند گراموفون والاري ورتي. ھندو ھر سال ھوليءَ جي ڏڻ تي پنڊت نارائڻ راءُ وياس، پٽورڌن، اومڪرناٿ، وسنت راءُ، عاشق علي خان، ڀائي لال ۽ سينڌو خان کي راڳ لاءِ گهرائيندا ھئا. سائين بچل شاهه جي ميلي تي ھر سال پنجاب جون رقاصائون اچي ناچ ۽ راڳ ڪنديون ھيون. ميلو ڌوم ڌام سان لڳندو ھو. سکر جي معصومي ساداتن مان ماسٽر منور علي شاه کي راڳ سان بيحد دلچسپي ھئي، جنهن کي عاشق علي پٽيالا واري ٽي سال وٽس رھي تعليم ڏني ھئي. شاه صاحب ھر سال برصغير جي استادن مان جهڙوڪ: عبدالوحيد خان، مبارڪ علي خان، مراد علي خان ۽ ٻين راڳيندڙ کي سکر ۾ گهرائي تعليم وٺندو رھيو. نتيجي طور منور علي شاه پاڻ استاد بنجي ويو. ھڪ لڱا سکر پراڻي ۾ برصغير جي چوٽيءَ جي راڳيندڙن راڳ جي مجلس ۾ حاضري ڏني ھئي، راڳ ھندن جي ڌرم جو جزو آھي. سکر جا ھندو ھر سال ڏڻن تي راڳيندڙن کي گهرائي راڳ ڪرائيندا ھئا. بندر تي نواب جو ڪارخانو، جو ان وقت ميونسپل مڊل اسڪول ھو. ان جي ڪمپائونڊ ۾ اھڙيون مجلسون برپا ٿينديون ھيون. دسهڙي جي موقعي تي شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رام ليلا جا ڊراما ٿيندا ھئا. اڳ ناٽڪن ۾ زنانو پارٽ ڇوڪرا ادا ڪندا ھئا، پر ويهين صدي جي 27 سالن گذرڻ بعد جڏھن فلمي ھنر ترقي ڪئي تہ فلمن ۾ عورتون حصو وٺڻ لڳيون ۽ اسٽيج تي طبقه نسوان قبضو ڪيو. تقسيم ھند کان پوءِ راڳ جي ھنر اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي. علمي ادارن ۾ ڇوڪرين کي راڳ جي تعليم ملڻ لڳي. ادبي مجلسن توڙي ريڊيو جي مجلسن ۾ زالون حصو وٺڻ لڳيون. سکر لطيف ايڪيڊمي 1957ع ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي راڳيندڙ ھنرمندن حصو ورتو. 1960ع ۾ تهذيبي مجلس ضلع ائسوسيئشن جي زير نگراني فيبروري ۽ نومبر ۾ ٻہ ترنم زير مجلسون منعقد ٿيون. پهرين راڳ جي مجلس ۾ روشن آرا، مختار بيگم بنگالي راڳيندڙ خاتون حصو ورتو ۽ فلمي ستاره اقبال بانو سامعين کي ناچ سان خوش ڪيو. ٻي اجلاس ۾ تہ چوٽيءَ جي آرٽسٽ جي حصي وٺڻ ڪري المهران جو اسٽيج پوري موج ۾ اچي ويو، جڏھن طوفان زده جي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ھن مجلس ۾ ”رائل ايرانين ايڪيڊمي“ جي آرٽسٽن حصو ورتو.
تقسيم کان اڳ سکر جا ٻہ سازنده مينگهراج جاجڪ ۽ پيسومل مشهور طبلچي ھئا. سارنگي نوازن ۾ صالح محمد ۽ حاجي مشهور ھئا. لالو نوناري ۽ پٽس الله ڏنو ۽ انور جان راڳ ڪري مشهور ھئا. منور علي شاه ريڊيو سنگر آھي ۽ سندس شاگردن مان عصمت بانو ۽ رسول بخش ڀٽ جو مستقبل شاندار نظر اچي ٿو. پاڪستان اسلامي جمهوريه بنجڻ لاءِ ڪوشان آھي، ڏسجي تہ اسلامي جمهوريه بنجڻ کان پوءِ اُٺ ڪهڙو ٿو پاسو بدلائي.
ھوائي ميدان
1894ع ۾ آدم شاه جي مقبره پريان ھڪ انگريز دوشيزه گئس سان ڀريل غبارن وسيلي اڏامي ھئي ۽ ريلوي ورڪشاپ جي مزورن کان چندو اڳاڙيو ويو ھو. آسمان ھيٺان پهچڻ کان پوءِ ڇوڪري غباره کي ڇڏي ڇٽيءَ ذريعي ھيٺ پهتي ھئي. ان کان پوءِ ھوائي جهازن جو سکر ۾ پهريون ميدان انگريزي دور ۾ نئين ڳوٺ جي قبرستان پٺيان تعمير ڪرايو ويو. مگر اُن ھنڌ جي زمين ڪلراٺي ھئي ۽ انگريزن ٺيڪيدار پورو ڪم ڪو نہ ڪرايو ھو جنهنڪري مينهن وٺي کان پوءِ ڪلر اُڀامي پوندو ھو. ھوائي جهازن جي سهوليت لاءِ آدم شاه جي مقبره جي ڀر ۾ سرچ لائيٽ جي بتي کوڙي ويئي جا رات جو گول چڪر ھڻندي ھئي. ھڪ لڱا مينهن وسڻ کان پوءِ ھڪڙو ھوائي جهاز ميدان تي لٿو پر جهاز ڪلر ۾ گپي پيو. جهاز جي عملي ھزار حيلا ڪيا پر جهاز نڪري نہ سگهيو، لاچار جهاز چڏي ھليا ويا، جڏھن زمين خشڪ ٿي تڏھن جهاز ڪڍي ويا، انهيءَ واقعي کان پوءِ ھي ميدان بند ڪيو ويو باقي سرچ لائيٽ جو ٿنڀو گهڻائي ڏينهن لڳل ھو[3].
نئون ھوائي ميدان
قيام پاڪستان کان پوءِ سکر کان ٽن چئن ميلن جي فاصلي تي آرائين ڳوٺ لڳ پڪي زمين تي حڪومت پاڪستان تعمير ڪرايو، جنهن جو رستو شڪارپور سان ڳنڍيل آھي، انهيءَ ميدان کي وڌايو ويندو ڇاڪاڻ تہ ھن ميدان کي ھوائي سروس جي آمد ورفت لاءِ اسٽيشن بنايو ويندو ۽ اھڙو منصوبو حڪومت جي زير ويچار آھي.
1947ع کان اڳ سکر جون ھندو سياسي جماعتون ڪانگريس ڪاميٽي
ھن ڪاميٽيءَ جو بنياد ھندن 1905ع ۾ رکيو ھو ۽ 1908ع ۾ پهريون سوديشي ڪپڙي جو دوڪان فريئر روڊ تي کوليو ويو، جنهن جي بورڊ تي ”بندي ماترم“ لکيل ھو، انڊين نيشنل ڪانگريس جو مول متو ھو، هندستان ۾ رام راڄ قائم ڪيو وڃي ۽ ھندو پاڻ کي برصغير ۾ برتر تصور ڪرڻ لڳا. تقسيم کان اڳ ھن ڪاميٽيءَ جو صدر مسٽر چوئٿرام وليڇا ھو، جو ڪٽر ڪانگريسي ھو ۽ سيڪريٽري مهاشيه گوپالداس ھو. ھي منظم جماعت ھئي.
ھندو مهاسڀا
1933ع ۾ برپا ٿي. مسٽر ويرو مل بيگراج ايڊيٽر روزانه سنڌي مهاسڀا جو پرڌان ھو ۽ مهاشيه گوپالداس گدومل پرچار منتري ھو. مهاسڀائي سورما جڏھن ٻاھر نڪرندا ھئا تہ ”جئي گنگي“ جا نعرا ھڻندا ھئا.
ھندو وديارٿي منڊل
سيٺ لئومل راڌاڪشنداس ھندو اسڪولي شاگردن جي سياسي بيداريءَ لاءِ 1932ع ۾ قائم ڪئي، اھڙي مقصد لاءِ شهر جي ھر ڪنڊ ۽ ڳليءَ ۾ لائبرريون قائم ڪيون ويون.
ھندو نوجوان سڀا
1935ع ۾ مهاشيه لال چند آريا سماج پرچار ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي ھئي. ھي سڀا ”ھندو يووڪ سڀا ناگپور“ جي ھڪ شاخ ھئي، جنهن جو مددگار ڊاڪٽر مونجي ھو.
فارورڊ بلاڪ
ھي ڪاميٽي 1939ع ۾ ڪانگريس ھل چل کي زور وٺائڻ لاءِ قائم ڪئي ويئي، جنهن جو تعلق بابو سباش چندربوس بنگالي سان ھو. ڊاڪٽر پرسرام ڀوڄراڄ بلاڪ جو صدر ھو.
ڀارت ايڪتا منڊل
سوديشي شين جي وڪري کي زور وٺرائڻ لاءِ 1938ع ۾ قائم ڪئي ويئي. مهاشيه ماڌو داس منڊل جو مکيه ڪارڪن ھو، ھندن وٽ جيڪي بہ منڊل، سڀائون ۽ ڪاميٽيون ھيون، تن وٽ پروپئگنڊا ڪرڻ لاءِ اشتهار، جهنڊا، بئندون، لائوڊ اسپيڪر ۽ اخبارون ھيون، انهن جو پاڙون دکن، باگپور، ڪلڪتي، سابرمتي ۽ پرياگ (الله آباد) جي انند ڀوم سان گڏيل ھيون. وٽن خرچ پکي جي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ باقائدي رجسٽر ھئا.
مسلمانن جون سياسي جماعتون
مجلس احرام
1934ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد عمر سماج ورڪر برپا ڪئي، سندس معاون مرزا عبدالغفور ھو. ڏھن سالن کان پوءِ مسلم ليگ ان جو خاتمو ڪيو.
انجمن اتحادِ ملت
ھندو مسلم اتحاد لاءِ قائم ڪئي ويئي، پر 1928ع ۾ مسئله منزلگاه اُن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، يعني تہ ھڪ سال بہ جٽاءَ ڪري نہ سگهي، انجمن اسلام بہ ساڻس شريڪ ھئي.
خاڪسار تحريڪ
شروعات ۾ چپ، راست جون شهرن ۾ پريڊون ڪيون ويون. ليڪن سکر ۾ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ھن شهر ۾ ان جو ھنگامو سرد رھيو.
مسلم ليگ
خلافت تحريڪ جا 1914ع ۾ پهرين عالمگير جنگ ۾ جيڪا مقبوليت حاصل ڪئي، سا 1923ع ۾ ڪمزور ٿي ويئي. مسلم ليگ پراڻي جماعت جنهن 1906ع ۾ جنم ورتو ھو. پهريان دولتمندن جي تفريح طبع لاءِ مشغلو ھو پر پوءِ قائد اعظم جي رهنمائي ھيٺ مکيه پارٽ ادا ڪيو، سکر ۾ 1938ع ۾ مسٽر احمد علي عليگ ان جو صدر ھو، 23 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جي لاھور واري اجلاس جي موقعي تي قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو. 1938ع ۾ سکر جي ليوڪس پارڪ ۾ مسلم ليگ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. ان سال کان پوءِ مسلم ليگ مکيه سياسي جماعت بنجي ويئي، سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو.
جميعت اسلامي
جميعت اسلام سکر ۾ سياسي جماعت کڙي ڪئي ويئي، توڙي جو مٿس حڪومت بندش وڌي ھئي پر ھر سال جميعت جي ساليانه اجلاسن سنڌ ۽ پنجاب تائين بيداريءَ جي پيغام کي بلند ڪيو، مسلمانن وٽ پروپئگنڊا لاءِ نہ دهل ھئا نہ شرنايون نہ وري چندن جا باقائده رجسٽر، الله جي سڏ تي مٿن سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪرڻ سندن ايمان ھو. منجهان فائدو فقط مسلمانن جي سياسي ليڊرن پرايو جيڪي پنهنجي مفاد لاءِ وقت جا پورا فرعون ثابت ٿيا.
________________________________________
[1] ڪريم بخش خالد: سنڌي صحافت 142 – 143
[2] شيخ عبدالرزاق راز: سکر قديم ۽ جديد ص 68 – 70 انقلاب پريس سکر 1962ع.
[3] نوٽ: ھندوستان ۾ 1913ع ۾ اله آباد ڪانگريس جي ساليانه ڪانفرنس جي موقعي تي انگريزن پهريون دفعو ھوائي جهاز آندو ھو، سکر ۾ ھوائي اڏو بئراج کلڻ کا پوءِ چالو ٿيو ھو، پاڪستان کان پوءِ آرائين جو اڏو ٺهيو
باب تيرھون: سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت
19 صدي
سنڌ انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪئي ھئي تنهن کان پنج سال اڳ پهرين ڪابل جي ويڙه وقت انگريز ڪراچي، ٺٽي ۽ بکر جي قلعي ۽ سکر تي 1838ع ۾ قبضو ڪيو ھو ۽ سکر جي فوجي ڇانوڻي 1845 تائين قائم ھئي. مٿين پنجن سالن اندر نئين سکر جنم ورتو ھو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور جي تجارتي شهر کي انگريزن ضلعو ڪيو پر ڪليڪٽر ڪپتان پوپ سکر واري ڇانوڻي ۾ رهندو هو. سکر سول ۽ ملٽري مرڪز هئڻ ڪري ستت ترقي ڪئي. 1857ع واري پهرين آزادي واري جنگ ۾ سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڇانوڻين ۾ ديسي فوجن ٿوري شورش ڪئي ھئي پر سکر ۾ امن امان ھو. 1872ع ۾ شهر جي آبادي 318,13 ھئي. 1883ع ۾ جڏھن سکر، ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر مقرر ٿيو تہ اُن وقت آدمشماري 27389 ھئي. روينيو عملدار بہ فوجي گورا ھئا چناچه سکر جو ڪليڪٽر آلفيڊ ميفيوبه ڪرنل ھو. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد پيو، جنهن 1905ع ۾ ھندو لباس پهريو. ساڳي وقت مسلمانن جي بهبودي لاءِ ھڪ پاسي ديو بند ۾ ديني تعليم جو آغاز ٿيو ۽ ٻي پاسي انگريزي تعليم سکڻ لاءِ سر سيد احمد علي ڳڙه تحريڪ شروع ڪئي. آريا سماج جو باني ديانند سرسوتي 1824ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو سندس آريا سماج تحريڪ زور وٺندي وئي. 1888ع ۾ ماستر ھري سنگهه سکر ۾ آريا سماج جو دفتر کوليو ھو. اڳ ھندو ۽ مسلمان اتحاد سان رھندا ھئا. ميلن ۽ ملاکڙن ۾ گڏجي حصو وٺندا ھئا. مسلمان ملڪ ھارائي ويٺا ھئا پر ڳوٺن ۽ شهرن جي آسپاس سندن زمينداري ھئڻ ڪري سندن دٻدٻو ھو. ھندو عورتون پڙا پائيندا ھيون ۽ پورھيو ڪري گذر سفر ڪنديون ھيون. مسلمان ان ھندو غريب طبقي جي زالن کان في اَن جو سير چار پايون ڏيئي پيهائيندا ھئا. مسلمانن کي انگريزي تعليم کان نفرت ھئي. مون کي جڏھن والد سڳوري آخوند جي مڪتب کان ڪڍي اسڪول ۾ ويهاريو ان وقت ڪلاس ۾ پنجاه شاگردن ۾ مسلمانن جو تعداد فقط ٽي ھو.
سال 1878 ۾ ترڪي ۽ روس جي پلونيا جي جنگ لڳي جنهن ۾ خليفته المسلمين شڪست کاڌي انگريز وچ ۾ ٽپو ڏيئي برلن ڪانگريس جي اجلاس مطابق بلقان جي رياستن کي آزادي ڏياري ۽ دلاليءَ ۾ سائپرس ٻيٽ تي قبضو ڪيو، مسلمانن کي دلاسا ڏنائون تہ برطانيه، ترڪيءَ کي بچائي ورتو. 1897ع ۾ ترڪي ۽ يونان جي جنگ لڳي ترڪن ٿيسلي فتح ڪيو پر يورپ وچ ۾ دخل ڏيئي يونان کي بچائي ورتو. ترڪيءَ جو سلطان جو مسلمان خطبو پڙھندا ھئا پر سلطان اميرالمومنين، خادم الحرمين الشريفين جي حالت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي. سکر جي مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ وٽن آفتاب ۽ الحق ٻہ اخبارون ھيون پر مسلمانن ۾ تعليم جي گهٽتائي ھئڻ سبب منجهن اِھا خامي ھئي. اھا ھئي اندروني ۽ بيروني 19 صديءَ جي حالت، مسلمانن ۾ عام طرح مايوسي ڇانيل ھئي. واپار ۽ تعليم کي ھندو چهٽيل ھئا.
پهريون ھندو ۽ مسلمان فساد
1892ع ۾ محرم جي ڏھين تاريخ تي مسمانن تازيا ڪڍيا. سکر جو ھندو فوجدار گهوڙي تي چڙهيل تازين سان گڏ ھو. ماتامين اعتراض ڪيو تہ فوجدار گهوڙي تان ھيٺ لهي ھلي پر فوجدار اٽلندو مسلمانن کي دٻائڻ لڳو جنهن تي مسلمانن ھن کي گهوڙي تان ھيٺ ڪيرائي لتن ۽ مڪن سان سندس تواضع ڪئي. ھن واقعي ڪري گهڻا ئي مسلمان گرفتار ٿي ويا. جن ۾ ڪي وڏا ماڻهو بہ ھئا. ھن فساد کان پوءِ ستت ھندو مسلم تعلقات سڌري ويا توڙي جو شهر ۾ ھندن جو تعداد وڌيڪ ھو مثلاً 1901ع ۾ شهر واسين جو تعداد 31316 ھو، جن مان ھندن جو تعداد ويهه ھزار ھو پر شهر ۾ مسلمان محلن ۾ ھندو بہ رھندا ھئا. مثلاً ڪمانگرن، ڀٽن، ميمڻن، سلواٽن، دبگرن وغيره مسلمانن جا محلا ھئا، ان ڪري تفرقي پوڻ ھوندي بہ جلد صلح سايو ڪيو[1].
پادري مبلغ
ويهين صدي جي شروعات ۾ سکر مشن سوسائٽي پاران عيسائي پادري شهر جي چونڪن خاص ڪري ھاڻوڪي گهنٽا گهر چونڪ تي کليو کلايو تبليغ جي پرده پٺيان اسلام ۽ باني اسلام تي حملا ڪرڻ لڳا. وري جڏھن مسلمان علمائن اعتراض ڪيو تہ پادري پوليس ساڻ ڪري تبليغ ڪندا رھيا. مشن سوسائٽي وارا سنڌي ۾ عيسائيت تي لٽريچر شايع ڪري سستو وڪڻڻ لڳا. بعض انگريزي ڪتاب مفت ورھائيندا ھئا. اھو لٽريچر بي حد جاذب ھو. پهرين عالمگير جنگ تائين عيسائي مشنري جو ھنگامو قائم رھيو پر پادري ڪامياب ٿي نہ سگهيا.
ھندوستان جي بيچيني ۽ سکر
1875ع ۾ حسن علي آفندي سنڌ مدرسته اسلام کوليو، مرحوم الله بخش اٻوجهو ۽ شمس الدين بلبل شعر ۽ قلم ذريعي سنڌ جي مسلمانن کي انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ دعوت ڏني. 1889ع ۾ خان بهادر حسن علي ”معاون“ اخبار جاري ڪئي. انڊين نيشنل ڪانگريس تي جاه پرست گروه جو قبضو رھيو ۽ اھو سلسلو 25 ورھين تائين جاري رھيو. ڪانگريس کان اڳ 1876ع ۾ بنگال ۾ ”انڊين ايسوسئيشن“ قائم ٿي چڪي هئي، 1884ع ۾ مدراس ۾ ھندن ”مهاجن سڀا“ برپا ڪئي ھئي. 1888 ع ۾ سر سيد احمد خان ”انجمنِ اسلاميه“ قائم ڪئي. ديوبندي علمائن مان حضرت مولانا رشيد احمد گنگوي ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لاءِ فتويٰ صادر ڪئي، ڪن مولوين سر سيد احمد خان تي نيچريه جو الزام مڙھيو ھو، انگريز پنهنجي اباڻي حڪمت عملي يعني ”ڦوٽ وجهو ۽ حڪومت ھلايو“ تي دستور موجب ڪاربند ھئا، نتيجو اھو نڪتو جو 1889ع کان 1947ع تائين ھندوـ مسلم اتحاد برصغير ۾ قائم ٿي نہ سگهيو. ھر ھڪ صوبي ۾ ھندن جون منظم جماعتون ھيون، خود بمبئي جتي ڪانگريس جنم ورتو ھو. اتي لوڪمانيه تلڪ جي ڪيسري اخبار ھندن کي ”شيوا جي تحريڪ“ جو سبق ياد ڏياري رھي ھئي ۽ سڄو مهاراشٽر ھن جي اشاري تي نچي رھيو ھو. بنگال ۾ نريندر ناٿ دت جو بعد ۾ سوامي وويڪانند جي نالي سان مشهور ٿيو، بنگالين کي حريت ۽ استقلال جي دعوت ڏني ۽ 1902ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ مسٽر برندرا ۽ سندس ڀاءُ اربندا گهوش مٿئين تحريڪ کي زور وٺرائڻ لڳا. 1905ع ۾ تقسيم بنگال جي اعلان کان پوءِ بنگالي شورش جو اثر بهار ۽ اوڙيسا تي پيو. 1908ع ۾ آسام ۾ خفيه ھٿيار پهچڻ لڳا، اھڙو ثبوت برما سازش وارن مقدمن مان پيو، سي ـ پي تي بہ شيوا جي تحريڪ جو اثر پيو، چناچه 1907 ۾ اتي جي مشتعل نوجوان مرھٽن ڪانگريس کي اجلاس ڪرڻ نہ ڏنو، مهاراشٽر ۽ بنگال جي شورشن جو مدراس تي بہ اثر پئجي چڪو ھو، ڇاڪاڻ تہ ساڳئي سال سري نواس ائنگر جي اخبار ”انڊيا“ ضبط ڪئي ويئي، پنجاب ۾ آزادي جي نوعيت ٻيءَ طرح ھئي، پر ٻين صوبن کان گهٽ ڪو نہ ھئي، 1907ع ۾ لالا لجپترام ۽ اجيت سنگهه کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن کان اڳ 1900ع ۾ ڀائي پرمانند انقلابي ليڊر کي ٻيو دفعو سزا ملي ھئي، بمبئي، مدراس، ڪلڪتو، ناگپور، دھلي ۽ لاھور سياسي تحريڪن جا مرڪز بنجي ويا ھئا. يو ـ پي ۾ بہ ٺاپر ڪانہ ھئي. 1908ع ۾ بنارس سازش ڪيس ۾ ڪيترين اخبارن کي ضبط ڪيو ويو ۽ ڪيترين تي ضمانتن ڏيڻ کان پوءِ بہ پابنديون وڌل ھيون. 1910ع ۾ لارڊ ھارڊبخ وائسراءِ ھند تي گولو ڦٽو ڪيو ويو پر ھو بچي ويو، ھن سازش جو مرڪز بہ لاھور ھو، ھندوستان ۾ جيڪي بہ تحريڪون جاري ٿينديون ھيون، تن جو اثر سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تي پوندو ھو، ڪراچي بمبئي کي ويجهو ۽ سکر لاھور کي قريب ھو. سنڌ بمبئي سان شامل ھئي.
زبان جو مسئلو
ھندوستان جي برھمڻن جيئن ڪانگريس جي قوميت کي بدلائي رام راڄ قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪيو، تهڙيءَ طرح ھندوستان جي مقبول عام اردو ٻوليءَ کي بہ مٽائڻ لاءِ زبان جي مسئلي کي کڙو ڪيائون، سال 1867ع ۾ پهريون دفعو بابو فتح نارائڻ سنگهه جي زير صدارت ڪاشي (بنارس) ۾ ھندن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿ پيش ڪئي ويئي تہ سرڪاري عدالتن ۾ اردوءَ بدران ھندي ڀاشا ۽ ديوناگري خط کي جاري ڪيو وڃي.
ھن فيصلي کان پوءِ ھندوستان جي سڀني صوبن ۾ ھندن مقامي ٻولين جي خلاف ھندي تحريڪ شروع ڪئي. بنگالي عدالت ۾ بنگالي زبان رائج ھئي. اُن آڙ ۾ ھندن بهار ۾ بهاري (پوربي) ٻولي ۽ خط جاري ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي،مٿئين تحريڪ جو پنجاب تي بہ اثر پيو. 1882ع ۾ ھندن ٻيو دفعو ”ايجوڪيشنل ڪميشن“ اڳيان اُردو ٻولي ۽ خط خلاف ميموريل پيش ڪيو پر خوش قسمتي سان اُن زماني ۾ سر سيد احمد خان وائسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر ھو. جنهنڪري ھندو پنهنجي مهم ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا، 1898ع ۾ ھندن حڪومت کي پارسي ۽ اُردو ٻولين خلاف ميمورئل پيش ڪيو، جنهن جي جواب ۾ مسلمان الھہ آباد ۾ اُردوءَ جي حمايت ۾ ھڪ ڪاميٽي قائم ڪئي ۽ پنجاب جي مسلمانن ”انجمن حمايت اُردو“ قائم ڪئي، سنڌ جي هندن هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي. سکر جي روزانه سنڌي اخبار جا خالص ڪانگريسي ھئي ان جي ايڊيٽر ويرومل بيگراج مخالفت ڪئي ھئي. 1884ع ۾ سنڌ ۾ ”سنڌ سڀا“ رسالو جاري ٿيو، جنهن ۾ صوبائي ۽ ملڪي سماچار کان سواءِ، سنڌي شاعرن جا موزون اشعار شايع ٿيندا رھيا، جن مان محمد قاسم ھالائي، فاضل شاه حيدرآبادي، غلام محمد گدا، مير علي نواز علوي شڪارپوري، مشتاق متعلوي، محمد اسلم ۽ حافظ حامد ٽکڙائي وغيره جا نالا قابل بيان آھن. ھي رسالو ادبي تنقيد ۾ وڌي چڪو ھو. ازانسواءِ سکر جي ٻن اخبارن آفتاب ۽ الحق بہ سنڌي ٻولي جي فائدي لاءِ چڱي محنت ڪئي. آفتاب جو ايڊيٽر جناب شمس الدين ”بلبل“ تہ پنهنجي شعر ۽ سخن جي ڪري سنڌ جو ”اڪبر الھہ آبادي“ ڪوٺبو ھو [2]. 1936ع ۾ مهاتما گانڌي وري اردو جي خلاف تحريڪ شروع ڪئي ھئي جنهن جو بيان موقعي سر ڏبو. 1857ع کان پوءِ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورھائجي ويا ھئا، ھڪ سر سيد احمد خان جي پارٽي جنهن ۾ مسلمان ھندن جي خوف ڪري شامل ٿيا ھئا ۽ انگريزن سان تعاون ڪرڻ لاءِ آماده ھئا، ٻيا ديوبند علماء جيڪي انگريزن جا جگري دشمن ھئا ۽ ڪانگريس جا حامي هئا، وقت گذرڻ سان انگريزن جا پير اکڙڻ لڳا تاھم علماءُ پڇاڙي تائين ھندن سان تعاون رکندا آيا. جي اٺن صدين جي طويل عرصي کان ڇوت ڇات جي ڪري مسلمانن سان عدم تعاون جي اصول تي پابند ھئا، اھڙن سببن جي ڪري حڪيم مشرق کي چوڻو پيو:”زديو بند حسين احمد اين چه بوالعجبي است“ اهوئي سبب هو جو فيلسوف شاعر ويهين صدي جي شروعات ۾ مسلمانن جي صحيح اسلامي تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جنهن پوليٽيڪل زندگيءَ جو وڏو حصو ڪانگريس ۾ گذاريو ھو، ھندو نواز پاليسين کان تنگ ٿي مسلم ليگ جي قيادت ڪئي.
تقسيم بنگال
عيسائيت ۽ سنڌي صورت خطي جي فتنن کان سکر جا مسلمان مس آجو ٿيا تہ 1903ع ۾ تقسيم بنگال جو سوال جاڳيو. بنگال جي ھندن جو قدم سياسي ميدان ۾ اڳرو ھو. خاص طور تعليم يافته طبقو خفيه ڪارواين ۾ رڌل ھو. سندن طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وائسراءِ لارڊ ڪرزن تقسيم بنگال جو اعلان ڪيو. سياسي کورو جيڪو اندر کامي رھيو ھو، سو ھڪدم ڀڀڪو ڏيئي ڦاٽو. بنگالين حڪومت خلاف جلسا ڪيا، لکين صحيحون ورتائون، سڄي صوبي اندر ھنگامو مچي ويو. لارڊ ڪرزن جي صبر جو پيالو بہ ڇلڪڻ لڳو. فيبروري 1905ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽي جي ڪنووڪيشن جي موقعي تي تقرير ڪندي ھن ھندوستانين تي دل کولي ڇوه ڇنڊيا، بنگالين جو جوش بہ اڀامڻ لڳو. مارچ 1905ع ۾ ھنن لارڊ ڪرزن جي پاليسيءَ جي مذمت ڪئي، نواب سليم الله بہ ورھاڱي جي خلاف اعلان ڪندي وائسراءِ جي پڌرائي کي وحشانيه فعل ظاھر ڪيو. لارڊ ڪرزن سڌو ڍاڪا پهچي ھڪ جلسي ۾ مسلمانن کي خطاب ڪندي ڄاڻايو:
”تقسيم بنگال مان هي مقصد آھي تہ حڪومت بنگال جي انتظامي ٻوجهي کي ھلڪو ڪيو وڃي، سراسر غلط آھي، پر ھڪ اسلامي صوبو ٺاھڻو آھي، جنهن ۾ مسلمانن جو غلبو ھجي.“
غرض تہ ڍاڪا جيڪو اسلامي شهر ۽ صنعتي مرڪز ھو، تنهنجا بخت 1905ع ۾ کلي ويا ۽ شهر کي وڃايل مقام حاصل ٿيو ۽ مسلمانن کي ھندن جي گرفت کان ڇوٽڪارو ملي ويو. انگريزن کي بنگالي ھندن جي اجتماعي قوت کي ڪمزور ڪرڻو ھو. اھا تبديلي انقلاب پسند ھندن لاءِ ناگوار ھئي، تنهنڪري سنڌ جي ھندو اخبارن بہ اخبار اسٽيٽسمئن جي بيان تہ ”انگريزن مشرقي بنگال کي اسلامي صوبو بنائي ڇڏيو“ جي پوئواري ڪندي تقسيم خلاف غوغا آرائي شروع ڪئي ۽ مسلمان اخبارن تقسيم جي تائيد ڪئي. تولا رام ٻالاڻي جي اخبار ”ماتا“ کي حڪومت ضبط ڪيو، ليڪن ايجيٽيشن کي جاري رکندي ھنن حيدرآباد مان انگريزي اخبار ”وائس آف سنڌ“۽ ھڪ سنڌي اخبار ”صداءِ سنڌ“ جاري ڪري لوڪمانيه تلڪ جي تحريڪ سوديشي شين واپرائڻ لاءِ ”بندي ماترم“ پنهنجي بورڊ تي لکرايو ھو، سکر جي فريئر روڊ تي بہ ھن موقعي تي ھڪڙي دڪان جي بورڊ تي پهريون دفعو بندي ماترم عبارت نظر آئي. حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر اسٽيل مٿيون ٻئي اخبارون بند ڪيون، ھندن سکر جي روزانه اخبار ”الحق“ تي سازش جي تحت ڪيس داخل ڪيو ھو ڇاڪاڻ تہ الحق تقسيم جي فائدي ۾ ھئي. لطف ھي چئبو تہ ھن ڪيس ۾ ھند سيٺ ھرچندراءِ وشنداس ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل کي پيروي ڪرڻ لاءِ گهرايو ھو، بنگال جي ھندن جا ٻہ پروگرام ھئا، (1) دھشت انگيزي، (2) ولايتي مال جو بائڪاٽ.
آريا سماج تحريڪ
ھندوستان ۾ جيڪي بہ ھندو ۽ مسلمان تحريڪون شروع ڪندا ھئا، تن جو اثر سنڌ جي رھواسين تي پوندو ھو، مثلاََ سر سيد احمد خان 1888ع ۾ ”جماعت اسلام“ تحريڪ جو پايو وڌو 1898ع ۾ سيد غوث علي شاه انجمن اسلام قائم ڪئي، اھا تحريڪ 1905 ع ۾ سيد غوث علي شاه جي وفات کان پوءِ ڪمزور ٿي ويئي. 1907ع ۾ شيخ محمد سليمان ”جماعت اسلام“ نالي انجمن قائم ڪئي، وٽس الحق اخبار ھئي، تنهنڪري ھن تحريڪ جلد زور ورتو. پير زادو عبدالرحمان ۽ شيخ حبيب الله ۽ ماستر محمد اسحاق پشاوري سندس معاون ۽ مددگار ھئا. سڀني چندا گڏ ڪري عيد گاه تعمير ڪرائي جو سکر جهڙي شهر ۾ سکر جي مسلمانن وٽ عيدگاه ڪونہ ھئي. مسلمان مسجد منزلگاه واري ميدان ۽ ٻين مسجدن ۾ عيد نماز ادا ڪندا ھئا. 19 صدي جي آخر ۾ ھندستان ۾ جيڪي ”گنپتي ديوتا“ جي اعزاز ۾ منعقد ٿيندا ھئا، تن ۾ جيڪي سلوڪ ڳائبا ھئا سي مسلمانن جي صريحاً خلاف ھئا. چنانچه 1895ع ۾ ٻال گنگا ڌر تلڪ، راءِ ڳڙهه ۾ شيواجي جي سماڌي تعمير ڪرڻ لاءِ چندي لاءِ گهر ڪئي تہ ھڪدم ھندن کيس ويهن ھزارن جي ٿيلهي پيش ڪئي ۽ ڀڄن جيڪي ڳايا ويا سي ھن طرح ھئا[3].
”ضرورت آھي تہ ھندو شيواجي ۽ باجي راءِ وانگي جان بازي ڏيکارڻ تي آماده ٿين، بهرحال توھان کي ڍال ۽ ترار سان مسلح ٿيڻ گهرجي ڇو تہ اسان دشمن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آھي، قومي جنگ ۾ اسين پنهنجي زندگيءَ کي
جوکي ۾ وجهنداسون ۽ دشمن جي رت سان زمين کي ڳاڙھو ڪنداسون . . .“
ھاڻي گن پتي ديوتا جي ميلن واري ڀڄنن ۾ گئو ماتا جي پڪار ٻڌو:
”نهايت ڏک ٿئي ٿو تہ توھان کي پنهنجيءَ غلاميءَ تي ذرو بہ افسوس ڪونهي، بهتر آھي تہ خودڪشي ڪريو. بدنيت ماڻهو جلادن وانگي بي رحميءَ سان گائن ۽ وھڙن کي ڪُهن ٿا. اٿو! گئو ماتا جي مدد ڪريو . . .“ [4].
انقلابي تحريڪن جو مقصد ھو ”ھندو ازم“. ھندن جا جيڪي ليڊر ھئا، سي مذھبي ليڊر ھئا. مثلاً بنگال جو مشهور ليڊر سوامي رامڪشن جنهن 1886ع ۾ انتقال ڪيو، سو سوامي وويڪانند جو گرو ھو. سندس اپديش ھو تہ ”ڪالي روحاني طاقت جي ديوي آھي“ ڪالي سندس عقيدي مطابق سڄي ڪائنات جي ماتا آھي.
سوامي وويڪانند 1897ع ۾ شڪاگو جي مذھبن جي ڪانفرنس ۾ ھندو ڌرم جي نمائندگي ڪئي ھئي. ھن ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو تہ ”دنيا جو آئينده مذھب ويدانت ھوندو ۽ شڪتي ماتا جي مدد تي ڀروسو ڪري غير ملڪي حڪومت کان آزادي حاصل ڪريو“[5]. ويدانت جي تخيل ڪري ھندو انقلابي پارٽي ”انوسلين سمتي“ ۾ فقط ھندو نوجوانن کي کنيو ويندو ھو ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪاليءَ جي بت اڳيان حلف کڻڻو پوندو ھو. ھندو مهاسڀا جو رڪن مسٽر ساورڪر بہ 1905ع ۾ انقلابي سوسائٽي قائم ڪئي ھئي. 1906ع ۾ ڪانگريس کي ولايتي شين جي بائڪاٽ ڪرڻ جي طرفداري ڪرڻي پيئي پر ھندو مسلم اتحاد آڻي نہ سگهي. سکر آريا سماج جو بنياد 1888ع ۾ ماستر ھريسنگهه وڌو. 1908ع ۾ سماج جي بندر تي مستقل عمارت جوڙي ويئي. آريا سماج بہ ھٽلر جي نازي جماعت وانگي ھئي ھن جو گنپتي ديوتا جو جهنڊو ھو جنهن تي سواسٽيڪا جو نشان ھو. ٻاھريان ڪو ھندو ليڊر ايندو ھو تہ آريا سماج وارا ليڪچر ڪرائيندا ھئا ۽ اھڙن ليڪچرن ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني رسول اڪرم جي شان ۾ گستاخيون ڪرڻ سماج جو مکيه پروگرام ھو. اھڙن ليڪچرن جي ڪري ھندو مسلمان اوليائن جي خانقاهن تي وڃڻ بند ڪيو. اڳ ھندو مسلمان ھڪ مٽ مان پاڻي پيئندا ھئا.
سنڌ پراونشل سکر ڪانفرنس 1908 ع
سکر جي ھندن جي بيداري لاءِ ھئي. ڪانفرنس تاريخي يادگار آهي، جا راءِ صاحب ديوان پيسومل ذوقيرام نائب صدر سکر صوبي سنڌ جي ھندن ۾ اتحاد آڻڻ لاءِ ڪوٺائي ھئي. ھن موقعي تي ھندن سنڌ جي مسلمان ليڊرن کي بہ دعوت ناما مڪا ھئا، پر مسلمان ليڊرن شرڪت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ھو. انهيءَ مان معلوم ڪري سگهندا تہ ھندو- مسلم اتحاد ۾ انتشار پئجي چڪو ھو. سکر جي انجمن اسلام شيخ محمد سليمان جي وفات ڪري ڪمزور ٿي ويئي ھئي تاھم سڏ، صلح تي پڙھيل يا جاھل مسلمان جسم ۽ جان ٿي ويندا ھئا. ڪانفرنس جو اجلاس فقط ھندن ڪيو.
پان اسلام ازم
ھن اسلامي تحريڪ جو داعي سيد جمال الدين افغاني ھو، جو پنهنجي وقت جو مجدد ھو. ھن اسلامي دنيا، روس ۽ يورپ جو دورو ڪري ايران، مصر ۽ ترڪيءَ کي يورپ جي عيسائي طاقتن جي مقابلي ۾ اسلامي عالمگير برادريءَ جو وسريل سبق ياد ڏياريو. سندس مول مقصد ھو تہ دنيا جا مسلمان گڏجي ھڪ بلاڪ ٺاھي پاڻ کي يورپ جي گرفت کان آزاد ڪرائين. توڙي جو سيد جمال الدين افغاني کي استنبول ۾ زھر ڏنو ويو پر عربن، ايرانين ۽ ترڪين تي سندس دعوت جو چڱو اثر پيو.
1911ع ۾ سلطان عبدالحميد خان ثاني يورپ جي سياسي ارادن کان متاثر ٿي ڪري ”الاخوت اسلاميه“ جي تحريڪ شروع ڪئي ھئي تہ دنيا جا ٽيهه ڪروڙ مسلمان ”اسلامي فيڊريشن“ ۾ شامل ٿين. مولانا سلطان اسلامي ڪانگريس ڪوٺائڻ جو بہ ارادو ڪيو ھو پر نوجوان ترڪن جي ”انجمن اتحاد ۽ ترقي“ وارن غازي انور پاشا ۽ نيازي بڪ جي قيادت ۾ سلطان موصوف کي معزول ڪيو. ھن تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ سکر جي الحق اخبار ڪارڊ ڇپرايا ھئا، جن تي سلطان عبدالحميد خان ۽ ڪابل جي امير حبيب الله خان جون تصويرون ڏنل ھيون. سکر ۾ ڪو بہ اھڙو مسلمان ڪونہ ھو، جنهن جي گهر ۾ اھا تصوير لڳل نہ ھجي. پان اسلام ازم جو چرچو اڄ بہ اسلامي دنيا ۾ موجود آهي. ڪڏهن ”اخوان المسلمين“ جي نالي سان ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ۽ ڪڏهن عرب ليگ جي نالي سان موجود آهي ۽ ڪڏهن موتمر اسلامي جا جلسا نيل کان وٺي مهراڻ تائين ٻڌون ٿا[6].
ديوبندي ۽ مراد آبادي
1910ع ۾ شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبند ۾ جلسو ڪوٺايو ھو، جنهن ۾ برصغير جي شهرن جي مسلمانن ٽيهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 1911ع ۾ ”جميعت الانصار“ جو پهريون دفعو جلسو مرادآباد ۾ منعقد ٿيو ۽ جلسي جي صدارت مولانا احمد حسن امروھي ڪئي ھئي. 1913ع ۾ حضرت شيخ الهند دهلي ۾ ھڪ سياسي پارٽي ”نظارته المعارف“ قائم ڪئي. جنهن جي سرپرستن ۾ حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقار الملڪ شامل ھئا.
انجمن هلال احمر
سال 1911ع ۾ انجمن اتحاد ۽ ترقي، ترڪيءَ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪري، سلطان عبدالحميد خان جي ڀاءُ ارشاد خان کي محمد خامس جي لقب سان تخت تي ويهاريو. 27 آڪٽوبر 1911ع ۾ اٽليءَ طرابلس الغرب تي قبضو ڪيو. ھي واقعو مسلمانن لاءِ ھيجان انگيز ھو. ٻئي سال 1912ع ۾ انگريز ۽ سندس ھمنوا حڪومتن جي اشاري تي بلقان جي عيسائي رياستن گڏجي ترڪيءَ سان جنگ شروع ڪئي. اسلامي دنيا تي ھڪ نئين مصيبت نازل ٿي، 1913ع ۾ مسجد ڪانپور جي ھولناڪ واقعي ۽ جنگ بلقان ڪري مسلمانن جي مجروح دلين ۾ غم ۽ غصي جو سمنڊ ڇوليون ھڻڻ لڳو. حڪيم اجمل خان، مولانا محمد علي جوھر ۽ ڊاڪٽر انصاري کي بلقان جي زخمي مجاھدن جي دوا درمل ڪرڻ لاءِ ترڪي رواني ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ اھڙي عمل لاءِ وڏن شهرن ۾ انجمن ھلال احمر جون شاخون کوليون ويون. سنڌ ۽ سکر جي مسلمانن دل کولي اخوت اسلامي جو ثبوت ڏنو. ادنيٰ توڙي اعليٰ مسلمانن ۾ بيداري پيدا ٿي.
سکر جي مسلمانن جي مذھبي حالت ۽ مسئله خلافت[7]
صوبي سنڌ ۾ جيڪي بہ مذهبي ۽ سياسي ادارا ھئا، تن وانگر ”مدينته الاوليا“ سکر بہ مرڪزي حيثيت رکندڙ ھو. خود مولانا حضرت عبدالرحمان جي عرفان ۽ فيض عام ڪري سکر باغ و بهار ھو ۽ سندس پسگردائي وارا ڳوٺ بزرگانِ دين جي مسندن ڪري بغداد، دمشق ۽ قاھره کان ڪنهن بہ صورت ۾ گهٽ حيثيت نہ رکندا ھئا. انهن علمي ۽ روحاني مرڪزن تي طائرانه نظر وجهڻ ضروري آھي. ھر صدي ۾ ھي شهر علمي ۽ روحاني مرڪز رھندو آيو. آگسٽ 1914ع ۾ پهرين عالمگير جنگ جو طبل وڳو. سنڌ جي مسلمانن جون دليون جنگ طرابلس ۽ جنگ بلقان ڪري مجروح ھيون ويتر جو ترڪيءَ، جرمني جو طرف ورتو تہ انگريز کي مسلمان پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳا. جنهن جنگ طرابلس ۾ اٽلي جي طرفداري ڪئي ھئي ۽ جنگ بلقان ۾ عيسائي رياستن جي حمايت ڪري يوروپين ترڪيءَ جو سمورو علائقو ترڪن کان کسي ورتو. فقط استنبول، ائڊريانوپل ۽ ٿريس جو ٽڪر وڃي ترڪن وٽ رھيو ھو. ٻي عالمگير جنگ کي ھڪ سال مس گذريو تہ انگريزن 1915ع ۾ شريف حسين سان مئڪماھن جو خفيه عهد نامو ڪري عربن کي سبز باغ ڏيکاري ترڪن خلاف کڙو ڪيو، جنهن ڪري ”خلافت“ جو سوال کڙو ٿيو. سنڌ جي ھر ھڪ ضلع ۾ خلافت ڪاميٽيون قائم ٿيون ۽ بزرگانِ دين جي شموليت ڪري مسئلي خلافت کي وڏي تقويت پهتي. ابوالڪلام آزاد جي اخبار ”الهلال“ ڪلڪتو تہ واڄٽ وڄائي ڇڏيا. علي برادران بمبئي ۾ دفتر کوليو ۽ خلافت اخبار جاري ڪئي. شيخ الهند مولانا محمود الحسن جو اُن وقت حج ڪرڻ مڪه معظمه ڏانهن ويو ھو. تنهن کي انگريزن قيد ڪري مالٽا ۾ نظر بند رکيو. اھڙين حالتن ۾ سنڌي ڪيئن خاموش رھي سگهن ھا، جيڪي پاڻ کي ”حر“ جي نالي سڏائيندا ھئا. سکر تہ بزرگانِ دين ڪري ”خلافت اعظمٰي“ تحريڪ جو مرڪز ھو.
سکر جي ثقافت
سنڌي ٻولي ۾ پهاڪو آھي تہ ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ۽ سو ڪوھين حڪومت“ ٻولي جو لب ۽ لهجو ھر ھڪ شهر ۾ پنهنجو نمونو آھي ۽ لفظن جي معنٰي بہ ڦريل گهريل معلوم ٿئي ٿي. ٻولي تہ سموري سنڌ ۾ سنڌي ئي آھي. پر لب ۽ لهجي ۽ لفظن جي ڦير گهير ڪرڻ ھڪ حصي جو ٻئي حصي ۾ فرق معلوم ڪري سگهبو. ھر شهر ۽ قريه ۾ ڪجهه نہ ڪجهه تفاوت ڏسڻ ۾ ايندو. سکر جي ٻولي سنڌي آھي ۽ تقسيم کان پوءِ مهاجرن جي قيام کان پوءِ اردو ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ اردو ٻولي جو مزاج بہ مختلف آھي ڪي بمبئي ڪي ڪاٺياواڙ ڪي دهلي ۽ ڪي لکنو وغيره جو انداز استعمال ڪن ٿا. ٻولي اردو آھي پر لب ۽ لهجي جي خيال کان سندن ٻولي ھڪ ٻئي کان جدا سمجهڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري سکر ۾ سنڌي سان گڏ اردو ٻولي جو بہ چڱو اثر آھي ۽ ڪٿي تہ اردو ۽ سنڌي کي خلط ملط ڪيو ويو آھي.
پوشاڪ تي بہ گهڻو اثر ٿيو آھي. اڳ پٽڪي جو عام رواج ھوندو ھو معزز ماڻهو پٽڪو ٻڌندا ھئا ۽ ان سان گڏ ترڪي ٽوپي جو بہ رواج ھوندو ھو. جناح ڪئپ جو رواج آھي ۽ ٻروچڪي ٽوپي نوجوان عام طرح پائيندا آھن. عام طرح ڪوٽ ڊگهو پائيندا ھئا جنهن جو ڳلو بند ھوندو ھو، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ انگريزي ڪوٽ رائج ٿيو ۽ چولن جي بدران قميصن جو رواج پئجي ويو، سلوار سنڌين جي قديمي پوشاڪ آھي. ڪي سلوارون گربي جون ھونديون ھيون. ڪي سلوارون سوسيءَ جي ڪپڙي جون هونديون هيون. اڪثر معزز ماڻهو ۽ سادات اھي سلوارون پهريندا ھئا. عام ماڻهو اڇيون سلوارون ڍڪيندا ھئا ۽ پڙھيل ڳڙهيل ماڻهو پاجامو يا پينٽ پائيندا ھئا. جُتي ۽ پمپ شو جو رواج ھوندو ھو. ھن وقت ٿلهي تري واري ۽ وڏي کڙي جي بوٽن جو رواج آھي. عام طرح رنگين ڪپڙا پسند ڪيا وڃن ٿا ۽ پراڻي وضع وارن ماڻهن اڇن ڪپڙن تي اڪتفا ڪئي آھي. زالن بہ ڪجهه فيشن خاطر قميص ۽ سلوار جو نمونو بدلائي ڇڏيو آھي بهرحال زالن جي منڍ کان وٺي ساڳئي نموني جي پوشاڪ آھي ۽ اھا پوشاڪ زالن ۾ نهايت مقبول آھي. ساڙهي ۽ غراري جو رواج بہ پيو آھي پر اھو رواج گهٽ آھي.
شهر ۾ اڪثر پڪيون جايون آھن اڳ مسلمانن جي جاين ۾ وڏا صحن ھوندا ھئا جتي ھو ڳئون ۽ مينهون رکندا ھئا. ھينئر ھرڪو واڙن تان کير وٺي رھيو آھي. ڳئون ۽ مينهن جي ٽهل ٽڪور لاءِ ماڻهن کي وقت ڪونہ آھي، تنهنڪري لسي، ڌوءنري ۽ مکڻ جو رواج نڪري ويو آھي جايون بہ ڄڻ سوڙھيون ٿي ويون آھن. ھندن جون ڇڏيل اڪثر جايون کُڏ تي کُڏ ھيون جن کي مهاجرن ڪليم ۾ والاريو آھي ۽ انهن تي اڪتفا ڪئي آھي. ڪچيون جايون غريبن جي رھائش لاءِ موجود آھن. ڪٿي ڪٿي شاھوڪارن ۽ زميندارن جا بنگلا آھن.
زيورن ۾ ٽڪي، جهومر، والين، پنڙن ايرينگن، نٿ، بولو، ڦلي، ھارگلوبند، ڇندن ھار ۽ ڪٺمال جو رواج آھي.
ادبي دنيا جي لاءِ ھي شهر ھڪ زرخيز علائقو ٿي رھيو آھي. عربن جي دور کان وٺي ھي علائقو علم ۽ عرفان جو گهوارو رھيو آھي.
سکر ضلع جا بزرگانِ دين ۽ سندن مجاھدانه ڪارنامه
پير محمد راشد
سکر جي ڀر واري ڳوٺ ”ڪنگري“ ۾ 1233هه ۾ ڌاري حضرت روضي ڌڻي پير محمد راشد رحه وفات ڪئي. روضي ڌڻي جي فيض عام ڪري سکر ضلع جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روحانيت ۽ معرفت جا چشما ڦٽي نڪتا. سکر ظاھري ۽ باطني علمن جو مرڪز بنجي چڪو. ڪنگريءَ جي چمن جي مهڪ سکر کي زنده جاويد مقام بخشيو. چنانچه ”ڪنگري“ مان ”سوئي“ سيراب ٿي ۽ سوئي مان ”ڀرچونڊي“ ڀرجي نڪتي ۽ ڀرچونڊي مان ”اَمروٽ“ ضلع سکر ۾ ۽ دين پور سابق رياست بهاولپور علم ۽ عرفان جا اڏا پيدا ٿيا[8].
رموزِ خاصگان عامان چه دانند
حديثِ پختگان خامان چه دانند
سيد صبغت الله
ھندستان ۾ مغليه شهنشاھت زوال پذير ھئي ۽ مسلمانانِ ھند جي طاقت جو شيرازو ٽٽي چڪو ھو. 19 صدي ۾ سکن سڄو پنجاب فتح ڪري پشاور تي قبضو ڪيو ھو. قبائلي ۽ افغان مغلوب ٿي ويا. اھا حالت ڏسي مجاھد اعظم شهيد احمد بريلوي، دارالحرب ھند ۾ سکن خلاف جهاد جو جهنڊو کڙو ڪيو، ۽ پنهنجن رفيقن جي ھڪ جماعت وٺي راجپوتانا کان ٿيندو حيدرآباد پهتو ھو. ٽالپرن اميرن سندس خاطر خواه عزت ۽ مهماني ڪئي. پر مدد ڏيڻ ۾ تامل ڪيو، انهيءَ خيال سان تہ متان رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهي نہ اچي. اها حالت ڏسي سيد احمد، پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاه بن حضرت محمد راشد رحه سان ملاقات ڪئي. پير صاحب پاڻ حريت پسند ھو، تنهن سيد احمد سان مڪمل اتفاق ڪري، سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائي، ۽ مسلمانن کي جهاد جي ترغيب ڏني، ۽ پاڻ ھڪ درزين جي جماعت سڏائي، مجاھدن لاءِ فوجي يونيفارم ٺهرائي، کين ڏنائون. نيٺ پنهنجن مريدن ۽ محبن مان ھڪ جماعت ٺاهي کين سيد احمد بريلوي سان گڏ روانو ڪيو. انهي جماعت جو نالو ”حر“ رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ ”آزاد“ آھي. پاڻ وڏي پيماني تي آزاديءَ جا پروانا گڏ ڪرڻ لڳو. پير صاحب جي سڏ تي ڪيترائي عالم ۽ فاضل حرن جي جماعت ۾ شريڪ ٿيا، جن مان قاضي عثمان سنڌي جيڪو شوڪاني جي شاگردن مان ھو ۽ محمد بن عبدالوھاب رحه جي تعليمات کان متاثر ھو. اڃا جهاد مڪمل ئي ڪونہ ٿيو ھو تہ 1 رمضان مبارڪ 1246 ھه ۾ پير صاحب پاڳاري وفات ڪئي، گويا سيد احمد جو سڄو بازو ڀڄي پيو.
سيد احمد بہ ذوالقعد 1246 ھه ۾ غدارن هٿان شهيد ٿي ويو. ھي واقعو 30 – 1829 ع جو آھي. اھا پهرين حر تحريڪ ھئي[9].
سيد حزب الله
حرن جيڪو جهاد ۾ حصو ورتو ھو، سو انگريزين جي اڀرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪو نہ ھو. تيرھن ورھين کان پوءِ جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏھن پير صاحب پاڳاري جي خاندان کي اک ۾ رکيائون. پير صاحب پاڳاري حزب الله شاه رحه جي وقت ۾ 1890ع ڌاري حرن جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو. حرن جي ليڊرن مکيءَ جي ڍنڍ کي پنهنجو مرڪز ٺاھيو. بچو بادشاه ۽ پيرو وزير ۽ ”ٻارنهن بهروٽيا“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويا. پير پاڳاري ۽ جماعت جي خلاف انگريزي حڪومت منظم طور تي ڪاروايون ڪيون. جماعت جي ھر سگهي ۽ صحتمند نوجوان کي ڳولي ڳولي لوڙھن منجهه بند ڪيو، ۽ ھر طاقتور شخصيت کي ويساپور ضلع احمد نگر ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. ھيءَ ٻي ”حر تحريڪ“ ھئي. 1310 ھه 1894ع ۾ سيد حزب الله شاهه وفات ڪئي ۽ سندس فرزند پير علي گوھر شاه مسندنشين ٿيو. بچو بادشاه ۽ پيرو وزير جي ڏهڪاءُ ڪري پوليس سرڪاري ٿاڻا ڇڏي ڀڄي ويئي. انگريزن پير صاحب پاڳاري جي نظربنديءَ جو اعلان ڪيو. جنهنڪري 1898ع ۾ بچو بادشاه سردار محمد يعقوب وٽ پيش پيو، جتان کيس گرفتار ڪري ميرپور خاص ڏياري موڪليائون، جتي اسپيشل جج مسٽر ھاٽ ڊيويز کيس ڦاسي ڏني.
مولانا محمد صديق
زمان حال ماضي جو ثمر آھي ۽ مستقبل لاءِ تخم جي حيثيت رکي ٿو. حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن صاحب 1331 هه 1913ع ۾ جيڪا سياسي جماعت ”نظارته المعارف“ تيار ڪئي ھئي، تنهن ۾ سنڌي اڪابر بہ ھئا. مولانا محمد صديق سنڌي، مولانا احمد علي سنڌي، جنهن لاھور ۾ ”انجمن خدام الدين“ قائم ڪئي ھئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جن جا نالا صفحئه تاريخ تان نہ مٽجندڙ آھن. اسين اڳ لکي آيا آهيون تہ بطلحا جو چشمئه علم جيڪو ڪنگري مان ڦٽي نڪتو ھو، ان مان هڪ ٻوٽو ڀرچونڊي ۾ رشد ۽ ھدٰي جو اڀريو هو. ۽ انهيءَ شجر طوبيٰ جي سايه ۾ مولانا عبيدالله فيض پاتو هو. حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي، جو پنهنجي وقت جو جنيد ۽ سيد العارفين هو، تنهن جي دست مبارڪ تي مولانا غازي عبيدالله سنڌي، قادري ۽ راشدي طريقن جي بيعت ڪئي هئي ۽ سيد العارفين کي پنهنجو ديني پيءُ سمجهندو هو. حضرت عبيدالله صاحب سکر جي اسلاميه اسڪول جي ماستر مولوي محمد عظيم يوسف زئي جي دختر نيڪ اختر سان 1308 هه ۾ شادي ڪئي.
شيخ محمد حيات
شيخ محمد حيات ولد ملا ڦلاريو، عادلپور تعلقه گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي ھلي عرب عجم جي استاد ھجڻ جي عزت حاصل ڪيائين. جواني جي زماني ۾ سنڌ مان سفر ڪري حرمين شريفين طلب علم لاءِ ھليو ويو، شيخ ابو الحسن محمد بن محمد صادق ڪبير کان علوم حاصل ڪيائين ۽ سندس وفات کان پوءِ مسجد نبوي ۾ درس حديث ۽ وعظ فرمائيندو ھو جنهن ۾ ھزارين ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا ھئا. حديث ۽ وعظ جي مسند جي مالڪ جي خدمت ۾ شام، مصر، مراڪش ۽ ھندوستان جي سون علمائن حديث جي علم جي تحصيل ڪئي. سندس شاگردن جي فهرست تمام طويل آهي مگر مشهور مسلمانن مان تاريخ ۾ ھيٺين ماڻهن جا نالا اچن ٿا: شيخ احمد بن عبد الرحمان، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الله آبادي ۽ شيخ ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني ، وغيره حجج الڪرام جي مصنف شيخ محمد حيات کي مجددن ۾ شمار ڪيو آھي. مولانا محمد فاخرالله آبادي شيخ جي تعريف ۾ ھڪ وڏو نظم لکيو آھي. مولانا جا چند شعر ھي آھن.
بابزرويءَ صفحہ دواران
محفل آراءَ حلقه انسان
شيخ اسلام عصر علامه
در فنون حديث فهامه
موشگاف دقائق ايمان
رازدان حقائق ايمان رسته از جس ربقه تقليد
بسته براجتهاد رامزيد
ان محمد حيات بخت بلند
بحديث نبي قومي پيوند
سرمن خاک پاءَ او بادا
جان من در رضا او بادا
(مثنوي زائر)
شيخ محمد حيات قرآن ۽ حديث ۾ ايڏو ملڪه ۽ جتمعاد پيدا ڪيو ھو جو ھن کي تقليد جي ضرورت ڪانہ رھي ھئي، جنهنڪري ھن عام ماڻهن کي عمل بالحديث جي دعوت ڏني ۽ ان باب ۾ ھڪ رسالو بہ لکيائين ۽ سموري زندگي انهي مسلڪ تي گذاريائين. شيخ محمد حيات جا مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي سان ڪن مسئلن تي مناظرا بہ رهيا اُھن ۽ ھڪ ٻئي تي انهن بزرگن بيحد سنجيدگي سان رد ڪد ڪيا آھن. شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ھيٺيان ڪتاب معلوم ٿيا آھن: (1) تحفته الانام في العمل بحديث النبي عليه الصلوٰته و السلام، (2) الايفاف علي سبب الاختلاف، (3) شرح ترغيب ترھيب منذري، (4) شرح اربعين نووي، (5) رساله رد بدعت تعزيه، (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آھي)، (6) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي تي رد) ان رساله جو گهڻو حصو نواب صديق حسن خان ڪتاب هدايته السائل ۾ نقل ڪيو آهي، نواب صاحب ڪتاب اتحاف النبلاءُ ۾ لکيو آھي تہ بعض رسائل شيخ محمد حيات فقيرازه و که مکرور آورده لله الحمد، ڪي رساله جناب پير صاحب جهنڊه واري ڪتبخانه ۾ بہ موجود آھن ۽ بلڪل ناياب آھن. صفر سنه 1163 ھه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ ھميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو، سندس شاگرد سيد غلام علي آزاد بلگرامي سندس تاريخ ”رحله شيخي“ مان ڪڍي آھي[10].
حاجي فقير الله علوي
حاجي فقير الله بن عبدالرحمان حنفي جلال آبادي شڪارپوري، جلال آباد (افغانستان) جي ھڪ ڳوٺ روتاس ۾ ڄائو، سندس سلسله نسب امام محمد بن حنيفه سان ملي ٿو، ظاھري علومن کان فارغ ٿي شاه محمد مسعود پشاوري ۽ حاجي محمد سعيد لاھوري کان خرقو خلافت ڍڪيائين. 1150 هه ۾ پنهنجي وطن مان ھجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو، ظاھري علمن سان گڏ باطني علومن جو بہ درس ڏيندو ھو ۽ ھزارين ماڻهو سندس ظاھري ۽ باطني علمن مان فائدو پرائڻ لڳا، حاجي صاحب جي زندگي جو وڏو حصو بار بار حرمين شريفين جي سفر ۾ گذريو ۽ اُن زماني ۾ جڏھن سفر جون ڪنهن بہ قسم جون سهولتون ڪين ھيون. پورا ست دفعا حرمين شريفين جو سفر ڪيائين. جو گهڻو ڪري ايراني نار کان يمن مان لنگهي حجاز ويندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن سورت بندر تان جده بہ ويندو ھو. سنڌ جي حاڪمن مان ميان سرفراز خان ولد ميان غلام شاه خان ڪلهوڙو سندس بيحد معتقد ھو ۽ وقت بوقت حاجي صاحب جي خدمت ۾ سوکڙيون ۽ تحفا موڪليندو رهندو ھو. اھڙي طرح بلوچستان جو خان مير نصير محمد خان بروهي بہ سندس مريدن جي زمره ۾ داخل ھو، سنڌ تي انهيءَ زماني ۾ احمد شاه ابدالي جي ڪاه ٿي تہ ھن کي بہ حاجي صاحب جي روحاني ڪشف گهلي آندو ۽ احمد شاه وفات تائين حاجي صاحب جو معتقد ٿي رھيو ۽ ان کانپوءِ احمد شاه جو فرزند تيمور شاه بہ سندس مخلصن جي خانه ۾ شامل ھو. حاجي صاحب اگرچه چئني طريقن ۾ مريد ڪندو هو ۽ چئني طريقن کيس شيخ محمد مسعود کان سواءِ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي کان بہ اجازت حاصل ھئي ۽ ھڪ وڏو عارف ڪامل هو مگر سندس زور اتباع شريعت ۽ سنت جي زنده رکڻ تي هو. هن حديث جي علمن جي پهريان سند ۽ اجازت مخدوم محمد هاشم کان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مڪه شريف جي سفر ۾ دوباره سڌي طرح مخدوم صاحب جي شيخ سيد عبدالقادر مالڪي کان بہ ورتي، حديث جي اتباع ڪري بعض مسئلن ۾ هن جو پنهنجو جدا مسلڪ آهي، اگرچه هڪ وڏو صوفي ھو ۽ محي الدين ابن عربي جا ڪتاب مطالع ھيٺ رھندا ھئس جن ۾ ھمه اوست جي مسئلي جو بنياد وڌل آھي ۽ علامه معين ٺٽوي ھمه اوست جي نعره کي بلند ڪرڻ وارو بہ سندس دوست ۽ مخلص ھو، پر ان ھوندي بہ جڏھن جهوڪ جي درويش شاه عنايت الله صوفي ھمه اوست جو آواز بلند ڪيو تہ سڀ کان پهريان حاجي فقير الله علوي ھو جنهن وقت جي حاڪم جو صوفي صاحب جي دبي ديني ڏانهن ڌيان ڇڪايو ھو. ”ھمه اوست“ کي الحاد ۽ بي ديني سڏيو، ھڪ دفعي حج جي سفر کان موٽندي جڏھن مسقط بندر تي معلوم ٿيس تہ شاه عنايت صوفي قتل ٿي ويو تڏھن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيائين، حاجي صاحب تصوف جي راه رسم ۽ ظاھري علومن کان سواءِ علميات جو بہ وڏو ماھر ھو ۽ سندس علميات جو تاثير تمام جلد ظاھر ٿيندو ھو. ھن کي ڪتابن جمع ڪرڻ جو بيحد شوق ھو، جنهنڪري سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا ناياب ڪتاب اچي جمع ٿيا ھئا. انهن سڀني ڪمالات ھوندي ھو ھڪ وڏو شاعر بہ ھو، سندس بعض شعر فارسي ۽ عربي ۾ نظر مان گذريا آھن جي سندس پختگي ۽ قادر ڪلامي تي دلالت ڪن ٿا. حاجي صاحب جي تصنيفات مان ھيٺين ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آھن:
(1) قطب الارشاد، (2) طريق الارشاد، (3) جواھرالاوراد، (4) تڪميل المومنين والا ولاد، (5) فتوحات غيبيه شرح عقائد صوفيه، (6) فتح الجميل في مدارج التڪميل، (7) فتوحات الهي، (8) براھين النجات من مصائب الدنيا و العرصات، (9) منتخب الاصول، (10) وثيقته الاڪابر، (11) قصيده مبروره، (12) مڪتوبات. حاجي صاحب 3 صفر سنه 1195 هه ۾ شڪارپور ۾ وفات فرمائي، سندس شاگردن مان حڪيم محمد وفا لڪوي قطع تاريخ وفات لکيو جو سندس گنبذ تي ثبت آھي:
ولي غوث خدا حاجي فقير الله شده بخلد مرجع نشين
الي الله امر وفا مه و شب و تاريخ و وقت و سال
وصال بگو سويم صفر و نصف ليلته الاحد[11]،
1195 هه
مولانا ابوالحسن تاج محمود
مولانا ابوالحسن تاج محمود صاحب، جنهن کي سکر ضلع جي ڳوٺ امروٽ ۾ رشد ۽ ھدايت جي درسگاه جاري ڪئي ھئي، مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جا خليفا ھئا. سنڌ جي ھن پوئين زماني ۾ جيڪي باڪمال بزرگ ٿي گذريا آھن، تن ۾ مولانا تاج محمود ولد سيد عبدالقادر امروٽي جنهن مرتبي جو بزرگ ھو، ان جو مثال موجوده زماني ۾ ملڻ مشڪل آھي. مولانا صاحب جي ولادت تعلقي روھڙي جي ھڪ ڳوٺ ڳاڙھي موري ۾ ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪري ان کان پوءِ پير پاڳاري جي ڳوٺ ۾ ڪجهه وقت فارسي جا ڪتاب پڙھندا رھيا. عربي علومن جي تحصيل لاءِ ڪجهه وقت جواني جي زماني ۾ مولانا حاجي عبدالقادر صاحب پنهواري (تعلقه روھڙي) جي درس ۾ داخل ٿيا، جتي درسي ڪتابن کان فراغت حاصل ڪري ۽ پنهنجي والد وٽان سلوڪ جي راه حاصل ڪئي والد جي وفات کان پوءِ وقت جي ولي ۽ قطب مولانا حافظ محمد صديق صاحب جي فيض عام ۽ عرفان جي چشمي مان چاليهن ڏينهن اندر سيراب ٿي خلافت جو خرقو ڍڪي مرشد جي ارشاد مطابق امروٽ وڃي رھيا ھتي ظاھري ۽ باطني علم جا طالب وٽن اچڻ لڳا، ظاھري ڪا وڏي آمدني ڪانہ ھوندي ھئي پر سوين ماڻهو کاڌو کائيندا ھئا. دنيا جو بين الاقوامي ليڊر ۽ عالم مولانا عبيدالله صاحب مهاجر مڪي بزرگن جي خدمت ۾ ننڍپڻ کان آيو ۽ اتي ئي رھي وڏو ٿيو ۽ اتي ئي سکر مان پهرين شادي ڪيائين، امروٽ مان ئي دارالعلوم ديوبند ۾ تحصيل علم لاءِ ويو.
سکر سياست جو مرڪز ٻن اخبارن آفتاب ۽ الحق جي اشاعت ڪري ھو. الحق کي ساڳي پوزيشن سنڌ ۾ ھئي. جيتري الوحيد بعد ۾ حاصل ڪئي ھئي، الحق سنڌ جي ماڻهن جو آواز ھو، جنهن ويهين صدي جي شروعات ۾ صور اسرافيل وانگي سنڌ جي مسلمانن کي سياسي اسٽيج تي آڻي کڙو ڪيو ھو. اپر سنڌ ۾ سکر انقلاب جو مقام ھو، 1919ع ۾ خلافت ڪاميٽي برپا ٿي، جنهن جو صدر مولانا تاج محمود امروٽي ھو، جو جميعت العلماءَ سنڌ جو بہ صدر ھو، خلافت ڪاميٽي والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا.
________________________________________
[1] راقم جو مضمون اخبار آفتاب سکر ص 63 – 64 روزانه مهراڻ سالگره نمبر جنوري 1962 ڪراچي
[2] ڪريم بخش خالد: سنڌي ادب صحافت ص 191.
[3] پروفيسر دربارا سنگهه: دي انڊين نيشن ص 145 لاھور.
[4] رولٽ ڪاميٽي جي رپورٽ ص 12 – 13.
[5] ايضاً ص 35.
نوٽ: 1857 ع کان پوءِ ھندستان جي ھندن انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۽ مسلمانن کي مدغم ڪرڻ لاءِ مهاسڀا ۽ بعد ۾ آريا سماج تحريڪون شروع ڪيون. سنڌ جي بمبئي کان عليحده ڪرڻ وقت اٽ ھڻي بيٺا انهيءَ طرح تقسيم ھند وقت پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
[6] Walter themer: The Political Dictionary, panislamism, Middlesex
[7] پهرين عالمگير جنگ کان ٿورو اڳ ترڪيءَ جي وزير جنگ غازي انور پاشا ھندوستان ۾ بلوه وجهڻ لاءِ قسطنطنيه مان ھڪ اخبار ”جهان اسلام“ عربي، ترڪي ۽ اردوءَ ۾ شايع ڪرائي ھئي. ھندي نوجوانن جي مالي ۽ ھٿيارن سان مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ترڪيءَ برما ۾ قونصل خانو بہ کوليو ھو پر وقت سر نوجوانن کي امداد ملي نہ سگهي.
[8] مولانا غلام مصطفٰي قاسمي جو مضمون ”سنڌ جي علم ۽ عرفان جي مهراڻ جا موتي“ ص 27 روزانه مهراڻ جو سالگره نمبر 5 جنوري 1962ع ڪراچي. سيد احمد بريلوي ۽ سيد اسماعيل جي شڪست جو سبب ھو مسلم جماعتن جو پاڻ ۾ نفاق ۽ اميرن جو پاڻ ۾ اختلاف. پشاور جا پٺاڻ امير وفادار رھن ھا تہ اڄ ھندوستان جو نقشو ڪو ٻيو ھجي ھا. انتشار ڪري بريلوي تحريڪ ناڪام ثابت ٿي. معارف اعظم ڳڙه ص 12 جولاءِ 1962ع
[9] شيخ محمد اسماعيل روزانه مهراڻ سالگره نمبر ”پير پاڳارا صاحبان ۽ آزادي جي تحريڪ“ ص 131 – 130، 5 جنوري 1962ع ڪراچي
[10] الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“ ص 35 – 36 جون 1936ع ڪراچي .
[11] الوحيد اسپيشل نمبر ص 36 – 37 (جون 1936 ڪراچي).
________________________________________
تحريڪ عدم تعاون
انهن ڏينهن ۾ ڪانگريس جي خاص اجلاس ۾ مهاتما گانڌي ”عدم تعاون“ تحريڪ جو سوال پيش ڪري ان کي مقبول عام بنائڻ لاءِ سکر جو 1920ع ۾ دورو ڪيو، ساڻس مولانا شوڪت علي، مولانا عبدالڪلام آزاد، لوڪمانيه تلڪ ۽ مولانا تاج محمود گڏ ھئا. سنڌ ۾ سکر عدم تعاون ھل چل جو مرڪز بنجي ويو. 1923ع ۾ ڪن ليڊرن ڪانگريس جي دائره اندر سوراج پارٽي قائم ڪئي، جنهن ڪري ھندو ـ مسلم اتحاد کي لوڏو اچي ويو. 1921ع ۾ مولانا محمد علي جامع مليه جو بنياد وڌو، جنهنڪري علي ڳڙه رونيورسٽي جي گهڻن شاگردن خلافت ھل چل ۾ حصو ورتو. مولانا محمد علي 12 سنڌي شاگردن کي خلافت تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ انهن کي سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو، جن مان پير الاھي بخش، قاضي فضل الله، نعمت الله قريشي ۽ دين محمد عليگ جا نالا مثالي آھن. عدم تعاون ۽ خلافت تحريڪون ڪو وقت سنڌ ۾ گڏجي چڱو ڪم ڪيو پر اھڙو ماحول 1924ع تائين قائم رھيو[1].
شدي ۽ سنگهٽن
خلافت ۽ عدم تعاون تحريڪون جن ھندو ـ مسلم اتحاد کي مضبوط ڪيو، دراصل برٽش امپيرئل ازم لاءِ کليو چئلينج ھو. دھلي ۾ سوامي شرڌانند انگريزن جي اشارن تي ملڪاڻه راجپوتن کي ھندو ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪون شروع ڪيون[2]. خوف ھو تہ سنڌ جا سنجوڳي شيخ ڦري نہ وڃن. بيان ڪيل ھندن جي خطرناڪ تحريڪن جي جواب ۾ ھندوستان جي مسلمانن ”تنظيم ۽ تبليغ“ نالي تحريڪ شروع ڪئي. خلافت جو زور گهٽجي ويو، جو 1923ع ۾ غازي ڪمال پاشا اتاترڪ نئين ترڪيءَ کي جمهوريت جو جامو ڍڪائي ”مجلس عاليه مليه“ جو بنياد وڌو، جنهن ڪري خليفته المسلمين جي وجود مٽجڻ ڪري خلافت جو خاتمو ٿيو.
سکر جي نوجوان سماجي ڪارڪنن مان مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين ۽ حاجي گل خان ھوٽل واري جماعت تنظيم ۽ تبليغ شروع ڪئي ۽ ٻنهي سرگرم ڪارڪنن 1927ع ۾ ”انجمن اتحاد ۽ ملت“ سکر ۾ قائم ڪئي ڇاڪاڻ جو مسلمانن جو ويساه ڪانگريس مان صفا نڪري ويو فقط ڪي علماء ڪانگريس جا حامي ھئا. سنڌ ۾ ڪي سنجوڳي شيخ مرتد ٿيا پر مولانا تاج محمود رحه جي روحاني فيض جو ئي اثر ھو تہ وٽن جيڪو بہ مسلمان ٿيو، سو وري اسلام مان ڪڏھن بہ خارج ڪو نہ ٿيو. سال 1922ع ۾ جميعت العلماء جو جيڪو ساليانو اجلاس منعقد ٿيو، تنهن جي صدارت حضرت تاج محمود صاحب ڪئي.
مسجدن جي حفاظت ڪرڻ
1923ع ۾ سکر براج جي واھن جي کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو ۽ واھن لڳ جيڪي مسجدون اچن پيون تن کي بئراج کاتي وارن ڊھرائڻ جو ارادو ڪيو. حضرت تاج محمود صاحب جي، توڙي جو آخري عمر ھئي، پر سندن جماعت کاٽي ڪندڙ مشينن اڳيان ستيا گره ڪري مسجدن کي بچائي ورتو. اھڙيون مسجدون اڄ تائين واھن جي وچ تي يادگار طور موجود آھن.
قرآن پاڪ جو ترجمو
آخر وقت ۾ ”الهام الرحمٰن“ نالي قرآن پاڪ جو ترجمو ڇپيو جو خالص بامحاوره سنڌي زبان ۾ آھي، جنهن مان سنڌ جي ھزارن ماڻهن کي فائدو ۽ فيض حاصل ٿيو آھي. اھو سندن ھڪ خير جاري آھي، جو قيامت تائين قائم رھندو ۽ ھن کان پوءِ قرآن شريف جا جيترا بہ سنڌي ۾ ترجما ٿيندا تن کي ھميشه لاءِ امروٽي ترجمي مان فائدو وٺڻ جو احتياج پوندو رھندو. بزرگن جا بلند ترين اخلاق ۽ خدا ترسي ۽ ڪرامتن جا ايترا تہ چشم ديد واقعا آھن، جو جيڪڏھن انهن جي اپٽار ڪجي تہ دفتر ڀرجي وڃن. ھي سندن مقدس زندگي جي مقدس داستان جو ھڪ تمام ٿورڙو گوشو بيان ڪيو ويو آھي تہ سکر شهر جي تاريخ تبرڪ کان خالي نہ رھي.
سکر جي بزرگ ترين ۽ فياض ھستي 5 نومبر 1929ع (مطابق 3 جمادي الثاني 1348 هه) ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. حضرت صاحب امروٽي جي وفات تي ڪيترن شاعرن ۽ عالمن عربي، فارسي، سنڌي مرثيا ۽ قطعات تاريخ لکيا. ھت فقط مولوي عبدالله صاحب فارسي ۾ ھڪ قطع تاريخ وفات لکيو ھو، جنهن جي ھيٺين شعر جي پوئين مصرعه مان تاريخ جو ماده ملي ٿو:ـ
”ازبراءِ شاه کامل مهتر و بهتر نزاد کرد رضوان ”جاءِ اندر روضه“ دارالسلام“ (1348 هه)
خلفائن جو حلقو
امروٽي استاد جي خلفائن جو حلقو سکر جي چوءگرد آھي، جن مان مولانا حماد الله صاحب ھاليجوي، مولوي حاجي عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻي، خليفو حاجي محمد صالح صاحب بائجي، مولانا عبدالڪريم صاحب واعظ اسلام ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ موجود آھن جي اڄ بہ سنڌ کي پنهنجي برڪات ۽ فيض مان مالا مال ڪندا رھن ٿا ۽ سکر جي شان لاءِ باعث فخر آھن.انهن بزرگن جي دمِ مسيحائي جي ڪري سکر دستور موجب علم ۽ فيض جو مرڪز آھي. اٽڪل ست ھزار ماڻهو جدا جدا وقتن تي سندن تبليغ جي طفيل غيرمسلم اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيا، جنهن لاءِ اڄ بہ امروٽ جو رجسٽر موجود آھي[3]. سکر شهر ۾ ضلع خلافت ڪاميٽي جو دفتر سيد محبوب علي شاه جي بلڊنگ جي ھڪڙي ڪمري ۾ ھو. ميمڻ حضرات مان سيٺ عبدالستار ۽ نعمت الله قريشي سرگرم ڪارڪن ھئا ۽ مولوي تاج محمد صاحب احمد پور شرقيه پروپئگنڊا سيڪريٽري ھو. 1919ع ۾ رولٽ ائڪٽ پاس ٿيڻ ڪري ملڪ ۾ ڌڙا ڌڙ گرفتاريون ٿيڻ لڳيون. اھڙي ھولناڪ ماحول ۾ حضرت تاج محمود صاحب کي جهاد في سبيل الله جو ايترو شوق ھو جو ڪيترا گهوڙا سندس رفيقن وٽ تيار بيٺل ھوندا ھئا، ھن ارادي سان تہ ڪڏھن نہ ڪڏھن اھي گهوڙا جهاد ۾ ڪم ايندا[4]. خلافت تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪراچي جي مخير سيٺ سر عبدالله ھارون اپريل 1920ع ۾ ڪراچي مان ھڪ روزانه سنڌي اخبار الوحيد سلطان وحيد الدين جي نالي پٺيان جاري ڪئي ھئي.
تحريڪ ھجرت
1919ع ۾ خلافت تحريڪ سان گڏ تحريڪ ھجرت شروع ٿي. عالمگير جنگ جي زماني ۾ ترڪي، جرمن وفد ۽ ديوبند پاران مولانا عبيد الله سنڌي ڪابل پهچي امير حبيب الله خان کي ھندوستان تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي پر ھن انڪار ڪيو ھو. ھندي نوجوانن 1905ع ۾ برلن ۾ ”انجمن انقلاب ھند“ نالي سان قائم ڪئي ھئي. ھن انجمن جا مکيه ڪارڪن مجتبٰي حسن، علي احمد صديقي، حڪيم فهيم علي، حسن خان ۽ ھرديال دھلوي ھئا. از ان سواءِ سک ۽ ھندو بہ انجمن ۾ شامل ھئا. 1913ع ۾ ھرديال سئنفرئنسسڪو (آمريڪا) مان ”غدر“ نالي اخبار جاري ڪئي ھئي. جنهن جون ڪاپيون وڏي تعداد ۾ ھندوستان پهچنديون ھيون. انجمن جون شاخون استنبول، قاھره، آمريڪا، سينگاپور، فلپائن، ھانگ ڪانگ، چين، ڪابل ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙيل ھيون[5].
امير حبيب الله خان انگريزي دسترخوان تي پليو هو. ٻيو تہ جرمن ۽ ترڪ عراق تائين پهتا ھئا.ٽيون تہ برلن ـ بغداد ريلوي جو ڪم بہ پورو ڪو نہ ٿيو ھو. چوٿون تہ ترڪي فوجون سوئيز واري لنگهه کي بند ڪري ڪونہ سگهيون، انهن سببن جي ڪري ھو ظاھري دلاسا ڏيڻ لڳو ۽ سندس چوڻ ھو تہ ھندوستان جا مسلمان ڪانگريس سان گڏجي ڪم ڪن، پنجون ايران ۽ افغانستان ۾ ايتري ھمت ڪانہ ھئي جو انقلاب پوڻ جي حالت ۾ ھندوستانين سان شامل ٿي سگهن. 1919ع ۾ ڪابل ۾ انقلاب پيو امير حبيب الله خان جلال آباد ۾ مارجي ويو ۽ امير امان الله خان ڪابل جي تخت تي ويٺو. پنجاب ۽ سنڌ مان مسلمان ھجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. سنڌ جي مقتدر علمائن مان حضرت محمود امروٽي رحه، مولانا محمد صادق کڏه (ڪراچي)، مولانا حڪيم محمد معاذ (نواب شاه)، پير تراب علي شاه راشدي ۽ سنڌ جو جهونو سپاهي شيخ عبدالمجيد انگريزن خلاف جهاد جون تياريون ڪرڻ لڳا. لاڙڪاڻي جي مجاھد وڪيل جان محمد جوڻيجي جي زيرنگراني مسلمان زمينون ڍور، ڍڳا وڪڻي ڪابل ڏانهن ھجرت ڪري ويا. امير امان الله خان مهاجرن کي ٻنيون ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر انگريزين جي ريشه دوانين ۽ وزير ڪابل محمود طرزي جي پاليسي ڪري ھجرت تحريڪ ناڪام ٿي. مهاجر دربدر ٿي موٽي آيا. ميان جان محمد جوڻيجي زندگيءَ جا پويان ڏينهن اجمير شريف ۾ پورا ڪيا. 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب پيو. رومناف خاندان جو خاتمو ٿيو، بالشويڪ حڪومت قائم ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي 1922ع ۾ ڪابل کان ماسڪو پهتو. 1918ع ۾ جنگ جي خاتمي بعد برٽش حڪومت بالفور پڌرائي مطابق فلسطين ۾ يهودي حڪومت کڙي ڪئي. انگريزن عربن کي برغلائڻ لاءِ ساڻن جيڪي وعدا ڪيا ھئا، تن کان ڦري ويا. مسلمانن ”انجمن ڪعبه“ قائم ڪئي.
ھوم رول تحريڪ
1916ع ۾ ٿياسافيڪل فرقي جي سربراه مسز ايني بيسينٽ ”ھوم رول“ تحريڪ شروع ڪئي تہ ھندو ۽ مسلمان گڏجي ھندوستان کي آزاد ڪرائين. ھن تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ 1917ع ۾ مسٽر ڄيٺمل پرسرام روزاني سنڌي اخبار ”ھندواسي“ شروع ڪئي، جنهن جي مقابلي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي اخبار ”الامين“ حيدرآباد مان جاري ڪئي جنهن جو ايڊيٽر ڪهنه مشق صحافي شيخ عبدالمجيد صاحب ھو. جميعت العلماء ھند جي ڪلڪته واري اجلاس ۾ مولانا تاج محمود امروٽي سنڌ جي جدائي جي سوال کي پيش ڪيو. شيخ عبدالمجيد بہ الامين ذريعي سنڌ جي سوال کي دھرائڻ لڳو. 1922ع ۾ مسز ايني بيسينٽ، علي برادران ۽ مهاتما گانڌي جي گرفتاري ڪري ھوم رول تحريڪ دٻجي ويئي.
سکر ۾ ھندو مسلم فساد
سکر ۾ پهريون ھندو ـ مسلم فساد 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ محرم جي
عاشورن واري ڏينهن ۾ ٿيو ھو، ھندو ـ مسلم اتحاد تہ 1924ع ۾ ختم ٿيو ھو، جڏھن شڌي ۽ سنگهٽن جي تحريڪ ھندن شروع ڪئي، پهريان اسلام ۽ باني اسلام عليه الصلوات والسلام تي ھندن حملا شروع ڪيا، جيئن ميرپور خاص گزٽ، سکر جي نمن جي چونڪ تہ آريا سماجين لاءِ آکاڙو، پر ھندو اخبارن جي مسلمان صحافين اڳيان دال ڳري نہ سگهي، چنانچه 1923ع ۾ ڪراچيءَ مان مولوي دين محمد وفائي ماھوار توحيد ۽ محمد ھاشم مخلص ميرپورخاص مان مسلمان اخبار جاري ڪئي ۽ ٻين مسلم اخبارن جهڙوڪ: مرغ ـ فلڪ، طيراََ ابابيل، تنظيم ۽ الراشد، دعوت اسلام اخبارن جيڪو پارٽ ادا ڪيو. سو سنڌي صحافت جي فن جو ڪمال چئبو، مثلاََ ھفتيوار مسلمان جو ”حافظ ڪرڙ بزرخي“، نور الاسلام جو ”ڪنڊو ڪوهستاني“، وغيره نہ صرف سياسي نظرين کي ھڪ نہ ٻي نموني ۾ فروغ ڏنو ۽ صحافت ۾ ھزل ۽ ظرافت جو نئون رجحان پيدا ڪيو ۽ اھڙي ڪيفيت ۽ ماهيت سندن نالن مان عيان آھي. اسان جي ظريف ايڊيٽرن مان مخلص، بلبل، مولوي نور محمد نظاماڻي، مولانا حڪيم محمد صادق، مولانا دين محمد وفائي، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پير علي محمد راشدي، شيخ عبدالمجيد ھن دور جا بهترين طنزنگار، بحث ۽ مباحثي جا ماهر، سنڌي نفسايت جا ڄاڻو تسليم ڪيا وڃن ٿا. 1925ع ۾ سکر جي ”انجمن ـ اتحاد ـ ملت“ وجود ۾ آئي، جنهن 1928ع ۾ مسجد منزلگاه لاءِ مطالبو ڪيو. مسجد ساڌ ٻيلي جي سامهون ھئڻ ڪري سخت مخالفت ڪئي. 1929ع ۾ خلافت ڪاميٽي مسجد جي حصول لاءِ ستيا گره ڪرڻ لاءِ ارادو ڪيو ٻئي طرف ڪانگريسي ھندن بہ فرقه ورانه ماحول کي اونداھو بنائي ڇڏيو، ويتر جو باگڙجي ريلوي اسٽيشن تي ھندن مولانا تاج محمود امروٽي رحه تي خوني حملو ڪيو ھو. تنهن حالتن کي نازڪ بنائي ڇڏيو، ھندن وچ شهر سکر ۾ پير صاحب ڀرچونڊي جي فرزند کي بيگناهه ڌڪ هنيا، تنهن کان پوءِ ڏهين محرم 1930ع ۾ عاشورن تي گولو اڇلايو ويو، جنهڪري شهر ۽ ڀروارن ڳوٺن ۾ ھندو ـ مسلم فساد پئجي ويو. حڪومت انجم ـ اسلام جي معرفت مسجد جي چوگرد ڏنل پٿرن جي ديوار کي 6 فوٽ اوچو ڪرايو، ھن فساد ۾ شهر جي گهڻن ڪارخانن کي نقصان پهتو.
سنڌي زبان سان ھندن جي بغاوت
1916ع ۾ سنڌ جي ھندن سنڌي عربي صورت خطي کي مٽائڻ لاءِ ناجائز مهم شروع ڪئي، 27 نومبر 1916ع ۾ حيدرآباد مان ھڪ ھفتيوار ھندو اخبار ”ھندو“ ديو ناگري اکرن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. ھڪ سال آزمائش وٺڻ کان پوءِ بہ ڪامياب ٿي ڪونہ سگهيا، پهريون ھفتيوار ھئي پوءِ سه روزه ٿي، 1934ع ۾ ڪراچي مان روزانه شايع ٿيڻ لڳي، ٻي ھندو روزانه اخبار سنسار سماچار ھئي، جنهن عربي اکر صورت خطي مان ڪڍي سنڌي صورت خطي کي قطعي بيڪار ڪري ڇڏيو، صورت خطي جو جهڳڙو بہ ڪافي عرصو ھليو ۽ پوءِ 1936ع ۾ مهاتما گانڌي ناگپور ۾ اُردو خلاف ”ڀارتيه ساھتيه پرشد“ جو بنياد رکيو محض ان لاءِ تہ اردو رسم الخط لکجڻ ۾ اچي ٿي جنهن ڀارت ۾ ھن لاءِ ڪو مقام ڪونه، باباءِ اُردو مولوي عبدالحق جو مهاتما گانڌي جي مٿين تحريڪ ۾ بحيثيت مبصر جي موجود ھو تنهن دھلي موٽڻ کان پوءِ مسلمانن کي ھن خطري کان آگاه ڪيو ھو[6]. سال 1939ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ٿي آيو تہ ھندو اديبن مان مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ مسٽر پنيا روزانه اخبار ”سنڌ آبزرور“ انگريزي ۾ توڙي سنڌي ۾ ھندو اخبارون علامه دائود پوٽه خلاف ڇوه ڇنڊڻ لڳيون ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي ـ عربي“ صورتخطي جو حامي ھو. مسلمان اخبارن بہ ھندو اخبارن جي مخالفت شروع ڪئي ۽ مسلمان اديب بہ عربي ـ سنڌي خط جي فائدي ۾ مقالا لکڻ لڳا. آخر ھندن جي مٿين تحريڪ ڪامياب ٿي نہ سگهي[7].. 1946ع ھندو اخبار جو نالو ”ھندوستان“ بدلايو ويو.
مسلم ليگ جي ڪاميابي
مسلم ليگ 1906ع ۾ ڍاڪا ۾ جنم ورتو ۽ نواب سليم الله جي ڪوشش سان ھڪ جماعت جي تشڪيل ڪئي ويئي جنهن تي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو نالو رکيو ويو،. 1930ع ۾ جيڪو اجلاس زير صدارت علامه اقبال ٿيو، تنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ”مسلمان اسلامي نظريه زندگي ۽ ثقافتي قدرن جي تحت ھڪ جدا رياست حاصل ڪن، جنهن جي آبادي مسلمانن تي مشتمل ھجي ۽ نہ صرف ھندوستان بلڪ ايشيائي مسائل کي حل ڪري“ خوش قسمتي سان مسٽر محمد علي جناح جهڙي دانشور مسلم ليگ جون واڳون سنڀالي ورتيون جنهن 23 مارچ 1940ع ۾ پاڪستان جي مڪمل آزاديءَ جو لاھور ۾ اعلان ڪيو. ھن اجلاس ۾ ھندوستان جي پرڳڻن جي قومي ليڊرن سنڌ جي ليڊر سيٺ عبدالله ھارون مٿين فيصلن کي منظور ڪيو. سکر مسلم ليگ جماعت جا ميمبر ميان احمد علي عليگ، حافظ عبدالحميد، حڪيم عبدالحق، سيد محبوب علي شاه، حڪيم تاج محمد، ڊاڪٽر محمد يامين، غلام نبي خان بروھي عرف جنرل، ميان نعمت الله قريشي، آغا نظر علي، حاجي گل خان، حافظ محمد صديق غلام سرور انصاري سکر جا اھي سرفروش نوجوان مسلم ليگ جي جهنڊي کي بلند رکندا آيا. 1937ع ۾ مسجد منزلگاه متعلق سيد محبوب علي شاهه جلسو ڪوٺايو ۽ مولانا ظفر علي خان ايڊيٽر زميندار کي صدارت لاءِ دعوت نامو موڪليو پر مولانا ڪو نہ آيو، جنهن تي ڪوڙا وارنٽ سندس خلاف ڪڍرايا ويا ۽ مولانا کي وارنٽن ڇڪي آندو تڏھن جلسي جي صدارت ڪيائين ۽ حڪومت مسجد منزلگاه متعلق جيڪا پاليسي اختيار ڪئي ھئي، مولانا موصوف کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي.
سنڌ جي علحدگي ۽ ھندو[8]
1919ع ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌ جي علحدگيءَ جو سوال پيش ڪيو ھو. تنهن کان اڳ 17 – 1918ع ۾ وزير ھند مسٽر مانٽيگو سان سنڌ جي محب وطن ليڊرن صوبي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي ھئي. 1919ع انڊين نيشنل ڪانگريس جي پراونشل پوليٽيڪل ڪاميٽي، تحقيقات ڪرڻ کان پوءِ رپورٽ ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سفارش ڪئي ھئي ۽ ھندن جي مکيه ليڊر پنڊت مدن موھن مالويه سنڌ جي علحدگي جو ٺهراءُ پاس ڪيو ھو. مسلم ليگ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ٻين سياسي جماعتن بہ تائيد ڪئي ھئي. انڊين نيشنل ڪانگريس جي 42 اجلاس ۾ فيصلو ڪو ويو تہ سنڌ آزاد صوبو ٿيڻ ضروري آھي. 1928ع ۾ سنڌ جي مسلمانن، ھندن ۽ پارسي ليڊرن ڪشاده دلي سان سنڌ جي جدائي کي تسليم ڪيو ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جو مسلمانن بنياد وڌو. 1929ع جي شروعات ۾ سائمن ڪميشن جي ڪراچي ۾ وارد ٿيڻ جي موقعي تي ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ سنڌ کي علحده پرڳڻي بنائڻ لاءِ گهر پيش ڪئي ۽ لنڊن جي ٻن گول ميز ڪانفرنسن ۾ مسٽر محمد علي جناح، سر غلام حسين ھدايت الله ۽ سر شاھنواز ڀٽي سنڌ جي علحدگي جي تائيد ڪئي، 1931ع جي وچ ڌاري ھند سرڪار ھڪ جاچ ڪاميٽي ڪراچي موڪلي جنهن ۾ مسٽر مائيسل ارونگ ۽ مسٽر ھئرس عملدار ھئا، سنڌين پاران مسٽر محمد ايوب کهڙي نمائندگي ڪئي سنڌ جي علحدگي جو فيصلو ٿيو.
ھندن جي مخالفت ۽ سنڌ آزاد ٿي
اوڙيسا جي جدائي وقت اتي جي اقليت وارن مسلمانن ڪا مخالفت ڪانہ ڪئي. سنڌ ۾ ھندو اقليت عادت جي مجبوري ڪري مجبور ھئا. 1928ع نهرو ڪاميٽي، مئي 1928ع نيشنل ڪنوينشن لکنوءَ، آڪٽوبر سائمن ڪميشن ۽ 7 مئي 1929ع ۾ ھندن جي چرچ تي بمبئي جي ميمبرن مخالفت ڪئي، حالانڪ مسٽر گوڪلي پرنسپال مالي جاچ ڪاميٽيءَ اڳيان انگن اکرن سان فائدي ۾ شاهدي ڏني. سمجهدار ھندن مان مسٽر ڄيٺمل پرسرام ۽ سنتداس وڪيل اخلاقي مدد ڪندا رھيا، 1932ع ۾ حيدرآباد جي ھومنسٽيڊ ھال ۾ علامه عبدالله يوسف علي جي صدارت ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس وڏي پيماني تي ڪوٺائي، جنهن ۾ ھندن کي حقن جو يقين ڏياريو ويو. ريزوليشن سيڪريٽري اسٽيٽ ۽ وزير اعظم انگلنڊ کي موڪليا ويا. ورڪنگ ڪاميٽي ۾ سڀني ضلعن جي نمائندگي رکي ويئي ۽ سرشاھنواز کي صدر، خان بهادر کهڙو نائب صدر ۽ ميران محمد شاهه جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا[9]. 26 جنوري 1933ع ۾ سنڌ جي جدائي جي مخالفت ڪندي سنڌ ھندو ڪانفرنس سخت اعتراض اٿاريا ۽ سخت ايجيٽيشن شروع ڪئي ويئي. بلڪ ھندن لنڊن ۾ ھڪ آفيس کولي جنهن جو خرچ سنڌ مهاسڀا تي ھو. مسلمانن کي سر آغا خان ۽ ڊاڪٽر شفاعت احمد تسلي ڏيندا رھيا، ڊاڪٽر گربخشاڻي تہ برٽش کي چتاءُ ڏنو تہ سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ ايراني گڏجي ھندستان تي حملا ڪندا، ان لاءِ ھندو والنٽيئر ڀرتي ڪرڻ لڳا، ليڪن شيخ عبدالمجيد الوحيد جي ذريعي، پير علي محمد شاهه راشدي ستاره سنڌ ۾، حافظ عبدالحميد المنار ۾، ڊاڪٽر يامين دعوتِ اسلام ۾، آغا نظر علي سنڌ زميندار ۾ ۽ پير حسام الدين راشدي ستاره سنڌ جي مخصوص ڪالم ”ملا لُٽر“ ۾ مخالفن جي چڱي لاک لاٿي. سکر جي اخبارن ھن اھم مهم ۾ جيڪو پارٽ ادا ڪيو، سو يادگار رھندو. دنيا ڏٺو تہ 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي، 1937ع ۾ سنڌ جدا صوبي جي حيثيت سان پنهنجي ليجسليٽو اسيمبلي حاصل ڪئي ۽ سرلانسيلاٽ گراھم پهريون گورنر مقرر ٿيو.
سر غلام حسين وزارت
سنڌ جي جدا ٿيڻ سان عهدن ماڻڻ لاءِ ڏاڙهي پٽ شروع ٿي، شروعات ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ صوبي جي بهتري لاءِ غير فرقيوار ۽ اقتصادي بنيادن تي ھڪ سنڌي جماعت قائم ڪجي، جنهن جو آل انڊيا ھنگامن ۽ آئيني مسئلن سان ڪو واسطو نہ ھجي، مگر انتشار جي وبا ڪري طبقن ۾ گروه بندي پئجي ويئي. (1) سر غلام حسين گروه، (2) سر شاهنواز گروه، (3) ڪانگريس پارٽي، (4) آزاد پارٽي، (5) مسلم نيشنل پارٽي، (6) اتحاد پارٽي پهرين اليڪشن ۾ سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر حاجي ھارون اتحاد پارٽي جا ليڊر نا ڪامياب ٿيا.
مسجد منزلگاه جو سوال
انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ستت ئي انتظامي سهوليت لاءِ ان کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو، ھن زبردستي واري ڳانڍاپي جو دور اسي سالن کان رھيو، بنيادي ۽ فطرتي تفاوتن، جهڙوڪ: جاگرافي، آب وھوا، زبان، زراعتي ۽ اقتصادي حالتن گذشته تاريخ ۽ نسل جي ڪري ھي ميلاپ صوبي جي مادي تعمير خواه سياسي ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ ثابت ٿيو. سنڌ جون خاص حالتون ۽ سندس جداگانه مسئلا بمبئي جا سياستدان يا حڪمران چڱيءَ طرح سمجهي نہ سگهيا ۽ نہ ڪي وري منجهن سنڌ جي معاملن لاءِ دلچسپي ۽ ھمدردي پيدا ٿي سگهي، مگر ھينئر وقت پاسو بدلايو ھو، سنڌ بمبئي کان ڌار آزاد صوبو ۽ پهرين وزارت بہ مسلم ليگي ھئي، اھڙي اُميد سان سکر جي بيدار مسلمانن منزلگاه جي سوال کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو وفد سر غلام حسين وٽ مڪو پر دستور موجب ھندن جو وزن ڳرو ھئڻ ڪري وڏو وزير مسلم ليگي بہ فيصلو نہ ڪري سگهيو. 22 مارچ 1938ع ۾ اتحاد پارٽيءَ جي ليڊرن مان خان بهادر الھہ بخش سومرو ڪانگريس پارٽيءَ جي مدد سان وزارت جون واڳون هٿ ڪيون.
الله بخش وزارت
الله بخش وزارت جي ڏينهن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڇڪتاڻ ھڪ طرف ھئي تہ مسئله منزلگاه جي فرقيوارانه فساد جا ڪڪر سکر جي آسمان تي چڪر ھڻي رھيا ھئا. جون 1938ع ۾ سر عبدالله ھارون پراونشل مسلم ليگ جو چيئرمن مقرر ٿيو. آگسٽ جي ٽئين ھفتي خان بهادر الله بخش مولانا ابوالڪلام آزاد، سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ ڪانگريس مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن کي مڪاني ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي رھبري ڪرڻ لاءِ گهرايو. اھي ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن رھي، حالتون ڏسي سواءِ فيصلي جي موٽي ويا.
مسلم ليگ ڪانفرنس
آڪٽوبر 1938ع ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. قائد اعظم جناح، سر سڪندر حيات خان، مولوي فضل حق ۽ ٻيا ڪيترا آل انڊيا مسلم ليگ جا مشهور ليڊر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. قائداعظم، سر عبدالله ھارون، راجا محمود آباد ۽ ٻيا ليڊر سکر آيا ۽ سکر مسلم ليگ پارٽي جا ميمبر نئين سر چونڊيا ويا. احمد علي عليگ، ميان نعمت الله قريشي، ڊاڪٽر محمد يامين صاحب، محمد صالح ڀُٽو، فقير محمد حسن، غلام نبي خان بروهي، سيد محبوب علي شاه، حافظ محمد صديق عبدالحميد خان وغيره. اتحاد پارٽي جو خاتمو ٿيو سر غلام حسين ليڊر ۽ مسٽر کهڙو سيڪريٽري چونڊيا ويا. مسٽر جي ـ ايم ـ سيد، مير بنده علي خان بہ ڪانفرنس جي موقعي تي حاضر ھئا. اٽڪل 24 مسلمان اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ جي مسودن تي صحيحون ڪيون، اڃا مس بہ ڪانہ سڪي ھئي تہ سر غلام حسين ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي خان، الله بخش وزارت ۾ وڃي شامل ٿيا. ڪانفرنس جي موقعي تي ھندو اخبارون مسلم ليگ خلاف دل کولي سخت پروپئگنڊا ڪرڻ لڳيون، جنهنڪري فرقه وارانه فساد لاءِ رستو صاف ٿيڻ لڳو.
اوم منڊلي ۽ ھنومان مندر
سال 1939ع ۾ ٻہ اھم واقعا ٿيا، اوم منڊلي جو آشرم جو ھندو بيواھن عورتن ۽ مصيبت زده ھندو زالن لاءِ ھڪ سنڌروڪي دادا ليکراج نالي ڌرمي ۽ اخلاقي تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ کوليو ويو. ھن درسگاهه ۾ ايتريون ھندو عورتون اچي گڏ ٿيون جو ڀائيبند ڪلاس جي ھندن کي پنهنجي گهرو زندگيءَ جي درھم برھم ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو. ھنن گهر ڪئي تہ حڪومت منڊلي تي بندش وجهي مگر مسلم ليگ ھن سوال تي غيرجانبداري اختيار ڪئي ۽ حڪومت سان بہ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، آخر ھندو پاڻ ۾ ٺهي ويا.
ڪراچي جي آرٽلري ميدان ۾ ھڪ ھندو ٻائي سواءِ اجازت وٺڻ جي ھڪڙو مندر تعمير ڪرايو هو. حڪومت مٿس منع نامو ڪڍيو پر ھندن شاهي سر گذشت ڪڍي حڪومت تي دٻاءُ وڌو. ھن معاملي ۾ بہ مسلمان غير جانبدار رهيا. هندن معاملو ٺاهي ڇڏيو. مگر مسجد منزلگاه جي واپسي ڪرڻ ۾ ميان الله بخش مسلمانن کي سکڻا دلاسا ڏيڻ لڳو.
حڪومت جي ناڪامي ۽ ريسٽوريشن ڪاميٽي
مارچ 1939ع کان اڳ ھن معاملي ۾ فقط سکر جا ماڻهو دلچسپي وٺندا ھئا ۽ ان کي صوبه وار اھميت حاصل نہ ھئي. ھينئر مسلمانن ڏٺو تہ ھندو جماعتون جهڙوڪ: ھندو مهاسڀا، ھندو پئنچائتون ۽ ساڌ ٻيلي جو مهنت ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا، تڏهن انجمن اتحادِ ملت ۽ انجمن اسلام جي ميمبرن گڏجي ريسٽوريشن ڪاميٽي ستياگره ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي، جنهن ۾ ھيٺيان ميمبر ھئا:ـ
احمد علي (عليگ) صاحب
سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ صاحب
حافظ محمد صديق صاحب
سيد محبوب علي شاه صاحب
مير غلام نبي خان صاحب بروهي
آغا نظر علي خان صاحب
ميان نعمت الله صاحب قريشي
حاجي گل خان صاحب
ڊاڪٽر محمد يامين قريشي
حڪيم عبدالحق عمدة الحڪماء
حڪيم تاج الدين صاحب
ماسٽر غلام سرور انصاري صدر مسلم ليگ ۽ ميونسپل ڪائونسلر.
نائب صدر مسلم ليگ.
” ” مسلم ليگ.
سيڪريٽري ريسٽوريشن ڪاميٽي.
ميمبر ريسٽوريشن ڪاميٽي ۽ ميونسپل ڪائونسلر.
سيڪريٽري مسلم ليگ ۽ ايڊيٽر سنڌ زميندار.
سيڪريٽري انجمنِ اسلام.
صدر مجلس اتحادِ ملت.
سيڪريٽري ۽ ايڊيٽر دعوتِ اسلام.
ميمبر.
محاسب انجمن اتحاد ملت.
معاون ڪاميٽي ٽيلر ماسٽر.
ريسٽوريشن ڪاميٽي مسجد منزلگاه جي سوال کي سنڌ مسلم ليگ جي حوالي ڪيو. جنهن جو چيئرمن سيٺ سر عبدالله ھارون ۽ سيڪريٽري خان بهادر کهڙو ھئا. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد دکن خلاف ھندن جا جٿا دکن ڏانهن روانا ٿيا ۽ سکر جي ھندن بہ جٿا روانه ڪيا. مسجد منزلگاه جو مسئلو خالص مذهبي ھو، جنهن جو سياسي پهلو ھو الله بخش وزارت کي ڪيرائڻ. تنهنڪري علماء ڪرام بہ مسجد کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ ٽپي پيا. مسلمان اخبارون خان بهادر الله بخش جي خلاف ليک شايع ڪرڻ لڳيون ۽ سکر جي اخبار دعوتِ اسلام کي روزانو ڪيو ويو[10].
8 آڪٽوبر 1939ع ۾ چيف پارليامينٽري سيڪريٽري استعيفا ڏني. سکر شهر فرقيوارانه فساد لاءِ ٻرندڙ جبل وانگي دونهون ڪڍڻ لڳو. جي ـ ايم ـ سيد صاحب مسلم ليگ ريسٽوريشن ڪاميٽي تي مقرر ٿيو، جنهن حڪومت کي پهرين آڪٽوبر 1939ع ستيا گره ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو، ڇاڪاڻ تہ حالتون نازڪ ٿيڻ لڳيون ھيون. ھندن ڀرچونڊي جي پير جي پٽ کي شهر ۾ سخت مار ڏني. مسلمانن ستياگره شروع ڪيو. ڪنهن شاھينگ ڀڳت ڪنور کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھندو سندس ڪائي کي مسجد منزلگاه واري رستي کان کڻي لنگهڻ جو ارادو ڪيو. نومبر 1939ع جي وچ ڌاري سکر جي ھندن ڊاڪٽر مونجي کي گهرائي ليڪچر ڏياريا. ھن واقعي ٻرندڙ باهه تي تيل ڇڙڪيو.
ستيا گره ۽ ھندو ـ مسلم فساد
19 نومبر 1939ع ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مسٽر ٽي ـ ٽي ڪوٺا والا مسجد منزلگاه کي والنٽيئر کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ والنٽيئر جي انڪار ڪرڻ تي پوليس لاٺي چارج ۽ ڳوڙھن آڻڻ واري گئس جا گولا اڇلايا ۽ مسجد تي پهرو بيهاريو ويو. مجاھدن عيدگاه کي ڪئمپ بنايو. شهر ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ۾ ھندو ـ مسلم فساد شروع ٿي ويا. الله بخش وزارت جا ھندن جي آڌار تي بيٺل ھئي، ڊھي پيئي. 18 مارچ 1940ع ۾ مير بنده علي خان وزارت جون واڳون سنڀاليون. ھندو ـ مسلم فساد ۾ مسلمانن کي وڌيڪ نقصان پهتو. يوروپين عملدار 110 قلم ھيٺ امن امان جي پردي پٺيان مسلمانن کي گرفتار ڪندا ويا. ڳوٺاڻا ڪورٽن ۾ نڌڻڪن وانگي دربدر ٿيا. ليڊرن ڪو بہ ٻوٽو ڪونہ ٻاريو. ڪي مسلمان شهر واسي خوف کان شهر ڇڏي سالن تائين گم رهيا. مسجد کي مسلمانن آزاد ڪرايو. خانبهادر الله بخش کي ڪنهن خبيث 14 مئي 1943 ع ۾ شڪارپور ۾ روالور ھڻي شهيد ڪري ڇڏيو.
حُرن جو انگريزن خلاف جهاد
نوجوان پير پاڳاري صبغت الله شاه دوم کي انگريزي حڪومت سکر ۾ ڪيس ھلائي اٺ سال سزا ڏني. ھن تاريخي ڪيس جي روئداد ڊاڪٽر محمد يامين صاحب ڪتاب جي صورت ۾ دعوت اسلام پريس سکر مان شايع ڪئي ھئي. پير صاحب کي انهيءَ سزا جي عرصي ۾ ھندوستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو ھو، جتي جيل جي زندگيءَ جون تڪليفون، آفيسرن جي نامناسب روش، سياسي انقلابين جي ملاقاتن ھن جي زندگيءَ تي گهڻو اثر ڪيو. جڏهن جيل کان ٻاھر نڪتو تہ انگريزن جو وڏو دشمن بنجي پيو. حر بغاوت ڪيتري قدر ملڪ ۾ پکڙيل ھئي، ان جو اندازو ھيٺين ڳالهين مان ڪري سگهبو.
سنڌ سرڪار جي طاقت کان امن امان رکڻ زور ٿي ويو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت کي ملٽري موڪلي سنڌ جي اٽڪل ويهه ھزار چورس ميل ايراضيءَ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري حڪومت ھلائڻي پيئي. مارشل لا ھڪ سال جي عرصي تائين قائم رھيو، جو دنيا جي موجوده دور ۾ ھڪ خاص مثال آھي. ذڪر ڪيل مارشل لا واري ايراضي ۾ گهڻي ڀاڱي رات جو ڪرفيو آرڊر رھيو.
سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي حرن 7 اپ ڪراچي ميل کي ڪيرائي وڌو، جنهنڪري ھڪ سال تائين ريلوي ٽرينون رات جو ھلائي نہ سگهبيون ھيون.
مسلح آھني موٽر ڪارون، ھوائي جهاز، پئرا شوٽون بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويا. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ھڪ وقت ٽيهه ھزارن کان مٿي فوجي رائفلن ۽ مشين گنن سان ھن تحريڪ کي دٻائڻ ۽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪم آندي وئي.
پير صاحب جي رھڻ جو مڪان پير ڳوٺ وارو ۽ سانگهڙ وارو بنگلو بارود سان تباهه ڪيو ويو ۽ پير صاحب جي ملڪيت ضبط ڪئي ويئي. سندس صاحبزادن کي جلا وطن ڪري ولايت موڪليو ويو ۽ پير صاحب جي گادي ختم ڪئي ويئي.
حرن جون اٽڪل 15 ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جن ۾ ھو نظربنديءَ جي مصيبتن جي زندگي گذارڻ لڳا. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ انهن ڪئمپن ۾ 12 ھزار ماڻهو رهايل ھئا. پير صاحب کي انگريزي حڪومت خلاف منظم بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ مارشل لا ڪورٽ اڳيان ڪيس ھلائي چوڻ ۾ اچي ٿو تہ سزاءِ موت ڏني ويئي. انگريزن جا ثناخوان ڇا بہ چون ليڪن اگر اسان انگريزن جي سنڌ تي قبضي کي غاصبانه تسلط سمجهون ٿا، تہ انهن جي ڀرخلاف ملڪ ۽ قوم خاطر بغاوت ڪرڻ ۽ لڙڻ بہ جهاد ۽ ثواب قبول ڪرڻو پوندوسون. انهيءَ ڪري پير صاحب جو تاريخ ۾ درجو مجاھد اعظم ۽ رئيس الاحرار جو ٿيندو، پر زماني جي بي قدري جي اھا حالت آھي تہ جيڪي ظالم سان مقابلو ڪن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ لڙن، تن کي گور ۽ ڪفن بہ نصيب نہ ٿئي، ۽ انهن جو نالو وٺڻ بہ ڏوهه سمجهيو وڃي ۽ جيڪي ملڪ کي غلام بنائڻ يا ان ۾ مدد ڪن، انهن کي وڏن لقبن سان ياد ڪري، انهن جون يادگارون قائم ڪيون وڃن ٿيون!
آزاديءَ کان پوءِ حڪومت پاڪستان شهيد پير صاحب جي صاحبزادن کيولايت کان گهرائي راشديه خاندان گاديءَ کي قائم ڪري حضرت پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاه ثاني جي دستاربندي جي رسم ادا ڪئي ۽ حرن کي آزادي ڏياري جنهنڪري حر پرامن زندگي بسر ڪري رھيا آھن. ايوبي حڪومت حرن جي ضبط ڪيل زمين کين موٽائي ڏيئي رھي آھي.
مهراڻ جي مستي
1944ع سال سکر جي تاريخ ۾ خاص اھميت وارو سال ھو. ھڪ طرف حرن جو جهاد ۽ مارشل لا جون عوام تي مصيبتون، ٻئي طرف اپر سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏن، جن جي ڪري 5 لکن ماڻهن تي مصيبت آئي ۽ اٺ ھزار چورس ميل ايراضي مهراڻ جي مستيءَ ڪري ٻوڏ ۾ آئي ۽ ملڪ کي ويهن ڪروڙن روپين جو نقصان پهتو.
بکر جي قلعي ۾ بئَرڪون
1931ع ۾ بکر جي قلعي ۾ ملٽري بئرڪون تعمير ڪرائي ملٽري رکي ويئي ڇاڪاڻ جو قلعو سنڌ جي سرحد تہ آھي. 1943ع ۾ نيم ملٽري پوليس ”سنڌ پوليس رينجرس“ کي قلعي ۾ رھايو ويو. تنهن کان پوءِ رزرو پوليس هٿياربند 1960ع تائين قلعي کي وسايو.
پاڪستان کان پوءِ سکر ميونسپالٽي
ھندن جي لڏپلاڻ ڪري سکر ميونسپالٽي جو انتظام 1948ع ۾ درھم برھم ٿي ويو. حڪومت پاڪستان انتظام کي درست ڪرڻ لاءِ ھڪڙي رٽائرڊ ڪليڪٽر مسٽر علي بخش چنا کي ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو، جنهن آگسٽ 1948ع ۾ عهدو سنڀاليو. 1950ع ۾ مسٽر چنا محمد حفيظ ميمڻ کي چارج ڏني. ھن ردوبدل ۾ مسٽر عبدالرزاق راز سکر ميونسپالٽيءَ جو پهريون مسلمان چيف آفيسر مقرر ٿيو، جنهن 1958ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعفا ڏني. مسٽر محمد حفيظ مارچ 1951ع تائين رھيو ۽ سندس جاءِ تي ماه ڊسمبر تائين مسٽر مظهر علي شيخ ايڊمنسٽريٽر رھيو ۽ 1952ع ۾ سيد قوت علي شاهه معصومي صدر چونڊيو ويو. تقسيم ھند کان اڳ سکر ميونسپل جي ميمبرن جو تعداد 38 ھو جيڪي ستن وارڊن مان چونڊبا ھئا. 1938ع کان اڳ ميونسپالٽي ميمبرن جو تعداد 45 ھو جن مان 38 چونڊيل ۽ ست ٿاڦيل ميمبرن جي رسم کي ختم ڪيو ويو. 1947ع ۾ ھندو ميمبر لکين روپيا کڻي ميونسپالٽي کي کوٽ ۾ وجهي ويا. ھندن جي هٿن ۾ واپار ھو سندن وڃڻ ڪري واپار بيجهي ويو. ميونسپل کي ڊپٽي ڪسٽوڊين پاران بہ مدد نہ ملي سگهي پر پوءِ واپار آھستي آھستي ترقي ڪرڻ لڳو. مسٽر چنا ايڊمنسٽريٽر جو نئين دفتر محمد علي ھال لڳ تعمير ڪرايو. حڪومت پاران کيس صلاحڪار ڪاميٽي ڏني ويئي. جنهن جو چيئرمن خان بهادر آغا نظام الدين ھو. 1952ع واريءَ چونڊ ۾ 36 ميمبر چونڊيا ويا. ھڪ ھندو ۽ ٻہ خواتين ميمبر ھئا. قوت علي شاه صدر ۽ مسٽر حامد حسين نائب صدر ٿيا. 1955ع ۾ سنڌ جي سياست ۾ ردوبدل ڪري ميان قوت علي شاه جي صدارت جو خاتمو ٿيو ۽ ڪليڪٽر مسٽر نصرت حسن سي ـ ايس ـ پي سکر ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيو جو برجستو عملدار ھو. مسٽر امير بخش شيخ ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر وٽس ھو. مسٽر نصرت حسن کان پوءِ مسٽر آفتاب احمد سي ـ ايس ـ پي ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ميان قوت علي شاه جي رٽ درخواست منظور ٿي ۽ ھو ٻيهر صدر ٿيو. بعد مارشل لا جاري ٿيڻ کان پوءِ نومبر 1958ع ۾ نوجوان سي ـ ايس ـ پي مسٽر ذاڪر حسين ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿي آيو.
عبدالرزاق کان پوءِ محمد نور الله چيف آفيسر ھو. 1960ع ۾ بنيادي جمهوريتن جي قائم ٿيڻ کان پوءِ شهر جي 9 يونين ڪاميٽين مان 9 ميمبر ميونسپل ڪاميٽيءَ لاءِ چونڊيا ويا ۽ مسٽر سرھيو چيف آفيسر ٿيو. ستت مسٽر امير بخش شيخ پي ـ سي ـ ايس سينئر آفيسر آڪٽوبر 1960ع ۾ مقرر ٿيو ۽ خواجه غلام نبي وائيس چيئرمن ٿيو. ھن واقعي کان پوءِ سکر ميونسپالٽي کي پهرين درجي ۾ آندو ويو، جنهن ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي واري عملدار محمد خان سومري کي ڊپٽي چيئرمن ڪيو ويو. سندس موڪل تي وڃڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽيءَ مٿان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر جمشيد رضا سي ـ ايس ـ پي چيئرمن جو عهدو سنڀاليو ـ شمس الدين ڇٺاڻي چيف آفيسر ٿيو ۽ آغا رفيق احمد سي ـ ايس ـ پي چيئرمن ٿيو ۽ اتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏنو. سندس ڏينهن ۾ معصوم شاهه لائبرري تعمير ٿي ۽ ايوب گيٽ ٺهيو ۽ ٽوئرسٽس ھوٽل جو بنياد پيو. مهراڻ مرڪز ابتدائي مرحلن ۾ ھو تہ آغا صاحب خير پور جو ڊي ـ سي بڻيو.
سکر ريلوي ڊويزن
سکر ڪراچي ريلوي ڊويزن ۾ شامل ھو، ھتي اسسٽنٽ ٽرانسپورٽ آفيسر رھڻ لڳو، پر پوءِ ڪم جي وڌي وڃڻ ڪري ريلوي کاتي سکر ڊويزن ڌار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڊويزن جي ملازمن لاءِ نوان ڪوارٽر تعمير ٿيا. پهريان ريلوي جو ارادو ھو تہ بکر جي قلعي جي بئرڪن کي دفتر ڪيو وڃي، جيسين نئين ڊويزنل عمارت تعمير ٿي. بعد ۾ سکر ورڪشاپ جا 1930 کان خالي پئي آھي، تنهن جي ڪيرج شاپ ۾ عارضي دفتر کوليو ويو. اپريل 1963ع ۾ نئين ڊويزن ڪم شروع ڪندي.
________________________________________
[1] شيخ عبدالرزاق راز: سکر قديم ۽ جديد ص 156 – 157.
نوٽ: 1920ع ۾ ڪانگريس جي ڪلڪته واري اجلاس ۾ ڪانگريس مانٽيگو – چيلمسوفورڊ رفام ۽ جليانوالا ڪوس جي جاچ جي مذمت ڪرڻ سان گڏ قطع تعلقات جو فيصلو ڪيو ھو.
[2] شڌي ۽ سنگهٽن جي مفصل بيان لاءِ ڏسو منهنجو مضمون ”شڌي ۽ سنگهٽن جي تاريخ“ نواءِ سنڌ 7 فبروري 1954ع ڪراچي. شڌي ۽ سنگهٽن جي زماني ۾ ھندن باگڙجي ريلوي اسٽيشن تي مولانا تاج محمود صاحب کي مارڻ لاءِ حملو ڪيو ھو ۽ تبليغ متعلق مٿن ٻہ مقدما داخل ڪيا پر فتح ھن بزرگ جي ٿي.
[3] الوحيد اسپيشل نمبر سنڌ آزاد ص 41 – 43، جون 1936ع ڪراچي.
[4] رولٽ بل جي ھندوستانين مخالفت ڪئي، 13ـ اپريل 1919ع ۾ جلان والا باغ ۾ وڏو اجتماع ٿيو جنرل ڊيئر ماڻهن تي گولين ھلائڻ جو حڪم ڏنو 379 ماڻهو قتل ٿيا ۽ 1200 زخمي ٿيا جمله 1650 رائونڊ ڇوڙيا ويا ھئا. پروفيسر دربارا سنگهم: دي انڊين نيشن ص 164.
[5] رولٽ ڪاميٽي رپورٽ ص 226 – 241.
[6] روزانه اخبار جنگ ”“يوم پاڪستان نمبر 24 مارچ 1963ع ص 8، ڪراچي.
[7] ڏسو منهنجو مضمون ”ابيات سنڌي ۽ مسٽر ڀيرو مل جا خط“ روزاني الوحيد 13 جنوري 1940ع ڪراچي.
[8] نوٽ: 1930ع واري فساد ۾ حڪومت پاران ريلوي کاتي جا فوجي والنٽيئر هٿيارن سان شهر جي گلين ۾ گشت ڪرڻ لڳا، اھي والنٽيئر گورا ھئا، مسٽر ڪو ريلوي ورڪشاپ جو لوڪو آفيسر ھن دستي مٿان نگراني ڪري رھيو ھو.
[9] سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي عليحدگي جي تاريخ الوحيد سنڌ آزاد نمبر ص 115 – 117 ڪراچي 1936ع .
[10] راقم جا 3 مضمون ”خان بهادر الله بخش جي غلط پاليسي“ جي عنوان سان ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ شايع ٿيا ھئا.
باب چوڏهون: سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻهو
سادات ڪرام
اسلام جي ڪاهه کان پوءِ بکر ۽ سکر بعد ۾ روھڙي سادات ڪرام جو وطن بنجي ويا. بکر ۽ سکر کي خاص طور مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب تحفته الڪرام ۾ ”اوليائن جي کاڻ“ يعني ”مدينته الاولياء“ جي لقب سان لکيو آھي ۽ سادات ڪرام جي روحاني فيض ۽ علوم جي ڪري، ھي شهر ھر صدي سنڌ جي درسگاه رھندو آيو ۽ اڄ تائين علمن جو مرڪز آھي. ھتي جون خانقاھون، گنبذ ۽ منارا ساداتن جون يادگارون ۽ آخري آرامگاھون آھن. ڪي نشان ۽ عمارتون ته صفا مٽجي ويون آھن ۽ اوليائن جي قبرستانن ۾ ڪارخانا کلي رهيا آھن. جيڪڏهن محڪمي آثار قديمه پورو توجهه ڪونه ڏنو ته رهيل نشان به مٽجي ويندا.
رضوي
سکر ۾ جيڪي سادات موجود آھن، تن مان رضوي سڀني کان جهونا آهن. مير محمد مڪي رضوين جو ڏاڏو مير محمد مڪي رح ڪليڪٽر جي بنگلي ھيٺيان ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، جنهن جي دعا سان ھن علم ۽ روحانيت جي فيضستان تي بکر نالو پيو. سيد حيدر حقاني، مير ميران، مير جان محمد ۽ مير جان الله جي روھڙي شهر ۾ آرامي آهن ۽ رضوي پير جو اولاد آهن. شاه بيگ ارغون 1521ع ۾ بکر جي رضوي ساداتن کي روھڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون ۽ اڄ تائين ڪوٽائي سيد ڪوٺجن ٿا. انهن ڪوٽائي سيدن مان سيد مير يعقوب خان متوفي 1091 هه ـ 1081 هه کان 1085 هه تائين مغلن جي عالمگيري دور ۾ بکر مٿان نواب ھو. انهن ڪوٽائي سيدن جي ڏاڏي سيد صدر الدين جي خانقاه بکر جي قلعي اندر موجود آهي ۽ اها خانقاه بيحد فيض ۽ برڪت واري آهي. رضوي پير جو اولاد ھندستان، يو ـ پي ۽ سنڌ ۾ نصرپور تائين پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪوٽائي سيدن جي ڪوٽ وٽ جنهن جامع مسجد جا نشان موجود آهن، سا نواب مير يعقوب خان 1677ع ۾ جوڙائي ھئي. رضوين جو شجرو سيد محمد مڪي جي بيان ۾ ڏيکاري آيا آهيون[1].
بخاري
ھندستان جا سمورا بخاري سادات سيد جلال الملت والدين جلال الدين سرخ بخاري رحه بن ابي المويد علي بن جعفر بن محمد بن محمود بن احمد عبدالله بن علي اصغر بن عبدالله جعفر ابن امام علي نقي عليه السلام[2]. پاڻ مادرزاد ولي الله ھئا. کين 3 فرزند ھئا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد الدين، (3) سيد محمد، سيد سرخ بخاري سيد بدرالدين رضوي جي دختر نيڪ احتر سان شادي ڪئي ھئي. بخارا کان سڌو بکر آيو ھو ۽ پوءِ قبته الاسلام ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتان جي دستِ مبارڪ تي بيعت ڪري خرقو خلافت ڍڪيائين. سکر بخاري ساداتن جو قديم وطن هو، تنهنڪري گهڻائي بخاري پير هن شهر ۾ آرامي آهن. جهڙوڪ مخدوم نوح بخاري، جو قلعي بکر اندر ستل آهي، سيد سومر شاه، سيد لقا شاه، سيد بقا شاه وغيره جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون.
سيد علي رضا شاهه
سيد علي رضا شاه ولد مولا داد شاه بخاري جا وڏا ملتان کان آيا. علي رضا شاه اسسٽنٽ سول سرجن هاڻ رٽائرڊ غريب آباد ۾ رهي ٿو. خانگي اسپتال ۽ ملڪيت اٿس. راقم جو هم مڪتب دوست آهي. شاه صاحب جو ننڍو ڀاءُ سيد باقر علي شاه روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ مڪينڪ آهي.
سيد پير علي شاه
سيد پير علي شاه بخاري جو والد پير حسين شاه ملتان ۾ مريدن وارو هو. سيد پير علي شاه گهرو تڪرار سبب 1889 ع ۾ سکر اچي حڪمت ڪرڻ لڳو. راقم جي وڏن جا پير صاحب سان دوستانه تعلقات ھئا. پير علي شاه يوناني طب جو جراح مڃيل طبيب ھو. غريب آباد جو حڪيم ھاسومل پير صاحب جو شاگرد ھو. شاهه صاحب ريلوي لوڪو ورڪشاپ مان چارج مئن جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو ۽ 1929 ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ پٽ پير غربت علي شاه هينئر نابينا آهي ۽ سندس ٻيو پٽ سيد رحمت علي شاه پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي.
سيد قاسم علي شاه
پير قاسم علي شاه نقوي پرهيزگار بزرگ هو. سندس تعويذن ۾ اڪثر مسيحائي اعجاز هو. اڪثر بيمار وٽائنس تعويذ وٺندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سکر شهر ۾ بينجامن غوث علي شاه ميونسپل اسپتال جو ڊاڪٽر هو ۽ ٻيو سول سرجن سکر هو. ماڻهو انهن ڏينهن ۾ انگريزي دوائن کان پرهيز ڪندا هئا ۽ وري ايتريون بيماريون ئي نه هيون. ماڻهو اڪثر تعويذ وٺندا هئا.
سيد نور شاه
پير قاسم علي شاه جو پٽ هو ۽ واري تڙ واري امام بارگاه جو پيش امام هو. 1962 ع ۾ نماز جي سجدي ۾ سندس روح پرواز ڪري ويو. پير قاسم علي شاه جي ڪٽنب مان هن وقت سندس ناٺي پير حسين شاه موجود آهي.
سيد سردار علي شاه
سيد سردار علي شاه جي زندگي سبق آموز آهي. پنجاب کان سکر پهچي ريلوي ورڪشاپ ۾ نوڪر ٿيو. ڪم سکڻ کان پوءِ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري ڪجهه وقت هڪڙي ھندو سيٺ جو برف شاپ معقول پگهار تي هلائڻ لڳو. بعد ۾ ڊيملا مِل جي سامهون ڍلائي ۽ خراد جو ڪارخانو کوليائين جيڪو اڄ سوڌو سندس پوٽا هلائين ٿا. پير صاحب جو ڪارخانو پنهنجي قسم جو سکر ۾ پهريون ڪارخانو هو جنهن ۾ ماڻهو ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آتوار جو سڄو ڏينهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا ۽ سکندا هئا. شاه صاحب خوش خلق، فياض ۽ مرنجان مرنج هو، حڪمت جو ڄاڻو ۽ ڪتبخانو به وٽس هو. سير ۽ سياحت سان دلچسپي رکندو هو. ڪڏهن ڪشمير جي مرغ زارن ۾ گل سنگهندو هو ته ڪڏهن بغداد ۽ دمشق جا ديدار ڪندو هو. زندگي ڪئين ٺاهجي اهو مثال پيش ڪري ويو. حڪمت جي لحاظ سان کيس ڪي صدري نسخا ياد هئا. خدا بخشيس عجيب آزاد مرد هو.
پير محبوب علي شاهه
سيد سردار علي شاهه کي ٻه پٽ ھئا، محبوب علي شاهه ۽ ناصر علي شاهه. محبوب علي شاهه جواني ۾ سياست جي خاردار وادي ۾ پير پاتو. پنهنجي بلڊنگ جي ھڪ ڪمري کي خلافت جو دفتر ڪيو هئائين ۽ ڪارخاني جي احاطي اندر هندستان جي چوٽيءَ جي ليڊرن کي گهرائي ليڪچر ڏياريندو هو. سندس ڪوشش سان مولوي تاج محمد احمدپور شرقيه وارو خلافت تحريڪ جي تبليغ ڪرڻ لاءِ مقرر هو. هڪ دفعي مولانا ظفر علي خان کي اچڻ لاءِ دعوت نامون موڪليائين. مولانا ذاتي مصروفيتن جي ڪري معذرت نامون موڪليو ته سيد محبوب علي شاهه مولانا جي نالي ڪوڙو وارنٽ ڪڍايو ۽ مولانا صاحب کي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻو پيو ۽ سکر واسين کي ليڪچر ٻڌڻ جو موقعو مليو. 30ـ 1931 ع ۾ مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام ۽ حبيب الرحمان لڌيانوي ليڪچر ڏيڻ آيا هئا. محبوب علي شاهه جو هڪڙو پٽ سيشن جج آهي. سکر جي سماجي ورڪرن ۾ محبوب علي شاهه جو نالو سرفهرست رهندو. اڄڪلهه شاهه صاحب آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. گهڻو وقت ميونسپل ڪائونسلر رهيو.
معصومي
سيد صفائي معصومين جي جداعليٰ ۽ سندس فرزند مير محمد معصوم عرف نظام الدين جو احوال اڳ ڏيئي آيا آهيون. سيد صفائي سکر جو شيخ الاسلام هو ۽ سندس لائق فرزند مير معصوم نواب، معمار، شاعر، طبيب، موءرخ ٿي گذريو آهي.
مير بزرگ
مير بزرگ بن مير محمد معصوم پيءَ جي مناري جي ڪم کي پورو ڪرايو.پڻس هن لاءِ چاليهه لک روپيا ڇڏي ويو هو. مير محمد معصوم پٽ جي تعليم لاءِ تاريخ معصومي لکي ويو جا سنڌ جي مشهور تاريخ آهي.
مير محمد ذڪريا ۽ اسدالله
ٻئي صاحب مير محمد معصوم جا پوٽا آهن. مير اسدالله متخلص ساقي شاعر بيبڊل هو. شاه خيرالدين جي گنبذ جي پيشاني تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي سو حضرت ساقي جو چيل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي سان سندس ملاقات ٿي هئي. مير محمد ذڪريا، شاه خير الدين گيلانيءَ جو مريد هو.
مير ثابت علي شاهه
معصومي ساداتن مان پويون بزرگ هو، جو ڪمشنر سنڌ جو درباري هو. شاهه صاحب پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو.
سيد قنبر علي شاهه
سکر ۾ سنڌي اسڪول جو سينئر ماستر هو، جنهن کي هيڊ ماستر آخوند فقير محمد صديقيءَ ٻاراڻي ڪلاس جي ماستري ڏني هئي. قنبر علي شاهه خوش نويسي ۽ ستار وڄائڻ ڪري مشهور هو. ٻاراڻي ڪلاس جي نصاب ۾ جيڪو بمبئي تعليم کاتي منظور ڪيو هو، تنهن ۾ الف اک لکيل هو. قنبر علي شاهه حڪم ڏنو ته الف الله پڙهو ۽ پنهنجي قلم سان شاگردن جي ڪتابن تي اک ڊاهي الف لکيائين، جنهن تي مشن جي عيسائي ميڊم گوڙ ڪيو، پر ميان قنبر علي شاهه پنهنجي حڪم تان نه مڙيو. آخر ديوان چتر ڀوڄ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر انڪوائري ڪرڻ آيو ۽ ميان جي حڪم جي تائيد ڪري ويو. وري جڏهن ائنگلوور نيڪيولر اسڪول جي هيڊ ماستر ديوان بهارسنگهه شڪايت ڪئي ته سنڌي چوٿين درجي مان ڇوڪرا جيڪي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي پيره ڪچي ٿئي ٿي، تنهن تي هيڊ ماستر ميان فقير محمد شاهه صاحب کي چوٿين درجي تي رکيو.
سيد سبحان علي شاهه
پراڻي وضع قطع جو هي معصومي بزرگ سکر ميونسپالٽي پاران وڪٽوريا مارڪيٽ مٿان انسڪپيٽر هو. مارڪيٽ جي اوڀر واري وڏي دروازي جي ڀر ۾ وڏي رعب سان صندل تي ويهندو هو. هميشه وٽس بيد جو لڪڻ رهندو هو. ڪوبه شهري مارڪيٽ جي دڪاندار خلاف وٽس شڪايت ڪندو هو ته مجرم جي پهريان بيد جي لڪڻ سان آجيان ڪندو هو. وٽس ڀنگين جو هڪ دستو رهندو هو. شاه صاحب صبح جو ڀاڄين، ميون وارن جون شيون چڪاسيندو هو، جيڪا شيءَ خراب ڏسندو هو ڀنگين معرفت درياهه ۾ اڇلارائي ڇڏيندو هو.
سيد قوت علي شاهه
آزادي کان پوءِ ٻه دفعا سکر ميونسپالٽي جو صدر رهيو. هن وقت لئنڊلارڊ آهي.
سيد امير علي
اوور سيئر آهي پر سنڌ جي قادرڪلام شاعرن ۾ سندس شمار آهي. سکر ادبي سنگت جو ميمبر آهي.
سيد منور علي شاهه
سيد منور علي شاهه سکر جو مشهور راڳيندڙ ۽ ريڊيوسنگر آهي. وٽس طب نامي جا ڪي رسالا موجود آهن.
ميرڪي
سکر جا ميرڪي سادات به معصومين وانگر مشهور آهن. سندن ڏاڏو ميرڪ بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهي ۽ ڀاڻس ميرڪ شيخ محمود شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ ميرڪ بايزيد سکر مٿان شيخ مقرر ٿيو. هن سکر ۾ هڪ درسگاهه کولي هئي، جنهن ۾ جاميٽري جي تعليم ملندي هئي. سنڌ ۾ هي پهريون مدرسو هو، جتي اقليدس جي تعليم پهريون دفعو رائج ٿي هئي. ميرڪ محمود پوراني ٺٽي ۾ رهڻ لڳو. ميرڪ بايزيد جو فرزند مير عبدالباقي وقت جو قطب ٿي گذريو آهي. افسوس ! هن خاندان جو قبرستان گهڻي ڀاڱي ڊهي ويو آهي. اڳ عبدالرشيد باغ کان وٺي ويندي بندر ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين تائين ميرڪين جو قبرستان هو. مير عبدالباقي جي مقبري پٺيان ٽڪريءَ تي به قبرون اڃا موجود آهن پر خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙن بزرگن جون آهن. ڪي گمنام قبرون غازي عبدالرشيد باغ ۽ سکر اسٽيڊيم جي اوڀرندي ڪنڊ تي گمنام موجود آهن. ڪي عمارتون ميرڪين جي قبرستان جون عبرت انگريز هيون جيئن حرامي ۽ حلالي جي منارهه نما عمارت جا ڊٺل مسجد جي ڀر ۾ 1903ع تائين راقم موجود ڏٺي جا پوءِ ڊهي ويئي. چون ٿا ته حلالي هن عمارت اندران لنگهي سگهندو هو ۽ حرامي لنگهي نه سگهندو هو. سيد قوت علي شاهه صاحب پنهنجي ميونسپل جي صدارت جي ڏينهن ۾ ڪن قبرن جي مرمت ڪرائي هئي. ميرڪي سادات به معصومين وانگر نوابن جي خطاب سان بهر مند هئا.
مير عبدالله
ميرڪ عبدالله شاهجهاني دور ۾ دهلي ۾ ”عهده عرص مڪرر“ تي فائز هو، جو معتمد ۽ مقرب کي ڏنو ويندو هو. ميرڪ عبدالله ولد ميرڪ عبدالباقي سمورو زندگيءَ جو عرصو هندوستان ۽ سرڪاري عهدن تي ممتاز رهيو مثلاً 1004هه ڌاري لاهور، 1008هه ۾ آگرهه، 1010هه جونپور ۽ 1013هه الله آباد ۾ شيخ السلام جي عهدي تي جلوه گر نظر اچي ٿو. 1641ع ۾ شاهجهان کيس پني عاقل ۾ جاگير ڏني هئي. ميرڪ عبدالله 1023هه ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ 1051هه ۾ وفات ڪيائين سندس قبر ڪٿي آهي. اهو سوال حل ڪرڻ محال آهي.
مير عبدالاول
ميرڪ عبدالباقي جو پوٽو، سکر جو شيخ الا سلام ٿي گذريو آهي متوفي 1093هه . نواب مير يعقوب رضوي جو همعصر هو. اورنگيزيب 1661هه ۾ کيس کڏهري تعلقي روهڙي ۾ جاگير ڏني هئي.
مير غلام علي شاهه
مير غلام علي شاهه ولادت 1222هه وفات 1282هه وڏو جاگيردار هو. سندس جاگير ۾ سکر نئون، سکر پراڻو، ٻنڊي، ڌاريجا، قادرپور، کڏهري، علي واهڻ، صرفو، نصير آباد ۽ وٽار هئا.مير صاحب کي چئن ديرن مان چار پٽ هئا:
(1) مير ڏتل شاهه، (2) مير قادر بخش شاهه، (3) مير قلندر بخش شاهه، (4) مير ذولفقار علي شاهه، پڳ جو مالڪ مير ڏتل شاهه هو، جو مير علي مراد خان جو همعصر هو.
مير ڏتل شاهه
ولادت 1249هه. مير صاحب طلائي ۽ نقرئي سنجن وارن گهوڙن تي سواري ڪندو هو. دٻدٻي جي هيءَ حالت هئي جو هڪ دفعي هزهائينس مير علي مراد خان کيس دعوت نامو مڪو هو. مير ڏتل شاهه جواب ۾ لکي مڪس ته تون به مير آءٌ به مير پر مان سادات آهيان تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته توهين منهنجي دعوت قبول ڪيو. مير صاحب وٽ ايتريون مينهون هيون جو شمار کان ٻاهر هيون ۽ ڪيتريون ته جهنگلي ٿي ويون هيون. مير صاحب جي پلنگ جا پاوا نقرئي هئا. نئين سکر ۾ ليمجي ۽ ڇپريءَ جون جايون ۽ سکر ضلعي جو وڏو حصومير صاحب جون ملڪيتون هيون. مير صاحب جي روڪڙ جي موڙي سکر پراڻي جي مکي سيٺ ڏيونداس وٽ امانت رکيل هئي، جا سموري سيٺ ڏيونداس ڦٻائي ڏيوالو ڪڍيو.مير صاحب غلطي ڪري سموري جائداد اسٽامپن تي لکرائي پنهنجن دوستن کي ورهائي ڏني، ان خوف کان ته ڍل پيارڻ کان بچي وڃي. مگر دوستن جائداد ڦٻائي ورتي، اهي وڏا زميندار بنجي ويا ۽ ميرڪي سادات ڪرام جائداد کان محروم رهجي ويا. 9 محرم الحرام 1892ع ۾ مسلمانن تابوت ڪڍيو. ماتامين سان سکر جو فوجدار گهوڙي تي چڙهيل ساڻ هو. ماتامين اعتراض ڪري فوجدار کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو، پر هن رعب سان انڪار ڪيو. جنهن تي ماتامين هن کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرائي خوب مار ڏني ۽ هن جي هڪ اک نڪري ويئي. ماتامين کي مير ڏتل شاه سميت گرفتار ڪيو ويو، حالانڪ هو پيرسن هو.ڪيس هلڻ کان پوءِ ملزمن کي مير صاحب سميت حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. سندس ڀائرن مان مير قلندر بخش شاه هڪڙو خط هز هائينس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان ولد مير محمد نصير خان (1851ع کان 1924ع) ڏانهن لکي موڪليو. مير صاحب گدو جي ٽنڊي کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ طرف درياه جي ڪپ تي رهندو هو ۽ وڏي پڄندي وارو فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ به هو. مير عبدالحسين سانگي صاحب بمبئي جي گورنر ڏانهن سفارش جو خط مڪو ۽ مير ڏتل شاه آزاد ٿي سکر پهتو ۽ مارڪيٽ پويان پنهنجي وچ شهر واري اوتاري ۾ رهڻ لڳو. هندو سيٺين اوتاري لاءِ کيس هڪ لک روپين جي آڇ ڪئي هئي پر مير صاحب انڪار ڪيو. راقم مير ڏتل شاه کي اوتاري ۾ درويشي حال ۾ ڏٺو هو.فقير جڳت علي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندو هو. انهيءَ حالت ۾ 17 رمضان 1322هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سکر بسڪيٽ فئڪٽري جي سامهون ريل جي پٽي جي هن ڀر ميرڪين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. قبر جو تعويذ ميٽائي پٿر جو آهي، جنهن تي آيتون ۽ عبرت انگيز رباعيون لکيل آهن.مٿس هر سال ميلو لڳندو هو پر هينئر خاموشي ڇانيل آهي.
مير قلندر بخش شاه
ميرڪ قلندر بخش شاه موروثي جاگير جائداد لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڪپتان مارسٽين مير صاحب کي گذر سفر لاءِ هڪ سوء جريب زمين ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ قسم جي بندوق ڏني.
مير غلام مصطفيٰ شاه
ميرڪ غلام مصطفيٰ شاه ميرڪ قلندر بخش جو پوٽو هڪ زميندار ۽ سنڌي اسڪول سکر پراڻي جو هيڊماستر آهي،مير صاحب وٽ سندس وڏن جو سمورو رڪارڊ شجرن سميت موجود آهي، جيڪڏهن ان کي مرتب ڪيو وڃي ته ميرڪي ساداتن جي تاريخ جو بي نظير نسخو تيار ٿي سگهي ٿو.
مير محمد شاه
ڇپري ۾ سندس عاليشان اوتارو آهي جنهن ۾ سندس مزار آهي. ڀُٽا سندس مريد هئا. هر سال محرم ۾ تابوت نڪري ٿو[3].
گيلاني
گيلاني بزرگن مان پهريون بزرگ جنهن سکر ۾ فيض جاري ڪيو، سو شاهه خيرالله عرف شاهه خيرالدين قادري 911 هه ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ 14 ورهيه مدينه طيبه ۾ تعليم حاصل ڪري 33 ورهيه سير ڪري هالڪنڊي ۾ مخدوم نوح قدس سره ۽ سندس خليفي شاه عبدالڪريم بلڙائي کان فيض حاصل ڪري سکر ۾ منزل ڪيائين.چالهين ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ لڳو ۽ ٻارهن دفعا حج ڪيائين. سکر ۾ 116 ورهين جي ڄمار ۾ لاولد 1027هه مطابق 1617ع ۾ وفات ڪيائين. سندس روضو سکر پراڻي ۾ آهي.اڳ هر ماه چنڊ جي 11تاريخ رات جو مٿس ميلو لڳندو هو.قبو ميان غلام محمد مجاور 1660ع ۾ تعمير ڪرايو.
نئَين سکر جا گيلاني
ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي راڄ ۾ بغداد شريف کان حضرت پيران پير شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان ٻه ڀائر محمد شاه ۽ احمد شاه جي نالي سنڌ ۾ آيا، پر خديو سنڌ ميان غلام شاه خان صمصام الدوله کين رهڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هو ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن.ميان غلام شاه جي وفات کان پوءِ اهي ٻئي ڀائر وري آيا ۽ سڌا کهڙن جي مخدوم احمديءَ صاحب جا مهمان ٿيا ۽ پورو سال وٽس رهيا.پوءِ مخدوم ميان احمديءَ گمبٽ ۽ راڻي پور جي زميندارن کي گهرائي کانئن جايون وٺي، وڏي پير ميان محمد شاه کي گمبٽ ۾ ۽ ننڍي پير ميان احمد شاه کي راڻيپور ۾ ويهاريو.اڄ تائين ٻنهي پيرن جو جيلاني (گيلاني)خاندان گمبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي[4]. سکر جا گيلاني سادات محمد شاه جو اولاد آهن.سيد محمد شاه جي قبر ڳوٺ وس ڀرسان ڳوٺ ڪنبوءَ ۾ آهي.
پير غلام شاه
سکر جي جيلاني ساداتن جو ڏاڏو پير غلام شاه سکر ۾ پيري مريدي جي مسند قائم ڪئي.سندس قبر مناري جي سامهون واري ڊٺل ملٽري بنگلي جي ڀر ۾ آهي.
سيد غوث علي شاه
متوفي 1905ع ۾ شيخ عبدالرزاق پنهنجي ڪتابچي ۾ هن کي پنجاب کان آيل ڏيکاري ٿو، جو غلط آهي. سيد غلام شاه کان پوءِ پير غوث علي شاه پيري مريدي جي سلسلي کي زور وٺرايو ۽ ۽ سکر ميونسپالٽي جو لائيف هو. صاحب جو سکر شهر ۾ ايترو رسوخ هو، جو پنهنجي گهراڻي جي شخص يا ڪنهن به شهري ماڻهوءَ کي ميونسپالٽي جي ميمبري لاءِ کڙو ڪندو هو ته چونڊن ۾ سواءِ مخالفت جي ڪامياب ٿيندو هو. سکر جا قديم رهاڪو ڀٽا سندس مريد ۽ معتقد هئا. پير صاحب وڏي شخصيت وارا ۽ پرهيز گار هئا. سندن سکر ۾ وڏي ملڪيت کان سواءِ ضلع جي هر هڪ تعلقي ۾ زمينون ۽ مريد هئا. سکر ميونسپل مناري هيٺان اسپتال تي غوث علي شاهه اسپتال نالو رکيو ويو.
پير ڪرم علي شاه
سيد غوث علي شاه کان پوءِ مسندنشين ٿيا. پنجاهه سالن تائين ميونسپالٽيءَ جا اليڪٽيڊ ميمبر ۽ آرنري مئجسٽريٽ، انجمن اسلام جا صدر ۽ اوقاف کاتي جا به صدر هئا. پير صاحب راقم جو دلي دوست هو ۽ سندس رسوخ شهر ۾ ايترو هو جو سندس گهراڻي مان چار ميمبر يڪايڪ ميونسپالٽي ۾ چونڊيا هئا. پهرين عالمگير جنگ ۾ انگريز سرڪار کي رڪروٽ ڀرتي ڪري ڏيندا رهيا. هي خاندان هميشه حڪومت سان وفادار رهندو آهي. پير ڪرم علي شاه کي چار پٽ آهن: (1) مرحوم سيد قوت علي شاه (2) سيد بهادر علي شاه (ميمبر مدرسه بورڊ ڪاميٽي) (3) سيد تراب علي شاه (4) سيد اُميد علي شاه. پيءُ جي جيئري ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي ۽ ميان ڪرم علي شاه جي وفات کان پوءِ ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي ڌار ڌار ٿي ويا. سکر ميونسپل اسپتال کان جيڪو رستو شمس آباد ڏانهن وڃي ٿو اڳ جيلاني روڊ سڏبو هو. جانورن جي اسپتال پٺيان اوتارو ميان همت علي شاه جي بيٺڪ هئي. جانورن جي اسپتال کان وٺي شمس آباد جي حفيظ ٽاڪيز تائين ميان ڪرم علي شاه جو باغ مشهور هو، جو اڄ به باغ ڪوارٽر سڏجي ٿو. سيد بهادر علي شاه 1930ع کان 1950ع تائين ميونسپل ڪائونسلر رهيو. پئراڊائيز سئنيما ۾ سندس حصو ۽ احاطو آهي. کيس چار پيٽ هئا: (1) زين العابدين شاهه (2) محبوب علي شاهه (3) مظهر علي شاهه (4) سرفراز علي شاهه. سيد تراب علي شاهه کي مناره هيٺ جايون آهن، کيس ٻه پٽ آهن: (1) هدايت علي شاهه (2) محڪم علي شاهه. سيد قوت علي شاهه حڪمت جو ڄاڻو هو کيس ٻه پٽ هئا: 1- حاجن علي شاهه، 2- ثابت علي شاهه. سيد اُميد علي شاهه کي خيرپور جي سئنيما آهي ۽ هڪ پٽ جاويد علي شاهه.
پيرزادا
سکر پراڻي جا پيرزادا شاهه خيرالدين جي خليفي ميان جمال الدين جو اولاد آهن. ماءُ طرفان ميان الدين 1605ع ڌاري سکر پراڻي ۾ اچي ويٺو. انهن پيرزادن مان ميان غلام محمد جو اديب هو، 1670ع ۾ شاهه خيرالدين جو ڪاشيءَ جو گنبذ اڏايو. هاڻوڪا پيرزادا پيءُ طرفان ميان شير محمد جي نسل مان آهن جو پنهنجي ڀاءُ ميان غلام جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو هو.
ميان عبدالرحمان
1860ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم خانقاه واري مدرسي مان حاصل ڪري سکر پراڻي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ميان عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو انجمن اسلام جيڪا پير غوث علي شاهه قائم ڪئي هئي. ان جو ميمبر هو. سکر ضلع مدرسه بورڊ جو پايو وجهندڙ ۽ بعد ۾ بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ عيد گاه جي تعمير ۾ سندس هٿ هو. سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو ۽ 1962ع کان ٻه دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. سکر جي جهونن ليڊرن مان هندو توڙي مسلمانن جو مڃيل ليڊر هو. 1892ع ۽ 1930ع ۾ سکر ۾ جيڪي هندو مسلم فساد ٿيا، انهن موقعن تي ميان عبدالرحمان پيرزادي جي همت ڪري سکر پراڻي ۾ امن امان رهيو. 1939ع واري موقعي ته سندس تقريرن چڱو اثر وڌو ۽ مسجد منزلگاهه جي سوال تي هن پبلڪ جي رهنمائي ڪئي. هن وفات 1942ع ۾ ڪئي. سندس ڀاءُ پيرزادو عبدالغفار بئريسٽر هو ۽ سندس فرزند عبدالستار بئريسٽر 1936ع ۾ بمبئي کان سنڌ ڌار ٿيڻ وقت الله بخش وزارت ۾ وزير ٿيو ۽ 1958ع ۾ انقلاب اچڻ کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير هو. سندس پٽ ميان عبدالحفيظ به بئريسٽر آهي، جو 1962ع ۾ صوبائي ڪائونسل لاءِ اميد وار بيٺو هو، پيرزادا وڏا زميندار آهن.
صديقي
سکر پراڻي ۽ نئين جا صديقي غازي محمد بن قاسم جي دور اسلامي ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ فتح اروڙ کان پوءِ تختگاهه شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. اروڙ جي ويراني کان پوءِ سکر پراڻي جي دٻي واري حصي ۾ مستقل طور رهڻ لڳا ۽ درس ۽ تدريس جو ڌنڌو اختيار ڪيائون. اهڙي علمي فضيلت ڪري ”آخوند“ جي لقب سان مشهور ٿيا. عيدن تي امامت جا فرائض بجا آڻيندا هئا ۽ پڻ قضا جي ممتاز عهدن تي به فائز رهندا آيا. اهڙن علمي ڪارنامن جي ڪري وقت جي حاڪمن وٽ کين عزت حاصل هئي ۽ فڪر معاش کان آزاد هئا.
آخوند محمد پنڃل
آخوند محمد بچل جو پيءُ آخوند محمد متو جيد عالم هئڻ کان سواءِ وڏي ملڪيت جو مالڪ هو. آخوند محمد پنڃل سکر جو قاضي ۽ سرڪاري سب رجسٽرار به هو. پيدائش جو اڌ سرڪار کان کيس ملندو هو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر ٿيو.
آخوند فقير محمد
سکر نئين ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو، پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل ڪائونسلر رهيو. راقم سندس شاگرد آهي.
آخوند عبدالغفور
آخوند فقير محمد جو فرزند ميونسپل ڪائونسلر ۽ زميندار هو وڏو مخير ۽ ملنسار ماڻهو هوندو هو. 1936ع ۾ وفات ڪيائين.
آخوند فيض محمد
آخوند فيض محمد ولد آخوند محمد پنڃل غريب آباد سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ لئنڊلارڊ هو.
آخوند نياز علي
آخوند نياز علي ولد آخوند فيض محمد لئنڊلارڊ ۽ غريب آباد نياز هوٽل جو مالڪ، ڪجهه وقت هفتيوار پاسبان جاري ڪيائين ۽ سماج ورڪر آهي.
آخوند عبدالغفار
سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر آهي ۽ پٽس شاهنواز وڪالت ڪندو آهي.
آخوند ولي محمد
سکر جي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو وڏو واپاري ۽ سيٺ هو ۽ ميونسپل ڪائونسلر به هو. سندس پوٽو آخوند انور علي ولد آخوند طيب پوليس کاتي سانگهڙ ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي.
آخوند نيباهو
نئين سکر جو وڏو لئنڊلارڊ هو. سندس جوڙايل مسجد ۽ کوهه اڄ تائين باغ حيات علي شاهه ۾ يادگارون آهن. پٽس آخوند غلام رينج فاريسٽر هو. غلام محمد جو پٽ بشير احمد پي- ڊبليو- ڊي کاتي ۾ سروريئر آهي.
آخوند ابوبڪر
مختيار ڪار هو رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ليمجي چاڙهي تي ”گل بڪ ڊيپو“ سندس ڪتب فروشي جو دڪان آهي، انهن کان پوءِ آخوند نور محمد، آخوند عبدالرحيم، آخوند محمد اسحاق، آخوند فيض محمد، آخوند محمد ابراهيم، آخوند الله ڏنو سمورا پڙهيل، لئنڊلارڊ، واپاري يا سرڪاري ڪامورا آهن.
قزلباش مغل
سکر ۾ ترخاني ۽ جاليار مغلن جا محلا هئا اهي مري کپي ويا فقط قزلباش مغلن جا ٿورا گهر سکر ۾ آهن، جن جو ڏاڏو مرزا محمد جعفر بيگ سکر جي آرائين ڳوٺ جي ڀر ۾ پنهنجي جاگير ۾ جعفرآباد ڳوٺ ٻڌرايو هو. هن خاندان مان رئيس ثابت علي شاهه معصومي ۽ خان بهادر خداداد خان پٺاڻ شاديون ڪيون هيون[5].
مرزا عبدالمجيد خان
مرزا محمد جعفر بيگ جي وفات کان پوءِ سندس اولاد لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. جن مان مرزا عبدالمجيد خان ولد مرزا سرفراز بيگ پوليس عملدار هو. سندس ٻيا ڀائر مرزا غلام علي خان، مرزا بخشڻ خان، مرزا مراد علي خان سمورا پوليس کاتي ۾ عملدار هئا. مرزا عبدالمجيد خان جو سالو ڪپتان مرزا حاجي خان رياست خير پور جي ڪئمل ڪاريس مٿان ڪمانڊر هو. جعفرآباد سکر کان 4 ڪوهن جي مفاصلي تي شڪارپور واري رستي تي آهي.
مرزا حسين بخش خان
مرزا حسين بخش ولد عبدالمجيد خان سکر جي جانورن جي اسپتال جو ڊاڪٽر ۽ لئنڊلارڊ آهي. سندس جايون غريب آباد اڇي مسجد جي ڀر ۾ آهن. سندس پٽ تعليم يافته ۽ سرڪاري عهدن تي آهن.
مرزا عبدالحميد خان
ڪپتان مرزا حاجي خان جو سالو سکر ميونسپل اليڪٽريڪل انجنيئر هو ۽ سال 1960ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هينئر ٺيڪيدار آهي.
مرزا رسول بخش خان
مرزا رسول بخش خان ميونسپل پاور هائوس جو سپر نٽينڊنٽ آهي.
بيبي بيگم صاحبه
بيبي بيگم صاحبه مرزا عبدالمجيد خان جي همشيره ۽ ميان محمد بچل ميمڻ، شڪارپور جي وڏي ٺيڪيدار ۽ ميونسپل ڪائونسلر سان پرڻيل هئي. بيگم صاحبه غريب آباد گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس هئي. سکر شهر ۾ غريب آباد گرلس اسڪول، پهريون ڇوڪرين جو اسڪول هو ۽ سکر جي مسلم خواتين مان مائي بيگم پهرين خاتون هئي، جا هيڊ مسٽريس جي عهدي تي فائز هئي. وقت جي شرفا جون نياڻيون سموريون مائي مغلياڻي بيگم جون شاگردياڻيون هيون، تنهنڪري شرفا توڙي آفيسرن جي حلقن ۾ قابل احترام هئي. هيڊ مسٽريس جي عهدي کان پوءِ محترمه بيگم صاحبه انسپيڪٽرس آف اسڪولس جي عهدي تي پهتي ۽ اتان رٽائرڊ ڪيائين ۽ 1931ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن جي قبرستان ۾ آرامي آهي. حاجي محمد بچل مخير انسان هو. سکر ۾ مسجد مناره جا آخوند محمد پنڃل روڊ تي موجود آهي، سا حاجي محمد بچل جي جوڙايل آهي. مسجد جي سامهون سندس دولت خانو هو. سکر ۾ کٽين وارو حاطو ۽ ڪوس گهر جي ڀرسان آغا حسن علي خان جي گهر تائين زمين حاجي محمد بچل جي هئي جا پوءِ واڻين کي وڪڻي ڇڏيائين. شڪارپور کان ٻن ميلن تي ماڙي جي ڳوٺ ۾ سندس جوڙايل سراءِ، کوه ۽ باغ اڃا موجود آهن. سکر واري مناره مسجد جي ڪتبي تي سندس نالو لکيل آهي.
برلاس مغل
مرزا محمد دين
برلاس مغل امير تيمور هندستان جي مغل فرمانروائن جي نسل مان هئا چنانچه امير تيمور گور گان قبيلي ۽ برلاس خاندا مان هو. قزلباش ايراني مغل هئا ۽ برلاس ترڪستان (وچ ايشيا) کان آيا هئا. مرزا محمد سکر جو مشهور بندوق ساز 1280 هه ۾ ڄمون ۽ سيالڪوٽ جي وچ واري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هز هائينس مير علي مراد خان والي خيرپور پنهنجو ماڻهو موڪلي مرزا محمد دين کي گهرائي پاڻ وٽ ملازم رکيو. 1908ع تائين مرزا صاحب خيرپور ۾ رهيو پوءِ سکر غريب آباد ۾ بندوق سازي جو دڪان کوليائين. انهن ڏينهن ۾ بندوق سازي جو ليسن حڪومت کان وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو. سنڌ ۾ مرزا محمد دين ۽ پنجاب ۾ مستري نظام الدين کي ليسن مليل هئا. 1910ع کان اڄ تائين ”مرزا ائنڊ سنز“ جي انهيءَ ڪاروبار ذريعي سنڌ ۾ ٻاهر مشهوري هلندي اچي ٿي. مرزا محمد دين نه صرف ڪاريگر هو پر عربي ۽ پارسيءَ جو عالم ۽ فاضل هو. راقم سندس لکيل ڪتابن جو معائنو ڪيو، جيڪي سندس پٽ مرزا افضل حسين وٽ محفوظ آهن. انهن ڪتابن ۾ ڪي طب جو جا صدري نسخا به لکيل آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته مرزا موصوف طب جو ڄاڻو هو. هڪڙو ڪتاب علم ڪيميا تي ” تجارت شهر ياري“ ۾ موجود آهي، جو ڪنهن ايراني جو لکيل آهي، ڪتاب ۾ ڪيميا تي گهڻائي نسخا لکيل آهن. مرزا صاحب شاعري ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. سندس بياض ۾ پسنديده اشعارن جو انتخاب درج آهي، جن مان بعض شاعرن جا غير مطبوعه ڪلام لکيل آهن. ڪتاب ”ديوان مراد“ ۾ ٻين گهڻن سنڌي شاعرن ۽ صوفي درويشن جا چيده اشعار ڏنل آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرزا دين محمد پاڻ به صوفي درويش هو. فن، طب، تصوف، شعر و شاعري کان سواءِ موسيقي سان به کيس والهانه دلچسپي هئي. توڙي جو وٽس دنيوي نعمتون موجود دهيون، پر پاڻ درويشانه زندگي بسر ڪندو هو ۽ سڄي عمر شاهه خيرالدين گيلاني جي درگاه تي حاضري ڏيندو رهيو. مرزا محمد دين 1878ع ۾ سنڌ کي وطن جوڙيو ۽ 1949ع ۾ وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
مرزا افضل حسين
مرزا محمد دين جو وڏو پٽ، جنهن کي سيٺ نارائڻ داس مارڪيٽ ٽاور جي ڀر وارو بندوقن جو دڪان وڪڻي، هندوستان لڏي ويو. مرزا افضل حسين صاحب سکر جو مشهور سماجي ورڪر آهي ۽ رفاه عام جي ڪمن ۾ فراخدلي سان حصو وٺندو آهي. چنانچه روٽري ڪلب، مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي جو ميمبر، اسلاميه ڪاميٽي جو چيئرمن، ريڊڪراس سوسائٽي جو سرگرم رڪن، انسداد بيرحمي حيوانات ڪاميٽي جو سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪلب ۽ سول ڊفينس، قيام پاڪستان کان پوءِ جسٽس آف پيس به رهيو. پوءِ پويون سلسلو ختم ڪيو ويو. 1951ع کان 1959ع تائين”نيشنل ريڪنسٽر ڪشن بيورو“ ۾ سکر ضلع جي مئنيجنگ پارٽي تي ميمبر رهيو. مرزا افضل حسين صاحب کي ٻه پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. وڏو پٽ منظورحسين متخلص ”منظور“ بي-اي، اردو ۽ انگريزي شاعري سان دلچسپي رکندڙ آهي. سندس مضمون اُردو ۽ انگريزي رسالن ۾ شايع ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڏاڏي وانگر علم هيئت سان دلچسپي رکندڙ آهي ۽ علم هيئت تي سندس هڪ ڪتاب زير طبع آهي. آفريڪا ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ واپار ڪري ٿو. مرزا افضل جي وڏي نياڻي اديب امتحان پاس ڪيل آهي. ٻي نياڻي-ايم اي ۾ فائن آرٽس جي تعليم وٺي رهي آهي ۽ مشهور آرٽسٽ آهي، ٽين نياڻي بي-اي ۽ ٻه نياڻيون ايم-بي-بي – ايس آهن.
مرزا انور حسين
مرزا محمد دين جو ننڍو پٽ انور حسين مغربي پاڪستان جو جوائنٽ ڊائريڪٽر آف انڊسٽريز جي عهدي تي فائز آهي ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿو. مرزا محمد دين جي زندگي سبق آموز آهي.
مغل پير بخش
سکر جي مغلن مان مستري پير بخش خان جو والد مرزا امير بيگ 19 صديءَ جي شروعات ۾ گهوڙن جي واپار سانگي پنجاب جي شهر وزير آباد پهتو، مگر سمورو قافلو سکن لٽي ورتو ۽ مرزا امير بيگ جان بچائي ملتان پهتو. انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جا جهاز ڪوٽڙي کان ملتان تائين ايندا ويندا هئا تن جي گورن ملازمن کي کاڌو کارائڻ جو ٺيڪو مرزا امير بيگ کنيو هو. 1858ع ۾ ملتان کان ڪوٽڙي پهتو ۽ 1883ع ۾ سکر جي ليمجي چاڙهي تي جاءِ جوڙائي سکر کي وطن جوڙي ويٺو. کيس ٽي پٽ هئا. الهڏنو خان، پير بخش خان ۽ وزير علي بيگ. پير بخش خان فن عمارت سازي جو ماهر هو. چنانچه خيرپور ڊويزن جون جيڪي به وڏيون بلڊنگون آهن، جهڙوڪ سکر لائيڊ بئراج، جنرل پوسٽ آفيس، پارسي آتشخانو سکر ۽ فيض محل خيرپور وغيره سندس زير نگراني ۾ تعمير ٿيون. وڏا وڏا ٺيڪيدار مستري صاحب کان صلاح وٺندا هئا. 1962ع جي شروعات ۾ 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس وڏو پٽ تاج محمد خان رٽائرڊ سب ڊويزنل آفيسر آهي ۽ سندس جايون سکر ريلوي اسٽيشن جي ڦاٽڪ جي لڳ آهن. تاج محمد خان به فن عمارت سازي جو ماهر آهي.
ميمڻ
ميمڻ معنيٰ ”مومن“. ميمڻ قوم جا ٽي طبقا آهن: (1) هالاري (2) اوکائي (3) ڪڇي. انهن مان سکر نئين جو بنياد پوڻ وقت پهرين ڪابل جي ويڙهه 1838ع ۾ ڪڇي ميمڻ ڪمسريٽ جا ٺيڪا کنيا. اهي پهريان ميمڻ ڪڇي هئا. تقسيم کان پوءِ ڪاٺياواڙي هالاري ۽ اوکائي ميمڻ به سکر کي وطن جوڙيو. اهي وڏا واپاري، رفاه عام جي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ ۽ مخير مومن آهن. هن ڪتاب ۾ اوائلي سکر جي ميمڻن جو بيان ڏيون ٿا.
سيٺ جان محمد
سيٺ جان محمد ولد حاجي محمد ذڪريا سکر جو اوائلي وڏو ٺيڪدار هو، جنهن بمبئي بئنڪ واري عمارت، پوليس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس، انڪم ٽيڪس آفيس، عبدالرشيد باغ جي پٺيان مختيار ڪار جي آفيس ۽ پٿر گودي جي پٺيان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀر وارو بنگلو تعمير ڪرايا ۽ اهي سندن جايون هيون. تن ڏينهن ۾ سکر ۾ اهي وڏيون جايون هيون.
سيٺ حاجي جان محمد
سيٺ حاجي جان محمد ولد خميسو جي فريئر روڊ تي وڏو شاپ هو. سکر شهر ۾ هي پهريون ديسي شاپ هو، جنهن تي ولايتي شيون وڪامنديون هيون. شاپ تي گورن ۽ مئڊمن جو هجوم رهندو هو. ٻيو ته سيٺ صاحب بمبئي جا ڇاپيل علم دينيات جا ڪتاب به گهرائيندو هو. سيٺ آدم ۽ سيٺ رحمت الله حاجي جان محمد جا ڀائر هئا ۽ کيس 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي موسيٰ، سيٺ محمد صالح ۽ سيٺ محمد صديق.
سيٺ عبدالستار
سيٺ عبدالستار ولد سيٺ آدم صدر خلافت ڪاميٽي سکر هو. ۽ بنا مقابلي ميونسپل ميمبر چونڊيو ويو هو. هن نوجوان سماجي ورڪر 1925ع ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي سان هزارين مسلمان شامل هئا. اهو سندس هر دلعزيزي جو ثبوت هو. سندس 3 پٽ عبدالڪريم، عبدالرحيم ۽ عبداللطيف ڪراچي ۾ رهن ٿا.
سيٺ حاجي هاشم
سيٺ حاجي هاشم ولد سيٺ رحمت الله هن وقت گرين شاپ جو مالڪ آهي، وٽس بيڪري به آهي. سيٺ محمد عثمان ولد سيٺ عبدالرحمان مڇين ڦاسائڻ جي ڪنڍين جو واپاري هو. هينئر سيٺ عبدالرحمان جا ڏهٽا اهو ڌنڌو ڪن ٿا.
سيٺ حاجي عبدالرحمان
سيٺ حاجي عبدالرحمان ٿارياڻي جنرل مرچنٽ هو، جنهن کي 3 پٽ هئا: سيٺ حاجي احمد، عبدالله ۽ محمد. سيٺ حاجي احمد وٽ فريئر روڊ تي البرٽ پرنٽنگ پريس هئي، جتان روزانه سنڌي آفتاب اخبار ۽ هڪ هفتيوار انگريزي اخبار ”مرڪنٽائيل گزٽ“ شايع ٿينديون هيون. آفتاب اخبار سکر جي مسلمانن جي پهرين اخبار هئي. سکر جا ميمڻ مخير ۽ سماجي ورڪر هئا، تنهنڪري سندن بيان ڏنو ويو آهي.
منشي ميان محمود
منشي ميان محمود ولد عبدالرحمان ولد مولوي منشي حامد اصل ڪاٺياواڙي ميمڻ هئا ۽ پوءِ ڪڇ ۾ رهڻ لڳا. منشي پير حامد جي قبر فولا ڳوٺ جوڙيا (ڪڇ) ۾ آهي. کيس بيشمار مريد هئا ۽ مزار تي ساليانو ميلو لڳي ٿو. منشي عبدالرحمان ولد مولانا حامد جو پهريان قاضي جي عهدي تي فائز هو ۽ اتان رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ حڪومت ڪڇ هن کي حيدرآباد سنڌ ڏانهن مڪو، ڇاڪاڻ جو سر چارلس نيپئر کي هڪ فارسي ڄاڻوءَ جي ضرورت هئي، جو هندستاني ۾ ترجماني ڪري سگهي. کيس 3 پٽ هئا: منشي علي محمد جو 15 ريجمينٽ جو صوبيدار ميجر هو. ٻيو منشي گل محمد جو ڪاردار هو. ٽيون خان بهادر نجم الدين جنهن ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيو. ميان محمود جو 1839ع ۾ ڪڇ جي راءُ ڊيسلجي جي ڏينهن ۾ سنڌ آيو، سندس اولاد حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
منشي ميان محمود پهرين انگريزي دور ۾ ميرپور خاص ۾ پوليٽيڪل منشي ٿي رهيو ۽ بعد ۾ انڊس نيول سروس پاران سکر ۾ ايجنٽ ٿي رهيو ۽ پويان 22 سال سپرنٽينڊنٽ ۽ سيٽلمينٽ کاتي جو اسسٽنٽ آفيسر ٿي رهيو. منشي خاندان مان هي پهريون خاندان جو مدبر هو، جنهن 1839ع کان سکر کي وطن جوڙيو. سال 1811ع ۾ ڪڇ جي شهر انجاد ۾ ڄائو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي ۽ اردو جو ڄاڻو هو. سندس ”ديوان محمود“ سندس پٽ خانبهادر پير بخش 1898ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو. سندس ڪلام سنڌي، فارسي، اردو، هندي ۽ سرائڪي زبان ۾ آهي.
منشي ميان پير بخش
ميان پير بخش ولد ميان محمود 1854ع ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي تعليم وٺڻ کان پوءِ پنهنجي قابليت جي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي پهتو ۽ 1906ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1914ع ۽ 1918ع ۾ ٻه دفعا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سرڪاري ميمبر چونڊيو ويو. رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ خانبهادر ميان پير بخش ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪئي، ضلع مدرسه ۽ عيدگاهه انجمنِ اسلام جا ڪارناما آهن.
1914ع ۾ سکر ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جو 9 سالن تائين صدر رهيو. خدمت خلق ۽ حڪومت سان ايماندار ۽ وفادار رهڻ ڪري حڪومت کيس ”ڪمپئينن آف انڊين ايمپار“ (سي – آئي – اِي) جو خطاب ڏنو ۽ زمين به ڏني. خانبهادر منشي پير بخش کي هندو توڙي مسلمان احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. آنرري مئجسٽريٽ به هو. هر سال يارهين جي وڏي خيرات ڪندو هو ۽ علمائن کي کارائيندو هو. سندس پٽ ميان رسول بخش منشي 1883ع ۾ ڄائو ۽ 1904ع ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ميونسپل ڪائونسل جو به ميمبر رهيو ۽ ڪو وقت سکر مسلم ليگ جو صدر رهيو. 1941ع ۾ حڪومت جي گڏيل لوڪل باڊيز جي چونڊن جي مخالفت ڪيائين. ميونسپل جي ميمبري جي زماني ۾ هندو سندس مخالف هئا. وفات 1947ع ۾ ڪيائين. ميان پير بخش جو ٻيو پٽ ميان نبي بخش انڪم ٽئڪس ڪليڪٽر هو ۽ بيجاپور ۾ رٽائرڊ ٿي سکر پهتو. فريئر روڊ تي رؤف برادرس جو ريڊيو جو دوڪان سندس پٽن جو آهي. 1958ع ۾ انقلابي حڪومت ميان نبي بخش کي بنيادي جمهوريت جو ميمبر چونڊيو. راقم جو دوست آهي. ميان رحيم بخش پهريان سکر ۾ وڪالت ڪندو هو. پوءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. اتان ترقي ڪري سيشن جج ٿيو بعد ۾ چيف ڪورٽ جو جسٽس ٿيو ۽ 31 جولاءِ 1961ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ميان رحيم بخش ميان پير بخش جو ننڍو پٽ آهي. ميان محمد بخش ولد ميان پير بخش زميندار 1956ع ۾ وفات ڪئي. ميان محمود ولد ميان پير بخش سب ڊويزنل آفيسر هينئر رٽائرڊ آهي. ميان پير بخش جو اولاد سکر بندر تي پنهنجن جاين ۾ رهي ٿو. فقط ميان رحيم بخش ڪراچي ۾ رهي ٿو.
سکر جا لکاڻي ميمڻ
سيٺ اسماعيل
سيٺ محمد اسماعيل لکاڻي ميمڻ جو والد سيٺ آدم رالي برادرس ڪمپني طرفان چمڙي جي خريداري ڪرڻ لاءِ 1907ع ۾ دلال جي حيثيت سان سکر ۾ ڌنڌو شروع ڪيو.
سيٺ اسماعيل صاحب ڌنڌي ڪرڻ سان گڏ سکر جو مشهور سماجي ورڪر هو. 1922ع کان 1957ع تائين سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر رهيو. سيٺ اسماعيل سيٺ آدم جي سئوٽ سيٺ حسيني جي دختر سان شادي ڪئي. کيس گهڻو اولاد آهي. هو مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جو سرگرم عمل ميمبر هو. ريس ڪورس روڊ تي مسجد جنازه گاهه وارو پلاٽ سيٺ اسماعيل جي ڪوشش سان مسلمانن کي مليو. جو هڪڙي هندو ساڌو والاريو هو. سکر جي هندو ويرو مل جي روزانه اخبار ساڌوئن جي فائدي ۾ هئي، ٻئي طرف روزانه دعوتِ اسلام ۽ سنڌ زميندار مسلمانن جي مطالبي کي دهرائڻ لڳيون. آخر جنگ سيٺ اسماعيل کٽي ۽ مسلمانن جنازه مسجد تعمير ڪرائي. سيٺ محمد اسماعيل جو اولاد سمورو برسر روزگار آهي. راقم سان دوستي هئس.
سکر جا پٺاڻ
سردار محمد علي خان
سردار محمد علي خان ولد امير شير علي خان ذات محمد زئي سکر جو پوليٽيڪل پينشنر ۽ وڏو زميندار هو. ٻي افغان ويڙهه وقت امير شير علي خان قنڌار جو والي هو، جنهن کي افغان حڪومت سياسي سببن جي ڪري جلاوطن ڪيو. جيڪو 1897ع ۾ ڪمشنر وينگٽ جي ڏينهن ۾ ڪراچي پهتو ۽ حڪومت سردار شير علي خان کي 5 هزار رپيا ماهوار پينشن ۽ رهائش لاءِ ڪراچي ۾ زمين ڏني. کيس ٻه پٽ هئا سردار محمد علي خان 1903ع ۾ سکر ۽ ميونسپل کان عيدگاهه لڳ اولهندي طرف زمين خريد ڪري بنگلو ۽ جايون جوڙائي رهڻ لڳو. حڪومت کيس چار سؤ رپيا ماهوار پينشن ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ زمين ڏني. سردار محمد علي خان بلند اخلاق، پابند صوم و صلوات ۽ گوشه نشين بزرگ هو. عيد جي موقعن تي شهر جي شرفا کي ضيافتون ڏيندو هو. عبدالمجيد خان، پير ڪرم علي خان، ميان عبدالرحمان، بابو سليمان، پير بخش خان ۽ ماستر حبيب الله سان سندس برادري رستو هوندو هو. سندس وفات کان پوءِ سندس پويان سکر واريون جايون بلوچ زميندار صبح صادق کوسي کي وڪڻي ويا. سندس ميرپور ماٿيلي واري زمين سندس نالي ايراني پير صبغت الله شاهه سنڀاليندو آهي. آغا غلام نبي خان به پوليٽيڪل پينشز سکر بندر تي رهندو هو.
خداداد خان
خان بهادر خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو، جو اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو. کيس ٻه پٽ هئا. الله داد خان، جنهن 1888ع ۾ وفات ڪئي. خداداد خان 1838ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر جي ڀر واري ڳوٺ چمن ۾ آخوند الله بخش کان حاصل ڪري، جامع خير الدين شاهه جيلاني ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ميجر گولڊ سمڊ سنڌي اسڪولن مٿان ”ناظرِ مڪتب“ هو، تنهن خداداد خان جي لياقت ڏسي، کيس سرڪاري ملازمت ڏني. 1853ع ۾ شڪارپور جي جوڊيشنل ڊپٽي مئجسٽريٽ جو منشي ٿيو ۽ پنهنجي قابليت جي ڪري 1857ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري پوليٽڪل سروس ۾ داخل ٿيو ۽ سرڪاري ڪميشن سان بغداد، دهلي، مڪران ۽ ڪوئيٽا تائين سفر ڪندو رهيو. پهريان خان صاحب جو خطاب مليس ۽ بعد ۾ 1893ع خان بهادر جو خطاب مليس. ازانسواءِ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ٻن پيڙهين تائين جاگير مليس. جڏهن 1900ع ۾ ڪمشنر سکر ۾ درٻار ڪئي هئي، تڏهن 1898ع ڌاري ڪمشنر جيمس سنڌ ڇڏڻ وقت خان بهادر کي سندس علمي لياقتن جي ڪري هڪ نقرئي دستي سان ترار، تمغو ۽ سند ڏيئي جاگير لاءِ سفارش ڪري ويو. 1896ع ۾ سرڪاري ملازمت کان رٽائرڊ ڪري پنهنجي بنگلي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس مسجد آهي. 1903ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ دفنايو ويو. مسجد جو ڪتبو هن طرح آهي:
آن خان بهادر خداداد خان
تاريخ لطيف گفت هاتف چو ساخته معبد عجائب
الله چه مسجد عجائب
سکر جي خاڪ پاڪ مان گهڻائي عالم، فاضل، صحافي پيدا ٿيا. خان بهادر به مؤرخ هو. تصنيفات جي فهرست هي آهي:
(1) لبِ تاريخ
سنڌ جي فارسي ۾ تاريخ آهي جا 1900ع ۾ رياض الهند پريس امرتسر مان شايع ٿي. منجهس ڪمشنرن جو بيان ڏنل آهي. هن جو تازو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان تيار ڪرائي شايع ڪرايو آهي.
(2) وقائع سير جيسلمير
خان بهادر 1859ع ۾ ميجر گولڊ سمڊ سان جيسلمير ويو هو. اهو ڪتاب 1867ع ۾ شايع ٿيو.
(3) خليج نامه
ايراني نار جو احوال ڏنل آهي جڏهن 1861ع ۾ خان بهادر ڪمشنر مينسفيلڊ سان گڏ بغداد ويو هو.
(4) مڪران نامه
1862ع ۾ خان بهادر ميجر گولڊ سمڊ سان گڏ مڪران ۽ ايران جي حد بندي ڪرڻ ويو هو. ڪتاب ۾ 19 صدي جي حالتن ۽ لس ٻيلي ۽ مڪران جو بيان ڏنل آهي، جو 1862ع ۾ شايع ٿيو.
(5) پل نامه
86 – 1887ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ ري سکر جي لئنسڊائون پل جو افتتاح ڪرڻ آيو هو. ان موقعي تي بکر جي قلعي ۾ وڏي دربار لڳي هئي. سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جا وڏا ماڻهو آيا هئا، مير علي مراد خان به آيو هو. سکر ميونسپل پاران گورنر کي سپاس نامو پيش ڪيو ويو. جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ گورنر ڪوئيٽا، چمن ۽ شالا باغ ڏانهن ويو هو. جلسي جو انتظام خان بهادر ڪيو هو. پل نامه ۾ مفصل بيان ڏنل آهي.
(6) سياحت نامه
1892ع ۾ خان بهادر سرڪاري دوري تي راجڪوٽ، احمد آباد، پونا، اجمير، دهلي ۽ امرتسر ڏانهن ويو هو. مٿين شهرن جو بيان سياحت نامه ۾ ڏنل آهي.
(7) خيرپور نامه
مير سهراب خان ۽ سندس پٽن مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد جي جاگيرن، سياسي حالتن ۽ وفات جو بيان ڏنل آهي، جو 1894ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيو.
(8) سنڌ جي جاگيرداري جي تاريخ
خان بهادر سنڌ جي جاگيرن جي تاريخ مرتب ڪئي، جا 1886ع ۾ ”هسٽري آف ايلينيشن اِن دي پراونس آف سنڌ“ جلد 1 ۾ انگريزي ۾ ڏنل آهي.
(9) سنڌ جا شهر
ڪمشنر مسٽر ميري ويدر جي حڪم سان خان بهادر خداداد خان سنڌ جي ابتدائي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي اهم شهرن ۽ بزرگن جا بيان 1869ع ۾ شايع ڪيا. ڪراچي ضلع جي منگهوپير، لاهوت، دروت، شاهه بلاول ۽ حيدرآباد ضلع جي رني ڪوٽ، نصرپور ٽنڊو فاضل، مخدوم نوح، رحمڪي بازار، اڏيرو لال، شڪارپور ضلع جي خواجه خضر، مناره مير معصوم، قاسم خاني ۽ بکر جا حالت قلمبند ڪيا. هن ڪتاب کي حڪومت سنڌ، سنڌي انگريزي ۾ ترجما ڪرائي سنڌ جي سرڪاري عملدارن ۽ برطانيه جي معززن کي ورهائي ڏنا. انهن ڪتابن کان سواءِ مڪلي نامه ۽ افسوس نامه به آهن. راقم جي ڪتبخانه ۾ فقط لبِ تاريخ ۽ خيرپور نامه موجود آهن.
آغا عبدالحميد خان
خان بهادر خداداد خان جو ننڍو پٽ ۽ سکر جو سماجي ورڪر ۽ ليڊر هو. ابتدائي تعليم سکر ۾ حاصل ڪري ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ 1903ع ۾ انگلينڊ ڏانهن ويو ۽ اتي جي سينٽ پال اسڪول ۽ ڊائوننگ ڪاليج ۾ داخلا وٺي، مڊل ٽيمپل جو ميمبر ٿيو ۽ بئريسٽري لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، پر پوءِ ڪن مجبورين جي ڪري 1912ع ۾ سکر موٽيو. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. وائيس پريزيڊنٽ ۽ مختلف ڪاميٽين جو چيئرمين رهيو. صحت ۽ صفائي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن 3 اسپتالون جاري ڪرايون جن مان غريب آباد اسپتال تي عبدالحميد خان اسپتال نالو رکيو ويو. هينئر اهو نالو غائب آهي. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو به وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سکر شهر جي رفاه عام ڪمن ۾ سندس وڏو حصو هو. 1924ع ۾ سنڌ پاران مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. انجمن صليب احمر جي پايه وجهندڙ مان هو ۽ بواءِ اسڪائوٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. 1936ع ۾ سکر پراونشل ڪوآپريٽو بنئڪ جو ميمبر ۽ پهرين چيئرمين ٿيو. 12 سالن تائين آنرري مئجسٽريٽن جي بينچ جو چيئرمين رهيو. سنڌي، آغا عبدالحميد خان کي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. راقم سان سندس دوستي هئي ۽ اڪثر خسخانه تي اچي ملاقات ڪندو هو. خوش اخلاق ۽ ملنسار هو. ڊسمبر 1960ع ۾ وفات ڪيائين.
بابر پٺاڻ
آغا عطا محمد خان
ميجر آغا عطا محمد خان جو والد آغا جان محمد خان ايم – پي – اي سلطان ڪوٽ جي بابر دراني پٺاڻ زميندارن مان آهن. جان محمد خان 1920ع ۾ تعلقه لوڪل بورڊ جو صدر هو ۽ 1926ع کان 1937ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي بعد سنڌ انڊوائيزري ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. آغا جان محمد خان پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو. خان بهادر کي سکر شهر پسند هو. اهڙي ڇڪ ڪري 1929ع ۾ پارسي ڪالوني سکر ۾ هڪ عاليشان بنگلو تعمير ڪرايائين. خان بهادر آغا جان محمد 1938ع ۾ وفات ڪئي. پٽس ميجر آغا عطا محمد خان انجمن صليب احمر ۽ ٻين ڪيترن رفاه عام جي ڪاميٽين جو ميمبر آهي. سکر پراڻي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شالامار“ سئنيما، جا سکر جي بهترين سئنيما آهي، سندس ملڪيت آهي.
آغا نظام الدين خان
خان بهادر آغا نظام الدين خان ولد آغا سيف الدين خان وڏو زميندار آهي. آغا سيف الدين خان 1919ع ۾ وفات ڪئي. 1940ع ۾ آغا نظام الدين کي حڪومت پاران خان بهادري جو خطاب مليو ۽ عظيم الشان بنگلو تعمير ڪرائي رهڻ لڳو. هو ڪيترا دفعا سکر ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. راقم جو هم مڪتب دوست آهي. هر سال باقاعده محتاجن ۽ بيواهه زالن کي زڪوات ڏئي ٿو. آغا صاحب کي 3 پٽ آهن. آغا نجم الدين سکر ۾ وڪيل ۽ سماجي ورڪر آهي، آغا آصف علي خان ولايت پاس بئريسٽر آهي. آغا فخر الدين ولايت ۾ بئريسٽري پڙهي ٿو. آغا نظام الدين خان وڏو مهمان نواز آهي.
بارڪزئي پٺاڻ
آغا در محمد خان
آغا در محمد خان بارڪزئي دراني، جنهن جي اوطاق ڪوئينس روڊ تي آهي، ڳڙهي ياسين جو وڏو ميندار هو. در محمد خان جو ڏاڏو خان صاحب الله بخش خان ۽ عبدالڪبير خان پاڻ ۾ ڀائر هئا. الله بخش کي ٻه پٽ عبدالمجيد خان ۽ عبدالحميد خان هئا آغا در محمد خان جو پٽ عبدالمجيد خان لاولد هو. عبدالڪبير خان کي شمس الدين خان پٽ هو، جو لوڪل بورڊ ڊسٽرڪٽ جو ميمبر هو. کيس ٻه پٽ آغا بدر الدين ۽ آغا صدر الدين آهن.
آغا بدر الدين خان
آغا بدر الدين بدر عالم وٽ ڳڙهي ياسين ۾ وڏو ڪتبخانو آهي ۽ پاڻ علم ۽ ادب جو شيدائي آهي. سندس دسترخوان وسيع آهي. هن صاحب 1945ع ۾ ڳڙهي ياسين مان ”آشيانه ادب“ ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ 1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغامِ صلح“ جاري ڪيائين جا 1947ع تائين جاري رهي. آغا بدر عالم مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ سکر مان روزانه اخبار انقلاب 45 – 1948ع ۾ جاري ڪرائي جا مقبل رهي پر ٻه دفعا حڪومت طرفان مٿس بندش پئي. آغا بدر عالم ڪو وقت سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو ۽ ون يونٽ خلاف چڱو بهرو ورتائين. سندس ٻه ڪتاب ”مسافر حجاز“ ۽ ”تحفته الطاهرين“ مشهور آهن. پوئين ڪتاب ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪي بزرگ مدفن آهن تن جو مختصر احوال فارسيءَ ۾ ڏنل آهي.
آغا تاج محمد
باگڙجي جي ترين قبيلي جو فرد، جنهن سکر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. پهريان، رياست خيرپور جي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي تي رهيو سندس تعليم بي – اي، بي – ٽي تائين هئي. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ 1959ع ۾ وفات تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو ۽ آمريڪا تائين مسافري ڪئي هئائين. سندس ڪوشش سان لطيف ڪاميٽي قائم ٿي، جنهن جو چيئرمين سيد ميران محمد شاهه صاحب آهي. هر سال ڪاميٽيءَ پاران ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي ۽ شاهه عبداللطيف جي علم ۽ فڪر متعلق هر سال هڪ رسالو شايع ٿيندو آهي. آغا تاج محمد جو پٽ آغا شهاب الدين ايم – اي آهي.
قزلباش پٺاڻ
آغا خداداد خان
آغا خداداد خان قزلباش افغان سکر جو وڏو واپاري واري تڙ تي رهندو هو. غريب آباد ۾ وٽس گهڻيون جايون هيون ۽ نئين ڳوٺ جي اتر ۾ سندس ميويدار باغ هو، جنهن جا نشان به مٽجي ويا آهن.
آغا غلام علي خان
آغا غلام علي خان ولد آغا خداداد خان به واپار ڪندو هو ۽ فنِ حڪمت جو به ماهر هو ۽ آنربل سر غلام حسين جي همشيره سان شادي ڪيائين. کيس ٽي پٽ ڄاوا: حسين علي خان، حسن علي خان ۽ جعفر علي خان. خداداد خان 1915ع ۾ وفات ڪئي.
آغا حسين علي خان
درويش قسم جو ماڻهو هو، ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت ڪئي هئائين. 1955ع ۾ وفات ڪيائين.
آغا حسن علي خان
جنوري 1898ع ۾ تولد ٿيو. بمبئي يونيورسٽي مان بي – اي، ايل – ايل – بي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1916ع ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. 1920ع ۾ مٿيون عهدو ڇڏي سکر ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ 1923ع ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو ۽ 1931ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج مقرر ٿيو. 1937ع ۾ سيشن جج ۽ 1943ع ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو. بعد ۾ چيف ڪورٽ ڪراچي جو جسٽس مقرر ٿيو، جتان 1955ع ۾ رٽائرڊ ڪائين. آغا صاحب ۽ سندس ننڍي ڀاءُ آغا جعفر علي خان، خانبهادر عبدالعليم برٽش وائيس قونصلر مقيم مشهد جي ٻن نياڻين سان شاديون ڪيون، جن مان کين اولاد ٿيو.
آغا حسن علي خان جي ڪوشش سان سکر ۾ امام بارگاهه تعمير ٿي. آغا صاحب کي ڇهه پٽ آهن، سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:
آغا غلام علي – 1948ع ۾ سکر ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪويٽر آهي.
آغا امداد علي خان – پهريان ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي هينئر جيڪب آباد ۾ سيشن جج آهي.
آغا خادم علي خان – وليج ڊولپمينٽ کاتي ۾ عملدار آهي.
آغا ارشاد علي خان – پاڪستان هوائي کاتي ۾ پائيلٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ تعليم ورتل آهي.
آغا رضا علي خان ۽ آغا اسد علي خان ڪاليج ۾ تعليم وٺن ٿا.
آغا جعفر علي خان
آغا جعفر علي خان ولد آغا غلام علي خان پهريان ايڪسائيز سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، بعد ۾ وائيسريگل ڪميشن معرفت فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽننٽ مقرر ٿيو. ٻي عالمگير جنگ ۾ ڪپتان جي عهدي تي ڪوئيٽا ۾ مومينٽ آفيسر ٿي رهيو. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن مقرر ٿيو. 1960ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪراچي ۾ رهي ٿو. کيس ٻه پٽ آهن.
قريشي
ميان نعمت الله قريشي
سنڌ جو قومي ڪارڪن ميان نعمت الله قريشي سکر جو سماجي ورڪر، مسلم ليگ جو وائيس پريزيڊنٽ، مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو سرگرم عمل رڪن جو شمار سنڌ جي سياسي ليڊرن ۾ آهي ۽ اهڙين خدمتن جي ڪري کيس جيل ڀوڳڻو پيو. ميان نعمت الله صحافي به آهي. دعوتِ اسلام کي ٻه دفعا روزانو ڪرڻو پيو ۽ هندو اخبارن کي دعوتِ اسلام ذريعي دندان شڪن جواب ڏيندو رهيو. وٽس ٽائيلس فئڪٽري آهي. 1962ع ۾ مارشل لا لهڻ کان پوءِ سکر ۾ پهريون سياسي جلسو سندس زير صدارت ٿيو.
ڊاڪٽر محمد يامين
مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين سکر جو قومي بيباڪ خدمتگار هو. سندس وڏا شاهجاهان جي ڏينهن ۾ مڪه کان هند ۾ پهتا ۽ جالنڌر ۾ مستقبل سڪونت اختيار ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب 1912ع ۾ هجرت ڪري سکر کي وطن بنائي رهڻ لڳو ۽ دندان سازي جو ڪاروبار ڪندو هو. سندس دڪان فريئر روڊ تي هو ۽ هي پهريون دندان ساز ڊاڪٽر هو، جنهن سکر ۾ دندان سازي جو دڪان کوليو ۽ فڪر معاش کان آزاد هو. 1922ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ آريا سماج جي شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪ خلاف ڊاڪٽر صاحب ”انجمن تبليغ اسلام“ جاري ڪئي ۽ مولانا تاج محمد امروٽي صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. 1927ع ۾ تبليغ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ڊاڪٽر صاحب رٿ ڏني هئي. 1928ع ۾ پنهنجي پرديس مان اخبار دعوتِ اسلام جاري ڪيائون، جا آزادي سان پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ لڳي. وري جڏهن پير صاحب پاڳاري تي حڪومت سکر ۾ ڪيس هلايو، پير صاحب پاران مسٽر محمد علي جناح، مسٽر صاحب سنگهه ۽ مسٽر احمد علي وڪيل هئا ته اهڙي اهم موقعي تي ڊاڪٽر يامين اخبار دعوتِ اسلام کي هفتيوار مان ڦيرائي روزانه ڪيو ۽ هن ڪم ۾ ميان نعمت الله قريشي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي قومي ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ جدائي واري تحريڪ ۾ دعوتِ اسلام پنهنجي فرض کي ڪاميابي سان ادا ڪيو. 1939ع ۾ ڊاڪٽر صاحب نه صرف مسجد منزلگاهه واري تحريڪ ۾ انجمنِ اتحاد ملت جو ميمبر ٿي رهيو، پر دعوتِ اسلام کي ٻيو دفعو پنهنجي سر روزانو ڪيائين ۽ حڪومت بغاوت جي ڏوهه ۾ کيس ٻين ليڊرن سان گڏ جيل جي سزا ڏني. آزاد ٿيڻ کان پوءِ حڪومت هڪڙي مضمون شايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني، جنهنڪري سندس صحت تي گهڻو اثر پيو. اهڙي حالت ۾ 1958ع ۾ حج تي اسريا ۽ حج جي ٻئي ڏينهن مڪه معظمه ۾ جان، جان آفرين جي سپرد ڪيائون ۽ اتي جي خاڪ کين نصيب ٿي. دعوتِ اسلام سنڌ جي صحافت ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ دعوتِ اسلام پريس سکر، پير صاحب پاڳاري جي سموري ڪيس جي ڪاروائي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.
قيام پاڪستان کان پوءِ پهريون دفعو سکر جي مسلمانن ڊاڪٽر محمد يامين جي ورسي ميونسپال هال سکر ۾ زير صدارت راقم ملهائي. ميان نعمت الله قريشي ۽ راقم ڊاڪٽر مرحوم جي ڪارنامن تي ليڪچر ڏنا ۽ شاعر فيض بخشاپوري شعر پڙهيو. مرحوم ڊاڪٽر محمد يامين کي گهڻو ئي اولاد آهي. وڏو پٽ ڊاڪٽر عبدالعزيز والد جي دڪان کي هلائي ٿو، قومي خدمت جو ولولو رکندڙ آهي. ٻيو پٽ مسٽر رشيد اختر ائڊووڪيٽ سکر جو مشهور وڪيل آهي. کيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين ڪيس هلائڻ جي اختياري آهي. انقلابي حڪومت جي مارشل لا دور ۾ اوٿ ڪمشنر به رهيو.
مولانا غلام سرور انصاري
مولانا غلام سرور انصاري ٽيلر ماسٽر ويٺل پنجاب جو سکر جي سرگرم قومي خدمتگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. مسجد منزلگاهه ريسٽوريشن ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. حڪومت جن مسلمان مجاهدن تي بغاوت جو ڏوهه مڙهي مٿن ڪيس داخل ڪيو، تنهن فهرست ۾ مولانا غلام سرور جو نالو هو، جو ان وقت روپوش ٿي ويو ۽ سيٺ عبدالله هارون سندس ٻارن ٻچن لاءِ ڪجهه وقت ماهوار وظيفو گذر سفر لاءِ مقرر ڪيو هو. اهڙين مصيبتن کي سهندي مسلمان فتحمند ٿيا ۽ مولانا غلام سرور وطن سکر موٽي آيو. قيام پاڪستان کان پوءِ غلام سرور صاحب ۽ راقم مدرسه بورڊ تي ميمبر چوندجي ويا ۽ مدرسه جي مسجد شريف کي مولانا غلام سرور چندا گڏ ڪري نئين سر تعمير ڪرائي سينگاري منجهس پيش امام به مقرر ڪيو.
شيخ
بابو محمد سليمان
بابو محمد سليمان سکر جي مشهور ليڊر جو والد نو مسلم شيخ جان محمد ڪراچي سولجر بازار ۾ فوج جي راشن اسٽور ۾ ملازم هو ۽ اتي ئي مولوي تاج محمد مقيم گهوٽڪي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيائين جو سولجر بازار مسجد ۾ پيش امام هو. شيخ محمد سليمان سندس والد جي اسلام آڻڻ کان پوءِ تولد ٿيو ۽ سندس والده ننڍي ڄمار ۾ فوت ٿي وئي، جنهنڪري هن جي تربيت پنهنجي والد جي آغوش ۾ ۽ تعليم مولوي تاج محمد صاحب وٽ ٿي. ابتدا ۾ پارسي، عربي تعليم حاصل ڪري ان کان پوءِ ڪراچي جي مشن اسڪول ۾ 4 درجا انگريزي پڙهي ٽپال کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بوشهر، مسقط ۾ پوسٽ ماسٽر رهيو. اتان نوڪري ڇڏي ايران هليو ويو، جتي فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ٿيو. ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ اتان واپس اچي ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڪلارڪ مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري سکر ريلوي اسٽور ۾ اسٽور ڪيپر مقرر ٿيو، ۽ وري ڪوئيٽا جي ريلوي آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪي تي پهتو، پر ستت ئي نوڪري ڇڏي ڪن ڀائيوارن سان گڏجي پريس خريد ڪري سکر ۾ قائم ڪئي ۽ ان جي شاخ ڪوئيٽا ۾ ڪڍي وئي. شيخ محمد سليمان ڪوئيٽا مان ”بلوچستان گزٽ“ نالي اخبار جاري ڪئي، مگر پوءِ 1893ع ۾ ڀائيوارن کان جدا ٿي پريس تي مڪمل قبضو ڪيائين. 1895ع ۾ سکر ۾ سخت پليگ پئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مئا ۽ شهر ويران ٿي ويو، مگر شيخ محمد سليمان وڏي همت سان شهرين جي خدمت ڪندو رهيو ۽ لاوارثن جي ڪفن دفن ۽ رهيل ماڻهن کي راشن وغيره پهچائڻ جو سمورو ڪم پنهنجي سر ڪندو رهيو. انهن خدمتن جي ڪري سکر شهر جي مسلمانن هن کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪيو. 1900ع ۾ مسلمانن هڪ فنڊ گڏ ڪيو هو، جو نجم الدين فنڊ سان مشهور آهي، هن ارادي سان ته حيدرآباد ۾ ”مسلم هال“، ”لا ڪلاس“ ۽ اخبار جاري ڪئي وڃي. اخبار جي ادارت ۽ قانوني خدمات لاءِ مسٽر علي محمد دهلوي (بعد سر علي محمد وزير حڪومت بمبئي) کي گهرايو ويو، مگر اڳتي هلي فنڊ گڏ ڪندڙن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو ۽ معاملو ڪورٽ تائين ويو. ان وچ ۾ سردار محمد يعقوب خان، جو مٿين فند جو باني هو. شيخ محمد سليمان کي گهرائي، چيو ته جيستائين ڪورٽ جو فيصلو ٿئي، تيستائين اوهان سنڌ جي مسلمانن لاءِ اخبار جاري ڪريو. سردار صاحب جي صلاح وٺي شيخ صاحب سنڌي ۽ انگريزي ۾ سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي، جنهن جي انگريزي حصي جي ايڊيٽري مسٽر علي محمد بار ائٽ لا ڪندو رهيو. 1901ع ۾ الحق کي سکر کان حيدرآباد آندو ويو. سکر پوءِ 1907ع ۾ پريس وري واپس سکر آندي وئي. سيخ محمد سليمان سکر ۾ رهي جيڪي مسلمانن جون خدمتون ڪيون، تن مان ڊسٽرڪٽ نورڊنگ هائوس، مدرسته الاسلام ۽ ”انجمنِ اسلام“ قائم ڪرڻ نمايان خدمتون آهن. هو انهن جماعتن جو وفات جي دم تائين سيڪريٽري رهيو ۽ سنجيدگي سان خدمت ڪندو رهيو. سکر جي عيدگاهه اڄ ڪلهه پنهنجي گلريزي ڪري ”گلشنِ عيدگاهه“ سڏجي ٿي ۽ سندس هيمشه قائم رهڻ واري يادگار آهي. هي مسلمانن جو خادم بزرگ انهيءَ وقت تائين قوم جي خدمت ادا ڪندي، 8 – جون 1908ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سکر جي شيخ شينهن جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. کيس 3 پٽ هئا، جن مان شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم مالڪ اخبار الحق وفات ڪري ويا، ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي ٽنڊي ڄام ائگريڪلچر کاتي جو وڏو عملدار آهي. شيخ محمد سليمان شڪل شبيه ۾ رعبدار هو ۽ سندس شخصيت پيشانيءَ مان پڌري هئي.
ماستر حبيب الله
شيخ حبيب الله ولد شيخ ملان عبد الله بکري 1862ع ۾ سکر پراڻي ۾ ڄائو. ماستر صاحب جا وڏا هندو خيرپور رياست جا رهاڪو هئا. هن خاندان جي جداعليٰ ليلارام اسلام اختيار ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو هو، جو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ننڍي عهدي تي مامور هو. ملان عبدالله سندس چوٿين پيڙهي مان هو. ماستر حبيب الله صاحب ابتدائي تعليم فارسي ۽ عربي ۾ شاهه خير الدين گيلاني رح جي مڪتب جامع مسجد ۾ ورتي. بعد ۾ سرڪاري سنڌي اسڪول نئين سکر ۾ داخل ٿيو هتان فارغ ٿي سکر جي وڏي بزرگ مولانا عبدالرحمان کان تعليم وٺي سکر مين اسڪول ۾ سنڌي ماستر ٿيو ۽ ترقي ڪري هيڊ ماستر ٿيو. 95 – 1896ع واري پليگ ۾ خدمت ڪندي ليڊر تسليم ڪيو ويو ۽ شيخ سليمان جو مددگار ٿي رهيو. اخبار الحق کي سڌاري سکر مدرسه جي اسڪيم ۽ عيدگاهه جي تعمير لاءِ فند گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ 1937ع ۾ وفات تائين عيدگاهه جو متولي ٿي رهيو. عيدگاهه جي اتر وارو عاليشان دروازو ماستر صاحب پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرايو. شيخ حبيب الله مدرسه بورڊ جي ميمبر بہ هو. 1935ع ۾ خان بهادر پير بخش منشي جي وفات کان پوءِ انتظامي ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ بورڊ جو اعزازي آڊيٽر ٿي رهيو. 12 سال سکر ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ ورهين تائين پرائمري اسڪول بورڊ جو چيئرمين رهيو. 1919ع ۾ خان بهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور ”آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو اجلاس خيرپور ۾ گهرايو، جنهن ۾ سکر ضلع پاران ماستر حبيب الله نمائندو ڪانفرنس لاءِ نامزد ٿيو. حبيب الله صاحب هندستان جي گهڻن ئي اوليائن جي درگاهن جي زيارت ڪئي هئي. وفات کان اڳ حج بہ ڪري آيو ۽ زندگيءَ جا پويان ڏينهن گوشه نشين ٿي رهيو. وقت جي بزرگن جهڙوڪ سخي قبول محمد سجاده نشين درگاهه سچل سرمست راڻيپور، مولانا عبدالغفور همايوني، پير صاحب پاڳارو ۽ مخدوم صاحب هالا سان سندس تعلقات هئا. 1937ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي قبرستان ۾، جو سکر اسٽيشن جي اتر اوڀرندي واري ٽڪريءَ تي آهي، سپرد خاڪ ڪيو ويو.
شيخ عبدالواحد
شيخ عبدالواحد ولد شيخ خدا بخش، شيخ حبيب الله جو ڀائيٽو، راقم جو هم مڪتب، انڪم ٽئڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو، جتان 1952ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ پنهنجون موروثي زمينون سنڀالڻ لڳو. 1957ع ۾ وفات ڪيائين.
عبدالرزاق
شيخ عبدالرزاق ولد عبدالرؤف ولد خدا بخش، سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر متخلص ”راز“ ايم – اي سکر پراڻي ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. هن صاحب علي ڳڙهه ۾ تعليم ورتي ۽ اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ روزانه الوحيد اخبار جو مئنيجر ۽ هفتيوار ايڊيشن جو هڪ سال تائين ايڊيٽر رهيو. 1948ع ۾ موٽي وطن سکر آيو ۽ ست سال سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر ٿي رهيو. ازانسواءِ حبيب الله پبليڪيشن جو سرپرست رهيو ۽ هفتيوار اخبار ”رهنما“ جو سنگ بنياد رکيائين ۽ سکر ۾ ”ادبي انجمن“ بہ قائم ڪيائين. اسلاميه ڪاليج سکر نئين ۾ سنڌيءَ ۽ اسلامي تاريخ جو پروفيسر آهي. سکر جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف جي ادبي حلقن ۾ سندس خاص حصو رهندو اچي ٿو ۽ لطيف اڪيڊمي جو چيئرمين ۾ مجلس ادب ”رائيٽرس گلڊ“ جو ميمبر آهي. راز صاحب ٻين ڪيترين ڪاميٽين جو ميمبر آهي. راز صاحب مصنف، مورخ، افسانه نويس ۽ شاعر بہ آهي سندس تصنيفات مان تاريخ سلطنت دهلي، ڊاڪ بنگلو، مارئي کي ديس مين، پيهي منجهه پاتال ۾ شايع ٿيا آهن. تازو ڪتاب انگريزي ۾ سکر قديم ۽ جديد آهي جو 1962ع ۾ شايع ٿيو.
شيخ شرف الدين
روهڙي جي هڪ هندوءَ جو پٽ آغاز زندگي ۾ اسلام جو عاشق بڻجي پيو ۽ امروٽ جي بزرگن وٽ اچي اسلام اختيار ڪيو. سندس نالو شرف الدين رکيو ويو. شيخ صاحب هندو مذهب کان ايترو باغي ٿيو، جو پنهنجي پيءُ جو نالو آدم لکندو هو. امروٽي بزرگن جي ڪن دهلي جي معتقدن سان گڏجي هو دهلي روانو ٿيو، جتي تعليم حاصل ڪيائين. نهايت زيرڪ نوجوان هو. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن دهلي وارن جي سنگت ۾ حرمين شريف روانو ٿيو. نوجواني ۾ کيس حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي ۽ انهن جي سنگت ۾ دهلي موٽي آيو، جتي شيخ صاحب جي شادي جو بندوبست ٿيو. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو وري وطن موٽيو ۽ سکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي هن کي پوسٽ ماستر ڪري رکيو ويو. سندس وڏي نياڻي ماسٽر حبيب الله جي گهر ۾ هئي ۽ ٻہ نياڻيون هر هڪ روهڙي ۽ شڪارپور جي شيخن ۾ پرڻيل هيون. حاجي صاحب کي پنج پٽ هئا: هڪ عبدالقادر نالي سندس پٽ دهلي ۾ رهندو آيو ۽ سندس وفات ڪراچي ۾ ٿي. ٻيو پٽ شيخ عبدالرحمان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ هو جنهن جا ٻہ پٽ هينئر سکر ۾ واپار ڪندا آهن، سندس ٽيون پٽ شيخ عبدالرحيم هو جو مختيارڪار ٿي رٽائرڊ ڪيائين، سندس وڏو پٽ واپڊا ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ ٻيو پٽ شيخ عبدالرحيم انگلستان ۾ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ ۾ عملدار آهي، ٽيون پٽ پٽ عبدالقدوس قرآن جو حافظ آهي جو پنهنجي مال املاڪ کي سکر ۾ سنڀاليندو آهي. شيخ شرف الدين جي وصيت موجب کيس پنهنجي مرشدن سرهندي بزرگن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
مستري غلام حسين
آٽو موبائيل انجنيئر الحاج شيخ غلام حسين صاحب جو ڏاڏو پنجاب جو هندو کتري هو، جنهن مولانا عبدالغفور صاحب همايوني جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ مولوي صاحب مٿس اسلامي نالو غلام محمد رکيو. حاجي غلام حسين جو والد شيخ مولان بخش ريلوي کاتي ۾ پمپنگ مستري هو. شيخ غلام حسين مڪينڪ جو ڪم سکر جي هڪڙي سک ڪاريگر هربنسنگهه وٽان سکيو، پوءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش ۽ قابليت ڪري ترقي ڪندو ويو. هن وقت موٽر سازي جا ٽي ڪارخانا آهن، جن ۾ موٽرن جي مرمت ڪرڻ کان سواءِ موٽرن جا پرزا بہ ٺهندا آهن. ريس ڪورس روڊ تي وٽس پيٽرول پمپ آهي. انهيءَ پمپ لڳ سروس اسٽيشن بہ آهي، انهن ڪارخانن ۾ اٽڪل هڪ سؤ مزور روزي ڪمائين ٿا ۽ ڪم سکن ٿا. ايڏن ڪارخانن ۽ مزورن جي هوندي بہ سيخ غلام حسين ۽ سندس ڀاءُ حاجي صادق علي مزورن وانگي هٿن سان ڪم ڪندا ۽ ڪارخانن جي نگراني ڪندا آهن. ٻئي ڀائر سماجي ورڪر ۽ مخير حضرات آهن. سکر ۾ ”موتي مسجد“ شيخ غلام حسين صاحب جي نہ مٽجندڙ يادگار آهي.
منشي عبدالله
سکر جي مشهور عريضي نويس شيخ عبدالله ولد مهرو مل هندو بيراڳي ڳڙهي خيرو جمالي جو زميندار هو. پٽس شيخ عبدالله حضرت تاج محمد امروٽي جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري اسلام اختيار ڪيو. هندن، پير صاحب تي صغير کي گم ڪرڻ ۽ ناحق بند جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻيو هڪ هندو سونارو ڇوڪرو بہ مسلمان ٿيو ۽ هندن ڪيس داخل ڪيو هو پر اسلام جو نشو هيڪر جنهن تي چڙهندو هو مٽجڻ مشڪل هو. شيخ عبدالله 1962ع ۾ سکر ۾ انتقال ڪيو ۽ سوناري ڇوڪري جو نالو شيخ نور الحق هو. جو عربي جو عالم آهي. شيخ عبدالله نوجواني جي زماني ۾ ڪيترا سال ماستر حبيب الله جي اوطاق تي رهيو.
ڊاڪٽر محمد عمر
ڊاڪٽر شيخ محمد عمر سکر جو مشهور سماجي ورڪر ۽ امروٽي بزرگ جو مريد آهي. پهريان جميعت احرار ۾ شريڪ هو ۽ سکر جو مشهور ڊاڪٽر آهي.
سرحدي پٺاڻ
ماستر محمد اسحاق
ماستر محمد اسحاق صاحب پشوري آخونند فقير محمد ۽ شيخ حبيب الله جو همعصر سکر مين سنڌي اسڪول ۾ ماستر ۽ قومي ڪارڪن هو. شيخ محمد سليمان ۽ ماستر حبيب الله سان گڏجي ڪم ڪيائين، خاص طرح عيدگاهه جي چندي گڏ ڪرڻ ۾ وڏي همت سان ڪم ڪيائين. هي پهريون سنڌي ماستر هو، جنهن ڪنڊر گارڊن امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سکر جي سماجي ورڪر ليڊرن جي فهرست مان محمد اسحاق جو نالو ڪڍيو تہ خال رهجي ويندو.
محمد عمر خان
سندس ڀائر پهريان پشوري هئا، جن سکر جي ڇپري بازار ۾ پشوري ناس جا دڪان کوليا هئا. ناس جي ڪاروبار کان پوءِ محمد عمر خان ريلوي ۾ لوڊنگ جو ٺيڪيدار هو. خانبهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور جي ڏينهن ۾ رياست خيرپور جي سرڪاري دفترن ۾ گهربل مال پهچائيندو هو. وفات بہ سکر ۾ ڪيائين ۽ پراڻي سکر ۾ شيخن جي مقام ۾ دفنايو ويو. ماستر حبيب الله، ماستر محمد اسحاق، شيخ محمد سليمان ۽ سردار محمد علي سان دوستي هيس.
محمد عظيم خان
حاجي محمد عظيم خان پشوري سکر ۾ واپار ڪندو هو ۽ وٽس وڏو گدام هو، جنهن مان آمدني هيس.
عبدالحق خان
عمدة الحڪماء ولد حاجي محمد عظيم خان جو وڪٽوريا مارڪيٽ لڳ حڪمت جو دڪان اٿس. حڪمت جي سند لاهور مان حاصل ڪيائين. حڪيم صاحب جو شمار سکر جي سماجي ورڪرن ۾ آهي ۽ ڪتب فروش بہ آهي. تجريد بخاري جا جلد مولوي وفائي صاحب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سنڌين تي احسان ڪيائين.
راج ولي خان
هزارا کان نڪري پيدل سفر ڪري حج ادا ڪيائين. ديارِ حبيب کان موٽندي سکر کي ٽالپرن جي دور ۾ وطن جوڙي ويٺو. هو پنڃارو هو ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ خير جا ڪم بہ ڪرڻ لڳو. ڍڪ روڊ تي جاءِ جوڙائي هڪ مسجد بہ تعمير ڪرايائين ۽ ٽي جايون غريب آباد ۾ خريد ڪيائين. 1901ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پٺيان چار پٽ امام بخش، رسول بخش، پير بخش ۽ حاجي خان ڇڏي ويو. انهن منجهان حاجي خان هن وقت زنده آهي.
ڪمانگر
سکر پراڻي ۽ نئين جا ڪمانگر شڪارپور کان آيل آهن. سندن ٽي پاڙا آهن، گجراتي، لاڙائي ۽ ٿاڻائي. مستري پريل آرائين ۾ ديرو دمايو ۽ مستري پير بخش، مستري احمد ۽ مستري نور حسن اهي اوائلي ڪاريگر هئا، جن سکر پراڻي کي وطن جوڙيو. ڪمانگرن جو چوڻ آهي تہ اهي علاؤ الدين خلجي جي لشڪر سان سومرن جي صاحبي ۾ سنڌ ۾ آيا، والله اعلم. پر ايترو پتو پوي ٿو تہ اهي نول غوري پير جا مريد آهن ۽ ان جي نالي تي منتون (باسون) باسيندا آهن.
مستري خدا بخش
سکر جي ڪمانگرن مان پهرئين شخص مستري خدابخش کي سرڪاري ڇپري بندر جي گدامن جي مرمت ڪرڻ لاءِ گهرايو هو جو پنهنجن شاگردن سان اچي سکر ۾ ويٺو. اهي ڪمانگر ڪاٺيءَ تي نقاشي ۽ رازي جو ڪم بہ ڪندا هئا، جڏهن اڃا گرڊرن جو رواج ڪو نہ هو. مستري خدابخش 1918ع ۾ وفات ڪئي.
ميان غوث بخش
ميان غوث بخش ولد مستري خدا بخش هن وقت بنيادي جمهوريت جو ميمبر آهي.
مستري عبدالغفور
ڪمانگر، جيڪي غريب آباد جي ڪمانگرن جي محلي ۾ رهن ٿا، انهن ۾ مستري عبدالغفور چڱو ڪاريگر هو. کيس ٻہ پٽ هئا. ميان عبدالمجيد جو جواني ۾ گذاري ويو، ننڍي پٽ ميان رسول بخش جو واڍڪو دڪان غريب آباد ۾ آهي.
ڀٽا
ڀٽا سکر جي هڪ قديم قوم آهي، جن جي رهائش سکر جي جهنگلي حصن ۾ هئي. ڀٽا، جن کي آرائين بہ چون ٿا ۽ انڊو پاڪ برصغير ۾ پکڙيل آهن ۽ شام، عراق، اردن، يمن ۽ حجاز ۾ بہ موجود آهن.
آرائين مٿن نالو ان ڪري پيو جو سندن اصل وطن آريها ARRIHA شام ۾ هو ۽ غازي محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ جهاد جي شوق ۾ ڀرتي ٿي 712ع ۾ سنڌ فتح ڪيائون. ڪي چون ٿا تہ ڀٽا حضرت سليم مڪي جي اولاد مان آهن، جنهن مڪه معظمه مان هجرت ڪري مدينه طيبه ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي زوال کان پوءِ پنهنجي اباڻي ڪرت کيتي ڏانهن رجوع ٿيا. هو اصل شام جا رهاڪو آهن، تنهن ڪري عباسي حڪومت ۾ ڀائنجي ٿو معتوب ٿي ويا ۽ ڀڄي گمنام جاين تي پناهه ورتائون. سکر جو ڇپري بندر ڀٽن جون زمينون هيون. اهڙي ثبوت لاءِ وٽن ٻہ يادگارون آهن، (1) شيخ شينهن آرائين جي قبر، جا سکر شهر واسين لاءِ مشهور زيارت گاهه آهي. هن بزرگ متعلق روايتون آهن تہ شينهن تي سواري ڪندو هو. ٻي روايت آحي تہ هر جمعي رات شينهن اچي پڇ سان آستانه کي جهاڙو گهمائي ويندو هو. بهرحال شيخ جو لقب شينهن هوندو پر سندس نالو ڪو ٻيو هوندو جنهن کان ڀٽا قطعي بيخبر آهن. ٻي سکر ۾ ڀٽن جي يادگار ”ڇپري ڀٽا مسجد“ جا صرافڪي ۽ شاهي بازار جي وچ ۾ موجود آهي، پراڻن ڀٽن مان فقط محمد صادق ڀٽي جو نالو ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو جو زراعت پيشه هو، پوءِ هندو زمينون وڪڻندا کپائيندا ويا.
محمد اسماعيل
محمد اسماعيل ڀٽو واپاري ۽ زميندار هو. ڀٽا روڊ تي سندس حاطو هو، سندس پٽن مان محمد سليمان سپرنٽينڊنٽ انجنيئر پهريون ساکرو مسلمان هو، جنهن 1934ع ۾ انگلينڊ مان انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيو، ٻيو پٽ ڊاڪٽر غلام محمد جنهن جي اسپتال ڀٽا روڊ تي آهي. 1953ع ۾ ميونسپل ڪائونسلر، مسلم ليگ ميمبر ۽ جسٽس آف پيس هو.
محمد حسن
حاجي فقير محمد حسن خيبر جي ڪمن ڪري فقير جي لقب سان سڏبو آهي. هو پنهنجي واپار جي ڪمپني جو ايجنٽ آهي، جنهن جون ڪراچي ۽ والس گنج سکر ۾ برانچون آهن جيڪي سندس ٻہ پٽ هلائيندا آهن. وڏو پٽ صالح سکر ۾ ۽ عبدالغفور ڪراچي ۾. حاجي فقير محمد حسن کي شمس آباد ۾ برف شاپ آهي ۽ منجهس ڪولڊ اسٽوريج بہ آهي جو خيرپور ڊويزن ۾ پهريون ڪولڊ اسٽوريج آهي، قرآن شريف جي سيپارن جو ترجمو ڪرائي مفت تقسيم ڪندو هو، فقير صاحب وفات ڪري ويو آهي.
ڀٽن جا ڪارخانا
سکر ۾ ڀٽن جا پلٽ ۽ ليٽ جا گهڻائي ڪارخانا آهن، جهڙوڪ (1) حاجي پير بخش جي بئراج روڊ تي فائونڊري جو ڪارخانو، جنهن ۾ مشينن جا پرزا جڙن ٿا (2) مستري رسول بخش جو ڀٽا روڊ تي ڪارخانو فائونڊري ۽ ليٽ کان سواءِ ڪتر جون مشينون جڙن ٿيون (3) مستري ڪريم بخش جي شيخ شينهن روڊ تي فائونڊري.
بادل
حاجي بادل شينهن جو متولي هو. کانئس پوءِ پٽس عبدالله متولي ٿيو هو، سندس وفات کان پوءِ عبدالله جي پوين وٽ سندون نہ هئڻ ڪري خانقاه شيخ شينهن اوقاف کاتي جي ماتحت آهي.
مولوي محمد عظيم
مولوي محمد عظيم صاحب ڀٽو غريب آباد جي اڇي مسجد جو پيش امام، ڀاڳناڙي جي ڀٽن مان وڏو عالم ۽ پرهيزگار ٿي گذريو آهي. راقم وٽس ابتدائي تعليم قرآن شريف جي حاصل ڪئي. اها مسجد بہ ڀاڳناڙي جي ڀٽن تعمير ڪرائي هئي، اڄ ڪلهه جامع مسجد آهي.
سلواٽا
سکر جي سلواٽا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا جيڪي غريب آباد جي اڇي مسجد جي ڀر ۾ رهن ٿا، سي مارواڙ جي پوڪران شهر جا رهاڪو آهن، هن طبقي مان سلطان دولتمند آهي، جنهن جي سلطان هوٽل اسٽيشن روڊ تي آهي، ليمجي جي چاڙهيءَ تي رهندڙ سلواٽا اڪثر جيسلمير جا رهاڪو آهن. سکر ۾ سندن قدامت لاءِ ٿرپارڪر جي ننگر پارڪر تعلقي جي ڳوٺ ڀالوا ۾ جيڪا مارئي جي پٿر جي ڪونڊي پيل آهي اها سکر جي سلواٽن جي ٺهيل چئي وڃي ٿي، سکر جي نرم پٿر وارين ٽڪرين کي ٽڪي روزي ڪمائين ٿا، ڪن وٽ پنهنجون جايون آهن ۽ ڪي مالدار بنجي سرڪاري ٺيڪا کڻندا رهيا.
مستري محمد عظيم
سلواٽن جي محلي جي هڪڙي گهٽيءَ تي سندس نالو آهي، پهريان سنگتراشي ڪندو هو پوءِ ٺيڪا کڻڻ لڳو. کيس نظر محمد اوورسيئر ۽ امام بخش ٻہ پٽ هئا.
مستري رضا محمد
مستري محمد عظيم جي ناٺي وڏو ٺيڪدار هو، ڪراچي کان ڪوٽڙي ڊبل ريلوي لائين جو ٺيڪو کنيو هئائين. لاولد وفات ڪري ويو.
حاجي امام بخش
حاجي امام بخش وڏو ٺيڪدار هو ۽ پوين لاءِ وڏي ملڪيت ڇڏي ويو.
محمد ابراهيم
ولد حاجي امام بخش لئنڊ لارڊ گهڻا سال ميونسپل ڪائونسلر رهيو. مناري هيٺان مارجيٽ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جا ٽڪر ڪاٽي ٺاهي ويئي آهي، سندس رٿ سان ميونسپل ٺهرائي.
انهن کان سواءِ مستري مولا بخش حال حيات ٺڪيدار هو. مستري سامو پي – ڊبليو – ڊي کاتي جو ٺيڪيدار هو.
بروهي
بروهين جا سکر ۾ ٽي قبيلا رهن ٿا – شاهواڻي، محمد شهي ۽ پندواني. سراوان ۽ جهالاوان کان نڪري سنڌ ۾ پهتا ۽ محنت مزوري ڪري گذرسفر ڪندا رهيا، انهن منجهان جن تعليم حاصل ڪئي، سي آسودا ۽ پنهنجن جاين ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي علم کي بي بهره آهن، سي ٽڪري مٿان جهوپڙين ۾ رهي مزوري ڪن ٿا.
شير محمد خان
شير محمد خان ولد داد محمد خان تعليم يافته هئڻ ڪري انجڻ ڊرائيور هو. مزوري جي حالت ۾ سکر جي ليڊرن جهڙوڪ غوث علي شاهه، پيرزاده عبدالرحمان، ماستر شيخ حبيب الله، بابو محمد سليمان، ماستر محمد اسحاق سان سندس دوستي هئي. عيدگاهه کان چندو گڏ ڪرڻ وقت هن وڏي رقم سکر انجڻ سيڊ جي مزورن کان گڏ ڪئي. ريلوي عملدارن ۾ کيس ڪافي رسوخ هو. سکر انجڻ شيڊ ڪوارٽرن واري مسجد سندس صلاح سان ريلوي عملدارن تعمير ڪرائي، جا اڄ بہ موجود آهي. کيس چار پٽ هئا: رحيم داد خان (راقم)، غلام محمد خان، غلام نبي خان ۽ لعل محمد خان. کيس هڪ نياڻي هئي جا هن شير محمد خان چانڊيو گارڊ سان پرڻائي هئي. شير محمد خان بروهي 1935ع ۾ وفات ڪئي ۽ مرڻ کان اڳ پٽن لاءِ غريب آباد ريس ڪورس روڊ تي جاءِ جوڙائي ويو. غلام محمد خان انجڻ ڊرائيور هو. سندس ٻہ پٽ غلام مرتضيٰ خان بنيادي جمهوريت جو ميمبر ۽ داد محمد خان ٺيڪيدار آهي. غلام نبي خان، جيڪو جنرل غلام نبي جي نالي سان مشهور هو، گهڻا ورهيہ ميونسپل ڪائونسلر رهيو ۽ لئنڊلارڊ هو. مسلم ليگ جو سرگرم رڪن ۽ ريسٽوريشن ڪاميٽي جو منزل گاهه جي سوال وقت ميمبر هو. لئنڊ لارڊ دڪاندار هو. کيس ٽي پٽ آهن: امان الله خان، عنايت الله خان ۽ ظفر الله خان. اهي تعليم يافته آهن. لعل محمد خان هن وقت مغلپوره ريلوي ورڪشاپ ۾ فورمين آهي ۽ انگلينڊ بہ ويو هو. کيس ڪافي اولاد آهي.
رحيمداد خان
رحيمداد خان ولد شير محمد خان 1891ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مولوي خدا بخش ابڙي ۽ مولوي محمد عظيم ڀٽي کان حاصل ڪري 4 درجا سنڌي ۽ 6 درجا انگريزي پڙهي، 1913ع ۾ انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر ٿيو، 1914ع ۾ فائر مين، بعد ۾ ٽرئفڪ کاتي ۾ ٽرين ڪلارڪ، يارڊ فورمين، سيڪنڊ گارڊ ۽ پوءِ گارڊ ٿيو. 1939ع ۾ ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ڪيائين. 1941ع ۾ خان بهادر الله بخش سومري وزير اعليٰ سنڌ جي روزانه اخبار ”آزاد“ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ريلوي ملازمت ڪندي سندس مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المناره، الوحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيندا رهيا، پر اصلي نالي بدران ”مولائي شيدائي“ جي نالي سان شايع ٿيندا هئا. اهو نالو مولوي دين محمد وفائي، سيد علي محمد راشدي مٿس رکيو هو. روزانه ”آزاد“ ڪانگريسي اخبار هئي، تنهنڪري اتان ڇڏي 1945ع ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو فيلو چونڊيو ويو ۽ پنجن سالن تائين اتي رهيو. ايوبي انقلابي حڪومت 1960ع ۾ مولائي شيدائي لاءِ هڪ سؤ رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو جو هڪ سال کان پوءِ بند ٿي ويو. 1962ع ۾ رائيٽرس گلڊ ڪاميٽي سنڌ ريجن جي سفارش سان هن لاءِ وظيفو جاري رهيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جو مڃيل اديب، صحافي ۽ پاڪستان پبليڪيشن جي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ محقق ڄاڻايل آهي.
تصنيفات
مختصر تاريخ بلوچستان – 1941ع ۾ سکر مان شايع ٿي، جنهن کي علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، ٽيچرس لائبريري ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪيو، حڪومت برٽش بلوچستان کان 4 سؤ روپيا ۽ درٻار قلات کان اڍائي سؤ روپيا انعام مليا.
جنت السنڌ – سنڌ جي تاريخ حوالن سان، جنهن لاءِ کيس هڪ هزار روپيا سنڌي ادبي بورڊ ڏنا ۽ 1958ع ۾ شايع ٿي.
بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ – هي هڪ ڪتابچو آهي جو مهدوي جماعت شهدادپور، ڪراچيءَ مان اردو ۾ شايع ڪرايو.
فيلو شپ عرصي جا ڪتاب: (1) تاريخ تمدن سنڌ – جا 1959ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان شايع ٿي. (2) روضته السنڌ جا تاريخي جاگرافي آهي. (3) تاريخ هندو ڊاڪٽر سي – ڊيويز ريڊر آڪسفورڊ يونيورسٽي جي انگريزيءَ جو سنڌي ترجمو.
موسوين جي مختصر تاريخ – ميرڪي ساداتن جي ابتدائي تاريخ آهي.
تاريخ خاصخيلي – خاصخيلين جي مختصر تاريخ آهي، جا حڪيم نور محمد ندوي خاصخيلي لکرائي شايع ڪرائي. مصنف کي پنج سؤ روپيا حڪيم ڏنا.
سر غلام حسين هدايت الله – خان بهادر نظام الدين پٺاڻ مصنف کي هڪ سؤ روپيا ڏيئي لکرائي شايع ڪرائي.
سنڌ جي اقتصادي تاريخ – سر ڳواسي ڊاڪٽر ايس – بي ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ انگريزي ۾ لکي آهي، جنهن کي سر الحق ايم – اي سنڌي ۾ ترجمو ڪو ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي آهي. ڪتاب ۾ 1592ع کان 1842ع تائين بيان ڏنل آهي، مولائي جا مؤمن جي دڙي کان 1596ع تائين لکيل تاريخ تي دستخط موجود آهن.
مقالات شيدائي – 4 جلد مولائي شيدائي جا وقت بوقت رسالن ۽ اخبارن ۾ جيڪي مضمون شايع ٿيندا رهيا موجود آهن.
سنڌ جا قديم شهر – جلد پهريون دستخط موجود آهن.
مڪتوبات شيدائي – مولائي شيدائي کي وقت بوقت جيڪي خط مليا، سي ”ميخانه مولائي“ جي عنوان سان موجود آهن.
سوانحِ عمري – مولائي جي قلم سان خودنوشته زندگي جي سفر جو بيان آهي.
تاريخِ سکر – دستخط جي صورت ۾ موجود آهي مسٽر مولائي کي فقط هڪ نياڻي آهي. نرينه اولاد ڪونهي.
حاجي شير محمد خان
حاجي شير محمد خان چانڊيو، شير محمد خان بروهي جو ناٺي ريلوي کاتي ۾ گارڊ هو. ريلوي کاتي کان رٽائرڊ ٿي حج ڪري آيو ۽ باقي عمر جا ڏينهن گوشه نشيني ۾ گذاريائين. اسٽيشن روڊ تي جيڪا ريلوي ڪوارٽر وٽ وڏي مسجد آهي، تنهن جو سنگ بنياد حاجي شير محمد خان هٿان رکايو ويو. جامع عربي، جا 1933ع ۾ غريب آباد ۾ قائم ڪئي ويئي، ان ۾ حاجي صاحب چندي جي مدد ڪئي. کيس ٽي پٽ آهن، علي بخش خان، واحد بخش ۽ حاجي شير محمد خان، هن 1953ع ۾ وفات ڪئي.
رئيس علي بخش خان
رئيس علي بخش خان زميندار ۽ لئنڊلارڊ ولد حاجي شير محمد خان بہ ريلوي ۾ گارڊ هو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي زمين دادو واري جي سنڀال ڪري ٿو ۽ لاڙڪاڻه ۾ رالي باغ واري هنڌ تي سندس جايون آهن، کيس پنج پٽ – محمد اسلم، محمد اڪرم، محمد اشرف، محمد افضل ۽ محمد اصغر آهن. رئيس علي بخش کي سکر ۾ جايون آهن.
غلام محمد خان
حاجي غلام محمد خان ويٺل چپري ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ شخصيت رکندڙ هو. پٽس غلام رسول بہ ميونسپل ڪائونسلر هو. حاجي غلام محمد خان جو ڀاڻيجو حاجي رحمت الله خان ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو.
دهلوي ۽ پنجابي
انعام الاهي
اصل دهلي جا رهاڪو هاڻ سکر سندن گهڻي عرصي کان وطن آهي. انعام الاهي صاحب ٺيڪيدار آهي.
مهر الاهي
مستري حاجي الاهي ريلوي ورڪشاپ ۾ مستري هو. کيس 6 پٽ آهن:
عمر الاهي، محبوب الاهي، مشتاق الاهي، مقبول الاهي، نور الاهي، بخش الاهي. حاجي مهر الاهي صاحب جو سؤٽ آهي.
صوفي محمد رفيع
محمد رفيع صاحب رٽائرڊ ڊي – ايس – پي بئراج ۾ رهي ٿو، احمديه تبليغ جو وٽس مرڪز آهي.
محمد ياسين خان
حاجي مهر الاهي مستري جو ڀاءُ محمد ياسين خان وٽ سائيڪل رپئرس جو دڪان آهي.
غلام نبي
غلام نبي زين ساز سيالڪوٽي کي سکر جي فريئر روڊ تي زين سازي جو واحد دڪان هو، کيس وڏي ڪمائي هئي، هينئر سندس پٽ کي شڪارپور روڊ تي زين سازيءَ جو دڪان آهي.
مستري روڙو
سکر بندر گاڏي حاطي ۾ مستري روڙي پنجابي جو لوهارڪو دڪان هو، دڪان چڱو رنگ ڄمايو، روڙو صاحب محنت ڪري دولتمند بنجي ويو ۽ خير خيرات چڱي ڪندو هو، محتاجن ۽ درويشن کي ڪو نہ موٽائيندو هو. گاڏي حاطي ۾ سندس جوڙايل مسجد نہ مٽجندڙ يادگار آهي. سندس پويان ٺيڪيدار آهن، سکر جا ڪاسائي جلندري آهن.
قاضي
قاضي سومر
سردار علي شاهه جي ڪارخاني لڳ مرحوم قاضي سومر جون جايون آهن، لئنڊلارڊ هو.
قاضي غلام دستگير
قاضي غلام دستگير ولد قاضي سومر گهڻن سالن تائين سکر ميونسپالٽي جو ڪائونسلر ۽ سينيٽري ڪاميٽي جو ميمبر هو، لئنڊلارڊ هو.
قاضي عبدالخالق
قاضي عبدالخالق صاحب روهڙي جي قاضين جو فرد سکر جو مجذوب پهريان روهڙي ۾ رمضان ٽيلر ماسٽر وٽ درزڪو ڪم سکندو هو. سندس والد پوسٽ ماسٽر هو، جنهن هن کي پڙهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر عبدالخالق پاڻ کي پچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ دفعي ڪو درويش روهڙي شهر ۾ آيو، استاد رمضان ۽ سندس شاگرد عبدالخالق ٻئي درويش جا مريد ٿيا. قاضي صاحب دڪان ڇڏي وعظ واري مسجد روهڙي جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. جڏهن اهو هنڌ ناڙا ڇوڙ ۽ رفع حاجت سان ڀري ڇڏيائين ۽ ماڻهن سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن اتان اٿي عيدگاهه واري ٽڪريءَ تي قاضين جي قبرستان ۾ وڃي ويٺو، جڏهن اهو هنڌ بہ ڀري ڇڏيائين، تڏهن سکر وڪٽوريا مارڪيٽ جي ڏکڻ پاسي واري ديوار ٻاهريان چمنداس حلوائي جي دڪان جي سامهون ديوار کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو، ڪجهه وقت کان پوءِ مارڪيٽ جي شربت وارن اڳيان ناليءَ تي وڃي ويٺو. بعد ۾ غريب آباد سڪي تلاءُ ۾، جتي شهر جو ڪچرو اڇلائيندا هئا، اتي ويٺو. آخر وزير نالي هڪ ناڙي وال قاضي صاحب کي کڻي هڪ چوديواري ۾ بند ڪيو جتي ماڻهو مجذوب کي ڏسڻ ايندا هئا ۽ وزير جي روزي کلي وئي، قاضي صاحب هينئر سفيد ريش پنهنجي آستاني ۾ رهي ٿو ۽ مٿانس ماڻهن جو هر وقت هجوم رهي ٿو.
مڪراني
سکر جا مڪراني بلوچ شيخ شينهن جي قبرستان پٺيان مڪراني محلي ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجون بلڊنگون اٿن، 1908ع ۾ پشم جي ڌنڌي ۽ واپار ڪرڻ جي ارادي سان سکر اچي ويٺا. اهي اڪثرت هوت، لاشاري، درزاده ۽ نقيب ذاتين مان آهن. 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ ڪري سندن ڌنڌي ۽ واپار کي نقصان پهتو.
سيٺ داد محمد خان
سندس ڀاءُ سيٺ رحمت خان ولد خالق داد خان لاشاري لکا پتي سيٺيون هئا، وٽن پشم جا ڪارخانا هئا، جن ۾ مزور مرد ۽ عورتون ڪم ڪندا هئا. 1947ع تائين ڪارخانا قائم رهيا.
جمعدار
جمعدار داد محمد کي شڪارپوري روڊ تي هوٽل ۽ بلڊنگ هئي، 1937ع ۾ وفات ڪيائين، پٽس علي محمد خان ڪراچي ۾ پشم جو ڌنڌو ڪري ٿو. جمعدار محمد، جمعدار الياس، جمعدار محمد عيسيٰ ولد فيروز شاهه پشم جو ڌنڌو ڪندا هئا.
مولوي احمد
مولوي احمد ۽ سندس ڀاءُ منشي جان محمد ۽ ڪي ٻيا عالم، فاضل ۽ پرهيزگار هئا، مولوي احمد ۽ جان محمد جو والد محمد بيت الله خان هو، بندر تي مڪرانين جي مسجد سکر جي مشهور مسجدن مان آهي، جنهن جو خرچ محلي وارن مڪرانين جي چندي سان هلي ٿو. مولوي احمد جو قرآني تعليم جو جيد عالم ۽ مفسر پيش امام هو، هينئر سندس ناٺي مولوي خير محمد ولد جان محمد پيش امام ۽ مسجد جي نگراني ڪري ٿو. ڪي موٽر ڊرائيوري ۽ ڪي مزوري ڪن ٿا.
ڀٽي
حافظ عبدالحميد
ڀٽي راجپوت چند رونسي ڪل مان آهن، جيسلمير جي راولن جي دعويٰ آهي تہ ڀاٽي سري ڪرشن جو اولاد آهن. وري جيڪي مسلمان ٿيا، سي ڀٽي سڏجڻ لڳا. حافظ جان محمد بزرگ عالم هو جنهن المنار سکر مان شايع ڪئي ۽ مدرسو قائم ڪيو. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته:
”سنڌ سمو، ڪاڇو چنو، ڀٽي جيسلمير“ حافظ عبدالحميد ولد حافظ جان محمد، فاضل جامعه عربيه ٺيڙهي ايڊيٽر هفتيوار المنار ۽ مالڪ محموديه پريس اصل اروڙ جو رهاڪو هو، سکر جو جهونو صحافي ۽ قومي خدمتگار خلافت جي زماني کان خدمت ڪندو اچي ٿو. مسجد منزلگاهه واري سوال تي ٻين مجاهدن سان جيل ڪاٽيو هئائين. حافظ سکر جو وڏو واپاري ۽ ڪتب فروشي بہ ڪري ٿو. سندس پٽ مسٽر رشيد ڀٽي ايڊووڪيٽ مزاحيه ناول نويس ۽ سنڌ جو اديب آهي. هن وقت سکر جي اخبارن مان ”المنار“ سڀني کان جهوني آهي.
مولوي دين محمد وفائي
سکر جي علمائن بلڪ سنڌ جي علمائن ۾ مولوي دين محمد وفائي جو نالو مشهور آهي. سکر جو هي شهر واسي وڏو اديب، محقق، محدث، مفسر ۽ بي مثل صحافي ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. مولانا دين محمد صاحب 27 رمضان 1311 هه ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد هو جو ذات جو ڀٽي هو. ابتدائي تعليم مولوي صاحب والد وٽ پرائي، اڃا 9 ورهين جو مس ٿيو تہ پيءُ جو سايو سر تان کڄي ويس. پر مادر مشفقه جي ڪوشش سان تعليم کي جاري رکندو آيو. پارسيءَ جي رهيل تعليم پنهنجي عزيز ميان محمد عالم وٽ پوري ڪيائين ۽ عربي تعليم واسطي مولانا فيض عالم جتوئي وٽ ڳوٺ سوني جتوئي تعلقه لاڙڪاڻي ۾ پنجن سالن تائين شاگرد رهيو، پهريان 19 ورهين جي عمر ۾ ڪراچي مدرسي ۾ تعليم ڏيندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ کيس مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي جي صحبت مان بيحد فيض حاصل ٿيو. مولانا وفائي جي علمي شهرت کان سنڌ واقف ٿي سندس پهرين اهليه وفات ڪئي. 1914ع ۾ ڪراچي ڇڏي راڻي پور جي جيلاني صاحبزادن جي تعليم ڏيڻ تي مامور ٿيو. 1916ع ۾ راڻي پور ڇڏي سکر پهتو ۽ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان اولاد ٿيس. بعد ۾ ٺلاه شريف پهتو، جتي حاجي سيد امام الدين شاهه راشدي جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ قدوت العارفين پير سيد محمد رشد الله جهنڊي واري کان فيض پرايائين. خلافت تحريڪ شروع ٿيڻ سان مولانا ٺلاه شريف مان نڪري سکر جي اخبار الحق ۾ انگريزن خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي، ڇو تہ انگريزن ترڪن خلاف هڪ رسالو ڀاڙيتو ملن کان لکرائي مولوي عبدالحق حقاني دهلوي کان شريف حسين جي فائدي ۾ صحيحون وٺي مهر هڻائي هئي. انهيءَ رسالي جو نالو ”تحقيق الخلافت“ هو. جنهن جي رد ۾ صدر جميعت العلماء سنڌ مولانا تاج محمد صاحب امروٽي، مولوي وفائي صاحب کان رسالو ”اظهار الڪرامت“ لکرائي مارچ 1920ع لاڙڪاڻي جي خلافت ڪانفرنس ۾ مفت ورهايو. هن ڪانفرنس ۾ مولانا ابو الڪلام، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا. اظهار الڪرامت شريف حسين جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا. هن تحريڪ ۾ مولانا کي جميعت العلماء جو ناظم مقرر ڪري ڪراچي ۾ رکيو ويو. انهيءَ دور ۾ سنڌي صحافت وجود ۾ آئي ۽ هن ڏس ۾ سکر صوبه سنڌ ۾ پهريون شهر هو، جنهن ۾ مسلمانن جون ٻہ روزانه اخبارون نڪرنديون هيون. راڻي پور واري زماني ۾ وفائي صاحب قاديانين جي رد ۾ ماهوار رسالو ”صحيفه قادري“ جاري ڪيو هو ۽ ٺلاه واري زماني ۾ ”لليڪاشفي“ جاري ڪيو، جنهن جو سرپرست پير سيد عبدالغفار راشدي هو. مارچ 1920ع ۾ سيٺ عبدالله هارون ڪراچي مان روزانه ”الوحيد“ اخبار جاري ڪري وفائي صاحب کي ايڊيٽر مقرر ڪيو. 1923ع ۾ مولانا هڪ ماهوار ادبي، مذهبي ۽ تاريخي رسالو ”توحيد“ جاري ڪيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي هن موقعي تي مولانا الوحيد جو اسپيشل نمبر شايع ڪيو جو سندس علمي لياقت جو ثبوت آهي. اهڙو نمبر اڳ سنڌ ۾ ڪو نہ شايع ٿيو هو. 1927ع مولانا وفائي پير سيد حزب لله شاه جي سرپرستي هيٺ سکر مان اخبار ”الحزب“ جاري ڪئي. 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ،سنڌ ۾ ”عبدالاهي“ تحريڪ شروع ڪئي.مولانا وفائي هن تحريڪ جو ڪارڪن ٿي رهيو.مٿئين تحريڪ سان ايتري قدر والهانه محبت هئس، جو 1943ع ۾ لاڳتين 23 سالن جي رشتن کي ٽوڙڻو پيس. ڪجهه وقت روزانه آزاد ڪراچي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.
تصنيفات
مولانا وفائي هونءَ تہ زندگيءَ جو وڏو عرصو اخباري دنيا ۾ صرف ڪيو. ان هوندي بہ سندس تصنيفات جي فهرست هن طرح آهي:
(1) تاريخ محمد مصطفيٰ (2) فاروق اعظم (3) صديق اڪبر (4) سيرت عثمان (5) حيدرِڪرار (6) خاتون جنت (7)غوث اعظم (8) نومسلم هندو راڻيون (9) راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي (10) توحيد اسلام ترجمو تقويت ايمان (11) اعتقاد صحيح (مذهب اهلِ حديث ) (12) مقصد زندگي (فلسفهء علم نفس) (13) الختم علي فم الخصم (رد- قادياني) (14) لاجواب تحرير (15) قرآني صداقت (16) هندو ڌرم ۽ قرباني (رد- آريا هنود) (17) العالم الباري ترجمه تجريد بخاري 5 جلد (18) ترجمه فتح الغيب (تصوفِ نامڪمل) (19) تذڪره مشاهير سنڌ (20) اظهار الڪرامت (21) شاهه جي رساله جو مطالع (22) لطف لطيف. مولانا وفائي شاعري تي چڱو عبور رکندڙ هو.
1942ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ادبي ترقي لاءِ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو، تنهن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 22 جمادي الاخر 1369 هه مطابق 11 اپريل 1950ع ۾ مولانا دين محمد وفات ڪئي ۽ شهيد آدم شاهه جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. راقم سان گهرا تعلقات هئس. دين محمد وفائي صاحب جا ٻہ پٽ وڏو شفيع محمد آبڪاري کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي ۽ ننڍو علي نواز وفائي ڪجهه وقت ڪراچي مان توحيد کي جاري ڪيو ۽ بعد ۾ هفتيوار آزاد ڪراچي مان جاري ڪيائين جا هن وقت بہ جاري آهي، جنهن ادبي ادارن ۾ چڱي خوشبو پيدا ڪئي آهي.
چنيوٽي خواجه
سکر جا چنيوٽي شيخ زاده خواجا ”مگو“ ڪُل جا کتري آهن، جيڪي چمڙي جي واپار سانگي اسٽيشن روڊ تي سکر جي شهر واسين کان زمينون خريد ڪري بلڊنگون جوڙائي چمڙي جو واپار ڪن ٿا. سمورا تعليم يافته ۽ مخير واپاري آهن، چنيوٽ جي سر زمين هونءَ بہ نيڪ نامن جي ڪري مشهور آهي، چنانچه حڪيم عليم الدين انصاري جو نواب وزير خان جي لقب سان تاريخي شخصيت آهي، ٻيو علامي سعد الله خان جو نواب وزير خان جي لقب سان تاريخن ۾ مشهور آهي، لاهور جي مسجد وزير خان ۽ وزير آباد سندس جوڙايل يادگارون آهن، سندس تعريف ماثر الامرا ۾ ڏنل آهي. چنيوٽي شيخ رازدن سيٺين مان سيٺ چراغ الدين ۽ سيٺ امير الدين پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ هئا. سندن مورث اعليٰ ميان سلطان کي مهاراجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ وڏي رسائي هئي. خالصا راڄ ۾ چنيوٽ ضلع شيخوپوره ۾ هو ۽ هينئر ضلع جهنگ ۾ آهي. ميان سلطان کي خالصا درٻار مان جيڪي جاگيرون مليون هيون سي سندس پوين وٽ اڄ تائين موجود آهن، جن جي قيمت لکين روپين جيتري آهي ۽ اڄ مملڪت پاڪستان جي اقتصاديات ۾ سٺ في سيڪڙو چنيوٽين جو حصو آهي. چنيوٽي خواجا پنهنجو کاتي ناگري خط ۾ رکن ٿا.
سيٺ چراغ الدين
الحاج سيٺ چراغ الدين صاحب جو واپار اعليٰ پيمانه تي هلندو هو ۽ ميونسپل ڪائونسلر ۽ آنرري مئجسٽريٽ بہ هو. پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو. نهايت مخير ۽ معقول شخص هو.
سيٺ امير الدين
الحاج سيٺ امير الدين صاحب بہ ميونسپل ڪائونسلر هو ۽ 1936ع ۾ ميونسپل جي فيصلي موجب وڪٽوريا مارڪيٽ کان وٺي لوڻ گدام تائين ويندڙ رستي تي حاجي امير الدين روڊ نالو رکيو ويو هو. سيٺ صاحب قرآن جو حافظ ۽ پابند صوم صلوات هو، سڄي عمر فوٽو ڪو نہ ڪڍايائين. 1955ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ محمد رفيق صاحب پنهنجي پيءُ جي ڌنڌي کي سنڀاليندڙ آهي.
محمد صديق
حافظ محمد صديق صاحب سکر جو سماجي ورڪر آهي. ڪيترا سال سکر عيدگاهه جي انتظام کي سنڀاليندو رهيو. اڄ بہ قومي خدمت ڪرڻ سندس شيوه آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ميونسپل ڪائونسلر رهيو.
سيٺ محمد الدين
مٿين سيٺين کان سواءِ چنيوٽي سيٺين مان سيٺ فضل احمد صاحب،سيٺ محمد دين صاحب ۽ سيٺ نور حسين جا نالا بہ ناقابل فراموش آهن. نوجوان چنيوٽين خواجه لائبرري قائم ڪئي. 1930ع ۾ سکر جي هندو – مسلم فساد وقت ڪيترن هندن چنيوٽي سيٺين وٽ پناهه ورتي هئي. اهي مخير سيٺيون وقت بوقت شهر واسي مسلمانن کي مدد ڪندا رهيا. 1939ع ۾ مسجد منزگاهه واري موقعي تي جڏهن مسلمانن عيدگاهه کي مورچو ٺاهي ستياگره ڪرڻ لاءِ دستا موڪلڻ لڳا، تڏهن چنيوٽي سيٺين مجاهدن جي خوردنوش لاءِ دل کولي چندا ڏنا هئا.
منگي
منگي عرب آهن ۽ بنو تميم قبيلي مان آهن. محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ پهتا. وري جڏهن سلطان محمود غزنوي 1025ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ عربن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني تڏهن پيشه ور عربن پنهنجا ڌنڌا شروع ڪيا. منگي جراح هئا. اڄ ڪلهه ولايت پاس ڪيل جراحن ۽ ڊاڪٽر کي فئشن ايبل نالي سان سرجن ۽ فزيشن سڏين ٿا. حالانڪ منگين جو بہ ساڳيو ڌنڌو هو. فرق اهو جو ڊگري يافته جراحن وانگي ڪوٽ سوٽ ڪو نہ پائيندا هئا.
محمد اسحاق
الحاج محمد اسحاق منگي اصل شڪارپور جو رهاڪو هو. 1883ع ۾ سکر ضلع جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو تہ گورا عملدار سکر آيا، تنهنڪري محمد اسحاق صاحب کي پنهنجي ڌنڌي سکر ڇڪي آندو. گورن جي سنوارت ڪرڻ مان کيس ڪافي آمدني هئي. ميان محمد اسحاق جهوني وضع تي پابند هو، پر پنهنجن پٽن کي تعليم ڏيارڻ لڳو.
عبدالرشيد
ميان عبدالرشيد ولد اسحاق، پوليس کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ سول اسپتال سکر لڳ ڪنڀار واڙي ۾ بنگلو تعمير ڪيائين. اڄ ڪلهه شڪارپور ۾ رهي ٿو. سندس پٽ پوليس کاتي ۾ عهدن تي آهن.
عبدالحق
عبدالحق خان صاحب ولد محمد اسحاق منگي پوليس کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪري ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.
محمد حنيف
محمد حنيف صاحب منگي سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ سکن جي گردواري وٽ پنهنجون جايون اٿس.
صالح محمد
الحاج صالح محمد صاحب منگي غريب آباد ۾ جراحي جو پيش ڪري ٿو ۽ فنِ جراحت ۾ مڃيل استاد آهي. اسپتالن مان نا اُميد ٿيل ڦٽن ڦرڙين واري پري کان وٽس اچيو شفا حاصل ڪن ٿا. ميان صالح محمد پابند صوم ۽ صلوات آهي. سکر شهر جا وڏا ماڻهو پنهنجن ڇوڪرن جو کانئس ختنو ڪرائين ٿا.
گل حسن
الحاج گل حسن منگي صاحب سکر ضلع مان چونڊيل صوبائي ڪائونسل جو ميمبر ۽ پنهنجي خلق ۽ اخلاص ڪري لاهور اسيمبلي ۾ سنڌين جي حقن لاءِ پوري طرح مطالبا ڪري فرض ادا ڪري ٿو. هن صاحب لاڙڪاڻي ضلع مان لڏي پنهنجي ڀاءُ علي حسن منگي سان گڏ سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي.
مهر
امير بخش
خان صاحب امير بخش خان مهر زميندار ۽ سکر جي سماجي ورڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ گهڻين ئي ڪاميٽين جو ميمبر آهي، خوش خلق ۽ ملنسار آهي. مير محمد خان سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ پير بخش خان ليوڪس پارڪ جي سامهون ٽڪري تي رهندو هو. اڳ وڪالت ڪندو هو. هينئر زمينون سنڀاليندو آهي.
عبدالرسول خان
عبدالرسول خان بيراج ڪالوني ۾ رهندو آهي، وڏو زميندار ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي.
ايراني
پير صبغت الله
پير صبغت الله صاحب ايران جو مڃيل عالم ۽ مريدن وارو آهي، پهريان سکر بندر تي رهندو هو ۽ احياء دين جي تبليغ ڪندو رهيو سردار محمد علي خان محمد زئي پوليٽيڪل پينشنر ۽ زميندار جي دختر نيڪ اختر سان شادي ڪيائين، پر پوءِ انگريزي حڪومت هن بزرگ کي جاسوسي جي شڪ ۾ فيض آباد (يو – پي) ڏانهن جلاوطن ڪيو. قيام پاڪستان کان پوءِ موٽي سنڌ ڏانهن آيو ۽ حيدرآباد رهي ٿو. سردار محمد علي خان جي ٻارن جي تعليم ۽ ميرپور ماٿيلي واريون زمينون سنڀالي ٿو. سندس خطبن ۾ تاثير آهي.
عبدالرزاق
عبدالرزاق غفوري ولد عبدالخالق ايراني جي هوٽل جيڪا هن وقت ”ڪيفي ايران“ سڏجي ٿي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بهائين سکر ۾ تبليغي مرڪز کولڻ جي ارادي سان ليوڪس پارڪ جي ڀر ۾ کولي. عبدالرزاق غفوري هوٽل جو مئنيجر آهي. 1947ع ۾ هي هوٽل بهائين کولي. بهائي فرقي جو باني سيد علي محمد بابِ شيرازي پاڻ کي 25 سالن جي عمر ۾ ظهورِ عيسيٰ سڏائڻ لڳو ۽ 1850ع ۾ تبريز جي علمائن جي فتويٰ سان شهيد ڪيو ويو. اٽڪل 20000 ماڻهن، جن بهائي دين اختيار ڪيو هو، جامِ شهادت پيتو. بعد ۾ مرزا حسين علي بهاء الدين جي لقب سان 1852ع ۾ مسيح ثاني يا ظهور حسين جي دعويٰ ڪئي. ليوڪس پارڪ جي اوڀرندي ۾ بهائي جماعت جو تبليغي مرڪز آهي. ايوبي دور ۾ شاهه ايران بہ سکر گهمڻ آيو هو.
بغدادي
مولوي عبدالرحمان
سکر جي اردگرد ڪنگري، سوئي، ڀرچونڊي ۽ امروٽ شريف علم ۽ عرفان جا مرڪز هئا، جتان توحيد جي طالبن کي شرابِ معرفت جا لبريز جام ملندا هئا تهڙيءَ طرح 19 صدي جي آخر ۾ حضرت مولانا عبدالرحمان جي وجود مسعود ڪري سکر شهر رحمت ۽ برڪت جو مرڪز بنجي ويو. مولوي عبدالرحمان صاحب جا وڏا اصل بغداد کان آيا هئا. مولوي صاحب ظاهري ناس وڪڻندو هو پر باطني غيب جي خزانن جون وٽس چاٻيون هيون. مولانا حضرت عبدالرحمان صاحب جي تعليم جو پتو ٻن ڪتابن مان پئجي سگهي ٿو:
قدوه الواصلين حضرت خواجه محمد حسن صاحب قدس سره ولد عمدة العارفين حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب فاروقي مجددي قدس سره جي مقدس نسب جو سلسلو ڏهن واسطن سان حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي سان ملي ٿو، ۽ حضرت امام رباني جو پاڪيزه سلسلو ٻٽيهن پيڙهين سان حضرت فاروق اعظم رضه سان ملي ٿو. حضرت خواجه عبدالرحمان مجددي ۽ سندس پٽ خواجه محمد حسن ٻئي مجاهد بزرگ هئا، خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات جو سال 1315 هه 1897ع آهي ۽ سندس مزار ٽکڙ کان 2 ميل اتر طرف گنجي ٽڪر تي آهي ۽ خواجه معين محمد حسن جي وفات جو سال 1365 هه 1945ع آهي. سندس مزار پنهنجي قبلي گاهه جي روضي جي اوڀرندي ۾ آهي. خواجه محمد حسن جي شاگردن مان خواجه عبدالله جان مد ظله العالي ڪتاب ”مونس المخلصين“ لکيو، جنهن ۾ پوري تفصيل سان سندس سوانح حيات تي روشني وڌل آهي.
ڪتاب خواجه محمد حسن مجددي جو لکيل ”تذڪرة الصلحا“ آهي جنهن ۾ پنهنجي همعصر اهل الله بزرگن جو ذڪر پوري تشريح سان بيان ڪيل آهي. هي رسالو نهايت قابل قدر ۽ اهڙو مقبول آهي جو اردو ۾ بہ ان جو ترجمو ڪري صوفي عبدالرحيم صاحب ڪلڪتي واري ڪراچي مان ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. هن رسالي ۾ ان دور جي عربستان، افغانستان، بلوچستان، هندستان ۽ سنڌ جي ڪن قابل ذڪر علما ۽ صلحا جو بہ ذڪر ڏنل آهي ۽ حضرت عبدالرحمان ساکرو جو بہ قدري بيان ڏنل آهي. حضرت عبدالرحمان ساکرو رحه مشهور عالم، فاضل ۽ ولي ڪامل هو ۽ سندن استاد مخدوم محمد صاحب مجذوب سيوهاڻي قلندري رحه هو، جو صاحبِ جذب هو ۽ 1317 هه (1899ع) ۾ وفات ڪيائين. 19 صديءَ جي آخر ۾ سکر ۾ ٻہ درسگاهون هيون، جتي ”قال رسول الله“ جو آواز ٻڌجڻ ۾ ايندو هو. پهرين درسگاهه سکر پراڻي ۾ جامع خير الدين گيلاني جي هئي ۽ ٻي سکر شهر جي قلب ۽ جگر ۾ مولانا عبدالرحمان جي جامع مسجد. انهن کان قديم بکر ۾ مخدوم نوح جو مڪتب هو، جو پوءِ انقلاب دهر ڪري مٽجي ويو هو. سکر پراڻي ۽ سکر نئين جي مٿين ٻن درسگاهن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم شاگردن کي ملندي هئي ۽ ٻئي درسگاهون حڪومت وٽ رجسٽرڊ هيون ۽ هتي جي فارغ التحصيل شاگردن کي سرڪاري دفترن ۾ جلد نوڪري ملندي هئي. ماستر شيخ حبيب الله مولوي عبدالرحمان صاحب جي درسگاه جو شاگرد هو. راقم جو ذاتي تجربو آهي تہ ماستر صاحب فارسي اهڙيءَ طرح ڳالهائيندو هو ، ڄڻ سندس گهر جي ٻانهي آهي. مولوي عبدالرحمان صاحب بين المملڪتي شهرت رکندڙ هو. چنانچه بمبئي ، حجاز ، عراق ۽ شام تائين سندس علميت ۽ برڪتن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ انهن ملڪن ۾ سندس معتقدن جو بيحد گهڻو تعداد هو. جيڪي شاگرد يا معتقد مولوي صاحب سان حج ادا ڪرڻ ويندا هئا ۽ اتان موٽندي جهوليون روپين سان ڀري موٽندا هئا.
سال 95 – 1896ع ۾ سکر شهر ۾ سخت پليگ پئي ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا پر مولوي صاحب وڏي همت سان شهر واسين جي خدمت ڪندا رهيا ۽ لاوارثن جي ڪفن ۽ دفن جو انتظام ڪندا رهيا ڇاڪاڻ تہ ماڻهو بيمارن کي گهرن ۾ ڇڏي ٻاهران تالو هڻي ڀڄي ويندا هئا جڏهن مردن جي بدبوءِ اٿندي هئي تہ حڪومت قفل ڀڃرائي گهرن جا وسلا ساڙائي ڇڏيندي هئي. انهيءَ پليگ ۾ هن ڪامل بزرگ ۽ ولي الله وفات ڪئي. جنازه کي مسلمانن شيخ شينهن آرائين جي قبرستان ۾ دفنائڻ جو ارادو ڪيو پر ڊاڪٽرن ۽ حڪومت اعتراض آندو. توڙي جو شهر خالي ٿي ويو، پر جنازي سان هزارين مسلمانن جو هجوم هو. نوبت ايتري حد کي پهتي جو پوليس جو اٽالو اچي پهتو ۽ خونريز هنگامه جو امڪان هو مگر سکر جي مخلص ليڊر بابو شيخ محمد سليمان جي تدبير سان معاملو خير ۽ خوبيءَ سان ختم ٿيو. مسلمانن کي ڪليڪٽر شيخ شينهن جي قبرستان ۾ جنازه کي دفنائڻ جي اجازت ڏني.
انا الله وانا اليه راجعون
حضرت عبدالرحمان جي همعصر بزرگن جا نالا
حضرت عبدالرحمان ساکرو رح جي همعصر سنڌ جي بزرگن جا نالا ڏيون ٿا تہ انهيءَ وقت جا ڪهڙا بزرگ هئا.
(1) السيد الحاج محمد عثمان شاهه بخاري متوفي 1325 هه (1907ع) لڳ ميرپور خاص (2) حاجي آخونند سچيڏنو بختيار پوري تعلقه سيوهڻ وفات 1312 هه (1894ع) (3) حاجي محمد ابراهيم نظاماڻي نم جو ڳوٺ (تعقله ٽنڊو محمد خان) وفات 1320 هه (1902ع) (4) ميان محمد هاشم درس ڳوٺ ڪلڙي (تعقله ٽنڊو محمد خان) وفات 1320 هه (1902ع) (5) حاجي آخونند الواحد بوبڪ (تعلقه سيوهڻ) (6) حضرت مولانا تاج الدين چوٽياروي (ضلع سانگهڙ) 1338 هه (1919ع) (7) حاجي محمد احسان جروار بلوچ ڳوٺ جروار (تعلقه ٽنڊو الهيار) وفات 1320 هه (1902ع) (8) حاجي حافظ ميان ابوبڪر سيوهاڻي جو وڍان جي پڙ حيدرآباد ۾ رهندو هو وفات 1312 هه (1894ع) (9) حڪيم سيد الحاج ميران محمد شاهه الحسيني ٽکڙائي وفات 1309 هه (1891ع) (10) حاجي سليمان ٽکڙائي وفات 1313 هه (1889ع) (11) حاجي ميان محمد طيب ميمڻ وفات 1307 هه (1912ع) [1]. (12) مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي وفات 1296 هه.
عطا الله
مولانا عطا الله صاحب مولانا عبدالرحمان ساکرو جو ڀاڻيجو، وقت جو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي.
عبدالڪريم
مولوي عبدالڪريم ولد الحاج مولانا عبدالرحمان 1907ع کان عيدگاهه جو پيش امام ٿي رهيو. سندس وفات کان پوءِ پوين ۾ ڪو بہ اهڙو عالم ڪو نہ ٿيو جو پيش امامي ڪري سگهي. سندس فرزند مولانا غلام محمد عيدگاهه جو پيش امام ٿي رهيو.
عبدالحڪيم
مولانا الحاج عبدالرحمان صاحب جو ٻيو پٽ الحاج ميان عبدالحڪيم ٺيڪيدار هو. کيس ٻہ پٽ عبدالعزيز ۽ عبدالغفور هئا.
غلام محمد
مولوي حڪيم غلام محمد ولد مولوي عبدالڪريم سکر بندر تي حڪمت جو ڪم ڪندو هو. راقم جو دوست هو.
احمد
مولوي احمد ولد مولانا عطاءُ الله صاحب هن وقت مختيارڪار آهي. 1930ع ۽ 1939ع کان متاثر ٿي مولانا عبدالرحمان صاحب جا پويان وچ شهر مان لڏي سکر پراڻي وڃي بيٺا، مسجد شريف قائم ۽ دائم آهي.
اڄ نہ اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات،
ساري سنياسين کي رنم ساري رات،
مون تَنَ جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
(شاهه)
________________________________________
[1] نواب سيد يعقوب جي مزار ڪوٽائي ساداتن جي قبرستان ۾ آهي ۽ ڪتبو لڳل آهي
[2] مخدوم سرخ بخاري جو شجرو مخدوم جهانيان جهان گشت جي ملفوظات جي اردو ترجمي الدرالمنظوم ص 506، دهلي ۾ آهي. سنڌي بزرگن مان محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي شاعر بخاري ساداتن جو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.
نوٽ: رضوين مان شاه نصيرالدين رضوي، شاه خير الدين جو خليفو نصرپور ۾ وڃي رھيو. سندس فرزند شاه عنايت الله قادري سنڌ جي نامور شاعر شاه عبد اللطيف ڀٽائي جو ھمعصر ھو. گلستان لطيف ص 56، اطلاعات کاتو 1962ع حيدرآباد.
[3] ميرڪين جو بيان ميرڪ غلام مصطفٰي شاهه عرف الحاج وريل شاهه جي رڪارڊ تان ورتل آهي.مير حيات علي شاهه ميرڪي سيد جو باغ سکر ۾ هو اڄ اُن هنڌ کي باغ ڪوارٽر سڏين ٿا.
[4] تحفته الڪرام سنڌي ترجمو ج3،ص 343 فوٽ نوٽ بيان کهڙا، سنڌي ادبي بورڊ.
پير غوث علي شاه مسافرن جي سهوليت لاءِ هڪ مسافر خانو تعمير ڪرايو هو.
[5] شيخ صفوي اردبيلي رح اردبيلي خاندان جي جداعليٰ ايران ۾ پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪيو. امير تيمور گور گاني به سندس معتقد هو. شيخ صفوي پنهنجن مريدن لاءِ ٻارهن ڪنگرن واري ڳاڙهي بنات جي ٽوپي ٻارهن امامن جي نشاني طور ايجاد ڪئي، سندس مريد قزلباش سڏبا هئا يعني ڳاڙهين ٽوپين وارا. صفوين ايران تي دٻد ٻي سان حڪومت ڪئي. مرتب
________________________________________
[1] روزانه مهراڻ جو سال نمبر جنوري 1962ع ڪراچي بيان خواجه معين حسن مجددي ص 111 – 113.
باب پندرهون: بکر سرڪار ۽ ضلع سکر جا فارسي شعراء
بکر ۽ سکر سنڌ جي سري ۾ آهن. هن خطي مان هر دور ۾ شعراء ڪرام پيدا ٿيا، جن جا بيان ڏيئي چڪا آهيون. هن باب ۾ سندن ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي. سنڌي زبان، جا سنسڪرت کان بہ گهڻو جهوني آهي ۽ سندس قديم خط جو موئن جو دڙي جي مهرن تي ڏنل آهي تنهن کي پڙهي ڪو نہ سگهيا آهيون. سنڌ هڪ زرخيز صوبو آهي جنهن تي وقت بوقت ڌارين قومن ڪاهون ڪيون ۽ اهي مهراڻ جي مٽيءَ ۾ ضم ٿي ويون. ايراني آيا تہ پاڻ سان ايراني زبانون آندائون، بابلي آيا تہ بابلي ٻولي آندائون. فنيقي آيا تہ آنامي ۽ فنيقي خط کان هتي جي رهاڪن کي آشنا ڪيائون، سٿين، يو – پي ۽ ٻيون قومون ڪاهي آيون، مگر هن مٽيءَ سان گڏجي ويون. آرين اچي دراوڙن کي زير ڪيو پر دراوڙي زبان کي مٽائي ڪو نہ سگهيا. اڄ دراوڙي زبانون زنده آهن ۽ سنسڪرت مرده آهي. عرب آيا تہ پاڻ سان عربيءَ ۾ زبان آندائون ۽ سنڌي عرب علمائن قرآن پاڪ جو هنديءَ ۾ ترجمو ڪيو. مهراڻ ماٿري جي سنڌي، ملتاني ۽ پنجابي ٻولين لهنڊا کي جنم ڏنو ۽ اها زبان اڳتي هلي اردو سڏجڻ لڳي. سومرا ۽ سما سنڌي هئا، سندن زبان سنڌي گهرو زبان هئي. ليڪن سمن جي صاحبي ۾ فارسي سرڪاري زبان بنجي ويئي. ايترن انقلابن پوڻ ڪري سنڌي ٻولي مٽجي ڪو نہ سگهي ۽ سنڌين جي مادري گهرو زبان هئي. مغل وچ ايشيا کان آيا تہ فارسي شعر و شاعري ۽ دفتري زبان بڻجي ويئي. حڪمران قومن جو ماتحت قومن تي اثر پوي ٿو، تنهنڪري سنڌي بہ فارسي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا ۽ اهڙو اعجاز ڏيکاريائون جو عراق ۽ عجم وارا حيران ٿي ويا. ڪلهوڙن جي دور ۾ بہ فارسي دفتري زبان هئي، پر سنڌي زبان سندس سدا جيئري شاعر ارتقا جي منزل تي آڻي جادو بنائي ڇڏيو، جنهن جي خود مغربي زبان دان تعريف ڪرڻ لڳا. ٽالپرن جي دفتري زبان بہ فارسي هئي تاهم سنڌي علمائن ۽ شعراء ڪرام وطن جي مادري ٻولي کي ڪين وساريو. انگريز آيا تہ هن ٻوليءَ جو گرامر ۽ عربي – سنڌي خط تيار ڪرائي هن مٺي زبان کي سندس صحيح مقام تي پهچائي ان کي تعليمي ۽ دفتري زبان بنائي ڇڏيائون. ايترن انقلابن پوڻ ڪري سنڌي شاعرن جو ڪلام هر دور مطابق فارسي ۽ سنڌي بڻجي سگهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت متعلق گهڻائي ڪتاب شايع ٿيا آهن پر اڃان پوري ڇنڊ ڇاڻ ڪا نہ ڪئي ويئي آهي، زبان جو مسئلو اڃا حل ڪو نہ ٿيو آهي.
علي قلي بيگ
شاعر علي قلي بيگ تخلص ”اميدي“ عيسيٰ ترخان (962 هه کان 974 هه) ۾ فوج جو سپهه سالار هو. 962 هه ۾ مرزا عيسيٰ ترخان بکر تي ڪاهي آيو، پر سلطان محمود ڪوڪلتاش بکر جي حاڪم هٿان شڪست کائي موٽيو. هن جنگ ۾ علي قلي بيگ مارجي ويو.
دست در کار عدو ناحقِ همت بخشد
شيرباشي اگر از جنگ نريزي سرِ خصم
مير المڪارم
مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين سبزواري پهريان مرزا شاهه حسن ۽ بعد ۾ بکر جي حاڪم سلطان محمود بن مير فاضل ڪوڪلتاش ولادت 898 هه حڪومت بکر وفات 962 هه پاران ايران جي شاهه طهماسپ صفوي حڪومت (930 هه کان 984 هه) جي دربار ۾ ايلچي ٿي ويو هو. مير صاحب فضل ۽ بلاغت ڪري مشهور هو ۽ شهنشاهه ايران پاران محمود بن مير فاضل لاءِ سلطان جو خطاب وٺي آيو. شعر و شاعري سان بہ ذوق رکندڙ هو: تخلص مير هوس.
عاقبت سوختن و ساختتت کاري کرد
صقيلِ آئينه گر ديد کفِ خاکستر
حسن قلي خان
حسن قلي خان تخلص ”ابهت“ مرزا عبدالرحيم خان خانان سان همراهه ٿي سنڌ جي ڪاهه ۾ شريڪ ٿيو. مردانگي ۽ بهادري جو ثبوت دکن جي جنگين ۾ ڏيئي چڪو هو، 999 هه ۾ سيوهڻ جي جنگ ۾ شجاعت ڏيکاري چڪو هو پر پوءِ ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي خان خانان کي هي بيت لکي مڪائين:
از دستِ هرکسي که فتادم فتاده ام
سيماب وار نيست بکف اختيارِ ما
محمد انوار لاهجي
محمد انوار لاهجي تخلص ”انوار“ اورنگزيب عالمگير (1099 هه کان 1118 هه) جي ڏينهن ۾ شهزادهه محمد معز الدين ولد شاهه عالم بهادر شاهه سان گڏجي بکر کان 1112 هه ۾ سيوهڻ پهتو هو:
همچو سنگي که بهر تاب هوا بس افتد
از خود افتادن مائيسٽ برايم مشکل
مير ابو البقاء امير خان
مير ابو البقاء امير خان ولد مير ابو القاسم خان النمڪين تخلص ”نواب“ جنهن جو نسل امير خاني سڏبو هو. مير ابو القاسم نمڪين متوفي 1019 هه جي قبر صفه صفحا (ستين جي ٿان روهڙي) تي آهي، هڪڙي ڏينهن امير خان آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي پاڻ کي اسلام عليڪم چيائين. ماڻهن اڪبر بادشاهه کي ٻڌايو مير صاحب کي سودا ٿي پيو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ڏسي پاڻ کي سلام ڪرڻ لڳو آهي. بادشاهه مير صاحب کي گهرائي سبب پڇيو، نواب صاحب علم ۾ ڪمال رکندڙ ۽ فراست ڪري مشهور هو، عرض ڪيائين تہ ”غلام ظله سبحاني ۽ سايه ماطفت ۾ تربيت حاصل ڪئي آهي، هينئر جو ڏاڙهيءَ ۾ اڇا وار ڏٺا اٿم، تن جي تعظيم لاءِ انهن کي سلام ڪيم.“ شهنشاهه جواب ٻڌي بيحد خوش ٿيو:
فلک بسو ختان پيشتر همي سوزد است
ببين ز غال که مخصوص ’بهر سوختن ست‘
امين الدين خان حسين
مير امين الدين خان حسين بن سيد ابو المڪارم شهود، جو 1120 هه ۾ بکر مٿان فوجدار مقرر ٿيو متوفي 1127 هه، اڳ بيان ڪري آيا آهيون تہ مير امين الدين سکر شهر کي جامع مسجد جوڙائي سينگاريو هو. سخن دان ۽ سخن آشنا هو:
افسوس که بيد و ست همه عمر بسر رفت
در صرفه همه کار شتراشتر و خر رفت
حالاتِ همه صرفه خر نقد، اطلس و ديبا
اوقاتِ همه در طلبِ نقرهء وزر رفت
بو تکيئه بادِ نفس اين همه مغرور
چشمي که بهم ميزني اين باد بدر رفت
بر بالش راحت نسزد تکيه ز آنکه
از يک مڙه برهم زدنت فيض سحر رفت
--------
هر دم که ميکشيم بياد تو ميکشيم
مارا بغير يادِ تو يک دم نميرود
مير مرتضيٰ رضوي
مير مرتضيٰ ولد مير ڪمال الدين خان احمد رضوي، جو مخدوم ابو القاسم نقشبندي قدس سره تخلص ”الهام“ فن سواري، ڪشتي ۽ شمشير زني ۾ يڪتائي دهر هو. انهيءَ طرح صورت ۾ بہ يوسف ثاني هو. عين جواني جي عالم ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لاءِ دهلي ڏانهن ويو، پر اورنگزيب 28 ذيعقده 1118 هه ۾ وفات ڪري ويو. پٽس عالم بهادر شاهه تخت تي ويٺو هو. مير مرتضيٰ صاحب خوش خطي ڪري ”هفت قلم“ جي لقب سان سڏبو هو. 26 – 1127 هه ۾ وفات ڪيائين. بادشاهه سندس ڪرتب ڏسي خوش ٿيو هو پر عمر وفا نہ ڪيس. شاعري پنهنجي والد جي سايه ۾ سکيو هو.
اي آنکه بعالم سخن يکتائي
در انجمنِ کمال بزم آرائي
چون از تو مراست در سخن دسترسي
خواهم که تخلصهم کرم فرمائي
تخلص جي جواب ۾ رباعي
بودم همه شب تا بسحر بي شک وريب
چون غنچه بفکر سر فرو برده بجيب
گل کرد لطيفه اي که از حسن قبول
”الهام“ تخلص تو دادند زغيب
محمد اشرف
محمد اشرف ساکرو جا وڏا سلطان محمود حاڪم بکر جي ڏينهن ۾ وڏن عهدن تي مامور هئا. مير علي شير قانع هن کي ڪلهوڙن جي تختگاھہ محمد آباد ۾ ڏٺو ان وقت بلڪل پريشان حال هو ۽ هڪڙي بيت ۾ احوال هن طرح ڏنائين:
آن راکه نہ چاشست ونه شام
چه صبح وطن چه شام – غربت
ملان اسحاق
آخوند ملان بکري سلطان محمود خان حاڪم بکر جي ملازمن مان هو. بعد ۾ مرزا غازي وقاري جو معلم ٿيو.
مي تپد دل در بزم در شوقِ تو
ميگذارد خانه را از ذوقِ تو
بالغ خراساني
بالغ خراساني، شاههِ خراسان جي خانقاه مشهد مقدس جي صفائي ڪندو هو. بالغ ”قوانين انشا“ کان واقف هو. سندس پيءُ بہ خانقاه جو جاروب ڪش هو، تنهن کي شاهجهان جي ڏينهن ۾ هندستان گهمڻ جو شوق دامنگير ٿيو. پيءَ ۽ پٽ جڏهن بکر پهتا تہ پڻس وفات ڪئي، پئسي نہ هئڻ جي ڪري گهڻو وقت بکر ۾ رهيو. بعد ۾ بيڪسي جي حالت ۾ هندستان جي سير جي سانگي سرهند پهتو:
هر چند چو پر کار همه در تگ پويم
از دائرهء عشقِ تو بيرون نکشم پا
عبدالباقي
ميرڪ عبدالباقي پوراني ولد شيخ ميرڪ محمود بن شيخ ابوسعيد پوراني جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، گهڻن ئي علمن ۾ ڪامل مهارت رکندو هو. خاص طرح علمِ هئيت ۽ حڪمت جو استاد هو. مولانا عبدالخالق گيلاني، جو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جو هم صحبتي هو، سو بعض ڏکيا علمي مسائل ميرڪ پوراني کان حل ڪرائيندو هو. ميرڪ صاحب اقليداس (جاميٽري) جو ايتري قدر ماهر هو جو اقليداس جون گهڻيون شڪليون ايجاد ڪيون هئائين، جي مقبول ثابت ٿيون.
دانه تسبيح کف حق شناس
رابعه رهروِ راهِ خداست
بايزيد بخاري
مير بايزيد بخاري، دور جهانگيري جي پنڌرهين سال 1028 هه ۾ ٻہ هزار پيادل ۽ پنج سوار ٺٽي جو صوبيدار ٿيو، تنهن کان اڳ بکر جو صوبيدار هو:
عاشق از سوزِ درون بهره ورست
شمع را شعله بسرِ تاجِ زرست
مير بزرگ
مير بزرگ ولد مير محمد معصوم بکري ذڪي الطبع ۽ فڪر رسا رکندڙ هو:
دوش سوداي سرِ زلف کسي کرده گذر
سحر از هر سرِ موحلقه بپايم پيچيد
جان علي
جان علي اوچ جو رهاڪو هو. حج ڏانهن ويندي ڪجهه عرصو بکر ۾ رهيو هو:
کو هکن نوبت کاويدنِ دل
بغلط تيشه سرِ خويش زده ست
سيد حسين
سيد حسين عرف امتياز علي خان تخلص ”خالص“ فضل ۽ ڪمال جو هي گوهر ايران کان سنڌ پهتو هو. سندس ارادو بيت الله جي زيارت ڪرڻ هو. عالمگيري عهد ۾ جڏهن ٺٽو شهزاده عظيم الشان بن شاهه عالم بن اورنگزيب کي ڏنو ويو، تہ سيد حسين کي صوبي جي ديواني ڏني ويئي. شهزاده شاهه عالم بهادر شاهه 1119 هه – 1124 هه جي ڏينهن ۾ ايران وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو، پر 1122 هه ۾ شهيد ٿي ويو. اهو سال مير غلام علي صاحب سرو آزاد ۾ ڏنو آهي تہ امتياز خان اصفهاني ولد ميرزا باقر قورچي حاجي حرمين شريفين بود شهيد ٿيڻ کان اڳ بکر ۾ علامه مير عبدالجليل بلگرامي سان صحبتن ۾ رهيو ۽ پنهنجو ديوان بطور يادگار مير عبدالجليل بلگرامي کي ڏنو هئائين.
هم چو عينک بجهان صاف دلان يار هم اند
همه همسايهء ديوار بديوار هم اند
------
تلخ کامي لازم افتادست ظلم انديش را
مار دارد در دهن پيو سته زهرِ خويش را
------
هر گاهه شيخ رامي سرشار مير سد
فصلِ شگوفه ريزيء دستار مير سد
------
طرزِ سخن زغنچهء گل استفاد کن
خاموش باش و معنيء رنگين افاده کن
------
اميد رفتنِ جنت ز صدره از خدا دارم
که دستاويزي از تسبيحِ خاکِ کربلا دارم
------
بهر حالت کسي را همتم محروم نگذارد
کفم گر بود خالي بوسه دادم دستِ سائل را
------
بهر طرف که نظر ميکنم چراغا نست
خدا زياده کند عمرِ عاشقانِ ترا
------
مانندِ نگين آمدنِ هند ز ايران
خوب است اگر نقشِ کسي بد ننشيند
------
همچو آن موي سياهي کو سفيد آخر شود
آخر از هندستان خود را بايران مي کشم
------
رقيبا! من نمي گويم و باغ و بهار از من
بهار از تو، گل از تو، هر دو عالم ازتو، ياراز من
------
مرا اي باغبان از داغِ دل برگ و نوا باشد
چمن از تو، گل از تو، بلبل از تو، لاله زار از من
محمد رضا
محمد رضا بکري تخلص ”دانش“ سلطان محمود حاڪم بکر وٽ ملازم هو. سال 982 هه ۾ سلطان محمود جي مدح ۾ شعر چوڻ لڳو.
مرا در دولتِ سلطان محمود
خدا مستغني از گردون نموده
------
که اورا درِ سجود درگهِ وي
سرِ اخلاص را وازون نموده
عبدالله
عبدالله تخلص ”راجي“ ساڪن سکر اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، پر ”سکر شهريست بزرگ درسند“ هن کي وڻي ويو:
در آن ديار که از دردِ يار نيست اثر
اگر بهشت بود بهتر از ويست سقر
------
مانده در راهِ تو بر طبقِ اثر
قدمِ سوده و دو ديدهء تر
شيخ نقي
شيخ نقي تخلص ”رافت“ اصل ايراني هو، پر بکر جي خاڪ پاڪ ۽ ميرڪ عبدالوهاب پوراني ولد ميرڪ سيد محمود بن ميرڪ عبدالباقي قطبِ زمان جي صحبتن جو اهڙو مٿس رنگ چڙهي ويو جو وقت جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو:
مروت نيست در اهلِ زمانه
ز مهرِ رفته کي يا بد نشانه
غلط گويند انسان از همه به
چو انسانيتش نبود چه ره به
نه انسان اعتبار از شخص باشد
برين پندار سر رامي خراشد
بود لطفِ خداي معنيء او
هر آنچه از صورتت افتاد نيکو
شيخ محمد رضا
شيخ محمد رضا اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، پر پوءِ مدينته الاوليا بکر جي گلريز ۽ عنبر ريز مٽيءَ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو ۽ هتي دارالعلوم ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالمگير اول 1068 هه کان 1118 هه ۽ محمد شاهه 1131 هه کان 1161 هه جي ڏينهن ۾ بکر جي سرڪاري عهدن تي فائز رهيو، تان جو فوجداري عهدي تي پهتو، علامه مير عبدالجليل بلگرامي سان دوستي هئس، پوءِ نواب اعظم خان حاڪم ٺٽي جڏهن شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان جنگ ڪئي تہ شيخ محمد رضا نواب جي طرف هو. شيخ محمد رضا جا ٻہ پٽ بکر ۾ رهندا هئا، جتي 1143 هه ۾ هن وفات ڪئي، هيٺيان ٻہ بيت مير قانع ”يد بيضا“ تان ورتا آهن.
کارِ ما آخر شد و آخر زما کاري نشد
مشتِ خاکِ ما غبار کوچهء ياري نشد
سالها خونِ جگر درنافِ آهو شد گره
مشک شدا ماچه حاصل خالِ رخساري نشد
------
از دوست گريزان شده اي، هاي ستم هاي
دشمن بکه باجان شده اي، هاي ستم هاي
گل چون نہ زند جامهء جان چاک تو بيدرد
بي مي بگلستان شده اي، هاي ستم هاي!
شائستهء تعليم ملايک بودي واز جهل
بازيچهء شيطان شده اي، هاي ستم هاي!
------
هرکه ديديم درين دائره دمسازِ خود ست
ني کمر بسته بدل گرميءَ آوازِ خود ست
تابچشم و دلِ من گشته خيالِ تو مقيم
دل گرفتارِ خود و ديده نظر بازِ خودست
------
کارِ بي تابان نباشد صحبت يکتا دلان
رشته باصد تاب جا در چشمِ سوزن گرم کرد
------
سرو هم در قيدِ آزادي مقيد مانده است
کيست اندر ملکِ بي قيدي نشيمن گرم کرد
------
”رضا“ با سرد مهري هاي گردون گرم ميجودشد
بهارِ خرّ َ مي پندارد از افسردگي وي را
محمد هاشم
مير محمد هاشم رضوي بکر جي ساداتن مان هو، جو پوءِ نصرپور ۾ رهڻ لڳو، ڪرامات جو صاحب هو، محمد حسين تخلص ”شوقي“ سندس مريدن مان هو، جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
طالبِ دل شو که دل مرشد بود درراهِ حق
هر که اين معني ندارد قابلِ ديدار نيست
------
دلبرِ من چون بنازه جلوه فشاني کند
مرغ دلم درقفس، گرم عناني کند
پاز حنا ارغوان، چون بکند شاه من
رنگِ حنا برکفش، پاي گراني کند
------
دفترِ جرم چنان کرد پريشان نياز
آنچه ببرگِ چمن، باد خزاني کند
چونکه بغاوت شود ”ترکِ نصرپور“ من
عشوه کند تيغ کين، غمزه سناني کند
جذبهء عشقش ربود هوش و دلم از خود
کيست که غير از نگار داد ستاني کند
رو ”رضوي“ بر درش مير، که ناگه نگار
آمده بر تربت فاتحه خواني کند
اسد الله
مير اسد الله، تخلص ”ساقي“ مير معصوم ”نامي“ جي اولاد مان هو، مير قانع صاحبِ مقالاتِ الشعرا سان سندس ملاقات ڪلهوڙن جي تختگاھہ شهر مراد آباد ۾ ٿي هئي، حڪيم يعقوب خان بہ ساڻس گڏ هو.
مست گردم زبادهء کوثر
اسد الله ساقيم باشد
ساڪت بکري
خبر نہ ٿي پوي تہ هن بزرگ جو ڪهڙو نالو هو ۽ ڪير هو، مقالاتِ الشعرا ۾ فقط ساڪت بکري لکيل آهي جو تخلص هوندس.
عشق باليده زسر تا پايم
وقت آنست که او راجايم
سروري بکري
هن شاعر جي نالي جي بہ خبر نہ ٿي پوي تہ ڪير هو، فقط تخلص ۽ بکري جو پتو پئجي سگهي ٿو.
محبت را توان در دل نهفتن
اگر در اختيارم ديده باشد
سيد محمد
مير سيد محمد ولد علامه مير عبدالجليل بلگرامي تخلص ”شاعر“ محمد فرخ سير جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ 1133 هه ۾ بکر ۽ سيوهڻ جو وقاع نويس ۽ بخشي گيري جي عهدي تي مقرر ٿي آيو. عربي، فارسي ۽ هندي جا ڪيترا اشعار، بيت ۽ دوهيڙا کيس ياد هئا. پاڻ شاعر هو. ”ديوان رنگين“ سندس يادگار آهي، هڪ مثنوي ”بناز و نياز“ بہ سندس سوز ۽ گداز سان چيل آهي:
تا ”ياذن لي ابي“ بخطت ديدم
گلهاي طرب از چمنِ دل چيدم
پروانه صفت بخويشتن جنبيدم
اي شمع پدر گردِ سرت گر ديدم
------
مثنوي ناز و نياز: رخِ او در ملاحت چون قمر بود
لبِ او در حلاوت چون شکر بود
نه خال از آتش رخساره افروخت
سپندي از براي چشمِ بد سوخت
نزاکت خانه زادِ جسمِ او بود
برنگِ برگِ گل دررنگ و بود بود
ميانِ ناز کش از موئي باريک
چوسير مور در شبهاي تاريک
ز ساعد پنجهء رنگين نمودار
چو شاخِ گل که آرد غنچها بار
------
دل درخم گيسوي نگارست ببينيد
در دام محبت چه شکاراست ببنييد
مير صمد
مير صمد نالو، تخلص ”شاهه“ لا ابالي فقير هو ۽ بکر جي ويجهو تڪيو هوس:
در سواد ملک دل شاهي مراست
احد الله الصمد شاهيم راست
محمد شفيع
محمد شفيع درٻيلي جو رهاڪو هو. سندس باري ۾ وڌيڪ خبر پئجي نہ سگهي آهي:
در زمينِ عشق هر تخمي که کاري برد هد
خون فرهاد است تا امروز هر سالي انار
نوٽ: سيد جلال الدين ابو الحسين ”مخدوم جهانيان جهان گشت“ متوفي 785هه ۾ پنهنجي سياحت ۾ جبل بيستون پهتو، جتي فرهاد پاڻ کي تيشو هڻي پورو ڪيو هو. هن جو رت جنهن هنڌ تي پيو اتي ڏاڙهونءَ جو وڻ پيدا ٿيو جو هر سال ٻہ ڏاڙهون ڏيندو آهي، هڪ مٺو ٻيو رت وانگي. شاعر ان ڏاڙهونءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
محمد صالح
مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود ڪوڪلتاش کان مدد گهرڻ آيو هو، پر هڪڙي بلوچ هٿان مارجي ويو ۽ بهادري ۽ شعر گوئي ۾ عبور رکندڙ هو. ”منتخب التواريخ“ ۾ سندس هيٺيون بيت ڏنل آهي:
بران عزمم که در ملکِ جنون از سر قدم مانم
متاعِ هوش و دانش را ببازارِ عدم مانم
سيد صفائي
سيد صفائي بن مرتضيٰ الترمذي، المنتسب اليٰ سيد شير قلندر ابن بابا حسن ابدال، جو صاحب ڪرامات ۽ علم ۽ عمل جي لحاظ سان پنهنجي وقت جي عالمن ۾ يگانه روزگار هو. فضلا ۽ علما جي صحبتن ۾ رهندو هو، سندس دستر خوان مسافرن ۽ محتاجن لاءِ کليل رهندو هو، بکر پهچڻ کان پوءِ شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طبيب، جو بکر جو شيخ الاسلام هو، 977هه ۾ سندس وفات کان پوءِ سيد صفائي بکر جو شيخ الاسلام ٿيو. وفات 991هه. پٽس مير محمد معصوم قطعه وفات هن طرح چوي ٿو:
شاهه قرشي لقب ”صفائي“
کافر اخت فلک لواي نورش
افتاده بان جهان عبورش
تاريخ بجستمش ز ”نامي“
گفتا ”پر نور باد گورش“ (991 هه)
هي بيت سيد صفائي ڏانهن منسوب آهي:
شجر عشق بهرجا که دواند ريشه
مزهء مور کند کار هزاران تيشه
ملان طيب
ملان طيب ٺٽي جو رهاڪو هو، سيوهڻ ۽ بکر ۾ گهڻو وقت رهيو. حضرت لعل شهباز قلندر جي مدح ۾ وڏو قصيدو چيو اٿائين. ڪجهه سٽون نموني طور تبرڪن ڏجن ٿيون.
صحنِ پاکِ مرقدِ آن شاهِ دين
درصفا رشکِ گلستانِ ارم
نا اميدان رابد گاهش رسد
هر زماني مزدهء رفعِ الم
عبدالرزاق
عبدالرزاق ولد امير خان بن ابوالقاسم نمڪين الهروي عقلي و نقلي عملن جو ماهر هو. حافظو اهڙو مضبوط ۽ تيز هوس جو ڪهڙو بہ ڏکيو لفظ هجي لغت مطابق ٻڌائيندو هو پر ابو حذيفه واصل بن عطا معتزلي 180 هه – 181 هه وانگي زبان ۾ ڪجهه ٻاتائي هيس. مير عبدالرزاق جا بيت هن طرح آهن:
مي فروزد جانِ ماچون دست سوي مي برد
ميفز ايد حالِ ماچون لب بسوئي ني برد
مخفيم در جوهرِ معني چو معني در سخن
ديدن من هر که خواهد کو بمعني پي برد
درد مندم قطرهء خوي خواهم از زلفِ کجت
خواهشِ مبروص باشد تاز افعي قي برد
انهن بيتن جي جواب ۾ مير ابو المڪارم ڪنزل جو مطلع هي هو. بيت:
مست نوشِ لعلِ اوکي دست سوي مي برد
نغعه سازِ عشق اوکي دست سوي ني برد
عبدالوهاب
شيخ عبدالوهاب ولد مير بايزيد ابن سعيد پوراني، مير محمود شيخ ميرڪ شيخ الاسلام جو ڀائيٽيو هو. شيخ عبدالوهاب خصائل حميده ۽ شمائل پسنديده ۽ شرعي احڪامن کان واقف هو. ”جامع پوراني“ سندس فتوائن جو ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هو. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هو، متوفي 990 هه:
رهي بدوست زدل گر نيافتي هيهات
گلِ اين باغ ندانم که چه بوداشته است
نجم الدين بکري
مير نجم الدين ولد مير محمد رفيع رضوي تخلص ”عزلت“ مير محمد يوسف رضوي رحه جي اولاد مان هو. مير محمد يوسف بن مير سيد جادم بکري، بکر ڇڏي وڃي ٺٽي ۾ قيام ڪيو ۽ مبارڪ شاهه ٺٽوي مريد ميران محمد جونپوري جي بيعت ڪري ”رضوي مهدوي“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ مڪليءَ تي سندس قبر زيارت گاهه آهي. نجم الدين مخدوم معين جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو هو. مخدوم محمد معين جا سمورا شاگرد فتويٰ جا صاحب ۽ واعظ هئا. عزلت صاحبِ ديوان بہ هو. فارسي ۾ سندس ”طوطي نامه“ نخشبي کان بهتر آهي. نجم الدين عزلت 1160 هه ۾ وفات ڪئي:
معشوق راز جوهرِ ناز آفريده اند
عشاق راز خاکِ نياز آفريده اند
علي بيگ
شيخ علي بيگ جلاير بابر بادشاهه جي وفادار ملازمن مان هو، همايون معزول ٿي سنڌ پهتو تہ علي بيگ بہ ساڻس همراهه هو ۽ وفاداري ڪري سلطان محمود بکري ۽ ارغونن سان وفادار رهيو. هن 950 هه ۾ وفات ڪئي:
گفتم که عدم گشت وجودم زغمِ تو
گفتا که مساوي ست وجودو عدم تو
علي رضا
شاهه علي رضا درويش، حضرت پير دستگير رحه جي اولاد مان هو. اوائلي عمر ۾ ڪتاب اٺن تي کڻي سير سياحت جي ارادي سان ٺٽي پهتو، جتي مخدوم محمد معين سندس خدمت ۾ شيخ اڪبر ابن العربي جو ڪتاب ”فصوص الحڪم“ پيش ڪيو، جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ صاحب شهود بڻجي ويو. بعد ۾ بکر جي ڀر ۾ پنهنجي تڪيه ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ نور محمد خدايار خان هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هو. سندس هڪڙي شعر جي مصرع آهي:
بخويشتن نگريد اي گروهِ حق طلبان
که غير نيست چو خود واقفِ رهِ جانان
قطب الدين
شاهه قطب الدين بن شاهه محمود بن شاهه طيب خراسان جي جليل القدر ساداتن مان هو. اوزبڪن جي خراسان تي ڪاهه ڪرڻ وقت سنڌ ۾ وارد ٿيو ۽ مرزا شاهه حسن ارغون کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. هر جمع ڏينهن وعظ ڪري خلق کي فيض پهچائيندو رهيو ۽ پرهيزگار بزرگ هو. سندس تاريخ وفات ”واغظ“ آهي 977 هه:
جهادِ نفس بہ ست از جهادِ اسلامي
که در درونِ تو جايست دشمنِ دين را
ڪامران مرزا
مرزا ڪامران بن بابر 14 – 915 هه ۾ گلرخ بانو جي بطن مان ڄائو ۽ 932هه ۾ ڪابل ۽ قنڌار، بابر سندس حوالي ڪيا ۽ ٻن سالن کان پوءِ ملتان جو صوبو بہ کيس ڏنو ويو. همايون شير شاهه کان شڪست کائي ايران ڏانهن ويو. مرزا ڪامران مرزا شاهه حسن ارغون جي دختر چوچڪ بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ شادي ڪري ڪابل ڏانهن وٺي ويو. وري جڏهن همايون ايران کان موٽي قنڌار ۽ ڪابل فتح ڪيا تہ ڪامران همايون ۽ سندس سردارن کي تنگ ڪرڻ لڳو. 954 هه ۾ ڪامران شڪست کائي گرفتار ٿيو ۽ شهنشاهه جي حڪم سان غلام علي فراش خانه جي داروغي نشتر سان ڪامران جون اکيون ڪڍي ڇڏيون. هي 960 هه جو واقعو آهي. 961 هه ۾ مرزا ڪامران سکر پهتو. مرزا شاهه حسن ساڌ ٻيلي ٻيٽ تي جو نزهتگاهه هنڌ هو، هن لاءِ عمارت جوڙائي ۽ ميرپور بٺوري جو پرڳڻو هن جي باورچي خاني جي خرچ لاءِ مقرر ڪيائين. مرزا ڪامران ڪجهه وقت اتي رهي حج جي ارادي سان ٻيڙيءَ تي چڙهي روانو ٿيو تہ چوچڪ بيگم مڙس سان رواني ٿي، توڙي جو مرزا شاهه حسن ڌي کي گهڻو ئي سمجهايو پر بيگم مڙس کي نہ ڇڏيو. ڪامران ٽي دفعا حج ڪيو ۽ يارهين تاريخ ذي الحج منا ۾ 964 هه ۾ وفات ڪئي. مرڻ مهل همايون جي مدح ۾ هي غزل لکي دهلي ڏانهن مڪائين:
حسن تو دمبدم افزون بادا
طالعت فرخ و ميمون بادا
هر غباري که ز راحت خيزد
نورِ چشمِ منِ محزون بادا هر که گرد تو چو پر کار نگشت
اوازين دائره بيرون بادا
”کامران“ تاکه جهان راست بقا
خسرو دهر همايون بادا
صاحبِ ”هفتم اقليم“ جو بيان آهي تہ مٿين غزل سان گڏ هيٺيون غزل بہ مڪو هئائين:
چشم بر راهِ تو داريم شد ايامي چند
وقت آن شه که نهي جانبِ ماگامي چند
بهرِ صيدِ دلِ مادانهء خال توبس است
هر دم از زلف منه برسرِ مادامي چند
انکه هرگز نفرستد سوي ما پيغامي چند
چه شودگر کندم شاد بدشنامي چند
تاکسي ميل دلم را برخت بي نبرد
دولتِ وصل تو خواهم و دلارامي چند
ما خراباتي و رنديم تو باما منشين
حيف باشد که نشيني تو ببدنامي چند
کامران اين غزلِ تو بہ همايون بفرست
باشد ارسال کند سوي تو انعامي چند
مرزا ڪامران کي پنج نياڻيون هيون – حبيبه بيگم، عائشه سلطان، گلرخ بيگم، حاجي بيگم ۽ گامذار بيگم ۽ هڪ پٽ ابو القاسم نهايت ذڪي ۽ مليح هو ”شوڪتي“ تخلص هوس، 964 هه ۾ اڪبر جي حڪم سان گواليار جي قلعي ۾ شهيد ڪيو ويو. مرزا ڪامران جو ديوان بانڪي پور جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي، جنهن کي پروفيسر محمد محفوظ باهتمام ۾ مفيد مقدمي سان 1929ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪرايو.
مولانا قاسم
مولانا قاسم تخلص ”ڪاهي“ 868 هه ۾ ڄائو. سمرقند ۽ بخارا جي وچ ۾ ڪوه هڪ جبل آهي، جنهن ڪري ”ڪوهي“ تخلص هوس يا ڪاهي. سمرقند جي سيدن مان رند مشرب ۽ آزاد منش هو. 15 ورهين جي عمر ۾ مولوي جامي جي خدمت ۾ پهتو ۽ گهڻو وقت وٽس ڪابل ۾ رهيو ان سبب ڪري پاڻ کي قابلي سڏائيندو هو فرمائي ٿو:
”کاهي“ تو بلبل چمن آراي کابلي
زاغ وزغن نہ اي که بهندوستان شوي
چاليهه سال ڪابل ۾ رهي هندوستان آيو ۽ بکر ۾ شاهه جهانگير هاشمي مصنف ”مظهر الاثار“ جي صحبت ۾، جنهن شاهه حسن ارغون 928 – 962 هه جي ڏينهن ۾ خراسان کان بکر ۾ اقامت اختيار ڪئي هئي، گذارڻ لڳو. شاهه جهانگير هاشمي 940 هه ۾ مثنوي مظهر الاثار شاهه حسن جي نالي تي چئي هئي. ائين معلوم ٿئي ٿو تہ ”ڪاهي“ 935 هه ۾ بکر ۾ پهتو هو. شاهه جهانگير 940 هه ۾ مڪه ڏانهن ويندي ڪيچ ۽ مڪران واري رستي ڦورن هٿان مارجي ويو ۽ ڪاهي ان سان گجرات ڏانهن هڪ هندو فقير جي تعريف ٻڌي سومناٿ ڏانهن ويو، جنهن جو بيان هڪ نظم ۾ ڏئي ٿو:
هندو پيري بدرِ سومنات
حاصل عمر م سه سخن بيش نيست خواند يکي بيت و من آمو ختم
خام بدم پخته شدم سو ختم
”ڪاهي“ 940 هه کان 956 هه تائين گجرات ۾ رهيو ۽ اتي جي مظفريه تاجدارن سلطان غازي بهادر شاهه 32 – 943 هه ۽ سلطان غازي محمد خان 43 – 996 هه جي مدح ۾ قصيدا چيا ۽ 956 هه ۾ ڪابل ڏانهن موٽي ويو ۽ 961هه ۾ شهزاده اڪبر جي فوج سان همراه ٿي ٻيهر هندستان موٽي آيو ۽ باقي عمر اتي گذاريائين ۽ هڪڙي قصيده هاٿي جي چوڻ جي صلي ۾ کيس ٽي سؤ ٽنڪا مليا هئا:
تابغيلان ميل ديدم داستانِ خويش را
صرف راه فيل کردم نقد جانِ خويش را
خاک برسر ميکنم چون فيل هر جا ميرسم
گرنه بينم برسرِ خود فيلبان خويش را
دمبدم تا عشق من افزون شود آن فيلبان
ميدواند برسرم فيلِ دمانِ خويش را
همچو فيلِ مست ميخواهم فروشم هر زمان
آشکار را تا کنم رازِ نهانِ خويش را
باز ميگويم حديثِ عشق، پنهان خوشتراست
به که چون فيلان نِگه دارم زبانِ خويش را
قاسم کاهي بپاي فيل آن شه رخ نهاد
باخت آخر در بساطش خانمانِ خويش را
شاهِ فيل افگن جلال الدين محمد اکبر است
آنکه بخشد فيلِ زرين شاعر انِ خويش را
باد فيل چرخ زير چنگکِ فرمان او
تاشناسد خسروِ صاحبقرانِ خويش را
قصيدو ٻڌي شهنشاهه اڪبر حڪم ڏنو تہ جڏهن مولانا حضور ۾ حاضري ڏيڻ اچي تہ هڪ هزار روپيا کيس ڏنا وڃن، پر مولانا ڪاهي دنيا کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري بنارس ۾ خان زمان جي ڀاءُ بهادر خان وٽ رهڻ لڳو. خان زمان جو نالو علي قلي خان هو، جنهن 964 هه ۾ هيمو بقال کي پاڻي پٽ جي جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ شهنشاهه کيس خان زمان جو لقب ڏنو هو. بهادر خان جي جاگير جونپور ۾ هئي. ڪاهي ڪڏهن ڪڏهن اوڏاهين بہ ويندو هو ۽ موٽي بنارس ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ خود خان زمان ادب نواز هو غزالي مشهدي کي بہ هڪ هزار روپيا روانا ڪري دکن کان گهرايو هئائين. ”ڪاهي“ 988 هه ۾ آگره ۾ وفات ڪئي ۽ اڪبر آبادي دروازي وٽ هڪڙي گنبذ هيٺان سندس مزار آهي. پاڻ چوندو هو:
گاهي کشد بجانبِ مشرق مرا قدر
گاهي دگر بجانبِ مغرب مرا کشد
زين گونه کز قضا و قدر در کشا کشم
در حيرتم که کارِ من آخر کجا کشد
احسن الله
شيخ احسن الله بکري ڪنهن مهه جبين جي تخلص ”مايل“ پيشاني جي تلڪ کي ڏسي فرمائي ٿو.
برجبين آن ماه از شنجرف دارد قشقه اي
گوئيا شامِ غريبان راشفق پيدا ست اين
محمد صلاح
محمد صلاح تخلص ”متقي“ بکر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو:
چوگرد باد اگر لايق سفر نشدي
بپيچ بر خود و قربِ ديار را درياب
سيد محمد
سيد محمد عرف سيد پهتو، مير محمد يوسف رضوي بکري جي اولاد مان سجاده نشين هو ۽ رضوي ساداتن جو قبلو هو. بکر جا رهاڪو مير سيد پهتو کي ڪمال عقيدت سان پيش ايندا هئا.
زخود نمائيها طرفه دين ماشده بود
مني وه ائي نقش نگين ماشده بود
هزار شکر که مارا، زمانشان دادند
اين باغ هزار خرمنِ گل دارد
در هر چمنش شگفتگي برو آرد
در وقف نشيمن و خيابانِ چمن
فواره بصد زبانِ گهر ميبارد
ميرڪ محمود
ميرڪ محمود ولد ميرڪ عبدالباقي پوراني، پنهنجي خاندان جي نقشِ قدم تي ثابت قدم رهيو. ڪنهن شاعر سندس تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:
يگانه قدس نزادِ ممالک اسلام
که سايه گستر ازو بود چتر مسعودي
گذشت سيز دهم از صفر ز عالم قدس
نداي ارجعي آمد بلحنِ داؤدي
ببزمِ گلشنِ جنت رسيد و رضوان گفت
خوش آمدي که تو شايانِ اين مکان بودي
ز پيرِ عقل چو تاريخِ فوت او جستي
بگو که ”يافته ميرک مقامِ محمودي“ (1055 هه)
شيوهء آزادي از اربابِ دولت خوشنما ست
ورنه هر نخلي که خالي از ثمر شد سرو هست
جان شاهه محمد
مير جان شاهه محمد بکري رضوي تخلص ”مير“ مشائخ ڪرام زبدهء اولياء شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ شريف جو مريد هو. سندس ديوان ”ساقي نامه“ ۾ مرشد جي فيض ۽ تلقين جي هن طرح تعريف ڪيل آهي: سندس ”ديوان مير“ پوين وٽ آهي:
دمِ تحقيق در خانم اثر کرد
بجست وجود دلِ ديوانه سرکرد
تفحص گيرِ پيران گشتم از جان
نشان جستم زهر کوه و بيابان
جنون را مشتري گر ديد هوشم
شکيبائي بغاوت داد جوشم
محبت کرد اسبابِ سفر راست
دل از حظِ وطن في الفور برخاست . . . الخ
شبي که گرد کدورت نشسته در دل بود
سرشک بر مزه ام همچو مهرهء گل بود
”مير“ از ذوقِ دهانش کرد سرِ راهِ عدم
آرزوي مخزنِ اسرارد ديدن داشت، ديد
شد از شهودِ روي تورفعِ خيالِ ماسرا
گرد خانه رفته ام سينه بسينه لب بلب
الاهي جوش طوفان بخش چشمِ اشڪبارم را
سحاب دجله افشان کن رگ ابرِ بهارم را
به روز تشنه صاف محبت رويم افروزي
به خون شعلهء سرسبز گردان کثتزارم را
خشو نتهاي نفسم را بہ لطفِ خويش پردازي
چمن پيراي گلزارِ تجلي ساز خارم را
دلم در سينه از شوقِ دمِ تيغِ تومي رقصد
ز گل صد بار رنگين ترکني مشت غبارم را
مشتاقان مروت از نگاهي بي توان کردن
بيک پيمانهء مي رفع کن رنج خمارم را
ز سائل روي گردانيدن آئين کرم نَبودَ
گلستان کن بہ داغ عشق جسم خاکسارم را
غلامِ همتِ عشقم که هردم ”مير“ گرداند
طراز چُنگل شهباز کبک کوهسارم را
جان الله شاهه
مير سيد جان الله شاهه مير سيد جان محمد شاهه جو پوٽو تخلص ”عاشق“ ۽ ڪلام جو مجموعو ”ديوان عاشق“ آهي.
لاهي موج طوفان بخش اشک ديد گريان را
سحاب آسا بر افشان کن مدامم چشم گريان را
لطف خويش قائم کن براي درد مندان عشق
ز ابر رحمتت سر سبز گردان جان پريان را
خيالات وجودم را همه منسوخ گرداني
بکن گلزار نوراني تجلي طور طريان را
خزان را ره مده دردل بہ مشتاقان ديدارت
بهاري کن ز غنچه گل بہ پوشان جسم عريان را
ثقاب از روئي خود بردار بنما جلوهء حسنت
معطر کن دماغ من زبويء عشق سريان را
زبير حمي بہ مائل ديدن آئين کرم نبود
بده ساغر زمي احمر بنوشان ديده تريان را
عجائب عشق همت داد ”عاشق“ را درين منزل
بزير حکم خود آورد جن وانس و پريان را
ميرڪ محمود
ميرڪ سيد محمود مشهود بہ شيخ ميرڪ بن ابو سعيد پوراني متوفي 962 هه ۾ بکر جو شيخ الاسلام ۽ مرزا شاهه حسن جو همعصر هو:
گر روزگار سفله نواز است غم مخور
خسخانه رابر اي حسيسان گذاشتيم
------
هر گه آن شمع پري پيکرم از خانه رود
در پيش عاشقِ بيچاره چو پروانه رود
پندِ ناصح چه کند بادل ويرانهء من
اين حکايت همه باعاقل و فرزانه رود
ز آسنا چون منصور نبود منفعتي
سايل آن بہ که بدريوزهء بيگانه رود
مير معصوم
مير سيد محمد معصوم ولد سيد صفائي الحسيني الترمذي بکري تخلص ”نامي“ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، تصنيفات هن طرح آهن:
تاريخ معصومي فارسي 1009 هه ۾ تصنيف ڪيائين جنهن ۾ اڪبر اعظم تائين بيان ڏنل آهي، سنڌ جي هن تاريخ جو ترجمو مسٽر جي – جي ميليٽ 1855ع ۾ انگريزي ۾ ڪيو، سنڌي ۾ پهريان منشي ننديرام سيوهاڻي 1862ع ۾ ڪيو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب 1953ع ۾ سنڌي ترجمو ڪيو جو ساڳئي سال سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو.
سسئي پنهون جي قصي کي فارسي ۾ 1004 هه ۾ منظوم ترجمو ڪري مٿس مثنوي ”ناز و نياز“ نالو رکيائين، اصلي نسخو ڪتبخانه آصفيه ۾ موجود آهي.
طب – نامي 1009 هه ۾ تصنيف ڪيائين.
رسالو مفردات مير معصوم نامي نمبر 392 ۽ رسالو مفردات نامي نمبر 369 بانڪي پور ڪتبخانه ۾ موجود آهي.
مفردات نامي ڪتاب 1110 هه ۾ ڪتبخانه ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ موجود آهي.
مفردات نامي 1182 هه نمبر 1550 هه.
خمسه معصومي جنهن جو هڪ حصو ناز و نياز آهي، ان جو سنگي نسخو جنهن تي سال 1013 هه لکيل آهي ۽ مير بزرگ جو نالو لکيل آهي، شيخ حميد الدين ناگوري جي درگاهه تي موجود آهي.
ڊاڪٽر اسپرنگر جو بيان آهي تہ مير صاحب ”مخزن الاسرار“ جي جواب ۾ ”معدن الافڪار“ لکيو.
”حسن و ناز“ يوسف زليخا جي جواب ۾ لکيو اٿائين ۽ ”راي صورت“ ليليٰ مجنون جي جواب ۾ آهي.
”خمسهء متحيره“، هفت پيڪر جي مقابلي ۾ آهي، مثنوي حسن و ناز جو سال 1002 هه کان بہ اڳ آهي باقي ٻين چئن جا سال 1005 هه کان 1013 هه آهي جن ۾ ڏهه هزار بيت ڏنل آهن. ڪي بيت تبرڪاً ڏجن ٿا:
معدن الافڪار:
بحر ز گرداب شده کاسه گر تانمي از جو دتو يا بد مگر
حسن و ناز:
حديثِ لعل آن سر چشمهء نوش شده پيرايهء لب چون درِ گوش
اڪبر نامه (اسڪندر نامه جي جواب ۾):
بگل چينيء آن گلستان شدم سراپا صبا وار دا مان شدم
راي صورت:
حسنت درم خسريده او خوبي گسل آفريدهء او
خمسهء متحيره:
هست برنامت ابتداي همه بتو آغاز و انتهاي همه
خمسه نامي هن وقت ڪنهن بہ ڪتبخانه ۾ موجود ڪو نہ آهي، البت مثنوي ”حسن و ناز“ جو نسخو جنهن ۾ 4 هزار بيت آهن، جن کي حسام الدين راشدي صاحب ڪابل ۾ نقل ڪيو هو. آغاز هن طرح آهي:
خداوندا دلي ده شعله افروز
درو جاني ز برقِ عشق در سوز
بدل ده شعلهء آتش گدازم
بريزان امڙهء اشکِ نيازم
بخاشا کي تنم در آتش انداز
که دوزخ گرد دازوي شعله پرداز
درونم راچنان کن آتش افروز
که دوزخ را ازان آتش فتد سوز
چنان کن موج زن اشکم سويء اوج
که گردون جون خسي باشد بران موج
چنان ده در درونِ سينه سوزم
که دروي خرمنِ هستي بسوزم
چنان زان آتشم دل زنده گردان
که از غيرت بسوزد آبِ حيوان
دلي ده سربسر شايستهء درد
درونم چون جراحت خستهء درد
دلي کاو زخم از مرهم نداند
متاعِ خوشدلي از غم نداند
دلي خواهم ز درد آزرده وريش
که از دردش بدرد آيد سرنيش . . . الخ
تقي ڪاشي جو بيان آهي تہ مير معصوم ٻہ ديوان مرتب ڪيا هئا، هڪڙو خانداني نسخو 1931ع ۾ آقائي علي محمد شاهه راشدي سکر پراڻي وارن معصومين وٽان هٿ ڪري نقل ڪيو هو. ٻيو ديوان، جو سال 1012 هه جو لکيل ٽالپرن جي ڪتبخانه ۾ موجود آهي. نقي ڪاشي جو چوڻ آهي تہ مير معصوم ٻہ ساقي نامه بہ مرتب ڪيا هئا، جن جو ڏس نہ ٿو ملي. مير معصوم 898 هه ۾ ڄائو ۽ 982 هه ۾ وفات ڪيائين. ”در بهشت آسود“ تاريخ وفات.
عبدالهادي بکري
ميرڪ عبدالهادي بن ميرڪ عبدالباقي المشهود بن سيد خواجه، بن ميرڪ سيد محمود المعروف شيخ ميرڪ بن ميرڪ عبدالباقي الموصوف بن ميرڪ ڪلان، بن ميرڪ سيد محمود، بن قدوته السالڪين شيخ پوراني.
خرم دليکه راه بکوي حبيب برد
بيمار آن بہ است که يا بد طبيب را
ميرڪ صاحب جو مقبرو مڪليءَ تي آهي هن تي ڪتبي جي عبارت تاريخ وفات 1086 هه هن طرح آهي:
عيد قربان ز پي ماتم ان شه که زحق
هديده هر دم بسر تربتِ او باد درود
سال تاريخ ندا داد بگوشم هاتف
”هادي“ اهل کرم قافت مقام محمود (1086 هه)
مير محمد شفيع بکري
مير محمد شفيع المخاطب بن لطف علي خان رضوي بکري جو اولاد مير محمد يوسف رحه بهادري ڪري مشهور هو. غياث الدين عطر خان بن سعيد خان ٺٽي جي صوبيدار 1124 هه کان 1126 هه کي قتل ڪري ڪجهه وقت ڪامرانيءَ سان صوبيداري هلايائين ۽ 1127 هه ۾ شجاعت علي خان جو خطاب حاصل ڪيائين. نثر ۽ نظم ۾ يد بيضا هو تخلص ”همت“ هوس. متواضع ۽ خليق هو. محمد محسن ٺٽوي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ رهيو هو. 1144 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ محمد محسن تاريخ وفات چئي:
”اَد خله في الجنات – بلا حساب“ (1144 هه)
لاله گلگون ميشود گويا ز اشکِ خونيم
بسکه دارم داغ پنداري که داغستانيم
رونگر دانم من از تيغِ جفاي دشمنان
همچو اسماعيل در کوي تو من قربانيم
بسته ام چون خضر دامانِ سياحت برکمر
رهنماي کاروا نها در شب ظلمانيم
کي مرا پرو ابود از دست صيادان دهر
يونسم در درهر امادر دهانِ ماهبم
هستم اکنون از غلامان عليءَ مرتضيٰ
در لقب ”لطف علي“ بنوشت در پيشانيم
يار محمد
مولانا يار محمد ”ياري“ اصل هرات کان آيو. بلاغت ۾ ڪمال رکڻ کان سواءِ فن انشا ۾ بي مثل هو. سلطان محمود ڪوڪلتاش هن کي معزول شهنشاهه همايون ڏانهن ايلچي طور مڪو هو، پر ڪامياب نہ ٿيو. پويان ڏينهن سيتپور ۾ وڃي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. ڪلام مان ظرافت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هڪڙو بيت تاريخ معصومي ۾ ڏنل آهي:
گجرات خوش دياري اما بشرط ياري
بي يار چون توان بُد راين چنين دياري
مير محمد يونس
مير محمد يونس پهريان همايون وٽ ملازم هو بعد ۾ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود بکري وٽ ملازم رهيو ۽ 985 هه ۾ وفات ڪيائين:
”رستم از قيد اين و آن اي دل“ (985 هه)
ترڪي ۽ فارسي ۾ شعر چوندو هو:
خوشم يعمرِ دو روزي چو گل درين گلشن
که عاقبت بنسبمي چو خس رود برباد
علي نواز شاهه
مير علي نواز شاهه تخلص ”علوي“ شڪارپور جا وڏا ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ افغانستان کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. مرحوم نهايت مخلص، صابر، نهٺو ۽ غريب پرور مرد هو ۽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ اعليٰ مهارت رکندڙ هو. مرحوم ڪيترائي سال شڪارپور ميونسپالٽي جو چيئرمين ۽ مئجسٽريٽ بہ ٿي رهيو. حڪمت جي علم ۾ بہ چڱو ماهر هو ۽ وقت جي شاعرن ۾ نهايت عمدو شاعر ٿيو:
الغياث اي شاه خوبان الغياث
الغياث اي حسن سبحان الغياث
الغياث اي نُورِ ربّ العالمين
الغياث اي شان يزدان الغياث
الغياث اي قبلهء اسلام من
الغياث اي دين و ايمان الغياث
الغياث اي مرشد پيغمبران
الغياث اي پير پاکان الغياث
الغياث اي مخزن جو دو کرم
الغياث اي کان احسان الغياث
الغياث اي فرحت قلبِ حزين
الغياث اي راحتِ جان الغياث
الغياث اي دستگير بيکسان
رحم فرمائي گدايان الغياث
اي بشير کون و مکان در ازل
وي نذير حسن و انسان الغياث
يک طرف جو زمانم کردزار
وزدگر سو نفس و شيطان الغياث
جرم و عصيانم شده از حد فزون
اي شفيع جرم و عصيان الغياث
نام خود وقتِ و فاتم ده بياد
تار وم ازدهر فرحان الغياث
کن منور باز قبر تار من
از فروغ روئي رخشان الغياث
از کرم شو دستگير روز حشر
ده امان از نار سوزان الغياث
روز محشر نار سوزان جحيم
بهرامت کن گلستان الغياث
”علوي“ از فرط حوادث شد ملول
مشکلش فرمائي آسان الغياث
از ابر زلف برمه رويت نقاب چيست
بکشا ز رخ نقاب زعاشق حجاب چيست
شد مقتبس ز نور جمالِ تو آفتاب
پس ماه رابحسن رخت انتساب چيست
درروئي تست نور خدا جاوه گرعيان
بي ميم احمدي تو درين ارنياب چيست
کردي تو خود بحضرت خود آشنا مرا
بيگانه وار باز زمن اجتناب چيست
گفتي که من ززلفش تو اقرب ترم بتو
باز اين قدر جدائي ازين دلکباب چيست
من بندهء تو ام توشهِ بنده پروري
با بندهء کمينه و عيدِ عتاب چيست
”علوي“ چو از الست سگ آستان تست
پس باسگان خويس حساب و عذاب چيست
قادر بخش
ميان قادر بخش تخلص ”بيدل“ جا وڏا روهڙي ۾ پاٽولڪو ڌنڌو ڪندا هئا. هن ڪامل درويش جو والد ميان محمد محسن قادري طريقي ۾ جهوڪ واري بزرگ شاهه عنايت جي هڪ شاخ کان دست بيعت ٿيو هو. فقير بيدل 1230 هه 1814ع ۾ تولد ٿيو ۽ ڄمندي ئي ڄام هو. سندس ننڍي هوندي جي هلت چلت ئي عام ٻارن بلڪ وڏيءَ عمر وارن کان نرالي ۽ اچرج ۾ وجهندڙ هئي. قدرت فقير صاحب کي هڪ اثر پذير، صاف ۽ پاڪ دل ڏني هئي. سالڪن جي صحبت منجهس الاهي عشق جا مچ مچائي ڇڏيا هئا. فقير صاحب وقت جي عالم ڪامل مولوي عبدالرحمان صاحب سکر واري وٽ ”شرح ملا“ پڙهندي مٿس اهڙي ڪيفيت طاري ٿي، جو روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ چوڻ لڳو تہ اسان کي عشق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نہ ٿو اچي، قلندر شهباز جي زيارت ڪرڻ ويو ۽ اهڙو رنگ ۾ رنگجي ويو جو روحاني فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ شعر چوڻ شروع ڪيائين. پير صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي وٽ رهيو، اتان نياءُ ٿيس تہ پريالوءِ ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه تي وڃ، اتان فيض پرائي، روهڙي ۾ مڃارڪو دڪان کولي ويٺو ۽ حسن پرستي ۾ مست رهيو. 1289 هه ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس خانقاهه روهڙي اسٽيشن جي اولهه ۾ زيارتگاهه آهي، فقير صاحب حسن پرست هو روهڙيءَ جي حسينن جي جن لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي، سا خود سندس بلند معيار جي دليل آهي، شروع ڪري ٿو:
در وصف وسعت آباد، جنت معاد، نزهت بنياد،
لُهُري ڪه مظهر آثار ڪمال بي زوال است،
و مطلع الانوار جمال باڪمال حر سها الله عن الوادث:
زهي لُهري ڪه چون جنات عدن است
به عظمت او فلکِ دهشت دوتا شد،
سراپا مجمع آرام و امن است،
ملک بر آستانش جان فدا شد.
زيارتگاهه هر روشن ضميري،
ورائي آن جناب فيض بخشاي،
دليل راھہ هر جان منيري،
بهر جا مرقد مردان يکتاي.
ز آبستان شاملش تازه و تر،
فروغ آن شمس و نور آن کو اکب،
ز ڪوهستان جنوبش صاف انور،
نمود اين خانه را روشن لبالب.
ز ريگستان بود شرفش مصفّا،
به هنگامه تماشا آن مزارات،
ز باغستان شده غر بش مطرّا،
تحرک مي رسد باقلب اموات.
در و گشته ظهورِ نور احمد،
بَهَر اَکناف اُو چندين نظاره،
بروز شمهء آثار محمد،
هزاران گون عشرت را اشاره.
بدان سرمايهء سر خط اين خاڪ،
در و درگاهه عالي را اسامي،
معيّن شد مطاف اهل افلاڪ،
سزد گر خوانش يثرب لباسي.
به خاڪِ در گهش هر راز داني،
زهر اطواف اين دير خرابات،
فتاده با ادب بر آستاني،
رجال الله رسد از رفع آيات.
چو دولت يا فت اين خاڪِ مڪرم،
همه صاحبدلان با صفا را،
ڪم شده فورهء نور معظم،
بود رويء ارادت سؤئي اينجا.
مگر اين بلده چون بيت العتيق است،
بغمزه، ناز داده درس تنبيه،
که جاءِ طور مردان طريق است،
به هند و ستانيان از وي نمويه.
و گر پرسي ز حال سا ڪنانش،
به تر کان داده سبق دلربائي،
سراسر جمع خاطر در امانش،
به اهل يزد تعليم وفائي.
ز حُسن مظهري هر جاش غلغل،
هم و حسن خدا داده هم و ناز،
بَهَر جا گل بَهَر جا شور بلبل،
هم و گفتار شيرين مخزن راز.
پري رويان بہ زيور هاي خوبي،
به عشوه ها بہ دام آرند در دم،
مجلا ّ رخ بہ تصفيته القلوبي،
کرشمه آنها برداز و حشيان رم.
خرامان چون کبک نازک خرامي،
دل صاحب نظر در پسي دو نند،
صداي داده يا يحيي العظامي،
که باغ سينه را سرو روا نند.
شکر گفتار گل رخسار خوشخويء،
اگر چون مه سريح السّير باشند،
صفا کردار کم آزار مه رويء،
چو خود بر گردن هر شير پاشند.
به نيکويء ز نيڪويان عالم،
و گر در جلسه آيند از تلمطفّ،
ربو ده گويء سبقت بي تکلمّ،
نشا نند، آتش ارباب تکيف.
رخ غلمان خجل از روي ايشان،
که اگر دد بت شيرين مقابل،
د گر خود حور مست از بويء ايشان،
شود اورا سلوکِ قدس جاهل.
کمان ابرو بدست و تير مزگان،
ز آئينه ظهور حسن شان جان،
ز هر ناوک دل خسته هزارن،
رسد در جلوه گاهه نور عرفان.
دو چشم ايشان مگر چون تيغ و خنجر،
هزاران عاشقان را کرده بي سر.
عشقش نہ منصبي است که هر خس بد ورسد
بلکه از هزار خاص يکي کس بد ورسد
سِر رموِز من لّدن و علمِ واردات
دور است ز اين که فکر مدرس بد ورسد
اين خرمن وجود نہ سوزد بہ قيل و قال
برقي مگر ز عشق مقدس بد ورسد
مخمور و اوفتاده دل از ياد چشمِ مست
فرخ دمي که ساقيءَ مجلس بد ورسد
تنها بمانده عاشق دلداده مدتي
سبب آي خدا که آن مه مونس بد ورسد
آن گنج بي نشان که کنايته زوصل اوست
لطفي که دست کوشش مفلس بد ورسد
مقصود دور راھہ دراز و مجال تنگ
يا ربّ کرم، که بيدلِ بيکس بد ورسد
مولوي محمد علي بکري
هي بزرگ بکر جو رهاڪو هو ۽ والد جو نالو محمد پناهه هوس. سندس تخلص ”طالب“ هو. سندس ڪتاب ”ظهور نامه“ جنهن ۾ روهڙيءَ جي وار مبارڪ جو بيان نظم ۾ ڏنل آهي 1274 هه جي تاليف آهي. سيد حيدر شاهه حقاني کي حضور صلعم کان ارشاد ٿيو تہ موي مبارڪ عبدالباقي صديقي وٽ آهي. ان واقعي کي هن طرح بيان ڪيو اٿائين. مولوي محمد علي حضرت نظام الدين سرهنديءَ جو مريد هو:
بود در آن قلعهء بکهر بلند
قطب يقين مرد بسي ارجمند
شاهء که او حيدر حقاني ست
شيخ احمد مصدر نوراني ست
مايهء صد فيض وليِ خدا
صاحب دين رهبر راه خدا
بود شريعت همه گفتار او
گشته طريقت همه کردار او
شيخ ابل عارف بالله خوان
قطب احمد عاشق الله خوان
سيد عالي شده رضوي لقب
بود ز آل شهِ فخرِ عرب
قلعهء بکهر اگرش مسکن ست
در شهر لُنو هَريش مدفن ست
قبهء عاليش زيارت گه ست
در نظير ديده بصارت ده ست
نعمت عظميٰ چو بہ بکهر رسيد
دردلش از غيب ندا در رسيد
آمدش از درگه يزدان خطاب
هم ز شهِ احمد زين شان خطاب
بندهء باقي که بود بکهري
يابي نزدش چوبر او بگذري
زود خطابي برسان از منش
واقف از سر حقيقت کنش
نوٽ: سيد محمد ضامن ڪنتوري ”عبرتڪده“ سنڌ ۾ مخدوم عبدالباقي صديقي جي سهري جو نالو نظام الدين ڏيکاريو آهي ”ظهور نامه“ ۾ نجم الدين لکيل آهي. ڏسو سه ماهي مهراڻ 1957ع، ص 55 – 57، حيدرآباد سنڌ.
مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم
مولوي غلام رسول ولد خليفو پير محمد شڪارپوري، مولانا حافظ صاحبڏني چشتيءَ جا پڙ پوٽا هئا.
3 مارچ 1863ع ۾ سندن ولادت ٿي ۽ سيد بهادر علي شاهه لودين جو سيد محمد گيسو دراز جي اولاد مان هو، تنهن وٽ فارسي پڙهيا ۽ پنهنجي استاد قاضي سيد بهادر علي شاهه ۽ مولانا خليفي پير محمد چشتيءَ جي مريدي اختيار ڪيائون. علم ادب سان دلچسپي رکندا هئا. جون 1926ع ۾ وفات ڪيائون. تصنيفات مان ٽي ڪتاب ”تنبيه المسلمين“، ”معراج نامه“ ۽ ”ميلاد نامه“ ۽ هڪ ڪلام جو مجموعه يادگار ڇڏي ويا. سندن تخلص ”هاشم“ هو. فارسي زبان تي چڱي دسترس حاصل هيس. علم عروض ۾ ماهر هو:
عالم کز شوقِ عشقِ يار شد مست
تنم از مهر آن دلدار شد مست
ازين ميخانهء پاڪان چشيد ند
حبيب و مالڪِ دينار شد مست
ازين ميخان چشيده جرعه مقصود
انا الحق گفته و بردار شد مست
بگر ديدم همه گلزارِ عالم مست
به نظر من همه گلزار شد مست
اگر پرسي تو از ”هاشم“ حقيقت
ازين مئي خفته و بيدار شد مست
عبدالرحيم
عبدالرحيم تخلص ”ثابت“ درٻيلوي:
از هستيء من نماند باقي، الادّ وسه دم
انهم بفراقِ تو سر آيد، باسوز و الم
----
اڄ نہ اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه رحه)
باب سورهون: سکر جا سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعراء
پارسي زبان جو چرچو سنڌ سونهاريءَ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ 1858ع تائين قائم رهيو. سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي ڪوشش سان هاڻوڪو سنڌي، عربي خط تيار ٿيو ۽ جرمن ماهر ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب سنڌي، گرامر تيار ڪيو. ائين چوڻ صحيح ٿيندو تہ سنڌي گهرو زبان انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سرڪاري زبان بڻجي ويئي ۽ سنڌي ٻولي پنهنجو مقام حاصل ڪيو. خود انگريزن جو چوڻ آهي تہ سنڌ فتح ڪرڻ وقت 1843ع ۾ هن شاهوڪار ٻوليءَ ۾ بي انداز لساني سرمايو موجود هو ۽ هندستان جي ٻولين جي مقابلي ۾ سندس ادبي پهلو گهٽ ڪو نہ هو. بکر جي گلريز خاڪ مان گهڻائي سنڌي شاعر پيدا ٿيا، جن جي ڪلام جي سرهاڻ سنڌ جي زمين کي سرهو ڪري ڇڏيو. انهن سنڌي شاعرن سرائڪي، هندي ۽ اردو ٻولين ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي.
قاضي قاضن
سکر جي سرزمين کي فخر آهي، تہ سنڌي زبان جي اوائلي شاعر قاضي قاضن، جنهن جو شعر پهريائين لکت ۾ آيو، سو ڄام نظام الدين سمي ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ ويهه سال بکر جو قاضي ٿي رهيو. 947 هه ۾ استعيفا ڏيئي مدينه منوره ويو ۽ اتي سڌو سندس ڀاءُ مليو. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن هو سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو هو، تڏهن وقت جي عالمن قاضي صاحب تي ڪفر جي فتويٰ مڙهي هئي، ان جي جواب ۾ قاضي صاحب سنجيدگيءَ سان مناظرو ڪندي، علمائن کي بيتن ذريعي جواب ڏنو هو، جن مان فقط ست بيت شاهه ڪريم بلڙئيءَ واري جي رسالي ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:
”جوڳي جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾“
”سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان
اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام“
”ڪنز قدوري ڪافيه پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ“.
پير محمد لکوي
لکت ۾ جيڪو شعر ملي ٿو، ان موجب هن سر زمين جو سڀ کان قديم شاعر مخدوم پير محمد متوفي (1590ع يا 1600ع) آهي. اصل ٺٽي جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي لکي تعلقي سکر ۾ ويٺو. سندس هڪ طويل نظم مليو آهي، جو ”الف“ جي قافيي تي مشتمل آهي. سنڌي شعر جي انهيءَ قديم صنف تي سڄيءَ سنڌ ۾ پهريائين مخدوم صاحب جو شعر ملي ٿو. کانئس پوءِ مخدوم ابو الحسن وغيره ان صنف تي طبع آزمائي ڪئي، مثال ملاحظه ٿئي:
”سنڌي ساڪن سنڌ جو شائق شفيتا
جنهن قسمت قيد ڪيو لکي جي لاما“.
ڀارو ۽ حفيظ
ڀارو ۽ حفيظ صدري روايتن موجب هن ضلعي جا ٻيا بہ قديم شاعر ملن ٿا، جي مخدوم پير محمد کان بہ قديم هئا. چيو وڃي ٿو تہ ”ڀارو“ ۽ ”حفيظ“ قديم شاعر هئا، جن پهريائين سنڌ جي عوامي شاعريءَ جي صنف ”ڏٺ“ کي سنڌ ۾ مروج ڪيو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل ۽ پاڻ ۾ استاد ۽ شاگرد هئا. مثال طور سندن ڏٺ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا
چٻيندي چڻا، گهڻا ڏينڀو ڏٺا هوندءِ ڏار ۾.
هان فقير، ڀرپور شاهه ۽ ڪالو فقير
مٿيان قديم شاعر روايتن موجب شاهه ڪريم کان اڳ يا ان دور جا هئا. سندن شعر بہ قدامت جي ساک ڀري ٿو. هو ڳوٺ ماڙي تعلقي سکر جا ويٺل هئا. ڪالو فقير مولود چيا آهن، جي وائي جي سر ۾ آهن. سندن هڪ مولود جو ٿل ۽ هڪ مصرع هيٺ ڏجن ٿا:
ڪالو فقير:
هان فقير:
ڀرپور شاهه: ”ٻڌي سچ جو سندرو پئي آهيان پٺيءَ پيغمبر
ڪرڙا اٺ ڪيچين جا، ڀوري ڪيئن لنگهي بر“.
”جي جيها آهن جوءِ ۾ ته، هردو ههڙا حال
يا جيها وڃن جوءِ مان، يا مرين مال.“
”چندو چورن ماريو اٽل ماريو اُڃ
ويا جيئنداڻي جوءِ مان ٽنڊو ٿيڙو سڃ“.
عثماني احساني
ذڪر ڪيل مخدوم پير محمد جو همعصر، عثماني احساني نالي شاعر بہ ملي ٿو، جو 1640ع ڌاري ڀاڳناڙي مان لڏي اچي ”لکيءَ“ ۾ ويٺو. سندس شعر بيتن تي مشتمل آهي، جو ٽن کان ڇهن سٽن تائين آهي، سندس بيت جي هر هڪ سٽ جو قافيو پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن صاحب ”الف“ جي قافيي کان هٽي، صحيح قافيي سان گهڻين سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو هو. هي صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن چئن کان مٿي سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو. کانئس اڳ فقط چئن سٽن وارا بيت ملن ٿا. جيئن تہ انهيءَ قسم جو سندس پهريون تجربو هو، تنهنڪري چوٿينءَ سٽ جو قافيو اڌ ۾ آڻي نہ سگهيو آهي. سندس هڪ بيت آهي:
ڳالهه اڻانگي گورجي، ويهه م سار وهي،
ترس م ويهه تيار ٿي، ساٿيڙا سنجهي،
هيءَ حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي،
سڀ وڇون سهس ٽنڊڻ نانگن سان نهي،
ڏنگي جان ڏنگن سان ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾ لڱين لحم لهي.
شاهه خير الدين ۽ سندس مريد
خان خداداد خان جي ”لب تاريخ“ سنڌ مان معلوم ٿئي ٿو تہ حضرت شاهه خير الدين (المتوفي 1027 هه) جو هڪ مريد ساڌ ٻيلي واري ٻيٽ تي مجاهدي ۾ مشغول هوندو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت شاهه خير الدين پنهنجي ان طالب وٽ ويو، ڏسن تہ طالب سيراندي اتر ڏي ڪيو سجدي ۾ پيو آهي، تنهن تي شاهه صاحب فرمايو:
شاهه:
مريد: ”نه تون ڪعبو نہ تون قبلو، رهين منجهه سجود،
وساري پاڻ کي، ملئين سان درياءَ.“
”ڪوهه ڪندا قبلو، جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي؟“
هن مان معلوم ٿيو تہ شاهه صاحب ۽ سندس مريد سنڌيءَ جا شاعر هئا.
بقادار شاهه راشدي
ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ پير سائين پاڳاري جي وڏي ڏاڏي، حضرت بقادار شاهه راشديءَ جو شعر ملي ٿو، سندن ولادت 1234 هه ۾ ٿي ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ شهيد ٿيا، سندن بيت پنجن ڇهن سٽن تائين آهن:
”جي ڪهان ته، ڪوڪ نہ نڪري، صبر سان آءٌ سهان،
اکيون لايو پر کي ويٺي سور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ڪنهن پر اڪنڊي آهيان.“
محمد راشد
هن برگزيده خاندان مان سڀئي بزرگ پاڻ بہ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر هوندا هئا ۽ عالمن، اديبن جا قدردان بہ هوندا هئا، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي، جو سچل سرمست جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. سندن ”اون“ جو عشقيه قصو منظوم ۽ ڪجهه سنڌي بيت مليا آهن. سندن بيت بيدل فقير جي ڪتاب ”سندالموحدين“ ۾ آيل آهي:
”وحدت مان ڪثرت ٿي، آهي ڪثرت وحدت ڪل،
اندر پرين ٻاهر پرين، ڀول نہ ٻئي ڪنهن ڀل،
هي هنگامو هل، مڙوئي محبوب جو.“
علي گوهر شاهه
پير محمد راشد 1223 هه ۾ وفات ڪئي، کانئس پوءِ هن خاندان مان پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ بنگلي ڌڻي وفات 1263 هه بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، فقط ڪافيون چيون اٿس، جن فن توڙي مضمون جي لحاظ کان سنڌي زبان ۾ وڏو درجو رکن ٿيون، هڪ مصرع ملاحظه فرمايو:
”مثر گن سندا خنجر هڻي، رت عاشقن جو ٿو پئين،
هٿ پيرڙا رت ۾ رڱي، پوءِ ڏوهه مينديءَ کي ڏئين.“
غلام شاهه
هن خاندان مان هڪ ٻيو بزرگ غلام شاهه ولادت 1259 هه بہ سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جو لڏي لاڙ ۾ وڃي ويٺو. سندس ڪافيون ڏاڍيون پُردرد ۽ پر اثر آهن. سندس هڪ ڪافيءَ جو ٿل هي آهي:
”هڪ هڪ نيڻن جي ناز تون،
سئو سئو ڀيرو صدقي ٿيان“
صبغت الله شاهه
سنڌ جو بي مثل محب وطن ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار پير سائين صبغت الله شاهه ثاني ولادت 1327هه ڪڏهن ڪڏهن شعر چوندو هو. رتنا گري جيل ۾ سلوڪ جي مختلف نڪتن تي هڪ بياض قلمبند ڪيو اٿن، جنهن ۾ پنهنجي هڪ ڪافي بہ ڏني اٿن، ان جو ٿل هي آهي:
ڪري چشمن سندو چارو، سر ساهه ٻئي سٽي وئين.
روحل فقير
ڪنڊڙيءَ جو ڳوٺ جو اڳ خيرپور رياست ۽ هينئر روهڙي تعلقي ۾ آهي، هڪ عظيم شاعر صوفي روحل فقير جو آخري آستانو آهي، جو ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ ٿي گذريو. سنڌيءَ کان سواءِ هندي، سرائڪي ۾ اعليٰ درجي جو شعر چيو اٿس، سندس سنڌي شعر فن توڙي مضمون جي لحاظ کان بي نظير آهي، سنڌي بيتن ۾ عربي، فارسي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ هندي ويدانتي لفظ ۽ اصلاح بہ نهايت سهڻي نموني آندا اٿس:
”پڙهيا بيد ڪتيب جا، ڏين ڏورانهان ڏس“
- - - -
صحيح سڃاڻين سچ، مڙج نہ ملامت کون،
گهڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جئن پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائي جو ڪچ،
رنگ پريان جي رچ، راتيان ڏينهان روحل چئي.
- - - -
وڻج وهائڻ ڪاڻ ڇو وڃين ٻئي هٽ؟
توکي پٽ پٽيهر پنهنجو وڻج مڙيوئي وٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پٽ،
محبت مورهه مٽ، توکي سڪ ۾ ٿيندو سوجهرو.
- - - -
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگ،
گنگا ۽ گرنار جو، تن سامين ڇڏيو سنگ،
نڪي واهن سگيتون، نڪي چورن چنگ،
’روحل‘ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاء جو.
روحل فقير کان سواءِ سندس سالو ۽ مريد مراد فقير بہ هڪ عظيم شاعر ٿي گذريو آهي. روحل فقير جا پٽ شاهو فقير، غلام علي فقير وفات 1839ع، خدا بخش فقير وفات 1843ع ۽ دريا خان فقير بہ بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. دريا خان نالي ٻہ صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، هڪ دريا خان فقير نوشهري واري درگاهه جو مريد هو ۽ ٻيو ڪنڊڙيءَ وارو دريا خان فقير، تذڪره لطفي (ج 2، ص 247) جي صاحب ۽ ڪن ٻين اديبن کان غلطي ٿي آهي، جو ٻنهي کي هڪ سمجهو اٿن.
محمد عارف
ميرن جي صاحبي ۾ محمد عارف تخلص ”صنعت“ وفات 1266 هه شاعر ٿي گذريو آهي، جو شڪارپور جو ويٺل هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو ۽ ”صنعت“ ۽ ”عارف“ تخلص ڪندو هو. سنڌيءَ ۾ آياتِ ڪريما جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، جو علم عروض موجب آهي. هن سرزمين جو هي پهريون شاعر آهي، جنهن علم عروض موجب شعر چيو آهي. سندس منظم ترجمي مان هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
”تواضع وڌائي تنهن جو مرتبو
ته جيئن سج کان چنڊ کي پرنور.“
خليفو ڪرم الله
شڪارپور جو شاعر خليفو ڪرم الله وفات 1271 هه سندس همعصر هو. خليفي صاحب سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي. سنڌي شعر علم عروض تي ۽ قديم نوع تي چيو اٿس سندس غزل مان هڪ مصرع ڏجي ٿي:
”سوئي مون کي سنمت ڪيو آه،
محبت محب اوهان جي،
ڏوري ڏور ڏکي ٿي ڏونگر،
ٿيءُ اچي تہ اوطاقي.“
ڀائي چينراءِ
سنڌ جو عظيم هندو صوفي شاعر ڀائي چينراءِ وفات 1850ع شڪارپور جو ويٺل هو. تخلص ”سامي“ ڪنهن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. سندس هڪ سلوڪ مثال طور ڏجي ٿو.
”جاڳي ڏٺو جن سامي سپرين کي،
سي نئنن جي نروار کون پلڪ نہ پاسو ڪن،
ٿڌ گرمي دک بک اُڃ سر تي سڀ سهن،
اٺ ئي پهر رهن، اڳيون ٻڌي هٿڙا.“
فقير قادر بخش ”بيدل“
فقير قادر بخش بيدل روهڙيءَ جي جهنڊي جو بيان مٿي ڏيئي آيا آهيون. حضرت قادر بخش صوفي جو ڪلام فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ آهي. سندس فارسي ڪلام پيش ڪري آيا آهيون، باقي ٻيو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌي ڪلام
عقل جو ويو اختيار، عشق ”انا الحق“ جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي آ لڙائي، عشق کٽي جنگ، عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي برهه ڀڄايو.
دست ڌري آيو حسن جو ڀالو، چئنچل چشمن جو ڪري چالو،
گوءِ کڻي ٿيو نروار، باهه برهه جي سنڌن کي ساڙيو.
ڪاٿي پير مريد سڏائين، ڪاٿي پاڻ سان لنؤن لائين،
ڪاٿي ڪري ڪوڪار، قم يا ذني چئي مئو جيئاريو.
يار بيرنگي نور نهاني، پهري پوشاڪ آيو انساني،
عشقئون ٿي اظهار، سهس ويسن سان پاڻ سينگاريو.
هن تون باولي برهه جي بيدل، لامڪانون ٿي ڪر نازل،
ٽوڙ دوالي يار، بيخوديءَ جو باز اڏايو.
سرائڪي ڪلام
سک رمز وجود وڃاوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي!
اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙهي مول نہ چڙهيا،
’اثباتي‘ دا علم جو پڙهيا،
مون انهين سر سانوڻ دي!
بارش بره دي جنهن سر آئي،
سوز عشق وچ جالي سدائي،
بي دردان نون ڪل نہ ڪائي،
درد دي دود دکاوڻ دي!
نال دليل نا لڀسئي دلبر،
عقل نہ اوڏانهن ٿيسئي رهبر،
سمجهي مام ڪون صوفي بي سر،
شاهي طبل وڄاوڻ دي!
بحر عميق ۾ جوئي پوسي،
دين ڪفر دا دفتر ڌوسي،
ساري سڌ انهين ڪون هوسي،
ذات صفات سماوڻ دي!
بيدل ڳالهه وحدت دي من تون،
طلسم وهم دوئي دا ڀن تون،
وچ عروج نزول دي گهن تون،
لذت آوڻ جاوڻ دي!
- - - - -
مذهب دي باتيان تون برها،
صوفي لا مذهب مستي وچ،
شيعا سني ٿيوڻ سوکا،
بي سري دا منصب پاڪر، هڪ پل وچ اُڏاويگا.
اَنا الحق اَلاويگا.
صوفي ڪون سڏاويگا.
سولي سر چڙهاويگا.
محمد محسن ”بيڪس“
محمد محسن تخلص ”بيڪس“ ولد فقير قادر بخش صوفي درويش هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. وفات 1298 هه. فرمائي ٿو عاشق صادق:
ريءَ هوت بنا ڪونهي اجهو،
جنت ڏير ڏئي ويا مئي کي ڏجهو.
ڪوڪان ڪندي ڪوڪاريان،
سرتيون اوهين ڇو ٿيون جهليو،
’بيڪس‘ چئي انهيءَ بحر مون، رَندن مٿي ڪندس رڙيون،
هاڻي ڏونگر ڏورڻ پيو جهجهو.
هر ڪا ڏسي پنهنجون بديون،
اوهين پيون ٿيون روح ۾ رجهو.
ٽٻي هنيائون لهر مون،
هاءِ درد لڳو دل ۾ ڳجهو.
صوفي محمد محسن اڃا چوڏهن ورهين جو هو تہ سندس والد وفات ڪئي. سندس فرزند فقير محمد محسن ”بيڪس“ وفات جي تاريخ هيٺينءَ ريت چئي آهي:
رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو،
نالي بيدل بادشاهه بيشڪ اتي شهباز هو.
موج ستيءَ ۾ سدا سرفراز هو،
حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو.
پير مغان جي پيش هڪ حقيقت مجاز هو،
’همه اوست‘ واري حال ۾، محمود سو ’اياز‘ هو.
درد واري دين ۾، هو وير وحدت باز هو،
عشق جي اوتار سان دلدار دست و راز هو.
هن تماشي گاهه ۾ اڻهٺ سندي آواز هو،
مرضيءَ موجب پانهنجي سو سير صفاتي ساز هو.
سال ٻارهن سو، اڻانوي ۾ سوزگداز هو،
سورهين ذوالقعد جي، هاديءَ سندو پرواز هو.
بيدل مرشد پنهنجو سائين غريب نواز هو،
”بيڪس“ خادم در سندس کي عشق جو آغاز هو.
ملان صاحب ڏنو
ساميءَ چينراءِ جو همعصر ۽ شڪارپور جو ويٺل ملان صاحب ڏنو وفات 1841ع بہ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مدح ملي آهي، جنهن جو هڪ بيت ڏجي ٿو:
”تون سرتاج، سردار صاحب سدا،
سڀو جڳ سلامي سندءِ سرورا،
پهچ پير درماندگان دستگير،
مريدن مدد ڪر محي الدين مير.“
منشي ميان محمود
سکر جا ميمڻ واپاري توڙي سرڪاري عملدار پنهنجي علميت ڪري ”منشي“ ڪوٺبا هئا. ميان محمود اسسٽنٽ اسٽئبلشمينٽ آفيسر هو. عربي، پارسي، سرائڪي، هندي، سنڌي ۽ اردو جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ديوان ”گلزار محمودي“ جنهن کي ميان غلام شاهه رضوي ڪوٽائي مرتب ڪيو، تنهن کي ميان محمود جي فرزند ارجمند منشي ميان پير بخش صاحب، جو 1898ع ۾ روهڙيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ساڳئي سال اسلاميه پريس لاهور مان شايع ڪرايو. ديوان گلزار محمودي جو ديباچو ميان عبدالرحمان متخلص ”عاصي“ جو لکيل آهي جو پڻ سيٽلمينٽ کاتي جو ملازم هو. ميان محمود جو تخلص ”طالب“ هو، جنهن ڪتاب جي شروع ۾ هيٺين مدح چئي آهي:
مدح
نرمل پرور پاڪ ذات آهي صفت سندس سبحاني، يار
شافي امت جو مير محمد شان سندن قرآني، يار
ابابڪر ۽ عمر عثمان ۽ حيدر شير رباني، يار
چئني يارن ڪفر کي ٽوڙي، دين وڌايو حقاني، يار
صدقي شاهه شهيدن تون جي قائم دين حقاني، يار
سچي واٽ خدائي جي تي ڪيائون سر قرباني، يار
گهوري وڃان ان پير پيران جو سرور شاهه جيلاني، يار
غوث حقاني قطب رباني صفت سندس لاثاني، يار
پير نظام الدين سونهارو ڏيئو هندستاني، يار
خواجه معين الدين اجميري حامي راجستاني، يار
شاهه جلال و فريد شڪر گنج بهاؤ الحق ملتاني، يار
سنڌ سونهاري جو وارث والي لعل شهباز سيواني، يار
طالب هردم گهرو انهي کان ثابت دين ايماني، يار
ملندي برڪت تنن جي دولت ڏوهين جهاني، يار
¬
ڪافي
اٿي ڙي سياڻي، رات وهاڻي،
سعيو سمر ڪر ليئي، ٿيندي لڏاڻي.
چرخو نہ چوري، پٺئي نہ اُوري،
پڇنديئي سويري، ايندئي نہ وائي.
ڪتيوئي نہ ڪوڙي، ڌاريئي نہ موڙي،
ويسر وسهوڙي، وٺنديءَ صباڻي.
سينڌون ٿي ساهيئي، سرمان ٿي پائي،
بت ٿي بنائي، نيٺيءَ لٿائي.
رکنديئي قبر ۾، ڌرينديئي ڌوڙ،
پڇنديئي قهر ۾، ايندئي نہ وائي.
توريندا تورو، ڦوليندا ڦورو،
ماءُ پيءُ نہ سهرو، پڇنديئي پرائي.
طالب تي پرور، موليٰ ڪرم ڪر،
برڪت پيغمبر، هي شئي نماڻي.
بچل شاهه
بچل شاهه مياڻي سکر وارو حضرت بيڪس جو همعصر هو. سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ مانجهو ۾ ٿي ۽ 1901ع ۾ سکر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي، سکر بئراج جو ٿورو هيٺان آهي. بيت ۽ ڪافيون چيون اٿس. ڪافيءَ جي هڪ مصرع:
برهه بازي ڪار سازي، حق حقيقي منهن مجازي،
ساهه ۾ سهڻي صلاح، ورهه ڪيئن آهي ويڳاڻو.
محمد اڪرم
ساڳي دور ۾ شڪارپور ۾ محمد اڪرم پٺاڻ نالي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن 1905ع ۾ وفات ڪئي. ڪافيون چيون اٿس. هڪ مصرع:
درد حسن جي ڪيس ديواني، چاڪن ڪئي مان چور،
ڪر ڪا يار ورڻ جي.
ايسر فقير
انهيءَ دور جي پوئين زماني ۾ درازه درگاهه تي سخي قبول محمد دوم 1842ع – 1924ع سجاده نشين هو. ايسر فقير روهڙائي سندس طالب هو. هن هندو فقير جي شعر جو مثال ڏجي ٿو:
”جنهن کي رانول رمز چکائي،
سا دل ڪرندي ماهي ماهي.“
ڪريم ڏنو
سخي قبول محمد جو طالب، شڪارپوري، ڊي – پي – آءِ جو پي – اي هو.
هوت تنهنجي هنج ۾، پوءِ ڏونگر ڇو ڏورين،
و نحن اقرب اليه من حبل الوريد، منهن نا موڙين،
قل هو الله احد الله الصمد، چت اندر چورين،
الله هو اورين، ڪريم ڏنو قلوب ۾.
بهاول فقير
شڪارپور، جو ايڪسائيز انسپيڪٽر هو ۽ سخي قبول محمد جو طالب هو:
”جدا ٿيو جڏهن جاني، جوش جگر جلايو،
ڏيئي درد دل ۾ دلبر، رڻ ۾ تو رلايو.“
احمد علي
شڪارپور جو سنڌي ماستر بہ سخي قبول محمد جو طالب هو.
”باغ بهاريا وڻ ٽڻ موريا، سبز سڃن سنساري،
گل ڦل ٽڙيا خوب بسنتي، هر هنڌ ٿي هٻڪاري.“
واليڏنو فقير
واليڏنو فقير شاعر ٿي گذريو آهي، جو پي. ڊبليو. ڊي جو ٺيڪيدار هو. سنڌيءَ ۾ عروضي شعر چيو اٿس. وفات 1307 هه. هڪ غزل جي
مصرح:
”وسن ٿا مينهن محبت جا، وهن ٿا نار نيڻن کئون،
اُٿاري هن اُڃايل کي پيالو پُر پياريندا“.
ٻڍڙو فقير
ٻڍل فقير عرف ٻڍڙو فقير ولد عبدالواسع ڳوٺ نجفي انڙ تعلقي شڪارپور ۾ 1865ع ڌاري تولد ٿيو ۽ 1939ع ۾ وفات ڪيائين. سندس حياتي مستي ۽ مجذوبي ۾ گذري. پير سائين حزب الله شاهه جو مريد هو، سٺو شاعر هو. سندس ڪلام، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي، جو ”رسالو ٻڍل فقير“ ۾ ڇپيل آهي، هڪ بيت ڏجي ٿو:
”ڇنڊي ڇنڇر ڏينهن کي وينگس ڇوڙيا وار،
سڏي ۽ سڏڪا ڀري پر لئي ڪڍي پار،
پئي روئي پنڌ ۾، ڀوري لئي ڀتار،
سونهارا سردار! هن کي ڪاهي ڪيچ رسائين.“
لال محمد ”لال“
پني عاقل تعلقي، گهوٽڪيءَ جو برگزيده عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. بيت ۾ ڏوهيڙا چيا اٿس: 1890ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس هڪ ٽيهه اکريءَ جي ڊگهي بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”ٿي تون ثمر سڪ جو، ثابت رکي سپر،
هلي پئي هاڙهي، ڇڏي صاف سڌير.“
علي مراد ”عاصي“
ڳوٺ ٻڍي تعلقي ڳڙهي ياسين جو زميندار هو، چڱو شاعر هو. سندس هڪ نظم جو ڪتاب ”گلشن بهار“ مجموعي ۾ مدحيات ۽ مناجات ڇپيل آهي، جنهن ۾ ٽيهه اکريون، ڪافيون ۽ ٻيو نعتيه شعر آهي. سندس ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”ٿي تڳان تو ريءَ اوهان جي، هوت هيڻن کي اڀل،
تون اڙين جو اوٽ آڌر، مصطفيٰ مختيار مل.“
ڪرم شاهه
ڳوٺ ٻرڙا، لڳ ڪرن تعلقي شڪارپور جو ويٺل هو. سندس ولادت 9 –1903ع ڌاري ۽ وفات 1953ع ۾ ٿي. سنڌيءَ جو چڱو شاعر هو. سندس هڪ ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻہ سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:
”خي ئون خان کڻي ويس، اهي کوٽا مٿئون کٽ،
ستل ڇڏي سيج تي، ٿيا ڄاڻي واڻي ڄٽ.“
علي نواز ”علوي“
19 صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾، شڪارپور جي مشهور اولياءَ حضرت فقير الله علويءَ جي خاندان مان، حاجي علي نواز ”علوي“ 1851ع – 1920ع سنڌ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. علم عروض توڙي قديم نوع تي ڪافي سنڌي شعر چيو اٿس. هڪ ڪافي مثال طور ڏيون ٿا:
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا،
انسان هزارين مان نہ رڳو.
تنهنجي شان برابر شاهه نہ ڪو
تنهنجي سونهن سندو مٽ مان نہ ڪو
تنهنجي خيال کان خالي ساهه نہ ڪو
خواهان هزارين مان نہ رڳو
قرآن سراسر شان سندءِ
آ واصف خود رحمان سندءِ
ٻيو ڪهڙو ڪري ڪو بيان سندءِ
حيران هزارين مان نہ رڳو
ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا
ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا
سلطان هزارين مان نہ رڳو
تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا
ڪئين عاشق اسرافيل جهڙا
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا
دربان هزارين مان نہ رڳو
توتان جان فدا ڪن شاهه گدا
ري ناڻي ٻانها ٻيل ٻڌا
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا
خاقان هزارين مان نہ رڳو
ناهي ”علوي“ هڪ مفتون تنهنجو
آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو
قربان هزارين مان نہ رڳو
سرائڪي ڪلام
سڄڻ ساڏي ساهه وچ وسدا
جدا ڪيون ڪر ڪوئي ڏسدا
بره دا بار سر چاوڻ
اهين رستي اندر آوڻ
سڄڻ دي نال لنؤن لاوڻ
نهين وت ڪام هر حس دا
وجودون غير جو ٽالي
ڏکان وچ سک جيها جالي
هميشه پرت پيا پيالي
پرين دا پار سو پسدا
بره بيشڪ هي سر بازي
سوره سمجهي سرفرازي
رهي هر حال وچ راضي
نهين عاشق ڪڏان نسدا
خودي دا خون جو پيوي
جيندي جانون جدا ٿيوي
سوره سونت جڳان جيوي
سدا خوش حال ٿي هسدا
ٻهون ”علوي“ جو پيوس هي
نهين بيوس دا ڪو ڪس هي
علي فرياد رس بس هي
اوڪس هي مين بيڪس دا
هندي ڪلام
پيا عرض ميرا منيو که ناهين
ميرا حال دل سي سنيو که ناهين
مين روزِ ازل سي هون قربان تجهه پر
مجهي اپنا درسن ديکهيو که ناهين
نهين سنده مين چين آتا هي کهين
عرب مين مجهي اب بُليو که ناهين
تجهي بعد مانع نهين ديکهني سي
مجهي ملني کا ڊهب بتيو که ناهين
مين شاهي نهين چاهتا مجهه کو شاها
گدا اپني در کا بنيو که ناهين
تيري درد فرقت مين روتا هون هردم
بلا پاس اپني بڻهيو که ناهين
مين هون نيک يا بد تيرا هو چکاهون
هلاکته مجهکو بچيو که ناهين
قيامت مين جب لوگ پياسي پهرينگ
شرابِ شفاعت پليو که ناهين
جدهر انبيا نفسي نفسي پکارين
ادهر هاتهه ”علوي“ کاليو که ناهين
اردو ڪلام
مجهي ديدار تم اپنا دکهاؤ يا رسول الله
رخِ انور سي تم پردا اڻهاؤ يا رسول الله
کرو ديدار اپني سي ميري آنکهون کو نوراني
جدائي کي اندهيري سي چهڙاؤ يا رسول الله
تمهاري درد فرقت مين بهت مدت سي روتا هون
وصل اپني سي اب مجهکو هساؤ يا رسول الله
گناهون کا ميري سر پر پڙا هي بوجهه بس باري
شفاعت کا مجهي مڙده سناؤ يا رسول الله
ميري کشتي کي تم هو ناخدا بحر دو عالم مين
بس اب چاهو ڊباؤ يا بچاؤ يا رسول الله
هي ”علوي“ سندهه مين پابند دام درد مهجوري
کرم کر کي مدينه مين بلاؤ يا رسول الله
هادي ڏنو
حافظ هادي ڏنو ماڙي تعلقي سکر جو ويٺل هو. 1890ع – 1916ع – بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ مصرع:
”چشما چوري ڪن زوري، نئون لائي نينهڙو.“
مولانا عبدالغفور
مولانا عبدالغفور همايوني ولد خليفو مولانا محمد يعقوب همايوني تعلقي شڪارپور ۾ 1261 هه ۾ تولد ٿيو، سندس والد اصل شهر ”جهٽ“ بلوچستان جو رهاڪو هو، پر همايوني جي هڪ زميندار وڏيري غازي خان سومري جي استدعا تي همايون ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي ديني تعليم ڏيڻ لڳو. مولانا عبدالغفور گهڻو علم پنهنجي والد کان حاصل ڪيو، پر ان جي وفات 1273 هه کان پوءِ باقي علم مولوي سلطان محمد پنجابي کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي والد جو مدرسو هلائڻ لڳو. مولانا پنهنجي وقت جو جيد عالم هو، سنڌ، هند، بلوچستان وغيره جا ڪيترائي شاگرد وٽائنس فيضياب ٿيا. مولانا هڪ بهترين شاعر هو. سندس تخلص ”مفتون“ هو. سندس سنڌي غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو بہ هو، جو في الحال گم ٿي ويو آهي. مولانا صاحب 1336 هه ۾ وفات ڪئي. مولوي صاحب هڪ اهل الله، صاحبِ دل، ظاهر ۽ باطن جو باعمل عالم هو. سندس ڪمالات ۽ فضائل جو ثبوت سندس تصنيف ”فتويٰ همايوني“ بس آهي. آخر گوشه نشين ٿي ويهي رهيو. مولوي صاحب وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر بہ هو. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ درد نمايان آهي. مولوي صاحب جو حسب ذيل ”غزل“ مشهور ۽ مقبول عام آهي. ان جي تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوشش ڪئي، پر مولوي صاحب جهڙي ڳالهه پيدا ڪري نہ سگهيا، ملاحظه فرمايو:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نہ رڳو،
تنهنجي شاهه دسترخوان مٿي، مهمان هزارين مان نہ رڳو.
تنهنجي جلوه جمال جو عشوه گري، ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن، ملائڪ، حور، پري، غلمان هزارين مان نہ رڳو.
ڪئين ابرو تيغ شهيد ڪيا، ڪئين ناز مزيد مريد ڪيا،
ري ناڻي ديد خريد ڪيا، سلطان هزارين مان نہ رڳو.
اي ماه لقا محبوب مِٺا، تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير، امير، گدا، حيران هزارين مان نہ رڳو.
ڪئين گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور سرور سندا،
تنهنجي نور حضور سندا، نگران هزارين مان نہ رڳو.[1]
آخوند عبدالقادر
تخلص ”بيدل“ شڪارپور ضلع سکر جو هزار ڪوشش بعد بہ مرحوم جي سوانح ۽ ڪلام دستياب نہ ٿي سگهيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بذات خود شڪارپور وڃي ڪوشش ورتي، مگر خالي واپس ٿيڻو پيو. سنڌ جي انهيءَ بيقدري ۽ بي علمي تي جيترو ماتم ڪجي، اوترو ٿورو آهي، صرف ايترو بہ معلوم نہ ٿي سگهيو تہ مرحوم کي آخوند ڇو سڏيو ويندو هو، جن مرحوم کي ڏٺو هوندو، انهن کي خبر هوندي. ان زماني ۾ ثواب زياده، روحانيت عام، چڱائي جام، نيڪ نيتي گهڻي هئي.
غلام علي خان
غلام علي خان ولد محمد آچر، تخلص ”جعفري“ شڪارپور ضلع سکر، انگريزيءَ ۾ مئٽرڪ پاس، پارسي، اردو ۾ بہ چڱي مهارت رکندڙ هو. ويهه ورهيہ مختيارڪار رهيو. هڪ خليق انسان هو. 1882ع – 1951ع ۾ پنهنجي عشقيه ڪلام جو ديوان پنهنجي هٿن سان درياء داخل ڪيائين ۽ چيائين تہ جڏهن الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فنا آهي تہ ڀلي هي ديوان بہ هاڻي فنا ٿي وڃي. هيٺ آيل ڪلام مان ٻہ شعر ملاحظه لاءِ لکجن ٿا:
”پرين تو کان ٿي پرزه هڪ تہ پيارا ”جعفري“ جي دل،
جدائي کان ٻيو جاني جگر پامال هو منهنجو.“
”نه هي ڪو شعر آ ديني، نہ ڪا ان ۾ نصيحت آ،
مئس، گهوڙا ڦريس، سڀ ڪو چوي حال بتر پنهنجو.“
مولوي غلام رسول
مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم ويٺل شڪارپور، وفات 1926ع.
محمد قاسم
ڳڙهي ياسينوي، وفات 1349ع ان دور جا سنڌي شاعر هئا.
امام بخش
شڪارپوري، تخلص ”خادم“. وفات 1918ع. علوي جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو، علم عروض توڙي قديم نوع تي شعر چيو اٿس:
”چند روز زندگيءَ تي ڀروسو خادم نہ ڪر،
آه ماڻهو اڄ سڀان، الله بس، باقي هوس.“
ڪرم فقير
ذات سومرو، ويٺل شاهه آباد تعلقو ڳڙهي ياسين، وفات 1366 هه. سندس هڪ ڪافي جي مصرع:
”ٽوٽ ٽرڙا ڪري ورڙا، مکي تيل گهمن گهرڙا،
ڀاڙيا ائين نہ ڀاءِ.“
مولوي بهاؤ الدين
ويٺل نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪي، ذات ڀاوناڻي پتافي وفات 1352 هه وڏو عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس فرزندن مان مولوي محمد اعظم ”سراجي“ ۽ عبدالرحمان ”ضيائي“ بہ سنڌي شاعر آهن.
مولانا امروٽي رح
مولانا تاج محمد ولد عبدالقادر امروٽي وڏو عالم ۽ آزادي جي تحريڪ جو حامي به، سنڌيءَ ۾ مولود ۽ قومي نظم چيا آهن.
نبن فقير
ذات جيهو، ويٺل جيها تعقلو ڳڙهي ياسين وفات 1919ع. سنڌيءَ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪافي جي هڪ مصرع هي آهي:
”ديدن تنهنجن دونهان دکايا، اتي اڏيا سين اوتارا،
سڪندي سڪندي سال لنگهي ويا،
نيڻن مئون وهن نارا.“
ميهر شاهه
ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ اورنگ آباد جو ويٺل هو. وفات 1940ع سندس شعر بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. قدرتي نظارن کي چڱيءَ پر چئي سگهندو هو، مثلاً :
”ڀلي ڪري آئين منهنجا بسنت بهار،
ڪيسو ڪيوڙا انب انبوريا، کجين ڪيا ڳلڦار.“
علي نواز شاهه
حاجي علي نواز شاهه ولد ڏنل شاهه ڳوٺ الياس تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل ۽ ميهر شاهه جو همعصر هو، حرمين شريفين جي زيارت ڪري آيو هو. انهيءَ سفر جو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بند هت ڏجي ٿو:
”جيڪر واءُ سهاري، وڃ تون پيش آوين، ڏج تون خبر ساري،
گچيءَ پاند پاوين، پيرين دست لاوين.“
بنگل
ذات جو جوڻيجو ۽ بگڙا جوڻيجا تعقلي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. اٽڪل 15 سال اڳ وفات ڪري ويو. چڱو شاعر هو. سندس ڪلام ڏور، ڪافين، معجزن ۽ مداحن تي مشتمل آهي. سندس هيٺين ڏور جي بيت ۾ حضرت ابراهيم جي آڙاه وارو واقعو آيل آهي:
”جڏهن سارنگ چڙهيو سيج،
تڏهن ڪڪر ئي ڪو نہ هو.“
شاهه محمد
جوڻيجو بنگل جو همعصر ۽ ساڳئي ڳوٺ جو هو. هن بہ شعر کان سواءِ ڏور جا بيت چيا آهن. هيٺئين بيت ۾ حضور پاڪ جي نور ڏانهن اشارو آهي:
”نڪا هاءِ نہ هوءِ هئي، نڪا صورت صفائي،
نڪو هو ماڳ ملڪ تي، نہ آدم اصفائي،
اتي تنهن عجيب، لونءَ چڱي لائي،
جڏهن ظاهر ٿيو ذاتي، جاءِ انهيءَ جوڻيجو چئي.“
صاحب فقير
صاحبڏنو ولد محمد بخش ”رڪ“ تعقلي گهوٽڪيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. 90 ورهين جي عمر ۾ ڪافي وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس وفات مرشد حضرت محسن شاهه جيلاني جي ڳوٺ ”سوئي“ تعلقي اوٻاوڙي ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. سندس ڪلام مولودن، ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
”يار سانول تنهنجون ڳڻي ڳڻي ڳالهيون،
پاڻ پنهنجو منجهه پور وڌوسي.“
بهاؤ الدين
بهاؤ الدين ولد ڦلڻ خان مهر، عزيز پور تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. ڪجهه وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس ڪلام معجزن، مداحن، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. هڪ مداح جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.
”جيڪي عناصر الله جا سي تو لئه سڪن سردار ٿا،
زيارت لئي لعلڻ تنهنجي هردم سڪن هزار ٿا،
سوالي اوهان کي سرورا، مرسل ڄاڻڻ مدار ٿا،
اوهان ريءَ يا احمدا نہ عاصي ڀائن آڌار ٿا.“
محمد کٽي
تعلقي پني عاقل جو هڪ سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي. مختلف ڌنڌن ۽ ڪسبن تي ڪيترائي بيت چيا اٿس، سندس هڪ ڊگهي بيت مان ٻہ سٽون ڏجن ٿيون، جنهن ۾ بازار جا سودا ڳڻيا اٿس:
”نظر ڪري نهاريان، جان پيهي منجهه بازار،
ڳڙ، گيهون، مکڻ، مصري مان پسان جال جوار.“
صابر موچي
هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ روايت موجب ڳوٺ ڪاڪي پوٽا تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. سندس وڌيڪ حالات معلوم ڪونهن. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن جلال کٽيءَ سان بيت بازي ڪئي جو تقريباً 12 صديءَ ٿي گذريو. هن قديم شاعريءَ جي قسم ”سينگار“ تي اعليٰ درجي جا بيت چيا آهن:
”مک پسي محبوب جو هي قمر ڪڇي ٿو ڪين،
ڪٽونب ڪيس قريب جا، وڏا تليهر کان تيز،
گت کڻن گنبير ڪرن، چيٽو پسي چيز،
اهڙا محب مهميز، مليا هن ”موچي“ چئي.“
حبيب الله
حبيب الله ولد صالح محمد شڪارپوري تخلص ”خادم“ ڪي سال اڳ وفات ڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ جي دور ۾ قومي نظم ۽ غزل چيا اٿس ۽ انگريزن جي ڏاڍي هجو ڪئي اٿس، هڪ هنڌ چوي ٿو:
”اڙي ڀولا! تنهنجون ڀوريون، ٿينديون بازار بيمانيون،
چوندي هر هڪ اسان کي هت، اوهان ئي اڄ رلايو آه.“
لطف علي
مولوي لطف علي ”مسڪين“ 1889ع ۾ ڳوٺ بهشتي ڪامل تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو، حاجي خان محمد جو پٽ ذات ڪولاچي بلوچ هو، پارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ چڱو شعر چيو اٿس ۽ ماستر هو:
”خد و خر خراب ٿيو، ڪمينو ڪيڏو،
ڏنگو ڏاڍو ڏيه جو، حرڪتي هڪڙو،
پر پڙهڻ ۾ تڪڙو، تيلان سونهين سڪول ۾.“
آخوند آدم
حاجي آخوند آدم ڳڙهي ياسين جو ويٺل، ڪاتب ۽ سٺو شاعر هو. ڪلام مولودن ۽ مداحن تي مشتمل آهي:
”ڏيل منهنجو ڏڪي، ڏسي ڏوهن،
شاهه ڪيو شاد مون، ضعيف بدن،
مهر مسڪين ٿئي، معاف ڏاتر ڏکن.“
مولا بخش
مولا بخش ”مسڪين“ ولد عبدالحميد ڀٽو شڪارپوري 1907ع ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي ماستر هو. سنڌي ڪلام کان سواءِ نثر ۾ تصنيفون بہ آهن، شڪارپور لاءِ چوي ٿو:
شاهي شڪارپور، جو آه ملڪن ۾ مشهور،
موچارا منجهس ماڻهو رهن، موجن ۾ مسرور،
دانهن وڏي دستور، ٿا رکن راضي روح کي.“
ڪريم بخش
ڪريم بخش مڱريو، ماستر ويٺل ڳوٺ ماڙي. پڇاڙيءَ واري وقت ۾، اسر جو اُٿي پنهنجي هڪ ڪافي ڳائيندو هو:
”اسر جو اٿي ڳايون ٿا،
ماڻهن جي ننڊ ڦٽايون ٿا،
پنهنجو پاڻ پٽايون ٿا.“
قادر بخش فقير
قادر بخش فقير ولد محمد ذات ميمڻ ويٺل ماڙي 1881ع ۾ ڄائو ۽ 1952ع ۾ وفات ڪيائين. ٿورو پڙهيل هو، ٿوري مذهبي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو، شعر سادو سلوڻو اٿس:
”سرتيون سانگين لئي سڪان ويٺي ساريان،
عمر هي پنهنجي ڏکن ۾ گذاريان.“
غلام علي سومرو
سنڌ جو صوفي شاعر، ”بيدل“ جو معتقد 1893ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. ريوينيو ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. سڄي عمر فقيرانه گذاريائين. سندس ڪتاب ”هيرن جو هار“ عرف ”مسدس مسرور“ ڪيتري وقت کان ڪاليجي ڪورس تي آهي.
”اهو تہ عجيب ديس ڏٺم، گهمي تہ لقا لبيس ڏٺم،
نه ريس اتي سيص ڏٺم، نواب نڪو جناب ڏٺم.“
سنت پرمانند
شڪارپور جي يوگ آشرم جو سوامي هو. هنديءَ ۽ ويدانتي ڀڄن چيا اٿس:
”آهي نہ ڪو اسرار، ڇا چئي مان ڇا ٻڌايان،
نظر نيڻن جي جاڏي کڻان ٿو، آهي صورت عجيب اپار.“
آغا صوفي
آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن دراني پٺاڻ 1889ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان حاصل ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. آغا صوفي درازي درگاهه جو وڏو معتقد هو. شعر کان سواءِ سنڌي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”سچل سرمست“ مشهور آهي. سندس هڪ غزل جي هيٺين شعر ۾ ڪهڙي نہ نازڪ خيالي آهي:
”تربت جي لاءِ ”آغا“ جي هڪ گل نہ بچايئي،
اغيار کي عطا ته، سڄو هار ٿيو آه.“
دلاور علي
دلاور علي ”دلاور“ ولد رستم خان روهڙيءَ لڳ هڪ ڳوٺ ۾ 1854ع ۾ ڄائو، پوءِ ڳوٺ مان لڏي وڃي ڳوٺ تجل تعلقي ناري ۾ ويٺو، جتي 1884ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي:
”ساهه سيد کي منهنجو ساري، شال ڏاتر ڏيهه ڏيکاري،
وڄڙيون چمڪن بادل برسن، تاڙو مند کي تنواري.“
سيد خير شاهه
سيد خير شاهه ولد سيد علي شاهه ڳوٺ شاهپور تعلقي روهڙي ۾ 1882ع ۾ ڄائو، پوءِ اتان لڏي وڃي ٽنڊي مستي خان لڳ ڪچي ۾ ويٺو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، مولودن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي:
”ابرو ڪالي، نين خماري، خاوند خلقي نقش ڪٽاري،
وچ ڪجل دي ڪار، ڀلو سيد سرما پايا.“
صوفي عبدالرحمان
گهوٽڪي جي پٺاڻن مان هو. جوانيءَ ۾ درازن جي درگاه مان اهڙو رنگ لڳي ويس، جو رچي ريٽو بنجي ويو. خواجه صدر الدين جي خانقاه بکر ۾ ديرو دمائي ويٺو ۽ وڏيون رياضتون ڪيائين. 1919ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪناسرن جي ڳوٺ رياست خيرپور ۾ مدفون آهي. مير علي نواز خان ٽالپر سندس معتقد هو ۽ مير صاحب ڀوپال کان فقير ڏانهن خط موڪليندو هو، جن جا جواب فقير صاحب راقم کان لکائيندو هو. سندس ڪلام تصوف جو نچوڙ آهي. نموني طور هڪ غزل ملاحظه فرمايو:
”عرش اتي آشيان اساڏا، ويکو جسم ڪنون پرواز،
آپ هون عاشق، آپ هون معشوق ناگه ٿيڙا ناز،
جهڙي ويلي موج سر آوندي، من خدا آواز،
اپڻا يارو سير ويکڻ آيس، صورت دا ڪر ساز،
”عبدالرحمانا“ رمز رندي دا، مرشد ڏتڙا راز.“
همت علي شاهه
همت علي شاهه رضوي روهڙيءَ جي ڪوٽائي سيدن مان هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو تہ 13 صديءَ جي اوائل ۽ 14 صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو آهي. سندس هڪ مناجات ملي آهي:
”بهرِ خدا قائم بقا، بهرِ محمد مصطفيٰ،
بهرِ علي المرتضيٰ، توکان مڱان صدق صفا.“
مراد علي ڪاظم
شيخ مراد علي ڪاظم هڪ بلند پايه عروضي شاعر ٿي گذريو آهي. روهڙي ۾ 1901ع ۾ ڄائو ۽ 1954ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس شعر جذبات ۽ غير معمولي احساسات جو مرقع آهي:
”دلچسپي عالم ٿو رکي شعر خدا داد،
خوبيءَ سخن آه نہ جاگير ڪنهن جي.“
آغا تاج محمد خان
تعليم جو مشهور ماهر ۽ منتظم آغا تاج محمد مرحوم ڳوٺ باهڙجي ۾ 1904ع ۾ ڄائو. سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول، آغا حسن علي خان جسٽس، پيرزاده عبدالستار سابق وزير اعليٰ سنڌ، منشي رحيم بخش ۽ آغا تاج محمد جهڙا شاگرد پيدا ڪيا. آغا تاج محمد تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ خيرپور ۾ تعليم کاتي جو سربراهه هو، جتان يونيورسٽي قائم ٿيڻ تي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ٿيو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه جو وڏو ڄاڻو ۽ مداح هو. شاهه ڀٽائي رح جي مدح ڏسو تہ ڪهڙي نہ عقيدت سان پيو ڪري:
”ڇو نہ سمجهان پاڻ کي، خوش بخت خوش قسمت مدام،
سنڌ ۾ سنڌين تي آهي، شاهه جو احسان تمام.“
محمد بخش ڪوجهي
سردار بهادر شيخ محمد بخش ”ڪوجهي“ ڀاگناڙي جي شيخ خاندان مان هو. درازي درگاهه جو وڏو خليفو ۽ بيحد معتقد هو. ڪليڪٽر هو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. تعيلم سان دلچسپي هيس. سچل سرمست ڪاليج قائم ڪيائين. ڪافين ۾ تصوف جو رنگ چڙهيل اٿس.
”سڱ نہ سياپو ساهيان، از لئون گولي آهيان،
پاند ڳچيءَ ڳل پايان، من ڪا ڪهل پوئي.“
سکر جا زنده شاعر
سکر ضلعي ۾ ڪيترائي زنده شاعر موجود آهن، جن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا، جيئن:
(1) قديم نوع تي شعر چوندڙ (2) قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر (3) ترقي پسند. هيٺ ٽنهي جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
قديم نوع تي شعر چوندڙ، گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن، جتي هينئر اڳي وارو چرچو ڪونهي، تڏهن بہ ”جر مان مڇي کٽڻي ڪانهي.“ ڪيترائي ذوق جا صاحب موجود آهن، جي تند تنواريندا اچن. شڪارپور ۾ سانول شر ۽ رمضان لوهر، ان فن تي طبع آزمائي ڪندا اچن ٿا. سانول ڏور جو سٺو شاعر آهي ۽ رمضان گهڻا مولود چيا آهن. شڪارپور جي ڀرسان خانپور ۾ جان محمد کٽي ڌور جو ملوڪ شاعر آهي ۽ تمام وڏي عمر جو آهي. ماڙيءَ ۾ محمد اڪرم، حبيب ڪوٽ ۾ مولا بخش سومرو ۽ ڳوٺ شهمير تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ عبدالرحمان عاصي هڪ بلند پايه جو صوفي شاعر رهي ٿو، جنهن تصوف جي رنگ ۾ بيت ڪافيون چيون آهن. آرائين تعلقي سکر ۾ فقير غلام سرور پٺاڻ هڪ زبردست صوفي شاعر رهي ٿو. سندس ڪيترائي صوفي طريقي جا ڪلام چيل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا ضرور هوندا.
قديم نوع تي جديد شاعرن بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. سکر واري شيخ مبارڪ ”اياز“ انهن صنفن کي نئين رنگ سان پيش ڪري، جديد شاعري ۾ مروج ڪيو ۽ مقبول بنايو. لطف الله بدوي شڪارپور واري بہ هن قسم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. قديم ڍنگ وارا عروضي شاعر بہ ڪيترا موجود آهن. پني عاقل ۾ جناب شاهه محمد شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ سيد سردار علي شاهه صاحب ”ذاڪر“ ايڊيٽر روزنامه ”مهراڻ“ اعليٰ درجي جا شاعر آهن. شڪارپور جا لطف الله بدوي، صبغت الله شاهه ”اديب“، بشير مورياڻي، حاجي شير محمد چغدو، عبدالوهاب ”ناظم“، حبيب الله ڀٽو، ڳڙهي ياسين جو عزيز الله ”مجروح“، سلطان ڪوٽ جو آغا گل حسن. سکر جا امير علي شاهه ”جامي“ معصومي، دائود پوٽو ولي محمد ”ولي“، رحيم داد خان مولائي شيدائي، محمد حسين ”مشتاق“، عبدالسلام ”سليم“ گهوٽڪيءَ جو اظهر گيلاني سٺا شاعر آهن. ترقي پسند شاعرن مان پروفيسر شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ شيخ اياز جديد رنگ ۾ بهترين عروضي شعر چيو آهي. راز صاحب غزل تي جديد رنگ ۾ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. نياز همايونيءَ وري عروضي شاعريءَ کي انقلابي رنگ ڏنو آهي.
جديد شاعريءَ جا چوٽيءَ جا شاعر شيخ راز ۽ شيخ اياز بہ هن ضلعي جا رهاڪو آهن. سنڌ جي شاعريءَ جو ”نئون موڙ“ ڊي – جي سنڌ ڪاليج جي ”سنڌي سرڪل“ قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيو، جا 1941ع ۾ قائم ٿي. پروفيسر محترم شيخ ”راز“ انهيءَ سرڪل جو شروعات کان چئن سالن تائين سيڪريٽري ٿي رهيو، انهيءَ سرڪل جي ڪوشش سان نئين شاعري شروع ٿي ۽ پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ لڳي. شيخ اياز صاحب بہ ان زماني ۾ سرڪل سان وابسته هو، شڪارپور جو بشير مورياڻي بہ ترقي پسند شاعرن ۾ شمار ٿو ٿئي.
عزيز الله ”مجروح“
عزيز الله مجروح 35 سال کن اڳ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ۾ جنم ورتو. ذهانت جي ڪري کيس پنهنجي پوري خاندان ۾ خاص درجو حاصل هو. سنڌي تعليم کان سواءِ ڪجهه عربي ۽ فارسي مان واقف ٿيو. شاهه ڀٽائي ۽ ڊاڪٽر اقبال ننڍي ٽهيءَ کان سندس پسنديده شاعر هئا. سندس تصنيف ڪيل ٽي ڪتاب آهن:
(1) ”نالهء دل“، جو ڇپجي چڪو آهي. (2) ”داستان مجروح“ ۽ (3) ”افڪارِ مجروح“. جن مان داستان مجروح مڪمل آهي. مجروح سنڌ جو اهو نوجوان هو، جنهن مختصر زندگيءَ ۾ سنڌ جي شاعرن ۾ چڱو مقام حاصل ڪيو. 8 آگسٽ 1962ع ۾ مرحوم تي ننڊ جي حالت ۾ سندس دشمنن بندوق جا فائر ڪيا ۽ بر وقت دم ڏنائين. حب وطن جي جذبي کان متاثر ٿي مرحوم چوي ٿو:
قربان ڪيان ديس جي ڌرتي تان سڄو جڳ، ڇڇ
مون لاءِ تہ آ خاڪ، وطن طول وهاڻو.
ساريون ۽ جوئر وونئڻ مٽر ڪڻڪ چڻا ڏس،
الله اڪيچار ڪيو آب ۽ داڻو.
پورهئي کان پنوهارن کي نہ ٿئي هار ڪڏهن ڀي،
ڪو هر ۾ رڌل ۽ ڪو وهي نار نماڻو.
شل منهنجي وطن جو هر فرد رهي خوش،
عباسي ۽ ابڙو يا مڱڻهار، مهاڻو.
پنهنجي مادري زبان جي محبت رکندي، سنڌي عوام کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو:
ويهي متان وڃايو سنڌي زبان پنهنجي،
ڏسجو متان ڦيرايو سنڌي زبان پنهنجي.
سامي سچل ۽ بيدل ۽ ڀٽ ڌڻي جي صدقي،
رڻ ۾ نہ هيئن رلايو سنڌي زبان پنهنجي.
اردو ۽ بنگله کي بيشڪ رکو اکين تي،
سڀني سان پر لڳايو سنڌي زبان پنهنجي.
عزت جي زندگي ٿا چاهيو تہ چست ٿيو اڄ،
قائم اوهان ڪرايو سنڌي زبان پنهنجي.
نياز همايوني
”نياز“ همايوني صاحب، سنڌ جي ميلن بابت فرمائي ٿو:
هي سنڌڙي جيئي شال آباد ملڪ آهه،
هتي سال ۾ ڪيئي ميلا لڳن ٿا.
جتي سينڌ سرُما ڪري خوب ٿي ٽاٽ،
اوري پري کان سريلا اچن ٿا.
ڪي پاچن ۾ پورا ڪي کيسن ۾ گم،
ڪي مڻيادار مهانڊا ٿين ٿا.
- - - - - -
جڏهن ڪو بہ ميلو لڳي ٿو تہ ائين ٿو سجهي،
ڄڻ تہ شهرن ۾ شب برات آئي.
هي بر ۾ بازاريون هي جهنگل ۾ منگل،
گهمي ڄڻ تہ جنت مان اوقات آئي.
نظر ڪر تہ ماڻهون، ائين ڄڻ ته،
دهلن ڌمامن سان راجا جي بارات آئي.
- - - - - -
هو جوڙا ملهن جا، جتي جوان جوانن کي،
ڀاڪر وجهي بي ڊپا ٿي وڙهن ٿا.
گهڙيءَ ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين،
گهڙيءَ تير وانگي سڌا ٿي وڙهن ٿا.
دسڻ ۽ ڪرڻ مرڪ مردن جو،
ڊپ کان ٿي آجا، هي مهمير راجا وڙهن ٿا.
لطف الله بدوي
پروفيسر لطف الله بدوي شڪارپوري راقم جو همعصر، سنڌ جي محققن ۾ شمار ٿئي ٿو. بدوي صاحب هن وقت ملازمت کان رٽائرڊ ڪيو آهي. سندس هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو:
زندگي جي خواب جي تعبير ڏسڻي آ پئي،
هت اچي تقدير ۽ تدبير ڏسڻي آ پئي.
آرزو جو نقش هو رنگين، پر ان جي بجا،
بيڪسي ۽ رنج جي تصوير ڏسڻي آ پئي.
ڪيترو نادان هيس، جنهن تي ڪيم ٿي ناز پئي،
ان نگهه پرور کان ئي تشهير ڏسڻي آ پئي.
ان جي وعدن تي تمنا جي عمارت کي رکيم،
پر اڌوري دل جي هي تعبير ڏسڻي آ پئي.
آ تعجب قرب ۽ دوري ٻئي ٿي پيا عذاب،
پنهنجي ئي قسمت جي هي تحرير ڏسڻي آ پئي.
”لطف“ مون وٽ دل هئي، ڪيڏي نہ بي پروا، مگر،
هاءِ هو هٿ کان ڏئي تحقير ڏسڻي آ پئي.
شيخ عبدالرزاق ”راز“
شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون، هو صاحب سکر پراڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج جو پروفيسر آهي:
رات ڪهڙي نہ اڄ سهاني آه،
چنڊ جو عالم جواني آه.
تنهنجي آئي ٿي چنڊ جي چانڊاڻ،
مهربان! تنهنجي مهرباني آه.
جنهن ۾ هڪ پل نہ آ خوشي حاصل،
ڪهڙي هيءَ منهنجي زندگاني آه.
ٿئي حقائق کان آشنا ڪوئي،
زندگاني پوءِ جاوداني آه.
عشق جي بيڪسي ۽ مجبوري،
حسن رنگين جي ڪامراني آه.
- - - - -
اسان اڄ بي حجابانه تنهنجي محفل ۾ آياسين،
اسان هڪ آرزو بڻجي دلِ قاتل ۾ آياسين.
وڃون ڪاڏي، ملون ڪنهن سان، ٻڌايون حال دل ڪنهن کي،
اسان بس آزمائش جي وڏي مشڪل ۾ آياسين.
نه هُت ڪو چين ٿي آيو نہ هِت ڪوئي قرار آيو،
اسان گرداب مان نڪري جڏهن ساحل ۾ آياسين.
گهڻي همت ٻڌي اڳتي وڌياسين شوق مان ليڪن،
وري گهٻرائي موٽياسون جڏهن منزل ۾ آياسين.
ٻڌوسين، ”راز“ هڪ سمجهي، لڳايو تو آه سيني سان،
خدا ڄاڻي ڪڏهن لاڪر اوهان جي دل ۾ آياسين.
شيخ مبارڪ ”اياز“
اصل شڪارپور جو ويٺل سکر ۾ وڪالت ڪري ٿو. سکر ريجن گلڊ جو ميمبر رهيو آهي. ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
وائي
جتي ڪٿي هو آهي، جيڏيون، جنهن سان جان جڙي!
ملي ويو هو منهنجي مڌ سان، ڳوڙهن منجهه ڳڙي.
پرين اسان جي پيالي ۾ هو، جيسين رات لڙي،
تنهنجي سار سوا، اي سرتيون، گهاري ناهه گهڙي.
هانءُ اسان جو تنهن وٽ هوندو، جنهن ۾ آس اڙي،
ڇني ڏنوسون، ڇڄي نہ سگهندي، تنهنجي قرب جي ڪڙي.
غزل
هي دورِ محبت آ فسانو ئي فسانو،
ٻڌندا ٿا رهون آه گذر گاه زمانو.
هيءَ راند زماني جي تماشو ئي تماشو،
ويٺو ٿو ڪو ڳائي ڪو دلچسپ ترانو.
مکڙي نہ کڙي باغ ۾، پر منهنجو قاتل،
گذري ويو وقت، اهو وقت سهانو.
هي ننگ، هو ناموس، اهو وهم اجايو،
ويٺي ٿي ڪيو يار بهاني تي بهانو.
بس منهنجي عقيدت ۾ محبت ۽ فقيري،
هي منهنجو دفينو ۽ اهو منهنجو خزانو.
تون ناز و ڪرم، شان ۽ شوڪت جو مجسم،
هي ”اياز“ وري عجز و عقيدت ۾ يگانو.
محمود شاهه راشدي
مير محمود شاهه راشدي جو ڪلام پختو آهي، حضرت پير صاحب پاڳاري شاهه مرادن شاهه ثاني جو درٻاري شاعر ۽ تخلص ”سائل“ هئس.
ڪافي
موٽي مارو ملن مون، الله ڪري!
سدا سانگيئڙن کي ٿو ساهه گهري!
ڪري ويس وسڻ جا ٿا غيث اچن،
ڀانيان مينهن ملير تي اڄ ٿا وسن،
منهنجا نيرن ۾ ٿا نيڻ ٽمن،
آهي ملڪ ملير اٿاهه پري!
مون کي سڪ سبيل سنگهارن جي،
تن ٻاجهارن ٻڪرارن جي،
پوتم پرت اندر ۾ پنوهارن جي،
ڳران ڳڻتين ۾، جيئن ڳاهه ڳري!
وسون عام هونديون، وليون جام ٿينديون،
جيڏيون وسڻ گهمڻ صبح شام وينديون،
کلنديون پاڻ ۾ خوب ڪلام ڪنديون،
ورنديون پوئين پهر سر تي گاهه ڪري!
مارو مير، ”محمود“ نہ وسرن ٿا،
سندءِ سور اندر ۾ تہ اُسرن ٿا،
دل جا خمير سڄر سي تہ پسرن ٿا،
منهنجي جيءَ اندر ٿو آڙاهه ٻري!
حڪيم شمس الحسن اختر
سکر ۾ اردو جا گهڻائي شاعر آهن، جن ۾ بزرگ شاعر حڪيم شمس الحسن اختر آهي، جنهن جي وضع قطع دل کي لڀائيندڙ آهي. حڪيم صاحب جو سياست سان بہ تعلق آهي، جنهن ڪري ساڻس بحث مباحثه ۾ سياسي رنگ جو دخل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هونءَ رڳو شاعر آهي، شعر ۾ سندس قديم روايت جو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان کان سواءِ نعمت بريلوي هڪ پرجوش نوجوان آهي. هن قديم روايت کي نظر انداز ڪيو آهي. وٽس جديد دور جو اثر زياده آهي. خاموش طبع انسان آهي.
آفاق صديقي
هي اردو زبان جو قادر الڪلام شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس جديد و قديم شاعرن جو امتزاج نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي آهي. کيس سنڌي زبان جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنڪري سنڌي ڪلام ۽ سنڌي افساني کي نهايت سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪري سگهندو آهي. شاهه لطيف جي بيتن کان سواءِ هن سنڌ جي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، شيخ راز ۽ تنوير عباسي جي شعرن جا اردو ۾ ترجما ڪيا آهن. پنهنجو گهڻو وقت ادبي خدمات ۾ صرف ڪندو آهي. سندس ڪلام جا ٻہ مجموعا شايع ٿيا آهن ۽ عڪس لطيف شاهه جي شخصيت ۽ ڪلام تي اردو ۾ سندس وڏي ڪاوش جو نتيجو آهي. هر ادبي ۽ ثقافتي انجمن جو ميمبر آهي ۽ سندس وڏي حيثيت آهي. رائٽرس گلڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ۽ سکر جي هر ادبي جلسي ۾ سندس وڏي خدمت آهي. نظم سان گڏ گيت ۽ غزل بہ لکندو آهي ۽ ترنم سان وڏي خوش الحاني سان پڙهندو آهي.
حسن حميدي
هي صاحب نظم جو شاعر آهي سندس هر شعر ۾ هڪ طنز آهي. تفريح طبع لاءِ غزل بہ لکندو آهي. سندس ڪلام ۾ عموماً انقلابي رجحانات نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ڪيترين ئي تشبيهات ۽ تلميمات سان مرصع آهي! هو ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکندو آهي، پر سندس گهڻو وقت سياست ۽ ليبر ائسوسئيشن جي لاءِ وقف آهي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي
راقم جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون. مولائي جو شمار سنڌ جي محققن ۾ آهي. هيٺ سندس بيت ڏجن ٿا:
انگ نہ ڍڪ اڳڙين سين، تنهنجو شاهاڻو شان،
تو ڪيئن بن وسايو، خاڪي خاڪ مڪان،
تو نرگس چوڏس ڦلايا، تو لالا تو ريحان،
تنهنجي در تي ديوانا ٿيا، سوين سالڪ سلطان،
توکي ويدن ويراڳي ڪيو، ٻيو گيتا جي گيان،
مون کي مڌ مستانو ڪيو، پريتم تنهنجي پيمان،
راڌا تنهنجو ڪان، مون ساويرو صحي ڪيو.
- - - -
سرچي پنهنجي من سين، وٺ گروءَ سندو گيان،
تون املهه هئين عميق ۾، پنهنجو پاڻ سڃاڻ،
تو ۾ وڄن بانسريون، سوين ساز سامان،
ميران خاطرمن ۾، هئين ساڳيو سرت سبحان،
جنهن نانڪ نوازيا ڪيترا، سو تون ئي سبحان،
تون خالق مالڪ ملڪ جو، تون ڪامل ڪشتي بان،
پوءِ ڪهڙي ثمر ڪاڻ، پيو ٻاڏائين ٻين کي.
ڪرم فقير سومرو
تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ شاهه آباد جو رهاڪو، سيد فاضل علي شاهه مديجيءَ واري جو طالب هو. ولادت 1295 هه ۽ وفات 1366 هه. مرشد جي جلالي طبيعت سبب هن ۾ بہ جلالي جذبو پيدا ٿيو هو. هيٺيون ڪلام هڪ هندو ڳوٺاڻي طوطي مل کي بطور نصيحت ڪري چيو اٿس، جو ڪڙمين کي پيڙهيندو هو:
”ڇڏ تون طوطا اهو تال، خاصو رکجان خيال،
نالو رکائن پکيءَ جو، وري ميڙين مڏيون مال!
سيءَ پاري ڪڙمي ويچارا، صبح جو ڪن سوال،
”ڪرم“ چئي ڪر تون پنهنجو، چتونءَ جيئن چال.“
بشير مورياڻي
هي نوجوان شاعر شڪارپور ۾ پروفيسر هو پوءِ سي – ايس – پي جو امتحان ڏيئي، ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. تخلص ”بشير“ اٿس:
چمن چمن کي ڏٺوسين، اُداس اُداس اسان،
نظر نظر کي ڏني آ، حسين آس اسان.
متان هي پنهنجي محبت جو خاتمو نہ هجي!
ٿيا نہ آهيون گهڻي وقت کان اداس اسان.
اسان جي دم سان ئي آباد آهي شهر الشهر،
رهيا نہ آهيون مسرت جي آس پاس اسان.
نه تنهنجو غم، نہ غمِ زندگي، نہ فڪرِ جهان،
خبر نہ آهي تہ ڇو آهيون اداس اسان.
ٿي رات پوري ۽ خالي رهيو اسان جو جام،
ڪري سگهياسين نہ ساقيءَ التماس اسان.
ڪڏهن ڪڏهن تہ اوهان کان سوا قرار مليو،
ڪڏهن ٿياسين اوهان وٽ بہ محوِياس اسان.
خبر اٿئون، تہ اسان کان هو بيخبر آهي،
”بشير“ ٿي نہ سگهيا آهيون پر نراس اسان.
سيد اظهر گيلاني
سيد اظهر گيلاني، رهندڙ گهوٽڪي تخلص، ”اظهر“ نوجوان شاعر آهي. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
صنعت عڪس لفظي:
ڪر فيض عام ساقي! ڏي مئي ۽ جام ساقي!
ڏي مئي ۽ جام ساقي! ڪر فيض عام ساقي!
دنيا ۾ نام ساقي، تنهنجي سخا جو آهي،
تنهنجي سخا جو آهي، دنيا ۾ نام ساقي!
ڇو دورِ جام ساقي، دورِ جهان ۾ رڪجي؟
دورِ جهان ۾ رڪجي، ڇو دورِ جام ساقي!
ڪر انتظام ساقي، رندن کي مئي ڏيڻ جو،
رندن کي مئي ڏيڻ جو، ڪر انتظام ساقي!
ماهِ تمام ساقي، بوتل ۾ بند آهي،
بوتل ۾ بند آهي ماهِ تمام ساقي!
اعليٰ مقام ساقي، خوددار کي ملي ٿو،
خود دار کي ملي ٿو، اعليٰ مقام ساقي!
ماهِ صيام ساقي، رندن جي لاءِ آيو،
رندن جي لاءِ آيو، ماهِ صيام ساقي!
مئي آ حرام ساقي، ڇو شيخ جي چوڻ تي،
ڇو شيخ جي چوڻ تي، مئي آ حرام ساقي!
حرفِ غلام ساقي، ڪڍ دهر جي لغت مان،
ڪڍ دهر جي لغت مان، حرفِ غلام ساقي!
بگڙيو نظام ساقي، دنياءِ ميڪده جو،
دنياءِ ميڪده جو، بگڙيو نظام ساقي!
صبح ۽ شام ساقي، محتاج تنهنجو عالم،
محتاج تنهنجو عالم، آ صبح و شام ساقي!
تنهنجو مدام ساقي، ”اظهر“ کي آسرو آ،
”اظهر“ کي آسرو آ، تنهنجو مدام ساقي!
سيد امير علي جامي
امير علي سکر پراڻي جو معصومي سيد هو. تخلص ”جامي“ جو شمار سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ آهي. سيد اظهر گيلاني جو همعصر آهي، جنهن جي ديوان جو ڪتابچو شايع ٿي چڪو آهي پر ”جامي“ صاحب جو اڃا ديوان شايع ڪو نہ ٿيو آهي:
سراءِ دهر ۾ جهڙو سندءِ آ نام اي ساقي!
روا رک اهڙو مستن تي بہ تون انعام اي ساقي!
رکيو آ حادثاتِ دهر بي آرام عرصي کان،
ڪرڻ ڏي مئڪده جي سايه ۾ آرام اي ساقي!
اڃا ڀي تشنه لب آهيون اڃا خواهانِ ڪيف آهيون،
اڃا مستن کي گهرجي ٻيو بہ دورِ جام اي ساقي!
زماني جا سهارا سڀ ڇڏي اڄ بي سهارو ٿي،
پيو آهيان اچي تنهنجي پناري، سام اي ساقي!
پياري مئه محبت پنهنجي هٿ سان شاد و خندان ڪر،
نهوڙيو آهي ”جامي“ کي غم و آلام اي ساقي!
تمت بالخير
ماخذ
Elliot, H (Cowson) History of India Vol. I, London 1898.
Sindh Historical Journal, Vol . I, Part, II, March, 1934 Karachi.
Hughes – Buller, R: Gazeteer of Makran, 1906 Bombay.
Vincent William: Periplus of Earythreanian Sea Part I. London 1800.
Ranerty, H. G: Mehran & its tributes, Calcutta 1892.
Sindh Gazetter, Vol. B. Bambay, 1928.
Cousins, H: Antiquities of Sindh, Calcutta 1929.
Tod. J: Annals & Antiquities of Rajisthan, Vol. I, Calcutta, 1894.
Vincent William, D: Voyage of Nearchus, from Indus to Euprates, London 1779.
Smith, V. A: Oxford History of India, 1920, Oxford.
Dutt, R. C: Ancient India, Vol. II, Calcutta.
Haig, M. R: The Indus Delta Country, London, 1898.
Sindh Historical Journal, Part IV, 1939 Karachi.
Sindh Historical Journal, March, 1937 Karachi.
Aitken, E H: Gazeteer of Sindh, Karachi 1907.
Abbot, J: Sindh A Re - interpreatation of The Unhappy, Valley, Karachi, 1907.
Sindh Historical Journal, March, 1935, Karachi.
Ishwari Parsad: A Short History of Muslim Rule, In India, Allahabad 1939.
Hodiwala, S.H: Studies in Indo – Muslim History, Bombay 1939.
Cambridge History of India, Vol. II, Cambridge 1929 Sindhian World the tri – Islands in the Indus Vol. II, Karachi Feb: 1940.
Kalichbeg Furridun Beg: History of Sindh, Vol II, Karachi 1901.
Whitehead, R. B: Catalouge of Coins in the Punjab Museum of Lahore, Oxford 1914.
Berneir, F: Travels in the Mughal West Minister, Empire (1656 – 1668) Vol. I, 1890.
Foster, W. W: The English Factories in India (1637), Oxford 1906.
Sarkar, J. N: History of Aurangzeb, Vol. V, Calcutta.
Strange LE: Eastern Provinces of Caliphate, Cambridge 1905.
Marshman, J. C: Abridgement of the History of India, London.
Sarkar, J: The Decline of the Mughal Empire, Vol. I, Calcutta, 1937.
Hutton, J: History of Asia, London, 1875.
Burton, R: Sindh revistied, London 1877.
Pastons: Personal Observation on Sindh, London, 1843.
Mohanlal, Munshi: Trade of Khairpur, 1837. India Office, London.
Thornoton: Gazetteer, Vo. I, London, 1844.
Faster Sir Willaim: Early Travellers in India, Oxford, 1921.
Sorely, H. T: Shah Abdul Latif of Bhit, Oxford, 1940.
Hughes, A. W: Gazetteer of Sindh, p. 41, London, 1877.
Mukerji, R. K: Economic History of India, London 1945.
Musto, A. A: Future of Sindh, Karachi 1923.
Wylly, H. G: Military Memories of, J. Thackwell, Vol. 9, Part II, Calcutta 1840.
Trotter, L. J: Rulers of India, The Earl of Auckland, p. 78, Oxford 1893.
Thornton, E: Gazetteer of The Countries Adjacent to India & North West, 2 Vols. London 1844.
Stanely Read E. S. T: Shepered: The Indian Year Book, Bombay 1927.
Temple Richard Sir: Men & Events of Time in India, London 1882.
Sindh Historical Journal, Vol. V, Jan: 1941, Karachi.