سنڌ شناسي

سنڌ جي ادبي تاريخ

ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌ جي علم ادب، اوائلي سنڌي شعر، عربي سنڌي صورتخطي، سنڌي جي علمي عوج، سنڌ جي بنيادي تحريري شعرن بابت باب شامل آھن. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ادب جي پھرين دور، سنڌي ادب جي 1843ع کان 1875ع جي دور جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جي نئين دور جي مصنفين تصنيفات بابت معلومات ڏنل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ جي ادبي تاريخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب خانبھادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل تحقيق ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌ جي علم ادب، اوائلي سنڌي شعر، عربي سنڌي صورتخطي، سنڌي جي علمي عوج، سنڌ جي بنيادي تحريري شعرن بابت باب شامل آھن. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ادب جي پھرين دور، سنڌي ادب جي 1843ع کان 1875ع جي دور جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جي نئين دور جي مصنفين تصنيفات بابت معلومات ڏنل آھي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1937ع ۾ ڇپيو ۽ ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل ھيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي پاران 2000ع ۾ ٻنھي جلدن تي مشٽمل گڏيل مجموعو  ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور  انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران (ايڊيشن چوٿون 2000ع)

خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ سنڌي مسلمانن جي لاءِ جيڪي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون. اهي اڄ به پيڙهه جي پٿر جي طور تي هميشه ياد رکيون وينديون. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو ۽ مختلف سرڪاري حيثيتن سان سنڌ جي مختلف هنڌن تي وڃڻ دوران سنڌ جي ادبي تاريخ لکڻ لاءِ جيڪو ڪچو مال حاصل ڪيو هو. اهو ٻن جُلدن ۾ شايع ڪيو يو هو. سندس خواهش هئي ته هو وڌيڪ مواد گڏ ڪري ۽ اهو وڌيڪ ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪري، پر اها خواهش سندس دل ۾ ئي رهي. مذڪور ڪتاب جي مواد سهيڙڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي همعصر ۽ ٻانهن ٻيلي ساٿي مرحوم محمد صديق مسافر جا ٿورا مڃيا آهن ۽ اهڙو ذڪر پنهنجي مهاڳ ۾ به ڪيو اٿس. ڪتابي سهوليت ڪاڻ هتي اسان پهرين ٻنهي جُلدن کي هڪ جُلد ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. جيڪو اميد اٿئون ته قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.
مرحوم مصنف مطابق کيس هن ڪتاب جي مواد گڏ ڪرڻ ۾ چار سال لڳا ۽ 1937ع دوران مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري، پوءِ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان شايع ڪيائين. ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان مقبول ٿيو ۽ ستن سالن جي عرصي ۾ ٻه ايڊيشن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي وڃڻ سبب وري 1954ع ۾ ٽيون ايڊيشن شايع ٿيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هن ادبي تاريخ جي مارڪيٽ ۾ کوٽ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ضرورت کي مدنظر رکندي 46 سالن جي عرصي کان پوءِ ڇپائڻ جو اهتمام ڪري شايع ڪيو آهي. اميد ته هن وقتائتي ضرورت جي پورائي لاءِ اداري جي هن ڪاوش کي پسند ڪيو ويندو.
ادارو محترم ولي رام ولڀ ڊيٽي ڊائريڪٽر ميوزيم جو ٿورائتو آهي. جنهن هن ڪتاب جي طباعت جي سلسلي ۾ مفيد مشورا ڏنا ۽ درستوين ڪيون.

محمد حسين شيخ
ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

مهاڳ (ايڊيشن ٽيون 1954ع)

ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت 1944ع ۾ ختم ٿي. ستن سالن جي عرصي ۾ پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي. تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ رڳو ڪي ڳاڻ ڳاڻيٽا ماڻهو آهن. سنڌي ادب جي تاريخ گهڻي آڳاٽي آهي. سنڌي شعر ۽ انهيءَ وقت ۾ بلڪل پختي صورت اختيار ڪئي. جڏهن اردو ۽ هندي ادب دنيا جو منهن به ڪونه ڏٺو هو. اسان جي مشهور اديب قاضي قاضن 15 صدي عيسويءَ ۾ سنڌي شعر کي ايتري رواني، بلند پروازي ۽ رنگين بياني بخشي، جو اڄ به هندستان جا سمورا شاعر سندس شاگرد ٿي رهن، ته به جڳائي، شاهه عبداللطيف سنڌ جو سرتاج شاعر هستي آهي. جنهن کي دنيا جو بهترين شاعر چئجي ته مبالغو نه آهي. جن عالمن مغرب جي شاعرن مثلاً شيڪسپيئر، سرچاگيٽي وغيره جو شعر مطالعو ڪيو آهي. سي بي ڌڙڪ اقرار ڪن ٿا ته سيد عبداللطيف ”شاهه“ آهي ۽ ٻيا مغربي يا مشرقي شاعر سڀ ان جا وزير آهن، جيڪڏهن مغرب ۾ ڀٽائي جهڙو شاعر هجي ها ته ان جي شعر جي تشريح ۽ تفسير ۾ دفتر ڀرجي وڃن ها پر اسان جي سنڌ جي عالمن جي اهڙي بي پرواهي، بي خيالي ۽ بي قدري آهي جو رڳو ٻن بزرگن ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ شاهه جي ڪلام جي اشاعت ابتدائي نموني ۾ ڪئي آهي. ڀٽائي جي بلند خيالي، اعلى حوصله گئي ۽ اخلاقي همت جي رڳي ادنى درجي جي شناس به ڪنهن کي ميسر نه ٿي آهي. سنڌ جي ادبي ميدان ۾ هن وقت اهڙا پيرانه صفت نوجوان اديب گهرجن. جي شاهه جي شعر کي دقيق نظر سان جانچي سندس فوقيت جو اقرار دنيا کان ڪرائين. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٿئي. جو شاهه جي ڪلام جو ترجمو اردو ۾ ٿئي ته اردوءَ وارا جي تسليم شده نقاد آهن، سي پنهنجي منصفانه قلم سان اها خدمت ادا ڪن جا اسان سنڌين نه ڪئي آهي.
اڄ دنيا ۾ سڀڪو ملڪ پنهنجي علم ادب کي تقريرن توڙي تحريرن سان چمڪائي رهيو آهي، پر ان مان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته اسان پنهنجي چمڪندڙ علم ادب کي الغرضائي جي انڌ ۾ دفنائي رهيا آهيون.
ادبي تاريخ جي هن ٻئي ڇاپي کي مختصر به ڪيو ويو آهي ۽ منجهس ضروري اضافو به ڪيو ويو آهي. مختصر انهيءَ ڪري ڪيو ويو آهي جو پيپر ڪنٽرول جي مدنظر ڇاپائيءَ جو ڪاغذ پوري انداز ۾ دستياب نه ٿيو آهي. اضافو رڳو وڌيڪ حقيقتن جي مدنظر ڪيو ويو آهي.


محمد صديق ميمڻ

مهاڳ (ايڊيشن پهريون)

گهڻن سالن کان اها آرزو هيم ته پنهنجي ساهت جي سموري تاريخ لکي گذريل زماني جي بزرگن جي ادبي ڪوشش کي ظاهر ڪريان پر نه انهن پراڻن ڪتابن جو ذخيرو موجود هو ۽ نه انهن عالمن جي جيوت جي سماچار هئي. سو انهيءَ ڪم کي مٿو ڏيڻ پنهنجي وس ۽ وت کان ٻاهر ٿي سمجهيم. انهن پهن پچائيندي ڏينهن گذري ويا؛ نيٺ ڪجهه ترهي جي آسري ۽ ڪجهه پاتڻيءَ جي ڀروسي تي منهنجن ارادن کي پختگي سري، والد محتروم جا ڪي جهونا ڪتاب مطالع ڪندي رهنمائي حاصل ٿيم ۽ گشت ڪندي اڻ لڀ تصنيفون هٿ آيم، جن جي پڙهڻ سان مصنفن جون سوانحون خود سندن ڳوٺن ۽ شهرن مان وڃي ڪٺيون ڪيم. ننگر ٺٽي مان ميان محمد عمر ولد مرحوم آخوند برادريءَ وٽان ناياب تصنيفون ۽ مصنفن جا احوال مفصل طرح مليا. بلڙي، جهوڪ ۽ ڀٽ تان بزرگن جي رهڻي ڪهڻي جو سچو فوٽو پڙهيم، تنهن کان سواءِ هن منهنجي تصنيف جا خاص پاتڻي مولوي عبدالحق صاحب روات سري ۽ مولوي محمد نورنگ زاده صاحب کورواهي آهن. جن جي مشورت منهنجي ڪم کي مفيد هٿي ڏني. احوالن هٿ ڪندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي پورا چار سال لڳي ويا. 1937ع جي وچ ڌاري باقاعده ڪتاب جي ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ جو ڪم شروع ڪيم. احوالن جي ڇنڊڇاڻ ڪتابن جو اختصار ڪڍڻ ۽ پورين جاين تي ونڊي ورڇڻ منهنجي اڪيلي محنت کان ٻاهر هو، تنهن ڪري ميان محمد صديق صاحب ”مسافر“ انهيءَ ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽ مون سان گڏ ڪتاب کي هاڻوڪي صورت ۾ آڻڻ ۾ همراهي ڪئي اٿس، جنهن لاءِ آئون هن صاحب جو تهدل شڪر گذار آهيان. منهنجي هن ڪوشش مان اهو انومان نه ڪڍڻ گهرجي ته برٽش حڪومت کان اڳ سموري سنڌي تصنيف هن ڪتاب ۾ سمائجي ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو مون کي خاطري آهي ته ڪيتريون سنڌي تصنيفون ليٿو ۽ ڇاپيل خواه دستخط صورت ۾ سنڌ ۾ موجود آهن. جي مون کي دستياب نه ٿيون آهن. تنهن ڪري ڪو به سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ مون کي انهن تصنيفن جو ڏس پتو ڏيندو ته انهن کي ڏوري لهڻ منهنجو ڪم آهي ۽ جلد 3 ۽ 4 ۾ انهي معلومات کي مناسب جاءِ تي داخل ڪندس. اهي صاحب جيڪي منهنجي معلومات وڌائيندا يا منهنجين غلطين کي سڌاريندا تن جو آئون شڪر گذار رهندس ۽ اهڙو اقرار ٻين جلدن ۾ تفصيل سان ڪندس.


محمد صديق ميمڻ

ڀاڱو پهريون سنڌ جي ادبي تاريخ

---

علم ادب يا ساهتيه ڇا کي چئجي؟

ڪنهن به ملڪ جي ٻوليءَ ۾ گذريل زماني يا هلندڙ زماني جي علم وارن ماڻهن جا جيڪي خيال نظم يا نثر ۾ ڪتابن ۾ لکيل هجن، تن لکيتن کي چئجي ٻوليءَ جو ’علم ادب يا لٽريچر (Literature) يا ساهتيه‘ دنيا ۾ اهڙي ڪا به قوم ڪانهي، جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ’علم ادب‘ يا لٽريچر نه هجي. سڌريل قومن جو علم ادب سڌريل ۽ گهڻو ٿئي ٿو ۽ اڻ سڌريل قومن جو ”علم ادب“ وري ان قوم جي حالت سارو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ پنهنجي ديس جي گذريل حالتن بابت نظم يا نثر ۾ ڪجهه به موجود نه هجي، ته اها قوم هوند گهور اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندي نظر اچي. دنيا جي ڪهڙي به اڻ سڌريل قوم، جا لکي پڙهي به نه ڄاڻندي هجي، تنهن وٽ پنهنجن وڏن جي بهادريءَ جا داستان، غم ۽ خوشيءَ کي همٿائڻ وارا ڪلام، لکيل صورت ۾ نه، ته به زباني روايتن طور نظم يا نثر ۾ ضرور موجود هوندا. گذريل زماني جي علم ادب يا ساهتيه، هلندڙ زماني وارن ماڻهن لاءِ ۽ هلندڙ زماني جو علم ادب ايندڙ زماني وارن ماڻهن لاءِ نهايت سچي رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو.

سنڌ جو علم ادب

ڪن صاحبن کي ايئن راءِ ڏيندو ڏٺو ويو آهي، ته ”سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب آهي ڪونه، ۽ جي آهي، ته بلڪل ٿورو آهي.“ اهڙي راءِ ڏيڻ وارا صاحب گهڻو ڪري اهي آهن، جن جو عربي پارسي ٻولين سان واسطو ۽ قرب ڪونهي، نڪي ڪي انگريز سرڪار جي اچڻ کان اڳ جيڪو صاف سنڌي لٽريچر (گهڻو ڪري نظم جي صورت ۾) گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽ اڃا تئين آهي، تنهن جي ڏسڻ پسڻ جو انهن کي موقعو مليو آهي. (سنڌي شعر واري باب ۾، انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ کولي لکيو ويندو)
اها ڳالهه برابر آهي ته عربن سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان اڳ جي زماني وارو سنڌي علم ادب ڪو به موجود ڪونهي. جيتوڻيڪ عربن جي زماني کان وٺي، انگريز سرڪار جي زماني تائين، سنڌ ۾ هندو موجود هئا ۽ انهن وٽ سنسڪرت، گورمکي، شاستري ۽ هندو سنڌي اکر به ڪم ايندڙ هئا. تنهن هوندي به هدستان جي مشهور ڌرمي ڪتابن جهڙوڪ: ويد، مهاڀارت، رامائڻ ۽ گيت ڌاران خاص سنڌ جو ڪو به ساهتيه سندن پاڻ وٽ نه رکيو. جي سنڌ جو خاص قديم ساهتيه هندن وٽ محفوظ هجي ها ته مسلمانن جي يارهن سون ورهين جي حڪومت ۾ سندن اوج ۽ شانداري قائم رهي ها، تنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي.
عرب پنهنجي خاص عربي ٻولي کڻي سنڌ ۾ حاڪم ٿي آيا، انهن سنڌ جي ماڻهن، خاص ڪري مسلمانن کي عربي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکاري سنڌ جا ماڻهو گهڻي شوق سان عربي ٻولي لکڻ پڙهڻ سکيا، جنهن ڪري عربن کي نه رڳو سنڌ جي قديم احوال هٿ ڪري لکڻ سولو ٿيو، بلڪ سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجا خيال عربيءَ ٻولي جي رستي ظاهر ڪرڻ جو چاه پيدا ٿيو. ان وقت گويا سنڌ جو لٽريچر ئي عربي ٿي پيو. جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ ڇاپخانا ڪين هئا. ته به سنڌ جو عربي علم ادب اهڙو محفوظ رکيو ويو جو اڄ تائين موجود آهي. ”ابو عطا“ نالي هڪڙي سنڌ جي شاعر جا عربي شعر، خود عربستان جي شاعرن به ساراهيا آهن. سنڌ جي عالمن جا لکيل ڪي عربي ڪتاب اڄ تائين مصر جي جامعه ازهر (ازهر يونيورسٽي قاهره) ۾ درسي ڪتابن طور پاڙهيا وڃن ٿا. اهو عربي تصنيفات جو ذوق ۽ چاهه مسلمان عالمن ۾، انگريز سرڪار جي حڪومت تائين به موجود هو.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي مسلمان خاندانن جي ڪتب خانن ۾ سنڌ جي عالمن جا ٺاهيل ڪتاب هٿ اکر لکيل اڄ تائين موجود آهن، جهڙوڪ ڪتب خانه پير صاحب پاڳارو، ڪتب خانه پير صاحب جهنڊي وارو، ڪتب خانه پير صاحب لنواري وغيره. ٺٽي، مٽياري، هالا، پاٽ، بوبڪ، روهڙي ۽ شڪارپور ۾ به ڪيترن ئي بزرگن جي اولاد وٽ سنڌ جي عالمن جون عربي تصنيفات موجود آهن.
ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو ڪنهن با انتظام جماعت جي پٺڀرائي سان ڪي عربي دان عالم، اهڙا سنڌ جي عالمن جا ٺاهيل عربي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪن. جڏهن ’شاه بيگ‘ ارغون سنه 1521ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ان پاڻ سان ايراني ۽ ترڪي شاعر ۽ عالم به سنڌ ۾ آندا. اهڙيءَ طرح عبي سان گڏ، پارسي تعليم جو سلسلو سنڌ ۾ باقاعدي ان زماني کان شروع ٿيو. ”شاه بيگ“ جو پٽ ’مرزا شاه حسن‘ جو ٻاويهه ورهيه سنڌ جو حاڪم هو، سو پاڻ به پارسي ۾ تکو شاعر هو. سندس تخلص هو سپاهي. ’مرزا شاه حسن‘ جي شاعر نوازي ۽ ان کان پوءِ ايران جي عالمن جي سنڌ ۾ گهڻائي ٿيڻ سبب، سنڌ ۾ پارسي ٻوليءَ جي رستي نظم يا نثر ۾ پنهنجن خيالن ظاهر ڪرڻ جو شوق ۽ چاه پيدا ٿيو.
ارغون ۽ ترخان گهراڻي کان پوءِ ڏيڍ سؤ کن ورهيه سنڌ دهلي وارن مغل شهنشاهن جي هٿ ۾ رهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي لٽريچر جو گهڻو انداز پارسيءَ ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم پارسيءَ جا شوقين هئا ۽ منجهائن ڪيترا ته قابل شاعر به ئا، جلد ئي سنڌ جي ماڻهن جا لکيل پارسي ڪتاب (نظم يا نثر) گهڻي انداز ۾ موجود ٿي ويا. انهن مان ڪي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪي اڃا به دستخط لکيل حالت ۾ سنڌ جي گهڻن علم دوستن وٽ موجود آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت

قديم زماني کان وڍي هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾، جي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ پي آيون آهن، تن جا نالا جدا جدا هئا، پر ’سنسڪرت‘ جي عالمن انهن سڀني جدا جد ٻولين کي يڪو نالو ڏنو هو ’پراڪرات‘ يعني اها ٻولي، جا ڪنهن قوم کي قدرتي طرح مليل هجي. سنڌ به هندستان جو هڪڙو جزو آهي، تنهنڪري اتي جيڪا پراڪرت ٻولي ڪم ايندي هئي، تنهن کي ’سنسڪرت‘ جا عالم ’ورچڊا‘ سڏيندا هئا. برهمڻن هڪ خاص ٻولي تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ ڌرمي ساهتيه قائم رکندا ۽ پڙهندا آيا ۽ برهمڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن کي ان ٻوليءَ جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو حق ئي ڪو نه هو. برهمڻ عالمن اها نئين ٻولي اهڙي تيار ڪئي، جا هندستان جي سڀني پراڪرت ٻولين جو مول يا بنياد ليکجڻ ۾ آئي ۽ ڪنهن به ڌارين ٻولي جو لفظ منجهس ڪو نه هو. ان ٻوليءَ جو نالو رکيائون ”سنسڪرت“ يعني ڪامل بنايل يا پاڪ بنايل ٻولي.
جهڙيءَ طرح هندستان جي پراڪرت ٻولين جي ماءُ ’سنسڪرت‘ ليکجي ٿي، تهڙيءَ طرح ’سنڌي ٻولي‘ به اصل ۾ سنسڪرت جي ڌيءَ آهي.
اتر هندستان واري ڀاڱي ۾ ”مٿرا ۽ بندرابن“ جي آسپاس جيڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن کي ’برج ڀاشا‘ (برج پرڳڻي جي آسپاس ڪم ايندڙ ٻولي) سڏيندا هئا. جيئن ته قديم زماني کان وٺي اتر هندستان ساري هندستان تي غالب هوندو هو، ۽ هندستان جي هر هڪ ڀاڱي جي ماڻهن کي وقت به وقت تيرٿن جي خيال سان اتر هندستان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪرڻي پوندي هئي، تنهن ڪري ساري هنستان جي پراڪرت ٻولين تي برج ڀاشا غالب پئجي ويئي. انهيءَ ڪري ان کي ڀاشا يا ’هندي‘ يا ’هندستاني‘ ، يعني هندستاني جي عام ٻولي سڏيندا هئا. جيئن ساري هندستان جي پوليس تي مسلماني حڪومت جي ڪري عربي، ترڪي، پارسي، پشتو ۽ بلوچڪي ٻوليون ويون پنهنجو اثر ڄمائينديون، تيئن سنڌ ۾ به عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ شرط سنڌ جي اصلوڪيءَ ٻوليءَ ۾ اول عربي ۽ ترڪي لفظ ويا شامل ٿيندا ۽ پوءِ پارسي، پشتو ۽ بلوچڪي ٻوليءَ جا لفظ. انگريز سرڪار جي حڪومت کان وٺي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ به سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌندا پيا وڃن. هي هڪڙو قدرتي دستور آهي ته جڏهن هڪڙيءَ قوم جي، ٻيءَ قوم تي حڪمراني ٿئي ٿي ۽ ٻنهي قومن جون ٻوليون مختلف آهن، تڏهن حاڪم قوم ضرور ڪي اهڙيون به شيون پاڻ سان آڻي ٿي، جي اڳ فتح ڪيل ملڪ ۾ موجود ئي نه هونديون آهن، ته اهڙين شين ۽ حالتن جا ٻيا نالا ضرور فتح ٿيل ملڪ جي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيندا رهندا. تنهن کان سواءِ فاتح قوم جي ٻولي سکي، انهن سسان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيڻ فتح تيل ملڪ جا ماڻهو پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا آهن. اهڙيءَ ريت ساڍن يارهن سون ورهين ۾ سنڌي ٻولي عربي، پارسي وغيره ٻولين جي لفظن سان اهڙي ڀرپور ٿي ويئي، جو ڪن لفظن جي سڃاڻپ ئي مشڪل ٿي پيئي، ته اصل ڪهڙيءَ ٻوليءَ جاآهن.
هيٺ ڏنل لفظن مان معلوم ٿيندو ته ڪيتري قدر ڌاريا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳڻجي ويا آهن. ڪن لفظن جون اصلوڪيون درست صورتون ئي مٽجي ويون آهن جيئن ته ڪڙتو، چوغو، گريبان، پاجامو، رومان، شال، دوشاله، تڪيو، برقعه، دسترخوان، پلاءُ، قورمہ، مربو، آچار، فالوده، گلاب، طبق، رڪابي، ڪفگير ۽ ڪاتي، ٿوم، دٻلو، سٽ، ٿنڀو، ڏڌ، ڍولڪ وغيره. عربي پارسي ٻولي مان سنڌي ۾ ملي ويا آهن.
ڪي ته عربي ۽ فارسي لفظ اهڙا سنڌيءَ ۾ ملي ويا آهن، جو انهن جي عيوض ٻيو ڪو به سنسڪرت يا ڀاشا جو لفظ ڪم اچيئي ڪونه ٿو. جيئن ته دلال، فراس، مزور، وڪيل، اصلي، جلاد، صراف، مسخرو، صورت، مسڪل، طبيعت، مزاج، برف، ڪبوتر، بلبل، طوطو، قلم، عينڪ، ڪرسي، لگام، زين، نعل، جهاز، پردو، دالان، تهه خانو، تازو، غلط، صحيح ۽ ڪاريگر وغيره.
اوطاق، چقمق، چاقو؛ چاق (تندرست)، قئنچي، نڪمون، چلمچي، بورچي ۽ ايلچي، وغيره. ترڪي ٻوليءَ جا لفظ آهن.

ڏهاڙو، ڏون، پرائي ڪنان وغيره. سرائڪي ٻوليءَ مان سنڌي ۾ آيا آهن.
وڳه، اٽالو، ڄانگهو، گهٽو، ليرو، ڊوم يا ڏوم وغيره. اهي بلوچي ٻوليءَ مان آيل آهن.

ڊوڍو، ڌارو، گيدي، گهل، ڍال وغيره پشتو ٻوليءَ مان آيل آهن. پورچوگيزن، فرينچن ۽ انگريزن جي ٻولين جا لفظ به سنڌي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ انگريزي ٻوليءَ جا لفظ، اڃا به وڃن زياده ٿيندا جيئن ته ڪمرو (اطالوي)، نيلام، فالقو، ڦيٿ، پگهار، ترنگ اهي پورچوگيز ٻولي جا لفط آهن. پادري (لئٽن ٻولي جو لفظ)، لالٽين، استامپ، اسڪول، ڪاليج، بسڪوٽ، پينشن، پستول، بوتل، پتلون، ڪوٽ، ڪف، درجن، بٽڻ، بگي، گلاس، مڊم، اردلي، سٽيشن، ٽڪٽ، ريل، پوليس، سٽل، فس ڪلاس، ڇاپ، پلٽڻ، اسپتال، ڪٽلي، رپورٽ وغيره. ڪئين انگريزي لفظ آهن. جي سنڌ جون زالون ٻار، شهري خواه دهقاني ڳالهائن ٻولهائن ۽ سمجهن ٿا. عربي ۽ پارسي لفظن جو ايتري قدر استعمال ٿيڻ ۾ آيو، جو هندستان خواه سنڌ جا هندو، سنت ۽ ساڌو به پنهنجن ڪلامن ۾ آزادگيءَ سان عربي ۽ فارسي لفظ پيا ڪم آڻيندا هئا ۽ ڪم آڻين جيئن ته رشي تلسيداس رامائڻ ۾، جو برج ڀاشا ۾ آهي، ڪيترائي عربي ۽ پارسي لفظ ڪم آندا آهن. جيئن ته:-
تلسيداس گريب ڪي ڪوئي نه پوڇي بات، اتي ”گريب“ عربي ٻوليءَ جو لفظ ”غريب“آهي.اهڙي طرح رشي سورداس،ڀڳت ڪبير،گرو نانڪ صاحب جي پنهنجن ڪلامن ۾ عام عربي ۽ پارسي لفظ ڪم آندا آهن.

سنڌ جو نامور سنت سوامي چين راءِ پنهنجي شلوڪن ۾ چوي ٿو ته:-

سمجهه ۽ ”صدق“ جنهن کي ڏنو ستگروءَ،
ساڌو جن ”ثابت“ ڪوڙئين ۾ ڪو هڪرو،
سهسين پڙهي سبق، ”حافظ“ ڄاڻن پاڻ کي.

اهڙيءَ طرح لعلي ڀڳت، مينگهي ڀڳت ۽ مورئي فقير به پنهنجن ڪلامن ۾عربي، پارسي لفظ جام ڪم آندا آهن.
جيئن هندو شاعرن ۽ درويشن عربي ۽ پارسي لفظ ڪم آندا آهن. تيئن مسلمان شاعرن به ڀاشا جا لفظ بنا حجاب پي ڪم آندا آهن. جيئن ’امير خسرو دهلوي‘ جي ڪلام ۾ يا ملڪ محمد جائسيءَ جي ڪلام ۾.
سنڌ جي اڳئين مسلمان شاعرن ۽ درويشن جيڪو سنڌي ڪلام ٺاهيو آهي، تنهن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن سان گڏ اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ جا رواجي لفظ جن کي ڀاشا يا سنسڪرت جا لفظ چئجي، ته به جڳائي، سي گهڻي قدر ڪم آندا آهن. انهن لفطن مان ڪيترائي لفظ ته هينئر سنڌ ۾ ڳالهائجن ئي ڪونه ٿا، نڪي ڪي عام طرح هينئر سندن معنى ئي سمجهڻ ۾ اچي ٿي، جيئن ته:
ولهو (مڙس)، منڌ (زال)، ويڄ، ٻڪي، ڀونءِ، بهڳڻ، ولهو، وهيون، آنهري (آرسي)، ريٻارو (قاصد)، سٿ (مجلس) ٿوڪ، سڳر وغيره.
عربن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جو سارو روپ ڪهڙيءَ طرح هو، سو اصلوڪي علم ادب نه هئڻ ڪري معلوم ٿي نٿو سگهي.
ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ جڏهن مولوي پنهنجي سنڌي شاگردن کي ڪنهن عربي يا پارشي جي معنى سمجهائيندا هئا، تڏهن لفظي ترجمو پاڙهيندا هئا. جيئن ته:

اهدنا الصراط المستقيم
ترجمو اصلوڪو نمونو: ڏيکار اسان کي واٽ سڌي.

انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو اوائل ۾ جيڪي سنڌي نثر جا ڪتاب مسلمانن خواه هندن لکيا آهن، تن ۾ سنڌي ٻوليءَ انهيءَ نموني جي ڪم آيل آهي، جنهن کي ’ملائين سنڌي‘ چئبو آهي، يعني ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٻي طرح سنڌي ڳالهائبي هئي ۽ لکڻ ۾ مٿيون نمونو ڪم ايندو هو.
انگريز سرڪار جي حڪومت تائين، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪو به گرامر يا صرف نحو ٺهيل ڪونه هو، تنهن ڪري اوائل وارن سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ بي قاعدي ٻولي ڪم آيل آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي لفطن ۾ تمام گهڻي ڦير ڦار اهي، جيئن مٿي سمجهايو ويو آهي، تنهٿن هوندي به سنڌي ٻولي پنهنجون اصلوڪيون گرامر واريون صورتون ۽ نحوي بناوتون قائم رکندي آئي آهي. انهن تي عربي ۽ پارسي گرامرن جي قاعدن جو ڪو اثر ڪونهي.
گرامر جا ڪيترا جهونا لفظ، جيئن اڳي ڪم ايندا هئا، تنهن کان هينئر بلڪل ٻي طرح ڪم اچن ٿا. جيئن ته ڪنان جي بدران کان، جانڪيتان جڏهانڪر يا جيستائين.

تاڪي تيستائين
ڪر ڄڻڪ
جيڪس شايد
اوڙڪ نيٺ
اُتي تي
پئان پٺيان
اپر گهر
ملاءِ کان
ات تمام
مڻي ڏانهن ۽ ٻيا
نڪڻي بلڪل

سنه 1854ع ۾ سنڌي گرامر ٺهڻ کان پوءِ جلد ئي سنڌي نثر وڌيڪ سڌرڻ ۽ درست طرح ڪم اچڻ لڳو. پنجاه کن ورهين تائين جيڪي سنڌي نثر جا ڪتاب پي ٺهيا آهن، تن ۾ اصل سنڌي لفط ۽ عربي پارسي لفظ گهڻا پي ڪم آيا ۽ ڳرا سنسڪرت لفط بلڪل ورلي ڪم ايندا هئا، پر ويهين صديءَ ۾، جڏهن سنڌ ۾ ڇاپخانا گهڻا ٿيا، سنڌي اسڪولن ۽ ٽريننگ ڪاليجن مان پارسي تعليم صفا نڪري ويئي ۽ انگريزي اسڪولن ۾ به پارسي تعليم نالي خاطر وڃي رهي، تڏهن سنڌي نثر جي صورت بدلجڻ لڳي. ڪتاب لکندڙ پنهنجن نون ڪتابن ۾ ڳرا ڳرا سنسڪرت ۽ عربي لفظ ٽنبڻ لڳا آهن. ائين ڪرڻ ۾ ٻوليءَ جي وڌائڻ ۽ سينگارڻ جو ڪو به ارادو ڪونه ٿو ڀانئجي، پر فقط ٻوليءَ تي هروڀرو مذهبي رنگ چاڙهڻ جي نيت ٿي ڏسجي. هينئر سنڌي ٻولي ٽن صورتن ۾ پيئي لکجي: (1) نظم يا نثر جي اها صورت، جنهن ۾ مسلمان شاعر ۽ مصنف ڳرا ڳرا عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم اڻڻ پنهنجو فخر ڄاڻندا آهن. (2) نظم يا نظر جي اها صورت، جنهن ۾ هندو شاعر ۽ مصنف زور ڪري ڳرا ڳرا سنسڪرت لفط ٽنبيندا آهن. (3) نظم يا نثر جي اها صورت، جنهن ۾ مسلمان خواه هندو شاعر خواه مصنف، صاف ۽ سليس سنڌي ڪم آڻيندا آهن، جنهن ۾ نڪي عربي ۽ پارسي جا ڳرا ڳرا لفظ ۽ محاورا هوندا آهن، نڪي سنسڪرت جا.
اڄ ڪلهه جي علم دوست صاحبن کي پوئين قسم واري سنڌي ٻولي پسند ايندي آهي ۽ سچ پچ آهي به اها سنڌي سهڻي. انهيءَ جو سبب هي آهي، ته ڪنهن به ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت ثابت ٿيندي آهي، لفظن جي پارسائي ۽ پختائيءَ مان، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي نظم يا نثر ۾ عربي، پارسي يا سنسڪرت جا اهڙا ڳرا لفظ ٽنببا جن جي معنى ئي عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هوندي، ته ائين ڪرڻ ڄڻڪ پنهنجي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت کي برباد ڪرڻو آهي.

عربي سنڌي صورتخطي

ڪابہ ٻولي تيستائين بلڪل ناقص ليکبي آهي، جيستائين ان ٻوليءَ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي نہ هوندي آهي. انسان پنهنجا خيال لکڻ جي رستي ٻئي جي اڳيان پيش ڪري سگهي، تنهن لاءِ ٻوليءَ جي مقرر صورتخطي جو هئڻ ضروري آهي. صورتخطي بہ اهڙي هئن گهرجي، جنهن جي وسيلي ٻوليءَ جا سڀ آواز جدا جدا نشانين سان معلوم ٿي سگهن ۽ ٻوليءَ جو هر هڪ لفط لکيل صورت م، پنهنجي اصليت ڏيکاري سگهي.
سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ديوناگري (شاستري) يا سنسڪرت يا هندو سنڌي اکرن ۾ لکندا هئا. پر عربن جي اچڻ ڪري عربي ٻوليءَ جا لفظ گهڻي انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏجي مسجي ويا، تن لفظن جي صحيح صورت ڏيکارڻ لاءِ ديوناگري (شاستري) سنسڪرت يا هندو سنڌي صورتخطي بلڪل اڻپوري هئي، سو هن ڪري، جو عربي ٻوليءَ جا ڪيترائي آواز سنڌ جي قديم ٻوليءَ ۾ موجود ئي ڪين هئا، تنهن ڪري اهڙن آوازن وارن لفطن جي صحيح صورت بہ سنسڪرت يا ديوناگري وغيره صورتخطي ۾ قائم رهي نہ ٿي سگهي. مثلا: حفاظت، حضرت، غريب، زيارت، فضيلت وغيره لفط سنسڪرت، ديوناگري يا هندو سنڌي صورتخطي ۾ ٿين ٿا هفاجت، هجرت، گريب، جيارت، ڦجيلت وغيره. انهن سببن ڪري عربن پنهنجي صورتخطي قائم رکي ۽ دفتر جا سڀ ڪم ڪار بہ عربي ٻوليءَ ۾ ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهن کي تعليم بہ عربي ٻوليءَ ۾ ملڻ لڳي. سنڌ جا مسلمان اول عربي ٻوليءَ ۾ پوءِ پارسي ۾ جڏهن ماهر ٿيا ۽ پنهنجي وطني ٻوليءَ (سنڌي) ۾ پنهنجا شعر يا نثر لکڻ جا خواهان ٿيا، تڏهن انهن کي بہ وڏي مشڪلات پيش آئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا آواز آهن، جي عربي يا پارسي ٻوليءَ ۾ آهن ئي ڪين، نڪي عرب ۽ ايراني ماڻهو، انهن نج سنڌي آوازن کي پنهنجي واتان صحيح طرح ڪڍي سگهندا آهن. مثلاً: ڪراچي، ٺٽو، ڇوڪر، کنڊ، ڍور، گهوڙو وغيره. اهي لفظ جيڪڏهن ڪنهن عرب کان چوائبا ته چوندو: ڪراصي، تتو، شوڪر، قدن، دور، غورو وغيره.
سنڌ جا پڙهيل ماڻهو، نج سنڌي آواز درست طرح واتئون ڪڍي سگهيا ٿي، مگر انهن آوازن کي لکڻ ۾ آڻڻ لاءِ انهن وٽ ڪي بہ صورتون مقرر ڪين هيون. نج سنڌي آواز هي آهن: ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ڄ، جهه، ڃ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ر، ک، ڳ، گهه، ڱ، ڻ. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي زماني (عيسوي سترهين صدي) کان وٺي سنه 1854ع تائين ٻن سو ورهين جي اندر ڪيترائي ڪتاب (خاص ڪري شعر ۾ لکيل) سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ٿي چڪا، جن مان ڪي اڄ تائين دستخط لکيل ۽ ڪي ڇاپيل موجود آهن، خاص سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر نہ هئڻ ڪري انهن ڪتابن ۾ مصنفن مٿين نج سنڌي آوازن جون صورتون، پنهنجي خيال موجب علحديون علحديون لکيون آهن. نہ رڳو ايترو بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر نہ هئڻ ڪري لفظن جون ملاوتون بہ سڀ ڪنهن مصنف پنهنجي پنهنجي خيال تي لکيون آهن.
مثلا:
منجيا صدق دل جي س ملڪ مڙيئي،
کوري آنڱريون جيني پير جون قبلي منہ ڪجاه.
(سنڌي مخدوم ضياءُ الدين)
اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر اهي سٽون هن طرح لکجن:
موڙهن واٽون لڌيون پسي کي پريان.
ماڻهو، مرون، پکڻ پري ملڪ مت سڄاڻ.
مٿي جيڪي جهوني سنڌي صورتخطي جا نمونا ڏيکاريا ويا آهن، تن ۾ ٻولي سنڌي ۽ صورتخطي عربي ڪم آندي ويئي آهي، انهيءَ ڪري قرآن شيف پڙهڻ کان پوءِ مسلمان ٻار اها جهوني سنڌي صورتخطي تمام گهڻي سولائيءَ سان پڙهي سگهندا هئا. جيتوڻيڪ نج سنڌي آوازن کي لکڻ لاءِ ڪا مقرر صورتخطي ڪا نہ هئي ته بہ جهڙي نموني ۾ اهي نج سنڌي آواز لکيا ويندا هئا، تهڙي نموني ۾ نڪي لفظ جي معنى ڦريو سگهندي هئي ۽ نہ اصليت گم ٿيو ويندي هئي. اڄ تائين بہ جهوني زماني جا مولوي ملان ٿوري ڦير گهير بعد اها ئي جهوني سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندا آهن. جن ماڻهن جو پارسيءَ سان گهڻو واهپو هوندو هو، سي وري سنڌي ٻوليءَ جو نظم يا نثر پارسي صورتخطي ۾ لکندا هئا. اهي بہ نج سنڌي آواز علحده علحده صورتن ۾ لکندا هئا. سنڌ جا امير ماڻهو سنڌي مرثيا ۽ ٻيا سنڌي نظم گهڻو ڪري پارسي صورتخطي ۾ لکارائيندا هئا. اهڙي نموني جا بياض اڄ بہ سون جي انداز ۾ مسلمان خاندانن وٽ موجود آهن. انهيءَ صورتخطيءَ جو نمونو هيءُ آهي:
(1) ساتهه ري سردار قيدي، کربلا مظلوم جا،
سر کهليا ماتام کندا،جڏهن شام ڏي رئندا هليا،
تهي پچهيو جهه کهه، که بيوات آهن کهه سندا،
ان تهي چو، آهيون مديني جا مسافر مبتلا.
(دستخط مرثيه ثابت علي شاهه)
اڄوڪوي سنڌي صورتخطيءَ ۾ مٿين عبارت جيڪر هيئن لکجي:
ساٿ ري سردار قيدي، ڪربلا مطلوم جا،
سر کليا ماتم ڪندا، جڏهن شام ڏي رئندا هليا،
ٿي پڇيو جنهن ڪنهن،ڪ هي بي وارث آهن ڪنهن سندا،
ان ٿي چيو، آهيون مديني جا مسافر مبتلا.
عربي صورتخطي ۾ لکيل سنڌيءَ کان پارسي صورتخطي ۾ لکيل سنڌي، پڙهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکي هئي. انگريز سرڪار جي حڪومت کان اڳ گهڻي وقت لاڪر وقت جي حاڪمن وٽ سموري لکپڙهه پارسي ۾ هلندي هئي، تنهن ڪري انهن حاڪمن خاص سنڌي صورتخطي مقرر ڪرڻ جي ڪجهه ضرورت ڪانه ڄاتي. انهيءَ ڪري مسلمان پڙهيل ماڻهو، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ وارا خيال مٿين نموني سان پيا لکندا ۽ ظاهر ڪندا هئا ۽ سنسڪرت، ديوناگري ۾ هندو سنڌي صورتخطي ڪم آڻيندر، پنهنجي سنڌي ٻولي لکندي عربي ۽ پارسي لفظن جون بگڙيل ۽ اڻ پوريون صورتون پيا ڪم آڻيندا هئا. سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ بہ سرڪاري لکپڙه پارسيءَ ۾ پيئي هلندي هئي، اٺن ورهين کان پوءِ سنه 1851ع ۾ سربارٽل يوروپي عملدارن کي حڪم ڏنو ته سنڌي ٻولي سکو ۽ ان ۾ امتحان پاس ڪريو، ته اوهين ديسي ماڻهن کان حال احوال بہ وٺي سگهو.
يوروپي عملدار، سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سنڌي ٻولي جي ڪا بہ خاص مقرر ٿيل صورتخطي ڪانه هئي، نڪو اسلامي لٽريچر کان سواءِ ٻيو ڪو لٽريچر ئي موجود هو. ان وقت جي يوروپي عملدارن ۾ ڪي عربي پارسي ۽ سنسڪرت جا ماهر هئا. انهن مان ڪي جهونا نطم هٿ ڪرڻ ۾ لڳا، ته ڪي سنڌي گرامر ٺاهڻ ۾، ڪي سنڌي ڊڪشنري ٺاهڻ ۾ مشغول ٿيا ته ڪي ترجمن ڪرڻ ۾. ٽرمپ صاحب شاه جو رسالو هٿ ڪري گورنمينٽ آف انڊيا جي خرچ سان جرمنيءَ جي ليپزگ شهر ۾ ڇاپائي سنڌ ۾ آندو. پر ان وقت سنڌي ٻوليءَ جي نج آوازن ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر ٿيل صورتون نہ هيون، تنهن ڪري ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ انهن لاءِ اهڙيون نراليون ۽ عجيب جڙتو صورتون ڪم آنديون ويون آهن، جو اڄڪلهه جا سنڌي دان ٽرمپ صاحب جي رسالي جي عبارت پڙهي بہ نہ ٿا سگهن.
مثال:
پانهين سبحاني پان، پان کر پان لهي.
سر ڊهونڊيان دهڙ نہ لهان، دهڙ ڊهونڊيان سر ناه.
مون ابيتهي هيليا، بندر جي تڙن.
اڄوڪي سنڌي صورتخطي ۾ جيڪر مٿين عبارت هن طرح لکجي:
پاڻهي سڃاڻي پاڻ، پاڻ ڪر پاڻ لهي.
سر ڍونڍيان ڌڙ نہ لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه.
مون ابيٺي هليا، بندر جي تڙن.
ان وقت سربارٽر فريئر صاحب کي مٿان حڪم آيو ته جيئن ٻين ملڪن ۾ سرڪاري لپڙه اتي جي ديسي ٻولين ۾ هلي ٿي، تيئن آئنده سنڌ ۾ بہ سرڪاري دفتر سنڌي ٻوليءَ ۾ هلڻ گهرجي، پر جنهن صورت ۾ اڳ ڪا بہ اهڙي سنڌي آئيويٽا (الف بي) مقرر ٿيل ڪانه هئي، جهنهن جي وسيلي سنڌي ٻوليءَ جا نج آواز بہ ڪنهن خاص مقرر ٿيل صورت ۾ ڪم اچن، تنهن صورت ۾ سربارٽر فريئر صاحب سنه 1853ع ۾ پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس صاحب (جنهن جي هٿ ۾ تعليم کاتي جون واڳون هيون) جي زير صدارت هڪڙي پڙهيلن ماڻهن جي ڪميتي مقرر ڪئي، جنهن جا هيٺيان ميمبر هئا:
(1) راءِ بهادر نارائڻ نگنناٿ، جنهن جي نالي ڪراچي هاءِ اسڪول ٿو سڏجي، (2) ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (3) ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي حيدرآباد، (4) ديوان اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي حيدرآبادي، (5) خانبهادر مرزا صادق علي بيگ مرحوم حيدرآبادي، (6) ميان محمد (پوءِ نارمل اسڪول جو ماستر) (7) قاضي غلام علي ٺٽي جو ويٺل ۽ (8) ميان غلام حسين ٺٽي جو ويٺل.
سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪنهن زور ڀريو، ته اهڙي آئيويٽا ٺاهجي، جنهن ڪري ا ۽ ع جي بدران يڪو حرف ڪم اچي. اهڙي طرح ت ۽ ط، ث، س ۽ ص، ح ۽ هه، ز ۽ ذ، ض ۽ ظ، ڪ ۽ ق جي بدران يڪو آواز پيدا ڪندڙ اکر مقرر ڪجن. باقي جيڪي نج سنڌي اواز آهن، تن جي لاءِ نشانيون مقرر ڪجن. اهڙي زور ڀريندڙن جي راءِ هيٺين سببن ڪري رد ڪئي ويئي:
[1] سنڌي ٻولي اڳيئي عربي صورتخطي ۾ لکڻ ۾ پيئي اچي. تنهن ڪري باقي فقط نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن لاءِ صورتون مقرر ڪجن.
[2] سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي لفظ گڏجي ويا آهن. جيڪڏهن عربي حرفن جون صورتون مٽائي ڇڏبيون. ته پوءِ لفظن جي صحيح معنى ۽ اصليت بلڪل گم ٿي ويندي. عربي ۽ پارسي حرفن کي اصلوڪي صورت ۾ قائم رکڻ ڪري اهڙي مونجهه پيدا نہ ٿيندي. ڇاڪاڻ ته عربي ۽ پارسي ٻولين جون نهايت عمديون ڊڪشنريون (لغاتون) موجود آهن.
[3] مسلمانن جا ٻار هينئر پنهنجا عربي حرفن گڏيل نالا درست ۽ بامعنى لکي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي لفظ ڪڍي ڇڏبا ته بہ مسلمان پنهنجو لاڳاپو عربي ۽ پارسيءَ سان ڇڏي ڪين سگهندا. پوءِ مشڪلات هيءَ پيدا ٿيندي، جو مثلاً هڪڙي ڇوڪر جو نالو آهي ”محفوظ علي“ هاڻيجيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي حرفنجون صورتون ڪڍي ڇڏبيون ته پوءِ ان ڇوڪر کي سڪول ۾ پنهنجو نالو (مثال خاطر) ”مهفوزالي“ سيکاريندا، پر ان جا مائٽ ڪڏهن ڪين پسند ڪندا، ته هڪرو بامعنى ۽ درست نالو بلڪل بي معنى ۽ غلط صورت ۾ ٻار کي سکڻ ڏين.
[4] سترهين صديءَ جي وچ کان وٺي هن وقت تائين مسلمانن عربي صورتخطيءَ ۾ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جو تمام چڱو لٽريچر موجود ڪيو آهي. جيڪڏهن هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا مان عربي حرفن جون صورتون ڪڍي ڇڏبيون، ته اهو ٻن اڍائين سون ورهين جو لٽريچر مسلم انن جي آئيندي نسل لاءِ بلڪل بيڪار ٿي پوندو.
[5] ايشيا جي وڏين وڏين حڪومتن، مصر ۽ زنجيبار وغيره هنڌن يا انهن سان مشابهت رکندر آهي، تنهن ڪري سنڌي صورتخطي بہ عربي نموني تي قائم رکڻ گهرجي.
سربارٽل فريئر صاحب انهيءَ بحث مباحثي ٻڌڻ ۾ فيصلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايلس صاحب سان ٻيا بہ ٻہ چار يوروپي عالم عملدار همراه ڪيا. آخر سڀني يڪراءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون.
انهيءَ ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اها ئي آئيويٽا مقرر ڪئي، جا اڄ تائين قائم آهي. عربي آئيويٽا ۾ اٺاويهه اکر هئا:- ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م و هه ي.
اشارو- ء (همزو ۽ لا کي جدا جدا حرف نٿو ڳڻيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ء هڪڙي صورت آهي الف جي ۽ لا ملاوت آهي ل ۽ ا جي.
انهن اٺاويهن حرفن ۾ ٽي حرف وري پارسي صورتخطي جا شامل ٿيا: (1) پ (2) چ (3) ک. ويهه حرف نج سنڌي آوازن ڏيکارڻ وارا شامل ڪيائون ته هاڻوڪي عربي سنڌي آئيويٽا هن طرح اچي بيٺي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه گ ل م ن ڻ و هه ء ي.
سنه 1854ع کان وٺي سنڌي نظم ۽ نثر جا ڪتاب انهيءَ آئيويٽا ۾ لکجڻ لڳا. مگر سنڌي لفظن جي نحوي ملاوتن ۽ صورتن بابت ڪوبہ فيصلو ڪونه ٿيو هو. تنهنڪري جيتوڻيڪ آئيويٽا نئين ڪم ۾ اچڻ لڳي پر لفظن جي گڏيل آوازن ۽ نحوي ملاوتن لکڻ لاءِ سڀڪو پنهنجي سر اختيار وارو هو. خود تعليم کاتي جي اوائلي ڪتابن ۾ جدا جدا نمونن سان لفظن جون ملاوتون لکڻ ۾ اينديون هيون. مثلاً:
ڪيڏهن کي ڪيڏهه، ڪيڏهن، ڪيڏانهه پيا لکندا هئا.
جنهن کي جنهه، جنهن پيا لکندا هئا.
اسين کي اس.
مون کي من.
چڱيون کي چڱيءَ وغيره وغيره.
جڏهن سنه 1888ع ۾ جيڪب صاحب سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿي آيو؛ تڏهن ان صاحب جهڙو سڪول جي تعليم يک سڌاريو ۽ وڌايو، تهرو عربي سنڌي صورتخطي کي سڌاريائين. هن صاهب وڏا نقشا تيار ڪريا، جن ۾ جيڪي جيڪي سنڌي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکڻ ۾ ڪم ايندا هئا، سي سڀ داخل ڪرائي، انهن جون پڪيون صورتون مقرر ڪيائين، جي اڄ تائين سنڌي نثر يا نظم جي ڪتابن ۾ ڪم پيون اچن. جيڪب صاحب اهي درست لفطن وارا نقشا پنهنجي صحيح سان ڇاپائي وڏين دفتين تي چنبڙائي، سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ موڪلي ڏنا هئا. اهڙي طرح بيهڪ جي نشانين بابت جدا جدا نقشا ڇاپارائي سڪولن ۾ رکارايائين. جيڪب صاحب واري سڌاريل صورتخطي ۾ اڃا بہ علم دوستن کي ڪي خاميون نظر آيون مثلاً: فعلي صورتون يا ٻين ڪن لفظن ۾ ٻہ زيرون ۽ ٻہ پيشون ڪم پييون اينديون هيون، جيئن ته: ڪياءِ، چياءِ، جيستاءِ وغيره. اهڙيءَ طرح ڪن لفطن جون صورتون اڃا بہ جدا جدا پييون ليکبيون هيون: مثلاً: ڪرف، ڪفل، ڪلف، ڪئنچي قئنچي، چاڪ (تندرست(، چاق، چاڪو؛ چاقو؛ وغيره.
تنهنڪري سنه 1915ع ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جي زير صدارت حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهيلن ماڻهن جي ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ۾ خاص طرح ڪم ڪندڙ خان بهادر مرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم هو. انهيءَ ڪميٽي لفظن جي هڪ وڏي ياداشت تيار ڪئي، جي جدا جدا نموني ۾ يا غلط نمونن ۾ لکبا هئا. انهن لفظن جون درست صورت واريون يادداشتون اخبار تعليم ماه مئي سنه 1915ع ۽ جون سنه 1915ع ۾ ڇاپايون ويون هيون.

اوائلي سنڌي شعر

هي ڳالهه پڌري اهي ته سڀڪنهن ملڪ جو لٽريچر يا علم ادب شعر سان شروع ٿيل آهي ۽ اهو شعر بہ سادو ۽ قصي جي نموني ۾ هوندو هو، جنهن کي انگريزي ۾ بئلد (Ballad) ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي جو شعر ۾ ڏنل مضمون وڻندر ۽ ياد ڪرڻ ۾ بہ سولو بہ لڳندو آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ملڪ يا قوم ڪانهي جنهن کي ڌڻي سڳوري ٻين قدرتي بخششن سان گڏ شاعر نہ بخشيو هجي. عربن کان اڳ بہ سنڌ ۾ ضرور ڪي شاعر ٿي گذريا هوندا. مگر ارمان آهي ته انهن جو ڪو بہ تحفو قديم سنڌ جي ماڻهن سنڀالي نہ رکيو. عربن جي زماني کان، ۽ ڪي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي وقت تائين، سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا ڪئين شاعر ٿيا هوندا پر انهن جا ڪلام ڪتابي صورت ۾ نہ آيا.جيڪڏهن انهيءَ عرصي ۾ سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا شاعر سنڌ ۾ موجود نہ هجن ها ته سومرن ۽ سمن جي زماني واريون خواه پوءِ جون تاريخي ڳالهيون جهنگلي نموني واري شعر ۾ محفوظ رهي ڪين سگهن ها. سنڌ جا حاڪم سومرا ۽ سما، صفا سنڌي بڻجي ويا هئا. انهن حاڪمن ۽ اميرن جي ڪچهري ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير سادي سنڌي شعر ۾ جهونيون تاريخي ڳالهيون ۽ نقل نظير ڳائيندا هئا ۽ انعام حاصل ڪندا هئا. اهو دستور اڄ تائين بہ سنڌ ۾ ڪن هنڌن هليو اچي. دودي چنيسر وارو تاريخي قصو، سنڌ ۾ مشهور آهي. ڀٽ فقير اهو قصو ڪجهه نثر ۽ نظم (بيتن) ۾ رات جو مجلس ۾ آلاپ سان چوندا هئا. قصو بہ عجيب قسم جو آهي. منجهس عشق جا جذبا بہ آهن ۽ لڙائي ۽ بهادريءَ جو جوش بہ آهي. مون کي يادگيري آهي ته اسان جي اوطاق ۾ والد مرحوم وٽ اهڙيون مجلسون ٿينديون هيون، جتي ڀٽ فقير اهي قصا ۽ ڪهاڻيون چوندا هئا ۽ دل کي ريجهائيندا هئا. دودي چنيسر جي قصي ۾ جيڪي بيت چوندا هئا. سي قديم زماني جا آهن. مختصر قصو بيان ڪجي ٿو ۽ ڪي اڳوڻا بيت بہ ڏجن ٿا.
1051عيسويءَ کان 1351ع تائين سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هوندي هئي. 1312عيسويءَ ۾ سنڌ جو حاڪم ’ڀونگر‘ سومرو هوندو هو. ڀونگر شڪار جي سانگي هڪ ڏينهن روپاه نالي شهر مان ٿي لنگهيو، ته ڪنهن ماڙيءَ تي هڪ حسين جوان نينگريءَ تي وڃي نظر پيس، جنهن سان نيٺ سندس شادي ٿي. ان مان هڪ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو رکيائين چنيسر، ڏاڏي پوٽي زال مان اڳيئي ٻاگهي نالي ڌيءَ هيس ۽ وري هينئر دودي نالي پٽ ڄائس، اڄ ننڍا ۽ سڀاڻي وڏا، نيٺ دودو ۽ چنيسر سامائجي مڙس ٿيا.
بيت:- ”هونگڙيون ڏين پيرڙا کڻن.
سڀ جڳ جا ٻارڙا پهريائين ائين ڪن.“
دودو پرڻيو سومرن مان ۽ چنيسر ڌارين مان، چنيسر جي ماءُ هئي ڌاري تنهن کي اچي هرک ٿي ته متان سومرا منهنجي وياءَ کي ڀونگر کان پوءِ مٿي تي ٿڙا ڏين، تنهن ڪري پوتي تاني اونڌي منجي ڪري سمهي پيئي، ڀونگر بادشاهه اهو حال ڏسي راڻيءَ کان سبب پڇيو، جنهن حال اوريو. ڀونگر هن کي دلاسو ڏنو ۽ چنيسر جو پٽ ’ننگر‘ سان دودي جي ڌيءُ ’ڪويل‘ جو منڱڻو ڪرايائين. جلد ئي ڀونگر چالاڻو ڪيو ۽ اچي پڳ تان تڪرار ٿيو. ڪي چون ته چنيسر جو حق آهي. جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي حق آهي ٻاگهيءَ جو، پوءِ جنهن کي وڻيس انهي کي ڏئي. ٻاگهيءَ چوائي موڪليو ته راڄ ڏيو چنيسر کي جو وڏو آهي. تڏهن سومرن، سردارن، چنيسر کي گهرائي چيو ته:
”ويهه پڄاڻان پيءُ جي آءُ چنيسر آءُ،
ڀاڳ سڻائو تنهنجو توکي ڄڻيو ماءُ“
تڏهين چنيسر وراڻي ڏني:
“ائين سعيو ڪريو سپاه جو ته گهمي اچان گهران.
وڏي جا ورهن جي پڇي اچان تنهن ماءُ“
پوءِ چنيسر هليو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان سڀ ماڻهو ڦري ويا، چيائون ته هي زنانون آهي ۽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو، تخت جي لائق نہ آهي. چنيسر وڃي ماءُ کي پيرين پيو ۽ ٻڌايائينس ته تخت ٿو ملي سو ماڻيان؟ ماڻس چيو ته وڃي راڄ ڌڻي ٿي. ايتري ۾ دودو چونڊجي ويو ۽ بادشاه ٿيو. چنيسر وڃي ماءُ کي حال ڏنو جنهن تي ماڻس چيو ته:-
”مون ڄڻيو مان ئي پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ،
ويهي آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪتج ٽيهه.“
چنيسر کي جوڻس بہ طعنو هنيو ته،
”چاچي چڱيا چئي مڙس منهنجي کي،
من ويهي آتڻ وچ ۾ پانڌيون ڪتي ڏي،
هو گهر ۾ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي راڄ مان.“
چنيسر کي مهڻن ماري ڇڏيو، تنهن قسم کنيو ته دودي کان وير ضرور وٺندس، تنهن تي ماڻس کي پيٽ ۾ ساه پيو ۽ چيائين ته:
”ٺوڪ ته لڳي انبرين ڦوڪ ته لڳي واءُ،
متان ٻنهي ڳالهين هٿ نہ اچيئي ڪا.“
چنيسر دودي کي چوائي موڪليو ته ادا حق مون کي ڏي، نہ ته دهليءَ جي شهنشاه علاؤالدين کي ڪتڪ سوڌو وٺي ايندوسانءِ ۽ ملڪ ۾ ماڌاڻو وجهي ڏيندو سان. دودي وزير سان صلاح ڪئي پر ڪنهن بہ راءِ نہ ڏني ته ڪو تخت چنيسر کي ڏجي.
”پي پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ م راند،
راڄ نہ ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند،
پائي ڳچيءَ پانڌ، دودل تن مڃايو.“
چنيسر ويو علاؤالدين وٽ دانهين ۽ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي علاؤالدين جا ڪن ڀريائين. سڱن جون لالچون ڏيئي علاؤالدين کي سنڌ تي ڪاهه جا سانبها ڪرايائين.
”پيءُ مرندي ڇڏيون تو سانو ڄڻي،
مون تي آنديون توليءَ سي دودي جهليون،
مون ته اچي تو سليون،هاڻي جيڪا رضا راءِ جي.“
علاؤالدين تپي باهه ٿي ويو ۽ چيائين ته دودو ڪهڙي شيءِ اهي جو ائين ٿو ڪري. گهوڙي کي جولان ڏيئي وڏي ڪٽڪ سان اچي سنڌ کي رسيو. دودو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي ناٺيءَ، چنيسر جي پٽ ننگر کي علاؤالدين وٽ ڏياري موڪليائين ته وڃي شهنشاه کي ميڙ منٿ ڪر ته ٽري وڃي، ننگر اچي علاؤالدين جي اڳيان پيش پيو ۽ شهنشاه معافي ڏني، پر چنيسر شهنشاه کي ڦوڪ ڏني ته ٻاگهيءَ جو سڱ گهر. علاؤالدين بہ چنيسر جو چيو ڪري ننگر کان ٻاگهيءَ جو سڱ گهريو.
”ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون،
سڀ پهريان سومرا ۽ جهجي ڏيان ڀون،
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.“
ننگر سنڱ جو ڏنو جواب ۽ چيائين ته سومرا ڌارين م سڱ نہ ڏيندا آهن ۽ جيڪو سڱ گهري سو لڙاين جي هيٺ اچي. علاؤ الدين تپي ويو پوءِ ته اچي لڳي جنگ.
”ننگر، مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوت،
بنا ڀر ۽ اوٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.“
ننگر جي لاش محلات ۾ کڻي آيا جتي سندس سڱ ڪويل ساٺن سوڻن سان حق بخشيو.
آڻي ٽارو کوڙيو ٽاري ٽنور لڏن،
مڙي ڏاڏي پوٽي ننگر ساٺ ڪجن.
علاو الدين پنهنجو سردار نادر نالي دودي ڏانهن ڏياري موڪليو ته يا اعلان جنگ جي چٽي ڀر. دودي جي وزير ”حيدر“ هالاني چيو ته جنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو علاج ڪونهي.
”حيدر هالاڻي چيو ته اڳ نہ پيئي پاڻ،
پيڙا وڏي ڀاءُ جي گهر ويٺي ئي سہ،
چليءَ چليءَ آڻي جئن راڻي ري م رءُ
اسان علاوالدين پاڻ ۾ ٿيندو ترارين تئه.“
دودي جو يار ”هاسو“ سوڍو عمرڪوٽ مان ست ويهون سوڍن جون مدد لاءِ وٺي آيو ۽ ڏاڍي مڙسيءَ سان ”نادر“ سان وڙهيو ۽ ٻئي ميدان ۾ مارجي ويا. دودي کي نيٺ پنهنجي سر جنگ ڪرڻي پيئي ۽ پنهنجون لڄون هڪ پير مرد سومري ”پاڳ“ نالي هٿان ”ابڙي“ ڏانهن ڏياري موڪليائين.
”ابڙائي جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام،
وڙهان ويرن سامهون، جي تون سرن جهلين سام.“
ابڙي جواب ڏنو ته ”سر وڃي، پر سام نہ ڇڏيندس.“
تنهن تي سڀيئي سومريون ڏولين ۾ چرهي اچي ابڙي جي سام پييون.
”ساه ڏنم سومري جا، آئي منهنجي سام،
آءُ پڻ ڏيندس لام، تنهن ئي کي جهدمون.“
دودي کي چوائي موڪليائين ته مڙس ٿي وڙهج متان سنڌ کي لڄي ڪرين.
دودي پڙ گهڙايو پنج سؤ جريبن،
ڪهاڙا ڪوڏاريا کاهي خوب کڻن،
وڃيو ائين چون، اڳيون علاؤالدين کي.
جنگ اهڙي، جهڙي سنڌ ۾ ڪڏهن ڪا نہ ٿي.
واچوڙي جئن وچڙي گيوڙ گوڙ ڪيا،
ڏهه لک ڏهن اڳرا ماري حلق وڌا،
سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇوڙي ويا.
دودي جي گجگوڙ شينهن جهڙي هئي ۽ جنگ جو ميدان پي لرزيو پر آخر مغلن جو لشڪر سنڌين تي غالب پئجي ويو ۽ دودو مارجي ويو.علاؤالدين چنيسر کان ٻاگهي جي ٻانهن گهري ۽ چنيسر ويو روپا شهر ۾ ڏسي ته شهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. محلات اجڙي پيو آهي. راڻيون ٺهن ئي ڪين. نيٺ خبر پيس ته سومرن پنهنجون لڄون ڪڍي ابڙي ڏانهن موڪليون آهن. علاؤالدين ابڙي ڏانهن لکيو ته سومريون اسان جي ڏني ڪري ته توکي ماٿيلي ۽ ملتان جا پرڳڻا ڏيان. تنهن تي ابڙي انڪار ڪئي.
ماٿيلو ملتان نہ نيڀائو ڀانيان،
توکي ڏيندي سومري آءٌ لڄ مران،
جي جيئري آئون مران ته ڪر لڄايان پانهنجو،
”راڻي راءُ نہ ڏي وڃي چئو سلطان کي،
سمون سر مٿي جهلي بيٺو جهڳڙو.“
ابڙي پنهنجو پٽ ”ممٽ“ نالي جنگ جي ميدان ۾ ڏياري موڪليو. ممٽ جهرو هو سهڻو جوان اهڙو هو جنگي جوڌو. اهڙي جوش سان ورهيو جو رت جون نديون وهي هليون.
تون پاڻ ترڪ ترار هوڏانهن مانجهي ممٽ پٽ اهڙي،
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪافي ڪڻڪون ڌار،
وڃي آرون پار، خون خنجر ان جو.
علاؤالدين ڏاڍو اچي ششدر ٿيو ۽ چيائين ته آهي ڪو جوان جو وڃي ممٽ سان مقابلو ڪري؟ پنهنجي ترار درٻار ۾ رکيائون ته جيڪو هي ترار کڻي ممٽ سان مقابلو ڪندو، سو مانجهي مڙس آهي.
”تيرهن ڏينهن ترار پيئي رهي پڙ ۾،
دانهن سڀ دهليا اچي ڪونه درٻار،
پوءِ سيد سالار، چمي کنئي چاه مون.“
سيد ”سالار“ ترار کڻي ميدان ۾ آيو ۽ ابڙي جي ڀائٽي سٻڙ جي سامهون ٿيو.
”سنئين سانجهي وارا چکي آيا چوگان ۾،
ڏيئي منهن ماڻهن کي ڪيائون مارومار،
سٻڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾.“
ڏاڍي سخت جنگ لڳي. نيٺ بادشاهه ۽ ابڙو پنهنجي سر ميدان ۾ آيا.
”سج نہ نڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌوڌڪا،
اتي ابرو ائين وڙهي، جيئن پاڻي ٻوڙي تار.“
”اڙ جهلي ابڙي نو ويهو ڏه لک،
گوڙي ڪنڌ ورايو ماري گهڻي خلق،
پوءِ ٿي ابڙي کي پڪ، ته هاڻي جيئن ناه ڪو.“
قصو نيٺ اتي ختم ٿئي ٿو ته سومرن جي صاحبي پوري ٿي.
سنڌ ۾ اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون گهڻيون اهن، جن سمن، سومرن واري زباني شعر کي قائم رکيو آهي.

سنڌي جو جهونو ۽ نج شعر

زباني سنڌي شعر ٻيو بہ گهڻو ئي آهي، پر جيئن ته ڪا ثابتي ڪانه ٿي ملي ته اهو ڪنهن چيو ۽ ڪڏهن ٺهيو تنهن صورت ۾ انهيءَ جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ سان ديس جي علم ادب کي ڪو لاڀ ڪونه ملندو. تحفته الڪرام وارو ڪن سنڌين جا نالا ڏئي ٿو، جي سنڌي شعر ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا، پر جيڪي ڏوهيڙا يا بيت چيا اٿن سي ميسر ٿي نہ سگهيا آهن. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ (1351 کان 1521 تائين) سنڌيءَ ۾ بيت چوندا هئا. ماموئي جا بيت، پيشن گوئي جي صورت ۾ چيل آهن، سي بہ انهي زماني جا ليکجن ٿا. انهن مان ڪي ڪي بيت اڃا تائين ماڻهن جي وات ۾ آهن. مثلاً:
هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه مڇي ۽ لوڙه سمي ويندي سوکڙي.
سمن جي زماني ۾ اها علمي لات، عشق جا آلاپ ۽ شعر جو جولان، جو ارغون حڪومت ۾ ظاهر ٿيو، تنهن جو وجود ئي ڪونه هو. سمن جي ڏينهن ۾ ايراني شعر جو اثر، بحر ۽ قافيه، تشبيهون، صنعتون ۽ عشق جو راز ۽ نياز پيدا ڪونه ٿيو هو. ايراني شاعر ۽ عالم ارغون حڪومت ۾ آيا ۽ انهن جو بيان اڳتي ڏنو ويندو. علم عروض ۽ بحر ۽ قافيه جون بندشون فارسي شعر سان شروع ٿيون جنهن جو اثر سنڌي شعر تي ڪيئن پيو؟ تنهن جو زڪر بہ اڳتي ايندو. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي ڏينهن ۾ ٿي سي هندي ڏوهيڙو يا دهرن جي اثر هيٺ ظاهر ٿيا. سمن جو تعلق ڪڇ ۽ گجرات سان گهڻو هو تنهن ڪري لازم هو ته هندي دهرن جو اثر بہ سنڌ ۾ ظاهر ٿئي. هندي دهرا اڃا تائين بہ سنڌ ۾ ڪيترن درگاهن تي ڳائبا آهن. مثال لاءِ هيٺيون دهرو جو عام طرح سنڌ ۾ ٻڌبو آهي تنهن مان بہ ڏسبو ته اسان جو سنڌي بيت ڪيتري قدر صورت ۽ مضمون ۾ انهيءَ جو ويجهو ٿو پوي.
”پريتم هم تم ايک هين ديکهن کي هين دو،
من سي من کو تولئي کبهي نہ دومن هو.“
معنى:- ”اي پيارا آئون ۽ تون حقيقت ۾ هڪ ئي آهيون. رڳو ڏسڻ ۾ ٻہ آهيون. جهڙيءَ طرح ساهميءَ جي هڪڙي پڙ ۾ مڻ (ان جو) ۽ ٻي پڙ ۾ مڻ (وٽ) وجهي توريو ته بہ ساڳيو مڻ ٿيندو ۽ نہ ٻہ مڻ. اهڙيءَ طرح آءٌ ۽ تون هڪ ئي آهيون. هن بيت عاشقاڻي رنگ ۾ هڪ عاشق دل جو جذبو ظاهر ڪيو آهي. فارسيءَ واري بہ انهيءَ محبت جي جذبي کي هيئن ادا ڪيو آهي:
من تو شدم تو من شدي من تن شدم تو جان شدي
تا کس نہ گويد بعد ازين من ديگرم تو ديگري.
پر جيڪو لطف هن هندي دهري ۾ آهي، سو فارسيءَ ۾ نہ اهي. من جي معنى هندي دل بہ آهي، تنهن ڪري هندي دهري مان وڌيڪ لطافت ظاهر ٿئي ٿي.
سمن جي دور ۾ هندي دهري جو اثر گهرو ٿيندو ويو ۽ سنڌي بيت ۾ اها ئي صورت وٺندو ويو. تان جو شاه عبدالڪريم، صادق ۽ شاه عبداللطيف اصلوڪي بيت ۾ ڦير ڦار ڪري ان کي وڌيڪ مٺو ڪيو. تحفته الڪرام واري هن دور جي علم ادب جي گهڻي اپٽار ڪانه ڪئي آهي ۽ نڪي وڌيڪ ماهيت هيلتائين ملي سگهي آهي، تنهنڪري انهيءَ جو ذڪر هتي بند ڪرڻ مناسب سمجهجي ٿو. شايد ائين بہ هجي ته سمن جي دور کان پوءِ جيڪا ادبي ترقي ارغون ۽ ترخاني زماني ۾ ٿي تنهن جي شعاع، سمن جي جهڪي سوجهري کي ڍڪي ڇڏيو.

سنڌ جو علمي عروج

سنڌ جو علمي عروج ارغونن کان شروع ٿئي ٿو جيئن ته ارغون اصل مغل هئا، تنهنڪري انهن پنهنجي حڪومت ۾ ايران جا شاعر ۽ عالم آندا. خود پهريون ارغون حاڪم ”شاه بيگ“ وڏو پرهيل هو ۽ پاڻ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير پارسيءَ ۾ تيار ڪيائين. ارغونن جي حڪومت ۾، جا 1521ع کان شروع ٿي، تنهن ۾ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فارسي مدرسا برپا ٿيا ۽ فارسيءَ جي تعليم رائج ٿي. اهو ارغوني حڪومت جو علمي سلو ترخاني ۽ نوابن جي حڪومت ۾ وڌي ويجهي وڻ ٿيو جنهن جي ميون ۽ گلن جي خوشبوءِ سڄي سنڌ کي واسي مسرور ڪيو. انهيءَ زماني يا دؤر (1521 کان 1732ع) کي سنڌ جي لاءِ علمي عروج سڏجي ته جڳائي. فارسي زبان ۾ هر قسم جا ڪتياب ٿيار ٿيا. فارسيءَ ۾ سنڌين ايتري مهارت حاصل ڪئي، جو انهيءَ زبان ۾ پختو شعر چوڻ لڳا. سنڌ جون تاريخون جن مان اڳوڻيءَ سنڌ جو احوال ملي ٿو، سي بہ انهيءَ زماني جون لکليون آهن. فقہ، حديث، تفسير ۽ تصوف ۾ عجيب ڪتاب لکيا ويا. عشق جا اسرار ۽ اشارا ڪيترن پارسي ديوانن ۾ موجود آهن. جي ان وقت سنڌي شاعرن لکيا، نہ رڳو پارسي علم ادب ۾ ترقي ٿي، پر سنڌي4 ۾ قاضي قاذن جهڙي اهل ۽ مولوي ابو الحسن جهڙي محدث جيڪا خدمت ڪئي آهي سا ڪنهن کان ڳجهي نہ آهي. سندن مفصل احوال مناسب جاءِ تي ڏنو ويندو. سنڌي علم ادب تي مفصل تبصره ڪريون تنهن کان اڳ اهو ڄاڻڻ لازمي آهي، ته جنهن بنياد تي اها سنڌي علم ادب جي عمارت ٺهي راس ٿي سا ڪهڙي هئي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو اثر ٿيو. سنڌي علم ادب، جو ارغوني حڪومت ۾ شروع ٿيو ۽ نظم نثر، جو مختلف صورتن ۾ پيدا ٿيو، تنهن جو انهيءَ بنيادي پارسي علم سان ڪهڙو تعلق هو، تنهن جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري آهي. تحفته الڪرام مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جو نثر ۽ نظم هر رنگ ۾ ظاهر ٿيو. هيٺيان مشهور نثر نظم جا ڪتاب پارسي زبان ۾ انهيءَ وقت جا لکيل آهن:

نثر (تاريخ)
(1) آئين اڪبري ابو الفضل سيوهاڻيءَ جو، (2) تاريخ طاهري مير ابو القاسم ٺٽي واري جي، (3) تاريخ معصومي سيد معصوم شاه بکر واري جي، (4) تحفته الڪرام علي شير ٺٽي واري جو، (5) تذڪره الاوليا قاضي محمود ٺٽي واري جو، (6) چنيسر نامو ابو القاسم ٺٽي واري جو، (7) روضة السلاطين شاه تڪدري ٺٽي واري جو ۽ (8) فتح نامو سيد عظيم الدين ٺٽي واري جو.

انشاي يا مضمون نويسي
(1) انشاي عيشي محمود خان ٺٽي واري جو، (2) انشاي ابو الفضل سيوهاڻيءَ جو، (3) انشاي فيضي شيخ فيضي سيوهاڻيءَ جو، (4) انشاي قابل خان مخدوم ابو الفتح شاه بندر واري جو ۽ (5) انشاي محمد شيف شاه بندر واري جو.

تفسير قرآن شريف جو
(1) حاشيه تفسير بيضاوي مولوي مصلح الدين لاڙيءَ جو ۽ (2) تفسير شيخ رحمت الله درٻيلي واري جو.

حديث
(1) شرح مشڪوات مخدوم عبدالعزيز ڪاهان جي ڳوڍ جو، (2) حواشي متين قاضي محمود ٺٽي جو ۽ (3) شرح اربعين مخدوم رڪن الدين ٺٽي جو.

نظم (ديوان)
(1) ديوان اشرف محمد اشرف، قاضي قاذن جي پوٽي سيوهاڻيءَ جو، (2) ديوان جويا عبدالرؤف لاڙيءَ جو، (3) ديوان حسيني عبدالسبحان ٺٽيءَ جو، (4) ديوان حسيني مير محمد ٺٽي4 جو، (5) ديوان حيدري حيدر ڪلوخ جو، (6) ديوان شهر تي دانشور خان ٺٽي جو، (7) ديوان عطا ملا عبدالحڪيم ٺٽيءَ جو، (8) ديوان عيشي عاقبت محمود خان جو، (9) ديوان عزوري غيوري مير عزوري ٺٽيءَ جو، (10) ديوان غيوري، جو عرف شڪر اٿس، (11) ديوان فيضي سيوهاڻيءَ جو (12) ديوان ڪليجه حيدر هروي پاٽائيءَ جو، (13) ديوان محسن محمد محسن پاٽولي ٺٽي جو، (14) ديوان مومن مرزا غلام عليءَ جو (15) ديوان منير مير جان شاه رضوي روهڙيءَ واري جو ۽ (16) ديوان نامي مير معصوم شاه بکري واري جو.

مثنوي
(1) ترنم عشق (مومل راڻو) محمد مقيم ٺٽيءَ جو (2) طوطي نامو مير نجم الدين بکر واري جو، (3) مثنويات عطا، (4) مثنويات غيوري، (5) مثنويات فيضي (6) مثنوي سليمان و بلقيس مير ابو المڪارم ٺٽيءَ جو، (7) مثنوي مظره الاآثار مير معصوم شاه جي ۽ (8) مثنوي نازو نياز (سسئي پنهون) ملا محمد حسين ٺٽيءَ جي مثنوي نغمات شوقي.
مٿين ڪتابن کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب پارسي ۾ لکيل آهن، مثلاً بيان العارفين، تنبيہ الغافلين، آداب المريدين، تذڪرت المراد، زادالمسافرين ۽نزهته الارواح. اهي سڀيئي تصوف جي اونهن نڪتن ۽ رازن سان ڀرپور آهن. منطق ۽ فلسفه تي بہ ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا ويا هئا. مطلب ته ارغون ۽ ترخاني حڪومت ۾ هر فن ۾ پارسي ڪتاب لکيا ويا. ڪتابن جي عبارر رنگين ۽ مضمون فصاحت ڀريو هو.
مصنفن پارسي زبان ۾ هر ڪو مضمون چٽائيءَ ۽ روانيءَ سان لکيو ٿي، نظم، علم عروض جي قاعدن موجب بلڪل پختو هو. اها عجب جي ڳالهه آهي، جو سنڌ م سنڌي زبان هوندي بہ سڄو علم ادب پارسي زبان ۾ ٿي ويو. سنڌي اهل قلم ۽ علم وارن علمي ميدان ۾ ايرانين کي بہ شهه ڏيئي ڇڏي. ارغوني حڪومت سنڌ کي علمي ميدان ۾ ايران بنائي ڇڏيو. حڪومت جي قدردانيءَ ۽ نوازش جي ڪري، خود سنڌين کي سنڌي زبان ۾ خط پٽ لکڻ ۾ بہ عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش بہ پارسيءَ ۾ هئي، شعر جي تيزي ۽ رواني بہ پارسيءَ ۾ هئي ۽ علمي گفتگو ۽ مباحٿا بہ پارسيءَ ۾هئا. مرزا شاه حسين ۽ شاه بيگ جي مشاعرن ۾ سنڌي شاعر پارسي شعر ۾ طبع آزمائي ڪري درٻاري ايرانين کان داد حاصل ڪندا هئا.
ديس ۾ ڌارين ٻولي ڪيتري بہ ترقي ڪري وڃي ۽ پڙهيلن جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي ته بہ ممڪن نہ آهي ته عام ماڻهن لاءِ اها زبان مقبول ۽ محبوب ٿيندي. ڪيترن عالمن ۽ رمز شناس عارفن اهو ڳجهه پروڙي ورتو ته جيستائين پنهنجي مادريءَ زبان کيعلمي ميدان نہ بڻائبو، تيستائين عام ماڻهن کي علم جي فيض کان محرم رکبو. اهڙن عارفن ڪڏهن ڪڏهن سنڌي زبان ۾ بيتن جا ڀڻڪا پي ڪيا جن مان ڪي ماڻهن جي زبان تي ئي رهجي ويا ۽ قلمبند نہ ٿيا ۽ ڪي تحرير ۾ اچي ويا جي انهيءَ زماني جا شاهد آهن. زبردست علامن، ارغوني دربار جي اثر کان بيزر ٿي وڏي جرئت سان سنڌي علم ادب جي خدمت شروع ڪئي. انهيءَ تحريڪ جا مکيه علم بردار شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مولوي ابو الحسن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽئي هئا. مخدوم محمد هاشم ۽ ان جي شاگردن سنڌي علم ادب جي اها خدمت ڪئي آهي جو بنا مبالغي جي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي علم جو خادم ۽ مخدوم ئي مخدوم محمد هاشم هو.

سنڌ جو بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن

اڳوڻي مضمون ۾ اسان ڏيکاري آيا آهيون ته سنڌ ۾ سنڌي زباني شعر ڏوهيڙن جي صورت ۾ گهڻو ئي هو. بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿو ٿئي. قاضي قاضن سيوهڻ جي بزرگن مان هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ معلوم ڪانه ٿئي ٿي، مگر وفات جي تاريخ 958 هجري مطابق 1551ع ۾ آهي. هي بزرگ وڏو عالم هو. دنيا جو گهڻو سير ڪيو هئائين ۽ حرمين جي زيارت جو شرف بہ حاصل ڪيو هئائين. بنارس جي مشهور سيد محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو، جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد صاحب جي خدمت ۾ ڪچ وقت گذاريائين ۽ معرفت ۽ حقيقت جي راه پروڙيائين. مرزا شاه حسن سنڌ جي مشهور حاڪم جي ڏينهن ۾ سن 1581ع ۾ بکر جو وڏو قاضي يا جج بہ هوندو هو، جو سڀ قسم جا فيصلا نبيريندو هو. پيريءَ جي وقت انهيءَ عهدي تان استعيفا ڏنائين. هن بزرگ جو پارسيءَ ۾ ٺهيل هڪ ديوان بہ آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ ۾ بيت چوندو هو. انهن بيتن مان رڳو 7 بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن جي شاه عبدالڪريم بلڙي4 وارو پنهنجي مجلس ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو. اهي ست سنڌي بيت شاه عبداللطيف، شاهه عبدالڪريم ۽ سامي4 جي شعر جا بنيادي پٿر آهن. هيٺئين تبصره مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مٿين شاعرن قاضي قاضن جي شعر مان گهڻو ڪي پرايو آهي. بيتن جي صورت بہ قاضي صاحب واري اختيار ڪئي اٿن. ۽ سندن مضمون جو متو بہ ساڳيو وحدانيت وارو آهي. قاضي قاضن پنهنجي مرشد جي صفت هيئن ٿو ڪري ته:
”جوڳيءَ جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾.“
جوڳي واري لفظ مان، قاضي صاحب جي ڪشاده دلي ۽ ڪشاده خيالي جو پتو پوي ٿو. قاضي صاحب کان اڳ ۾ ڪنهن بہ مسلمان عالم اهو ديسي يا هندڪو لفط مرشد جي نسبت ڪم نہ آندو هوندو.
اهو سبب آهي جو انهيءَ وقت جا ظاهر پرست عالم قاضي صاهب کي سندس ههڙي روش ۽ بيت گوئي کي ننديندا هئا.
مووي ابو الحسن ڏاهري ”جوڳي“ جي لفظ بابت هيئن چوي ٿو:
”نه جوڳي ست عارف نہ سمني گهي،
شده هريک ملحدو گمرهي.“
قاضي صاحب جيتوڻيڪ هڪ زنده دل عالم هو ته بہ درويش فقيرن جي محبت ۾ اهڙو رنگجي ويو هو، جو شرع وارن جي ٽوڪ جو مٿس اثر نہ رهيو. هن جو پنڌ ۽ طريقت جو رستو ٻئي رنگ ۾ هو جو هو پاڻ ۽ سندس مرشد سيد محمد مهدي بنارسي سمجهندا هئا. پنهنجي علم ۽ عمل جو خاڪو هن بيت ۾ ڏئي ٿو:
”ڪنز قدوري ڪافيه ڪي ڪين پڙهيوم
سو پارئي ٻيو جتان پرين لڌوم“
هڪڙي اهل دل پارسيءَ م هيئن چيو آهي:
”در کنز قدوري کافيه نتوان يافت خدارا،
سيپاره دل بين که بہ ازين کتابي نيست.“
سيد محمد هڪ اهل الله عابد ۽ تار الدنيا شخص هوندو هو، جو الله وارن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. سندس محبت ۾ بنارس جا مشهور جوڳي ۽ سناسي رهنداهئا ۽ پاڻ بہ انهيءَ محبت جي ميدان ۾ هڪ اسلام جو جوڳي ]مرشد[ ٿي پيو. اهڙن جوڳين، جيڪو فيض هند ۽ سنڌ کي ڏنو آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو نہ آهي. مرشد جي معنى کي پوري4 طرح سمجهڻ لاءِ هندستانين لاءِ جوڳيءَ لفط کان وڌيڪ ٻيو لفط ڪارائتو ڪونهي. انهيءَ ڪري اسان جي سنڌي، قاضي صاحب بہ مرشد جي لاءِ جوڳي لفظ ڪم آندو آهي، جو سنڌ جا اصل رهاڪو پوري طرح سمجهي سگهيا ٿي. سنڌي علم ادب يا لٽريچر ۾ ”جوڳيءَ“ جو لفط پهريائين قاضي صاحب استعمال ۾ آندو. جو پوءِ ٻين سنڌ جي بزرگن ڪم آندو. ”جوڳي“ ۽ ”جاڳائڻ“ جا لفظ ڪهڙا نہ موزون ۽ لذت وارا آهن. جوڳ جيڪو جوڳ پچائي ۽ ننڊ حرام ڪري سوئي ستل کي ”جاڳائي“ جي لفطن ۾ صنعت رکيل آهي. جنهن کي صنعت هم آواز چئبو آهي. انهي4 بيت جو مضمون شاهه لطيف بہ سر سهڻيءَ ۾ آندو آهي ته ”ستي جاڳايوس سانڀر سپرين جي.“ شاه صاحب جاڳائن جو ڪم سانبر يا يادگيريءَ تي رکيو آهي، جو اهڙو سهڻو نہ ٿو لڳي جهرو ”جوڳيءَ جاڳايو“. يادگيري جڏهن لهي ويئي تڏهن ته ننڊ آئي. يادگيري ڏيارڻ واري ٻي ڪا شيءَ سئندي اهي جا قاضي صاحب جي خيال موجب جوڳي يا مرشد آهي. جوڳي لفظ شاه صاحب رامڪلي سر ۾ گهڻو آندو، پر جيڪو مطلب قاضي صاحب انهي4 لفط سان ڇڏايو آهي سو پوري طرح شاه ادا ڪري نہ سگهيو آهي. شاه صاحب جوڳي لفظ وارا بيت گهڻيئي چيا آهن پر قاضي صاحب جو هڪ ئي بيت ”هڪ ئي رانجهو لک دا“ مصداق بڻجي ٿو.
قاضي صاحب جي باريڪ بيني ۽ قدرت جي مشاهدي جي طاقت بہ مضبوط ڪڙيءَ تي هئي. دنيا جي علم ۽ معلومات کي واڳوءَ سان مشابهت ڏيڻ سندس خيال جي نزاڪت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:
”سيئي سيلهه ٿيام پڙهيام جي پاڻان
اکر اڳيان اهڙي واڳو ٿي وريام.“
اسان جي ملڪ ۾ ٻيو ڪو بہ اهڙو پرندو يا سرندو خوفناڪ جانور ڪونهي، جهڙو واڳو آهي. واڳوءَ جي جهڙي شڪل آهي ڀيانڪ، تهڙو سندس حملو آهي زيانڪار، ماڻهو کيس مليو ته هڙپ ٿيو. اهڙيءَ طرح بيت ۾ فرمايل آهي ته ظاهري علم واڳوءَ وانگر مٿس حملو ڪري اوڙاه ۾ نيئي رهيو آهي. شاه صاحب انهيءَ راز کي ٻين لفظن ۾ ادا ڪيو آهي، جنهن جو مطلب سنئون سڌو آهي ته:
”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.“
پر قاضي صاحب ظاهري تعليم جي پوري اپٽا ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ وڏو پرهيل هو ۽ قصا بہ هلائي چيائين. قاضي صاحب پنهنجو آزمودو بيان ڪيو جو وڌيڪ مؤثر آهي ۽ شاه صاحب ٺلهي نصيحت ڪئي ۽ دليل يا حجت پيش نہ ڪئي. قاضي صاحب مفصل بيان ڏنو آهي ۽ شاه صاحب ”الف“ جي اکر م اشارو ڏنو آهي.
ارمان جي ڳالهه آهي ه قاضي صاحب جا رڳا 7 بيت بيان العارفين واري درج ڪيا آهن نہ ته اهڙي بلند پايه جي شاعر گهڻوئي شعر چيو هوندو. قاضي صاحب سنڌيءَ جي محاورن ۾ مؤثر ٿو ڏسجي. قدرت جي سڀني ڪرشمن ۽ رازن کي پرورڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. انهيءَ مفهوم کي ڪڙي طرح قاضي صاحب هن سٽ ۾ ادا ڪيو آهي!
”ڪنز قدوري قافيه جي پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ.“
”اڀ ڪڇن“ هڪ سهڻو سنڌي اصطلاح آهي، جنهن جي معنى آهي ”ناممڪن ڪم“ ڀانئجي ٿو ته اهو اصطلاح جو قاضي صاحب جو جوڙيل آهي جو اڄ تائين ڪم پيو اچي. اسان کي منڊيءَ ماڪوڙيءَ سان دسترس رکڻ جي ثابت ڏني اٿس، دني اکي کوه سان مشابهت ڏيئي، انهيءَ دنيا جي تصوير کينچي اٿس جنهن تي اسين ڀنڀلي رها آهيون ته آهيئي ڪي اتي. تصورف جي هڪ اونهي همه اوست واري راز کي ڪيئن نہ هڪ بيت ۾ کوٽي ظاهر ڪيو اٿس.
سائر ڏيئي لت اوچي نيچي ٻوڙئي
هيڪائي هڪ ٿيو ويئي سڀ جهت
(ويئي سڀ جهت طرفن جو نالو ئي نہ رهيو)
معنى: وحدانيت جي درا ۾ خودي ۾ خيال سڀ لڙهي ويا، هيٺ مٿي ۽ سڀيئي پاسا غرق ٿي هڪ ٿي ويا. هڪ بيت ۾ هن درويش اهو ڪمال ڪيو آهي جو ڄڻڪ ڪوزي ۾ دريا بند ڪيو اٿس. اهڙي ساڳئي مضمون کي شاهه صاحب مختلف بيتن ۾ سر سهڻيءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي. جيئن ته:
”سهسين سائر ٻوڙيون منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.“
هتي شاهه صاحب سهڻي جي قصي ڏانهن اشارو ڪري پوءِ سمجهاڻي ڏني آهي، پر قاضيءَ بہ ڪمال ڪيو آهي، جو قدرت جي مشاهدي مان مثال وٺي مفهوم کي صاد ڪيو آهي. ائين نہ آهي ته قاضي صاحب سنڌ جي چالو قصن کان واقف نہ هو، جو ماڻهن کي انهن ڏانهن مائل ڪري. نصيحت جا نڪتاپر اثر ڪري. جتي ضرور ٿي سمجهيائين ته اتي قصي ڏانهن بہ اشارو ڪيائين ٿي جيئن ته:
”سڄڻ منجهه هئام مون اتي ويا اوٺيا
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هينڙي جاڙ وڌام.“
اوٺيا لفظ سسئي واري قصي ڏانهن اشارو ٿو ڪري.
”اوٺي“ ۽ ”اٺ“ سسئي جي قصي جو راز آهن. انهن لفطن جي ٻي ڪا بہ ظاهر معنى ڪانهي. انهيءَ قصي جي راز کي قاضي قاضن جهڙي درويش جوڳيءَ جاڳايو. جنهن کي شاهه عبداللطيف ۽ هن جي فقير گروه نون ويسن ۾ پهرائي ڀڀڪيدار ڪيو، ڀٽ جا سائين ٿا فرمائين ته:
”پڻ ٿا پلاڻين اوٺهي گهڻو اٻهرا،
هوءَ هلڻ سنديون ڳاهون ڳالهائين
مون کي ٿا مارين، سڄڻ سانباهي ڪيو.“
قاضي صاحب جا ڪيترا لفط ۽ سٽون ڀٽ جي سائينءَ ڦيرائي پئرا فريز يا تبديل ڪيون آهن:
قاضي صاحب چوي ٿو ته:
”بالله ري ڀر ڀرپيان ڪٿ نہ ڏسجي ڪي ٻيو.“
ائين ڀٽ سائين مارئي ۾ چون ٿا ته:
”بالله ري پرين سڀ اونداهي ڀايان.“

شاهه عبدالڪريم

شاه عبدالڪريم مٽيارين جي شهر ۾ تاريخ 20 شعبان سنه 944هجري (مطابق 1536ع) ۾ تولد ٿيو هو. اتان پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد جلال (عرف جوار) سان گڏ لڏي اچي ڳوٺ بلڙي تعلقه گوني4 ۾ رهاڪو ٿيو، جتي هينئر سند درگاه آهي.
شاه عبدالڪريم پنهنجي وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي سنڀال هيٺ رهندو هو، جنهن جي بزرگي ۽ خدا رسيدگيءَ بابت تاريخ تحفته الڪرام پارسي جلد 2 ۾ گهڻي تعريف لکيل آهي. ان شاه عبدالڪريم کي مڪتب ۾ تعليم لاءِ ويهاريو هو ۽ پڙهڻ لاءِ گهڻو ضربيندو هوس، پر شاه صاحب پڙهڻ تي گهڻو ڌيان نہ ڏيندو هو. سندس والده شريفہ پنهنجي پٽ کي فرمائيندي هئي، ته ننڍي ڀاءُ کي پڙهڻ لاءِ نہ ڇينڀ، ڇاڪاڻ جو هو ڄائي ڄم کان خدا تعالى جو نوازيل آهي.“
شاه عبدالڪريم مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي يا وڏي هوندي عالمن جي صحبت مان علم پرايو، تنهن بابت بحث ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪانهي. جو ڪچيءَ کان وٺي بندگيءَ جو سخت پابند، فقيرن جي صحبت جو طالب، سماع ۽ راڳ جو شائق ۽ خدا رسيدو بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ مجلسي تقريرون جي اڄ تائين موجود آهن، تن جي مطالع مان صاف ثابت آهي ته هو قران شريف، حديث، تفسير ۽ تصوف ۾ ماهر ۽ عربي توڙي پارسي ٻوليءَ ۾ هوشيار هو.
سيد عبدالڪريم اڃا ننڍروئي هو، ته ڀاڻس شادي ڪرائي ڇڏي هيس. ڀاءُ جي وفات کانپوءِ سڄي ڪٽنب جي پرورش جو بار سيد عبدالڪريم جي سر تي اچي ويو. هو پنهنجن هٿن سان ٻني ٻارو ۽ کاٽي کرڙي جو ڌنڌو ڪري، عيال پاريندو هو، مگر انهيءَ عيال پروريءَ ڪڏهن بہ شاه جي خدا پرستي ۽ روحاني شغل ۾ اٽڪاءُ ڪونه ڪيو.
شاه صاحب سني مذهب جو صوفي طريقي وارو بزرگ هو. هو پاڻ کي سيد جي بدران فقير سڏائيندو هو ۽ نهايت صابر، تحمل وارو ۽ بردبار هو. سندس آواز تمام مٺو ۽ بلند هو. شاه صاحب اٺاسي ورهن جي عمر ۾ تاريخ ستين ذوالقعد سنه 1032هجري برابر سنه 1622ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٺهرايو هو، جو سندس پڙپوٽي سيد حبيب شاهه جو فرزند هو ۽سندس وفات کان ستهٺ ورهيه پوءِ تولد ٿيو هو.

سيد صاحب جو ڪلام
سيد صاحب سنڌي ڪلام بہ چيو آهي ۽ پارسي به، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ نڪي پاڻ پنهنجو شعر لکيائين نڪي ڪنهن ٻئي کي لکڻ ڏنائين. سندس وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ سندس مريد ميان محمد رضا ولد محمد واسع پارسيءَ ۾ بيان العارفين نالي ڪتاب لکيو، جنهن م سيد صاحب جون مجلسي تقريرون ۽ انهن تقريرن ۾ سيد صاحب جيڪي بہ پنهنجا ٺاهيل سنڌي خواه پارسي شعر پنهنجي زبان مان ڪڍيا ۽ ميان محمد رضا خواه ڪن ٻين خاص مريدن کي ياد هئا درج ٿيل آهن، جن ۾ سنڌي بيت ڪا هڪ سو ست آهن، ۽ پارسي بيت يارهن، جيڪي سنڌي بيت آهن، تن مان ڇهه بيت قاضي قاضن جا ۽ پنج بيت ٻين شاعرن جا چيل آهن باقي فقط ڇهانوي سنڌي بيت شاهه عبدالڪريم جا آهن.
سيد عبدالڪريم رح جي سنڌي ڪلام کي ان وقت جي مشهور معروف پارسي صوفيانه ڪلامن جهڙوڪ: منطق الطير، حديقہ الحقيقت، گلشن راز ۽ مثنوي شريف سان ڀيٽي ۽ جاچي ڏسجي ٿو ته تسلي ٿئي ٿي، ته شاهه صاحب جي ڪلام تي مثنوي شريف جو خاص اثر آهي. آئون هيٺ مثالن سان ڏيکاريندس ته ڪٿي ڪٿي مثنوي شريف جي ٻن مصرعن واري. مصمون کي سيد صاحب هوبهو پنهنجي سليس ۽ سهني سنڌيءَ جي ٻن مصرعن ۾ سمائيندو يو آهي. ڪٿي ٿورڙو ڪو تفاوت رکيو اٿس. ڪٿي ڪٿي ته جو مصمون مثنوي شريف جي ٽن چئن لاڳيتن بيتن ۾ سمايل آهي، سارو مضمون سيد صاحب نهايت عمدي نزاڪت سان فقط ٻن مصرعن ۾ جڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ جي اها مراد نہ آهي، ته سيد صاحب مثنوي شريف جو ترجمو يا نقل ڪيو آهي، پر مطلب هيءُ آهي ته کيس مثنوي شريف سان ايتري دلچسپي هئي ۽ ان جو مضمون ايتري قدر ذهن نشين هون، جو جيڪو سندس ٺاهيل سنڌي شعر زبان مان پي نڪتو آهي، تنهن جو مضمون، مثنوي شريف جي مضمون سان ٺهڪندو ڦهڪندو آيو آهي. مثال:
(1) مثنوي شريف جي دفتر چوٿين، حڪايت ڇهين ۾ چيل آهي:
خار از چشم دل گربرڪني
چسم جان را حق بخشد روشني
يعني: ”جيڪڏهن دل جي اکين مان ڪٽر ڪڍي ڇڏيندين، ته خدا تعالى تنهنجي روح جي اکين کي روشني بخشيندو.“ انهيءَ ساڳئي مضمون کي سيد صاحب هن طرح سنڌي لباس پهرايو آهي:
پاڻيءَ جان نہ ڪجن، روئي ڌوئي اکيون،
ڄر ڪجر جن وچ ۾، سي ڪيئن پرين پسن؟
(رساله ڪريمي بيت 81)
(2) دفتر چوٿون حڪايت ڇهين:
خشڪ باسي بر لب جو خشڪ لب،
ميدوي سوئي سراب اندر طلب.
يعني: ”اي اڃايل، درياءَ جي ڪناري تي اڃايل رهين ۽ رڃ جي پٺيان پاڻيءَ جو ڳولائو ٿيو. ڊوڙندو ٿو وتين.“
ساڳيو مضمون سيد صاحب هن طرح ٿو پنهنجي ڪلام ۾ چوي:
پاڻي اي جهوپڙا مورک اڃ مرن،
دانهون ڪن مٺن جان دم نہ سڃاڻن.
(رساله ڪريمي بيت 56)
(3) دفتر پهريون حڪايت ٽين:
جان نا محرم نہ بيند روءِ دوست،
جز هما جان که اصل اوزار ڪوءِ دوست.
يعني:” جنهن جي روح جي پاڙ، حقيقي دوست جي گهٽيءَ ۾ کتل آهي، تنهن روح ڌارا ڪو غير محرم روح حقيقي دوست جو ديدار ماڻي نہ سگهندو.
سيد صاحب ساڳئي مضمون کي هن طرح ٿو ادا ڪري:
سڏ نہ سلامي ٿيا، وهيءَ وريا نہ جي،
هاڻي تني کي ناهي ماڳ ملير ۾.
(رساله ڪريمي بيت 57)
(4) ففتر ٽيون حڪايت ڏهين:
آن طرف که عشق مي افزود درد،
بو حنيفه، شافعي درسي نکه نه.
يعني:” امام ابو حنيه ۽ امام شافعي (عليہ الرحمته) جي فقہ يعني شرعي قاعدن قانونن جا استاد هئا، انهن انهيءَ طرف ڪو بہ سبق نہ ڏنو آهي، جنن طرف حقيقي عشق دل جي درد کي وڌائيندو آهي.“
سيد صاحب پنهنجين مجلسي تقيرن ۾ جيڪي قاضي قاضن رح جا ٽي بيت لاڳيتا چيا [1] ڪنز قدوري ڪافيه ڪو ڪونه پڙهيوم...... [2] ڪنز قدوري ڪافيه جي پڙهي پروڙين سڀ......... [3] لوڪان نحو صرف...... تن ٽنهين بيتن ۾ اهو ساڳيو مضمون سمايل آهي، جو مثنوي شريف جي مٿئين بيت ۾ سمايل آهي. (رساله ڪريمي بيت 44، 45، 46)
(5) دفتر ٻيو، حڪايت چوٿين:
واز جهان فڪر تي اي ڪم زخر،
ايمن و غافل چو سگي بي خبر،
باش تا روزي که آن فڪر و خيال،
پر ڪشايد بي حجابي پروبال.
يعني:” تون فڪر ۽ ڌيان جي دنيا کان پٿر وانگر بي خبر، ويسلو ۽ بي اونو آهين: تون ته گڏهه کان بہ گهٽ آهين! ڪو وقت فڪر ۽ ڌيان ۾ گذاري ڏس، ته اهو فڪر ڌيان ڪيئن ٿو انداز جا پردا کولي.“
(6) دفتر پنجون حڪايت پنجين:
فڪر را اي جان بجاءِ خويش دان
زانکه شخص از فڪر دارد قدرهان!
فڪر غم گر راه شادي مي زند
ڪار سازيهاءِ شادي مي ڪند
يعني:” فڪر ۽ ويچار کي اي پيارا پنهنجي ساه جيان سمجهه، ڇاڪاڻ جو انسان فڪر جي ڪري ئي بيشڪ آب مان حاصل ڪري ٿو. فڪر ۽ ويچار جيتوڻيڪ ظاهري خوشيءَ کي مات ڪريو ڇڏي، ته بہ حقيقي خوشيءَ جون پورايون ڪري ٿو.“
جو مضمون مثنوي شريف جي مٿين چئن بيتن ۾ سمايل آهي، سو سمورو مضمون سيد صاحب سليس ۽ سوليءَ سنڌيءَ جي فقط هڪڙي بيت ۾ سمائي ڇڏيو آهي:
فڪر ڪر پرکي ور ونگائي لاهه (وکائي لاءِ)
سائي ساري هٿ ڪر، سڄڻ جا سياءِ.
(رساله ڪريمي بيت 36)
(7) دفتر ڇهون حڪايت نائين:
بهر ديده روشنان يزدان فرد
شش جهت را مظهر آيات کرد
تا بهر حيران نامي بنگرند
از رياض حسن رباني چرند
بهر آن فرمود با آن شاه او
”حيث وليتم فثم وجهہ.“
يعني:” اندر جي سوجهري وارن لاءِ خدا تعالى ڇهن ئي طرفن کي پنهنجين نشانين جو جلوه گاهه بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ ته هر هڪ وڌندر ويجهندڙ پسون ڏي ويچار جي نظر سان ڏسن ۽ خدا تعالى جي لاثاني حسن جي باغن مان راحت حاصل ڪن. انهيءَ سبب ڪري خدا تعالى حضرت نبي سڳوري صلعم جن کي قران شريف ۾ فرمايو آهي ته ”اوهين جنهن طرف منهن ڦيرندؤ، تنهن طرف خدا تعالى موجود آهي.“
مثنوي شريف جي مٿين ٽنهي بيتن جي مراد سيد صاحب هڪڙيئي بيت ۾ سمائي ڇڏي:
سوئي هيڏانهن سوئي هوڏانهن سوئي من وسي،
تنهين سندي سوجهري سوئي سو پسي.
(رساله ڪريمي بيت 35)

(8) دفتر ٻيو حڪايت ٽين:
تو مڪاني اصل تو در لا مڪان
ايند کان بربند و بکشان آن دکان
يعني:” تو ۾ دوست جو آستان آهي، تنهنجو اصل وطن روحاني جهان آهي: دل جا دروازا هن دنيا جي طرف کان بند ڪر ۽ روحاني دنيا ڏانهن کول.“
مٿئين بيت جو مضمون سيد صاحب هن طرح پيش ڪيو آهي:
جي لياڪا لوڪ جا جان جان سي نہ لٽاءِ!
تان تان ٿئي نہ ماءِ، پسڻ پورو پرينءَ جو.
(رساله ڪريمي بيت 27)
(9) دفتر ٻيو حڪايت چوٿين:
از خودي بگذر که تا يابي خدا
فاني حق شوکه تا يابي بقا
چون زخود رستي همہ برهان شدي
چونکه گفتي بنده ام سلطان شدي
يعني:” پاڻ ڦٽو ڪر ته خدا توکي حاصل ٿئي: حق ۾ فنا ٿيءُ ته بقا حاصل ٿئيئي. جڏهن پاڻ ڦٽو ڪندين، تڏهن ساروئي سوجهرو بڻجي ويندين. جڏهن پاڻ کي ٻانهو بڻائيندين، تڏهن بادشاهه بڻجي پوندين.“
سيد صاحب مختصر ۽ سليس سنڌيءَ ۾ مٿيون خيال هن طرح ٿو سمجهائي:
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءَ لهه
تهان ڌار بہ سپرين، منهن منجهائي پاءِ.
(رساله ڪريمي بيت 21)
(10) دفتر پنجون حڪايت پنجين:
اين دهانش نڪته گويان يا جليس
وان دگر با حق بگفتار و آنيس
گوش ظاهر ضبط اين افسانه ڪن،
گوش باطن با ادب اسرار ”ڪن“
چسم ظاهر ضابطه حليه بشر
چشم دل حيران مازاغ الصبر
دست ظاهر مي کند دادو ستد
دست باطن برور فرد صمد
پاءِ ظاهر در صف مسجد صواب
پاءِ باطن فوق گردون در طواف.
يعني: سچي عاشق جو ظاهر وات هم نشينن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ لڳل رهي ٿو ۽ سندس دل جو وات خدا تعالى سان ڳالهائيندڙ ۽ وندرندڙ رهي ٿو. تون بہ پنهنجن ظاهر ڪنن سان هن زماني جون آکاڻيون سڻ، پر اندروني ڪنن کي ’ڪن فيڪون‘ جي اسرارن ڏي رڌل رک. ظاهر ياکيون ڀل ته ماڻهن جي منهن مهانڊن ڏسڻ ۾ لڳيون رهن، پر اندريون اکيون حقيقي ديدار ۾ مست هجن. ظاهر هٿ زماني جي ڏيتي ليتي ڪن ٿا، پر اندريان هٿ واحد خدا جي چانئٺ تي چمبڙيا رهن ٿا، ظاهري پير مسجد ۾ صفون بڻايو بيهن ٿا، پر باطني پير عرش تي طواف ڪرڻ لڳا رهن ٿا.
مثنوي شريف جي مٿين پنجن بيتن جو مضمون تفصيل سان آيل آهي، سو سمورو مضمون سيد صاحب فقط هڪڙي بيت ۾ اهڙي نزاڪت سان آندو آهي، جو گويا ڪوزي م درياءُ سمائي ڇڏيو اٿس:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون اي پڻ سڳر ٿوڪ.
(رساله ڪريمي بيت 8)
مٿيان ڏهه مثال فقط نمونه طور ڏنا ويا آهن. حقيقت جي ڳالهه هيءَ آهي، ته سيد عبدالڪيم رح جي ڪلام جو سارو مضمون مثنوي شريف جي رنگ ۾ رڱيل آهي. تفاوت صرف هيءُ آهي، جو مولوي رومي عليہ الرحمته طرحين طرحين آکاڻيون ۽ نقل ڏيئي تن مان روحاني نڪتا ۽ نصيحتون ڪڍي ٿو، پر سيد صاحب آکاڻيون ۽ نقل ڇڏي فقط روحاني گفتا ۽ فقيي هدايتون پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري ٿو.
(ب) طرز تي اثر: سيد عبدالڪريم (عليہ الرحمته) جي ڪلام جو مضمون ايراني آهي، مگر سندس ساخت ۽ طرز نج هندستاني آهي. قديم زماني کان وٺي هندستان جا شاعر تاريخي، مذهبي خواه روحاني مضمون وارو شعر هڪڙي خاص طرز تي چوندا آيا، جنهن طرز کي ”دوها“ يا”دوهرا“ چوندا آهن. دوها يا دهرا جي معنى آهي ٻن سٽن وارو نظم

شاه عبدالڪريم جي ڪلام جو پوين شاعرن تي اثر
سيد عبدالڪريم (عليہ الرحمته) کان پوءِ ويجهي ۾ ويجهو جيڪو شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيو، جو سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ۽ نج سنڌي راڳ جو بانيڪار ليکجي ٿو، سو هو سيد عبدالليف ڀٽائي (عليہ الرحمته)، سيد عبدالڪريم جي ڪلام ۽ ان جي مثال تي شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پيڙهه ٻڌل آهي، ۽ شاه ڀٽائيءَ کان پوءِ جن جن شاعرن علم موسيقيءَ جي اصول تي شعر ٺاهيا اهن، تن شاه ڀٽائي جي ڪلام جي طرز اختيار ڪئي آهي ۽ ان طرز ۾ مٽون سٽون ڪيون اٿن. تنهن ڪري سنڌ جي شاعريءَ تي سيد عبدالڪريم عليہ الرحمته جي ڪلام جو اثر غالب ليکبو.
رساله ڪريمي جي پهرئين بيت ۾ شاه صاحب جي مٿئين بيت جو مضمون هوبهو ساڳيو آهي، فقط لفظ ٻيا ٻيا آهن.

سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ ابو الحسن

(1075 هجري مطابق 1661ع)

”اڄاڻن جون اٻوجهون سڄاڻ سنيون ڪن،
ڍلا پٺ ڀلن جي رڙهي راه پون.“
(مقدمہ الصلواه صفحه 57)
1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جاري ٿي، جنهن ڪري سنڌي عالمن مجبور ٿي پارسيءَ ۽ عربي جي بدران سنڌي زبان ۾ تصنيف شروع ڪئي. بغدد جي مشهور قطب رباني سيد شيخ عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو ۽ سنس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪيترا غير مسلم اسلام ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۾ ڪڇ جا ميمڻ (مومن) انهيءَ شيخ جي هدايت تي ٺٽي ۾ مسلمان ٿيا.
ايترن نو مسلمن کي، اسلام جي قاعدن قانونن کان واقف ڪرڻ لاءِ زباني وعظ نصيحت ڪافي نہ هئي، تنهن ڪري ان وقت جو مشهور عالم فقه مولو ابو الحسن، جو سنڌ جي تختگاه ٺٽي ۾ هو، تنهن سمجهيو ته ايترن عمر رسيده ماڻهن کي پارسي، عربي سيکاري اسلامي واقفيت ڏيڻ خاص ڪري فقه جي مسئلن کان واقف ڪرڻ ممڪن نہ آهي، تنهن ڪري هن ماڻهن جي مادري زبان يعني سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن ڪهڙيءَ طرح پارسي، عربي لفظن مان ڀڃ گهڙ ڪري سنڌي الف بي ٺاهي، تنهن جي سمجهاني حيٺ ڏجي ٿي. هتي اسان کي معلوم ڪرڻو آهي ته مولويءَ جا عربيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيل آهن، پر سنڌيءَ ۾ رڳو هڪ مقدمه الصلوات يا ابو الحسن جي سنڌي آهي. ڪتاب جو مضمون نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن تي آهي. مولوي صاحب جي سنڌي هڪ خاص نظم ۾ آهي، جنهن کي ابو الحسن جي سنڌي سڏين ٿا. اها ابو الحسن جي سنڌي، مولوي ابو الحسن تائين محدود نہ رهي، پر سنڌ جي مشهور عالمن ۽ فقيهن پنهنجي تصنيفات، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت تائين انهيءَ سنڌيءَ ۾ ڪئي. مخدوم ميان محمد هاشم، مخدوم ضياءُ الدين، ميان عبداللطيف، مخدوم عبدالله، ميان غلاممحمد، حاجي ميان عبدالله، عبدالسلام ۽ ٻين ڪيترن عالمن ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ڪتب لکيا. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب تخميني 50 کن ٿيندا، جي انگريزن جي اوائلي وقت تائين سنڌ جا مسلمان ڏاڍي چاه سان پڙهندا هئا. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب سڀيئي ليٿو ۾ ڇاپيل آهن، جن کي وڏيءَ عزت جي نگاه سان ڏبو آهي. هن وقت اها سنڌي جا اڳ م ننڍا ننڍا ٻار مڪتبن ۾ پڙهندا هئا ۽ گهر گهر ۾ زالون مطالع ڪنديون هيون. سا ڏکي ۽ مونجهاري واري ليکجڻ ۾ اچي ٿي. تنهن جو سبب اهو آهي. جو هڪ ته ليٿو جو رواج وڃي بند ٿيندو ۽ ٻيو ته لفظن جي صورتخطي بہ گهڻي ڦريل آهي. تنهن کان سواءِ ڪيترن لفطن جو محاورو بہ استعمال ۾ ڪونهي.
ابو الحسن پنهنجو ڪتاب مقدمہ الصلوات سال 1700ع ڌاري لکيو يعني سنڌي ۾ پهرين ڪتاب کي لکئي 249 سال ٿيا آهن. 1700ع کان اڳ ڪو بہ سنڌي ڪتاب لکيل ڪونه هو. مولوي ابو الحسن صاحب پنهنجو مقدمہ الصلوات 1715ع تائين پاڻ ٺٽي ۾ پاڙهندو هو ۽ سمجهائيندو هو. انهيءَ سال ڌاري پاڻ حج جي ارادي سان مڪه معطم ڏانهن روانا ٿيا. مولوي صاحب جي اسهڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم مولوي صاحب جو برپا ٿيل ڪم زور شور سان ڪرڻ لڳو. مقدمہ الصلوات جي فقهي جي مسئلن ۾ ڪي اوڻايون ڏٺائين، جي کيس نہ وڻيون. روايت طور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم صاحب جو ارادو هو ته مقدمہ الصلوات مرڳو بند ڪجي ۽ ان جي عوض سندس ”فرائض اسلام“ ڪتاب پڙهجي، پر مولوي صاحب جي شاگردن اعتراض ورتو. تنهن تي مخدوم صاحب انهن شاگردن جي مرضي رکي مقدمہ الصلوات ۾ ٻن ٽن هنڌن تي درستيون ڪيون ۽ ڪتاب جي حاشيه تي پنهنجي صحيح ڌائين. اهي درتيون ۽ مخدوم صاحب جي صحيح اڇان تائين مقدمہ الصلوات ۾ موجود آهي.
ابو الحسن مرحوم کي سنڌي صورتخطي ٺاهڻ ۾ جا دقت پيش آئي سا خاص طرح نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن ٺاهڻ ۾. نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن جي هاڻوڪي مقرر ٿيل صورت هي آهي:
ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ ڦ ڄ جهه ڃ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ک ڳ گهه ڱ ۽ ڻ.
مولوي صاحب مٿين نج سنڌي حرفن لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون هيون:
ب= (هاڻوڪي صورت) ب؛ ڀ = بهه؛ ٿ = تهه؛ ٽ = ت (ڪٿي ڪٿي وري ) ڻ يا تر؛ ٺ = تهه؛ ڦ = ف (ڪٿي ڪٿي وري) پهه؛ ڄ ۽ جهه = ج؛ ڃ = نج (جيم جي اڳيان نون غنه)؛ ڇ = جهه؛ ڏ = دهه (ڪٿي ڪٿي وري) د؛ ڏ = ڻ؛ ڊ = در؛ ڍ = ڊ؛ ڙ= ر: ک =کهه؛ ڳ ۽ گهه = گ، ڱ = نگ (گاف اڳيان نون غنه)؛ ڻ =ن

ابو الحسن جو شعر
اصلوڪي هندستاني شعر، جنهن کي ”دوها“ يا ”دوهرا“ سڏين ٿا تنهن جا (3) نمونا آهن؛(1) ڪبت (2) دوهرا (3) بيت علم موسيقي موجب جيڪو وزن ”دوهرا“ لاءِ ٺهرايل آهي، تنهن وزن ۾ پنڌرهن ويهه لاڳيتيون هم قافيه مصرعون هجن، ته اهڙي شعر کي ”ڪبت“ چئبو آهي. بعضي ته سارو قصو يا آکاڻي ”ڪبت“ ۾ هوندي آهي. اهڙي شعر ۾ اصلوڪيون سنڌي آکاڻيون چيل آهن. جي ڀٽ فقير تنبورن تي ڳائيندا وتندا آهن. مولوي عبدالرحمان جو ٺاهيل ”سنڌي نور نامون“ سڄوئي ڪبت نموني جو سعر آهي، ڇاڪاڻ جو پهرين مصرع جو قافيو الف (آ) ورتو اٿس، ته سارو ئي ڪتاب انهيءَ قافيه ۾ وڃي پورو ڪيو اٿس، اوائل ۾ شامل ٿيل سرڪاري سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ سيد ڪبير شاه جا ٻہ ٽي دلچسپ سنڌي ”ڪبت“ لکيل آهن. دوها ۽ دهرا اهو شعر آهي. جنهن ۾ فقط ٻہ ٻه سٽون پاڻ ۾ هم افيه هجن ۽ ٻنهي جو قافيو پڇاڙيءَ ۾ڪم آيل هجي. قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم جو سمورو ڪلام انهيءَ قسم جو نظم آهي. دهرا جو سڌريل نمونو جنهن کي ڏوهيرو يا بيت چون ٿا. جنهن جو باني شاهه ڀٽائي ليکيو وڃي ٿو، تنهن ۾ بہ ٻہ وڌيڪ سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون. پهرين سٽ جو قافيو بعضي بعضي وچ ۾ اچي ٿو پر پوئين سٽ جو قافيو هميشه وچ ۾ ايندو آهي، باقي وچ وارين سٽن جا قافيا پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن. ابو الحسن مرحوم پنهنجي ڪتاب ”مقدمہ الصلوات“ ۾ نظم جا مٿيان ٽيئي نمونا ڪتب آندا آهن.
مثال پهريون (نماز جي رڪوع بابت سمجهاڻي)
مٿي مونن هٿڙا نيئي نر تان ڏيج
ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڄيج
پر آڱريون عوراتن کي تئن م اپٽائيج
رکن مر لڳ ڪري ساري سيکاريج
ٻانهون ساري ٻئي سي مونا م موڙيج
پورو مٿو پٺ سين جوڙا جوڙ ڪريج
مهه اچو جهلج اُٺ جئن م رڍ جئن لاڙيج
جئن رکيو پاڻي نہ رڙهي اِنپر پٺ جهليج
پر پٺيون عوراتن کي ائن م اڏائيج
سر نائين ٿورڙو ساري سمجهائيج
ٽي ڀيرا تسبيح کي ڳجهوئي ڳڻيج
پنجون پٺيون پيرن جون نظر نهاريج
تانپي ڳريا تن جا ريڙهي ٻئي لائيج
اي پڻ آهي اڳري سنت سا ڄاڻيج
پر صحيح قول ڪتاب ۾ هن پر پروڙيج
جئن لائڻ ڳريا پاڻ ۾ ڪراهت سمجهيج
سي ٻئي حال رڪوع ۾ مورا ۾ جوڙيج
چئين آڱرين جو فاصلو بنهي وچ ۾ رکيج
قيام ۽ سجدي م پڻ ايءَ ئي پر پاريج
ڇهون اکيون پڌريون ستون قرم ڪريج
پر قومان ٿي سجود ڏانهن سنئين پٺي منيج
جيڪي ذڪر جتهين سو تتهين پڄائيج.
هڪڙي جو هنڌ ٻئي نيئي م رسائيج.
اهو نظم جو نمونو مولوي صاحب سڄي ڪتاب ۾ فقط ٻن ٽن هنڌن ڪم اندو آهي.
مثال ٻيو: (نماز جي ضرورت بابت)
1- هاڻي سڻ سڃاڻ تون هنئين جن ڪنن
ته صحي پڇيو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن
2- پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ
ٿيندي صحي صلوات جي شڪ مڀائج ڪوءِ
3- تانت ترسي تنهنجا شرط سڀيئي سک
ڪنان ڄيري ڄڀئين پاڻ پرا هون رک.
ابوالحسن پنهنجي سنڌي ۾ گهڻي قدر اهو دوهري جو نمونو ڪم آندو آهي.
مثال ٽيون: ( بيمار جي بدني صفائي بابت)
1- مڙس محرم مڙس ٿئي جو محرم جوءِ
توڻي ماءَ ڀيڻ سڳي توڙي گولي هوءِ
هاڻي هنيا پوءِ، سک صورت نهه لهرائڻ جي.
2- پير جيڻي جي چيٽ ڪنان ننهن کي لاهي
ڏائي پير جي چيت اتي نيئي پڄائي
شرح ۾ مشڪواه جي ائين فرمائي
مبارڪ متبرڪ کهي صورت ايءَ آهي
هاڻي هنئين لائي پڙهه مسائل غسل جا.
نظم جو اهو نمونو مولوي مقدمہ الصلوات ۾ پنجن ڇهن هنڌن تي ڪم آندو آهي.
قافيه بنسبت مولوي صاحب ڪٿي ڪٿي گهڻي خبرداري ڪم آندي آهي ۽ ڏاڍي باقائدي ۽ سهڻا قافيا ڪتب آندا اٿس. مثلاً:
وضوءَ جون صنعتون
سر اوباري آب سين ڪجن مک ڪنن
اهي هريون آڱريون ڦيري ڪنڌ ڏجن
سنئون سار وضوءَ جون دل سين دعائون
ته مولو مرهي مون ڌڻي خالق خطائون
دعائون وضوءَ جون مڙئي معنى ساڻ
اتي سڀڪنهن آنڱرين پڙهه پروڙي پاڻ.
ڪن ڪن هنڌن مولوي صاحب تمام اڻ سهائيندا قافيا بہ ڪم آندا آهن. پر سڄي ڪتاب ۾ اهڙا هنڌ ٿورڙا آهن. مثلاً:
1- آهي اسلام حق اِي ۽ ڪفر ڪافر ڪوڙ
سائين ثابت رکهون اسلام اتي مڃو سون رسول
2- هڪڙو ڌئڻ هٿ ٻئي ٻيو پايتي ماڳِ
ٽيون لڳي پليتي لڱ کان ڌوئي ڪرج پاڪ
3- اي پنڌرهن فرض ٿيا هاڻي واجب ڄاڻ
نه تسي جو ڏيهه ڌڻي سٻاجهو سلطان.
وزن نسبت ابو الحسن سڄي ڪتاب ۾ اها پورائي رکندو آيو آهي، جا علم موسيقي جي اصولن موجب دوهرن لاءِ مقرر ٿيل آهي، مگر جن جن مصرعن ۾ عربي آيتون ۽ تڪون ڪم آڻڻيون پيون، تن تن هنڌن مصرعن جو وزن لنبو ٿي ويو آهي. عربي آيتن ۽ تڪن ڪم آڻڻ جي حالت ۾ شاهه عبدالڪريم ۽ شاهه ڀٽائي جي ڏوهيڙن جون مصرعون بہ وزن ان ٻاهر نڪريو وڃن.
ڪتاب جو مضمون: ابو الحسن مرحوم کي مقد،ہ الصلوات ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، تنهن بابت مٿي چيل آهي. مولوي صاحب فقہ جي وڏن وڏن معتبر عربي ڪتابن مان مسئلا چونڊي مقدمہ الصلوات ۾ بيان ڪيا اهن، جتي جتي ڪو اخلاقي مسئلو بيان ڪيو اٿسم، اتي اصل ڪتاب جو حوالو بہ ڏنو اٿس.
تحفة الڪرام ۾ ميان ابو الحسن بابت لکيل آهي ته ”هو وڏو عالم هو ۽ ٺٽي ۾ پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو. هن جو نسڌي نظم سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. پاڻ وڏي عمر ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. جڏهن پيريءَ جو وقت ٿيس ۽ پيش امامي ڪري نہ سگهيو، تڏهن پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي چيائين ته ”ابا، موريا، مون ۾ هاڻمسجد ۾ پيش امام ٿيڻ جي پهچ ڪانهي. تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي، ته منهنجي پاران تون مسجد جو پيش امام ٿي رهه، پر لاچار جهڙي ڳالهه هيءَ آهي، جو توکي اڃا ڏاڙهي آيل ڪانهي.“ ائين چئي پنهنجو ساڄو هٿ مخدوم عبدالله جي ڳلن ۽ کاڏيءَ تي ڦيريائين. اهو اڳين نماز جو وقت هو. ساڳئي ڏينهن وچين نماز کان مخدوم عبدالله کي ڏاڙهي اچي ويئي. ميان ابو الحسن جي فرمودي موجب، پيش امام ٿي جماعت کي وچئين پڙهايائين. تحفته الڪرام ۾ ميان ابو الهسن جي ٻيءَ ڪرامت جو بہ ذڪر آندل آهي. ”ميان ابو الحسن عليہ رحمت وٽ سندس ڪنهن معتقد اچي پڪاريو ته نواب شهابت خان جو فلاڻو نوڪر، منهنجي گهر ۾ حڪمان حڪم لنگهيو اچي ۽ جئن وڻيس ٿو، تئن هلتون ڪريو هليو وڃي.“ ميان ابو الحسن کي ان جي حال تي ڏاڍو ترس آيو ۽ پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي سڏي چيائين ته ”ابا، موريا، پير پٺي اولياءَ کي منهنجا سلام وڃي ڏي ۽ چوينس ته مهرباني ڪري انهيءَ ظالم کي ٽاريو. جنهن غريب اشراف کڻي رنجايا آهن.“ مخدوم عبدالله پره ڦٽيءَ کان اڳ پير پٺي وٽ ويو ۽ موٽي آيو. نواب جو نوڪر جئن انهيءَ غريب جي گهر ڏانهن پئي ويو، تئن واٽ تي اهڙو ٿاٻو آيس، جو ٿڙي ٿڙي وڃي هڪڙي ڪلي تي پيٽ ڀر ڪريو ۽ آندا نڪري پيس ۽ اتي جو اتي مري ويو.“ مخدوم عبدالله پنهنجو ڪتاب ڪنزالعبرت 1175هجري ۾ لکيو، جئن مصنف پاڻ لکي ٿو.
”تحقيق جڏهن هي تمام ٿيو نسخو سنڌيءَ واءِ
تڏهن ڪنزالعبرت سنڌي رکيم تنهن جو نانءُ
تيئن هئا اڪاره سؤ ۽ پنجهتر ورهن گذريا
ڪنا هجرت حضرت رسول جي جو نور الانبيا
پڻ ٽهين تاريخ سان هئي سنڌي ماه رمضانا،
۽ ڏينهن هو سومار جو وقت نماز ضحى.“
تحفته الڪرام وارو لکي ٿو ته جڏهن ابو الحسن بلڪل پير مرد هو ۽ نماز نہ پاڙهي سگهندو هو، تڏهن مخدومعبدالله لاسڙاٽ جوان هو، يعني تخمينا سندس عمر 15 ورهين جي هوندي. ٺٽي مان وڏن پير مردن عالمن مان بہ معلوم ٿيو اهي ته ميان ابو الحسن وڏي عمر ۾ يعني 90 ورهن جي عمر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ حساب سان مخدوم عبدالله پنهنجو ڪتاب ڪنز العبرت ميان ابو الحسن جي وفات کان ڏهه ورهيه پوءِ 1185ع ۾ لکيو. جڏهن سنس عمر 25 ورهيه هوندي. جنهن صورت ۾ ابو الحسن جي تارخ نڪي تحفته الڪرام وارو ڏئي ٿو ۽ نڪي سندس تصنيف مان ملي ٿي، تنهن صورت ۾ سندس ڀاڻيجي، مخدوم عبدالله جي تصنيف جي آڌار تي 1075هجريءَ ۾ شمار ڪئي ويئي اهي.

مخدوم ضياءُ الدين

(1091هجري برابر 1677ع)

عاجز هن عاصيءَ کي رکين دوزخ کا
مرهين مون کيڌڻي فضل سين ڪرما
(سنڌي ضياءُ الدين 156 صفحه)
سهروردي طريقي جو مشهور اڳواڻ بزرگ شيخ شهاب الدين سهروردي (رحمت الله عليه) جو بغداد ۾ رهندو هو ۽ هجري سنه 632 ۾ وفات ڪئي هئائين، تنهن جي اولاد مان ضياءُ الدين هو.
مخدوم ضياءُ الدين جو پڙ ڏاڏو مخدوم الياس سومرن جي صاحبيءُ ۾ عراق کان لڏي سنڌ ۾ آيو، ’جوڻ‘ äشهر ۾ اچي رهيو، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو تخت گاهه شهر هو. مخدوم الياس جو پوٽو مخدوم هارون جوڻ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو، جتي 1091 هجري ۾ يعني 1677ع ۾ مخدوم ضياءُ الدين ڄائو.
مخدوم عنايت الله جوٽي جي عالمن سڳورن جو سرتاج ليکبو هو، تنهن وٽ مخدوم ضياءُ الدين تعليم حاصل ڪئي.
مخدوم ضياءُ الدين اسي (80) ورهين جي عمر ۾ سنه 1171 هجري ۾ وفات ڪئي. مخدوم صاحب جو سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب اڄ ائين مشهور آهي، جنهن کي ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏيندا آهن.

مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي

(1) مضمون:
مولوي ابو الحسن، جنهن اول اول سنڌي نظم ۾ ”مقدمته الصلوات“ ڪتاب لکيو هو (جو ”ابو الحسن جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور آهي) سو مخدوم ضياءُ الدين کان ٿورو اڳڀرو گذري ويو هو. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ جيڪو وضوءَ ۽ نماز بابت مضمون ڏنل آهي، سو ساڳيو (پر نرالي نموني سان) ۽ ٻيا گهڻا وڌيڪ مسئلا گڏ ڪري مخدوم ضياءُ الدين پنهنجو علحدو ڪتاب تيار ڪيو، جنهن کي نالو ڏنائين ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي.“
مخدوم صاحب ڪتاب جي منڍ ۾ فرمائي ٿو:
”مسائل جي دين جا سي گهڻا ۽ گهاٽا،
سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا،
تنهي منجهان ڪيترا مون سنڌي ۾ لکيا،
ته سنڌي سکهي سڀڪو مان پهي سچ منجهان.“

(2) مضمون؛
مخدوم صياءُالدين صاحب بہ پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙوئي ڏوهيڙن جو سلسلو ڪم آندو آهي، جهرو ان وقت جي ٻين عالمن پنهنجن پنهنجن مذهبي ۽ اخلاقي ڪتاب وارن نظمن ۾ ڪتب آندو آهي؛ يعني ڪي چئن، پنجن يا وڌيڪ مصرعن وارا آهن. مثال طور ٻہ ڏوهيڙا هيٺ ڏکن ٿا:-
(1)
پهريون فرض جو ٿئي بعد بلاغت،
ايءُ ڪلمو آهي نبي اتي جو صاحب آهي سفاعت.“
(2)
”جي مڙيو هوءِ ڪنهن ماڳ ۾ پاڻي پاڪيزو؛
جي هوءِ سو ڏهه ۾ سوڌو عذيرو؛
اونهائي تنهن پاڻيءَ جي نريءِ جئن ڀريو؛
وضو غسل ان ۾ توکي رهيندو؛
پر ي پوءِ پليتي ان ۾ جئن تنهن ساءُ مٽيو؛
جان بوءِ ڪيائين بڇڙي ڪ سائو تنهن رنگو؛
ته وضو غسل ان مان عاقل ڪو نہ ڪندو.”

سنڌي:
مخدوم صاحب جي ڪتاب ۾ ڪي نڪرا نظم جا پيش ڪري انهن جي نثر لکجي ٿو، جنهن مان چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو، ته مخدوم صاحب جن، ڪهڙي نموني جي سنڏي ڪم آندي آهي.
ٻارن جي تعليم و تربيت جي شروعات
فرض آهي ماءُ پي تي سعي سوڏي تي،
تو موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏيءَ ست،
ته تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏيءَ مت،
راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت،
ڏهن ورهن جو جي ٿئي، ته ان ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن اسارو،
ته هڻج هڪلج ان کي متان او ٿئي امارو،
پڄي ڏات نماز جي سوڌو سنوارو،
سکج سنڀهج سانجهرو رات ۽ ڏينهاڙو،
ڪهه ڪلمو نبي تي ته ٿئين مسلم موچارو.

سنڌي (نثر)
ماءُ پيءُ سوڏيءَ ڀت سعي فرض آهي ته صغير (کي) وڏيءَ سٿ (واري) مڪتب ۾ موڪلي، (انهيءَ لاءِ) ته (هو) تابع (۽) طبيعت جو وڏيءَ مت وارو مومن ٿئي (۽ اهو) ٻالڪو رات ڏينهن نماز سين پريت ڪري. 2- (مائٽ کي گهرجي ته ٻار) جي ڏهن ورهن جو ٿئي، ته ان کي نماز نہ پڙهڻ جي صورت ۾ )مر ماري (مار ڏئي)، (۽) ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي. 3- جي (ٻار) ڪڏهن نماز (پڙهڻ) ۾ غافل ۽ اسارو ٿئي، ته ان کي هڻج ۽ هڪلج متان اومارو ٿئي، (انهيءَ لاءِ) ته سوڌو سنوارو نماز جي ڏات کي پڄي، رات ۽ سانجهرو سنڀهج ۽ سکج، حضرت بي (صلعم) جن تي ڪلمو ڪهه ته، موچارو ٿئين.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

(1104-1175 هجري مطابق 1690-1761ع)

”سڀ ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار،
سٻاجهو سڀئين پرئين ڏڏن جو ڏاتار.“
مخدوم محمد هاشم عليه الرحمته جا وڏا حارث خاندان جا عرب قريش هئا. سندس والد مولوي عبداللطيف ميرپور بٺوري ضلع ڪراچي ۾ رهندو هو، جتي تاريخ 10 ربيع الثاني سنه 1104 هجري ۾ مخدوم صاحب تولد ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد مولوي عبداللطيف وٽ حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٺٽي وڃي اول مخدوم محمد سعيد وٽ ۽ پوءِ مشهور عالم مخدوم ضياءُ الدين وٽ تعليم حاصل ڪري تحصيل ڪيائين.
سنه 1113 هجري ۾ مولوي عبداللطيف وفات ڪئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ مخدوم محمد هاشم، ٺٽي ۾ تعليم وٺندو رهيو. تحصيل ڪرڻ بعد پهريائين ميرپور بٺوري جي ويجهو محرابپور ڳوٺ ۾ اچي ديني تعليم جو مڪتب کوليائين. اتي جا ماڻهو مخدوم صحب جو قدر ڄاڻي نہ سگهيا: جيئن جيئن مخدوم صاحب خلق کي اسلامي حڪم تي هلڻ ۽ شريعت تي پابند رهڻ لاءِ تبليغ ۽ تاڪيد ڪندو رهيو، تيئن تيئن ماڻهو ويا سندس مخالف ٿيندا. نيٺ مخدوم صاحب محرابپور کي ڇڏي، لڏي پلاڻي اچي ٺٽي ۾ رهاڪو ٿيو ۽ اتي اچي پنهنجو مڪتب جاري ڪيائين.
ٺٽو ان وقت علم ۽ هنر جو مرڪز هو. منجهس جدا جدا فرقن جا وڏا وڏا عالم ۽ صوفي درويش رهندا هئا، ۽ علمي مجلسن ۽ بحث مباحثي جو چڱو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. مخدوم هاشم جو مڪتب بہ ٺٽي ۾ ڄمي ويو ۽ سندس مذهبي تقريرون ۽ تحريرون بہ ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. ٺٽي ۾ هيترن عالمن هوندي بہ اسلام جي اصولن جي بر خلاف ۽ غير شرعي ڪم تمام گهڻا ٿيندا هئا. اصل کان وٺي اسلامي حڪومتن جو دستور هوندو هو ته اسلامي اصولن ۽ شريعت جي پابنديءَ لاءِ حڪومت جي طرفان خلق تي سخت نظر داري رهندي هئي. پر مخدوم صاحب جي زماني ۾ حڪومت جي طرفان اسلامي اصولن ۽ شريعت جي پابنديءَ بابت خلق تي ڪابہ پڇا ڳاڇا ڪا نہ هئي. انهيءَ بابت مخدوم صاحب ان وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي دربار ۾ هڪڙي اثرائتي درخواست لکي، جنهن تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پارسي زبان ۾ هڪڙو پروانو مخدوم صاحب ڏي لکي موڪليو، جنهن موجب سڀ سرڪاري عملدار ۽ ڪامورا غير شرعي ڪمن بند ڪرائڻ لاءِ مخدوم صاحب سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ واسطي ٻڌل رهيا.
سنه 1135 هجري ۾ مخدوم صحب حج ڪرڻ ويو اتي بہ مڪي ۽ مديني جا وڏا وڏا علماءَ سندس خداداد لياقت جو داد ڏيڻ لڳا. حج تان موٽڻ بعد مخدوم صاحب سورت بندر ۾ مشهور خدا رسيده بزرگ سيد محمد سعدالله جو مريد ٿيو، جنهن خلافت جي پڳ بہ ٻڌايس. 1137 هجري ۾ وفات ڪئي سندس تربت مڪلي ٽڪري تي موجود آهي.

تصنيفات
مخدوم صاحب ڦوه جوانيءَ جي وقت کان وٺي پڇاڙيءَ تائين جيئن تعليم جو ڪم سر جوشيءَ سان ڪيو، تئن تصنيف جو به، اسلام جي جدا جدا اصولن ۽ مسئلن جي ڪشادي وقفيت ملڪ ۾ پکيڙڻ لاءِ ۽ مخالف راءِ وارن عالمن ۽ صوفين کي سنئين رستي تي آڻڻ لاءِ مخدوم صاحب عربي، فارسيءَ سنڌيءَ ۾ ڪل ڏيڍ سئو کن ڪتاب تصنيف ڪيا اهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1- تفسير تبارڪ (عربي) 2- تفسير عم و تبارڪ سنڌي 3- جنته النصيم في فضائل قرآن العظيم 4- الشفاءِ في مسئله الراءِ 5- اللوء لوء المڪنون من مدالسڪون 6- تحفته المغازي الجميح المقازي 7- رساله في وجوه قرآت ومن اهل الڪتاب 8- حيات القاري باطراف البخاري 9- اتخاف الا ڪابو في مروبات للشيخ عبدالقادر 10- نورالبصائر 11- غائته النيل في اختصار الاتحاف والذيل 12- الرحيق المختوم في وصل اسانيد العلوم 13- غنيته الظريف بجمع المرويات و العصاليف 14- نظم لجواهر بذيل اتحاف الا ڪابر 15- نورالعينن 16- بذل القوي 17- فتح القوي 18 وسيلته الفقيراليٰ اسماءِ البصير النذير 19- حديقته الصفااليٰ اسماءِ المصطفيٰ 20- ذريعته الوصل الي جناب الرسول 21- وليسته القبول في حضرت الرسول 22- مظهر النور في الصيام 23- حيات الصائمين 24- رشف الزلال في تحقيق في الزوال 25- فيضي الغني في تقدير صاع النبي 26- تصحيح المدرڪ 27- تهذيب الاصلاح 28- تنقيح الڪلام في تحرير خلف الامام 29- فرائض السلام 30- فتح الڪرام 31- سيد النطاق 32- تمام العنايت 33- درهم الصره في رفع الدين تحت السراه 34 توصيع الدره 35- معيار النقاد 36- الشفاءَ الدائم 37- ڪشف الدين عن مسلئه رفع اليدين 38- السيف الجلي عن ساب النبي 39- رساله في مسئله الشڪر 40- اجارته النجده 41- القول الانور 42- حيات القلوب 43- وصيت نامہ 44 فاڪهته اليستان 45- ذبح شڪار عرف راحته المومنين 46- وسيلته انغريب 47- الطريقته الاحمديه 48- زاد السفينته 49- تحفة الاخوان في شرب الدخان 50- بياض هاشمي.
مخدوم صاحب جي زماني ۾ سنڌي نثر لکڻ جو رواج ئي ڪونه هو، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب مخدوم صاحب جن لکيا آهن، سي سڀ جهوني نموني واري سنڌي نظم ۾ لکيا اٿن. مخدوم صاحب جي انهن نظمي ڪتابن مان اسين ”تفسير تبارڪ“ ۽ ”تفسير عم“ جو بيان تفسير واري خلاصي مضمون ۾ ڪنداسون. باقي هيٺين ڪتابن جو ادبي نظر سان هت بيان ڪريون ٿا:
1- فرض الاسلام 2- راحت المومنين عرف ذبح شڪار 3- زادا الفقير.
(1) فرائض اسلام
(الف) مضمون:
مولوي ابو الحسن، پهريائين سنڌي نظم ۾ ڪي اسلامي قاعدا ۽ اصول ٺاهيا، جي سنڌ ۾ خاص توڙي عام ماڻهن کي ڏاڍا سهوليت ڀريا ۽ دلپسند نظر آيا تنهن کان پوءِ سنڌ جي مولوين انهيءَ جهوني نموني واري سنڌي نظم ۾ پنهنجيون پنهنجيون تصنيفون تيار ڪيون.
مخدوم صاحب بہ فرائض الاسلام ڪتاب اول عربيءَ ۾ تصنيف ڪيو هو، جو پوءِ وري سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو اٿس. سندس فرزند مولوي عبداللطيف انهيءَ فرائض الاسلام جي منڍ م ديباچي طور ٿورا بيت ڳنڍي پوءِ ڪتاب ڇاپايو هو.
فرائض السلام جي معنى ئي آهي اسلام جا فرض. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب، اهي سڀ فرض سمجهايا آهن، جي هر هڪ مسلمان کي هن حياتيءَ ۾ بجا آڻڻا آهن.
فرائض الاسلام ۾ پهريائين سمجهائي ٿو، ته فرض ڇا کي چئجي؟ فرص جا مکيه ٻہ قسم آهن: هڪڙا ’اعتقادي‘ جن جو تعلق اعتماد سان آهي ۽ ٻيا ’عملي‘ جن جو لاڳاپو عمل يعني ڪري ڏيکارڻ سان آهي. ڌڻي تعالى جي پاڪ هستي ۽ ان جي وصفن ۽ صفتن تي ايمان آڻڻ، فرشتن جي هستي مڃڻ، الهامي ڪتابن کي سچو ڪري مڃڻ، سڀني نبين ۽ رسولن کي برحق ڪري مڃڻ، قيامت جي ڏينهن کي سچ سمجهڻ، چڱائي توڙي مڍائيءَ کي خدا تعالى جي طرفان ڪري مڃڻ، مرڻ بعد وري اٿڻ تي ويساه رکڻ، اهي ڳالهيون اعتادقي فرضن ۾ داخل آهن. وضو، غسل، تعليم، نماز، روزه، زڪوات ۽ حج سان تعلق رکندڙ فرض سڀ عملي فرض آهن. ڪل هڪ هزار ٻہ سؤ ٻاهٺ فرضن جا تفصيلوار بيان فرائض الاسلام ۾ ڏنل آهن.
(ب) مخدوم صاحب جو نظم:
مخدوم محمد هاشم صاحب جو اوائلي سنڌي نظم فرائض السلام ئي ٿو ڀانئجي؛ ڇاڪاڻ جو جيڪي پوءِ جا ٺاهيل نظم اٿس جهڙوڪ: ڪتاب زادالفقير ۽ ذبح شڪار، تن بنسبت فرائض الاسلام وارو نظم تمام سادو اهي، ڄڻڪ رڳو نثر نما نظم آهي، سڄي فرائض الاسلام ڪتاب ۾ ٻارهن هزار کن مصرعون آهن، تن مان سؤکن مصرعن ڌاران ٻيون سڀ مصرعون ”آ“ قافيه تي ٺهيل آهن. ”آ“ پڇاڙي وارو، سليس ۽ سادو قافيه بہ سراسر هڪجهرو ۽ درست ڪم آيل نہ آهي، مثال:
”ايمان با الله تعالى جا چوراسي فرض ٿيا،
سڻي ياد رکو تن کي هنئين منجهان را،
پهريون فرض ويساه وجود ڪري مولى،
ٻيو ايمان ان ڪري ته آهي واجب الوجودا،
ٽيون ايمان ان ڪري ته آهي هير موجودا،
چوٿون ته هو موجود مون ڌڻي آڳاٽو الهان،
هئڻ علم عظيم جو آهي هميشاه.“
”فرائض الاسلام“ جو مصنف ٺٽي ۾ گذاريندو هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ لاڙ جي ٻوليءَ جو ساڳيو نمونو ڪم آندل آهي، جهرو شاه ڪريم ۽ مولوي ابو الحسن جي ڪلامن ۾، تفاوت هي آهي، جو انهن ڪلامن ۾ بسنت فرائض الاسلام ۾ عربي ٻوليءَ جا الفاظ زياده انداز ۾ ڪتب آيل آهن. ان جا سبب هي آهن:
1- مخدوم صاحب عربي ٻوليءَ جو زبردست عالم هو ۽ ان جو واهپو بہ رات ڏينهن عربي ٻوليءَ سان هو، تنهن ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائيندي يا لکندي بہ رواجي عربي الفاظ ڪم آڻڻ انهن لاءِ معمولي ڳالهه هئي.
2- فرائض الاسلام ۾ نج مذهبي فرض فرض بيان ٿيل آهن، ت نهن ڪري انهن فرضن لاءِ مقرر ٿيل ۽ ساڻن تعلق رکندڙ خاص عربي لفظ مخدوم صاحب جن کي ضرور پنهنجي ڪلام ۾ بہ قائم رکڻا پيا.
فرائض الاسلام ۾ انيڪ نج سنڌي لفظ ڪم آيل آهن، جن مان ڪي لفظ، اڄ ڪلهه سنڌي جي ٻين ڀاڱن ۾ ته ٺهيو؛ پر خود لاڙ ۾ بہ ڪم ڪونه ٿا اچن، ۽ ڪي پراڻا لفظ اڃا لاڙ ۾ ڪم پيا اچن، پر هاڻوڪن سنڌي ڪتابن ۾ يا عام گفتگو ۾ ڪم پيا اچن. اهڙن پراڻن لفظن جي معلوميت لاءِ ڪي بيت ۽ مصرعون مثال طور ڏجن ٿيون:
عرش اپايئين ڪرسي، ’ڀونيون‘ آسمان
’هيڪ‘ ڄاڻڻ ان کي ته هي آهي فرض خدا ٻيو اعتقاد تن جو ڪرڻ ۽ قبولا.
بيان ان جو گذريو ’منجهه مهندئين‘ ڪلاما
’چوگاري‘ اکرن کي منجهه سڀڪنهن نمازا
رسيا نہ چئبا فرض کي ’هڏهين‘ هميشاه
ٽيون ايمان ان ڪري ته آهي ’هير‘ موجودا
پاڪ آهن سي مڙني پليتان فرشتن
توڻي ’سنهي ٿلهي‘ هوءِ ساتوڙي منيا بابت
(8) ڊيگهه’ويل‘اونهائي کان آهي سو پاڪا خدا تعالى
سڻڻ، سهڻ ٻيو، ٽيون ’ڳنڍڻ‘ تنهين کان بابت
ڪونهي ’وياءُ‘ تن جو نڪن والدا
سئون ته ڪي ملڪي کان سائين ’سانڍا ڪيا فرشتن
نائون ته ڪي ان منجهان مٿي دوز ’سانڍا‘
ارڙهون ’رهڪ‘ ملڪن جي اصلا منجهه سماءِ بابت
چوٿين صفت ايمان جي آڻڻ ايمانا
’وڌانويئون‘ ته اهي فرض ته جمعي نمازا
جي هوءِ پليتي سا ’نڱي‘ ماڳا جا.
(1) ڀونيون = زمينون (2) هيڪ = هڪڙو، پهريون (3) مهنديون = اڳيون (4) چوگارڻ = آهسته آهسته چوڻ (5) هڏهين = پٽيءَ مور (6) هير = هينئر (7) سنهي = پيشاب (8) ٿلهي = پاخانو (9) ويل = ويڪرو (10) ڳنڌڻ = سنگهڻ (11) وياءُ = اولاد (12) سانڍا = سانڍيندڙ، سنڀاليندڙ (13) رهڪ = رهڻي، رهڻ (14) ريٻارو = قاصد (15) وڌانويئون = نواوي (16) نڱي = نڪري.

(2) زادالفقير
مضمون:
ڪتاب ’زادالفقير‘ (درويش جو ثمر) مخدوم محمد هاشم جو سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ فقط روزه رکڻ بابت شرعي سمجهاڻيون ڏنل آهن. جيئن ته روزو درويش جي بابت ۾ صبر ۽ توفيق جو سچو پچو ثمر آهي، تنهن ڪري ڪتاب جو نالو ئي مخدوم صاحب جن رکيو آهي زادالفقير. هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب جن فرائض الاسلام تصنيف ڪرڻ کان ٻہ سال پوءِ مهيني رمضان سنه 1125 هجري ۾ تيار ڪيو هو. جڏهن سنديس عمر ايڪيهه سال هئي.
(1) مسئلا روزن جا آهن گهڻو اپار
جي ڪجي هيڪاندو تن کي ته ٿين هوند هزار
(2) تن منجهان ڪي ڪيترا مسئلا لکيام
ساري سنڌي وائيءَ ۾ لکي لک ڪيام
ورهه جا هجرت کان تنهن ڏينهن ليکيام
تان اڪاره سو پنجويهه هئا ۽ رمضان جا ايام
نسخو هي ناقص جو جڏهن ٿيو تمام
(3) عربي اڄاڻن کي گهڻو ڏهلي هوءِ
سنڌي ڪيم سکهي جان سکي سڀڪو
(4) ته مان مؤمن تن کي پڙهي ياد ڪن
جيڪي آهين ان ۾ سي مسئلا سکن
کڻي هٿ ’هاشم‘ کي مان ڪڏهن دعا ڪن
مان مرهي ڏوه ڏيهه ڌڻي ڏسي ڏهارين
جن تاري تڪيو ناهه ڪو نڪا ڇانئي ڇن
ري رحمت رحمان جي ٻيو ڪين ٻجن.
نظم:
’فرائض الاسلام‘ واري نظم بہ نسبت ’زادالفقير‘ وارو نظم وڌيڪ پختو، ميٺاج وارو ۽ نزاڪت ڀريو آهي. هن نظم ۾ مخدوم صاحب ڏوهيڙن پٺيان ڏوهيڙا رکندو ويو آهي. پوءِ ڪن ڏوهيڙن ۾ مصرعون (جئن اصل کان وٺي ڏوهيڙي لاءِ مقرر ٿيل آهن) ڪن ۾ ٽي، ڪن ۾ چار ۽ ڪن ۾ پنج بہ جوڙيندو ويو آهي. قافيو سڀني مصرعن جي پڇاڙيءَ ۾ رکندو ويو آهي.
زادالفقير جي ساي نظم قافيا بلڪل باقاعدي ۽ پختا رکيل آهن. جتي جتي پنجن مصرعن کان زياده مصرعون ڏوهيڙي ۾ رکيل آهن، اتي قافيو عمديءَ طرح ڪم آيل آهي. مثال:
”بقا ناهه بلاد کي دنيا ناهه دوام
اجل ٿو اوتون ڪري ٿي قريب قيام
سمر سندي ساٿيا ڪر هو تات تمام
ڊڄو ڊاءِ ڌڻيءَ جي آگي پر علام
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام
مڇڻ وسارا وهو اُڀيو منجهه اسلام
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام.
ڪٿي ڪٿي ”آ“ قافيو بہ ڪم آندو اٿس، پر انهن ۾ معنى ۽ زائد الفن جون قطارون ڪينهن.
مثلا:
مسئلا اسلام جا پڇي سڀ سکجا
پڙهي پاڙهيو تنکي جيڪي چيو خدا
ته ڪري رحمان رحمتون سٻاجهو سڀنئا
فرمايائين فرقان ۾ لاتقنطوامن رحمته الله
نه آهي رحمته ڌڻيءَ جي اپر اپارا
نڪو ڪنڌي پار تنهن نہ ڇهه نہ ڇا.
مٿي جيڪي ٻہ ڏوهيڙا لکيا ويا اهن. تن مان هي بہ آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو، ته زادالفقير جي نظم جي عبارت نزاڪت ۽ ميٺاج جي ڪري شاه ڀٽائي جي ڪلام جون سڪون پيئي لاهي.
”فرائض الاسلام‘ وانگر ’زاد الفقير‘ ۾ بہ ڪئين پراڻا نج سنڌي لفط هت ڏجن ٿا جي فرائض الاسلام ۾ڪم آيل نہ آهن. مثلا:
(1) ڳيڙهڻ = وٺڻ (2) ٻنگو = ڪپه جو ڪڪرو (3) مهلي = عورت (4) نمرو = تندرست (5) پاهيرو = چرڪو يا دير سان (6) سٻيري = بنهي ويلن جي ماني صبح ۽ شام (7) مهت = مسجد (8) مرهين = ماڳهين ضرور (9) ڏهلي = ڏکي (10) ٿوڪ = شئي (11) مهس = منجهس (12) ڳهون = ڪڻڪ.
(3) راحته المومنين يا ذبح شڪار
مخدوم محمد هاشم جو ٽيون سنڌي نظمي ڪتاب آهي راحته المؤمنين (مومنين جي آسودگي) يا ذبح شڪار (شڪار ڪيل جانور حلال ڪرڻ)
’راحته المؤمنين‘ جي ديباچي ۾ مخدوم صاحب لکڻ ٿو فرمائي:
”هاڻي سڻو مؤمنا هئين جن ڪنن:
ته آهي لازم دين جو سکڻ مٿي مڙن؛
عاقل بالغ جي ٿيا منجهان مؤمنين؛
اوءَ ور شريعت کي سدا ٿا سکن؛
حلال حرام سڀڪي ور ساريو سڃاڻن؛
ته ميڙي منجهه منهدئين مرڪن وچ ٻين.“
[2]
”هنئين منجهه حقير جي اچي وهم پيو:
ته ماڻهو مسئلا ذبح ۽ شڪار پڇڻ گهڻيرو؛
ڪي لکجي تن منجهان گهڻو جي ٿورو.“
[3]
”پر عربي آهي اهکي اٻوجهن اپار:
نڪا پروڙ پارسي جي ناموزن نبار؛
پوي نہ اڄاڻن کي ڪا سنڌيءَ بنان سار.“
[4]
تڏهن سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي عربيا؛
ته پڙهيس مومن سڀڪو سکي مسئلا؛
هڪڙو باب ذبح جو ٻيو شڪار لاءِ؛
آسر ڀريو آهيان مولى جي مهرا؛
ته مان ڪريم قبول ڪري ڪميني ڪنا؛
ڇهه نہ لڀي پانڌ ڪو آگي جي عطا؛
ان الله يغفرالله الذنوب جميعا آهي سٻاجهو سڀنئا”
’ذبح شڪار‘، ڪتاب مخدوم صاحب سنه 1130 هجري ۾ تصنيف ڪيو هو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ فرمائي ٿو:
”ڪاڻ اهل دين جي هيءُ لکيم رسالو؛
’راحته المؤمنين‘ سنڌي رکيم تنهن نالو.“
[5]
جنهن ڏينهن اچي تمام ٿيو هيءُ ناقص جو نسخو؛
ورهين سندو هجرت جو مون تنهن ڏينهن حساب ڪيو؛
تان اڪاره سؤ ۽ ٽيهه ورهيه ٿيا منجهس ڦير نہ ڪيو؛
”ميڙي مسئلا دين جا ڪيم هيڪاندا؛
ته نفع وٺن ڪڏهن ڪي مومن تن منجها؛
حق ۾ هن حقير جي پڻ ڪرين ڪا دعا؛
ڪر ڪو پڙهي بخشي فقير کي ڪڏهن فاتحا؛
آهي اميد ان ۾ عاصي کي اها؛
هادي ڪر ’هاشم‘ کي مؤمن منجها؛
لڏائين ايمان سين دلي دار ڪنا؛
جئن چئي هي پاڪيزو ڪلمو اچئون تو اڳيان.“
(الف) مضمون:
’راحته المؤمنين‘ ۾ مخدوم صاحب هيٺيون ڳالهيون کولي سمجهايون آهن:
[1] ڪهڙين حالتن ۾ ڪنهن جانور کي حلال ڪجي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ نہ ڪجي؟ [2] جانور کي حلال ڪرڻ وقت ڪهڙا ڪهڙا شرط بجا آڻڻا آهن؟[3] چوڌهن شرطن کان سواءِ ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهين حلال ڪرڻ وقت ڌيان ۾ رکڻ مستجب آهن ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون چوڪون ڪبيون، ته حلال ڪيل جانور جو گوشت کائڻ مڪروه ٿي پوندو؟ [4] ڪهڙين حالتن ۾ جانورن کي هروڀرو بہ حلال ڪرڻ گهرجي. [5] ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو گوشت کائڻ حلال آهي ۽ ڪهڙن جو حرام؟ [6] مڇيءَ کي ڪهڙين حالتن ۾ کائڻ حلال سمجهبو ۽ ڪهڙي حالتن ۾ حرام؟ [7] حلال جانور جا ڪهڙا ڪهڙا عصوا نہ کائڻ گهرجن. [8] حضرت نبي سڳوري صلعم جن ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو گوشت کاڌو هو؟ [9] ڪهڙن شرطن سان ڪنهن ڌاريل شڪاري جانور جو ماريل شڪار کائڻ درست آهي. [10] ڪنهن هٿيار سان ماريل شڪار ڪهڙين حالتن ۾ کائڻ درست آهي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ نا درست؟
(ب) نظم:
’راحته المؤمنين‘ وارو نظم بناوت، ميٺاج ۽ نزاڪت ۾ هوبهو ’زادالفقير‘ جي نظم جهڙو آهي. هن ۾ ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ۽ ڪي ٽن مصرعن وارا ۽ ڪي وڌيڪ مصرعن وارا آهن ۽ قافيه جي پختگي ۽ صنعتن جو سينگار بہ اهڙو ئي رکيل آهي.

مولوي عبدالخالق صاحب ٺٽوي

سندس تصنيف 1157 هجري برابر 1723ع

مخدوم محمد هاشم جو مريد ۽ پيارو شاگرد مخدوم عبدالخالق ٺٽي جو ويٺل هو. مخدوم محمد هاسم جي درسگاهه ۾ نائب معلوم طور تعليم بہ ڏيندو هو. ان بہ هڪڙو ڪتاب ”مطلوب المؤمنين“ نالي سنڌي نظم ۾ ٺاهيو هو، جو وري مخدوم محمد هاشم درست ۽ منظور ڪرڻ فرمايو. اهو ڪتاب سنه 1157 هجري ۾ تيار ٿيو هو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مصنف هئن ٿو فرمائي:
اڪثر هن سنڌيءَ ۾ جيڪي درج ٿيو؛
سو ”طريقه المحمدي“ ڪنا ميڙي مون لکيو؛
اهي عرض عالمن ڏونهه جي مولى ڪيا مليح؛
ته ڪنا نظر ڪرم جي ساري ڪن صحيح؛
منجهه تحقيق مسئلي جي مون پڻ وس ڪيم؛
پر انسان انهيءَ حال سين آهي نسيان ڀريو؛
جڏهين نسخو هي ناقص جو اچي تمام ٿيو؛
تڏهن منجهه خدمت مرشد پنهنجي وٺي آءٌ ويو؛
جو عالم، عارف، ڪامل، زاهد زماني جو؛
حاجي محمد هاشم نالو جنهن جو مولي مشهور ڪيو.
راتو ڏينهان رحمت رب جي شال شامل سيڻن هوءِ.
سين اهل اولاد سندن ۽ مڙن محبنئو؛
ڪري ستر ٻنهي جهان م سائين سٻاجهو؛
تان منجهس پنهنجي مهر سين ان پڻ نظر ڪيو.
پڻ جڏهين هي نسخو تيار ٿيو مولي جي مهرا؛
تڏهين نظر ڪيم ورهن ۾ ته ڪيترا هئا گذريا؛
تا اڪاره سو ستونجاه ورهه هجرت کي ٿيا.
”مطلوب المؤمنين“ سنڌي نالو تنهن رکيوم.
سنڌي وائي سهکي سڀئي پروڙين؛
عاصي”عبدالخالق“ کي دعا مان ڪرين.

مخدوم محمد هاشم کي اهو مطلوب المؤمنين ڪتاب اهڙو پسند آيو؛ جو پنهنجن ٻن رسالن (زادالفقير ۽ راحته المؤمنين) سان کڻي شامل ڪيائينس. اڄ تائين زادالفقير، راحته المؤمنين ۽ مطلوب المؤمين اهي ٽيئي رساله هڪڙيئي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپبا اچن ٿا.

مضمون:
مخدوم محمد هاشم ڪتاب فرائض الاسلام ۾ اهي سڀ ڪم سمجهائڻ فرمايا آهن، جي شريعت موجب سڀڪنهن مسلمان کي بجاءِ آڻڻ فرض آهن، پر مخدوم عبدالخالق اهي سڀ عمل ۽ اخلاق بيان ڪيا آهن، جي بجاءِ آڻڻ لاءِ قرآن شريف ۽ حديث ۾ حڪم ٿيل آهن ۽ جي نہ ڪرڻ لاءِ منع ٿيل آهي: يعني مطلوب المؤمنين ۾ نہ فقط فرض، بلڪل واجب، سنتون ۽ مستحب سڀ اچي وڃن ٿا. وڏي خوبي ان ۾ هيءَ رکيل اهي، جو هر هڪ عمل ۽ اخلاق جي بيان ۾ ان سان تعلق رکندڙ قرآني آيت يا حديث شريف جو حوالو بہ شامل رهندو اچي.
خدا تعالى جلشانہ ۽ حضرت پيغمبر ڪريم صلعم جن جا جيڪي حڪم آهن، تن سڀني کي گڏي نالو ڏنو اٿس ”اوامر“ ۽ جيڪي منعون آهن تن کي گڏي سڏيو اٿس ”نواهي“،”اوامر“ ۾ فرض، واجب، سنتون ۽ مستحب سڀ اچيو وڃن ٿا، ”*نواهي“ ۾ حرام (ناجائز ڪم ۽ ڳالهيون)توڙي مڪروهات(ڪراهت جهڙا ڪم ۽ ڳالهيون)سڀ شامل آهن.

(ب) نظم جو نمونو:
مطلوب المؤمنين جو نظم، بناوت بنسبت توڙي قافيه جي پختگيءَ جي ڪري توڙي عبارت جي نزاڪت جي لحاظ سان زادالفقير ۽ راحت المؤمنين جي نظم جهڙوئي آهي، مٿي جيڪي مضمون جي معلوميت لاءِ مثال طور ٽي ٽڪرا ڏنا ويا آهن، تن مان مٿيون حقيقتون بخوبي پروڙي سگهجن ٿيون.

(ت) صورت خطي:
ٻولي، جو نمونو توڙي صورتخطي جو نمونو مطلوب المؤمنين ۾ هوبهو اهو آهي، جو زادالفقير ۾ ۽ راحته المؤمنين ۾ آهي، ڪي پراڻا نج سنڌي لفظ هن ۾ اهڙا بہ آهن، جي زادالفقير ۽ راحته المؤمنين ۾ نہ آهن. مثلاً:
1- نڪڻي = نسورو 2- سورڻ = ٻهاري ڪڍڻ 3 - سهديا سهد = خوشي، چاه 4- چار = سڪ، شوق 5- مرهاتو = مرحوم، ڏوهن بخسيل، 6- هرورو = هلڪو، آسان 7- ڊاڍي = مڱڻهار، ڳائڻو 8- وانجهڻ = ڇڏي ڏيڻ 9- ورونهه = وندر 10- هئان = هتان وغيره.

مخدوم عبدالله

(1105 هجري مطابق 1736ع

مون سين ساٿ نہ سمرو سفر سخت سڄڻ
لک لوڏا لڪيون پرو ناه پنڌن” سورت يوسف“
مخدوم ’عبدالله‘ جنهن کي ”ميان موريو“ بہ سڏيندا هئا، سو ميان عبدالقادر جو فرزند هو. ميان عبدالقادر سنڌ جي مشهور عالم ميان ’ابو الحسن‘ جنهن جي ”سنڌي“ عالم آشڪار آهي، تنهن جو سڳو سؤٽ هو ۽ ٻئي ڄڻا هڪٻئي جا سالا ڀيڻيوا بہ هئا، يعني مخدوم عبدالله ميان ابو الحسن جو ڀاڻيجو هو.
مخدوم عبدالله جا وڏا ”ميان“ جي لقب سان مشهور هئا؛ پر هن پنهنجي علميت ۽ فضيلت جي ڪري ”مخدوم“ جو لقب حاصل ڪيو.
مخدوم عبدالله ٺٽي ۾ ڄائو هو ۽ ساري ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ هميشه عام خلق کي وعظ ڪندو هو. تنهن ڪري ”ميان عبدالله واعظ“ بہ ڪري سڏيندا هئس. هن سموري تعليم پنهنجي مامي ابو الحسن وٽ حاصل ڪئي هئي، جنهن جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو. ابو الحسن ڪيئن هن کي پنهنجي جيئري پيش امام ڪيو“ تنهٿن جو زڪر اسان اڳيئي ميان ابو الحسن واري باب ۾ ڏنو آهي.
تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي، ته ”مخدوم عبدالله جو وڏو ڀاءُ ميان محمد حفيط نهايت پرهيزگار نيڪ ٻانهو الله جو هو ۽ ان جي منهن ۾ خدا تعالى اهڙي نوراني تجلي رکي هئي، جو جيڪو غير مسلم ماڻهو ڏانهس فقط نهاريندو هو، سو خوشيءَ سان ڪلمو پڙهيو مسلمان ٿيو پوندو هو. اهڙيءَ طرح سوين مشرڪ، فقط ميان محمد حفيط جي منهن ڏسڻ سان مسلمان ٿي چڪا. مڪليءَ ٽڪريءَ جي دامن ۽ ڪالڪا ديويءَ جي مندر وٽ جيڪا اسلامپور نالي سان مسجد اڃا قائم آهي، سان ميان محمد حفيظ عليه الرحمته اڏائي هئي.“
مخدوم عبدالله، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمته جو همعصر هو ۽ ان کي خواه ان جي تصنيفات کي نهايت عزت جي نظر سان ڏسندو هو. هن مخدوم محمد هاشم جي وفات کان هڪ سال پوءِ ’ڪنزالعبرت‘ ڪتاب تصنيف ڪيو هو. ان ۾ جئن ٻين وڏن وڏن عربي ڪتابن مان سندون پيش ڪندو ويو آهي، تئن مخدوم محمد هاشم جي تصنيفات مان بہ سندون پيش ڪيون اٿس.
مخدوم عبدالله سنه 1175 هجريءَ جي رمضان شريف ۾ ’ڪنزالعبرت‘ ڪتاب لکي تيار ڪيو هو. مصنف پاڻ فرمائي ٿو: (ڪتاب جي شروع ۾):
”الاهي عبدالله چئي آءٌ ساريان سگهه نہ ڪا،
نه مون علم نہ عمل ڪي اي صاحب سٻاجها،
ڪريان جهد جنهن سين منجهه تنهنجي محبتا،
مگر قدر موجب پانهنجي ڪوشش ڪيم ڪا،
ڪو قدر حديثن حبيب صلعم جو ڪڍي ڪتاب نئا،
جوڙي اٿم جمع ڪيو ڪارڻ نصيحتا،
سنڌي ڪيم تنهن جي خالص لڳ خدا،
ڪيم هيڪاندا منجهه هن نسخي اقسام روايتن جا،
ڪي بخاري ۽ مسلم منجهان ڪي منجهان مشڪواتا،
ڪي ڪنان سنن ۽ معجم مان ڪي مسند منجهان.“

تصنيفات
1- ڪنزالعبرت، 2- بدر المنر، 3- غزوات، 4- نور الابصار، 5- صعت بهشت، 6- قمر المنير، 7- سنگ نامه، 8- تفسير يوسف، 9- شجاعت سيد الانام، 10- قصو سيدنا امير عمر جو اسلام آڻڻ، 11- خلفاءِ راشدين، 12- شهادت امام حسين.

ڪنزالعبرت

مضمون:
مخدوم عبدالله صاحب صحيح حديثن جي ڪتابن، انهن جي شرحن، تفسيرن ۽ فقہ جي معتبر عربي ڪتابن مان هيٺيون ڳالهيون چونڊي ”ڪنزالعبرت“ ۾ تفصيل سان سمجهايون آهن:
1- اسلام جي عمارت ڪهڙن پنجن ٿنڀن تي اڏيل آهي؟ (1-ڪلوم، 2- نماز، 3- روزو، 4- حج، 5- زڪوات) 2- ايمان جون شاخون ڪهڙيون آهن؟ سچي دل سان ڪلمون پڙهڻ ۽ پروڙڻ، خلق جي عام خير خواهي، حياءُ، پنهنجو ڏوه قبول ڪرڻ، حضرت پيغمبر ڪريم عليه الصلوات والسلام جن سان محبت، 3- ڪنهن بہ شخص جي گلا جا چار قسم (1- منع ٿيئڻ کان پوءِ بہ گلا ڪندو رهڻ ڪفر آهي، 2- گلا گناه سمجهي پوءِ بہ گلا ڪندو رهڻ فسق آهي، 3- رمز اشاري سان گلا ڪرڻ منافقي آهي. (ڪنهن ظالم ۽ بدڪار جي گلا ڪرڻ درست آهي). 4- نسب تي نہ مرڪڻ گهرجي، پر چڱن عملن تي مرڪجي تنهن بابت قرآن شريف جا حڪم ۽ حديثون نقل ۽ مثال، 5- محبت، خدا تعالى سان محبت ڪهڙن ڪمن ۾ ثابت ٿيندي” مومنن سان محبت رکڻ جون ريتيون غير مذهب وارن سان محبت رکڻ جا رستا. 6- ڪهڙين حالتن ۾ ڪنهن انسان کي قتل ڪرڻ وڏو گناه آهي؟ 7- زناءَ کان پري رهڻ بابت خدا تعالى جا حڪم ۽ حضرت پيغمبر ڪريم عليه الصلوات والسلام جن جا فرمان، 8- پرهيزگاري، اکين جي پرهيز، جسم جي پرهيز، قلب جي پرهيز، زال ذات لاءِ پرهيز جون حدون. 9- ڇوڪرن ۽ زالن سان عشق ارائڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ فقط رب تعالى جو عشق دل ۾ سانڍڻ. 10- پڻ جي عادت کان پاسو ڪرڻ بابت قرآن شريف ۽ حديثن جا حڪم، ڪهڙي سوالي4 کي خير ڏيڻ لازم آهي، هنر يا ڌنڌي ڪرڻ مان فائدا. 11- امانت ۾ خيانت ڪرڻ کان پري رهڻ بابت حڪم احڪام ۽ مثال، 12- راڳ ۽ ناچ جي منع بابت حڪم ۽ احڪام، 13- سماع ڪهڙن ماڻهن کي جائز آهي ۽ ڪهڙن کي ناجائز. 14- اوليائن تي ميڙا ملاکڙا ڪرڻ ۽ سکائن ڏيڻ بابت منع، قبر پرستي قبن کي اڏائڻ جي منع بابت حڪم احڪام- مقام ۾ زالن جي وڃڻ بابت سخت منع جا حڪم احڪام. قرآن شريف ۾ دعائن بخشڻ جو ثواب مئن کي پهچڻ درست آهي. مردن کي جائز آهي ته پنهنجن فوتي عزيزن جي زيارت ڪرڻ ۽ انهن کي ختما بخشڻ لاءِ وڃي، خاص ڪري جمع جي ڏينهن مقام ۾ زيارت ڪرڻ لاءِ وڃڻ وقت ڇا پڙهڻ گهرجي؟ ۽ ڪيئن وهجي اٿجي؟ 15- شراب، آفيم ۽ ٻين نشيدار شين جي منع بابت حڪم احڪام. 16- وياج وٺڻ بابت منع ۽ حڪم احڪام. 17- دنيا جي مال متاع سان ڪيتري قدر دل رکڻ گهرجي؟ 18- چڱي ڪم لاءِ سڀڪنهن کي عداوت انسان ذات سان. 19- اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو درجو. 20- علم حاصل ڪرڻ بابت قرآن شريف ۽ حديثن جا حڪم احڪام. 21- دين تي مستقيم رهڻ جا حڪم احڪام. 22- حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ نمرود ڪافر جو قصو. 23- حضرت موسى عليہ السلام جو سربستو احوال. 24- حضرت جرجيس نبي عليہ السلام جو احوال. 25- بيبي مريم عليہ السلام ۽ حضرت عيسى عليہ السلام جو احوال، 26- حضرت يحيى عليہ السلام جو احوال، 27- حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن ڪهڙيون ڪهڙيون جنگيون ڪافرن سان ڪيون ۽ ڪيئن؟ 28-حضرت صلعم جن جي شجاعت، 29- حضرت عمر رضي الله تعالى عنہ جن ڪيئن اسلام ۾ داخل ٿيا؟ 30- حضرت ابابڪر صديق رضي الله تعالى عنہ جي فضيلت. 31- حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات جن جو معراج شريف.

ڪنزالعبرت جلد ٻيو:
(1) ڪنهن بہ عبارت ۽ عمل ۾ رياءَ ۽ ڪوڙي ڏيک ڪرڻ کان منع بابت قرآن شريف ۽ حديثن جا حڪم احڪام، (2) نفاق يعني منافقيءَ کان منع بابت حڪم احڪام. (3) وضوءَ ۽ ڏندڻ ڪرڻ بابت حڪم. (4) تيمم بابت سمجهاڻي. (5) نماز جي حقيقت ۽ ان بابت حڪم احڪام. (6) روزن جي حقيقت ۽ انهن بابت حڪم احڪام. (7) زهد ۽ رياضت بابت سمجهاڻيون. (8) زڪوات جي حقيقت ۽ ان بابت حڪم احڪام. (9) زڪوات ڪهڙن ماڻهن کي ڏجي ۽ ڪهڙن کي نہ ڏجي. (10) صدقي خيرات جي حقيقت ان بابت حڪم ۽ احڪام ۽ مثال. (11) حج جي حقيقت ۽ ان بابت حڪم احڪام. (12) بيت الله جي ٺهڻ بابت حقيقتون. (13) حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي زيارت بابت. (14) حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي رحلت جو بيان. (15) حضرت جن يج حرمن جو تفصيل. (16) حضرت صلعم جن جي رحلت وقت اصحابن سڳورن جو تعداد (17) حضرت صلعم جن جي اولاد جو تفصيل. (18) انسان جا ڪهڙا حق هڪبئي تي آهن؟ ماءُ پيءُ جا حق. (19) استاد ۽ شاگرد جا حق. (20) زال ۽ مرد جا حق. (21) پاڙيسرين جا حق. (22) مهمان جا حق. (23) مسجد بابت حڪم احڪام. (24) مسجد اڏڻ بابت ثواب. (25) امامت ڪرڻ جو وڌيڪ لائق ڪير آهي؟ (26)ڪهڙا گفتا وات مان ڪڍڻ ڪفر آهي. (27) توبہ (پڇتاءُ) بابت قرآن شريف ۽ حديثن جا حڪم. (28) ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪبيرو گناه ليکجن ٿا (29) موت ۽ قبر جي حقيقت. (30) ميت واسطي رئڻ بابت منع جا حڪم احڪام. (31) محرم ۾ سيجن تابوتن ڪڍڻ ۽ رئڻ پٽڻ بابت حڪم احڪام. (32) شهادت جي درجي ۽ شهيدن جي ذڪر بابت هدايتون. (33) چئن يارن جي فضيلت جو مختصر مذڪور. (34) عام نصيحتون.
مٿئين تفصيل مان روشن آهي، ته جهوني زماني جا جيڪي ڪتاب عالمن سڳورن جدا جدا مذهبي اصولن تي لکيا آهن، تن مان گهڻن جي مضمونن جو حاصل مطلب نئين عبارت ۽ ڍنگ سان ”ڪنزالعبرت“ ۾ سمايل آهي. انهيءَ ڪري هي بيسڪ سچو پچو ”ڪنزالعبرت“ يعني عبرت جو خزانو آهي. مخدوم عبدالله صاحب هر هڪ مسئلي سان تعلق رکندڙ آيتون ۽ حديثون بہ معنائن سميت ڏيندو ويو آهي. نہ رڳو ايترو بلڪ هر هڪ مسئلي بابت حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي زماني يا اڳئين نبين جي وقت جا عملي مثال بہ ڏيندو ويو آهي. هتي نموني خاطر ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا:

(1)
علم حاصل ڪرڻ بابت تاڪيد
”کن ڪتابن ۾ انپر ٿا علماءَ،
طلب ڪري علم جي ري فرض سڀن تي آهه،
توڻي آهي مڙس سو توڻي عورت سان،
”طلب العلم فريضہ على ڪل مسلم و مسلمہ جو رسول خدا.
پڻ فرمايو فرقان ۾ ملڪ جي مولى
ته جيڪي مرسل انبياءَ مڪا مون هئا،
ته ڪرين اطاعت منهنجي امر جي مڃين فرمودا،
پڻ سيکاريائين سڀن کي علم دين هدا،
ٿي نہ هئي هاڃڙي هرگز ان ڌاران،
تي ڪي ڇڏي امر منهنجو وڻين ڪرين سا.“

(2) نظم جو نمونو
ڪنزالعبرت ڪتاب جو نظم قافيه نسبت اهڙو سادو آهي، جهڙو فرائض الاسلام ڪتاب جو شروع ۾ جيئن ”آ“ قافيو کنيل آهي. ”آهه“ ۽ ”آن“ کي بہ آ قافيه سان ملايو ويو آهي.

قمر المنير:
قمر المنير جي شروعات وارن بيتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مولوي صاحب، جڏهن پنهنجن ڪن پيارن عزيزن ۽ دل گهرين دوستن جي چالاڻن ڪري ۽ عزيزن خويشن جي اڻبڻت ۽ عداوتن سببان تمام غمگين ۽ ملول گذارڻ لڳو، تڏهن پنهنجي دل جي آرام ۽ ڏڍ لاءِ قمر المنير ڪتاب لکيائين ان جي شروعات وارن بيتن مان ڪي هت ڏجن ٿا.
”الاهي احسان سين ملڪ سندا ملڪن،
سڻ عرض عبدالله جو قادرسين ڪرمن،
حرمت حضرت رسول جي، عزت اصحابن،
ڪرڪو تدارڪ تنهن جو منجهان ئي مهرن،
جنهن کي ڏکن جا ڏيل ۽ پيا چاڪ چڪن،
ٻهر ٻاڦ نہ نڪري منجهه مچ ٻرن،
واڍوڙيو وجود کي سرهي اچي سورن،
گوندر مٿي گوندرين اڀر اوٿون ڪن،
موت مشڪلاتون مفارقتون هم غم هزارن.“
جيئن اڳئين زماني جا مصنف گهڻو ڪري ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڪتاب تيار ڪرڻ جو سال لکندا هئا، تيئن مولوي صاحب ”قمر المنير“ ۾ نہ لکيو آهي، جنهن ڪري چئي نٿو سگهجي ته اهو ڪتاب ڪهڙي سال جو ٺهيل آهي. جيڪو نسخو هن وقت اسان جي اڳيان آهي، سو تاريخ 14 ربيع الثاني سنه 1160 هجري برابر تاريخ 31 مئي 1854ع بمبئيءَ ۾ ڇاپيل آهي.
اصل عربي ٻوليءَ ۾ ”شرح سراج المنير“ ڪتاب حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي پاڪ زندگيءَ بابت معتبر تاريخ ۽ سيرت جو ڪتاب آهي، ان کي ميان عبدالله صاحب، سنڌي ۾ ڪري سندس نالو رکيو آهي. ”قمر المنير“ (روشن چنڊ).

مضمون:
”قمر المنير“ ڪتاب ۾ فقط حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جا اخلاق، اعمال، اقوال ۽ احوال بيان ٿيل آهن. مصنف ڪتاب جي شروع ۾ فرمائي ٿو:
”هاڻي سڻو مؤمنا هنئين جن ڪنن،
اوصاف احمد صلعم ڄام جا پار سندا پرين،
ته ڪهڙا رکايا رب هئا اخلاق عجيب منجهن،
سيد سونهاڻون تن سين جي صفتون سڻن سندين،
ته ڪر شفاعت ان مٿي نور نبين،
اوصاف افعال اڪمل جا سکي صحيح ڪجن،
جنهن ڪري سڃاڻجي سيد سندو سڀن،
ته ويتر ٿئي ورنهن ڏونهه محبت ڪنان مڙن،
پڻ ايمان ۽ اسلام بچي ڪنان آفتن.“

نظم:
مولوي ابو الحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، فرائض السلام، زادالفقير وغيره جهونن ڪتابن ۾ جيڪو سنڌي نظم ڪم آيل آهي، تنهن بنسبت قمر المنير ۾ ڪم آيل نظم نرالي نموني جو ۽ وڌيڪ پختو، ميٺاج ڀريل ۽ مزيدار آهي.
نرالي نموني جو هن طرح آهي، جو شاعر جيڪو قافيو ”آن“ پهرين بيت کان شروع ڪيو آهي، سو ساري ڪتاب ۾ نڀائيندو وڃي توڙ ڪئي اٿس. گويا سارو ڪتاب ئي هڪرو لمبو ڏوهيرو آهي، جنهن ۾ پنج هزار کن مصرعون آهن. وڏي خوبي هيءَ آهي، جو ڪن جزوي هنڌن ڌاران ٻيا سڀ قافيا پختا ۽ وزندار ڪم آيل آهن.
جيئن ته مخدوم عبدالله هڪڙي عاشق رسول جي حيثيت ۾ قمر المنير تيار ڪيو آهي، تنهن ڪري نزاڪت ڀريل تشبيهن، استعارن ۽ تمثيلات جو بہ گهڻو انداز ان ۾ ڪم آندو اٿس. طبيعت جي رواني ۽ فصيح بليغ عبارت جي مدنظر تي جهوني زماني جي ٻين عالمن شاعرن بنسبت مخدوم عبدالله صاحب بلڪل پخته پايه وارو شاعر پيو نظر اچي.
ڪتاب جي شروع ۾ زماني بابت
”عادت ئي احسان جي منجهان ٿي ماڻهن،
وڌا شڪ سڀن کي سرهي شيطانن،
مهر محبت لڏيو هجي نہ منجهه هنين،
پڇڻ ناهه پريت سين منجهان محبت،
ويا ڪر لاهو قلب جا پسي ڇاڻن،
ماڻڪ موتي تنهين مرتبو مان لهن،
جتي پاڪ پرا صراف هون سندن،
۽ راعي جي رڍن جا سچ منجهه سهڙن،
جوهر ياقوت جي سي ڪوهه قيمت ڇاڻن؟
هيري لعل فيروز جي پرک نہ پنوهارن،
لهي پاڙ پتل جي سون ري صرافن.“
واقعه نگاريءَ جو نمونو
معراج شريف واري براق جي تصوير

”نئن، پاتو پير رڪاب ۾ جان رحمت عالمن،
تان براق ڀڄي اڳهون ٿيو اڀي ته السب سندن،
پٿ نہ جهلي پنهنجي سو اڳيان عجيبن،
ڪري رقص رءِ پئي نچي سي نازن،
هينئڙي هڻڪار ڪري ڪڏي ڀر قدمن،
سهگو اڀي نہ ساٿرو مهندا مقبولن،
تئن حضرت جبرئيل هڪل ڪري ساڻ هيبتن،
چيس چٽيءَ زبان سين وڍي واڳ هٿن،
ڪونه ٿو سڃاڻين نبيءَ کي جو مهندار محبوبن،
جي گهڻو سڃانان گوهر ايءُ دادلو ڌنين،
مولي سندو محبوب جو، سو سڀئي سڃاڻن،
اکين تي آءُ گڻا پيرا رون پرين.
پر ڄاڻي ڪيم سرڪشي اي اڳيان عجيبن،
تان مون سين ڪري وعدو ورتهان پوءِ چڙهن.“
مٿين تڪرن مان ظاهر آهي ته سلاست، فصاحت ۽ بلاغت سان سارو ئي ڪلام سينگاريل آهي.
’سنڱنامي‘ سان گڏ ٻيا بہ چار رسالا شامل ٿيل آهن: (1) رساله ايمان مجمل ۽ ايمان مفصل، (2) نڪاح جي ترتيب ۽ خطبو، (3) ميت جو وقت وارڻ، (4) ميت جو ترڪو ۽ ورثو. انهن رسالن مان ميت جي وقت وارڻ واري رسالي جو مصنف مولوي عبدالرزاق نالي ڪو بزرگ آهي، ”سنڱنامو“ ڪهڙي سنه ۾ ٿيار ٿيو، سو دستور موجب منجهس ڏيکاريل ڪونهي، فقط هيترو احوال ڏنل آهي:
”هاڻي هن حقير چيو ڪن نيڪئا،
ته ڪي مسئلا محرما تن جا ۽ پڻ رضاع سندا،
۽ ڪي مسئلا طلاقن جا ڪي پڻ قسم سندا،
ڪڍي عربي فارسيان ڪر تون سنڌي واءِ،
ته نفعو رسي تن کي جي عاري عربيا،
نڪي ڄاڻن فارسي آهين نامورا،
تڏهن شروع ڪيم تنهن کي سان ٻيليپي الله،
آهيم اميد تنهن صاحب ڏونهه اهائي اصلا،
ته بخش ڪري گناهن کي سين پنهنجي مغفرتا.“

(1) غزوات
”غزوات“ لفظ جمع آهي ”غزوه“ جي، غزوه جي معنى جنگ، ڪتاب غزوات ۾ انهن جنگين جو مفصل احوال لکيل آهي، جي حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن پنهنجي ۽ پنهنجي همراهن جي بچاءَ ۽ اسلام جي حفاظت خاطر ڪيون.

(2) شجاعت سيد انام عليہ اصلوات والسلام
مجموعه جو ٻيو ڪتاب آهي.”شجاعت سيدانام“ هن رساله ۾ حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي بدلي طاقت ۽ پهلوانيءَ جو ذڪر ڏنل آهي.

(3) حضرت عمر رضي الله تعالى عنہ جو اسلام آڻڻ
مجموعه جو ٽيون ڪتاب آهي” حضرت عمر رضه جو اسلام آڻڻ“
”هاڻي ڪريون امير عمر جي ڪي اسلام ذڪرا،
ته ڪنهن پر آندو اسلام تنهن عادل عمر شاه،
جنهن جيهو مڪي منجهه ڪونه هو پهلوان شجاع،
جئن ڪنبندا سڀ قريش هئا تنهن هاتڪ جي هڪلا،
رئندا ٻار ماٺ ڪرين سڻي سندس اسما.“

(4) خلفاءَ الراشدين
مجموعه جو چوٿون ڪتاب آهي. ”خلفاءُ الراشدين“: ”خلفاءَ الراشدين“ جي معنى ”سنئين رستي تي هلڻ ۽ هلائڻ وارا جاءِ نشين“ حضرت صلعم جن جو فرمودو آهي ته:
الخلافت بعدي ثلاثون سنعه ثم تصير بعد ها ملڪا غضوضا
(مون کان پوءِ پورا ٽيهه ورهيه خلافت رهندي، تنهن کان پوءِ ڏنگيندڙ حاڪم ٿيندا رهندا.)
”حضرت جن جي انهي فرمودي موجب خلافت راشده (سنئين سواٽي خلافت) هن طرح آهي:
”موجب مذهب اهل سنت جماعت جي موافق حديثا،
آهين خلفاءَ الراشدين پنج ڄڻا سکي ياد ڪجاه،
هڪڙو ابابڪر صديق ٻيو امير عمر شاه،
ٽيون عثمان ذي النورين چوٿون علي مرتضيٰ،
پنجون خليفو پويون حضرت حسن مجتبى،
جنهن تي ٿيو ختم خلافت جو موجب حديثا،
تيلانهن حضرت معاويه بن ابي سفيان پڻ عالم لکن ٿا،
ته آهن داخل حاڪمن ۾ خلفاءَ الراشدين منجهان نہ آهه،
بلڪ هو خليفو ماعيوه سو امير حسن جي پاران“

(5) قصو شهادت حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنہ
مجموعه جو پنجون رساله آهي، ”قصو شهادت حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنہ:
حضرت امام حسين رضه جي وفات کان اٺ نون ورهيه پوءِ هجري سنه 60 ورهيه ۾ امير معاويه رحلت ڪئي. جيڪو عهدنامو حضرت امام حسن ۽ امير معاويه جي وچ ۾ ٿيل هو، تنهن موجب امير معاويه جي پٽ کي اسلامي ملڪن جون واڳون ملڻيون ئي ڪين هيون. ساري ملڪ جون امام حسن رضه کي يا ان جي وارثن مان ڪنهن کي واڳون ملڻيون هيون يا سڀني مسلمانن کي پنهنجو حاڪم ڪثرت راءِ سان چونڊڻو هو. پر يزيد انهي عهدنامي برخلاف پاڻ بادشاهه بڻجي ويهي رهيو ۽ زبردستي سان بہ ماڻهن کي بعيت مڃائڻ شروع ڪيائين.
”جئن جڏهن يزيد بن معاويه کي آئي خلافتا،
تڏهن امام حسين تنهن جي ڪئي بعيت نہ قبولا،
چي حڪم جو خلافت جو سو امر عظيم آهه،
تيلانهن سان فاسق کي اصلئون ڪين رهاءِ،
۽ نڪا بعيت تنهن جي اسين قبول ڪندا،
تنهن سببان چور سوير ۾ پيو يزيد ڪا،
تيلانهن ڪيائين قتال جو سين حضرت حسين شاه.“
يزيد صلحنامي جي بہ خلاف ملڪ جو مالڪ بڻجي ويٺو، تنهن کان سواءِ سندس هلتون چلتون بہ شريعت جي برخلاف هيون.
”جئن تحقيقي جيڪي اصحاب ان وقت ۾ هئا حياتا،
ڪ اولاد تن اصحابن جو ڪ تابع تن سندا،
ته سي سڀ هئا ٻاهر يزيد جي اطاعت ڪنان،
منڪر هئا مڙئي بيعت سندس جا،
ڪندو سو مٺايون ۽ پڻ ڪم چا،
جهرو پيئڻ خمر جو ڪ ترڪ نمازا،
ڪ حلال ڄاڻن حرام کي ڪ طلم فسق زنا.“
حضرت امام حسين رضه ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي بزرگن يزيد جي بعيت کان انڪار ڪيو. يزيد کي سڀني انڪار ڪندڙن کان اڳ ۾ حضرت امام حسين رضه سان مقابلو ڪرڻو هو، ڇاڪاڻ جو ان مان ئي پنهنجي حڪمرانيءَ لاءِ خطرو هوس.
يزيد پنهنجي ڇاڙتن جي معرفت ڪوفہ جي ماڻهن سان بندوبست ڪيو. ڪوفہ جي ماڻهن دل ۾ دعا رکي حضرت امام حسين کي ويساه ڏيئي ڪوفہ ۾ گهرايو. امام صاحب رضه جڏهن عربستان جون حدون ڇڏي عراق جي ڪربلا ميدان ۾ آيو، تڏهن يزيد جو لشڪر چوڌاري وڪوڙي ويس، امام صاحب سان ٻار ٻچا ۽ ڪل ٻاهتر همراه هئا، يزيد جو لشڪر هزارن جي تعداد ۾ اچي ڪڙڪيو، امام صاحب ۽ ان جي همراهن اتي سهادت حاصل ڪئي. سندن سر مبارڪ ۽ ٻار ٻچا بي حرمتي سان يزيد وٽ دمشق ۾ وڃي پيش ڪيائيون.
حضرت امام حسين جي شهادت جو واقعو 9۽10 محرم هجري سنه 61 ۾ ٿيو.شهادت وقت حضرت امام صاحب جي عمر ستونجاه ورهيه هئي.
سندن ٽي فرزند ۽ ٽي نياڻيون هيون. ڪربلا جي واقعي کان پوءِ سندن فرزندن مان فقط هڪرو حضرت امام زين العابدين رضه بچيو، جو ميدان ڪربلا ۾ بيمار ۽ ضعيف هو، دنيا ۾ اولاد بہ فقط ان جو ئي رهيو.
”آخر ٿيندي تيهين جيڪا رب رضا،
پسو جنهن پو اوچتي جاري ٿئي قضا،
دوس ڪهائي دشمن هٿان کرن کير پياءِ،
ڏي بادشاهيون بيڪارن کي اشراف ڪري اڀرا،
ڪونه پروڙي ڪريم جو ايءَ علم حڪمتا.“

شاه عبداللطيف ڀٽائي

(1689ع – 1752ع)

”ڇو وڃين وڻڪار، هت نہ ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچي ٻي پار،
ٿيءُ سي ٻڌ سنڌورو، پرت پريان سين پار،
تائين نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

شاهه عبداللطيف جنهن کي شاهه ڀٽائي جي نالي سان سڏجي ٿو، سو سيد شاهه حبيب جو فرزند هو. سنڌ جو مشهور ولي، سيد عبدالڪريم بلڙي وارو سندس پڙ ڏاڏو هو. جئن ته شاه عبداللطيف بن سيد شاه حبيب بن سيد عبالقدوس بند سيد جمال شاهه بن سيد عبدالڪريم.
شاهه ڀٽائيءَ جا وڏا مائٽ امير تيمور جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيا هئا ۽ حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقه ۾ اچي رهاڪو ٿيا هئا. شاه ڀٽائي ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ (جو ڀٽ کان نَو ڪوهه پري هو). سنه 1102هجري برابر سنه 1689ع ۾ ڄائو هو. سندس ڄمڻ کان پوءِ شاه حبيب لڏي اچي ڪوٽڙي ڳوٺ ۾ ويٺو، جو ڀٽ کان ٻہ ڪوهه پري هو. شاهه ڀٽائي ڄائي ڄم کان اندر جي سوجهري وارو ۽ فطرتي شاعر هو، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ظاهر تعليم ڪا واجبي ورتي هئائين، ته بہ هو فارسي ۽ عربي علم ۾ ماهر ۽ ٻين بہ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڀڙ هو.
شاه صاحب ننڍي هوندي کان ئي گوشه نشينيءَ کي پسند ڪندڙ فقيري چال چلت وارو انسان هو. ويهن ورهين جي عمر ۾ شادي ڪئي هئائين. پر اولاد ڪونه ٿيس.
شاه صاحب جوڳين ۽ فقيرن سان گهڻا سير ڪيا هئا ۽ جدا جدا هنڌن جا قدرتي نظارا اندر جي اکين سان جاچي ڏٺا هئائين. جئن جئن عمر ۾ پڪو ٿيندو ويو، تنئن تئن سنديس روحاني طاقت زور وٺندي ۽ سندس ڪلام ۽ راڳ ويا ماڻهن جي دلين کي ڪشش ڪندا، جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن سندس مريدن ۽ فقيرن جو انداز ويو وڌندو.
سنه 1742ع ۾ شاه حبيب وفات ڪئي، تنهن کان پوءِ شاه عبداللطيف ڪوٽڙيءَ مان لڏي ڀٽ تي اچي آستان ڪيو. هجري سنه 1165ع برابر سنه 1752ع ۾ صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ شاه عبداللطيف رحلت ڪئي. سال بسال انهيءَ تاريخ سندس قبي تي ميلو لڳندو آهي.
شاه ڀٽائي صوفي طريقي جو ڪامل درويش ۽ سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ليکجي ٿو. سندس گڏي ٿيل ڪلام کي شاه جو رسالو سڏبو آهي.
شاه صاحب جي ڪلام تي اڳين شاعرن جو اثر
مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته شاه صاحب کان اڳ ۾، سنڌ ۾ گهڻو ئي شعر هو. قاضي قاضن، سيد عبدالڪريم، ابو الحسن، مخدوم محمد هاشم ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ۽ مضمون جي مدنظر تي ڪيتروئي شعر لکيو جو سنڌ ۾ موجود آهي.
قديم وقت کان وٺي هندستان جي شعر جي طرز آهي ”دوها“ يا ”دوهرا“، جنهن کي سنڌي ۾ چئبو آهي ”ڏوهيڙو“، ”دوهرا“ جو مثال ٻن سٽن وارو شعر آهي. جيئن ته مثال:” جو آيا جگت ۾، سراهي توءِ- ايسي ڪرتي ڪر چلو، ڇاپي نہ هنسي ڪوءِ.“ ڪبير صاحب ( جڏهن دني ا۾ آيو آهين، تڏهن جڳ ۾جس حاصل ڪر، اهڙيءَ طرح حياتي گذاري وڃ، جو پٺيان ٺٺوليون نہ ٿينئي).
”نانڪ گورو نہ چيتني، من آپڻي سچيت،
ڇتي تل ٻهاڙ جئه سڃي اندر کيت.“
(گرو نانڪ صاحب)
(جيڪي ماڻهو پاڻ کي سچيت سمجهي سچي سائين کي ياد نٿا ڪن، سي ترن جي گلن وانگر سڃيءَ ٻني ۾ ڦٽا ڪيا وڃن ٿا.)
”کيتي اندر ڇٽيا، ڪهه نانڪ سئه ناهه،
ڦليئهه ڦليئهه بڙي ڀي تن وڄ سئاهه.“
(گرونانڪ صاحب)
ٻنيءَ ۾ ڦٽيون ڪيل ترن جون کلون نڪميون هئڻ ڪري، ٻنين جا مالڪ ڪم ۾ ئي نٿا آڻين. اهي کلون رڳو ٻاهران چکيون چکيون پييون نظر اچن، پر سندن اندر رڳي رک آهي.“
قاضي قاضن سيد عبدالڪريم ۽ ميان ابو الحسن جن جو سنڌي ڪلام ”دوهرا“ جي طرز تي آهي ۽ شاه ڀٽائي بہ پنهنجي ڪلام جي ساخت انهن شاعرن جي طرز تي قائم رکي آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه ڀٽائي کي هندي دوهرن سان دلچسپي رهندڙ فقيرن جي صحبت جي ڪا بہ ڪمي ڪا نہ هئي (ڏسو شاه جو رسالو سر بروو هندي) ۽ شاه ڪريم جي ڪلام سان بہ اهڙي دلچسپي هوندي هيس، جو اهو ڪلام هميشہ پاڻ سان هوندو هوس. تنهن ڪري پاڻ بہ جيڪو ڪلام چيو اٿن، سو ڏوهيڙن ۾ چيو اٿس.
اصلوڪن هندي دوهرن يا قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جن جي ڏوهيڙن مان هر هڪ ڏوهيڙي ۾ ٻہ مصرعون آهن. ٻنهي مصرعن جا قافيا، ڪن دوهرن ۾ ٻيءَ يا چوٿنيءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندا آهن ۽ ڪن ۾ پهرينءَ ۽ ٽينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾.
مثال 1- (ٻيءَ ۽ چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ قافيه)
”ڪبير سرير سراءِ هي، ڪيون سوکي سک چين.“
ڪوچ نگارا سانس ڪا، باجت هي دن رين.“
اي روح هي جسم مسافرخانو اٿيئي، تنهن ۾ غافل ٿيو ڇو سمجهيو پيو آهين؟ تون رات ڏينهن، جي پساهه پيو کڻني، سي سمجهه ته لڏڻ جي تياريءَ لاءِ نغارا پيا وڄنئي.
”ڪنز ڪدوري قافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ”
(قاضي قاضن)
”چارئي پلؤ چڪ ۾، پڇين پاريهر وٺ،
اِن اهڙي احتياط سين، ڦٺ پڄاڻان ڦٺ.“
(شاهه ڪريم رح)
شاهه ڀٽائي صاحب جن جي ٻن مصرعن وارن ڏوهيڙن ۾، ٻيءَ تڪ ۾ قافيه ڪم آندو آهي، تن ۾ ٻيو قافيو وري ٽئين تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ اٿس، نہ مٿين مثالن وانگر چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ جيئن ته:
ائين وسهڻ ۾ ايندو آهي، ته شاهه ڀٽائيءَ ”دوهرا“ ۾ ڦير گهير ڪئي آهي، جو ان ۾ ٻن مصرعن جي بدران ٽي، چار، پنج بلڪ ڏهن تائين مصرعون بہ ڪم آنديون اٿس. مگر اسان جي تحقيقات مان معلوم ٿو ٿئي، ته شهاه ڀٽائيءَ کان اڳ ڪيترن ئي هندي زبان جي شاعرن ٽن، چئن، پنجن بلڪ ڏهن ٻارهن تائين بہ ڏوهيڙا ڪم آندا آهن. سنڌي نظم ۾ شاهه ڪريم بہ ٽن مصرعن وارا بيت چيا آهن. (ڏسو رساله ڪريمي، بيت نمبر؛ 98 ۽ 56) ۽ ميان ابو الحسن بہ ٽن، چئن، پنجن بلڪ ويهن کان مٿي مصرعن وارا ڏوهيڙا پڻ ڪم آندا آهن. هندي شاعرن مان اسين مثال خاطر فقط ٻن درويش شاعرن جا ڏوهيڙا ڏيون ٿا. هڪڙو ڪبير صاحب (1388ع کان 1462ع تائين) جو شاهه ڀٽائي کان ٽي سو ورهيه اڳ ٿي گزريو آهي ۽ ٻيو گرونانڪ صاحب (1469کان 1521ع تائين) جو شاهه ڀٽائيءَ صاحب کان ٻہ سو ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي. سنڌي شاعرن مان ميان ابو الحسن، جو شاهه ڀٽائيءَ جي وقت کان ٿورڙا ورهيه اڳ گذري ويو هو، تنهن جي ڏوهيڙن مان مثال ڏيون ٿا:
1- ”باره برس ٻالپن بيتي؛
بيس برس ڪڇ تپ نہ ڪيئو؛
تيس برس ڪڇ ديو نہ پوجا؛
ڦر پڇتانا برڌ ڀيئو؛
ميري ميري ڪرتي جنم گيو؛
سائر سوگ ڀنجب ليئو.“
(ڪبير)
(غافل انسان جا ٻارهن ورهيه ٻاپلڻ ۾ گذري ويا ۽ ويهن ورهين تائين ڪا بہ رياضت نہ ڪيائني. ٽيهه ورهيه گذريا، ته بہ خدا تعالى جي بندگي نہ ڪيائين، پوءِ پڇتائيندي اچي پيرسن ٿيو. ”منهنجو، منهنجو“ ڪندي ساري عمر گذري ويس، تان جو ٻانهن جو ٻل ٻڍاپڻ اچي کسي ورتس.)
2- سارو دن ڌولت ٻن مهيئا،
اجهه نہ پيٽ اگهئيهي،
جن ڀڳتن ڪو ڪهو نہ مانو،
ڪيئو اپنجو پئيهي،
دک سک ڪرت مها ڀرم ٻرڌو،
انڪ چون ڀر سئيهي،
رتن جنم وئيو پرڀ بسر بو،
ايهه اوسر ڪت پت پئيهي،
ڀرمت ڦرت تيلڪ ڪي ڪپ جئه،
گت بن رين ٻئيهي،
ڪهت ڪبير رام نام بن،
مسونڍ ڌني پڇتئهي.“
(اي مورک سارو ڏينهن پيو جنگ ۾ گهمين ڦرين، ته تنهنجو پيٽ نہ ڀريو سو نہ ڀريو، جن موريو فقيرن ۽ درويشن جي نصيحت نہ مڃي، سي پنهنجو ڪيتو لوڙين ٿا. تون ڏکن کي سک سمجهي، وڏي ڀرم ۽ وهم ۾ ٻڏو پيو آهي، ۽ انيڪ جوڻين ۾ ڀٽڪندو وتين ٿو. ڌڻي سڳوري کي وساري، پنهنجو بي بها انساني جنم ناس ڪيو اٿيئي، هاڻي وري اهو وقت توکي ڪڏهن هٿ ايندو؟ تون چاڪيءَ جي ڏاند وانگر بنا حاصلات پنهنجي حياتيءَ جي رات ڦيرين ۽ چڪرين ۾، اجائي برباد پيو ڪرين. ڪبير صاحب فرمائي ٿو: ته ڌڻيءَ جي نالي ياد ڪرڻ ڌاران، توکي سر ڌوڻي پڇتائڻو پوندو).
”سنمل رک سرائر، ات ديرگ، مچ ات؛
اوءِ جه آوه آس ڪر، جاهه فراسي ڪت؛
ڦل ڦڪي ڦل يڪبڪي، ڪم نہ آوه پت؛
مٺت نيوي نانڪا، گڻ چنگائ ٿيئان تت.“
(گرو نانڪ)

(صنوبر وڻ تمام سنئون سڌو، ڊگهو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، پر جيڪي مٿس کاڌي جي آس رکيو اچيو ويهن ٿا، سي نااميد ٿيو ڇو ٿا اڏاميو وڃن؟هن ڪري جو ان جو ڦل بي سواد ۽ گل اوگرو ٿئي ٿو، ۽ سندن پن ڪنهن ڪم جا نہ آهن. گرو نانڪ صاحب فرمائي ٿو: ته اهڙن وڏن لنبن وڻن کان، نميل يعني ننڍڙو ۽ مٺن ڦلن وارو وڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ جو گڻن ۽ چڱاين جو سار منجهس آهي.
ميان ابو الحسن جي سنڌيءَ وارو ”مقدمة الصلوات“ اهڙن ڏوهيڙن سان ڀرپور آهي. منجهس ٽن مصرعن وارن ڏوهيڙن کان وٺي ويهن ٽيهن مصرعن وارن ڏوهيڙن تائين موجود آهن.
ان مصرعن کان وڌيڪ مصرعن وارن هندي ڏوهيڙن، ۽ ميان ابو الحسن جي سنڌيءَ وارن ڊگهن ڏوهيڙن جي وچ ۾ قافيه بنسبت ڪو بہ تفاوت ڪونهي. جئن هندي ڏوهيڙن جي سڀني مصرعن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو رکيو آهي، تئن ميان ابو الحسن جي ڏوهيڙن ۾ بہ آهي. مگر شاهه ڀٽائيءَ صاحب جا جيڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن کان وڌيڪ مصرعن وارا آهن، تن ۾ پڇاڙيءَ واري مصرعن جي وچ ۾ قافيه رکندو ويو آهي. جيئن ته:
”ڪارا ڪن،ڪاري نڳي، جتي ڪاريهر ڪڙڪا،
مئي متي مهراڻ ۾، اچن دوپارا ڌڙڪا،
ويندي ساهڙ سامها، جهول ڏنس جهڙڪا،
کرڪن جا کڙڪا، سونها ٿيئڙس سير ۾.“
”ڏاگهنئون ڏيرن، جي آندا بره ڀنڀور ۾،
هڻي چيل چرا ڪيا، وهه پئي وهڙن،
کڙي کڙڪو ان جو، هوند ستي سئو سڀن،
ڏاندن ساٿ سيد چئي، پياديون پهچن،
جن جو پير لڳو نہ پٽئين، تن آيم ساڻ اٺن،
گنگن ۽ جنگن، مند آسونهين ميڙئين.“

مٿين هندي ۽ سنڌي مثالن مان يقين ٿوي ته ٻن مصرعن کان وڌيڪ ڏوهيڙي جي ايجاد شاهه ڀٽائي صاحب نہ ڪئي آهي، پر اڳيئي هندي شاعرن ۽ سنڌ ۾ ميان ابو الحسن اها ايجاد ڪري ڇڏي هئي. شاهه ڀٽائيءَ صاحب فقط قيترو ڪيو، جو ڊگهن ڏوهيڙن ۾ پڇاڙيءَ واري مصرعجي وچ ۾ قافيو، ڪم آندو اٿس، جو ڳائڻ جي مدنظر تي سٺو ۽ سوادي پيو لڳي.
شاهه ڀٽائي صاحب جا همعصر شاعر، جن مذهبي مسئلا سنڌي ڏوهيڙن ۾ لکيا هن. جهڙوڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالخالق، مخدوم عبدالسلام وغيره. تن مان ڪن پنهنجن ڊگهن ڏوهيرن ۾، هندي ڊگهن ڏوهيڙن ۾ ميان ابو الحسن جي ڏوهيڙن وانگر، سڀ قافيا مصرعن جي پڇاڙين ۾ رکيا آهن، ته ڪن شاهه ڀٽائيءَ جي ڏوهيڙن وانگر، پوئين مصرع جي وچ ۾ قافيو ڪم آندو آهي. باقي شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ، جيڪي ويجهڙي وقت ۾ شارع پيدا ٿيا، جهڙوڪ: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سائين سرمست، درويش صديق فقير صوفي، سامي وغيره تن سڀني پنهنجن ڏوهين ۾ قافيه انهيءَ ترتيب سان ڪم آندا آهن. انهيءَ وقت کان پوءِ اڄ تائين پوئين مصرعن جي وچ ۾، قافيه ڪم اچڻ جو رواج هليو اچي ٿو.
شاهه ڀٽائي صاحب جي جيڪا ايجاد آهي، سا آهي وائي، وائي يا ڪافي شاهه ڀٽائيءَ کان اڳ ڪنهن بہ سنڌي شاعر ڪا نہ ٺاهي هئي. البته شاهه صاحب جي همعصر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي بزرگ جيڪي مولدو ٺاهيا آهن، سي ساخت ۽ب ناوت بنسبت وائيءَ جهڙائي آهن، تفاوت رڳو هي آهي، جو وائيءَ ۾ سنئون سڌو مجازي عشق ۽ حقيقي محبت جو مضمون ڀريل آهي، ۽ مولود ۾ خاص طرح پيغمبري پريت، يا عشق رسول الله صلعم ڳايل آهي. شاهه ڀٽائيءَ هجري سنه 1165 ۾ رحلت ڪئي آهي، ۽ مخدوم عبدالرؤف سنه 1166 هجريءَ ۾. ٻئي وڏيءَ عمر وارا ويجها پاڙيسري هئا، پوءِ خبر نہ آهي، ته ”وائي“ اڳ ۾ ايجاد ٿي يا ”مولود.“
در حقيقت وائي يا موود جي ساخت جو نمونو خواه سندس عاشقانه مضمون هندستان جي قديم راڳ ”ٺمري“ تان ورتل آهي. ”ٺمري“ ۾ پهريائين ”آستائي“ يعني: ”ٿل“ هوندو آهي ۽ پوءِ وري ”انترو“ هوندو آهي. ”انتره“ جي معنى آهي حشويا ڀراءُ، جنهن کي مصرع بہ چئبو آهي.

شاهه صاحب جي مضمون تي ٻيج جو اثر
شاهه ڀٽائيءَ جي زماني ۾ تصوف ۽ فقيريءَ ڏانهن ماڻهن جو خاص چاه ۽ دلچسپي هوندي هئي. صوفين جي سرتاج مولانا جلال الدين رومي جي ”مثنوي“ جنهن ۾ روحاني راز ۽ تصوف جا مسئلا سٿيا پيا آهن، تنهن سان شاه صاحب جي اهڙي دل هوندي هئي، جو ”رساله ڪريمي“ سان گڏ اها بہ هميشہ پاڻ سان رکندو هو. فقيراڻن هندي دوهرن مان بہ شاه صاحب خوب واقف هو، تنهن ڪري شاه صاحب جي ڪلام جو مضمون خاص طرح صوفيانه آهي. جيتري قدر شاه ڪريم جي ڪلام جو مضمون مثنوي شريف جي رنگ ۾ رتل آهي، تنهن کان ڪيترائي درجا زياده شاه ڀٽائي جي ڪلام ۾ مضمون ۽ عبارت مثنوي شريف جي اثر ۾ رتل آهن۔
شاهه صاحب جا ڪي ڪي ڏوهيڙا ته اهڙا آهن، جو ڄڻڪ مثنوي شريف جي بيتن جو ترجمو آهن؛ پر درحقيقت اهي ترجمو نہ آهن. فقط مثنوي شريف سان دلچسپيءَ جو اثر آهن. مولانا رومي مثنوي شريف شروع ڪرڻ وقت چوي ٿو ته:
بشنو از ني چو حڪايت مي ڪند
وز ز جدائيها شڪايت ميڪند
(نڙ پيو وڄي، تنهن جو آواز ٻڌ، هو فراق جون دناهون پيو ڪري.)
مولانا رومي، مٿئين بيت ۾ پنهنجي وجود کي ”نڙ“ سان مشاهبت ڏئي ٿو، جو ڦوڪ اچڻ تي درد ڀريو آواز ڪندو آهي. نڙ واري ڪاٺي پنهنجي وڻ (ٿڏي) کان ڪپجي ڌار ٿيندي آهي، تڏهن ڦوڪ سان آواز ڪندي آهي، جيڪڏهن ان کي اصل ٿڏي کان ڪپي ڌار نہ ڪجي، ته جيڪر منجهانئس آواز ئي ڪونه نڪري. اهڙيءَ طرح سچن عاشقن جو روح بہ حق جي ذات پاڪ کان وڇڙي، هن جسم ۾ اچي ڦاٿو آهي، تنهن ڪري ئي درد جون دانهون ٿو ڪري. ساڳيو مضمون شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ٿو آڻي:
”وڍيل ٿي واڪا ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون ٿي هاري.“
مثنوي شريف ۾ چيل آهي ته:
”هر که را اسرار حق آموختند،
مهر ڪردند و دهانش دوختند.“
(جنهن کي خدائي راز معلوم ڪرائن ٿا، تن جو ڪڇڻ پڇڻ بند رکندا آهن، شاه صاحب ساڳيو مضمون هن طرح ڪم آندو آهي:
”سکي سوريءَ چاڙهيا، بينا ڪن نہ بات،
توڻي ڪسن ڪات، ته بہ ساڳي سلن ڪينڪي.“
[2]
”برقعان اندر بازيون پنهنجون سڀ پڇاءِ،
لڇڻ لئون لطيف چئي، پڌر هڏ ۾ پاءِ،
متان لوڪ لکاءِ- وصالان وچ پئي.“
مولانا رومي فرمائي ٿو :
”هر ڪجا تو با مني من خوشدلم،
ور بود در قعر گوري منزلم.“

(اي حقيصقي محبوب، تون جتي بہ مون سان هوندي، اتي آءٌ خوش گذاريندس، پوءِ کڻي قبر جي تري ۾ هجان) شاه صاحب وري هن طرح ٿو فرمائ.ي:
”ور سا سڃي ويڙهه؛ جنهن سڄن هيڪلو،
سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڻهئين.“

مولانا رومي فرمائي ٿو:
”صبر گنج است اي برادر صبر ڪن،
تا شفايابي تو زين رنج ڪهن،
صبر را با حق قرين ڪرد اي فلان،
آخر والعصر را آنگہ بخوان.“
(اي ڀاءُ! صبر خزانو آهي، تون صبر ڪر ته هن پراڻي درد کان تندرستي حاصل ٿيئي، اي فلاڻا! تون سورت والعصر جي پڇاڙي پڙهي ڏس، ته اتي ”صبر“ کي ”سچ جو ساٿي ڪيو ويو آهي.“)
شاه صاحب کي مولانا روميءَ جو اهو سبق اهڙو دل تي ويٺو آهي جو فرمائي ٿو ته:
”پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب جو،
دارون انهيءَ درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو ائين آتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.“
شاه صاحب پنهنجو مضمون اهڙي طرح مثنوي شريف جي مضمون سان ملائي بيهاريو آهي، جو ڄڻڪ شاه صاحب کي ڏس ئي مولانا روميءَ کان مليو هو. شاه عبدالڪريم جيڪو صوفيانو مضمون پنهنجي رساله ۾ ڪم آندو آهي، سو ته بجنسہ شاه ڀٽائي جي رساله ۾ سمايل آهي. يعني رساله ڪريمي جي ڪن ٿورڙن بيتن ڌاران ٻيا سڀ بيت شاه ڀٽائي جي رساله ۾ موجود آهن. شاه ڀٽائي نہ رڳو شاه عبدالڪريم جي بيتن وارو مضمون پنهنجي ڪلام ۾ کولي کولي بيان ڪيو آهي، بلڪ مثنوي شريف جي مضمون وانگر جدا جدا مثالن ۽ جدا جدا آکاڻين مان تصوف جا گفتا ۽ نڪتا ظاهر ڪري ڏيکاريا اٿس. تفاوت رڳو هيءُ آهي ته مثنوي شريف ۾ جيڪي آکاڻيون ۽ نقل ڪم آندا ويا آهن، اهي سارائي سارا بيان ڪندو، ان مان سبق ڏيندو وڃي ٿو. پر شاه صاحب آکاڻين ۽ نقلن کي سربستي بيان ڪرڻ بدران انهن جا خاص خاص نڪتا آڻي، انهن مان روحاني سبق ٿو سمجهائي.،
جهڙيءَ طرح مثنوي شريف ۾ تصوف جي گفتن ۽ روحاني نڪتن سان گڏ اخلاقي نصيحتون بہ چپي چپي تي ڏنل آهن، تئن شاه صاحب بہ پنهنجي ڪلام ۾ ڪندو آيو آهي. تنهن کان سواءِ جئن مثني شريف ۾ مولانا رومي بادشاه ڪنيزڪ ۽ سوناري جي مجازي عشق جو قصو کڻي، پوءِ ان مان حقيقي عشق جون حقيقتون بيان ڪيون آهن، تئن شاه ڀٽائي صاحب بہ پنهنجي ڪلام ۾ ”سهڻي ۽ ميهار“،”سسئي ۽ پنهون“ ”هير ۽ رانجهو“، ”مومل ۽ مينڌرو“، ”ليلان ۽ چنيسر“، ”گنڌري ۽ ڄام تماچي“ جي مجازي عشق جا قصا کڻي انهن مان عجيب عجيب روحاني ۽ اخلاقي سبق سمجهايا آهن.
جئن مثنوي شريف جي هر هڪ دفتر ۾ مولانا رومي پنهنجي مرشد حسام الدين عليہ الرحمته جي تعريف ۽ ٻين ڪن بزرگن جا ڳڻ ڳايا آهن. تئن شاه ڀٽائي صاحب بہ ڪيو آهي. قدرتي نظارن تي ويچار ۽ انهن مان نصيحتن وٺڻ جو طريقو بہ شاه صاحب ساڳيو مثنيو شريف وارو اختيار ڪيو آهي. مثنوي شريف ۾ رزميه شعر (جنگي ميدان بابت شعر) ڪونهي ۽ شاه صاحب جي ڪلام ۾ سر ڪيڏارو ڪربلا جي جنگي ميدان بابت ڏنل آهي. جو سڄوئي احسان فقير جو آهي ۽ ڀل کان شاه جي رسالي ۾ کڻي داخل ڪيو ويو آهي.
شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ مضمونن جي ورڇ
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪو مضمون ڪم آيل آهي، سو خاص طرح پنجن ڀاڱن ۾ ورڇي سگهجي ٿو: (1) صوفيانو مضمون (2) اخلاقي مضمون (3) عاشقانو مضمون (4) فطرت نگاري (5) مدحيه مضمون.

صوفيانو مضمون:
درحقيقت شاه صاحب جو سارو ڪلام صوفيانو مضمون آهي. جن مضمونن کي اخلاقي، عاشقانون يا طبعي مدحيه سڏجي ٿو، تن مان بہ ڪوئي مضمون تصوف جي رنگ کان ٻاهر نہ آهي. صوفياني مضمون جو تعلق خاص طرح ”روح“ ۽ ”رب“ سان آهي.
روح ۽ رب جي وچ ۾ قرب ۽ محبت جو ازلي لاڳاپو آهي. ”يڪرنگي“ رب جي پاڪ ذات سان يڪرنگ ۽ سمايل رهڻ ۾ ئي روح لاءِ سچي راحت آهي.
1- سو هيءُ، سو هو، سو پرين، سو پساه،
سو اجل سو الله سو ويري، سو واهرو،
2- ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي.
نه رڳو انساني روح، بلڪ سڀ مرون، پکي، جيت، جناور، وڻ، ٻوٽا، جبل، نديون، آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا وغيره شين ۽ انهن شين جي ڪاررواين ۾ بہ رب جي پاڪ ذات جي ”يڪرنگي“ سمايل آهي، تنهن ڪري جيتوڻيڪ ساري مخلوق جي گهڻائي (ڪثرت) پئي نظر اچي، مگر انهيءَ ”ڪثرت“ ۾ سارو ڪم پاڪ ذات پروردگار جي ”يڪرنگي“ ڪري رهي آهي. اها يڪرنگي آهي ”وحدت“.
”وحدت تنا ڪثرت ٿي،ڪثرت وحدت ڪل،
هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.“
2- ”مرئان، موران، پکڻان وائي ٻي مَ ڀل،
هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.“
3- ”ڪوڙين ڪيايائون تنهنجيون لکن لک هزار
جيءُ سڀڪنهن جيءَ سين درسن ڌارو ڌار،
پريتم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.“
’رب تعالى‘ جي خواهش پٽاندڙ ۽ محبت جي آزمائش خاطر ’روح‘ کي جسماني قيد ۾ اچڻو پيو. جسماني قيد ۾ اچڻ شرط ’ڪثرت‘ ۾ گهيرجي وڃي ٿو. اگرچ روح جي سچي راحت آهي حق جي پاڪ ذات ۾ وڃي سمائجي، پر جو ميلو اٿس، سو ڪثرت سان مشغول رهڻ ۽ ڪثرت مان راحت حاصل ڪرڻ لاءِ روح کي زبردست ڪشش ڪري ٿو. اها زبردست ڪشش آهي ”نفس“ ۽ ”روح“ کي جسماني پيلتاين کان صاف ۽ پاڪ رهي موٽي حق جي پاڪ ذات ۾ وڃي سمائجڻ کان روڪڻ لاءِ ”نفس“ ان کي جن خواهش ۽ خيالن جي نوڙين ۾ ٻڌڻ جي ڪري ٿو، سي نوڙيون ڪپي نفس کي ماري مات ڪري وڃي پنهنجي سچي سائين ۾ ’سمائجن‘ اهو آهي تصوف جو اصل مقصد ۽ سچي مراد.
1- ”مون کي پاڻ پرين؛ ٻڌي وڌو تار ۾،
اڀا ائن چون؛ ته متان پاند پسائين.“
2- ”صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تنها پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.”
”روح“ ڪهڙيءَ طرح ”نفس“ تي فتحياب ٿئي، تنهن لاءِ ضروري ڳالهه آهي، ”آپو“ يا ”خودي“ وسارڻ يا ”پاڻ ڇڏڻ“ يعني حق جي سڪ ۾ رهي نفساني خواهشون قبول نہ ڪرڻ.
1- ”آءٌ سين ان پار، ڪڏهن تان ڪونه ٿيو،
هيڪڙائيءَ وٽ هار، هنجون جي هئڻ جون.“
2- ”جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز،
سڀ وڃائي ساز؛ تنهان پوءِ تڪبير چئو.“
3- ”لائي خنجر ”لا“ جو هن خچر کي هڻ،
سڌن جو سيد چوي وٿون سڀ وڪڻ،
پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين.“
پاڻ وساري ڇڏڻ يعني نفساني خواهشون قربان ڪرڻ سٿرو ڪم نہ آهي. انهيءَ لاءِ وسيلا کپن:
(1) عشق (2) رياضت يا مجاهده (3) ڪامل مرشد. عشق اها سچي محبت آهي، جا عاشق کي معشوق ڌاران ٻيو ڪڇ وسارايو ڇڏي:
1- ڄاڻي سڃاڻي، وهان ڪئن ماٺ ڪري؟
اندر آڳ عشق جي اپر اُڌاڻي،
العشق نار الله الموقده کوري جئن کاڻي،
آهي آباڻي، ٻيو سرتيون سجهي ڪينڪي.“
2- ”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وانءِ،
نينهن ڳنهندي نانءِ، ونئن پريان جي پار ڏي.“
جسم جون آسائشون ۽ آرام ڦٽا ڪري ڌڻي تعالى جي محبت ۽ يادگيريءَ ۾ رهڻ آهي ’رياضت‘ يا ’مجهاهده‘. رياضت ڪري روح اهڙو صاف ٿيو پوي، جو انساني وخهاشون ۽ جسماني سڌون طرحين طرحين نمونن سان پاڻ سينگاريو اچيو اڳيانئس بيهن، ته بہ ان جي نظر ۾ نيست معلوم ٿين ٿيون.
عشق ۽ رياضت جون منزلون جفاڪشيءَ سان طي ڪري سلامتيءَ سان منزل مقصود تي وڃي پهچڻ اڻ ڄاڻ جو ڪم نہ آهي، انهيءَ لاءِ ڪامل مرشد جي رهنمائي حاصل ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي.
سڀا سياهي آهي آري ڄام ري،
”ڪڏهن پسي ڪا نہ ڪا، ريءَ لالن لالائي،
دور دل تان دور ڪري، ڪر ساجن صفائي،
من لا شيخ لہ فشيخہ الشيطان ان ري اونداهي،
بلاشيخ من يمشي في الطريق ڪمن يمشي،
في البحر بلا فينہ اهڙي اوائي،
تنهن ري توائي، ڪوڙين ٿين ڪيتريون.“
عشق جو مدار آهي حسن، حسن جي موجودگيءَ ڌاران عشق بي نور آهي. قدر جا خلقيل رنگا رنگي نظارا، جن جو هڪڙو جزو آهي انساني صورت، انساني سيرت، سي سڀ حقيقي معشوق جي سچي حسن جا تجلا آهن. فطرت ۾ پکڙيل قدرتي حسن کي اندر جي نظر سان جاچڻ حقيقي عشق لاءِ ڏاڪڻ آهي.
”المجاز قنطره الحقيقت“
(ڀطرت ۾ پکڙيل حسن جو عشق حقيقي عشق جو ڏٽيل خزانو آهي.)
”حوصلو حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ،
جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي.“
2- ”ايڪ قصر در لک، سهسين سندس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄن سامهون.“
روح جو جسم جي پڃري ۾ ڦاٿو رهڻ آهي، جدائي وڇوڙو، فراق يا دوزخ ۽ روح جو رب جي پاڪ ذات سان يڪرنگ رهڻ يا سما؟جي وڃڻ آهي ميڙائو، يا ميلاپ يا وصال يا بهشت (دائمي سک). شاه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪو وڇوڙو يا ميلاپ ڳايو يو آهي سو اهو ئي آهي.

اخلاقي مضمونءِ
روح کي نفس جي چنبي مان ڇٽڻ آسان ٿئي، تنهن لاءِ اخلاق ضروري آهي، جنهن ڳالهه کي ’شريعت‘ سڏجي ٿو، سائي اخلاق جو سرچشمو آهي.
”ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي!“
شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي اخلاقي نصيحتون ڏاڍي اثرائتيءَ عبارت ۾ ڪندو ويو آهي. ٿورڙا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
عبادت ۽ ذڪر:
1- ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر ڪلمي جي پار،
پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيهه نہ ٽار،
تڏهن ڌاڳا ڌار جڏهن راهه سڃاڻين رب جي.“
آهي آباڻي، ٻيو سرتيون سجهي ڪينڪي.“
2- ”مان پڇني سپرين، چتان چر ۾ لاهه،
پرين اڳيان پاءِ، پلو مڱڻهار جئن.“

3- ”جاڳڻ مجهان جس – آهي الله جن کي،
لاهي ٿو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،
ورنهہ ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.“
سچ اختيار ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڦٽو ڪرڻ:
”مان پڇني سپرين، چت ۾ چيتاريج؛
ڪڍي ڪائي ڪچ کي ڪوڙ ۾ ڪمائيج،
وڻج وهائيج سڀ سوداگر سچ جو.“
اخلاص يعني نيت جي اڇائي:
تن ۾ تراز1 توهه2 جي گهڻو آهه گهوري،
ادب ۽ اخلاص جا سڙهه ٻڌج سوري،
وکر وينتيءَ جو تنهن ۾ پاءِ توري،
ته عادنئون اوري، تنهنجو توائي نہ ٿئي.“
2- ”آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو؛
ڪونه کائي ڪڏهني سندو ماڻهوءَ ماس،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو“

صبر ۽ تحمل:
1- ڏمر پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،
والله مع الصابرين3 آکو ائين چوءِ،
2- کم، کمندن کٽيو هارايو هوڏن،
چکيو نہ چوندن، هو جو ساءُ صبر جو،
نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿئي سانڃائو، جي اڀين انهيءَ پير تي.

نياز ۽ نئڙت:
1- هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي،
هوت توهين کي هڏ، پرين پاسي نہ ٿئي.“
2- هو ڇنن تون م ڇن، پاءِ اميري ان سين،
هو اوڳڻ ڏيني سسئي، ته تون ڳڻ ڏيئي ڳن.“
3- قرب1 ڪبرياءِ2، ماءُ3، ملاقي نہ ٿئي،
پورو ايءُ پرياءَ صوفي جي صلح ۾.

جفا ڪشي ۽ اورچائي:
1- ”سوريءَ تي سو وار، ڏيهاڻي چنگ چڙهن،
جم ورچي ڇڏئين، سڪڻ جي پچار،
پرت نہ پسين پار؛ نينهن جيائين نڱيو،
2- پتنگ چائين پاڻ کي، ته ڄيري پئو ڄاڻي،
تان تان تاڻج تاءَ ڏي، جان آگ نہ اجهاڻي،
وسہ وهاڻي؛ آڳ نہ ڏجي عام کي.“

دنيا کي چنبڙي نہ پوڻ:
فاني ني فاني، دنيا دم نہ هيڪڙو؛
لٽي لوڙهه لتن سين جوڙيندءِ جاني؛
ڪوڏر ۽ ڪاني، آهه سر سڀڪنهن.
شاهه صاحب هر نموني جون اخلاقي نصيحتون پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون آهن. زال ذات جو پنهنجي ڀتار سان وفادار رهڻ ۽ پرپٺ ان جي خير خواهي ڪرڻ (سر سامونڊي)، زال ذات جي سچي اشرافت ۽ وطن جي حب (سرمائي)، پنهنجي چوڪ قبول ڪري پڇتايائين (سر ليلان چنيسر)، مرداني سچي غيرت (سر مومل راڻو)، ڀائرن جو قرب (سر گهاتو)، وغيره وغيره.

عاشقانو ضمون
هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي، ته شاعري4 جو نور آهي عشق؛ عشق ڌاران شاعري معذور آهي، پوءِ اهو عشق پنهنجي سچي مالڪ سان هجي، مرشد يا هادي سان هجي، فطرت جي نظارن سان هجي، قوم ۽ ديس سان هجي يا انساني حسن سان هجي. شاه صاحب انهن سڀني عشقن جا پر پيالا پيتا هئا ۽ سندس سارو ڪلام انهن عشقن جي مذڪور سان ڀرپور آهي، مگر هت عاشقانو مضمون فقط انهيءَ کي ٿا سڏيون، جو انساني حقن جي عشق بابت آهي.
عاشقاني مضمون ۾ معشوق جي حسن جي تعريف، معشوق جي جفا ۽ بيپرواهي، عاشق جي وفا ۽ نهٺائي، خلق جون چٿرون، حاسدن ۽ رقيبن جون فتنه انگيزيون ۽ اٽڪاءَ؛ آخر سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي سوڀ؛ اهي ڳالهيون اچيو وڃن ٿيون. شاه صاحب معشوق جي حسن جي تعريف ۾ ايراني شاعرن جي پيروي بلڪل نہ ڪئي آهي، جيئن اڄ ڪلهه جي شاعرن جي شعر ۾ آهي. نہ نرگس ۽ لاله سان معشوق جي اکين ۽ ڳلن جي ڀيٽ ڪئي اٿس، نہ سرو ۽ شمشاد سان يار جو قد ڀيٽيو اٿس؛ نہ صبا ۽ نسيم کي قاصد بنايو اٿس. انهن شين جو سنڌ ملڪ سان سٻنڌ ئي ڪونهي. شاهه صاحب معشوق جي سونهن بيان ڪرڻ وقت اهڙين شين جي ڀيٽ ڪم آندي آهي، ۽ اهڙيون شيون تمثيل طرح پيش ڪيون اٿس، جن کي سنڌ جو سڀ ڪو ماڻهو ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري شاه جي شاعري جي عبارت نقلي شاعرن جي داغ کان آجي آهي. شاه جي عاشقاني مضمون مان ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا؛

معشوق جو حسن:
1- ”پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير؛
اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏئي پاٻوهيو پير؛
قمر پاڙي ڪير؟ شمس سپيرين سين.“
چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نہ پرين سين؛
پلڪ پريان جي نہ پڙين، جي حيلن ڪرين هزار؛
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوستن جو.”
3- ”کڻي نيڻ خمار مان، ناز ڪيائون نظر؛
سورج شاخون جهڪيون ڪوماڻو قمر؛
تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر؛
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.“
4- ”جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿسن سائيون؛
عطر ۽ عنبير سان تازا ڪيائون تن؛
مڙهيا گهڻو مشڪ سين؛ چوٽا ساڻ چندن؛
سونهن رپي سون سين سندا ڪامڻ ڪن؛
ڪيائين لعل لطيف چئي، وڏا ويس ورن؛
منجهه مرڪيس من سوڍي سين سڱ ٿيو.“
معشوق جي جفا ۽ عاشق جي وفا:
1- ”صورت“ گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري.“
2- ”تون صاحبزادو سپرين، آءٌ نسورو نوڪر؛
بي حد ڪريان بندگي، هٿ ٻڌي حاضر؛
ڇن ڇڏيندس ڪينڪي، دوست اوهان جو در؛
مون تان مهر نظر، پرين لاهه ۾ پنهنجي.“
3- ”هوڏ ڇڏي هوڏي، جي مان گهر اچين سپرين،
ڳالهيون ڳجهه اندر جون، رتن گهريون توڏي،
جي وهين گڏ گوڏي، ته دور سڻائين دل جا.“
عاشق تي چٿرون ۽ اٽڪاءُ:
1- ”پورب تي مارياس، ڪنهن در ڏيان دانهڙي؟
متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس؛
جنهين نہ جيهاس، مون لڳي تن سان.“
2- ”ککي هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ؛
سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري ان سين.“
3- ”کرکي کپر کاءُ نانگ مڻيارو نڪري؛
اُڀي جو اوناءِ، سر پر سندي سڄڻين.“
4- ”خبر ٿي کرن کي ته مون کي ڪندا ڪوهه؟
صورت سپريان جي، ڏٺي ڪونهي ڏوهه؛
لوري لڳم لوءِ، جنهين رت رئاريو.“
5- ”الله کر جين، مدي جن جي من ۾،
اسان ۽ پرين جون اميدون پسن،
تنهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾”
عاشقاني مضمون جا تفصيل وارا ڀاڱا سر سهڻي، سر آبري، معذوري،ديسي، ڪوهياري، حسيني، بروي ۽ مومل راڻي ۾ بيان ٿيل آهن.

فطرت نگاري يا طبعي مضمون:
فطرت يا سرشتيءَ جا نظارا ڪنهن بہ روشن دل شاعر جو ڪشادو ڪتب خانو آهي. شاه صاحب انهيءَ ڪتب خاني جي هر هڪ ڪتاب کي اندر جي اکين سان مطالع ڪيو هو. قدرت جو پکڙيل حسن ئي آهي، جو حقيقي حسن ڏانهن روح کي رجوع ڪري ٿو ۽ حقيقي معشوق جي پاڪ هستيءَ بابت پڪو ويساه ڄمائي ٿو. انهيءَ ڪري قدرت جا نظارا پاڻمرادا شاعر جي دل ۾ امنگ پيدا ڪندڙ آهن. فطرت جا سرشتيءَ جي نظارن کي سليس ۽ چڀندڙ لفظن ۾ اهڙيءَ طرح بيان ڪرڻ، جو بي جان شيون بہ جاندار نظر اچن ۽ اڻ ڏٺل نظارا بہ اکين اڳيان تري اچن، تنهن کي چئجي فطرت نگاري يا شاعراڻو طبعي مضمون.
شاه صاحب پهريون ئي شاعر آهي، جنهن سنڌ جي طبعي مضمون وارا شعر چيا آهن. سر سارنگ جي سر ۾، برسات جون عجيب عجيب ڪيفيتون ۽ آسمان جا نظارا، سهڻيءَ ۾ درياءَ ۽ ان جي ڪنارن ۽ ڪنن جو نقشو، سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ جون لهرون، طوفان جون تيزيون ۽ ملاحن جي چستي ۽ سستيءَ جا نتيجا، سر آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ ۾ جبلن ۽ ڏونگرن جا فوٽا، هاڙهي جي حب ۽ رڻن جون رونقون، سر مائيءَ ۾ ٿر ۽ ڀٽن تي برسات جي ڪري پيدا ٿيل چهچٽا، سر ڏهر ۾ ڍنڍن ۽ ان ۾ گذاريندڙ مڇين جي دلچسپ احوال، ڪونجڙين جون قطارون ۽ انهن جا درد ڀريا آواز، سر شينهن ڪيڏاري ۾ جنگ جي جانورن جون چلولايون، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾ مڇي ماريندر ماڻهن جي رڇن، ڪڙهين، مڪڙين ۽ ڄارين جا داستان ۽ ڍنڍ جي پکين جا پيغام ڳايا اٿس.
مدحيه مضمون:
شاعرن جو اصل کان وٺي دستور آهي ته پنهنجي شعر ۾ ڪن بزرگن ۽ گڻائين انسانن جي تعريف ڪندا آهن. اهڙي قسم جي شعر کي مدحيه يعني ساراهه جي مضمون وارا شعر چوندا آهن. شاه صاحب سر ڪلياڻ ۽ سر ڌناسري ۾ حضرت نبي ڪريم صلعم جي تعريف ڪئي آهي. سر بلاول ۾ علاؤالدين بادشاه، ڏونگر راءِ ابڙي، سمي، جادم جکري جون واکاڻون بلڪل سهائيندڙ لفظن ۾ ڪيون اٿس. سر پرڀات ۾ وري سپڙ سخيءَ جي سخاوت جي ساراهه ڪئي اٿس.
ساڳئي سر بلاول جي پڇاڙيءَ واري داستان ۾ وڳنڌ فقير سان خوش طبعي ٿيل آهي، جنهنک ي ظريفانه يعني چرچي ڀوڳ جهڙو شعر چئبو آهي.

شاهه جي ڪلام جو پوين شاعرن تي اثر:
شاه ڀٽائي جي وقت ۾ توڙي کانئس پوءِ، جيڪي سنڌ ۾ شاعر ٿيندا آيا، سي شاه صاحب جي سڌاريل نموني تي ڏوهيڙا ٺاهيندا آيا. سنڌ ۾ علم عروض جي قاعدن تي شعر ٺاهڻ جو رواج پيو، تنهن کان پوءِ بہ شاه جي طرز تي ڏوهيڙن ٺاهڻ جو رواج بند ڪونه ٿيو آهي. اڄ ڪلهه بہ ٻهراڙين م سوين گمنام شاعرن جا شعر ڏوهيڙن جي طرز تي پڌرا ٿيندا رهن ٿا. شاه عنايت، صادق فقير، سچل فقير، سوامي چئنراءِ، مينگهو ڀڳت، دلپتراءِ صوفي ۽ ٻين هزارن شاعرن جا شاه صاحب جي ڏوهيڙي جي طرز تي ڏوهيڙا لکيل آهن.
انهيءَ طرز تي سنڌ جي شاعرن نہ رڳو متفرقا ڏوهيڙا ٺاهيا آهن، پر سڄا سڄا قصا بہ انهن ڏوهيڙن ۾ لکيا اٿن، جهڙوڪ: سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار، ڪامروپ وغيره.
شاه صاحب سنڌ ۾ ”وائي“ جو رواج پيدا ڪيو. انهيءَ وائيءَ مان وري ”ڪافي“ جي صورت پيدا ٿي، سنڌ ۾ هزارين شاعر ٿي گذريا آهن ۽ اڃا بہ آهن؛ جن شاه صاحب جي وائيءَ جي طرز تي ڪافيون ٺاهيون آهن. جيئن شاه صاحب پنهنجيون وايون جدا جدا سرن راڳن ۽ راڳڻين تي ڳائڻ جو رواج پيدا ڪيو، تئن کانئس پوءِ وارا شاعر بہ پنهنجيون ڪافيون جدا جدا سرن ۾ راڳڻتين جي جدا جدا سازن تي ڳائيندا اچن ٿا. انهيءَ ڪي سنڌ جي سنڌي راڳ جو اڳواڻ شاهه ڀٽائي ليکيو وڃي ٿو.
جئن شاهه ڀٽائي مشهور عشقي قصن جو خاص خاص ٽڪرن تي شعر ٺاهي روح يريجهايو آهي، تئن کانئس پوءِ وارن ڪافين ٺاهيندڙن شاعرن بہ ڪيو آهي. سهڻي جي قصي مان ڪن شاعرن فقط سهڻيءَ جي ٻڏڻ واري حالت تي ڪافيون ٺاهيون آهن.سسئيءَ جي قصي مان فقط جبل جهاڳڻ وارو ڀاڱو ڳايو آهي ۽ ڪن فقط چنيسر اڳيان پڇتاءُ ظاهر ڪيو آهي، ته ڪن مارئي بڻجي فقط وطن، جي سڪ ڳائي آهي، ته ڪن مومل بڻجي مينڌري کي پرچائڻ لاءِ ٻاڏايو آهي. مطلب ته شاه صاحب جي ڪلام جي طرز ۽ مضمون جو اثر اڄ تائين سنڌ ۾ قائم آهي. شاه صاحب کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙو ڪو بہ شاعر پيدا نہ ٿيو آهي، جنهن ڪو نئون گس پيدا ڪيو هجي. علم عروض جي قاعدن تي شعر ٺاهيندڙنم شاعرن شعر جي طرز بيشڪ مٽئي آهي، پر مضمون ۾ يا ته هروڀرو ايراني شاعرن جو نقل کڻي اختيار ڪيو اٿن يا ساڳيا شاه صاحب وارا پير اچي ورتا اٿن.

شاه صاحب جي ڪلام جي سنڌي
شاه عبداللطيف جي سنڌي ساڳي آهي جا مخدوم ابو الحسن ۽ هن جي همعصرن ڪم آندي آهي. نحوي ترڪيبون ۽ صورتخطيءَ جا قاعدا بہ ساڳيا آهن.
شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا نسڌڏي ٻولي ڪم آندي آهي، تنهن کي نجس نڌي ٻولي چوڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻوليءَ جا لفظ بہ موجود آهن، مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻوليءَ جا لفظ موجود آهن ۽ عربي ۽ پارسي لفظ بہ قائم آهن. اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن، جي سنڌ جو هر ڪو هندو خواه مسلمان آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.
شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ نڪي اهڙا ڳرا سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ ڪم آندا آهن، جهڙا سامي صاحب پنهنجن سلوڪن ۾ ڪتب آندا آهن ۽ نڪي اهڙا ڳوڙها عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿس، جهڙا اڄ ڪلهه جا مسلمان شاعر پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ ڪم آني رهيا آهن. جتي قرآن شريف جون آيتون يا حديث شريف جا جنسي حوالا ڏنل آهن، تن هنڌن کان سواءِ باقي ڪلام ۾ شاه صاحب اهڙي سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جا سنڌ جي هندن خواه مسلمانن لاءِ هڪ جهڙي مروج آهي.
(1)
”اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نہ ٻجن،
ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي“.
(2)
”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا“.

مٿيان ٻہ بيت مثال طرح ڏنا ويا آهن. انهن ۾ سنسڪرت بنياد وارا لفظ بہ آهن جهڙوڪ: اکر ٻهون، ٻجهن، سڄي ۽ ڏوهه، سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻويل جا لفظ بہ موجود آهن، جهڙوڪ: ڪوه، ڳالهه ۽ وترا، ۽ عربي ٻوليءَ جا لفظ بہ آهن جهڙوڪ: قلوب ۽ ورق، مگر انهن ۾ اهڙو ڪو بہ لفظ ڪونهي، جو ڪنهن هندو يا مسلمان کي سمجهه ۾ نہ ايندو هجي.
سڀڪنهن ٻوليءَ جو اهو دستور آهي، ته جئن جئن حڪومتون وينديون آهن مٽبيون سٽبيون ۽ نوان لفظ ۽ محاور ويندا آهن ڪتب ايندا، تئن تئن اصلوڪا پراڻا لفظ ۽ محاورا ويندا آهن گم ٿيندا. شاه صاحب جي گذرئي هينئر ٻہ صديون ٿي ويون آهن، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ ڪم آيل ڪيترائي پراڪرت لفظ هينئر ڳالهائڻ ٻولاهئڻ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن، ۽ ڪيترن ئي سنسڪرت ۽ عربي خواه پارسي لفظن جون صورتون اهڙيون مٽجي ويون آهن. جن جو بنياد صحي ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.
[1]
اڄ پڻ امارو چوڏهين ماه چنڊ جو
[2]
من ۾ ٻار مچ، جم وڃني اوهري
[3]
ڪرهو نڪي ڪان، پيرين آءٌ نہ پڄڻي
[4]
سڳر سوٺائون، ٿيا رحمان سين
[5]
اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙهيا.
مٿين مثالن ۾ (1) ”امارو“ = نرواري، پڌرائي، (2) ”جم“= متان (3) ”اورهڻ“ = کسڪي وڃڻ، تڳي وڃڻ، اهي اهڙن جهونن پراڪرت لفظن جا مثال آهن، جي اڄ ڪلهه جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿا اچن.
”ڪان“ اصل سنسڪرت لفظ آهي. ”ڪانڍ“= گهوڙو پر سنديس صورت اهڙ: مٽجي وئي يآهي، جو ان جو بنياد لهڻ آسان نہ آهي.
اهڙيءَ طرح ”سڳر“= (رستو) اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ”ثنر“، ”آونگ“ =(برتن يا ٿانءُ) اصل ۾ پارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي ”آوندا“
ڪيترائي سنسڪرت، عربي ۽ پارسي ٻولين جا بگڙيل لفظ جي شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن؛ سي سندس زماني ۾ ئي اهڙين بگڙيل صورتن ۾ ڪم پيا ايندا هئا ۽ انهن مان ڪيترائي لفظ اڄ تائين بہ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم پيا اچن. ۽ صاف سنڌي پيا ڀائنجن.
شاه صاحب جي ڪلام ۾ شاعراڻيون خوبيون

زبانداني:
زبانداني يعني ٻوليءَ جي واقفيت شاعر لاءِ ضروري خوبي آهي. شاه صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جو ته نهايت قابل ڄاڻو هو، پر عبي ۽ پارسي ٻولين ۾ بہ ماهر هو. عربي آيتون ۽ گفتا پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ موقعي موقعي تي اهڙي طرح ويو آهي جڙيندو، جو ڄڻڪ عربي بہ ڪا مادري ٻولي هيس. حيرت انگيز قابليت هيءَ چئبي جو قرآن شريف جي آيتن، حديث شريف ۽ عربي مقالن کي پنهنجي سنڌي مضمون جي مراد سان اهڙي طرح ملائيندو ويو آهي، جو گويا انهن آيتن، حديثن يا مقالن جو تفسير ٿو بيان ڪري. مثال:
1- آگي ڪيا اڳهين نسوروئي نور،
”لاخوف عليهم ولاهم يحزنون“ سچن ڪونهي سور،
مولي ڪيو معمور؛ انگ ازل ۾ ان جي.
(سر ڪلياڻ)
2- موت مند نہ آهي، طالب ٿيو تڪڙا
”عجلو ابا التوبہ قيل الموت“ ويرم لاهي،
پريان ڪارڻ پاڻ کي، سگهو ويهه سنباهي........
(سر آسا)
3- ”فيدالماءُ“ ٿيوم، هت اڙانگي گهاريان،
’هماڪ جسمي والفوادالديڪم‘ هنيو هت سندوم
قادر شال ڪندوم، ميڙائوسين مارئين!
(سرمارئي)

پهرئين بيت ۾ قرآن شريف جي هڪڙي آيت جا پويان لفظ ڪم آندا اٿس. اڳيان پڍيان ٻہ مصرعون اهڙيون جڙي ڇڏيون اٿس، جو گويا ساري آيت جو مطلب بيان ٿي چڪو آهي.
ٻئي بيت ۾ گناهن جي پڇاڙيءَ واري حديث شريف جا لفظ ڏيئي سائين ڏانهن سچي حب رکڻ جو سبق سيکاريو اٿس. ٽئين بيت ۾ هڪڙي عربي مقولي کي مارئي جي حال سان ٺهڪائي ڦهڪائي بيهاريو اٿس.
سر ڪلياڻ جي ٽئين داستان جي پهرينءَ وائيءَ ۾ ٻہ پارسي سٽون شاه صاحب پنهنجون ڪم آڻي پوءِ حافظ شيرازي جي غزل جون مصرعون ڪم آنديون آهن جئن ته:
شيشه را پر ڪن و بردار بيا شاه صاحب
جام را پر ڪن و بر خيز بيان
ساقيا برخيز درده جام را
خاڪ بر سر ڪن غم ايام را
بادشاه درده چند زين باد غور
خاڪ بر سر نقس نافر جام را

گويا وائي جو ٿل پنهنجو ڳنڍي مصرعون حافظ صاحب جي غزل جون ڪم آنديون اٿس.
”سر بروي هندي“ جي پڇاڙيءَ ۾ مثنوي شريف جا بيت ۽ ’ثنائي‘ شاعر جو پارسي غزل وائي طرح ڪم آيل آهن، ان مان بہ ثابت ٿئي ٿو ته شاه صاحب کي پارسي زبان سان خاص دلچسپي هئي.
هندي ٻوليءَ جو ته شاه صاحب پورو پورو ماهر هو. ”سر بروو هندي“ جنهن ۾ رڳا هندي بيت آهن سو جيتوڻيڪ ساروئي شاه صاحب جو ٺاهيل نہ آهي، ڇاڪاڻ جو ٻين فقيرن جا بيت بہ ان ۾ نالن سان نروار ٿيل آهن، ته بہ انهن مان گهڻا بيت خود شاه صاحب جا ٺاهيل آهن. هندي وايون بہ ڪن ڪن سرن ۾ شاه صاحب پنهنجون ڏنيون آهن، جهڙوڪ: سر ڪلياڻ جي داستان ٽئين جي پڇاڙيءَ ۾، سر سورٺ جي داستان چوٿين جي پڇاڙيءَ به7عٿ

واريون وايون.
سرائڪي ٻوليءَ ۾ سر ”هير رانجهو“ ٺهيل آهي ۽ بلوچڪي ٻوليءَ جا چهچٽا سر ديسيءَ جي فصل ستين ۾ چڱا ڏيکاريل آهن. پنجابي ٻوليءَ جون ڪي وايون بہ شاه صاحب ڪم آنديون آهن، جهڙوڪ: سر سارنگ ۾.
سنڌي ٻوليءَ ته شاه صاحب اهڙي مٺي ۽ رسيلي ڪم آندي آهي، جو ڍڪ ڀري پيئجي ته بہ ڍؤ نہ ٿئي. جهڙي نموني جي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو اٿس، تهڙي نموني جي ٻولي ڪتب آندي اٿس.
فطرت جو اڀياس ۽ فطرت نگاري:
قرآن شريف ۾ خدا تعاليٰ فطرت يعني سرشٽيءَ جي اڀياس جو هنڌ هنڌ تي تاڪيد فرمايو آهي. انسان جو وجود ۾ بناوت تي ويچار، آسمان ۽ آسماني جسمن جي ڪاررواين تي ڌيان، مرن، پکين ۽ جيتن جي چرپر تي خيال، جبلن، جو اڀياس آهي، جنهن جي وسيلي خدا تعاليٰ جي پاڪ هستيءَ تي يقين ڄمي ٿو ۽ سندس قدرت، ڪاريگري ۽ ڪرم تي انسان جو روح قربان ٿئي ٿو.
تمام چڱيءَ طرح ڪيو هو، تنهنڪري ئي قدرت جا نظارا اهڙي دلچسپ نموني ۾ بيان ڪيا اٿس، جو سنڌ جو ٻيو ڪو بہ شاعر پنهنجي ڪلام ۾ اهڙي فطرت نگاري ڏيکاري نہ سگهيو آهي. شاهه صاحب جهنگن، جبلن، ماٿرين ۽ ميدانن جا جي گشت ڪيا هئا، سي کيس فطرت جي اڀياس جي ڪشش ئي ڪرايا هئا.
سر سارنگ ۾ برساتي نظاري جو بيان کنيو اٿس، ته سادن سودن لفظن ۾ پيش ڪري چڪو آهي. هارين ۽ مالدارن کي برسات جو انتظار، تاڙي جو توارڻ ۽ سنگهارن کي پيٽ ۾ ساهه پوڻ، ڪڪرن جا ڪارا ويس، وڄ جا چمڪا، گوڙ جا دهل دماما، ٿر بر پلر جي پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي وڃن، هارين جو آباديءَ کي لڳي وڃڻ، ڏيهه ۾ سک ۽ سڪار پيدا ٿيڻ. اسر مارئيءَ ۾ ڀٽن ۽ ميدانن تي برسات جا پيدا ڪيل نظارا، نهايت دلڪش عبادت ۾ بيان ڪيا اٿس. سر کنڀات ۾ چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ کي ڳايو اٿس. سر ساموندي ۾ سمنڊ جو قدرتي نظام اهڙو بيان ڪيو اٿس، جو ڄڻڪ اکين سان نظارا پيا ڏسجن. سر سهڻيءَ ۾ درياءَ جون موجون ۽ ڪنن جا ڪڙڪا، سر آبري معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾ جبلن ۽ ڪوهستان جي تصوير، سر ڪاموڏ ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن جي رونق، سر ڪارايل ۾ ڪونجن جون قطارون ۽ ٻچن جي پياس، سر بسنت ۾ وڻن جا پراڻا پن ڇڻڻ ۽ ساوا ويس ڍڪڻ.

انساني طبيعتن جو اڀياس ۽ سيرت نگاري:
شاهه صاحب انسان انسان ذات جي طبيعتن جو اڀياس بہ بلڪل ڳوڙهي طرح ڪيو هو، انهيءَ ڪري هر نموني جي انسان جي سيرت پنهنجن سادن ۽ سليس لفظن ۾ اهڙي چٽي اٿس، جو ڄڻڪ ايامن جا گذريل انسان اکين اڳيان اچيو بيهن. سامين ۽ سنياسين جي سيرت بيان ٿو ڪري ته گويا پاڻ ئي سچو پچو جوڳي آهي. سهڻيءَ جي فلڪ ۽ جرئت، سسئي جو ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ۽ رائي ۾ پير رت ٿيئڻ، مومل جي شاهاڻي ڇنڊ ڦوڪ ۽ عيش مزاجي، ليلان جي ڳهيلائي ۽ پڇتاءُ، مارئي جي لاک وتي لوئي ۽ ٿر جي ٿڌي واري، گنڌڙيءَ جي خوش نصيبي ۽ مهاڻن جون موجون، ڪلاجيءَ جو ڪن ۽ گهاتن جي بي ڌڙڪائي،آهيڙين ۾ شڪار جي چالاڪي ۽ ڪتن جي سچائي وغيره وغيره. هستين جي سيرت نگاري جهڙي شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڏيکاري آهي. تهڙي اڄ تائين سنڌ جو ڪو ٻيو شاعر ڏيکاري نہ سگهيو آهي.
بيت:
”دهشت ڌوم دريا ۾، جت ڪڙڪا ڪن ڪري،
ٻڇل ٻانڊي ۾ لهوريون لوڌا ڏين،
سناور ساميا، جت سيڻاهيا نہ سنڍين،
ويريون واٽ نہ ڏين، ساهڙ سير لنگهائين.“
مٿئين بيت ۾، شاهه صاحب اول درياءَ جو فطرتي نظارو ڏيکاري ٿو، ته ”درياءُ ڦوڪيو پيو وهي. ڪنن ۾ پاڻيءَ جا ڪڙڪا پيا پون، وڏا وڏا بنڊ بہ پاڻيءَ جي تکائيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿيندا لڙهندا وڃن ٿا.“ انهن ٻن سٽن ۾ ساهه صاحب گويا درياءَ جي تصوير نهايت چٽائيءَ سان ڏيکاري آهي.
هاڻي اچي ٿو سيرت تي؛ ”ساندارن ترڻ وارا تارو ماڻهو، جن کي درياءَ جو ڪو ڀئو نہ هوندو آهي، سي بہ درياءَ ۾ گهڙڻ لاءِ ڇاتي نہ پي جهلي سگهيا، مگر سهڻي جي فلڪ ۽ سڪ ڀريل جرئت ڏسو؛ جو ” پياري ساهڙ تون مدد گار ٿج.“ اهي لفظ، چئي دلو پيٽ جي هيٺان ڏئي ڌوڪي پئي درياءَ ۾.“
بيت:
پير کنيائيون پر ۾، پيارين پهون،
سنجن سالڪن تي؛ وڏيءَ وير رهون،
پايو جر جندن ۾، ڪوٽان ڪن ڪهون،
ڏينهان ڏينهن نئون، مونکي ورهه ويڙهيچن جو.
”برسات نہ هئڻ جي حالت ۾ ٿر جا ماڻهو پوٺن ۾ کوٽيل کوهن تي ٻڪرين کي پاڻي پياريندا آهن. اهي کوهه، ساٺيڪا يعني سٺ گز کن هيٺ (تمام اونها) هوندا آهن. جوان ڇوڪريون يا زالون صبح جو سوير پاڻي ڪڍڻ وينديون آهن ۽ جنڊ جهڙيون ڳريون چڙهيون شوق سان ڊوڙون پائي انهن کوهن مان پاڻي سان ڀري ڇڪي ڀاهر پيون ڪڍنديون آهن. انهن ساهيڙين ۽ عزيزن جي اڪير مون ئي نئين سج، نئين دل ۾ پيدا پيئي ٿئي.“
مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب لفظ ٿورا ۽ سادا ڪم آندا آهن، پر انهن ٿورڙن ۽ سادن لفظن ۾ مارئي ۽ ان جي ساهيڙين جي سيرت جو نقشو تمام ڪشسادو ۽ دلچسپ چٽي وڃي پار پيو آهي. فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري جي مثالن جي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪمي ئي ڪانهي. فقط غور سان سندن ڪلام کي مطالع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ديس جي رسمن رواجن جو اڀياس:
سنڌ ديس جي اهڙي ڪا قوم ڪانه هئي، اهڙو ڪو بہ ڌنڌو ۽ رسم رواج نہ هو؛ جنهن جو شاهه صاحب غور جي نظر سان اڀياس نہ ڪيو هجي ۽ انهيءَ ڌنڌي يا رسم رواج مان روحاني سبق نہ پرايا هجنس.
صراف، وينجهر، سونارا، لوهار، رنگريز، ڪوري، ڪاسائي، ڪتيندڙ، واڳيندڙ، ڪاتب، درزي، گتيوال، سوداگر، ملاح، موالي، مهاڻا، مڇي وڪڻندڙ، پکين جو شڪار ڪندڙ، جهنگ جي جانورنجو شڪار ڪندڙ، زنانيون رسمون ۽ رواج، مطلب ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اهي نڪتا ڏسي کيس ”هر فن مولا“ سڏجي، ته وڌاءُ نہ اهي، حالانڪه هو فقيرن ۾ بہ سچو فقير هو. نموني خاطر فقط ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”ڪاتب لکي جئي، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ ٿئن، رهيوآهي روح ۾.“
جن ڏينهن ڇاپخانه ڪين هئا، تن ڏينهن سڀ ڪتاب ڪاتب پنهنجن هٿن سان لکندا هئا. عربي صورتخطيءَ ۾ ڪتاب ’ل‘ سان ’الف‘ هن طرح ملائي لکندا هئا: ”لا“ (ه)
انهن ٻن اکرن جي ملاوت اهڙي ٿيو وڃي، جو ڪوبہ سنڌو وچ ۾ نٿ ٿو اچي. ’روح‘ ۽ ’رب‘ جي ملاوت هڪڙي غير محسوس حالت آهي، پر ڪاتب جي ’ل‘ ۽ ’الف‘ جي ملاوت جو مثال انهيءَ غير محسوس حالت کي ’محسوس‘ بڻائي ڏيکاريو.
انهيءَ مان ثابت ٿيو، ته شاهه صاحب هوشيار پڙهيل ماڻهو هو. جنهنڪري ڪاتب جي ڌنڌي کي باريڪه نظر سان ڏسي ان مان روحاني سبق حاصل ڪيو اٿس.
”ڇنن توءِ م ڇن، پاءِ ’اميري‘ ان سان.“
مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب ڪورين جي ڌنڌي مان سبق پرايو آهي. جڏهن اڏي ۾ ويهي اڻندي ڪا تند ٽٽي پوندي آهي، تڏهن ڪوري چپٽيءَ سان اهي ٽٽل تندون ڳنڍي، پنهنجي اڻاوت ۾ لڳو رهندو آهي. اهڙيءَ ڳنڍ کي سڏبو آهي ’اميري‘
شاهه صاحب جيڪڏهن ڪورين جي اُڻاوت جو ڪم غور سان نہ جاچي ها ته جيڪر اهو عجيب روحاني سبق اهڙي اڻ لڀ مثال سان ڪيئن بيان ڪري سگهي ها.
”رچي جي ’ريٽو‘ ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
کنڀ نہ کاري تنهن کي، جو ”هالاري“ هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ ته بہ لالائي نہ لهي.“
هن ڪلام ۾ شاهه صاحب رنگريزن جي هنر جاچڻ مان سبق پرايو آهي. جئن هن وقت ”گهوٽ“ ڪنوارين جي طرفان قيمتي لونگيون ۽ عمدا رومان پاکر طرح پهريندا آهن، تئن اڳي ”گهوٽ“ کي ”ريٽو“ سان ڍڪيندا هئا،جو فنگريز اڻ ڦٽندڙ ڳاڙهي رنگ ۾ رکيندا هئا، سچي مڃٺ ۾ رکيل مليريا ٻئي ڪپڙي کي رنگريز ”هالاري“ سڏيندا هئا. هالاري رڱيل ڪپڙو سوکڙين طرح ڪم ايندو هو، ”ريٽو“ ۽ ”هالاري“ ڪپڙو ڦاٽڻ ڦاٽيو ويندو هو، پر ان جو رنگ توڙ تائين ڪين ڦٽندو هو. شاهه صاحب رنگريزن جي انهيءَ سبق مان هي سبق ٿو سمجهائي ته ”سچي سڪ وارن جو حقيقي عشق ڪهڙين بہ تڪليفن ۽ جاکوڙن پيش اچڻ ڪري دل جي فرهيءَ تان ڊهي نٿو سگهي.
”پوڄا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا؛
مون ڀائيو تنهنوير، ڪوجهي ڪندو پرتڙي.“
هندن خواهه ڪن مسلمانن ۾ قديم رواج هو، ته شاڪيءَ وقت گهوٽ کي لت سان ڍڪڻ ڀڃائيندا هئا، (اڃان بہ ڪن هندن ۾ اهو رواج آهي). جيڪڏهن گهوٽ جو پير ڍڪڻ تي سولو اچي پيو ۽ هڪڙيئي داڦوڙي سن ڍڪڻ پرزا پرزا ٿي پيو، ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي عاقبت چڱي سمجهندا هئا، پر جيڪڏهن پير پوري طرح نہ آيو، ته بدسوڻ سمجهيو ويندو هو. ليلان چنيسر جي رسامي وقت چوي ٿي، ته جڏهن چنيسر سان منهنجي شادي ٿي ٿئي، تڏهن ئي مون کي چنيسر جو پير ڍڪڻ تي پورو آيل نظر ڪو نہ آيو. ان وقت ئي منهنجي دل ۾ کڙڪو پيدا ٿيو، ته چنيسر مون سان چڱي توڙ ڪين نڀائيندو.
شاهه صاحب جي باريڪه بين نظر کي آفرين آهي، جنهن کان ڍڪڻ ڀڃائڻ جهڙي زناني رسم بہ گسي نہ سگهي آهي.

جدت ۽ بلند خيالي:
شاعر خداداد لياقت سان ڪابہ نئين طرز يا مضمون ادا ڪرڻ جو نئون نمونو پيدا ڪري، تنهن لياقت کي چئجي ”جدت“ يا ”ايجاد“ ڪلام جي طرز ۽ مضمون جي ادائگيءَ ۾ نئون نمونو پيدا ڪرڻ انهيءَ فطرتي شاعر جو ڪم آهي، جو همه صفت موصوف هوندو. سنڌ جي شاعرن ۾ شاهه صاحب پهريون ئي شاعر آهي، جنهن پنهنجو ڪلام نئين طرز تي ٺاهي تيار ڪيو ۽ پنهنجا مضمون نرالي نموني ۾ ادا ڪيا آهن. ڏوهيڙن جو نمونو سڌارڻ، وائيءَ ۽ ڪافيءَ جو سنڌي ٻولي ۾ بنياد وجهڻ، سنڌي ٻوليءَ جي شعر کي هندستان جي راڳن ۽ راڳڻين موجب ڳائڻ جو رواج پيدا ڪرڻ؛ پراڻن قصن ۽ آکاڻين جا چونڊ ڀاڱا وٺي، انهن کي روحاني رنگ ۾ بيان ڪرڻ؛ هر قسم جي ڌنڌي ۽ رسم رواج مان روحاني سبق سمجهائڻ اهڙيون سڀ نيون نيون ڳالهيون شاهه صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ پيدا ڪيون.
شاهه صاحب جي طبيعت ۾ خدا تعاليٰ نہ رڳو ”جدت“ جو مادو رکيو هو؛ پر منجهس خيال بہ نهايت بلند ۽ اعليٰ سمايائين. ڪهڙي بہ سادي شيءِ بابت سادن لفظن ۾ شاهه صاحب اهڙا اهڙا بلند خيال ظاهر ڪيا آهن. ”يڪ مشت“ نمونه خروار“ وانر هت هڪ ئي مثال ڪافي آهي.
”پاڇاهي نہ پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ؛
ڍڪي اگهاڙن کي؛ ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.“
ڪپڙن سبڻ جي سئي ڪنهن نہ ڏٺي هوندي؟ پر ان سئيءَ مان سبق پرائڻ ڏانهن ڪنهن جو خيال ئي ڪونه ڊوڙندو اهي.
شاهه صاحب مارئيءَ جي زبان م چوي ٿو ته ” منهنجيون“ سرتيون، جا سئي ڪتب آنين ٿيون تنهن سان ڪنهن بادشاهيءَ کي برابر ڪري نٿي سمجهان؛ ڇاڪاڻ جو کيس پنهنجي پاڻ ڍڪڻ جي پرواهه ئي ڪانهي، ته بہ ڪپڙا سبيو بين اگهاڙن کي پيئي ڍڪي. اي انسان ! تون پاڻ ماري پوءِ جيئرو رهندين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي سئيءَ جون وصفون پروڙي سگهندين.“
ڇا لڳي سئي، ته ڇا ان بابت شاهه صاحب جي بلند خيالي!

سوز ۽ اثر
”سوز“ آهي دل جو درد. شعر اهي، شاعر جي دل جي اندروني تصوير يا هنئين جو پاڻي. جيتري قدر شاعر جي دل ۾ درد هوندو، اوتري قدر سندس ڪلام ۾ سوز نہ آهي، جيترو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ آهي. صديون گذري ويون آهن، ته بہ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سوز تازو ئي تازو رکيو آهي.
شاهه صاحب جنهن طرز ۽ طريقي سان پنهنجو ڪلام پاڻڳايو هو، سا طرز ۽ طريقو اڄ تائين ڀٽائي جي فقيرن وٽ موجود آهن. شاهه صاحب جي ڪلام جي سوز جي پروڙ تڏهن پوي ٿي، جڏهن هيڪر ڀٽائي جي فقيرن جي واتان شاهه جو ڪلام سڻجي ٿو، جنهن انسان کي خدا تعاليٰ جي طرف جو ڌيان ۽ سڪ هوندي، يا مجازي عشق جي لهر من ۾ هونديس، يا ڪن پيارن عزيزن جو وڇوڙو لڳل هوندس، سو جڏهن بہ شاهه جو سوز ڀريل ڪلام ٻڌندو، تڏهن ان جي ظاهري حالت اڻ پڇيو مٽجي ويندي. فقير طبع انسانن کي ته شاهه صاحب جي ڪلام ٻڌڻ وقت حال ۽ وجد ۾ ڦٿڪندو ڏسبو آهي.
سنڌ ۾ جيترو شاهه صاحب جي ڪلام جو اثر آهي، اوترو ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام جو اثر نہ آهي. شهرن ۾، ٻهراڙين ۾ بلڪه بنين ۽ جهنگن ۾ بہ شاهه صاحب جي ڪلام جون تنوارون ٻڌبيون آهن.

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت

(الف) فصاحت ۽ فلاغت جي وصف:
ڪلام ۾ عام فهم ۽ نزاڪت دار ٻولي ڪم آڻڻ، لفظن جي باقاعدي جڙت ۽ ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کي چئجي فصاحت. شاهه صاحب اهري بولي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندي آهي. جو سنڌ جو سڀڪو ماڻهو آسانيءَ سان سمجهيو سگهي ٿو. ڪلام ۾ نزاڪت ۽ لسائي وري اهڙي رکيل آهن،جو ڪيترا بہ ڀيرا ڪلام پڙهبو ته ڀيري ڀيري سان نئون لطف پيو حاصل ٿيندو. سنڌ جا شاعر هيءَ قابليت شاهه صاحب جي ڪلام مان ئي سکيا اهن، جو شعر جي هر هڪ مصرع ۾ ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظن جون قطارون لڳيون بيٺيون آهن. مثال:
”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساهه؛
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه؛
هنيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ءَ ڪوٽ ۾.“
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.“
لفظن جي جڙاءَ بنسبت شاهه صاحب جو ڪلام اهڙو پختو آهي؛ جو سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جا اصول ئي شاهه جي ٻوليءَ کي مثال طور اڳيان رکي پوءِ ٺاهيا ويا آهن.
ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ ادا ڪرڻ ته شاهه صاحب جي ڪامل ذهن جو ئي شيوو هو. ”روح“ ۽ ”رب“ جي تعلق کي ڪٿي سهڻي ۽ ميهار جو لباس ڍڪايو اٿس، ته ڪٿي گنڌريءَ ۽ ڄام تماچيڙ جو، ڪٿي سمنڊ جهاڳيندڙ سوداگرن ۽ سندن وفادار زالن جو پوش پهرايو اٿس، ته ڪٿي مڱڻهار ۽ سپڙ سخيءَ جو وغيره وغيره. شاهه صاحڀ هڪڙيءَ هڪڙيءَ شيءِ کي جدا جدا نالن ۾ بيان ڪرڻ جو ڪارستان هو. مثلا وڏڦڙو مينهن وسڻ، اگوندرو آب وسڻ، جهڙن جي جهونگار، سارنگ جي طرفان سار لهڻ، صراحيون پلٽڻ، بادل، وسڻ، جهڙ ڦڙ جو جهات ڏيڻ وغيره. لفظ فقط ”برسات پوڻ“ بابت ڪم آندا اٿس.
چانگو، ليڙو، ميو، ڪرهو، ڪنواٽ، ناقو، گئونرو، ڏاگهو، مهري، بردو وغيره نالا هڪڙي ”اٺ“ لفظ جي بدران ڪم آندا اٿس.
جنبور، ڪارائل، سگ موتيڙو، ڪلاب اها نالا ”ڪتي“ لاءِ ڪم آندا اٿس.
لفظن جي اهڙي ملاوت ڪرڻ، جو ڪنهن شيءِ جو لڪل گڻ بہ تمام پڌرو نظر اچي، يا سادي سودي لفظ کان سندس رواجي معنيٰ کسي ان کي ٻي اعليٰ درجي جي معنيٰ ڏيڻ کي چئجي ”بلاغت“ بلاغت جي معنيٰ آهي، سادن لفظن کي معنيٰ بنسبت اعليٰ درجي تي پهچائڻ. مثال:
”پايو جر ’جنڊن‘ ۾ ڪوڏان ڪن ڪهون.“
(سر مارئي)
”جنڊ“ لفظ جي رواجي معنيٰ آهي، پٿر جي چڪي، جا ان پيهڻ جي ڪم ايندي آهي. پر مٿئين ڪلام ۾ شاهه صاحب ”جنڊ“ لفظ مان سندس رواجي سادي سودي معنيٰ نہ ورتي آهي، بلڪه ”جنڊ“ جي معنيٰ ورتي اٿس ”پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس يا چڙهي.“ جنڊ کي انهيءَ نئين معنيٰ ڏيڻ ڪري پڙهندڙن کي هڪدم ذهن نشين ٿيو وڃي، ته پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس؛ شڪل ۾ گول ۽ وزن ۾ تمام ڳرا ٿين ٿا، اهڙن ڳرن ڪوسن کي خوشيءَ سان ڊوڙون پائي انهن کوهن مان چڪي ڪڍڻ مان ذهن ۾ اچيو وڃي ته مارئي جون ساهيڙيون ڏاڍيون جفاڪش ۽ خوش گذاريندڙ هيون.
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ انيڪ تشبيهون ڪم آنديون آهن، جن مان ٻہ ٽي مثال هت ڏهن ٿا:
” سور! ۾ وڌي ڌوڻ، آءُ آهيان اڳيهي ڪاهري،
جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي.“

سسئيءَ جو اندر وڇوڙي جي درد ۾ ڪهڙيءَ طرح ڳري رهيو هو، سا ڳالهه ٻڌندڙن جي ذهن تي پورو اثر ڪري نٿي سگهي ؛ پر شاهه صاهب ”پاڻيءَ ۾ لوڻ پوڻ“ جي حالت سان جڏهن ڀيٽ ڪري ٿو ڏيکاري، تڏهن ٻڌندڙن جي ذهن تي آسانيءَ سان اثر ٿي سگهي ٿو ته سسئي جو اندر ڪهڙيءَ طرح درد ۾ ڳرندو ٿي ويو.
”ڪڙو مجهه ڪڙي، جئن لهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.“
عاشق جو جيءُ معشوق سان ڪهڙيءُ طرح ڳنڍيل آهي، سا ڳالهه ٻڌندڙن کي چڱيءَ طرح تڏهن ذهن هشين ٿئي ٿي، جڏهن ان کي لهار جي ڪڙو ڪڙي ۾ ڳنڍڻ سان تشبيهه ڏني ويئي آهي.
” جر ۾ سپون، جئن آهن ابر آسري؛
جئن ڪونجون سارين روهه کي، مون تن اندر تئن؛
ڪوٺين وهان ڪئن؟ جي نطربندياڻي نہ هئان.“
مارئي کي پنهنجن عزيزن سان ملڻ جي سڪ ۽ انتظار ڪيتري قدر هو تنهن کي زوردار نموني ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب ان جي ڀيٽ ٻن شين سان ڪئي آهي، جن جو انتظار ۽ سڪ عام طرح مشهور آهي: هڪڙي سپ، جا برسات جي بوند جهٽڻ لاءِ وات ڦاڙيو سمنڊ جي سطح تي پيئي ترندي آهي، جڏهن برسات جي ڦڙي وات ۾ پوندي اٿس، تڏهن وڃي تر وٺندي آهي، ٻي ڪونج جا پنهنجا ٻچا جبل ۾ ڇڏي چوڳي لاءِ ڏورانهن ملڪن ۾ وڃيو نڪرندي اهي ۽ تيستائين پئي دانهون ڪندي آهي، جيستائين وري وڃي پنهنجي ٻچن کي ڏسندي آهي.
مٿين مثالن مان هيءَ ڳالهه بہ معلوم ڪرڻ گهرجي ته شاهه صاحب جن شين سان تشبيهون ڏنيون آهن سي سڀ اهڙيون آهن جي سنڌ ديس جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح معلوم آهن جهڙوڪ: لوڻ جو پاڻيءَ م ڳرڻ، لوهار جو ڪڙو ڪڙي ۾ ملائڻ، سپ جو بوند لاءِ انتظار، ڪونجن جو ٻچن لاءِ ڪرڪڻ.
اڄ ڪلهه جا شاعر اڪٿر ڪري ايراني شاعرن جي پيروي ڪندا آهن ۽ اهڙيون تشبيهون ڪم آڻيندا آهن، جن جو سنڌ ديس سان لاڳاپو ئي نہ هوندو آهي. مثلاًش ”عاشق“ کي ”بلبل“ سان، معشوق جي اکين کي ”نرگس“ سان“ ”قد“ کي ”سرو“ ۽ ”شمشاد“ سان وغيره وغيره. اهو دستور ديسي ٻوليءَ لاءِ سينگار نہ ليکبو.

استعارا:
هونءُ ته اسين پنهنجي روزمره جي گفتگو ۾ استعارا آل جال پيا ڪم آڻيون، پر پنهنجي ڪنهن روحاني اخلاقي، عاشقاني وغيره ڪلام ۾ سهڻا استعارا ڪم آڻڻ فصيه ۽ بليغ شاعرن جو ڪم آهي. ڇاڪاڻ جو اهڙن ڪلامن ۾ لفظن کي اڌاري معنيٰ وٺي ڏيڻ وقت سببن ۽ حالتن کي ٺهڪائي ڦهڪائي بيهارن ڏکيو ذهني ڪم آهي.
جئن دنيا جا سڀ مذهبي ۽ روحاني ڪلام استعارن سان تمٽار آهن، ٿيئن شاهه صاحب جو ڪلام بہ عجيب عجيب ۽ دلچسپ استعارن سان ڀرپور آهي.
شاهه صاحب ايراني شاعرن جي استعارن جو نقل نہ ڪيو آهي. پر سڀ پنهنجا ۽ ديس سان تعلق رکندڙ استعارا ڪم آندا اٿس. ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”ماڻڪ“ مٽ سندوم، انوداهيءَ ۾ سوجهرو؛
حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نا ويندوم.“
”ماڻڪ“ لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي ”هيرو“ جو جبلن ۽ کاڻين مان لڀندو آهي. پر ڪلام جي عبادت مان اسين پڪ سان چئي سگهون ٿا. ته اتي ”ماڻڪ“ لفظ مان سندس حقيقي عنيٰ ورتل نہ آهي، ڇاڪاڻ جو جبلن مان لڌل هيرو اونداهي ۾ برابر چمڪي ٿو، پر مرڻ کان پوءِ انسان سان گڏجي نہ هلندو، نڪا ان ۾ ايڏي طاقت آهي، جو آخرت ۾ پاڻ ڀيڙو ڪري سگهندو.
”ماڻڪ“ لفظ کي شاهه صاحب اتي اڌاري معنيٰ وٺي ڏني آهي ”زبردستي روحاني هستي“ پوءِ اها ”روحاني زبردست هستي“ خود ”رب جي پاڪ ذات“ چئجي يا ”شافع الامت صلعم جي پاڪ هستي“.
ڪهڙن سببن ۽ حالتن جي ڪري اهو استعارو ڪم آندو ويو آهي؟
جئن هيرو اونداهيءَ ۾ سوجهرو ڪندو آهي، تئن معشوق حقيقي ”عدم“ جي اونداهه مان ”وجود“ جو سوجهرو بڻايو؛ بي ايماني جي اوندهه کي ايمان جو نور سان دفع ڪيو ۽ آخر ۾ بہ جيڪي ٿيندو، سو انهيءَ پاڪ هستيءَ جي سوجهري ۾.
”مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا؛ سرها ٿيا سنگهار،
اڄ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“
مٿين مثال ۾ استعاره طرح شاهه صاحب ”منڊل“ لفظ جي معنيٰ ورتي آهي آسماني گوڙ؛ جا برسات وقت پوندي. هونءِ ”منڊل“ لفظ جي حقيقي يا اصلوڪي مقرر ٿيل معنيٰ آهي مشهور ساز جنهن تي ڳائبو آهي.
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ڪرها ٿيا قزاق؛
ان کي جا اٺن کي، سامين پوءِ م ماڪ،
اکڙين خوراڪ، پسڻ پرڏيهين جو.“
”ٻاڻ“ لفظ جي معنيٰ شاهه صاحب استعاره طرح ورتي آهي ”نينهن“ يا ”عشق“.

لفظي صنعتون:
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻيئي لفظي صنعتون ڪم آنديون آهن، هت ٻہ ٽي مثال ڏجن ٿا:
(1) صنعت تجنيس حرفي:
”تجنيس“ جي معنى آهي هم جنس لفظ ڪم آڻڻ. هم جنس لفظن جا ڪيترائي نمونا آهن:
(1) ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪٻئي جي ڀرسان رکڻ.
”ناڻي ناه ڪڪوه؛ ڪي ملهه مهانگو منڌ،
سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ،
هي تنهن جو هنڌ، ماتن پاس مرن جي.“
پهريان ٻہ لفظ ”ن“ جي شروعات وارا وري ٻہ لفظ ”ڪ“ وارا، وري ٽي لفظ ”م“ وارا؛ وري ٻہ لفظ ”س“ وارا، وري ٽي لفظ ”ڪ“ وارا وغيره. اها آهي تجنيس حرفي.
(2) بہ هم جنس لفظ ڪم آڻڻ، جي صورتخطيءَ ۾ هوبهو هڪجهڙا هجن، پر معنى ۾ ڌار ڌار هجن، انهيءَ صنعت کي تجنيس تام چوندا آهن. تجنيس تام جي لفظ معنى آهي پورا پورا هم جنس لفظ ڪم آڻڻ مثال:

”جتن ڪج جتن جو آيا ڪي ايندا،
وٺي پنهون پنهنجو وٽان تو ويندا،
دم نہ دميندا، سڌاريندا ساڻيہ ڏي.“
جتن = ڌيان (2) جتن = جت.
ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو.
نهاريندس نڪڻي، بوتن ڪارڻ بر.....“
(1) ور = مڙس، ڀتار، (2) ور = ڏنگ، ڏنگائي، (3) ور = ڦيرو، پنڌ جو چڪر.
تجنيس تام واري صنعت شاه صاحب جي ڪلام ۾ گهڻي قدر آيل آهي.
”هلندي هارهو مڻي گسان ڪين گسان“
اهو تجنيس ناقص جو مٿال آهي.
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪرڪي ڪونج،
نعرو منجهه نڪونج، ايءَ تان آه عشق جي.“
اهو تجنيس زائد جو مثال.

صنعت تضاد:
ٻه برخلاف معنائن وارا لفط هڪٻئي جي ڀرسان ڪم آڻڻ کي صنعت تضاد چئبو آهي. مثال:
(1) مٺو مٺيان گهڻو، ڪڙو ناه ڪلام“.
”مٺو“ ۽ ”ڪڙو“ هڪٻئي کان برخلاف معنائن وارا لفظ (ضد) آهن.
(2) هونديان هوت پري، اوڏو آهه اڻ هوند کي،
”هوند“ ۽ ”اَڻ هوندو“ هڪٻئي جا ضد آهن.
نڪا ابتدا عبد جي، نڪي انتها،
جن سين تو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
”ابتدا = شرعات، ”انتها“= پڇاڙي. اهي لفظ پاڻ ۾ ضد آهن، صنعت تضاد بہ شاه صاحب جي ڪلام ۾ گهڻي قدر آيل آهي.

معنوي صنعتون:
لفظن جي معنائن ۾ نزاڪت رکڻ کي چئبو آهي، صنعت معنوي، شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيئن لفظي صنعتون ڪم آنديون آهن، تئن معنوي صنعتون بہ عمديون عمديون ڪم آنديون اٿس. ٻہ ٽي مثال هت ڏجن ٿا:
صنعت حسن التعيل:
ڪنهن بہ حقيقت جو مشهور سبب ڪو ٻيو هجي، پر شارع پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ حقيقي لاءِ ڪو سهڻو خيالي سبب پيش ڪري ته ان کي چئجي حسن التعليل. اها صنعت عبارت جي لفظن مان ڪين پروڙبي آهي، پر عبارت جي معنى مان پروڙبي آهي.

مثال:
(1) ”اداڙي ٻانڌڻ، توکي ڪڙهان ڪ پاڻ کي،
سوڌا خبر سڄڻين، تو ڪا تڙ آندي؟
تون پاتار ۾ پانڌي، اسان پنڌ پرين ڏي.“
سهڻي گهڙي جي وسيلي ميهار ڏي ترندي وڇي ٿي، ته ڪو بنڊ درياءَ جي سير مان ترندو اچي ٿو. ان بنڊ کي دريياءَ مان ڪڍي، ڪناري تي ڦٽو نہ ڪرڻ لاءِ سهڻيءَ کي درحقيقت هيءَ سبب هو، جو سندس ڪو بہ واسطو بنڊ سان ڪونه هو. هن کي فقط پنهنجو پاڻ ميهار تائين پهچائڻو هو. پر سهڻي بنڊ سان همدردي نہ ڪئي، تنهنجي لاءِ شاعر عمدو خيالي سبب ڏئي ٿو، ته اي بنڊ! تو ميهار وٽان ڪو خيرعافيت جو پيغام مون لاءِ ڪونه آندو آهي، تنهن ڪري آءُ توکي ٻاهر ڪڍڻ جي همدردي نٿي ڪريان.،

ڏکا ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪين پربت تي، جنهنجا سڌر ٿا سڄڻ،
هوند نہ هت ٽرن، پر قرابت ڪم ڪيو.“

جبلن ۽ رڻ پٽن ۾ مرون انهيءَ ماڻهوءَ کي نقصان نہ رسائيندا اهن، جن وٽ مرن جي ڊيڄارڻ جهڙا هٿيار هوندا آهن، سسئي کي رڻ ۾ مرن نقصان نٿي رسايو، تنهن لاءِ شاعر هي سبب پيش ڪري ٿو، ته زبردست شخصيت سان سسئي جو سچو نينهن هو، تنهن نينهن جي دهشت سبب ڪو بہ مرون سسئي کي نقصان رسائڻ لاءِ ويجهو نہ ٿي اچي سگهيو.
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ طرحين طرحين نمونن سان صنعت حسن التعليل ڪم آندي.

صنعت ايهام:
ڪو بہ لفظ يا ڪا بہ عبارت اهڙي ڪم آڻڻ، جنهن جون ٻہ معنائون هجن. هڪي ويجهي ۽ ٻي پري. ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جو خيال ويجهي معنى تي هڪدم وڃي پوندو، پر شاعر ۽ مصنف جي مراد هوندي ڏوراهين معنى، اهڙيءَ ڪاريگريءَ کي چئبو آهي صنعت ايهام. ايهام جي لفظي معنى آهي. ڪنهن کي وهم ۾ وجهڻ يا ويچار ۾ وجهي ڇڏڻ، مثال:
(1) ”جا هڙ اندر جي، ساهڙ ڏني ساه کي،
ساهڙ ڇڙي نہ ساه جي، ساهڙ ساهڙ ري.
ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساه جي.“
انهيءَ ڪلام ۾ ”ساهڙ“ لفظ ۾ ”ايهام“ رکيل آهي. پرهندڙ پئون سٽ ”ساهڙ“ لفظ جي معنى سمجهندو ”ميهار“ ڇاڪاڻ جو اها ويجهي معنى آهي ۽ ساري آکاڻيءَ سان ”ساهڙ“ (ميهار) جو لاڳاپو آهي. پر اتي ”ساهڙ“ لفظ جي معنى ”اها هڙ“ يا ”اها ڳنڍ“ بہ شاعر ڪم آندي آهي، جا ڏوراهين معنى آهي.
عبارتن ۾ شاه صاحب تمام گهڻي قدر صنعت ايهام ڪم آندي آهي. مثلاً جيڪي قصا ۽ آکاڻيون پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون اٿس. تن ۾ نالن ۽ لفطن جي ويجهي معنى آهي، ۽ اهي شخص ۽ ڳالهيون جن بابت جي قصا ۽ آکاڻيون ٺهيل آهن، پر ڏوراهين معنى آهي ”روح“ ۽ ”رب“ جو تعلق جو ناهن سان لاڳو حالتون.

سنڌ جو پهريون موزون ڪلام وارو شارع مخدوم عبدالرؤف ڀٽي

(1682ع – 1752ع)

”پيان پاڻي سندو زمزم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي
مديني مير وٽ مولا- مون کي پهچاءِ ڪنهن ٿوري.“
(مجموعه مولود)

مخدوم عبدالرئوف جنهن جا ٺاهيل مولد ساري سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، سو پراڻن هالن وارن ڀٽي بزرگن مان هو.
مخدوم عبدالرئوف پنهنجو سمورو شعر، مولودن ۽ مداحن ۾ چيو آهي، جي اڄ تائين ساري سنڌ ۾ مشهور آهن ۽ هر هنڌ ڳائڻ ۾ پيئيون اچن. هن بزرگ مولودن ۾ حضرت صلعم جن جي ساراه ۽ سڪ سان گڏ مديني منوره ۾ وفات ڪرڻ جي خواهش ته تمام گهڻي قدر ڏيکاري آهي. خدا تعالى سندس اها مراد بہ پوري ڪئي. هڪرو ڀيرو هو حج ڪري پنهنجي وطن موٽي آيو ۽ ٻئي ڀيري حج ڪرڻ ويو ته مدينہ منوره ۾ سنه 1161 هجري برابر 1752ع ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم عبدالرئوف وفات ڪرڻ وقت ستر کن ورهن جو هو. کيس اولاد ڪونه هو.

(1) مولودن جو مضمون:
”مولود“ لفظ جي معنى آهي، اهو نظم، جنهن ۾ حضرت محمد صلعم جن جي ولادت جي خوشي ۽ ڏيکاريل هجي. مخدوم عبدالرئوف جي مولودن ۾ حضرت جن جي ولادت جي خوشي ۽ شان بہ ڏيکاريل آهي، پر گهڻي قدر حضرت جن جي ساراهه ۽ ساڻن سچي حب ۽ سندن زيارت لا3 سچي ۽ ڪامل سڪ ظاهر ڪيل آهي. ڪن ڪن مولودن ۾ حضرت جن جي پاڪ زندگيءَ جا ڪي واقعا بہ بيان ڪيل آهن، جهڙوڪ سندن شادي ۽ سندن معجزا، ڪن مولودن ۾ حضرت جن جي ڏهٽن حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنہ جن جو احوال ۽ ميدان ڪربلا جو ذڪر ٿيل آهي ۽ ڪن مولودن ۾ حضرت پيران پير دستگير جي ساراهه ۽ سندن دربار م التجائون ڪيل آهن. مخدوم صاحب جون ٻہ ٽي مداحون هٿ آيون آهن، تن ۾ حضرت نبي ڪريم صلعم جن جا معجزا ۽ روحاني نصيحتون ڏنل آهن. مضمون ڏيکارڻ خاطر ٻہ ٽي نمونا هيٺ ڏجن ٿا.
حضرت جن جي ولادت جي خوشي ۽ شان بابت:
ٿل- آيو محمد عربي نوري ٿيو نروار،
شمس قمر شرمايو.
(1) وڳي نوبت ناتيءَ ڄام جي چڙها چارئي يار،
دوارون دين وڌايو.
ساراهه ۽ سڪ بابت:
ٿل – مير معراج هلي دامن پاسي جهلي
مٿي عرش عظيم تي رقيبن ساڻ رکي
عاصي ”عبدالرئوف“ چئي سيد ساڻ هلي،
پيرانديءَ پرين رسول جي جنت جاءِ مل
هيٺئين مولود ۾ مخدوم صاحب مرحوم، اهو سارو رستو بيان ڪري ٿو، جو انهن ڏينهن حاجين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڪم ايندو هو.
ٿل- منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري
هلي هالا مٽيان، ميسا، انڙپور کي ڇڏيا اوري
مٽيارين جي محابي کان گهيليو، مانجهو ڇڏان گهوري
ڪنگو ۽ ڪوٽڙي، کوکر، سنڊا سيريون ڇڏيان سوري
ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچيءَ کان وڃان ڪوري.

نظم جو نمونو:
مخدوم عبدالرئوف مرحوم جو جيڪو ڪلام آهي، سو سڀ مولود ۽ مداحون آهن. ڪافي ۽ مولود بناوت بنسبت هوبهو ساڳئي قسم جو نظم آهي. ٻنهي ۾ تفاوت هيءُ آهي:
(1) ڪافي ۾ مضمون صوفيانه ۽ عاشقانه ڪم ايندو آهي؛ مگر مولودن ۾ خاص طرح حضرت نبي ڪريم عليه الصلوات والسلام جن جي تعريف ۽ ان جي زيارت جي سڪ جو مضمون ڪتب ايندو آهي.
(2) ڪافين جي ڳائڻ جو ڍنگ نرالو آهي ۽ مولودن ڳائڻ جي طرز نرالي آهي.
(3) ڪافيون جدا جدا راڳن ۽ راڳڻين جي سرن سان موافق ڪري ڳائبيون آهن، مگر مولود عام طرح يڪي سر ۽ يڪي طرز تي ڳائبا آهن. ڪي ڪي مولودي ڪن مولودن کي جدا جدا راڳنين جي سرن سان موافق بڻائي ڳائيندا آهن.
(4) ڪافيون ڪنهن نہ ڪنهن ساز تي ڳائبيون آهن، جهڙوڪ: تنبورو، يڪتارو، ستار، سارنگي، سرندو، دلو، ڌڪر، پڪواز وغيره وغيره، پر مولود ڳائڻ ۾ ڪو بہ ساز ڪم نہ ايندو آهي، تنهن ڪري ئي عبادتگاهن ۾ چئبو آهي.
(5) ڪافي اڪيلو ماڻهو بہ ڳائي سگهي ٿو، مگر مولود هميشه اٺ ڏهه ڄڻا ٻن ٽولين ۾ ويهي، ڳائيندا آهن: هڪڙي ٽولي مولود جو ٿل يا مصرع چئي رهندي، ته ٻي ٽولي وري وراڻي ڏيندي ايندي.

(4) موزون ڪلام
اڳي ائين وسهڻ ۾ ايندو هو، ته موزون (علم عروض جي مقرر ڪيل وزنن تي ٺهيل) سنڌي ڪلام اول اول آخوند گل محمد مرحوم هالائي جو شايع ٿيل آهي، جنهن هجري 1273 برابر سنه 1857ع ۾ وفات ڪئي، پر ائين نہ آهي. سنڌ ۾ پهريون پهريون موزون سنڌي ڪلام جو عام توڙي خاص ماڻهن جي زبانن تي آيو، سو مخدوم عبدالرؤف جا مولود شريف ئي آهن. انهن موزون مولودن مان هڪڙو مولود مٿي ڏنو ويو آهي؛ جنهن جو ”ٿل“ آهي.
”منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري.“ اهو مولود شريف ”بحر هزج مثمن سالم“ تي ٺهيل آهي.
ٿل- ڪري سينگار اڄ آيو، عجب اسرار بسم الله
1- سرهي سيج سينگاريو، عطر عنبير ڇٽڪاريو.
چئا چندن هيرا هاريو، عط هٻڪار بسم الله.

هيٺيون مولود شريف ”بحر رجز“ مثمن سالم تي ٺهيل آهي.
ٿل- محمد ڏسي من ٺاريان، جنهن لاءِ اڪندو آهيان.
سيد ڏسي لاهيان، جنهن لاءِ اڪندو آهيان.
هيٺيون مولود شريف ”بحر رمل“ مثمن محذوف تي ٺهيل آهي.
ٿل- دل کسي وئين دوست دلبر، چاه چشمن ناز سان
(مخدوم صاحب جي مولودن وارو ڪلام)

مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي

1690ع

قافيه ۽ بندش جي لحاظ سان بلڪل پورو ۽ دلچسپ آهي. مخدوم محمد ابراهيم هالن پراڻن جي ڀٽي بزرگن مان هو ۽ مخدوم عبدالرئوف جو سڳو ڀاءُ هو. هي شريعت جو صاحب هو. ان وقت مذهبي مسئلا جي عربي ۽ پارسي ۾ ئي هوندا هئا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ جو چاه ۽ ذوق سنڌ جي علمائن ۾ گهڻي قدر هو. مخدوم ابراهيم بہ پراڻي سنڌي نظم ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محمد ابراهيم جي سنڌي“ مخدوم پنهنجي سنڌيءَ ۾ فقط اهي ٽي سئو پنجاه ضروري مسئلا لکيا آهن، جن جو ڄاڻڻ هر هڪ مسلمان لاءِ ضروري امر آهي.
مخدوم محمد ابراهيم صاحب جي سنڌيءَ ۾ بہ سندس همعصر علمائن جي تصنيفات وارو ڏوهيڙو ڪم آيل آهي. هن ڏوهيڙن جي ترتيب اهڙي رکيل آهي، جهڙو مخدوم محمد هاشم صاحب ٺٽوي جي. ”زادالفقير“ ڪتاب ۾، ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ته ڪي ٽن، چئن يا وڌيڪ مصرعن وارا.

مولوي محمد حسين

(قصص الانبيا تصنيف جو سنه 1723ع)

قصص الانبيا اصل پارسي ۾ ٺهيل آهي، جنهن تان مولوي محمد حسن مرحوم هجري سنه 1177 ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سندس نالو رکيو آهي”سيربستان“ (باغ جو سير)
مولوي محمد حسين مرحوم جي سوانح عمريءَ جو پورو پتو ڪونهي پر ايتري پڪ آهي، ته هو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمته الله عليہ جو ڪو همعصر هو. مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمته جي وفات کان فقط ٽي سال پوءِ، مولوي محمد حسين مرحوم قصص الانبياءَ جو ترجمو ”سير بستان“ تيار ڪيو هو. انهيءَ ڪتاب ٺاهڻ بابت پاڻ هئن ٿو فرمائي:
”خالق مڪيون خبرون سچي سيد ڏانهن،
پر ڪين سمجهن تن کي جي امي عواما
مگر خبرون ڏين تن کي، جي سڳورا علماءَ،
تڏهن هنئين ۾ حسين جي هي آيو خيالا،
ته لکي ڪريان پڌرا قصا نبين جا،
سنڌي وائيءَ سهکا، سي ڪريان بيانا“

ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾:
تمام ٿيو نسخو سنڌي جڙي هي سهجا،
هٿان هن ضعيف جي فضل ساڻ خدا،
پورو ٿيو شعبان ۾ ڪارهن ماه ٿيا.
ڪتاب ۾ سڀني نبين جا قصا مفصل طرح ڏنل آهن. حضرت آدم کان وٺي حضرت رسول مقبول محمد صلي الله عليہ وسلم تائين قرآن ۽ حديث موجب نبين جون ڳالهيون ۽ انهن مان اخلاقي نتيجا چٽيءَ طرح سمجهايل آهن.

نظم جو نمونو:
قصص الانبياءَ جو نظم تمام سادو آهي، شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين يڪو قافيه ”آ“ هليو اچي، جئن فرائض الاسلام ڪتاب ۾ آهي. مصنف جي ٻوليءَ ۽ عبارت بہ اهڙي آهي جهڙي ٺٽي جي عالمن ابو الحسن، مخدوم هاشم ۽ مخدوم عبدالله جي.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي 1739ع

سنڱ سرهو رب جو، ٻيا سنڱ سور ٿين
ساراه سڱ صاحب جو، ٻئنون هت ڌوئجن.
(تفسير)

مخدوم عبدالرحيم شهيد گرهوڙي تفسير، حديث ۽ فقہ جو زبردست عالم ۽ نقشبندي طريقي جو متشرع صوفي هو. سندس والد صاحب يا ٻين وڏن جا نالا معلوم نہ آهن، مگر ايتري تسلي آهي، ته سندس مائٽ مڱريه قوم جا وڏا زميندار هئا، هي بزرگ سنه 1152هه ۾ ڄائو هو. مخدوم صاحب پنهنجي ڪلام ۾ بہ ڪٿي پاڻ کي عبد، ڪٿي عبدالرحيم ته ڪٿي مڱريه ته ڪٿي گرهوڙي سڏيو آهي جيئن ته:
”ڄاڻ وڃايو ٽاڻ، ڪيرت راه گم ڪيو؛
ان در مٿي ’مڱريا‘، پاڻ م کڻج ساڻ؛
روڄاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو.“
مخدوم صاحب کي گرهوڙي هن ڪري ٿا سڏين، جو سندس وطن هو. ڳوٺ گرهوڙ تعلقه سامارو (اڪڙي) پٿوري جي اسٽيشن کان ڇهه ميل پري، جتي هينئر سندس عاليشان قبو قائم آهي. مخدوم پنهنجي ڪلام ۾ گرهوڙ بابت هئن ٿو فرمائي:

”اتران ئي عيد ٿي، ڏکڻ ڏٺو چنڊ؛
جهڙيو ڦڙيو جنڊ، گجي ٿو ’گرهوڙ‘ تي.“
تتر کرڙي اُڀ ۾، منڌ م پاڻيءَ وڃ،
ڀول مرريئي ڀڃ، آيو گر ’گرهوڙ‘ ۾.

مخدوم عبدالرحيم سندس همعصر عالمن کي ليکي ۾ ئي ڪين آڻيند هو ۽ وقت جي پيرن، فقيرن ۽ ساداتن جي پرواه بہ ڪا نہ ڪندو هو. ”لواري“ وارن بزرگن تان بہ جنسي ٺٺوليون ڪندو هو.
هڪڙي ڀيري ڪو درويش مخدوم عبدالرحيم سان مليو. جڏهن مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو، ته اهو درويش پنهنجي مرشد سلطان الالياءَ محمد زمان لواريءَ واري ڏانهن ٿو وڃي، تڏهن ٺٺولي طرح چيائينس ته يار، تون پنهنجي مرشد کي منهنجي پاران سلام ڏج ۽ پڇجانس، ته ”معراج“ خاص طرح حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن لاءِ هٿو، يا ٻين لاءِ بہ آهي؟“ درويش جڏهن حضرت سلطان الاولياءَ جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن صحبت جي فيض ۽ محويت ۾ مخدوم عبدالرحيم وارو پيغام ئي وسري ويس. جڏهن اهو درويش موڪلائي پنهنجي وطن ڏي ٿي موٽيو، تڏهن حضرت سلطان اولياءَ فرمايس، ته ”ابا توکي هيڏانهن اچڻ وقت اسان ڏانهن ڪو نياپو مليو هو، سو ته اسان کي پهچايو ئي ڪونه. هاڻي انهي نياپي ڏيندڙ ميان عبدالرحيم کي چئج ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل اڏائي ويئي هئي، جا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي. اگرچه اها خاص سندن لاءِ جوڙائي ويئي هئي، تڏهن بہ جو چاهي، سو اڄ تائين ان مٿان لنگهي سگهي ٿو، ساڳيءَ ريت حضرت نبي ڪريم جن پڻ معراج جي وسيلي هن جهان کان هن جهان تائين گويا هڪڙي پل ٺهرائي. اها ڪا ڊهڻ جي آهي؟ البته ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شان حضرت پيغمبر جن کي هو، پر سلطان پٺيان سندس لشڪر بہ لنگهي سگهي ٿو. انهيءَ ڳالهه ۾ ته پاڻ سلطان جو فخر آهي.“
اهو نياپو جڏهن مخدوم صاحب کي پهتو، تڏهن اکين جا اولا لهي پيس ۽ گرهوڙ کان ڪهي لواريءَ ۾ آيو ۽ حضرت سلطان الاولياءَ محمد زمان جو اچي صادق مريد ٿيو ۽ وڏي روحاني منزل تي وڃي پهتو. پوءِ بار بار چوندو هو، ته ”مون کي فخر هوندو هو، ته مون جهڙو عالم ملڪن ۾ ڳوليو لڀندو؛ پر جڏهن حضرت جن جي روبرو ٿيس، تڏهن سڀ وڄا وسري ويم. سندن اڳيان پاڻ کي اهڙو هيچ سمجهندو هوس، جهڙو جاهل ڪنهن فاضل اڳيان.“
محبوب الصمد خواجه گل محمد کي مسند نشين ڪرڻ کان پوءِ بہ مخدوم صاحب ڳچ ڏينهن لواريءَ ۾ رهيو پيو هو ۽ پوءِ پنهنجي وطن ويو ۽ اتي وڃي خلوت ۾ گذارڻ لڳو. کاڄ بلڪل ٿورو کائيندو هو، ٽئين ٽئين ڏينهن جلاب وٺي معدو صاف ڪري ڇڏيندو هو. رات ڏينهن کٿو اوڍيو تڏي تي پيو هوندو هو ۽ نهايت ڪمزور ٿي پيو ۽ هڏن جي مٺ وڃي هيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن خلوت مان نڪري تڙپاڻي ڪري نئون وڳو پهري دهلاري کي سڏي ڍنڍورو ڏياريائين ته ”جو ماڻهو اڄ اچي منهنجي بيعت ڪندو، تنهن کي سڀان دوزخ جي باه کان بچائڻ جو ذمو آءٌ پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار آهيان.“ چون ٿا ته مير بجار خان ٽالپر، ڪلهوڙن سان جنگ ڪرڻ وقت، مخدوم عبدالرحيم صاحب کان اچي دعا گهري هئي، جنهن فتحيابيءَ جي دعا ڪيس. پاڻ فرمائيندو هو، ته مون کي مشائخي جي طمع ڪانهي، پر مرشد هاديءَ جي فرمودي موجب خلق کي طريقت جو سبق ڏيڻ پاڻ تي فرض ٿو سمجهان. مخدوم صاحب جي جيئري ئي هزارين سندس مريد ٿي ويا ۽ سندس شهادت کان پوءِ بہ هزارين مريد، سندس جاءِ نشين جا اچي ٿيا ۽ اڃا بہ پيا ٿين. مخدوم صاحب کي دين جي دشمنن سان جهاد ڪري شهادت پائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. پاڻ فرمائي ٿو:
”سپر سور ڪندياءِ، مرڻ باس، ته مير ٿين؛
ويٺو تير وساءِ، ساڻيہ ۾ سڄڻن جا.“
بيت 142
”پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام؛
دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.“
بيت 18
تانسين تون نہ فقير، جانسين سانگ سسئي جو،
ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو.“
بيت 14
”سامي ڪنڌ ڪپاءِ، ڪن ڪپاءِ م ڪاپڙي،
هيءَ تنهين جي جاءِ، جنهين ٻيئي ڇڏيون.“
بيت 30
گرهوڙ کان 60 ميلن جي مفاصلي تي ٿرپارڪر ضلع ۾ هڪڙو بتخانو هوندو هو، جنهن ۾ هر قسم جون بڇڙايون پييون ٿينديون هيون، ان بتخاني جو سنڀاليندر هڪڙو زبردست جادوگر جوڳي هوندو هو، جنهن سارو ملڪ ڪنبائي ڇڏيو هو. مخدوم صاحب پنهنجي ويجهڙائيءَ ۾ اهڙو ظلم ۽ بيديني سهي نہ سگهيو، تنهنڪري ڳچ جيترا همراه ساڻ ڪري، انهيءَ ساميءَ تي ڪاهي ويو. رواني ٿيئڻ وقت، پنهنجي مرشد حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد صاحب ڏي ( جو ان وقت پنڌرهن ورهين جي عمر جو هو) هي بيت ڪنهن فقير هٿان ڏياري موڪليائين:
”جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو؟
من ڻا ستاڙو، پڻس نالو ڪينڪي.“
حضرت خواجه صاحب سنيهي جو مطلب سمجهي نهايت گهڻو افسوس ڪيو. واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو، ته ”حضرتا، توهان سان ٿورڙي فوج آهي ۽ جوڳيءَ وٽ چيلن جي ڪمي ڪانهي، پوءِ ڪيئن مقابلو ڪري سگهندؤ“. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته ادا:
”جي هوءِ مڙهي ڀڳي، ته بہ فتح اسان جي،
پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي، ته بہ فتح اسان جي.
مخدوم صاحب همراهه وٺي وڃي بتخاني تي ڪڙڪيو. جوڳي مارجي ويو ۽ بتخانو ڀڃي زمين دوز ڪري ڇڏيائون. مخدوم صاحب کي بہ تيرن ۽ تلوارن زخمي ڪري وڌو ۽ اتيئي شهادت پاتائين. سندس مبارڪ لاشو ”گرهوڙ“ ۾ آڻي دفن ڪيائون. اهو حادثو هجري 1192 برابر عيسوي سنه 1778 ۾ ٿيو، جڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي چٽا ڀيٽي چالو هئي، ان وقت مخدوم صاحب جي عمر چاليهه ورهيه هئي.
مخدوم صاحب شريعت توڙي طريقت بابت تمام گهڻا ڪتاب تصنيف ڪيا هئا، مگر مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ وقت، لڏ پلاڻ جي تڪليفن ڪري ڪيترائي قيمتي ڪتاب نابود ٿي ويا. هن وقت سندس فقط ٽي ڪتاب دستخط صورت ۾ موجود آهن:
(1) سنڌي ڪلام ۾ ابيات، (2) فتح الفضل، جنهن ۾ پنهنجي مرشدن جا ملفوظات ۽ انهن جي سنڌي بيتن جي شرح، جا عربيءَ زبان ۾ لکيل آهي ۽ (3) ابيات مثنوي (جنهن ۾ فقط مرشد جي ساراه لکيل آهي). هتي فقط سندس ”سنڌي ڪلام ۽ ابيات“ بابت ادبي نظر سان ڪجهه لکجي ٿو:

مخدوم صاحب جو ڪلام:
مخدوم عبدالرحيم شهيد جو سنڌي ڪلام ۽ ابيات هڪڙي وڏي رسالي جي صورت ۾ آهي. ان رسالي جا نقل سنڌ ۾ گهڻن ئي علم دوست اصحابن وٽ موجود آهن، پر ڪن وٽ ٿورو ڀاڱو نقل ٿيل آهي، ته ڪن وٽ گهڻو. اسين فقط انهيءَ ڪلام بابت ادبي نظر سان بيان ڪريون ٿا، جو اسان وٽ موجود آهي.

مضمون:
گرهوڙي صاحب جو ڪلام ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهريون ڀاڱو ”شريعت“ سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ٻيو ڀاڱو ”طريقت“ سان پهريون ڀاڱو ڊگهن ۽ سادن قافين وارن ڏوهيڙن ۾ ٺهيل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو رواجي بيتن يا باقاعدي ڏوهيڙن جي صورت ۾.
پهرين ڀاڱي ۾ اهي مسئلا بيان ڪيل آهن، جن جو شريعت سان سڌيءَ طرح واسطو آهي، جئن ته ايمان، توحيد، رسالت، تفسير سورت الفاتحہ، تفسير سورت الاخلاص، تفسير سورت الڪوثر، ايمان جون ست صفتون، موت ۽ سڪرات جو بيان، قبر ۽ قيامت جا ذڪر اذڪار گروهڙي صاحب کان اڳ ۽ سندس وقت ۾ ٻين علماءَ شاعرن بہ پنهنجين منظوم تصنيفن ۾ ڪيا آهن، جهڙوڪ: مولوي ابو الحسن، سندس سنڌيءَ ۾، مخدوم ضياءُ الدين سندس سنڌيءَ ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ”فرائض الاسلام“ ۾، مخدوم عبدالخالق ”زادالفقير“ ۾ ۽ مخدوم عبدالله ڪنزالعبرت ۾ وغيره. مگر انهن سڀني علمائن سڳورن مٿيان مسئلا سنئين سڌيءَ طرح شريعت جي رنگ ۾ بينا ڪيا آهن. گرهوڙي صاحب هر هڪ مسئلي جو شرعي ڀاڱو بيان ڪري پوءِ اچي ان جي اخلاقي ۽ روحاني مرادن بيان ڪرڻ ۾ پلٽيو آهي. هر هڪ شرعي مسئلي کي فنا في الله ۽ فنا في الرسول جي رنگ ۾ رڱيندو ويو آهي.
پهريائين ”ايمان“ جي بيان کي ڪلمئه طيب جي معنى کان شروع ڪري ٿو۽ معنى کي بہ قرآن شيف جي آيتن ۽ حديثن سان ملائيندو پنهنجو حقيقي عشق ۽ مدني مرسل جي محبت کي نروار ڪندو وڃي پار پيو آهي.

”لاالله الا الله آهي هيڪڙو جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ ان سندي عقل جائز هوءِ،
سڀڪا صورت جوڙ تنهن پڻ پراهون سوءِ،
سڀن ڌاران تنهن سري ان ري سري نہ ڪوءِ.....
ان ري صورت نہ ٿئي، صورت ري سو هوءِ،
واحد پاڪ ورڇ کان جئن نہ هوءِ ذروءِ....
جيڪي تنهن ري پوڄجي سڀ پاپ ٿيوءِ.“

ڪلام جو ٻيو ڀاڱو ”سنڌي ابيات“ آهن. اهي اهڙائي باقاعدي ڏوهيڙا آهن، جهڙا ان وقت جي درويش شاعرن جا آهن، جهڙوڪ قاضي قاضن، شاه ڪريم، شاه ڀٽائي وغيره جا ڏوهيڙا.
مخدوم گرهوڙي صاحب جي ڏوهيڙن ۾ بہ مضمون اهڙو ئي نج طريقت ۽ عشق حقيقي جو آهي، جهڙو ٻين بزرگن جي ڏوهيڙن جو. مثال طور ٿورا ڏوهيڙا هي ڏجن ٿا:

(1) ”جڏهن ’ڪين‘ لڌوءِ، تڏهن لڌوءِ سپرين،
جانسين لهي نہ ’ڪين‘ کي تانسين هوت نہ هوءِ،
’اِن ربي على صراط مستقيم‘ رندن راه اهوءِ،
’نفي‘ ۽ ’اثبات‘ کان پرين پاڪيزوءِ،
لالن سندي لوءِ، تن تناقص ناهه ڪو.“
(2) سڪ روحاني ساميين جسمي جاهلن،
لڳن مڇي من، پارس ڪينڪي.“
(3) پلپل پوءِ پڇار، ملڪ ۾ ميثاق جي
ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.“
(4) ”عابد زاهد اوريان عارف عين منڱن،
هوءِ روادار رکڻ جا هي هٿان هٿ گهرن،
ساعت سال چون، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.“

نظم جو نمونو:
مخودم گرهوڙي جي ڪلام جو پهريون ڀاڱو ڊگهن ۽ سادن قافين وارو آهي، جهڙو ”فرائض الاسلام“،”ڪنزالعبرت“وغيره ڪتابن ۾ ڪم آيل آهي. مگر ٻيو ڀاڱو سنڌي ابيات، باقاعدي ڏوهيڙن يا بيتن ۾ چيل آهي. انهن ۾ قاضي قاضن جي بيتن، شاهه ڪريم جي ڏوهيڙن ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي بيتن جا سڀ نمونا سمايل آهن.

ٻولي ۽ عبارت:
گرهوڙي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ اها صاف ۽ سلوڻي سنڌي ڪم آندي آهي، جا شاهه ڀٽائي صاحب يا صوفي صديق صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آندي آهي.
مخدوم گرهوڙي صاحب جي ڪلام جا، جيڪي ٻہ ٽي دستخط نسخا نظر چڙهيل آهن، تن ۾ سنڌي صورت خطي اها ساڳي آهي، جهڙي مولوي ابوالحسن مرحوم جي ”سنڌيءَ ۾“ آيل آهي.

سچل فقير يا سچل سرمست (1739ع – 1829ع)

”صورت سڀ سلطان،
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو“

ميان سچل جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو، پر ننڍي هوندي اصل مائٽ کيس سچيڏنو سڏيندا هئا. پاڻ بہ ڪافين ۾ تخلص طرح ڪٿي سچڍو، ڪٿي سچل ۽ ڪٿي سچيڏنو سڏيو اٿس، مگر هڪڙيءَ ڪافيءَ ۾ پاڻ کي ’خدائي‘ جي تخلص سان سڏيو اٿس.
سچل فقير پنهنجي پارسي ڪلام ”ديوان آشڪارا“ ۾ پاڻ کي آشڪارا جي تخلص سان سڏيو آهي ۽ ”رازنامه“ ۽ رهبرنامه“ ۾ پنهنجو تخلص خدائي ڪم آندو اٿس.
هو فاروقي خاندان، يعني حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنہ جي اولاد مان هو. سچل فقير درازن جي ڳوٺ ۾ هجري سنه 1152 مطابق عيسوي سنه 1739 ۾ تولد ٿيو. هو اڃا ننڍچو ئي هو، ته سندس والد ميان صلاح الدين رضا ڪئي، تنهن ڪري هو پنهنجي چاچي ميان عبدالحق جي سنڀال هيٺ رهيو. فقير صاحبڏنه درويش جي وفات کان پوءِ ان جي فقيراڻي گاديءَ جو ڌڻي ميان عبدالحق ٿيو، تنهن ڪري ميان عبدالحق سچل جو مرشد بہ ٿي. سچل فقير سان ميان عبدالحق جو ڏاڍو پيار هوندو هو، ۽ ان پنهنجي ڀائٽي کي روحاني فيض بہ چڱو بخشيو. سچل فقير پنهنجي پارسي ڪلام، توڙي سنڌي ڪلام ۾، پنهنجي چاچي (مرشد) جي فيض بخشڻ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي.
جنهن وقت سچل فقير پنجن ورهين جي عمر جو هو، تنهن وقت شاهه ڀٽائي، فقير صاحڏبنه درويش جي ملاقات لاءِ درازن جي ڳوٺ ۾ آيو هو ۽ سچل فقير کي ڏسي، فقير صاحبڏنه کي چيائين: ته ”اسان جيڪو ڪنون رڌو آهي، تنهن جو ڍڪڻ، هي ڇوڪرو لاهيندو“ (يعني پنهنجي ڪلام ۾ الاهي راز کولي ڳائيندو)
سچل فقير جو تعليمي استاد حافظ عبدالله مرحوم هو، جنهن جي تربت سچل فقير جي قبي جي ايوان ۾ سائي رنگ جي سرن سان ٻڌل اڃا موجود آهي. سچل فقير قرآن شريف بر زبان ياد ڪيو، پر پارسيءُ ۽ تصوف جا پارسي ڪتاب بہ گهڻا مطالع ڪيا هئائين، انهن تصوف جي ڪتابن مان کيس شيخ فريد الدين عطار جو ”منطق الطير“ ۽ وصلت نامه شيخ شمس الحق تبريزي جو ”ديوان شمس تبريزي. اهڙا روحانيت ڀريل ۽ پر فيض نظر آيا، جو شيخ عطار ۽ شمس تبريزي کي پنهنجي پارسي ڪلام ۾ روحاني مرشد ڪري مڃيو اٿس، روميءَ ۽ جاميءَ کي انهن کان گهٽ ڪري ليکيو اٿس. مثال:
”اي دلا خوشبو زشہ عطار در جانم رسيد،
آن زمان يکبارگي از ڪفر و دين مارا ڪشيد.
چه جلال الدين چه جامي غاشيه بردار او،
اين چنين تعريف من از پير عبدالحق شنيد.“
(ديوان آشڪارا)

سچل فقير جوانيءَ جي شروعاتي زماني ۾، پنهنجن وڏن وانگر روزي نماز ۽ ٻين شرعي ڪمن تي پورو هوندو هو، چشتيه طريقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ويو، تڏهن ظاهري شريعت جي پابندي ڇڏي ڏنائين، ۽ ”استغراق“ جي حالت ۾ پيو هوندو هو. طبلي، سارنگي يا ٻئي ڪنهن ساز تي هٿ لڳندو هو، ته فقير صاحب بيخود ٿي ويندو هو، مٿي جا وار کڙا ٿيو ويندا هئس ۽ اکين مان پاڻي جاري رهندو هوس. شعر بہ انهيءَ حال جي حالت ۾ چوندو هو.
فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌ، اهڙي بيوسيءَ جو زڪر ڪيو آهي. جئن ته:

ٿل: هو ڪهڙي واٽ ويام،
آءٌ تان ڳوٺ رهيس سڀ ڳولي.
(آخرين مصرع)

”سچل“ آءٌ تان ناهيان، پوءِ ساري سڏ پيام،
ٿو پاڻ ٻاروچو ٻولي. (ڪافي نمبر 452)

سچل فقير، شاهه ڀٽائيءَ وانگر وڏا وڏا سفر ۽ مسافريون ڪين ڪيون هيون: هو فقط روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين ايندو ويندو هو ۽ جتي جتي منزل انداز ٿيو هو، اتي فقيرن ۽ صحبتين جا ميڙا لڳيو ويندا هئا.
فقير صاحب نوي وهرني جي ڄمار ۾، تاريخ 14- رمضان مبارڪ سنه 1242 هجري، مطابق 1829ع درازن ۾ وصال ڪيو.

تصنيفات:
جنهن زماني کان وٺي سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ظاهر ٿي چڪا آهن، تنهن زماني کان وٺي اڄ تائين ٻئي ڪنهن بہ شاعر پارسي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو گهڻو ۽ اهڙيءَ طرز جو شعر ڪو نہ چيو آهي، جيترو سچل فقير چيو آهي. سندس نظمي تصنيفات جو تفصيل هن طرح آهي:

1- ديوان آشڪارا پارسي
2- رازنامه =
3- رهبرنامه =
4- گداز نامه =
5- تارنامه =
6- رساله سچل فقير جلد پهريون =
(سنڌي ڪافيون ۽ غزل)
7- رساله سچل فقير جلد ٻيو =
(سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا)

رساله سچل فقير جلد پهرئين ۾ سنڌي؛ سرائڪي؛ پنجابيءَ ٻوليءَ جون ڪافيون، غزل، جهولڻا ۽ ريختا آهن، جن جو ڪل انداز (1340) هڪ هزار ٽي سئو چاليهه آهي. جلد ٻئي ۾ ڏهه سي حرفيون (پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾)، 195 پنجابي ڏوهيڙا، مرغ نامه: جنهن ۾ 125 کن سنڌي ڏوهيڙا آهن. وحدت نامه: جنهن ۾ 180 مصرعن وارو يڪو سنڌي ڏوهيڙو، سسئي جا بيت، جي اڍائي سو کن سنڌي ڏوهيڙا آهن، مارئيءَ جا بيت، پؤڻا ٻہ سئو کن سنڌي ڏوهيڙا، مومل جا بيت، پنجويهه کن سنڌي ڏوهيڙا، نوري ۽ ڄام تماچي جا منو سو کن ڏوهيڙا، ’روجهه‘ بابت سترهن سنڌي ڏوهيڙا، پورب جا بيت اٺاويهه ڏوهيڙا، وحدت جا بيت پنجٽيهه ڏوهيڙا، حقيقت بابت پنجويهه کن ڏوهيڙا ۽ جهولڻو سسئي ۽ پنهونءَ بابت. ٻئي جلد ۾ سي حرفين سميت ڪل يارهن سو کن ڏوهيڙا آهن.
اسين هت سچل فقير عليہ الرحمت جي پارسي ڪلام کي ڇڏي فقط سندس ٻين رسالن تي تبصرو ڪنداسون، جن جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق آهي.
شاهه ڀٽائي صاحب ۽ سچل سائين جي ڪلامن جو مضمون ساڳيو ئي نج تصوف آهي، يعني روح ۽ رب جو تعلق ۽ سچو عشق يا حقيقي عشق، مگر شاهه صاحب جيڪي روحاني حقيقتون، پردي ۽ پوش سان بيان ڪيون آهن. سي سچل سائينءَ بي ڌڙڪ ٿي، کليون کلائيون چئي ڏنيون آهن. شاهه صحب جو ڪلام درد، سوز ۽ نماڻائيءَ سان ڀريل آهي، پر سچل سرمست جو ڪلام درد، سوز ۽ جرئت (جوش) سان ٽمٽار آهي.

(1) شريعت ۽ حقيقت:
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾، جيتوڻيڪ طريقت ۽ حقيقت جو درجو شريعت کان مٿڀرو ڏيکاريو آهي، ته بہ شريعت جو ادب توڙ تائين رکندو آيو آهي ۽ جيتوڻيڪ مڃيو اٿس ته خدا تعالى جي راضپي ۽ وصال حاصل ڪرڻ جو وسيلو فقط طريقت (روحاني عمل ئي آهي، ته بہ جسماني عمل، يعني روزن نمازن کي سهڻو ڪم ڪري سڏيو اٿس. جئن ته:
ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشق جو.

[2]
روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
پر او ڪيو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي
(شاهه صاحب جو رسالو)
مگر سچل سرمست ”دين ۽ بيديني“،”ڪفر“۽ ”اسلام“ جي وچ وارا پردا ئي، عشق حقيقي جي آتش سان جلائي ڦٽا ڪري ڇڏي ٿو.

ڪافي نمبر 49
اتي ڪفر نہ اسلام آهي سڀن کي سلام،
1- ڪڏهن ڏسي ڪينڪي اهو آرانڀو آرام.
2- مذهب مور نہ مڃيان آءٌ مشرف منجهه مدام.
3- قيد ڀڃي ظاهر ٿيا آءٌ جاري پيان جام.
4- هادي سائين پاڻ سچوءَ کي عشق ڪيو انعام.
(2) روح ۽ رب جي وچ ۾ ڪو بہ ويڇو ڪونهي:
شاهه ڀٽائي صاحب بہ اها دعوى ڪئي آهي ته ”آءٌ خدا آهيان“، مگر پوش ۽ پردي ۾. جيئن ته:
”پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.“
مگر سچل سرمست بي ڌڙڪ چوي ٿو:

ڪافي نمبر439
ڀول نہ ٻئي ڪنهن ڀل، تون ته آدم نہ آهين،
لڪيو ٿو لاتيون ڪرين، جئن باغ اندر بلبل،
(3) سڀ ۾ خدا يا سڀڪجهه خدا:
همد از او است (سڀڪجهه ان کان آهي)، ۽ همہ اوست (سڀڪجهه هو پاڻ آهي)، انهيءَ صوفيانه مسئلي کي شاهه صاحب بہ گهڻي قدر ڳايو آهي، پر نرم لفطن ۾، جئن ته:
”سوهي، سو هو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساهه؛ سو ويري، سو واهرو“
”پاڻ ئي جل جلالہ، پاڻ ئي جان جمال،
پاڻ ئي صورت پرينءَ جي، پاڻ ئي حسن ڪمال،
پاڻ ئي پير مريد ٿئي، پاڻ ئي پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.“
سچل سائينءَ انهيءَ مسئلي کي نرالي ڍنگ ۾ ڳايو آهي. مثلاً:

ڪافي نمبر 1296
سڀڪنهن صورت ۾ سپرين.
سرتيون ري ساري ڳالهه سليائون.
1- ڏيو ٻاري سج کي، ڪاٿي ڪين ڏٺائون.
2- ساڻ روشني سج جي، پر جهي سج پسيائون.
3- وحدت ڪثرت هڪڙي جئن مينهن ڦڙيون مورائون.
4- ’سچو‘ سندي نانءَ ۾ اهڙيءَ طرح اُتائون.

سچل فقير ٻيا بہ اهي صوفيانه سڀ مسئلا پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن، جي قديم خواه جديد صوفي، جدا جدا رنگ ۾ ظاهر ڪري ويا آهن.
سچل فقير، علم موسيقي يا سنگيت وديا جي سرن راڳن ۽ راڳڻين جي نظر تي ڪافي جا ڪيترائي نمونا ٺاهيا آهن. اهو ڪو ورلي سر، راڳ ۽ راڳڻي هوندي، جنهن ۾ سچل فقير هر قسم جون ڪافيون نہ ٺاهيون آهن. وڏي خوبي اها آهي، جو ڪنهن بہ ڪافيءَ کي دل جي مرضي موجب ڪهڙي بہ سر يا راڳاڻيءَ ۾ ڳائي سگهجي ٿو.
هن وقت تائين جيتري قدر سنڌي ڪلامن جي تحقيقات ٿي سگهي آهي، تنهن موجب چئي سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ڪافين جا نمونا ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ اچن پيا،م تن جو بانيڪار سچل سرمست ئي هو، ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ڪنهن بہ سنڌي شاعر ايترن نمونن ۾ ايتري انداز ۾ ڪافيون نہ ٺاهيون هيون.

غزل:
سچل فقير جي رساله جلد پهرئين ۾ غزلن (موزون ڪلام) جو انداز بلڪل گهڻو آهي. جيڪي سنڌي غزل آهن تن کي رساله ۾ ”ڪافي“ ڪري لکيو اٿن ۽ جيڪي اردو يا پنجابي ٻوليءَ ۾ غزل اهن، تن کي ’ريختو‘ نالو ڏنو اٿن.
’سچل سائين‘ پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي ٻولي اها ڪم آندي آهي، جا سنڌ جي سري يعني اوترئين ڀاڱي ۾ ڪم ايندي آهي. شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام واري سنڌي سنڌ جي ڪهڙي بہ ڀاڱي جو ماڻهو پڙهندوو، ته ان کي اها پنهنجي ديس جي رواجي ٻولي پيئي نظر ايندي. مگر سچل سائين جي ڪلام واري سنڌي ٻوليءَ ۾ نحوي ورجيسون سنڌ جي عام ٻوليءَ کان ٻيءَ طرح ڏسڻ م اينديون، جئن اتردي ٻوليءَ جو دسترو آهي.

نمونه خاطر ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
1- اوهان ٻاجهون دلبر سائين آهيون اداسي ’اسي‘.
2- مران تا نا بر ناهيان پنهنجي ”ڪڍ“ قطارج ميان.
3- ’ڪاٿئين‘ ٻڍڙو پير ٿيو ’ڪاٿئين‘ ٻولي ٻار.
4- اڄ هو تن ريءَ هت هاڻ پيا ڪير لهن مون’ساران‘.

مروجه گرامر جي قانون موجب جڏهن زمان حال ۽ زمان مضارع واري فعل جو فاعل ضمير متڪلم آهي؛ مگر اتر ۾ اتي بہ ”مون“ ڪم آڻيندا آهن. سچو فقير پنهنجي ڪلام ۾ آءٌ ۽ مان ڪم آندو آهي، پر ڪيترن هنڌن ”مون“ لفظ بہ ڪم آندو اٿس.
مثال:
تنهنجي طالب آهيان محبت مون تان ميثاقي:
تنهن کان سواءِ حرف جر ۽ ظرف مڪان جا لفظ بہ اتٿرادي ورجيس موجب ڪم آندا اٿس جئن ته:
کون = کان، اوڏاهون= اتان. ڏانهن = کان. مون = منجهان. تون= تان. ڪاڏي، جاڏي، تاڏي وغيره.

سيد ثابت علي شاهه (1740ع – 1810ع) پهريون سنڌي مرثيه گُو

”ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن جوت بازار ڪئي،
جنس تيغ و تبر و خنجر آڻي ات انبار ڪئي.“

سيد ثابت علي شاهه اصل ملتان شهر جو ويٺل هو. شاه صاحب هجري سنه 1153 برابر عيسوي سنه 1740ع ۾ ڄائو هو. جڏهن پڙهڻ جيڏو ٿيو، تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آوخوند محمد الياس وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين ۽ پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ پارسي پڙهيائين جو سختي رکي پاڙيهدنو هوس. ثابت لي شاهه مرحوم پاڻ پنهنجي احوال ڏيندي هڪڙي شعر ۾ چيو آهي:
”هڪڙي ڏينهن مون کي سبق وسريو ۽ ان کي ٿيو ڏمر ان هنيو مون کي تماچو. مون کي رت قطرا وهيا. ان تماچي جو هڻڻ مون پاڻيءَ جان پيئڻ،م ڄڻ تماچو هئي هدايت، بل عنايت ٿي عطا.“
سيد ثابت علي شاهه مرحوم کي ننڍي هوندي مداحون ۽ متقبت ياد ڪرڻ جو گهڻو خفت هوندو هو. جيتوڻيڪ معنى بہ ڪين سمجهندو هو. ته بہ جتي ڪو چوندو هوس، اتي مداح يا منقبت پڙهيو ٻڌائيندو هو. پارسي مان چڱي واقف ٿيئڻ کان پوءِ پارسي ۽ هندي ڪلامن پڙهڻ سان گهڻو محاورو رکيائين. سيد صابر علي شاهه جا هندي ڪلام ۽ انيس ۽ دبير جا مرثيا پڙهندي پڙهندي، پنهنجي شعر ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيس ۽ وڏن وڏن شاعرن جي شعرن، مداحن ۽ مرثين جي تتبع تي نظر ٺاهڻ لڳو.
دهليءَ جي مغل شهنشاه جي طرفان ڪو نواب سنڌ جو صوبو مقرر ٿيو، سو ٺٽي اچڻ لاءِ جڏهن ملتان مان اچي لنگهيو، تڏهن خوش قسمتيءَ سان سيد ثابت علي شاهه جو ان سان ملڻ ٿيو. نواب کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي ٺٽي وڍي ويو. نوڪريءَ جي مشغوليءَ سبب هو سيوهڻ وڃي نٿي سگهيو، پر جڏهن اهو نواب موقوف ٿيو، تڏهن سيد ثابت علي شاه سيوهڻ ۾ آيو.
سيد ثابت علي شاه نواب جي نوڪريءَ مان پئسو بہ چڱي طرح ڪمايو هو ۽ هينئر سيوهڻ ۾ بہ سکيو آسودو پيو گذاريندو هو. تنهن ڪري سندس والد سيد مراد علي شاه ۽ سندس ڀائر ۽ ٻيا مٽ مائٽ بہ ملتان مان لڏي سيوهڻ ۾ اچي رهيا ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن انهن سڀني اتيئي گذاريا. سيد ثابت علي شاه بہ سيوهڻ کي ئي پنهنجو وطن ڪري سمجهندو هو ۽ ان جي تعريف ۾ پنهنجي ڪتاب ”زيارت نامه“ ۾ هئن ٿو چولي:

”سير گاهه صادقان خلوص سراءِ عارفان،
مان مئو ڪلان آرام گاهه اوليا.
بارڪ الله شهر سيوهڻ سنڌ جو دارلامان.
آه دار اوليائي سنڌ نالش اصل کان.
شهر سيوهڻ جاءِ امن و شاه عالم جي پناه،
شهر سيوهڻ ڪشتي نوح و قلندر ناخدا،
شهر سيوهڻ جنهن جو شهباز حسيني شهريار.
اي خدا هي شهريا ۽ شهر هوئي دائم بقا.
واه سيوهڻ، لعل جو جنهن ۾ حسيني لاڏلو،
لعل گوهر بدخشان جي جئن هي گوهر بي بها.“

سيوهڻ ۾ اچڻ شرط سيد ثابت علي شاهه عالمن جي مجلس مان فائدو وٺندو رهيو. مخدوم نور الحق کان شعر جي اصلاح ۽ تعليم حاصل ڪيائين. مخدوم محمد احسان حڪيم وٽ عربي پڙهيو ۽ مخدوم مراد واعظي وٽ علم تفسير، علم حديث ۽ فقہ جي تعليم ورتائين. پوءِ ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ عالم مولوي محسن جو فرزند مولوي مداح، جو شهزادي محمد سرفراز ڪلهوڙي جو استاد هو، تنهن سان اچي ثابت علي شاه صحبتي ٿيو. شهزادو محمد سرفراز اڃا عمر ۾ ننڍو هو، ته بہ غزلن ۽ قصدن ٺاهڻ جو شوق گهڻو هوندو هوس. سيد ثابت علي شاه ۽ شهزادي محمد سرفراز جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو دوستانه رستو ٿي ويو. هو ٻئي ڄڻا غزلن ۽ قصدن ٺاهڻ ۾ ڀيٽان ڀيٽي ڪندا هئا ۽ سندن استاد مولوي مداح انهن غزلن ۽ قصدن ۾ اصلاحون ڪري ڏيندو هون. سيد ثابت علي شاه، شهزادي محمد سرفراز جي تعريف ۾ بہ ڪي قصيدا ٺاهيا، جن جي صله ۾ نهايت قيمتي قيمتي انعام مليس.
پير اسدالله شاه سجاده نشين جي مجلس ۾ روضہ الشهداءِ ۽ هندي مرثين پڙهندي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي مرثين ٺاهڻ جو شوق اچي پيد اٿيو ۽ پير صاحب انهي شوق پوري ڪرڻ لاءِ گهڻو همتايس. ثابت علي شاه پاڻ هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

”مرثيو سنڌي اڳهن هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تا پڻ نہ هو مشهور هن پر ڪجا،
مون کي چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردناڪ،
تون بہ سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.“

سيد ثابت علي شاه جيڪو پهريون پهريون مرثيو ٺاهيو هو، تنهن جي شروعات هيءَ آهي:

”اي خدا جا لاڏلا، سردار سرور يا حسين،
چيوم پهريون مرثيو، سو ٿيو قبول ڪبريا،
تنهن تون بيحد مرثيا مسڪين و مقتل ترجما،
ٿي چيم جئن مومنن سڀڪنهن لکي دفتر ڪيا.“

سنڌي ٻوويءَ ۾ نئين مضمون واري ڪلام چوڻ ڪري سيد ثابت علي شاه جي مشهوري رزمره وڌندي ويئي. ڪلهوڙن جا صاحبيءَ وارا ڏينهن ته تمام سکيو ستابو گذاريائين، پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ اڳئين کان بہ وڌيڪ مان ۽ عزت حاصل ٿيس. ٽالپرن، ڪلهوڙن کان سنڌ کٽي، ته سيد ثابت علي شاهه هڪدم ٽالپرن جي تعريف جا قصيدا ٺاهڻ شروع ڪيا. ”فتحنامه“ ۽ ”ظفرنامه“ واريون تعريفون مير صاحب کي اهڙيون پسند آيون، جو مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان ٻين انعام اڪرامن سان گڏ کيس ماهيانه لاوزما ۽ نذرانا گهر ويٺي پهچائيندا هئا.
سيد ثابت علي شاه ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 27- جمادي الثاني هجري سنه 1225 برابر سنه 1810ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.

تصنيفات:
سيد ثابت علي شاه مرحوم پارسي، هندي ۽ سنڌي شعر تمام گهڻو چيو آهي، جنهن سموري کي گڏي ”ڪليات“ يا ”گنج“ ٿا چون جو هڪڙو وڏو دفتر آهي. ان جي شعر جو تفصيل هي آهي:
ڇاهٺ (66) مرثيا، هڪ سؤ سترهن (117) منقبت، اٺ (8) جنگناما فارسيءَ ۾ ”هجويه نظم“ ۽ ٽي مذهبي مباحثي جا منظوم ڪتاب (هڪڙو ردالخوارج، ٻيو شهاب ثقات ۽ ٽيون ردالمواث) هڪڙو زيارت نامه. جنهن ۾ پنهنجي اصل نسل جو بيان ۽ زيارتن جا حوال ڏنا اٿس. هڪڙو سنڌي هجويه ڪلام، جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن، تنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي هجو ڪئي اٿس. ”چڻنگ“ سنڌيءَ ۾ پهرين هجو يا ٽوڪبازيءَ وارو شعر آهي، جنهن جو هتي تفصيل وار ذڪر ڪرڻ ئي خود شاه صاحب جي شان وٽان نہ آهي. سيد امداد علي شاه صاحب (مرحوم ثابت علي شاه جي اولاد مان) جنهن کان اسان کي مرحوم ثابت علي شاه جو گنج ڏسڻ لاءِ مليو تنهن جي بہ اها مرضي نہ آهي، ته ”چڻنگ“ مان ڪي شعر درج ڪجن. اهڙي طرح ٻيو بہ هجوي ڪلام آهي، جنهن جو نالو آهي ”لڪڙو“ جو بني اميه خاندان جي شان ۾ دشنام دهي جي صورت ۾ ڏنل آهي. انهن ٻنهي هجون جا جواب بين سنڌ جي شاعرن ڏنا آهن، جهڙوڪ سيد خير شاهه ۽ سيد فاضل شاهه مرحوم. ”سڳڙي“ واري هجوم ۾. ”سڳڙي“ ۾ شخصي طرح سيد ثابت علي شاه جي گلا ٿيل آهي، جا بہ اسين مناسب نہ ٿا سمهون، ته ان جو آڪر ڪروين.
سيد ثابت علي شاه جيتوڻيڪ گهڻن ئي قسمن جو شعر چيو آهي، مگر سندس مشهوري مرثين جي ڪري ٿيل آهي، جي چئن جلدن ۾ ڇاپيل آهن.

مرثين جو نظم:
”مرثيه“ لفظ جي معنى آهي اهو شعر، جنهن ۾ ڪنهن بہ دردناڪ حادثي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بينا ٿيل هجي، جهڙوڪ بغداد جي قتل عام ۽ ان وقت جي ٻين دلسوز واقعن وقت شيخ سعدي شيرزي جا ٺاهيل عربي مرثيا (ڏسو ڪليات سعدي). پر اڄ ڪالهه عالمگير اصطلاح موجب ۾ ”مرثيه“ جي معنى اهو رزميه ڪلام، جنهن ۾ خاص طرح ڪربلا جي واقع بابت دلسوز بيان هجي.
سنڌ ۾ سيد ثابت علي شاه مرحوم پهريون شاعر آهي، جنهن موزون شعر ۾ سنڌي مرثيا ٺاهيا آهن.
سيد ثابت علي شاه مرحوم جي مرثين مان ڪي غزل جي صورت ۾ آهن، ڪي مربع جي صورت ۾. گهڻا تڻا مسدس جي صورت ۾ آهن.

ٻولي ۽ عبارت:
سيد ثابت علي شاه مرحوم مرثين ۾ لسي ۽ دلچسپ سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جنهن ڪري سندس ڪلام پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن تي جلد اثر ڪر يٿو. جيئن ته شاه صاحب عربي ۽ پارسي ۾ بلڪ ڀڙ هو. تنهن ڪري سنڌي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي عربي ۽ پارسي لفظن ۾ محاورن جي آميزش بہ سهائيندي طرز ۾ ڪندو ويو آهي.
مرثين ۾ ڪم آيل عبارت جي رنگيني ۽ فصاحت بلاغت ۾ سيد ثابت علي شاه مرحوم ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. لفظي صنعتون، معنوي، صنعتون، تشبيهون، استعارا، مجاز؛ ڪنايا ۽ اصطلاح بي انداز ڪم آندا اٿس، جيتوڻيڪ انهن تي پارسي جو رنگ سرسيرو چڙهيل آهي. ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

طبيعت جي رواني ۽ برجستگيءَ جو نمونو:
ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام قاسم رضي الله تعالى عنہ جي جرئت ۽ بهادري جو بيان ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو:
”هن کي ڇا افراسياب ۽ هن کي ڇا اسفنديار؟
ڇا هي نيزن؟ ڇا هي بروز؟ ڇا فراموز؟ الفرار!
گيو هت گوشو ڪري، نرمي نريمان جو شعار؛
طوس جو ڇا تاب هت؟ گودرز و گرين گيرودار.
هي مڃي رب جي رضا سر ڏئي، ته ڏئي ورنه محال،
ناهي ملڪ الموت کي هن جي تقابل جي مجال.“
مٿئين مثال طبيعت جي رواني، ڇوٽ زباني ۽ برجستگيءَ سان گڏ صنعت تلميح (لفظي صنعت) ۽ صنعت جمع، صنعت تجريد ۽ صنعت مبالغه (معنوي صنعتون) بہ نهايت عمدي نزاڪت سان ڪم آيل آهن.

صورتخطي:
سيد ثابت علي شاه مرحوم جي وقت کان وڍي ڏيڍ صدي تائين سنڌي مرثيا گهڻو ڪري پارسي يا اردو صورتخطي ۾ لکيل هوندا هئا. اڄ بہ ثابت علي شاه جا سنڌي مرثيا پارسي ۽ اردو صورتخطيءَ ۾ لکيل موجود آهن. سنه 1925ع مرحُم مرزا قليچ بيگ صاحب، سيد ثابت علي شاه جي مرثين جا چار جلد هلندڙ وقت جي رواجي صورتخطيءَ ۾ ڇاپايا آهن، جي ساري سنڌ ۾ ڪم پيا اچن. چئن ئي جلدن ۾ ڇاپي جون چڪون البته سرسيريون رهيل آهن. ايندڙ ڇاپي وقت ڇاپائيندڙ صاحبن جيڪڏهن پروفن ڏسڻ ۾ سڇيتائي ڪئي، ته پوءِ اميد آهي؛ ته نهايت درست ڪلام ڇاپجي پوندو.

آخوند عزيز الله (1746ع – 1824ع) سنڌيءَ ۾ پهريون نثر نويس

”حضرت نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) منجهه جنگ احزاب کاهو مديني شريف کي ٿي کڻايو. ڇپ ڏاڍي تنهن مان ظاهر ٿي. تنهن کي پاڻ هٿن مبارڪن سان چنجور هڻندي فرمايائين ته يمن، روم ۽ قسطنطنيه اهي سڀ ملڪ فتح ڪندا اصحابي منهنجا، تڏهن منافقن کليو ته مدينه ۾ ڪافي مٿس غالب ٿيا آهن. کاهو کڻي ٿو سر بچائي- سڌ ڪري ٿو روم ۽ شام جي“.
(ترجمه قرآن شريف صفحه 77)
آخوند عزيز الله صاحب مرحوم مٽيارين جو ويٺل هو. سنه 1160 هجري مطابق سنه 1746ع ۾ سندس ولادت ٿي هئي. سندس وڏا اصل ٺٽي جا ميمڻ هئا، پر مدرسن ۾ پڙهائڻ جي ڪري آخودن سڏبا هئا. آخوند عزيز الله صاحب دائري واري ساداتن سان گڏ مولوي محمد عثمان صاحب وٽ تعليم وٺندو هو. عربي علم جي تحصيل مخدوم محمد عثمان صاحب وٽ ڪئي هئائين. علم حديث، تفسير، فقہ، تصوف ۽ معقولات ۾ ماهر هو. مخدوم عبدالڪريم صاحب مٽيارين وارو سندس همعصر هو. آخوند عزيز الله صاحب مرحوم لنواري وارن بزرگن وٽ گهڻو گذاريندو هو ۽ سندس هميشه جو ڌنڌو هو تعليم ڏيڻ. آخوند عزيز الله صاحب ٽالپرن جي حڪومت وقت ڪلام الله شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. جنهن جو هن هيٺ اسان کي ذڪر ڪرڻو آهي.
آخوند عزيز الله صاحب مرحوم اسي ورهين جي عمر ۾ هجري سنه 1240 مطابق 1824ع ۾ وفات ڪئي. سندس پڙپوٽن مان ميون احمد اڃا حيات آهي؛ جو نصرپور ۾ مولوي عبدالحق صاحب واري مدرسي ۾ هڪڙو مدرس آهي.
آخوند عزيز الله صاحب وارو تفسير در حقيقت تفسير نہ آهي، فقط سنڌي نثر ۾ قرآن شريف جي عربي عبارت جو تحت اللفظ ترجمو (Literal translation) آهي ۽ حاشيه تي آيتن جو ”شان نزول“ (نازل ٿيڻ جا موقعا ۽ سبب) سنڌي نثر ۾ لکيل آهن. قرآن شريف جي اصلي عبارت جي هيٺيان آخوند صاحب سنڌيءَ ۾ تحت اللفظ ترجمو لکيو آهي ۽ انهيءَ سنڌي ترجمه جي هيٺان وري مشهور علامه شاه ولي الله صاحب محدث دهلوي عليہ الرحمته جو پارسي ۾ ڪيل قرآن شريف جو ترجمو بہ ڏيندو ويندو آهي. اهو آخوند صاحب ڏاڍو سهڻو ڪم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۾ نثر لکڻ جو رواج ئي ڪونه هو، تنهنڪري عبارت جي تحت اللفظ سنڌي ترجمو سمجهڻ ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏکيائي لڳي ته اهو ڀل پارسي ترجمي تان تسلي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو پارسي ٻوليءَ جي نحوي ترڪيب عربي سان مواقف آهي. اهڙ: طرح آخوند صاحب مرحوم آيتن جا جيڪي ”شان نزول“ سنڌي نثر ۾ لکيا آهن، سي انهيءَ پارسي عبارت جو ترجمو آهن، جا پارسي عبارت حضرت شيخ سعدي شيرازي پنهنجي تصنيف ڪيل پارسي تفسير جي حاشئي ۾ لکي آهي. آخوند صاحب مرحوم شيخ سعدي واري پارسي عبارت بہ حاشيه تي لکي، پوءِ سنڌي نثر ۾ ترجمو لکيو آهي.
اسان جي خاص مراد آهي، انهيءَ سنڌي نثر جو نمونو پڙهندڙن جي پيش ڪرڻ، جو آخوند صاحب مرحُم ڪم آندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهريون جيڪو نثر ۾ لکيل ڪتاب هن وقت تائين ثابت ٿيو آهي، سو جنهن صورت ۾ هيءَ ئي آهي، ۽ اهو نثر وري آهي بہ عربي عبارت جو تحت اللفظ ترجمو، تنهن ڪري هت آوخند صاحب مرحوم وارو نثر (اصلي عربي عبارت سميت) ڏجي ٿو پوءِ جتي جتي ضرور پوندو، اتي آخوند صاحب جي نثر کي وري اڄ ڪلهه جي بامحاوره نثر جي صورت ۾ بہ پيش ڪيو ويندو.
ڏک ۽ تڪليف خدا تعالى جي طرفان انسان جي ايمان جي پرک
”ياءِ يهاالذين آمنو استعينو باالصبر و الصلوات“.
.... الائڪ هم المهتدون ط
(صورت البقر آيت 152 کان 157 تائين)

آخوند صاحب جو تحت لفظي ترجمو: اي مومنا همراهي وٺو منجهه مشڪل ساڻ صبر ۽ نماز، تحقيق خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهي ۽ م چئو واسطي تن جي جي ڪسن ٿا منجهه واٽ خدا جي اوءِ مئل آهين، بلڪ اهي جئرا آهن پر نٿا ڄاڻي آءِ (توهين) ۽ آزمايون ٿا آن (اوهان) کي ساڻ ٽولن ڪنان خوف ۽ ڏکن ۽ بکن ۽ ٿورو ٿئڻ مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي ۽ نہ ٿئڻ ميون جي (ته ڪ ڪريون ٿا ڪ نٿا ڪريون) ۽ بشارت ڏي تن صابرن کي، او صابر سي آهين، جڏهن رسي ان کي سختي، چؤن ”اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽهون ٿا“ ”اوءِ صابر، تن تي آهين رحمتون ڪنان رب ان جي ۽ رحمت خاص ۽ اوءِ هدايت وارا آهين.“

شان نول:
جڏهن صحابن پڄاڻا ڪسڻ بدرين جي غم ٿي کاڌو ته اسان جا مائٽ ڪٺا منجهه دينہ بدر جي، سي، لذتن دنيا جي کان ۽ نعمتن حياتيءَ جي کان نااميد رهيا، تڏهن الله تعالى هي آيت موڪلي.“
(قرآن شريف صحفه 35)

خدا تعالى هر جاءِ حاضر:
”والہ المشرق اولمغرب فاينما تولوا فثم وجہ الله ان الله واسع عليم.“ (سورت البقر آيت نمبر 114)
ترجمو: ”واسطي الله جي اڀرندو ۽ الهندو آهي، پوءِ جيڏانهن مهار ڪندا، اوڏانهن آهي خدا، تحقيق خدا جو فضل ڪشادو آهي ۽ ڄاڻندڙ آهي.“
صنعت ڏسي صانع کي سڃاڻو:
ان في خلق السماوات والارض واختلاف الليل والنهار والفلڪ الني تجري في البحر يما ينفع الناس وما انزل الله من السماءِ من ماءِ فاحيا بہ الارض بعد موتها و بت فيها من ڪل دابت و تصريف الرياح والسحاب المسخر بين الماءِ والارض آيات القوم يعقون.
(سورت البقر آيت نمبر 163)
ترجمو: ”تحقيق منجهه جوڙڻ آسمانن ۽ زمين جي ۽ ڦرڻ راتين ۽ ڏينهن ۽ ٻيڙيون جي هلن درياءَ ۾ ساڻ تنهن سودي جو نعف ڪري ماڙن کي ۽ جيڪي نازڪ ڪيو الله ڪنان آسمان مينهن پوءِ جياريائين ساڻ ان زمين کي پڄاڻا سڪڻ ان جي، پکڙيائين ان ۾ سڀ حيوان، ۽ منجهه ڦرڻ وائن جي ۽ منجهه ڦرڻ ڪڪرن جي، جي اڀاريل آهين وچ آسمان ۽ زمين جي، معجزا آهين واسطي قوم عاقلن جي (مٿي هيڪڙائي الله تعالى جي ۽ پورو ڪرڻ ڪمن سڀني جي).

شان نزول:
”جڏهن ڪافرن چيو سؤ سٺ بتن الله آهين اسان جا، ايترا الله ڪم سڀ هيڪڙي شهر مڪي جو جوڙي نٿا سگهن ۽ محمد جو هيڪڙو الله ڪم سڀن عالمن جا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ان ڳال تي مر ته دليل آڻي. تڏهن الله تعالى مٿي ڳال حضرت نبي ڪريم صلي الله تعالى عليه وسلم جي اٺ دليل منجهه هن آيت ذڪر ڪيا.
(قرآن شريف صفحه 37)

خليفه حاجي عبدالله 1753ع

حال وڃي ڪال جي ڪلي ٿيان ڪمال
شائق سدا شوق جا مور نہ مڱن مال
(ليلى مجنون)

ڪتاب مجنون ليلى جو مصنف خليفه ميان حاجي عبدالله نظاماڻي هو. سندس والد خليفه محمود صاحب عليه الرحمت ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت وقت هڪ مشهور خدا رسيده بزرگ ٿي گذريو آهي. هو روهڙي واري پير صاحب پاڳاري جو ڪرامت وارو خليفو هو. اول هو وڏو زميندار ۽ امير هو، پوءِ جڏهن مرشدن جي فيض جي نظر مٿس ٿي، تڏهن اميري ڦٽي ڪري ڪامل فقير ٿي پيو ۽ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ اڀرندي آفريڪا وارا لکاپتي ماڻهو سندس مريد اچي ٿيا. سندس عاليشان درگاه ڳوٺ ڪڙيه گهنور تعلقو گوني ۾ آهي، جتي سال بسال ربيع الاول مهيني ۾ لڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن تي سندن ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ زنجبار وارا مريد هزارين روپيا اچي نذر ۽ خير خيراتن ۾ خرچ ڪندا آهن. خليفه محمود جو ڪتاب ”ملفوظات“ مشهور آهي، جنهن ۾ عجيب عجيب فقيرانه گفتا ۽ نڪتا لکيل آهجن. خليفه محمود کان پوءِ سندس جاءِ نشين پٽس خليفو ميان حاجي عبدالله ٿيو، جو ڪتاب مجنون و ليلى جو مصنف آهي. هن اهو ڪتاب هجري سنه 1208 برابر عيسوي سنه 1793 ۾ تصنيف ڪيو هو، جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جي پهرين چوياري جي حڪومت هئي. هو هڪڙو عامل ۽ ڪامل فقير هو، ڪنون و ليلى جو قصو بہ ساروئي حقيقي عشق جي رنگ ۾ لکيو اٿس.

مضمون:
ڪتاب مجنون و ليلى ۾ مجنون جي آکاڻي سربستي ڏنل آهن، ۽ مصنف آکاڻيءَ جي وچ ۾ چپي چپي تي حقيقي عشق ۽ فقيريءَ جا راز بيان ڪندو ويو آهي. قصه هن طرح آهي ته، ”عربستان جي مڪہ شهر جي هڪڙي معزز سردار کي قيس نالي هڪڙو سڪيلڌو پٽ هو، جو اي ڪنهن استاد وٽ قران شريف جي تعليم پيو وٺندو هو. مصر ملڪ جو ڪو مسافر مڪي شريف ۾ آيو ۽ قيس سان ملاقات ڪندي ساڻس ليلى جي علمي شوق، سونهن سوڀيا ۽ خوش خلقي جو جوش جاڳائيندڙ ذڪر ڪيائين۔ قيس انهيءَ ذڪر سڻڻ ساڻ پرپٺ ليلى تي ڇڪن ٿي پيو ۽ چرين جهڙو حال ٿي پيس.
”ماڻهوءَ آيا مڪي جا مڙئي سي مڙي،
فرهي آهه فڪر جي ڪهڙ: قيس پڙهي،
قضا ڪم قادر جي پيس انگ اڙي.
چت چرئي جي ڳالهڙي ڪا جا آهه چڙهي،
ڪو چئي ديواني کي ديو پيو، ڪو چئي جن جسي؛
حقيقت هن حال جي ڪنهن کي ڪين ڏسي،
راسط سندي راز کي ٻيو تان ڪير رسي،
پاڻ منجهان نئي پاڻ ٿو پاڻيهي پاڻ پسي،
جت باه ٻري او جاءِ جلي خبر پاڙي پوي ڪئن؟
لڳي هوءِ ته ڪل پويئي نت وڃ لڳيان سئن.؟

آخر ماءُ سان ساري سچي حقيقت قيس ظاهر ڪئي ۽ مٽ مائٽ ڪڙم قبيلو ۽ وطن ڇڏي، مصر ڏي روانو ٿيو. گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن ڏسڻ بعد مصر جي انهيءَ شهر ۾ اچي پهتو، جتي ليلى رهندي هئي.
ليلى قمر الدين جي ڌيءَ هئي، جو وڏ گهراڻو ۽ عزت وارو ماڻهو ۽ مڪتب ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندو هو، جتي ليلى بہ ٻين شاگردن سان گڏ تعليم وٺندي هئي.
قيس بہ پڇا ڳاڇا ڪري قمر الدين جي مڪتب ۾ آيو ۽ پرديسي شاگرد ٿي اچي مڪتب ۾ داخل ٿيو. اتي قيس ۽ ليلى جي پاڻ ۾ ڏيٺ ٿي. محبت جو راز نياز ظاهر ٿيڻ لڳو.
مائٽن ليلى کي طرح طرح نموني سان سمجهاڻيون ڏنيون، پر ليلى انهن کي اهڙآ معقول جواب ڏنا، جو هو لاجواب ٿي پيا. آخر جڏهن ماڻس ٻين معزز خاندانن مان ڪنهن گهوٽ جي آڇ ڪيس، تڏهن ان کي چيائين ته جن معززن گهوٽن بابت تون چوين ٿي، ته مون لاءِ حيران آهن، تن ۽ منهنجي قيس جو امتحان وٺنداسون، جيڪو ان امتحان ۾ پاس ٿيندو، سو ئي منهنجو سچو طالبو سمجهبو. پوءِ ڇا ڪيائين جو سڍا نو سير قاتل زهر گهرائي ان جو طعام رڌي تيار ڪيائين. پوءِ ماءُ کي چيائين، ته هاڻي جيڪي معزز گهوٽ منهنجا طالبو آهن، تن کي گهراءِ، تهي هي طعام اچي کائن، انهن مان ڪنهن بہ ليلى ڪارڻ زهر کائڻ قبول نہ ڪيو.
”خان آيا خوشيءَ مان ڪري خوب خيال،
ڏس و نڪ وهه جي وين نال پکال،
جڳه ۾ گهرون جيئن ٿا ذوق نہ گهرون زوال،
مجني ڌاران محبتي ڪير وڃائي حال،
ڪڏي آيو قيس سو پرتئون پير ڀري،
عشق سندي آواز ۾ آيو هيٺ اري،
ههڙا ڪم قريب ري ٻيو تان ڪير ڪري؟
بي حد بحر اسرار ۾ تڪون ڏيون تري.
کائي ويو خوشيءَ سان خورم منجهان خال،
وڌي ڏي ورهه مان جاني جهجهو جال،
مصريءَ کان مٺو گهڻو، مان کان ايءَ مال،
طبع اهڙي طمام لئي مون سڪي ٿي سال.“

قيس جنهن کي هاڻي مجنون (چريو) سڏيندا هئا، تنهن تي زهر جو ڪو بہ اثر ڪونه ٿيو. مائٽن کي جڏهن پڪ ٿي، ته نڪي ليلى قيس جي پچر ڇڏيندي ۽ نڪي مجنون ئي مڙندو، تڏهن مصر مان لڏي وڃڻ جو ٺهراءُ ڪيائون ۽ عراق ڏانهن روانا ٿيا.
مجنون بہ قافلي پٺيان روانو ٿيو ۽ ليلى جي محل (ڪجاوه) ۾ اکيون اڙايون پئي ويو. مائٽن کي پڪ هئي، ته مجنون مصر ۾ رهجي ويو ۽ قافلي کي پڄي نہ سگهندو. پر هڪڙي ڏينهن رستي هلندي مجني کي ڏسي ورتائون ۽ پنهنجي ڌيءَ کي چيائون ته مجني کي منع ڪر ته قافلي پٺيان نہ اچي. ليلى ڏاڍي لاچاريءَ سان مجني کي منع ڪئي.
ليلى وارو قافليو هليو ويو، ليلى مجني لاءِ رت روئيندي ويئي ۽ مجنون جنهن هنڌ ليلى جو چوڻ موجب بيهي رهيو اتيئي بيٺو رهيو. آرهڙ، سانوڻ ۽ سيارا گذري ويا ته بہ مجنون اتي جو اتي سڪو بنڊ بڻيو بيٺو رهيو. مٿانئس وليون ۽ گاهه وري ويا. قمر الدين عراق جي قدوس شهر ۾ وڃي رهاڪو ٿيو ۽ اتي وڃي مڪتب کوليائين. ليلى اتي حال کان بي حال گذريندي رهي. مٽ مائٽ هزارين نصيحتون ۽ دڙ دلاسا ڏيئي ٿڪا؛ مگر ليلى تي اثر ڪونه پيو.
ڪن ڏينهن کان پوءِ، سندس مائٽ وري مصر ۾ لڏي آيا، اتي ليلى پنهنجي پر ۾ پرينءَ جون پڇائون پي ڪيون پر ڪوئي پتو ڪونه ٿي پيس. هڪڙو ڪاٺئر جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويو، تنهن برپٽ ۾ بنڊ بيٺل ڏٺو. ڀانيائين ته اهو بنڊ ڦوڙي ٻہ چار لڏون ڪاٺين جون منجهائس ڪريان. جهڙو بنڊ کي ڪهاڙي جو ڌڪ هنيائين، تهڙو آواز آيس:
”ماري مون مسڪين کي جڏي کي جانا،
ضايع زور زياده ڪيئي ظالم زيانا.“

ڪاٺئر اهو آواز ٻڌي ڇرڪ ڀري وڃي پري بيٺو. بنڊ کان سوال ڪيائين، ته تون ڪو جن آهين يا ديو آهين يا ڪير آهين؟
”چئي نڪي ديو آهيان، نڪي پري پريان،
اولاد حضرت آدم جو جڙيس منجهه جهان،
محبت ڪيو محبن جي مون کي پريشان،
جانب ويا جنهن جوءِ تي حاذق وريا نہ هاڻ،
مون کي ڇڏي ڇپرين ڪل لڌائون ڪانه.“

ڪاٺئر کي ساري حال حقيقت معلوم ٿي ويئي، تنهن مصر ۾ اچي ليلى کي خبر ڏني. ليلى آڌيءَ رات جو پنهنجي نوڪرياڻي ساڻ ڪري اٺ تي چڙهي اچي بر ۾ بيٺل محبتيءَ وٽ حاضر ٿي. وليون ۽ گاهه پاسي ڪري مجني جو وجود ظاهر ڪيائين.
”تڏهن مرڪيو،مبارڪ منهن مان مجنون سو موچار،
ته مون ڪين وڃايو ولين منجهه ولهار،
ڏينهان ڇاڻءِ ڏيل کي راتيان ڦلن ڦهار،
لڌان ڪانه قريب مون ساجن سگهي سار.“

ليلى، مجني جي سچائي پسي اتيئي سندس قدمن تي ڪري ساه ڏنو ۽ مجنون بہ انالله و انا اليہ راجعون چئي اتي جو اتي پنهنجو روح، ليلى جي روح سان رلائي ڇڏيو:

نظم جو نمونو:
”مجنون ليلى“ وارو نظم اهڙو ئي نهايت پختو، رسيلو ۽ دلچسپ آهي، جهڙو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليہ الرحمته جي ڪتاب زادالفقير ۾ ڪم آيل آهي.ل مصنف ٻن ٻن مصرعن يا چئن چئن مصرعن وارن ڏوهيڙن جي سلسلي سان سڄو ڪتاب وڃي پورو ڪيو آهي. قافيا بہ بلڪل پختا ۽ باقاعدي ڪم آندا اٿس، جن جا مثال مٿي ڪم آيل ڏوهيڙن مان روشن ٿيندا. خليفو عبدالله مرحوم اگرچه لاڙ جو ڄاول نپيل هو، ته بہ پنهنجي نظم ۾ ٻولي اهڙي پڪي ۽ پختي ڪم آندي اٿس، جو ائين ڪوئي ڪونه چئي سگهندو” ته اهو نظم ڪنهن لاڙ جي شاعر جو ٺاهيل آهي. جتي ليلى جي سونهن جي ”تعريف“ ڪري ٿو، اتي تشبيهون ۽ استعارا بہ خوف ڪم آندا اٿس، ن مان گهڻيون تڻيون تشبيهون ۽ استعارا نج سنڌي آهن.

مثال:
(1) ”مرگهه نيني، چاربدني، گنير چال پلت“
(2) پڙهي آهي موتين سان مورتون موچاري
لڏي لامن وچ ۾ ڪو ڏاڙهونءَ جي ٽاري.
بدن جي سڊولائي (هرڻ ڪکائي) ۽ اکين جي تشبيهه مرگهه (هرڻ) سان، هلڻ جي ٽور جي تشبيهه گنير (هاٿي) جي چال سان، هار سينگار ڪري.ڳڙهي ڳٽي ٿي پينگهن ۾ لڏڻ جي تشبيهه ڏاڙهونءَ جي ڳاڙهن گلن واري ٽاريءَ جي لڏڻ سان اهي نج سنڌي تشبيهون آهن.

(1) ”سامهان ’سيلهه‘ سرير کي لڳم منجهه هنيان.“
(2) ’وتڙ‘ مٿان اوتڙيون سونها ٿا منجهن،
ماهيت ۾ مهراڻ جي اونون ٿيو اجهن.

ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو

هي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند هو ۽ ان کان پوءِ سنه 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو هو ۽ ٽي ورهيه حڪومت هلائي هئائين.
ميان محمد سرفراز ٽالپرن جي پرئي مڙس مير بهرام خان کي پنهنجي وزير راڄي ليکي جي چور تي لڳي وچ درٻار ۾ شهيد ڪرايو. تنهنڪري ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ ڏاڍو شور پيدا ٿيو. آخر سنه 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد رکيائون، جتي ان کي ۽ سندس ڀاءُ محمود خان ۽ پٽس مير محمد خان کي ۽ چاچس عطر خان کي ميان عبدالنبي بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيو. انهن چئن ئي شهيدن جون تربتون هڪڙئي قبي ۾ آهن.
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، بزرگ جنهن هجري سنه 1165ع برابر عيسوي نہ 1751ع ۾ رضا ڪئي، تنهن اول اول سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام (مولود) ٺاهيا هئا، مگر ان کا پوءِ سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام چوڻ وارا ٻہ شاعر ٿيا. هڪڙو سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو ۽ ٻيو محمد سرفراز خان ڪلهوڙو.
سيد ثابت لي شاه ۽ ميان محمد سرفراز خان کي موزون ڪلام جي تعليم ڏيڻ وارو استاد ساڳيو هو، جو ٺٽهي جو مشهور شاعر ۽ عالم ميان محمد محسن جو فرزند ميان غلام علي هو، جنهن جو تخلص هو مداح (ساراهه ڪندڙ) سيد ثابت علي شاهه عمر ۾ وڏو هو ۽ ميان محمد سرفراز خان اڃا ننڍو هو. مگر ٻنهي جي وچ ۾ تمام گهري دوستي هوندي هئي. ميان محمد سرفراز خان حافظ شيريزي عليہ رحمت جي غزلن جي تتبع تي پارسي غزل ٺاهيندو هو ۽ سيد ثابت علي شاه ۽ ٻيا هم صحبت وري ميان محمد سرفراز جي غزل جي تتبع تي پارسي غزل چوندا هئا.
سيد ثابت علي شاه ته پوءِ سنڌي مرثيا جام ٺاهيا، جن جو زڪر مٿي ڏنو ويو آهي، مگر محمد سرفراز خان جو سنڌي ۾ موزون ڪلام فقط هڪڙي مدح آهي، جو سنڌي ۾ مشهور آهي.
هي بيان مشهور آهي ته ميان محمد سرفراز خان جڏهن حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد هو، تڏهن ان نهايت سچي سوز سان اها مدح ٺاهي هئي.
اها ساري مدح بحر هزج مثمن مڪفوف محذوف تي ٺهيل آهي، جنهن جا ارڪان آهن. مفاعيل، مفاعيل، مفاعلي، فعولن،
اها مدح يڪ بيتو ترجيح بند آهي، جنهن ۾ هر هڪ بيت (ٻن مصرعن) کان پوءِ ساڳيو بند:
”ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون“ وريو وريو اچي ٿو.
ميان محمد سرفراز خان پارسي ڪلام ۾ بہ اهڙو قابل هو، جو سيد ثابت علي شاه جي لکڻ موجب سندس هم صحبت شاعر سندس ڪلام جي تتبع تي ئي پارسي ڪلام چوندا هئا، مگر سنڌي زبان ۾ سندس پهريون پهريون موزون ڪلام شايد اها مدح آهي. اها مدح ڳائڻ ۾ بلڪل سپڪ ۽ بي اٽڪ آهي.
آهيان ڏڏ – غمن گڏ- سڻج تون
پسي پاڻ – ڪرم ساڻ _ ڏکين ڏاڻ_ سڻج تون
هدايت_ حمايت_عنايت_ ڪرين تون
(ڀلا ڄام...)
امانت_سلامت_اچي لڪ_ لنگهايائون،
يڪسبون_ڪم زوبن_ ڪيم خون_ خضائون
مٽي ڏوه_ پنان نوه_ ڪريين بخش __ خطائون
(ڀلا ڄام..)

چارئي طرف تنهنجي شرف_ ڪيون روشن راهون
منجهان نور_ ٿيو معمور مڪو ملڪ_ مدينون
(ڀلا ڄام..)

سرفراز کي اداس_ آهي آس_ اوهان ڏون
ره رامڻ_ بند خلاص_ خوشي خاص_ ڏئين مون.
(ڀلا ڄام..)

ميان محمد سرفراز جي مٿين مدح جنهن نقطه نظر جي ڪري خاص طرح تعريف جي لائق آهي، سو هيءَ آهي، ته مدح جا ڪي بند صنعت ترصيع سان سينگاريل آهن، ۽ ساري مدح جي ڪا بہ مصرعن صنعت تشطير کان خالي نہ آهي.
هن وقت تائين سنڌي زبان ۾ جيڪي موزون ڪلام موجود آهن، تن مان ڪنهن بہ ڪلام ۾ ايتري قدر صنعت ترصيع ۽ صنعت تشطير ڪم آيل نہ آهي، جيتري قدر ميان محمد سرفراز خان جي مدح ۾ .

فقير محمد صديق (صادق)

فقير محمد صديق، جنهن کي عام طرح صديق فقير ڪري سڏيندا هئا ۽ سندس مرشد کيس صادق فقير بہ ڪري سڏيندا هئا، نتهن پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي پنهنجو نالو صديق ڪم آندو آهي ۽ ڪٿي تخلص طرح پاڻ کي صادق ڪري سڏيو اٿس.
صديق فقير ذات جو سومرو هو ۽ سندس وطن ڍورو نارو هو. شاه عنايت الله شهيد جي وفات کان سٺ ورهيه کن پوءِ جڏهن جهوڪ شريف جو مسندنشين قلندر فضل الله شاه هو، تڏهن صديق فقير اچي ان جو مريد ٿيو هو. ميرن جي سموري صاحبي فقير صاحب ڏٺي هئي. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي ڏينهن ۾ صديق فقر اسي کن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ ڍوري ناري ۾ وفات ڪئي، جتي سندس قبو آهي ۽ سال بسال وڏو ميلو لڳندو آهي. صديق فقير روشن دل شاعر هو. سندس رسالو موجود آهي، جنهن کي رساله صديق فقير ڪري چون ٿا.
ٽالپرن جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مير صاحب هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ مظلوم عورت جي دناهن ٻڌي داد نہ ڪيو، جنهن تي فقير غصي مان هيٺيون بيت چيو هو، جنهن جي پيشنگوئي جلد ئي پوري ٿي.
ڀورا اچي ڀيل_ساري سنڌ صديق چئي،
ٻاروچاڻي ٻيل_ ٻڌي نہ ٻڌئي جهڙي.
صديق فقير کان پوءِ سندس وڏو فرزند فقير بايزيد ڍوري ناري جي درگاه جو مسندنشين ٿيو. ان کان پوءِ سندس اولاد اها مسند سنڀاليندو اچي ٿو.
هن رسالي جي ترتيب هوبهو شاه ڀٽائي جهڙي آهي. جيڪي سر ”شاه جي رسالي“ ۾ آهن، سي سڀ هن ۾ موجود آهن، فقط ٻہ سر وڌيڪ ڏنل آهن، هڪڙو ”وهاڳڙو“ ۽ ٻيو ”موکي“. حقيقت ڪري اهي رڳو نالا وڌيڪ ڏنل آهن، نہ ته مضمون انهن ۾ ساڳيوئي آهي، جو شاه جي رساله جي سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ پرڀاتي ۾ آهي. ٻين سڀني سرن مان هر هڪ سر ۾ مضمون بہ اهو ساڳيو ئي آهي،م جو شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي واري سر ۾ آهي، نہ رڳو ايترو بلڪ هر هڪ سر ۾ وڏو انداز انهن ڏوهيڙن جو آهي، جي شاه ڀٽائيءَ جي رساله ۾ موجود آهن. انهن ڏوهيڙن کي ڪنهن بہ شاعر جو نالو ڏنل ڪونهي، شاه جي رساله ۾ بہ اهي ڏوهيڙا بنا نالي ڏنل آهن. ازانسواءِ رساله صادق فقير جي جدا جدا سرن ۾ ڪي اهڙا بہ ڏوهيڙا آهن، جن ۾ ٻين شاعرن جا نالا ظاهر ظهور پيل آهن. رساله جا بنا نالي ڏوهيڙا، جن مان گهڻو انداز شاه جي رساله ۾ موجود آهي، سي ۽ ٻين شاعرن جي نالن وارا ڏوهيڙا ڪڍي ڇڏبا، ته باقي صديق فقير جي نالن وارن ڏوهيڙن جو انداز تمام ٿورڙو وڃي بچندو.
شاه جي رساله ۽ صديق فقير جي رساله ۾ هي بہ تفاوت آهي، جو شاه صاحب جي رساله ۾ هر هڪ سر جا داستان ڪيا ويا آهن ۽ هر هڪ داستان ۾ ڏوهيڙن جي پٺيان وايون ڏنيون وييون آهن. صادق فقير جي رساله ۾ هر هڪ سر داستانن بنا يڪوئي ڏنل آهي ۽ بيتن تي انگ بہ لڳل ڪينهي ۽ هر هڪ سر جي منڍ ۾ بہ وايون (صدائون) ۽ پڇاڙيءَ ۾ بہ وايون آهن ۽ وچ ۾ بيت آهن.
رسالي جي هر هڪ سر جو مضمون اگرچ شاه ڀٽائي جي ساڳئي نالي واري سر جي مضمون سان هوبهو هم صورت آهي، ته بہ هر هڪ سر ۾ ڪي ڪي خيال فقير صاحب جي رساله ۾ نرالي دلچسپ طرز سان ڏنل آهن. مثلاً سر ڪيڏاري ۾ ”ميدان ڪربلا“ جي تصيور چٽيندي صادق فقير نفس سان جنگ ڪرڻ ۽ صوفي شهيدن جي سرويچيءَ وارو جيڪو مضمون آندو آهي سو شاه صاحب واري رسالي ۾ ڏنل ڪيڏاري جي مضمون کان بلڪل علحده آهي.
فقير صاحب جي ڪلام جي ٻوليءَ ۽ شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام واري ٻوليءَ جي وچ ۾ ذرو بہ تفاوت ڪونهي. مثال:
سمهي سمهي مڱڻا، اڃا اٿئين هير،
نڀاڳا ننڊون ڪرئين ڊگها ڪريو پير،
وڏيءَ ڪنهين وير، مڱي ويا مڱڻا. (وهاڳڙو)
ٻاجهه بہ ايڏيائي گهران، جيڏوئي تو نام
تو منجهه تون ٿوڻيون، تون ڇپر تون ڇان،
چوان ڪڄاڙو آهن، توکي معلوم سڀڪا.

فتح فقير

فقير فتح محمد، جنهن کي عام خواه خاص فتح فقير ڪري سڏيندا هئا، سو اصل ڪڪڙ تعلقه جي ڪنهن ڳوٺڙي جو ويٺل ڪلهوڙو هو، فقيريءَ خيال ۽ داڻي پاڻيءَ جي ڪشش ڪري، هو پنهنجو وطن ڇڏيو حيدرآباد سنڌ ۾ ڊومڻ واهه جي ڪناري تي شاهي اوتارو بڻائي اچي ويٺو، جو اڄ تائين فتح فقير جو اوتارو مشهور آهي.
حيدرآباد وارا مير صاحب شيعه فرقه جا هوندا هئا ۽ فتح فقير پڪو سنيهوندو هو ۽ وقت بہ وقت مير صاحب جن کي ڀري دربار م يارن سڳورن جي سب وشتم تان ڳالهائيندو هو، ته بہ مير صاحبن تي اهڙو سندس رعب ۽ اثر ويٺل هو، جو سڀڪجهه سهيو ويندا هئا ۽ فقير صاحب جي لنگر جي رسائيءَ ۾ ڪڏهن ناغو نہ وڌائون. هڪڙي ڀيري فتح فقير جا لفظ مير محمد نصير خان کي اهڙا ته ڏکيا لڳا، جو رات جو پنهنجا ماڻهو موڪليائين، ته فتح فير کي وڃي ڪهي اچو. آڌيءَ رات جو مير صاحب جا ماڻهو اوتاري ۾ اچن، ته فقير اڳيئي ڪٺو پيو آهي، سسي هڪڙي پاسي پيئي اٿس، ته ٻاهون ٽنگون ٻئي پاسي ته ڀڀري ٽئين پاسي. پئي اٿس، ماڻهن بروقت وڃي مير صاحب کي اطلاع ڏنو، ته فقير جو ڪم پورو ڪري آياسون. صبح جو فقير صاحب ٺڪاءُ اچي ڪيو درٻار ۾. تنهن تي مير صاحب توڙي سندس سپاهي حيران ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ وري ڪڏهن بہ فقير تي غصو نہ ڪيو.
فقير صاحب شريعت جو پابند درويش هوندو هو ۽ سيد خير شاه پرديسيءَ جو خاص صحبتي هو. ننگر ٺٽي کان ويهارو ميل پري درياءَ جي ڪپ تي ڀاڏ ڳوٺ آهي، اتي جو هڪڙو درويش سيد قنبر علي شاه فتح فقير جو مرشد هو.
سنه 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ ميرن کان کٽي ۽ مير نظر بند ٿي ويا، تڏهن فتح فقير جو لنگر بہ بند ٿي ويو ۽ فقير صاحب هليو ويو. پنهنجي مرشد وٽ ڀاڏ ۽ انهي سال ۾ اتي وڃي وفات ڪيائين. سندس تربت بہ اتيئي آهي. وفات وقت هو اسي کن ورهين جو پيرسن هو ۽ ساري ڄمار شادي ڪا نہ ڪئي هئائين. فتح فقير هڪ روشندل شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مولود، مدحون ۽ ڪافيون ساري سنڌ ۾ مشهور آهن. مولودن جي ڇاپيل ”مجموعه مدحيات“ ۾ فقير صاحب جون ٻہ ٽي وڏيون محدون ڇاپيل آهن ۽ تعليم کاتي جي ڇاپيل ”چونڊ ڪافين“ ۾ سندس ڪافيون موجود آهن، تنهن کان سواءِ فقير صاحب ڪيترائي مولود، مدحون ۽ ڪافيون ڪيتريون ئي مولودين ۽ ڪافيارن کي بر زبان ياد آهن.
مدح بند نمبر 2
مرسل ماه صحابي تارا سونهن صحابي سٿ سونهارا
چارئي جگر وندا جهونجهارا چارئي وير ولايت وارا
چارئي قوت منجهه قرار عرش زمين سندن اوتارا
بغض رکين ڇوهيا هيچارا چارئي سرور ساڻ سنهن
چئن ئي جي رک محبت من
آخري بند:
چار والي چارئي وير چارئي عالم منجهه امير
چارئي آگي ڪيا اڪسير چئن ئي جا آهيون دامنگير
فضل ڪندا سان ”فتح فقير“ هينئڙي ڏيندا سي دلڌير
ڪلمو مٺئي محمد مير چارئي سرور سان سنهن
چئن ئي جي رک محبت من

سيد ميان خير شاه

حيدرآباد سنڌ ۾ ”خير شاه“ جي نالي سان ٻہ سيد مشهور هئا ۽ ٻئي همعصر هئا: هڪڙو سيد خير شاه پنجابي، جنهنجي پوٽن جي نالي حيدرآباد ۾ خير شاه جو پڙ مشهور آهي ۽ ٻيو بہ سيد خير شاه پرديسي، جو عالم ۽ مشهور شاعر هو. اسين هت سيد خير شاه پرديسيءَ جو ذڪر ۽ ان جي سنڌي ڪلام جو احوال ڏينداسون.
سيد خير شاه پرديسيءَ جي ڳوٺ جي پوري خبر نہ آهي، مگر اها خاطري آهي، ته هو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي وقت ۾ حيدرآباد شهر کان ٻاهر ڀرو پراڻي ڦليليءَ جي ڪپ تي سيالن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اهو سيالن جو ڳوٺ اڃا قائم آهي. ان ڳوٺ ۾ خير شاه پنهنجي اوتاري جي اڱڻ ۾ نم جو وڻ پنهنجن هٿن سان پوکيو هو، سو اڃا تائين بيٺل آهي، مگر اوتارو ۽ مسجد ڊهي ويا آهن.
هي شاه صاحب باشرع فقير هو، ٽالپرن جي صاحبي شروع ٿيڻ بعد مير فتح علي خان جا ڀائر؛ جي سنڌ جا حڪام هئا، سي سيد خير شاه کي نذرانا ۽ لوازما ڏيندا هئا.
سيد خير شاه جو ٺاهيل ”جنگنامو“ مشهور آهي، جو اڄ تائين مولود پڙهندڙ ماڻهو مدح وانگر پڙهندا آهن. انهيءَ جنگنامي ۾ پهريائين انهن تڪليفن ۽ سختين جو احوال ڏنل آهي، جي جدا جدا نبين صبر سان سٺيون، تنهن کان پوءِ حضرت امام حسن ۽ حشرت امام حسين جي شهادت جي مفصل احوال ۽ ڪربلا جي واقعه جو ذري پرزي بيان ڏنل آهي. اهو جنگنامو ”مخمس“ جي نموني تي ڏوهيڙي جي صورت ۾ ٺهيل آهي، جنهن جا ڪل چوهٺ بند آهن. ان مان ٽي بند نموني خاطر هت ڏجن ٿا:
صالح فرزند ٿيا تولد گهر عليءَ جي شير شجاع،
ڄايا ڄام وڏا تن ڄمندي باري بخت بلند هئاءِ،
حسن حسين رکيا تنهن نالا خاصو جو ختم الانبياء،
نانو جن جو مير محمد، پدر علي، ماءُ خير النساءِ،
جيد جن جو شان ٿيو شاهد قادر جو قرآن ٿيو.

قلم قضا جو ڪتاب لکيو ري رب تنهن کي ڪير رسي؟
خداوند جي گهر، جنهن پر جهڙي؛ تنهن پر تهڙو مينهن وسي،
جيڪي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو ٻئي نہ ڪنهن کي ڪل قصي،
ايڏا ڪم ڪريم سندا، جو دشمن سانڍيو دوست دسي،
آل عبا سان غير گنہ ڏس ڪيڏو قهرستان ٿيو.

جن حمايت مير محمد حضرت علي شير خدا،
غم وهم نہ آڏو تن کي، ڪوسو تن کي لڳي نہ واءُ،
پنجن تنن جي پاکر مون کي ديگر دل دليل نہ ڊاءُ،
حسن حسين حمايت منهنجي جنت خاتون خير النساءِ،
خير شاه جو حضرت شافع آخر نبي زمان ٿيو.

”سيد خير شاه، محرم واري مهيني ۾ پنهنجي مڪان تي خاص طرح اهو جنگنامو پاڻ بہ پڙهندو ۽ سندس ٻہ فقير پڙهندا هئا ۽ سندس صحبتي سوز ۽ صبر سان پيا ٻڌندا هئا. انهيءَ حال هوندي بہ شاهه صاحب سيج ۽ تابوت ٺاهڻ، گهوڙا گهمائڻ، پڙن ۾ زالن جو گڏ ٿيڻ ۽ پٽڻ، دلدل نچائڻ جهڙا ڪم جي محرم جي ڏينهن ۾ عام طرح ٿيندا هئا، تن جي بلڪل برخلاف هوندو هو. انهن ڪمن جي سٺ ۽ مذمت بابتر سيد خير شاه مرحوم هڪڙو ”موزون مخمس“ ٺاهيو هو. اهو مخمس بحر مضارع مثمن محذوف تي ٺهيل آهي، انهيءَ سٺ تي سيد ثابت علي شاه اعتراض ورتو ۽ هجو ٺاهي.
سيد ثابت علي شاه جي مٿئين هجو ۾ بہ چاليهارو کن بند آهن. جڏهن ثابت علي شاه جي مٿئين مخمس جو سيد خير شاه تي ڪو بہ اثر ڪونه ٿيو ۽ هو پنهنجو هجويه ڪلام پاڻ ۽ سندس فقير شهر جي گهٽين ۽ چونڪن ۾ چوندا وتندا هئا، تڏهن سيد ثابت علي شاه جي فرياد ڪرڻ تي مير ڪرم عيل خان سيد خير شاه کي اول حيدرآباد مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيد خير شاه ڀيري ڀيري سان هڪڙي نہ ٻي اهڙي ڪرامت پئي ڏيکاري، جو مير صاحبن کڻي ماٺ ڪئي ۽ سيد خير شاه کي ڇوٽ ڇڏي ڏنائون.
سيد خير شاه سنڌي ڏوهيڙن ۾ هڪڙو خوش مزاجيءَ جهڙو خيالي قصو بہ ٺاهيو آهي، جو ڇاپيل آهي. ان ۾ ٽوپي ۽ پڳ ٻئي هڪٻئي سصان تڪرار ٿيون ڪن. ٽوپي پاڻ کي ٿي پڏائي ۽ پڳ پاڻ کي ٿي پڏائي. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ خير شاه امين ٿي فيصلو ٿو ڪري ته پڳ جو شان مٿي آهي ۽ ٽوپي هروڀرو کڻي پڳ سان فوقيت جو دم هنيو آهي. ٻہ ٽي ڏوهيڙا مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:
ٽوپي: چي ڙي پرد ڪندينءَ جو پڌرو سو ته مڙني ۾ آهي
سجهي اسان کي ڪانڪا، سينو جا ساهي،
ڳالهه ته تنهنجي ڳوٺ ۾، ڪو راڄ نٿهو راهي،
پوءِ لس وڌئون لاهي توکي آنڊن جهڙي اڇلي.
پڳ: چي ڙي ڪو ٽوپي پائي امام ٿيو مڙني جو مهندار،
شرع جا شفيع جي سا تون پڇي ڪر تڪرار،
جي ڪڇندينءَ ٻيهار، ته جٺ ڪندي سانءِ جڳ ۾.
فيصلو: چي ٿيو خير خير شاه چئي، لٿو جهٽو ۽ جهيڙو،
ڪميڻي اشراف کان ڪيو برڙي بکيڙو،
نبريوسين نڪ وڍيءَ جو سنڌو ۽ سيڙهو،
تر ننهين ٻيڙو، ڪلمو جن قلوب ۾.

سيد خير شاه جون سنڌي ڪافيون بہ مشهور آهن. مولود ۽ مدحون بہ گهڻيئي چيون اٿس.

سامي ۽ سندس شلوڪ (1743ع – 1850ع)

”عجائب عقل سالڪ ڏنو سڪ سان،
سمجهي روح رازي ٿيو ڇڏي هنامون هل،
چڙهي نور محل ۾ ڪيائون حق حاصل،
وحدت ۾ واصل، پرچي ٿيو پريم سان.“
سلوڪ 30

ڀائي چئن راءِ بچومل لُنڊ، جنهن جو تخلص هو ’سامي‘، سو شڪارپور شهر جو ويٺل هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج برهمڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج برهمڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ پنهنجي اصلوڪي نالي (چئن راءِ) جي بدران ”سامي“ يا ”ٻانڀڻ“ جي تخلص سان پاڻ کي سڏيو آهي. ڀائي چئن راءِ جو پيءُ ڀائي بچمل شاهوڪار ماڻهو. ان پنهنجي پٽ کي سوامي مينگهراج وٽ ڌرمي سکيا وٺڻ لاءِ ڇڏيو. سوامي مينگهراج بهاولپور رياست جي احمد پور ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ شڪارپور ۾ هاٿي در تي همينداس برهمڻ جي مرهيءَ ۾ رهندو هو. سوامي مينگهراج سنسڪرت ۾ تمام ڀڙ هوندو هو ۽ شعر بہ چوندو هو. هن جي پنهنجي چيلي ڀائي چئن راءِ سان تمام گهڻي دل هوندي هٿئي، تنهنڪري ان کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”ويدانت“ مان چڱي طرح واقف ڪيائين. ڀائي چئن راءِ کي ڏهين ٻارهين ورهين جي عمر ۾ اچي فقيي رنگ ۽ ويراڳ لڳو. پڻس شادي بہ ڪرايس پر هو پنهنجيءَ گهر واريءَ کي بہ ساڻ ڪري هليو ويو. امرتسر، اوڏهين ڳچ وقت فقيرن ۽ پنڊتن ساان صحبتون ڪري پوءِ پنهنجي زال سميت فقيراڻي ويس ۾ شڪارپور ۾ آيو ۽ چاليهن ورهين جي عمر کان وٺي شلوڪ چوڻ لڳو.
سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه لکنود هو، پر ڪاغذن جي ٽڪرين تي شلوڪ لکي، هڪڙي مٽ ۾ ويجهندو ويندو هو. سندس پٽ ڀائي گهنشامداس اهي شلوڪ گڏ ڪري گرمکي اکرن ۾ لکايا، جتان پوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلڻاڻيءَ 1873 عم ُري عربي سنڌي صورستخطيءَ ۾ لکايا ۽ تعليم کاتي ٽن جلدن ۾ ڇاپيا آهن.
سامي صاحب 1743ع ڄائو هو، جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ ۾ هئي. هو ٽالپرن جي صاحبيءَ وارو سمورو عرصو حيات هو ۽ هڪ سئو ستن ورهين جي عمر 1850ع ۾ چالاڻو ڪيائين؛ جڏهن انگريزن جي حڪومت جا اوائل وارا ڏينهن هئا.
سامي صاحب جو فقط هڪڙو پٽ هو، ڀائي گهنشامداس، جو گهڻو ڪري امرتسر ۾ گذاريندو هو. ڀائي گهنشامداس بہ ٻاهتر کن ورهين جي عمر ۾ چالاڻو ڪيو، ان جا سڳا پوٽا هينئر ڪراچيءَ ۾ دلاليءَ جو ڌنڌو ڪندا آهن.
سواميءَ ۾ سلوڪن جو انداز گهڻو هو، پر هن وقت فقط ايڪويهه سؤ سلوڪ گڏ ٿيل آهن، جي ٽن جلدن ۾ ڇاپيل آهن.

شلوڪن جو مضمون:
سامي ”ويدانت“ متي جو فقير هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اهي نج ويدانت وارا اصول ڪم آندا اٿس. جن جو تصوف ۾ ذڪر نہ آهي ۽ نڪي تصوف وارا اصول بہ بيان ڪيا اٿس، جي سڀني صوفين عام طرح پنهنجن ڪلامن ۾ ڳايا آهن. انهي طرح ڪي نج تصوف جا اصول، جن جو صوفي ۽ درويش خاص طرح ذڪر ڪيو آهي، سي ساميءَ پنهنجي ڪلام ۾ بيان نہ ڪيا آهن، جهڙوڪ: روزميثاق يا روز الست، ”ڪن فيڪون“ جو مسئلو، ”نفي“ ۽ ”اثبات“ وغيره.

ويدانت جا نرالا اصول:

پنر جنم يا تناسخ:
سامي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هن عقيدي تي گهڻو زور ڪيو آهي، ته ”آتما“ (روح) پنهنجين بدعمالين (ڪرتوتن) جي ڪري ”ڪوت جنم“ (ڪروڙين جنم) ڀوڳي، پوءِ خوشي قسمتيءَ سان انساني بدن ۾ آيو آهي. انسنا کي ”مانک ديهي“ (انساني جامه) جو قدر سڃاڻي پنهنجي ڌڻيءَ سان عشق رکڻ گهرجي.
درويشن جي صحبت ڪري ۽ بندگيءَ ۾ محو رهي، جيڪڏهن انسان پنهنجي ڌڻيءَ جو عشق حاصل ڪيو، ته هو ”ٺرپاڻ پد“ (دائمي نجات جو درجو) حاصل ڪندو ۽ پنهجي مالڪ سان ائين هڪ ٿي ويندو، جيئن بوند، سمنڊ ۾ يا کنڊ، پاڻيءَ ۾. پوءِ هو مرڻ جيئڻ جي ڏک کان ڇٽي پوندو، پر جيڪڏهن هن دنيا جي لوڀ ۽ خواهشن ۾ ڦاسي پاڻ کي مالڪ کان غافل رکيو، ته پوءِ هو هن انساني جامه ڇڏڻ کان پوءِ، وري بہ وڃي طرحين طرحين جانورن جي جسم ۾ جوڻ (جنم) وٺندو ۽ مالڪ جي ميلاپ کان وانجهجي ڀٽڪندو ۽ رلندو وتندو. مثال:
1- مالک جنم امول، ڪنهن پاتو پورن پن تي،
سوڀو ساگر جي ڀيڙ ۾ ويڙهي ڪرم رول،
’سامي‘ سنجن سان ملي لهه آنم ڌن اڏول،
هر هر اهڙو ٽول، هٿ ۾ ايندءِ ڪينڪي.
2- ورلي ڪنهن قدر، ڄاتو مالک ديهه جو،
اچي مليو اوچتو، جنهن کي غيبي گر،
تنهن مٽايس من جي، سامي سڀ هر کر،
هر ڏسي حاضر، چيٽي ۽ ڪنچر ۾.
3- ڪنهن گرمک لڌو گيات سان الڀئي گهاٽ گهڙي،
اچي ڪين ڦري؛سو جنم، مرڻ جي ڏک ۾.
4- ڪنهن ورلي کي آهي، قدر مالک ديهه جو،
ڏٺو جنهن گر نيات سان منهن مڙهي پائي.

پنج ڀوت:
سڀني درويشن شاعرن ’نفس اماره‘ (گناهن ڏي ڇڪيندڙ من) جو پنهنجي ڪلام ۾ چڱيءَ طرح ذڪر ڪيو آهي. مگر سامي صاحب انهيءَ ”نفس اماره“ کي ”من مواس“ (مستانو من) سڏي ان جي پنجن خاصيتن کي ’پنج ڀوت‘ سڏي ٿو ۽ انهن پنجن ڀوتن کي مات ڪرڻ ۾ ئي ’دائمي نجات‘ يا ٺرپاڻ پد حاصل ڪرڻ جي اميد ڏيکار يٿو. انهن پنجن ڀوتن کي ناس ڪرڻ جو بار بار تاڪيد ڪري ٿو. مثال:
جاڳي جنهن جوڌي،م جيتيو من مراس کي،
1- ڪڍيو تنهن ڪلپت جو لشڪر سڀ لوڌي؛
سامي لاڻائين لک ۾ پنج ئي پر ٻوڌي،
ويٺو گهر سوڌي، ساکي ٿي سنسار جو.
2- اٺئي پهر پلن، گرمک پنهنجي پاڻ کي،
سامي سم ويساه سان پنج تي دولت دلن،
اندر ول ولن، ٻاهر ٻاڦن ڪينڪي.
3- جنهن کي ڳالهه وڻي، سنتن سان پرسن جي،
سو بنان درستن دوست جي ڳڻتي ڪا نہ ڳڻي،
من سوڏا ميدان مان ماري پنج کڻي،
جيڪا اچي بڻي، سا ’سامي‘ رکي سر تي.
مٿين مثالن ۾ سامي صاحب من ۽ ان جي پنجن ڀوتن کي گڏي بيان ڪيو آهي. نفس يا من جو خلاصو ذڪر بہ سامي صاحب جدا جدا دلچسپ نمونن ۾ ڪيو آهي ۽ انهن پنجن ڀوتن کي علحدو بہ بيان ڪيو اٿس، جيئن شاه صاحب ۽ ٻين درويش شاعرن ڪيو آهي.

ويدانيت ۽ تصوف جا نڪتا:
1- ڌڻي هڪڙو ۽ لاشريڪ آهي:
1- دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو؛
چيو وڃي ته منهن سان از غيبي اسرار؛
نڪو روپ نہ رنگ ڪو، نڪو انگ آڪار،
2- جڏهن ملندءِ يار،تڏهن پوندءِ سڌ سر روپ جي،
پرينءَ جو پرلاءُ، اچي پيو اکين تي.
جنهنجو روپ نہ رنگ ڪو نہ ڪو پيءُ نہ ماءُ.
لکو دلبر دلاءُ سڌ ”سامي“ چئي.
2- ڌڻيءَ جي سڀ جوڙ جي عيب آهي:
آهي سڀ پوري رچنا منهنجي رام جي،
سمجهي ڪو ”سامي“ چئي هرجن حضوري،
جنهن درسن ڏٺو دوست جو نيڻن سان نوري،
ڪري صبوري ڦرني کان فارغ ٿي.
3- ڌڻيءَ در سوال:
خداوند ڪين ڳڻين، اوڳڻ هن اڻاس جا؛
تو ۾ ڪس نہ ڪسر جيتري مون ۾ عيب مڻين؛
کهيءَ کي کڻين، برد سڃاڻي پنهنجو.
4- ڌڻي جي بندگي ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي:
1- ڇه، اٺاڙه، چار، ڳالهه چون ٿا هيڪڙيءَ،
ڀڳت ڪري ڀڳوان جي نانا ڀرم نوار،
ساجهر پاڻ سنڀار، متان پوين پوءِ ڏکن ۾.
5- دل جي حضور ڌاران عبادت بيڪار آهي:
1- مکه سان رامي چئي، سانت نہ اچي جيءَ کي؛
ننگر پهچي ڪونه ڪو بنان پنڌ ڪئي؛
گر گم رهت رهي، ته سکي ٿئي ”سامي“ چئي

6- ”همہ اوست“ ۽، هہ از اوست“:
1- سامي سڀ ديدار، اٿئي عجيبن جو؛
ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار؛
نه آڪار آڪار، ڌاري آيو جڳ ۾.
2- انر ٻاهر هڪ، سامي ڏسي سپرين.
3- چيٽي ۽ ڪنچر ۾ ڏسي رمتا رام.
7- مرڻا ڳي مرڻ:
ڪريان ڪهڙو حال، دردوندن جي دل جو،
ڪٺا ڪڇن ڪينڪي لئون لائي ٿيا لعل،
تن کي ڪوهه ڪريندو ڪال، جي مرڻ کان اڳي مئا.
8- حقيقي عشق ڌاران ظاهري علميت بيڪار آهي:
1- نيهي بنان نادان، ويد پڙهي وادي ٿيا،؛
ٻانڀڻ ڪن ٻيائيءَ سان چپ، تپ، دان، اشنان؛
نيهي نارائڻ ري جي سڌ رکن ڪان؛
ويٺل منجهه منهان، تن پکه پيار نت جان.
9- دوست جو ديرو تنهنجي اندر ۾ آهي:
1- الکه پرک آڻي ديرو ڪيو ديهه ۾؛
سامي پنهنجي گهر جي ڪنهن کي سڌ ڪانهي؛
ورلي ڪنهن صحي ڪيو درد وند داني؛
پرچي پرواني، ساڃتو جوت کي.
10- سچن عاشقن جو احوال:
1- پرين بي پرواه قيمون ڪن ڪٺن کي؛
سامي سر صدقي ڪري، عاشق ڪڍن نہ آهه،
پل پل پين پريم رس، اندر ۾ اسگاه؛
سلڻ ناهه صلاح، متان ڇلي ڇول ڇلا ڪري.
2- عاشق سي چئجن، سي سوري سهن سر تي؛
پنهنجي هٿين پنهنجي لاهي کل ڏين؛
جيئڻ ۽ مرڻ جو سنسو شوڪ نہ ڪن؛
سدا غرق رهن، سامي ساز سروپ ۾.

مٿين مضمون کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي صوفيانه خيال ۽ روحاني رمزون سامي صاحب جي ڪلام ۾ سمايل آهن، جهڙوڪ سڀ مذهب ۽ متا ساڳئي مقصد ڏانهن واٽ ڏيکارين ٿا؛ روح غير فاني شيءَ آهي؛* دل دوست کي ڏجي ۽ بدن سان دنيا سازي فرض ادا ڪجن؛ عشق جو راز دل ۾ سانڍڻ گهرجي؛ دنيا فاني ۽ ڪوڙو ڏيک آهي، مرشد جي فرمانبرادري ۽ درويش جي صحبت جو تاڪيد. سامي صاحب جي ڪلام ۾ ناصحانو ۽ اخلاقي مضمون بہ گهڻي انداز ۾ ڪتب آيل آهي؛ جهڙوڪ: نهٺائي ۽ سادگي؛ ڪايا، مايا ۽ ڪل تي فخر نہ ڪرڻ؛ صبر، تحمل، قناعت، ٺڳي ۽ مڪر کان پاسو ڪرڻ وغيره.
ڪٿي ڪٿ سامي صاحب بہ اهڙيون ئي روحاني ڳجهارتون ڏنيون آهن، جهڙيون شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ آهن. مثال:
1- سامي کهر گهر، تنهن ۾ کهر اگهر ٿئي؛
من ٻڌ1، واڻيءَ2، کون پري اندرين3 اگروچر4.
2- مارڳ5 چورائي، پيو پانڌيڙو پنڌ ۾،
سامي چڙهيو سير تي6 ساگر سڪائي؛
ويٺو وانجهي7 پٽر سان ستہ8 نئون لائي؛
ڊنا مک کائي امرت9 ڦل آڪاس10 جا.
3- عجائب اسرار، غيبي ڏنو گيان سان،
اوديا11 تي عاشق ٿيو، سامي سنڍ جو ٻار؛
جنهن جو روپ نہ رنگ نڪو انگ آڪار؛
سڀني ۾ سنسار، رچي مچي نت رين12 ۾.

ساميءَ جي سلوڪن ۾ ڪي ڏوهيڙا ٻين فقيرن جا بہ گڏ وچڙ آهن، جن ۾ انهن فقيرن جا نالا پيل آهن، تنهن کان سواءِ ساميءَ جي سلوڪن جي طرز عبارت ۽ انهن ڏوهيڙن جي طرز عبارت ۾ گهڻو فرق آهي.
جهڙوڪ: سلوڪ نمبر 299 کان 304 تائين لاڳيتا ڇهه ڏوهيڙا عنايت شاه جا آهن، تنهن کان سواءِ موهن، مينگهو ۽ دادو فقيرن جي نالي وارا ڏوهيڙا بہ گڏيل آهن.

نظم جو نمونو:
سامي صاحب جا سلوڪ باقاعدي ڏوهيڙا آهن. سلوڪ جي ٽنهي جلدن ۾ ٻن مصرعن وارو ڏوهيڙو ڪو ورلي ڪم آيل آهي نہ ته سڀ ٽن چئن مصرعن وارا ڏوهيڙا ڪم آيل آهن. چئن مصرعن کان وڌيڪ مصرعون بہ ڪنهن ڏوهيڙي ۾ ڪم آيل نہ آهن.
جئن ڀٽائي صاحب، گرهوڙي صاحب، سچل فقير وغيره جي ڪن ڪن ڏوهيڙن جون ماترائون قرآن شريف جي آيتن، حديثن ۽ مقالن ڳنڍجڻ ڪري مقرر تعداد کان وڌي وڃن ٿيون، تئن سامي صاحب جي ڪنهن بہ سلوڪ ۾ وڌيل نہ آهن، ڇاڪاڻ جو سامي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي بہ ويد، پران شاستر؛ گيتا وغيره ڌرمي ڪتاب جو جنسي منتر يا ڪا تڪ ڪم نہ آندي آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪلام ۾ اپنشد، گيتا، يوگ سوتر، نادر سوتر، ڀاڳوت پراڻ وارا خيال ۽ رايا گهڻي قدر سمايل آهن.
قافيه بنسبت سامي صاحب جا ڏوهيڙا بلڪل پختا آهن. ڪنهن ورلي سلوڪ ۾ قافيه جي هم آزاديءَ جو اصول ترڪ ٿيل آهي، مگر اهڙي فروگذاشت ڪنهن بہ درويش جي ڪلام ۾ عيب نہ ليکبي.

ٻولي:
سامي صاحب شڪارپور شهر جو ويٺل هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ گرامر جا محاورا ۽ ورجيسون بہ ڪيترن ئي هنڌن اهڙيون ساڳيون آهن، جهڙيون سچل سائينءَ جي ڪلام ۾. مثال:
1- توڙي لک لڳن چاٽان1 صرف حساب جون،
2- ساکان2 سنتن جون ٻڌي هٺ کون3 ڪين هٽي.
3- خاوند ڪين ڳڻي4، اوڳڻ هن اڻاس جا،
گهيءَ کي کڻي5، برد سڃاڻو پنهنجو،
4 آهن اگم اپار راهان6 رام ملڻ جون.
2- سامي صاحب هيڪي عام صوفيانه خيال يا خاص ويدانتي اصول پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، تن ۾ سنسڪرت لفظ ۽ هندو ڌرم جا محاورا تمام گهڻي انداز ۾ ڪم آندا اٿس، جن جو نمونو مضمون وارن مثال طور ڏنل سلوڪن ۾ پيش ٿيل آهي، تنهن هوندي بہ نج عربي ۽ فارسي لفظن جي بہ سامي صاحب جي ڪلام ۾ ڪا کوٽ ڪانهي. مثال:
محبتي مطلب، ڪنهن سان رکن ڪينڪي،
رهي جنجي روح ۾ راتيان ڏينهان رب،
ڳالهيون ڪن ”عرش“ جون ”عجائب عجب“؛
توڙي لائي ”لقب“، ته بہ ”مست“ رهن مهران ۾.
ازانسواءِ ڪامل، ملڪ، مالڪ، ثابوت، سبق، حافظ، احمق، اشارو، طبق، عين عشق، ورق، واقف، مرشد، مريد ۽ خاص وغيره عربي لفظ بہ سامي صاحب جي ڪلام ۾ ڪم آيل آهن.
3- ڪيترا عربي ۽ فارسي لفظ بہ سامي صاحب اهڙن غلط اچارن ۾ بہ ڪم آندا آهن، جهڙا غلط اچارن ۾ اڻ پڙهيل هندو ماڻهو عام طرح اهي ڪم آڻيندا آهن. سامي صاحب ”غلط العام صحيح“ جي غلط تلفظ ۾ ڪم آندا آهن. يا قافيه ۽ تجنيس حرفي جي پورائي لاءِ اهڙا غلط تلفظ يا اچار ڪم آندا اٿس. ڪي مثال ڏجن ٿا:
1- ”کوجي1 “ لڌو ”کوج2“ پرچي پريم نگر جو،
ٻڌائين ”ٻانڀڻ“چوي تنهن ۾ سهنج ”سروج3،“
هردي منجهه ”هروج4“دوستن ڪري دوست جو.
(شلوڪ 367)
2- مينائون محبوب جي سامي سڀ ”رجا5“
کوڙي ”کاموشي6“ ۾ ويٺا ڌيان ڌجا،
ملي ڪن ”مجا7“، سنہ سڌ سروپ سان.
(شلوڪ 504)
4- ڪٿي ڪٿي سامي صاحب اهڙي صاف ۽ سٺي سنڌي بہ ڪم آندي آهي، جهڙي شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ ڪم آيل آهي.
1- جنهن کي نينهن نرم، موڙي ڪيو مرم سان،
مٽيو تنهن جي من مان ڀولائو ڀرم،
ليءَ ڏٺائيون لک ۾”سامي“ سڀ عالم،
دوس ورائي دم، خالي کڻي ڪونڪو.
2- اٿئي مهانگو، ”سامي“ سودو پريم جو.
جي توکي خواهش خريد جي ته سٽ سر هو سانگهو
پرچي پاءِ ڳچيءَ ۾ گلا جو گانگهو.
لنگهي پؤ لانگهو، ته مطلب ٿيئي من جو.
3- اکين منجهه اوطاق، آهي يار مجيب جي،
سدا پسن سڪ سان محبتي مشتاق،
جي جيئندي ٿيا جڳ کون، ”ٻانڀڻ“ چئي بي باڪ
خلوتين جي خاڪ، لائي ويٺا لعل ٿي.

عبارت:
عبارت جو سينگار ۽ فصاحت بلاغت جي اسباب بہ نسبت سامي صاحب جو ڪلام بلڪل عمدو آهي. رواجي پهاڪا شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ جيتري قدر سمايل آهن، اوتري قدر سنڌ جي ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ نہ آهن، باقي سهڻا سهڻا ۽ روزمره جي گفتگو ۾ ڪم ايندڙ ”اصطلاح“ سامي صاحب جي ڪلام ۾ بيشمار آهن. ”تشبيهون“ ۽ ”استعارا“ بہ بلڪل عجيب عجيب ۽ دلچسپ ڪم آيل آهن. لفظ ۽ معنوي صنعتن جو خاصو انداز سامي صاحب جي ڪلام ۾ سمايل آهن. اسين هت نموني خاطر ٿورا مثال پيش ڪريون ٿا:-
1- جنهن کي ”پريم پٽي“سامي ”پاڙهي“ ست گروءَ،
ويٺو ”کيپ کٽي“، سچ، وسنئن جي وچ ۾.
2- تنهنجي مهر ميان سان ”لنءَ لنءَ“ سڀ ٺاري“،
”تار منجهان تاري، ڏيئي هٿ همت جا.
3- ”ٻانڀڻ جنهن ”ٻڌو“ لنو سان ”لڪ“ ڇل ڪري،
ڳڻي ڪين اندر ۾. ”ڪوسو“ ۽ ”ٿڌو“؛
4- سياڻن سجاڳن جا ڏسي ”نيڻ ٺريا“؛
5- ”سامي اڻ گهريو“نت ”گهاٽ گهڙي“ آڪاس ۾.
(1) ”پريم پٽي پاڙهڻ“ = عشق جي ڏات بخشڻ (2) کيپ کٽڻ = سوڀارو ٿيئڻ (3) لنءَ لنءَ ٺارڻ = تمام خوش ڪرڻ (4) تار منجهان تارڻ = سخت ڏک کان ڇڏائڻ (5) همت جا هٿ ڏيڻ = همتائڻ (6) لڪ (سندرو) ڇڪي ٻڌڻ = تيار ٿيئڻ (7) ڪوسو ٿڌو نہ ڳڻڻ = ڏک ۽ سک جو خيال نہ ڪرڻ (8) نيڻ ٺرڻ = دل تمام خوش ٿيئڻ (9) اڻ گهڙيا گهاٽ گهرڻ = بيهودا ويچار ڪرڻ.

تشبيهون:
1- رهن منجهه جهان سدا اليپ ”ڪنول جان“
”ڪنول“ يا ڪوڻيءَ جو گل تار پاڻيءَ واري ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي. ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترو بہ چاڙهو ٿيندو، ته بہ ڪنول گل پاڻيءَ کان ”اليپ“ مٿڀرو بيٺل نظر ايندو آهي. خداشناس انسان دنيا جي ڪيڏي بہ گهمسان ۾ هوندا، ته بہ دنيا جي خرابين کان هو ائين اليپ رهندا، جيئن ڪنول گل تار پاڻيءَ ۾ هوندي بہ پاڻيءَ کان الڳ رهي ٿو.
سامي صاحب اها نج ديسي ۽ عمدي تشبيهه ڪم آندي آهي.
2- ساڌو سنگ ويو، وديا سنسو جيءَ جو،
جئن ”رنگيءَ ڪيٽ“ کي جوڙي ”ڀڙنگ“ ڪيو، چئبو آهي، سا گهرن جي ڀتين جا ڇتين ۾ مٽيءَ جو گهر ٺاهيندي آهي ۽ ”ڪيٽ“ (ڪنئون) آڻي ان عجيب گهر ۾ وجهندي آهي. ڪجهه وقت اهو ”ڪيٽ“ (ڪنئون) گهونگهڻي جي پرورش هيٺ رهڻ کان پوءِ فطرتي طرح چيلاٽو بڻجي، انهيءَ ننڍڙي گهر مان اڏامي نڪرندو آهي. ساڌوءَ جي سنگت جي اثر ڪري چيلي (مريد) جي اندر مان اوديا (جهالت) جو اجايو خيال مٽجي وڃي ٿو ۽ هو بہ ساڌو بڻجي پوي ٿو. انهيءَ تبديل کي ڀڙنگي جي پرورش ڪيٽ جي حالت ۾ تبديل ٿيئڻ جي تشبيهه ڏني وئي آهي، جا نج ديسي ۽ اعلى درجي جي فطرتي تشبيهه آهي.
پنهنجي پوک سنڀار، پراڻي ”پيهي“ تي چڙهي،
”کميا کانڀاڻي“ سان ڪڍي ڪلپت جهار،
ڏيئي واڙ ويساه جي، تن سامي ڀرم نروار،
تان کڻي بيحد ٻار انڀئي کٽ ”انجا“ جو.
(ش 116)

”سلوڪ يا جڳت“ (فقيري حالت) کي ”پوک“ ”من يا دل“ کي ”پراڻو پيهو“ ۽ ”نجات يا مڪتي“ کي ”اناج“ سڏيو ويو آهي، اهي ٽيئي عمدا استعارا آهن. ”پراڻي پيهي تي چڙهڻ“ جي معنى ڪنايه طرح آهي ”من“ کي مطيع ڪرڻ.
”کميا“ (حلم) کي کانڀاڻيءَ“ سان ”ڪلپت“ (اجايا خيال) ”جهار“ (پوک زيان ڪندڙ پکين) سان ۽ ويساه (يقين)“ کي ”واڙ (لوڙهي) سان تشبيهه ڏنل آهي.

روحل فقير

هي بزرگ صوفي شاعر ڪلهوڙن جي وقت ۾ گذاريندو هو ۽ ڪجهه وقت سرڪاري ملازم بہ هو. سندس اصل وطن ٿرپارڪر ضلع ۾ هو جتان پوءِ لڏي اچي خيرپور رياست ۾ ڪنڊڙي شهر ۾ گذارڻ لڳو.
روحل فقير پارسيءَ ۽ عربيءَ کان چڱيءَ طره واقف هو ۽ هندي ٻوليءَ ۾ چڱي دسترس حاصل ڪئي هئائين. جوڌپور رياست ۾ جوڳي فقيرن سان چڱيون رهاڻيون ڪيون هئائين، جنهنڪري هنديءَ ۾ ڪيترائي ڏوهيڙا چيا اٿس جي هڪڙي پستڪ جي صورت ۾ آهن جن جي ڀاڱن کي جدا جدا نالا آهن. ڏنل: مثلاً من پڙلود- پريم گيان ۽ انڀو؛ اهي هندي دهرا ڪيئن گڏ ٿيا ۽ ڪنهن گڏ ڪيا تنهن جي لاءِ ڪيتريون ئي مشڪوڪ ڏند ڪٿائون ٻڌجن ٿيون ۽ انهن هندي دهرن ۾ ڪهڙا ڪيترا دهرا خاص روحل جا آهن. اها ڳالهه بہ اڃا تحقيقات طلب آهي.
روحل فقير جي دوهي جو هڪ مثال
جنم جنم ڪا دکهه مٽا ار جنم ڪو باپ
سڀ تن پاون هو رهيا جب درسيو آتم باپ،

روحل سرائڪيءَ ۾ گهڻوئي شعر چيو آهي ۽ سندس سي حرفيءَ مان هڪ حرف (ث) جو مثال ڏجي ٿو:
”ث“ ثابت ڪر التر جامي جي تون عاشق ٿيوين،
شوق شراب رندان دي مجلس پليل ديوچ پيوين.

سنڌي ۾ فقير صاحب چڱو پختو ڪلام چيو آهي، جو تمام مقبول آهي. سندس شعر ”وحدت نامه“ تصور جي نڪتن سان مالا مال آهي. روحل جي ڪيترن بيتن مان شاه وارو رس حاصل ٿئي ٿو.
وحدت نامه مان ڪي بيت
پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سهائيءَ سج جي موافق ٿيندو مير،
جن صحيح سڃاتو پير روحل رات تن کي.
جن کي عشق اندر ۾ تن کي اڃ نہ بک
وحدت منجهه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک
ڏور تنهين تون ڏک جي روحل رتا روح ۾.

دلپت صوفي

دلپتراءِ حيدرآباد جو هڪ مشهور صوفي ٿي گذريو آهي. سندن اصل وطن سيوهڻ هو ۽ پوءِ سانگي سان ميرن جي حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ پنهنجي گروءَ ڀائي آسرداس وٽ اچي رهيو. درگاه جهوڪ شريف جو خاص معتقد هو، تنهن ڪري سال بسال اتي ڪيترا مهينا وڃي گذاريندو هو. پارسي ۽ سنسڪرت ٻولين مان چڱي طرح واقف هو. جهوڪ ۾ رهڻ ڪري شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اثر مٿس گهڻو پوڻ لڳو ۽ پاڻ بہ سنڌي بيت چوڻ لڳو. سندس سنڌي ڪلام پروفيسر ٺڪر 1038 ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو آهي. دلپت هنديءَ ۾ ڪيترو ڪلام چيو آهي جو اڃا ڇاپيو نہ آهي، مگر اهو ڪلام حيدرآباد جي مشهور آسرداس واري ٽڪاڻي ۾ محفوظ آهي. دلپت صوفيءَ جو ڪلام سوز وارو ۽ ناصحانه آهي ۽ سندس عبارت پختي ۽ عام فهم آهي.
1- پيهي وڃ پاڻ ۾ ڇڏي پنهنجو پاڻ،
ڏيئي آديسي الک جو اندر ۾ اهڃاڻ
جا کي رلين روهن ۾ نانگا ناٿن ڪاڻ،
پري ڳولڻ پرينءَ کي اهو ڄٽن سندو ڄاڻ،
آهي سائين توئي ساڻ، ’دلپت‘ دائم دل ۾.
2- جن ترڪ ڪيو طمع کي سنياسي سيئي
ڇڏي هليا نعمتون قيمتي ڪيئي
ويراڳين وجود مون واشنا ويئي
تن پاڻ پڇي پانهنجو رانول دل ريهي
گهڙي ويا گهٽ ۾ جفا جيءَ ڏيئي
دلپت ڏٺائون الک کي پاڻ ۾ پيهي
سي نانگا سڀ نيهي،ناٿ نوازيا نينهن سان.
3- اوڍي لباس لڱن تي ڪيئه زالن جهڙو زيب
مايا ميڙي مهنت ٿئين ڪري فند فريب
ڇل ڪيو تو موڳا موهين رانول ڪري ريب
مايا ڪارڻ پاڻ بچايئه عالم ڏيئي آسيب
ڪڍ ڪاپڙي قلوب مون کوٽا خام خريب
وٺي واٽ گروءَ کون ٿيءُ گگن ۾ غيب
تان علعون ۽ عيب آديسي وڃن اندر جا.
4- جي اٿئي پياس پرينءَ جي تان سر سنباهي هل
پئي محبت مچ ۾ جانب لئه تون جل
سڪ سوز پرين جو سڌڙين کي نہ سل
جئن جئن واچين ورق تون تئن تئن پوي ول
پڻي ڪين ولهي ايهو هاسيءَ جهڙو هل
پهه لڳي پڙهين جي ڀوري هڏ نہ ڀل
هوت اٿيئي هنج ۾ ناحق روهه نہ رل
چڙهه نيزي نينهن جي تان ويجهو ٿيئي وصل
’دلپت‘ عشق اصل، ملي سودي سر جي.
5- نڪو محبت جهڙو مامرو نڪو سڪڻ جهڙو سور
ساڙي وڌو ساه کي پل پل پرين پور
چيري چچري چت کي چشمن ڪيو چور
دوست منهنجي دل کون شال نہ ٿئي دور
”دلپت“هنئين حضور، شال سدا هووي سپرين.
6- اٿيئي نازڪ ناتو نينهن جو ادب ۾ ٿي آءٌ
محبت جي ميدان ۾ پير پختو پاءِ
اتي ناهي سڌڙين جي ڪائي جنبڻ جاءِ
عشق آتش مچ ۾ اڀو پاڻ پچاءِ
تا رچي ايندين ريهه سان برهه باهه منجهاءِ
مڙڻ آهي مهڻو مرڻ مر اداءِ
سڪ نہ آهي سٿري جان لاتيءَ تان نباهه
ثابت سر سنباهه، ”دلپت“ اڳيون دوست جي.
7- جي اٿيئي سڪ پرينءَ جي تان ڏي سنباهي سر
سڪڻ ۽ سورن جي کڻج ساڻ سمر
ڪس ڪاتيءَ ڪلال جي کڻي ڪاريهر جان ڪر
ڏي سر سٽ ۾ گهايل گهار ۾ گهر
”دلپت“ پڪيءَ پر، پني ڪندي پيڙ جي
8- جي اٿيئي سڪ سري جي تان طمع ڇڏ تمام
ويراڳ وساءِ وجود ۾ ڪر ڪيني کي قتلام
ڪوري ڪڍ قلوب مون خيال خارج خام
پيءُ هٿون حبيبن جي ذوق منجهون پر جام
ڪافي ورهيه جي وڍ دوئي سندوم دام
تان معلوم ٿئي من ۾ محبوباڻي مام
”دلپت“ لهئي ملام، ڄمڻ مرڻ جيءَ جي.
9- اندر جهڙو زور وهي ٻاهر مينگهه ملار
”دلپت“ ٻاجهون دوست جي اچي ڪين قرار
جنهن وٽ ناهي يار، سي ڪيئن اٽڪانئين اکيون
10- ڪن ڪعبو مک مسيت من ملان ايمان
متو مڪو حاجي هنيو قاضي قلب قرآن
نئن نبي نڪ قبر ذاڪر آهي زبان
هٿ حضرت ڀانءُ پيغمبر امت انگ عيان
سچ سنت دي نفس نصيحت غيرون ڇاڏ گمان
رضا رياضت رنج نہ ڪسنون ڪل صحيح شهه مان
اندر ٻاهر ايڪو ظاهر صاحب ايڪ سبحان
حا جان جهان، جامان ”دلپت“ صحيح سڃاڻ

هيٺين بزرگن جو سنڌي ڪلام بلڪل ٿورو آهي ۽ اها ڳالهه بہ شڪي آهي ته جيڪو ڪلام سندن نالن سان منسوب ٿيل آهي، سو حقيقت ۾ سندن ڪلام آهي يا ٻين بزرگن جو.

شاه عنايت صوفي جهوڪ وارو – 1655-1656ع
عثمان احساني ڀاڳ ناڏيءَ وارو جو پوءِ اچي لکي ۾ رهيو 1640ع.
شاه عنايت رضوي – شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. سندس ڪلام شاه صاحب جي ڪلام سان خلط ملط ٿي ويو آهي ۽ خبر نہ ٿي پوي ته ڀٽائيءَ جو ڪلام ڪهڙو ۽ عنايت جو ڪهڙو. سندس حياتيءَ جو مفصل ذڪر بہ ڪٿان دستياب نہ ٿيو آهي، باقي سندس مقبرو نصرپور ضلع حيدرآباد ۾ آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن.
(4) خواجه محمد زمان 1713ع ۾ سندن ولادت ٿي. صديقي خاندان مان هئا. سندن بزرگ ٺٽي ۾ رهندا هئا. جتان لڏي لنواريءَ ۾ اچي ساڪن ٿيا. شاه ڀٽائي سندن زيارت لاءِ لنواريءَ ۾ ويا هئا ۽ اتي سندن عظمت جو اعتراف ڪيو هئائون. سندن سنڌي ڪلام بلڪل ٿورو آهي جنهن جي عبارت ۽ مضمون شاه جي ڪلام جهڙو آهي. سندن سنڌي ڪلام 85 بيتن ۾ محدود ٿيل آهي. سندن وفات 1774ع ۾ ٿي.

متفرقه تصنيفات

(1) ڪتاب شمائل نبوي:
مولوي عبدالسلام جو لکيل آهي. عربيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي. تصنيف جو سال 1197 هجري آهي. ڪتاب ۾ حضرت پيغمبر ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي صورت ۽ سيرت جو تفصيل وار احوال ڏنل آهي. ڪتاب وڏيءَ تختيءَ تي ليٿو ۾ 296 صفحن ۾ لکيل آهي. سڄو ڪتاب ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ”آ“ قافيه واري شعر ۾ آهي. سندس ٻولي لاڙي آهي. صورت خطي بہ انهيءَ جهوني زماني جي آهي.

(2) تفسير هاشمي پاره عم:
هي قرآن شريف جو تفسير مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو آهي، جو ابو الحسن واري شعر ۾ لکيل آهي. ڪتاب جا صفحا 503 آهن.

(3) تفسير سوره يوسف:
هي ڪتاب مخدوم عبدالله جو لکيل آهي. مخدوم عبدالله اهو ساڳيو ئي آهي، جو ڪنزالعبرت، قمر المنير، بدر المنير وغيره سنڌي منظوم ڪتابن جو مصنف آهي. هي تفسير اڃان دستخط صورت ۾ آهي ۽ ميان ابو الحسن جي شعر ۾ آهي.

(4) تفسير پاره عم:
مولوي مهرو ولد سرهو ولد موٽيو ويٺل پراڻ نالي عالم سڳوري هي ڪتاب سنه 1206 هجري مطابق 1791ع ۾ تيار ڪيو. مولوي مهرو صاحب بابت وڌيڪ احوال ملي نٿو سگهي، پر ايتري پڪ آهي ته هو لاڙ جو ويٺل ۽ ٺٽي جي ڪنهن عالم وٽ پڙهيو هو، ڇاڪاڻ جو تفسير ۾ سنديس ٻولي اها آهي جا مخدوم محمد هاشم ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن ڪم آندي آهي. قرآن شريف جي سمجهاڻي مولوي ابو الحسن جي سنڌي شعر ۾ بلڪل وضاحت سان ڏني اٿس. ڪتاب جا صفحا 574 آهن ۽ ليٿو ۾ ڇاپيل آهي.

(5) حصص الاموال و بخل الاموال.
مولوي علي اڪبر صاحب سنڌي نظم حصص الاموال و بخل الاموال نالي ڪتاب هجري 1162 مطابق 1798ع ۾ ٺاهيو آهي. مولوي صاحب ڪٿي جو ويٺل هو، سا خبر پئجي نہ ٿي سگهجي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”زڪوات“ جا شرط ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. جدا جدا قسم جي ملڪيت تي ڪهڙي حساب چڱيءَ طرح سمجهايل آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ”فطره“ جا شرط ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. بخل الاموال واري ڀاڱي ۾ ”زڪوات“ ۽ ٻي ”خيرات“ نہ ڏيندڙ جي باب ۾ جيڪي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون آهن. سي ڏيئي هدايت ڪري ٿو، ته بخل يا ڪنجو سائي بلڪل نہ ڪرڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ ڪل چوهٺ صفحا آهن ۽ ڪتاب ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ڇاپيل آهي. سندس ڏوهيڙا باقافيه آهن.

(6) روضہ الشهداءِ سنڌي:
مولوي احمد مرحوم پارسي روضہ الشهداءِ تان، جو پارسي نثر ۾ ملان حسين ڪاشفيءَ جو ٺاهيل آهي، سنڌي ڏوهيڙن ۾ ترجمو ڪيو آهي. هجري سنه 1172 مطابق سنه 1798ع ۾. هي ڪتاب ابوالحسن جي سنڌي ۾ ۽ سادن ڏوهيڙن ۾ ٺهيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ڇهه سؤ ٽيتاليهه صفحا آهن. هن ڪتاب ۾ امام حسن ۽ حضرت امام حسين سڳورن جي مبارڪ زندگي جو احوال ۽ سندن مفصل ذڪر لکيل آهي.

(7) ڪتاب هدات المريدين:
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پوٽو ۽ مخدوم عبداللطيف جو فرزند هو. مخدوم محمد ابراهيم صاحب هجري سنه 1206 مطابق 1791ع ۾ ڪتاب هدايت المريدين لکيو هو. هن ڪتاب ۾ ڇاونجاه صفحا آهن. مريد کي مرشد جي فرمانبرادري ۾ ڪيتري قدر رهڻ گهرجي، قلب جو ذڪر ڪئن حاصل ڪجي، نفي ۽ اثبات جي سمجهاڻي، تقشبندي طريقي جو سلسلو ۽ خود مصنف جي مرشدن جو سلسلو هن ڪتاب ۾ سمجهايل آهي. ڪتاب ابوالحسن واريءَ سنڌي ۾ ڇاپيل آهي ۽ سڄو ڪتاب فرائض الاسلام ڪتاب وانگر پڪو ڏوهيڙو نہ آهي، پر منجهس جدا جدا قافين وارا ڏوهيڙا پيل آهن.

(8) حڪايت الصالحين:
مولوي ولي محمد مرحوم عربي ڪتاب حڪايت الصالحين سنڌي ڏوهيڙن ۾ هي ڪتاب هجري سنه 1220 برابر 1804ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب ۾ ويهه باب ۽ 578 صفحا آهن. هي هڪڙو اخلاقي ۽ روحاني تعليم جو مجموعه آهي، جنهن ۾ اڳين نبين، حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي زماني، اصحابن سڳورن ۽ اوليائن جا نقل ۽ هدايتون ڏنل آهن. خوف خدا، حلال ڪمائي، زهد رياضت، ذڪر فڪر؛ طاقت ۽ عبادت، خدمت خلق، وغيره اعمالن ۽ اخلاقن جا زنده مثال سمجهايل آهن. هي ڪتاب اڳي عالم سڳورا وعظ طرح جماعتن جي اڳيان پڙهندا هئا ۽ مڪتبن ۾ درسي ڪتاب طرح پاڙهيو ويندو هو.

ڀاڱو ٻيو

---

سنڌي ادب جي پهرئين دور تي سرسري نظر

سنڌي ادب جو پهريون دور، جنهن جو بيان ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد پهرئين ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ نظم ابوالحسن جي سنڌي ۽ تحت لفظي ترجمو آهي. سڀ ڪنهن ٻوليءَ جو ادب مذهبي لٽريچر کان ئي شروع ٿيندو آهي، تنهن ڪري سنڌي ادب جي پهرئين دور جو بہ مذهبي لٽريچر کان شروع ٿيڻ فطرتي ڳالهه آهي. مذهبي لٽريچر سان گڏ انهيءَ دور جي خدا پرست بزرگن جو نج توڙي مجاز جي لباس ۾ ڍڪيل صوفيانو ڪلام خاص مقدار ۾ اچي چڪو آهي.
قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاه ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل فقير، خليفه حاجي عبدالله، فقير محمد صديق (صادق)، فتح فقير، سيد ميان خير شاه ۽ سامي، اهي نج توڙي مجاز گڏيل صوفيانه لٽريچر جا ابا هئا. ميان ابو الحسن، مخدوم محمد هاشم، مولوي عبدالخالق، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، مخدوم محمد ابرهيم ڀٽي، مخدوم محمد حسين، سيد ثابت علي شاهه ۽ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو اهي مذهبي لٽريچر جا باني مباني هئا. ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي پهرئين جلد ۾ انهيءَ سموري لٽريچر جي ڇنڊ ڇاڻ ادبي نقطہ نگاه سان ڪئي ويئي آهي. پر نہ مذهبي نقطہ نظر سان.
انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻولي جي صورت خطي مقرر ٿيل ڪا نہ هئي، تنهنڪري سنڌي لٽريچر عربي ۽ پارسي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو هو، جي ٻئي صورت خطيون خاص خاص سنڌي اچار ڏيکاريندڙ اکرن کي پاڻ ۾ سمائي نٿي سگهيون، تنهن هوندي بہ اوائلي لٽريچر جي جيڪا حفاظت انهن ٻنهي صورت خطين بجاءِ آندي آهي، سا شڪر گذاريءَ جي نظر سان ڏسڻ جي لائق آهي.
(سنڌي ادب جو پهريون دور سنه 1521ع کان سنه 1843ع تائين ليکيو ويو آهي.)0

سنڌي ادب جو نئون دور1843ع کان 1875ع تائين

1843ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جو نئون دور شروع ٿيو.
ارغون گهراڻي جي حڪومت (1521) کان وٺي انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائلي زماني تائين، سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻولي ۾ رکيو ويو ٿي ۽ مسلمان حاڪمن کي مذهبي تعليم تي بہ خاص نظر هئي، تنهنڪري عالم سڳورا پنهنجن مڪتبن ۾ فقط عربي ۽ پارسي ٻولين جي تعليم ڏيندا هئا. مسلمانن سان گڏ خاص طبقي جا هندو بہ مڪتبن ۾ خوشيءَ سان عربي ۽ پارسي جي تعليم وٺندا هئا. مسلمانن کي انهيءَ تعليم مان جهڙو مذهبي روح حاصل ٿيندو هو، تهڙو اخلاقي فائدو ۽ زماني جي عزت نصيب ٿيندي هئي ۽ هندن کي اخلاق جي حاصلات سان گڏ سرڪاري دفترن ۾ عزت ڀريون نوڪريون حاصل ٿينديون هيون. انهن ڏينهن جو هي پهاڪو مشهور آهي:
”پارسي گهوڙي چاڙهسي“

يعني پارسي ٻولي ضرور گهوڙي تي سوار ڪندي (وڏو عهدو بخشيندي)“
انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ بہ ڳچ وقت تائين سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻوليءَ ۾ قائم رکيو، تنهن ڪري ميرن جي صاحبيءَ وارن عربي پارسي سيکاريندڙن مڪتبن ۾ بہ پارسي تعليم ملندي هئي. ديوان ننديرام ميراڻي پنهنجي ڪتاب ”سيکائتو نروار“ ۾ لکي ٿو، ته ”سنڌ ڏيہ جي ٽن ضلعن يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هيلوڪي يعني ارڙهن سو ڇاونجاه عيسوي ورهه جي شروع ۾ اٽڪل هڪ سئو پنجاه فارسي مڪتب هڪيا آهن ۽ تن ۾ جيڪس ٻہ هزار سکندڙ هوندا.“ (سيکائتو نروار صفحه 1).
برٽش سرڪار جلد ئي سنڌ جي سرڪاري دفتر کي سنڌي زبان قائم رکڻ ۽ انگريز عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ مان واقف ٿيڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي، مگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا ڪارگر صورتخطي مقرر ٿيل ڪا نہ هئي، تنهنڪري سربارٽل فريئر صاحب ڪمشنر سنڌ جي ڪن علم دوست بزرگن جي هڪڙي ڪميٽي ڪري موجوده سنڌي آئيويٽا مقرر ڪئي. ڏسو سنڌ جي ادبي تاريخ جلد پهريون، تنهن کان پوءِ هڪ پاسي سرڪار طرفان اهل قلم جي همت افزائي ۽ قيمتي ڪوششون ٿيون ۽ ٻئي پاسي علم دوستن کي پاڻئون تصنيفات جو دلي شوق جاڳيو، تنهنڪري نوان نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا. اتان وٺي سنڌي ادب جي نئين دور جو نئون ڀاڱو شروع ٿيو.
جئين سنڌي ادب جو نئون دور نظم کان شروع ٿيو هو، تيئن هي نئون دور وري نثر کان شروع ٿيو، جنهن جي پٺيان نظم جا نوان نوان ڪتاب بہ شايع ٿيندا رهيا. ائين نہ سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ ڪري پهرئين دور وارو مذهبي ۽ صوفيانو سنڌي لٽريچر بند ٿي ويو. حقيقت ڪري سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ سان گڏ پراڻي دور واري لٽريچر جي اشاعت اٽلندو زياده ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو سڌو لاڳاپو بمبئيءَ سان ٿيو، جنهنڪري پهرئين دور وارو لٽريچر جو ٽي سؤ کن ورهيه رڳو دستخط ڪتابن جي صورت ۾ پيو هلندو هو، سو بمبئيءَ ۾ ليٿو گراف ڇاپخانن جاري ٿيڻ ڪري ڇاپجڻ ۽ سنڌ ۾ عام جام نيڪال ٿيڻ لڳو. مسلمانن جو انهيءَ پراڻي لٽريچر سان مذهبي ۽ خاص روحاني تعلق هو، تنهنڪري خانگي مڪتبن ۾ اهو پارسيءَ سان گڏ عام طرح پاڙهڻ ۾ ايندو هو ۽ اڃا تائين بہ اهو پهرئين دؤر وارو لٽريچر مسلمانن ۾ گهڻي قدر نه، ته بہ ڪي قدر چالو آهي. ڪجهه اصلوڪي صورتخطي جي حالت ۾ ۽ ڪجهه نئين صورتخطيءَ جي صورت ۾.
نئين دور جي پهرئين ڀاڱي واري سنڌي ادب وڌائڻ ۽ اُسرائڻ ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌي بزرگن، يوروپي عالمن ۽ مرهٽن علم دوستن خاص بهرو ورتو ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا، تن جي مفصل بيان ڏيڻ کان اڳ هيءَ ڳالهه ظاهر ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ دور جي لٽريچر ۾ ڪهڙي نموني جي صورتخطي ڪم ايندي هئي ۽ ان وقت جا هندو ۽ مسلمان نثر نويس ڪهڙي عبارت پنهنجي تصنيفات ۾ ڪتب آڻيندا آهن.

1- صورت خطي

برٽش سرڪار جي ڪوشش سان سنڌي آئيويٽا يعني ”الف بي“ سنه 1851ع ۾ مقرر ٿي، جنهن ڪري عربي ۽ پارسي ڄاڻندڙ اهل قلم جدا جدا مضمونن وارا سنڌي ڪتاب صحيح سنڌي آئيويٽا ۾ لکيو سگهندا هئا، پر لفظن جي صحيح تلفظ ڏيکارڻ لاءِ عربي صورت خطيءَ واريون سڀ اعرابون (زير، پيش، شد، جزم ۽ مد) ڪم آڻيندا هئا. تنهن کان سواءِ ”نون غنه“ وارن ڇوٽن خواه ڊگهن آوازن ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻہ زبرون، ٻہ زيرون يا ٻہ پيش ڪتب ايندا هئا. مطلب ته آئيويٽا جي درست اکرن ڌاران ٻي سموري صورتخطي اها ساڳي ڪم ايندي هئي، جا پهرئين دور واري سنڌي ادب ۾ ان وقت جي عالمن ڪم آندي آهي. نئين دور جي شروعات وارن سرڪاري درسي ڪتابن توڙي عام واقفيت ۽ وندر جي ڪتابن مان ڪي جنسي ٽڪر هيٺ ڏجن ٿا، جن مان نئين دور جي سنڌي لٽريچر جي صورتخطيءَ جو نمونو چڱيءَ طرح روشن ٿيندو.
مثال: جڏهي سبق ياد ٿيو تڏهي پهراءِ پنهنجي هيڪجهڙي سبق واري کي ٻڌائي ۽ ان جو پڻ ٻڌي سو ڪو ته اِن کان ٻئي جو سبق چڱو ياد رهندو.
(بابنامو يعني ٻاراڻو ڪتاب سبق ٻيو جملو 20) جوڙيل ديوان ننديرام ميراڻي.
مثال2:- پاڻ کان جيڪو وڏو آهي تہ جي سامهون وڏي سر نہ ڳالائجي گهڻو نہ کلجي. جي پاڻ جيڏا آهن تن سان سرهائي ۽ ڪنورائي سان ڳاله ٻول ڪجي. ڳالائڻ جي ويلي نہ کلجي ۽ چوڻ ۾ تڪڙ نڪجي ڪيهي تي ڏمر ڪرڻ نہ گهرجي ۽ ڪو پاڻ کي چڱائي جي مت ڏي ته ٻڏجي ۽ پنهنجي ڀينرن ڀائرن ۽ سوٽن کي گهڻي پيار ڪجي. (بابنامو يعني ٻاراڻو ڪتاب سبق اٺون جملو نمبر 67 کان 70)
مثال 3:- هن ويچاري ڪهڙي تقصير ڪئي آهي. هن لفظ تي نقطا ساري ڏي ۽ ٻڌاءِ ته ڪل ڪيترا ٿيا. پرائي دهلين احمق نچي. (پهريون ڪتاب سبق ايڪيهون جمله نمبر8-10 جوڙيل ديوان اڌارام ٿانورداس)
مٿين مثالن مان روشن ٿيندو، ته سنڌي ادب جي نئين دور جي شروعات ۾ تعليمي ماهرن اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ لفظن جي صحيح تلفظ سيکارڻ تي قابل تحسين ڌيان ڏنو هو ۽ هجي جي طريقي سان ٻولي سيکارڻ پسند ڪئي هئائون. انهن بزرگن اهو نهايت ڪارائتو ۽ سهائيندو طريقو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو جڏهن صورت خطي ”عربي سنڌي“ مقرر ٿي چڪي، تڏهن عربي ٻوليءَ جي مکيه اعرابن يعني زير، زبر، پيش، جزم ۽ شد کي ڇڏي ڏيڻ بلڪل وڏي غلطي آهي.

2- عبارت

(الف) صرف و نحو جي خيال سان:
سنڌي ادب جي نئين دور جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪي صرف و نحو جا ڪتاب شايع ٿيل نہ هئا. تنهنڪري انهيءَ دور جي نثر وارن ڪتابن جي عبارت موجوده سنڌي صرف و نحو جي قاعدن کان گهڻي قدر آجي آهي. جئن ته ان دور جا مصنف پارسي دان هئا ۽ مڪتبن ۾ عربي توڙي پارسي عبارتن جي لفظي ترجمي ڪرڻ تي هريل هئا، تنهن ڪري انهن سنڌي عبارت لکڻ ۾ بہ پارسي ۽ عربي عبارتن واري بيهڪ قائم رکي، جا سنڌي صرف و نحو جي قاعدن سان مواقف نہ آهي. اها عبارت رواجي ڳالهائڻ ٻولائڻ جي طرز سان موافق نہ آهي، ٻيو وري تن ڏينهن بيهڪ جي نشانين جو ڄاڻ ئي ڪونه هئي، تنهنڪري گرامر جي لحاظ سان هاڻوڪن سنڌي خواندن جي حق ۾ انهيءَ عبارت کي سلوڻو ۽ عام فهم نہ چئي سگهبو.
مثال1:- ”ڇوڪرائي ۾ سکڻ جو ٽاڻو آهي. ان کي آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نہ گهرجي، هن ڪارڻ نہ ته ويلو ويل وري هٿ نہ ايندو (بابنامو ديوان ننديرام سبق ڇهون).
(هاڻوڪي عبارت) ”ننڍپڻ سکڻ جو ٽاڻُ آهي، سا آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نہ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ويل ويلو وري هٿ نہ ايندو.“
مثال2:- ”جهرڪيون ڇتين ۾ ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙينديون آهن تن ۾ آنا لاهينديون آهن پوءِ اهي ڦوڙينديون آهن. تن مان ٻچا نڪرندا آهن سي تو ڏٺا هوندا.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام سبق اوڻٽيهون)
(هاڻوڪي عبارت ۾) ”جهرڪيون گهرن جي ڇتين ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙي تن ۾ آنا لاهينديون آهن. پوءِ آنا ڦوڙينديون آهن، جن مان ٻچا نڪرندا آهن. اهي ٻچا ته تو بہ ڏٺا هوندا؟
مثال 3: سائين منهنجي هٽ تي قدم رنجي فرمائي شربت جو پيالو پي وڃ، فقير ٿوري ماڻي کان پوءِ هن جو عرض مڃي هن جي دڪان ڏانهن هليو حلوائي پهچندي ان کي هڪڙي گادي وڇائي ڏني ۽ ڪي ڪجهه مٺائي رڪيبئيءَ ۾ وجهي ۽ ماکيءَ جو پيالو ڀري آڻي ندر رکيائين.س....“ (ٽيون ڪتاب ديوان پرڀداس انندرام سبق ايڪيهون).
(هاڻوڪي عبارت ۾)- ”سائين! قدم رنج فرمائي منهنجي هٽ تي هل ۽ اتان شربت جو پيالو پي وڃ. فقير ٿوري ماڻي ڪرڻ کان پوءِ ان جو عرض مڃي سندس دڪان ڏانهن هليو. دڪان تي پهچڻ شرط حلوائي ان کي گادي وڇائي ڏني ۽ رڪيبيءَ ۾ پيل ڪجهه مٺائي ۽ ماکيءَ جو ڀريل پيالو نذرانه (ڀيٽا) طور آڻي اڳيان رکيائينس....“

(ب) ٻوليءَ جي لحاظ سان:
سنڌي ادب جي نئين دور وارن مصنفن اسڪولي درسي ڪتابن ۾ عربي آئيويٽا وارن خاص اکرن مان ٺهيل لفظ گهڻي قدر ڪم آندا آهن، سو فقط هن ڌيان تي، ته ٻارن کي عربي سنڌي درست صورتخطي لکڻ ۾ ڪچيءَ کان ئي چڱو استعمال رهي. انهيءَ مناسب ويچار سان گڏ انهن بزرگن درسي ڪتابن خواه عام واقفيت ۽ وندر جهڙن ڪتابن ۾ نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ ۾ بہ نهايت عمدي ۽ قابل تحسين ڪوشش ورتي آهي.
ان وقت جي هندو خواه مسلمان مصنفن جي ڪتابن ۾ ڪو بہ ڏکيو سنسڪرت لفظ نظر نہ ٿو اچي ۽ نہ غير مروج عربي يا پارسي لفظ.
مثال1: ”ٻول ڪجي ته پاڙجي نہ ته ڪجيئي نه.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام)
مثال2: ”اگهو ٿجي ته ستت ويڄ وٽ وڃجي.“
مثال3: ”جهرڪيءَ چيو ته مورک ڇوڪر مون کي گهڻو ڪم آهي، مون کي راند ڪرڻ نٿي اُڄهي مون کي پنهنجن ٻچن لاءِ چوڳو کڻي وڃڻو آهي.“ ٽيون ڪتاب (ديوان پرڀداس انندرام سبق پهريون)
مثال4: ”جيتوڻي آهين مور علم کي ڇيهن جو آرنڀ نہ چوندو پر ڇا فائدو سو ڪو ته اولن جو ٻول ۽ ڪم هڪجهڙو نہ آهي.“ (سيکائتو نرروار ديوان ننديرام صفحه 18).
مثال5: ”هن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتي سوڌا جنهن تي رهندا آهيون، توف جي گونري کان پڻ هيڪوسو ويهوڻو تڪڙو هوا تي اڏامندا وڃون. ڪهڙا ڪهڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻي جو ڊپ ۽ ان جي ٻانپ ۽ چئي ۾ رهڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو.“ (آڪاسي نروار سيد ميران محمد شاهه محمد شاد صفحه)؟
نئين دور وارن بزرگ مصنفن جيڪي ڪتاب پارسي يا اردو تان ترجمو ڪيا آهن، تن ۾ ته نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ جي ايتري قدر ڪوشش ڪئي اٿن، جو ڪنهن ورلي هنڌ ڌاران ڪٿي بہ نج عربي يا پارسي لفظ نظر نہ ايندو ۽ نہ وري ڪو ڳرو سنسڪرت لفظ ئي ڏسبو. مثال خاطر سنڌ جي تاريخ مان ٽڪر ڏجي ٿو، جا تاريخ معصومي پارسيءَ تان ديوان ننديرام ميراڻي جي ٺاهيل آهي.
مثال: “جڏهن چچ اميرن جي ميلاپ ساڻ گاديءَ تي ويٺو تڏهن دروازا خزاني جا اُپٽي ڏاڻ جو سڏ وجهي چڱن ۽ مٺن کي ڪوٺي ڏاڻ ڏيئي ٻاجهن ۽ ٿوري جي ڦاهيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ مهينو سپاهين جو وڌايائين ۽ ڍل راڄن کان گهٽايائين. ان ڪئي کان ڏينهن ۾ وسندي ۽ جهجهي وسئَن ٿي ۽ راڻيءَ کي پنهنجي ريت سان پرڻيو.“ (تايخ سنڌ صفحه 20)
هيٺيون ٽڪرو ”آڪاسي نروار“ مان ڏجي ٿو، جو سيد ميران محمد شاهه محمد شاه متعلوي هندي ڪتاب ”نظام شمسي“ تان ترجمو ڪيو آهي.
مثال: ”ڀورو ماڻهو چنڊ کي اڻ ڌيان (کي ڌياني) ۽ اڻ پور (بي خياليءَ) سان ڏسن ٿا پر ڏاها ماڻهو ان کي سڀني گهمندڙن تارن کي سڳوري ڌڻي جي وڏي سگهه جا اهنڃاڻ ڄاڻي ڌيان سان نهاريندا آهن جو ان سڀني جو رستو ڏيکاريندڙ آهي.“ (آڪاسي نروار صفحه 14)
مٿين مثالن مان بيشڪ روشن ٿي چڪو هوندو ته نئين دور جي ڪتابن ۾ ڪي اهڙا بہ نج سنڌي لفظ ۽ ورجيسون ڪم آنديون ويون، جي اڄ ڪلهه گهرو ڪمن ۽ وهنوارن ۾ نہ ڳالهائبا آهن، ته بہ انهيءَ دور جي بزرگن جيڪا صاف ۽ سليس سنڌي ٻولي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا اڄ ڪلهه جي هندن خواه مسلمان نثر نويسن لاءِ پيروي ڪرڻ جي لائق آهي.

سنڌي ادب جي نئين دور جا مصنف ۽ تصنيفات

---

سرڪار جي ڪوشش سان تيار ٿيل لٽريچر

سنه 1843ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان وٺي نو ورهه کن ته سنڌ ۾ پارسي تعليم جو سلسلو هليو آيو. سنه 1851ع ۾ سر بارٽل فريئر صاحب سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. تنهن اچڻ سان سنڌ ۾ جيڪي انتظامي، تجارتي ۽ ٻيا عام سک ۽ فائدي جهڙا سڌارا ڪيا، تن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لٽريچر جو سڌارو بہ هڪڙو نهايت ضروري ۽ قيمتي سڌارو ليکجي ٿو. هن صاحب اچڻ شرط ڪراچيءَ ۾ هڪڙي لئبرري يا ڪتبخانو برپا ڪيو، جنهن م ڪيترائي انگريزي، عربي، پارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ڪي ڇاپيل ۽ ڪي دستخط اچي گڏ ٿيا. صاحب موصوف سنه 1852ع ۾ سنڌي جي صورتخطي مقرر ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرائڻ شروع ٿيا. ڪي ڪتاب تصنيف ٿيا، ڪي انگريزي پارسي يا اردو مان ترجمو ٿيا ۽ ڪي آکاڻيون ۽ نظم جي اڳ ۾ دستخط صورت ۾ يا ماڻهن کي برزبان هئا، سي گڏ ڪرائي ڇاپايا ويا.
انهن ڏينهن ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي چارج اسسٽنٽ ڪمشنر جي هٿ ۾ هوندي هئي، تنهنڪري ايلس صاحب ۽ گولڊ سمٿ صاحب اسسٽنٽ ڪمشنرن بہ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ سنڌي لٽريچر وڌائڻ ۾ تمام چڱو بهرو ورتو. تصنيف، ترجمہ يا تاليف ڪندڙن کي سرڪار جي پاران چڱا چڱا انعام ملڻ لڳا.
انهيءَ ڪري چئبو، ته سنڌي ادب جي نئين دور جو بانيڪار سر بارٽل فريئر صاحب هو ۽ سندس هڏ ڏوکي مددگار ايلس صاحب ۽ گولڊ سمٿ صاحب هئا، پوءِ سنڌي ادب ۾ وقت بہ وقت واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو ويو.
انهيءَ دور ۾ مصنفن ۽ تصنيفات جو مفصل بيان ڏجي، تنهن کان اڳ هڪ ياداشت پيش ڪجي ٿي، جنهن مان خبر پوندي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ڪهڙن ڪهڙن مصنفن، ترجمانن ۽ مؤلفن سرڪاري ڪوشش ۽ پٺڀرائيءَ سان يا ازخود تيار ڪيا:

ياداشت
نمبر ڪتاب جو نالو سنه مصنف مضمون
1 بابنامو 1853 ننديرام سرڪاري
ٻاراڻو ڪتاب
2 پهريون ڪتاب = اڌارام =پهريون ڪتاب
3 ٻيو = = = = ٻيو =
4 ٽيون = = پرڀداس = ٽيون =
5 چوٿون ڀاڱو 1 = = = چوٿون =
6 = ڀاڱو 2 = = = = =
7 تاريخ سنڌ 1854 ننديرام تاريخ معصومي
8 ايسپ جون آکاڻيون = ننديرام ۽ ايلس انگريزي مان ترجمو
9 هندستان جي تاريخ = قاضي غلام علي اردو ترجمو
10 ڀنڀي جي ڳالهه = = غلام حسين زباني قصو
11 سنڌي ويا ڪرڻ = اڌارام سنڌي ٻولي
صرف و نحو
12 چٽ جي پاڙ = ننديرام
۽ مسٽر ڪانداس
ڊرائنگه سکڻ
13 سڌاتورو
ڪڌاتورو 1855 ميران محمد شاه اردو ترجمو
14 ليکي پيڙهه = ننديرام انگي حساب
15 ڌرتي نروار = ننديرام ۽
مهاديو شاستري
دنيا جي جاگرافي
16 = = ڀاڱو 2 = = = = = = =
17 پئمائشي حساب = ننديرام ۽
مسٽر ڪانداس پئمائشي حسابن
جون سمجهاڻيون
18 دنيا جي تاريخ = اڌارام اردو تان ترجمو
19 سيکائتو نروار 1856 ننديرام سنڌي سيکارڻ
20 ليکي جو ڪتاب
ڀاڱو 1 1856 ننديرام ۽ مسٽر
ڪانداس انگي حسابن
جون سمجهاڻيون
نمبر ڪتاب جو نالو سنه مصنف مضمون
21 آڪاسي نروار 1856 ميران محمد شاه علم هيئت
22 ليکي جو ڪتاب
ڀاڱو 2 = ننديرام ۽ مسٽر
ڪانداس
انگي حساب
23 جبر و مقابلہ = ننديرام ۽ مسٽر
وشوناٿ منڊلڪ الجبرا حساب
24 سنڌي صرف و نحو 1960 ميان محمد
حيدرآباد
وڏو گرامر
25 راءِ ڏياچ جو قصو 1861 اڌارام نثر ۽ نظم
26 سنڌ جي تاريخ 1862 سيٺ آلو مل درسي ڪتاب
27 ڪولمبس جي تاريخ = ڪوڙو مل انگريزي تان ترجمو
28 تاريخ انگلستان = واڌو مل =
29 سنساري نروار 1861 ننديرام سرشٽي اڀياس يا
مطالعه فطرت
30 جغرافيه جديده
ڀاڱو 1 = ننديرام ۽ مهاديو
دنيا جي جاگرافي
31 ڀاڱو 2 = = = = = =
32 مفيد الطالبين = اڌارام درسي ڪتاب
33 هندستان جي تاريخ 1863 پريتمداس = =
34 انڊين پنيل ڪوڊ = هاسارام انگريزي تان ترجمو
35 پڪو پهه 1865 ڪوڙو مل زناني تعليم
36 شاه جو رسالو 1866 ٽرمپ صاحب جرمني ۾ ڇاپيو
37 بمبئي کاتي جي
جاگرافي 1868 گرڏنو مل ابتدائي
درسي ڪتاب
38 رئسيلاس = اڌارام ۽
ديوان نولراءِ نارمل
درسي ڪتاب
39 انگلنڊ جي تاريخ
ڀاڱو 1 1868 پرڀداس انگريزي تان ترجمو
40 ڀاڱو 2 = = = = =
نمبر ڪتاب جو نالو سنه مصنف مضمون
41 اصول علم طبي = ڪوڙو مل نارمل اسڪول
درسي ڪتاب
42 سيتلا جا ٽڪا = = عام واقفيت
علم صحت
43 ديوان گل = آخوند گل محمد آخوند پاڻ ڇاپايو
44 ڪامسين
ڪامروپ 1869 اڌارام زباني نظمي
آکاڻي
45 انگي حساب = ڪرشنا شاستري انگي حسابن جو
وڏو ڪتاب
46 گل شڪر = ڪيولرام هي ڪتاب گهڻا وره
دستخط رکيو هو
47 گل = = = = =
48 دل جا حساب 1870 ڪرشنا شاستري زباني حسابن جون
واٽون
49 وڪيو ڏاتار = آخوند عبدالرحيم وندر جهڙو قصو
50 قصو دلوراءِ = = زباني نثر ۽ نظم
51 سيف الملوڪ 1871 = نظمي قصو
52 عمر مارئي = = = =
53 سسئي پنهون = = = =
54 ليکي جي پيڙهه = پريتمداس انگي حساب
55 قصو مهر منير = اڌارام زباني قصو نظم
56 مفتاح القلب = ميرزا غلام رضا علم منطق
57 ڪئا ۽ ٻلي = آخوند عبدالرحيم نظمي ڪتاب
58 جواهر لغات = = نج سنڌي معنى پارسي ۾
59 گرامر سنڌي

1872 ٽرمپ صاحب انگريزيءَ ۾
سنڌي گرامر
نمبر ڪتاب جو نالو سنه مصنف مضمون
60 منتخب شاهه
جو رسالو 1873 قاضي حاجي احمد نارمل اسڪول
درسي ڪتاب
61 سنڌي پنجون 1874 ڪوڙو مل ابتدائي
درسي ڪتاب
62 ميزان الشعر 1875 سيد محمد
فاضل شاه شعر جي قسمن بابت سمجهاڻيون
63 ديوان فاضل = = = = غزلن جو ڪتاب
64 چونڊ ڪافيون = = = = سنڌي ڪافيون ۽
شاعرن جا احوال
65 ديوان قاسم = آخوند محمد قاسم غزلن جو ڪتاب
66 سنڌي انگريزي
ڊڪشنري = شرٽ صاحب ۽
مرزاق صادق علي سنڌي لفظ
معنى انگريزي ۾
67 ڪاشف الغموض = آخوند فتح محمد لفظن جا اشتقاق ۽ معنائون
نوٽ: ممڪن آهي، ته ڪوشش ڪندي بہ مٿئين دور جا ڪي مصنف ۽ انهن جون تصنيفون اسان کي هٿ نہ اچي سگهيون هجن. جيڪڏهن هن کان پوءِ بہ انهيءَ دور جي ڪا تصنيف هٿ اچي سگهي ته گهڻيءَ خوشيءَ سان ان کي پنهنجي فهرست ۾ داخل ڪري نروار ڪبي.
نوٽ: مٿئين دور جي مصنفن ۽ تصنيفات سان گڏ انهيءَ دور جي اهڙن بزرگن ۽ شاعرن جو بہ مختصر ذڪر ڪرڻ ۾ ايندو جن جي تصنيفات ۽ ڪلامن ۾ گهڻو ئي سنڌي ادب سمايل آهي ۽ اهي تصنيفون ۽ ڪلام اڃا دستخط حالت ۾ ۽ ڪي قدر خلق جي زبانن تي جائگير آهن.

(1) ديوان ننديرام سيوهاڻي

ديوان ننديرام ٿڌو مل صاحب سيوهڻ جي ميراڻي عالمن مان هو. سندس جنم 18 عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ ٿيو. ان وقت جي دستور موجب ديوان ننديرام بہ ننڍي هوندي کان مولوين جي مڪتبن ۾ پارسي علم جي تعليم ورتي هئي. هو پارسي نثر توڙي نظم پروڙڻ ۾ بلڪل ماهر هو. هو پهريائين سيوهڻ ۾ پنهنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو ۽ ماڻهن تي سنديس علمي ماهيت جو اثر چڱو پيل هو، تنهن هوندي بہ گذران بنسبت البته تنگدست گذاريندو هو.
هو پاڻ لکي ٿو ته ”تن ڏينهن ۾ آءٌ فلڪزدگيءَ کان ۽ ڪنهن وٽ بہ نسبت نہ ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار هوم رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌي جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سڌ رهيم، ته من ڪنهن ڏينهن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇٽڪارو لهجي هڪجيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگر ٿيان.“(تاريخ سنڌ ديباچو)
هن صاحب جي مٿئين حقيقت مان هيءَ بہ ڳالهه روشن آهي، ته ان وقت سندن ڪيترائي جيڏا سرتا پاري خواندا سيوهاڻي عامل سرڪاري نوڪرين ۾ لڳي چڪا هئا، تنهن ڪري هو صاحب بہ پنهنجي علمي خدمت بجاءِ آڻڻ جي شوق پوري ڪرڻ ۽ فراخدستي پائڻ جي ارادي سان سرڪاري نوڪري ملڻ جو خواهش مند هو.
سنه 1852ع ۾ جڏهن سر بارٽل فريئر صاحب سنڌي الف بي ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي ڪن علم دوست نامور مسلمانن ۽ هندن جي ڪميٽي گڏ ڪئي هئي، تڏهن ننديرام کي بہ ان ڪميٽي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سرڪار جي طرفان سڏ ٿيو هو. ننديرام توڙ تائين انهي بزرگن سان شامل راءِ رهيو، جي عربي سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطي قائم ڪرڻ ۾ متفق راءِ هئا. جيئن ته هو پاڻ لکي ٿو:
”گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن (تعليم کاتي جي انسپيڪٽرن) جي راءِ سان متفق ٿي هن حقير جي مدد سان سنڌي الف بي ٺاهي ۽ ڇاپارائي سرڪار ڪم ۾ ٿورو رواج ڏنو.“ (تاريخ سنڌ ديباچو)
جلد ئي ايلس صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر ساري سنڌ ۾ اشتهار ڪرايو، ته ”جيڪو علم دوست هندو يا مسلمان تاريخ معصومي پارسيءَ جو نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي صورت خطي موجب صاف سنڌي ترجمو ڪري ڏيندو، تنهن کي هڪ سئو روپيا روڪ انعام ۽ تعليم کاتي جي ترجمان (ٽرانسليٽر) جو عهدو بہ ڏنو ويندو.“
انهيءَ اشتهار تي سنڌ جي ڪيترن ئي هندن توڙي مسلمانن پڙهيلن، بزرگن پنهنجا ترجما ايلس صاحب وٽ پيش ڪيا. انهن ترجمن جي ڀيٽان ڀيٽيءَ لاءِ سرڪار طرفان امينن جون چار ڪميٽيون مقرر ٿيون، جن مان آخرين فيصلي ڪندڙ ڪميٽي ۾ ايلس صاحب پاڻ (جو سنڌي سکيل يوروپين آفيسر هو) ۽ ٻيا بہ سنڌي سکيل يورپين آفيسر جهڙو ميجر ڊانستر ويل صاحب، ڪپتان ايڊورڊ آرهر صاحب، ڪپتان بمگيارڊن صاحب، ڪپتان سٽاڪ صاحب (چارئي صاحب نہ رڳو سنڌي سکيل هئا پر پارسيءَ ٻوليءَ ۾ بہ اڪابر هئا) شريڪ هئا. پنج ڇهه علم دوست هندو ۽ مسلمان بزرگ بہ انهيءَ ڪميٽيءَ ۾ امين ڪري گهرايا ويا هئا. انهيءَ ڪميٽي نج ۽ صحيح صورت خطي ۾ ٻوليءَ جي لحاظ سان سڀني نمبرن ۾ ننديرام جو ترجمو پهريون نمبر پاس ڪيو، جنهنڪري ان کي هڪ سو جي عيوض ٻہ سو روپيا نقد سرڪاري انعام ۽ تعليم کاتي جي ترجمان (ٽرانسليٽر) جو معزز عهدو مليو ۽ ڏيڍ سو رپيا يوروپين آفيسرن پنهنجي پنهنجي هڙان خانگي انعام بروقت ڏنس. انهن مهربانين سان گڏ ڪتاب جو حق تصنيف بہ قائم رکيائونس.
ان وقت کان وٺي ننديرام تعليم کاتي جو ٽرانسليٽر هو، جتي توڙ نباهيائين. ننديرام ٽرانسليٽر ٿيڻ کان اڳ بہ ٻہ ٽي سنڌي ڪتاب سرڪار جي پيش ڪيا هئا، جي تعليم کاتي ۾ ڪم اچڻ لڳا، پر ٽرانسليٽر ٿيڻ کان پوءِ ته سندس خاص شغل هو تصنيف ۽ ترجمو. ان وقت جيڪو بہ تصنيف ٿيل ڪتاب تعليم کاتي جي پيش ٿيندو هو، سو ننديرام جي اصلاح جو گهرجائو رهندو هو.
هيٺان ڪتاب ننديرام جا تصنيف، ترجمو يا تاليف ڪيل آهن:

1- بابنامو
نئين دور جي عربي سنڌي صورت خطي لکڻ ۽ پڙهڻ، سيکارڻ جي شروعات ”بابنامه“ يعني ٻاراڻي ڪتاب کان شروع ٿئي ٿي، جو ننديرام ٺاهي تعليم کاتي کي ڏنو هو. هن ۾ هجي جو طريقو ڪم آيل آهي، جنهن جون خوبيون ۽ فائدا مفصل طرح اڳي بيان ٿي چڪيون آهن. ”بابنامه“۾ جي ٻٽيهن صفحن مان ٻاويهه صفحا فقط هجي جي استعمال ۾ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ اٺ سبق ڏنل آهن ۽ انهن اٺن ئي سبقن ۾ ڪل ستر جملا سمايل آهن، جن مان ڪي مفرد جملا ته ڪي مرڪب جملا آهن.

2- تاريخ سنڌ
هي ڪتاب نج ۽ عمدي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ سان نئين دور جو پهريون نمبر ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. هن جي صورت خطي ۽ نحوي عبارت جو ذڪر اسين اڳيئي چڱي طرح ڪري آيا آهيون. هت فقط ان جي مضمون ۽ عبارت جون ٻيون خوبيون ۽ نزاڪتون بيان ڪرڻيون آهن.

(الف) مضمون:
هي سنڌ جي تاريخ اصل پارسي ٻوليءَ ۾ سيد معصوم شاه جي ٺاهيل آهي، جو اصل ترمذ شهر (خراسان ملڪ) جو ويٺل هو، پر حياتيءَ جو گهڻو وقت سنڌ ۾ (بکر جي قلعي ۾) اچي گذاريائين. سکر وارو ”معصوم شاه جو منارو“ بہ انهيءَ سيد جو ٺهرايل آهي. سيد معصوم شاهه شهنشاه اڪبر جي حڪومت واري زماني ۾ بکر ۾ رهندو هو، تنهنڪري هن تاريخ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت کان وٺي مرزا غازي بيگ جي نوابيءَ تائين بيان ڏنل آهي، جو شهنشاه اڪبر جي طرفان ٺٽي جو نواب مقرر ٿيل هو. جنهن زماني بابت هيءُ تاريخ لکيل آهي، تنهن زماني جو تمام ڪشادو ۽ مفصل احوال منجهس لکيل آهي. هن ۾ نہ رڳو بادشاهن جي حڪومتن ۽ جنگين جهيڙن جو تفصيلوار احوال لکيل آهي، پر ان وقت جي عالمن ۽ درويشن جا احوال بہ منجهنس لکيل آهن. جهڙوڪ: مخدوم بلاول (صفحه 296)، قاضي ڏتو سيوهاڻي (صفحه 298)، قاضي قاضن (صفحه 299) وغيره. مثال:

ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جي ڳالهه
ربيع الاول مهيني جي پنجويهين تاريخ اٺين سوين ڇهانوي ورهه ۾ سنجر جي مرڻ کان پوءِ اهو ڄام بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ان جي وهڻ ۾ مڙيئي ڏاها ماڻهو ۽ پرهيزگار ۽ ڪٽڪ ۽ راڄ گاڏاپي ۾ هئا ۽ انهيءَ ڏاڍي حاڪمي ڪري واڌاپي ٿيڻ جا جهنڊا کنيا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين پهرين ڏينهن ۾ علم جي گهر ڪندو هو ۽ ڪتاب خانن ۾ گذاريندو هو ۽گهڻي نمندڙ ۽ واکاڻ ۾ موچارو ۽ چڱين چالن ۾ ساراه ڪيل ۽ ڪشالو ۽ بندگي ايتري جهجهي ڪندو هو، جو وڏائي ۽ سچائي ان جي هن ڳالهه کان واڌو هئي ۽ ذرو هن کان لکڻ سکجي ۽ گاديءَ وهڻجي پهرائين ۾ ٺٽي کان کڻي گاڏاپي سان بکر ۾ آيو ۽ ان ۾ هڪڙو ورهه ٽڪي چورن ماڻهن جي پاڙ پٽي ۽ وڃائي بکر جي ڪوٽ ۾ گهڻو سمر ڀتين جو ڪڍيائين ۽ پنهنجي گهر ڄايل دلشاد نالي کي بکر ۾ ڇڏيائين ۽ ڪنڌيون پاسا سنڌ جا اهڙي پر هٿ ڪيائين جو ماڻهو سک سان ايندا ويندا هئا ۽ اتان دلجاءِ ڪري هڪڙي ورهيه کان پوءِ موٽي ٺٽي ۾ اچي اٺيتاليهه ورهن توڻي ڏاڍائيءَ سان گذاريائين ۽ ان جي وڏائي جي ڏينهن ۾ ڏاها ۽ پرهيزگار ۽ فقير گهڻي ويڪرائيءَ ۾ گذاريندا هئا ۽ رعيت ۽ ڪٽڪ ۾ گهڻو سک ۽ جهجهو چين هو، ڄام نظام الدين جئن سلطان لنگا ملتان جي حاڪم سان هڪجيڏو هو ۽ سندن وچ ۾ روشنيءَ جي واٽ هئي ۽ سدائين هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا هئا، ۽ ڄام نظام الدين سڀني هفتن ۾ پنهنجي ڪڙهه ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي نراڙ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته اي سڀاڳو آءٌ غزا نٿو گهران ته اوهان تي چڙهي ٿئي ڇاکون ته اسين اسلام جي چئن حاڪمن جي سنڌن ۾ ويٺا آهيون دعا ڪريو ته شرعي سبب ڌاران ڪٿي نہ وڃون ۽ ڪو ماڻهو هتي پڻ نہ اچي متان ان ڏوهه کان مسلمانن جو رت هارجي ۽ ڌڻي پاڪ اڳيون ڦڪو ٿيان. سندس وڌائيءَ جي ڏينهن ۾ ميتن جو مان اهڙو پڌرو ٿيو هو ان جي واڌاپي جو پور ڪرڻ نہ سگهجي ۽ ميتن ۾ جماعت جي بهڪ اهڙي پر جي هوندي هئي، جو ننڍا ۽ وڏا محلي جا ميت ۾ هڪيا ٿي نماز پڙهڻ لاءِ هڪيا ٿيندا هئا.... ڄام نظام الدين جي بادشاهيءَ جي پڄاڻي ۾ شاه بيگ جي ڪٽڪ قنڌار کان اچي اڳري ۽ چاندوڪه ۽ سندس ڳوٺن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڄام جهجهو ڪٽڪ مغلن جي ڌڪڻ لاءِ موڪليو ۽ انهيءَ ڪٽڪ ان ڳوٺ توڻي جو حلوڪر نالي سان پڌرو آهي، رستي ڏاڍي جنگ ڪئي ۽ انهيءَ جنگ ۾ شاه بيگ جو ڀاءُ ماريو ۽ هاراهي قنڌار ڏي واڳه موڙي ۽ ڄام نظام الدين جي جيئڻ توڻي وري سنڌ ۾ نہ آيا. اهو ڄام گهڻو ڪري ان ويلي جي عالمن جي علم جي هوڏ ۽ بحث ۾ گذاريندو... ڪيترن ويلن کان پوءِ ڄام نظام الدين جيئن جي ڄمار جا جهنڊا سچي بادشاهيءَ ڏي کنيا.“
(سنڌ جي تاريخ صفحه 112-114)
نوٽ: مٿين عبارت ۾ فقط صورت خطي هاڻوڪي نموني جي ڪتب آڻدي ويئي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي جملن جي چٽائيءَ لاءِ بيهڪ جون نشانيون پاڻئون ڏنيون ويون آهن. ٻي سڀ عبارت هو بہ هو مصنف جي لکيل ڪم آندي ويئي آهي.

مثال2: مرزان شاه حسن ۽ ڄام فيروز
جڏهن ڄام فيروز چاچڪان ۽ راهمان جي هند ۾ پهتو، پنجاه هزار گهوڙي چڙهه ۽ پيدڙيا گڏ ڪري جهيڙي لاءِ سنڀريو ۽ ٺٽي ۾ هل گوڙ پيو تڏهن ڄام، محمد مسڪين ترخان ۽ مير فرخ ۽ سلطان علي بيگ ۽ ٻيا ڪي ڄام، مرزا شاه حسن جي ٻيلپ ۾ وڃي ڄام فيروز جي سانڀاهي جي ڳالهه ٻڌائي، مرزا شاه حسين ڪيترن کي ٺٽي جي ڏاڍائيءَ ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ ويرين جي ڦٽائڻ لاءِ سنڀئي پاڻي کان لنگهي لڏ پٺيان لڏ ڄام فيروز جي وڙهڻ لاءِ هلندو ويو. جڏهن ان سنڌن جي ويجهو رسي ڪٽڪ جي سنوارت ڪري هلندڙ ٿيو ويرين اڳ کان ڏيکاري ڏني، جڏهن ماڻهن ڪٽڪ مغل جو ڏٺو هڪ ڀيرو مڙيئي گهوڙي تان لهي مٿي کان پڳڙيون لاهي چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي جهيڙي ڪرڻ ۾ رنڀيا ۽ هي ريت هند ۽ سنڌ جي ماڻهن جي آهي جڏهن مرڻ جو پاڻ ۾ ٻول ٿا ڪن، تڏهن گهوڙن کان لهي مٿو اگهاڙو ڪري چادرون ۽ پٽڪا هڪ ٻين سان ٻڌندا آهن. نيٺ مرزا شاه حسن ان ڊول کي ڏسي سوڀ جون واڌايون ڄامن کي چئي ايءَ فرمايو:
جئن ڪڻڪ ڪان ۽ سينڱ هٿ ۾ کيو پاڻ گهوڙي تان لهي وضو ساري نفل پڙهي هٿ دعا جا کڻي ڌڻيءَ کان سوڀ گهريائين چوين تون ته دعا جو ڪان نيشان تي لڳس. انهيءَ وير گهوڙي تي چڙهيو ۽ ڄامن سگهائيءَ سان ڊوڙي سورهيائي ڀريل تراڙين جون زلزلو ان ٽولي ۾ وڌو، ٿوري ڳالهه سوير کان اڳئن توڻي جنگ هئي ۽ ويهه هزار ماڻهو مئا ۽ ڄام فيروز موڙهل ۽ بڇڙو ٿي گجرات ڏي اوسين توڻي وڃي ٽڪيو جيسين ملڪ الموت سان گڏجاڻي ڪيائين.
(سنڌ جي تاريخ صفحه 132-214)
مٿين مثال طور مضمون جا جيڪي ٻہ ٽڪر ڏنا ويا آهن، تن مان هيءَ ڳالهه ثابت آهي ته سنڌ جي موجوده سنڌي تاريخن مان ڪنهن بہ تايخ ۾ اهڙو ڪشادو ۽ ذري پرزي احوال لکيل نہ آهي، جهڙو هن تاريخ ۾ لکيل آهي.

عبارت:
هي ڪتاب تاريخ معصومي پارسي جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيل آهي، تنهن ڪري جئن پارسي واري عبارت وضاحت ۽ بلاغت جي زيورن سان سينگاريل آهي، تئن هن ڪتاب جي نج سنڌي عبارت کي بہ ترجمان انهن ساڳين نزاڪتن سان برسائي بيهاري آهي. مثال:
1- هن ڳالهه جي ٻڌڻ کان خليفي پنهنجي مٿي کي هڪڙي گهري توڻي گيدي ۾ وجهي ارمان ڪيو ۽ ڏمرجي باه سنديس ڇاتي ۾ اُلان ڪيا. پوءِ سندس حڪم فرمائڻ وانگر انهن ڀينرن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي ڏينهن جي چوڌاري ۾ گهمائي دجلي ۾ وڌائون.“(صفحه 46)
”مٿو گيد ۾ وجهي ارمان ڪرڻ“ ۽ ”ڏمرجي باه جو ڇاتيءَ ۾ اُلان ڪرڻ“ ۾ اهي ساڳيون اصطلاحي معنائون، تشبيهون، استعارا ۽ صنعت مراعات النظير قائم آهن، جهڙيون اصلوڪي پارسي عبارت:
”سر بجيب فڪرت انداختن،
آتش خشم درسينه شعله زن شدن“
فصاحت جو هڪڙو خاص جزو هيءُ بہ آهي، ته ساڳي ڳالهه وري وري اچڻي هجي، ته ان کي ڀيري ڀيري سان جدا جدا لفظن ۾ ادا ڪجي. فصاحت واري اها خوبي ديوان صاحب هن ڪتاب ۾ گهڻي قدر قائم رکي آهي. مثلا ”مرڻ“ يا ”مري پوڻ“ جي لاءِ هن ڪتاب ۾ هيٺيان اصطلاح ڪم آيل آهن:
2- خليفي ان ڳالهه کان گهڻو ڏمرجي ڪٽڪ جي ٺاهڪي. ٺاهڻ جي وچ ۾ مرڻ جي ڪٽڪ خليفي تي راتاهون ڏنو ۽ خليفو سچي بادشاهت ڏانهن هليو. (صفحه 8)
3- جئن پارسي تاريخ ۾ چپي چپي تي پارسي بيت ڪم آيل آهن. تئين ننديرام بہ پنهنجي سنڌي عبارت سان انهن بيتن جو ترجمو موزون سنڌي نظم ۾ جڙيندو ويو آهي.
مثال:
(1) رحمان ۽ رحيم ڌڻي آهه سڀ مٿي،
آءٌ پڻ شروع ڪريان ٿو سندس نالي هن کي.
(پهريون صفحه)
(2) ڌڻي اهڙو جو جنهن جو ناه جهڙو
سگهت سان ڀونپتن تي ٿيو سڳورو.
(صفحه2)
(3) ٿي شهادت بحر بر جي شاه جي،
ڇهه سون ٻن ورهن ۽ شعبان ٿي.
(صفحه 51)
(4) آهي ننڊ وانگي هي جڳ جيئندڙن کي
نه گهرجي پٽ ڪرڻ ننڊ تي ڏاهي کي
(صفحه 59)
(5) جڏهن اونڌو ٿيو هي اُڀ ازل کان،
تڏهن راضي رهي رب جي رضا سان.
ڪنهين کي سڌ نہ آهي هن مٽيءَ جي.
ته ڪن ماڻهن جي رت سان ڀريل هي.
انڌو ناهي جو ڏسندڙ سج هنئين کان،
ته آهي هي ڀريل جڳ ٻن رنگن سان.
(صفحه 78)
مٿين مثالن مان ڏسجي ٿو، ته ننديرام نہ رڳو ان وقت جو عمدو نثر نويس هو، پر شعر سازيءَ جي بہ چڱي ماهيت هيس. علم عروض موجب ٺاهيل سنڌي نظمن جي ”تقطيع“ بابت. جيڪي پوءِ وارن بزرگ شاعرن خاص ٺهراءَ قائم ڪيا آهن، سي اڳئين وقت ۾ ڪين هئا، تنهنڪري ننديرام جي موزون ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي تقطيع جون جيڪي هلڪڙيون فر و گذاشتون آهن، تن تي ڪو بہ اعتراض نہ آهي.
مٿين مثالن مان هن جي جس جوڳي جيڪا قابليت ليکجي ٿي، سا هيءَ جو هر هڪ پارسي بيت جنهن بحر ۽ وزن تي ٺهيل آهي، تنهن بحر ۽ وزن تي ئي سنڌي بيت قائم رکيو اٿس ۽ نج سنڌي لفظن ۾ اصلوڪي بيت جي معنى ۽ مراد قائم ڪئي اٿس.
هن پارسي نظم جي سنڌي ترجمي ۾ وزن ۽ صحيح ترجمي جو ايتري قدر خيال رکيو آهي، جو هونءَ سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي بہ ڪو نج سنسڪرت لفظ ڪم نہ آندو اٿس، مگر مٿئين بيت نمبر 2 ۾ ”بادشاهان“ جي عيوض صحيح ۽ با وزن ترجمه ڪرڻ لاءِ ”ڀونپتن“ (ڏيهه ڌڻي) لفظ ڪم آندو اٿس. ساري ڪتاب جي نثر ۾ بيشمار ڀيرا بادشاه ڪم آيو آهي، ته ان جو ترجمو، ڪٿي ”پاڇاه“، ڪٿي ”ڏيهه ڌڻي“ ڪيو اٿس ته ڪٿي ”بادشاه“ لفظ ئي قائم رکيو اٿس.
3 – سيکائتو نروار

(الف) ڪتاب جي حقيقت:
جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ انگريز سرڪار سنڌي اسڪول کولايا هئا، تڏهن گهڻا مسلمان ۽ ڪي هندو ٻارن کي انهيءَ نئين سنڌي سکڻ کان وڌيڪ عربي پارسي ۽ پراڻي سنڌي سيکارڻ پسند ڪندا هئا. سرڪاري اسڪولن ۾ بہ سيکاريندڙ توڙي سکندڙ نئين سنڌي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ تي ايترو ڌيان ڪين ڏيندا هئا، جيترو پارسي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ تي. جيئن ته مصنف لکي ٿو:
”گهڻو ڪري عاملن جا ڇوڪر رڳو فارسي هن گهرج کان سکن ٿا ته سرڪاري ڪارخانن ۾ انهن کي نوڪري ملي. هاڻي ته سڀني ڪچهرين ۾ سنڌي هلي ٿي. (صفحه 18-9)
ايلس صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر اها حالت محسوس ڪري هن تي هڪڙي اردو ڪتب ”شارع التعليم“ (تعليم جو رستو ڏيکاريندڙ) کي سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ فرمائش ڪئي. بنارس ۽ بريلي پاسي بہ شايد سرڪاري کوليل اوائلي اسڪولن ۾ اها حالت هئي، جنهن ڪري اتي جي سرڪار ”شارع التعليم“ ڪتاب تيار ڪرايو هو. ”شارع التعليم“ ۾ سنڌ جي نرالين حالتن جي مدنظر تي ڦير گهير ڪري ”سيکائتو نروار“ تيار ڪيو آهي.

(ب) ڪتاب جو مضمون:
سنڌي ٻولي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انتظام ۽ تعليم جا سادا سودا اصول ۽ هدايتون ڏنل آهن. ڪتاب جي ساري مضمون جو حاصل مطلب هيٺ ڏجي ٿو:
1- موجوده وقت ۾ پارسي سکڻ ۽ سيکارڻ کان سنڌي ٻولي لکڻ، پڙهڻ سيکارڻ ۽ سکڻ وڌيڪ ضروري ۽ فائدي وارو ڪم آهي. پارسي ٻولي سکڻ ڪري روزگار جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي نہ سگهندي؛ ڇاڪاڻ جو هاڻي سرڪاري نوڪريون انهن کي ملنديون، جيڪي سنڌي ٻولي لکي پڙهي سگهندا ۽ حساب ڪتاب ڄاڻندا. پارسي تعليم وٺندي نہ حساب ڪتاب جي تعليم باقاعدي ملي ٿي ۽ نہ تاريخون ۽ جاگرافيون پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون ۽ نہ علم هيئت ۽ ٻيا فائدي وارا علم سيکاريا وڃن ٿا. فقط پارسي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارجي ٿي سا بہ بنان ڪنهن اصول جي. پارسي مڪتبن ۾ پاڙهيندي سيکاريندڙن کي پگهار تمام هلڪا ملن ٿا، پر سنڌي سيکاريندڙ نوان تيار ٿيل سنڌي ڪتاب چڱيءَ طرح استعمال ڪري ٻارن کي سيکاريندو تئن تئن سندس پگهار ۾ چڱو واڌارو ٿيندو. جيڪڏهن ڪو سيکاريندڙ نارمل اسڪول ۾ تعليم وٺندو، ته ان جي پگهار ۽ عزت ۾ گهڻو واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو. جيڪي شاگرد سنڌي سکڻ ۾ چاه ڏيکاريندا ۽ امتحان ۾ چڱا ايندا تن کي سرڪاري اسڪالرشپون ملنديون ۽ جڏهن هو ليکي چوکي ۾ ڀڙ ٿيندو. تڏهن انهن کي چڱن چڱن پگهارن سان سرڪاري اسڪول وارن شاگردن جهڙي لياقت ڏيکاريندا ته انهن کي بہ اسڪالرشپون ۽ پوءِ واريون نوڪريون ملنديون. رڳو پارسي پڙهيل ٻار پنهجن اڻ پڙهيل مائٽن کي پنهنجي پارسي سبق سان ڪا بہ فائدي جهڙي ڳالهه سمجهائي ۽ پروڙائي نہ سگهندو، پر سنڌي پڙهندڙ ٻار پنهنجي سبق ٻڌائڻ سان مائٽن کي خوش ڪري سگهي ٿو.
2- سنڌي سيکاريندي پارسي کي صفا ترڪ ڪري ڇڏڻ نہ گهرجي، پر سنڌيءَ سان گڏ سيکارجي، ڇاڪاڻ جو پارسي ڄاڻن ڪري عربي سنڌي ٻولي صحيح ڳالهائڻ ۽ صحيح لکڻ ۾ سولائي ٿيندي. تنهن کانسواءِ سنڌيءَ جي مدد سان پارسي سکڻ ۾ گهڻي سولائي ٿيندي.
3- مڪتبن ۾ انتظام سان تعليم ڏيڻ ۾ نٿي اچي جو ڪم بنا انتظام ڪجي ٿو تنهن مان ڪو بہ فائدو ٿيڻو نہ آهي. مڪتبن جي بي انتظامي جو مثال آهي جو ويهه شاگرد ”گلستان“ ڪتاب پڙهندا هوندا آهن، ته هر هڪ جو سبق نرالو هوندو آهي. جنهن ڪري ساڳئي ڪتاب جي سبق ڏيڻ ۾ سيکاريندڙ جو ڪيترو نہ وقت وڃي ٿو. مناسب آهي، ته ساڳئي ڪتاب پڙهندڙن کي هم سبق رکڻ گهرجي، ۽ هم سبق شاگردن جا ڌار ڌار ڪلاس هئڻ گهرجن. انهيءَ انتظام جي ڪري سيکاريندڙ جو گهڻو وقت بچي پوندو ۽ ذهين ۽ ڪند ٻارن جي هم سبق هئڻ ڪري ذهين ڇوڪر ڪند ڇوڪرن کي اسرائڻ ۾ سيکاريندڙ جا مددگار ٿين ٿا ۽ اهي پنهنجي سبقن ۾ بہ هيڪاري وڌيڪ پڪا ۽ چالاڪ ٿين ٿا. تنهن کان سواءِ ڪند ڇوڪرن ۾ بہ هوشيار ٿيڻ جي ريس پيدا ٿيندي.
4- جيڪي بہ لفظ ۽ فقرا ۽ آکاڻيون پاڙهجن تن جي معنى ۽ مراد چڱي طرح ڇوڪرن کي سمجهائڻ گهرجي. معنى ۽ مراد سيکارڻ ڌاران طوطي وانگر پڙهي وڃڻ ڪنهن بہ ڪم جو نہ آهي معنى ۽ مراد پروڙڻ سان ٻار جي سمجهه ۽ شوق وڌندو. سبقن بر زبان ڪرائڻ تي ٻارن جو مغز نہ کپائجي، پر سبقن سمجهڻ ۽ پروڙڻ تي خاص ڌيان ڏجي.
5- ٻارن کي پنهنجي ديس جون قدرتي حالتون ۽ حال احوال معلوم ٿين تنهن لاءِ جاگرافي، تاريخ ۽ آسماني جسمن جي واقفيت جا ڪتاب پاڙهجن.
هيٺيان ڪتاب سرڪار تيار ڪرايا آهن، جن مان ڪي ڇاپجي چڪا آهن ۽ ڪي – جلد ڇاپبا. سي سيکاريندڙن ۽ سکندڙن کي پڙهڻ گهرجن:
بابنامي کان چوٿين ڪتاب تائين درسي ڪتاب.
ڀمڀي زميندار جي ڳالهه.
ڪڌاتورو ۽ سڌاتورو.
ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون.
ليکي جو ڪتاب ڀاڱو ٻيون.
سنساري نروار.
پئمائشي ڪتاب.
تاريخ هندستان.
ڌرتي نروار.
تاريخ معصومي.
ضبطي جو ڪتاب.
ايسپ جون آکاڻيون.
جبر و مقابله.
چٽ جي پاڙ.
آڪاسي نروار.
فوجداري چوڏهون قاعدو.
سيکائتو نروار.
جاميٽري.
منتخب تاريخ انگلينڊ.
مٿي ساري ڪتاب جو حاصل مطلب ڏنو ويو آهي. هاڻي انهيءَ مضمون بابت ڪتاب مان ڪي جنسي ٽڪرا ڏجن ٿا.
1- ”ذرو ويسباهه سان چئو ته اوهين ڇا ٿا سيکاريو ته جنهن جي بدران ڇوڪرن کي فائدو ۽ موچارائي ٿئي ٿي هن ڳالهه جا کولادنر 1 ٿيو ته ڇوڪرن کي اهڙي واٽ سان پاڙهيو ۽ سيکاريو جو ان جي ڏاهپ جي سڳورائي ۽ کاڄ2 جي موچارائي جو ڪارڻ ٿئي. هير3 توهان جو سيکارڻ ڇوڪرن جي حق ۾ ٿوري کٽئي وارو ڏسجي ٿو سو ڪو نہ اوهين رڳو هڪڙي ڌارين ٻولي جي سيکارڻ ۾ گهڻن ڏينهن توڻي پنهنجو ۽ ڇوڪرن جو ميڄالو سکڻو ڪيو ٿا پر مطلب جي واٽ ڇوڪرن جي هٿ ۾ نٿي اچي. (صفحه 4)
2- جيڪس اوهين هي وراڻي ڏيندو ته هن ڳالهه کان فارسي ڪتاب پڙهائجن ٿا جو سکندڙن جو نروار1۽ لکڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ صاف ۽ هير 2 وارو ٿئي. مون مڃيو ته توهان کي ڇوڪرن جي نروار ۽ لکڻ رڳو صفائي ۽ هير ساڻ گهرجي، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون پڻ سيکارڻ گهرجن. جن جي ڳالهائڻ ۾ اهي ”پنهنجو نروار ۽ لکڻ صاف ڪن.“
(صفحه 25-26)
”منهنجي گهرجي مٿئين نروار3 ڪرڻ کان هيءَ نہ آهي ته فارسي پڙهندڙ سيکارڻ ڇڏي ڏين بلڪ مدو4 منهنجو هيءُ آهي ته ڪريما، چشم و چراغ، گلستان، بوستان ۽ ٻين ڪتابن جي ڌاران ڇوڪرن کي ڪي سنڌي پڻ سيکارين.“
3- فارسي متڪبن ۾ سيکارڻ جو جوڙجڪ5 ڪي پڻ ملي نٿو سگهي. هاڻي ته ان جوڙجڪ6 ۽ واٽ7 ڌاران ڪنهين ڪم جي پڄاڻي چڱي نہ ٿي ٿي سگهي.... ڪو ٻار ”گلستان“ جي پهرين ڳالهه پڙهي ٿو، ڪو ٻي، ڪو ٽين ۽ اڳتي بہ انهيءَ وانگر.... مڪتبن ۾ ٻہ ڇوڪر پڻ پاڻ ۾ هڪڙي درجي وارا ۽ دور8 ٿي نٿا لڀن.... تڏهن منهنجي اڳيان پڙهندڙن جي درجي ٻڌڻ ڌاران ڪو ٻيو بلو9 لاهڻ10 وارو نہ آهي... هتي هن ڪم جو پڻ نروار ڪرڻ گهرجي، ته ڪهڙي واٽ سان درجا ٺاهجن ۽ سڀڪنهن درجي ۾ ڪهڙا ڪهڙا لاهي جا ۽ جوڳا ڪتاب پڙهائجن ۽ پڻ درجن جو ڳاڻيٽو ڪيترو گهرجي... پڌرو هجي ته سڀڪنهن لاهي واري مڪتب ۾ ڇهه ڇهه درجا ٺاهجن.“
(صفحه 32-36)

(4) ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب ٻن هندي ڪتابن هر هڪ ”مڪتب نامه“ جوڙيل محمد ابراهيم مفيہ ۽ ”ڦئلاوت“ جوڙيل راءِ رام سرن داس ڊپٽي ڪليڪٽر دهلي تان سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ننديرام سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون انگي حساب تيار ٿيو هو.

(5) ليکي جو ڪتاب ڀاڱو ٻيو
ڪتاب جي حقيقت: ننديرام واري ”ليکي جي پيڙهه“ يا ”ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون“، جنهن جو بيان مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن سان گڏ ٻين صنفن بہ انگي حساب تيار ڪري تعليم کاتي جي پيش ڪيا، جنهن جو بيان اڳتي ايندو. اهي سڀ شروعاتي درجن لاءِ انگي حساب هئا، تنهنڪري مٿين درجن لاءِ انگي حساب تيار ڪرڻ بابت ڪمشنر صاحب هڪڙي انگريزيدان مسٽر ڪانداس يا ڪاهنداس اسسٽنٽ انجنيئر تي ڪم رکيو. مسٽر ڪاهنداس منشارام پنجاب ملڪ جو ماڻهو هو ۽ سنڌي بہ سکيو هو، پر انگي حساب جهڙو درسي ڪتاب ڪنهن سنڌي دان جي صلاح ۽ مدد ڌاران ٺاهي نہ سگهي ها، تنهنڪري ننديرام ساڻس همراهه رهيو ۽ هي ڪتاب تيار ٿيو. هن ڪتاب ٺاهڻ ۽ ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي انگي حساب ۽ پنڊت بنسي ڌر جي اردو ڪتاب ”مبادي الحساب جلد 2“ تان مدد ورتل آهي.
________________________________________
1 ذمه بردار، جوابدار 2 – روزگار، گذران، پيٽ قوت، 3 – هينئر
1 تقرير، گفتگو 2- استعمال. 3- بيتا ڪرڻ. 4- مدعا، مراد 5- انتظام. 6- بي انتظامي. 7- اصول 8- هم سبق.9- وسيلو. 10- فائدي وارو.

حسابي اصطلاح:
هن انگي حساب ۾ ننديرام صاحب ڪي نج سنڌي اصطلاح ڪم آندا آهن، جي اڳيئي سنڌ جي واپارين ۾ چالو هئا ۽ اڄ ڪلهه جا انگي حساب بہ اڃا تائين پيا ڪم آڻين؛ ڪي نج عربي زبان جا اصطلاح آهن، جن کي اڄڪلهه مٽائي انهن جي عوض آسان ۽ بامعنى ديسي اصطلاح ڪم پيا آڻين؛ ۽ اصطلاح ديوان صاحب جي پاڻئون جوڙي ڪم آندا هئا، جي هاڻي درست صورتن ۾ ڪم پيا اچن.
مثال 1- نج سنڌي ۽ عربي اصطلاح جي اڄ تائين پيا ڪم اچن:
اڻپورو، اُبتو، اڻپور، سبتڙ اڻپور، مفرد اڻپور، مضاعف اڻپور، ملتف اڻپور، مختصر صورت، ڏهائي، سگهه، موُر، وياج، راس ۽ سيڪڙو.
مٿين حسابي اصطلاحن مان مفرد، مضاعف، ملتف، مختصر صورت ۽ راس اهي عربي ٻوليءَ جا حسابي اصطلاح آهن، سي سنڌيءَ ۾ عام جام ٿي ويا آهن.
مثال 2- اهي سنڌي ۽ عربي ٻوليءَ جا حسابي اصطلاح، اڄڪلهه درست ٿيو پيا ڪم اچن؛
اصل درست
ڀاڱو ڪندڙ . . . . . . . اَنس
ڀاڱو وٺندڙ . . . . . . . ڇيد
ٻه پنج ڀاڱا . . . . . . . ٻه ڀاڱي پنج
ٽي اٺ ڀاڱا . . . . . . . ٽي ڀاڱي اٺ
ورندي . . . . . . . جواب
پڇا . . . . . . . سوال
ڀاڱو ڪندڙ . . . . . . .
کي برابر ڪرڻ . . . . . . . سم ڇيد ڪرڻ
ڏهائيءَ جو همزو . . . . . . . ڊيسيمل
فرق عام . . . . . . . وڏو عام ونڊيندڙ
ڀائيواري . . . . . . . پتياري حساب
سودو وياج . . . . . . . نرو وياج
وياج تي وياج . . . . . . . گڏيل وياج
في . . . . . . . اگهه
ٻول . . . . . . . مدو، وقت
صعود . . . . . . . سگهه ڪڍڻ
نزول . . . . . . . مول ڪڍڻ
مجزور . . . . . . . ٻي سگهه
ڪعب . . . . . . . ٽي سگهه
جزر . . . . . . . ٻيو مول
ڪعب . . . . . . . ٽيو مول
(6) جبرو مقابلہ
ڪتاب جي حقيقت: هي آبرا جي حسابن جو پهريون پهريون ڪتاب آهي، پروفيسر ينگ صاحب جي انگيزي آبرا تان ڪمشنر صاحب حڪم موجب وشونات نارائن منڊلڪ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو صاحب سنڌي سکيل مرهٽو هو، جنهن کي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڪلارڪي جو عهدو مليل هو. وشوناٿ نارائڻ هي ڪتاب ننديرام جي مدد سان ترجمو ڪيو هو.

مضمون:
هن ۾ آلجبرا جي جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ، اڻپور، صعود، نزول، مساوات، متناسبت ۽ مطابقت، پرابلم يا خيالي حساب، جذري، مساوات، بہ پرماڻا سڌيان، گوتم ۽ اڻ مقرر ٿيل مساواتون، سمجهايل آهن.
جهڙي طرح انگي حسابن جا ڪتاب جئن پوءِ تئن نوان نوان ۽ سليس سليس اصولن سان پي ٺاهيا ۽ اسڪولن ۾ ڪم آيا آهن. تئن آبرا جي حسابن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ نہ ٺهيا آهن. هن آلجبرا جي ڪتاب کان ڳچ ورهه پوءِ هڪڙو آلجبرا جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ تيار ٿيو هو، جنهن جو بيان انهيءَ موقعه تي ٿيندو. تنهن ۾ بہ آلجبرا ئي اصطلاح گهڻو ڪري ساڳيا هن ڪتاب وارا ئي ڪم آيا آهن، فقط اصولن سمجهائڻ ۾ قدري آساني ٿيل آه.

(7۽8) ڌرتي نروار جلد پهريون ۽ ٻيو
ڪتاب جي حقيقت: سنڌيءَ ۾ پهريون جاگرافي جو ڪتاب تيار ٿيو هو. مارسيس صاحب جي انگريزي ۾ ٺاهيل دنيا جي جاگرافي تان گولڊ سمٿ صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر جي چوڻ موجب مسٽر مهاديو شاستري انگريزي اسڪول جي ماستر، ديوان ننديرام جي مدد سان ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو هو.

مضمون:
پهرئين جلد ۾ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ اوشينيا جي جاگرافي لکيل آهي ۽ ٻئي جلد ۾ ايشيا کنڊ ۽ هندستان جي جاگرافي.
جنهن انگريزي جاگرافي تان هيءَ جاگرافي ترجمو ٿيل آهي، تنهن کي لکئي هڪ سؤ کن ورهيه ٿي ويا آهن. انهيءَ وچ ۾ ملڪن جي حڪومت ۽ شهرن جي حقيقتن ۽ حالتن ۾ تمام گهڻو تفاوت ٿي ويو آهي. تنهنڪري اڄڪلهه وارا لکيل جاگرافي جا ڪتاب وڌيڪ عمدا ۽ ڪارائتا آهن.
2- جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ عربي ٻولين وارا اصطلاح جيڪي هنن جاگرافين ۾ ڪم آيل آهن، سي ساڳيا اڄڪلهه جي سڌريلن جاگرافين ۾ بہ قائم آهن. جهڙوڪ:
محور، قطب، خط استوا، ڊگهائي ڦاڪ، ويڪرائي ڦاڪ، مڌيان ڦاڪ، کنڊ، ٻيٽ، اُپٻيٽ، ڳچي ڌرتي، راس، نار، اُپسمنڊ وغيره.
پراڻين جاگرافين ۾ ڪم آيل ڪي اصطلاح هاڻي مٽيل صورتن ۾ ڪم اچن ٿا. وغيره.
اصلوڪو هاڻوڪو
چال گردش يا ڦيرو
ڏينهن چال روزاني گردش
ورهه چال سالياني گردش
ويڪرائي گهيرا ويڪرائي ڦاڪ گهيرا
ڊگهائي گهيرا ڊگهائي ڦاڪ گهيرا
ڌرتيءَ جي ڇانو ڌرتيءَ جو پاڇو
ڌرتي جي مورت ڌرتيءَ جي شڪل وغيره

(9) سنساري نروار
ڪتاب جي حقيقت: پنڊت بنسي ڌر چرنجي لال هندي ڪتاب ”بديانگر“ تان ”حقائق الموجودات“ نالي اردو ڪتاب ٺاهيو هو. ايلس صاحب ائڪٽنگ ڪمشنر جي حڪم موجب ديوان ننديرام ”حقائق الموجودات“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو”سنساري وهنوار“رکيو آهي.
مضمون:
”مطالعه الفطرت“ (Nature Study) يا ”سرشتي اڀياس“ تي هي پهريون پهريون ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ويو آهي. هن ۾ پهريائين “مواليد ثلاثہ“ يعني ٽن مکيه جسمن جو احوال لکيل آهي: (1) ساه وارا (2) وڻ ٻوٽا ۽ (3) ڌاتو.
ساه وارن ۾ پهريائين انسان جو بيان سمجهايو ويو آهي: ماڻهوءَ جي عمر جا ڀاڱا (ٻالپڻ، جواني ۽ پيري)، ماڻهوءَ جا ظاهري عضوا، رهڻ سهڻ بنسبت ماڻهن جا قسم، ماڻهن جي کاڌي خوراڪ جا اناج ۽ ميوا، تنهن کان پوءِ ڍورن ۽ جانورن جي بدني بناوت ۽ انهن جي ڪمن جو احوال ڏنل آهي. مڇين جا نمونا ۽ انهن جو بيان سمجهايل آهي. انهيءَ بيان کان پوءِ ماڻهو جي حواسن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. وڻن ٻوٽن جا قسم انهن جا مختصر بيان، ۽ ڌاتن جا قسم ۽ انهن جا ڪم ڏيئي پهريون ڀاڱو پورو ڪيل آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو بيان، ملڪن جي سردي ۽ گرمي بابت سمجهاڻي، جدا جدا قومن جون جدا جدا عادتون ۽ خاصيتون، جبل ۽ انهن مان فائدا، نديون، سمنڊ، ماڪ، ڪڪر، وڄ، روشنائي، هوا ۽ واءُ، تارا، چنڊ، سج، سياره، ڌرتيءَ جو ڦيرو، رات ۽ ڏينهن، وقت جي ماپ يا گهڙيال.
نوٽ: مٿئين مضمون مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪتاب نهايت عمدي ۽ قيمتي واقفيت وارو آهي. اڄ ڪلهه جي سنڌي ادب ۾ اهڙو جامع ڪتاب موجود نہ آهي. جيڪڏهن انهيءَ ڪتاب کي سڌريل صورتخطي ۽ عبارت ۾ آڻي نئين سر ڇاپائجي ته جيڪر تمام ڪارائتو ثابت ٿئي.
مضمون بنسبت ڪتاب جا ڪي جنسي ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
1- ”ڌڻيءَ جي اپت ۾ اهڙيون سهسين اپتيون آهن، جن جي ڳالهه رڳي وڄا1 جي آسري سان ڄاڻڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري جي اهين2 علم جي لهڻ3 لاءِ ڪشالو ۽ اُدم ڪندو ته مڙيائي ڳالهه پريندو.“ (صفحه2)
2- ” ڪا ڌرتي اهڙي ٿئي ٿي ته ان ۾ ماڻهو وس جيترو ڪشالو ۽ سعيو ڪري ٿو، پر ڪي نٿو اُپجي تنهن ڌرتي کي ڪلراٺي چون ٿا.
ٻج ڇٽڻ کان اڳ ۾ ٻنين کي هر سان کيڙي سنوارين ٿا. هند ڏيهه ۾ ڍڳن سان هر کيڙيندا آهن پر انگلستان ۾ گهوڙن سان ۽ عربستان ۾ اٺن سان زمينداري جو ڪم گهڻي چڱڀلائي ۽ سرهائيءَ جو آهي. هن لاءِ ته پوکيندڙن کي سدائين سک ۽ ساهي کڻڻ لاءِ ٻاهر جو نئون واءُ ملي ٿو. انهيءَ ڪارڻ کان شهر جي ماڻهن ڪي اهي سگهه وارا ۽ ڀلا ٿين ٿا. ٻج ڇٽڻ کان پوءِ وري نڪري سج جي تو کان وڻ ٿين ٿا، جڏهن سنگ پچي هيڊاوان ٿين ٿا تڏهن جوڳي لڻڻ جو پورو ڪجي ٿو.“(صفحه 22-23)
3- ”سڀڪا مڇي ڪيترن لکن جي ويجهو آنا ڏئي ٿي تن جا آنا پڻ سج جي تو کان پچن ٿا. مڇين جي بت تي پڻ ڪنهن تي گهٽ ڪنهن تي وڌ کنڀ لڳا رهندا آهن ۽ تن کي کنڀن کان پاڻي ۾ ترڻ لاءِ ٻيليپو رسي ٿو جئن ته پکين کي واءَ ۾ کنڀڙاٽين کان ملي ٿو ۽ انهن جو پساهه پاڻيءَ ۾ اهو ڪم ڪري ٿو جو نہ پکين جو پساهه واءَ ۾ ڪري ٿو.“ (صفحه 42)
4- ”پهڻ هر ڏات ڪهربا لوهه ۽ ٻيا اهڙيءَ پر جا آهن ۽ جنهن کي ماڻهو مٽي چون ٿا اها وڻن ۽ مردن جي بت ڳرڻ ۽ سڙڻ کان سڪجي ٿي آهي. ۽ ٿيندي وڃي ٿي. ڌڻي تعالى ڌرتيءَ کي اهڙي جوڙ سان ٺاهيو آهي ته پرين پرين جي کاڻين جا پن بصر جي پنن وانگر هڪ ٻئي مٿان ترا ڄمايا اٿس جتان هر ڌاتون نڪرن ٿيون تنهن هنڌ کي کاڻ چون ٿا، رپو، سون، لوهه، ٽامو، ڪنجهو، جست ۽ ٻيون اهي هر ڌاتون کاڻين کان نڪرن ٿيون.“ (صفحه 116-117)
5- ”ڄاڻڻ گهرجي ته ڌرتي کان سدائين ٻاڦون نڪرن ٿيون يعني جهڙي پر باهه تي ڪوسي ڪرڻ کان ڦوٽا ٿين ٿا، اهڙي پر سمنڊ، ڌرتي، ڏونگر، ڍنڍ، نديون، ڄم ۽ ساهه وارن جي بتن مان سج جي ڪوسائي ڪري بخار نڪرندا رهندا آهن، هي ٻاڦون رڳيون پاڻيءَ جي ڦڙڻ جون آهن گهڻي پراهين رهڻ کان واءُ سان پڻ واڌو هلڪا ٿين ٿا ۽ انهيءَ سبب کان جئن پاڻي پاڻ کان واڌو هلڪي وٿ کي مٿي اڇلي ٿو، انهيءَ پر واءُ ٻاڦ کي مٿئين پاسي چڙهائي نئي ٿو ۽ اهي ٻاڦون مٿي وڃي ٿڌائي ڪري ڄمي ڳنڍا ڪڪر، ماڪ، برف، ڳڙا ۽ مينهن ٺهن ٿيون.
(صفحه 123-124)

(10) چٽ جي پاڙ
ڪتاب جي حقيقت: سنڌي ادب جي نئين دور شروع ٿيڻ واري زماني ۾ مدراس ۾ ڊاڪٽر هنٽر صاحب ڪنڀارڪي ڪم سيکارڻ لاءِ هڪڙو هنري اسڪول کوليو هو، جنهن ۾ شاگردن کي ٺڪر جي ٿانون تي قسمين قسمين چٽ ڪڍڻا پوندا هئا.
هنٽر صاحب اسڪول کولڻ سان گڏ هڪڙو انگريزي ماهه وار رسالو بہ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ”چٽ“ يعني ”ڊرائنگ“ ڪڍڻ جا اصول ۽ سمجهاڻيون لکبيون هيون. ڪمشنر صاحب جي حڪم موجب مسٽر ڪاهنداس (ڪانداس) منشارام اسسٽنٽ انجنيئر انهي ماهوار رسالي جي شروعات واري پهرئين پرچي جي اردو ترجمي تان ديوان ننديرام جي مدد ۽ صلاح سان هي سنڌي ترجمو ڪيو. رسالي جي انگريزي پرچي جو اردو ترجمو، جنهن جو نالو ”اصول نقاشي“ آهي، سو منشي سدا سک لال جو ڪيل آهي.

مضمون:
”ڊرائنگ“ جي سمجهاڻي بابت سنڌي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. هن ۾ جاميٽريءَ جي رستي ڊرائنگ جون شروعاتي هدايتون ڏنل آهن. سنيون ليڪون، پاسيريون ۽ ڦڏيون ليڪون، پور وڇوٽي ليڪون، ڪنڊون، چوڪنڊا، ٽڪنڊا ڪڍڻ وقت هٿ ۽ ٺونٺ جهلڻ جا رستا ۽ پئمانو سمجهائي پوءِ گهرو شين ۽ گلن جون شڪليون سکندڙن جي استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن.
جنهن وقت هي ڪتاب تيار ٿيو هو، تنهن وقت جاميٽري جو ڪتاب اڃا سنڌي ۾ ٺهيل نہ هو، تنهن ڪري جيڪي جاميٽري سان تعلق رکندڙ اصطلاح اڄ ڪلهه سنڌي جاميٽرين ۾ ڪم پيا اچن، سي هن ڪتاب لکندڙن جا ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ قائم ڪيل چئبا، جئن ته:
ٽٻڪو، عمود، ٽڪنڊو، پرگار يا پلڪار، ڪنڊ، گوني ڪنڊ، ويڪري ڪنڊ، سوڙهي ڪنڊ، چورس.
هيٺيان لفظ ۽ اصطلاح اڄ ڪلهه جي جاميٽرين ۾ درست سهائيندڙ فهرست ۾ ڪم اچن ٿا:
هن ڪتاب ۾ درست صورت
جهڪ ئي گڪائي
مطر فوٽي
عرضي ليڪ سنئين پيل ليڪ
مائل ليڪ ڏنگي ليڪ،پاسيري ليڪ
صفائي مٿاڇرو، سطح
ميچڻ ماپڻ
ميچو ماپ
بازو پاسو
آمهين سامهين جون بازون آمهان سامهان پاسا
مقابلو ڀيٽ
سبت هڪجهڙائي
اُبت برخلافي
علم جي پاڙن تي ڪم ڪرڻ علمي اصول موجب ڪم ڪرڻ
تنهن ڪارڻ کان ته انهيءَ ڪري ته
پوري ڄمائڻ ڌيان لڳائڻ، خيال ڪرڻ
ري سنسي بي شڪ

(11) ايسپ جون آکاڻيون
ڪتاب جي حقيقت: هن ڪتاب جي حقيقت بابت ترجمان جو لکيل منڍ ئي ڪافي آهي، جو جنسي عبارت ۾ هيٺ ڏجي ٿو:
”هي آکاڻيون پهرائين (پهريائين) ايسپ نالي جوڙيون هيون، ان جي جيئڻ کان ٻہ هزار چار سو ورهيه گذريا آهن سندس ڄم روم جي علائقي ۾ ٿيو هو ۽ پاڻ ٻانهون (شيدي غلام) هو، پر نيٺ سڳورائي ۽ سڀاڳائي ۽ ڏاهپ کان آجو ٿيو (جي سببان آجو ٿيو) ۽ آکاڻين مثل جي ٺاهڻ ۾ اهڙو ڀڙ هو، جو اڳين ۽ پوين ۾ ان جو (جهڙس) ڪونه ٿيو ۽ نڪڻي (سچ پچ) جي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن سي هن جون سڀيئي ليکيليون آهن، پر ان جي مرڻ کان پوءِ ٻين ماڻهن ڪي ٺاهيون آهن سي پڻ انهن مان ڪيتريون تنهنجي نالي تي پڌريون آهن ۽ سندس آکاڻين جو گهڻو ڪري ترجمو مڙني ٻولين ۾ آهي. پر اڃا توڻي سنڌيءَ ۾ نہ ٿيو هو ۽ تنهنجي موچارائي اهڙي آهي جنهن جي پڙهڻ کان لوڪن کي سواد اچي ٿو. تنهنڪري ايلس صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، (ديوان) ننديرام تعليم کاتي جي منشي جي مدد سان سنڌي وائي ۾ ترجمو ڪيو....؟
مضمون:
هن ڪتاب ۾ ٻہ سئو ٻہ (202) مزيدار آکاڻيون آهن. اهي اگرچ جانورن، جيتن ۽ بي جان شين جي واتان بيان ڪرايل آهن، ته بہ انهن ۾ انسان ذات لاءِ ڪيترائي عقلي، اخلاقي ۽ سياسي سبق ۽ نصيحتون سمايل آهن.

(12) پئماشي ڪتاب
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب ڊاڪٽر چارلس هٽن ۽ ٻين مصنفن جي انگريزي ڪتابن تان مسٽر ڪاهنداس منشارام اسسٽنٽ انجنيئر سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، ننديرام سڌاريو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جون وصفون ۽ قاعدا سمايل آهن. هن ۾ سنئين مٿاڇري جي پکيڙ ڪڍڻ، پراپيزائيڊ ۽ ٽرپيزيم جي پکيڙ، گهرو ڪنڊن جي پکيڙ، گول ۽ ان جي ڀاڱن جون ماپون ۽ پکيڙ ڪڍڻ، بي ڊولين شڪلين جي پکيڙ ڪڍڻ، نهرين شين جون ماپون ڪڍڻ سمجهايون ويون آهن.
جنهن نموني سان هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جا قاعدا سمجهايل آهن، سو ساڳيو ئي نمونو اڄ ڪلهه وارن پئمائشي حسابن ۾ پيو ڪم اچي. سنڌي ۾ هي پهريون پهريون پيمائشي حسابن جو ڪتاب آهي پئماشي حسابن سان تعلق رکندڙ ڪي اصطلاحي هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن، سي اڄ تائين ڪم پيا اچن. جئن ته: رامبس، رامبانڊ، ٽراپيزيم، ٽراپيزائڊ، پرزم، سلنڊر، (اهي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ آهن) قوس ڪره، قطر، (اهي عربي جا لفظ آهن) ۽ ڪمان، زه، نيم قطر (اهي پارسي جا لفظ آهن.)
هيٺ ڏيکاريل اصطلاح جي هن ڪتاب ۾ آهن سي هاڻوڪن پئماشي حسابن ۽ جاميٽرين ۾ مٽايا اٿن. جيئن ته:
اصل لفظ مٽايل هاڻوڪي صورت
مئپ ماپ
نڪتو ٽٻڪو
پنجاس پنج ڪنڊو
ڇهاس ڇهه ڪنڊو
ستاس ۽ اٺاس ست ڪنڊو ۽ اٺ ڪنڊو
وچ مرڪز
سنگ ڪون(انگريزي) مخروط(عربي)
سانڀاري ڪنڊ سامهين ڪنڊ
ڪيتائتو باقائدي
ري ڪيتائتو بي قاعدي

________________________________________
1 وديا، علم 2- اوهين 3- پرائڻ، حاصل ڪرڻ.

ديوان اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي ۽ ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي (1822) جي تصنيفات

(1) سنڌي پهريون ڪتاب

مضمون:
پهرئين ڪتاب جي شروع ۾” بابنامي“ وانگر آئيويٽا جا اکر ڏيئي پوءِ ”ڪڪ“ يعني هر هڪ اکر جا ڏهه آواز (ٽي اعرابن وارا ڇوٽا آواز، چار اعرابن وارا ڊگها آواز ۽ ٽي بنا اعراب ڊگها آواز) ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ ٽن مکيه اعرابن ۽ ”جزم“ وارا ٻہ اکرا لفظ هر هڪ اکر جون چار صورتون سمجهايون ويون آهن:
جدا لکجڻ جي صورت، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ لکجڻ جي صورت، ايستائين”هجي“ جي استعمال جو ڪم پورو ٿيو وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ سبق وارا لفظ ۽ جملا ڏنل آهن..
سبقن جي سلسلي رکڻ ۾ اها خوبي سمايل آهي، جو عربي سنڌي آئيويٽا جي سڀني اکرن مان جدا جدا ٺهيل لفظن جي پڙهڻ ۽ لکڻ جو استعمال اچيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري آئيويٽا جي نج عربي اکرن مان ٺهيل لفظن پڙهڻ لکڻ جو استعمال بہ پهرئين ڪتاب پڙهندڙن ٻارن کي چڱي طرح ٿيو وڃي ٿو. مثلاً: ثنا، مثل، مثنوي، بحث، بي وارث، صاحب، حرڪت، حلوائي، حاصل، محنت، صبح، ذڪر، مذڪور، ڪاغذ، مذڪر، مؤنث، مسطر، مشتمل، مشروع، علم، قلم، قلمدان، مشق، صبر، مصري، نصيحت، شخص، ضرور، مضبوط، قبض، نبض، طمع، مطلبي، غلط، ظلم، نظر، وعظ، غليظ، صحيح، ظالم، عقل، عذاب، معتبر، معلوم، شمع، تقصير، احمق، قابل، لفظ ۽ نقطا اهڙي نموني جا لفظ پهرئين ڪتاب جي جملن ۾ ڪم آيل آهن.
جملا بہ اهڙا ڪم آيل آهن، جن ۾ اخلاق، اٿ ويهه جي فضيلت عام پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ لکڻ پڙهڻ جي ترغيب ۽ ٻاراڻي عام واقفيت چڱيءَ طرح ڏنل آهي. ڪي جملا نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:
رات جو پڙهجي ته سبق چڱو ياد ٿئي.
ٻٻر ۾ پلڙا ٿيندا آهن سي ڍور کائيندا آهن.
چيتو چڙهيو توت تي چوپ توت چيتا.
بحث ڪرڻ سان علم وڌي ٿو.
وڃڻي هڻڻ ڪري پگهر سڪي ويندو آهي.
جيتري کنڊ وجهبي اوترو مٺو ٿيندو.
پاڻئون وڏي سان چرچو نہ ڪجي.
هن ويچاري ڪهڙي تقصير ڪئي.
سدائي سچ ڳالهائجي ڪوڙ ڪڏهن بہ نہ ڳالهائجي.
هنر سکڻ ۾ وڏا فائدا آهن.
هن ڪتاب ۾ ان وقت جي ٻين ڪتابن بہ نسبت ٻولي وڌيڪ صحيح ۽ سٺي ڪم آيل آهي ۽ عبارت بہ وڻندڙ ڪتب آيل آهي.
ڪتاب جي منڍ ۾ هي شعر لکيل آهي، جو بحر ۽ وزن ۾ بلڪل پورو آهي:
”نمان ٿو انهيءَ کي جو جڳ جو ڌڻي
ڪندو سڀ ڀلي سا جا ان کي وڻي.
سٽيان ٿو سبب سان هي پهريون ڪتاب،
ته هر ڪو پڙهي من ٿئي ڪامياب.“
ڪتاب جي پڇاڙي ۾ هڪڙي ”سي حرفي“ بحر ۽ وزن سان موافق ۽ ٻاراڻي عبارت ۾ لکي ويئي آهي، جنهن کي سر سان پڙهندي ٻارن کي ”الف“ کان ”ي“ سڀني اکرن جا نالا آسانيءَ سان ياد ٿيو ويندا هئا ۽ پوءِ انهن اکرن جي صورتن، نقطن جي تفاوتن ۽ اعرابن ياد رهڻ ۾ ڪا بہ ڏکيائي ڪا نہ ٿيندي هئي. انهيءَ نظم جا ٻہ ٽي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
الف الله کي ياد ڪر
بي ڇڏ تون بدڪاري.
ٻي ڏي تون ٻن ٻيائيءَ کي
ڀي ڀر توبہ ڪر زاري
تي تج توڏَ تڪبير کي تون
ٿي ٿهمل وٺ واٽ ادا؛
ٽي ٽنڊ نہ ڪر تون ڇڏ ٽر ٽر
ٺي ٺار بدن کي ٿيءُ صفا.

(2) سنڌي ٻيو ڪتاب

مضمون:
هن ڪتاب ۾ بہ پهريائين دور خاطر آئيويٽا جا اکر ۽ اعرابون سمجهائي پوءِ شروع ڪيا ويا آهن. ڪن سبقن ۾ اخلاقي نصيحتون، ڪن ۾ راند روند ۽ وندر جهڙيون ڳالهيون ۽ ڪن ۾ عام واقفيت ڏنل آهي، انهن سبقن مان ڪي نثر جا سبق ۽ ڪي نظم، هاڻوڪي ٻئي ۽ ٽئين ڪتاب ۾ بہ ٿيل آهن، پر گهڻا سبق صفا ڇڏي ڏنا ويا آهن.
جيڪي سبق نظم ۾ آهن، سي سڀ گهڻو ڪري مسٽر اڌارام پاڻ ٺاهيا آهن، فقط هڪڙو نظم آخوند حسام الدين جو ٺاهيل آهي هڪڙو نثر وارو سبق ۽ هڪڙو نظم وارو سبق هيٺ ڏجي ٿو:

سٻق ٻاويهون
شاگردن کي نصيحت:

گهر يا راند ڪرڻ جي هنڌ جيڪي ڪي ڪندا ٿا گهمو يا ڳالهايو (سو) مڪتب ۾ نہ ڪريو، ڪتاب سان دل لائي سبق پڙهو. توهان سان ڪو ڇوڪر هجي ته (سبق پڙهڻ وقت) ان سان گڏ راند نہ ڪريو ۽ ساڻس ڳالهيون بہ نہ ڪريو. استاد نصيحت ڏئي سا مڃجي پاڻ کان ڀل ٿي هجي ۽ استاد ڏيکاري ته ان تي ڌيان رکجي. مڪتب ۾ سڀني تي ڪهل ڪرڻ گهرجي ڪنهن کي گاريون ڏيڻ نہ گهرجن ڪنهن سان وڙهجي بہ نه. ڪو ڇوڪر ڪڏهن بڇڙو ڪم ڪري ته ان کي چوڻ گهرجي ته وري اهڙو ڪم نہ ڪج. مڪتب مان موڪل ملي ته سامهون گهر هليو اچجي ۽ جي ماءُ پيءَ راند ڪرڻ جي موڪل ڏني هجي ته راند ڪري مهل سر گهر وڃجي پر پڙهڻ لکڻ سڀ کان چڱو آهي جئن ته چيو اٿن.
”اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.“

سبق اڻا اسي
ادب (بيت)
ادب سنديون عادتون ڇڏيو ڪيم ڇوڪر
1- ادب جي بہ عجب جي آنکي ڪانهي ڪر
جيڪر هو ٿيو خبر، ته رهو ڪين ادب ري.

2- ادب سندي عجب جي آءُ ڪهڙي ڳالهه ڪريان
هڪڙي حب ماڻهن ۾ ٻيو آدر ڏين گهڻا
تنهن لاءِ آءٌ چوان، ته وٺو واٽ ادب جي.

3- ادب وارو آدمي وڻي سڀ ڪنهن کي
وٺي وهارين وٽ ۾ سڏ ڪيو تنهن کي
آهي ادب جنهن کي، سوئي چئجي آدمي.

4- ادب بنان آدمي آهي پسونءَ سمان
گهڻيون ڪري ڳالهڙيون ته بہ ڏسيس ڪونڪو مان
جي ساراهي پاڻ، ته بہ چئيس هٺيلو هرڪو.

5- تڏهن ڇڏ تون هٺ هيا، کڻي وٺ ادب جي واٽ
ڪر تون نياز سڀن سان ٻيا ڇڏ سڳن ساٽ،
ته ڏيئي ڪونه ڏاٺ، سرهو رهين سر.

نظم:
مسٽر اڌارام جيڪي شعر ٻئي ڪتاب ۾ ڪم آندا آهن، تن مان ڪي ”ڏوهيڙا“ آهن ۽ ڪي ”موزون ڪلام“: ڪي پنهنجا ٺاهيا اٿس ۽ ڪي پارسي نظمن تان ترجمو ڪيا اٿس. ڪتاب ۾ جيڪي ٻہ ٽي شعر ٻين شاعرن جا ڏنا اٿس. تن جي هيٺان انهن شاعرن جا نالا لکيا اٿس ۽ جيڪي پنهنجا ٺاهيا اٿس يا ترجمو ڪيا اٿس تن جي هيٺان پنهنجو نالو لکي ڇڏيو اٿس.
ديوان صاحب ڏوهيڙا بہ بلڪل پختا، رسيلا ۽ اثرائتا ٺاهيا آهن.

مثال 1-
1- جي ڀائن سپتيو ٿيان، ته ڪوڙ ڪيم ڳالهاءِ
ننڍي وڏي نينگر سان سداءِ سچ الاءِ،
نه ته ملندءِ سزا، ٿيندين بڇڙو لوڪ ۾.
2- بڇڙو ٿيندين لوڪ ۾ ڪونه ڪندءِ اعتبار
جيڏن ۽ سرتن ۾ ٿيندين گهڻو خوار
اها ڳالهه تڪرار کڻي، هنڊاءِ هنئين سان.
3- کڻي هنڊاءِ هنئين سان تون منهنجي ڳالهه اها
ٿئي تفاوت تر جو، نہ ڪر تون ويساهه
سدا سچ ڳالهاءِ، ته ڪوڙو چوني ڪونه ڪو.
موزون ڪلام جو مثال:
ڪنهين ملڪ ۾ هڪڙو پتشاهه هو،
پڙهڻ لاءِ تنهن پنهنجو پٽ موڪليو.
گهرڙائي پٽي ڪڙي چانديءَ جي؛
وڏي حب سان تنهن پنهنجي پٽ کي ڏني.
لکيا هئا مٿي اُن پٽي سون سان،
اکر هيءُ خاصا ڪنهن ڪاتب هٿان.
”ڏکو تاب استاد جو ٻار تي،
ڀلو آهه سو پيار کان بي سندي.“

(سبق 86)
مٿيون شعر ”گلستان سعدي“ جي هڪڙي پارسي شعر جو عمدو سنڌي ترجمو ڪيو اٿس، پر بحر مٽايو اٿس.

3- سنڌي صرف و نحو
ڪتاب جي حقيقت: پهريائين پهريائين سنڌي ٻوليءَ بابت ”صرف و نحو“ انگريزي زبان ۾ ڪن يوروپين عالمن جدا جدا لکيا هئا.
جي خاص طرح سنڌي ٻولي سکندڙن يوروپين عملدارن ۽ مرهٽن خواه پنجابي عملدارن کي ڪم ايندا هئا، جي انگريزي ٻوليءَ جو گرامر ڳيئي چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا. فريئر صاحب ڪمشنر سنڌيءَ ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ بابت ”صرف و نحو“ تيار ڪرائڻ جو خواهشمند ٿيو. جنهن جي حڪم موجب مسٽر اڌارام هي ننڍڙو سنڌي ”صرف و نحو“ پارسي گرامرن مان ٺاهي تيار ڪيو.
سنڌي ادب جي جنهن دور بابت اسين بيان ڪري رهيا آهيون؛ تنهن دور ۾ جيترا ڀيرا هي ڪتاب وري وري پي ڇپيو آهي، اوترا ڀيرا ٻيو ڪو بہ ڪتاب نہ ڇپيو هوندو؛ ۽ سڀ ڪنهن ڇاپي ۾ وڌيڪ سڌارا ۽ ڦيريون گهيريون منجهس ٿينديون رهيون.
جئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون” صرف و نحو“ جو ڪتاب هو، تنهنڪري ”صرف و نحو“ سان تعلق رکندڙ اصطلاح عربي صرف و نحو وارا ڪم آندا، جي پارسي ۾ صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ هئا.

4 – مفيد الطالبين
ڪتاب جي حقيقت: مسٽر اڌارام وڏي عمر ۾ انگريزي سکيو هو ۽ پنهنجي تيز فهميءَ ۽ پارسيءَ توڙي هنديءَ ۾ گهڻي محاوري هئڻ سبب هو انگريزيءَ ۾ بہ اهڙو هوشار ٿي ويو؛ جو گولڊ سمٿ صاحب جي حڪم موجب هڪڙو ائنگلو ورنيڪيولر ڪتاب ٺاهيائين، جنهن جي وسيلي انگريزي گرامر ڄاڻندڙ کي سنڌي ٻولي سکڻ آسان ٿئي ٿي ۽ سنڌي گرامر ڄاڻندڙ کي انگريزي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. انهيءَ ڪتاب جو نالو انگريزي ۾ Oodhoram’s Guide (اُڌارام گائيڊ) ۽ سنڌيءَ ۾ ”مفيد الطالبين“ (شاگردن کي فائدو ڏيندڙ) آهي.

5- پارسي آموز
ڪتاب جي حقيقت: پارسي زبان جي تعليم ڪن ايامن کان وٺي سنڌ ۾ چالو هئي، پر پارسي ٻوليءَ جو ”صرف و نحو“ سنڌي زبان ۾ لکيل نہ هو، جڏهن سنڌيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو بہ لکيل ڪونه هو، تڏهن پارسي صرف و نحو سنڌي ۾ سمجهائڻ ناممڪن هو. مسٽر اڌارام صرف و نحو ٺاهڻ کان پوءِ ساڳئي نموني تي پارسي ”صرف و نحو“ سنڌي ۾ لکيو، جنهن جو نالو آهي. پارسي آموز“ هي ڪتاب اڄ تائين درسي ڪتابن طور ڪم پيو اچي.

(1) دنيا جي مختصر تاريخ
ڪتاب جي حقيقت: جدا جدا انگريزي ڪتاب، جن ۾ دنيا جي قومن جو احوال يوروپين عالمن جي تحقيقات موجب لکيل آهي، تن تان هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ دنيا جي قومن جو بنياد وچ ايشيا کان شمار ڪيو ويو آهي. اول ايرين ۽ سميٽيڪ ٻہ مکيه قومون هيون، ايرين قوم مان ايراني، آريه، انگريز، جرمن، يوناني ۽ رومي قومون پيدا ٿيون، سميٽيڪ قوم مان يهودي، عرب، مصر جا ماڻهو وغيره پيدا ٿيا ۽ ٽيوري مين خانه بدوش قومون هيون، جن مان ڪيتريون ئي شاخون جدا جدا ملڪن ۾ پکڙجي ويون.
حضرت عيسيٰ کان ٻہ هزار ٽي سو ورهه اڳ ”خالديه“ حڪومت ساري ايشيا تي غالب هئي. حضرت عيسى کان هڪ هزار ٻہ سو ورهه اڳي ”ميڊيا“ حڪومت زور ورتو. حضرت عيسى کان ڇهه سو پنجويهه ورهيه اڳ ”بابيلان“ حڪومت زور ورتو. يونان، روم ۽ ايران جي حڪومتن جي زور کان پوءِ ”اسلام“ زور ورتو. يوروپي قومن جي پاڻ ۾ فتحن ۽ شڪستن کان پوءِ يوروپ کي حصن ۾ ورهائڻ، يوروپ ۽ اسلام جي وچ ۾ ڪروسيڊس (ڌرمي جنگين) بيان ڪرڻ، يوروپين قومن جو ساري دنيا ۾ نو آبادين هٿ ڪرڻ، هندستان ۾ڪ يورويپن قومن جو اچڻ ۽ هڪ ٻئي جو زور ڀڃڻ ۽ هندستان ۾ آخر انگريزي قوم جو ٻين يوروپي قومن تي غالب پوڻ جو بيان ڏيئي ڪتاب پورو ڪيو اٿن.
هي ڪتاب جيتوڻيڪ وڏن ڪلاسن ۾ تعليم وٺندڙ جي مطالع لاءِ هو، ته بہ ڪن ضروري لفظن جي صحيح تلفظ خاطر انهن تي زير، زبر ۽ پيش ڪم آندل آهن. مثلاً فرات، خطاب، عهدو، قوم وغيره.“ ”نون غنہ“ جي بدران ٻہ زيرون، ٻہ زبرون ۽ ٻہ پيش ڪم آندل آهن جئن ته:
وڌاءِ .................................... وڌائين.
ڪياءُ ................................ ڪيائون.
اڏاوت ............................... اڏاوتون وغيره.
سنڌي ادب جي نئين دور وارن ڪتابن م عام طرح سنڌي ”صرف و نحو“ جي قاعدن جي پابندي ڪانهي، پر هن ڪتاب ۾ ڪم آيل ٻولي جي قاعدن سان موافق ۽ سلوڻي سليس آهي.

رئسيلاس
هي ڪتاب جانسن صاحب نالي انگريز انگريزيءَ ۾ تصنيف ڪيو هو، جنهن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي اشتهار ڪڍيو، ته جيڪو شخص انهيءَ انگريزي ڪتاب جو صاف سنڌي ۾ ترجمو ڪندو، تنهن کي سرڪار انعام ڏيندي. مسٽر اڏارام ۽ مسٽر نولراءِ گڏجي اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي پسند ڪيو ۽ انهن ٻنهي صاحبن کي انعام مليو. اهو ڪتاب ڪيترائي ورهيه ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور ڪم پيو ايندو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقتن ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال، انسان ذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا، ۽ انسان ذات جي زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جا آکاڻي جيتوڻيڪ خيالي آهي، مگر حقيقتن سان ڀرپور آهي.

آکاڻي جو اختيار هيءَ آهي:
مصر ملڪ ڏانهن قديم زماني کان وٺي هي دستور هوندو هو، ته بادشاهه پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن کي اهڙين محلاتن ۾ رهائيندا هئا، جي شهرن کان دور هوندا هئا، جڏهن ڪنهن شهزادي يا شهزاديءَ کي تخت جو ڌڻي ٿيڻو هوندو هو، فقط تڏهن ان کي محلات کان ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.حبش جي شهنشاه پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن لاءِ جيڪي محلات ٺهرايا هئا، سي آمهاري بادشاهت جي هڪڙي سرسبز ماٿريءَ ۾ هئا. ماٿريءَ جي چوڌاري تمام وڏا جبل هئا. محلاتن ڏي اچڻ وڃن لاءِ هڪڙو غار هوندو هو، جنهن جي اندرئين منهن تي ڳرا لوهي دروازا ڏنل هوندا هئا. ماٿريءَ ۾ محلاتن جي آسپاس جبلن تان لهندڙ لهرون، چشما ۽ شفاف پاڻيءَ سان ڀريل تلاءَ هوندا هئا. باغ باغيچن، گلن گلزارين سان ساري ماٿري ڪشمير بني پيئي هوندي هئي. هر قسم جا جهنگلي جانور، هر قسم جا پکي هر قسم جون مڇيون، هر قسم جا گهرو جانور ماٿريءَ ۾ موجود هوندا هئا. کاڌي خوراڪ ۽ عيش عشرت جو جيڪو سامان دنيا ۾ ملي سگهي ٿو سو سڀ اتي موجود هو. دنيا ۾ جيڪي مشهور مشهور ڪاريگر ۽ هنرمند ماڻهو سجهندا هئا، سي ان ماٿريءَ ۾ داخل ڪيا ويندا هئا. شهزادين ۽ شهزادن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ عالم ۽ معلمات، نوڪر ۽ نوڪرياڻيون، راڳ روپ ۽ ناچ تماشا ڪندڙ سڀ انهيءَ ماٿريءَ ۾ موجود هوندا هئا. شهزادن ۽ شهزادين کي کائڻ پيئڻ راڳن روپن ٻڌڻ، ناچ تماشن ۽ ماٿري اندر موجود ٿيل قدرتي نظارن ڏسڻ ڌاران ڪو بہ ڪم ڪونه هوندو هو.
اهڙي عيش عشرت واري زندگيءَ مان حبش جو شهزادو رئسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا کٽا ٿي پيا انهن کي خيال اچي ٿيو ته، ته هتي رهڻ ۾ اسان جي دل کي ڪا بہ خوشي ۽ ڪو بہ سک نٿو حاصل ٿئي، تنهن ڪري هن قيدخاني مان نڪري جبلن کان ٻاهر وڃي ڳولا ڦولا ڪريون. اميد آهي ته اسان کي ضروري خوشي ۽ سک هٿ اچي ويندو. ٻئي ڀاءُ، ڀيڻ ۽ عملاڪ نالي هڪڙو هوشيار پڙهيل ۽ جهانديد و فيلسوف شاعر جو پڻ ان ماٿريءَ واري قيد ۾ تنگ ٿي پيو هو. سي ٽيئي آخر لڪ چوري جبل ٽڪي ٻاهر نڪتا.
شهزادي رئسيلاس پهريائين عملاڪ کان سندس گذريل حياتيءَ جو بيان پڇيو. جنهن ۾ ان پنهنجي شاهوڪار سوداگر پيءُ جا خيال ۽ ارادا، پنهنجي تعليم جو ذڪر، ڪيل مسافرين جون حقيقتون بيان ڪيون.
انهيءَ بيان ۾ هيٺين ڳالهين بابت رئسيلاس ۽ عملاڪ جي وچ ۾ بحث مباحثا ٿيا.
شاهوڪارن کي پئسن لڪائڻ جو خيال (2) دولت وڌائڻ جي سڌ (3) سفر مان ڇا ڇا پرائڻ گهرجي. (4) شاهوڪار کي مسافريءَ ۾ انديشا ۽ ڪي سولايون (5) شاعريءَ جي حقيقت ۽ درجو (6) زيارت لاءِ پاڪ جايون ڀيٽڻ (7) وڏن شهرن ۾ گڏ ٿيل ماڻهن جا نمونا ۽ خيال (8) مٽن مائٽن جي خود غرضي (9) ماٿريءَ ۾ اچي داخل ٿيڻ جي خواهش.
عملاڪ پنهنجي زندگيءَ جي احوال بيان ڪرڻ سان شهزادي رئسيلاس کي تسلي ڏني ته دنيا ۾ ڪو بہ انسان خوش ۽ سکيو ڪونهي؛ مگر رئسيلاس ۽ نيڪايا پاڻ سان بيشمار هيرا ۽ جواهر کنيا هئا، تنهنڪري انهن کي دنيا جي سير ڪرڻ ۾ ڪا بہ رنڊڪ ڪانه ٿي. ڪنهن نہ ڪنهن طبقي جا انسان ضرور خوش ۽ بي گوندر گذاريندا هوندا؛ انهيءَ ڳالهه جاچڻ لاءِ رئسيلاس ۽ نيڪايا جدا جدا هنڌن جدا جدا حيثيت جي ماڻهن سان رل مل ٿي آزمودا حاصل ڪيا ۽ سک جي ڳولي لهڻ لاءِ بي آرام رهيا. انهن هيٺين ماڻهن جون حالتون جاچيون ۽ ان بعد بحث ڪيا.
1- ريڍارن ۽ دهقاني ڌراڙن جون حالتون، 2- البيلي حياتي گذاريندڙ نوجوانن جون حالتون؛ 3- سياڻن ۽ وعظ ڪندڙن بزرگن جون حالتون؛ 4- شاهوڪارن جون خطرناڪ حالتون؛ 5- ايڪانت واسين يعني خلوت نشينن جون حالتون؛ 6- دنيا جي قاعدي قانون موجب هلندڙ ماڻهن جون حالتون؛ 7- درباري ۽ وڏن ماڻهن جون حالتون؛ 8- سفيد پوش ماڻهن جون گهرو حالتون؛ 9- ڇڙهي ۽ پرڻيل ماڻهن جون حالتون؛ 10- نهايت قابل نجومين جون حالتون؛ 11- جهنگلي ڌاڙيلن جون گهرو حالتون؛ 12- روح کي فاني ڄاڻندڙن ۽ غير فاني ڄانندڙن جون حالتون.
انهن سڀني تجربن ۽ آزمائشن کان پوءِ رئسيلاس، نيڪايا ۽ نيڪايا جي پڙهيل نوڪرياڻي پيڪوا هيٺينءَ طرح حياتي گذارڻ ۾ دل جي خوشي ۽ سک سمجهيو:
رئسيلاس- ننڍڙي بادشاهت، جنهن جي سڀني ڀاڱن تي نظر ڪري سگهجي، سا هٿ ڪري پاڻ پنهنجي سر عدل ۽ انصاف ڪرڻ رعيت جو واڌارو ۽ سڌارو ڪرڻ.
نيڪايا- علم ۾ ڀڙ ٽي زالن کي علم ۾ هوشيار ڪرڻ ۽ عقل، ڏاهپ ۽ دينداري جو مثال بڻجڻ.
پيڪوا – فقيراڻو آسان کولي ڪنوارين ڇوڪرين کي علم ۽ دينداريءَ ۾ لائق بڻائڻ.
عملاڪ – ڪنهن نہ ڪنهن ڪم ۾ نيڪ نيتي سان مشغول رهي حياتي گذارڻ.
ڪتاب جي مضمون جو اختيار مٿي ڏنو ويو آهي هاڻي مضمون جا ٻہ ٽي جنسي ٽڪر هيٺ ڏجن ٿا:
1- ”مون ڏٺو ته 20 ڏينهن تائين سج پي اُڀريو ۽ لٿو ۽ سوجهري هوندي بہ ڪو فائدو ڪونه پرايم. انهيءَ وقت ۾ پکي پنهنجي مائرن جا آکيرا ڇڏي وڃي جهنگ ۽ اڀ ۾ اڏامڻ لڳا، ۽ ڇيلا ڌائڻ ڇڏي پنهنجي روءِ سوءِ چرڻ لاءِ جبلن ۽ ٽڪرن تي چڙهڻ سکيا آهن. رڳو منهنجو ئي واڌارو ڪونه ٿيو آهي ۽ اڃا تائين اڄاڻ ۽ نرمل رهيو آهيان. چنڊ ويهن گهمرن کان بہ وڌيڪ گهمرا ڦرڻ ڪري مون کي پروڙ ڏني آهي، ته حياتي ڪيئن ٿي گذري. منهنجي پيرن اڳيان جا ندي وهي ويئي آهي، تنهن منهنجي سستيءَ تي کڻي طعنا هنيا آهن. ڌرتي جيڪي نصيحتون ڏنيون ۽ گرهن جيڪي فهمائشون ڏنيون، تن تي ڌيان ڏيڻ ڌاران ويچار ڪرڻ جي مزن ۾ آءٌ ڏاڍو محو ٿي ويس. ويهه مهينا گذري ويا هليا! هاڻي اهي ويهه مهينا ڪير مون کي موٽائي ڏيندو؟ اهي ڏک ڀريل ويچار سندس دل تي ڄمي ويا ۽ چيائين ته هاڻي اجاين خيالن ۾ اڳتي وقت ڪونه وڃائيندس... اجاين خيالن ڪرڻ کان چڱو آهي ته ڪو اُدم ڪجي.“
(صفحه 21-22)

نوٽ- مٿيون ٽڪر رئسيلاس تڏهن چيو آهي، جڏهن ماٿريءَ ۾ رهڻ پنهنجي لاءِ سستي ۽ نڪمائي سمجهي اٿس.

2- ”تنهنتي عملاڪ چيو، ته منهنجي تاريخ تمام طول نہ آهي. جي حياتي جا ڏينهن علم حاصل ڪرڻ ۾ گذرن ٿا، سي ماٺ ۾ گذريو وڃن ۽ طرح طرح جا ڪم منجهس ڪي ٿورا ٿا ٿين. پڙهيل ماڻهوءَ جو اهو ئي ڪم آهي، ماڻهن ۾ گفتگو ڪرڻ، ايڪانت ۾ خيال پچائڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ، پڇڻ ۽ ڪو پڇي ته ان کي جواب ڏيڻ ۽ اهو ماڻهو دنيا ۾ پڻ ٽنڊ يا جرات کان سواءِ ٿو گهمي ۽ جيڪي ماڻهو سندس جهڙا آهن، تن ۾ ئي ان جو قدر ۽ سڃاڻپ آهي.“
(صفحه 37)
3- ”منهنجي سنگتين ڪنهن سبب سمجهيو ته آءٌ دنيادار آهيان، ۽ مون جي ڳالهيون پي پڇيون ۽ عجب ۾ پي پيس تنهن کان سمجهيائون ته آئون اڄاڻ آهيان، تنهنڪري مون کي نئون سمجهي ڄاتائون ته هن سان دغا ڪرڻ ته اسان کي حق آهي، ۽ اهڙن ئي هرجن سان دولاب جو هنر سکي سگهندو نوڪرن جي هٿان منهنجي سامان جي چوري ڪرايائون ۽ عملدارن کي چيائون ته هن کي ڦريو ۽ پي ڏٺائون ته آءٌ ڪوڙن بهانن تي پي ڦريس، جنهن مان کين نڪي هڙ نڪي حاصل هو. پر اها ئي خوشي ٿي ٿين. ته اسين پنهنجي هنر ۾ ڏاڍا هوشيار آهيون.“
(صفحه 46)
4- ”جنهن مڙس ۽ زال کي ڏهاڙي گهرو ڪمن جي ٿوري ٿوري ڳالهه بابت ويچار ڪرڻو ٿيندو ۽ عقل سان ملائڻو ٿيندو ته برابر آهي يا نه، سي ڏاڍا ڏکي چئبا، تنهن ۾ ڪو شڪ نہ آهي. جي ماڻهو وڏا ٿي پرڻجن ٿا، سي پنهنجي ٻارن جي حسد کان گهڻو ڪري ڇٽن ٿا، پر انهيءَ فائدي ڪري وري هي نقصان ٿو ٿئي، ته هو مري ويندا ۽ سندن ٻار ڀانئجي ٿو، ته اڄاڻ ۽ ويچارا سنڀاليندڙن جي هٿ ڇڏڻا ٿيندا؛ يا جيڪڏهن ائين کڻي نہ بہ ٿئي ته بہ جن کي داناءَ يا وڏي ڏسڻ جي گهڻي حب اٿن تن کي ائين ڏسڻ کان اڳي دنيا ڇڏي ويندا.“ (صفحه 151)
نيڪايا چيو ته ”مصر ملڪ جي ماڻهن جهڙن ڏاهن ائين ڪئن سمجهيو هوندو، ته روح جڙ آهي، جيڪڏهن روح هيڪر جسم کان جدا ٿي پوءِ بہ جسم ۾ قائم رهي، ته پوءِ ان کي جسم مان ڇا ملڻو يا ڇا سهڻو آهي؟“ (صفحه 255-257)
هن ڪتاب جي مضمون جي چپي چپي تي اهڙا اهڙا ڳوڙها خيال آهن جن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ علم ۽ مغز گهرجي. مثال خاطر ٻہ ٽي خيال هيٺ لکجن ٿا:
مثال:
”ٻڍاپڻ ۾ شرم ۽ غم گهڻو نٿو هلي، جيڪس هن ڪري ته جي سور گهڻن ڏينهن تائين سٺا آهن، سي سهڻ سو کا ٿين ٿا يا ٻڍاپڻ ۾ مان نٿو ملي، تنهنڪري ٻين کي بہ ٿورو ئي مان ٿو ڏجي؛ يا ته معنى کائي مٿي اچڻ جي سبب ڪري انهن سورن کان ستت ڇٽبو، تنهنڪري سور خيال ۾ بہ نٿا آڻجن.“ (صفحه 16)
جنهن انگريزي ڪتاب تان هي ڪتاب ترجمو ٿيل آهي، سو فصاحت، بلاغت ۽ نزاڪت ۾ توڙي جملن جي باقاعدي جزائيءَ ۾ تعريف جهڙو آهي. مسٽر اڌارام کي پارسي، انگريزي ۽ سنڌي ”صرف و نحو“ ۾ پوري دسترس هئي، تنهن ڪري سنڌي ادب جي نئين دور وارن ڪتابن ۾ هي ڪتاب صحيح سنڌي ٻوليءَ جي ڪري يا عبارت جي سينگار ڪري پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
انگريزيءَ مان ترجمو ڪندي جتي جتي نج عربي يا پارسي لفظ پوري ۽ ڪشادي معنى وارا ڪم آڻڻ ضروري ڄاتا ويا آهن، اتي هن صاحب اهي ڪم آندا آهن، ۽ جتي جتي سنسڪرت لفظن مان پورو مطلب ۽ مراد نڪرندي نظر آئي اٿس اتي مناسب سنسڪرت لفظ بہ ڪم آندا اٿس، انهيءَ دور جي ڪتابن ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ لفظن ڪم آڻڻ جو اهو تعريف لائق سرشتو ڪم آندل آهي، ڪتاب جي نثر جا ڪي ٽڪر ڏجن ٿا.

مثال 1 ۽ 2:
1- ”شهزاديءَ چيو، ته ڪي قومون ته پنهنجا لاشا باهه ۾ ساڙينديون آهن، ۽ ڪي قومون زمين ۾ دفن ڪنديون آهن؛ ۽ سڀني قومن جي اها راءِ آهي، ته هالو چالو ڪريا ڪرم ٿيڻ کان پوءِ انهن کي پنهنجين اکين کان پاسي ڪجي، پوءِ مصر جا ماڻهو جو ايتري خرچ ڪري پنهنجا لاشا سنڀالي ٿا رکن تنهن جو سبب ڇا آهي؟“
1- عملاڪ چيو، ته ”انهن قديم رسمن جي بنياد جي گهڻو ڪري ماڻهن کي خبر نہ آهي، ڇاکون ته جنهن سبب ڪري اهي رسمون پيدا ٿين ٿيون، تنهن سبب جو اثر جيڪڏهن بند ٿي ٿو وڃي ته بہ رواج هليو پيو اچي..... پر سڀئي ماڻهو سمجهندا آهن، ته مصر جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته جيستائين لاشو ڳري نٿو وڃي، تيستائين روح ان ۾ رهي ٿو، تنهن ڪري موت کي ٽارڻ لاءِ اهو دستور ڪڍيو هئائون.“

ڪم آندل عربي لفظ:
رقت، تصدق، تواضع، درڪ، اِدراڪ، منجم، منطقہ البروج، خط، سرطان، نظام شمسي، دانش، پرداخت، سپرد وغيره.
سنسڪرت لفظ:
پران، شڪتي، پوتر تپشا، ورسپت گرهه، وکيه، ورکا، دوت، داس، نهه ڦلتا، مول، سنڪلپ، گيان، جڙ وستو وغيره.
8 – مهر منير ۽ بدر منير جو قصو

ڪتاب جي حقيقت:
اردو نثر ۾ مهر منير ۽ بدر منير جو قصو مشهور آهي. مسٽر پرڀداس اهو قصو نظم ۾ ٺاهيو آهي ۽ سمورو نظم پاڻ ٺاهيو اٿس. ديباچي ۾ هي صاحب هن طرح لکي ٿو؛ پڌرو هجي ته سنڌيءَ ۾ نظم جا ڪتاب ڪي ٿورا لڀندا ۽ جيڪي لڀندا، سي بہ ڪن ايامن جا ۽ گهڻو ڪري هڪڙي قسم جي بحر جا هوندا، مير صاحبن جي وقت ۾ گهڻن ورهن کان ۽ جڏهانڪر انگريز سرڪار ملڪ ورتو آهي، تڏهانڪر ڪنهن جو نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. هاڻي هن حقير اڌارام ٽانور داس مير چنداڻي ويٺل حيدرآباد اسسٽنٽ ترجمان سنڌ جي هي قصو مهر منير ۽ بدر منير نظم ۾ ٺاهيو آهي.هن ۾ ڪيترن قسمن جا بحر آهن ۽ هي قصو بلڪل دل کي وڻندڙ آهي ۽ ڪو سمجهو ماڻهو هوندو ۽ ان کي چڱي طرح خوش الحان سان پڙهندو يا ڳائيندو، ته ان کي ڏاڍي لذت ايندي. پر هي پهرين ڪوشش آهي سو اميد آهي ته پڙهندڙ هن ۾ ڪا ڀل خطا ڏسن ته ڀلائي ڪري معاف ڪن، بلڪ صلاح جي ڪلڪ سان سڌاري ڇڏين.“
هن ڪتاب ۾ جيڪا آکاڻي لکيل آهي؛ تنهن جو اختصار هي آهي:
”ڪنهن بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿيندو هو؛ آخر هڪڙي الهه لوڪ بزرگ جي ڏس موجب هلڻ ڪري ان کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو رکيائين مهر منير. مهر منير جڏهن جوان ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي ڪنهن هرڻ جي پٺيان گهوڙو ايتري قدر ڊوڙايائين جو سنگتين کان بہ وڇڙي ويو ۽ هرڻ بہ وٽانئس گم ٿي ويو.
مهر منير ڀٽڪندو ڀٽڪندو هڪڙي جبل تي ڪنهن فقير جي آستان تي وڃي پهتو. رات جو چار پريون اڏام کٽوليءَ جي رستي فقير جي زيارت ڪرڻ آيون، جن کي بدر منير پريءَ ڏانهن وڃڻو هو، پريون انهيءَ فقير جون مريداڻيون هيون، تنهنڪري فقير جي چوڻ موجب سندس مهمان (مهر منير) کي بہ اڏام کٽوليءَ تي چاڙهي بدر منير پري وٽ ويئون. پريون جڏهن بدر منير سان ملاقات ڪري اڏامڻ لاءِ سنڀريون تڏهن مهر منير ساڻن هلڻ کان هڪڙي پاسي پڙ ڪڍي بيٺو، ته بدر منير وري ان کي ڇڏي وڃڻ لاءِ ٻئي پاسي پرين کي منٿون ڪرڻ لڳي. پريون ڏاڍيون پريشان ۽ پشيمان ٿيون؛ ڇاڪاڻ جو انهن کي پنهنجي مرشد وٽان لنگهندي ان جو مهمان ضرور امانت باسلامت پهچائڻو هو. آخر جڏهن مهر منير ۽ بدر منير ٻنهي کي ننڊ اچي ويئي، تڏهن چارئي پريون مهر منير کي اڏام کٽوليءَ تي رکي اٿي اڏاڻيوڻ ۽ فقير جي آستان تي ان کي ستل ئي ڇڏي پنهنجي ملڪ هليون ويئون.
صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط مهر منير، بدر منير جي رهاڻ کي ياد ڪري مستانو ٿي ويو ۽ هوڏانهن وري سندس شڪار گاه وارا وڇڙيل همراهه بہ اتي اچي پهتا، انهن شهزادي کي گهر هلڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر هو چوي ته بدر منير ڏانهن وڃڻ ڌاران ٻئي پاسي مون کي هلڻوئي نہ آهي. همراهه اهو حالت ڏسي شهزادي کي زوران زوري پالڪيءَ ۾ قابو ڪري اچي پنهنجي ڳوٺان نڪتا. بادشاه ۽ راڻي پنهنجي پٽ کي بي حال ڏسي پنهنجي پاڻيءَ کان نڪري ويا. آخر ڏاهي وزير جي صلاح موجب بدر منير پريءَ جي پيءُ ڏي سڱ ڏيڻ لاءِ قاصد ۽ سوکڙيون سوغاتون موڪليائون.

ڪتاب جي پڇاڙي ۾ مصنف چوي ٿو:
پوءِ پرڻائي پٽڙي کي ڪيائين، موٽڻ جو سعيو
ننهن پٽ پنهنجو پاڻ سان ڏيهه وٺي آيو
ٿيو سرهو گهڻو سرير ۾، هن جشن ڪرايو
پرڀرو پڄايو، مطلب هن جي من جو.
جهڙي پني هن سان تهڙي ڪل جي سال پڄي
اوڻيهه سا ڇويهه مٿي ٿو سنبت سال سڄي
متي چوڏهين ڏينهن ٻڌ ٿيو مهنو مانگهه ٻجهي
احقر ٿيو اُجهي، رکج ڀرم ڀڳونت تون.“

نظم جو نمونو:
هندي زبان ۾ ٺهيلن ڪيترن ئي نظم جي ڪتابن ۾ جئن جدا جدا وزنن (ماترائن) وارا دوهرا (ڇند، دوها، رها ۽ سوها) گڏ وچڙ هوندا آهن، فقط هن ڪري ته جدا جدا سرن ۽ طرزن ڪم آڻڻ ڪري ڪتاب ۾ سمايل مضمون مان پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي وڌيڪ سواد اچي، تئن هن صاحب بہ هن ڪتاب ۾ نہ رڳو جدا جدا ماترائن وارا ڏوهيڙا ڪم آندا آهن، پر موزون ڪلام بہ جدا جدا نمونن جا ڪم آڻيندو ويو آهي. مثلاً فرد، قطعہ، مثنوي، موزون ڪلام گهڻي قدر بحر تقارب محذوف ۽ مقصور ۾ آهن، باقي ٻہ ٽي قطعا بحر متدارڪ مضاعف سالم تي ۽ هڪڙو فرد بحر رجز مثمن سالم تي آهي.
مسٽر اڌارام جو ڪلام (ڏوهيڙا توڙي موزون) پڪو پختو ۽ نزاڪت ڀريو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
1- ساراهيان سچو ڌڻي جنهن سرجيو سڀ سنسار
قادر پنهنجي قدرت سان رچيو رنگ اپار
تنهن پاڻيءَ جي بوند مان ڪيا منک مرون اظهار
جن جوڙيائين ديو ٻيا ڪيائين پريون پديدار
آگي جو اسرار، ڪنهين پروڙ يه ڪينڪي.“
2- رنگين رنگين روپ ٿيا ۽ عجب نظارا
ڪي گورا ڪي سانورا ڪي منهن جا موچارا
ڪي ٻاهرون ٻوليءَ جا مٺا ڪي اندر جا ڪارا
ڪن جي ڏٺي دل ٽهي، ڪي جيءَ جا جيارا
تنهنجا وڏا پسارا، سو آهي صاحب سرپ جو.“
(ڪتاب جي شروعات)

نوٽ- مٿيان ٻئي ڏوهيڙا سڌريل نموني جي ڏوهيڙن جا آهن. هيٺ ٻہ ٽي مثال اهڙن ڏوهيڙن جا ڏجن ٿا، جي شاهه ڪريم (رحه) جي ڏوهيڙن جي طرز تي ٺهيل آهن:

1- ”لنگهيا پهر ٽي رات جا اهڙي خوشيءَ منجهان
جو سگهي ڄڀ انسان جي ڪري ڪين بيان.“
2- ”جڏهن ان پرين جي ٿي وڃڻ جي وير،
تڏهن چيائون شهزادي کي هل اسان سان هير.“
9 – قصو ڪامسين ۽ ڪامروپ
ڪتاب جي حقيقت: ڳوٺ وڳڻ تعلقه نوشهر فيروز ۾ لعلو ڀڳت رهندو جو اکين کان معذور هو. ان ڪامسين ۽ ڪامروپ جو قصو سنڌي ڏوهيڙن ۾ ٺاهيو هو. جو ديوناگري اکرن ۾ لکيل هو. مسٽر اڌارام اهو قصو هٿ ڪري عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکي تعليم کاتي کي ڏنو، جنهن منظور ڪري ڇاپايو؛ ڇاڪاڻ جو ان وقت تعليم کاتي جي طرفان اها ئي ڪوشش هئي، ته ڪو بہ سنڌي نثر يا نظم، جو اڳ ڇاپيو نہ ويو هجي سو هٿ ڪري ڇاپائجي ته سنڌي لٽريچر جو واڌارو ٿئي.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ جهوني نموني جي هڪڙي خيالي آکاڻي لکيل آهي، جنهن جي مراد ۽ مقصد هيءُ آهي، ته عشق ۽ محبت جو اثر جنهن انسان تي ٿئي ٿو، سو ڪهڙين بہ تڪليفن ۽ ڏکن کان منهن نٿو موڙي ۽ ان کي دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا زهر ٿيو اچن ٿا. عشق ۽ محبت وارن کي درد دک جي درياء ۾ تڙڳڻو ۽ طرح طرح فريبن جي اوڙاهه مان اُڪرڻو پوي ٿو، پر دل جي سچائي ۽ ارادي جي پڪائي کي آخر سوڀ ۽ فتح حاصل ٿئي ٿي.
آکاڻيءَ جو اختيار هيٺ ڏجي ٿو:
”مغرور ملڪ جي راجا نوڪر پال کي ڪامسين نالي هڪڙو سدا سهڻو جوان پٽ هو، جو ڪنهن رات پنهنجي ماڙيءَ تي ستو پيو هو، ته ڪو پرين جو جهنڊ مٿان اڏامي اچي لنگهيو، جن کي ڪامسين جي سونهن ڏاڍي وڻي، جڏهن پريون پنهنجي آستان تي وڃي گڏ ٿيون، تڏهن پاڻ صلاح ڪيائون، ته گجرات جي راجا جئه سنگهه راءِ جي ڌيءُ ڪامروپ، جا سونهن سوڀيا ۾ ڪامسين جو تل آهي، تنهن کي ۽ ڪامسين کي ڪنهن طرح هڪ ٻئي ۾ ملاقات ڪرائجي ته بهتر.
سو ڇا ڪيائون. جو هڪڙيءَ رات ڪي پريون ڪامسين کي کٽ سميت مغرور مان کڻي آيون ۽ ڪي وري ڪامروپ کي کٽ سميت گجرات مان کڻي آيون. ڪامسين ۽ ڪامروپ ساري رات پاڻ ۾ رس رهاڻ ڪئي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو پريون وري انهن کي کٽن سميت پنهنجي پنهنجي گهر پهچائي آيون. صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط ڪامسين پيو مغرور ۾ ”ڪامروپ! ڪامروپ!“ ڪريو ديوانن وانگر دانهون ڪري، ته ڪامروپ وري گجرات ۾ ”ڪامسين! ڪامسين!“ پڪاريو پئي ڳوڙها ڳاڙي.
”نازڪ جاڳيو ننڊ مون ٿي سوره کي سار
جنهن جو پنڌ پري ٿيو، سو ياد ڪيائن يار،
تنهن ڦاڙي ويس ڦٽا ڪيا روئي زار و زار
پرين جي پچار، لئون لئون منجهه لکائبو.
(ڏوهيڙو 12)
راجا نوڪرپال کي جڏهن خبر پئي ته پٽس ڪامروپ جي برهه ۾ بي حال آهي، تڏهن پنهنجي وزير نظر صاف کي گجرات جي راجا ڏانهن سنڱ وٺڻ لاءِ موڪليائين. راجا جئه سنگهه راءِ پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ خوشيءَ سان ڏيڻ قبول ڪيو.
”تڏهن ٻڌي حقيقت حال جي مائٽي مڃيائين،
ناريل چٽي نر ڏي موڙو مڪائين،
ورنہ ڏانهن وهانءِ جو لکيو لکيائين
سام وٺو سائين،اچي ٻارهين مهني پانهنجي.“
(ڏوهيڙو37)
ٻارهن مهنن گذرڻ بعد راجا نوڪر پال پنهنجي پٽ جي شادي ڪرڻ لاءِ مال اسباب گڏ ڪري ڄڃ وٺي گجرات ڏي ٿي ويو ته واٽ تي ڪنهن دشمن اچي وڪوڙيس. نوڪرپال اتي مارجي ويو ۽ ساري ڄڃ ڪوٽ بچائڻ لاءِ موٽي مغرور ڏي آئي.
راجا جئه سنگهه راءِ اها خبر ٻڌي پنهنجي ڌيءَ ڪامروپ وري ٻئي ڪنهن راجا سان مڱائي ڇڏي، جا ڳالهه ڪامروپ کي نهايت ناپسند آئي.
”سڻي حقيقت حال جي ڪامڻي ڪوماڻي،
سک ٿي سمهي ڪينڪي وتي ويڳاڻي،
مٺو نہ لڳو منڌ کي پرين ري پاڻي،
نجو نماڻي پيٺ وٺي هي پانهنجي.“
(ڏوهيڙو 50)
ڪامسين جڏهن دشمنن کي دفع ڪرڻ لاءِ پنهن جي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ڪامروپ جي ٻئي هنڌ مڱجڻ جي خبر پيس، تڏهن فقير بڻجي گجرات ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر نظر صاف وزير جي صلاح موجب دل ڏاڍي ڪري ترسي پيو ۽ دل هرڻ نالي هڪڙي چالاڪ دائيءَ کي جهجهو مال اسباب ڏيئي ڪنميا گرياڻي جي ويس ۾ گجرات روانو ڪيائين. دل هرڻ منزلون جهاڳي وڃي گجرات پهتي ۽ حيلا حوالا هلائي ڪامروپ سان وڃي ملاقات ڪيائين ۽ چيائين:
”توکي تن پرين جو ڌيان نياپو نروار،
هوتن هيڏي موڪليو تو هي ڏي تڪرار،
ملڻ جو محب سان ڪو ڪري ڇڏ قرار،
ياد ڪري ٿو يار، مندان ٿيون ميلاپ جون.
(ڏوهيڙو 95)

ڪامروپ پرينءَ جا پيغام ٻڌي نهايت خوش ٿي ۽ دل هرڻ کي بہ انعامن اڪرامن سان نوازيائين ۽ چيائينس ته ڪامسين کي چئج، ته ”فلاڻي مهيني ۾، فلاڻي تاريخ، فلاڻي وڻ هيٺ گهوڙي سمت اچي بيهي، ته آءٌ بہ اتي اينديس ۽ ساڻس گڏجي رواني ٿينديس.“ دل هرڻ ٿورين گهڻين ڏينهين ڪامسين وٽ پهتي ۽ سارو احوال پيش ڪيائينس. پوءِ ته ڪامسين کي تخت ۽ تاج وهه ٿي آيو:
”اُٿي ته اور عجيب جي وهي ته تنهن وائي،
ڀري بندوق برهه جي هوتن هلائي،
تکي لڳيس تن کي جيءَ اندر جائي،
پالو پاڇاهي، آئڙي ڪين عجيب ري.“
(ڏوهيڙو 170)
ڪامسين پنهنجي بادشاهي نظر صاف وزير جي حوالي ڪري پاڻ گهوڙي تي چڙهي گجرات روانو ٿيو ۽ ڪشالا ڪڍي انجام ڪيل وڻ هيٺ اچي ويٺو ۽ عجيبن جي اچڻ جون واٽون نهارڻ لڳو. ڪامروپ انجام ڪيل ڏينهن تي وڻ پوڄڻ جي بهاني سان سرتين ساهيلين سميت جهنگ ۾ آئي، ۽ ٻين کي پري بيهاري پاڻ اڪيلي ان انجام ڪيل وڻ وٽ اچي ڪامسين سان ملي. اتان ٻئي ڄڻا گهوڙي ٻيلهه چڙهي مغرور ديس ڏي راهي ٿيا.
”پس بيٺيون پوءِ تي سرتيون سڀيئي
منڌ موٽي ڪينڪي جا وڻ پوڄڻ ويئي
ويڌن ٿي وينگس کي ڪامڻ سان ڪيهي
اچي اُهيئي، سڀ بيٺيون پالهي پڙ تي.“
(ڏوهيڙو15)
راجا جئه سنگهه راءِ کي خبر پهتي، ته ڪامروپ کي ڪو جن يا ديو کڻي ويو، سو روئي پٽي ڌيءَ سهسائي ويهي رهيو.
ڪامسين ۽ ڪامروپ کي واٽ تي ڏائڻين ۽ راڪاسن جي فريب ۽ دغائن جي ڪري طرحين طرحين تڪليفون رسيون ۽ ٻہ ٽي ڀيرا پاڻ ۾ وڇڙي ويا، پر ڪن ديوتائن ۽ پرين جي مدد سان هو آخر هڪ ٻئي سان چي گڏيا ۽ سلامت اچي مغرور ديس ۾ پهتا ڪامسين کي انهيءَ ڪشالي ۾ پنج ورهه لڳي ويا هئا، تنهن وچ ۾ دماق نالي راجا چڙهائي ڪري نظر صاف وزير کي قيد ۾ رکيو هو ۽ سارو مغرور ديس پنهنجو بڻائي ڇڏيو هو.
ڪامسين ديون جي مدد سان دماق راجا کي ماري مات ڪيو ۽ نظر صاف وزير کي آزاد ڪري پنهنجي اباڻي ملڪ جو راجا بڻجي راڄ هلائڻ لڳو.

ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ شاعر چوي ٿو:
”جنهن گڏيو گڏ محبوب سا سو ست گر سوڀارو
ڪرپا ڪري پڌرو ڪيو نر جو نظارو.
وهاري سوره کي ڪيو ڪامل قرارو.
غالب ستارو ٿيو، لعلو راڄ جو.“
2- ”قصو ڪامسين جو ڀائي لعلو لکايو،
وڳڻ، منجهه ويهي ڪري ٺاهه اهو ٺاهيو،
لکڻهاري لکيو، سڪ ڪري سعيو،
تنهنجو ست گر پڄايو، مدعا مڙيئي من جو.“
(ڏوهيڙو 337-338)

هي سارو قصو سڌريل نموني جي ڏوهيڙن ۾ آهي، ”جنجو قافيه“ پختو ۽ لفظن جي جڙت دل وڻندڙ آهي. شاعر جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل ۽ اکين کان وڏو هو، ته بہ سنديس درد ڀري دل سجاڳ ۽ روشن هئي، جنهن ڪري سندس سارو شعر سوز ڀريو ۽ اثرائتو آهي.

10 – راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي
ڪتاب جي حقيقت: راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي سنڌ ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪندا وتندا هئا جنهن ۾ نظم ۽ نثر گڏ هوندا هئا. مسٽر اڌارام ميجر گولڊ سمٿ صاحب جي حڪم موجب اها آکاڻي بيتن سميت ڪتاب جي صورت ۾ آندي ۽ تعليم کاتي منظور ڪري ڇاپائي.
هن ڪتاب ۾ جيڪي بہ ڏوهيڙا ڪم آيل آهن، سي سڀ گهڻو ڪري شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن، مگر لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي گهڻو ڦير ڦار آهي. مثلاً شاه جي رسالي ۾ آهي:
”پاٺ پهرين رات ڳڙهه پاسي ڳايو،
پيو غلغلو گرنار ۾ ڪو عطائي آيو،
سالڪ ساز سرود سان ڪي جو ڪمايو،
ٻيجا، برلايو، ته سر سوالي آهيان.“
(سر سورٺ داستان پهريون)
هن ڪتاب ۾ اهو بيت هن طرح ڏنل آهي:
”پاٺ پهرين رات ۾ ڳڙهه پاسي ڳايو،
گلو چوي گرنار ۾ ڪو اُتاهي آيو،
سالڪ ساز سرود کي ڪئن ٿي ڪمايو،
آيو سر سوالي منڱتو، جي ٻيجل ٻولايو.“
(صفحه 9 ڏوهيڙو 3)
انهيءَ ڪري يقين سان چئي ڪين سگهبو ته شاه جي رسالي واري ”سر سورٺ“ وارا ڏوهيڙا شاهه صاحب جا چيل آهن، يا ڪن ٻين جا چيل ڏوهيڙا شاهه صاحب جا آهن، يا ڪن ٻين جا چيل ڏوهيڙا شاه صاحب جا سمجهي رسالي ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي جئن سنڌ ۾ عام آهي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، تنهن کان ٻيءَ طرح گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ چالو آهي، جا ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي رسالي جلد ٽين ۾ بيان ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ جيڪو نثر وارو ڀاڱو ڏنل آهي، تنهن ۾ مسٽر اڌارام ٻوليءَ جو اهو ڍنگ ڪم آندو آهي، جنهن ڍنگ ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير آکاڻي ڪندا آهن. مثال:
1- ”سو اڄ ننڍو سڀان وڏو ائين ٿي وڏو ٿيو، پوءِ هن کي گڏهه ۽ گهوڙا ڏنائون ۽ چيائونس چاريندو وت. چارڻ ڪم ڪهڙو ڪندا هئا. هيءَ جو نينگرڙو هٿ آين تنهن جو نالو رکيائون ٻيجل سو گهوڙو چاريندو وتي.“ (صفحه 2)
2- ”ڏکڻ جو واءُ جو لڳو سو اهي تندون آواز اهڙو پييون ڪن، جو مرون ٿيو پکڻ ٿيو ڪل ڪت نائي بيهي ٻڌن، جڏهن واءُ بس ٿيو، تڏهن تندن بہ بس ڪئي ۽ پکي پکڻ بہ ويندو رهيو. (صفحه6)
3- ”ڪنڀر چيس ڳهيلا پاتشاهه منهنجي حال جي ته ڳالهه پڀي ڪين. جي ڙي ڪهڙي تنهنجي حال جي خبر ٻڌاءِ. چيانس سائين خبر هيءَ، مون کي ڌيءَ ويٺي آهي وڏوڙ، سا ڀانيم ته پرڻائي پوءِ توڏي اچان. چيانس، ڙي اها مون کي ڇو نہ پرڻايئي، چي جيئن تون ڇو نه.“ (صفحه6)
4- ”ٻيجل جي جا زال هئي، تنهن ٿالهه وٺي رکيو. مٿان آيو ٻيجل تنهن چيو رن هي ٽڪن جو ٿالهه ڇو وٺي رکيئي.“ (صفحه 8)
5- ” ٻيجل سر وٺي آيو انيراءِ وٽ تنهن اڳيون چيس، لڏ منهنجي ملڪ مان، جو ههڙو ڏاتار راو، تنهن کي ماريندي ترس نہ پيئي، ته ڪڏهن مون کي بہ ماريندين.“
پڇاڙيءُ ۾ مسٽر اڌارام هي بيت چيو آهي جو سندس ئي آهي:
عشق راءِ ڏياچ کي جنهن سر ڏيئي ڏيکاريو،
ٻيو عشق ماڻس کي جنهن نہ ڪيو ناڪارو،
ٽيون عشق سورٺ کي جنهن ستيءَ ست سنهارو.
چوٿون عشق ٻيجل کي جنهن ٻول پنهنجو پاريو
پنجون عشق چارڻيءَ کي جنهن ڪانڌ تان جيءُ واريو.
لعنت انيراءِ کي جنهن پير وڌو پاسارو،
پنجئي پيا مچ ۾ ڳنهي ويچارو،
سڀئي سرها ٿيا ڪيائون ڪم سوڀارو،
وٺو نالو رام جو سڀ ٿئي موچارو.“
(صفحه 21)

11 – آکاڻيون
هي ڪو الڳ ڪتاب نہ آهي، پر ديوان اڌارام صاحب ڏهه مزيدار آکاڻيون راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ واري ڪتاب جي پڇاڙي ۾ شامل ڪيون آهن، جن مان ڪي اهڙيون آهن، جي سنڌ ۾ نقلن نظيرن ڪرڻ وارا عام طرح ماڻهن کي ٻڌائيندا وتندا آهن ۽ ڪي پارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن ۽ ڪي ظفراتي نقل آهن، جي اردو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڏنل آهن.
مثال خاطر ٻہ آکاڻيون جنسي عبارت ۾ هيٺ ڏجن ٿيون:
1- ” هڪڙو ڇوڪر واهي 1 کان ڀڳڙا ڀڃائڻ ويو. واهون ڀڃي جڏهن ڏيڻ لڳس ته انهيءَ هٽ جي منهه2 جي جا مني 3 هئي نينگر تنهن کي ٻنهي پاسي ٻانهون آڻي ٻڪ ۾ ڀڳڙا ورتا ته ٿوڻي جو ٻانهن جي وچ ۾ آئي سو ڇوڪر جي ٻڪ ٿو ڇوڙي ته ڀڳڙا ٿا ڪرن ۽ جي نٿو ڇوڙي ته وڃي نٿو سگهي، تنهن کان لڳو روئڻ، ته تتي ماڻهو گهڻا اچي گڏ ٿيا سي سڀ ڏاهري لڳا ڳڻتيون ڪرڻ. هاءِ ڪيئن ٿيندي. ڇوڪر ڏاڍو ڦاٿو ڪئن ڇٽندو. ائين انهن جي ڳڻيندي4 لال ٻجهڪر ڏاهرين جو چڱو مڙس اتي اچي نڪتو سو ڏسي ٻڌي ٿو چوي ته ڳڻيو ڇا ٿا- ڇپر5 لاهي مني پٽي ڪڍجي ته ڇوڪر پاڻهي ڇٽي پوندو. اها سڀني ڏاهرين ٻڌي چيو ٻيلي واه چڱي طرح ڏنئي. تڏهن لڳا تئن ڪرڻ. اهڙيءَ طرح ڇوڪر کي ڇوڪراڻيون ڳالهيون ڏڏن کي ڏڏاڻيون ڳالهيون وڻنديون آهن.“
(صفحه 21- آکاڻي پهريون)
2- هيڪڙي واهي6 ونهين7 کي وڃي چيو ته اسين ٻئي حضرت آدم ۽ بي بي حوا جو اولاد آهيون تنهن ڪري اسين ٻئي ڀائر آهيون تون ونهيون آهين ۽ آءٌ ولهو آهيان مون کي پنهنجي ڀاءُ پيءُ جو ڀاڱو ڏي. ونهين اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي ڪوڏي کڻي ڏنيس. ولهي چيس ته هي ڇا ٿو ڏين ٻيو بہ ڪي ڏي. وراڻي ڏنائينس ته ادا انهيءَ تي راضي ٿي، جيڪڏهن آءٌ سڀني غريب ڀائرن کي ڪوڏي ڪوڏي ڏيان ته مون وٽ ڪي ڪين بچندو.“
(صفحه 24 آکاڻي 4)
نوٽ- مٿين آکاڻي هڪڙي پارسي حڪايت جو ترجمو آهي پر ديوان صاحب هن جا تجنيس حرفي ڪم آندي آهي، سا قابليت جهڙي آهي.
ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي
۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل بي- اي
هنن ٻنهي صاحبن درسي ڪتابن ٺاهڻ ۾ چڱي محنت ڪئي. سنڌي ٻوليءَ تي پوري دسترس حاصل هين.

1- سنڌي ٽيون ڪتاب
هي ڪتاب ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي جوڙيو هو ۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل سڌاريو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ ڪل نوانوي سبق آهن، جن مان ڪي شاگردن جي ڏانو جون نصيحتون آهن، جي اخلاقي سبق ۽ آکاڻيون آهن ۽ ڪي عام واقفيت جا سبق آهن، جهڙوڪ جدا جدا جانورن، وڻن، ٻوٽن ۽ ڌاتن بابت سمجهاڻيون.
هن ڪتاب ۾ نظم بہ عمدا عمدا ڪم آيل آهن. ڪن نظمن ۾ ٺاهيندڙن جا نالا ڏنل ڪينهن ۽ ڪن ۾ نالا ڏنل آهن. هيٺين شاعرن جي نالن وارا نظم جدا جدا سبق ۾ ڪم آيل آهي:
شاه ڀٽائي، سامي، جيئندو، جاجڪ، رجب، سندر، ڪرمچند، ڪريال ۽ آسو.
هن ڪتاب ۾ جيڪو بہ نظم آيل آهي، سو سڀ ڏوهيڙائي ڏوهيڙا آهي ۽ ٻہ ٽي ڏوهيڙا نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:
ڏونگر اتان ڪري پوڻ ۽ شينهن ڪري تن چور
رجب ايءُ ڏک ڀلا ڄاڻ ڪر مورک سنگ نہ مور،
”بي عقل کي بازار ۾ هڻجي موچڙڻ لک،
تڏهن بہ ان ليکي ڪک، ڪري پيو ڪلهي تي.“
(سبق چوٿون)
”رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان جنهن جي ٻولي ٻي،
سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي
موڳي جي مجلس کان پاڻ کڻي پلجي
جو تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هڻي تنهن سان تار ڪيهو ترجي
جو سنڌي سمجهي ڪينڪي تنهن سان هندي ڇا هلجي.“

(سبق 22)
”صاحب سڀڪنهن سندو رتي عيب نہ ڦولي ڪنهن
بندو لڪي ڪري اُبرايون، پر سائين ڏسي تنهن
جيڏو پاڻ تيڏا سندس ڏاڻ آهي سڀ جي سار جنهن
روزي هٿ رزاق جي ڏي ساجهر سوير هن.“

(سبق 39)
”تو جا ڀانئي نوڙ جي، سا وڃي وهاڻي،
ڪنهن سان نيبہ نہ ٿئي ڌن، جوڀن، جواڻي
آسو آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.“

(سبق 41)


2- سنڌي چوٿون ڪتاب
هي ڪتاب مسٽر پرڀداس پنهنجي سر ٺاهيو آهي.

مضمون:
هن ڪتاب جا ٻہ جلد آهن: هڪڙي ۾ 34 سبق ٻئي ۾ 23 سبق آهن، پر سبق تمام وڏا آهن. شايد پهريون جلد چوٿين درجي ۾ ۽ ٻيو جلد پنجين درجي ۾ پاڙهيو ويندو هو.
ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڪو بہ نظم ڪونهي، باقي پهرئين جلد ۾ ست سبق نظم ۾ آهن، جن مان ٽن سبقن (سبق 13، 14 ۽ 15) ۾ شاه جي رسالي جي ”سر معذوري“ جا بيت آهن، باقي چار سبق (سبق2، 8، 11 ۽ 21) ديوان اڌارام جي ٺاهيل نظم جا آهن.
ديوان اڌارام وارن نظمن ۾ احقر تخلص ڪم آيل آهي ۽ هيٺيان ديوان اڌارام جو نالو بہ ڏنل آهي. اهي چارئي نظم شاه جي رسالي واري ”سر ڪاپائتي“ جي ڊول تي ٺهيل آهن. مثال:
”وقت وڃيئي ٿو ائين هٿان
ڪان وڃي جئن سينگ منجهان
موٽي ملندءِ ڪين بهار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار،
”وقت آهي تان سڀ ڪي آهه
وقت ويو تان سڀ ڪي بساه
وقت وقت کان روئندي زار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار“
”جيڪا پوک تون هت پوکيندي
قيام ڏهان سان اُت تون لڻندين
چوي احقر تون ڪر ويچار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار“.
(سبق 2)

نوٽ – ستن مصرعن مان ٽي مصرعون مٿي ڏنيون ويون آهن.
سچن جي ٻيڙي لڏي لڏي
ڪين ڪڏهن سا ٻڏي ٻڏي
ڳالهه اها تون دل سان هنڊاءِ
سڀڪنهن سان تون سچ ڳالهاءِ
”سچ جي ساره ڪريان آءٌ ڇا؟
سچ تي راضي رهي خدا
چوي احقر نيٺ سچ سچ آهي
سڀڪنهن سان تون سچ ڳالهاءِ“
سبق (8)
”ڪوڙي کي ويجهو ڪونه وهاري
ڪوڙي کي ڀر مون هر ڪو اٿاري
اهڙي عزت ڪوڙي آهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
”ڪوڙ ڪندين تان ٿيندين ڦڪو
جاٿئون ڪاٿئون کائيندي ڌڪو
ڪوڙ مان آخر فائدو ناهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
”جي تون ڀائين سچو ٿيان
ماڻهن ۾ آءٌ عزت لهان
چوي احقر ڏي ڪوڙ کي باهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
(سبق 21)

3- تاريخ هندستان
ماريس صاحب جي ٺاهيل انگريزي هندستان جي تاريخ جو هي ترجمو ميجر گولڊ سمٿ صاحب جي حڪم موجب مسٽر پرڀداس تيار ڪيو آهي. هي ديباچي ۾ لکي ٿو، ته ”پڌرو هجي، ته باب 22 ۾ سنڌ جي ذڪر ۾ ۽ باب 25 منجهه پڇاڙيءَ ۾ اصلي انگريزي ڪتاب کان ٻيءَ طرح حضور مٿئين (گولڊ سمٿ صاحب) چڱي مطلب تي پاڻ ٿوري گهڻي مٽ سٽ ۽ ڦير گهير ڪرائي آهي.“

عبارت ۽ ٻوليءِ
ديوان پرڀداس صاحب جو شايد هي پهريون ئي ڪتاب آهي، جو انگريزي مان ترجمو ڪيو اٿس، هن ۾ اعرابيون ڇڊيون ڪم آيل آهن، مگر سنديس صورت خطيءَ تي چوکي نظر ڪا نہ ٿيل ٿي ڏسجي.
ڪي لفظ هڪڙي هنڌ هڪڙيءَ طرح لکيل آهن، ته ٻئي هنڌ ٻيءَ طرح مثلاً:
ڪٿي لکيل آهي ته هوا ته ڪٿي لکيل آهي هئا
= = = ڪارآيتو = = = ڪارائتو
= = = قابل = = = ڪابل (شهر)
= = = مگر = = = مانگهر (منگهير شهر)
= = = انڃان = = = اَڃان (اَڃا) وغيره وغيره
ڪي نالا انگريزي مان سنڌي ۾ آڻن وقت صحيح صورت خطي يا درست لفظ نہ لکيا ويا آهن. مثلاً:
اصل نالو مهابت خان لکيو ويو محبت خان
= = صلابت جنگ = = صلبت جنگ
= = لزين = = لسبان
= = جنرل آئوٽرم = = جنرل اوترم
= = ريزيڊنٽ = = ريسيڊنٽ وغيره وغيره.
ڪيترن لفظن جي صورت خطي غلط لکيل آهي. مثلاً:
محلات جي بدران مهلاٽ
ذره پرزه = = زره پرزه
خوش = = خش
سنڌي ادب جي نئين دور ۾ هي پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ”ر“ ۽ ”ڙ“ جو تفاوت رکيل ئي ڪونهي. مٿي ”ر“ جي بدران ”ڙ“ ته ڪٿي ”ڙ“ جي بدران ”ر“ ڪم آيل آهي.مثلاً:
پڇاڙي جي بدران پڇاري
گهيرو = = گهيڙو
ڦرتائي = = ڦڙتائي
آرهو = = آڙهو
گڙٻڙ = = گرٻر وغيره وغيره.
ڪي ڪي نج سنڌي لفظن بہ درست صورت خطي ۾ لکيل نہ آهن. مثلاً:
ڌيان جي بدران ڌهيان ۽ دهيان
سونپيو = = سوپيو
ڀاڄوڪڙ = = ڀاڄوگر
وڃو = = ونڃون
مڃيو = = منڃيون
سائوبانئٽو = = سارو باؤٽو وغيره وغيره
اهڙا مرڪب لفظ ۽ فقرا بہ ڪئين ڪم آيل آهن، جي لفظن ٺاهڻ جي قاعدي ۽ اڄ ڪلهه جي محاوري ڪري اڻ سهائيندا پيا لڳن. مثلاً:
بي هنرائتا جي بدران بي هنر
ڪاهه جٽائي = = جٽادار ڪاهه ڪئي
پاڻ کي گهرندڙ ماڻهو = = خود غرض ماڻهو
اڻ دل لڳڻ جهڙو = = نہ مڃڻ جوڳا- نہ وهسڻ جوڳو
منڍوڻي خاصيت = = ذاتي خاصيت

4- انگلنڊ جي تاريخ (جلد پهريون ۽ ٻيو)
ڪتاب جي حقيقت: ماريس صاحب جي انگريزي ۾ لکيل انگلنڊ جي تاريخ تان مسٽر پرڀداس صاحب سنڌيءَ ۾ ٻہ جلد ترجمو ڪيا، جي نارمل اسڪول جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور منظور ٿيا.

مضمون:
هنن ٻنهي جلدن ۾ عيسوي سنه کان پنجونجاه وره اڳ جي احوال کان وٺي ”ڪريما جي جنگ“ بعد جو پئرس جو صلح اپريل 1856ع ۾ ٿيو هو. تيستائين انگلنڊ جو سربستو تاريخي احوال آهي.

عبارت ۽ ٻولي:
پهرئين جلد ۾ اعراب ڪا ورلي ڪم آيل آهي. باقي ٻئي جلد ۾ اهڙيون اعرابون ڪم آيل آهن، جهڙيون ديوان ننديرام واري سنڌ جي تاريخ ۾.
هندستان جي تاريخ جنهن جو بيان اڳي ٿي چڪو آهي، تنهن بنسبت هن ۾ لفظن جي صحيح صورتخطي تي گهڻو ڌيان ڏنل آهي، جن لفظن جي صورتخطي هندستان جي تاريخ ۾ غلط لکيل آهي، تن جي صورت خطي هن ۾ درست ڏنل آهي: جهڙوڪ محلات، وقت، خوشي وغيره.
”ر“ ۽ ”ڙ“ جي درستي بہ هن ڪتاب ۾ گهڻي قدر ٿيل آهي. ساڳئي لفظ کي ڪٿي هڪڙيءَ طرح لکڻ ۽ ڪٿي ٻيءَ طرح لکڻ جو نمونو هن ڪتاب جي ٻنهي جلدن ۾ اهو ئي هليو آيو آهي جو هندستان جي تاريخ ۾ آهي. باقي مرڪب لفظن ۾ مفقرن جي بناوت بنسبت ”هندستان جي تاريخ“ ۽ ”انگلنڊ جي تاريخ، ۾ ٿورڙوئي ڪو ڦير آهي.

قاضي غلام علي ولد قاضي محمد يحى ٺٽوي

قاضي غلام علي قاضي محمد يحى جو پٽ هو. پارسي ۽ عربي ٻوليءَ جو ماهر هو. سندس وڏا ٺٽي ۾ ۾ وڏو مدرسو هلائيندا هئا. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ قاضي غلام علي صاحب سنڌيءَ ۾ وڪالت بہ هلائيندو هو ۽ گورنمينٽ جي پاران سنڌي ٽرانسليٽر بہ هوندو هو. سندس تصنيف هندستان جي تاريخ سنڌيءَ ۾ آهي.

هندستان جي تاريخ
ڪتاب جي حقيقت: هن کان اڳ ديوان پرڀداس انندرام جي ٺاهيل ”هندستان جي تاريخ“ جو بيان ڏنو ويو آهين، سا وڏن شاگردن جي پڙهڻ لاءِ ٺهيل هئي، پر هيءَ تاريخ ننڍن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو ۽ ديوان پرڀداس جي تاريخ کان اڳ ۾ ٺهيل آهي. (سنه 1854ع ۾)
اردو ٻوليءَ ۾ پنڊت ديبي پرشاد جي ٺاهيل ”تاريخ هندستان“ کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ سر بارٽل فريئر ڪمشنر صاحب حڪم ڏنو جنهن موجب قاضي غلام علي جعفري ان جو ترجمو ڪيو. پنڊت ديبي پرشاد واري تاريخ ۾ سنڌي جي سنڌ 1843ع واري ويڙهه جو سربستو احوال لکيل ڪونه هو، تنهن ڪري اهو حوال قاضي صاحب پاڻئون درج ڪيو آهي.

مضمون:
هن تاريخ ۾ هندن جي سورج بنسي ۽ چندر بنسي گهراڻن جي بيان کان وٺي سنه 1849ع تائين (يعني سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيل ٻي ويڙهه جي فيصلي سوڌو) مختصر حقيقتون لکيل آهن.
سورج بنسي (رامائڻ وارو زمانو)، چندر بنسي (مهاڀارت وارو زمانو)، گوتم ٻڌ، مهانند، چندر گپت، راجا پورس، سڪندر يوناني، راجا جي سنگها، سيليوڪس، راجا پوشيامتر ۽ راجا وڪرما جيت جي احوال کان پوءِ غزنوي گهراڻي کان وٺي مغل سلطنت جي بهادر شاه بادشاهه تائين احوال ڏنا آهن. وچ ۾ مرهٽن ۽ سکن جو بلڪل اڇاترو احوال ڏيئي پوءِ يوروپي قومن جي ڪمپنين جي چٽاڀيٽين ۽ فرينچن ۽ انگريزن جي مقابلن ۾ ڏيهي راجائن ۽ نوابن سان انگريزن جي جنگين ۽ سوڀن جا احوال لکيا ويا آهن. لارڊ ڪلائيو جي ڪارگذارين کان وٺي لارڊ ڊلهائوسي جي اوئالي زماني وارين ڪاررواين جون مختصر حقيقتون ڏيئي تاريخ پوري ڪئي ويئي آهي.
سنڌ جي تاريخ مان فقط ٽالپرن ۽ انگريزن جي تعلق ۽ مياڻي ۽ دٻي وارين لڙاين جو چٽائي سان بيان ڏنل آهي. هن تاريخ ۾ سنيون سڌيون حقيقتون ۽ احوال لکيل آهن، منجهس اهي سياري رمزون ۽ نڪتا ڪينهن جي ماريس صاحب واري تاريخ (ديوان پرڀداس جي ترجمو ڪيل) ۾ آهن.
هي تاريخ انهيءَ زماني جي ٺهيل آهي، جنهن زماني ۾ نئين مقرر ٿيل سنڌي اآئيويٽا ڪم آڻڻ جو رواج پارسي خواندن بزرگن ۾ اڃا عام جام نہ هو، تنهنڪري هن تاريخ جي صورت خطي ۽ ابو الحسن جي سنڌي واريءَ صورت خطي ۾ گهڻو تفاوت ڪونهي.
ڪتاب ۾ صاف سنڌي مگر نج لاڙي ٻولي ڪم آيل آهي. ڇاڪاڻ جو مصنف ٺٽي جو ويٺل هو. جو لاڙي ٻوليءَ جو مرڪز آهي. هيٺيان لفظ خاص طرح لاڙي محاوري موجب ڪم آيل آهن:
جڏين = جڏهن. تڏين = تڏهن. ڪناس پوءِ = کانئس پوءِ. ايڙو = اهڙو، ڪين جيڙو = ڪين جهڙو. نمرو = تندرست، ٻان ڪرڻ = قيد ڪرڻ. سونگ = محصول يا ڍل،. اُڀٺا آهن = بيٺا آهن. ساٿاري = ڪچهري. اڏپ = اڏاوت. سنڀاهه = تياري، سانباهو. خير کين = سک سلامتي. ميہ (منهن) = بهانو. ڀونڀ = جهاز. ڪامي = عملدار وغيره.
ڪيترائي جاگرافيڪل نالا ۽ يوروپين آفيسرن جا نالا غلط تلفظ ۾ لکيل آهن: جيئن ته:
سرنگا پٽم جي بدران سرنگ پٽام
اليگزينڊر برنس = = الڪزنڊر برنس
ڪلائو = = ڪلاو
ميجر آئوٽرام = = ميجر اُترم
لارڊ ايلنبرو = = لارڊ النبرا
لارد ڊلهائوزي = = لارڊ ڊال هوسي وغيره.

ميان غلام حسين محمد قاسم قريشي

ميان غلام حسين ٺٽي جي قريشي خاندان مان هو، سند سڏا ارغون حاڪمن جي ڏينهن ۾ وڏا عالم ٿي گذريا آهن. انگريزن جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ ميان غلام حسين گورنمينٽ جي پاران ڏيهي رياستن مان پارسيءَ ۾ لکپڙهه ڪندو هو. سندس هڪ ڪتاب ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ سنڌي ۾ لکيل آهي جو ليٿو ۾ ڇاپيل آهي.

ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر جو ٺاهيل هو. جو سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ميان غلام حسين صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڀانئجي ٿو ته مضمون هنديءَ تان ترجمو ڪيو ويو آهي. مگر ماڻهن ۽ ڳوٺن جا نالا سنڌ جا ڪم آندا ويا آهن. هي ڪتاب بہ شروعات وارن ڏينهن ۾ درسي ڪتاب هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ هڪڙي ايماندار ۽ رڄ چڱي مڙس جي ڳالهه لکيل آهي، جو اُٻاوڙي (ضلع سکر) جو ويٺل مشهور مرد هوندو هو. جنهن جو نالو هو ڀنڀو. ان جي سچائي، نيڪ نيتي، تحمل ۽ بي ريائي ملڪان ملڪ مشهور هوندي هئي. آسپاس جا ماڻهو ۽ زميندار پنهنجن جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ ڀنڀي کي امين مقرر ڪندا هئا. پوءِ اهو جيڪو فيصلو ڪندو هو، سو ٻئي ڌريون خوشيءَ سان قبول ڪنديون هيون ۽ ڪا بہ ڌر ان جي فيصلي ۾ طرفداري يا رياڪاريءَ جو شڪ ئي نہ آڻيندي هئي. هن ڪتاب ۾ ان زميندار جي چڱ مڙسي ۽ ايمانداريءَ جي مثال ڏيکارڻ لاءِ ٽي آکاڻيون ڏنل آهن، جن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:
(1) اٻاوڙي ۽ ماٿيلي جون زمينداريون پاڻ ۾ دنگي هيون. ماٿيلي جي زميندارن البيلائي ڪري پنهنجون دنگ واريون زمينون اهڙيون ڦٽائي غير آباد ڪري ڇڏيون هيون، جو حد نشان بہ ڊهي ويا هئا، مگر هڪڙو پپر جو وڻ قائم هو، جو ٻنهي زميندارين جي دنگ تي ڄڻڪ هڪڙو قدرتي حد نشان هو.
هڪڙي سال ڀنڀي زميندار پنهنجي دنگ واري زمين جا پنج جريب اوڀائي نالي هاريءَ کي پٽي تي پوکڻ لاءِ ڏنا اوڀائي ان زمين ۾ وڃي هر کيڙيو ته ماٿيلي وارن زميندارن ان کي ماري ڪٽي ڀڄائي ڪڍيو، ”چي اها زمين بہ اسان جي آهي، ڀنڀي جو ان ۾ ڪو بہ واسطو ڪونهي.“
اوڀايو رئندو پٽيندو آيو ڀنڀي وٽ. ڀنڀي زميندار جا ماڻهو اوڀائي جي بت تي ڌڪ ڦٽ ڏسي اچي ڪاوڙيا ۽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي ماٿيلي وارن سان وڙهڻ لاءِ سنڀريا، پر ڀنڀي انهن کي نصيحت ڏيئي ٺاري وهاريو. سندس پٽواري مينگهو صلاح ڏيڻ لڳو، ته ”پنجن ورهين جي پراڻن ڪاغذن ۾ اوڀائي جو پٽو لکي ڇڏجي ۽ ان جو پراڻو حق ثابت ڪري ماٿيلي وارن تي حاڪم وٽ فرياد ڪجي“. پر ڀنڀي چيو ”ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي ايمان وڃائجي سا ڳالهه مون کي پسند نہ آهي“. نيٺ اوڀائي کي مار ملڻ بابت ٻہ سچا اکين ڏٺا شاهد گهرايائين، هڪڙو ڳئن چارڻ وارو ۽ ٻيو رڍن جو ريڍار، جن پپر جي وڻ شاهد مقرر ڪيائين. پوءِ اٻاوڙي جي حاڪم کي وٺي وڃي سرزمين ڏيکاريائين، جنهن زمين اوڀائي کي ڏياري ۽ ماٿيلي وارن کي جوڳي سيکت ڏنائين.
(2) ڀنڀي زميندار پنهنجي نياڻي جي شاديءَ لاءِ ٽي هزار روپيا هڪڙي واپاريءَ کان اڌار ورتا. شرط هيءُ هو، ته پنجاه جريب زمين جا پنجن ورهين تائين ان واپاريءَ وٽ گروي رهندا ۽ اهو واپاري زمين جي پنجن ورهين جي پيدائش وياج جي عوض کڻندو رهندو. پنجن ورهين کان پوءِ ڀنڀو ٽي هزار روپيا واپاريءَ کي ڏيئي اهي پنجاهه جريب وري پنهنجي قبضي ڪندو.
________________________________________
1 ڀوڳڙي، 2- ڇنو 3- ٿوڻي 4- ويچار ڪندي 5- ڇت 6- غريب 7- شاهوڪار
________________________________________ 

انهن پنجن ورهين جي اندر ڀنڀي کي ٻي نياڻي بہ اٿارڻي پيئي. تنهنڪري پنجن ورهين جي بدران ست ورهيه اهو واپاري پنجاهه جريبن جي ڪل پيدائش کڻندو رهيو. ماڻهن ڀنڀي کي حساب ڪري ٻڌايو ته واپاريءَ انهن ستن ورهين ۾ ٽن هزارن کان ٽيڻي چوڻي زمين جي پيدائش مان حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻي ان کي ٽي هزار نہ ڏيڻ گهرجن ۽ زمين کائنس وٺڻ گهرجي، پر ڀنڀي چيو ته ”مون جيڪا زبان ڪئي آهي، تنهن ۾ ڦير نہ ڪندس.“ نيٺ ستن سالن کان پوءِ ٽي هزار روپيا واپاري کي ڏيئي پوءِ اها زمين پنهنجي قبضي ۾ آندائين.
(3) ڀنڀي جو هڪڙو عزيز ڇتن نالي هو، جو ڀنڀي ۽ ٻين سان گڏ زمينداريءَ جي چوٿين پتيءَ جو مالڪ هو. ڇتن هڪڙو ننڍڙو پٽ بچيل نالي ڇڏي مري ويو ۽ ڇتن جي زال بہ جلد ئي رضا ڪئي.
سڀني جي مرضي ٿي ته سالياني پيدائش مان بچيل جي کاڌ خوراڪ جو حساب ڌار ڪري باقي سڀ پيدائش اسين ورهائي کڻندا رهون. جڏهن بچيل وڏو ٿيندو، تڏهن پاڻيهي اسان مان هر هڪ کان پنهنجو حساب وٺندو. ڀنڀي کي اها ڳالهه نہ وڻي، تنهن چيو ته ”يتيم ٻار جو حق کائڻ بڇڙو ڪم آهي، تنهنڪري توهان مان ڪو بہ بچيل جي تربيت جو بار کڻي، سالياني پيدائش مان ان جي کاڌ خوراڪ جو خرچ لاهي باقي بچت سال بسال ڪنهن شاهوڪار وٽ ڌراوت طرح رکندو رهي. جڏهن بچيل وڏو لائق ٿئي، تڏهن شاهوڪار کان سڀ ڌراوت ان کي وٺي ڏجي.“ آخر سڀني کي اها صلاح وڻي. تن بچيل جي تربيت جو ڪم ڀنڀي جي حوالي ڪيو.
ڀنڀي پنهنجي اولاد سان گڏ بچيل کي پاليو ۽ مڪتب ۾ تعليم ڏياريائينس. جڏهن وڏو ٿيو تڏهن ڪنهن چڱي گهر مان ڌام ڌوم سان شادي ڪرائينس. بچيل جڏهن ارڙهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ڀنڀي راڄ جا چڱا مڙس گڏ ڪري بچيل جي حصي جو حساب ڪتاب پيش ڪيو، ان جي کاڌ خوراڪ ۽ شاديءَ جو خرچ لاهي باقي ڇهه هزار روپيا صافي بچت مان هڪڙي خلاصي زمينداري خريد ڪري ڏنائينس.
بچيل هڪڙو وڏو معزز زميندار ٿي حياتي گذارڻ لڳو ۽ ڀنڀي جو جس جاءِ بجاءِ ڳائڻ لڳو.

سيد ميران محمد شاه ولد سيد محمد شاهه متعلوي

سيد ميران محمد شاه جي بزرگ آنريبل سيد ميران محمد شاه وزير سنڌ جو جد امجد هو. انگريزن جي اوائلي زماني ۾ سندس ادبي خدمت لائق ستائش آهي.
سندس تصنيف ٿيل 2 ڪتاب ”سڌا تورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ آڪاسي نروار“ مشهور آهن جن جو تفصيل وار احوال هيٺ ڏجي ٿو.

(1) سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب اصل هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر جو ٺاهيل هو، جو سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪم موجب سيد ميران محمد شاه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب جو مضمون هنديءَ تان ترجمو ٿيل آهي، مگر ماڻهن جا نالا سنڌ جا ڪم آيل پيا ڏسجن. هي ڪتاب بہ شروعات وارن ڏينهن ۾ ابتدائي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندو هو.

مضمون:
مٿرا شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، هڪڙو سمهابو (لحاظ ۽ لياقت وارو) ۽ ٻيو آمهابو (بي مروت). سمهابي جي پٽ جو نالو سڌاتورو (حلالي پٽ) هو ۽ امهابي جي پٽ جو نالو ڪڌاتورو. سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ٻئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا. سڌاتوري کي گهر ۾ سلڇڻائيءَ جا سبق بہ ملندا هئا ۽ لفنگن ڇوڪرن جي سنگت کان بہ هو پري رهندو هو، مگر ڪڌاتوري جي گهر ۾ کوٽ ۽ ڪپت جو وهنوار هلندڙ هو ۽ هو بدڪار ڇوڪرن جي سنگت ۾ گذاريندو هو. سڌاتورو اسڪول ۾ چاه ۽ محنت سان پڙهندو هو ۽ ڏاڍو هوشيار ٿي پيو. هڪڙي ڀيري ڪليڪٽر صاحب ۽ ٻيا آفيسر اسڪول ۾ آيا ۽ اچي امتحان ورتائون.
سڌاتوري جي هوشياري ۽ فضيلت ڪليڪٽر صاحب کي اهي وڻي جو ان کي انعام بہ چڱو ڏنائين ۽ اسڪول ڇڏڻ شرط تپيداريءَ جي نوڪري ڏنائينس. انهيءَ نوڪريءَ ۾ هن اهڙا ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جا ڪم ڏيکاريا. جو نوڪريءَ ۾ وڌندو ويو ۽ آخر هڪڙو نامور ۽ عادل مختيارڪار وڃي ٿيو.
ڪڌاتورو بہ لکڻ پڙهڻ جهڙو ٿيو ۽ گهڻا ڌڪا ڌوما کائي آخر دفتردار جي آفيس ۾ منشگيري جي جاءِ وڃي حاصل ڪيائين. نوڪريءَ جي وقت ۾ بہ ان پنهنجا ننڍي هوندي وارا بدچال سنگتي نہ ڇڏيا ۽ پڪو جواري بڻجي پيو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ڌر کي ناجائز فائدي ڏيڻ لاءِ رشوت وٺي سرڪاري ڪاغذن ۾ بي ايماني ڪيائين. جنهنڪري ٽي ورهيه سخت پورهئي سان قيد جي سزا مليس.
مٿئين مضمون جا ڪي ٽڪر جنسي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجن ٿا:
1- سمهابي پنهنجي پٽ کي باب پڙهڻ وهاريو ۽ جڏهن اهو ڇوڪر ستن ورهين جو ٿيو تڏهن مهابي کي هي ڳڻتي ٿي ته مون کي ته پاڻ ان جي سيکارڻ جيتري واند ڪائي ڪانه آهي ۽ ڇوڪر جي سيکارڻ جي پڻ مهل اها آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪا ويسلائي ڪبي ته ڇوڪر ڄٽ ٿي پوندو. انهي ڳالهه جو بار سدا منهجي مٿي تي رهندو. ڏاهن چيو ته آهي ته جو مائٽ پنهنجي وياءَ کي لکڻ پڙهڻ نہ سيکاري سو ڪر ان جو ويري آهي.
(صفحه 2 ۽ 3)
2- سڌاتورو ٻن ٽن ورهن ۾ ليکي جي ڪتابن ۾ جبر مقابلي ۽ ڌرتي نروار ۽ علم هيئت ۽ چٽن ۽ تاريخن جي ۾ ۽ ٻين علمن ۾ ڀڙ ٿيو، پڙهڻ جي مهل ان جو اهڙو حال هو ته جنهن ٽولي ڇوڪرن جي سين دوري هو تنهن ٽولي کان سگهوئي پنهنجي ڀڙپائي سر نڪريو مٿي ٽولي کي ٿي پهتو.“
(صفحه 4-5)

صورت خطي، عبارت ۽ ٻولي:
هي ڪتاب سنه 1855ع ۾ ٺهيل آهي. ان وقت جي ٺهيلن ڪتابن بنسبت هن ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي آئيويٽا جا سڀ اکر صحيح صورت ۾ ڪم آيل آهن: جهڙوڪ ٺ، جهه، گهه، ڱ وغيره. هر هڪ لفظ تي اعرابون ڪم آڻڻ يعني شاگردن کي لفظن جو صحيح تلفظ سيکارڻ ته ان وقت جي درسي ڪتابن جو ڪارائتو اصول هو. نون غنہ ۽ مرڪب آوازن وارن لفظن جي صورتخطي هن ڪتاب ۾ بہ اها ئي ڪم آيل جا ان وقت جي ٻين درسي ڪتابن ۾ ڪتب آيل آهي.
ٺٽي وارن بزرگن جيڪا عبارت پنهنجن ڪتابن (جهڙوڪ هندستان جي تاريخ قاضي غلام علي واري ۽ ڀنڀي زميندار جي ڳالهه ميان غلام حسين واري) ۾ ڪم آندي، تنهن بنسبت هن ڪتاب ۾ وڌيڪ درست ۽ سڌريل عبارت ڪم آيل آهي، تنهن هوندي بہ هن ڪتاب جا ڪيترائي جملا سنڌي ۾ ڪو ”صرف و نحو“ جو ڪتاب موجود ئي ڪونه هو.
مثال 1- ”تڏهن صاحب مٿي ڇوڪرن جي پرک وٺتي پوءِ جيڪو ڇوڪر ته ڍرڙو هو ۽ لکپڙهه تي چاهه نہ وس ان کي ڪوٺئو ٿي چيائين ته جيڪڏه تو ڳهن ڪري لکيو پڙهيو هو ۽ پنهنجو واڌارو ڏيکارئو هو ته جيڪر توکي پڻ ڏاڻ ملئو، ڏس تنهنجي چرڙائي تنهنجي انعام کي جهلئو.
(صفحه 5)
سنڌي ”صرف و نحو“ ۽ هاڻوڪي محاوري موجب مٿئين عبارت هن طرح هئڻ گهرجي:
”تڏهن مٿئين صاحب ڇوڪرن جي پرک ورتي (ڇوڪرن جو امتحان ورتو). پوءِ جيڪو جيڪو ڇوڪر ڍرڙو (گهٽ) هو، يا جنهن جنهن ڇوڪر جو لکڻ پڙهڻ تي چاهه نہ هو، تنهن کي ڪوٺيو چيائين ٿي، ته ”جيڪڏهن تون ڳهر نہ ڪري (ڌيان لڳائي لکين پڙهين ها ۽ پنهنجو واڌارو ڏيکارين ها، ته جيڪر توکي بہ ڏاڻ (انعام) ملي ها. ڏس تنهنجي ڍرڙائي (گهٽتائي) توکي انعام کٽڻ ۾ اٽڪ ڪئي.“
مثال 2- ” سڌاتورو چيت گهڻي سين ڪم ۾ رهڻو هيڪي ڀيري ڪليڪٽر صاحب جلالپور جي تپيدار کي حڪم ڏنو ته هتي نقشو ٻني جو جوڙڻ مهل سنئون ۽ سوڌو نٺهيو آهي ان لاءِ توکي گهرجي ته ٻنين کي مئي نئين سر نوءُ نقشو سئون ۽ سوڌو جوڙي آءٌ ۽ ان نقشي جين خسرو پڻ ٺاهي آءُ ان صاحب جي منہ تي ته آنہ آنہ ڪي پر ٻنن جو نقشو جوڙڻ ڪ اهڙو سهکو نهو.“
(صفحه 8)

مٿين عبارت هاڻوڪي دستور موجب:
”سڌاتورو گهڻي چيت (ڌيان) سان ڪم ۾ لڳو رهيو. هڪڙي ڀيري ڪليڪٽر صاحب جلالپور جي تپيدار کي حڪم ڏنو، ته ”هتي وارين ٻنين جو نقشو جوڙن مهل سنئون سڌو نہ ٺهيو آهي، تنهنڪري توکي گهرجي، ته ٻنين کي نئين سر ماپي ٻيو سنئون سڌو نئون نقشو جوڙي آءُ، ۽ انهيءَ نقشي موجب خسرو (ڍل جو حساب) بہ ٺاهي اچ.،“ تپيدار صاحب جي روبرو ته ”هائو سائين، حاضر سائين“ پي ڪيو، پر ٻنيون ماپي انهن جو نقشو ٺاهڻ ڪو سٿرو ڪم نہ هو.“
هن ڪتاب جو مصنف مٽيارين جو ويٺل هو ته بہ ڪي ڪي لفظ ۽ محاور ٺٽوي بزرگن جهڙا ڪم آندا اٿس. مثلاً:
هيڪڙو (هڪڙو) هيڪو هيڪو (هر هڪ) هيڪي دوئي ڊول (هڪ نہ ٻيءَ ريت يا ڪنهن نہ ڪنهن ريت). آنهه (هائو) ۾ ڪر (نه ڪر) ماڻهو (ماڻهون)، وغيره.
ڪي لفظ ٺٽوي بزرگن بہ نسبت درست صورت ۾ ڪم آيل آهن:
ٺٽوين لکيو ايڙو مصنف لکيو اهڙو
= = جيڙو = = جهڙو
= = جڏين = = جڏه
= = تڏين = = تڏه
= = هير = = هير (هينئر)
هن ڪتاب ۾ ڪي نرالا نج سنڌي لفظ بہ ڪم آيل آهن:
ڳهن (ڌيان)، آرکڻ (اصل عربي لفظ ”آرڪان“= لڇڻ، آراڌو (اصل عربي لفظ ”علحدو“ + نرالو الڳ)، رڳڙو (جهيڙو)، آنئٺو (غير آباد ٻني)، ڍاڪو (نار يا هرلو)، کنڊائي (دل جو کوٽ)، آپلئو (آڻ جهل)، ول (تفاوت)، ويڇو (تفاوت)، رمٺو ائڻ (رنج ٿيڻ)، نبير نچيڙ (فيصلو)، کاپ (خرچ)، چيت (حوصلو).
هن ڪتاب ۾ ڪي لفظ غلط صورت ۾ بہ لکيل آهن، جئن ته:
وڏ ماڻو هئڻ گهرجي وڏ ماڻهپي
چڱماڻوئپ = = چڱ ماڻهپي
نيها = = نياءُ
مهاورو = = محاورو
دڪت = = دقت
هن ڪتاب ۾ ڪي نج سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح بہ ڪم آيل آهن، جئن ته:
(1) سلو سرجنديئي ڀلو. پهاڪو
(2) بڙ جا پن اُڀرنديئي سڻڀا. = =
(3) پاڻ ڦرائي بہ ڪم ڪڍجي. = =
(1) جوف ۾ منهن وجهڻ= لوڀ ڪرڻ اصطلاح
(2) ڪوڏيءَ جو ول پوڻ = ٿورڙو تفاوت نڪرڻ = =
(3) پاڻي پاڻي کير کير ڪرڻ = پورو انصاف ڪرڻ = =

(2) آڪاسي نروار
ڪتاب جي حقيقت: هندي ٻوليءَ ۾ نظام شمسي نالي هڪڙو ڪتاب پنڊت بنسي ڌر جو جوڙيل هو، جو سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪم موجب سيد ميران محمد شاهه ولد سيد محمد شاهه متعلوي سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو رکيو آڪاسي نروار يعني خلاصه نظام شمسي (نظام شمسيءَ جو خاص بيان). هي ڪتاب وڏن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو.

مضمون:
سنڌي ٻوليءَ ۾ علم هيئت بابت هي پهريون پهريون ڪتاب ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن (گرهن)، ثوابت (نکترن يعني بيٺل تارن) پڇر تارن، ڪسوف (سج گرهڻ) ۽ خشوف (چنڊ گرهڻ) بابت ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جهڙا خيال ۽ عقيدا هئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي ۽ هر هڪ آسماني جسم جي تحقيقات ڪيل شڪل، گردش، مفاصلي ۽ انهن جي اثرن (جهڙوڪ رات ۽ ڏينهن ٿيڻ جي حقيقت ۽ موسمن جي مٽ سٽ، بابت سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن ڪيترن آسماني جسمن جون شڪليون بہ ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي، ته نجومي يا جوتشي ماڻهن جي حال چال ۽ دنيا جي ڪاروبار تي سيارن ۽ تارن جي حڪمراني بابت جيڪي اڳڪٿيون ڪندا آهن تن تي ويساه ڪرڻ مورکائي آهي. علم هيئت سکڻ مان ڪهڙا فائدا آهن، تن جو بيان ڪري ڪتاب پورو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جي مضمون ۾ جيڪا خاص ۽ تعريف جوڳي خوبي آهي. سا هيءَ جو چپي چپي تي پڙهندڙن جو ڌيان خدا تعالى جي پاڪ هستي، ان جي بي انت قدرت ۽ فرمانبرادريءَ ڏانهن ڇڪايو ويو آهي: گويا آسماني جسمن بابت واقفيت ڏيندي پڙهندڙن کي روحاني تعليم جا سبق ڏنا ويا آهن.
مثلاً:
1- ”پڌرو هجي، ته سج ۽ چنڊ تارا ڄميل يعني ثابت ۽ تارا گهمندڙ يعني سيار ڏينها ڏينهه ننڍپڻ کان ماڻهو جي نهار1 ۾ اچن ٿا ته تاپه 2 (هو) ان جوڙيندڙ جي جوڙ ۽ وڏائي جو ڪي (ڪجهه) ويچار نٿو ڪري.“ (صفحه 1 ڪتاب جي شروعات)
2- ”اهڙين ڳالهين جي سوچ1 کان هيون2 ڌڻي ڏي ورندي آهي جو هو سڀني جو اُپائيندڙ ۽ واهي3 آهي گهرجي ته ان جي ٻانپ4 ڪجي ۽ ان جو دڳو5 مڃجي.“ (صفحه 6)
هن ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل آئيويٽا جا سڀ اکر درست صورتن ۾ ڪم آيل آهن، ۽ اعرابون بہ ڪنهن ورلي لفظ تي لکيل آهن، مگر ٻہ زبرون، ٻہ زيرون ۽ ٻہ پيش گهڻي قدر ڪتب آندا ويا آهن. باقي ”نون غنہ“ جي آوازن وارا لفظ جهڙوڪ ”جنهن“،”ڪنهن“ وغيره انهن ئي صورتن ۾ ڪم آيل آهن، جن صورتن ۾ ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“، ڪتاب ۾ ٻوليءَ جو ڍنگ بہ اهو ساڳيوئي ڪتب آيل آهي.

ميان محمد حيدرآبادي

ميان محمد حيدرآباد ۾ فقير جي پڙ واري سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. سربارٽل فريئر جي فهمائش موجب هن صاحب سنڌي صرف و نحو جو ڪتاب لکيو جو سنڌي اسڪول ۾ رائج ٿيو. ميان محمد پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو هو ۽ ان جي آڌار تي سنڌي گرامر گهڻي وضاحت سان لکيو اٿس.

سنڌي صرف و نحو
ڪتاب جي حقيقت: سربارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي فرمائش موجب هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون پهريون تفصيلوار صرف و نحو سنڌي ٻوليءَ ۾ منشي محمد سنڌي اسڪول ماستر تيار ڪيو هو، جنهن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ديوان پرڀداس انندرام انگريزي اسڪول جي اسسٽنٽ ماستر جي بہ صلاح حاصل ڪئي هئي. هن ڪتاب تيار ٿيڻ بعد ميجر گولڊ سمٿ صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر جو سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر بہ هو، تنهن يوروپين جي مطالعه لاءِ ان جو اختصار انگريزي ۾ لکيو. اهو انگريزي اختصار بہ سنڌي صرف و نحو جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ٿيل آهي، انهيءَ انگريزي اختصار جي منڍ ۾ ميجر گولڊ سمٿ صاحب منشي محمد کي ”مولانا محمد“ ڪري لکي ٿو.

مضمون:
هي صرف و نحو هو بہ هو عربي ۽ پارسي صرف و نحو جي اصول تي ٺهيل آهي. هن ۾ پهريائين سنڌي الف بي جا اکر ڏنا ويا آهن ۽ هر هڪ اکر جي سامهون اهڙو لفظ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اهو اکر ڪم اچي ٿو. مثلاً:
الف........ اَڪ، ب..... باهه، ٻ.... ٻانهون، ڀ.... ڀاءُ، پ... پيءُ وغيره.
انهيءَ کان پوءِ هر هڪ اکر جون ٽي صورتون (منڍ، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ لکجڻ واريون صورتون، ڏنل آهن، تنهن کان پوءِ آئيويٽا جي اکرن جا ٽي قسم آهن، تنهن کان پوءِ آئيويٽا جي اکرن جا ٽي قسم مسروري، ملفوظي ۽ مڪتوبي سمجهايا ويا آهن. پوءِ نج عربي اکر، نج سنڌي اکر، خاص هندي ۽ سنڌي اکر جي عربي ۽ پارسي ۾ ڪم ئي نہ ايندا آهن؛ اهي اکر، جي عربي، پارسي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ عام آهن، ۽ اهي اکر جي خاص پارسي آئيويٽا جا آهن، سي سمجهائي پوءِ اعرابن ۽ حرف علتن جي ڪشادي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. تنهن کان پوءِ سمجهايل ڪم جا استعمالي سوال (جوابن سميت) ڏنا ويا آهن.
ڳالهائڻ جا لفظ عربي ۽ پارسي صرف و نحو موجب فقط ٽي ٺهرايا ويا آهن.:
اسم، فعل ۽ حرف انهن ٽنهي جي مختصر وصفن ڏيڻ کان پوءِ اسم جا پنج قسم ٺهرايا ويا آهن. 1- اسم خاص ۽ عام، 2- اصم صفت، 3- اسم عدد، 4- اسم ضمير ۽ 5- اسم ظرف. هر هڪ جي مختصر وصف ڏيئي پوءِ اسم جي جنس ۽ عدد جو بيان ڏنو ويو آهي؛ جنهن ۾ هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهائي ۽ ثابت ڪئي ويئي آهي، ته اعرابن جوءِ ڄاڻڻ ۽ ڪم آڻڻ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي جنسن، عددن، حالتن ۽ گردانن پروڙڻ لاءِ گهڻي قدر ضروري آهي.
اسم جي گردانن سمجهائڻ کان پوءِ اسم صفت جا ٽي درجا (خالص، تفضيل ۽ مبالغو) سمجهائي فعل ۽ اسم مان صفت ٺاهڻ جون ريتيون ۽ مثال ڏنا ويا آهن. حقيقت ڪري اهو لفظن ٺاهڻ جو ڪم ”نحو“ واري ڀاڱي ۾ اچڻ گهرجي. پر هن ڪتاب ۾ مصنف اهو ڪم بہ اتيئي ڇڏيو آهي. صفت کان پوءِ اسم ظرف ۾ انجا ٽي قسم( ظرف تميز، ظرف زمان ۽ ظرف مڪان) مختصر وصفن سان ڏيئي پوءِ، اسم، صفت ۽ فعل مان ٺهيل ظرفن جا مثال بہ اتيئي سمجهايا ويا آهن.
اسم ظرف کان پوءِ اسم عدد جو بيان تمام ڪشادگيءَ سان سمجهايو ويو آهي. اتي بہ عدد جي پڇاڙين جي ڦير گهير سمجهائڻ لاءِ اعرابن کان ڪم ورتو ويو آهي. اسم ضمير ۽ ان جا قسم مثالن ۽ گردانن سميت سمجهائڻ کان پوءِ اسم مان اسم فاعل، اسم مان اسم، صفت (اڳ ڏنل سمجهاڻيءَ کان ڪشاديءَ طرح)، صفت مان اسم، فعل مان اسم، فعل مان صفت، مرڪب اسم ٺاهڻ جون ريتيون ۽ اسم تصغير جا مثال سمجهايا ويا آهن، جي خاص ”نحو“ واري باب ۾ سمجهائڻ وڌيڪ زيباور هئا، مگر هن ڪتاب ۾ هن مصنف نحو تي، ڪو جدا باب ڏنو ئي ڪونهي. فعل جا قسم، زمان، صيغا ۽ گردان سمجهائي پوءِ حرف جر ۽ حرف جملي جا قسم ۽ مثال کولي سمجهايا ويا آهن.حرف ندا جي سمجهاڻي تمام مختصر ڏني ويئي آهي. هن ”صرف و نحو“ ۾ ”پريوگ“ سمجهايل نہ آهن؛ ڇاڪاڻ جو عربي ۽ پارسي ”صرف و نحو“ ۾ ”پريوگ“ جو ذڪر ئي ڪونهي. سو هن ڪري جو پارسيءَ ۾ فعل سدائين فاعل موجب مٽبو آهي ۽ مفعول جي عدد ۽ جنس سان ان جو ڪو بہ واسطو نہ رهندو آهي. عربي ”صرف و نحو“ ۾ فقط تعليلات فاعل موجب عدد ۽ جنس موجب فعل جي صورتن مٽجڻ جا سبب هن طرح سمجهايل آهن. پارسي ۾ ته فعل سان جنس جو ڪو بہ واسطو ڪونهي.

صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
هي ڪتاب وڏن شاگردن ۽ ماسترن لاءِ ٺاهيل آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ هر هڪ لفظ تي اعرابون پوري طرح ڪم آيل آهن. پر ڪتاب جي مضمون ۾ ڪٿي ڪا ورلي اعراب ڪم آيل آهي؛ مگر ٻٽيون اعرابون جاءِ بجاءِ ڪم آيل آهن، جئن ته وڏيءَ (وڏيون)، ”اسءُ“ (اسين) وغيره. ڪٿي ڪٿي ته وري ٻٽين اعرابن جي بدران هاڻوڪي نموني وانگر حرف علت جي پٺيان ”نون“ ڪم آندل آهن جيئن ته ”اُتاهون“، ”چوٿون“، ”پويون“ وغيره. ڪيترن لفظن جي صورتخطي اصلوڪي نموني ۾ لکيل آهي جئن ته جہ (جنهن)، تہ (تنهن)، ڏينہ (ڏينهن)، اوان (اوهان)، ڳال (ڳالهه) وغيره.
هن ڪتاب ۾ ٻولي صاف سليس ڪم آيل آهي ۽ نج پراڻا سنڌي لفظ گهڻي قدر ڪم آيل آهن: جهڙوڪ هير (استعمال)، پريون (قسم، نمونا)، نڪڻي (خاص طرح) مهنديون (اڳيون)، پهت (پسند)، کٿاب (مڪتب) وغيره.
هن ڪتاب ۾ جهڙي صاف ۽ وڏن چٽن اکرن ۾ صورتخطي لکيل آهي، تهڙي ان وقت جي ٻئي ڪنهن بہ ڪتاب ۾ نہ آهي.

واڌو مل چنديرام ٽلٽي وارو

ٽلٽيءَ جي ديوانن مان واڌو مل هڪ مشهور نثر نويس ٿي گذريو آهي جنهن جي تاريخ انگلستان ڇاپي ۾ موجود آهي.

منتخب تاريخ انگلستان
ڪتاب جي حقيقت: هن کان اڳ مسٽر پرڀداس انندرام جي ترجمو ڪيل انگلنڊ جي تاريخ جي ٻن جلدن جو بيان ڏنو ويو آهي؛ اهي انگلنڊ جون مفصل تاريخون آهن، پر سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ”انگلنڊ جي تاريخ“ جي انگريزي ۾ لکيل انتخاب جو هي ترجمو مسٽر واڌو مل ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”منتخب تاريخ انگلستان“
جئن اوائلي زماني جا مصنف پهريائين ڌڻي سڳوري جي تعريف ڪري پوءِ ڪتاب بابت حال حقيقت لکندا هئا، مسٽر واڌو مل صاحب بہ انهيءَ طرح ڪتاب جو ديباچو لکيو آهي. ديوان صاحب جا هم عصر مصنف جن جي تصنيفات جو بيان هن کان اڳ لکيو ويو آهي. يا هن کان پوءِ لکيو ويندو تن مان ڪنهن بہ مصنف انهيءَ ريت ديباچو نہ لکيو آهي. هن صاحب هن طرح ديباچو شروع ڪيو آهي:

ديباچو تواريخ جو
”وڏي وڏائي ڌڻيءَ جي جنهن پنهن جي ڀال ۽ ڀلائيءَ ساڻ انسان کي اپائي پروڙ (جنهنڪري قدرت ڌڻيءَ جي پسڻ ۾ اچي ٿي) ڏنانس. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا جنهن پنهنجي ٻاجهه ساڻ ڪيترن ڏينهن کون واڳ وڏي ڀاڱي ملڪ هندستان جي هٿ حاڪم انگريز بهادر نياءَ واري جي ڏني ۽ ويتر هلائيندڙ حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب سر بارٽل فريئر ڪي، ٽي، بي ڪمشنر بهادر ( جنهن جي حڪومت ۾ اهڙو نياءُ آهي، جو شينهن ٻڪريءَ تي گڏ پاڻي پيئندي ڪي پئي نٿو سگهي). آءٌ ڇا چوان، سڀڪو چوندو ته ماڻهو هن ڏيهه جا سڀيئي گهڻي سرهائيءَ ساڻ دعا ڪندڙ وڏائي حضور مٿئين جا آهن ۽ جناب ميجر گولڊ سمٿ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر جنهن جي ڏاهپ ۽ پروڙ افلاطون وانگي سڄي ملڪ ۾ پڌري ۽ ان جي سخا کان سڀڪو ننڍو وڏو فيض پائيندڙ آهي. حڪم ڏنو تنهنڪري مون ڪينڪي ڄاڻندڙ واڌو مل پٽ ديوان چنديرام ويٺل ٽلٽي جي هي ڪتاب تواريخ ملڪ انگلستان جو، جنهن ۾ سڄيئي واٽ بادشاهي انگريزن جي لکيل آهي، انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو ڪيو.“

صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
هن ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي آئيويٽا موجب سڀني اکرن جون صورتون درست طرح ڪم آيل آهن. مگر ڇڙهيون يا ٻٽيون اعرابون هر هڪ لفظ تي ڪتب آيل آهن. تفاوت رڳو هيءُ آهي جو ٻين اعرابن وارن ڪتابن ۾ واو مجهول جي اڳئين اکر تي ”پيش“ ڪم آيل آهي ۽ هن ۾ ”زير“.
جيئن ته ”پيارو“ ٻين لکيو آهي”پيارؤ“ هن ۾ ”پيارو“
”ڄاتو“ ٻين لکيو آهي. ”ڄاتو“ هن ۾ آهي ”ڄاتو“”وڏو“ ٻين لکيو آهي. ”وڏو“ هن ۾ آهي”وڏو“ وغيره.
ٻين ڪيترن لفطن جي صورت خطيءَ ۾ هن ڪتاب ۽ ٻين هم عصر ڪتابن ۾ ڪجهه تفاوت آهي. جئن ته:
”ڪنهن“ کي ٻين لکيو آهي ”ڪہ“ يا ”ڪنہ“ هن ۾ آهي ”ڪهي“.
”جڏهن“ ٻين لکيو آهي ”جڏه“ يا ”جڏهِ“ هن ۾ آهي ”جڏهي“.
”تڏهن“ ٻين لکيو آهي ”تڏه“ يا ”تڏهِ“ هن ۾ آهي. ”تڏهي“.
”مون“ ٻين لکيو آهي ”مو“ هن ۾ آهي ”من“ وغيره.
هن ڪتاب جي عبارت ۾ بہ موجوده سنڌي ”صرف و نحو“ جي قاعدن جون فروگذاشتون اهڙيون ئي آهن جهڙيون سندس هم عصر ڪتابن ۾، مگر ٻولي صاف ۽ رسيلي ڪم آيل آهي ۽ مناسب موقعن تي چڱا چڱا اصطلاح ڪتب آيل آهن. جئن ته:
(1) لانگ ڇٽو هئڻ = زاني هئڻ اصطلاح
(2) چوڄ ڪرڻ = مزا ماڻڻ اصطلاح
(3) انبوريءَ (انباري) چاڙهڻ=وڏو درجو بخشڻ اصطلاح وغيره
(4) راجا راڄ، پرجا سک پهاڪو
(5) خون کٿوري ڳجهو نہ رهي پهاڪو
(6) جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي پهاڪو

راءِ بهادر سيٺ آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

هي ڪراچيءَ جي مشهور ڀوڄواڻي خاندان مان ٿي گذريو آهي. هي صاحب ڳچ وقت سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو. سندس لکيل ڪتاب هيٺيان آهن.

(1) سنڌ جي مختصر تاريخ
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيلن سنڌ جي تاريخن تان مختصر حقيقتون وٺي سنڌيءَ ۾ راءِ بهادر سيٺ آلومل تيار ڪئي هئي ۽ تعليم کاتي جيڪي اوائل ۾ اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب تيار ڪرايا هئا، تن سان گڏ تيار ٿي هئي. ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هيءَ تاريخ درسي ڪتابن جي ياداشت ۾ داخل آهي؛ پر ٿورا ورهيه ٿيندا، جو سنڌ جون نيون با تصوير تاريخون درسي ڪتاب طور ڪم اچڻ لاءِ منظور ٿي ويون آهن، تنهنڪري هي تاريخ اسڪولن ۾ ڪم ڪا نہ ٿي اچي.

صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
جيتوڻيڪ اصل تصنيف جو ٽيون ڇاپو اسان جي هٿ ۾ آهي ته بہ منجهس اعرابون (ڇڙهيون خواه ٻٽيون) چڱيءَ طرح ڪم آيل آهن. ڪيترن ئي لفظن تي غلط تلفظ پيدا ڪندڙ اعرابون ڪتب آيل آهن، جن مان ثابت آهي ته مصنف عربي ۽ پارسي ٻولين مان اهڙو بخوبي واقف نہ هو. جهڙوڪ ديوان ننديرام، ديوان اڌارام، ديوان واڌومل وغيره هئا. جئن ته،
”ذڪر“ جي بدران ”ذڪر“
”احوال“ = = ”احَوالَ“
”معلوم“ = = ”معلوم“
”مسلمان“ = = ”مسِلمان“
”مذهب“ = = ”مذهب“ وغيره.

مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ

مفتاح القلب
مرزا غلام رضا بيگ حيدرآباد سنڌ جي مشهور معروف مرزا خاندان مان ٿي گذريو آهي. انهيءَ ساڳئي خاندان مان شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هو. مرزا غلام رضا بيگ سنڌ جي تعليم کاتي سان ڪجهه وقت وابسته رهيو، تنهن ڪري ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکيائين. سنڌ ۾ اهو ئي پهريون منطق جو ڪتاب آهي، جنهن جهڙو اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪتاب ڪونه نڪتو آهي. ساڳئي مرزا خاندان مان خانبهادر مرزا صادق علي بيگ هو جنهن علم معاشيات تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو.
ڪتاب جي حقيقت: هن ڪتاب ۾ علم منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم منطق بابت هي هڪڙو ئي ڪتاب لکيل آهي. هي ڪتاب سنه 1871ع ۾ لکيو ويو هو، انهيءَ وچ ۾ ٻين علمن تي ڪيترن ئي مصنفن جدا جدا نمونن جا ڪتاب لکيا آهن؛ مگر علم منطق تي ڪتابن لکڻ جي جرئت ڪنهن بہ مصنف نہ ڪئي آهي.
مرزا غلام رضا بيگ مرحوم عربي، پارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل منطق جي ڍنگ ۾ هي ڪتاب لکيو آهي ۽ اهڙيءَ چٽائيءَ ۽ صفائيءَ سان منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايا اٿس. جو عربي ۽ پارسي ۾ لکيل منطق جو ڪتاب مشڪل هٿ اچي سگهندو. هي ڪنهن خاص ڪتاب جو ترجمو نہ آهي، پر علم منطق ۾ مرزا صاحب مرحوم کي اونهي واقفيت ۽ قابليت هئي، تنهنجو نتيجو آهي.

مضمون:
جئن اڻ پڙهيل ۾ اڻ پڙهيل مرد، زالون ۽ ٻار پنهنجي روز مره جي گفتگو ۾ ”صرف و نحو“ ، ”علم معاني“ ۽ ”علم بيان“ جا متا ۽ اصول ڪم پيا آڻين، مگر انهن جي صحيح يا غلط هئڻ جي پروڙ ڪانه اٿن، تئن اهي پنهنجي ڳالهه ٻول ۽ سوال جواب ۾ ”علم منطق“ جا متا ۽ اصول پيا ڪم آڻين، مگر انهن متن ۽ اصولن جي صحيح يا غلط هئن جي معلومات کين نہ آهي. هن ڪتاب ۾ اول مصنف سمجهايو آهي، ته علم منطق ڇا آهي ۽ ٻوليءَ سان ان جو ڪهڙو لاڳاپو آهي. تنهن کان پوءِ علم منطق جون اوائلي وصفون نهايت سليس نموني ۾ جدولن ۽ شڪلين جي وسيلي سمجهايون اٿس ۽ پوءِ ”ڪلام“،”مقدمه“.”دليل“،”نتيجه“۽”قياس“ بابت مثالن سان ڪشاديون سمجهاڻيون ڏنيون اٿس، جي علم منطق جا آخرين مقصد آهن. تنهن کان پوءِ سڄي ڪتاب ۾ ڏنلن سمجهاڻين جي استعمال لاءِ 48”فقرا“”مقدما“ ڏنا اٿس. پڇاڙيءَ ۾ انهن ذومعنى لفظن جي ياداشت ڏيئي ڪتاب پورو ڪيو اٿس، جن جي ڪم آڻڻ ڪري ”نتيجه“ ۽ ”قياس“ تي اثر پوي ٿو.
ڪتاب جي مضمون جا ڪي جنسي ٽڪرا ساڳي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجن ٿا.
1- ڪتاب جي ديباچي ۾ مصنف پنهنجو ذڪر ”ضمير غائب“ ۾ ڪيو آهي ۽ ديباچو لکندي چوي ٿو:
”سڀڪنهن ٻوليءَ کي جيترو گرامر يعني صرف و نحو جو ضرور آهي اوترو بلڪ انهين کان بہ واڌو منطق جو ضرور آهي، تنهن ڪري ڄاتائين ته اِنهين ٺهراءَ ڪرڻ مان بلڪل فائدو ٿيندو ۽ پنهنجي دل ۾ انهين ٺهراءَ ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ڪتاب جي مضمون تي فراغت جي وقت ۾ خيال ڪندو هو ۽ جيڪا لکڻ جهڙي ڳالهه دل تي چڙهي ايندي هيس ته انهين کي وري ياد آڻن لاءِ مختصر لفظن ۾ لکي ڇڏيندو هو پر ايترو فراغت جو وقت ڪين ميسر ٿيندو هوس جو هي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيلن ڳالهين کي سڌاري صفا عبارت ۾ وجهي رٿي اڳپوءِ ڪري لکي ۽ ٻيو بہ جيڪي واجب ڄاڻي اهو منجهنس ملائي سڄو ڪتاب تيار ڪري. پوءِ هڪڙو اهڙو افسوس جهڙو اتفاق ٿي پيو جنهن ڪري سندس بمبئي ۾ وڃي الفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ موقوف ٿيو. نيٺ اهو پور ڪيائين ته خانه نشينيءَ ۾ اجايو وقت ضايع ڪرڻ صلاح ناهي، جيئن ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته بيڪار کان بيگار چڱي آهي پر هي ته بيگر جهڙو ڪم ناهي بلڪ ٻئن کي توڙي پاڻ کي گهڻو فائدي جهڙو آهي، تنهنڪري منطق جو ڪتاب جنهن جي جوڙڻ جو گهڻو شوق هوس انهين جي جوڙڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ گهڻي ڪشالي ۽ ڪوشش ڪرڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سنه 1871ع جي مئي مهيني جي 8 تاريخ يا سنه 1288هه جي صفر جي مهيني جي 17 تاريخ انگريزي منطق جي ڪتابن جي نموني تي جوڙي تمام ڪيو ۽ مٿس مفتاح 1القلب نالو رکيو..“
2- ”لاجڪ لفظ يوناني زبان جي لوگاس لفظ مان نڪتل آهي. جنهن لوگاس لفظ جي معنى لفظ يا سبب آهي، تنهنڪري لاجڪ لفظ جي معنى ٻولي ڳالهائڻ يا سبب ڏيڻ جو هنر يا علم آهي.“
”منطق عربي لفظ نطق منجهان نڪتل آهي، هن نطق لفظ جي معنى يوناني زبان جي لوگاس لفظ جهڙي آهي.“
”علم اصلن ۽ دليلن جو جوڙ آهي جنهن جي واهر سان اسين ڪو مضمون بيان ڪريون ٿا. هنر قاعدن جو جوڙ آهي جن موجب ڪو ڪم ٿي سگهندو. علم مان ڄاڻپ خاص ٿئي ٿي ۽ هنر مان ڪم ڪرڻ جي واٽ سکجي ٿي. علم ڏيکاري ٿو ته ڪا شيءَ هستي ۾ آهي ۽ سندس هستيءَ جا قاعدا ۽ سبب آهن. هنر سيکاري ٿو ته ڪا بہ شيءَ پيدا ڪرڻ گهرجي.“
4- ”منطق جا ٽي ڀاڱا آهن پهريون ڪلمه2 ٻيو ڪلام3 ۽ ٽيون دليل4 اهي ٽيئي دل جي ٽن سگهن سان مشابهت ٿا رکن.
اهي ٽي سگهون هي آهن. هڪڙي سمجهڻ جي سگهه ٻي فتوا ڏيڻ جي سگهه ۽ ٽي سبب ڏيڻ جي سگهه، سمجهڻ جي سگهه ڪلمه سان موافقت آهي. فتوا ڏيڻ جي سگهه جي ڪلام سان ۽ سبب ڏيڻ جي سگهه جي دليل سان.
ڪلمه جا مثال: سڪندر، ماڻهون، _ نيڪ گهوڙي جو لغام، جماعت ۽ ٻيا.
ڪلام جا مثال: سخيءَ جو هٿ منجهيئي ڪين. هي دنيا فاني آهي، ”تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي“.”سهڻا ٽوهه پٽن تي پئا آهن.“
دليل جا مثال: ”جيڪو بادشاه پنهنجي رعيت جو خير خواه نہ هو انهيءَ حڪومت وڃائي آهي: نيپولين حڪومت وڃائي آهي“. تنهن ڪري ”سڀ ماڻهو مرڻان آهن. يعقوب ماڻهو آهي. يعقوب مرڻُون آهي.“
”چنگل گير پکي حلال نہ آهي_ باز چنگل گير پکي آهي تنهن ڪري چنگل پکي حلال نہ آهي.“
”نيڪ ماڻهونءَ تي خدا هميشه راضي آهي، احمد نيڪ ماڻهو آهي تنهن ڪري احمد تي خدا هميشہ راضي آهي.“ (صفحه 5-6)
5- ”جي هڪڙي يا هڪڙي واڌو ڏنلن ڪلامن مان ڪو ٻيو علحده ڪلام ڪڍبو ته ان ڏنلن ڪلامن جي ميلاپ کي قياس چئبو.
قياس 1ٻن پرين جا آهن. قياس باآزمودي ۽ قياس بي آزمودي.
قياس با آزمودي جو مثال: اسين هڪڙو پهڻ پاڻي ۾ اڇليون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته وڃيو ٿو تر وٺي. هن آزمودي مان اسين قياس ڪري معلوم ڪريون ٿا ته جڏهن ڪڏهن ڪو پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلائبو ته وڃي تر وٺندو.
هاڻي پهرين 2 قاعدي موجب پاڻيءَ ۾ پهڻ جي ٻڏڻ جو ڪو سبب ڪو ضرور هوندو ۽ اهو سبب هي آهي ته پهڻ 3پاڻ جيڏي پاڻيءَ جي انداز کان باري آهي. ۽ ٻئي قاعدي موجب جڏهن ڪڏهين اسين پاڻيءَ ۾ پهڻ ڏسون ٿا تڏهن اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلبو ته جهڙو پهرين دفع حال ٿئو هو اهڙو هينئر پڻ ٿيندو.“
(صفحه41-42)
6- ”جو ڪلام ٻئن ٻن ڪلامن مان نڪري ٿو ان کي نتيجو يا حاصل ڪلام ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ جن ڪلامن مان نتيجو ٿو نڪري انهن مان هڪڙي هڪڙي کي مقدمو ڪري سڏيندا آهن.
مثال: ”سڀني شومن جو مال ڪانگين ڪتين ٿيندو آهي: هوت خان شوم آهي: تنهنڪري سندس مال ڪانگين ڪتين ٿيندو.“
(صفحه 53)
جيتوڻيڪ هي ڪتاب 1871ع ۾ چاپيو آهي؛ ته بہ صورت خطي هن وقت جي ڪتابن جهڙي آهي. ڪن ٿورڙن لفظن ڌاران ڪٿي بہ اعراب ڪم آيل ڪانهي. تيئن مقرر ٿيل آئيويٽا موجب سڀيئي حرف صحيح صورتن ۾ ڪم آيل آهن. ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جن جن لفطن جون صورتون 15-1914ع ۾ درست طرح مقرر ڪيون آهن: سي لفظ اصلوڪي نموني ۾ لکيل آهن.
مرزا صاحب مرحوم هن ڪتاب جي شروع ۾ پنهنجا ٺاهيل ست ڏوهيڙا لکيا آهن، جن مان پهريون ڏوهيڙو ته ساروئي فاتحہ سوره جي لفظن سان ٽمٽار ڪيو اٿس؛ ٻئي ۾ اخلاص سوره جو مضمون سمايو اٿس ۽ باقي پنجن ۾ خدا تعالى جي تعريف ڪئي اٿس. پڇاڙيءَ واري ڏوهيڙي ۾ پنهنجو تخلص قانع ڪم آندو اٿس.
انهن ستن ڏوهيڙن مان چار هت لکجن ٿا:
1- ”الحمد تنهن الله جو جو رب العالمين،
سو رحمان سو رحيم سو مالڪ يوم الدين،
اياڪ نعبد بالصدق و اياڪ نستعين،
اهد ناالصراط المستقيم صراط الذين،
انعمت عليهم غيرالمغضوب عليهم والاالضالين،
آگا ڪر آمين، عرض هن اڄاڻ جا.“
2- ”صفتون صانع جون بيشڪ بيعدد،
احد الله اهو جو لم يلد ولم يولد،
هرجا حاضر هر زمان ساڳيو ئي صمد،
آهي سڀ احد، سوين صورتن ۾”.
3- ”صفت ڪر صانع جي، جو بيچون بيچگون،
جوڙيو جنهن جڳت کي چئي ڪن فيڪون،
سي ٿيا سرنگون، جن منهن مٽيو محبوب کان“
4- ”قادر تنهنجي ڪرمن جا ڪري ڪير بيان،
جوڙيئي هن جڳت ۾ آب منجهان انسان،
فهم ڏيئي فائقن ڪيئي سرت سبحان،
اشرف مخلوقن ۾ هي ناطق ڪيئي نندان،
آغا ڪر احسان، قانع تي ڪريم تون.“
مثالن مان ثابت آهي ته مرزا صاحب ڏوهيڙا نهايت پختا ۽ رسيلا ٺاهيو ڄاڻندو هو. ڏوهيڙن ۾ شايد سندس ٻيو ڪو بہ گهڻوئي ڪلام هجي. جو اڃا ظاهر نہ ٿيو آهي.

آخوند عبدالرحيم ولد محمد وفا عباسي ويٺل ڪراچي

سنڌي ادب جي مکيه هستين مان آخوند عبدالرحيم عباسي هڪ مشهور معروف اديب ٿي گذريو آهي. سندس تولد يا زاد بوم جو پڪو احوال ڪٿان ملي نہ سگهيو آهي. پر اها ڳالهه حقيقت کي پهتل آهي ته هو ڪراچي ضلع جي ڪوهستان واري علائقي جو باشنده هو. انگريز حڪومت جي اوائلي زماني ۾ جئن ديوان ننديرام اڌارام ۽ ميران محمد شاهه صاحب سنڌي ادب جي اُسرائڻ ۾ ڪوششون ڪيون، تئن هن بزرگ بہ سنڌي زبان جا جهونا قصا زباني ڪهاڻيون هٿ ڪري ورنيڪيولر ڪميٽي جي سپرد ڪيون. آخوند صاحب جي ممتاز تصنيف سندس لغت آهي جنهن سنڌي ادب ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو آهي هيٺيان ڪتاب سندس نالي ۾ ڇاپايل آهن:
سيف الملوڪ، عمر مارئي، قصو ڪئا ۽ ٻلي، قصو سسئي پنهون، وڪئو ڏاتار، جمجه سلطان، قصو عجائب شاهه، جواهر لغات.

(1) قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو
ڪتاب جي حقيقت: سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ برٽش سرڪار جي طرفان نہ رڳو هندي، پارسي ۽ انگريزي ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ لاءِ تعليم کي همٿايو ويندو هو، بلڪ جيڪي ديسي قصا ۽ آکاڻيون نثر يا نظم ۾ ڪن ماڻهن وٽ لکيون رکيون وينديون هيون يا بر زبان پڙهيون يا ڳايون وينديون هيون، سي قلم بند ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي پيش ڪرڻ لاءِ بہ انهن کي ترغيب ڏني ويندي هئي. اهڙي ترغيب ۽ همت افزائيءَ واري زماني ۾ آخوند عبدالرحيم صاحب ٽي چار قصا هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جي پيش ڪيا هئا، جن مان هڪڙو آهي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو.
هي قصو نظم ۾ بهار نالي ڪنهن شخص جو ٺاهيل آهي. جو ذات ......... حياتي بابت آخوند صاحب ڪو بہ احوال نہ لکيو آهي، مگر ان شاعر جيڪا ٻولي ڪم آندي آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته هو سنڌ جي اتر ڀاڱي جو رهاڪو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته بہ نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا اخلاقي سبق بہ منجهس چڱي طرح سمايل آهن.
حضرت سليمان نبي عليہ السلام جي زماني ۾ هاشم بن سفيان نالي هڪڙو مصر جو بادشاهه نهايت پهلوان، عادل ۽ رعيت پرور هو، جنهن کي لشڪر ۽ خزاني، هيرن ۽ جواهرن جي ڪا ڪمي ڪا نہ هئي، مگر اولاد ڪونه هوس جنهنڪري:
”ويٺي وير ڪنهين جان ڪيو وير وهم،
جيڪر ڪو جوان هو، جي هوند ڄائو جم،
ته هي ملڪ خزانا مال ٿيو تنهن کي تم،
اهو گوندو غم، وٺي ويٺو پاڻ کي“.
(بيت 8)
”وٺي ويٺو پاڻ کي ڪري غم گيان،
نڪا ڪري ڪچهي نہ دفتر نہ ديوان،
همہ ڪل حيران، انهيءَ ويل وزير ٿيا.“
(بيت 9)

بادشاه جي وزيرن ۾ صالح بن جمشيد نهايت ڏاهو وزير هو، تنهن بادشاهه کان وڃي حال احوال ورتو، جنهن کي بادشاه پنهنجي دل جو ڏک بيان ڪري ٻڌايو. وزير بادشاهه کي دلداري ڏيئي ڪچهري ۾ وٺي آيو ۽ جيڪي هوشيار حڪيم ۽ نجومي سجهندا هئس. سي گهرائي بادشاهه جي اولاد ٿيڻ لاءِ حيلا حوالا پڇيائين. حڪيمن ۽ نجومين ٽن ڏينهن کان پوءِ فتوا ڏني ته جيڪڏهن بادشاهه يمن جي بادشاه شرف شاه جي ڌيءُ نگار بيبيءَ سان شادي ڪندو ته ان مان فرزند عطا ٿيندس. صالح وزير هڪدم هيرا جواهر ۽ قيمتي سوکڙيون، لشڪر لاءُ ۽ چنڊ کي شرمائيندڙ چار سؤ ٻانهيون پاڻ سان وٺي يمن ڏي روانو ٿيو. يمن جو بادشاه پهريائين ته هيڏو سارو ڪٽڪ پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيندو ڏسي دهلجي ويو، پر جڏهن پڪ ٿيس، ته صالح وزير فقط اوهان کان مصر جي نامياري بادشاه هاشم شاه لاءِ نگار بيبيءَ جو سڱ وٺڻ آيو آهي، تڏهن ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ صالح وزير جو تمام گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيائين. پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ هاشم شاه لاءِ پنهنجي وزير جي نياڻيءَ جو سڱ صالح وزير کي ڏنائين. هاشم شاه جي کني ۽ پڳ سان نگار بيبيءَ لائون لڌيون ۽ صالح وزير بہ اتي جو اتي شادي ڪئي. پوءِ شرف شاه پنهنجي نياڻيءَ کي بادشاهي ڏاج ڏيوڻ ڏيئي مصر ڏي روانو ڪيو.
نون مهينن ۽ نون ڏينهن بعد هاشم شاه کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سيف الملوڪ رکيائون ۽ ساڳيءَ رات صالح وزير کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سعد رکيائون. جو ذات جو ٻڀڙ هو. سيف الملوڪ ۽ سعد جي پرورش بہ گڏ ٿي ۽ ٻنهي کي تعليم بہ گڏ ملندي رهي.
عقل شعور اقبال کي پهتا پرس پڙهي،
وڃن سئل سودا تي چوڏهين ورهه چڙهي،
گهارن ڪا نہ گهڙي، شهزادا شڪار ري“،
(بيت 38)

هڪڙي ڏينهن هي ٻئي نوجوان جڏهن بادشاه جي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا، تڏهن بادشاهه هڪڙي سهڻي پيتي محلات مان گهرائي، جنهن ۾ هڪڙي منڊي ۽ هڪڙي چادر پيل هئي. اهي ٻئي شيون پنهنجي پٽ سيف الملوڪ کي ڏنائين ۽ چيائين ته ”هڪڙي رات ست پريون مون وٽ آيون هيون جن مون کي حضرت سليمان جي پاران اچي سلام ڏنا ۽ هيءُ مهتر سليمان جي منڊي ۽ چادر بہ ڏيئي وييون. اهي ٻئي سوکڙيون آءُ توکي ٿو ڏيان.، سيف الملوڪ منڊي ته بروقت کڻي چيچ ۾ پاتي ۽ چادر کي وري ڪنهن خلاصي وقت ۾ جاچي پئي ڏٺائين ته سنديس نظر وڃي بديع الجمال پريءَ جي تصوير تي پيئي، جا ان چادر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي تي ڇاپيل هئي، تصوير ڏسڻ شرط ڇڪن ٿي پيو چي ”مون کي ملي ته اها بديع الجمال ملي، نہ ته منهنجو ڪو حال ڪونهي.“
”تنهن ۾ صورت سڦري هئي پرين جي پاري
عاشق انهيءَ ڏي پيو نيڻن نهاري
رئي زارون زار ٿو هي هنجون هاري.
صيف سمهاري، نيڻن ننڊ حرام ٿي.“
(بيت 45)
”نيڻن ننڊ ڦٽي ڪئي منجهان نينهن نزاڪ
لڳس ناوڪ نينهن جي چت چڪيا تنهن چاڪ
ان آهون اتيئي ڪيون دانهون درد فراڪ
پاتشاهي پوشاڪ، ڦاڙي تنهن ڦٽي ڪئي.“
(بيت 46)

آخر هو اطلاع هاشم کي پهتو، تنهن توڙي اميرن اُمرائن ۽ مٽن مائٽن سيفل کي گهڻوئي سمجهايو، پر:
”ڪڇي ڪين زبان کان ڪنهن کي چوي ڪين،
گرد ڪيائين غم ۾ اهڙا عيش امين
جدا نازڪ جان تان کنيو جامو چولي چين.
ٻولي ٻولي ٻين، بنان دانهن دوست جي.“
(بيت 49)

نيٺ ٻيو ڪو بہ حيلو وسيلو نہ ڏسي هاشم شاه پنهنجي پٽ کي بديع الجمال هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. سو مال اسباب سان ٻيڙا ڀرائي سعد کي ساڻ ڪري بديع الجمال جي ڳولا ۾ نڪتو. ڳچ ڏينهن سمنڊ جهاڳڻ کان پوءِ هڪڙو اهڙو سخت طوفان اچي لڳو، جنهن ۾ ٻيڙا ڀڄي ڀري پيا، ڪي ماڻهو واڳن جي وات ۾ وڃي پيا، ته ڪي لهرن ۾ لڙهي ويا. سيف الملوڪ اڪيلوئي اڪيلو ڪنهن تختي تي ٽلندي ٽلندي اچي هڪڙي ٻيٽ تان نڪتو. جنهن ۾ آدمخور ماڻهو رهندا هئا. هو اتان بہ خوش نصيبيءُ سان پاڻ بچائي نڪتو ۽ طرحين طرحين تڪليفون ۽ ڏک ڏسندي ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪڙي رڻ پٽ ۾ اچي پيو، جتي ڪنهن زبردست ديو جو محلات اڏيل هو. جان محلات ۾ گهڙي وڃي، ته هڪڙي شهزادي قيد ٿي پيئي آهي. سيف الملوڪ شهزاديءَ کي ننڊ مان جاڳائي ان کان حال احوال ورتو. معلوم ٿيس ته هوءَ سرانديپ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڀائٽي ملڪان خاتون آهي، جنهن کي هڪڙي زبردست ديو کڻي آڻي اتي قيد ڪيو آهي.
سيف الملوڪ بہ جڏهن ملڪان سان پنهنجو سارو حال ڪيو، تڏهن ملڪان خاتون چيس ته ”بديع الجمال“ منهنجي سوٽ ٿئي، سندس پيءُ شهوال، گلستان ملڪ جو بادشاه آهي، جيڪڏهن آءٌ هن قيد مان ڇٽنديس، ته پوءِ بديع الجمال سان توکي ملائي سگهنديس.

سيف الملوڪ ملڪان خاتون جو احوال ٻڌي خوش ٿيو.
”چي تڏهن هزارين هزار،شڪرانا در ڌڻيءَ جي،
چمن ۾ چانڊاڻ ٿي جئن سو گل بهار،
تئن هينئڙو خوش هاڻي ٿيو لٿا غم غبار،
هي وٽ وڻندي ٻيئي پريان جي پار،
چئو الاهي توهار، مان ملنئون سپرين.“
(بيت 164)

سيف الملوڪ سليماني منڊيءَ جي مدد سان ان ديو کي ماريو ۽ ملڪان خاتون کي ساڻ ڪري وري سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي آيو ۽ هڪڙو ترهو ٺاهي تنهن تي ٻئي ڄڻا چڙهي ويٺا ۽ لهرن ۾ لٽڪندي لٽڪندي هڪڙي ٻيٽ تي اچي پهتا. انهيءَ ٻيٽ تي سيف الملوڪ ۽ ملڪان خاتون کي اهي ماڻهو مليا جي تاج الملوڪ بادشاه جي حڪم موجب ڪيترن ڏينهن کان وٺي ملڪان خاتون کي ڳوليندي وتيا، ملڪان خاتون بہ پنهنجي چاچي جي امير امراءَ سڃاتا پوءِ ٻيڙين ۾ چڙهي سک سان اچي سرانديپ پهتا. ملڪان خاتون پنهنجي مائٽن سان سيف الملوڪ جي اشرافت ۽ احسانن جي گهڻي تعريف ڪئي:
”حالت ملڪان هيءَ، اڳيان پرٽي پنهنجي پيءُ جي
ته هن جيڏي ڪونه ڪري جفا مٿي جيءَ
ان مون کي ائن ڏٺو، جئن ماءُ ۽ ڌيءَ
سئي جهليس سيءَ، سندي سيفل ڳالهڙي.“
(بيت 202)

ملڪان خاتون جي مائٽن سيف الملوڪ جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي ۽ پنهنجي پٽن وانگر سکيو آسودو رکيائون. ملڪان خاتون ۽ ان جي ماءُ پنهنجي زبردست پرين سان سيف الملوڪ کي گلستان ملڪ ڏي روانو ڪيو ۽ بديع الجمال جي مائٽن سيف الملوڪ کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ ڳچ ڏينهن کان پوءِ اتي سنديس شادي بديع الجمال سان ٿي.
”راڄن مڙي راڄ، سر سلا سامان ٿيا،
کيا سڀ خمار ۾ مڱڻا ۽ محتاج،
سرڻائي سيفل کي ڏيهه ڏنائين ڏاج،
ڪوڙين پڄايا ڪاج آگي آسائن جا.“
(بيت 344)

گلستان ملڪ ۾ سيف الملوڪ پنهنجي دوست وزير سعد کي بہ سڃاتو، جنهن اتي مزوري پئي ڪئي. سيف الملوڪ سعد سان ملي حال احوال ڪيا ۽ ان کي اميراڻيون پوشاڪون ڍڪائي پاڻ سان گڏ رهايائين. ڳچ وقت اتي گذارڻ بعد شهوال بادشاهه پنهنجين پرين کي حڪم ڏنو، جن سيف الملوڪ، بديع الجمال ۽ سعد کي تخت تي وهاري اک ڇنڀ ۾ سرانديپ پهچايو.
سرانديپ ۾ تاج الملوڪ پنهنجي ڀائٽيءَ ملڪان خاتون جي شادي سعد سان ڪرائي: ڪي ڏينهن سرانديپ ۾ گذرڻ بعد سيف الملوڪ، بديع الجمال ۽ سعيد ۽ ملڪان خاتون کي پرين تخت تي وهاري پلڪ ۾ مصر پهچايو.
”ٿي هاشم کي آگاه ته آيا مير مصر جا
گم ڪيائين غم کي منهن جو تجلو ماهه
خزانا خيرات ڪيا ورتائين درگاهه
سڀ ڀت سرهايون ٿيون مليون سيفل ماءِ،
آندا پرين الله، وڇوڙيا جي ورهن جا.“
(بيت 354)

صورتخطي ۽ عبارت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري منظور ٿيل صورت خطي ۾ لکيل آهي. سڄو قصو 356 ڏوهيڙن ۾ بيان ٿيل آهي، شعر پڪو ۽ رسيلو آهي ۽ ٻولي بہ درست ۽ پختي ڪم آيل آهي. البت ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ بي معنى بہ ڪم آندل آهن. جئن ته:
”گهوڙا کنيائون گهوٽ لئي چار سبا ۽ چار
جنجا پير پکين کان لڳا اڏامڻ ۾ الغار.“
(بيت 20)

مٿئين بيت جي ٻيءَ مصرع ۾ شاعر جيڪا تشبيهه، استعاره ۽ معنوي صفتون ڪم آنديون آهن، سي داد جو لائق آهن. مگر ”الغار“ لفظ بي معنى ڪم آيل آهن.
2- ”نيڻين ننڊ ڦٽي ڪي منجهان نينهن تراڪ
لڳس ناوڪ نينهن جي چت چڪيا تنهن چاڪ”،
(بيت 46)

مٿئين بيت ۾ پهرينءَ مصرع ۾ ”تراڪ“ لفظ بي معنى آهي. سنديس بامعنى آهي صورت نازڪ.
3- ”پهس کڻي ويا پيل، شهزادي کي شهر ڏي،
پنهنجي اڳيان پاتشاه وجهي نيائون نيل.
مجرو ملوڪن ڪيو ڪارڻ ضرورت ذيل.“ (بيت 113)
مٿئين بيت ۾ ”پيل“ ۽ ”ذيل“ بي معنى لفظ فقط قافيه جي پورت لاءِ ڪم آيل آهن.
شعر جي عبارت بہ نزاڪت واري آهي منجهنس تشبيهون ۽ استعارا، صنعتون بہ چڱي انداز ۾ آهن.


قصو عمر ۽ مارئي جو
هي ڪتاب بہ آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ پهريائين ٻہ ٽي ڏوهيڙا ڌڻي تعاليٰ جي ساراهه ۽ حضرت نبي ڪريم صلعم جن جي صفت ۾ چيل آهن، جن ۾ ڪنهن بہ شاعر جو نالو ڪونهي. پوءِ عمر ۽ مارئيءَ جي مختصر آکاڻي نثر ۾ ڏني اٿس، جنهن جي وچ ۾ جدا جدا شاعرن جا ٺاهيل ڏوهيڙا ڏنل آهن. ڏوهيڙن ۾ هيٺين شاعرن جا نالا پيل آهن:
شاهه ڀٽائي رح، احمد فقير، ڪبير شاهه، ميوو فقير، احمد شاهه، نٿو فقير، لطيف فقير ۽ هارون فقير.
مٿيان سڀ شاعر جهوني نموني جا آهن. جن ۾ شاهه ڀٽائي ته اهڙو مشهور آهي، جئن تارن ۾ چنڊ باقي ٻين شاعرن جي زندگيءَ جون حقيقتون اڃا هٿ اچي نہ سگهيون آهن.
عمر ۽ مارئيءَ جي آکاڻي مشهور آهي. تنهن ڪري هتي اها نہ آندي ويئي آهي. مٿين متفرقه ڏوهيڙن ۾ گهڻو تڻو مضمون آهي، مارئيءَ جي پاڪ دلي، غربت پسندي ۽ وطن جي حب ۽ ساراهه، ڏوهيڙن جي پڇاڙي ۾ مصنف هي ٻہ ٽي نثر جون سٽون لکي ڪتاب پورو ڪيو آهي:
”هاڻي ڏسو عدل عمر جو ۽ سيل رکڻ مارئيءَ جو ته عمر جي هٿ هئي پر ساڻس زوري نہ ڪيائين ۽ حق سڃاڻڻ مارئيءَ جو ته ڏک بک سٺائين پر پنهنجو حق نہ ڇڏيائين. تنهنڪري ماڻهو ڳائيندا آهن.“ (صفحه 42)

صورتخطي ۽ عبادت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري منظور ٿيل صورتخطي ۾ لکي آهي. جيڪي جدا جدا شاعرن جا ڏوهيڙا منجهس ڏنل آهن. عبارت جي نزاڪت ۽ ڪا گهٽتائي منجهن ڪانهي. ڪٿي ڪٿي ته فصاحت ۽ بلاغت جا ٻنا ٻڌي ڇڏيا اٿن. جئن ته:
1-ڪرهي ڪرهي سومرا، تو ڪوه آندي ڪرهي،
ورهي ورهي معلوم پانهنجا ٿو ساه سڪي ورهي،
پرهي پرهي سگهي ڪينڪي شل وڃي پيڪن ۾ پرهي،
نرهي نرهي ناناڻن ري ڪن ڪم ڪي نرهي؛
ڀانئين ته برهه، منجهه ڪوٽ شاهه ڪبير چوي.“
2-”جي ور جي ورتي سي ورن پاس سکلوليون،
سيو تنهين کي سيو ٿيون سيو تنهين کي سي،
جنهنجيون ڪروڙيون قوت ڪبير شاهه چوي

سا طعامن ڪيئن ترسي؛
ڇيلا ڇوڙي ڇيڪ ڇڏي ور ڦوڳن ۾ ڦرسي
جئن مر راڄا راڄ رسي، وڃي ٿئي سنمک ساهيڙين سان.“
3-”چي چانور جي چکن، ڏجن ڏوراپا تن کي،
هڪڙا ڪانا ڪرائن ۾، ٻيون ڪيون بيداديون بکن،
سرتين جا سرير ۾ ٿا اونها روز دکن،
هي ڏکي منجهه ڏکن، اوهين ٿيون سخت سنيها چاهيو؟“
مٿين ٽن مثالن ۾ ئي ڪيتريون لفظي ۽ معنوي صنعتون؛ تشبيهون ۽ استعارا سمايل آهن.

(3) قصو ڪوا ۽ ٻلي
ڪتاب جي حقيقت: هن نظم ۾ هڪڙي خوش طبعي ڀريل تمثيلي آکاڻي لکيل آهي، جنهن جو ٺاهيندڙ اهو ساڳيو سيد خير شاهه پرڏيهي آهي، جنهن جو احوال ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي جلد پهرين ۾ ڏنل آهي. آخوند عبدالرحيم صاحب هي مزيدار نصيحت آميز خيالي آکاڻي ڪنهن ماڻهوءَ جي واتان ٻڌي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جي حوالي ڪئي ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي اها سنه 1872ع ۾ ڇاپائي پڌري ڪئي هئي.

مضمون:
ڪن مالدارن ماڻهن جي گهر ۾ ڪا ٻلي رهندي هئي. ڪکن جي ڏڪار پوڻ ڪري اهي مالدار ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي وس چرڻ ويا ۽ اها ٻلي اتيئي رهجي ويئي، سا گهر ۽ آسپاس وارن ڪوئن کي چڱيءَ طرح کائڻ کپائڻ لڳي.
”تڏهن ڪوئن ڪنهين ڏينهن ۾ مڙني ڪئي مصلحت
ته رن نہ رهندي ڪڏهين جنهن جا ڏند رتا سين رت،
ساڙي ٿي ساڙيهه ۾ تنهن هئيءَ سندي هيبت،
ڏينهن پنهنجي کان ڏور وڃي ڪريون ڪا قسمت،
همہ ساڻ همت، ڪو پهہ ڪريون پرديس جو.“ (بيت 4)
پوءِ ته سڀ ڪئا اهي پٽ ڇڏي وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ کان نڪتا ۽ ٻليءَ جي آزار کان ڇٽي پيا. اتي ٻلي اچي ڏاڍي لاچار ٿي. کاڌي خوراڪ نہ ملڻ ڪري اڀري ٿي وئي، سا ڪنهن ڪنڊ پاسي ساڻي ٿي سمهي رهي ۽ ڪوئن جي ملائڻ لاءِ پيرن فقيرن کي سڏڻ لڳي.
ڪئا جي ڳچ ڏينهن پرديس ۾ رهيا هئا، تن کي وري اچي پنهنجي وطن جي سڪ ٿي.
”تڏهن ڪوئن ڪنهين ڏيهن ۾ ڪي منڃهئون پرت پچار،
ته ڪڍي منجو موش ڪي پنهنجي ديس ديار،
ته صحي ڪن سڄيءَ جا ڪي پٽيل سندا پار،
ته ڏاتر ڪڍي ڏيهه مون ڪي ماري موت مڪار،
سگها آڻن سيگهه ۾ اها وٺي خير خبر چار،
پوءِ الاهي توهار، اسين موٽي پنهنجي ماڳ تي.“ (بيت 8)

ڪئا ڪهي ڪهي پنهنجي ديش ۾ آيا ۽ لڪندي ڇپندي جان کڻي ڏسن ته ٻلي ساڻي ٿي پيئي آهي. ٻليءَ جي نظر جڏهن ڪئن تي پيئي.
”تڏهن نڪ1 گهيو گيسي2 ڪري منجهان من هڪر،
جي ڪوڙين آهن ڪيترا مون آنجا ڏک ڏمر،
سي بخشيو باالله3 لڳ، جي ڪيا مون خون خطر،
هاڻي هلنديس حج تي ٻڌيم قيام4 قبر،
چاليهن5 تي چاليهن جي رکيم چاه چهر،
ريڙهي اچو راڄ کي ڇڏيو خوف خطر،
ته پيرين6 پئي پر، آءٌ هيجون هلان حج تي.“ (بيت 9)
ڪئا ٻليءَ جو فقيراڻو حال ۽ آزي نيزاري ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پنهنجن همراهن کي اچي دلجاءِ ڏنائون ته ٻلي هاڻي فقيراڻي ٿي پيئي آهي: خدا جي خوف ۽ موت جي ڊپ اچي ورايو اٿس. چوي ٿي ته ”اوهان سڀ اچو ته اوهان کان گناهه بخشائي حج ڪرڻ هلي وڃان.“
”تڏهن ڪئا ڪري ڪاه، موٽيا پنهنجي ملڪ تي،
ٻلي ڏٺا ڏورائين ڪري نرت نگاه،
سرهي ٿي سرير ۾ ته آندا پاڻ الله،
تڏهن نڪ گهيو گيسي ڪري سر صدقو ساه،
ته حرف ٻڌو مون هڪڙو درس پڙهيو داناه،
ڪل1 نفس ذائقہ الموت ٿيندو سڀ فناه،
تڏهن توبهه ڪري تائب2 ٿيس داور جي درگاه،
هاڻي زاري هن ضعيف جي سڻو سڀ صلاح،
جئن سوڙهيا ٿي سمهن3 ڪريو اچو لڳ الله،
ته حج وڃان هرگاه، پڙهي ختمو4 خير جو.“ (بيت 11)
ويچارن ڪئن کي ٻليءَ جي مڪر جي خبر ڪا نہ هئي، سو ان جو چوڻ ڪري مڙي سڙي ٻليءَ سان گڏجي سمهڻ ڪرڻ لڳا. ٻليءَ کي لڳي ويو وجهه سو،
”مٿن ٻلي پيئي ٻانڀ5 جئن ڪري هوءِ هڪل،
ڪي هيٺون پنهنجي پيٽ جي دسيا دز دغل،
ڪي ڀيڙيائين پيرن ۾ ڪي باقي منجهه بغل،
ڪي واري ورتائين وات ۾ ڪي چنبي ۾ چئنچل،
تان انهي تور نهل6، ست ڪئا سوگها ڪيا.“ (بيت 12)
اتي ڪوئن کي بہ خبر پئجي ويئي ته هن رڳو مڪر ۽ فريب پکيڙيو هو، سي امالڪ اٿي ڀڳا ۽ پوءِ تي رهيلن پنهنجن همراهن کي وڃي چيائون ته:
”اڳي ظالم هئي زور گهڻي اندر خون خراب،
تڏهن ماريندي هئي هڪڙو تکو رکي تاب.
هاڻي فقيريءَ جي فند سان ڇڏيائين حرف حساب.
ست ست ماريو ساعت ۾ ٿي ڪئا ڪري ڪباب،
دل دغا دولاب، ٿي پڙهي حج هنر جا.“(بيت 15)
اتي ٻليءَ ۽ ڪوئن جي قصي کي ڇڏي شاعر چوي ٿو، ته ٻليون حج تي ڪين وينديون آهن، پر اهو هڪڙو ماڻهن جي طبيعت جو مثال بيان ڪيو ويو آهي، پر جيڪي بدچال ماڻهو دغا دل ۾ رکيو پرايون لڄون تڪين ٿا، نہ خدا جو خوف اٿن ۽ نہ دين ڌرم جو ڌيان اٿن، سي انهيءَ مڪار ٻليءَ جي مثال سمجهڻ گهرجن، جيڪي پنهنجي پاڙي ۾ بدنظر ٿا رکن ۽ جڏهن ڳالهه کليو پوي.
تڏهن ماءُ ڪوٺيندو منهن تي يا هٿ ڏيندو حيوان
قسم کڻندو ڪوڙ تي کڻي قادر جو قرآن
جن اهڙو دين ايمان، اوڀي آهن ٽول ٻليءَ جي.
جي ماڻهو دل ۾ کوٽائي سانڍي ظاهر ۾ لنبيون لنبيون تسبيحون ۽ ڊگهيون نمازون پڙهن ٿا، يا جيڪي شريعت جي فيصلن ڪرڻ وارا قاضي ٿي ڪري رشوتون وٺيو رياءَ وارا فيصلا ڪن ٿا، يا ڪي ملان پنهنجي لوڀ لالچ ڪري ماڻهن جي موت تي خوش ٿين ٿا، يا جيڪي حاڪم ٿي ڪري:
”نياء ناڻي ري ناهه ڪو وٽن ٻي ڪا پرت پچار
بنان علم عقل دنيا جي موهه مٺا مردار
سانڃهه ڇڏي سچ جي چت نہ ڪن چيتار
ريهي ريب رياءَ سان لٽين پيا لوٽيار،
جن جا آهن اهي آچار، سي ڀي آهن ٻول ٻليءَ“ (بيت 16)
پڇاڙيءَ ۾ شاعر چوي ٿو:
”پر خير شاه خواهش رسول جي چئي نت مدح مسڪين
تنهن سيد سرور انبيا جي تون درس رهج منجهه دين
جن کي حب حبيب جي آهه محبت مهر منجهين
سي ڪهندا ڪامون ڪوڙ مان يڪدل ساڻ يقين
اهي ڪڏهين ٿيندا ڪين، شل ٻهڳڻ ٻول ٻليءَ جي.“ (بيت 22)
صورت خطي ۽ عبارت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري ٺهرايل صورت خطي ۾ لکيل آهي. نظم نهايت منور ۽ رسيلو آهي، عبارت چڱي ۽ ٻولي صاف ۽ سليس آهي. هيٺيان نج ۽ پراڻا سنڌي لفظ ڪتب آيل آهن:
اَوسو (ڏڪار)، اَپس (آپهس)= اوچتو.
باک (ڏيکاءُ)، پرياڻ= سانگو، سهنج، جار (عشق چاهه)، جک (ڏک، تڪليف)، ڏر (ڊپ)، دزڙو (دعاباز، لچ)، ڪرهه (جهيڙو)، ڳت (عادت، چال).

(4) سسئي ۽ پنهون جو قصو
ڪتاب جي حقيقت: موريه فقير جو ٺاهيل ”سسئي ۽ پنهون“ گهڻي قدر مشهور آهي، جنهن جو بيان اڳتي اچڻو آهي، پر هي ”سسئيءَ پنهون“ جو قصو موريه فقير کان اڳ جو ٺاهيل آهي، جو آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري لٽريچر ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو هو ۽ سنه 1867ع ۾ ٻيو دفعو ڇاپيو هو.

مضمون:
سسئي ۽ پنهون جي آکاڻي مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سربستي آکاڻي ڏنل آهي، پر وچ ۾ ڪي ڪي بيت اهڙا بہ آهن، جي شاه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ موجود آهن، جئن ته:
1- هو ٿا پلاڻين، منهنجو هينئڙو ٿو هيڻو ٿئي،
تنگ مهارون توبرا بيٺا جت جڙين
نال پنهون ٿا نين، ٻاروچي ٻولي ڪريو.
2- ڏونگر تون ڏاڍو مون کي ڪندي ڪوه؟
جي تون پهڻ پٻ جو ته لڱ منهنجا لوهه،
جي پنهل مون وٽ هوءِ، ته تون جبل ڇا جاڙون ڪرين؟
وغيره

صورت خطي ۽ عبارت
هن ڪتاب ۾ 68-1867ع ۾ منظور ٿيل صورتخطي کان اڳ هلندڙ صورتخطي ڪم آيل آهي. جئن ته سرتيءُ (سرتيون) اوهي (اوهين) هڪل (هلڪو) وڃي (وڃين) وغيره.
نظم پڪو، مٺو ۽ رسيلو لکيل آهي. قافيا بہ پختا ۽ پورا ڪم آندل آهن. ٻولي صاف ۽ سليس ڪم آيل آهي. مثال هيٺ لکجن ٿا:
1- ڪام هلي ڪام چلي مون سان سرتيون ساهيڙيون
گهوريا گهر پنهل تان آءٌ وينديس ڊاهي ڙيون
شال م لاهي ڙيون، مون تان پنهون پاند پناه جو.
2- رويو رت ڦڙا ڪر ٿي ڇير ڇاماري
شيشا لعل گلاب جا، هي هي ڪيو هاري
سا گهايل ڪئن گهاري، جنهن جو جانب جت وٺي ويا

3- ”هو، للو، ڄام پنهون ورنه ڪيا واه،
مرد چڙهيو مصريءَ تي بانڪو بي پرواه
موٽيو شهر ڀنڀور تي ٿيو چرئو منهنجو چاه
عارف چوي اوڏهين ڪيو ڪامل وڃي ڪاه
اڳيون نيڪ نگاه آيس لوڙه لڪن ۾.“

هن ڪتاب ۾ جيڪي ڏوهيڙا ڪم آيل آهن تن ۾ ٻن کان وٺي ويهن تائين مصرعون ڪم آيل آهن، پر هڪڙي ڏوهيڙي ۾ فقط هڪ مصرع لکيل آهي جا ڏوهيڙي جي اصول ۽ بناوت جي برخلاف آهي. شايد ڪانبن جي نظر چوڪ کان ٻي مصرع رهجي ويئي آهي. جيئن ته ڏوهيڙو نمبر 100 فقط هئن لکيل آهي:
”الله اٺ جهليج، آءٌ زيارت ڪريان هن لوڙهه جي.“
هن ساري ڪتاب ۾ فقط هڪڙو نثر جو ٽڪرو مصنف لکيو آهي جو جنسي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجي ٿو:
تنهن کان پوءِ سهجا سوناري جہ مهمانن ٿي ڪئس سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي هئي. اها سبب عشق جي جہ وقت سار ٿئس ان وقت اٿي گس اٺن جو سڃاڻي هيڏانہ هوڏانہ ڊوڪڻ لڳي ۽ جي واٽ تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئيا تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪري پئس باقي اڳٺ چيلہ ۾ رهئيس- تنهنجي ڳالہ“
تڏهن وٺي گس گورن جو پٺيءَ پنل جي پيئي،
سو سار سوناريءَ کي نہ ٿي هو ويا سنجهيئي
ڪپڙا ڪنڊ ڏيئي- آئي ورائي اڳٺ پانهنجو. (بيت 36)


(5) قصو وڪئي ڏاتار جو
ڪتاب جي حقيقت: هي وڪئي ڏاتار جو قصو بہ آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري لٽريچر ڪميٽي کي ڏنو هو جنهن سان ٻيا بہ ٻہ ننڍا نظمي قصا شامل آهن، (1) جمجمہ سلطان جو قصو ۽ (2) بهرام شاه جو قصو، مگر افسوس جو انهن ٽنهي قصن کي ڇاپجي شايع ٿيڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو ۽ ائين دستخط صورت ۾ ئي لئبررين جي ڪٻٽن ۾ رهجي ويا. اهي ٽيئي قصا آخوند عبدالرحيم صاحب جا هٿ لکيل هڪڙيئي نوٽبڪ ۾ هٿ آيل آهن. اسين انهن جو نمبر وار بيان هت ڪريون ٿا:

وڪئي ڏاتار جو مضمون:
ڪڇ ملڪ ۾ وڪيو نالي هڪڙو سمو سردار رهندو هو جو سخا ۽ ڪرم بخشيءَ جي ڪري ملڪن ۾ مشهور هوندو هو؛ تنهنڪري هو ملڪان ملڪ وڪيو ڏاتار جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. سنڌ ملڪ ۾ انهن ڏينهن لاکو ڄام(1) جاڙيجو مشهور سخي ۽ ڏاتار مڙس هو، سو سڀڪنهن آئي وئي جي واتان وڪئي ڏاتار جي نيڪي سڻي البت فڪر ۾ پئجي ويو:
جڏهن لاکي ڄام لوڪ مان سئو ثابت سماچار
سو ورنہ پيو وماس ۾ وڏي سان ويچار
هو سخي سخاوت اڳرو اوچو تنهن اوتار
جيئن هي ڪامل رهندو ڪڇ جو تئن هو سنڌ سندو سالار
ڪنهن ڏينهن تنهن ڪوٺيو ڪو مانجهي مرد مڻيار
سو سائل ان نبهايو پرس انهيءَ جي پار
ته وهلو وڃ تون وڪئي ڏي جو ٿو ڏاند ڏئي ڏاتار
پيرون پني آءٌ تون ٻيو مڱج ڪونه جو هار
هي تحقيق وڃي تڪرار، پاٺ پروڙي اڄ ڳالهڙي.
لاکي ڄام کي خبر هئي، ته وڪيو ڏاتار ڪنهن سواليءَ جي گهر پوري نہ ڪرڻ پنهنجي لاءِ سخت عيب سمجهندو آهي، سو ڇا ڪيائين، جو هڪڙي مڱڻهار کي سيکاري موڪليائين، ته تون وڪئي ڏاتار کان پيرون وڃي گهري نڪا پيرن جي موسم آهي، نڪو وڪيو ڏاتار تنهنجي گهر پوري ڪري سگهندو، پوءِ وڪئي ڏاتار جي بدنامي پکيڙڻ سولي ڳالهه ٿي پوندي.
مڱڻهار ڪڇ ملڪ ۾ پهتو ۽ وڪئي ڏاتار کان وڃي پيرون گهريائين. تنهن تي وڪئي ڏاتار چيس:
تان چي آئين پاڻ ڀلجي ڪري مونڏي تون ميان
آءٌ مال گهڻيرو مڱڻا، توکي پيو ڏان ڏيان
هڪڙو محل اڏاءِ تون ماڙيون ٻيا وڃي ڪر وهان
جي ڀائين حاصل ٿئيم هيان، ته ڇڏ پچار پيرن جي.
چي سوئي ڏان ڏيار مون، جو ٿو پرس پنان
گهوڙا ٻيڙا گهوٽيا آءٌ توکان ڪين ڳنهان
تو سخاوت لئي سوڙهائي ڇايان ڇيڄ ڇنان
آن ڏوريين ڏيہ ڏنا، هت پنڻ پيرن آئيو.

وڪئي ڏاتار قيمتي ڏاڻ وٺڻ لاءِ مڱڻي کي ڏاڍا وس ڪيا، پر مڱڻو مڙيئي نہ آخر ٻيا سما سردار گهرائي تن سان صلاح ڪيائين، تن بہ مڱڻي کي گهڻو سمجهايو پر مڱڻو مڃيئي نه، آخر وڪئي ڏاتار سونارا گهرائي تن کي سونن پيرن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، تنهن تي سونارا سونا پيرون ٺاهي آيا، تن جي جهولي ڀري وڪئي ڏاتار مڱڻهار کي ڏني، پر مڱڻهار چوي، ته مون کي کٻڙ جا پيرون کپن، سونا پيرون نہ گهرجن.
وڪيو ڏاتار ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي ويهي ستايائين ته ”اي ستار! منهنجي لڄ پت رک، تون پنهن جي قدرت سان ڪي پيرون ڏيار.“ ڌڻي سڳوري ان سخي مرد جو سوال اگهايو، وڪئي ڏاتار جون مينهون ڪنهن ويڙه مان چري ٻاهر نڪتيون ته هڪڙيءَ مينهن جي سڱ ۾ پيرن سان ڀريل ٽاري اٽڪي پيئي هئي. تنهن تي ميهار ان ويڙه ۾ گهڙي پيا ۽ هڪڙا کٻڙ پيرن سان ڀرپور وڃي ڏٺائون، تن مان پيرون ڇني ڦانڊو ڀري آڻي وڪئي ڏاتار جي اڳيان رکيائون، جنهن اهي سڀ پيرون سوالي مڱڻهار جي حوالي ڪيا.
جڏهن مڱڻهار پيرون کڻي سنڌ ۾ اچي لاکي ڄام کي ڏنا.
”تڏهن سڻي سو سرهو ٿيو وڏيرو وريام،
مڪو تنهن مانجهيءَ ڏي پرس لکي پيغام،
ته سخي تون سخاوت اڳرو آه نر تنهين جو نام،
توسان راضي رب ٻيو مير محمد صلعم ڄام،
هاڻي مرسل سرمدام، ڪہ ڪلمو قلوب مان“

نوٽ: هن ننڍڙي قصي ۾ هڪڙي هنڌ شاعر جو نالو آيل آهي حاجي. جئن ته:
”تنهن ڏاڻ ڏنو ڏاتار کي حاجي چوي هلي،
راحم رب وڪئي جي سائين ڪي سولي،
لٿس گوندر گهٽ تان ٻي ڀلي ڪيس ڀلي،
هن پاٺ پروڙيو ڪينڪي آڳاتو اصلي،
ڏات وٺي سو ڏيس تي چوڪس ويو چلي،
تنهن ثابت سڌ سلي، وڃي لاکي ڄام اڳيان لعل جي.“

خبر نٿي پوي ته اهو حاجي شاعر ڪير ۽ ڪٿي جو هو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هي لفظ لکيل آهن. ”پورو ٿيو قصو وڪئي ڏاتار جو، حاجي موسى حافظ ساڻ رفاقت آخوند عبدالرحيم جي ٺاهي تيار ڪيو تاريخ 14 جون 1870ع.“
مٿين لفظن مان ڀانئجي ٿو ته شايد حاجي موسى حافظ ئي قصي جو ٺاهيندڙ هو. جنهن شعر ۾ پنهنجو نالو ”حاجي“ ڪم آندو آهي.

جمجمہ سلطان جو قصو
مضمون:
عربي ۾ ”جمجمہ“ لفظ جي معنى آهي”کوپري“ ”جمجمہ سلطان“ جي معنى ”بادشاه جي کوپري“.
هڪڙي ڀيري حضرت عيسى نبي گهمندي ڦرندي ڪنهن سمنڊ جي ڪنڌيءَ تان اچي لنگهيو، ته اتي ماڻهوءَ جي کوپري پيل ڏٺائين، جا مٽيءَ سان ڀريل هئي ۽ ماڪوڙين جا ننگرا منجهانئس پي آيا ۽ ويا، حضرت عيسى رب سائين کي سوال ڪيو، ته ”اي سچا سگهارا سائين! هن هڏيءَ ۾ ساه وجهه، ته آءٌ ان کان سندس حياتيءَ جو احوال پڇان.“ ڌڻي سڳوري جي قدرت سان ان سسيءَ ۾ ساهه پئجي ويو.
”تنهن وير سسئيءَ کان پڇيو نيڪ نبي نروار،
ڪي تون هئين دنيءَ ۾ ڪي تون دنيادار؟
ڪي تون بادشاهه ملڪ جو ڪي تون چور چڪار؟
ڪي تون غريب آدمي ڪي تون زميندار؟
ڪي تون ملو مسجد جو ڪي تون عاقل عقلدار؟
اسان تي اظهار، حقيقت هڏا ڪر تون.“

تنهن تي ان سسيءَ اکين ۾ آب آڻي بيان ڪيو، ته آءٌ وڏو زبردست بادشاه هوس، سورهن لک منهنجا زبردست صوبا هئا، اسي لک گهوڙا، پنج لک هاٿي، يارهن لک ڪويسر، ست هزار سئو خوجا خدمتگار، چار هزار محلاتون، هڪ لک کن سهڻيون راڻيون ۽ نوڪراڻيون، ٻہ لک سائس، ٻہ لک آهيڙي بي شمار لشڪر ۽ خزانا هوم، عدل ۽ انصاف بہ چڱيءَ طرح ڪندو هوس پر ڪو بہ ڌرم يا مذهب نہ مڃيندو هوس. تنهن تي حضرت عيسى چيس ته ”پنهنجي مرڻ کان پوءِ جو حال ٻڌاءِ.“
کوپري چيو، ته ”هڪڙي ڏينهن وڏو ڪٽڪ وٺي شڪار تي نڪتو هوس، شڪار ڪندي اچي تپ چڙهيم ۽ مٿي ۾ سور پيم، جنهن منهنجا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا، جئن تئن پاڻ کڻائي اچي تختگاه تي پهتس، سوين طبيب گهرائي علاج ڪرايم“
”تن وس وڏائي ٿي ڪيا حيلا حڪيمن،
سر منهنجي تان صدقو ڦيريو فيل ڏين،
ٿا ورچيون ويڄ وڃن، ڪا ڦڪي ڦير ئي نہ ڪري.“
آخر عزرائيل جي صورت نظر آيم، زبان تي مهر لڳي ويم، وزيرن ۽ اميرن کي رئندو پٽيندو ۽ راڻين ۽ ٻاين کي ٻاڪاريندو ڇڏي لاش بڻجي پيس، جڏهن مون کي قبر ۾ وڃي پوريائون، تڏهن فرشتا ڦري آيا ۽ اچي پڇيائون ته ڪهڙو تنهنجو مالڪ، ڪهڙو تنهنجو نبي ۽ ڪهڙو تنهنجو دين ڌرم؟“ مون کي ڪو بہ جواب ڏيڻ ۾ ڪو نہ آيو. پوءِ ته عذابن ۽ تڪليفن ۾ منهنجو روح اچي ويو. پنج سو ورهيه انهن عذابن سهندي ٿيا اٿم. اڄ تو نبي سڳوري جي زيارت ڪئي اٿم. سچي ڌڻي ۽ تو نبي سڳوري تي ايمان آڻيان ٿو، منهنجي روح کي ابدي عذابن کان ڇڏاءِ.“
”عيسى! امر سان آئين، تڏهن ڇٽس عذابان،
لااله الالله عيسى روح الله ٿو مٿئي پڙهان،
پوءِ جڙي بت جمجمہ جو هليو بهشتن ڏان،
جي ڪلمو چون منهان، سي مولا تون مرهين.“
نوٽ: هن قصي ۾ بہ فقط هڪڙي هنڌ شاعر جو نالو ”مير“ آيل آهي جئن ته:
”تڏهن جمجمہ سلطان کان پڇيو نالي مٺي نور،
ته ڪهڙا تو عدل ڪيا ڪهڙا هئا تو دستور،
ملڪ مڙيئي مير چوي ورتئي ڪهڙي شعور،
ميان اهي مذڪور، مون تي معلوم ڪر تون.“
خبر نہ آهي ته اهو ”مير“ شاعر ڪير ۽ ڪٿي جو آهي؟؛ مگر قصي جو هٿ ڪندڙ آخوند عبدالرحيم صاحب مرحوم آهي.

(3) بهرام شاه جو قصو

مضمون:
بهرام شاه جي آکاڻي بہ اهڙو خيالي قصو آهي، جهڙو ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ جو قصو.
روم جي بادشاه ڪشور شاه جو نوجوان پٽ شهزادو بهرام شاه هو، جو هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي ڪنهن هرڻ جي پٺيان ڪاهي پيو؛ پر هرڻ کانئس گم ٿي ويو ۽ پاڻ پنهنجي سنگت کان ڇڄي اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رڻ پٽ ۾ گهوڙو گهمائيندو شڪار تي گذاريندو وتندو هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن هنڌ جبل تي ڪا عمدي اڏيل جاءِ نظر آيس. ان ۾ وڃي ڏسي ته هڪڙو نهايت عمدو پتلو کڙو ٿيو بيٺو آهي، جو ڪنهن وَڏورَ شهزاديءَ جي بدن جو هو بہ هو چٽيل نقشو هو. بهرام شاه ان تصوير کي ڏسي پاڻ تصوير بڻجي بيهي رهيو.
”پسي حسن هراسيو، جنگ پيو تنهن جار،
وير تنهين ويجهو ٿيو چاه ڪري چوڌار،
تان چار صفا چئين ڪنڊين تخت چيا ها چار،
تان ڀي تنهين تخت تي هئي ناز ڀري نينگار،
پاڪيزي پسڻ ۾ هئي جوهر جي جنسار،
چوڙين ٻيڙين چاه سان ڏاڍيءَ ڏک ڪنوار،
تنهنجا ڪنچن ڀريا کيپ سين ڪاريهر جي ڪار،
ٿيو ديوانو درڪار، پسي مورت موهيو.“
ايتري ۾ ان گهر جو ڌڻي بہ آيو، تنهن بهرام شاه سان چڱيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان پنهنجو پنهنجو احوال ڪيائون. گهر جي مالڪ چيو، ته ”آءٌ وڏو سوداگر هوس، سوداگري ڪندي گهمندي ڦرندي چين ملڪ ۾ ويس. اُتي جي بادشاه فغفور جي شهزادي گل اندام، جا هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ماڙيءُ تان پنهنجو منهن رعيت کي ڏيکاريندي ۽ نذرانا وٺندي آهي، تنهن جو ديدار مقرر ڏينهن تي وڃي ڪيم ۽ دل ڦرائي ويٺس. ديدار جوءِ مقرر ٿيل ڏينهن تي پري پري ملڪن جا مشتاق شهزاديءَ جي ديدار لاءِ ايندا آهن. مگر اڄ تائين ڪو بہ مشتاق شهزاديءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب نہ ٿيو آهي:
”جلوو ڏيئي جمعي ڏينهن جنهن ڏي ڪري نگاه،
ڪن کي ڏندڻ پون ڏسندي ڪي وسئون پاڻ ويا،
ڪي گونگا، ٻوڙا، چريا ڪي غفلت منجهه گڏيا،
ڪئين ديوونا درسن سين ٿي دهوڙي دانا،
حق چون هر گاه، ته سڀڪو منهن ڏٺي مست ٿئي.“
جئن هزارين امير ۽ شهزادا گل اندام جي سڪ ۾ فقير بڻيا وتن، تئن نو وره آءٌ بہ فقير ٿيو پيو ڦرندو هوس. آخر هڪڙو نامور بتگر مليم، تنهن کي سندس دل گهريو انعام ڏيئي گل اندام جو اهو بت ٺهرايو ۽ چٽايو اٿم. هت پري ئي پري هي جاءِ ٺهرائي اٿم ۽ ان ۾ انهيءَ دل لٽيندڙ ڌاڙيلي معشوق جي پوڄا ۾ مگهن آهيان.
پسيو منهن مورت جو جاني ٿو جيان،
لئون لئون منجهان نہ لهي سندس حب هيان،
ڪنهن کي ڏوه ڏيان، انهيءَ فلڪ فراق جو.“
شهزادي بهرام شاه مورت ڏسڻ ۽ احوال ٻڌڻ شرط چيو:
”موهيو من مجاز سان منهنجو ڀي مورت،
هاڻي پسان سا صورت، جنهن جي نقل ئي نهال ڪيو.“
پوءِ شهزادي بهرام شاه چين ملڪ جو طرف کڻي ورتو. رستي تي ديون سان لڙايون ڪري انهن کي ماري مڃايائين ۽ ديون جي سردار فغفور، بهرام شاه کي پنهنجو سردار ڪري مڃيو ۽ ان جي خدمت چاڪري چڱي طرح ڪيائين. ڳچ ڏينهن ديون ۾ گذاري بهرام شاه چين ملڪ ڏي هلڻ لڳو. تڏهن فغفور ديو چيس؛ ته توهين هت آرام ۾ گذاريو؛ ته گل اندام کي اک ڇنڀ ۾ کڻي اچي هت حاضر ڪريان پر بهرام شاه چيو:
”چي لائڻ عشق عجيب سين، سانڍڻ آهن سور،
هيءُ هنيو رفيقن ري پرتو اندر پور،
ڪري حڪم حبيب سين پوي نہ واڍوڙين وچور،
هيڪر منجهه حضور، ويندس پري پار پرين جي.“
ديو بهرام شاه سان چوڪيدار ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿيا، ته بہ ان پاڻ سان نہ کنيا. آخر ديون پنهنجي مٿي جا وار ڏنس ۽ چيائونس، ته جڏهن ڪا مشڪلات پويئي، تڏهن ڪو بہ وار ساڙيندين، ته اسين سڀ تو وٽ حاضر ٿينداسون.
بهرام شاه واٽ تي آفتون ماريندو آخر چين ۾ اچي پهتو، اتي ڪا عاليشان جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳو. ان وقت بهرام شاه شهر ۾ ٿرٿلو ڏسي پڇا ڳاڇا ڪئي، ته معلوم ٿيس ته ”بهزاد نالي بادشاه زبردست ڪٽڪ وٺي فغفور تي ڪاهي آيو آهي، ڇاڪاڻ جو فغفور جي شهزادي گل اندام ان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. سڀاڻي شاهي جنگ لڳڻي آهي.“
بهرام شاه اها ڳالهه ٻڌي رات وچ ۾ ديون جو لشڪر گهرائي ورتو، جن پره ڦٽڻ کان اڳ ۾ بهزاد سميت ان جي ساري لشڪر جون سسيون لاهي ڇڏيون. بهرام شاه هڪڙي نشان ۾ بهزاد جي سسي اٽڪائي فغفور جي دروازي تي ٽنگائي ڇڏي ۽ هڪڙو خط بہ لکي ان نيزي ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائين، جنهن ۾ لکيل هو، ته ”هيءَ فتح شهزادي بهرام شاه ڪئي آهي.“
صبح جو دشمن جو مٿو دروازي تي ٽنگيل ۽ ان جو لشڪر برباد ٿيل ڏسي فغفور توڙي ان جا امير امراءَ ۽ رعيت جا ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ پڇائون ٿيڻ لڳيون ته ”اهو شهزادو بهرام شاه ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي؟“ بهرام شاه پاڻ کي ڪجهه وقت لڪائڻ لاءِ فقيراڻو ڪارو ويس کڻي ڍڪيو، جنهن تي ڪنهن کي گمان بہ ڪونه ٿي پيو، ته اهو ڪو جبري سگهه وارو بهرام شاه آهي.
گل اندام جي ديدار ڪرائڻ واري ڏينهن، سڀ امير وزير توڙي ديسي پرديسي توڙي شاهوڪار ۽ وفادار غريب جيڪي بہ نذرانو پيش ڪندا هئا، سي هڪڙي خاص ٻانهي وٺندي گڏ ڪندي ويندي هئي. نذرانن ڏيندڙن جي ميڙ ۾ هڪڙي سياه پوش فقير هڪڙي منڊي نذرانه طور ڏني. سڀ نذرانا جڏهن گل اندام وٽ حاضر ٿيا، تڏهن ان جي نظر امالڪ وڃي منڊيءَ تي پيئي، جنهن جي جڙاءِ ۽ ننگن جو ملهه جوهري بہ ڪٿي نٿي سگهيا، گل اندام کي نوڪرياڻيءَ کان معلوم ٿيو، ته هڪڙي سياه پوش فقير اها منڊي ڏني آهي. سياه پوش فقير تي گل اندام جي نظر بہ ميڙ ۾ پئجي چڪي هئي ۽ سياهيءَ ۾ لڪل چمڪ سندس دل ۾ سوجهرو پيدا ڪري چڪي هئي. ٻيو وري منڊيءَ تي بهرام شاه جو نالو اڪريل هو، تنهنڪري راڻيءَ کي پڪ ٿي ته اهو سياه پوش فقير ئي خود بهرام شاه آهي. شهزاديءَ جي طرفان جاسوسي ساري شهر ۾ پکڙجي پيئي ۽ جن کان سياه پوش فقير لڪي ڪين سگهيو. آخر گل اندام بهرام شاه جي وچ ۾ سلام سنيها اچڻ وڃڻ لڳا ۽ هو اڃا هڪ ٻئي جي نيازن، نازن ۽ سچائي جاچڻ ۽ پرکڻ ۾ ئي ڏينهن گذاري رهيا هئا، ته ڪشور شاه جو لشڪر اميرن ۽ وزيرن ۽ داين ٻانهين سميت اچي چئين کان نڪتو، ڇاڪاڻ جو انهن کي خاطري جهڙي ڏس مليو هو، ته شهزادو بهرام فغفور بادشاه جي شهر ۾ آهي. فغفور آيل اميرن وزيرن کي خط ڏيکاريو، جو ڏسي انهن کي تسلي ٿي ته هي اکر شهزادي بهرام جا آهن ۽ اهو آهي بہ هن شهر ۾. انهن وري پنهنجي خفيه پوليس شهر ۾ پکيڙي، جا شهزادي کي هٿ ڪري وٺي آئي. اميرن وزيرن بهرام کي شاهاڻا وڳا ڍڪائي فغفور جي درٻار ۾ حاضر ڪيو. فغفور بادشاه بهرام شاه کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان جي شڪر گذاري ڪيائين. رات وچ ۾ بهرام ۽ ان جو لشڪر ڪئن چٽ ٿيو، سو احوال بہ بهرام شاه ڪري ٻڌايو ۽ اتي جو اتي ديو بہ ڪچهريءَ ۾ حاضر ڪري ڏيکاريائين.
تان پر کان پيئي پاتشاه، ات ڏسي عظمت،
چي اسين تابع تنهنجا، هن روٿ ڏيو رخصت.“
بهرام شاه جي امير فغفور کان گل اندام جي سڱ بهرام بادشاه لاءِ گهريو، فغفور چيو ته مون کي سڱ ڏيڻ کان ڪو بہ انڪار ڪونهي، پر:
”هوءَ پنهنجي وات وڪيل آهي سالڪ سچاري،
ڪريون تڏهن تياري، جڏهن اوڏانهون آئونڪر ٿئي.“
پوءِ ته ٻنهي طرفن جون دايون ۽ ٻانهيون گل اندام کي ڪانڌ قبولائڻ وڃي منٿ ميڙ ڪرڻ لڳيون، گهڻن ماڻن ڪرڻ کان پوءِ گل اندام هائوڪار ڪَئي:
”تڏهن سنئين ڪيائين ساهيڙين سڳر،
دل ۾ هئس دوست جي اڳئي سڪ سڀر،
هي ٿيون سرتيون اپر، ته هن ڪامڻ ڪانڌ قبوليو.“
ڏاڍيءَ ڌام ڌوم کان بهرام شاه ۽ گل اندام جي شادي ٿي. ڪجهه ڏينهن اتي گذاري بهرام شاه سوڀ ۽ فتح سان موٽي پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ آيو.
”ناميو نائين ڏينهن تي نڪري ٿيو نروار،
ڪشور شاه ڪٽڪ سان آين آڳيوار،
جئن وڇڙيا ورهن جا ٿو ڪري جمع جبار،
سڀ ڀت سرهايون ٿيون تسين توه تبار،
جن ڪلمي سان قرار، اسهيا سي ايمان سين.“
نوٽ: هن قصي کي نظم ۾ ٺاهيندڙ ڇتو کٽي آهي.
جنهن جو نالو وچو وچ ٽن چئن ڏوهيڙن ۾ آيل آهي.
اهو ڇتو کٽي ڪٿي جو ويٺل هو، سا خبر نہ آهي.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ لکيل آهي، ته ”هي ڪتاب آخوند عبدالرحيم پٽ آخوند محمد وفا عباسي ڳنڍي سڌاري منتخب سوڌو تيار ڪيو.“

(5) قصو عجائب شاهه
ڪتاب جي حقيقت: هي هڪڙو ڇاپيل جهونو ڪتاب هٿ آيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل پيج ڪونهي. مگر قصي جي نموني ۽ ڇاپي مان سمجهجي ٿو، ته هي سيف الملوڪ وغيره نظمي قصن سان گڏ آخوند عبدالرحيم مرحوم هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ کي ڏنو، جنهن ڇاپائي پڌرو ڪيو هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ اهڙو ئي خيالي قصو نظم ۾ آندل آهي، جهڙوڪ ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ آهن. آکاڻيءَ جو اختصار هي آهي:
بهگرد شاه نالي هڪڙو زبردست بادشاه هو، جنهن وٽ لشڪر ۽ مال خزاني جي ڪا بہ کوٽ ڪانه هئي؛ مگر:
”مرد ماندائي من ۾ هئي اشتياق اصيل،
خزانا خيرات ڪئو ٿو نر لٽائي نيل،
آهون در الله جي ڪري سنجهه سبيل،
هر دم در جليل، فريادي فرزند جو.“
”مرد ماندائي من ۾ پڻ گهڻي سڪ عورت
خزانا خيرات ڪيو ٿي هردم کڻي هٿ
جو سنگ سونهي ۾ سٿ، سو گهر مون ڏيو گهوٽيو.“ (بيت 4 ۽ 5)
ڌڻي تعالى انهن ٻنهي زال مڙسن جو سوال اگهايو ۽ انهن کي پٽ ڄائو.
”ٻار ٻٽيهون لکڻو ڄاڻ ڀري وڄايو،
راڻين رهسيو1، راءِ سان نئين ڳر2 ڳڌو3 لايو،
نانء پسر جو پاتشاهه ٻولي ٻڌايو،
احسانئون آيو، عجائب اسان4 مٿي.“ (بيت 7)
جنهن رات بهگر شاه کي پٽ ڄائو هو، تنهن ساڳيءَ رات اڪرم وزير کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائون رهسنگ.
عجائب شاهه ۽ رهسنگ جي تربيت ۽ تعليم لاءِ هڪجهڙو بندوبست ٿيو، جڏهن هو ٻئي لائق جوان ٿيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن بهگرد شاه پنهنجي پٽ کي ڪچهريءَ ۾ سڏي چيو ته ”پٽ! توکي ڌڻي سڳوري لائق ڪيو آهي، تنهن ڪري ويهي تخت ماڻ ته آءٌ هڪ هنڌ ويهي پنهنجي ڌڻيءُ کي ياد ڪريان ۽ تنهنجي حق ۾ دعائون پنندو رهان.، تڏهن:
”عرض عجائب شاه ڪيو، ڪر ٻڌي5 قربدار
مٿي تخت طريل تون هجين ماه مڻيادار
راضي ٿيءُ رضا تي صاحب لڳ ستار،
آءٌ جوڙان6 ۽ جنسار، ڏسان ماڳ ملڪ جا.“
بادشاه چيو: ”پٽ! توکي اکين کان پري ڪرڻ دل نٿي گهري، پر تنهنجي مرضي بہ پڇيو نٿو سگهان.“
عجائب شاهه پنهنجي دوست وزير رهسنگ سان گڏ گهمندو ڦرندو ۽ سئل شڪار ڪندو وتندو هو. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي شهزادو پنهنجن همراهن سميت جهنگل ۾ ڪن وڻن جي ڇانءِ هيٺ ويٺو هو،ته ايتري ۾ ڪو پير مرد سيلاني اتي اچي نڪتو. سيلاني فقير جدا جدا شهرن ۽ ملڪن جون حقيقتون ٻڌائيندي شهزادي کي چيو ته ”بيت العمان“ نالي هڪڙو ديون جو ملڪ آهي، ان جهڙو سهڻو ۽ وڻندڙ ملڪ ٻيو دنيا ۾ ڪونه ڏٺم. ان ملڪ جي شهزادي نوش لب جهڙي سهڻي شهزادي بہ ڪا دنيا ۾ نہ هوندي.“
انهيءَ مذڪور ٻڌڻ شرط عجائب شاه اڻ ڏٺي نوش لب جو عاشق بنجي پيو:
”ٿئس حب حبيب جي، محڪم اندر من؛
عشق عجائب شاه تي پر1 ٽيو پر2 پون؛
سورن جو سرير ۾ ڪيا دانہ3 کيچي4، دن5؛
محبت محبوبن جي ڇايون6 وانگي ڇن7؛
تنهين کيس تمام ڪيو، پر جي چڪ8 چڪن؛
رهسنگ ريجهايو ڪري ڪنهن فائق ساڻ فنن؛
ڦيريا فصل چوي سورهيه سيورَن9؛
لعل لنگهي بر بن، آيا شير شهر ۾.“ (بيت 32)
پنهنجي گهر اچڻ کان پوءِ عجائب شاه اونڌي منجي ڪري پئجي رهيو. بادشاه، راڻي، وزير امير ۽ نوڪر چاڪر سڀ شهزادي جي بي حالي ڏسي ارمان ۾ پئجي ويا. گهڻئي حڪيم ۽ طبيب اچي حاضر ٿيا؛ پر:
”ڇڏ تون لالچ لئونگ چوي اڀري ٿي پري؛
انهيءَ ويڄ نہ وسهان ته ڪا ڦڪي فرق ڪري؛
دارون دوست ڳري؛ جي اوڀري هن آزار جا.“ (بيت 47)
آخر عجائب شاه کي پنهنجي محبوب ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏيڻ ڌاران ٻيو ڪو بہ حيلو نظر ڪونه آيو. عجائب شاه ۽ رهسنگ شڪار ڪندي پنهنجي ماڻهن کان تڳي ويا ۽ هڪڙي عاليشان شهر کان وڃي نڪتا، جو ديون جو شهر هو، اتي رهسنگ ديون سان دوستي رکي بيت العمال جو ڏس پتو پڇيو، ۽ ان ڏس موجب وري ٻيڙا تيار ڪري سمنڊ هاڪاريائون. اتي اهڙو سخت طوفان اچي لڳو، جو تختو نہ تختي ڀيڙُ ٿيو. شهزادو هڪڙي تختي تي ٽلڪندو وتيو.
سائو1 سنگ2 سمنڊ جو دهوڙي3 داناءَ،
سرتا4 ساريو سو ڳري جو هاري جاڙاءَ5،
هڪ ورو6 تهڙو وزير هو پانہ7 جو پرچاءَ،
سو بہ جدا جانب کان ٿيو وير ڇني ڇوهاءِ8،
رويو چوي راءِ، رهسنگ پرتئين رب کي.“ (بيت 81)
شهزادو ٽلندي ٽلڪندي ڪنهن ٻيٽ تي اچي پهتو. اتي هڪڙي باغ ۾ عاليشان عمارت ڏٺائين. اندر ويو ته ترڪستان جي بادشاه بهرام شاه جي ڌيءَ مست ناز کي اتي ڏٺائين.جا ڪنهن زبردست ديو اتي آڻي بند ڪئي هئي. هڪ ٻئي سان حال احوال ڪندي شهزادي کي معلوم ٿيو، ته اها مست ناز، نوش لب جي ساهيڙي آهي؛ تنهنڪري ان کي پنهن جي ڀيڻ بڻايائين ۽ ان ديو کي ماري کيس آجو ڪري ترڪستان پهچايائين.
ترڪستان جي بهرام شاه عجائب شاه جو ٿورو مڃيو ۽ ان کي سندس مرضيءَ موجب باغ ۾ الڳ محلات ڏنائين ۽ هر طرح جا بندوبست رکي ڏنائينس. عجائب شاه جي چوڻ تي بهرام شاه پنهنجا سپاهي چوطرف پکيڙيا، جي رهسنگ کي ملڪن مان ڳولي هٿ ڪري آيا. عجائب شاه ۽ رهسنگ خوش ٿي هڪ ٻئي سان مليا ۽ اميراڻي نموني ۾ ڪجهه وقت گذاريائون.
مست ناز جي خير سلامتيءَ سان اچڻ ڪري سنديس سڀ ساهيڙيون پريون نوش لب سميت کيس ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيون. اتي مست ناز جي معرفت عجائب شاه ۽ نوش لب جي ملاقات ٿي.
”تو آئي عيدان ٿيون، جاني جئين شال،
ڪوٺائڻ قريب کي منهنجي ڇاهي مجال،
ڀلائيءَ جا ڀال، عجيبن اچي ڪيا.“ (بيت 150)
اوتي اکڙين سان، پرتئون پيتائون.
ڪيف ڪڪوريا نينهن جا سي سک سيتائون
ڪي ڳڻ ڪيتائون1، جائون2 ٿي جار3 پيار. (بيت158)
نوش لب جي ماءُ اها خبر ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙي تنهن عجائب شاهه کي کنڀن سان اهڙي اڇل ڏني، جو هڪڙي اونداهي کوهه ۾ وڃي پيو. مست ناز ۽ نوش لب جي ڪوشش سان گهڻين تڪليفن کان پوءِ عجائب شاهه کوهه مان نڪتو ۽ سنديس شادي نوش لب سان ۽ رهسنگ جي شادي مست ناز سان ٿي. ڳچ ڏينهن اتي گذاري پوءِ عجائب شاهه ۽ رهسنگ پنهنجين ڪنوارين سميت پنهنجي ديس ۾ آيا.
”تڏهن مير گڏيو پيءُ ماءُ کي ڪوڏئون ساڻ قرار،
دانہ دور گهمايو چوڪندين چوڌار،
ٿيا مجري مير ملوڪ جي مڙيئي منصبدار،
پانو پنهنجي پٽ کي دل ٻڌي دستار4،
راڄئي رعيت انعام ڪئي ٽي سال سڄا سردار،
ميلو محبتن جو ڪيو ڏينهن ڏاتار،
جي لهن ڪلمي سار، وينداسي ايمان سان.“ (بيت 245 آخرين)
نوٽ- هن آکاڻي ۾ بہ ٻن ٽن شاعرن جي نالن سان ڏوهيڙا پيل آهن: ڪٿي فاضل، ڪٿي فضل ۽ ڪٿي لؤنگ، اها خبر نہ اهي، ته اهي شاعر ڪير ۽ ڪٿي جا هئا. مگر ٻوليءَ جي ورجيس مان تسلي ٿئي ٿي، ته اهي شاعر سنڌ جي اتر ڀاڱي جا هئا. جئن ته:
”بابي سنديون بندگيون ڪري جوڙيون جماعتان1
باڪي بهگرد ڪيون تڏهن خوشيون خيراتان2
اڄ پسر جي پور کان ٿئس آجو آءٌ تان،
هو جي بيگانيون باتان3، سي فرزند مون ڦٽيون ڪيون.“
(بيت 58)

(6) جواهر لغات
ڪتاب جي حقيقت: جنهن وقت اڃا ڪا بہ سنڌي ٻوليءَ بابت لغت ٺهيل نہ هئي، سواءِ سٽئڪ صاحب واري ڊڪشنريءَ جي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ناگري اکرن ۾ ۽ معنى انگريزي ۾ ڏنل آهي، تنهن وقت آخوند عبدالرحيم عباسي ٻہ ٽي هزار سنڌي ۽ رواجي عربي خواه پارسي لفظ گڏ ڪري هڪڙي لغت تيار ڪئي هئي، جنهن جو نالو رکيائين ”جواهر لغات“ اها اڄ تائين آخوند صاحب جي هٿن جي لکيل دستخط حالت ۾ موجود آهي. ان جي ڇاپائڻ جو تعليم کاتي خيال نہ ڪيو، سو شايد هن ڪري جو هڪڙو ته ان جي صورتخطي بلڪل جهوني نموني جي آهي، ٻيو ته سنڌي لفظن جي فقط لفظي معنى پارسيءَ ۾ لکيل آهي، ۽ ٽيون ته شرٽ صاحب واري سنڌي انگريزي ڊڪشنري تيار ٿي هئي، تنهن ۾ هن لغت جا لفظ بہ ڪم اچي ويا هيا.

مضمون:
هن لغت ۾ مصنف پهريائين سنڌي آئيويٽا ڏني آهي، جنهن ۾ نج اکرن جون صورتون اهڙيون من گهڙت ڪم آنديون اٿس، جهڙيون ٽرمپ صاحب شاه جي رسالي ڇاپائڻ وقت ڪم آنديون هيون.
تنهن کان پوءِ ”چوڻ“ مصدر جا سڀني زمانن ۾ ڦيرا (گردان) پارسي معنى سان لکيا اٿس. پوءِ الف بي وارن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏنيون اٿس ۽ هر هڪ لفظ جي سامهون ان جو گرامر جو نالو ۽ جنس، عدد (جي فعل آهي، ته فعلي صيغي جو نالو وغيره) ڏيندو ويو آهي.

مثال:
اَباهن بخشيندن مصدر
اَبداڻو نيفه مذڪر اسم، خاص، جنس
اَجڙي دهقاني مذڪر اسم صفاتي است
پاهڻ پرورش و رحم ڪردن مصدر
جاڳو خبر از غيب گوئي گرفتن مذڪر اسم ذات
نوٽ: مٿيان سنڌي لفظ ڪتاب ۾ ڪم آيل صورتخطيءَ ۾ نہ لکيا ويا آهن، پر هالو چالو صورتخطيءَ ۾ لکيا ويا آهن.
ڪتاب جي سبب تاليف بابت آخوند صاحب هئن لکيو آهي:
”جڏهن ڏينهن هيڪڙي (هڪڙي ڏينهن) هي اٻالو عبدالرحيم پٽ محمد وفا جو عباسي گنبذي (گنبذ جو ويٺل) هاڻي رهاسو (رهاڪو) ڪراچي جو مجنهه سٿ ساٿارين جي (دوستن جي مجلس ۾) ويٺو هو ته اوچتو ئي ڳالهه ٻولهه لفظن سندن (سنڌي لفظن جي ڳالهه ٻولهه ) وچ ۾ آئي تڏهن ڪن منجهان ساٿارين (ساٿارين مان ڪن) چيو ته جيڪڏهن تون ڪو ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪر ماڻهن جو گڻ ۽ فائدو ٿي پوي) تڏهن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو هن ڪتاب جو جواهر لغات (سنڌي اڪيچار) رکيم ۽ ٺهوڙ (بناوت) هن ڪتاب جو (جي) مٿي ٿن ڀاڱن (ٽن ڀاڳن) ۾ ڪيم.“
نوٽ: ”جواهر لغات“ مان معلوم ٿئي ٿو ته آخوند عبدالرحيم صاحب جي مادري ٻولي سنڌي نہ هئي، ڇاڪاڻ ته لغت ۾ ڪيترن مذڪر اسمن کي مؤنث ۽ مؤنث اسمن کي مذڪر ڪري لکندو ويو آهي. تنهن کان سواءِ سڄي ديباچي پڙهڻ مان صفا ظاهر ٿئي ٿو ته هو پارسيءَ جو عالم هو ۽ سنڌ ۾ گذارڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس بہ چڱيءَ طرح ڪيو هئائين، مگر صحيح سنڌي عبارت ۽ محاورن ڪم آڻڻ جو استعمال ڪونه هوس.

سنڌ جي شاعريءَ جو نئون روپ.

شاعريءَ جي اصليت ۽ قيمت:
شاعري انسان ذات لاءِ قدرتي بخشش اهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ديس يا قوم ڪا نہ هوندي، جنهن ۾ ”شعر يا شاعري“ اصل کان وٺي اڄ تائين نہ هلي آئي هجي. قوم جي ستل جذبن کي ڪنهن طرف ڏانهن کڙو ۽ تيز ڪرڻ ۽ مئل دلين ۾ روح ڦوڪڻ شاعريءَ جو اهڙو فطرتي ڪم آهي. جهڙو اُڀرڻ ساڻ گرمي پيدا ڪرڻ سج جو قدرتي ڪم آهي. عربستان جو ڪو شاعر جڏهن پنهنجي قبيلي ۾ جنگي روح ڦوڪڻ لاءِ ٽڪريءَ تي چڙهي شعر پڙهندو هو، تڏهن سندس هم قوم جوش ۽ جذبي ۾ کڙا ٿيو ويندا هئا، ۽ مخالف ڌر ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهيو ڏيندا هئا؛ ۽ عرب زالن جا ”رجز“ (جنگي شعر) بزدلن کي بہ شيردل بڻايو وجهندا هئا. راجپوت شاعرن جي جوش ۽ غيرت پيدا ڪندڙ شعر جي اثر ڪري مرد ته پتنگن وانگر پاڻ کي ترارين جي تاءَ تي اڇليو وجهندا هئا، پر زالون بہ ڌارين جي هٿ چڙهڻ کان پاڻ کي جيئرو (جوهر) جلائڻ فخر سمجهنديون هيون.
انگلنڊ جو بادشاه ايڊورڊ جنهن سنه 1272ع کان 1307ع تائين حڪومت ڪئي هئي، سو جڏهن ڳري لشڪر ۽ اسباب سان ويلس جي جابلو ماڻهن تي ڪاهي ويو هو، تڏهن ويلس جي شاعرن پنهنجي قوم ۾ ايڏو جوش ۽ غيرت پيدا ڪري وڌي، جو انهن ايڊورڊ بادشاه کي رڪ جا چڻا چٻاڙائي ڇڏيا. آخر جڏهن ڪنهن صلاح ملڻ تي ان ويلس جا سڀ شاعر گڏ ڪري مارائي ڇڏيا، تڏهن اتي جا ماڻهو ڍرا ۽ وائڙا ٿي جيتجي پيا.
شاعريءَ جو روپ مٽجڻ:
سڀڪنهن ملڪ جي شاعري ملڪ جي حالتن ۽ تبديلين جي مدنظر تي پنهنجو روپ مٽائيندي رهي آهي، جنهن وقت کان وٺي عربستان ۽ ايران ۾ خود مختار حڪومتون شروع ٿيون، ملڪ ۾ اندروني امن امان ۽ عيش عشرت وڌندو ويو ۽ شاعر بہ قومن جي هٿن مان نڪري وڃي حاڪمن ۽ اميرن جي ڄارن ۾ ڦاٿا، تنهن وقت کان وٺي اتيجي شاعري جو روپ مٽجڻ لڳو؛ ان مان قوميت جو روح صفا نڪري ويو ۽ خدا تعالى ڏي روح جي ڪشش وارو مضمون ويو اُجهامندو؛ انهن جي عوض حسن پرستي، شراب نوشي، ناز و نياز، عيش عشرت، وصل ۽ هجر، حاڪمن ۽ اميرن جي گهوڙن کي آسمان اڏامندڙ ۽ تلوار کي اُڀ چيريندڙ بڻائي انهن کي خوش ڪرڻ وارا مضمون منجهس ويا ٺوسبا،حسن پرستي ذڪر کي سنگارڻ لاءِ ساڻس گل و بلبل سرو و صنوبر، نرگس ۽ لاله وغيره فطرتي حسن جي اسباب کي شامل ڪرڻ سان اها شاعري اهڙي مقبول ۽ عام پسند ٿي ويئي، جو جيڪي خدا پرست بزرگ شاعر دنيا جي وهنوارن کان ئي الڳ هئا، سي بہ پنهنجي روحاني جذبن ۽ اُمنگن کي انهيءَ نئين روپ واريءَ شاعريءَ جي لباس ۾ بيان ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو هونءُ سندن خيالن کي عام خاص ۾ مقبوليت حاصل ٿيئڻ جو رستو ئي ڪونه رهيو هو. انهيءَ ڪري ئي مولانا جلال الدين رومي رح جهڙي بزرگ کي بہ هيءَ فتوا ڏيڻي پيئي:
”بهتر آن باشد که سر دوستان،
گفته آيد در حديث ديگران.“
(بهتر ائين ٿيندو ته آئنده حقيقي محبوبن جو راز ٻين جي ڍنگ ۾ بيان ڪجي، جو عام پسند آهي.)
جيڪي روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾ نظم ٿيندا آيا، سي عام خاص ۾ قبول پوندا ويا؛ خاص ماڻهن نئين روپ هوندي بہ انهن مان روحاني جذبو پي حاصل ڪيو آهي، تن اهڙي لباس واري روحاني مضمون کي بہ پڌري حسن پرستي ڄاڻي ان سان دلچسپي پي رکي آهي ۽ اهڙن روحاني ڪلامن کي حسن پرستي ۽ عشق بازيءَ ۾ لڳڻ لاءِ بزرگن کان مليل سرٽيفڪيٽ پي ڄاتو اٿن.
شاعريءَ جي انهيءَ نئين روپ پکڙجڻ مان آخر هي نتيجو نروار ٿيندو آيو آهي، جو جئن پوءِ تئن ديس ۽ قوم ۾ حسن پرستي، عشقبازي ۽ عيش عشرت جي ڪشش ۽ سستي ويئي آهي وڌندي، ۽ روحاني ۽ قومي جذبن جي تازگي، جا شاعريءَ جي قدرتي ۽ اصل مراد آهي، سا ويئي آهي ريٽبي، شهنشاه اورنگزيب عالمگير شاهي محلات وارن مڪتبن ۾”غزليات سعدي“، ”ديوان حافظ“ ۽ ”ديوان شمس تبريزي“ جهڙن ڪتابن (جنجو روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾ ڍڪيل آهي) ڪم آڻڻ جي سخت منع ڪري ڇڏي هئي، سا منع ڪا بي معنى نہ هئي.
هندستان ۽ سنڌ جي شاعري:
اها ايراني شاعري مغل گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي هندستان توڙي سنڌ ۾ پختا پير ڄمائڻ لڳي ۽ ڄمائي ويئي.
هندستان جي قديم شاعريءَ جو رخ هڪڙي پاسي قومي ۽ جنگي روح ڦوڪڻ ڏانهن هوندو هو. ته ٻئي پاسي روحاني جذبن کي دنيا جي خرابين کان بچڻ ۽ خدا ڏانهن رجوع ٿيڻ طرف رکندو آيو. آخر انهيءَ شاعريءَ مان بہ قومي ۽ جنگي روح نڪري ويو ۽ فقط روحاني جذبو وڃي منجهس رهيو آهي. انساني روح کي فطرت جي حسن ڏانهن جا قدرتي ڪشش آهي، تنهن کي بہ سڀڪنهن ديس ۽ قوم ۾ قديم وقت کان وٺي زنده رکندي آئي آهي. هندستان جي قديم شاعريءَ ۾ بہ حسن عشق جو مضمون آهي، پر ائين، جئن اٽي ۾ لوڻ.
سنڌ جي ادبي تاريخ جي پهرئين جلد ۾ سنڌ جي اوائلي نج ۽ سليس شاعريءَ جو نقشو چڱي طرح ڏيکاريل آهي، جنهن مان صاف طرح نظر ايندو، ته انهيءَ شاعريءَ جو حاصل مطلب آهي فقط مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني جذبن کي تيز تکو ڪرڻ، جيتوڻيڪ انهيءَ دور واريءَ شاعريءَ ۾ قوميت جو روح خير ڪو آهي ته بہ منجهانئس قوم ۽ ديس تي اخلاق، شريعت ۽ طريقت جو ڪافي اثر پئجي سگهيو آهي. جتي جتي انهيءَ دور وارن بزرگ شاعرن ”عشق و حسن“ جو مسئلو کنيو آهي، اتي ان کي بہ گهڙي بڻائي روحاني جذبي ۽ اخلاق ڏانهن رجوع پي ڪيو اٿن.
هاڻي اسين سنڌ جي شاعريءَ جو جيڪو روپ بيان ڪنداسون، سو اولائلي دور واريءَ شاعريءَ جي روپ کان بلڪل علحدو آهي: مضمون علحدو، ٺاه ۽ بناوت جو نمونو علحدو ۽ عبارت جي ادائيءَ جو ڍنگ علحدو.
سنڌي شاعريءَ جو اهو نئون روپ هوبهو انهيءَ ايراني شاعريءَ جو نقل آهي جنهن جو بيان هن باب جي منڍ ۾ ڪري آيا آهيون.
هن ڳالهه ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي ته سنڌ جي شاعريءَ جو هي نئون روپ اسان کي چڱيءَ طرح ٻڌائيندو، ته انهيءَ دور ۾ سنڌي زبان جي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتي محاورن ۾ ڪيتري قدر ڦيريون گهيريون ۽ ڪهڙيون زيادتيون ٿي ويون آهن ۽ انهيءَ روپ مان اسان کي هي يقين بہ ٿيندو، ته عربي ۽ ايراني شاعريءَ مان فصاحت ۽ بلاغت جو ايترو سامان اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ موجود ٿي چڪو آهي، جو جيڪڏهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهو پاڙهيو ۽ پروڙايو وڃي، ته ايندڙ وقت جي سنڌي شاعري اصلي ۽ حقيقي معنى ۾ نج ۽ دلچسپ شاعري بڻجي وڃي.
نئين روپ واري سنڌي شاعري، جنهن جو بيان اڳتي اسان کي تفصيلوار ڪرڻو آهي، تنهن ۾ روحاني جذبا ۽ جوش موجود آهن. پر ڄاڻن ۽ ويچار وانن لاءِ، نہ ٽڙي ٽامڙيءَ لاءِ؛ ان ۾ اخلاقي اسباب اڪيچار آهي، پر تار ترندڙ لاءِ؛ نہ اڻ تارن لاءِ. باقي قوميت جو روح انهيءَ نئين روپ واريءَ سنڌي شاعريءَ کان گهڻو پري آهي؛ ڇاڪاڻ جو” حسن پرستي“ ۽ ”قومي زندگيءَ“ جو پاڻ ۾ کوڙوئي لڳڻو نہ آهي.،
سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ ايراني روپ مٽائڻ لاءِ هن کان اڳ ٻہ ڀيرا ڪوششيون ٿيون هيون: پهرين ڪوشش مولوي الهه بخش مرحوم (اٻوجهو) ڪري چڪو هو ۽ ٻي ڪوشش 1919ع ۽ 1925ع جي وچ ۾ هندستان ۽ سنڌ جي ڪن سرويچ هندو ۽ مسلمان شاعرن ڪئي هئي؛ جنهن بابت مفصل حقيقت اميد ته هن ئي ڪتاب ۾ پنهنجي پنهنجي موقعي تي بيان ٿيندي؛ پر انهن ڪوششن کي نڪو ٽيڪو مليو ۽ نہ اُسرڻ جو موقعو ئي مليو، تنهن ڪي اهي برساتي کنڀين وانگر اتي جو اتي خاڪ درخاڪ ٿي وييون.
ائين نہ سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي شاعريءَ جو نئون روپ سنڌ جي اوائلي شاعريءَ واري روپ کي صفا تڙي چڪو آهي: نہ نه، سنڌي شاعريءَ جو اصلوڪو روپ بہ اڄ تائين سنڌ ۾ هليو ٿو اچي (جئن هن ڪتاب ۾ موقعي بہ موقعي نظر ايندو)
هن کان اڳتي اسين نئين روپ واري سنڌي شاعريءَ کي ”علم عروض“ جي احوال تي ٺهيل ڪلام يا موزون ڪلام جي نالي سان سڏيندا اينداسون.

ايراني شعر جو اثر:
علم عروض جي اصول موجب شعر جا ڪيترائي قسم آهن، جئن ته فرد، بيت، مثنوي، غزل، مستزاد، قطعه، رباعي، مربع، مثلث، مخمس، مسدس، قصيدو، ترجيح بند، ترڪيب بند، مٿين قسمن جي شعر تي جن مکيه سنڌي بزرگن مرزا قليچ بيگ صاحب تائين طبع آزمائي ڪئي سي هي آهن:
آخوند گل محمد، فاضل شاه، قاسم، مير حسن علي، مير عبدالحسين سانگي، حاجي غلام محمد گدا، غلام مرتضى شاه مرتضائي، قادر بخش بيدل، فقير محمد عاجز، شمس العلماءُ آفتاب سنڌي ادب مرزا قليچ بيگ.
هيٺيان تنقيدي مضمون مٿين شاعرن جي شعر بابت ڏجن ٿا.

خليفو گل محمد (گل) آخوند سانوڻي (1808ع کان 1855ع تائين)

سوانح عمري:
آخوند گل محمد هالن پراڻن جي سانوڻي آخوندن مان هو، جي علم فضيلت ۽ فقيري فهم جي ڪري آڳاٽي زماني کان وٺي مشهور هئا. هالن پراڻن ۾ سانوڻي آخوندن کي ”استاد گهر“ ڪري مڃيو ويندو هو.
آخوند گل محمد صاحب هجري سنه 1226 برابر عيسوي سنه 1808ع ۾ ڄائو هو؛ ۽ پنهنجي اباڻي مڪتب ۾ پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم جو چڱي طرح اڀياس ڪيو هئائين.
آخوند صاحب جا وڏا روهڙيءَ واري پير سائين پاڳاري جا خاص مريد ۽ خليفا هوندا هئا، ۽ آخوند مرحوم جي والد صاحب جي وفات کان پوءِ اها خلافت جي پڳ خود آخوند صاحب تي آئي، تنهن ڪري کيس خليفو گل محمد ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ ڪري پير سائين پاڳاري جي سڀني مريدن ۾ خليفي گل محمد جي گهڻي عزت هوندي هئي، ۽ هو گهڻو وقت مريدن خادمن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ پير صاحب جي فرائض (سيڪڙ) وصول ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. هالن تعلقي جي کيبرن ڳوٺ ۾ گهڻو گذاريندو هو ۽ سندس مجازي نينهن جو ناتو بہ اتيئي سرجيل هو.
هي صاحب مجازي عشق ۾ پاڪباز ۽ حقيقي عشق ۾ سرفراز هو: جهڙو هو شريعت ۾ ماهر، تهڙو طريقت ۽ معرفت جو واقف هو. کيس ٻہ فرزند هئا جن مان هڪڙو ته سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو هو ۽ ٻيو ميان احمد جو کانئس پوءِ خليفو هو، سو بہ فقط نياڻيون ڇڏي وفات ڪري ويو. هن وقت ميان احمد جو ڏهٽاڻ موجود آهي.
خليفو گل محمد ستيتاليهن ورهن جي عمر ۾ حج ڪرڻ ويو ۽ حج تي ويندي بمبئي ۾ ڪجهه وقت رهي پنهنجو سمورو ڪلام ليٿو ۾ ڇاپايائين ۽ ان جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانيون ڪيائين. بمبئي مان جئن عربستان پهتو، تئن مڪہ معظمہ ۾ هجري سنه 1272 برابر عيسوي سنه 1855ع ۾ رضا ڪيائين. خليفو گل محمد سنڌ جي موزون ڪلام چوندڙ شاعرن ۾ منڍ ليکيو وڃي ٿو. سو هن ڪري جو سنڌ جي شاعريءَ ۾ ان ڪي ايجادون (نيون ڳالهيون) داخل ڪيون هيون.

(1) آخوند صاحب جون ايجادون ۽ سندس ڪلام جون خصوصيتون
1- آخوند صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي زبان ۾ پنهنجو مڪمل ”ديوان“ ڇاپائي اهل وطن جي پيش ڪيو هو. انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي، ته آخوند صاحب مرحوم کان اڳ بہ ڪي بزرگ سنڌيءَ ۾ موزون ڪلام چوندڙ هئا؛ پر ”ديوان“ جي صورت ۾ پهريائين پهريائين هن صاحب جو ڪلام ئي پڌرو ٿيو، جو ”ديوان گل“ جي نالي سان مشهور آهي.

2- ”علم عروض“ جي جدا جد اارڪانن ۽ بحرن ۾ ايراني شاعريءَ جي نقش قدم موجب علحدن علحدن مضمونن کي سنڌي نظم ۾ جوڙڻ جو موجد بہ آخوند گل محمد ئي آهي. سنڌي ادب جي پهرئين دور ۾ بہ ڪن بزرگن جي موزون ڪلام جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اهو ”موزون ڪلام“ اِڪنسابي (ڪوشش سان وزن تي بيهاريل) نہ چئبو، بلڪ اتفاقي موزون ڪلام چئبو؛ ڇاڪاڻ جو انهن بزرگن پنهنجا ڪلام علم موسيقي جي سُرن جي لحاظ تي ٺاهيا ۽ ڳايا آهن. پوءِ ڪن ڪلامن جي سرن جون ”ماترائون“ اتفاق سان علم عروض جي ڪن ارڪانن سان ميل کائي بيٺيون آهن، تنهنڪري انهن ڪلامن کي بہ موزون ليکڻ واجب ڄاتو ويو آهي. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، سچل سائين ۽ ڪن ٻين بزرگن جا موزون ڪلام جي سنڌي ادب جي پهرين دور ۾ بيان ڪيا ويا آهن، سي اتفاقي موزون ڪلام آهن، تنهنڪري اڪتسابي موزون ڪلام جو پهريون شايع ڪندڙ آخوند صاحب مرحوم ئي ليکيو وڃي ٿو. ثابت علي شاه جا ”مرثيا“ (جن جو ذڪر سنڌي ادب جي پهرئين دور ۾ ٿيل آهي) بيشڪ اڪتسابي موزون ڪلام آهي، پر اهو ”ديوان گل“ کان تمام گهڻو وقت کان پوءِ ڇاپجي نروار ٿيو هو.

3- موزون ڪلام ۾ نج سنڌي لفظ ڪم آڻڻ جي خصوصيت جهڙي ”ديوان گل“ ۾ آهي، تهڙي کانئس پوءِ وارن شاعرن جي ڪلامن ۾ نہ آهي؛ جي آهي، ته بہ ڪن ٿورن ۾. ڪي اهڙا بہ لفظ آهن، جي شاه ڪريم ۽ شاه ڀٽائي جي ڪلامن ۾ بہ نظر نٿا اچن ۽ نہ اڄ ڪلهه جي موجوده سنڌي ڊڪشنرين مان انهن جو پتو پئجي سگهي ٿو. آخوند صاحب پنهنجي ڇاپايل ”ديوان گل“ جي حاشيه تي اهڙن نج پراڻن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏيئي ڇڏيون هيون؛ پر افسوس! جو انهيءَ ڇاپي واري ڪاپي اڄ ڪلهه هٿ اچڻ محال آهي، جيڪڏهن انهيءَ ڪاپيءَ جو پورو نقل وقت بہ وقت ڇاپيو اچي ها، ۽ پويان شاعر بہ ٻين نون لفظن سان گڏ اهي نج سنڌي لفظ پنهنجن موزون ڪلامن ۾ ڪم آڻيندا اچن ٿا، ته هن وقت تائين نج سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي نہ حيرت انگيز ترقي نظر اچي ها!

4- ”ديوان گل“ ۾ هي بہ هڪڙي دلچسپ خصوصيت آهي، جو آخوند صاحب ”قافيه“ جي پورت لاءِ ڪن لفظن جون هالو چالو صورتون ڇانٽي انهن کي دل گهريون مختصر صورتون ڏنيون اٿن. جئن ته:
1- ”جئن چتون لا باغ چانگاري ۽ بلبل لاءِ گل،
قيس،ليلي لئي ليلا، دل منهنجي تو لئي سيدا.،
2- ”درد آهي دل ۾ دائم دردمندن کي ضرور،
صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنهن ساڻ چات.“
3- ”جي ويا ڪالهه اڄ نہ وريا اَڃ
ڏس اَسونهيءَ ويا نہ ڪيائون سڃ.“
پهرئين مثال ۾ آخوند صاحب ”ليلائي“ جي بدران ”ليلا“ لفظ ڪم آندو آهي، سو بہ جڏهن ”للا“ ڪري پڙهبو، تڏهن شعر جو وزن ۽ قافيو پورو بيهندو، آخوند صاحب کي قافيو ”سدا“ ۽ ”سڄا“ سان ملائي بيهارڻو هو، تنهنڪري ”ليلائي“ لفظ کي ڀڃي ڀوري کڻي ”للا“ ڪيو اٿس: تنهن کان ته ”فدا“ لفظ انهيءَ جاءِ تي وڌيڪ سٺو بيهي ها. اهڙيءَ طرح ”چاوت“ کي ڦيري ڪيو اٿس ”چات“، ڇاڪاڻ جو قافيو ”تات“ ۽ ”وات“ سان ملائڻو هوس. ”اَڃا“ کي مٽائي ڪيو اٿس ”اَڃ“ ڇاڪاڻ جو قافيو ”سڃ“ ۽ ”“وَڃ“ ساڻ ٺهڪائي بيهارڻو هوس. اهڙيءَ طرح ”وٿي“ جي بدران ”وٿ“، ”اٿيئي جي بدران ”اَٿي“، ”ڄڀان“ (زبان مان) جي بدران ”ڄڀا“ وغيره وغيره.
شاعريءَ جو ڪم آهي ٻوليءَ جا صحيح تلفظ ۽ صورتون قائم رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ، پر هن ايجاد ۾ ته آخوند صاحب الٽو رستو اختيار ڪيو آهي. ازانسواءِ ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ لفظ جي هالو چالو هجي بہ مٽائي ڇڏي ٿو. جئن ته:
1- پر آبت برت جو پويون پسارو.
پڇاڙي ڏين پيڙون، مهڙ ۾ هيڄ.“
(غ 47)
اتي آخوند صاحب ”هيج“ جي هجي مٽائي ڪئي اٿس ”هيڄ“ غزل 39 ۾ اهو ساڳيو لفظ هجي ۾ بہ ڪم آندو اٿس: ڇاڪاڻ جو اتي ”ڏيج“ ۽ ”ريج“ سان قافيو ملائي بيهارڻو هوس. جئن ته:
”سور ٿيو سينگار جن جو ڏک تن جو آهي ڏيج،
وره ووءِ ووءِ ٿيو وروهڻ هاءِ هاءِ آه هيج.“
(غ 39)
اهڙي طرح آخوند صاحب قافيه جي پورت خاطر ساڳيو لفظ ڪٿي صحيح هجي ۾، ته ڪٿي من گهڙت هجي ۾ رکي بہ وڃي پار پيو آهي. مثال 2-
1- ”ٻين جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ“
(غ 26)
2- ”اڳيان بيهي ڪري جو ڪوڪ چوَ ڦيٺ“
(غ 31)
ساڳيو لفظ ”ٺ“ جي قافيه پوري ڪرڻ لاءِ ”ڦيٺ“ جي صحيح صورت ۾ ڪم آيل آهي، ته ”ٽ“ جي قافيه پوري ڪرڻ لاءِ ”ڦيٺ“ جي من گهڙت صورت ڪتب آيل آهي. مثال 3-
”جوش جذبي ۾ زياده، منجهه طلب واڌو وڌن،
ڪو نہ ڪنٿا ٺاه ٺر ئي جئن تپن ڪن تاءُ ”تيج“.
(غ 93)
مٿئين مثال ۾ قافيه جي پورت لاءِ ”تيز“ کي مٽي”تيج“ ڪيو ويو آهي آخوند صاحب جي اها خصوصيت بہ پوين شاعرن تعميل جي لائق نہ سمجهي.
ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ آخوند صاحب اهڙا نج سنڌي لفظ ڪم آندا آهن، جي ظاهر ظهور من گهڙت پيا ڏسجن، جنجي معنى آخوند صاحب ئي پروڙي سگهيو هوندو. مثال:
1- ”سور ساجن جا اٿيئي سالور ۽ سينگار ساج،
کڻ مٿي تي ٿيءُ م هيڻي پومَ ڪنهنجي سام ست.“
(غ 23)
2- ”ترت تڪڙا تکا وڃن تاتا
تاءَ تؤ ۾ پون نہ لانجها لڃ.“
(غ 50)
3- ”گل ڇو ٿيو آهين وَرق، ڳر تان تئين پاڻي نڌڪ
پوءِ جمع ٿي سڀ لاءِ شڪ، لنو ”لا“ جي لاهي نوڙ لڇ.“
(غ 56)
آخوند صاحب مٿين مثالن ۾ ”ست،”لڃ“۽ ”لڇ“ اهي لفظ بي معنى ۽ فقط قافيه جي پورت لاءِ ڪم آندا آهن.

5- آخوند گل محمد جي ڪلام جي هيءَ خصوصيت قابل تعميل آهي جو ان پنهنجي ديس جي جدا جدا ڌنڌن ۽ هنرن کي شاعرانه نظر سان چڪاسي ان مان اخلاقي ۽ روحاني سبق ورتا آهن؛ ۽ جدا جدا نمونن ۾ رهندڙ ديسي ماڻهن جي سيرت جو اڀياس چڱيءَ طرح پنهنجي ڪلام ۾ ثابت ڪيو اٿس. آخوند صاحب اها خصوصيت شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام مان حاصل ڪئي آهي. مگر افسوس! جو پوين موزون ڪلام چوندڙ شاعرن انهيءَ ڪارائتي خصوصيت تي عمل نہ ڪيو آهي، جا ڪنهن بہ ديس جي نج شاعريءَ جو خاص جزو هئڻ گهرجي.

6- سنڌي ڪلام ۾ انگريزي ٻوليءَ جا لفظ پهريائين آخوند گل محمد صاحب ڪم آندا آهن. جهڙوڪ (Pistol) پستول، (Judge) جج، (Barracks) براڪون وغيره مثال:
”پستول پريت تنهنجي پائي،
منجهه جان جگر جلايا ڇيڙا.“
(غ 43)
”عشق جو علم عرف عين بيان،
ڪين سمجهي تنهين کي قاضي ججه.“
(غ 43)
”سڀ ڇڏي بنگلا براڪون
ماڙيون محلات هنڌ.“
(غ 73)


(2) ديوان گل جو مضمون
اصلي ۽ نقلي مضمون:
”علم عروض“ جي اصولن تي جو شعر سنڌ ۾ چوڻ ۾ آيو، سو ايراني شاعريءَ جي پيروي ڪرڻ سان، جنهن جو مفصل احوال مٿي ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري سنڌي موزون ڪلام جي مضمون تي بہ ايراني شعر واري مضمون جو اثر پوڻ قدرتي ڳالهه هئي. ان وقت جو هالو چالو ايراني شعر ايران ملڪ جي معاشرت (پنگتي حالت) ۽ اتي جي قدرتي نظارن جي تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين جي پوش ۾ جلوه گر هوندو هو؛ جنهن ڪري خدا پرست بزرگ بہ حقيقي مقصد ۽ مدعائون ساقي، شراب، پياله، گل و بلبل، شمع و پروانه، سرو و صنوبر، خط و خال، نرگس و لالا، زلف و سنبل وغيره جي لباس ۾ بيان ڪيون آهن. آخوند صاحب مرحوم جي موزون ڪلام جو مضمون بہ انهيءَ دستور کان آجو نہ آهي. جئن ته آخوند صاحب مرحوم پنهنجي ديوان ئي هن شعر سان شروع ڪري ٿو:
1- ”پيالو مي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا،
ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا.“
(غ 1)
انهيءَ شعر جو مضمون اهڙيائي مراد رکي ٿو، جهڙي حافظ شيرازي (رحه) جو هي شعر:-
”ساقيا برخيز درده جام را،
خاک بر سرڪن غم ايام را.“
2- ”ڏسڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي گل،
تنهنجو مکه گل، زلف سنبل، منهنجي دل جئن گل لالا.“
(غ 1)
”زلف“ يعني اها ڪارن وارن جي لڙهي، جا ڳڀرو ڇوڪر ۽ حسن فروش زالون ڪن جي اڳ کان لئوڻن تي ڍاري ان جي ڇيڙي کي ڪنڍيءَ وانگر واري ڇڏينديون آهن. سنڌ جي ماڻهن ۾ نہ زلف رکڻ جو رواج اڳ هو. نہ اڄ تائين آهي: جنهن کي هو خداداد حسن جو واڌارو سمجهندا آهن. ”سنبل“ هڪڙو ايراني ٻوٽو آهي، جنهن جي گل جون ڊگهيون ڪاريون تندو زلف جي نموني ٿينديون آهن ۽ گل کي حسن وارو ڪري بيهارينديون آهن. ”لالا“ بہ هڪڙو ايراني ڳاڙهو گل آهي، جنهن جي وچ تي قدرتي ڪارو داغ ٿيندو آهي. جن رسمن ۽ شين جو سنڌ جي ماڻهن ۽ تعلق رکندڙ قدرتي نظارن سان واسطو ئي ڪونهي، سي ڪلام مضمون ۾ آڻڻ نقلي مضمون چئبو نہ اصلي. شاه ڀٽائي کي جڏهن حقيقي محبوب جي نور ڀريل ديدار جي نرواريءَ لاءِ ڪنهن سهڻي گل سان ”تشبيہ“ ڏيڻي پيئي تڏهن ”دائودي گل“ کي پيش ڪري ٿو، جنهن جي نزاڪت جي پروڙ سنڌ جي سڀڪنهن ماڻهو کي آهي. جئن ته:-
”دائودي ديون ڪري رڪن ڪونهي رنگ“
(يمن ڪلياڻ ف 6)
سامي کي جڏهن سچن فقيرن جي دنيائي تعلق ۽ بي تعلقيءَ جو بيان ڪنهن قدرتي گل سان ڀيٽي نروار ڪرڻو پيو، تڏهن ڪنول (نيلوفر) ڏي ڌيان ڇڪايائين، جنهن کي سنڌ جو ننڍو وڏو سڃاڻي ٿو. جيئن ته:
”رهن منجهه جهان، سدا اليپ ڪنول جان.“
(شلوڪ)
اها آهي شاعريءَ جي نقلي مضمون ۽ اصلي مضمون جي ڀيٽ، انهيءَ هوندي بہ حقيقت هيءَ آهي، ته آخوند گل محمد جي ڪلام ۽ پوءِ وارن موزون ڪلام چوندڙن سنڌي شاعرن جي ڪلام بہ نسبت اهڙو ايراني شاعريءَ جو نقلي مضمون تمام ٿورو ڪم آيل آهي.
مضمون:
روحانيت جي سبقن وارو مضمون، جو ايران، هندستان ۽ سنڌ جي قديم شاعرن جو دستور العلم رهندو آيو آهي، جنهن کي عام طرح ”صوفيانو مضمون“ چيو وڃي ٿو، سو آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام ۾ پوءِ وارن شاعرن جي ڪلام بہ نسبت تمام گهڻي انداز ۽ ڪشادي پئماني تي سمايل آهي. صوفيانه مضمون جو خاص جزو آهي. ”روح“،”رب“ سان تعلق ۽ عشق، ۽ انهيءَ تعلق ۽ عشق نباهڻ جا وسيلا، اٽڪاء ۽ علاج نروار ڪرڻ. انهيءَ مضمون ۾ هيٺيان سرا سمايل رهن ٿا: (1) سنئون سڌو خدائي عشق (2) تصوف جي رنگ ۾ خدائي عشق، (3) حضرت نبي ڪريم صلعم جن ڏانهن عشق، (4)مرشد سان عشق، (5) اندر ۾ جهاتي پائي پاڻ سڃاڻڻ، (6) من جون سڌون ۽ نفسيات مارڻ، (7) دنيا جي فاني سکن ۾ غافل ٿي دائمي روحاني سک نہ وسارڻ، (8) ذڪر ۽ فڪر سان دلچسپي رکڻ (9) انسان ذات سان صاف دل ۽ بي تعصب رهڻ.
نمونه خاطر مٿين سرن جا ٿورا مثال ”ديوان گل“ مان هيٺ ڏجن ٿا:

سنئون سڌو خدائي عشق:
”اٿئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت،
دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا“
(غ 1 مان)
”المست عشق حق جا ٻاريو،
ٿا دل تي وتن ڏکن جا ڄيرا.“
(غ 7 مان)

تصوف جي رنگ ۾ خدائي عشق:
”حب ٿي حل تنهنجي، منهنجي هئين ۾ هادي،
ناهه ڪي ٻهر اندر تنهنجي بنا پٽ اڳ ڪا.
آهه موجود سڀت صورت ۾ سهڻو،
لامڪاني نہ رکي جاءِ، آهي هر ڪنهن جا،
محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فنا،
ويا لنگهي برپٽ ۽ رڻ ۾ لڌئون باغ بقا.“
(غ 9 مان)

عشق حضرت نبي ڪريم صلعم:
”ٿي سڪي ساري سدا، دل منهنجي تولئي سيدا،
ڏک ۾ راتيون ڏينهن سڄا، دل منهنجي تولئي سيدا.

تاب توڙي سوڪ جي ۾ لاءِ سرڪي آب جي،
جئن اڃيا آهن سلا، دل منهنجي تولئي سيدا،

پهون پٽ ۾، ڍور ڍٽ ۾، روهه ۾ روجهون هرڻ،
جئن سڪايا مينهن لا، دل منهنجي تولئي سيدا.“

پاڻ سڃاڻڻ:
”نفيءَ“ ۾ ڪر پاڻ ثابت، منجهه، عدم موجود ٿئيءُ،
رنگجيءَ کي ريج ڏي، وڍ جو وڌي ٿو لاڀ لڀ،
باغ بيرنگيءَ جو ٻوٽو تون وجودي واه گل!
واس تنهنجي واسيو گل عرش، ڪرسي، ڀونءَ اڀ.“
(غ 30 مان)
”پيا اندر ۾ پنهنجي پاهوڙيون ۽ ڪوڌاريون کڻي،
ڪيئون ڀڃي ڀوري برابر صاحب سڀ تودا ۽ اٽ.
ويا ڇڏي ”ناسوت“ کي لڙئا طرف ”لاهوت“ جي،
بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو ڪيائون رنگ چٽ.“
(غ 30 مان)

(2) عاشقان مضمون
انساني روح ۾ فطرتي جسمن ڏانهن جيڪا قدرتي ڪشش رکيل آهي، تنهن کي مجازي عشق جي روپ ۾ بيان ڪرڻ جو دستور سڀڪنهن ديس ۽ قوم جي شاعريءَ ۾ قديم زماني کان هلندو آيو آهي، مگر قديم وقت جي هندسستانين ۽ سنڌي بزرگ شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙي حسن پرستيءَ ۽ مجازي عشق جو مضمون اڻ لکو ۽ ڍڪيل پيو نظر اچي. ايراني شاعريءَ ۾ گهڻي وقت کان حسن پرستي ۽ مجازي عشق جو کليو کلايو مضمون چٽڻ گلن سان قائم رهندو آيو ۽ صوفي بزرگن بہ عشق مجازيءَ جي خطرناڪ رستي کي حقيقي عشق جي ڏاڪڻ ۽ ان جي خزاني جي واٽ مقرر ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري حسن پرستي ۽ عشق مجازي جو مضمون جئن ايراني شاعريءَ جو مکيه جزو بڻجي ويو، تئن آهستي آهستي هندستان ۽ سنڌ جي شاعريءَ جي مضمون جو بہ خاص جزو ٿيندو ويو. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ کانئس پوءِ وارن شاعرن جي ڪلامن بہ نسبت عاشقانو مضمون گهڻو گهٽ آهي، ته بہ جيڪو آهي، سو کليو کلايو آهي. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ اها خوبي آهي، جو جتي حسن پرستي ۽ مجازي عشق جو مضمون موج سان ڪم آڻي ٿو، اتي ترت ئي وريو پاڻ سنڀاليو حقيقت ڏانهن کڻيو رخ رکي.
مثال:
1- ”خوب خلقي تنهنجي صورت پاڪ خوش خاصي خدا،
منهنجي ملاحت سونهن سلابت، سڀ ڪنان سهڻي سدا.

طالبن مولى جي منجهه مورت مٺيءَ تنهنجي ڏٺو،
صحي صورت حق جي کي، حق باطل کان جدا.

جان جيءُ جند منهنجا جاني، جا تنهنجي تان صدق،
تون رهين باقي سلامت، آءٌ مٿان تنهنجي فدا.

تات تنهنجي ۾ ڪئي گل ترڪ سڀڪا تانگهه تات،
تون ئي منهنجو شهنشاه، آءٌ تنهنجو پينو گدا.“
(غ 3 مان)

اخلاقي مضمون:
خليفي گل محمد جهڙي باشريعت صوفيءَ جي ڪلام ۾ اخلاقي مضمون ته گهڻو ئي هئڻ فطرتي ڳالهه آهي.
مثال:
سچ:
1- ”جنهن جي سخن کي ناهه سچ وعدا ڪري جو قول ڳچ،
ڦولهڻ وفا ڪوڙن ڪنان آهي عبث آهي عبث.“
(غ 36 مان)
2- سنوت جي ڪر سڀن کي سچ مان آڇ،
م لڙ لڙ ڪر پٽي ور ونگ تي واڇ.“
(غ 54 مان)

چڱي صحبت:
”رک سنگت صحبت سنون سان، ٿيءُ م ڏنگن سان ڏنگو،
ڪوڙ تي شاهد مَ ٿيءُ کڻ ڏي مٿي سچ سنڌ ساک.
(غ 131 مان)

صبر ۽ تحمل:
1- ”صبر خاصو مٿي رضا رب جي،
منجهه طلب تات لوچ گهرجي لڇ.“
(غ 55 مان)
2- ”صبر ڪر اي دل مٿي حق جي رضا مشڪور ٿي،
وو ۽ وو ۽ واءِ ڪريو واءِ واڄٽ جئن م وڄ،
ڪر تحمل ٿيءُ جبل چر ڪيم ڪنهنجي چور تي،
هيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واءَ تي ڪک جئن مَ کڄ.“
(غ 45 مان)

فضيلت سان هلڻ چلڻ:
1- ”ڀونءَ مٿي هل ادب سين پير ڀري،
دل سندي ڌيان سان م ڪر دڙ دڙ.“
(غ 291 مان)
”چيت سان هل چڱيان مٿي گپ چڪ،
هوري هوي، م تاءِ تک ۾ ترڪ.“
(غ 291 مان)

حق حلال کاءُ:
”کلي کاءُ رهندو رزق رب جو،
آرهندو انڌا ڪيم وجهه پيٽ روڳ.“
(غ 142 مان)

(5) مدحيه هجويه ۽ مذاقيه مضمون
ڪلام ۾ ڪنهن جي ساراه يا گلا ڪرڻ يا ڪنهن سان چرچي بازي ڪرڻ بہ شاعرن جو ڪم آهي. ساراهه واري مضمون کي ”مدحيه“، گلاب واري مضمون کي هجويه ۽ چرچي بازي واري مضمون کي ”مذاقيه“ يا ”ظريفانه“ مضمون چئبو آهي. آخوند گل محمد جي ڪلام ۾ هجويه مضمون ته اصل ڪونهي، پر ”مدهيه“ ۽ “مذاقيه“ مضمون بہ ايتري قدر نہ آهي، جيتري قدر کانئس پوين شاعرن جي ڪلام ۾ آهي.
هن جي ڪلام ۾ حضرت نبي سڳوري صلعم ۽ چئن يارن سڳورن جي ساراهه آهي ۽ ڪن هنڌن مرشد جي ساراهه بہ ڪئي اٿس، پر ڪنهن حاڪم يا امير جي خوشامند سندس ڪلام ۾ ڪٿي بہ ڪانهي.
آخوند صاحب اگرچه با شريعت بنيادي ملان هو، تڏهن بہ تنگدل ۽ تعصبي ملن تان مذاقون ڪيون اٿس.
مثال:
حضرت نبي سڳوري جي ساراهه:
”ٿئي نہ هرگز ڪنهين طرح گمراه،
جنهن مڃيو محمد رسول الله.
جا اطاعات سچي محمد جي،
سا اطاعت خدائي امجد جي،
قولہ الحق فقط اطاع الله،
جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
(غ 168 مان)
”اچي راز احمد جي اُت ڪيو ظهور،
پهري پوش پاتي الف لام ميم،
ڳجهارت ڏني وڃي قرآن ۾،
چئي لفظ واتي الف لام ميم.“
(غ 154 مان)
چئن يارن سڳورن جي ساراه:
1- ”هي ابجد هڪ ٻي ٽي وٺ چار،
نوي، ڏهه رکي اڳ پوءِ،
سڄو منجهه قاف سو دل کان آهي
هت هت هو الحق حق،
آهي عين اليقين عين
عمر، عثمان علي برحق،
لاهي ڏس ڌنڌورو دل کان آهي
هت هت هو الحق حق.،
(غ 127 مان)

نوٽ: ”ابجد حساب“ جي هڪ ٻہ ٽي وارن ڳاڻيٽن ما چار يعني (د) ۽ نوي يعني (ص) ۽ ڏهه يعني ي ۽ (ق) کي ملائبو ته حضرت ابابڪر صديق رضه جو نالو نڪرندو.
”سچو صديق، عمر، عثمان نوبهار؛
گل باغ مصطفى جو حيدر علي علي.“
(غ 170 مان)
آل اطهر جي ساراهه:
”حضور ۾ جنت المعلى
صحاب پاڪن بقيع جي کي،
حضور شهداء ڪربلا جي،
عرض چئج جئن ڪيئي مون چيئي.
سنگهاءِ مون کي ڪا آڻي خوشبوءِ،
نام حق جي پنجن گلن جي،
نبي محمد، حسن، حسين و
عل، زهرا اي گل پنجيئي.
(غ 137 مان)

(6) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ جو مضمون
فطرت نگاريءَ ۽ سيرت نگاريءَ جو مضمون شاعريءَ جو اصلي ۽ رونق افروز جزو آهي. فطرت يا سرشٽيءَ جي نظارن کي نئين ۽ دلچسپ نموني ۾ ۽ سادن سودن عام فهم لفظن ۾ بيان ڪرڻ ئي ڏات شاهه ڀٽائي رح کي جيڪا خدا تعالى بخشي هئي، سا سنڌ جي اڳين خواه پوين شاعرن مان ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ نہ آهي. آخوند صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ٻن چئن هنڌن فطرت نگاريءَ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي، پر شاه صاحب جي فطرت نگاريءَ بہ نسبت اها گهڻي قدر جهڪي آهي. آخوند صاحب کان پوءِ وارن شاعرن ۾ وري بہ سانگي ۽ حافظ حامد قابل داد فطرت نگاري ڏيکاري آه. جن جو بيان اميد ته پنهنجي پنهنجي موقعي تي ٿيندو. آخوند صاحب جي ڪلام مان نمونه خاطر هڪڙو مثال ڏجي ٿو:
برسات جو نظارو:
”آئي رت سانوڻ سندي مينهن وسي ڪيئي ملار،
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرها ٿيا سانگي سنگهار.“
گاه ساوا سبز ٿيا هر سو ڀريا پاڻين نراه،
پهريا پوٺن وٺي چوطرف پنهنجا ڌڻ ڌار،
سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا ٻهر نڪتا سانگ تي،
ڳئون وٺي ڳنوار پنهنجيون مينهيون ميڙي مهار،
ذوق شاديون ٿيون ولهارن ۾ وڏا ڪيا وس وسن،
سر ڀٽن چاڙهي اڏي ويٺا پکا پنهنجا پنوهار.
سيرت نگاريءَ ۾ آخوند صاحب مرحوم هو بہ هو شاه ڀٽائيءَ جي پيروي ڪئي آهي. هن شاه صاحب وانگر گويا، ڪلال، لوهار، واڍا، درزي، ڪوري، هاري، مهاڻا، ميربحر، آهيڙي يا شڪاري، صراف، رانديگر وغيره هنرمندن جي هنر جا بيان ڪري انهن مان روحاني وهنوار ۽ روحاني مشغوليءَ جا سبق ورتا آهن. آخوند صاحب جو ڳوٺڙن جي هارين نارين ۽ مالدار ماڻهن سان گهڻو لهه وچڙ هوندو هو؛ تنهنڪري انهن ماڻهن جي سيرت جي چٽڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي اٿس، پر اها اهڙي اثرائتي نہ آهي، جهڙي شاه صاحب جي رسالي ۾ سمايل آهي. فطرت ۽ سيرت جو اڀياس جيتوڻيڪ شاعر لاءِ تمام ضروري آهي، پر آخوند صاحب جي پوئوارن موزون ڪلام چوندڙ ماڻهن مان ڪن ٿورن انهيءَ طرف ڌيان ڏنو آهي.
آخوند صاحب جي ڪلام مان فطرت جي اڀياس ۽ سيرت نگاريءَ جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
سپ ۽ موتي:
”درد منجهه دل دوست تئن درست ٿئي،
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سپ.“
(غ 17 مان)

ڳئون ۽ گابو:
”ديد تنهنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽيو دانهون ڪري،
جئن گابو ڳئون لا، ڳئون لئي ڦر ڪري ٿي راڙ رنڀ.“
(غ 9 مان)

ڪڪر:”رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سوَ هزار،
منجهه ڪڪر لڙ، واچ آهي، مينهن آهي گاج وڄ.“
(غ 64 مان)
جنگي ميدان ۽ سپاهين جي سيرت:
”سر کيا سوره سپاهي سينڱ ساهل سخت سوٽ،
چال ۽ چالاڪ چهرا چست چاڙهيو ڏين چوٽ،
وڌو ڌن جيهر ٻڌن صف ڪيو سنئين سنڀرن جڏهن،
وير وانجهي مڙس مانجهي مرد ڏيئن ڪين موٽ،
آم سامهان صف بصف سينگار ڪيو سيلا ٻڌيو،
سال سٽڪن جال جهٽڪن ڪانه ڪن آڙ آڏ اوٽ،
باه جي بازي بنايو روح سان ٿا راند ڪن،
جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻهر کوٽ

ڪورڪو هنر:
”پائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار،
ٿيا ڳنڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت.“
(غ 24 مان)
مٿئين شعر ۾ تاڃي پيٽو، پير پڌارڻ، ڳوپ (هٿيو هلائڻ، ڳوت (نار هلائڻ) ۽ ڳنڍ جي گل بنجڻ اهي ڪورڪي هنر جا وهنوار آهن، جن مان آخوند صاحب مرحوم روحاني سبق ورتو آهي.

نيروٽڪو ڌنڌو:
”نير رنگ واڌو ڪري منجهه جهڳ جهٻ،
عشق وارو وڌ وڌي منجهه لوس لٻ.“
(غ 15 مان)
نيروٽي نير جي ڪن ۾ روڙهو وجهي پوءِ ان کي لٺ سان جهڳيندا آهن، ته نير جو رنگ تيز ٿيندو آهي. ان مان آخوند صاحب سبق ٿو سيکاري ته سچي محبت وارن تي جئن طعنن تنڪن ۽ تڪليفن جي جهڳ ٿيندي، تئن سندن دلي محبت مضبوط ٿيندي ويندي.
(3) ديوان گل جي عبارت ۽ ٻولي
آخوند گل محمد جي زندگيءَ وارو وقت ٽالپرن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت جي اڳياڙيءَ وارو زمانو هو، جنهن ۾ ”موزون ڪلام“ کي عربي ۽ پارسي مصرعن، تڪن ۽ اصطلاحن سان پر ڪرڻ شاعرن جي علمي لياقت جي ڪسوٽي ليکبي هئي؛ تنهن هوندي بہ آخوند صاحب جو ڪلام صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيل آهي. آخوند صاحب قرآن شريف ۽ حديث جو ماهر هو، تنهنڪري انهن جا جنسي حوالا ڪن ٿورڙن غزلن ۾ اهڙيءَ طرح جڙي ڇڏيا اٿس، جو انهن جو پڙهڻ سان سنديس قابل تعريف عربي دانيءَ ۽ علمي ماهيت جو اعتراف ڪرڻ لازم آهي، مثال:
1- ”قال الرحمان علي العرش استوى ڏس تو ڏنو،
قلب ۾ پڻ ٿاڪ تنهنجا، آءٌ ڏسان چئو توکي ڪٿ؟
ذات پنهنجي ”غيب“ چائين، پوءِ چوين ٿو ”آينما“
”ثم وَجہ الله“ اِيءُ ڇا! آءٌ ڏسان چئو توکي ڪٿ؟“
(غزل 34 مان)
پارسيءَ ۾ آخوند صاحب مرحوم ڏاڍو ماهر هو؛ ڇاڪاڻ جو سڄي ديوان ۾ ڪم آيل نج سنڌي لفظن جون معنائون ”ديوان گل“ جي اصلوڪيءَ ڪاپيءَ تي پارسيءَ ۾ پنهنجن هٿن سان لکيون هئائين. مگر انهيءَ ٻوليءَ ۾ شايد گهڻي دسترس ۽ دلچسپي ڪانه هيس؛ ڇاڪاڻ جو ساري ديوان ۾ هڪ بہ پارسي سٽ يا تڪ ڪم نہ آندي اٿس. سندس هم عصر ۽ عزيز آخوند محمد قاسم، جو اوائل ۾ فقط فارسي شعر چوندو هو، تنهن کي بہ پاڻ هندي شعر چوڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. جئن ته:-
”ڪہ قاسم اڄ تون گل سين ڪل بات هندي هندي،
دلدار هجي دکانا نو ناز هسڪي هسڪي.“
(ديوان گل غزل 171)
آخوند گل محمد جي سموري ڪلام ۾ هندي زبان جي سٽ بہ فقط اها هڪڙي ڪم آيل آهي، جا آخوند قاسم کي مخاطب کل چرچي طرح چئي اٿس.
ٿورڙن عربي آميز غزلن کان سواءِ ٻيو سارو ”ديوان گل“ صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيل آهي.
آخوند صاحب جو ڪلام صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ آهي، پر نڪا منجهس اها رسيلائي ۽ ميٺاج آهي؛ جا شاه ڀٽائي جي سليس سنڌي ڪلام ۾ آهي، نڪا منجهس اها نزاڪت ۽ ڪشش آهي، جا قاسم ۽ ان جي ڪن ٻين همعصرن جي فصاحت ڀريل ڪلامن ۾ آهي.

مثال:
1- آخوند صاحب ”سالڪ“ (جڳياسو) کي ”گهاتو“ جو ويس ڏيئي ان کي ”عشق“ جي عميق ڪن ترڻ لاءِ هنن لفظن ۾ ٿو سمجهاڻي ڏئي:
”گهاتو اُٿي گهڙ گهور ۾ ساري سڀيئي کڻ ساڻ رڇ،
سيسار واڳو ٿا سڄن اڳيان وڏا وينگار مڇ،
سندرو ڇنڊي گهڙ سير ۾، تدبير ڇڏ تقدير ۾،
رک هوش هدت هت هير ۾، ٿا وهن ڀري ڇاڇ ڇڇ،
خوش ڪيم ٿيءَ ٺڳي ٺاهه ۾ سنڊ ساڙ پئو اوڙاه ۾،
وڃ ٿي فنا في الله ۾ ايءَ آهي سڀ تانگهار آڇ.“
(غ 56 مان)
شاه صاحب اڳئي سمجهاڻي هنن لفظن ۾ ٿو ڏئي:
”جان گهڙندا گهاتوئا، تان رڇن ڏيو رنگ،
سڳايون ۽ سڱ، ڪلاچي ڪين ڪري.“
”جئن جهينگا پائيين جهول ۾، ائن نہ مرن مڇ،
سٻر ڌار سمنڊ جا ڪي رائو رڱي رڇ”
هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاه آڳاهون ٿيو.“
(سر گهاتو)
مٿئين مثال ۾ آخوند صاحب جا لفظ چڱي فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري ڏيکارين ٿا، پر انهن لفظن ۾ اهڙو ميٺاج ۽ رسيلائي ڪانهي، جهڙي شاه صاحب جي هنن لفطن ۾ ته ”ڪلاچي جو ڪن ڪنهن سان بہ مٽي مائٽي نٿو رکي يعني ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪري،“ ”جهينگا (ننڍڙا گانگٽ) جهوليءَ ۾ جهلڻ ۽ وڏن مڇن مارڻ جون سڌون ڪرڻ“،”سمنڊ جهاڳڻ لاءِ سٻر ۽ سخت رڇ تيار ڪرڻ، ۽ ”اڳتي اونهي پاڻيءَ جي ڏس ڏيڻ“ ۾ پيئي نظر اچي.
2- آخوند گل محمد بہ پنهنجي ڪلام ۾ مڪتب جي معلم کي نصيحت ڏئي ٿو ۽ آخوند محمد قاسم به، اسين ٻئي ڪلام هيٺ ڏيون ٿا جن جي ڀيٽ مان پڙهندڙ آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهندا، ته ٻنهي مان ڪهڙو ڪلام نزاڪت ۽ ڪشش زياده ڏيکاري ٿو:
”ملان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀروءَ کي پاڙهه،
ڪرينس تاب توَ، ڪري جي روڄ راڙه،
ڪري جو پڪو ترت پنهن جو سبق،
ڏي موڪل، م ان کي ٻين ساڻ ڪاڙه،“
”دنيا دار سان ڪر م دوري غريب،
جي هوءِ هوش وارو ته مسڪين چاڙهه،
چڱي ۽ مٺي ٻار جو رک سنڌو،
ڏمر ۽ ڪتي جئن ڏنگي ڪيم ڏاڙهه،
آرائين م ڇن گل م بلبل کي ڇيڙ،
ڇنين جي ڇوڪر ڇني ڪر م ٽاڙهه.“
(ديوان گل غزل 84)
آخوند قاسم مرحوم ٿو چوي:
”اي معلم ڳڀور ٻار م مار،
سان غزالن م ڪر ڪتن جي ڪار،
لاءِ تهديد تاب طفلن جي،
دست دهشت سندو اصل م اُلار،
تند ابرو جڏهن ڏسن آخوند،
منجهه چپن چون ”رب خير گذار.“
جوٽ جهندئون جهاد اڪبر کي،
نفس جي ويڙهه جو وڏو ست ستار؛
ڇا غني ڇا فقير هر ڪوئي،
ڏينهن دنيا اندر رهي ٽي چار،
لاتسبو لاحد ڪم غيظا،
مڏهو مان ڏمر ڪنهن کي گار.“
رب قاسم اُتي ڪرم ڪر ڪو،
بنبيڪ واآلہ الاطهار“.
(ديوان قاسم غزل 43)

فصاحت ۽ بلاغت:
آخوند صاحب مرحوم شاعراڻي ڀيٽ ڀيٽان جي زماني کان اڳ هو، تنهنڪري ان پنهنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونه رکيو آهي، جيترو کانئس پوءِ وارن شاعرن جهڙو محمد قاسم، فاضل وغيره پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ رکيو آهي، تنهن هوندي بہ سنئين سيواٽي ۽ سادي سودي ٻوليءَ کي قدرتيءَ طرح فصاحت ۽ بلاغت جون جيڪي بخششون عطا ٿيل آهن، تن جي ڪا بہ ڪمي آخوند صاحب جي ڪلام ۾ ڪانهي.
آخوند صاحب مرحوم تشبيهن ۽ استعارن ۾ ايراني شاعرن جو نقل ٿورو ڪم آندو آهي: گهڻي قدر نج ديسي تشبيهون ۽ استعارا ڪم آندا اٿس.

شعر جو قسم:
علم عروض جي اصول موجب شعر جا ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته 1- فرد، 2- بيت، 3- مثنوي، 4- غزل، 5- مستزاد، 6- قطعه، 7- رباعي، 8- مربع، 9- مثلث، 10- مخمس، 11- مسدس، 12- قصيدو، 13- ترجيح بند،14- ترڪيب بند. آخوند صاحب مرحوم انهن قسمن مان فقط ”غزل“ چيا آهن، جي سڄي ”ديوان گل“ ۾ ڪل (175) آهن. ”ديوان گل“ جي اصلوڪي ڪاپي، جا بمبئي ۾ ڇپي هئي، تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ڪي قطعا بہ هئا، جن ۾ ”ديوان گل“ جي تيار ٿيڻ جي تاريخ ڏنل آهي؛ مگر افسوس! جو اها ڪاپي هينئر هٿ اچڻ مَحال آهي.
وزن:
آخوند صاحب مرحوم ”علم عروض“ مان واقف هو، تنهن ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي؛ ڇاڪاڻ جو بحر خفيف“ ۽ ”بحر رمل مڪفوف“ جهڙا بحر بہ پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا اٿس. جي ”علم عروض“ کان غير واقف ماڻهو هرگز پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي نہ سگهندو. آخوند صاحب جي زماني ۾ ”علم عروض“ جي قاعدن موجب سنڌي شعر جي شروعات هئي، تنهن کان سواءِ ان وقت ۾ شاعرن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ۽ هڪ ٻئي جي شعر تي ناقدانه نظر ڪرڻ جا وسيلا (يعني اخبارون ۽ رساله) موجود ڪين هئا، تنهنڪري تقطيع جي قاعدن بجاءِ آڻڻ ۾ کيس البته اٽڪاءَ رهجي ويا آهن. ڪٿي ڪٿ ”تقطيع“ جي پورت لاءِ لفطن جي مقرر ٿيل تلفظ ۾ اهڙي ڇانٽ ڪرڻي پوي ٿي جا ”تقطيع“ جي قاعدن موجب ڪرڻ جائز نہ آهي. مثال:
”دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا.“
(غ 1 مان)
”آيو اڄ يار گهر منهنجي ويا ڏکڙا لٿا سکڙا.“
(غ 5 مان)
”جنهنجاويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي.“
( غ 14 مان)
مٿين ٽن مثالن ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“،”آيو“کي ”آيو“ ۽ ”جنهنجا کي ”ججا“ ڪري پڙهبو تڏهن ”تقطيع“ پوري بيهندي.
ڪٿي ڪٿي وزن جي پورت لاءِ غير ضروري تشديدون ڪم اچن ٿيون، تڏهن ”تقطيع“ پوري بهي ٿي. مثال:
1- ”پن پن ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٽڙ ٽاريون.“
(غ 61)
2- ڪين پرچن پٽ تي گل پي سرو.“
(غ 17 مان)
وزن جي پورت لاءِ ضرورت جي هنڌ ”ساڪن“ لفظن کي ”متحرڪ“ ڪري ڪم آندو ويو آهي، جئن سچل سائين جي ڪلام ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جئن ته ”صبر“ کي ”صبر“، ”درد“ کي ”دردَ“، ”عقل“ کي ”عقَل“ وغيره.
آخوند صاحب مرحوم جدا جدا بحرن جي ارڪانن تي پورو ڌيان ڪونه ڏنو آهي، جنهن مان ثابت آهي، ته ”علم عروض“ موجب سنڌي ڪلام ٺاهيندي. آخوند صاحب ڪنهن بہ استاد کان صلاح نہ ورتي آهي. جئن ته غزل جو ٻيو بحر مضارع مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعه ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”شا“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا، ۽ مصرعه نائين ۾ ”روپ“ لفط مقرر وزن کي کٽايو وجهي. غزل 66 بحر رجز مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرعن 3؛ 4؛ 5 ۽ 6 وزن کان ٻاهر وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح غزل 83، 93، 116، 127، 140، 147 ۽ 153 ۾ وزن جون غلطيون آهن.
قافيو:
سراسري طرح آخوند صاحب ”قافيه“ ۽ ”رديف“ ۾ پختگي چڱي رکي آهي. تنهن هوندي بہ سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي قافيه جي اصول جون خاميون آهن. جئن ته:
1- ڪن هنڌن آخوند صاحب پهرئين دور جي شاعرن وانگر غير ضروري ۽ بي معنى (الف) پڇاڙيءَ ۾ ڳنڍي قافيه جي پورت ڪئي آهي، جو دستور کانئس پوءِ وارن شاعرن ۾ عيب ليکبو آهي. مثال:
1- ”سدا تنهنجي درد ۽ دکه جو دل ۾ شوق هوءِ شالا.“
(غ 1)
2- ”ووءِ ڪندا وره ۽ وئڙا هجي هشيارا.“
(غ 2)
3- ”ميوا جهلين مد تي ليسوڙيون ليارا.“
(غ 3)
2- ”حرف روي“ جي اعراب، جا ”قافيه“ ۾ ڪنهن بہ طرح مٽجڻ نہ گهرجي سا آخوند صاحب ڪيترن هنڌن مٽائيندو ويو آهي. اهو اصل کان وٺي ”قافيه جو عيب لکبو آهي. مثال:
”جي هئا ڪالهه، ڏٺم اڄ نه، ڏسان مان سڀا،
جوءِ ۾ جت جهجها آهن، آري الڀا.“
(غ6)
شروع واري مصرعه ۾ ”حرف روي“ (س) تي پيش آيل آهي، تنهن ڪري سڀني قافين ۾ جڏهن ”ڀا“ قائم رکيو ويو آهي. تڏهن ان جو اڳيون اکر پيش وارو اچڻ گهرجي. مثلاً ”سڀا“،”اڀا“،”ڪڀا“ وغيره پر آخوند صاحب. ”سڀا“ سان ”اڀا“”اڀا“،”ڄڀا“ قافيا آندا آهن. جي درست نہ آهن. اهڙي طرح ”مغرب“ سا ”يثرب“،”فوت“ سان ”اوت“”ڪاڊ“ سان ”ڏاڍ“ ۽ ”ٽاڊ“؛”عيش سان ”خويش“ ۽ ”پيش“ وغيره وغيره درست قافيا آهن.

آخوند محمد قاسم هالائي (1806 کان 1881ع تائين)

آخوند محمد قاسم ولد آخوند نعمت الله سانوڻي آخوند خليفه گل محمد (گل) جو عزيز هجري سنه 1221 برابر سنه 1806ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو هو. هو عربي ۽ پارسيءَ ۾ نهايت قابل هو. هو پهريائين سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪجهه وقت تپيدار ۽ ڪجهه وقت تعلقه آفيسن ۾ منشي هوندو هو.
موري تعلقه ۾ تپيدار هئڻ ۽ ٽنڊه باگي جي تعلقه آزيس ۾ منشي هئڻ وقت موري ۽ ٽنڊه باگي جي طبعي حالتن بابت هڪڙو مزي جهڙو پارسي قصيدو ٺاهيو هئائين، مفرح القلوب نالي پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهي.
آخوند صاحب جي آزادي پسند طبيعت کان سرڪاري نوڪري جي پابندي سٺي نہ ٿي، تنهن ڪري پينشن جي وقت کان اڳيئي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪورين جي پڙ ۾ گذاريندو هو.
حيدرآباد ۾ آخوند صاحب وٽ ڪي مسلمان خواه هندو عامل خانگي طرح عربي ۽ پارسيءِ جي تعليم وٺندا هئا. اکرن لکڻ جو آخوند صاحب ڪاتب هوندو هو، تنهنڪري ڪتابن نقل ڪرڻ جو ڪم بہ گهڻو ملندو هوس، جنهن مان چڱي پيدائش هوندي هيس هز هائينس مير حسن علي خان (حسن) وٽ ڪجهه وقت خاص پگهار تي هو ۽ ان کي شعر ۾ درستيون ڪري ڏيندو هو. مير صاحب جي نوڪري بہ جلد ڇڏي ڏنائين، تنهن هوندي بہ مير صاحب جي طرفان ويهه روپيا ماهوار پينشن طور پڇاڙيءَ تائين ملندا رهندا هئس. خيرپور رياست جي والي سر مير علي مراد خان ۽ ان جي خاص عملدارن جي تعريف ۾ قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، بعضي بڙودي، بلرامپور ۽ رتلام جي راجائن ۽ رامپور جي نواب ڏانهن تعريفي قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، جنهن ڪري انهن رياستن مان بہ وقت بہ وقت چڱيون چڱيون بخششون ۽ انعام حاصل ٿيندا هئس. آخوند صاحب جا اهي پارسي قصيدا بہ مفرح القلوب پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهن.
آخوند محمد قاسم صاحب شروع ۾ شادي ڪئي هئي، پر سندس اها اهليه ترت ئي وفات ڪري ويئي ۽ تنهن کان سواءِ وري شادي نہ ڪيائين، ۽ ساري ڄمار ڇڙهو گذاريائين. گهر ٻار جو ڪو بہ اونو ڪونه هوندو هوس، تنهنڪري خرچڻ کائڻ ۾ تمام فراخدل هوندو هو. مٽن مائٽن سان گهڻو لهه وچڙ ڪونه هوندو هوس، ته بہ بزرگن ۽ عزيزن جي تربتن تي فاتحه خواني جي شوق سان وقت بہ وقت پنهنجي وطن پيو ويندو هو. ”ديوان قاسم“ ۽ هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته:
”جي گهرين منجهه آخرت عزت لهان،
پيڙهه هن پهه جي ڌريان ئي ڌار وجهه،
ڪئن وسارين مائٽن جا مقبرا،
هل هتي پڙهه فاتحه ۾ هار وجهه.“
(ديوان قاسم غزل 25 مان)
آخوند محمد قاسم پنجهتر ورهن جي ڄمار ۾ سنه 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس تربت بہ حيدرآباد جي نئين مقام ۾ موجود آهي. آخوند صاحب جي وفات جي تاريخ ميان امام بخش صاحب (خادم) شڪارپوري هن طرح ٺاهي هئي:
”افصح الفصحاء قاسم لئي عيان.
ٿو روئي پڻ نيلگون ڏس آسمان،
جو ٿيو هوندو ميان جو مجلسي،
تنهنکي هوندو اسم انجو ورد جان،
شاعرن سڀني ۾ هو چون تاج و زيب،
ثاني شعرش نديدم در جهان،
ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏي بقا،
رب عطا ان کي ڪري خلد جنان،
جنوري جي ارڙهين منگل جو وار،
سال ارڙهين سو اڪاسي هو روان،
عيسوي اهو ٿيو هجري بہ ٻڌ،
سن ٻارهن سئو اٺانوي چوان،
خادما آمين چو ڪر ماٺ هاڻ،
ڪين سگهندين تون ڪري وصفش بيان.“
(اخبار سنڌ سڌار 10 جون 1881ع)
شاعرانه حيثيت ۾ اهو زمانو
آخوند محمد قاسم شروعات کان وٺي رقط پارسي شعر چونود هو. آخوند گل محمد هندي ۽ سنڌي ڪلام چوڻ لاءِ ترغيب ڏيندو هوس، پر خيال ۾ نہ آڻيندو هو. آخر حيدرآباد ۾ اچي رهڻ بعد سيد فاضل شاهه”فاضل“ ئي کيس سنڌي شعر چوڻ ڏانهن راغب ڪيو. جئن آخوند صاحب پاڻ ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ واري پارسي قطعن ۾ چوي ٿو:
1- ”چو در فارسي نغز دائم سخن،
سوء نظم سنڌي خيالم نبود،
ولي سعي فضل شه نيک خو،
به سندهي سخن ميل طبعم فزود.“
2- ”منم گرچه در پارسي چيره دست،
ولي مير فاضل شہ دين پرست،
بتحريک بر نظم سندهي سواد،
بپائي دلم خام سودا شکست“
معنى:- پارسيءَ ۾ آءٌ عجيب ڪلام چيو ڄاڻان ٿو تنهنڪري سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن مون کي خيال ئي ڪونه ٿيندو هو؛ مگر سائين فاضل شاهه جي ترغيب منهنجو چاهه سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن وڌايو.
2- پارسي ڪلام چوڻ ۾ جيتوڻيڪ چالاڪ آهيان ته بہ سائين فاضل شاه جي تحريڪ سان سنڌي شعر ٺاهڻ جي سودا منهن جي دل ۾ کپ کوڙي ويهي رهي آهي.
مفرح القلوب نالي هفته وار پارسي اخبار ۾ آخوند محمد قاسم جي پارسي غزلن، قصيدن ۽ مثنوين جي هاڪ هندستان، افغانستان، ايران ۽ بغداد تائين هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ اخبار ۾ انهن ملڪن جي شاعرن جا پارسي ڪلام درج ٿيندا هئا ۽ هو هڪ ٻئي جي ڪلام جو داد ڏيندا هئا.
سنه 1866ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪڙي هفته وار سنڌي اخباري جاري ٿي هئي، تنهن جي هر هڪ پرچي ۾ سنڌ جي شاعرن جا سنڌي شعر درج ٿيندا هئا.
سنڌي موزون ڪلام جي اسرڻ ۽ ترقي لاءِ اهو زمانو تمام چهچٽي وارو هو. ڇاڪاڻ جو جهونن توڙي نون شاعرن جا ڪلام اخبار ۾ بنا اٽڪ شايع پيا ٿيندا هئا ۽ شاعر نهايت فضيلت ۽ سنجيدگيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪلام تي نڪته چيني ڪندا هئا ۽ عمدي ڪلام کي بنا بخل داد ڏيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ بہ آخوند محمد قاسم جي سنڌي شعر کي سڀئي شاعر داد ڏيندا هئا، جنهن جا ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

عبداللطيف ٺٽوي:
قاسم جهو نہ ڄاڻان سگهه سرت جي سڃاڻان،
سوره اڳيانس ساڻان ڪمزور ڪل ڪرارا،
عبدالقادر شڪارپوري (بيدل):
رنگين، چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون،
مٽ تنهن سجهي نہ ڪو مون بي حد سندس پسارا،

شمس الدين شڪارپوري (عاصي):
رنگين غزل بنائي قاسم ڇڏيا کپائي،
دنيا مان ويو وڄائي ناموس جا نقارا.

محمد امين شڪارپوري امين:
شعر گوئي ۾ نہ مٽ قاسم جي ڄاڻان ڪو ٻيو،
جو ٿا ڪن ان جي ثنا عرب وعجم يونان ۾.
منشي لڇيرام حيدرآبادي (خفتي):
لک هزارين آفرين قاسم ادا توکي هجي،
نڪته چيني ۾ ختم بيشڪ آهين هشيار تون.
آخوند محمد قاسم پاڻ بہ پنهنجن همعصرن کي ڪشادي دل سان داد ڏيندو هو ۽ سنجيدگيءَ سان انهن تي نطقه چيني ڪندو هو، جنهن جا ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
اسلم شڪارپوري کي:
”هڪ غزل اخبار نالي سنڌ سڌار،
منجهه ڏٺم وه وه غزل سالم صفا.
جو چيو اسلم ته عالم جي مٿس،
آفرين صد آفرين جس جس سدا.
هوش حيرت ۾ پيو ڏانهس ڏسي،
ڇا سندس مضمون معنى مغز ڇا.
”سرڪيان“ جو لفظ اسلم جو چيو،
آهه سونا مصطلخ ۽ ناروا.“
(ديوان قاسم غزل 5)

محڪم الدين (محڪم)کي:
”سخن محڪم الدين محڪم چوي ٿو،
منجهس چاه چس سان چڱيري چٽائي،
ملاحت سندي معرڪي ۾ مڪرر،
الهه کان اٿس سوڀ البت عطائي.“
(ديوان قاسم 116)

ڪمال الدين (مست) کي:
”چيو مست مرغوب موزون غزل،
سو منجهه علم اعلى اُتم ٿو ڏسان.“

ميرزا عباس (خورشيد) کي:
”تڏهن منجهان سڀ وڃائي تعصب،
چوان چست چالاڪ ٿي هي چڱائي،
ته عباس خورشيد جنهن جو تخلص،
ڌري جئن ڇڏي ڇوه تابش تکائي،
سندي مشڪ خوشبو عيان خوءِ ٿي جا،
نه عطار جي ساک آهي سجائي.“
(ديوان قاسم غزل 116)

لطف الله (لطيف) کي تنبيهه:
”ڪڏهن ڪئن هڻي ”طفل“ دم شاعري جو
ته ڦلهار ۾ ڦوڪ ان لئي ڦڪائي.“
(ديوان قاسم غزل 117)
آخوند محمد قاسم جي زماني وارو چهچٽو ۽ ڇنڊ ڇاڻ ان وقت کان وٺي اڄ تائين اخبارن جي وسيلي ٿيندي آئي آهي، ڪنهن وقت سرس ته ڪنهن وقت گهٽ؛ مگر اڄوڪي اخباري غزل بازيءَ ۾ اها بردباري ۽ سنجيدگي ڪانهي، جا اڳ هئي.
آخوند محمد قاسم جي ڪلام ۾ خصوصيتون ۽ ايجادون:
1- شاهه ڀٽائي کان وٺي آخوند گل محمد تائين شاعرن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل عربي مصرعون ڪم نہ آنديون آهن. پر قرآن شريف جون آيتون، حديثون ۽ عربي مقولا فقط حوالي طور ڪم آندا اٿن. آخوند قاسم پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل موزون مصرعون ڪتب آنديون آهن، ڪٿي ڪٿي ته ساري غزل ۾ اڌ جيتريون مصرعون عربي ڪم آنديون اٿس:
(1) ٿي چيم ڪالهه رات منجهه پرڀات،
ربنا عافنا عن العاهات.
(2) رب سندي ڊاءِ کان ڊڄي چئجي،
نجنا من صعبة الافات.
(3) دل سنديم درد ۾ رهي دمدم،
حصلت حصہ من البرڪات.
(4) جنهن ڪئي بندگي بجا بيحد،
فهو قد فاز اعظم الدرجات.
(5) جنهن ڪڍيو غير قلب مان قاسم،
قدنجا من اِها نہ العرصات.
(ديوان قاسم غزل 13)
2- اڳين شاعرن مان فقط سيد ثابت علي شاهه پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي پارسي مصرعون يا تڪون ڪم آنديون آهن، مگر آخوند قاسم ته غزلن جا غزل پارسي مصرعن سان ڀري ڇڏيا آهن.
مثال:
”علم سک علم ري نہ ٻي ڪار،
تان لهين عز علم جي پرڪار.
(6) سخن بس که حکم حکمت يافت،
هزل بگذار وجدل زو بردار.
علم ري آدمي گڏهه گمراه،
جاهلن گڏ گهڙي بہ ڪيم گذار.
(7) حرف ما گوش کن که حرفه بري،
سعي در کسب علم کن بسيار.
آڳ ۾ عشق ايزدي جي روح،
تن رپي جئن رجاءَ آٽ اچار.
(8) بهر تهذيب و خوبي اخلاق،
پند مان بشنو و بهانه ميار.
هوت ڏي هل دلئون ڌيان ڌي،
ڪيم قاسم ڪڏهن پرج ٻئي پار.
(ديوان قاسم غزل 40)
3- آخوند قاسم جي ديوان ۾ هيءَ بہ خصوصيت آهي جو نج سنڌي لفطن وارن قافين ڪم آڻن وقت آخوند گل وانگر مونجهاري جهڙا يا جڙتو لفظ ڪم نہ آندا اٿس.
4- سنڌي موزون ڪلام ۾ قصيدا، ترجيح بند اوائل ۾ آخوند قاسم ايجاد ڪيا.
5- ڪلام کي جدا جدا صنعتن سان سينگارڻ جي ڪوشش ۾ پهريائين آخوند قاسم ڪئي. انهيءَ ڪري پنهنجي ديوان جو ٻيو نالو رکيو هئائين بحرالصنائع يعني ”صنعتن جو سمنڊ“ جئن ته ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ وارن قطعن ۾ هڪڙي هنڌ پاڻ ٿو چوي:
”همچونام خود بوي“”ديوان قاسم“ داده نام،
در ميان خلق او را شهره دادن خواستم.
نيز هم ”بحر الصنائع“ نام کردم بهر آن،
زانکه سرتاپش در هر گونه صنع آراستم.“
معنى:” پنهنجي نالي وانگر هن ڪتاب کي بہ ”ديوان قاسم“ نالو ڏنو اٿم، جو ان کي خلق ۾ مشهور ڪرڻ جي مرضي اٿم، انهيءَ ڪتاب لاءِ ”بحر الصنائع“ نالو بہ مقرر ڪيو اٿم. ڇاڪاڻ جو ان کي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين هر قسم جي صنعتن سان سينگاريو اٿم.“ صنعت توشيح (يڪ اسمي خواه دو اسمي) ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي صنعتون سنڌي ڪلام ۾ پهريائين پهريائين آخوند قاسم ڪم آنديون هيون.
6- مسلمان شاعرن ۾ فقط آخوند قاسم مرحوم ئي آهي، جنهن نفسياتي طاقتن جا سنسڪرت نالا (ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه، اهنڪار) پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن.
آخوند قاسم جو ڪلام
آخوند قاسم جو پارسي ڪلام ته تمام گهڻو موجود آهي پر سنڌي ڪلام آن بہ نسبت ٿورو آهي، جو ”ديوان قاسم“ ۾ سمايل آهي، آخوند صاحب، فاضل شاه جي ترغيب ڏيارڻ تي ڪي مولود ۽ ڪافيون بہ ٺاهيون هيون، جن مان فقط هڪڙو مولود شريف برڪت طرح ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ ۾ داخل ٿيل آهي، باقي ٻين مولودن ۽ ڪافين بابت پاڻ لکي ٿو، ته ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي طرفان ”ديوان قاسم“ تيار ڪري ڏيڻ لاءِ تڪڙي طلب ٿي، تنهنڪري اهي ”ديوان“ ۾ لکي نہ سگهيس:
”ڪئين وتم ڪافيون سنديم آهن اپر،
ناه فرصت لئي لکڻ، ”ديوان“ ۾.
ڇو ته ٿيو ويلو ڪميٽي ويجهڙو،
ڪئن لکڻ سگهجين اسرع آن ۾؟“
(ديوان قاسم قطعہ 159)
افسوس! جو آخوند صاحب وارا ٺاهيل مولود شريف ۽ ڪافيون هينئر هٿ اچيو نٿا سگهن. تنهن کان سواءِ فاضل شاهه لٽريچر ڪميٽي جي ڇاپايل ڪتاب ”چونڊ ڪافيون“ ۾ آخوند قاسم جون ٻہ ٽي ڪافيون ڏنيون آهن. ساڳي ڪتاب ۾ فاضل شاهه لکيو آهي، ته آخوند قاسم جو ٺاهيل ”قاسم نامو“ سنڌي نظم ۾ موجود آهي، پر اهو ”قاسم نامو“ بہ ”ديوان قاسم“ 1875ع ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي منظور ڪري ”ليٿو“ ۾ ڇاپائي آخوند صاحب کي حق تصنيف ڏياريو هو. ”ديوان قاسم“ جي ڇاپجڻ کان پوءِ بہ ڇهه ورهه آخوند صاحب حيات هو؛ انهيءَ عرصي ۾ بہ سندس پارسي خواه سنڌي ڪلام اخبارن ۾ شايع ٿيو هو، جو موجود آهي. لٽريچر ڪميٽيءَ جي ڇاپايل ”ديوان قاسم“ ۾ ڇاپي جون چُڪون تمام گهڻيون آهن، انهيءَ ڇاپي ۾ وڏي بي ترتيبي هيءَ آهي، جو ڪن غزلن تي نمبر لڳل آهن ته ڪي غزل وري بنا نمبر جاءِ بجاءِلکيل آهن. تنهن کان سواءِ غزل، قصيدا، فرد، قطعا، مثنويون وغيره سڀ ساڳئي جريان نمبر سان شروع ڪرڻ کپي ها. اهو ”ديوان قاسم“ ۽ ”ديوان فاضل“ سان گڏ گهڻو وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ درسي ڪتاب طور منظور ڪري انگريزي ڪلاسن ۾ هلايو هو. هينئر اهو ڇاپو ڪامياب آهي.
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب ”ديوان قاسم“ جي نئين ڪاپي تيار ڪري ويو هو (معنائن ۽ مختصر نوٽن سان)، جا ويجهڙائيءَ ۾ سندن فرزند ڇاپائي پڌري ڪئي آهي. انهيءَ نئين ڪاپي ۾ اصلوڪي ڇاپيل ڪاپيءَ وارا ڊٺل ڦٽل لفظ برابر درست ڪيا ويا آهن، مگر جيڪي عربي ۽ پارسي مصرعون اصلوڪي ڪاپيءَ ۾ اڌو گابريون ڇاپيل آهن، سي هن نئين ڪاپيءَ ۾ بہ ائين جو ائين اڌو گابريون رهيل آهن.
نئين ڪاپيءَ ۾ سڀني غزلن تي ساري سنڀاري نمبر هنيا ويا آهن. پر قصيدن تي بہ غزل نالو لکي ساڳئي جريان نمبر ۾ ڏنا ويا آهن. مگر افسوس جو انهيءَ نئين ڪاپيءَ ۾ وري آخوند صاحب جو متفرقه ڪلام (فرد، قطعا، مثنويون، مخمس، ترجيح بند وغيره) داخل ئي نہ ڪيا ويا آهن. نئين ڪاپيءَ ۾ انهن جي داخل نہ ٿيڻ ڪري اهي سڀ چيدا ڪلام سنڌي لٽريچر مان هميشه لاءِ گم ٿي وڃڻا آهن. ”ديوان قاسم“ جي صحيح، مڪمل ۽ باترتيب نسخہ تيار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي.

(2) مضمون:
ساقي، شراب، جام، زلف، خط، خال، سرو، گل، بلبل، نرگس ۽ لاله وارو اڌارو مضمون ديوان قاسم ۾ پوين شاعرن جي ڪلام بہ نسبت تمام ٿورو آهي. آخوند صاحب پنهنجي ذاتي حالت ۽ ذاتي جذبا ۽ خيال پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن. ٻين شاعرن وارا مضمون پنهجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ کي آخوند صاحب وڏو عيب سمجهندو هو. جئن فرمائي ٿو:
”معرڪي معيوب آهن ڪل مضامين مستعار،
منجهه مضامين مجدد مرد وس مقدور جو.“
(ديوان قاسم غ 97)
آخوند قاسم جي سنڌي ڪلام ۾ نڪو فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ وارو مضمون آهي، نڪو هجويه ۽ مذاقيه مضمون آهي. ساري ”ديوان قاسم“ ۾ ڪٿي بہ ڪنهن قدرتي نظاري جو ذڪر ڪيل ڪونهي، نڪو ڪنهن مرد يا زال جو قصو يا آکاڻي ڏنل آهي، جنهن مان سيرت نگاريءَ جي قابليت جي خبر پوي. گلا ۽ کل چرچي جهڙي ڪلام کان آخوند صاحب کي نفرت هوندي هئي، جئن فرمايو اٿس:
”قاسم ڪائي ڪرم اجائي
روءِ ريائي تات پرائي،
ڳالهه اها ئي سڻ سک سائي،
چال چڱائي مهر مدارا.“
(غ 3)
”رب سندي ذمه ۾ ره اي دل
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
”ڳالهه ڪنهنجي ڪرين ته سهڻي ڪر،
ڇو گلا سان گڏين پرائي ڳالهه.“
(غ 82)
انهيءَ ڪري ”ديوان قاسم“ ۾ فقط صوفيانه مضمون، اخلاقي مضمون ۽ عاشقانه مضمون آهي.

(1) صوفيانه مضمون:
صوفيانه خيال ۽ تصوف جا اصول جئن قديم وقت کان وٺي سنڌ جا بزرگ شاعر پنهنجن ڪلامن ۾ بيان ڪندا آهن، تئن آخوند قاسم بہ پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيا آهن، مثال:

1- حقيقي عشق:
1- ”آءُ اي دل عشق ۾ الله جي،
نرت نوڙت رک نہ ڪر ڪنهن سان نفاق.“
(غ 68)
2- ”رب جي رمز ۾ رهي اي دل،
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
(غ 83)
3- ”ويسلو رهه ڪيم هت
هت نيٺ ايندءِ ڪم خدا،
خوف رک ڊڄ کان خدا،
ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.“
(غ 85)
2- نقي ۽ اثبات:
”سناسي سير ڪر منجهه نفي اثبات،
انهن جو پنٿ آهي نت نيارو.“
(غ 98)
عشق حضرت نبي ڪريم صلعم:
”چلي چم دل ڏئي دلدار جي چانٺ،
سڄڻ صحبت سٺي سردار جي چانٺ،
زيارت ذوق سان ڪر تن، جو آهي،
چڱي چوکي مٺي مختار جي چانٺ،
مبارڪ لاءِ مشتاقن اپر آهه،
سڌار سرور هنئين جي هار جي چانٺ.
(غ 17)

عشق اصحاب:
”پڻ سندس اصحاب افضل چست چوکا چار يار،
جن ڪيو سر ساهه صدقو مير مرسل تان سدا.“
(غ 1)

اهل بيت اطهر:
”پنجتن سي پاڪ پارس عز ان جو رب ڪيو،
آخرت ۾ آهه آخر مرتبو جن جو جهجهو،
اڳ ۾ احمد پس علي دان پس حسن زان پس حسين
فاطمہ بنت النبي پس پاڪ دامن پاڪ روَ.“
(مولود 157)

اخلاقي يا ناصحانه مضمون:
”ديوان قاسم“ ۾ اخلاقي يا ناصحانه مضمون تي خاص طرح زور رکيل آهي. سڄي ديوان قاسم ۾ ڏهه آنا اخلاقي مضمون آهي باقي ڇهه آنا صوفيانه ۽ عاشقانه مضمون آهي. اخلاقي يا ناصحانه مضمون جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

شريعت تي هلڻ جو تاڪيد:
”رهن صاف سالڪ ديانت درون،
لهم مايشائون مايشتهون،
سڃاڻن شريعت سندي شان کي،
عجب خادم الشرع خير القرون.
وٺي واٽ مرسل محمد سندي،
اولئک باثار لاءِ مقتدون.“
(غ 87)

علم پرائڻ:
”علم سک علم ري نہ ڪر ٻي ڪار،
تان لهين عز علم جي پرڪار،
علم ري آدمي گڏهه گمراهه،
جاهلن گڏ گهڙي بہ ڪيم گذار.“
(غ 40)


سچ ۽ کوٽ جي ڀيٽ:
”جي سچا سچ کي سڃاڻن؛ کوٽ ۾ کوٽا رهن،
ڇا پروڙن مان پلائن جي پين ٿا روز رٻ“.
(غ 9)

(3) عبارت ۽ ٻولي

1- گڏ وچڙ ۽ نج سنڌي:
آخوند قاسم جن وارو زمانو عربي ۽ پارسي جي ماهر شاعرن جو زمانو هو، تنهنڪري پنهنجي شعر ۾ زباندانيءَ جي لياقت ۽ علمي مايه ڏيکارڻ انهن لاءِ فطرتي طرح فخر هو.، جئن آخوند صاحب پاڻ فرمائي ٿو:
”قيل ان المرء يعرف علمہ عندالڪلام،
قلت في تحسينہ لابد نظما هؤلاءِ“.
(غزل 108)
معنى: چوڻ ۾ اچي ٿو، ته مرد جو علم بيشڪ ان جي ڪلام مان معلوم ٿيندو آهي: اهڙي علم دوست ڪلام چوندڙ کي آفرين ڏيڻ لاءِ مون کي ضرور نظم ٺاهڻا پيا.“
ستين غزل ۾ عربي ۽ پارسي مصرعون شامل ڪري پڇاڙيءَ ۾ آخوند صاحب پنهنجن هم عصرن کي ساڳئي نموني تي شعر ٺاهڻ لاءِ ترغيب ٿو ڏئي:
”مثال قاسم بنا بنائڻ رکي مضامين رس رسائڻ،
انهيءَ نموني غزل ٺهائڻ جئن چون جس سخن سڌارا.“
(غ 7)
انهن حالتن ڪري آخوند جي ڪلام ۽ خليفه گل جي ڪلام بہ نسبت نج سنڌي عبارت جو انداز گهڻو گهٽ آهي، تنهن هوندي بہ سندس سڀ ڪلام برجستو، جذبي ڀريل ۽ اثرائتو آهي.
مثال:
1- هاءِ هرگز ڪونه ڪو وس آهه هن وهلور جو،
ڪئن تري منجهه سمنڊ اڻ تارو ستايل سور جو؟
تو ڏٺي بي حس حرڪت حال مون مهجور جو،
ڄڻ ڏٺو موسى ڪليم الله، مشعل طور جو،
جنهن مسخر ملڪ معنى سو بصورت في المثل،
ڪوهه فرمان بر رهي خاقان جو فغفور جو،
سنڌ ٻوليءَ ۾ صفا انصاف قاسم ڪيم ڇڏ،
”مست“ جو جوڙيل غزل آهي عجب دستور جو.“
(غزل 96)
2- ”پرت جو پيچ پاڻ پائين ٿو
پوءِ وري محب منهن لڪائين ٿو
ڳالهه ساڻ جا ڳجهي ڳرهيان
سارقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.“
چاه چت ۾ چڱو رکي چيٺي
مون سندي ساه ۾ سمائين ٿو
دل ڌتارڻ سندي ڪري دعوا
ناز سان خلق کي نوائين ٿو
هڪ نظر سان هزار حيرت ۾
تن وجهي وس ڪنان وڃائين ٿو
ڇو اسان سان رکين رسڻ جي ريت
هر ڪنهين ساڻ رس رسائين ٿو
منجهه اسان جي اڱڻ اچي اڄ رات
ڀال پنهنجو ڀلا ڀلائين ٿو
من سندي حال ۽ حقيقت جو
هر ڳليءَ ڳوٺ هل هلائين ٿو
ڪيترا عش باز عمر سڄي
رهزنن سان رلي رلائين ٿو
چشم چوري هزار چور ڪيئي
دل لٽڻ لاءِ لوٽ لائين ٿو
قرب جي ڪات سان ڪهي قاسم
مهر جو منهن مٺا مٽائين ٿو.“
(غزل 194)

آخوند قاسم عربي پارسي ٻوليءَ جو شائق هو، ته بہ نج سنڌي لفظ بہ جام ڪم آندا اٿس.
مثال:
1- دانهين سندو اُت داد ڪر
جت سام ناهن تو سوا.“
2- ”بيوهه ڪارڻ واهه ڪر،
لہ ڪارڻي سڌ سار ڪا.“
3- ”عاصين سندي ٿي اوٽ اڙ
آڌار عالم آسرا.“
(غزل 2)

فصاحت ۽ بلاغت:
آخوند قاسم جيتري قدر پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي اصولن جي بجاوريءَ بابت دعوى ڪئي آهي. جئن ته فرمائي ٿو:
1- ”آه منهن جو ڪلام قل1 و دل،
عيب واري منجهس نہ آهي آل،
طبع منهنجي ڪڏهن طوالت ۾
ٿي ڪري کان علو اوت اُڇل.
منجهه سخن دستگہ درست ڏني،
آهه مون کي خداءِ عزوجل
انا2 في النظم مفخر الفصحاءِ،
ته سخن ۾ سندم نہ ونگ نہ ول.
دوست منهنجا سخن سڻي خوش ٿين،
دزد دشمن ڇڏين کاڻا کل،
ڪوهه قاسم سندءِ ڪلام ڏسي،
هون حاسد سندي جگر ۾ جل.“
(غزل 80)

بيشڪ آخوند قاسم سنڌي موزون ڪلام ۾ جهڙا عربي ۽ پارسي زبان مان نقل ڪيل استعارا تشبيهون؛ ڪنايا، اصطلاح ۽ پهاڪا جام ڪم آندا آهن. تهڙائي نج سنڌي استعارا؛ تشبيهون وغيره. صنعتون بہ لفظي خواه معنوي اهڙيون اهڙيون ڪم آنديون اٿس، جي کانئس اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن بہ ڪم نہ آنديون آهن.

1- شعر جو قسم:
علم عروض جي اصول موجب جيڪي شعر جا قسم ٺهن ٿا، تن مان هيٺيان قسم ”ديوان قاسم“ اصلوڪي نسخي ۾ موجود آهن: 1- غزل، 2- مستزاد، 3- قصيدو، 4- مثنوي، 5- ترجيع بند، 6- مخمس، 7- فرد، 8- بيت، 9- قطعہ ۽ 10- رباعي.
”ديوان قاسم“ جي پڇاڙي ۾ جملي يارهن رباعيون (سنڌي خواه پارسي) آهن، پر اهي سڀ بي قاعدي آهن.
اوائل وارن موزون ڪلام چوندڙ بزرگ شاعرن ”رباعي“ جي فقط لفظي معنى ورتي آهي يعني چئن مصرعن وارو شعر، جنهن ۾ پهرين؛ ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم قافيه هجن، مگر ”رباعي“ جي صحيح وصف اها نہ آهي. اصل ۾ عرب شاعرن وٽ رباعي ٺاهڻ جو رواج ئي ڪونه هو. اهو شعر جو قسم ايران جي شاعرن جو ايجاد ڪيل آهي، جن علم عروض موجب ”رباعي“ جي هيءَ وصف مقرر ڪري ڇڏي آهي.
”رباعي“ اهو چئن مصرعن وارو نظم آهي، جو ”بحر هزج“ مان خاص طرح ايجاد ڪيلن چوويهن بحرن مان ڪنهن بہ بحر تي ٺاهيو وڃي ۽ سندس پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم قافيه رکيون وڃن. انهن چوويهن بحرن کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ بحر تي رباعي ٺاهڻ ناجائز ۽ بي قاعدي آهي.“
”بحر هزج“ جي رڪن ”مفاعيلن“ ۾ نو ”زحاف“ (مٽائون سٽائون) ڪم آڻي. ان مان ڪل نو رڪن ٺاهيا اٿن. 1- مفعول (اخرب)، 2- مفعولن (اخرم)، 3- مفاعيل (مڪفوف)، 4- مفاعلن (مقبوض)، 5- فاعلن (اشتر)، 6- فعول (اهتم)، 7- فعل (مجبوب)، 8- فاع (ازل)، 9- فع (ابتر)، انهن نون رڪنن کي جدا جدا ترتيب سان ملائي ڪل چوويهه بحر ٺاهيا اٿن. فقط انهن خاص چوويهن بحرن مان ڪنهن بہ هڪڙي بحر ۾ ”رباعي“ جي هر مصرع انهن چوويهن بحرن مان ڪنهن تي بہ قائم رکڻي آهي.
آخوند قاسم انهن بحرن تي رباعيون ٺاهيون آهن، جن تي عام طرح غزل، فرد، بيت، قطعہ، وغيره ٺاهبا آهن. مثال:
1- ”زماني جي دورنگي آه دستور،
سندي ان چش چکي مکه جئن مٿي چور،
رکي کان قرب رب جو دور دل کي.
ڪرين تون مجتمع ڇو مال موفور.“
2- ”ڪئين ڪيا ڪڪ ڪئن دريا منجهه دوڌ.
لوڀ اهنڪار، موه ڪام، ڪروڌ
سيل ۽ سانت کي ڇڏي ڇو هئون،
جي چئي ان لڳا پئي تن لوڌ.“
آخوند صاحب جي پهرين رباعي ”بحر هزج مسدس مقصور“ تي ٺهيل آهي ۽ ٻي ”بحر خفيف“ تي. اهڙيءَ طرح ٻيون رباعيون ”بحر رمل مسدس مقصور“،”بحر رمل مثمن محذوف“ ۽ ”بحر تقارب مثمن مقصور“ تي ٺاهيل آهن، جي بحر رباعي ٺاهڻ لاءِ جائز ٺهرايل نہ آهن.
آخوند قاسم، علم موسيقي جي اصول تي بہ ڪافيون ٺاهيون آهن، جن مان ٻہ ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، جي سيد فاضل شاه جي ڪتاب ”چونڊ ڪافين“ مان ڪڍيون ويون آهن.

ڪافي ڏيڍي – سر ڪسوري
(صنعت تشطير)
ڏاڍڙي لائي وئين، ڏاڍڙي لائي وئين
عشق سندي مون کي چات چکائي وئين.
1- آ بره تنهنجي ڪهڙو ڪيئڙو بت بيراڳي
ساڻ سيباڻي تنهنجي صورت ساڳي
فند فڪر سان منهنجي دلڙي ڦسائي وئين.
2- اڻ تڻ لائي تنهنجي عشق اندر ۾
جوش تنهنجو پئڙو جان جگر ۾
درد جي دل ۾ دونهين دکائي وئين
3- ناز نظر تنهن جا بره جا ڀالا
روز چڪن ٿا اي ڦٽ آلا
ديد دکائي منهنجون اکڙيون اڙائي وئين.
4- قاسم ڪيئڙو سر قرباني
جان فدا تو تان جانب جاني
رمز ڏيکاري منهنجو روح ريجهائي وئين.
(2) ڪافي ڏيڍي – سر ڪوهياري
(صنعت تشطير ۽ ذوقافيتين
جيڪا يار کي ٿي ساري
سا ته رات ڏينهن رڙندي
1- جا پنهل کي ٿي پراهين
لڪ لنگهي سا ويندي اوڏانهين
2- باه بره جي جنهن کي ٿي ڀڙڪي
ڪن ڏکن جو تنهن لئي ڪڙڪي
وڃي پار سخن پنهنجا پاري
دلو دوست ڪري ترندي.
3- ريءَ راڻي ٿي مومل ماندي
هردم حسرت ساڻ هيڪاندي
جيڪا گوندر منجهه گذاري
سڪ سي سور سهي سڙندي،
4- مارئي محبت مان ماري
ساري سٿ ٿي سرتين ساري
سا وار وطن ڏي واري
وڃي شال ملير ۾ مرندي.
5- قاسم ڪارڻ يار پيارا
نيڻ کڻي ڪر ڀال ڀلارا
موهيس نيڻ نظاري
ڪين سڄڻ مون کي سرندي.

سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه
(1813ع کان 1889ع تائين)
سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه تاريخ 27 ربيع الاول 1228 برابر سنه 1813ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو. مٽيارين واري مولوي عبدالڪريم وٽ عربي تعليم حاصل ڪئي هئائين. عربي، پارسي، علم جفر ۽ علم نجوم ۾ قابل هو. تعويذ نويسيءَ ۽ وظيفي خواني سندس خاص مشغولي هئي. حيدرآباد توڙي آسپاس جا ڪيترائي خاص عام ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هوندا هئا. سيد حيدر شاهه علم موسيقيءَ جي اصولن تي شعر چوندو هو. اٺهتر ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 رمضان هجري 1306 برابر 1889ع ۾ وفات ڪيائين سندس ڇهه فرزند هئا.
سيد حيدر شاهه جو ڪلام
سيد حيدر شاه ڏوهيڙن جي صورت ۾ ”ليلى مجنون“ ڪتاب ٺاهيو هو جو بمبئي جي ليٿو ڇاپي ۾ ڇاپيل هوندو هو ۽ سنڌ ۾ گهڻي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو هو. ڪن مڪتبن ۾ اهو ڪتاب درسي ڪتاب طرح بہ پاڙهيو ويندو هو، هن وقت اهو ڪتاب اڻ لڀ آهي.
هن وقت اسان وٽ سيد حيدر شاهه جي فقط هڪ ڪافي موجود آهي، جا ”چونڊ ڪافين“ واري ڪتاب تان ورتل آهي. اها ڪافي هيءَ آهي:
ڪافي ڏيڍ ٺپي
سر جوڳ
1- اڏي ويهج يار ولهيءَ جي جانب جلويدار
دل اندر ديرو.
2- ڪر نہ جاني يار جڏيءَ سان سونهن ڀريا سردار
ڀيرو ڪي ميوو.
3- صدقي توتان سڄڻ سائين دل گهريا دلدار
جگر ۽ جيرو.
4- حيدر شاهه چئي هوت اوهان لئي واٽ وڇايم وار
پاڻ کڻي پيرو.
________________________________________
1 – مختصر ۽ گهڻي معنى وارو. 2- آءُ نظم ٺاهڻ ۾ فصيحن لاءِ فخر آهيان.

سيد محمد فاضل شاهه ولد سيد حيدر شاهه (1836ع کان 1900ع تائين)

سيد محمد فاضل شاهه هجري 1252 برابر 1836ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ تولد ٿيو هو. سيد حيدر شاه بن اسماعيل شاه جي ڇهن پٽن مان وڏو پٽ سيد محمد فاضل شاه هو. سيد فاضل شاه جهڙو تفسير، حديث ۽ فقہ جو عالم هو، تهڙو طريقت وارن درويشن جو صحبتي ۽ خدا آگاه فقير هو،هو پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ پاڻ کي فقير ڪري لکندو هو. جئن ته:
1- ”فرض فاضل ڪري فقيري فخر سان،
مڪر جا قانون ڪر مسمار مڃ.“
2- ”هميشه چئج حق فاضل فقير،
بديءَ کان بچائي چڱي آه چپ.“
3- ”فيض جا تون فقير فاضل کي،
ڏان ڏاتار ڏات ڏيج ڏيار.“
شريعت جي علم ۾ هو اهڙو باخبر هو، جو جنهن وقت سندس چاچو سيد محمد يوسف شاه حيدرآباد شهر جو قاضي هوندو هو، تنهن وقت بہ ان جي پاران شرعي فتوائون پاڻ تيار ڪريو ڏيندو هو. سيد محمد يوسف شاه جي وفات کان پوءِ سرڪاريءَ طرح شهر جو قاضي سيد محمد ابراهيم شاه بن محمد يوسف شاهه هوندو هو، پر مفتي (فتوائون ڏيندڙ) سيد محمد فاضل شاه هوندو هو.
جوانيءَ جي وقت ۾ ڪجهه وقت فاضل شاه مختياري (وڪالت) جو ڌنڌو بہ ڪاميابيءَ سان هلايو هو، پر فقيراڻي ۽ عالمانه حيثيت ۾ گذارڻ لڳو. شهر ۽ آسپاس ۾ سنديس مڃتا گهڻي هوندي هئي، تنهنڪري ايتري رجوعات (پيدائش) گهر ويٺي پيئي ٿيندي هيس. جو سندن عيال جو گذران چڱيءَ طرح پيو ٿيندو هو.
فاضل شاه کي پهرئين گهر مان اَٺ نياڻيون ۽ ٻہ فرزند هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ جيڪا شادي ڪئي هئائين؛ تنهن مان هڪ فرزند هو.
فاضل شاه تاريخ 19 شعبان هجري 1319 برابر ڊسمبر 1900ع ۾ رحلت ڪئي. سندس تربت حيدرآباد جي نئين مقام (لڳ ٽنڊو آغا) ۾ آهي.
فاضل شاه جو ڪلام
فاضل شاه آخوند محمد قاسم هالائي جو هم عصر ۽ ان جو گهرو دوست هوندو هو. پاڻ آخوند قاسم کي سنڌي شعر ٺاهڻ تي هيرايائين ۽ آخوند قاسم وري کيس پارسي شعر ٺاهڻ جو شوق ڏياريو، فاضل شاه جي شاعرانه حيثيت بابت آخوند قاسم فرمائي ٿو:
سچ چوان اِنپر ته اڄ ڪنهن کي نہ آه،
جا فضيلت آهه فاضل شاه کي،
هر هنر چالاڪ منجهه هر گفتگو،
علم وارن کان وڍي وهه واهه کي.
با مسمى اسم فاضل فضل ۾،
انت جنهن جي خبر الله کي.
صرف ۾ پڻ نحو ۾ پڻ فقہ ۾،
دسترس هن مير حق آگاهه کي،
ري تڪڻ تفسير قرآن جي،
ٿو بتائي راستيءَ جي راهه کي.“
(ديوان قاسم غزل 134)
مسٽر لڇيرام (خفتي) حيدرآبادي چوي ٿو:
”سيد فاضل شاه تو وٽ ڏينهن جمعہ ميڙو لڳي،
آءٌ بہ ايندڙ آهيان محفل سندو سينگار تون.“
(اخبار سنڌ سڌار 24-1879ع)
فاضل شاه جو جيڪو ڪلام ”ديوان فاضل“ ۽ ”چونڊ ڪافين“ ۾ موجود آهي، تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڪيتروئي ڪلام (غزل، قصيدا، ڪافيون وغيره) اسان کي هٿ آيو آهي، جو فاضل شاه مرحوم جي هٿن جو لکيل آهي. اڃا بہ فاضل شاه جو گهڻو ڪلام گم آهي.
”ديوان فاضل“ 1873ع ۾ فاضل شاه تيار ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ کي ڏنو هو، جو ڪميٽي منظور ڪري ڇاپايو هو. اهو ڇاپو کپي ويو هو ۽ ڪتاب سيڪنڊري اسڪول ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندڙ هو، تنهنڪري شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”ديوان فاضل“ جو هڪڙو نسخو تيار ڪري ڇاپايو هو، جنهن ۾ رڳا غزل لفظن جي معنائن ۽ تمام مختصر نوٽن سان درج ٿيل هئا. انهيءَ ڪري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي ”ديوان فاضل“ جو نئون نسخو تيار ڪرائي ڇاپايو، جنهن ۾ نہ رڳو اصلوڪي ديوان وارو متفرقه ڪلام بہ شامل آهي، بلڪ فاضل شاه جو پارسي ڪلام ۽ ”مهملات فاضل“ ۽ ساري ڪلام جي شرح بہ شامل آهي.

فاضل شاه جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون
فاضل شاه جي ڪلام ۾ سندس هم عصرن جي ڪلام بہ نسبت هڪڙي خاص ۽ نرالي خصوصيت هيءَ آهي، جو ”ديوان“ جي شروعات شريعت جي اصول سان ڪري ٿو ۽ جاءِ بجاءِ شرعي نصيحتون پيش ڪندو وڃي ٿو. مثال:
1- محبت محض مولا جي ميان رک مرد متوالا،
م ٿيءُ مشرڪ موحد ره، ڀري هڻ شرڪ کي ڀالا،
2- حقيق حق جي هٿ ڪر ڪري بيڪار باطل کي؛
ڇڏي حق کي وتن هلندا رلن منجهه روڳ ريزالا.
3- الله العالمين آگو ڏس اٿئي هڪڙو،
متان گمره گسين گس کان نود نہ تون سڻي نالا.
(ديوان فاضل غزل پهريون)
”فرض واجب يار جي مون تي مدح،
مستحب منٺار جي مون تي مدح،
نفل ۽ لازم مؤڪد روز شب،
دوست تنهن دلدار جي مون تي مدح،
ڪئن ٿئي تحريم ۽ تنزيہ چو.
سونهن جي سينگار جي مون تي مدح،
شرط شرعي رڪن ديني و دنيوي.
جوت جي جنسار جي مون تي مدح.
فرض فاضل ٿو ٿئي موٽي مباح،
عالم اسرار جي مون تي مدح.
فاضل شاه پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا مثال ۽ تشبيهون بہ ڪم آنديون آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته کيس ”علم هيئت“،”علم طب“ ۽ ”علم ڪيميا“ جي واقفيت ۽ انهن سان دلچسپي بہ خاصي هئي. سندس هم عصر شاعرن مان ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ اهڙا مثال ۽ تشبيهون نہ آهن.
”ديوان فاضل“ ۾ هيءَ بہ هڪڙي خصوصيت آهي، جتي ڪا عربي مصرعه ڪم آيل آهي اتي ٻيءَ مصرعه ۾ عربي عبارت جو ترجمو ڏنو ويو آهي. ”ديوان قاسم“ ۾ اها خوبي رکيل نہ آهي.
مثال:
رب رين بحبهم صدري
ساهه سينو م سرت سين سينگار
آسقنا من رحيق مختوم
پاڪ ڌڻي سندو پريت پيار
رب يسرا مورنا و ار حم
صاحبا سڀ سندام ساز سنوار.
(ديوان فاضل غ 46)
نوٽ: پهرين مصرعه عربيءَ ۾ آهي، ته ٻيءَ مصرعه ۾ ان جو سنڌي ترجمو يا مطلب ڏنل آهي.
سنڌي موزون ڪلام ۾ ”تاريخگوئي“ فاضل شاه جي ايجاد آهي، ”ديوان فاضل“ جي متفرقه ڪلام ”ماده تاريخ“ جا ٻاويهه نظم آهن، ڪي ولادت يا وفات جي بابت ۽ ڪي عمارتن يا سوڀ جهڙن ڪمن بابت سندس هم عصر يا پوين شاعرن مان ٻئي ڪنهن بہ شاعر ايتري انداز ۾ اهڙيءَ طرز ۾ ”تاريخگوئي“ نہ ڪئي آهي.
باقاعدي موزون ڪلام جي صورت ۾ ”ڪافيون“ بہ اول اول فاضل شاهه پڌريون ڪيون، سچل جي ڪلام ۾ غزل کي”ڪافيون“ نالو ڏنو ويو آهي، مگر انهن ۾ ”علم عروض“ جون فروگذاشتون گهڻيون آهن.

مضمون:
ايراني شاعرن وارو نقلي مضمون (خط و خال، زلف و ڪاڪل، نرگس و سنبل، گل و بلبل، ساقي و جام) فاصل شاه جي ڪلام ۾ بلڪل اڻ لکو آهي. ساري ڪلام ۾ فاضل شاه پنهنجو حال بيان ڪيو آهي. سندس ”حال“ ۽ ”قال“ بلڪل موافق آهن. صوفيانه مضمون، اخلاقي مضمون۽ عاشقانه مضمون کان سواءِ مدحيه، هجويه، مذاقيه مضمون ۽ سيرت نگاري جا مثال بہ ”ديوان فاضل“ ۾ موجود آهن؛ جي ”ديوان قاسم“ ۾ نہ آهن.

عاشقانه مضمون:
فاضل شاه مجازي عشق جي ميدان کي آزمايو هو، پر ان کي مجازي عشق جو رستو خوفناڪ ۽ نقصانڪار نظر آيو، تنهن ڪري توڙ تائين حقيقي عشق ڏي رغبت قائم رکيائون. پاڻ فرمائي ٿو:
ڪرڻ عشق آهي مجازي عبث
حقيقي سوا عشقبازي عبث
مضارع همہ حال سال هوئجي
ڪرڻ ياد مذڪور ماضي عبث
مجاهد رهج نفس ناپاڪ سان
غرض غير جي ساڻ غازي عبث
هوا حرص جي تي هڻج حڪم تون
سندو پر فتن پاپ پازي عبث
دلا دون دنيا سندي حرص ۾
ڪرڻ ڄاڻ جيءَ جان گذاري عبث
(غ 23)
انهيءَ حال هوندي بہ اوائلي مجازي عشق جي وقت وارا ڪلام ”ديوان فاضل“ ۾ پڌرا پيا آهن جيتوڻيڪ سندن انداز ٿوروئي آهي.

مثال:
چپن جي چاش چوري
مفت من مجنون ڪيو منهنجو
وتي ڏيندڙ مٿي رند راه
ليلى لاءِ لامارا،
گهميو گهٽيون وٺي واٽون
ڏسي ڏونگر رهي راهون،
تڪي تڪيا هلي هنڌ هنڌ
نهاري عام اوتارا،
جدائي جي جلڻ جاني،
رئاري روز شب رڻ ۾
نماڻيءَ جي منجهان نيڻن
وسايا نينهن نيسارا
ڪي قربان ڪوهيارا
ٿيو تو تان فدا فاضل
اپر اوندوهه اولاڪي،
ڪيا ورهن مٿس وارا.
(غ 3)
يار کي دلدار کي منٺار کي پيغام ڏج،
سر بسر ساٿي سنيها جي چوان سي سڀ ڏج،
وڙ سڃاڻج وير پنهنجو ڪج ڀلائي تون ڀلا،
لچ لبوسي چوڻ تي ڪيم ڪي لالن لڳج،
مهرباني تون ڪري منهنجي مداين ڏي م ڏس،
جئن وڻيئي تئن پاڻ تون بلڪل ڀلارا ڀال ڪج،
عاشقن جي واه تو کان ڌار ناهي ڪا بہ ڪٿ،
ڏک ڏنگايون ڏوٺ ڏاها سڀ سقيمن جا سهج،
فڪر فضل شاه جا ميٽجي محبت سان مٺا،
مهر سان محبوب مشفق اڱڻ عاشق جي اچج،

مدحيه مضمون:
مدحيه مضمون يعني ڪنهن بزرگ هستي يا نيڪ انسان جي ساراه وارو ڪلام يعني حضرت نبي ڪريم عليہ الصلواتہ والسلام جن جي واکاڻ اهل بيت اطهر ۽ اصحابن سڳورن جي ساراه، عالمن سڳورن جون نيڪيون ”ديوان فاضل“ جي متفرق ڪلام ۾ چڱي طرح آيل آهن. مثال:

1- حضرت نبي ڪريم (صلعم)، اصحاب سڳورن ۽ اهل بيت (رضوان الله عليهم) جي ساراه:
اڙين جو اجهو آه عالم امام،
محمد مڪي شہ مدارالمهام.
صحابي سندس صحي صادق سچار،
انهن جي اچڻ سان ٿيو انتظام.
وڏي وير کي واه واحد ڏنو،
سچائيءَ سبب صحي صديق نام.
عمر عثمان اشجع علي،
مٿي مهر مولا سندي مستدام.
ڀلاري ڀلي بنت بضعت نبي،
انهيءَ سان اسان جو عجب اعتصام.
هنئن هار حضرت حسن ۽ حسين،
انهن جو رکي عز اعلى علام.
گهرين فتح فاضل عدون اتي،
ته پڙه بيت هي چئو ڪري اختتام.
ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،
مٿي واٽ وحدت ڪشي ٻڌ ڪمر.
(ترجيح بند نمبر 1)

2- پير صاحب پاڳاري حزب الله شاه عليہ الرحمتہ جي واکاڻ:
نور جو نروار نوري نور نرمل بي نظير
مصطفى مرسل سندو شمس الضحى بدرالمنير
مرتضى جو مان مسند مجتبى جو ماه مير،
ڪربلا جي شان جو اعلى عجب افضل امير
سيد السادات سيد شاه حزب الله پير
جوءِ ۾ جنات عدن جي ٿيو شہ جائگير.
سنڌ جو سينگار صاحب سان شاهي شاه جو،
متقي مرشد مٺو عارف ولي الله جو
منجهه ترن بحرن برن پيو دٻدٻو داناه جو
ڇا حيا ۽ حلم هاڻو ڇا سخاوت ۾ سڌير
سيد السادات سيد شاه حزب الله پير
جوءِ ۾ جنات عدن جي ٿيو شہ جائگير.
(غير مطبوعه متفرقه ڪلام مسدس نمبر 1 جا ٻہ بند)
هجويه مضمون:
فاضل شاه ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو نالو وٺي ان جي باب ۾ ”هجو“ (گلا يا شڪايت) نہ ڪئي آهي. “ديوان فاضل“ جي غزل 52 جو چوٿون بيت ڪنهن مخالف جي هجو ۾ چيو اٿس، پر ڪنايه طرح جئين ته:
”شومتي شيطان شومي متقين سان مدعي:
دزد دعوا ٿو ڌري ۽ ٿو دڙي ديوث دڙ.“
متفرقه ڪلام جو ترجيع بند نمبر 2 ساروئي عام ماڻهن جي نامناسب رواجن جي شڪايت بابت آهي ۽ ترجيع بند نمبر 3 خاص طرح چالاڪ ۽ حيا فروش مردن ۽ زالن جي گلا بابت آهي، جنهن ۾ سيرت نگاريءَ جو داد بہ چڱيءَ طرح ڏنو ويو آهي. مثال:
نوري ناريون زينت واريون،
وييون گذاري قول سچاريون،
قرب قرابت عصمت واريون،
سبق پڙهيو جن ستر صفائي
بچي برادر ڀيڻ نہ ڀائي
ادي ادا ٿي چوڻ اجائي
وغيره

مذاقيه مضمون:
مذاقيه يعني چرچي بازيءَ وارو ڪلام بہ ”ديوان فاضل“ ۾ ٿورو گهڻو ڪم آيل آهي.
هڪڙي هنڌ فاضل شاهه، ميان لطف الله شاعر سان چرچو ڪيو آهي. ميان لطف الله جو تخلص هو ”لطف“، ”صنعت مقبلوب بعض“ ڪم آڻبي، ته ”لطف“ مان ٿيندو ”طفل“، ”طفل“ جي معنى آهي ”ٻار“ فاضل شاه هيٺئين ڪلام ۾ چويس ٿو ته اي لطف! تون اڃا طفل يعني ٻار آهين. شعر ٺاهڻ ٻاراڻو ڪم نہ آهي. شعر ٺاهڻ آهي مقوي معجون تيار ڪرڻ سو ڪي سمجهو تيار ڪري سگهندا، ٻوڙ ماني کائڻي نہ آهي جو سڀ ڪو ٻار کائي سگهندو.
باطل خيال جنهن جا تنهن شعر شرم آهي
گهرجي علو اعلى ۽ اوج آسماني،
معجون جو مقوي ۽ ڪامل ڪلام جوڙڻ،
هرگز نہ ڄاڻ ان کي اي ٻار ٻوڙ ماني،
منجهه”لطف“ ”طفل“ لائج مقلوب بعض صنعت،
ڏاها ڏسن ته ناهي هيءَ رمز رائگاني.
(غ 92)
عربي ۽ پارسي آميزش وارن ٿورڙن غزلن ڌاران ٻيا غزل توڙي ڪافيون ۽ مولود تمام صاف سليس ۽ سواد ڀريل سنڌيءَ ۾ چيل آهن. شاه صاحب، هڪڙو زبردست عالم هو، تنهن ڪري ڪي ڪي عربي لفظ ڪم آندا اٿس، پر اهي معمولي ۽ عام فهم آهن:

علم عروض

شعر جا قسم:
فاضل شاه جو گهڻو ڪلام ”علم عروض“ جي اصول موجب آهي: ۽ ٿورو ڪلام (ڪافيون ۽ مولود) ”علم موسيقي“ جي اصول موجب آهي.
علم عروض موجب جيڪي شعر جا قسم مقرر ٿيل آهن، سي سڀ شاه صاحب جي ڇاپيل توڙي اڻ ڇاپيل ڪلام ۾ موجود آهن. آخوند قاسم جي ڪلام ۾ ”مسدس“ ۽ ”ترڪيب بند“ نہ آهن، ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ فقط ترڪيب بند موجود نہ آهي.

بحر ۽ وزن:
فاضل شاهه پنهنجي هم عصرن ۾ ”علم عروض“ بہ نسبت تمام هوشيار ليکبو هو. سنڌ جي موزون ڪلام چونڊ شاعرن ۾ شاه صاحب پهريون ئي شاعر هو، جنهن ”علم عروض“ جي بحرن جا ارڪان پنهنجي هر هڪ غزل جي سري تي لکي نروار ڪيا هئا. ”ديوان فاصل“ جي اصلوڪي نسخي جي منڍ ۾ فاضل شاهه جو تيار ڪيل ”ميزان الشعر“ يا ”ڏوهيڙن جي تارازي“ بہ شامل ٿيل آهن، جنهن ۾ جدا جدا بحرن جا ارڪان بہ ڏنل آهن ۽ هر هڪ بحر جي ارڪانن موجب تقطيع جا مثال بہ ڏيکاريل آهن، تنهنڪري وزن ۽ تقطيع بہ نسبت فاضل شاه جو ڪلام گهڻو قدر پختو آهي. ”رباعي“ جو خاص بحر ۽ وزن شاه صاحب بہ اهڙو ئي غلط ڪم آندو آهي، جهڙو
آخوند قاسم ڪتب آندو آهي.
”ديوان فاصل“ جو غزل 65 ساروئي بحر مضارع مثمن اخرب مقصور تي ٺهيل آهي، جنهنجا ارڪان هي آهن:
معفول- فاعلاتن- مفعول- فاعلات
پر غزل جي ڪن مصرعن جي تقطيع وري هنن ارڪانن تي بيٺل آهي:
مفعول، فاعلاتن، مفعول، فاعلات،
تارڪ طمع تڙي ٿا، لالچ ڪڍن لطيف
جوفي قبول ڪن ٿا، جنجال، ڪاڻ جوف
صبرئون سواسياڻا، سالم نه، بي سفوف،
نوٽ: هڪڙي بحر جي ڪن ارڪانن تي شعر شروع ڪرڻ ۽ وچ ۾ ٻيا ارڪان ڪم آڻڻ ”علم عروض“ جي اصول موجب ناجائز آهي.

قافيه:
قافيه جي نسبت ڪي ورلي” ديوان فاضل“ ۾ ڏسجن ٿا:
جئن ته غزل 12 ۾ ”قافيو“ آهي سٿ؛ هٿ، ڪٿ وغيره. شاه صاحب انهن قافين سان گڏ پڇاڙي ۾ قافيو رکيو آهي. ”رٽ“، سو قانين جي اصول موجب غلط آهي، ڇاڪاڻ جو ”توجيہ“ مٽجي وڃي ٿي، جا مٽجڻ نہ گهرجي.
غزل 23 ۾ ”مجازي، بازي، آزي“ سان قافيه آيل آهي. ”ماضي“ سو درست نہ آهي.
متفرقه ڪلام (تاريخوگئي نمبر 1) ۾ ”پست“ ۽ ”دست سان ”چست“ ۽ ”درست“ قافيه غلط آهن.

هز هائينس مير حسن علي خان (حسن) (1824ع کان 1909ع تائين)

هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن)، جنهن کي سنڌ جو فردوسي چئجي ته وڌاءُ نہ آهي، سو سنڌ جي آخرين ٽالپر حاڪم مير محمد نصير خان جو وڏو فرزند هو. هو هجري 1240ع مطابق 1824ع ۾ ڄائو هو. هو عربي ۽ پارسي ۾ يگانو هو. جڏهن اوڻيهن ورهن جي عمر جو هو، تڏهن 1843ع ۾ سندن ملڪ انگريزن فتح ڪيو هو، تڏهن شهزادو ”حسن“ بہ پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين ٽالپرن سان گڏ نظربند ٿي بمبئي، پونا ۽ ڪلڪتہ ڏانهن ويو هو. ويهه سال نظربنديءَ ۾ گذارڻ بعد 1863ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ پنهنجن عزيزن مان اچي شادي ڪيائين، پر اولاد ڪونه ٿيس انگريز سرڪار کان ٽي هزار رپيا ماهياني پوليٽيڪل پينشن مير صاحب کي ملندي هئي.
مير صاحب علم دوست ۽ بلڪل بي تعصب بزرگ عالم هو، تنهنڪري حيدرآباد شهر جا سڀ شاعر ۽ علم دوست ماڻهو مير صاحب جا مجلسي هوندا هئا. مير صاحب نہ رڳو زبردست شاعر هو، پر نثر نويس بہ چڱو هو هن ايڪاسي ورهن جي عمر ۾ تاريخ 15 ذوالحج سنه 1224هجري برابر 1909ع ۾ وفات ڪئي.

مير صاحب جو ڪلام:
مير صاحب جو سنڌي نظم بہ چڱي انداز ۾ موجود آهي. شهنشاه نامه يا حمله حيدري، مختار نامه ۾ مناقب، مرثيا ۽ سلام اهي سڀ ڪتاب نظم ۾ آهن. پر اسين مير صاحب جو فقط ”سنڌ جو شاهنامه“ ڪتاب هت ادبي نظر سان جاچيون ٿا.
مير صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون:
1- مير صاحب جي ڪلام ۾ پهريائين وڏي خاصيت هيءَ آهي جو منجهس عاشقانون ۽ صوفيانو مضمون ذرو بہ ڪم آيل نہ آهي.
2- ٻي خصوصيت هيءَ آهي جو سنديس شاعريءَ جو مقصد اهلبيت اطهار جي حب ۽ شهيدن جي ماتمداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه بہ نہ آهي.
3- ٽي خصوصيت هيءَ آهي، جو پارسي لفظن جي ملاوت تمام گهڻي قدر ڪئي اٿس نہ رڳو عام لفظ پر اضافي مرڪب، حرفي مرڪب بلڪل فعلي صيغا بہ ڪٿي ڪٿي پارسي ڪم آندا اٿس. ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي سنڌي ڪلام ۾ ايتري قدر پارسي ملاوت نہ آهي.
4- تاريخي احوال کي سنڌي نظم جو لباس ڍڪائڻ ۽ ”شاهنامه“ ۽ ”سڪندر نامه“ جي طرز تي نج رزميه ڪلام سنڌيءَ ۾ تيار ڪرڻ مير صاحب جي ايجاد ليکبي.

مضمون:
مير صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه ۽ عاشقانه مضمون جي ته بوءِ بہ ڪانهي. خط و خال، زلف و سنبل، گل و بلبل واري مضمون جو ته مير صاحب سخت مخالف هوندو هو. ”سنڌ جو شاهنامو“ جنهن تي هت اسان کي خاص طرح ادبي بحث ڪرڻو آهي، جنهنجي لکندي قابل تعظيم شاعر ’طرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ‘ جا حق بخوبي ادا ڪيا آهن.
فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ جا مثال:
1- ٻہ لشڪر چوان يا ٻہ دريا چوان
ٻه لشڪر ها يا ابر آتش فشان،
ائين گرم ٿي آتش ڪار زار،
جو تپ لرزه ٿيو در دل ڪوهسار.
ٻري باه وئي در دماغ يلان،
جلي جنهن ۾ ويا پوست ۽ استخوان.
رسيو جنهن جي سرتي اجل جو پيام،
تنهن نوڙئي سر تن کي ڪيو ٿي سلام.
جدا ٿي گهڻا روح قلب کان ويا،
ڇڏي مرغ روح آشيانه هليا.
لنگهي جنگ انداز کان ويئي پري،
نه مشڪل هو جو دشت رن جو ٻري.
انهيءَ وقت سلطان کهاوڙ دلير،
ڪيا جنهن گهڻا ماري سرڪش بزير.
اچي پهتو جنهن وقت در دشت ڪين،
اتي بيهي لافون گزافون هنئين:
”سندم ناه ڪو مٽ جو تنهن سان وڙهان.
اچي دل جهلي جي ڪو هوءِ پهلوان.“
”ڏسي قوت زور بازو سندم،
نه ٿي سگهندو ڪو هم ترازو سندم.“
ڏٺو مير فتح علي خان دلير،
گدڙ آه آيو ڍڪي چرم شير،
سندس مير کي نايون لافون پسند،
ڪري انڏي منهن چيائين با زهر خند.
”تون بيٺو هڻين لافون ڪيئن دور تر،
وڌي آ، لهان تان آءُ تنهنجي خبر.“
ائين چئي پوءِ ٿيو حمله ور باشتاب،
جهلڻ حملي جو هو نہ ڪنهن کي بہ تاب.
ڏسي ڀڄندو سلطان کي بي درنگ،
ٿيو تاجي جي رت ۾ وڏو جوش جنگ.
اچي مير کي چيائين اي شهسوار،
وڙهڻ آيو آهيان ٿي تون هوشيار.
مون کي مثل سلطان تصور نہ ڪر،
آءُ آهيان وڏو پهلوان پر هنر،
چيو مير ”بس بس تڪبر نہ ڪر“،
نه هڻ لاف بيهودگي ان قدر،
”سندم جنگ جو تو کي آهي ڪو تاب؟
تون منهن موڙي ويندي ڀڄي باشتاب.“
(جنگ هالاڻي)
سڀڪنهن تاريخي نظم ۾ اخلاقي ۽ روحاني سبق شامل هئڻ قدرتي ڳالهه آهي، تنهنڪري اخلاقي ۽ روحاني نصيحتون ”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ جام آهن. ڪنهن واقعي بيان ڪرڻ جي شروع، وچ يا پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي نہ ٻي اخلاقي يا روحاني نصيحت ڏنل آهي. نہ رڳو ايترو ، بلڪ خاص خاص موقعن تي قومي ۽ سياسي جذبو بہ سهڻي نموني ۾ قابل تعظيم شاعر نروار ڪيو آهي. مثال:
رعيت پروري:
1- ڪلهوڙن کان ڪئن ملڪ ورتو اسان؟
ٿيو ويران ڪئن خاندان ڪلان؟
چئي ان طرح سان ويا دانا نخست،
رعايا چون بيخ اند و سلطان درخت.
2- مدو اڄ رعايا جي آهي ضرور،
سرن تان ڪريون تنجي آفت هي دور،
خبر جي نہ هن وقت تنجي وٺون
ٿي ويندي رعيت پوءِ ضايع زبون.
ڪري ڏس تون سعدي جو هي قول ياد،
چئي ڇا ويو هن باب ۾ اوستاد،
ملڪ باج ده يڪ چرامي خورد،
چون دشمن خر روستائي برد،
اسين ڍل ۽ محصول جن کان وٺون،
بوقت مصائب ڇڏي تنکي ڏيون،
رعايا جي غمخواري ڀي ٿي ضرور،
سرن تان ڪريون تنجي آفت هي دور

نوٽ: (1) ڪلهوڙن جي خاندان برباد ٿيڻ جو سبب شاعر فرمائي ٿو ته فقط رعيت آزاري هئي. انهي بيان شروع ڪرڻ کان اڳ نصيحت ٿو ڏئي، ته رعيت پاڙ جي مثال آهي ۽ بادشاه وڻ جي مثال، جيڪڏهن بادشاه رعيت کي آزاريو، ته ڄڻ پنهنجي پاڙ ڪمزور ڪيائين، پر جيڪڏهن رعيت کي خوش رکيائين ته ڄڻ پنهنجي حڪومت جي پاڙ پڪي ڄمايائين.
(2) جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڦرلٽ مچائي ڏني، تڏهن مير فتح علي خان سڀني ٽالپرن ۽ اميرن کي گڏ ڪري رعيت جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪرڻ بابت نصيت ٿو ڪري.
دنيا جي فنائي بابت:
مير فتح علي خان جي وفات جو بيان ڪندي پهريائين هو دنيا جي فنائي ۽ ناپائداريءَ بابت هن طرح نصيحت ٿو ڪري:
”زماني جو يڪسان رهي ٿو نہ حال،
تون ڏس چنڊ کي گهه بدر گهه هلال.“
ڏسو سج جو ڪيڏو ٿيو جاه و جلال،
ڏسي ڪئن ٿو هر روز رو ۽ جلال
زماني ڪڏهن ڪنهن سان ڪئي ڪا وفا؟
تڏهن ان تي دل بستگي ٿي خطا،
رهڻ ڪاڻ هن هنڌ آيو نہ ڪو،
وڃڻ تي تڏهن ڪهڙو شيڪو ڪبو؟
بقا ٿي فقط ذات رب العلا،
جتي ناه امڪان نقص و فنا
غرض موت انسان سان ٿيو لڳل،
معين ٿيا ايام عمر از ازل.“
قومي ۽ سياسي جذبات جي نرواريءَ جو نمونو:
”انهيءَ جنگ تي امر هو منحصر،
ته حاصل ڪري جيڪو فتح و ظفر.
اهو ٿيندو هن ملڪ جو بادشاه،
مخالف ٿي ويندو سراسر تباهه.
تڏهن زور لاتئون ٿي حد کان زياده،
ته حاصل ڪن ان معرڪي مان مراد.
ٻروچن ها پيرن ۾ ڏانوڻ وڌا،
متان منهن ڪو موڙي ڀڄي بي خطا.
ڪو ٿورن گهڻن تي نہ ٿيو مختصر،
ظفر جنهنکي ڏي تنهنکي ڏي دادگر،
اتي پاڻ ڀي مير سهراب شير،
ٿي زخمي پيو جنگ ۾ سو دلير،
ڪيائين نہ زخمن جي پرواه ڪا،
وڙهيو جئن وڙهي شير يا ازدها.
لهي پوءِ ته گهوڙن تان ٿيا پياده پا،
وڏو شور غوغا ٿيو ان دم بپا،
ڪيئون چست ڪمرن کي با ڪشت و خون
گريبان ٿي هڪ ٻئي جا هٿ سان جهليئون،
ٿي گڏجي وڏا زور آندئون بجنگ،
جوٽي جنگ کي پنهنجو ڄاتائون ننگ.“
(جنگ هالاڻي)
”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙي جي حڪومت کان وٺي مير مراد علي خان ٽالپر جي حڪومت تائين، يعني اڌ صدي کن جيتري زماني جو مفصل احوال ڏنل آهي.
سرفراز خان دربار ۾ مير بهرام خان جي مارائڻ جون صلاحون، مير بهرام خان کي ڀري دربار ۾ مارائڻ ۽ ان جي پٽ مير صوبدار خان جي هٿان ڪيترن دربارين جو مارجڻ ۽ آخر ۾ مير صوبدار خان جو بہ شهيد ٿيڻ، ٽالپرن جو ڪاوڙجڻ ۽ ميان سرفراز خان کي تخت تان لاه قيد ڪرڻ، صادق علي خان ڪلهوڙي کي ۽ وري ميان غلام نبي کي تخت تي وهارڻ، مير بجار خان جو حج تان موٽي اچڻ ۽ ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪرڻ، ميان غلام نبيءَ جو مارجي وڃن، عبدالنبي ڪلهوڙي جي هٿان ميان سرفراز خان ۽ ان جي پٽن جو بيگناهه شهيد ٿيڻ؛ عبدالنبي جو تخت نشين ٿيڻ، مير بجار خان ۽ عبدالنبي جي والده جي گفتگو، ڪابل جي بادشآه تيمور شاه جي سنڌ تي ڪاهه ۽ موٽ، مير بجار خان کي دغا سان شهيد ڪرائڻ؛ ميان عبدالنبي سان ٽالپرن جون جدا جدا هنڌن تي جنگيون، پٺاڻن جي ميان عبدالنبي کي مدد، مدد خان پٺاڻ جي هٿان سنڌ ۾ ڦرلٽ ٿيڻ، هالاڻي واري جنگ ۽ ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت، ميان عبدالنبيءَ جون سنڌ وٺڻ لاءِ بيفاعديون ڪوششون، جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ وٺڻ لاءِ ٽالپرن جي جنگ ۽ شڪست، بهاولپور تي ٽالپرن جي ڪاهه ۽ سوڀ حيدرآباد جو قلعو فتح ڪرڻ، ”ديوان گدو مل جو مارجڻ، شڪر ڍنڍن جي ٻيٽ تي محلات اڏائڻ، مير فتح علي خان جي وفات، مير غلام علي خان ۽ مير ڍاري خان جي وچ ۾ جنگ ۽ مير ٺاري جي شڪست، شڪارپور ۽ ڪراچي فتح ڪرڻ، دائودپوٽن سان جنگ ۽ صلح، شاه شجاع پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه ۽ ٺاهه، مير غلام علي خان جي وفات جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ فتح ڪرڻ، ٽي نوان قلعا سنڌ ۾ تيار ڪرڻ، مير ڪرم علي خان جو انتقال.

ٻولي ۽ عبارت:
”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ پارسي آميز سنڌي ڪم آيل آهي، سڀ حڪمران ٽالپر سنڌي زبان جا ماهر ۽ شاعر هوندا هئا. هز هائينس مير حسن علي خان پهريون ٽالپر هو، جنهن سنڌي زبان ۾ شعر چيو. تنهن ڪري ان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ پارسيءَ جي آميزش سڀاويڪ ڳالهه آهي.
صرف و نحو:
جئن خليفو گل، آخوند قاسم ۽ فاضل شاه جن پراڻيون فعلي صورتون ۽ حرف جر وغيره ڪم آندا آهن تئن مير صاحب ڪم ئي نہ آندا آهن. هن خاص طرح پارسي آميزش ڪم آندي آهي. ڪٿي ڪٿي ته مير صاحب عربي اضافت جي نشاني ڪم آندي آهي، مگر مضاف عربي، ته مضاف اليہ پارسي ڪم آندو اٿس، جا هڪڙي انوکي ۽ خلاف اصول ملاوت آهي.
سماعيل شاهو جوان جو پسر،
اهو ڀي هو الولد سرالپدر.
نوٽ:- مضاف يعني ”سر“ (راز) عربي لفظ آهي، ته مضاف اليہ يعني ”پدر“ (پي) پارسي لفظ آهن.
ڪٿي ڪٿي مير صاحب وري پارسي اضافت جو دستور ڪم آندو آهي، مگر مضاف رکيو اٿس نج سنڌي لفظ، ته مضاف اليہ پارسي، اهو بہ خلاف دستور عمل آهي:
”هنئين مير پوءِ ان کي اهڙي ترار،
جو دونيم ٿيو پيٽ آن نابڪار.“
نوٽ:- مضاف يعني ”پيٽ“ نج سنڌي لفظ کي اضافت جي زير ڏيئي. ان نابڪار“ کي مضاف اليہ بنايو اٿس، جو پارسي مرڪب لفظ آهي، اها اضافت نہ پارسي ٿي ۽ نہ سنڌي ٿي. ڪٿي ڪٿي مير صاحب اضافي مرڪبات ۾ بہ اضافت جي زبر ڇڏي ڏني آهي:
1- سڄو جسم زخمن مان ائن چور هو،
نه هو جسم، بل خانه زنبور هو.
2- زماني دگر گون آئين نهاد،
شد آن مرغ ڪ او بيضه زرين نهاد.
علم عروض

شعر جو قسم:
سلامن ۽ مرثين ۾ ته مير صاحب غزل، قصيدا، مخمس ۽ مسدس بہ ڏنا آهن، پر ”سنڌ جو شاهنامو“، مثنوي شعر ۾ ڏنل آهن، جئن تاريخي نظمن لکڻ جو دستور آهي.

بحر ۽ وزن:
سارو ”سنڌ جو شاهنامو“ بحر تقارب مثمن”مقصور ۽ محذوف“ تي ٺهيل آهي. فردوسي وارو ”شاهنامه“ پارسي ۽ نظامي وارو ”سڪندر نامه“ پارسي جا ٻئي مشهور تاريخي نظم آهن، سي بہ انهيءَ ساڳئي بحر تي ٺهيل آهن.
مير صاحب جنهن صورت ۾ آخوند قاسم ۽ حضرت گدا جهڙن جبرن شاعرن کان پنهنجا شعر درست ڪرائيندو هو، تنهن صورت ۾ ائين چوڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي، ته مير صاحب کي وزن ۽ تقطيع جي جي خبر نہ هوندي، تنهن هوندي بہ ”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ وزن ۽ تقطيع جا جيڪي پڌرائي پڌرا پيا آهن.تن کي قابل تعظيم شاعر ڪئن ائين جو ائين رهڻ ڏنو، سا ڳالهه عجب ۾ وجهندڙ آهي.
”علم عروض“ جي اصول موجب ”وزن“ ۽ ”تقطيع“ جي پورت لاءِ هميشه حروف علت حذف ڪرڻ جائز آهن ۽ سنڌي زبان ۾ ”نون غنہ“ جيڪڏهن ڪنهن حرف علت جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي، ته اهو بہ حذف ڪري سگهبو آهي؛ پر حرف صحيح کي ڪنهن بہ حالت ۾ تقطيع ڪرڻ وقت حرف ڪرڻ جائز نہ آهي، مير صاحب حرف صحيح بہ هذف ڪندو ويو آهي.
1- ڪيو دربر عالم لباس سياه،
نهان ٿي ويو روءِ خورشيد ماه.
2- شڪارپور کان ٻن منزلن تي هو دور،
رسي هي عريضي بہ بزم حضور.
3- شروع گفتگو ڪيائون ٿي مير سان،
ته انپر چيو راجہ راجگان،
4- چيئين ٿي ته بسم الله آيو ڀلي،
وڌئين تن کي ڀاڪر وڏا ٿي کلي.
5- جهاندار فتح علي نامدار،
جو هو اعقل عقلاءِ آن روزگار.

نوٽ:- مٿين مثالن ۾ ”دربر عالم“ کي ”دربرالم“ (ع گم)؛ ”شڪارپور“ کي ”شڪاپور“ (ر گم)؛ ”شروع“ کي ”شرو“ (ع گم)؛ ”بسم الله“ کي ”بسمل“ (ل ا هه گم)؛ ۽ ”اعقل عقلاءِ“ کي اعقلقلاءِ“ (ع گم) ڪري پڙهبو، تڏهن وزن ۽ تقطيع برابر بيهندا. پر اهڙي ڇانٽ ڪرڻ لاءِ ته علم عروض اجازت ڏئي ٿو ۽ نہ علم لغت ۽ علم صرف و نحو اجازت ڏين ٿا تنهن ڪري اهڙن هنڌن وزن ۽ تقطيع جو ليکبو.

قافيو:
مير صاحب قافيه جي شرطن بجا آڻڻ ۾ گهڻي قدر بي پروائي ڪم آندي آهي.
مثال:
1- ٿيو شيطان آدم جو هو راه زن،
هي شيطان هو انسان ۽ هو هو جن.
2- سڃاتئون نہ پهرين ته هي آه ڪير،
ڏٺئون پوءِ جئڻ کان ٿي آيو هي سير.
3- ٿي فوج ڪلهوڙي کي فاحش شڪست،
شڪست اهڙي هرگز نہ ٿيندي درست،
4- مون کي ظاهرا بادشاهي ملي،
مگر ٿي انهيءَ کان گدائي ڀلي.
5- تون آهين وڏو مرد بد عاقبت،
نه هوندو ڪو تو جهڙو شوريده بخت.

نوٽ: ”زن“ سان ”جن“،”ڪير“ سان ”سير“،”شڪست“سان ”درست“،”ملي“سان ”ڀلي“ ۽ ”عاقبت“ سان ”بخت“ بلڪل غلط قافيا آهن. ”بخت“ کي جيڪڏهن غلط تلفظ ۾ ”بخت“ ڪبو ته قافيو درست ٿيندو، مگر وزن بلڪ بگڙي ويندو. هونءَ بہ وزن جي غلطي ڇاڪاڻ جو پهرين مصرعه”مخدوف“ ۽ ٻي مصرعه مقصور ٿي ٿئي، جا ”علم عروض“ موجب ائين نہ ٿيڻ گهرجي.

هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) (1851ع کان 1924ع تائين)

هز هائنس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس علي خان، سنڌ جي آخرين ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان جو پوٽو ۽ هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن) جو سڳو ڀائٽيو هو. مير عباس علي خان جڏهن پنهنجي والد مير محمد نصير خان سان گڏ ڪلڪتي ۾ نظر بند هو. تڏهن يوروپئن آفيسرن ۽ منڊمن جي ڏسندي سندربن ٻيلي ۾ يڪيسر تلوار سان شينهن جو مقابلو ڪري ان کي ماريو هئائين، انهيءَ ڪري هڪڙي يوروپئن ميم صاحبه گهڻي چاهه مان مير عباس علي خان سان شادي ڪئي، جنهن مان هجري، 1268 مطابق 1851ع ۾ هز هائينس مير عبدالحسين خان فرزند ڪلڪتي ۾ ئي ڄايس، شايد انهيءَ ڪريئي سانگي صاحب هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:
”پيارج پرت جو پيالو الايا ايهالساقي
اسان جو ملڪ بنگالو الايا ايهاالساقي.
(ديوان سانگي جلد 1 صفح 102)
مير عبدالحسين خان اڃا ڇهن ورهن جو مس هو، ته سندس والد صاحب اتي ڪلڪتي ۾ ئي وفات ڪئي، جنهن جو لاشو حيدرآباد ۾ آڻي پڻس جي ڀرسان ميرن جي قبن تي دفن ڪيائون. انهيءَ وقت کان وٺي مير عبدالحسين خان پنهنجي چاچي هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن) جي سنڀال هيٺ رهيو، جنهن ڪچيءَ کان ئي اردو، پارسي ۽ انگريزي تعليم جو بندوبست رکائي ڏنس، مير عبدالحسين خان جڏهن ڇهن ورهن جي عمر جو هو، تڏهن پنهنجي چاچي مير حسن علي سان گڏجي 1863ع ۾ پنهنجو ڏاڏاڻو ملڪ يعني سنڌ اچي ڏٺائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ بہ سنديس تعليم ۽ تربيت تي سندس چاچو چڱي چوکي نظر رکندو آيو.
ڦوهه جوانيءَ ۾ مهراڻن جي ڪيٽيءَ (درياءَ جي ڀر) ۾ جا ٽکڙ جي نزديڪ گنجي ٽڪر ۽ درياءَ جي وچ ۾ آهي هرڻن جي شڪار ڪندي مير صاحب پاڻ هڪڙي پارسي غزل ۾ چوي ٿو ته:
”شوقي ز شڪار داشتم بحدي،
آخر يقين شد که خود شڪاريم.“
(ج 1 ص 67)
معنى: شڪار جو شوق تمام گهڻو هوندو هوم؛ نيٺ پڪ ٿيم ته پاڻ ئي شڪار بڻجي چڪو آهيان. جئن ڄام تماچي نوريءَ جي نينهن سانگي سڀ ڪينجهر نواسي نوازي ڇڏيا، تئن هن نوجوان شهزادي بہ پنهنجي معشوق جا مٽ مائٽ نوازي راضي ڪيا ۽ مائيءَ کي حيدرآباد ۾ آڻي ساڻس عقد وڌائين.
”اسان جو عشق عالمگير هاڻي پير ٿيو آهي،
ڪيئين نخچير ٿي، هاڻي سو خود نخچير ٿيو آهي.
جو مهراڻن جي ڪيٽيءَ ۾ ڪنارو آهه گهاري جو،
سو سارو سئر حاصل غيرت ڪشمير ٿيو آهي،
پري کان ٿي ڏٺو مون منگهريو مجلس ۾ مرڪيو ٿي،
ڏسي مون کي سو سهڻو صورت تصوير ٿيو آهي.
تڏهن دل منهنجي ديواني ٿي آهي مست لا يعقل،
پوڻ لئي زلف پيارل جو جڏهن زنجير ٿيو آهي.“
(ج 2 ص 86)
هڪڙي هنڌ ته مير صاحب کليو کلايو چوي ٿو:
منٺار مٺي يار کي صورت ڏني مولى
مون کي انهيءَ مہ رو جي محبت ڏني مولى
الله آهن منهنجون ڪيون پوريون،
منٺار مليو روح کي راحت ڏني مولى
حاصل ٿيو رقيبن کي جدائيءَ جو جهنم
سانگي کي ته جيئري آهي ”جنت“ ڏني مولى
(ج 2 ص 7)
ان مائيءَ بہ بجنسي نوريءَ واري نهٺائي ۽ اخلاقن سان مير صاحب کي حد کان زياده موهي وڌو هو. مائيءَ جي حياتي ٿوري هئي، تنهن ٿورن ئي ڏينهن بعد وفات ڪئي. مائيءَ جي وفات ڪرڻ ۾ مير صاحب جو پاڻيءَ مان نڪري وڃڻ. پوءِ حيدرآباد ۽ شاه جي ڀٽ جي وچ ۾ اگهاڙين پيرين اچڻ وڃڻ راتين جون راتيون گنجي ٽڪر تي سسئي وانگر پير پٿون ڪرڻ مجنون ۽ وامق کي بہ شهه ڏيئي ڇڏڻ.
1- ”هلياسون واري مجنون ڏي هڻندا نينهن جو نعرو
چيو ٿي چاهه مان هر هڪ اجهي سانگي سفر نڪتا.“
(ج 1 ص 12
2- ”دردن ڪي ڌوم ڌام دل ناتوان تي
صدمہ هزار منهنجي رسيا آهن جان تي.
واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آءٌ روز شب
آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان تي.“
(ج 1 ص 11)
هز هائينس مير محمد حسن علي خان کي پنهنجي ڀائٽي جي پريشان حاليءَ جو تمام گهڻو فڪر ٿي پيو، تنهن ڪن يوروپئن عملدارن جي صلاح ۽ مدد سان ٻہ ٽي منڊمون مير صاحب جي خدمت ۾ ڇڏيون. انهيءَ لاءِ ته ڪنهن بہ طرح ان جي ٽهندڙ دل دام ۾ اچي ۽ هو جهان جي دستور موجب هلي چلي.
آخر ڊاڪٽر رائٽ صاحب جي ڌيءُ مس رائٽ صاحبه انهيءَ ڪم ۾ فتحيات ٿي ۽ مير صاحب کي اڳيان دفتر سڀ وسارائي ڇڏيائين.
مير حسن علي خان مس رائٽ صاحبه جي عزيزن ۽ وارثن کي سندن مرضيءَ موجب خوش ڪيو ۽ سنه 1877ع ۾ مس ممدوحہ کي مسلمان ڪري مير صاحب سان شادي ڪرايائين. هز هائينس مير عبدالحسين خان پوءِ زمانه سازيءَ سان بلڪل پورو رهندو آيو ۽ انهيءَ گهر مان ٻہ فرزند ٿيس.
جڏهن عشق جي مستيءَ جا اڳيان پردا مير صاحب جي دماغ تان لهي ويا، تڏهن ٿو فرمائي:
”جنهن مون کي ٿي ڏٺو،
ٿي چيو ته تنهن چريو چريو
پنهنجي پرينءَ ڏي مون
جو ڏٺو ٿي وريو وريو
فرقت ۾ پنهنجي حال تي
مون پاڻ ٿي رنو
سڀڪنهن چيو ٿي عشق جو
ڍونگر ڍريو ڍريو
سچ آهي سنگ سخت
کان انسان سنگدل
جن ريءَ نہ دم سريو ٿي
سو سانگي سريو سريو.،
(ج 1 ص 9)
هز هائينس مير عبدالحسين خان ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ ئي حضرت شاهه ڀٽائي جو پورو پورو معتقد ۽ ان جي ڪلام جو سچو پياسي هوندو هو.
1- ”شاهه لطيف شامل حالم اگر نہ هو
تو شاهراهه عشق مين ميرا گذر نہ هو.“
(ج 1 ص 96)
2- ”هادي راهه هدا آهي ڀٽائي ڀرجهلو،
ياد ٿو هر دم ڪريان تنهن مرشد ومولى کي آءٌ“
(ج 1 ص 104)
3- ”مون کي مرشد کان ٿيو خدا حاصل
گل سان بلبل ڪيو آشنا مون کي.“
(ج 1 ص 118)
مير صاحب پنهنجي معشوقہ جو لاشو بہ شاه جي ڀٽ تي دفن ڪرايو هو.

مير صاحب ڪچيءَ کان وٺي فقيري خيالن جو ماڻهو هو، عشقبازيءَ ته آقي باقي بہ فقير بنائي ڇڏيو هوس. جيتوڻيڪ اميراڻي زندگي بسر پيو ڪندو هو، ته بہ دل توڙ تائين فقيريءَ جي رنگ ۾ رتل هيس. پاڻ فرمائي ٿو:
1- ”ڪين مورئون مٽ ڪريان سو
سک آءٌ هڪڙي سور سان،
فقر ۽ فاقو نہ پاريان
دولت فغفور سان.
هنجهه جي ٻوليءَ نہ سمجهن
ڪانگ ڪانگيرو ڪري.
مفت هو ملن مٺو ڪيو
مامرو منصور سان.“
(ج 1 ص 10)

مير صاحب جي فقيري دل جي ثابتي اها آهي، جو هڪڙو اميرزادو ٿي ڪري بہ پنهنجو تخلص رکيائين ”سانگي“ (ڪجهه وقت گذاري هليو وڃڻ وارو) يا چل چلائو. ان بابت پاڻ فرمائي ٿو:
1- ”سانگ دنيا ته آهه اي سانگي،
سمجهو ساڻيهه جنهن سو نادان ٿيو.“
(ج 1 ص 86)
2- ”ساڻيهه ناهه هي ته گذر جو مڪان آهه،
دنيا جي سانگ ۾ اوهين سانگي سنڀالجو.“
(ج 1 ص 96)

سانگي صاحب جا وڏا مائٽ پڪا اثنا عشري شيعا هئا، پاڻ بہ اهلبيت اطهار جو سچو عاشق هو ۽ حضرت علي المرتضى (ڪرم الله وجہ) ۽ ان جي صفت ۽ ساراهه پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي ڪندو ويو آهي، پر اصحاب سڳورن جو بہ گهڻو ادب رکندو هو. شيعه يا سني سڏائڻ جي بدران پاڻ کي صوفي سڏائيندو هو ۽ مذهبي بحث کان سخت نفرت هوندي هيس. ان بابت سندس رايا هي آهن:

1- جا آيت تطهير آهي شان ۾ جن جي،
سي آءٌ جز از عترت اطهر نٿو ڄاڻان.
مرشد کان هي ارشاد ٿيو در راه تصوف،
مولا ڪو بجز ساقي ڪوثر نٿو ڄاڻان.“
”مرسل جا جي اصحاب آهن صدق جا صاحب،
سي رتبه ۾ هڪ ٻئي کان ته ڪمتر نٿو ڄاڻان.“
(ج 1 ص 10)
2- ”جو شيعن ۽ سنين ۾ هلندڙ آهي.
اي زاهد سو آهي شريعت جو بخث.
اسن سان جي ڪرڻو آهي تان ڪريو،
حقيقت جون ڳالهيون طريقت جو بحث.“
(ج 1 ص 24)
3- ”نه شيعو آه سني آهي محي الدين،
سو آه صافي و صوفي و رهنماء طريق،
تفاوت آه ٻنهي ۾ ڪيو مٺن ملن،
ڪيو مون مشرب و مذهب جو تهدلئون تحقيق.“
(ج 2 ص 24)

مير صاحب کي سرڪار مان ٻارهن سو رپيا ماهوار پوليٽيڪل پينشن ملندي هئي. سندس اميراڻي اٽالي جي ڪري اها پينشن ٿوري هئي، پر گهر ۾ نهايت دانا ۽ تعليم يافته يوروپيئن خاتون هيس، جا سڄي اٽالي جي خرچ جو انتظام بلڪل سهڻي نموني سان رکندي ايندي هئي ۽ مير صاحب کي ڪا بہ دست اندازي ڪرڻي ڪا نہ پوندي هئي.
مير صاحب فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ بہ حسن تدبير ۽ هوشياريءَ سان توڙ تائين نباهيائين. ان بابت پاڻ هئن ٿو فرمائي:
وري ڪا ڪجي اهڙي موزون نوا،
ڪري طبع مضمون جي آڏي پڇا،
آهيان پهرئين درجي جو مئجسٽريٽ،
ڪريان ڪم فرمائي مون کي خدا.
اهو ٿا چون آهه عمدو وڪيل،
زبان ۾ هئي تاثير جنهن جي صفا.
آهي شاعري ۽ وڪالت ٻئي،
صفا هڪڙي سانچي ۾ پلٽيل جدا.
علم تي رڳو تنهنجو ناهي مدار،
مگر حق تعالى جي آهي عطا.
جي بئريسٽر آهي ڇا ٿي پيو،
جي سالسٽر آهن سي ڀي نام جا.
پڇا سيکاري ”ڪالج“ ۾ ڪو،
اهو جوهر ذاتي آهي بجا.
اسان ڪا ڪڏهن ڪا نہ ڪورٽ ڏٺي
نڪي قاعدا ڪي پڙهي مون ڏٺا
وڃي پار پيا سون توڪل ڪري.
ڪندي ڪم وره گذري ٻارهن ويا.
غنيمت آهي گذري جو دم بخير،
به امن و امان ۽ بصلح و صفا.“
(ج 1 ص 17)

هيٺين شاعرن سان مير صاحب جي خاص محبت هوندي هئي: (1) سيد غلام محمد شاه (گدا) سندس استاد هوندو هو. (2) ميان وڏل علوي (حيدري) ويٺل سيد پور تعلقه گوني (3) پير ميان علي محمد شاه (علڻ سائين) سجاده نشين شاه ڀٽ، سندس مرشد زادو هو. (4) پير ميان صاحبڏنو شاه سجاده نشين بلڙي تعلقه گوني، (5) حافظ حاجي حامد ٽکڙائي (6) مرزا قليچ بيگ، (7) سيد عبدالحسين هندستاني.
مير صاحب گدو بندر کان ڏيڍ ميل کن ڏکڻ طرف درياءَ جي ڪپ تي مير مير محمد خان جي ٽنڊه ۾ رهندو هو، جنهن کي عام طرح ڪانپ (ڪئمپ) ڪري سڏيندا هئا. هز هائينس مير محمد حسن علي خان وري انهيءَ ڪئمپ ۽ گدوبندر جي وچ تي مير نور محمد خان جي ٽنڊه ۾ رهندو هو.
سانگي صاحب شاعرن جي مجلسن، راڳيندڙن جي محفلن ۾ درويشن جي صحبتن ۾ هڪڙي پاسي گذاريندو هو، ته ڪورٽ جو ڪم ٻئي پاسي سنڀاليندو هو. هر سال سانوڻ ۽ سياري ۾ شڪار تي ويندو هو. ڪڏهن کيرٿر جبل ڏانهن، ڪڏهن ڪيٽين ڏانهن ۽ ڪڏهن ٿر جي ڀٽن ۾.
مير سانگي صاحب چوهتر ورهين جي عمر ۾ ٻہ لائق فائق فرزند ڇڏي 1924ع ۾ رضا ڪئي. سندس لاشو سنديس وصيت موجب شاه جي ڀٽ تي وڃي دفن ڪيائون.

سانگيءَ جو ڪلام
سانگي ڦوهه جواني جي وقت ۾ پهريائين علم موسيقي جي اصول تي ڪافيون چوندو هو. ”سوز سانگي“ نالي هڪڙو ڪافين جو داستان تيار ڪيو هئائين، جو گم ٿي ويس، تنهن کان پوءِ موزون ڪلام (غزل) ٺاهڻ شروع ڪيائين. 1904ع تائين ”ديوان سانگي“ جا ٻہ جلد تيار ڪيائين، جي ڇاپيل آهن، پهرئين جلد ۾ اڍائي سو کن غزل ۽ قصيدا آهن ۽ ٻئي جلد ۾ ٻہ سو کن غزل ۽ قصيدا ۽ هڪ سئو اٺاويهه ڪافيون ۽ ٽي سي حرفيون آهن.
”ديوان سانگي“ جا ٻئي جلد ليٿو گراف ۾ ڇاپيل آهن. هن ڪن ڪن ڏکين لفظن جون معنائون بہ حاشيه تي لکي ڇڏيون آهن؛ مگر پروف تي پوري نظر نہ ٿيڻ ڪري ڇاپي جون غلطيون گهڻيون رهجي ويون آهن.
ٻنهي جلدن ۾ غزلن تي جريان نمبر لڳل نہ آهن، جي هئڻ ضرور هئا.
انهن ٻنهي جلدن جي ڇاپجڻ کان پوءِ بہ ويهه وره سانگي حيات هو ۽ ڪيترائي غزل، قصيدا ۽ ڪافيون ٺاهيون هئائين، جي سندن وارثن وٽ موجود آهن. اهو ويهه سالو ڪلام جو دستخط حالت ۾ آهي سو هن ڇاپيل ڪلام سان ملائي ”ڪليات سانگي“ جو ڪو نئون درست نسخو شايع ڪرايو وڃي ته بهتر.
سانگي صاحب نہ رڳو پارسي، اردو ۽ سنڌي شعر ٺاهيندڙ زبردست شاعر هو، پر قابل نثر نويس بہ هو. ”لطائف لطيفي“ نالي پارسي ڪتاب لکيو اٿس، جو اڃا دستخط حالت ۾ آهي. ان ۾ پارسي نظم ۽ نثر نهايت عمدا لکيا اٿس. هن ڪتاب ۾ حضرت شاه ڀٽائي جو احوال ۽ وڏن ميرن صاحبن جيڪي انهيءَ درگاه جون خدمتون ڪيون تن جو ذڪر ۽ فقيراڻا نڪتا ۽ چٽڪا چڱي نموني سان لکيل آهن.
اسين هت فقط ”ديوان سانگي“ جي ٻن جلدن ۾ سمايل ڪلام تي ادبي نظر سان قلم فرسائي ڪنداسون.

سانگي صاحب جو ڪلام، خصوصيتون ۽ ايجادون.
1- سانگي پنهنجي زندگي جا احوال جهڙي ڪشادگيءَ ۽ چٽائي سان پنهنجي ڪلام ۾ جدا جدا طرزن سان سمائيندو ويو آهي، اوتري انداز ۾ ۽ اهڙي خوبيءَ سان ٻئي ڪنهن شاعر پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ پنهنجي زندگيءَ جا واقعا بيان نہ ڪيا آهن. ڪٿي ڪٿي ته وري سنه ڏيندو ويو آهي. جئن ته چوئيتاليهن ورهن جي عمر وقت پنهنجو شخصي حال ۽ درياءَ جي ٻوڏ جو ذڪر هن طرح ڪيو اٿس:
صرف سڀ عمر در سچائي،
بارڪ الله سا سجائي ٿي.
ويئي وارن مان هئي جا ڪارائي،
آخر اها اچي صفائي ٿي.
نه اکين ۾ رهي ڪڪورائي،
آهي عينڪ سان آشنائي ٿي.
چهل و چار سال بعد عيان،
هي زماني جي بي وفائي ٿي.
نه اهو رنگ روپ ونق آه،
پنهنجي ڄاتم ٿي سا پرائي ٿي.
آهي پيري رسي جوانيءَ مان،
ٿي چڱائي منجهان مدائي ٿي.
نه رهيو اقتدار جسماني،
پختگيءَ ۾ اچي ڪچائي ٿي.
ٿي جواني ته بي وفائي آخر،
جا پرائي هئي سا پرائي ٿي.
تئن جوانن مان نڪري ويا آهيون،
کير مان نڪري جئن ملائي ٿي.
1312
هڪ هزار وسه صد و دو آه،
جنهن ۾ دريا جي هئي چڙهائي ٿي.
جت پاڻي ڪڏهن هو ڪونه آيو،
اهو ميدان ڀي ويو ترائي ٿي.
ڪيترا ڳوٺ ٻوڏ ڪيا برهم،
متو طن ويا توائي ٿي.
نيٺ ڪم آيو بنگلو جيڪب جو،
وڃي ويٺاسون دل بجائي ٿي.
سير حاصل جبل تي هو بنگلو،
دل کي مرغوب خوشنمائي ٿي.
بنگله ٻئي ۾ مير شاهنواز،
اچي ساڪن ٿيو سانگ ڀائي ٿي.
خير خوبي سان ڏينهن ويا گذري،
گذري جا عمر سا پرائي ٿي.
(جلد 1 صف 177)
نوٽ:- مٿئين احوالن مان تسلي ٿئي ٿي ته مير سانگي هجري 1312 ۾ 44 ورهن جو هو يعني سندس ولادت جو سنه 1268 هجري برابر 1851ع هو.
2- شاه ڀٽائي عليہ الرحمة جي ڪلام وانگر سانگي جي ڪلام ۾ بہ ديس جي طرحين طرحين شين ۽ ڌنڌن وهنوارن مان سبق ورتا ويا آهن ۽ انهن کي تمثيل طور يا ڪنهن هنڌ تشبيهن طور ڪم آندو ويو آهي، آخوند گل محمد جي ڪلام ۾ اها خصوصيت آهي، پر گهٽ انداز ۾؛ مگر آخوند قاسم، فاضل شاه يا ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلامن ۾ اها خصوصيت اڻ لڀ آهي، جئن ته پوک ۽ هاريءَ جا تمثيل، نار ۽ هرلا، ريل گاڏي، ٻارين راند، پيس ڪوٽ راند، عشق جي ڪورٽ ۾ عاشق جو حسن تي فرياد، عقل وڪيل جي تقدير ۽ عشق مئجسٽريٽ جي فتوى وغيره وغيره. ڪيترائي نوان نوان تمثيل ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، جي نہ ڪنهن اڳئين شاعر ڪم آندا آهن ۽ نہ ڪنهن پوئين. ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
2- هينري مارٽن جي ڪارخاني جون ٺهيل بندوقون ۽ رائفلون مشهور آهن. حضرت سانگي صاحب هيٺئين شعر ۾ عاشق جي ”آهه“ کي هينري مارٽن جي بندوق سان تشبيهه ڏئي ٿو:
”عاشق جي ته آهه لاءِ رقيب،
هينري مارٽن جي آهه تفنگ.“
(ج 1 ص 58)
2- پتن سان ”پيس ڪوٽ“ راند ڪرڻ جو رواج جتي ڪٿي عام آهي، پر ان مان ڪنهن عقلي يا اخلاقي سبق حاصل ڪرڻ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان بہ نہ ويندو آهي. سانگي انهيءَ خسيس راند مان بہ قيمتي سبق ڪڍي ٿو:
1- ”پتن جي ڏسي راند مون کي عجب هي آيو،
جي حڪم هجي شاه کي ماري وٺي گولو.“
(ج 1 ص 85)
2- راند ۾ ڀي ضرور زور جو آهه؛
حڪم ناهي اچيو وڃي ٿي پيس.“
(ج 2 ص 40)
3- عشق ۽ عقل جي جنگ ۽ ان جنگي ميدان جو نقشو سانگي نرالي ۽ عجيب ڍنگ سان چٽيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو. ان جي مراد فلسفه سمجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي غور ڪم آڻڻ جي ضرورت آهي.

”مضمون تراش ني زبان تيز نوبنو،
توکي ڏيان ٿو آءٌ قسم ذوالفقار جو.
جوهر ڏيکار اهڙا پڪا خنجر زبان،
جنهن مان ڪچو ڪڍي نہ ڪڏهن قدردان ڪو.
ظاهر نشان نظم جا پرچم کليل آهن،
ٿين عقل و عشق پاڻ ۾ هاڻي ٿا جنگجو.
فوج سخن جي ٿي في الفور صف ڪشي،
ڏس قلب گہ ۾ جنگ جو آهي طبل وڳو.
منزل پري نہ آهه هينئر ڪارزار جي،
شبديز فڪر تي آهي هسوار عقل جو.
باطن ۾ گرچه تنهن کي نہ آهي ذرو بہ زور،
عقل ۾ طمطراق آهي عقل جو وڏو.
طرفين کان بدر ٿي نقيبن ڪئي ندا،
سانگو نہ گهرجي هاڻ ڪرڻ سر جو سرڪشو.
تيغ زبان جي هاڻ ٿيو برش جو وقت آهه،
نڪري پري مان جو هجي عاقل پڙهيل پڪو.
قاضي اچي قريب ٿي يا محتسب اچي،
زاهد اچي ويا اچي واعظ ويا ڪو ٻيو.
هن طرف کان بہ مست اچي يا حسن پرست،
پڪو وڌائي پير کي ڪچو اچي نڪو.
ناگہ اچي ٿيو معرڪه گير و دار گرم،
اهڙي لڳي هوا جو هو هوا ٿي ويو حوصلو.
آواز ڪرناءِ ڪيو گوش سپهر ڪر،
مستن ۽ عاقلن جو اچي ٿيو مقابلو.
سڀ سرفروش عشق جا اهڙا وڙهڻ لڳا،
ڪنهن کي حواس ڪونه هو ڪنهن کي نہ هوش هو.
نڪري وئي نصيحت ۽ پند ٿي پري،
هيءَ جاءِ جنگ جي هئي نہ هو وقت گفتگو.
پادر رسيو پري کان ته پڳڙي پري پئي،
ملن جي منهن سپر ڪيو، هنيو مست موچڙو.
واعظ ورائي منهن هليو ميدان جنگ مان،
پهرئين ٺڪاء ساڻ ته زاهد ڀڄي ويو.
تسبيح عقل جو نہ مليو داڻو داڻي کي،
قاضي ڇڏي ڪتاب ڀڳو محتسب ڀڳو.
ناموس ننگ کي ڇڏي سلطان عشق وٽ،
ٻانهون ٻڌي ادب سان اچي عقل پيش پيو.
تڏهن عشق چيو عقل کي ته اي مرد نامور،
ميدان معرڪه ۾ ڪيو مستن وڏو مزو.
هاسون اصل اسين شهد و شير پاڻ ۾،
ملن منجهايو آهه سمورو هي مسئلو.
طرفين سان تعلق تنهن کي ذرو نہ هو،
سانگي پري کان پي ڏٺو هي معرڪو متو.“
(ج 2 ص 74)
3- سانگي جي ڪلام ۾ هيءَ بہ خصوصيت آهي، جو ان ۾ حسن پرستي ۽ عشقبازيءَ جو مضمون اهڙو کليو کلايو ۽ گهڻي انداز ۾ موجود آهي، جهڙو ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام ۾ نہ آهي. آخوند قاسم پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ کي شيخ سعدي عليہ الرحمة وانگر صوفيانه اصول تي ڳڀرو پرست ثابت ڪيو آهي، ته سانگي وري مولانا جامي ۽ مولانا نظامي وانگر صوفيانه اصول تي پاڻ کي زنانه حسن جو ثنا خوان ثابت ڪيو آهي. پاڻ فرمائي ٿو:
ادا اسين آهيون عاشق مزاج،
آهي سر اسان جي تي وارن جو تاج.
ٿيس شاد شوخن سان شاديون ڪري،
ڏکن سان مليو سڀ ڏمر ڏوٽ ڏاج.
ٿو ڏين ياد هاٿي کي هندستان،
نه چاڙهاءِ ٻانهن تي اي يار عاج.
برهه جا ته بيمار آهيون اسين،
اسان جو ڪندو ڪير احمق علاج.
اسان عشق کي آهه مشهور ڪيو،
اسان کان لڌو عشقبازي رواج.
برابر نہ رهندو سو سهڻن سوا،
اي سانگي اسان جو مزاج وهاج.“
(ج 1 ص 25)
2- ”آهي برفي کان بيشمار لذيذ،
شوخ شيرين شاندار لذيذ.
صاف اولن کان ٿيا عجيبن جا،
در دندان آبدار لذيذ.
وصول ڇا هوندو ٿيو جڏهن آهي،
اي مٺا تنهنجو انتظار لذيذ.
بمبئي جي انبن رتامن کان،
سرخ رخسار نازدار لذيذ.
سانگي ميون کان ۽ مٺائن کان،
لب شيرين شوخ يار لذيذ.“
(ج 2 ص 29)
4- سانگي جي ڪلام ۾ هي خصوصيت آهي، جو منجهس انگريزي ٻوليءَ جا لفظ گهڻي انداز ۾ ڪم آيل آهن. آخوند گل محمد پنهنجي ڪلامن ۾ انگريزي ٻوليءَ جا ٻہ ٽي لفظ ڪم آندا آهن، مگر پوءِ سانگي کان سواءِ ڪنهن بہ شاعر ڪم نہ آندا آهن. مثال:
1- ”مٺن ماڻهن جي ابروءَ جو اشارو.
سو سانگي لاءِ سرڪاري سمن آه.“
2- مئجسٽريٽ عشق جي ڪورٽ ۾ حڪم ڪيو.
اغيار باوقار رهي يار بي وقار.“
(ج 1 ص 34)
3- ”ملڪ سخن ۾ آه مون کي دسترس وڏي،
آءٌ گورنر آهيان بہ اقبال و اقتدار.
آءٌ ميڙ چونڊ ٿو ڪريان مضمون جي مال جي،
آهيان ڪمشنر آءٌ ڪليڪٽر ۽ ڪاردار.
معلوم مون کي آه سڀ انداز نظم جو،
سروير آءٌ نقشه بڪف آءٌ طنادار.
تيغ زبان سان ٿو وٺان اقليم نظم جي،
لفٽنٽ آءٌ ميجر ۽ آءٌ ڪماندار.“
(ج 1 ص 36)
ازانسواءِ رجسٽر، سٽامپ، ڪامپ (ڪئمپ)، نمبر، گلاس، آفيس، گئس وغيره وغيره انگريزي ٻوليءَ جا لفظ ڪم آيل آهن.
5- پنهنجن هم عصر شاعرن کي يڪجاءِ ياد ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ڪلام ۾ داد سخن ڏيڻ بہ سانگي جي ايجاد آهي. کانئس اڳ ڪنهن بہ شاعر ائين نہ ڪيو هو.
مثال:
مطرب خوشخوان کي گهرجي ساز ۾ آڻڻ سرود،
چئي غزل تصنيف طبع شاعران هوشيار.
ڪي غزل پهرين گدا جهڙي سخنور جا چئي،
بي مثل جو آهه اقليم سخن جو شهسوار.
آه سو هن وقت ۾ ٿيو ابر نيسان سخن،
ٿو ڪڍي دل جي صف مان صاف در آبدار.
تنهنکان پوءِ پڙهجن وري تصنيف موزون دلفريب،
حرف هر ڪنهن ۾ هجي جنهنجي فصاحت بيشمار.
شاعر عالي دماغ آهي اهو مرزا قليچ،
سر زمين شعر ۾ جنهن کي ٿوي ڪلي اقتدار.
حيدري جي نظم کي پوءِ چئو بہ آواز بلند،
شاعر نازڪ خيال ۽ آهه جو يارن جو يار.
تنهنکان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص،
جي آهن تسبيح جئن پوتل چون در شاهوار.
آهه با فضل محمد شعر ماتم جو مٺو،
دل سندس آهي غم آل عبا ۾ داغدار.
ٻيا بہ آهن ڪيترا استاد شاعر سنڌ ۾،
بافصاحت ڇاپجن جنجون ٿيون تصنيفون هزار.
(ج 1 ص 21)
سانگي جناب گدا صاحب کي پنهنجو استاد ڪري مڃيندو هو ۽ ان جي ساراه پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ ڪئي اٿس. حيدري سان بہ ڪو خاص قرب هوس، جو ان کي بہ چپي چپي تي ياد ڪيو ۽ ساراهيو اٿس. سيد مرتضائي ٺٽوي، ميان صاحبڏنو شاه بلڙي وارو، سيد ابو الحسن هندستاني، ميان لطف الله مصنف گل خندان ۽ ٻين شاعرن جا بہ نالا سانگي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن ۽ انهن کي سخن جو داد ڏنو اٿس.
8- سنڌي ٻوليءَ ۾ ”واسع الشفتين“ ڪلام (اهڙو ڪلام جنهن پڙهندي پڙهندڙ جا چپ هڪ ٻئي سان نہ لڳن) چوڻ بہ سانگي جي ايجاد آهي. هيٺ ڏجي ٿو، جو سڄو پڙهي وڃي ڇيهه ڪبو ته ڪٿي بہ چپ هڪ ٻئي سان نہ لڳندا.
”يار اکڙين ٺار گلرخسار جاني دل جا يار،
ساه سر سر واه سائين آءٌ ڪريان توتان نثار.
عاشقن کي هاڻ حاصل ٿئي نہ تسڪين و سڪون،
هن طرح هرجا ته آهن عشق جا ٿيا اشتهار.
سي اگرچ ٿا گذارن دولت دنيا کان ڌار،
حسن جي سرڪار جا عشاق آهن ڪاردار.
تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان صدا کٿوري جا کرا،
عين آهوءَ جي اي جاني تنهنجي نيڻن تان نثار.
عقل جي انداز کان سي دور آهن دردڪش،
نحو و صرف عشق کان هر طرح آهن هوشيار.
دل وٺڻ عاشق جي اي دلدار آهي تنهنجي ڪار،
سو اسان جو آه هادي شان جنهن جو آه هي.
لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار،
اٿ گدا و حيدري هن شعر رنگين کي ڏسي،
شاعر ٽکڙ سان گڏجي ٿا ڪڍن ڪي انتظار.
ناسخ و آتش سان گڏجي شاعر شروان ڏسي،
ٿو ڪري سانگي ته غزلن جي غزالن جا شڪار.“
(ج 1 ص 33)

فطرت نگاري، واقعه نگاري ۽ سيرت نگاري وارو مضمون
قدرتي نظارن کي دلچسپ نموني سان نروار ڪرڻ، ڪنهن بہ واقعي کي اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۽ ڪن بہ ماڻهن جي نشست برخواست ۽ هلت جو پورو پورو نقشو عام فهم عبارت ۾ پيش ڪرڻ آهي شاعريءَ جون زبردست لياقتون آهن، جي سانگي جنهن خوبيءَ سان ادا ڪيون آهن، تنهن نزاڪت سان سواءِ حافظ حامد جي ٻئي ڪنهن بہ اڳئين يا پوئين شاعر ادا نہ ڪيون آهن. مير سانگي پنهنجن غزلن خواه ڪافين ۾ ڪٿي کير ٿر جبل ۽ ٿر ملڪ جو برساتي نظارو ۽ شڪار ڪندڙن ۽ جهنگلي جانورن جون حالتون، ڪٿي ٻيلن ۽ ڪيٽين ۽ دٻن جا چهچٽا ۽ اتيجي شڪار بازيءَ جون موجون، ڪٿي برساتن ۽ ٻوڏن جا واقعا، ته سهڻيءَ ۽ سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سيرت، ته ڪٿي وري جهنگ ۾ گذاريندڙن غريبن جا ارڪان ۽ افعال جدا جدا طرزن ۽ نمونن ۾ نروار ڪندو ويو آهي. اسين نموني خاطر ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏيڻ ڪافي ٿا سمجهون.
مثال:
(1) کيرٿر جبل، ان جي ٽڪرين ۽ نهرن جو نظارو:
”غير شوخن جي ۽ بغير شڪار،
دل کي هرگز اچي ڪين قرار.
وسي مينهن ڪيو ملڪ سڀ سرسبز،
ميسر حاصل ٿيو سچو ڪهسار.
سينڌ تي تئن جبل جي آهي گاهه،
جئن سهڻن جي آهن سنڌ تي وار.
قابل ديد آهي ڪاٺ پٺي.
سبز تر از خط رخ دلدار.
سرس سا تيرزن ۾ ٿي سبزي،
سبز سانهيجي آهه سڀ يڪبار.
ٿيو سرهاڙو سڄو آهي سرهو،
آهي جنت سڄي ٿي جن واري.
ٿيو مٽاري ۾ گاهه آهي موڪ،
ٿي ڪٻڙ ڪل سڄي آهي سرشار.
آهن ٻانڌا ڪا ٿيا سڄا ساوا،
سبز سڀ آهي دامن ڪهسار.
آهي چشمو چون چشمئه ڪوثر،
ٿيا ليارن واري ۾ آهن ليار.
ڪورڪل ۾ ۽ سورجاڻيءَ ۾،
مون هرڻ ۽ سره ڪيا ٿي شڪار.
پٽ واري ۾ ٿي ٻهون ساوڪ،
آهي ڪهسار غيرت گلزار.
نامور نئي جا آهي بارن جي،
آبرو بخشي تنهن کي ابر بهار.
صاف ڌوپي ٿي ساري کير ڊهي،
ڪيا مينهن آهن وڏا وسڪار.
آهه مکياءَ ٿيو سڄو مکڻي،
لنب لهريون هڻي ٿو دريا وار،
ڄنگهڙي اهڙي زور ساڻ وهي،
جنهن ڏٺي تنهن چيو ڏسي ٿي مار.
گاه ڀاناڻي ۾ آه ٿيو بي حد،
خوشدلي هئي هتي فزون زشمار.
هتي هرڻن جا ها ڇنن ۾ ڇڳا،
ٿي پٽن تي ڏٺا غزال هزار،
هت شڪارن جو شغل هو بي حد،
رهيو اسباب جشن جو تيار،
هت عجب رنگ روپ ٿي گذريا،
موسم برشڪال ۾ آ بسيار
ڪيترا ڏينهن ٿيا ڏٺي ڏونگر،
نه لنگهڻ ٿي ٿو هاڻ دريا پار.
ٿيو اسان جي سو ڪهڙي ڪم جو هاڻ،
سانگي جي ڪوهسار ۾ ٿيو شڪار.
(ج 1 ص 40)
ملير ۾ مينهن جا نظارا:
”اُٺا مينهن مارن تي بي انتها،
ڦٽا ڦوڳ، ساوا ٿيا سر، جا بجا.
وساري جي آهيان ويڙهيچن ته ڇا،
وريچا ڀلا مون کي ڪئن وسرندا.
نٿا سار سورن ۾ منهنجي لهن،
ويڙهيچن کي وسري آهيان سومرا.
پنوهارن نہ منهنجي ڪا پروا ڪڍي،
اباڻن جي خاطر مون هي حال ڪيا.
عمرڪوٽ ۾ آءٌ آهيان ٿي اسير،
مزا مون چکيا ڪيترا قيد جا.
ڪڙاڪوٽ ڪئن منهنجي دل تي پون،
مٺا منهنجا مارو آهن ٿر ٿيا.
اباڻن عمرڪوٽ ناهي ڏٺو،
هنن جو ڀلا آهي شهرن سان ڇا.
مون هي حال هيء هيء ڪيا جنجي ڪاڻ،
نه ڪئي مون سان تن ڪا ويڙهيچن وفا.
ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
اڀرندي ڏي آهن وڄن ور وڌا.
سڻو آه گوندن جي پاسي ٿي گوڙ،
اجها اڄ لڳي ٿي اُٺي جي هوا.
آهي مينهن مارن ڏي پيو وڏ ڦڙو،
ڇنون تار ڏسجن ٿيون ۽ ڇڇ ڀريا.
سڪان ٿي سدا ٿر جي ٿڌڪار کي،
ڀٽن تي لڳي ٿي جا بادصبا.
هڻن لنب لهريون ٿا ميدان ۾،
آهي سبز ساڙيهه سڀ خوشنما.
پيون اڄ ڳنڍيرن ۾ آهن ڳنڍيون،
سڪا جي ها وڻ سي بہ ساوا ٿيا.
نڪا پوک پوکن نڪو هر هلي،
تڏهن ڀي سکيا آهن مارو مٺا.
اهي ڏٿ ڏوٿن جي پاسي پڪو،
ٿيو سائون سيارج ۽ مکڻي صفا.
ڀٽن جي ڀرن تي ڀري پنهنجا پاند،
چڀڙ چونڊي آڻين سرتيون سدا.
سدا منهنجا مارو مٺا منجهه ملير،
پپن ۽ گولاڙن مان ماڻن مزا.
للر لس مريڙو آهي ملڪ ۾،
منگها موڪ، ميهن آهن پٽ ڀريا.
پنوهارن جي آهي پسي سان پريت،
سڱر سيڪي کائن ٿا سانگي مٺا.“
(ج 2 ص 8)
چمن ۽ موسم بهار:
”شاهد گل ٿيو آهي رونق فزا،
چار سو بلبل جا آهن چهچٽا.“
صحن چمن ۾ پيون آهن اشرفيون،
آهي سخاوت ڪئي باغ سخا.
لاڏ مان سنبل جون ٿيون جعدون لڏن،
آهن کٽڻهار کليا جا بجا.
لعل کان ٿيو لعل آهي گل انار،
موتين کان صاف آهن موتيا.
نرگس شهلا ٿي ڏسي ناز مان،
سوسن صدبرگ سمن جا مزا.
ٿئي ٿو رتن جوت کان رونق ۽ رنگ،
سرخ ڪي گل ٿين ٿا ۽ ڪي صفا.
سبز آهي صحن چمن سر بہ سر،
نسترن وياسمن آهن کڙيا.
گل کي ۽ بلبل ڏسي پاڻ ۾،
دائودي، دينار تصدق ڏنا.
زينت گلزار ٿيار گئونٽن جا گل،
تلسي و تڪيا ٿيا آهن خوشنما.
آهي ٿيو شنبو کان معطر مشام،
سرهي آهي جنهن کان ٿي بادصبا.
باغ ۾ بو بخش آهي بيد مشڪ،
آهن سوري ۽ صنوبر کليا.
آهي اُٺو زور سان ابر بهار،
چؤنڪ چلها چار طرف تيار ٿيا.
هي بہ هينئر چٽڪو آهي چار ڏينهن.
موسم گل سانگي نہ رهندي سدا .
(ج 2 ص 5)

مدحيه ۽ دعايه مضمون:
مدحيه (ساراه ڏيکاريندڙ) مضمون عام طرح ٿورو گهڻو سڀ ڪنهن شاعر ڪم آندو آهي، دعايه (ڪنهن کي دعا ڪرڻ وارو) مضمون مير سانگي گهڻي قدر ڪم آندو آهي. جنهن ۾ اڳين شاعرن کان ڪثر کڻي ويو آهي. سانگي حضرت علي المرتضيٰ (عليہ السلام جي ساراهه جاءِ بجاءِ ڪندو ويو آهي. اهلبيت اطهار (عليہ السلام) جي تعريف، پنهنجي استاد سيد غلام محمد شاه (گدا) جي واکاڻ، ميان وڏل (حيدري) ۽ ٻين هم عصر چيدن چيدن شاعرن جي قابليت جو اعتراف بہ جاءِ بجاءِ ڳائيندو ويو آهي.

پنهنجي ڪلام جي مقبوليت لاءِ دعا:
1- ”يا رب منهنجي فرياد ۾ تاثير عطا ڪر،
بلبل کان بہ وڌ لذت تقرير عطا ڪر.
آباد رهي منهنجو هي گلزار سخن جو،
اهڙي اي نسيم سحري هير عطا ڪر،
مضمون جي ته هن طبع رسا منهنجي کي آباد،
اقليم سخن جي منجهان جاگير عطا ڪر،
جت ڪٿ ڪه فراهم ٿي فصيحت جي جماعت،
الله اُتي طبع کي توقير عطا ڪر.“
2- ”يار رب چمن نظم سڄو تازه و تر ٿئي،
سر سبز سدا منهنجي ته مضمون جو شجر ٿئي،
سير حاصل سربستو ٿئي گلزار سخن جو،
گل اهڙا ٽڙن جن کان ڦڪو عطر اگر ٿئي.
چپ پنهنجا چٽيندو وتي جيڪو پڙهي تنهن کي،
بي شائبه شيرين سخن از شهد و شڪر ٿئي.
(ج 2 ص 99)

هجويه ۽ مذاقيه مضمون:
سانگي جي ساري ڪلام ۾ ڪنهن بہ شخص جي هجو (گلا يا نلائي) جو مضمون ڪم آيل نہ آهي، باقي مذاقيه يا ظريفانو ڪلام جامء آهي. جيتوڻيڪ ظريفانه يا مذاقيه ڪلام ۾ کانئس پوءِ ڪي شاعر گهڻي ڪثر کڻي ويا آهن، جهڙوڪ بلبل، مخلص وغيره. ته بہ سندس هم عصرن ۾ ٻئي ڪنهن بہ شاعر جهڙس مذاقيه يا ظريفانه ڪلام نہ چيو آهي. شاه ڀٽائي ۽ خليفه گل وانگر مير سانگي جي ظريفانه ڪلام جو بہ گهڻو تڻو بخار رڳو انهن ملن ۽ زاهدن تي ڇنڊيل آهي، جن کي هاٿيءَ وانگر کائڻ جا ڏند هڪڙا ته ڏيکارڻ لاءِ ٻيا هوندا آهن،باقي پيريءَ جي حالتن ۽ ٻين انساني خصلتن تي سانگي جيڪا مذاق ۽ ظرافت ڪم آندي آهي، تنهن ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

1- ملان ۽ زاهد:
مثال:
1- ”نظامي آءٌ آهيان هن عهد جو آهيان جامي
غزل ۾ منهنجي ڪٿي ڪا نڪا آهي خامي.
پڪا پرت ۾ ٿياسون ڪڍي ڪچائي کي،
اسان سان حق آهي هر حال ۾ ٿيو حامي.
ڀلا ڪو هوندو محبت جو مان ملن ۾.
جا رمز خاص آهي تنهن مان ڇا ڄاڻي عامي؟
ملن کي ڪيئن رهي معلوم مان مستن جو؟
گدڙ کي ڪهڙي خبر ڇاهي زور ضرغامي؟

ڏاڙهيءَ کي ڪيس:
”مون لاتو ڪيس وارن کي ته ٿئي ڏاڙهي وري ڪاري،
په ٿي پيا وار قسمت سان سفيد و سرخ زنگاري،
اڃا هو فڪر وارن جو ڪريان ڪارو جوانيءَ جئن،
وري پيري ڦري آئي ادا مون کي ته چوڌاري،
اڃان آلان ڏند اهن جي او پڻ ويا ته ٿيو مشڪل،
ڪڏهن دندان مصنوعي سان ڀڄندي ڪين سوپاري،
ڳلي ۾ گهنج پيا اڪثر ۽ چم سارو ور ور،
ته گويا تختهءِ سيمين ٿيو آهي قلم ڪاري.
ٿجي ڪنهن طرح سان قادر نڪو ڪاري تي اي سانگي
جڏهن پهچي نہ پيريءَ ۾ اسان کان ٿي گنهگاري.
(ج 1 ص 126)

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) (1826ع کان 1905ع تائين)

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) خراساني رضوي سادات هو. سندس وڏا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنڌ ۾ اچي خدا آباد ۾ رهاڪو ٿيا هئا. گدا جو پڙ ڏاڏو سيد بچل شاهه، مير بجار خان ولد مير بهرام خان (شهيد) وٽ اچي نوڪريءَ ۾ بيٺو، تنهن کان پوءِ سندس پويان پشت بہ پشت شهداداڻي ٽالپرن وٽ رهندا آيا.
سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) جو والد سيد حسن علي شاه مير نصير خان جي حڪومت وقت بجاراڻي ٽالپرن وٽ معزز ڪارڪن هو.
سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) جي ڄمڻ جي تاريخ مظهر حق يعني 1253 هجري مطابق 1826ع.
گدا عربي ۽ پارسي ۾ قابل هو. پنهنجي ڦوه جواني جي وقت ۾ مير محمد خان جي ڳوٺ ۾ وڃي گهرٻار ڪري رهيو، جتي پوءِ هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) بہ اچي رهاڪو ٿيو هو.
گدا پنهنجي وقت ۾ اعلى درجي جو شاعر هو، کيس هزهائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) پنهنجو استاد ڪري مڃيندو هو. سانگي مرحوم شاه صاحب تي گويا عاشق هوندو هو ۽ طرحين طرحين نوازشن سان نوازيندو رهندو هوس. گدا پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي سانگي مرحوم جي نوازشن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان کي دعائون ڪيون اٿس. جيئن ته:
1- ”امير ذوالڪرام عبدالحسين خان
هجي فرزند پنهنجي سان سلامت،
سخن سنج و سخن فهم و سخن دان
فقيدالمثل مع صاحب فصاحت.
محمد مصطفى ان جو مددگار
علي جي ان کي هوءِ هردم حمايت.
گدا ان جو دعاگو آهيان دل سان
ڪري ٿو شاه منهنجو مون تي شفقت.
2- ”مير منهنجو ذوالڪرم عبدالحسين خان نامدار
فيض جو دريا چوان ان گوهر يڪتا کي آءٌ
شعر رنگين تي سندس نازڪ خيالي ختم ٿي.
ڪين همسر ان جو سمجهان! ناسخ و سودا کي آءٌ“
نه رڳو مير سانگي مرحوم، پر هز هائينس مير حسن علي خان (حسن)، هزهائينس مير حاجي نور محمد خان، مير شاهنواز خان، مير عبدالله خان، آنريبل الهه بخش خان (ٽنڊو محمد خان) مير الهداد خان (ٽنڊوڄام)، ڄام حاجي مير خان حاڪم لس ٻيلو ۽ ٻين اميرن ۽ معزز ماڻهن جي نوازشن جا اعتراف بہ حضرت گدا پنهنجي ڪلام ۾ ڪندو ويو آهي. بعضي بعضي ته انهن اميرن سان ڪنهن ڏي غزل ٺاهي موڪليندو هو ۽ ان کان بخشش گهريو بہ وٺندو هو. اهڙا غزل بہ ”ديوان گدا“ ۾ موجود آهن. نموني خاطر ٻہ ٽي شعر هيٺ ڏجن ٿا.
مير عبدالله خان جي تعريف ڪري ان کي نوازش ڪرڻ جي يادگيري ٿو ڏياري:
سرو گلزار سخاوت مير عبدالله خان
جوهر تيغ شجاعت مير عبدالله خان
گوهر بحر امير حاجي بجار خان
بي نظير اندر شهامت مير عبدالله خان
ياورش در هرد و عالم خاتم پيغمبران
مرتضى هردم حمايت مير عبدالله خان
باوجود آگهي از حال من برمن نکرد
ذره جود و ڪرامت مير عبدالله خان
اي گدا برمن دعا يش لازم و واجب بود،
باد با اقبال و دولت مير عبدالله خان.
(2) مير شاه نواز خان کي خلعت (پوشاڪ) جي گهر:
”شاه مردان جي نوازئل مير صاحب شهنواز،
جڳ ۾ هوءَ جئرو سدائين شال با جاه و جلال
مير صاحب توکي پهرائين پاکر پنجتن،
ڏيار خلعت مون کي جنهن جو آه خاطر ۾ خيال.
(3) آنربل مير الله بخش خان (ٽنڊو محمد خان) کان جبو ۽ دستار گهرڻ:
”آءٌ مير الله بخش جو هر وقت دعاگو،
پوءِ ڇونه چوان جبه و دستار ڪرم ڪر.“

گدا تي اميرن جي طرفان نوازشن پٺيان نوازشون پييون ٿينديون هيون، تنهن ڪري هو پنهنجي ۽ پنهنجي عيال جي گذران لاءِ ڪو بہ ڌنڌو ڪونه ڪندو هو ۽ هميشہ خوش پيو گذاريندو هو. ڪنهن دوست بيڪار گذارڻ جو طعنو هنيس. تنهن کي ٿو جواب ۾ فرمائي:
”مون کي بيڪار ڇو چون ماڻهو
شاعري منهنجو اشتغال آهي،
بخت منهنجو ته بي زوال آهي.“

گدا ٻہ ڀيرا حج ڪري آيو هو. هڪڙي ڀيري ڄام حاجي مير خان لس ٻيلي جي حاڪم پاڻ سان حج تي وٺي ويو هوس ۽ ٻئي ڀيري مير حاجي نور محمد خان وٺي ويو هوس. پوئين حج بابت پنهن جي ڪلام ۾ هن طرح ٿو فرمائي:
به افضال خداوند زمانه،
طرف حرمين جي ٿياسون روانه.
ڪراچي ۾ نون ڏينهن مدت،
عدن پهچي اتي ڪي سون اقامت.
اتي درگاه شاه عبد روس آه،
عجائب فيض جي سا جاءِ وه واه.
ازان پس ٿياسون بابوره ۾ راڪب،
طرف قمران جي ٿياسون مخاطب.
انهيءَ هنڌ پنج پورا ڏينهن هئاسون،
حديده ڏي اتان راهي ٿياسون.
اچي خواجه جي ات ڪي سون زيارت،
صفي الله جو صاحب ڪرامت.
اتان هون پوءِ جده ۾ رسياسون،
ڏسي جده کي خيلي خوش ٿياسون.
”ازان پس ٿياسون بيت الله ڏي تيار،
رسي مڪي ۾ ڪيوسون حمد دادار،
چون نوشيديم آب شاه زمرد،
ويا وسري اسان کي درد ۽ غم.
بحمدالله پڙهيوسون حج اڪبر،
ڪندو مقبول سو ڏاتار داور.
مديني پار پوءِ راهي ٿياسون،
ڏهن ڏينهن پڄاڻا ات رسياسون.
ڏٺو سون شهر ختم الانبيا جو،
ڏٺو سون شهر محبوب خدا جو.
اسان جي قافله ساري جہ سالار،
سخي نور محمد خان هوا سردار.
وطن ڏي پوءِ وري راهي ٿياسون،
ڪراچي جا اچي اڄ وڻ ڏٺاسون.
نوٽ: انهيءَ حج جو تفصيلوار بيان مثنوي جي صورت ۾ لکيل آهي، اسان ان مان فقط ٿورا بيت نمونه خاطر ڏنا آهن.

گدا کي حج ڪري اچڻ کان پوءِ وري وري حج ڪرڻ جي سڪ توڙ تائين رهندي آئي. جيئن فرمائي ٿو:
(1) ”اٿم هي آرزو هردم ڪرم پنهنجو ڪري ڪامل
در دولت سرا جي شل وري چائنٺ چمائيندا.
وڃي پو پيش تن جي جيڪي آهن آل پيغمبر،
اهي فياض فائق توکي مولى سان ملائيندا.“
(2) ”خدا ڪيو خلق سرور محمد
پيارو پاڪ پيغمبر محمد،
گدا جي آه ايءَ اميد دل جي
وري ڏيکاري پنهنجو در محمد.“
(3) ”رک سدائين سڪ تو حرمين جي
شوق ڪر همراهه ڏس بيت الحرم.
اي گدا ڇا سنڌ ۾ توکي سريو
هل وري ڏس روضہ شاه امم.“

گدا سائين حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلواة والسلام جو سچو عاشق ۽ اهل بيت ڪرام جو پورو پورو مداح ۽ معتقد هوندو هو. ”ديوان گدا“ ۾ اهڙو ڪو ورلي غزل هوندو، جنهن ۾ هڪڙو يا ٻہ بيت اهل بيتن جي حب ۾ چيل نہ هوندا. خاص مناقب ۽ مدحون چيون اٿس، سي تنهن کان سواءِ. هونءَ جيڪر چئجي ته گدا شيعه مذهب رکندڙ هو، پر اصحابن سڳورن جون صفتون ۽ حضرت غوث اعظم جيلاني عليہ الرحمته ڏانهن صدق ۽ سچائي ٻين ولين ۽ درويشن جون ساراهون جي پنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر ڪيون اٿس، تن جي ڪري چئي سگهجي ٿو، ته شاه صاحب اهل بيتن سان سچي حب رکندڙ سني هو. مثال:
(1) ”اللهي بود در پناه و امان
شہ هفت ڪشور خداداد خان.
خداداد خان مير عالي تبار،
اللهي بود در جهان پائدار.
بحق محمد نبي الانام
عليہ الصلواة و عليہ السلام.
بحق ابابڪر والا همم
بحق امير امم ذوالڪرم.
به اعزاز عثمان عالي وقار
به اڪرام حيدر شہ ذوالفقار.
بحس حسين و بحق حسن
بود زير حڪمش زمين و زمن.“
(2) ”اي گدا بادشہ محي الدين
سڀ ولين جي آهه سر جو ڇٽ.“
نوٽ: حضرت بغدادي بادشاه جي ساراه ۾ ٻہ ٽي قصيدا اٿس جي ديوان ۾ موجود آهن.
(3) هالن پراڻن جي ڀٽي بزرگن ڏانهن صداقت:
”اشتياق آهه مون کي شال ڏسان
صوفي با صفا بزرگ ڀٽي.

گدا روزه ۽ نماز جو نهايت پابند ۽ صوفيانه اصولن جو معتقد ۽ فقيراڻي چال چلگت وارو هو. هميشه سائو ڦيرئون دستار ٻڌندو هو ۽ ڪاري کڻي پام رنڱي چادر ڪلهي تي هوندي هيس. جيتوڻيڪ ڌن دولت جام هوندو هوس ته بہ ان سان قرب ڪڏهن بہ نہ رکيائين. ڪپڙي گنديءَ ۽ رهڻيءَ ڪهنيءَ ۾ سادگي پسند بزرگ هو. پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو:

”دولت ديدار تنهنجي اٿم درڪار يار،
ڌوڙ ۾ داخل ڪريان تنهنجي سوا دنيا کي آءُ
پنهنجي هن خرقه پراڻي جي برابر ڪئن ڪريان.
قاقم ۽ سنجاب ۽ زربفت ۽ دنيا کي آءٌ.،“
”پوءِ ته درويشيءَ جي دعوا منهنجي باطل جي خلاف هڪ نظر سان جي نهاريان دولت دنيا کي آءُ.“
گدا حق جو عاشق هو، مجازي حسن کي حقاني تجلو ڄاڻندو هو. گدا پاڻ بہ نهايت حسين ۽ شڪيل هوندو هو. پڇاڙيءَ جي دم تائين بہ سندس ڳل گلاب جو گل پي نظر آيا. حقاني عشق ۽ حسن پرستيءَ بابت سندس ڪلام مان ٽي ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ”عشق رک مولى جو دمبدم
عشق ري ٻيو توکي ايندو ڪين ڪم.
خوف حق جو رک سدائين دل ۾ تون
ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاءَ کان تون دمبدم.
شرع جو حبل المتين مضبوط وٺ
دين تي تون هج سدا ثابت قدم.
لابقا اقبال تي ڪهڙو غرور؟
مستعار آهي سڀئي جاه و حشم.
ڏس ڪٿي شداد ۽ نمرود آهه
ڪيڏي اسڪندر ويو دارا ۽ جم.
آهه هي دنيا ته مانجهاندي جو ماڳ
سڀڪو ٿيندو رهرو ملڪ عدم.
رک سدائين سڪ تون حرمين جي
شوق ڪر همراه ڏس بيت الحرم.
اي گدا ڇا سنڌ ۾ توکي سريو؟
هل وري ڏس روضہ شام امم.“

گدا پنهنجن عزيزن مان شادي ڪئي هئي. کيس ٻہ فرزند ۽ هڪ نياڻي هئي، ٻئي فرزند لائق جوان اچي ٿيا هئا، هڪ پرڻيل ۽ اولادي هو ۽ ٻيو ڪنوارو هو، پر افسوس! جو ٻنهي هڪ ٻئي جي پٺيان رضا ڪئ. انهن ٻنهي نوجوان فرزندن جي رحلت جو صدمو جنهن صبر ۽ تحمل سان گدا برداشت ڪيو، تنهن صبر ۽ تحمل تي اڄ تائين سندس وقت جا ماڻهو ”آفرين! آفرين!“ پيا ڪن. گدا پاڻ ٿو هڪڙي هنڌ فرمائي:
”اولاد آهين سيد صابر حسين جو،
ڪر مصطفائي صبر تون هڪ خشڪ سال ۾.“
گدا اٺهٺ ورهين جي عمر ۾ تاريخ 4- ذوالقعد سنه 1322 هجري مطابق تاريخ 11 جنوري 1905ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
گدا مرحوم جو ڪلام
گدا جي ڪلام جو هڪڙو دستخط مجموعو هن وقت هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو لکيل آهي ”ديوان گدا“
هن بياض ۾ الف بي جي رديف موجب غزل لکيل نہ آهن، جئن ديوانن ۾ غزلن لکڻ جو دستور ٿيندو آهي، نڪي غزلن، قصيدن، مثنوين، قطعن ۽ رباعين کي الڳ الڳ باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ڀانئجي ٿو، ته جيئن جيئن گدا نظم ٺاهيندو ويو آهي؛ تئن تئن هن بياض ۾ لکيا ويا آهن. وري نظمن کي ترتيب وار لکڻ جو ڪو موقعو ئي نہ ٿيو آهي. هن بياض ۾ ڪل 279 نظم آهن، جن ۾ غزلن ۽ قصيدن جو انداز تمام گهڻو آهي ۽ مثنوين، قطعن ۽ رباعين جو انداز ٿوروئي آهي. انهن نظمن ۾ سنڌي ڪلامن سان گڏ پارسي ۽ اردو غزل، قصيدا، مثنويون ۽ قطعا بہ گهڻا آهن.
ڪيترائي سنڌي نظم پارسي صورت خطيءَ ۾ لکيل آهن، جئن اڳئين وقت ۾ سنڌي نظمن لکڻ جو دستور هو، جيڪي سنڌي صورت خطيءَ ۾ نظم لکيل آهن، تن ۾ هاڻوڪي رواجي سنڌي صورت خطي ڪم آيل نہ آهي.
بياض جا ڪي نظم موتين جهڙن نهايت سهڻن اکرن ۾ لکيل اهن، ته ڪي نظم ڪچن ۽ ٻاراڻن اکرن ۾ لکيل آهن.

گدا جي ڪلام ۾ خصوصيتون ۽ ايجادون:
گدا جي ڪلام ۾ ڪي فاصل شاه جي ڪلام واريون خصوصيتون موجود آهن، ته ڪي حافظ حاجي حامد جي ڪلام واريون ۽ ڪي سانگي جي ڪلام واريون ۽ گدا جي ڪلام ۾ هيءَ هڪ ٻہ نرالي خصوصيت آهي.
(1) سانگي سندس ڪلام ۾ انگريزي ٻوليءَ جا فقط لفظ ڪم آندا آهن، پر گدا انگريزيءَ جي ”اي بي سي“ بہ پڙهيل نہ هو، ته بہ ٻڌل سئل انگريزي لفظ ۽ تڪون پنهنجي ڪلام ۾ جام ڪم آنديون اٿس. گدا جي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن جي ڪلام بنسبت اها گدا جي ڪلام ۾ خصوصيت ليکجي ته بہ ٺهي ۽ جي ايجاد چئجي ته بہ جڳائي.
مثال:
”مئڊيئر1 آهه فس ڪلاس2 اهو،
رباعيءَ جو جنهن کي ياد گزٽ3،“
”جڏهن ٿي عاشقن جو امتحان ٿيو،
تڏهن فل4 پاس ٿيس آءٌ امتحان ۾.“
گدا پنهنجي وقت جي نوجوان شاعرن کي بہ پنهنجي ڪلام ۾ سخن جو داد ڏنو آهي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي اٿس، جهڙوڪ سانگي، حيدري، پير ميان صاحبڏنه، شاهه، ماتم، مخلص، مجتبائي، فدا وغيره. گدا جي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن مان ٻئي ڪنهن بہ بزرگ نوخيز شاعرن جي اهڙي همت افزائي پنهنجي ڪلام ۾ نہ ڪئي آهي:
مثال:
1- ”عديم المثل ٿيندو مجتبائي،
فصاحت ۾ بلاغت ۾ بيان ۾.“
2- ”هڪڙو مخلص ٻيو مجتبائي شاه،
اي گدا منهنجا دوستدار ٻئي“
3- مضامين فهم معنى ياب
صائب فڪرت و فائق.
سلامت حق رکي هر جا
فدا جهڙي سخندان کي“.
4- آهه ماتم منهنجو مونس بااليقين
هر دو آهيون حيدرآبادي ادا.
واه واه انجو غزل هو بي بدل،
هن زمين جي ان ڪي آبادي ادا“.
ٻولي ۽ عبارت

گڏ وچڙ ۽ نج سنڌي:
گدا بہ عربي ۽ پارسي جي ذوق شوق واري زماني جو شاعر هو، تنهن ڪري ان جي پارسي ۽ اردو ڪلامن کان سواءِ جيڪو سندس سنڌي ڪلام آهي، تنهن ۾ بہ عربي پارسي لفظ ۽ محاورا آل جال ڪم آيل آهن. هن جي ڪلام ۾ نج ۽ پراڻن سنڌي لفظن جو انداز ايترو نہ آهي، جيترو آخوند قاسم يا فاضل شاه جي ڪلامن ۾ آهي. بگڙيل عربي يا پارسي لفظ بہ گدا جي ڪلام ۾ ڪو ورلي ڪم آيل آهي. گدا جي ڪلام ۾ ڪم آيل نج ۽ پراڻن لفظن مان ڪي نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:
سنرو (خوش)، ٻاڙودو (ٻٽونار)، ڏجهڻ (راڪاس يا ڏائڻ)، (ڏجهڻ لفظ حافظ حاجي حامد گهڻي قدر ڪم آندو آهي) سهو (طوطو)، هين (مڇي)، چئنچل (هاٿي)، تسلا (تسلي جي بگڙيل صورت)، اشت (شايد جي بگڙيل صورت) وغيره وغيره.
گدا جو پارسي ۽ اردو ڪلام ته اعلى درجي جو آهي، پر سندس سنڌي ڪلام بہ بيشڪ اثر ۽ ميٺاج وارو آهي، جن غزلن ۾ گدا عربي ۽ پارسي، لفظن جي اڻ لکي آميزش ڪئي آهي، تن مان هڪڙو غزل سربستو هيٺ ڏجي ٿو:
”سوال منهنجو سڻي سڄڻ سائين
مون کي ڀاڪر ڪو پرت جو پائين.
مون کي ماڻن سان يار ٿو مارين
مون کي گهورن سان يار ٿو گهائين.
تون نہ ڀائين نہ ڀانءِ تنهنجي خوشي
آءُ ته ڀانيان ٿو مون کي ٿو ڀانئين.
توتي فرياد آءٌ ڏيان ڪنهن کي؟
منهنجو فرياد آه تو تائين.
سو لڱا توکي مون ته پرچايو
هڪ لڱا مون کي ڇو نہ پرچائين؟
جي چمي تو ڏني ته واري وٺ
منهنجا محبوب ڇو ٿو ڏرمائين.
تنهنجي قدمن تي سر ڪريان قربان
جي اڱڻ منهنجي پيرڙا پائين.
وره ٿيا وصل لاءِ واجهه وجهان
يار مون ساڻ اڄ ته ڪر آئين.
حسن جي ملڪ جو تون آهين شاه
ڇو نہ پنهنجي گدا کي پرچائين.

سيد غلام مرتضى شاه (مرتضائي) ٺٽوي

سيد غلام مرتضى شاه (مرتضائي) سنڌ جو هڪڙو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. هي رضوي ساداتن مان هو. سندن وڏا خراسان مان لڏي، بکر (سنڌ) ۾ اچي رهيا هئا، تنهنڪري هي بکري سادات بہ سڏبا آهن. سيد محمد يوسف شاهه، مرزا جاني بيگ جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ روهڙيءَ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. سيد محمد يوسف شاهه وڏو خدا رسيدو بزرگ هو. سيد عبدالڪريم شاه بلڙيءَ واري جو هم عصر ۽ هم صحبت هو. انهيءَ سيد محمد يوسف شاه جي ڀائٽي ناٺي سيد اسحاق جنهن کي پرڏيهي ڪري سڏيندا آهن، تنهنجي ستين پيڙهيءَ ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه صاحب هو ۽ مير صاحبن جي حڪومت وات وزير سلطنت هو ۽ جڏهن ڪرنيل ”پاٽينچر“ صاحب، مير صاحبن سان انگريزن جي پاران دوستيءَ جي واٽ قائم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ آيو هو، تڏهن سيد ذوالفقار علي شاه ان جون چڱيون خدمتون ڪيون هيون. اهي سرٽيفڪيٽ ۽ سندون اڄ سندس اولاد وٽ موجود آهن. سيد ذوالفقار علي شاه جو فرزند سيد روشن علي صاحب انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائل وارن ڏينهن ۾ اول ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو ۽ پوءِ ڪليڪٽر جي آفيس جو منشي هو ۽ پوءِ مختارڪار هو. سيد روشن علي شاه صاحب پارسي زبان جو زبردست شاعر ۽ اعلى درجي جو ڪاتب هوندو هو، سندس تخلص هو روشن. سيد غلام مرتضيٰ شاه (مرتضائي) انهي سيد روشن علي شاه صاحب جو فرزند هو.
سيد مرتضائي صاحب ٺٽي ۾ ڄائو هو. هن کي عربي ۽ پارسي ۾ تمام چڱي تعليم مليل هئي. هن ڪجهه وقت سيد امام بخش شاه (فدائي) وٽ بہ پارسي جي تعليم ورتي هئي، جو پارسي ۽ سنڌي شعر چڱو چوندو هو. ۽ سندس عزيز بہ هو.
سندس گذران اباڻي زمينداريءَ تي هوندو هو ۽ سنڌ جي ٽالپرن جا پويان بہ سندس سار سنڀال چڱي طرح لهندا هئا، خاص ڪري آنريبل مير الهه بخش خان جاگيردار ”ٽنڊو محمد خان“ کيس مقرر لوازمو پهچائيندو هو؛ ڇاڪاڻ جو مرتضائي صاحب جي ڏاڏي سيد حاجي ذوالفقار علي شاه جو ڀاءُ سيد همت علي شاه، آنريبل مير الله بخش خان جي ڏاڏي مير غلام شاه جو خاص مصاحب هو ۽ ان سان گڏ ”مٺياڻي“ واري جنگ ۾ شهيد ٿيو هو.

سيد مرتضائي صاحب جو ڪلام
شاعري گويا سيد مرتضائي صاحب جو مائٽاڻو ورثو هو. سندس خاندان ۾ پهريون پهريون نامور شاعر سيد مير * لطف علي شاه هو، جنهن جو تخلص هو همت تنهن کان پوءِ سيد مير پٺو صاحب صوفي شاعر ٿي گذريو هو (3) سيد نواب ڪمال الدين (ڪمال) مصنف ”اصطلاحات رضويه“ ۽ ”شرح ديوان حافظ“ مشهور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو هو. (4) سيد مير غلام مرتضيٰ شاه (الهام) جو مرزا صائب تبريزي جو شاگرد هو، (5) سيد مير نجم الدين (عزلت) جنهن جو ”ديوان عزلت“ ۽ ”طوطي نامه“ پارسي نثر ۾ مشهور آهي (6) سيد رفعت علي شاه (رفعت) (7) سيد عسڪر علي شاه (8) سيد روشن علي شاه (روشن) جو سيد مرتضائي صاحب جو والد هو (9) سيد موٽيل شاه (ڪمتر) ۽ (10) سيد امام بخش شاه (فدائي).
سيد مرتضائي صاحب بہ ننڍي هوندي کان وٺي پارسي ۽ سنڌي موزون ڪلام چوندو هو. اسان وٽ مرتضائي صاحب جا ڳچ جيترا غزل موجود آهن، جي جهوني پارسي اخبار مفرح القلوب ۽ جهونين سنڌي اخبارن معاون الاسلام، معين الاسلام، وغيره مان هٿ ڪيا اٿئون. سيد مرتضائي صاحب جا ٻہ وڏا ڪتاب سنڌي نظم ۾ شايع ٿيل آهن. (1)هڪڙو ”يوسف زليخا“ سنڌي ۽ ٻيو ”سڪندر نامه“ سنڌي. جئن ته سڪندر نامه سنڌي مولوي غلام محمد صاحب اڳ ۾ لکيو هو ۽ مرتضائي صاحب پوءِ لکيو هو تنهن ڪري ان جو بيان. هت ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. باقي ”يوسف زليخا“ کي هت ادبي نظر سان ڏسنداسون.

ڪتاب ”يوسف زليخا“ سنڌي
هي سارو ڪتاب سيد مرتضائي انهيءَ ساڳئي ”بحر هزج مسدس“ ۾ مثنوي جي طور تي ٺاهيو آهي، جنهن بحر ۽ طور تي مولانا ”جامي“ پارسي ۾ ”يوسف زليخا“ لکيو آهي. سيد مرتضائي مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جو سربستو ترجمو ڪري نہ سگهيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ ڪي ڪي بيت اهڙن ڳوڙهن خيالن ۽ اعلى درجي جي بلاغت سان ڀرپور آهن، جو انهن جو هم وزن سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪرڻ جيڪڏهن ممڪن نہ آهي، ته اڪ جي ماکي بہ نہ آهي، تنهن ڪري مرتضائي مرحوم مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جا ڪي بيت صفا ڇڏي ڏنا آهن، ته ڪنهن ڪنهن پارسي بيت جي مراد ۽ ٻن ٽن سنڌي بيتن ۾ هڪڙي مصرعه جو پورو ترجمو ڏيئي ٻي مصرعه پنهنجي ٺاهيل وجهي پورت ڪئي اٿس.
آکاڻيءَ جو حاصل مطلب مرتضائي بہ ساڳيو قائم رکيو آهي جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ سمايل آهي، سيد مرتضائي جي زيادتي ڪتاب ۾ ڪئي آهي، جو حضرت يوسف عليہ السلام بابت جيڪي تذڪرا ۽ احوال ڪن عربي ۽ پارسي تفسيرن ۾ ڏنل آهن، جي مولانا جامي پنهنجي ڪتاب ۾ داخل نہ ڪيا آهن، سي موقعه بي موقعه نظم ڪندو ويو آهي.

ڪلام جون خصوصيتون:
هن ڪتاب ۾ نالي خاطر حضرت يوسف ۽ بيبي زليخا جي آکاڻي ڏنل آهي، پر حقيقت ڪري سارو ڪتاب جدا جدا علمن، جدا جدا هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن جو بي نظير خزانو آهي.
جتي شعر سازيءَ جو بيان کنيل آهي، اتي علم عروض جا اصطلاح ۽ وصفون چٽائيءَ سان ڏنل آهن، جتي راڳ جي مجلس جو ذڪر آهي، اتي مصنف علم موسيقي جا سڀ جزا ۽ ڀاڱا سمجهائي وڃي پار پيو آهي. اهڙيءَ طرح علم رمل، علم نجوم، علم جفر وغيره علمن جي نهايت خاص واقفيت ڪتاب ۾ سمايل آهن، جتي ڪنهن عمارت جو ذڪر ڇيڙيل آهي، اتي عمارت سازيءَ جا سڀ اوزار ۽ سامان بيان ڪيا ويا آهن. جتي کاڌي خوراڪ جي محفل جو ذڪر آهي، اتي بورچيخاني جو سامان ۽ اميراڻا کاڌا خوراڪون تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن. اهڙي طرح ڪاتين جو هنر، ناچ ڪندڙن جو هنر، طبابت جو فن وغيره هنرن بابت چڱي واقفيت ڏني آهي.
ازانسواءِ عبادت جي ضرورت ۽ فائدا، بت پرستيءَ جي ماهيت عشق ۽ فراق بابت فيلسوفانه بحث، مردانه ۽ زنانه حسن جون ڪامل وصفون، شادي ڪرڻ بابت خبرداريون، مهمان نوازي جا اصول اولاد جي سعادتمنديءَ جون وصفون، پاڪدامني، بي حيائي، رحم، يتيم پروري، خدا ترسي، عدالت، ظلم، حسد وغيره گڻ ۽ اوگڻ نهايت اثرائتي طرز ۾ سمجهايا آهن.
(2) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري بہ هن ڪتاب ۾ حد درجي جي ڏيکاريل آهي. جهڙوڪ باغن ۽ بيابانن جا نقشا، حيا فروش زالن ۽ پاڪدامن انسانن جون اخلاقي تصويرون، باخبر انسانن ۽ چرين جون حالتون وغيره.
جدا جدا علمن، هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن کي جهڙي تفصيل ۽ طرز سان مولانا جامي پارسي ڪتاب ۾ ادا ڪيو آهي، اهڙو تفصيل ۽ اثر سيد مرتضائي سنڌي ڪتاب ۾ قائم رکي نہ سگهيو آهي، تنهن هوندي بہ ان جي دماغي محنت ۽ جفاڪشيءَ تي هزار آفرينون هجن، جو ههڙي جامع علوم و فنون جي ڏکئي ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ سان سنڌي ادب ۾ قابل فخر اضافو ڪيو اٿس.

موسم بهار جو نقشو:
(حضرت يوسف جو عزيز مصر ٿيڻ وارو موقعو صفحه 430)
”بهار آيو ويو گذري سيارو
ڪڍيو مشرق سعادت جو ستارو
گل و گلشن آيو شادمانو
غمن ۽ گوندرن جو ويو زمانو
نسيم ناز آيو باغ اندر
دل دشمن ڏسان اڄ داغ اندر
صبا آندو وٺي ڪو عطر عنبر
گلن بلبل جو سڀ آڻايو لشڪر
چمن ۾ آهه چرچو بلبلن جو
تماشو آهه سوسن سنبلن جو
دوپهري زنبق و ميندين جون موڙون
گلاب و گونٽو دائودي جون جوڙون
معطر موتيا خوشبوءِ ۾ آيا
ڏسو غنچه انهيءَ خوشبو ۾ ڄايا
مگر رابيل پهرين وڻ جي ڏارن
ٿي بابونا ۽ لاله لعل پارن
وليون پهرين چڙهيون ڏسجن وڻن تي
سنهن سبزا ٿا لعلائي گلن تي
برابر باغ ۾ طوطن تنوارون
عجائب عندليبن جون پڪارون
ڪري ڪڙڪو ٿي قمري سرو پاسي
گلن ڪيو باغ ڏس خوشبوءِ سان واسئي
ڏسو جاري رهن ٿيون جوئبارون
وٺا مينهڙا ٿيون کنوڻين کي سارون
جبل ۽ جهنگ سڀ ساوا سٺا ٿيا،
اندر صحرا عجب ميوا مٺا ٿيا.“
ٻولي ۽ عبارت

گڏ وچڙ ۽ نج ٻولي:
ڪتاب ۾ عربي ۽ پارسي لفظ، اضافتون ۽ تڪون ڪم آيل آهن، ڇاڪاڻ جو اهو زمانو ئي عربي پارسي لفظن جي آميزش جو هو ۽ ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي ۽ پارسي ڄاڻندڙن ۽ علم دوستن جو اندازو خاصو هو.
جتي جتي سيد مرتضائي صاف ۽ نج سنڌي ڪم آندي آهي، اتي ”لاڙي“ ٻوليءَ جا لفط ۽ ورجيسون گهڻيون ڪم آنديون اٿس، ڇاڪاڻ جو هو ”ٺٽي“ جو ويٺل هو، جو لاڙ جو مرڪز آهي، جئن ته:
1- جڏهن يعقوب سڻي اهڙي حقيقت
ته آهي ڪو اهو اوڃاڻ فرقت
2- ڏسان توتي ته ڪن ڪا ٻاجهه ”هوئي“
وڃين ڇو ٿو پٺيان تن جي ڌون ”پوئي“
3- سڃاڻي ڄاڻي اکيون ٿا ڊڪيو اڄ
اوهان ايمان پنهنجي کي وڪيو هت
4- لڪي ڪيئن شمس جي بادل لڪائي
لڪي ڇا چنڊ جت ”اونڌائي“ آهي
5- ڏٺيءِ هڪ لاٽ آتش عشق واري
سڙي ٿينءَ سوز کي ڦليار ڇاري
6- خدا جي واسطي ڪا ٻاجهه آڻي
ٻڌائي ڪير تون ڪهڙي ٽڪاڻي؟
7- رڙي روئي پيو واٽن تي ويٺو
پڇي ”واٽوڙين“ کان ڏس انجو
نوٽ: اوڃاڻ (اهڃاڻ)، هوئي (اهو يا اهي)، پوئي (پوءِ)، ڊڪيو (ڍڪبو)، اونڌائي (اوندهه يا اونداهي)، ڦليار (ڦلهر)، ٻڌائي (ٻڌاءِ، امر واحد حاضر کي مضارع غائب واحد جي صورت ڏيئي ڳالهائڻ لاڙ ملڪ جي اڄ تائين عام ورجيس آهي)، واٽوڙين (واٽهڙن) اهي خاص طرح لاڙ جا تلفظ ۽ محاورا آهن. اهي لاڙي تلفظ وارا لفظ ۽ ورجيسون هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن.

مولوي غلام محمد ۽ سندس سڪندر نامه

مولوي غلام محمد صاحب جو ٻيو ڪلام اسان کي هٿ نہ آيو آهي، فقط سندس سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ”سڪندرنامو“ هٿ آيل آهي، جو مولوي صاحب هجري سنه 1290 مطابق 1873ع ۾ تيار ڪيو هو ۽ سورهن ورهين بعد يعني 1889ع ۾ اهو ڪتاب ڇاپيو هو. هت اسين فقط مولوي صاحب جي انهيءَ ڪلام کي ادبي نظر سان ڏسون ٿا.

”سڪندرنامو“ سنڌي
مولانا نظامي جو ٺاهيل سڪندرنامه پارسي مشهور آهي، جو ڪن ايامن کان وٺي سنڌ ۾ پارسي زبان جي تعليمي نصاب جو آخرين ڪتاب ليکيو ويندو هو.
اگرچه مولوي غلام محمد سنڌي ”سڪندرنامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ فرمائي ٿو، ته:
1- ”ٿيو هي قصو صاف بري بحال،
سنڌي ته ترجمہ ساڻ اي خوش خيال.
ته جيڪو لکيو شيخ نظام الدين
قصو هي تواريخ واري امين.
اهو سو ڪيم صاف سنڌي زبان،
تنهين مان ڪيم ڪونه ذرو زبان.“
مگر اسين امانت طرح چئي سگهون ٿا، ته مولوي صاحب مولانا نظامي جي سڪندرنامه جو سربستو ترجمو بلڪل نہ ڪيو آهي، پر جيڪڏهن چئجي ته اصلوڪي سڪندرنامه جو فقط ”انتخاب“ يا ”اختصار“ يا ”اقتباس“ مولوي صاحب ڪيو آهي، ته ائين چوڻ جڳائي ٿو.
مولوي صاحب تخفيف کان ڪم ورتو آهي. گهڻو ڪري ساري ڪتاب ۾ اصلوڪي ڪتاب جو حاصل مطلب خود ساختن بيتن ۾ ڏنو ويو آهي. سو بہ دلچسپ نه.
مولوي غلام محمد کان پوءِ سيد غلام مرتضى شاهه (مرتضائي) ٺٽوي بہ ”سڪندرنامه“ تيار ڪيو آهي. مولوي صاحب اڃا مولانا نظامي جو ڀرپاسو وٺندو آيو آهي، پر مرتضائي صاحب ته ڪٿي ڪٿي نالي خاطر اصلوڪي سڪندر نامه جي ڪنهن بيت جو پورو سورو ترجمو ڏيئي پوءِ خيال ۽ رايا بہ پنهنجا داخل ڪندو ويو آهي. مثال ۽ ڀيٽ خاطر اسين هڪڙو ٻہ مثال هيٺ ڏيون ٿا:
(1) فيلقوس بادشاه پنهنجي پٽ سڪندر کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪري ٿو تنهن بابت مولانا نظامي فرمائي ٿو:
”خوشا روزگار يکه دارد ڪشي.
که بازار حرصش نبا شد بسي.
بقدر بسندش بسياري بود،
ڪند ڪاري ارمرد ڪاري بود.“
نوٽ: مولانا نظامي سڪندر جي تعليم جو ذڪر ڇيڙڻ کان اڳ ڇهه بيت ڪفايت، قناعت ۽ سانگ صرفه سان هلڻ بابت تمهيد طرح چيا آهن، جن مان ٻہ بيت مٿي ڏنا ويا آهن. هيٺ انهن ڇهن ئي بيتن جو ترجمو نثر ۾ ڏجي ٿو:
(1) انهيءَ ماڻهوءَ جي حياتي تمام خوشيءَ جهڙي ليکبي، جنهن کي گهڻو لوڀ لالچ نہ آهي. (2) سندس گهرج آهر وٽس موجودات هجي، ۽ هو جيڪڏهن هنر ۽ گڻ وارو مرد آهي، ته ان کي اهڙي گذران ۾ پنهنجو هنر ۽ گڻ ڏيکارڻ گهرجي، يعني پاڻ کي ٻين لاءِ ڪارائتو ثابت ڪرڻ گهرجي. (3) اهڙو ماڻهو خوش دليءَ سان چڱيءَ طرح کائي پئي ٿو ۽ پنهنجي حال سارو وک وڌائي ٿو. (4) نہ اهڙي فضول خرچي ڪري ٿو، سڃو سکڻو رهڻو پويس ۽ نڪي اهڙو مرچوٺ ٿئي ٿو. جو هوندي سوندي بکون ڪاٽي. (5) مرچوٺ رهڻ ڪري سڀ قسم جي تڪليف سهڻي پوي ٿي ۽ هٿ ڦاڙ ٿيڻ سان پنهنجو خانو خراب ڪجي ٿو. (6) تون اهڙيءَ طرح حياتي گذارج جو پاڻ بہ فائدو حاصل ڪرين ۽ ٻئي ڪنهن کي بہ زيان نہ پهچائين.
نوٽ: تعليم جي ذڪر کان اڳ ۾ مولانا نظامي جي ڏنل اخلاقي نصيحت مولوي صاحب صفا ڦٽي ڪري ڇڏي آهي. سيد مرتضائي صاحب بہ اها نصيحت ترجمو نہ ڪئي آهي.
ٻيو مثال: سڪندر جي تعليم بابت ذڪر ڪندي مولانا نظامي فرمائي ٿو:
”چو استاد دانا بفرهنگ و راءِ،
ملڪزاده را ديد بر گنج پاءِ،
به تعليم او بيشتر برد رنج،
که خوشدل کند مرد را پاس گنج.“
معنى: ”جڏهن دانا استاد عقل ۽ سياڻپ سان معلوم ڪيو ته شهزادو نصيب وارو آهي. تڏهن ان جي سيکارڻ ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ لڳو؛ ڇاڪاڻ جو ملهائتي يا خزاني جهڙي شيءَ سنڀالڻ مان ماڻهو کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.“
نوٽ: مولوي صاحب مٿين ٻن بيتن جو ترجمو فقط هڪ بيت ۾ ڪيو آهي سو بہ بلڪل اڻ پورو. مولوي صاحب فرمائي ٿو:
”عقل مند استاد دانہ تڏهن،
ڏٺو گنج تي شاهزادو جڏهن.“
(صفحه 19)

ڪلام جون خصوصيتون:
مولوي صاحب: وارو ”سڪندرنامو“ جيتوڻيڪ مولانا نظامي جي ”سڪندرنامه“ جو درست ۽ باقاعدي ترجمو نہ آهي، ته بہ مولوي صاحب جيڪو سنڌي ڪلام پيش ڪيو آهي، سو خصوصيتن کان خالي نہ آهي، اگرچه اهي خصوصيتون اصلوڪي ڪتاب جي ڪلام جون ليکبيون، ته بہ سنڌي زبان ۾ اهڙين خصوصيتن واري ڪلام پيش ڪرڻ جو جس مولوي صاحب لهڻو.
(1) سڪندر بادشاهه جهڙي نامور شهنشاه بابت تاريخي حقيقتون ۽ عبرت جهڙيون ڳالهيون هن ڪلام ۾ سمايل آهن.
(2) هر هڪ حقيقت بيان ڪندي ان حقيقت سان تعلق رکندڙ اخلاقي يا روحاني يا مذهبي نصيحتون منڍ ۾، يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. جيتوڻيڪ اصلوڪي پارسي ڪتاب ۾ ڏنلن نصيحتن بنسبت سنڌي ڪتاب ۾ تمام گهٽ نصيحتون ڏنل آهن، ته بہ سنڌي ڪتاب اهڙين قيمتي نصيحتن کان خالي نہ آهي.

مثال:
سڪندر جي پيءُ فيلقوس جي وفات جو ذڪر ڪري پڇاڙيءَ ۾ شاعر فرمائي ٿو:
”نه آهي ڪهين کي دنيا کان پناه
توڻي ڪو پيناگر توڻي بادشاه.
ڪني جي حوالي ڪري تاج تخت
ڪني جي مٿي تي رکي موت سخت.
اتاهون ادا دل تپاسي ڪجي
لبي هيڪڙي پوک ٻي پوکجي.
ته جيڪي ڏسين تون دنيا باغ ۾
ته هوندا سڀئي درد جي داغ ۾.

مثال:
”سو آيو هلي مرد ميدان ۾
کڻي گرز کي جنگ جولان ۾.“
”چوي آهيان مرد جنگي جوان
ذرا چؤ منهنجو نام نالو نشان.“
”جي منهنجي اڳيان شينهن ڪيهر اچي
ته منهنجي هٿان رت ۾ سو رچي.“
”مثل ازدها رت ماڻهو پيان،
نه ماڻهو ڪهان بلڪ ماڻهو کيان.“
”نه مون کي ڪنهين کان اچي شرم ٿو
نه دل کي ڪنهين تي ڪريان نرم ٿو.“
”ائين چئي وڌائين ڀرونءَ تي گهنڊي
ويٺو پاڻ تي جئن وهي ٿي لنڊي.“
”اُٿيو ٻيو وري هيڪ رومي جوان
زراچي اٿي ويو ڪري جوش جان.“
زراچي ڪيو پڻ تنهين کي زبون
ٿيو مرد رومي مري خاڪ خون.
چون ٿا زراچي سيہ خام خر
انهيءَ طور تي ماريا سڀ ستر.
زراچي جڏهن جنگ جو جوش ڪيو
تنهين کي ڏسي رومين هوش ويو.
سڪندر تنهان پوءِ ڇڏي جاءِ جنگ
ڪيائين قصد پانهنجو جئن پتنگ
ڪري ويس جنگي سڪندر جوان
جسي تي زره پهريو پهلوان
ڪمر بند سونو ٻڌو نامدار
ٻڌائين ڪمر ساڻ هندي ترار
رکيائين ڪلهي پانهنجي تي ڪمند
زراچي اتي قصد ڪيو هوشمند
رکي بور تي سنج سونا سينگار
ٿيو بور تي شهه سڪندر سوار
آندو شاه ميدان ۾ بور کي
جو ماري تنهين آدمي خور کي
ڪري پهلواني ڪڍي گرز گيو
الاري چيائين، ته اي دزد ديو
ته اي ڪانو ڪارا جهلي پير بيهه
جو عقاب آيو ڏسي تو شبيهه
چوين آدمي خور مان آهيان
اچي کاءُ جو تنهنجي اڳيان آهيان
ٻڌو ٿئي ڪڏهن اي زراچا سياهه؟
سڪندر جو ٿيو روم جو بادشاه
اهو آهي مان سڪندر جوان
گهريو جي خدا تان ڪندو سين زيان
ڏمر سان ڏيئي زور رڪاب تي
سڪندر رهيو گرز بي تاب تي،
ذرا چو سڪندر سندي گرز سان
ٻه پرزا ٿيو پلڪ ۾ لرز سان.“
(سڪندر ۽ حبش جي جنگ صفحه 36)
نوٽ: مٿئين مثال ۾ سپاهيانه سيرت جو نقشو بہ عمدو چٽيل آهي.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ سڪندر بادشاهه جو احوال سربستو لکيل آهي، جنهن جو اختصار هي آهي:
يونان جا قديم شاعر چون ٿا، ته هڪڙي حامله رومن زال، جا نهايت خدا پرست هئي، سا چريائيءَ جي حالت ۾ جهنگ کان وڃي نڪتي: اتي پٽ ڄڻيائين. پر پاڻ مري ويئي. يونان (مقدونيا) جو بادشاه فيلقوس پنهنجي اٽالي سان شڪار ڪرڻ ويو هو، تنهن جهنگ ۾ معصوم ٻار مئل ماءُ جي ڀرسان ڏٺو، جنهن کي ڌڻي سڳوري جي قدرت سان هٿ جي آڱر چوپڻ مان ماءُ جي ٿڃ جو مزو پي آيو، بادشاهه مردو دفنائي ڇوڪر کي پنهنجي محلات ۾ آڻي پاليو ۽ تاتيو، ۽ ان کي پنهنجو وليعهد ڪيائين. اهو ڇوڪرو سڪندر هو، جنهن سڄي دنيا تي بادشاهي ڪئي.
فردوسي شاعر ”شاهه نامه“ ۾ فرمائي ٿو، ته سڪندر فيلقوس جو حقيقي پٽ هو. فيلقوس پنهنجي پياري پٽ جي تعليم لاءِ لقوماچس حڪيم مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي پٽ ارسطو يا ارسطاطاليس سان گڏ ان کي اعلى درجي جي تعليم ڏني.
فيلقوس جي وفات کان پوءِ سڪندر تخت تي ويٺو، ۽ ارسطوءَ کي پنهنجي استاد جي وصيت موجب پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. ارسطو بہ توڙ تائين سڪندر جو ساڄو بازو ۽ وفادار وزير ٿي رهيو.
مصر ملڪ جي ماڻهن جي فرياد ڪرڻ تي سڪندر حبش ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ سخت جنگين کان پوءِ اهو ملڪ پنهنجي تابع ڪيائين. اتان فتح ڪري موٽڻ وقت مصر جي اترئين ڇيهه تي سمنڊ جي ڪناري تي اسڪندريه شهر ٻڌايائين جو اڄ تائين قائم آهي. حبش کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ۾ جرات وڌي ويئي. اول ايران جي شهنشاهه دارا کي ڍل ڏيڻ کان جواب ڏنائين، جنهنڪري دارا وڏو ڪٽڪ وٺي سڪندر جي ملڪ تي ڪاهي آيو. موصل وٽ سخت جنگيون ٿيون، آخر دارا مارجي ويو ۽ ايران جو سارو ملڪ سڪندر جي هٿ ۾ آيو. دارا جي وصيت موجب ان جي ڌيءَ روشنگ سان سڪندر شادي ڪئي.
ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ملڪن پٺيان ملڪ فتح ڪندو هندستان، ۽ ٿٻيٽ تي دڳو ڄمائيندو وڃي چين کان نڪتو. اهو ملڪ بہ پنهنجو ذاتي ڪري وري پنهنجي وطن ۾ آيو. ڳچ وقت وطن ۾ گذارڻ بعد روس ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ گهڻين سخت جنگين کان پوءِ اهو بہ سارو ملڪ پنهنجي حڪم هيٺ ڪيائين.
تنهن کان پوءِ هن کي ڪنهن پير مرد چيو ته ”اتر قطب وٽ، جتي چوڌاري ظلمات (اونده انڌوڪار) لڳي پيئي آهي، نہ سج، نہ چنڊ ۽ نہ تارو آهي، اتي آب حيات جو چشمو آهي. ان چشمي مان جيڪڏهن پاڻي پيئندين، ته سدائين پيو جيئندين ۽ ڪڏهن ڪين مرندين“. سڪندر کي بہ اچي اها سودا لڳي ته ”ڪنهن طرح آب حيات هٿ ڪري پيان؛ جنهن ڪري سدائين پيو جيان“. پوءِ ته سڪندر سيڌا سامان کڻي لشڪر لاءِ وٺي ڪاهي ويو، اتر قطب تي. اتي ظلمات (اوندهه انڌوڪار) ۾ گهڻيئي ٿوٿا ڏنائين ٿاٻا کاڌائين پر آب حيات جو حوض هٿ ڪونه آيس. سخت ۾ سخت مونجهارن ۽ تڪليفن کان پوءِ ظلمات کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي مقدونيا ۾ حڪومت هلائڻ لڳو. پوءِ خدا تعالى جي اهڙي بندگي ڪيائين، جو کيس نبوت جو درجو مليو.
نوٽ: مولانا نظامي سڪندر کي متي ميڙي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، يعني ان جي پڇاڙي ۽ موت جو ذڪر ڪيو ئي ڪونه اٿس. ”سڪندر نامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو اٿس، ته ”سڪندر ٻہ سفر ڪيا هڪڙو خشڪيءَ جو ۽ ٻيو سمنڊ جو، خشڪيءَ جي سفر جو بيان هن ڪتاب ۾ لکيو اٿم، باقي سامونڊي سفر جو بيان ٻئي جلد ۾ لکندس“ جنهن ”سڪندرنامه“ جو بيان اسين ڪري رهيا آهيون. سڪندر نامه بري“ چوندا آهن، ٻيو ”سڪندر نامه بحري“ آهي، تنهن سان هن وقت اسان جو واسطو ڪونهي.

فقير قادر بخش (بيدل) (1814ع – 1872ع)

فقير ”قادر بخش ولد ميان محمد حسن“ روهڙي شهر ۾ ڍڪ بازار جي نزديڪ پاٽولين جي پاڙي ۾ هجري سنه 1230 مطابق عيسوي 1814ع ۾ ڄائو هو. سندس مائٽ پاٽڪو ڌنڌو ڪندا هئا.
فقير قادر بخش کي ڄائي ڄم کان وٺي پير ۾ حساب هوندو هو، تنهن ڪري منڊڪائي هلندو هو. ننڍي هوندي کيس پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مائٽن چڱيءَ طرح ڏياري هئي، جنهن ڪري هو تحصيل جو صاحب ۽ وڏو عالم هو.
فقير قادر بخش جو والد ميان محمد محسن ڀاڳناڙي واري بزرگ سادات سيد ”عبدالغفار“ شاه جو مريد هو؛ پر فقير قادر بخش جو صدق جهوڪ شريف جي صوفي فقيرن ڏانهن هو، تنهن ڪري اوڏهين جو مريد ٿيو. فقير قادر بخش پهريائين قاضي فيض الله واري محلي جي مسجد ۾ سڀڪنهن جمعه نماز بعد عالمانه وعظ ڪندو هو. جڏهن فقير قادر بخش تي صوفيانو رنگ غالب پئجي ويو ۽ ”سچل“ سائين جي صحبت بہ مٿس ڪامل اثر ڪيو، تنهن کان پوءِ پاڙهڻ ۽ وعظ ڪرڻ وارا ڪم وٽائنس ڇڏائي ويا ۽ هڪڙو پاڪ دل حسن پرست بنجي پيو ۽ فقيراڻيون ڪرامتون ڏيکارڻ شروع ڪيائين.
اول اول قاضين جي محلي واري قاضي پير بخش جي حسن تي عشق پچايائين، جنهن کي توڙ تائين پنهن جو معشوق ۽ مرشد ڪري مڃيندو رهيو. پوءِ ته جتي فقير حسن ڏسندو هو، اتي پاڻ کي عاشق بڻائيندو هو.
فقير قادر بخش پهريائين موزون ڪلام چوندو هو، پر صوفيانه رنگ ۾ رچڻ بعد سندس ملڪو کلي پيو ۽ ڪافين ۾ بحر پلٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجو تخلص رکيائين بيدل.
فقير قادر بخش پنهنجي عزازت مان شادي بہ ڪئي هئي، جتان هڪڙو فرزند محمد محسن نالي ٿيس جنهن وري پاڻ تي (بيڪس) تخلص رکيو هو.
فقير قادر بخش 59 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 16 ذوالقعد هجري سنه 1289 مطابق 1872ع ۾ وفات ڪئي.
بيدل فقير جو مقبرو روهڙي شهر سان لڳو لڳ ڏکڻ طرف آهي. اهو بہ راحت جهڙو فقيراڻو آستان آهي. چوڪنڊيءَ ۾ ”بيدل فقير ۽ پٽس بيڪس فقير جي تربتن سان گڏ آخوند عبدالله جي تربت بہ آهي. جو بيدل فقير جو ڀاڻيجو هو ۽ وعظ واري مسجد جو پيش امام ۽ مڪتب جو پاڙهيندڙ هو.

بيدل فقير جو ڪلام
بيدل فقير پارسي موزون ڪلام بہ چيو آهي، جو هن وقت اسان وٽ موجود نہ آهي. باقي سندس ڪافيون تمام گهڻيون آهن، جن مان گهڻيون ڪافيون سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهن ۽ ٿوريون ڪافيون سنڌيءَ ۾.

ڪلام جي خصوصيت
بيدل فقير جي ڪلام جي خاص خصوصيت آهي رندانه جذبات، خود فراموشي (پاڻ وساري ڦٽو ڪرڻ) ۽ سڀڪنهن نقش ۾ نقاش کي پسڻ، سچل سائين کان پوءِ جلالت ڀريو رندي ڪلام بيدل فقير ئي چيو آهي.

مثال:
ڪافي ڍيڍي (سر جهگلو)
معشوق قاندي مان، عام ڪيا ڄاڻن،
1- خلعت عشق دي پهرن خاص، شاه حسن دا شان،
صحي سڃاڻن.
2- شاه شرف سرمد جيهي عاشق، وچ انهي مهران،
موجان ماڻن!.
3- وحدت دي وڻجاري وهه وهه، دوئي والا گمان،
مؤل نہ آڻن.
4- بيدل لڳڙا بره جنهان نون، خودي ڪنون سي خان،
خيال آڪاڻن.
ڪافي ٻہ ٺپي (سربسنت)
حسن بسنت بهار بيرنگي، چمن کليا چوڌاري وي.
آينما تولوا عشقان تؤن آب ڏنس دلداري.
ثم وجہ الله ويک تماشا چار طرف گلذاري وي.
2- نفس نڪا عجائب بنيا هار سينگار هزاري،
گلبدن گلزار ۾ آيا هر جا ٿي هٻڪاري وي.
3- ڦل کلي ڪچنال ڀي ڦولي اور کلي گلزاري،
سردشمن سوسن صد هر برهين عجائب بهاري وي.
4- ٻاجهون ويکڻ يار پياري سير چمن بيڪاري،
بيدل بؤءِ بهاردي پاوين سرت وڃائين ساري وي.
بيدل جو سارو ڪلام حسن جي قدر شناسي، معشوق جا ماڻا ۽ بي پرواهي، لوڪ جا طعنا تنڪا، بي خودي، بي وسي، صورت ۾ معنى ڏسڻ، فنائي حاصل ڪرڻ، وحدت ۾ غرق ٿيئڻ، اناالحق جو درجو ماڻڻ وغيره رندانه جذبات سان ڀرپور آهي.

ٻولي ۽ عبارت
بيدل فقير جون سرائڪي ۽ هنديءَ ٻوليءَ ۾ گهڻيون ڪافيون آهن، پر سرائڪي ۽ هندي بہ اهڙي سليس ڪم آندي اٿس. جو ان ۾ پڙهيل سنڌي ماڻهو بہ آسانيءَ سان سمجهيو سگهن ٿا. فقير صاحب جيڪو روحاني راز کوليو آهي، سو خاص ڪري سرائڪي ۽ هندي ٻوليءَ وارين ڪافين ۾ جيڪي صاف سنڌي ڪافيون چيون اٿس، سي بہ روحاني رمزن سان ڀرپور آهن.

مثال:
ڪافي ٻہ ٺپي (سر ڀيروي)
پکيئڙا ولر کان وڇڙيا وڃي اوکيءَ منجهه اڙيا،
زهري زلف زوراور جا توکي دهرا دام پيا.
1- ڇو ٿو پنهن جا پر پٽين توکي پختا پيچ پيا،
ڦٿڪي ڦٿڪي ساه ڇڏيندين ڄار نہ ڇٽڻ جا،
2- وارن جي ته وراڪن ۾ ڪئين ڪامل قيد ٿيا،
هن ڪاڪ ڪڪوريا ڪيترا هت ڪيئي ڍينگ ڊڙيا.
3- مانڊين منڊيا ڪينڪي ۽ جوڳين ڪين جهليا،
وهه رکن واسينگن وانگر آهن زهر ڀريا.
4- چڻندي داڻا خال سندا توکي ڪل پيئي ڪا،
هاڻي هيء هيء ٿو ڪرين جڏهن وار ٿئي وچڙيا.
5- بيدل ڏنگ جهلياسين ڏاڍا آهن اوکيرا،
هيبتي حيوان الاڙي اڃان ڪين مڙيا.
ڪافي هڪ ٺپي (سر پورب)
جنهن جا تون پنڌ پڇين ٿو،
تو منجهه سو سر سارو
1- مرد ٿي ميج وي ميان ۾ پنهنجي تان الا،
وهم سو ٻانهپ وارو.
2- ”الله احمد“ وي ميان ”بلاميم“ الا ميان،
تو منجهه نور جو نظارو.
3- ”وفي انفسڪم“ جو وي ميان مڃ فرمودو الا،
عاشق سمجهه اشارو.
4- غير نہ ڄاڻج وي ميان پاڻ کي بيدل الا،
شاهي تون مارج نعرو.

بيدل جون جيڪي سنڌي ڪافيون مٿي نمونه طور ڏنيون وييون آهن. تن مان معلوم ٿيندو ته بيدل جيڪا سنڌي ڪتب آندي آهي سا پڪي پختي ۽ باقاعدي سنڌي آهي.
فصاحت ۽ بلاغت جي ڪري منجهس ڪا گهٽتائي ڪانهي. فقط پهرين سنڌي ڪافيءَ ۾ هر هڪ مصرعه تشبيهن ۽ استعارن سان سينگاريل آهي ۽ انهيءَ هڪڙيائي ڪافي ۾ ٻہ ٽي عمدا اصطلاح ڪتب آيل آهن.
بيدل جون سڀ ڪافيون علم موسيقيءَ جي اصولن موجب جدا جدا سرن ۽ راڳڻين تي ٺهيل آهن، قافين جا قافيا بہ پختا ۽ باقاعدي آهن.

فقير محمد محسن (بيڪس) (1858ع کان 1881ع تائين)

فقير قادر بخش (بيدل) جو فرزند فقير محمد محسن (بيڪس) تاريخ 28 جمادي الثاني 1275 هجري مطابق 1858ع ۾ ڄائو هو. قرآن شريف ۽ پارسي جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد بيدل فقير وٽ ورتي هئائين ۽ پوءِ بيدل فقير جي ڀاڻيجي آخوند عبدالله وٽ تعليم ورتائين، جنهن جو پاٽولين جي محلي (روهڙي شهر) ۾ وڏو مڪتب هوندو هو.
بيڪس فقير تي ننڍي هونديئي سندس والد صاحب جي فقيريءَ جو اثر پئجي چڪو هو ۽ ڪچيءَ ۾ ئي ستار تي راڳ ڳائڻ ۾ ڀڙ ٿي ويو هو. بيڪس فقير هڪڙي ڪافيءَ ۾ فرمائي ٿو:
ڪافي هڪ ٺپي (سر آسا)
عشق وارو آواز – واهه واهه بخش اسان کي
1- پاڻ حبيب پاڻ طبيب – الا- برهه هت بيمار.
2- بيدل بيشڪ هادي منهنجو – آهه عشاقان آڌار
3- دنيا دين نہ آهي گهريو ميان الا-درد هيڪر درڪار،.
4- ڪاٿي بيدل ڪاٿي بيڪس-الا- ڪاٿي گرم بازار.
بيڪس فقير چوڏهن ورهين کن جو هو، ته سندس والد بيدل فقير وفات ڪئي. تنهنکان پوءِ بيڪس فقير پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ ناهيت آزاد خيال فقير بڻجي پيو ۽ ڪافين ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ پنهنجي والد کان بہ ٻہ ٽي قدم اڳڀرو وڌي ويو.
مائٽن شادي بہ ترت ڪرايس، تنهن هوندي بہ هو بلڪل البيلو هلندو وتندو هو. سهڻن سهڻن ڇوڪرن جي ٽولي هميشه پاڻ سان کڻندو هو، جن ۾ ڪي مسلمان ڇوڪرا هوندا هئا، ته ڪي هندو. هر هڪ ڇوڪر تي پنهنجو خاص نالو رکندو هو، مثلاً ڪنهن کي سڏيندو هو طوطو، ڪنهن کي پپيهو، ڪنهن کي بلبل، ڪنهن کي گل گلاب، ڪنهن کي موتي، ڪنهن کي گل لاله وغيره.
بيڪس فقير هميشه ريشمي رنگين ڪپڙا ڍڪيندو هو مثلاً سٿڻ سائي، ته قميص يا پهران ڳاڙهو، ته پٽڪو پيلو وغيره. پٽڪي جو طرو فقير صاحب، ايڏو ڊگهو ڇڏيندو هو، جو هلڻ وقت کڙيءَ سان پيو لڳندو هو. فقير صاحب پاڻ بہ تمام حسين ۽ شڪيل مرد هوندو هو. بيدل فقير کي خيرپور وارو مير صاحب توڙي روهڙي شهر ۽ آسپاس جا بيٺل ماڻهو گهڻو مڃيندا هئا ۽ چڱيءَ طرح ڏيندا وٺندا هئا.
اها ساڳي مڃتا ۽ ڏيڻي وٺڻي بيڪس فقير سان بہ ٿيندي آئي تنهنڪري بيڪس فقير کي گذران جي ڪا بہ تڪليف ڪانه هئي. هو ڪو بہ ڌنڌو ۽ ڪم ڪار ڪونه ڪندو هو. فقط صبح شام ڇوڪرن جي ٽولي ساڻ ڪري بازار مان چڪر ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي شوق سان وڃڻ، درگاهن ۽ فقيراڻن آستانن تي پنهن جو ٺاهي ڪلام ڳائڻ اها فقير صاحب جي مشغولي هوندي هئي. تڪين ۽ اوتارن ۾ توڙي لعل بازار ۾ موالين ۽ مولائين سان فقير صاحب بي ڌڙڪ محفلون ڪندو وتندو هو. فقير صاحب ڪيڏانهن بہ گهمڻ نڪرندو هو، ته ستار پاڻ سان هوندي هيس، جتي پور پوندو هوس اتي ڳائڻ جي موج لڳائي ڏيندو هو. بعضي بعضي بيهي ڳائيندو ۽ نچندو بہ هو.
بيڪس فقير صاحب پاڪ دل حسن پرست هو، پر نفس پرست بلڪل نہ هو. هو حقاني تجلي ۾ محو ۽ حقيقي عشق ۾ ٽٻ هوندو هو.
بيڪس فقير ڦوهه جوانيءَ ۾ يعني ٽيويهن ورهين جي عمر ۾ تاريخ 5 رمضان شريف سنه 1298ع هجري مطابق 1881ع بنان اولاد وفات ڪئي.
روهڙي شهر جو هڪڙو معتبر سفيد ريش ڳالهه ٿو ڪري ته بيڪس فقير وفات کان ٻہ ٽي ڏينهن اڳ هيءَ ڪافي ٺاهي ڳائي هئي:
ڪافي
ٿل – ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا
ڪڏهن موٽي ملندين راڻا.
مصرعه –”ڪاڪ ڪهاڻي ويل وهاڻي
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
ڪڏهن راضي ٿيندي راڻا.“
انهي مصرعه ٻڌڻ شرط ويٺل ماڻهن مان ڪيترن ئي فقير صاحب کي چيو ته ”فقير صاحب انهي ته فال ڪڍڻ سان اوهان قهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو سخت گفتو نہ ڪڍڻ گهرجي. اها مصرعه مٽايو.“ تنهن تي فقير صاحب فرمايو ته ”ٻولڻ وارو ٻولي چڪو آهي، منهنجو وس ڪونهي“. ائين چئي فقير سائين وري بہ ڪافي ڳائڻ ۾ لڳي ويو.
بيڪس فقير پنهنجي پيءُ بيدل فقير جي نموني تي ۽ ساڳئي فقيراڻي مضمون ۾ ڪلام چيو آهي: ڪٿي ڪٿي ته پيءُ کان بہ وڌيڪ تيز جذبا ڏيکاريا اٿس. پڻس وانگر ڪي ڪافيون سرائڪيءَ ۾ ۽ ڪي سنڌيءَ ۾ ٺاهيون اٿس.
اسين بيڪس فقير جون ٽي چار سنڌي ڪافيون هيٺ ڏيون ٿا، جن مان فقير صاحب جا جذبا ۽ خيال چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهندا.
(1) ڪافي هڪ ٺپي (سر کنڀات)
نت نهاريان راهه – اديون اباڻن جي
1- ٻن عمر جا باغ باغيچا
هت گلزاريون ڪيون گاهه.
2- مارئي ماندي قسمت آندي
سانگي ساري ساهه.
3- جيئري ويڙهيچن وساريو
جا وڻي سا واهه.
4- بيڪس قسمت قلم وڇوڙيو
اهڙي ڪئي ته الله.
(2) ڪافي (روپ ڪوهياري)
ڪميني ڪيچن ڏي روحاني رڙندي
رند وٺي رڙندي يار.
1- ڏاڍا ڏونگر ڏيهه جا
چاڙهيون هيءَ چڙهندي يار.
2- ڏيئي باهه ڀنڀور کي
سورن ۾ سڙندي يار.
3- رَمي هلندي راهه راهه ڏي
مرن ۾ مرندي يار.
4- بيڪس باهه برهه جي ڏسي
نار ڏرني يار.
(3) ڪافي هڪ ٺپي (سر پورب)
عشقئون ٿو عبد سڏايان – آهيان الله
1- هتڙي ٻانهون بانهن جئان
هتڙي شاهنشاهه.
2- هتڙي ماٺ ماٽ ميان الا،
هت دهشت جو درياهه.
3- ”الانسان سري و آنا سر“ الا
عاشق ٿيا آگاهه،
4- بيڪس رک تون دل ۾ بلڪل
وحدت جو ويساهه.

آخوند حاجي فقير محمد (عاجز) (1846ع کان 1918ع تائين)

حيدرآباد شهر جي کيانتي ٽنڊه سان لڳو لڳه ”آخوند عبدالڪريم غازي خان“ نالي سان قديم محلو اڄ تائين قائم آهي، جنهن کي عام طرح شراڻي آخوندن جو محلو سڏيندا آهن، انهيءَ محلي وارن آخوندن جا وڏا اصل عربستان جي مسقط شهر جا رهاڪو ”صديقي قريشي“ هئا، جي فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي زماني ۾ ٺٽي شهر ۾ اچي رهاڪو ٿيا ۽ عربي تعليم ڏيڻ انهن جو خاص ڌنڌو هوندو هو. انهن آخوندن جي اولاد مان ڪي گهر جدا جدا وقتن تي سنڌ جي جدا جدا شهرن ڏي لڏيندا ويا ۽ اتي وڃي تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندا رهيا، انهن مان هڪڙو گهر ڳوٺ سن (تعلقہ ڪوٽڙي) ۾ بہ اچي رهيو هو. جن ڏينهن سنڌ ۾ مير غلام علي خان ۽ ان جي ٻن ننڍن ڀائرن جي حڪومت هئي، تن ڏينهن مير غلام علي خان ڳوٺ سن مان انهن آخوندن جو هڪڙو گهر، خاص پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ لڏائي آڻي حيدرآباد ۾ رهايو، جنهن گهر جو وڏو اڳواڻ آخوند غازي خان بن سعد هو.
ان وقت کان وٺي اهي آخوند پشت بہ پشت مير صاحبن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيندا آيا سندن اهل نساءِ وري مير صاحبن جي ديرن ۾ تعليم ڏيندا هئا.
آخوند غازي خان جو هڪڙو فرزند آخوند عبدالڪريم حديده (عربستان) واري درگاه، جنهن جو ذڪر گدا جي ڪلام ۾ ٿيل آهي، تنهن درگاه جي بزرگن جو سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو هوندو هو؛ ۽ مير ڪرم علي خان جي حڪومت وقت ڪارداريءَ جو عهدو بہ هوس.
پارسي ۽ عربي جي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد آخوند فقير محمد ان وقت جي سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ بہ تعليم ورتي هئي. انهيءَ زماني ۾ جيڪو سنڌي ٻولي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، تنهن کي بنا اٽڪ سرڪاري نوڪري ملندي هئي، تنهن ڪري آخوند کي ترت ئي تپه داريءَ جي نوڪري ملي هئي، پر آخوند ڪچيءَ کان فقيري طبيعت جو ماڻهو هوندو هو، تنهن ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏيئي ڇڏي.
آخوند صاحب، کي اصلوڪي دستور موجب مير صاحبن جي طرفان گهر ويٺي ماهيانو وظيفو پيو ملندو هو، ۽ هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) جو درويش دل ۽ درويش پرور هوندو هو، سو آخوند فقير محمد کي خلاصو ساليانو وظيفو ڏيندو هو، تنهنڪري آخوند کي پنهنجي ۽ عيال جي گذران لاءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ جي ضرورت ڪانه رهي، هو هر وقت ڪتابن مطالعه ڪرڻ، شعر لکڻ ۽ ذڪر و عبادت ۾ گذاريندو ۽ درويش خواه علم دوستن سان صحت ونڊيندو رهندو هو، مير سانگي ۽ گدا سان خاص صحبت هوندي هيس. پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ آخوند فرمائي ٿو:
”عبدالحسين مير ٿيو سر چشمه فيوض،
جهڙس سخا ۾ ناهه ڪو عالي جناب ڪٿ،
احمد عطا ڪريس خدايار طولعمر،
ٺاهي سندس عديل ڪو گردون قباله ڪٿ
سانگيءَ جو شعر شيرين موزون و پرنمڪ،
آهي گدا بہ صاف فضيلت ماب ڪٿ.“
(ديوان عاجز غزل 25)
نوٽ: انهيءَ شعر ۾ ”صنعت ذو معنى“ يا ”صنعت ايهام“ طرح آخوند مير سانگي جي ٻنهين فرزندن (احمد يار خان ۽ خدايار خان) جا نالا بہ سمائي ڇڏيا آهن ۽ دعا بہ ڪئي اٿس.
ٻئي هڪڙي شعر ۾ مير سانگي ۽ گدا سان گڏ سندن هم صحبت حيدري کي بہ ياد ڪيو اٿس.
”ڪئين لطف عاجز، گدا، حيدري سان،
سنئون سانگ سانگي جو الله هادي.
(ديوان عاجز غزل 188)
آخوند فقير محمد پنهنجي ڀاءُ برادريءَ ۾ هميشه سڀڪنهن کي سچ چوندو هو ۽ نيڪ صلاح ڏيندو هو. سچ ۾ البت مچ آهي، تنهنڪري ڪيترائي عزيز ساڻس ٺهندائي ڪين هئا.
هزهائينس مير حسن علي خان (حسن) جي ديرن جي وفات بعد آخوند فقير محمد کي مير صاحبن جي طرفان ملڻ وارو ماهيانو وظيفو بند ٿي ويو هو، تنهنڪري هز هائينس مير عبدالحسن خان (سانگي) سفارش ڪري نواب شاهه ضلع ۾ نصرت واه تي اڍائي سو ايڪڙ زمين مالڪاڻي جي حقن سان آخوند کي سرڪار مان وٺائي ڏني، جا اڄ تائين سندس اولاد جي گذران جو وسيلو آهي.

آخوند عاجز جو ڪلام ۽ تصنيفات
آخوند عاجز سنڌ جي موزون ڪلام چوندڙن جهونن شاعرن مان هڪڙو مشهور شاعر هئو. سندس تصنيف ڪيل ”ديوان عاجز“ سندس هٿ جو لکيل سندس وارثن وٽ موجود آهي، ان ۾ باقاعدي رديف وار ڪل 107 غزل آهن، ۽ غزلن کان پوءِ 83 رباعيون آهن. اهو ديوان آخوند پنهنجي هٿ سان تاريخ 25 رمضان مبارڪ هجري سنه 1323 ۾ لکي تيار ڪيو هو.
غزلن جي پڇاڙيءَ ۾ ديوان جي پوري ٿيئڻ بابت چار تاريخي مادا ڏنل آهن، جن مان ٽي آخوند پاڻ ٺاهيا آهن چوٿون ماده سندس هم عصر نوجوان شاعر قاضي صلاح الدين (احقر) متعلوي جو پارسي شعر ۾ ٺاهيل آهي.
غزلن ۽ رباعين کان پوءِ آخوند صاحب پنهنجي ”ديوان“ جو مختصر ديباچو بہ نثر ۾ رکيو آهي ۽ ان سان گڏ نثر ۾ سمجهاڻي لکي اٿس، ته صوفين بزرگن جي ڪلام ۾ ڪفر، زلف، خط، خال، ابرو، عين، شراب، پياله، ساقي، ڪلال وغيره لفظن جي مراد ڇا ڇا سمجهڻ گهرجي.
انهيءَ سمجهاڻي ڏيندي وچ ۾ آخوند فرمائي ٿو:
(مثنوي)
ڏسين جي شعر هن ديوان جو اي يار
خرابات1 و خراباتي2 ۽ خمار3.
جڻيو، جي بت، ڪرنائي4، چليپا5،
برهمن6، گبر، ترسا7، دير8، مينا9.
شراب و شاهد10 و شمع شبستان11،
ڌڪڙ، طبلا ۽ ساز آواز مستان12،
گتو دارونءَ جو پڻ رند13 و خرابات،
حريف14 و ساقي و مرد15 مناجات.
جي خط ۽ خال، قد آزاد، ابرو،
ڳٽا ڳاڙها ۽ ور ور وار گيسو.
نه ڪر تابش انهن گفتن کان انڪار،
انهن مان ڳولي لهه مقصود اي يار.
اها صوفين جي ٻوليءَ جي عبارت،
پروڙي مغز ان جي ڪر زيارت.
نظر کي تيز ڪر سا طرز لهندين،
هو پردا کل جا لاهج مغز ڏسندين.
انهن لفظن ۾ هر ڪنهن جي نہ جان آه،
اندر ۾ تنجي مخفي سڀ جهان آه،
تون تنجي جان کي کڻ جسم کي ڇڏ،
مسمى ڳولي لهه پڻ اسم کي ڇڏ.“
نوٽ: مٿي جيڪا فوٽ نوٽ ۾ لفطن جي معنى ڏيکاري ويئي آهي. سا لفظن جي اصلي يا لغوي معنى ڏيکاي ويئي آهي. صوفين جي اصطلاحي معنى آخوند نثر ۾ کولي سمجهائي آهي.
”ديوان عاجز“ جي غزلن مان گهڻا غزل. ”ديوان حافظ جي پارسي غزلن جو ترجمو آهن. اهڙن غزلن تي آخوند ڏيکاريندو ويو آهي، ته ”برتتعبهءِ حافظ“. ڪل ٽيٽيهن غزلن تي آخوند لکيو آهي. برتتعه حافظ“ ۽ اهڙا پنج ڇهه غزل ٻيا بہ آهن، جن تي فقط لکيو پيو ”برتتبعه“، جنهن ڪري چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪهڙن شاعرن جي شعر جي ”تتبعه“ تي ٺاهيا ويا آهن. در حقيقت ”تتبع“ جي معنى آهي. ڪنهن شاعر جي ٺاهيل شعر جي فقط وزن يا طرز تي شعر ٺاهڻ، پر مضمون پنهنجو ڪم آڻڻ؛ جئن مرزا قليچ بيگ ”سودائي خام“ ۾ ٻين شاعرن جي تتبع تي ڪافيون لکيون آهن. آخوند جمع جن غزلن تي لکيو، پر تتبع حافظ“ تن مان ڪي غزل ته سڄا ئي سڄا حافظ شيرازي جي غزلن جو ترجمو آهن، ڪل ۾ ڪي بيت حافظ جي غزل جي بيتن جو ترجمو، ته ڪي بيت آخوند پنهنجا ڳنڍيا آهن ۽ ڪن ۾ فقط منڍ وارو بيت حافظ جي غزل مان ترجمو ڪري پوءِ ساڳئي وزن ۽ قافيه تي پنهنجو مضمون شامل ڪندو ويو آهي، جيڪي غزل حافظ جي غزلن جو ترجمو آهن، تن جو ترجمو نڪي اهڙو باقائدي درست ترجمو آهي، جهڙو مرزا صاحب پارسي شعرن جو ڪيو آهي؛ ۽ نڪي ترجمو اهڙي صاف ۽ بامحاوره سنڌي ۾ آهي، جنهن مان حافظ جي ڪلام واري مراد ڪو بہ سنڌي خواندو صاف طرح سمجهي سگهي؛ اسين مثال خاطر هت ٻہ ٽي ترجمو ٿيل بيت پيش ڪريون ٿا ۽ حافظ شيرازي جي بيتن واري عبارت سان اهي ڀيٽي ڏيکاريون ٿا:
”ديوان عاجز“ جو غزل نمبر 17 سڄو ئي ”ديوان حافظ“ جي پارسي غزل جو ترجمو آهي.

حافظ شيرازي:
”زباخ وصل تو يابد رياض رضوان آب،
ز تاب هجر تو دارد شرار دوزخ تاب.“
معنى: اي حقيقي محبوب! بهشت جي باغن کي هيترو شرف ۽ عزت هن ڪري حاصل ٿي آهي، جو اتي عاشقن کي تنهنجو ديدار نصيب ٿيڻو آهي! دوزخ جو عذاب هن ڪري ٿو هيبت ناڪ لڳي جو اتي تو کان وڇڙيل ٿي رهڻو آهي: يعني اي حقيقي محبوب بهشت آهي تنهنجو وصال ۽ دوزخ آهي تنهنجو وڇوڙو.
آخوند:
”تنهنجي باغ وصل کان بهشت ٿيو آب،
۽ درد هجر کان تنهنجي وٺي ٿو دوزخ تاب.“
نوٽ:- ”بهشت جو آب ٿيڻ“ ۽ دوزخ جو تاب وٺڻ“ سنڌي زبان جو محاورا ئي نہ آهن؛ تنهن ڪري ڪو بہ سنڌي خواندو مٿئين بيت مان اها مراد پروڙي ئي ڪين سگهندو. جا مراد ڪو بہ پارسي خواندو ماڻهو حافظ شيرازي جي لفظن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.
بحسن عارض و قد تو بردند پناه،
بهشت وطوبى، طوبى لهم و حسن ماب
”ديوان عاجز“ ۾ جيڪي بہ رباعيون ڏنل آهن، سي آخوند جي چوڻ موجب سڀ پارسي تان ترجمو ٿيل آهن، مگر اهو ڏيکاريل نہ آهي، ته ڪهڙن پارسي، شاعرن جي رباعين تان ترجمو ڪيون وييون آهن، ”ديوان عاجز“ کان سواءِ ٻہ هڪڙا نثر جا ڪتاب بہ آخوند جا ٺاهيل ۽ سندس هٿ جا لکيل اڃا موجود آهن. هڪڙو چاليهن صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ”سوره فاتحہ“ جو تفسير صوفيانه اصول تي لکيو اٿس. ٻيو ڪتاب ”گلشن راحت افزا“ آهي، جو اردو قصي تان آخوند ترجمو ڪيو آهي ۽ سڄوئي ”گل خندان“ ڪتاب جي نموني تي تڪ بنديءَ سان ٺهيل آهي، منجهس جدا جدا موقعن تي بيت، قطعا ۽ غزل بہ درج ٿيل آهن، جي اصل ڪتاب وارن اردو بيتن، قطعن ۽ غزلن جو ترجمو آهن. اهو ڪتاب بہ آخوند جي هٿ جو لکيل موجود آهي.

سيد مصري شاه (1838ع)

سيد مصري شاه نصرپوري سنڌ جي ڪامل درويشن ۽ نامور شاعرن مان هڪڙو هو.
هي سيد قادر شاهه جو پوٽو ۽ سيد بلند شاه جو فرزند هو. سيد مصري شاه ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو“ سندس وڏو ڀاءُ سيد نافن شاه ڪنوارو ئي هو، ته حج ڪرڻ ويو ۽ اتي وڃي وفات ڪيائين. تنهنڪري سيد مصري شاه پنهنجي ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه جي سنڀال هيٺ رهندو هو، جو هڪڙو خدا پرست انسان هو.

ننڍپڻ ۽ تعليم:
سيد مصري شاه هجري 1245 (مطابق 1838ع) ۾ تولد ٿيو هو، تن ڏينهن نصرپور ۾ پارسي ۽ عربي جي تعليم جا وڏا مدرسا هوندا هئا، جتي نہ رڳو مسلمان، پر ڪيترا ڀاٽيا ۽ سهتا هندو بہ تعليم وٺندا هئا. سيد مصري شاهه ننڍي هوندي پنهنجي ڳوٺ ۾ قرآن شريف ۽ پارسي جي تعليم چڱي طرح ورتي هئي. سندس ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن شريف جي معنى ۽ حديثن جي بہ واقفيت چڱي هيس. پارسي م اهڙو قابل هو، جو فقيري واري زماني ۾ پنهنجي ڀاڻيجي قادر شاه بن ڏنل شاه کي مثنوي شريف جو سبق ڏيندو هو ۽ ان جي معنى شرح بہ سمجهائيندو هوس. مصري شاه جا جيڪي هٿ لکيل اکر سندس رسالي ۾ موجود آهن، تن مان ڏسجي ٿو ته سنڌي لکڻ جو گهڻو استعمال ڪونه هوس.

جواني ۽ گذران:
سيد مصري شاه قداور ۽ نهايت حسين جوان هو. شاعريءَ جي ڏات ڪچيءَ کان عطا ٿيل هيس ۽ وري مجازي حسن ۾ حقيقي حسن جو پارکو هو، تنهنڪري مجازي جي ميخ بہ جوانيءَ جي اوائل ۾ ئي جيءَ سان جڙجي ويس، هو پنهنجي چاچي سيد ڏنل شاه جي گهران مڱيو بہ هو، پر شادي نہ ڪيائين. ساداتن جي ڪوٽ سان لاڳو قاضين جي محلي مان هڪڙي قاضيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي شائق هو، پر قاضين انهيءَ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، شاه صاحب راڳ جي مجلسن ۽ ميڙن ملاکڙن جو شوقين هوندو هو.

سيد مصري شاه:
1- سيد مصري شاه هڪڙو پارسي دان عالم شاعر هو. ان جي جئن سليس رواجي سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪلام چيل آهي، تئن پارسي آميز سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪلام سليس رواجي سنڌيءَ ۾ چيو اٿس تنهن ۾ ڪٿي ڪٿي سنڌي ٻوليءَ جا پراڻا لفظ بہ ڪم آندا اٿس، جئن ته:
1- هي جي انديشا اٽڪل وارا-
”لا“ سين سڀ لڙهاءِ-
آسانگو اڙ ڀيم ڀرم جو.
2- مصري ساڻ مچائي مجلس
رنگپور روز رهاڻيون ۽ رس
بره اڏي بازاريون
تو سرهي سڀڪنهن سٿ ڪي.
3- وڃيو ڪوه ووڙين وڻڪار ور ۾،
پرانهون نہ پاسي آهي گهوٽ تنهنجي گهر ۾.
تو ۾ تخت تڪيو تون ڄٽي ڪوه نہ ڄاڻين؟
سندر نور نجهرو صحي ڪر سڃاڻي
نمي ڪي نهارج آه ڪانڌ تنهنجي ڪر ۾
4- اسين عيبدار پرن پير! پاڙي جي ان کي
5- ڪر ها ڪوڏ ڳچيءَ ڳل پوائين،
ميان موڏ متان مڪرائين
ڪرها ڪر نہ قصور.
(1) ڀروسو (2) مجلس يا ڪچهري (3) ڇو (4) پري (5) جاءِ، آستان (6) مڙس (7) پاسو يا ڀر (8) پارت (9) اُٺ (10) سانڪا ڪرين، گسائين.
(2) سيد مصري شاه سنڌي ڪلام ۾ ڪي بہ فعلي صورتون هالو چالو سنڌي صرف و نحو جي ابتڙ ڪم نہ آنديون آهن ڪن ٿورن هنڌن قافيه جي پورت لاءِ يا وزن قائم رکڻ لاءِ صرف نحو جي قانون جي خلاف فعلي صورتون ڪم آنديون اٿس.
مصري شاه بہ پنهنجي ڪلام ۾ قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن جا ٽڪرا ڪم آندا آهن، پر قديم شاعرن ۽ مصري شاه جي انهيءَ ملاوت ۾ وڏو فرق هيءُ آهي، جو قديم شاعرن جهڙوڪ شاه ڀٽائي توڙي محمد اشرف شاه جن جي ڪلام ۾ عربي تڪن اچڻ ڪري ڪلام جي مصرعه مقرر وزن کان گهڻو وڌيو وڃي ٿي، پر مصري شاه جو ڪلام عربي تڪن گڏجاڻي ڪري بہ مقرر وزن تي قائم رهي ٿو، جئن آخوند محمد قاسم هالائي ۽ سيد محمد فاضل شاه حيدرآبادي جي موزون ڪلام ۾ آهي. ائين ٿئي ٿو ته وزن جي برقراريءَ لاءِ بعضي عربي تڪن جي اصلوڪي تلفظ ۾ ڦير ڦار ٿيو وڃي ٿي.
مثال:
1- وحدت ڪثرت وچ ۾ فرق نہ ڪوئي ڦير
ڪل شبي محيط ٿيو پرجهي پاتائين پير.
2- تو نوازيا ڪيئن جي عسري،
هي غلام هڪو ئي مصري.
3- فان مع العسريسري،
آن ڪيا اقرار.

شاه صاحب جو ڪلام ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:
علم موسيقي جي اصول تي ٺهيل ڪافيون
موزون ڪلام جنهن ۾ غزل، مثلث، قصيدا، منقبت ۽ مناجاتون اچيو وڃن ٿيون، شاه صاحب غزلن، مثلثن ۽ قصيدن کي بہ علم موسقي جي سرن جا نالا ڏنا آهن؛ ڇاڪاڻ جو ان پنهن جو سمورو ڪلام بہ علم موسيقي جي ٺهرايل سرن ۾ ڳارايو آهي.
مصري شاه جو ڪلام رڳو نج سنڌي يا پارسي آميز سنڌي نہ آهي، پر سرائڪي ۽ اردو آميز پنجابي ۾ بہ گهڻيون ئي ڪافيون اٿس جي سڀ سندس رسالي ۾ موجود آهن، انهيءَ زماني ۾ گهڻا امير اُمراءَ ۽ انهن جا نوڪر چاڪر خواه لاڳاپيدار سرائڪي ٻولي گهڻي قدر ڪم آڻيندا هئا، تنهن ڪري سيد مصري شاه توڙي ان جي هم عصر ڪافيون ٺاهيندڙ شاعر (جهڙوڪ سيد مهدي شاه، پير اميد علي شاه وغيره) بہ سنڌي ڪافين سان گڏ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪافيون ٺاهيندا هئا. ٻيو ته ان زماني ۾ بلا شاه جون اردو آميز پنجابي ڪافيون سنڌ ۾ خاص دلچسپي حاصل ڪري چڪيون هيون. تنهنڪري سيد مصري شاه ۽ ان جا هم عصر شاعر بہ بلا شاه جي ڪافين جي طرز تي اردو آميز پنجابي ڪافيون ٺاهيندا هئا.
سيد مصري شاه جي ساري رسالي ۾ اهڙو هڪڙو بہ ڪلام ڪونهي، جو سڄو ئي پارسي ۾ ياصاف اردو ۾ هجي.
سيد مصري شاه جي ڪلام ۾ سندس هم عصر شاعرن جي ڪلامن بہ نسبت هڪڙي خاص خوبي هيءَ بہ آهي، جو سندس ڪلام ۾ تاريخي حوالا سرس آهن، جن مان ثابت آهي ته مصري شاه عربستان ۽ ايران جي تاريخ گهڻي قدر مطالعه ڪئي هئي. مثلاً هڪڙي هنڌ پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو:
”ڪن ڪمان ابرو اڌواڌ رخش، رستم، زال کي،
سام برزو گيو کان ٿا وٺن وارا بي سبب.“
نوٽ: رخش (رستم جو خاص گهوڙو)، رستم، زال، سام، برزو ۽ گيو آهي فردوسي جي ”شاهنامه“ جا خاص اداڪار آهن.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
پيو پرتوو طور تي نؤر خدا جو،
نه ماهر ٿيو موسى بہ مذڪور جو،
کڻن بار بي حد ڀلي بؤ ترابي.
مصري شاه جو سمورو ڪلام اڻ ڇاپيل صورت ۾ سندس هاڻوڪي جاءِ نشين سيد مريد علي شاه صاحب وٽ موجود آهي جو سڄو ئي مصري شاه جي حياتي ۾ لکيو ويو آهي. ان ۾ جدا جدا نمونن جي اکرن ۾ جدا جدا ڪلام لکيل آهن. انهي جو سبب هيءُ پڌرو ڪندو هو، تنهن وقت جيڪو بہ پڙهيل ماڻهو وٽس حاضر هوندو هو، تنهن کي چوندو هو ته اهو ڪلام رسالي ۾ داخل ڪري ڇڏ. پوءِ پاڻ زبان سان چوندو ويندو هو ۽ لکڻ وارو لکندو ويندو هو؛ ڪي لکڻ وارا پارسي دان ۽ پڪي صورت خطي لکندڙ هوندا هئا. ۽ ڪي سنڌي دان ڪچي صورت خطي لکڻ وارا، انهيءَ ڪري رسالي ۾ ڪي ڪلام اهڙيءَ صورت خطيءَ ۾ بہ لکيل آهن، جي سڀڪو صحيح طرح پڙهي نہ سگهندو. ڪهڙي نہ سهڻي ڳالهه ٿي پوي، جو ڪتاب جا مالڪ انهيءَ رسالي جو صحيح ۽ رواجي صورت خطيءَ ۾ نقل ڪرائي ڪنهن ادبي سوسائٽيءَ جي حوالي ڪري ته شايع ٿي پوي.
انهيءَ رسالي مان ڪي ڪلام نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪافي (ڏيڍي)
(هستي ڦٽي ڪر)
هستي ڇڏ هن جاءِ،
ٿيءُ ساڪن ملڪ عدم جو،
1- هيٺ هئڻ جي حيف حويلي وک وطن ڏي پاءِ،
ڪوڙيون ملهه تنهنجي قدم جو.
2- هي جي انديشا اٽڪل وارا ”لا“ سين سڀ لڙهاءِ
آسانگو آڙ ڀيم ڀرم جو.
3- سير صفا تي دم درجا تي وچ تي وهم وڃاءِ،
ڀڃ تهه خانو هن طلسم جو.
4- موتواقبل الموت جو مصري منجهه ئي مچ مچاءِ،
معنى مطلب نينهن نظم جو.
ڪافي (چوٺپي)
(هيءُ ماڳ تنهنجو نہ آهي)
آهي اهو افسوس،
ماڳ مسافر ٿي مالڪ ويٺئون
1- ديس پرائو نہ دعوا تنهن جي،
موڙهو آهن ڪري منهنجي منهنجي
گياڻو تون گس! گوس،
ٺاهيئي ٺاه ٺلهو هت ٺيٺئون.
2- منزل ڏور تون تنها آهين،
بار ڳرو ٿو بر ۾ لاهين
پسي پاڻيءَ پوس.
پاپي پڃري ۾ پاڻيهي پيٺئون.
3- جتان جوانن مڪڙا موڙيا
تتي تعلق تو تڪيا جوڙيا.
ڀونءِ انهيءَ جو ڀرواس
رکج چست چڪاسي چيٺئون.
4- سالڪ ان ساعت کي سڃاڻن.
پرس پرولي ڪي پرمل ڄاڻن،
دليون ڏيئي دوس
محبت ماکيءَ جون مصري ميٺئون.
غزل (سر جوڳ)
(حق هر جاءِ حاضر)
سوري ويم ٻئي جڳ،
جڏهن دل جان سان ڏٺم.
مهتاب سک محبوب جو،
محراب منهن منور ڏٺم،
1- دل سڃاتو سڄڻ جو اچي سير سڀ ڪنهن جاءِ تي،
منهنجي ٿيا مطلب مڙيئي پورا پرين پو ور ڏٺم.
2- شيخ قاضي پاڪ دامن اي مشائخ مولوي.
ڪر نصيحت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضر ڏٺم.
3- دين ۽ ايمان، تقوى زلف جي پيا پيچ ۾،
دام ۾ داڻي مثل تڪرار ڪارو تر ۾ ڏٺم.
4- عمر ساريءَ جي عبادت تر هڻي تاراج ڪي،
ويو کڻي هندو هڻي ڪعبي اندر ڪافر ڏٺم،
5- ڏس همت حضرت حسين جي پٽ اکيون اي آسمان،
دل ڪٺل دشت بلا ۾ ساقي ڪوثر ڏٺم.
6- پڙ مٿي پوري ڪئي منصور مصري سڀ مراد،
سربسر صورت اللهي سونهن سندس سرور ڏٺم.

پير محمد اشرف شاه (1799ع)

پير محمد اشرف شاه سنڌ جي ڪامل بزرگ شاعرن مان هڪڙو هو. سندن آخرين سڪونت گاه ۽ درگاه ڪاماره شريف تعلقه ٽنڊه الهيار ۾ آهي.

ولادت، تعليم ۽ رهڻي ڪهڻي
پير محمد اشرف شاه هجري سنه 2114 مطابق عيسوي سنه 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقه ٽنڊه باگي ۾ تولد ٿيو هو. سندس والد شريف جو هڪڙو علم دوست بزرگ هو، تنهن سندس تعليم، لاءِ هڪڙو مولوي وهاريو هو، پر هن کي، جو ڪچيءَ کان ”علم لدني“ جي ڏات خدا تعالى بخشي هئي، سو مولوي صاحب جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڪين ڏيندو هو. شعر ٺاهڻ جي ڏات بہ ننڍي هوندي کان عطا ٿيل هيس. هڪڙي ڀيري جڏهن مولوي صاحب پڙهڻ لاءِ مٿس ڪجهه سختي ڪئي، تڏهن هيءَ ڪافي چيائين:
ڪافي (سر جوڳ)
ميان معلم مون م مار
پڙهڻ پريت کان ڪين ٿو ٿيئي
1- سڪ جنهين سان ٿئي سرسي
سو مون سبق سيکار
مئي دل جنهين سان جيئي
2- مئي پيالو محبت مد جو
پيتو هوئي ته پيار
جڏو جيءُ جيئي پر پيئي
3- سڪڻ پڙهڻ لڳي ڪين پاڻ ۾
رويو هنجون رت هار
پيهه پنن تي ڪوهه جا ڪيئي
4- وار ورق و في انفسڪم
ورق ڪلي ٻيا وسار
پاڙهه اها سٽ جيڪس پڙهيئي
5- وهو معڪم اينما ڪنتم
اشرف نظر نهار.

رمز ڳجهي سک جا نہ سکيئي.
انهيءَ ڪافي ٻڌڻ کان پوءِ مولوي صاحب پير محمد غوث کي اچي عرض ڪيو، ته ”هن صاحبزادي کي منهنجي تعليم جي ڪا بہ ضرورت ڪانهي تنهن ڪري مون کي اجازت ملي.“
پير محمد اشرف شاه استاد وٽ ظاهري تعليم فقط قرآن شريف ۽ ٿوري سنڌي (ابو الحسن واري) بابت ورتي هئي.
پير محمد اشرف شاه ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ۽ خداشناسيءَ جي خيالن وارو هوندو هو. سيد محمد محسن شاه ونجهيري (تعلقه هالا) وارو بزرگ، جنهن سان پير محمد غوث جو گهڻو عقيدتمندانه ۽ دوستانه رستو هوندو هو، تنهن کي پير محمد اشرف شاه پنهنجو مرشد ڪري مڃيندو هو.
پير محمد اشرف شاه رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ بابت پنهنجي هڪڙي ڪلام ۾ هيئن ٿو فرمائي:
ڪافي (سر کنڀات)

مڃ عاشق اتون بر سر جيڪا رب جي رضا
1- ٿي شاڪر ڪر شڪر جا بڻي سا بڻي
سا سڀائي حق جي واحد کي وڻي.
رهه سدائين خوشتر ماڻ صبر جا مزا.
مڃ عاشق......
2- جا ٿيڻي سا ٿيندي جي کلين جي روئين
محبوبن کي معلوم ڇا چيو ٿو چوئين
ڪين ٽري ڪنهن پر جا قادر قضا.
مڃ عاشق....
3- انگ اصل کان لکيو پارڻ سوئي پيو
ڪوهه کجين ڪوهه کرپين ڏيهه کي ڏوهه ڏيو
درد گهٽج دل اندر سڪ جي لهندؤن سزا
مڃ عاشق...
4- اشرف روز ازل کان ٿيو ”جف القلم“
ٿيءُ رضا تي راضي کوڙي قابو قدم
آگو پاڻ اپر ڏيندءِ خير جزا
مڃ عاشق...

پير اشرف شاهه جو ڪلام
پير اشرف شاهه جو ڪلام نج سنڌي ڪلام آهي. ان ۾ نج ۽ پراڻا سنڌي لفظ بي شمار ڪم آيل آهن، جن مان گهڻا تڻا اڄ ڪلهه جي رواجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ئي ڪين اچن ٿا، مگر انهن مان گهڻا لفظ لاڙ جي ٻهراڙين ۾ عام طرح گفتگو ۾ ڪم ايندا آهن.
پير صاحب جي ساري ڪلام (مولودن، ڪافين، مداحن خواه ڏوهيڙن) ۾ حرفي تجنيس اهڙيائي نزاڪت ڀري آهي جهڙي جهونن بزرگ شاعرن جهڙوڪ شاه ڪريم، شاه ڀٽائي، شاه عنايت، جي ڪلامن ۾ آهي. فصاحت ۽ بلاغت سليس ۽ سنئين سنواٽي ٻوليءَ ۾ چيل ڪلام جو قدرتي ڏاج آهي، ان جي اصولن ڪم آڻڻ لاءِ شاعر کي ڪوشش ڪرڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪا نہ ٿي ٿئي. تنهنڪري پير صاحب جي نج سنڌي ڪلام ۾ تشبيهون، استعارا، مجاز، ڪنايا ۽ صنعتون چڱيءَ طرح سمايل آهن.
پير صاحب جو سمورو ڪلام هاڻوڪي سجاده نشين پير ميان حاجي خان محمد صاحب سنه 1914ع ۾ ليٿو ۾ ڇاپايو هو، جنهن جون ڪاپيون هينئر شايد ڪامياب هجن.
انهيءَ رسالي مان پير صاحب جا ڪي ڪلام نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
مولود شريف (سر معذوري)
قاصد چئج ادا سڀڪا منهنجي صدا
مير مديني جي ڄام کي
سڪڻ سوراخا ڪيا سيد سرمدا
سرور پنهنجي ساٿ سان ڪريو گڏ گدا
واريو واءُ وصل جو ڪيس فراق فدا
ڪريان قرباني جندڙو مشفق آن مهندا
پڇج ڪي پازي کي اچي احمدا
الله لڳ اشرف چوي جاني ٿڻ ۾ جدا.
(3) ڪافي (سر بلاول)
(عشق ڌاران عبادتون بيڪار)
عشق ڄاڻج تون امام- ٻيو ڇڏ ڪوڙ ڪمام
رسم ريا جا نقل نمازون ايءُ نہ آهي اسلام
ورد وظيفو تسبيح مصلو نينهن بنا ناڪام
شوق شهود جي سرڪ ساقي کان
پي ٿي مست مدام
اشرف پير مغان توکي مئي جو
جال پياري جام.
ڪافي (سر اجوڳ)
(لباسي فقير کي ڇينڀ)
نفع ضرر جي خبر رکين ٿو
بندگي ويلي بي خبري
ويس ڍڪيو ٿو هنر هلائين
عين اها ئي بي خبري
1- ڪامل بزرگ نيڪ ڪهاڻين
ٺڳه ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺهائين
لوڪ اڳيان لس لڙڪ وهائين
اثر نہ آهي اي بي اثري
2- نفس جي غرض جي تو تمنا ڪي
عالم ليکي استغراقي
يار وساري ٿيئڙين يا ڪي
ذرو نہ وسر ئي سيم زري
3- دوست وساريو ٿين ديوانا
دام بنديو ذرد پڙهڻ دگانا
يار حقيقي بنان يارانا
ڪرڻ سراسر بي ثمري
4- ويئي جواني آئي پيري
ظاهر ٿيا عنوان ظهيري
ريش سفيد احوال صغيري
اڃا ته توکي بي فڪري
5- هي هي عمر وڃايئي هاريا
بلڪل سمجهين ڪين سنواريا
نفس ڪميني جي ڪم ڪاريا
ڪري ستار نہ بي ستري
6- اشرف عاشق نام سڏائين
پئسا پانديون ڪيو ڇڏائين.
پوءِ وريو ڪئن پاڻ پڏائين
صبر اچئي ڇڏ بي صبري.
ڪافي (سر بروو)
(ڪوڙا لاڳاپا ڦٽا ڪر)
تون ته دانهن ڪري اٿي ڀڄ
هت اڳئي سرتين سور پرايا
1- ڇڏ اڙانگا ڪوڙا سانگا
ڀڄ ٻيلي ٿي رڄ
ان ڦير هئڻ جي ڪئين ڦيرايا.
2- وير وڏا هن وير لڙاهايا
هيئن ۾ حرص ۾ هڄ
ان ڪن ڪپر ڪوڙئين ڪيرايا
3- ڪوڙي قيل مقال اجائي
ڀڳل گهڙي جئن م وڄ
ان ڇيڏڪ نفاق هزارين ڇيرايا
4- اشرف غير گمان وڃائي
پرين سان نا پهڄ
توتان ناحق اجايا ٿيڻ هيرايا.

حضرت پير رشدالله (1860ع)

هي بزرگ پير رشيد الدين جو ٻيو نمبر فرزند ۽ جاءِ نشين هو. هيءُ بزرگ جهڙو هو خدا شناس درويش، تهڙو هو علم جو بحر ۽ شريعت جو پابند مجاهد ۽ اهڙوئي هو پارسي ۽ سنڌي زبان جو ڪامل شاعر.
هي صاحب هجري 1277 (1860ع) ۾ تولد ٿيو هو. سندس تعليم لاءِ سندس والد بزرگوار وڏا وڏا عالم گهرائي پاڻ وٽ رهايا هئا. پير ميان رشيد الله کي سجاده نشين ٿيڻ بعد ”خلافت ڌڻي“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو هو بزرگ پاڻ کي پنهنجن وڏن بزرگن جو خليفو چوائيندو هو ۽ پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب ”ارشاد المريدين وهدايہ المتقين“ سنڌيءَ ۾ هن ڳالهه کي قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن سان ثابت ڪيو اٿس، ته هر هڪ عالم ۽ عارف تي فرض آهي ته اسلام ۽ مسلمانن جي ديني ۽ دنيوي سڌاري لاءِ پاڻ کي حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلواة و السلام جن جي سچن خليفن جو خليفو ڪري سمجهي ۽ ائين عملي زندگي گذاري. ازانسواءِ ”تحريڪ خلافت“ جي زماني ۾ بہ هن بزرگ جيڪا عملي سرجوشي چپ چاپ ۾ ڏيکاري هئي. اهڙي ان وقت جي ٻئي ڪنهن بہ سجاده نشين نہ ڏيکاري هوندي.
هن بزرگ پنهنجي والد واري عهدنامي تي نئين سر مريدن کان بيعت ورتي. بمبئي ۽ ٻين ڏورانهن شهرن جي مريدن کي بيعت وٺڻ لاءِ پنهنجا خاص خليفا مقرر ڪيائين.

علمي ذوق شوق ۽ خدمت
پير ميان رشد الله علمي ۽ علمي ذوق شوق ۽ تعليمي خدمت بجاءِ اُٿڻ ۾ سنڌ جي سڀني سجاده نشينن جو نڪ ٿي گذريو آهي. پارسي ۽ عربي علم جي تحصيل ڪرڻ بعد هن ڪتابن گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جا قديم شهر، جي گهڻي زماني کان وٺي علم جو مرڪز هئا، جهڙوڪ سيوهڻ، ٺٽو، هالا پراڻا، مٽياري، پاٽ، درٻيلو وغيره وغيره تن مان هر هڪ شهر جي هر هڪ علم دوست خاندان جا ڪتب خانا ناڻي سان يا ڀلائي ٿوري سان آڻي پاڻ وٽ گڏ ڪيائين، نہ رڳو ايترو بلڪ هزارها رپيا خرچ ڪري مڪي معظم، مدينه منوره، القاهره (مصر) جي ڪتب خانن مان عجيب عجيب ڪتاب نقل ڪرائي پنهنجي هٿ ڪيائين. حيدرآباد دکن ۽ ڀوپال رياستن جي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن نقل ڪرائڻ تي هزارها روپيا خرچ ڪيائين، جيتوڻيڪ سندس رحلت کان پوءِ سندس پس ماندن جي وچ ۾ تڪرار ٿيئڻ ڪري سندس ڪتب خانو گهڻي قدر هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، ته بہ هن وقت سندس هاڻوڪي سجاده نشين پير ميان ضيا الدين صاحب جي قبضي ۾ جيڪو ڪتب خانو وڃي بچيو آهي، تنهن ۾ سترهن وڏا ڪٻٽ آهن، جي ڪتابن سان سٿيا پيا آهن، جن ۾ هر علم ۽ هر فن جا ڪتاب (ڇاپيل خواه هٿ لکيل) سلسلي وار قطارن ۾ موجود آهن.
پير رشد الله ايترن سارن ڪتابن کي رڳو ڪتب خاني جي سونهن ڪريو نہ رکيو ويٺو هوندو. پر رات ڏينهن ڪتابن جي مطالعه ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. نہ رڳو ڪتاب مطالعه پيو ڪندو هو، پر حاصل ڪيل واقفيت کي تصنيف جي صورت ۾ آڻيندو هو. پير صاحب عربي، پارسي ۽ سنڌي ۾ ڪل ستر کن ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان تمام ڪي ٿورڙا ڪتاب هن وقت تائين ڇاپجي پڌرا ٿيا آهن، ٻيا اڃا دستخط حالت ۾ ئي ڪتبخاني ۾ موجود رکيا آهن. ڪيترائي ننڍا نهايت عمدي هدايت وارا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇاپايائون، جن تي عمل ڪرڻ ڪري ڪتاب پڙهندڙن چڱو ديني ۽ دنيوي فائدو حاصل ڪيو آهي؛ جهڙوڪ ڪتاب (ارشاد المريدين و هدايہ المتقين) (مريدن لاءِ رهنمائي ۽ خدا ترسن لاءِ هدايت)، ”الفارقہ بين اهل الله و بين المارقہ“ (خداشناس ۽ گمراهن جي وچ ۾ تفاوت سمجهائيندڙ).
پير صاحب نہ رڳو پاڻ تصنيف ڪرڻ ۾ رڌل هوندو هو؛ پر وٽس رهندڙ مولوين کان بہ جدا تصنيفون ڪرائيندو هو ۽ اهي انهن مولوين جي ئي نالي سان شايع ڪرائيندو هو. انهن مولوين ۾ سندن استاد مولوي فتح محمد بن حاجي عبدالله بن حاجي غلام علي بن خدا بخش بن غلام علي بن قيصر خان نظاماڻي (ٽنڊه قيصر شهر جو باني) برک هوندو هو، مولوي عبدالله ۽ مولوي محمد اسماعيل وغيره تصنيفات ۾ ان سان شامل رهندا هئا. انهن مولوين جا ٺاهيل عربي، پارسي، سنڌي ڪتاب بہ اڃا ڪتبخاني ۾ دسختط رکيا آهن.
پير ميان رشد الله سجاده نشين ٿيڻ کان ٻہ سال پوءِ سندس والد واري ”مڪتب قرآن“ کي وڌائي مدرسو ڪيو، جنهن ۾ وڏي پيماني تي پارسي ۽ عربي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ پري پري جا طالب علم اتي تعليم اچيو حاصل ڪندا هئا. اڍائي سئو کن طالبعلم ان مدرسي ۾ تعليم وٺندا هئا ۽ مدرسي جو ماهوار خرچ ٻارهن سئو روپيا هوندو هو. مدرسي جو نالو ”دارلرشاد“ (رهنمائي جو گهر) هو ۽ شروعات (هجري 1319) (عيوسي 1901) کان وٺي سانده ڏهه سال هن مدرسي جو هيڊ معلم مولوي عبيدالله صاحب هو، جنهن جي زنده دلي ۽ حريت پسندي نہ رڳو سنڌ ۽ هندستان ۾ بلڪ پري پري مشهور آهي.

پير ميان رشد الله جو ڪلام
پير صاحب جن جو پارسي ۽ سنڌي موزون ڪلام خواه ڪافيون۽ مولود شريف توڙي ڏوهيڙا وڏي ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهن، جو ڪتاب اڃا اڻ ڇاپيل آهي:
شاه صاحب پارسي غزليات ۾ پنهنجو تخلص ”اواهه“ (نماڻو) ڪم آندو آهي، باقي سنڌي غزلن، ڪافين، مولودن ۽ ڏوهيڙن ۾ پنهنجو اصلوڪو نالو رشد الله ڪم آندو اٿن.
پير صاحب جن جو سمورو ڪلام سندن وارث جيڪڏهن ڪنهن ادبي سوسائٽي جي حوالي ڪن، ته هوند سنڌي ادب ۾ نمايان اضافو ٿي پوي. اسين پير صاحب جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏيون ٿا:
غزل پارسي
منم خريده غلام تو يا رسول الله
بگوش خلقہ لا م تو يا رسول الله
نشستہ مستعدم از طواف فرقد تو
پانتظار پيام تو يا رسول الله
بده مرا بجوار مزار تو منزل
بحق آل ڪرام تو يا رسول الله
به پيش رضئه پاکت کنم بعجزو نياز
درود ورد و سلام تو يا رسول الله
مرا بحق که پس از ذکر نام او ديگر
پسند نيست زنام تو يا رسول الله
بخاطر اين ست تمناڪ ريش را جاروب
ڪنم بصحن منام تو يا رسول الله
براءِ ديده ڪنم تو تيا زتہ خاطر
زخاڪ گاهه حرام تو يا رسول الله
دريين ديار پر از فتن بنده اواه
گزيد انس ڪلام تو يا رسول الله

پير رشيد الدين

پير ميان فضل الله شاه جهنڊي واري کان پوءِ سندس ڀاءُ پير رشيد الدين گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي خدا تعالى اعلى روحانيت سان گڏ شاعريءَ جي ڏات بہ بخشي هئي. هن صاحب کي ”بيعت ڌڻي“ بہ چوندا هئا. ڇاڪاڻ جو هن صاحب پنهنجن سڀني مريدن کان هڪڙي عهدنامي تي عمل ڪرڻ لاءِ بيعت (انجام) ورتي هئي.
انهن اوڻيهن شرطن جي سمجهاڻي قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن سان تفصيلوار ڪتاب جي صورت ۾ تيار ٿيل آهي، جو ڪتاب پير صاحب جي فرزند پير ميان رشيد الله هجري سنه 1303 (1219ع) ۾ ڇاپايو هو ۽ ان ڪتاب جو نالو ”بيعت نامو“ رکيو هو. انهيءَ بيعت جو پير صاحب جي مريدن تي تمام چڱو اثر ٿيو هو.
پير ميان رشيد دين پنهنجي ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي تعليم جو وڏو مڪتب جاري ڪرايو، جنهن ۾ شاگردن کي قرآن شريف بر زبان ياد ڪرايو ويندو هو ۽ ڪيترائي پرديسي شاگرد اتي تعليم وٺندا هئا. ان وقت جا ڪيترائي حافظ سنڌ ۾ پکڙيل آهن.
پير ميان رشيد الله نهايت سادگي پسند بزرگ هو، هميشہ ڪاري کٿي، ڊهو اڇو پهراڻ، هلڪي ڪانچ، هلڪو پٽڪو، سنڌي جتي سندن لباس هوندو هو. هڪڙي ڀيري سندس وڏي فرزند پير حامد شاه قميص پاتي هئي ته ان کي ٽوڪي اها قميص لاهرائي ڇڏيائون.

پير رشيد الدين جو ڪلام
پير رشيد الدين جئن اعلى درجي جا درويش بزرگ هئا، تئن سندن ڪلام بہ اعلى درجي جو ۽ حقيقي عشق، پيغمبر ڪريم صلعم جن جي حد محبت ۽ روحاني نڪتن ۽ نصيحتن سان ڀرپور آهي. سندن سمورو ڪلام صاف سنڌي ۾ آهي: ساروئي ڪلام ”علم عروض“ جي اصولن تي نه، پر ”علم موسيقي“ جي اصول تي ٺهيل آهي، يعني ڏوهيڙا، مولود شريف ۽ ڪافيون آهن. ڪن ڪلامن ۾ پنهنجو سڄو نالو رشيد الدين ڪم آندو اٿن ۽ ڪن ۾ تخلص طور ”سيد“ نالو ڪم آندو اٿن.
اهو سمورو ڪلام ”مجموعہ ڪافين جو“ جي نالي سان هجري سنه 1329 (سنه 1911ع) ۾ پير صاحب جن جي خاص مريد سيٺ حاجي احمد پاٽولي ساڪن پڙ فقيرو شهر حيدرآباد سنڌ پنهنجي خرچ سان ڇاپائي بنا قيمت ورهايو هو. هن وقت اهو ڪتاب ڪنهن ورلي هنڌان هٿ اچي سگهندو. جيڪڏهن هن وقت اهو ڪلام سڌريل ٽائيپ ۾ ڇاپايو وڃي، ته جيڪر نج سنڌي ڪلام جي نسخي جو سنڌي ادب ۾ اضافو ٿي پوي.
اسين پير صاحب جي ڪلامن مان نموني طور ٿورا ڪلام هت ڏيون ٿا:
(1) ڏوهيڙو:
بقا با الله جي بحر ۾ ڇوها ڇڏيائون
رحمئون رشيد چوي وڃي لنڪا لنگهيائون
سي تڙ سوٺائون، جت ناهي جاءِ جهاز جي.“
(2) ڪافي:
بيرنگ رنگ وچ آيا – سيل ڪرڻ دي ڪاڻ
1- آک ”يسعني“ ڪيتس احساني،
صورت وچ سمايا
2- ”آنا اعرف“ دا آپ الاهي،
هرجا حڪم هلايا
3- ڪوڙين عاشق ڪرن الاهين،
”رب ارني“ رک رايا
4- ويک سيد سائين رمز سڻيندي
چال چاڪان دي چلايا.
(3) ڪافي:
پورن ڪيڙيس پارا – هلي آءُ هوت پيارا
نه اٿم حال هلڻ جو موٽج محب موچارا
ڍوليا موٽج ڍٽ جا سوڍا سخن سچارا
سختي واٽ سمير جي گهيڙ گهٽيون آهن گهارا
رحمتون رشيد الدين چوي سيد لهج سنڀارا.
(5) مولود شريف
مير مڪي مهندار اي جي مولى جا مختار
مرسل منهن ڏيکاريو
1- سرور تنهنجي سڪ کان الا جڙيا سڀ جنسار
ربوبيت رب ڪئي آهي اوهان لئي اظهار
مرسل منهن ڏيکاريو. الا مير مڪي مهندار.
2- آگي عرش اُڻايو ان کي پريم سان پيزار
مولا جو محبوب تون الا درس ٿئين دلدار
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
3 عاصي عاجز آهيان الا احمد تو آڌار
سائين ڪارڻ سيدا منهنجو غور ڪيو غمٽار
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
4 رحمئون رشيد الدين چئي منهنجو دست ونو دلدار
عاجز عصيانن ۾ آهيان شافع ري شمار.
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
پير صاحب جن جي ڪلام جي مجموعہ ۾ ٻہ سو نو ڪافيون ۽ مولود، ڏهه ڏوهيڙا، چار لوليون ۽ هڪ ڇلو آهي. هتي ڏيکاريل نمونو يڪمشت نمونو ضرور ڄاڻڻ گهرجي.

صوفي آسورام (هالا پراڻا) (1824ع)

ماستر آسومل عرف صوفي آسورام ساڪن هالا پراڻا هڪڙو درويشن جو نوازيل ۽ علم وارو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.

ولادت ۽ ننڍپڻ
ماستر آسومل تاريخ 21 مهيني اسو سنبت 1910 (1824ع) ۾ ڄائو هو. اصل نالو آسومل هوس، پر پينشن وٺڻ ۽ فقيراڻي ويس ڍڪڻ کان پوءِ صوفي آسورام يا ساڌو آسورام سڏيندا هئس.
ساڌو آسورام جي پاڙي ۾ هڪڙو خدا پرست معذور درويش سيد فقير علي شاهه نالي رهندو هو، جو معذور هوندي بہ اعلى درجي جو نبض شناس ۽ حاذق حڪيم هوندو هو. وٽس بيمارن جا سدائين ميڙ لڳا پيا هئا ۽ ڪيترائي نوجوان خواه ڇوڪر وٽس دوائن سٽڻ ڪٽڻ جو ڪم پيا ڪندا هئا ۽ طبابت جي تعليم پيا حاصل ڪندا هئا. ساڌو آسورام اسڪول جي تعليم وٺڻ واري زماني ۾ ان سيد جي حاضري بہ پيو ڀريندو هو ۽ دوائن جي سڃاڻپ ۽ نبض شناسي جي تعليم بہ پيو وٺندو هو. ساڌو آسورام کي تصوف جو شروعاتي اثر بہ اتان حاصل ٿيو. هڪڙي پاسي ڌرم شاسترن جو مطالعو، ٻئي پاسي آخونداڻي تعليم جو اثر. ٽئين پاسي تصوف جي مضمون وارن پارسي ڪتابن جو مطالعو ۽ چوٿين پاسي سيد فقر علي شاه جهڙي خدا آگاه درويش جي صحبت جو اثر انهن ڳالهين ساڌو آسورام جي دل کي سچي مذهب جي واٽ هٿ ڪرڻ لاءِ بي قرار ڪيو. اڃا ڳرٽ جوان هو، ته مجازي عشق جي لپيٽ بہ لڳي ويس، پر ما.ئٽ سکيا آسودا هئس، تن ترت شادي ڪرايس، جنهنڪري مجازي عشق ۾ گمراه ٿيڻ جي بدران وري سنئين رستي تي اچي ويو.
ويهن ورهين جي عمر اندر ساڌو آسورام سڄو قرآن شريف بہ پڙهيو ۽ انجيل بہ مطالع ڪيائين مگر ڪو ڪامل رهنماءِ ڪونه ٿي هٿ آيس، جو هن جي حق ڳوليندڙ روح کي هڪ ٺڪاڻي ڪري. انهيءَ وهيءَ ۾ هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ ماستريءَ جي تعليم وٺڻ ويو ۽ اتان ڪاميابيءَ سان پاس ٿي نصرپور جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿي ويو. اتي سيد مصري شاه جي صحبت مان هن کي چڱو فيض ۽ قرار حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو اٿس. اتان وري جهوڪ شريف جي واقفيت مليس. پوءِ جئن جهوڪ شريف وارن صوفي درويشن سان وڃي صحبتي ٿيو. تئن سڀ اندر جا مونجهارا لهي ويس ۽ جهڙو سالڪ صوفي چئجي، تهڙو بڻجي پيو توڙ تائين انهيءَ قدم تي قائم رهيو.

صوفي آسورام جو ڪلام
سنڌ جي شاعرن ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نہ آهي، جيترو صوفي آسورام جو آهي. صوفي آسورام جي ڪلام جا ٽي وڏا ڪتاب موجود آهن:
1- ديوان آسو، 2 – رساله آسو، 3- پريم غنچه
انهن مان ”ديوان آسو“ 1897ع ۾ لکي تيار ڪيو هئائين ۽ سندس ئي حياتيءَ ۾ ڇاپجي چڪو آهي، جو مسٽر ويڙهي مل کٽڻ مل پبلشر بڪسيلر لاڙڪاڻه واري ڇاپي پڌرو ڪيو آهي ۽ باقي ٻہ ڪتاب اڃا صوفي آسورام جا هٿ لکيل سندس وارثن وٽ موجود آهن.

صوفي آسورام جي ڪلام جي عبارت ۽ مضمون
1- ٻولي
ٻوليءَ جي لحاظ سان صوفي آسورام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙو اهو ڪلام اٿس جنهن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانت سان خاص تعلق رکندڙ اهڙآ ڏکيا سنسڪرت لفظ ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو بہ مسلمان ته سمجهي نہ سگهندو، پر سڀڪو هندو بہ ڪنهن “ڪوش“ يا ”ڊڪشنري“ کولڻ ڌاران معلوم ڪري نہ سگهندو، پڻ تصوف سان خاص تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو بہ هندو ته سمجهي ڪونه سگهندو، پر سڀڪو مسلمان بہ ڪنهن ”لغت“ اٿلائڻ ڌاران پروڙي نہ سگهندو.
(1) مثال
”جي ڀائين ملان محب کي ته من ۾ رک محبت
من، ٻڌ، چت، اهنڪار ڇڏي ناداني نخوت
خناس، نفس، شيطان جي لڳي قلب ۾ ڪلفت
نفس آماره جي من مان وڃائج وسعت
چار ساڌن گيان سين سچي رک صحبت.“
مضمون:
صوفي آسورام جي سموري ڪلام جو مضمون اهڙو اعلى ۽ دلچسپ آهي، جنهن جي تعريف جيتري ڪجي اوتري ٿوري آهي.
”رساله آسو“ ڀاڱي پهرئين جي هر هڪ سٽ جو مضمون شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي وارن سرن جي مضمون سان لڳ ڀڳ رکيو اٿس. فقط ”سر ڌناسري“ ۽ ”سربسنت“ جي مضمونن ۾ هي تفاوت رکيو اٿس، جو شاه صاحب سر ڌناسري ۾ حضرت مديني جي مير عليہ الصلاة والسلام کي صدائون هنيون آهن ۽ صوفي آسورام حضرت مديني جي مير کي صدائن سان گڏ حضرت جيلاني بادشاه ۽ پنهنجن بزرگ مرشدن کي بہ صدائون هنيون آهن.
”سربسنت“۾ شاه صاحب ديس جي حالتن موافق بهار جي موسم جا قدرتي نظارا بيان ڪيا آهن ۽ صوفي آسورام صاحب بهاري موسم جي قدرتي نظارن جي بيان سان گڏ هوري کيلڻ، گلال ڇٽڪارڻ کي بہ روحاني رنگ ۾ ڳايو آهي.
”رساله آسو“ جي پهرئين ڀاڱي کان سواءِ ٻيو جيڪو بہ صوفي آسورام جو ڪلام آهي، تنهن ۾ هيٺين مضمونن کي جدا جدا لفظن، طرزن ۽ جدا جدا رنگن ۾ وري وري پي ڳايو اٿس:
(1) خدا تعالى جي هيڪڙائيءَ ۾ ويساه ۽ بت پرستي خواه مخلوق پرستيءَ تي ڌڪار.
(2) خدا تعالى سان سچو عشق رکڻ ۽ دنيا جا فرض ٻاهرين اکرين پورا ڪرڻ.
(3) مرشد ضرور وٺڻ ۽ مرشد جي هدايتن موجب هلڻ.
(4) دنيا جي فنائي ۽ روح ۽ رب جي تعلق جو دائمي بقاءُ.
(5) يوگ وديا، ويدانت ۽ تصوف جي ڀيٽ ۽ سڀني مذهبن جو مقصد ساڳيو سمجهڻ.“
(6) فقيريءَ سان تعلق رکندڙ هدايتون ۽ نصيحتون.
هت فقط نموني خاطر صوفي آسورام جي ڪلامن مان ٿورڙا چٽڪا ڏيون ٿا.
(1) خدا تعالى جي هيڪڙائي
ڀڄن (سر شام ڪلياڻ)
دين ڪفر سڀ ڇوڙ سياڻا
صاحب سڀ تي نيارا
1- الڳ الله هڪڙو ئي آهي سو قادر ڪلتارا،
پاڻ ۾ پاڻ کي ڏس پيهي کولي اندر جا تارا.
2- هر جا حاضر آهي ڏس تون ”ونحن اقرب“ اشارا،
باقي بقا تنهن پاڻ ڌڻي کي ٻيا فاني جگ سار.ا
3- لا ابالي سرڪار تنهين جي ڪنبندو رهج هوشيارا،
ڪنهنکي ڪهائي ڪنهنکي نوازي عجب سندس اسرار.
4- ”آسو“ قلب اجارج سچ سان ٻيا ڪر دور خسارا،
”لا“ جو ترهو کڻ تون سنگي ٻيا ناهن ڪي چارا.
(پريم غنچو)
پٿر نہ پوڄ
ڀڄن (سر جوڳ)
مول ڇڏي جو پڪڙي ڏاري
تنهن جي سڌ گم ٿئي ساري.
1- ڌڻي نہ سوجهي پٿر کي پوڄي
اندر تنهنجي انڌ انڌاري........
2- ”الف“ بنان ٻيا اکر اجايا
”آسو“ سٽ سا آهي ساري......
رساله آسو ڀاڱي پهرين مان ٻہ ٽي ڏوهيڙا
1- سو ٿيو اثبات- جڏهن هيءُ ٿيو گم هن ۾،
نڪا دوزخ بهشت جي حورن سندي تات،
ويئي ذات ۽ بات – آسو انهن جسن مان.
(يمن ڪلياڻ)
2- ٻل ٻيڙيءَ ڇڏيو ڏنو پيس ڏنگو،
آلات الڙي آسو چوي ڍيري ٿيو ڍنگو،
شال م ٿئي ونگو – ڦرهو هن ڦٽل جو،
(سر راڳ)
3- رکيو شاه عنايت الله هادي سنڌ تي هٿ،
اڏاڻو آڪاس ۾ جنهنجو روحي رٿ،
ملي وڏي وٿ – آسوءَ کي احسان سان.
4- غوث اعظم اوليا آهي عبدالقادر،
دادلو درگاه جو مانجهي منور،
جنهن کان طريقو قادري سربستو صادر،
واهر ڪندو ور – اوکيءَ ۾ آسو چوي.
5- اهل الله اوليا آهي عبدالملڪ،
جنهن جو ٻنهي جهانن ۾ جهومر جهلي جهلڪ،
تنهن کي نمي فلڪ – سوڀيا رسايئين سنڌ کي.
(سر ڌناسري)

”ديوان آسو“ مان ڪي نظم

مٺو ٻول
ٻول جو ٻولين مڪان سو ٻول سڀ،
ڪينڪي آکج ڪڏهن منهن سان ڪڀ.
ملڪ گيري ٿا چون شيرين زبان،
ٻاٻري ڪانڊي ڪنڊي جئن ڪيم چڀ،
ٺاهه ڪو ويري جي من سيتل هجي،
پوءِ ويريءَ جي فڪر ۾ ڪيم ڌڀ،
پاڻ جي آهي ڀلو تان جڳ ڀلو؛
دل و جان سان منجهه پر اپڪار رڀ.
ري فضل آگي جي آسو ناه نيت؛
ڪئن پوي اڳڙي جي ڦاٽي پيوءِ اُڀ.
(غزل 14)

صلاح وٺ
پاڻ ڏاهو جي هجين ته بہ نيڪ وٺ ٻئي کان صلاح،
ڇو ته ڪم پورو ٿيئڻ ڏاڍو ڏکيو ڌاران صلاح.
پارا ڪرڻ جو پيو بس پرجهه آهي پنڌ تو،
پاتڻي کي سڏ ڪرڻ سيڻهه نہ ڇڏ هٿ مان صلاح.
هڪ ڪپر ٻيو ڪن جا ڪڙڪا ٽيو ڪچايون ڪيتريون،
سير سالم تان لنگهڻ کڻ سنڍ سچ جو تان صلاح.
لهر ليٽايا لکين ٻيڙا اڃا پيو اوجهرين،
سمهه نہ سک ٿي هت پون ٿا هل ۽ هنگامان صلاح.
جوپ رک ڳن ونجهه اولا سڙه رسا کوها سکان،
سڙ رساڻي سو سونهرن کڻ تار اونهي تان صلاح.
ڀؤ نہ ڀولو آه آسو جن ڀڄن ڀڳوان ڪيو،
ڪين ٻڏنديون هڏ ڪڏهن جن جي ٿي ساهڙ سان صلاح.
(غزل 52)

مولوي عبدالغفور همايوني (1844ع – 1918ع)

مولوي صاحب سنڌ جو هڪ مشهور عالم ٿي گذريو آهي جنهن جون 2 تصنيفون اسان جي هٿن ۾ پهچي ويون آهن. هڪ آهي فتاوى همايوني ۽ ٻيو آهي سندن ديوان. هي بزرگ 1261 هجري بمطابق 1844ع ۾ همايون ضلع جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو، سندن آباد و اجداد وڏا عالم ٿي گذريا آهن. جن وٽان ئي مولوي صاحب جن علم حاصل ڪيو هو. عالم هئڻ سان گڏ پيري مريديءَ جو سلسلو بہ قائم رکندا آيا. کين هڪ وڏو دارالعلوم هوندو هو. جنهن ۾ ناياب پارسي ۽ عربي ڪتاب هوندا هئا، جي اڄ تائين موجود آهن. سندن مدرسي ۾ پري پري جا شاگرد اچي علم حاصل ڪندا هئا ۽ درس ڏيندي ڪڏهن ڪڏهن سندن اهڙي حالت ٿيندي هئي جو ايزدي جوش محبت ۾ مٿن سڪون جاري ٿي ويندو هو، جنهن جي لاءِ پاڻ پنهنجي شعر ۾ هئن ٿو فرمائي.
1- باه ڀڙڪي بره جي دل تي اٿيا ڏاڍا اڌام،
اي اکيون پاڻي وجهو ڳوڙهن سندو تنهنتي مدام.
2- وصل جو وعدو ڏنو تو بت ٿيو آ باغ باغ،
ڏک مڙيئي ڏور ٿيا سک ڏنا ساري سلام،
منجهه وڇوڙي يار جي هو بت اسان جو بيقرار،
دل گهڻيون دانهون ڪيون ٿي ننڊ نيڻن جي حرام،
يار مفتون ڏي ڏسو مرڪي هميشہ دمبدم،
ڪانه ٿس ٻي هير محبت آ غلامن جو غلام.

سندن تخلص ”مفتون“ هو. سندن شعر جي رواني ۽ جوش الفت جي جدت هيٺئين مشهور شعر مان سج وانگر پيئي بکي.
1- تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نہ رڳو.
2- تنهنجي جلوه جمال جي عشوه گري،
ٿيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن و ملائڪ حور پري،
دربان هزارين مان نہ رڳو.
3- ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا،
مخمور غفور مسرور سندا،
تنهنجي نور حضور ظهور سندا،
نگران هزارين مان نہ رڳو.
4- ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،
ڪيئي ناز مز مريد ڪيا،
ري ناڻي ديد خريد ڪيا،
سلطان هزارين مان نہ رڳو
5- ماه لقا محبوب مٺا،
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير امير و گدا،
حيران هزارين مان نہ رڳو.
6- دلبر پيا نور نظر
مسرور عالم مفتون سير
ٿيا توتان تارا شمس و قمر
قربان هزارين مان نہ رڳو.

مٿيون غزل مرصع آهي جنهن جي تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوششون ڪيون پر مفتون جي درجي تي اڃا ڪونه آيو آهي. هي ته آهي جوش ۽ جذبو جنهن جي اڌمي هي شعلو پيدا ڪيو آهي. ٻئي هنڌ پنهنجي حقيقي دوست جي وصف ۾ هڪ انوکو شعر چيو اٿس جنهن جهڙو اسان جي نظر تي اڃا ڪونه چڙهيو آهي. سنڌي ته بجاءِ خود پر اردو بہ اهڙي هام نہ هڻي سگهندو.
1- تنهنجي صورت گل گلاب چوان،
يا ملڪ سندو مهتاب چوان
تنهنجي منهن مٺي کي ماه چوان
يا مسجد جو محراب چوان
تنهنجي قد سڌي کي ڪان چوان
يا لفظ الف ايران چوان
يا سرو شهي جي شان چوان
تنهنجي لعل لبن کي لال چوان
يا عقيق يمن جي مثال چوان
يا قند چوان يا سرخ رنگين عناب چوان
دل مفتون جي کي مست چوان
مست سو روز الست چوان
يا باز بره جي دست چوان
يا شوق سندءِ ۾ ڪباب چوان.

هي شعر بيدل جو تتبعو آهي. بيدل جو سوز گداز ۽ رقت يگانگي درجي تي آهي مگر مفتون بہ ساڳي طرز تي درد جو اظهار ڪيو آهي.
مولوي صاحب جي تصنيفات مان ”فتاوى همايوني“ هڪ مشهور معروف ڪتاب آهي جو سند طور ڪم ايندو آهي، جنهن مان سندس علم ۽ فضائل جي روشني سنڌ کي مالا مال ڪري ٿي. سندس ٻيو ڪتاب ديوان مفتون آهي جو اڳ ۾ ڇاپيو آهي پر هن وقت ناياب ٿيندو ٿو وڃي.
مولوي صاحب 1336 هجري مطابق 1918ع ۾ وفات ڪئي ۽ سنڌ جو هڪ ادبي چراغ گل ٿي ويو.

سنڌ جو آفتاب ادب شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ

(از مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي)

سنڌ جي ملڪ ادب جو تاج ور مرزا قليچ
بحر معنى جو عجب در و گهر مرزا قليچ
صاحب علم و عمل ۽ صاحب فضل و ڪمال
صاحب خلق نبي هو سر بسر مرزا قليچ
عالمن جو شمس هو ۽ هو سيوطي سنڌ جو
صاحب تصنيف ذي شان اثر مرزا قليچ
صالح و مصلح هو ۽ هو صلح ڪل هر دلعزيز
عابد و زاهد هو ۽ هو راهبر مرزا قليچ
صورت و سيرت ۾ الحق بي مثال و بي نظير
هو بزرگ وقت ۽ والا گهر مرزا قليچ
عمر جو هر پير سال ۽ همت و دل جو جوان
پارسا پرهيزگار و پر هنر مرزا قليچ
سنڌ جو منهن ڪيئن مٿي تصنيف ۽ تاليف سان
سنڌ ۾ ساهت جي گهر جو کوليو در مرزا قليچ
عمر ساري صرف ڪيائين علم جي خدمت ۾ واه
سنڌ ۾ ساهت وڌايو خوبتر مرزا قليچ
هوا سندس آڏو ستارا سنڌ جا ساهت نويس
آسمان سنڌ جو شمس و قمر مرزا قليچ
هئي سنديس ڪڪ و قلم ۾ واه جا قدرت رکيل
هو وهائيندو قلم شام و سحر مرزا قليچ
سنڌي ساهت تي سندس احسان آهن بيشمار
جي ابو هو ڪو ادب جو، هو مگر مرزا قليچ
علم جا آثار ٿيا مرحوم جي اڄ يادگار
زنده جاويد آهي ۽ امر مرزا قليچ
خنده رو فرخنده خو خوش طبع خوشدل خوش مزاج
نيڪ فال و خوش خصال و خوش سير مرزا قليچ
محسن و مشفق هو سڀني تي ۽ هو منصف مزاج
صاف دل صوفي مزاج و صافتر مرزا قليچ
رحمتون رب جون هجن شل روح تي ان جي سدا
شال ماڻي لطف سان جنت ۾ گهر مرزا قليچ
سنڌ جي قديم خواه جديد اديبن ۾ مرزا جو درجو ممتاز آهي. جيتري سنڌي ادبي خدمت هن صاحب ڪئي آهي، اوتري ڪنهن بہ ٻئي نہ گذريل زماني ۾ ڪئي آهي ۽ نہ هلندڙ زماني ۾. هو سنڌي نثر جو علم بردار آهي. هن کان اڳ ۾ ننديرام، ڪيولرام، ڪوڙي مل سنڌيءَ ۾ بامحاوره ڪتاب جدا جدا مضمونن تي لکيا، پر جننهن تيزي ۽ روانيءَ سان مرزا صاحب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا تن جو اندازو اهو ڪري سگهندو جنهن اهي ڪتاب نظر مان ڪڍيا هوندا. ناٽڪ ۽ ناول نويسي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. مشهور ناٽڪ نويس شڪسپير جا ڪيترا ڊراما ترجمو ڪري سنڌي ادب جي کوٽ جي پوءِ واري ڪيائين. ناٽڪ نويسي علم ادب جو هڪ مکيه جزو آهي جنهن ڏانهن اسان جي سنڌي اديبن جو توجه بلڪل گهٽ آهي مرڳو آهي ئي ڪونه. انهن ناٽڪن ۾ مرزا صاحب پنهنجي شعر سان اصليت بہ قائم رکي آهي. سنڌي ناولن ۾ زينت بلند پايه جو ناول آهي جنهن جهڙو مثال اڃا سنڌ ۾ ظاهر ئي ڪونه ٿيو آهي. قصا ڪهاڻيون ته اڪيچار لکيون اٿس. جن جو بيان اڳتي ڏنو ويندو. مرزا صاحب ڪيترا ڪتاب ٻئن ٻولين مان ترجمو ڪري سنڌي ادب جو شان بلند ڪيو آهي، جهڙا تاريخ نويسيءَ ۾ ڪتاب لکيا اٿس تهڙا جدا جدا مضمونن ۾ انساني اخلاقن تي تصنيفون مرتب ڪيون اٿس. مطلب ته جهڙي سنڌي ادب کي نثر جي کوٽ هئي، اوترو قلم کي جنبش ۾ آڻي سنڌي ادب ۾ اضٰافو ڪيو اٿس. ائين بہ چوڻ جائز آهي ته مرزا جي نثر جي عدم موجودگيءَ ۾ سنڌي نثر هڪ بيجان هستي آهي. مرزا جي تصنيف ايتري گهڻي ۽ بلند پايه جي آهي جو ماڻهو حيرت ۾ پئجو وڃي ته هن صاحب کي پنهنجي منصب کان ايتري فراغت ڪئن ملي جو هيترا گهڻا ڪتاب لکيائين. مرزا صاحب جي خدمت نہ رڳو نثر نويسي تائين محدود آهي، پر آئينده جي نسل لاءِ اها رهنمائي ڪري ويو آهي جنهن جو شڪريه قوم کي هر موقعه تي ڪرڻو پوندو. بي – اي، ايم – اي جي نصاب ۾ سنڌي هجيئي نہ ها، جيڪڏهن اهو سنڌ جو علم بردار رهنمائي نہ ڪري ها.
مرزا صاحب نہ رڳو نثر نويس هو، پر نظم ۾ يگانو هو. شعر جي سڀنن شعبن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ سندس برابري رڳو سانگي ڪري سگهيو آهي. رباعيات ۾ سنڌ جو عمر خيام آهي. مرثيه گوئي ۾ ثابت علي شاه کان ڪنهن بہ صورت ۾ گهٽ نہ آهي. قصيده نويسي ۾ بي مثال شاعر آهي. قاسم قصيده جي شروعات ڪئي، پر قليچ هن جي تڪميل ڪئي.

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ صاحب (1853ع – 1929ع)

شمس العلماءِ مرزاق قليچ بيگ جو ڏاڏو جارجيا ۽ گرجستان (ايشيٽڪ ٽرڪي) جي گادي طفلس جي آسپاس رهندڙ هڪڙو جاگيردار عيسائي امير هو. ايران ۽ گرجستان جي جنگ ۾ هو عيال سميت جنگي قيدي ٿي ايران ۾ آيو هو. ان جو پٽ مسٽر سڊني جو ان وقت ٻار هو، سو بہ ساڻس گڏ جنگي قيدي هو. ايران جي هڪڙي جاگيردار سيد مرتضى شاه، مسٽر سڊني کي پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رکيو ۽ کيس مسلمان ڪري مٿس نالو رکيائين. فردون بيگ. تن ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي هٿ ۾ هئي.
سنڌ جا ٽالپر حاڪم جڏهن جڏهن ڪن سرڪاري ڪمن خاطر پنهنجا ايلچي ايران ڏي موڪليندا هئا، تڏهن انهن جي هٿان انسان سهڻا ۽ سلڇڻا ڇوڪر بہ گهرايو وٺندا هئا، جي گرجي جارجين هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهو ملڪ حسن ۽ سونهن جي ڪري مشهور هوندو هو. اڳي بہ ڪي گرجي ڇوڪر ٽالپرن وٽ آيل هئا، جهڙوڪ مرزا خسرو بيگ، مرزا محمد باقر بيگ، مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا رستم بيگ. مير ڪرم علي خان جو هڪڙو ايلچي ايران ۾ وڃڻ وقت اصفهان شهر مان سيد مرتضى شاه کان مرزا فريدون بيگ کي، جو اڃا ننڍي عمر جو ڇوڪر هو، وٺي آيو ۽ اچي مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ پيش ڪيائين، جنهن ان کي پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رکيو ۽ مرزا خسرو بيگ جي سنڀال هيٺ ڇڏيائينس. جو ان وقت نوجوان هو. جڏهن مرزا فريدون بيگ وڏو ٿيو، تڏهن مرزا خسرو بيگ پنهنجي نياڻيءَ سان شادي ڪرايس. جنهن مان مرزا فريدون بيگ کي ست پٽ ۽ ٻہ نياڻيون ٿيون. انهن پٽن مان ٽيون نمبر پٽ مرزا قليچ بيگ هو.
ميرن جي صاحبي ٽٽڻ کان پوءِ مرزا فريدون بيگ ٽنڊه ٺوڙهي ۾ وڃي رهيو جتي تاريخ 4 محرم هجري سنه 1270 مطابق سنه 1853ع ۾ مرزا قليچ بيگ تولد ٿيو.
مرزا قليچ بيگ قرآن شريف، پارسي، عربي ۽ سنڌي جي تعليم وٺڻ کان پوءِ حيدرآباد سنڌ جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم ورتي. اتان مئٽرڪ امتحان، پاس ڪرڻ بعد بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج.”بي- اي“ امتحان جي تعليم وٺڻ آيو؛ پر آخرين امتحان ۾ ناپاس ٿي پيو ۽ موٽي پنهنجي وطن ۾ آيو. مرزا صاحب کي پهريائين مختارڪاريءَ جو عهدو مليو ۽ پوءِ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. ٽيهه ورهه نوڪري ڪري سنه 1910ع ۾ پينشن ورتائين.
مرزا صاحب ٽي شاديون ڪيون هيون، انهن ٽنهي گهرن مان ڪل يارهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون ٿيس.
مرزا صاحب پنجهتر ورهيه جي عمر ۾ سنه 1929ع جي جولاءِ تاريخ 3 تي وفات ڪئي.
مرزا صاحب جون علمي خدمتون
سنڌ ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جيتري قدر علمي ۽ قلمي خدمتون ڪري ويو آهي، اتريون هن وقت تائين سنڌ جي ٻئي ڪنهن بہ اهل قلم نہ ڪيون آهن. هو جهڙو هو اورچ نثر نويس، تهڙوئي هو روشندل شاعر هر قسم جي مضمون جا ڪتاب انگريزي، پارسي، عربي ۽ ڪيترا ڪتاب پاڻئون تصنيف ۽ تاليف ڪيا اٿس. اخلاقي، مذهبي روحاني، تاريخي ڪتابن سان ڪيترن ئي عجيب ۽ نصيحت آميز ناولن، ناٽڪن ۽ عام واقفيت جي ڪتابن سان سنڌي لٽريچر کي ڀرپور ڪري ويو آهي. سندس تصنيفات نہ رڳو سنڌي زبان ۾ آهي، پر ڪي انگريزي نثر ۽ نظم ۾ بہ ڪي ڪتاب لکي ويو آهي. سندس ٺاهيل ڪتاب، جي ڇاپيل آهن. تن جو تعداد ڏيڍ سو کان زياده ٿيندو. ايترو ئي تعداد اڃا دستخط لکيل (اڻ ڇاپيل) سندس وارثن وٽ موجود آهي.
مرزا صاحب جي تصنيفات جون مڪمل ياداشتون ڪتاب ”قرب قليچ“ ۾ درج ٿيل آهن هت فقط ڪن ڪجهه مکيه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا.

چندن هار ڀاڱو ٻيو_ املهه ماڻڪ ڀاڱو ٻيو، موتين جي دٻلي ڀاڱو ٻيو، سوداءِ خادم ڀاڱو ٻيو، ڪشف اعجاز ترجمه ”گلشن راز“ پرشن جيمس انگريزي
1924ع طب مطبوع ۽ مخزن منظوم، مثنوي ترڪيب الانسان، شاهنامي وارا شاه_ وامق ۽ عذرا_ سائنس جا عجائب غرائب ڪم_ علم رمل مفتاح الرمل_ منهنجو عجيب قدرتي گهر_ خواب ۽ تعمير نامو.
1925ع منتخب المعلومات_ انساني سڌاري جي شروعات_ انگي حساب 4 ڀاڱا
1926ع عملي مذهب_ مصرنامو_ڪامل انسان _ مجمع المذاهب _ چين ۽ چيني ماڻهو _ شرح ديوان قاسم ۽ فاضل _ ۽ ماڻهو ڪيئن ٿا ڄمن 7 ڀاڱا.
1927ع بابل ۽ نينوا _ حضرت سليمان _ سچي مردانگي، گلدسته حمد و ثنا_ لسان الغيب _خطبا_ مطلع الانوار _ مثنوي مخزن الاسرار_ بدر منير ۽ بينظير _ صلح ڪل _ نا ڄاولن ماڻهن جا روح ٻہ ڀاڱا _ فقه جا عجيب مسئلا _ ماڻهو پنهنجو پاڻ طيب _ انسان جا محافظ ۽ موت کان پوءِ حيات _ عالمگير مذهب _ گلستان معرفت.
1928ع ٻڌو ۽ ڏسو _ غزل ۽ ڪافيون _ دنيا جي مختصر تواريخ _ ديوان قليچ _ باب ۽ بابي _ مولانا جلال الدين رومي _ ٽالپرن جي صاحبي (انگريزي ۾) خزانه زرينه فارسي _ ڪامل انسان_ زيب النساءِ سلطان علاو الدين ۽ راڻي پدمڻي_ پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس_ علم موسيقي _ حسن ۽ عشق ۽ ان جا ڪرشما 2 ڀاڱا _ حسينه.

مرزا قليچ بيگ جا جوڙيل ڪتاب

ديني ڪتاب:
1- مفتاح القرآن پارسي، 2- راه نجات، 3- علامات القرآن، 4- ڪيميائي سعادت، 5- لطيف معرفت، 6 – حقائق الارواح، 7- اسلامي رسالو، 8 – اسلامي تعليمي ڪتاب چار ڀاڱا، 9- حالات الاوليا، 10- مقالات الاوليا، 11- ڪرامات الاوليا، 12- صداقت الاسلام، 13- زاد الا آخرت، 14- نصيحت نامه امام غزالي، 15- ميراث المسلمين، 16- مجالس الشهداءِ، 17- انجيل مرقس ۽ متى ۽ زبور، 18- ردتثليث، 19- ضمان الفردوس، 20- يوسف ۽ فاطمه، 21- اشعارالقرآن، 22- در نجف.

اخلاقي ڪتاب:
1- مقالات الحڪمت، 2- علم اخلاق، 3- تهذيب الاخلاق، 4- جواهر الاخلاق، 5- گلشن الاخلاق، 6- اخلاق القرآن والحديث، 7- اخلاق النسا، 8- اخلاق صوفيه، 9- خود ياوري، 10- فرايض انساني، 11- روحاني تعليم.

تاريخي ڪتاب:
1- تاريخ سنڌ، 2- تاريخ محمدي، 3- رستم پهلوان، 4- پارسي زبان جي تاريخ، 5- شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، 6- رساله ڪريمي (شاه ڪريم جو احوال)، 7 – ثابت علي شاه شاعر جو احوال ۽ مرثيا، 8 – سنڌي زبان جي تاريخ، 9 – ڏاڙهياري جبل جو سير.

زالن جا ڪتاب:
1- اخلاق النسا، 2- صحت النسا، 3- تعليمي حڪمت، 4- هدايت النسوان.

ناٽڪ ۽ نقل:
1- خورشيد، 2- بڪاولي، 3- ليلى مجنون، 4- نورجهان، 5- نادر شاه، 6- شڪنتلا، 7- حسنا دلدار، 8- شاه ايليا، 9- شمشاد مرجانه، 10- گلزار ۽ ٺوڳي، 11 – نيم طبيب ۽ نيم ملا، 12- انڪوائري آفيسر، 17- شيخ چلي اڱڻ مسخرو، 18- حرڪت مان برڪت.

قصا يا ناول:
1- دلارام 2- دلپسند قصا (ٻه ڀاڱا) 3- زينت، 4- موهني، 5- گلن جي ٽوڪري، 6- حاجي بابا اصفهاني، 7- سنڌ باد جهازي.

علمي ڪتاب:
1- علم دستور المعاش 2- پوک ڪرڻ جو علم ۽ هنر 3- باغ ۽ باغباني 4- جانور 5- پکي 6- عالم آلي 7- سرندڙ ساه وارا 8- حشرا الارض 9- عجائب غرائب 10- عالم خواب 11- مقناطيس حيواني 12- اسرار حڪمت 13- عالم ارواح.

شعر جا ڪتاب:
سودائي خام، رباعيات عمر خيام، ابڪارا لافڪار (پنج ڀاڱا) گرجي نامه.

متفرقه:
مخزن القوامي، دلپسند لطيفا (ٻه ڀاڱا)، لغات لطيفي، سر سهڻيءَ جي تشريح.

انگريزي ڪتاب:
ليير آورس (شعر)، هسٽري آف سنڌ (ٻه جلد)(، اسلامڪ ٿياسفي، پرشن پرسڊي، پرشن ايٽيمالوجي، لائف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي، فئلالاجيڪل ڪويريا سٽيز، پرشن جيمس (شعر ٻہ ڀاڱا).

مرزا صاحب جا ڪي خاص نظمي ڪتاب
مرزا صاحب جا نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب گهڻيئي آهن، جن جا نالا شامل ٿيل ياداشت مان روشن ٿيندا پر اسين هت فقط سندس ٽن چئن خاص نظمي ڪتابن بابت ڪجهه لکڻ مناسب ٿا ڄاڻون، جن جي بيان ڌاران مرزا صاحب جي شاعريءَ جو بيان نامڪمل ليکيو ويندو.

(1) سودائي خام
مرزا صاحب پنهنجي ننڍڙيءَ وهيءَ کان وٺي پيريءَ تائين جيڪي ناٽڪي ڪتابن لاءِ عاشقانه ۽ اخلاقي شعر ٺاهيا آهن، يا جيڪي فرمائشي نظم، صوفيانه ڪلام زماني جا تجربا، پنهنجي ڏک سک جا احوال ۽ عام واقفيتون نظم ۾ بيان ڪيون آهن، سي ٻن جلدن ۾ گڏ ڪري مٿن نالو رکيائين ”سودائي خام“ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو. پهريون ڀاڱو ڇاپيل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو اڃا اڻ ڇاپيل آهي.
”سودائي خام“ ۾ سمايل شعر کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) پارسي شعر (2) اردو شعر (3) سنڌي ۽ (4) متفرقه اشعار.
منڍ ۾ پارسي شعر ڏنل آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجن بزرگن جي وفات جون تاريخون ۽ ولادت جي سنه بابت قصيدا، قطعا ۽ رباعيون لکيون آهن. تنهن کان سواءِ ويهارو کن غزل، ٽيهارو کن خاص رباعيون ۽ مفردات لکيا اٿس. جن ۾ عاشقانه، صوفيانه ۽ اخلاقي مضمون ۽ ڳجهارتون خواه هزليات لکيل آهن. سنڌي شاعرن ۾ مرزا صاحب جيترو ۽ ان جهڙو عمدو پارسي شعر ٻئي ڪنهن بہ شاعر جو شايع ٿيل نہ آهي، بنان کٽڪي چئي سگهجي ٿو ته سودائي خام واري پارسي شعر ۾ سنڌي شعر کان وڌيڪ نزاڪت، پختگي ۽ ميٺاج رکيل آهي.
اردو زبان ۾ مرزا صاحب جا پنڌرهن کن غزل ”سودائي خام“ ۾ داخل آهن، جن جي ساخت بہ سنڌي غزلن کان وڌيڪ پختي ۽ لذيذ آهي. انهن غزلن ۾ رڳو عاشقانو ڪلام آهي.
سو کن سنڌي غزل جي ”سودائي خام“ ۾ آهن، تن مان ڪي ٿورا غزل مرزا صاحب جن جا وڏي عمر ۾ لکيل ڏسجن ٿا نہ ته ٻيا سڀ سندس ننڍپڻ ۽ ڦوه جوانيءَ جي وقت جا ٺاهيل آهن. انهن غزلن جو گهڻو انداز مرزا جن پنهنجن ناٽڪن ۾ ڪندو هو جتان نقل ڪري ”سوداءِ خام“ ۾ داخل ڪيو اٿس.
متفرقه اشعار ۾ ڏوهيڙا، ڪافيون مخمس، مسدس ۽ ترجيح بند ڏنل آهن ۽ ڪي فرمائشي شعر جهڙوڪ آفيسرن جي مرحبا جا غزل ۽ جلسن جشنن جي موقعي لاءِ راڳ يا تعليم کاتي جي درسي ڪتابن لاءِ ٺاهيل نظم بہ متفرقه اشعار ۾ شامل آهن.

(2) ديوان قليچ:
مرزا صاحب تي جڏهن سندس ڪن دوستن زور رکيو ته پنهن جو ڪم ”ديوان“ (غزلن جو ڪتاب) تيار ڪر، تڏهن پنهنجا سمورا سنڌي غزل ۽ سنڌي قصيدا جي سودائي خام جي ٻنهي جلدن ۾ آيل هئا، سي درست ڪري ”الف بي وار“ ”ديوان قليچ“ ۾ داخل ڪيائين ۽ جن جن رديفن وارا غزل سودائي خام ۾ موجود نہ هئا، سي نوان تيار ڪري ”ديوان قليچ“ مڪمل ڪيائين.
مرزا صاحب پنهن جي وفات کان فقط چار مهينا اڳ ”ديوان قليچ“ کي جوڙي راس ڪيو هو، تنهن ڪري اهو ديوان اڃا اڻ ڇاپيل آهي، مگر پڪ آهي، ته اهو علمي ۽ اخلاقي خزانو جلد ئي شايع ٿي ويندو.
”ديوان قليچ“ ۾ ڪل چار سؤ ٽيٽيهه غزل ۽ قصيدا آهن، سڀ سنڌي زبان م آهن. ڪو بہ پارسي يا اردو غزل ”ديوان قليچ“ ۾ داخل نہ آهي.

(3) رباعيات عمر خيام:
عمر خيام جون پارسي رباعيون دنيا ۾ مشهور آهن، يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ان جا ترجما (نظم خواه نثر ۾) آهن.
مرزا صاحب مرحوم جنهن جي منشا هوندي هئي ته هر نموني جي مضمون (نظم خواه نثر) سان سنڌي ٻوليءَ کي ڀرپور ڪجي، تنهن هنن پارسي رباعين جو سنڌي رباعين ۾ ترجمو ڪيو آهي.
رباعي پنهنجي شعر جو تمام ڏکيو نمونو آهي ۽ سنڌ ۾ رباعي ساز شاعر ڪي ٿورڙا آهن، پر پارسي رباعي کي سنڌي رباعيءَ جي صورت ۾ آڻڻ، اهڙيءَ طرح جو هر هڪ پارسي مصرع جو مضمون سنڌي مصرعه ۾ سمائجي اچي. وزن بہ ساڳيو قائم رهي ۽ سنڌي بہ سليس ڪم اچي، سو وڏو ڪمال چئجي.
هيٺ نموني خاطر ٻہ رباعيون ڏيون ٿا (اصل ۽ ترجمو) جن تي غور ڪرڻ سان آسانيءَ سان سڀڪو چئي سگهندو ته مرزا صاحب ڪو معمولي شاعر نہ هو، پر ڪماليت رکندڙ شاعر هو.
(1) اصل.
اين دهر که بود مدتي منزل ما
نامد بجز از بلا و غم حاصل ما
افسوس که حل نہ گشت يک منگل ما
رفتيم و هزار حسرت اندر دل ما.
(ترجمه)
هن دهر ۾ جت هئي اسانجي منزل
ٿيو ڪين سواءِ غم جي ٻيو ڪي حاصل
افسوس! اسان جي حل نہ ٿي هڪ مشڪل
وياسون ۽ رهي هزار حسرت منجهه دل.
(2) اصل
امروز تو دست رس فردا نيست
وانديشئه فردا بجز سودا نيست
ضايع مکن ايندم ار دلت شيدا نيست
که اين باقي عمر را بقا پيدا نيست
(ترجمه)
اڄ توکي سڀان جي دسترس اصلاح ناه
۽ فڪر سڀاڻيءَ جو سواءِ سودا ناه
هي دم نہ وڃائي جي اٿئي دل بيدار
هت باقي عمر کي بقا پيدا ناه.
پارسي رباعيون پنج سئو آهن، پر مرزا صاحب يڪ مشت نمونه خروار موجب فقط هڪ سئو ٽيهه رباعيون سنڌيءَ م ترجمو ڪيون آهن.

(4) ڪشف اعجاز:
مولانا سعد الدين محمود شبستري جو ٺاهيل مثنوي گلشن راز مشهور آهي، جنهن ۾ تصوف جا ڳوڙها نڪتا ۽ روحاني عجيب گفتا ڏنل آهن. مثنوي گلشن راز جي جهڙي پارسي زبان ڳوڙهي، تهرو مضمون، پر مرزا صاحب هر هڪ پارسي مصرع کي سنڌي مصرع ۾ آڻيندو ويو آهي: سنڌي بہ وري سليس.
ڪتاب جو اصل نالو گلشن راز (ڳجهو باغيچو) پر مرزا صاحب سنڌي ترجمه تي نالو رکيو آهي ڪشف اعجاز (ڏکي ڪم جي پڌرائي) سچ پچ ته تصوف جا ڏکيا ڳوڙها راز مرزا صاحب سنڌيءَ ۾ کولي پڌرا ڪيا آهن. انهيءَ ساري ڪتاب جي ترجمه ڪرڻ ۾ فقط هڪ هفتو لڳو هوس، جو ڪتاب جي ڳوڙهائيءَ جي نظر تي تمام ٿورو وقت چئبو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مرزا صاحب چوي ٿو:
ٿيو پورو هتي هي گلشن راز
جنهين ۾ عشق جو ٿيو سوز ۽ ساز
ڪيو مون ترجمو سنڌيءَ ۾ ان جو
لڳايم ان ۾ پورو هڪڙو هفتو
اصل جو نانءُ ٿيو جڏهن گلشن راز
ڪيو مون هن جو نالو ڪشف اعجاز
اسين ڪشف اعجاز جا ٽي چار بيت هيٺ ڏيون ٿا. انهيءَ لاءِ ته ناظرين ڪشف اعجاز جي سواد کان واقف رهن. ڪن صوفي بزرگن تصوف ۽ روحانيت تي پندرهن سوال مولانا شبستري کان پڇيا هئا. سڄي گلشن راز ۾ فقط اهي پندرهن سوال ۽ انهن جا جواب ڏنل آهن، انهن پندرهن سوالن مان هڪڙو سوال هي آهي:
سو آهي ڪير جو چئي ٿو انا الحق؟
چيو جنهن ائين، سچو هو يا هو احمق؟
اصل ڪتاب ۾ جواب ڊگهو ڏنل آهي، پر اسين ان جواب جي مغز وارا ٻہ ٽي بيت ڏيون ٿا:
انا الحق سان کلي سيو مطلق ٿر،
سو حق ري ڪير ٿو چئي جو اناالحق؟
آهن ذرا سڀئي عالم جا منصور
ڪڏهن تامست بي خود ڪڏهن مخمور
پڇين جي نفس پنهنجو تون ڪپہ جئن
ته پڻ حلاج وانگي تون بہ چئين تئن
ڪپهه پندار جي ڪڍ پنهنجي ڪن مان
ندا ساڳئي ٻڌين هر شيءِ جي واتان

(5) املهه ماڻڪ:
مرزا صاحب جا ترجمه ڪيل نظمي ڪتاب ”موتين جي دٻلي“ بہ جلد (رباعي شعر ۾) ۽ ”چندن هار“ بہ جلد (قطعہ شعر ۾) عجيب آهن، پر املهه ماڻڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
مرزا صاحب ”چندن هار“ ۽ ”عجيب جواهر“ ۾ انگريزي شاعرن جا چونڊ نظم سنڌي ۾ ترجمو ڪيا آهن، پر املهه ماڻڪ ۾ عربيءَ، پارسيءَ ۽ اردو شعر جا فقط فرد (مفردات) ترجمو ڪيا اٿس هر هڪ فرد ۾ فقط بہ مصرعون ٿينديون آهن، پر انهن ٻن مصرعن ۾ ايترو مضمون سمائجي ايندو آهي، جنهن جي شرح يا تفسير لاءِ جيڪر ڏهن ٻارهن مصرعن واري غزل جي ضرورت ٿئي.
املهه ماڻڪ ۾ ڪل هڪ هزار ٽي سئو چوهٺ فرد لکيل آهن، مضمون جي نظر تي هر هڪ فرد سچو پچو املهه ماڻڪ آهي. اسين هت نموني خاطر فقط پنج فرد ڏيون ٿا.
(1)
نماڻائي ۽ نرميءَ سان دسي سگهندين تون دشمن کي،
ڪري نرمي ٿي ڪيري باه تي آخر چڙهي ويهي.
(2)
جڳائي ماٺ ڳولڻ لاءِ نت عمدن خيالن جي
جو موتين لاءِ ٽوٻي کي بہ پورڻ وات لازم آه
(3)
جوانيءَ ۾ عبادت لاءِ تون جهڪ
جڏهين ڪاٺي سڪي، ٿئي ڪين ٻيڻي
(4)
ڦر سان ڀريل درخت کڻي سگهندو سر نہ آه
سرڪش اهو ئي وڻ آهي جنهن ۾ ثمر نہ آه
(5)
جي لوه ٿي پوين تان پڻ ٿجئين تون آئينو
ڀلي ٿي جيڪي وڻئي، پر صفا رکج سينو.
نوٽ- املهه ماڻڪ جا بہ ٻہ جلد آهن، جن مان هڪڙو ڇاپيل آهي، تنهن ۾ هڪ هزار اٺ سئو اٺانوي فرد آهن.

مرزا جي شعر جو مضمون
مرزا صاحب جي ڪلام ۾ ايراني شاعريءَ جي مصمون جو نقل بہ گهڻو ڪم آيل آهي ۽ خود ساختو مضمون بہ جام سمايل آهي. صوفيانه مضمون ۽ عشق مجازي واري مضمون ۾ گل و بلبل، لاله و سنبل، خط و خال، زلف و ڪاڪل ايراني شاعري واري مضمون جو نقل آهن، جي پنهنجي سچي حال حقيقت لاءِ لباس طور ڪم آندا ويا آهن. باقي انساني زندگي ۽ دنياوي ڪاروبار بابت فيلسوفانه خيالن وارو گهڻو تڻو مضمون مرزا صاحب جو خود ساختو مضمون آهي.
سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪلامن ۾ جيڪي دستوري مضمون ڪم آندا آهن. جهڙوڪ عشق حقيقي، عشق مجازي، اخلاق و نصيحت، فطرت نگاري، سيرت نگاري، هجو، مدح، ظرافت سي سڀ مرزا جي ڪلام ۾ موجود آهن، جئن سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ مٿيان مضمون ٽڙيا پکڙيا پيا آهن تئن مرزا جي ”ديوان قليچ“ ۾ بہ آهن، بلڪ ڪن ڪن سبقن بابت ڪتاب ”ڪشف اعجاز“ ۽ ”مخزن اسرار“، اخلاق و نصيحت ۽ زماني جي وهنوارن بابت ”موتين جي دٻلي“،”چندن هار“ ۽ ”املهه ماڻڪ“، ظرافت ۽ کل ڀوڳ بابت ”هزليات“.
مرزا صاحب جي ڪلام مان جدا جدا مضمونن جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
صوفيانه مضمون
روحاني ترقي:
”ترقي روح جي طبعي ٿي اصل حقاني
رهان آءٌ باقي جي هر حال ۾ ٿيان فاني
اول جمادي هئس پوءِ ٿيس نباتي آءٌ
نباتي روح ڇڏي پوءِ ٿيس آءٌ حيواني
مٿس جڏهن وري حيوان ٿي، ٿيس ماڻهو
جو رح هو اڳي حيواني ٿيو سو انساني
مرڻ کان ڪين ڊڄان، جو ٿيان ٿو آءٌ بهتر
بشر جڏهن ٿي مران ٿيان ملڪ آءٌ روحاني
اڃا اڏامان مٿي، ٿي ملڪ مران جي آءٌ
جو ”ڪل شيءَ هالڪ“ ٿيو امر رباني
اچي نہ وهم ۾ جيڪي، اهو ٿيان آءٌ پوءِ
ملائڪن مان ڪريان پاڻ کي جي قرباني
انهيءَ کان پوءِ عدم ۾ وڃان، جتان آيس،
”اليهه راجعون“ ان دم ٿيو حڪم قرآني
انهيءَ طرح آهي فرمايو مولوي رومي.
”قليچ“ کي ٻڌي اي قول آهه حيراني.“
دوست تنهنجي دل ۾:
(رباعي)
ڇو حسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،
دلبر پنهنجو پاڻ سان لڪو لايو وتين،
غيرت نہ اٿيئي شرم نٿو توکي اچي،
هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين.
هر جاءِ حاضر محبوب:
”هر جڳهه جاني! آهي جلوه نمائي تنهنجي“
هر طرف دوست آهي ديده ڪشائي تنهنجي.
ذري ذري ۾ رهي تنهنجو ظهور و ظاهر،
اهه منجهه ارض و سما صاف صفائي تنهنجي
(ديوان قليچ)
عشق مجازي جو مضمون
مجازي مان حقيقي عشق:
”ڊپ يا دلاسو ڏي نہ مون کي هن جهان جو،
واعظ! آءٌ واقف آهيان حديث ۽ قرآن جو.
اڪثر ٿئي ٿو عشق شروع هت مجاز مان،
پوءِ ٿئي وڃي حقيقي جزو جسم جان جو.“

مجازي معشوق جا ماڻا:
(غزل)
”ماڻا ڪري نہ مار سڄڻ! تون ذري ذري.
پاڻان نہ ڪر پيارل مون کي پري پري.
مون ڪيو ڪسڻ قبول مگر ڪو قياس ڪر،
خنجر وهاءِ حلق تي قاتل هري هري.
هيڪر نهار نيڻ کڻي ناز سان پرين،
وئي عمر انتظار ۾ آزيون ڪري ڪري.
هر دم هنجون وهائي ڪري ياد تو کي دل،
ڳالهيون ڪرڻ هزار ڳڻن جون ڳري ڳري.
دلبر اچي ڪو ڏيج دلاسو قليچ کي،
محبت ۾ تنهنجي محب مٺا پيو مري مري.
اخلاقي مضمون
ماءُ ۽ پيءُ جو ادب:
(مثنوي)
ادب ماءُ ۽ پيءُ جو آهي ضرور
ڪجو ڪونه يارو انهيءَ ۾ قصور
انهن کان ٻيو ڪو بہ بهتر نہ آهه
بزرگيءَ ۾ تن جو ڪو همسر نہ آهه
نه هو عقل يا زور تو ۾ جڏهن
ڪئي پرورش تنهنجي ٿي تن تڏهن
رهيو رات ڏينهن تن کي ٿي هيءُ خيال
”خدا خوش اسان جو رکج نونهال“
هو تڪليف سڀ پاڻ سهندا رهيا
ڏکن ۾ تنهنجي سار لهندا رهيا.
ڏسي توکي ڏک ۾ ٿين هو ڏکي
سکيو توکي ڏسندي ٿين هو سکي.
رکيو ايترو پيار تو سان جنهين
جڳائي رکڻ توکي راضي تنهين.
نهٺائي ۽ نماڻائي:
(غزل)
”بزرگ اصل سي جي نماڻا ۽ نيچ
وڏي وٿ آهي سمجهجن ٿا جي هيچ
منڊيءَ جو شرف چيچ کي ٿو ملي
مگر آڱرين ۾ ننڍي آهه چيچ،
وڏي کيٽ ڪلراٺي کان ٿي ڀلي
اها ٽڪري سالم چڱي جنهنجي پيچ
ڌئي شہ پيادو ڪري راند مات
ڪري باند طرفين جي بازي زيچ.
ننڍو پاڻ کي ڄاڻ ڪر نياز نت
سر افرازي حاصل ڪرين جي قليچ.“
(ديوان قليچ)
ڏکن پٺيان سک:
”ٿي ٿئي رحمت خدا جي خلق تي زحمت کان پوءِ،
منزل راحت اچي ٿي منزل آفت کان پوءِ.
(سودائي خام)

فطرت نگاري
برف باريءَ جو نظارو:
برف پئي ملڪ ٿيو سفيد صفا،
ڀرجي ويئي ڄڻ اڇن گلن سان هوا.
ٿا اڏامن اڇا ڪبوتر ڄڻ
دڙٻي پنهنجي کان ڀلجي سڀ جي ويا.
پئي ڀڄي آسمان جي جانڊه
۽ اٽو هارجي پيو هرجا.
آسمان آهه ڄڻ پڃارو ٿيو
۽ ڪپهه ٿو پڃي هوا ۾ يا.
نه ڏٺو اهڙو جنهن نظارو قليچ
رهي دنيا اندر ڪيو تنهن ڇا؟
(ديوان قليچ)

فيلسوفانه خيال
سازن جا آواز:
”دهل هر ڪنهين ڪم ۾ چئي توکي وئون،
تون ڍئون ڍئون سکي وٺ تون ڍئون سک تون ڍئون.
نغارو چوي توکي ڌيرج پڪڙ
تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ.
ٿي توتاڙي شرناءِ سيکاري مون.
آهي تون ئي تون، تون ئي تون، تون ئي تون
ٿي سارنگي چئي توکي نت اي خدا،
منهنجي ساري رونءَ رونءَ ٿي: رونءَ سدا،
ٿا ڌڪڙ ۽ طبلا وڄڻ ۾ چون،
ته ڌڪ ڌڪ ٿا، ڌڪ ڌڪ اسان کي لڳن.
ٿو طنبورو چئي، ڪر نہ تون ٻي پچار،
تنئي تن، تنئي تن، تنئي تن تون تار.
چوي دف پوي رات جو سيءُ ٿو،
وڃي دف ۾ پئو، دف ۾ چئو دف ۾ چئو،
ٿي روئي چوي لحظي لحظي ستار،
ته در در تي دردا ڌري دار دار،
چوي مرلي ٿي نانگ کي وڃ نہ مور،
تون تڪ تڪ تلوري، تون تڪ تلور.
(سودائي خادم جلد ٻيو)



ٻولي ۽ عبارت

(1) گڏ وچڙ يا صاف سنڌي:
مرزا صاحب جدا جدا ٻولين ۾ ماهر هوندي بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو ڪلام چيو آهي، تنهن ۾ صاف ۽ سليس سنڌي ڪم آندي اٿس، رواجي ٻوليءَ جي دستور موجب هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي عربي ۽ فارسي لفظ ڪم آندا آهن، سي بہ بلڪل سليس ۽ رواجي آهن.
مرزا صاحب نج ۽ پراڻن سنڌي لفظن جو بہ اهڙو ماهر هو، جو جهڙس ٻيو ڪو سنڌ جو شاعر نہ هوندو“ جئن سندس تصنيف ڪيل ڪتاب ”لغات لطيفي“ مان ثابت ٿئي ٿو، تنهن هوندي بہ هن پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا پراڻا لفظ ڪم ئي نہ آندا آهن، جن جي معنى معلوم ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڊڪشنري يا لغت جي ڪتاب کولڻ جي ضرورت ٿئي. مثال خاطر فقط هڪڙو شعر پيش ڪجي ٿو، جنهن مان روشن ٿيندو، ته مرزا صاحب، ڪهڙي نہ صاف ۽ سليس سنڌي پنهنجي ڪلام ۾ آندي آهي.
(مثنوي)
”م چو مون کي حياتي خواب آهي
م ڀل دنيا عجب اسباب آهي
نه ٿيندو قبر ۾ آدم اوطاقي
بدن فاني مگر ٿيو روح باقي
اسان جو هت نہ سک آهي نہ ڏک ڪم
ترقي ۽ کپي تعميل هردم
اسان جو ڪم گهڻو ۽ عمر ٿوري
اجل ڪاهيو اچي پيو زور زوري
هي دنيا جنگ جو هڪ آهي ميدان
تون وڙهه مردن جان تنهن ۾ ٿي نہ حيران
وساري ڇڏ تون مستقبل ۽ ماضي
هميشه حال تي ره يار راضي
سڀاڻي جي خوشي ڇڏ ڪالهه جو غم
خدا ڪر ياد اڄ، همت سان
ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو
ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو
وٺون موٽي جڏهن رستو رباني
ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني.“
”ته من ڪو رهگذر ان جي نهاري
لنگهي هن رڃ منجهان پهچي ڪناري.
اٿو يارو ٻڌو تان دل جي همت
ڪريون صبر ۽ صداقت ساڻ محنت.“
(سودائي خام جلد 1)

صرف و نحو:
سنڌ جي شاعرن ۾ مرزا صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ بابت ”صرف ۽ نحو“ تي ڪتاب لکي شايع ڪيا، تنهن ڪري ان جي ڪلام ۾ ”صرف و نحو“ جي قاعدن جي بلڪل پوريءَ طرح پيروي ٿيل آهي.

فصاحت و بلاغت:
”فصاحت ۽ بلاغت“ جو جن عملن تي مدار آهي، صرف و نحو، علم لغت، علم بيان، علم معافي، علم بدائع، تن جو مرزا صاحب نہ رڳو عالم هو، پر سنڌي زبان ۾ انهن علمن جو پهريون پهريون شايع ڪندڙ ئي مرزا صاحب پاڻ هو. ”صرف و نحو“ ۽ ”علم لغت“ تي مرزا صاحب جا ٺاهيل ڪتاب ڇاپيل ۽ مشهور آهن، علم بدائع تي سندس ٺاهيل سنڌي ڪتاب اڃا سندس اڻ ڇاپيل تصنيفات ۾ موجود آهن، انهيءَ ڪري مرزا صاحب جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت بابت آڱر سڃڻ جي ضرورت ڪانهي. فصاحت ۽ بلاغت لاءِ هت هڪڙو ٻہ مثال پيش ڪجن ٿا:
استعاره:
”صبر سان جاني ٽٻيون هڻ ڊپ ٻڏڻ جو ڪيم ڪير،“
ات پرين پاتار ۾ موتي مڻيا ايندءِ نظر،
دم جهلي دانہ هليو وڃ ڌيان ڌڌڪن تي نہ ڌر،
يا ڪڍين موتي تري مان يار سين تون پرينءَ ڀر.
(سودائي خام جلد 1)
نوٽ: مٿين چئن مصرعن ۾ ئي فصاحت ۽ بلاغت جا ڪيترا جزا سمايل آهن: ”پاتار“ (عشق حقيقي)، موتي مڻيا (روحاني فيض)، ڌڌڪو (انساني ڪششون)، ”موتي“ (حقيقي وصال)، ”تري“ (حقيقي عشق جو انت)، ”پرين ڀر“ (منزل مقصود) اهي سڀ استعارا باالتصريح (چٽائي چٽا) استعارا آهن.
2- ٽٻيون ڏيڻ، ٻڏڻ جو ڊپ نہ ڪرڻ، پاتار مان موتي ڪڍڻ، دم جهلڻ، پرينءَ ڀر پهچڻ اهي سڀ هوشيار ”غواصن يا ٽوٻن) جا ڪم آهن؛ پر نظم جي عبارت ۾ غواص يا ٽوٻي جو نالو ئي ڪم آيل ڪونهي، تنهن کان سواءِ نظم جي مواد جو لاڳاپو ”سالڪ“ يعني ”حقاني عاشق“ سان آهي، تنهن ڪري قابل تعظيم شاعر اتي ”ٽوٻو يا غواص“ لکيو آهي” سالڪ“ يا ”حقاني عاشق“ کي اهو آهي استعاره بالڪنايہ (اڻ سڌو استعارو).
3- ”غواص“ يا ”ٽوٻي“ جي ذڪر ڪندي ان جي ڪارروائي سان تعلق رکندڙ لفظ آڻي عبارت گڏ ڪرڻ اها آهي صنعت مراعات النظر (بئي سان تعلق رکندڙ لفظن جو ڌيان رکڻ)
4- ٽٻيون هڻڻ (غور ۽ ويچار ڪرڻ)، ٻڏڻ (گمراه ٿيڻ) دم جهلڻ (برداشت ڪرڻ) ۽ پرينءَ ڀر پهچڻ (سوڀارو ٿيڻ) اهي پنهنجي سر نج سنڌي عمدا اصطلاح آهن.
تمثيل:
(رباعي)
دنيا سان قليچ رهه نہ تون دل بستو؛
دل بستو وڌيڪ جو، سووڌ دل خستو،
آهن ٻہ مٿا جي ساهميءَ کي سي ڏس،
هلڪو جو ٿيو آهه، سو وڌ برجستو.
(موتين جي دٻلي جلد ٻيو دستخط)
نوٽ: دنيا جي خواهش ۽ حرص کان جيتري قدر انسان آزاد هوندو اوتري ان جي روح کي وڌيڪ چاڙهو نصيب ٿيندو، انهيءَ حجت جي ثابتيءَ لاءِ مرزا صاحب ساهميءَ جي ٻن پڙن جو عام فهم ۽ سهڻو تمثيل پيش ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻار کي خبر آهي، ته جنهن پڙ ۾ هلڪو بار هوندو سو ڳري بار واري پڙ کان جلد کڄي ايندو ۽ مٿي بيٺل نظر ايندو.

علم عروض ۽ علم موسيقي

شعر جا قسم:
مرزا صاحب شعر جا اهي سڀ قسم چيا آهن، جي علم عروض خواه علم موسيقي جي اصولن موجب ٺاهي سگهجن ٿا. علم عروض جي اصولن ۾ مرزا صاحب جي قابليت جو ثبوت ڪافي آهي، جو جڏهن اڃا ايلفنسٽن ڪاليج بمبئي ۾ تعليم وٺندو هو، تڏهن انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي سهوليت لاءِ هن پارسي علم عروض جا قانون انگريزيءَ ۾ لکي شايع ڪرايا، جو ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪم آڻڻ لاءِ منظور ڪيو هو. ان ڪتاب جو نالو آهي ”پرشن پراسڊي“ يعني پارسي علم عروضي.
سودائي خام جلد پهرئين جي پارسي نظمن مان ڪن ۾ بحرن جا نالا ۽ ارڪان بيان ڪيا اٿس، ته ڪن ۾ ”قافيه“ ۽ ”رديف“ جا خاص جزا بيان ڪيا اٿس. تنهن ڪري مرزا جي ڪلام ۾ وزن يا قافيه بہ نسبت ڪا بہ نقطه چيني جهڙي ڳالهه ڪانهي. مگر جئن هن کان اڳ وارن شاعرن جي ڪلامن ۾ ڪن لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف ڪم آيل آهي، تئن مرزا جي ڪلام ۾ بہ آهي. مثال:-

لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف:
(الف) ”ڪڏهن خوشي آهه ڪڏهن غم،
ڪڏهن سک ۽ ڪڏهن ڏک،
مسئلو ڪونه هتي چون وچرا جو آهي.
(ب) جان وئي جسم منجهان جسم ٿيو جڏهن بي جان
تڏهن مزو جيئڻ ۾ وري ڇا جو آهي؟
هلان، چلان، ڊڪان ڊوڙان، چڙهان لهان آسان.
چوٿون آئون رهان جهنگ ۽ کليل هوا ۾ نت.
مڙئي چوويهه ڪلاڪ ڏينهن ۾ ٿيا.
(د) پهريون ننڊ جو هي جاڳ جو عالم.
نوٽ: مرزا وزن جي پوري رکڻ لاءِ ”ڪڏهن“ جو تلفظ ”ڪڏ“، ”تڏهن“ جي بدران ”تڏ“، ”ڊڪان“ جي بدران ”ڊڪ“،”رهان“ جي بدران ”رهه“ ڪم آندو آهي. اسين هن کان اڳ بيان ٿيل شاعرن جي ڪلامن بابت تنقيد ڪندي بہ چئي آيا آهيون، ته اڄ ڪلهه جي نوجوان شاعرن کي ضرورت جي وقت اهڙن لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف تي اعتراض ڪرڻ نہ گهرجي، بلڪ انهن کي گهرجي، ته ضرورت جي وقت اهڙي تخفيف کي پنهنجي لاءِ سند ڪري سمجهن.
علم موسيقي ۾ بہ مرزا صاحب ماهر هو. ستار تي بہ راڳ ڳائڻ سندس پره ڦٽيءَ جي وقت جي وندر هوندي هئي. هن نہ رڳو علم موسيقي جي اصولن تي بہ هر قسم جا شعر ٺاهيا آهن، بلڪ علم عروض جي اصولن تي ٺاهيل شعر بہ ستار يا ٻئي ساز تي عمدي طرح ڳايو سگهندو هو.

(الف) نثر جا قسم
نثر ٽن قسمن جو آهي:
(1) مرجز يعني وزندار نثر (2) مسجع يا مقفى يعني تڪ بندي وارو نثر (3) عاري يعني بنان سينگار نظم.
مرجز اهو نثر آهي، جنهن ۾ جملي جا ٻہ ٽي فقرا پاڻ ۾ هم وزن ۽ موافق هجن، پر هم قافيه نہ هجن جئن ته:
”سواءِ ذڪر قادر ڪار ساز جي وقت وڃائڻ ۽ سواءِ شغل خالق ڪردگار جي حياتي گذارڻ نسورو نقصان آهي.“
مٿئين جملي ۾ منڍ وارن ٻن فقرن مان هڪڙي جي پڇاڙي ”وڃائڻ“ ۽ ٻي جي پڇاڙي ”گذران“ آهي، اهي ٻئي فقرا پاڻ م هم قافيه نہ ٿيا، پر هم وزن آهن.
مرزا صاحب پنهنجي ناٽڪ جي ڪتابن ۾ نثر مرجز گهڻو ڪم آندو آهي.
نثر مسجع (سجع صنعت وارو) يا مقفى (قافيه وارو) يا تڪ بنديءَ وارو اهو نثر آهي، جنهنجا جمالا پاڻ ۾ هم قافيه هجن. صنعت سجع جا جيڪي ٽي نمونا لفظي صنعتن جي بيان ۾ سمجهايا ويا آهن، سي جهڙيءَ طرح نظم ۾ ڪم اچن ٿا، تهڙيءَ طرح نثر ۾ بہ ڪم اچن ٿا.
مرزا صاحب ”خورشيد“ ناٽڪ ۽ ”گلنار گلزار“ ناٽڪ ۾ تڪ بندي وارو نثر تمام گهڻو ڪم آندو آهي ۽ سجع جا ٽيئي نمونا ان نثر ۾ ڪم آيل آهن.
مثال:
بادشاه- اي وزير نيڪ تدبير ملڪ جو ڪهڙو حال آهي؟ منهنجي رعيت ظلم ۽ ڏک کان فارغ البال آهي يا سندن دل تي ڪو فڪر ۽ ملال آهي؟
وزير- حضور جي اقبال سان غلام جي سنڀال سان ملڪ سڄو آباد آهي، رعيت ساري شاد آهي، ننڍي توڙي وڏي جي دل غم و فڪر کان آزاد آهي.
ظريف – وزير کي ته رڳي خوشامد ياد آهي، نہ ته ملڪ دنگي ۽ فساد سان برباد آهي.
سرڪار جي عمر دراز هجي ۽ بخت سدائين ساز هجي. هن تخت شهر ۾ ڏاڍو فساد آهي، وزيرن ۽ اميرن ۾ بغض ۽ عناد آهي، نہ داد آهي، نہ فرياد آهي جيڪو وزير صاحب جو ارشاد آهي، سو نسورو غلط ۽ بي بنياد آهي.
نوٽ- دستور آهي، ته تڪ بنديءَ واري نثر جي جملن مان ڪي مرجز نثر ۾ بہ اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن جا ڪي فقرا پاڻ ۾ اچيو هم وزن بيهن.
عاري نثر ته عام آهي، جنهن ۾ ڪو بہ تصنع يا ٺاه ٺوه نہ هجي، فقط نحو موجب جملن جي بناوت باقاعدي هجي.
نثر جا جيڪي ٽي قسم بيان ڪيا ويا آهن، سي فقط لفظن جي مدنظر تي، معنى جي مدنظر تي نثر جا ٻہ قسم آهن هڪڙو سليس ۽ ٻيو دقيق.
سليس اهو، جنهن جي معنى ۽ مطلب سمجهڻ ۾ ڪنهن کي بہ ڏکيائي نہ ٿئي. دقيق اهو نثر آهي، جنهن جي معنى سمجهڻ ۾ لغت يا ڊڪشنريون اٿلائڻيون پون.
مرزا صاحب هميشہ سليس نثر لکندو رهيو. سندس ڪنهن بہ ڪتاب ۾ دقيق نثر ڪم آيل نہ آهي. اها سندس نثر نويسيءَ جي خاص خوبي ليکجي ٿي. جيڪڏهن دقيق نثر لکڻ گهورو ٿئي ها، ته وٽس ڳرن ڳرن عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظن جي ڪا بہ کوٽ ڪانه هئي.
ڪو ڪو نثر ٻولي جي لحاظ سان سليس مگر مضمون جي ڳوڙهي هئڻ ڪري دقيق ٿيندو آهي. مرزا صاحب جي ڪن ڪتابن ۾ ڳوڙهي مضمون وارو سليس نثر بہ لکيل آهي، سو هن ڪري جو جن ڪتابن تان هن اهو نثر ترجمو ڪيو آهي، سي خود ڳوڙهي مضمون وارا ڪتاب آهن، جهڙوڪ مقالات الحڪمت، علم دستور المعاش، حاجتمنديءَ مان طاقتمندي وغيره.
سليس توڙي دقيق مضمون کي وري ٻن قسمن ۾ ورهايو اٿن، هڪڙو رنگين ۽ ٻيو سادو.
نثر سليس بہ هجي ۽ رنگين (علم بنان علم بديع جي اصولن موجب سينگاريل) بہ هجي، سو اعلى درجي جي فصاحت ۽ بلاغت وارو نثر ليکبو. اهڙي نثر ۾ مرزا صاحب جا ٻہ ڪتاب بينظير آهن: هڪڙو ناول ”زينت“ ۽ ٻيو ”گلن جي ٽوڪري“.

(ب) نثر نويسيءَ جا نمونا ۽ دفعا
نثر نويسيءَ جا ٽي ڀاڱا آهن (1) تصنيف (2) تاليف (3) ترجمہ.
تصنيف جي معنى آهي پنهنجي واقفيت ۽ تجربي جي آڌار تي اهڙو ڪو بہ ڪتاب تيار ڪرڻ، جو اڳ ڪنهن جو ٺاهيل نہ آهي. مرزا صاحب کي جدا جدا علمن ۽ مضمونن سان سنڌيءَ ٻوليءَ کي ڀرپور ڪرڻ جو عشق هو، جا اهڙن علمن ۽ مضمونن کان بلڪل بي بهره هئي، تنهن ڪري پنهنجو وقت تصنيف کان زياده تاليف ۽ ترجمه ۾ صرف ڪيائين. انهيءَ ڪري مرزا صاحب جا خود ساختا ڪي ٿورڙا آهن: جهڙوڪ ”زينت“، ”دلارام“ ،”انڪواري آفيسر“ وغيره.
تاليف جي معنى جدا جدا ڪتابن تان مضمون وٺي نئون ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ ترجمه جي معنى ڪنهن ڌارين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو مضمون پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ.
تاليف ۽ ترجمو مرزا صاحب جو خاص شغل هو. انگريزي، عربي، پارسي ۽ اردو ٻولين مان سوين ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ آندا اٿس.
تصنيفات جي دفعن ۾ اهڙو ڪو بہ دفعو ڪونهي جنهن جا ڪتاب مرزا صاحب مرحوم تصنيف، تاليف يا ترجمه ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ نہ آندا هجن. ناٽڪ، ناول، ادب، تاريخ، اخلاق، مذهب، کيتي، باغباني، فلاسافي، روحانيت، صحت وغيره تي نہ فقط هڪڙو هڪڙو ڪتاب پر ٻہ به، چار چار بلڪ ڪن تي اڃا بہ وڌيڪ لکيا اٿس.
مرزا صاحب ڪتابن پٺيان ڪتاب لکندو انبار ڪندو ويندو هو. ممڪن آهي ته ڪن ڪتابن کي نظرثاني گهمائڻ ڌاران پريس جي حوالي ڪيو هجيس، تنهن ڪري سندس ڪن ڪتابن جي نثر تي ڪي ڇوٽي نظر وارا اهل قلم انگشت نمائي ڪندا آهن، جا بلڪل بي واجبي آهي، جن علمن ڄاڻڻ تي نثر نويسيءَ جو خاص مدار آهي، جهڙوڪ علم لغت، علم نحو، علم معاني، علم بيان ۽ علم بديع، تن علمن ۾ نہ رڳو مرزا پورو پورو ماهر هو، بلڪ انهن مان هر هڪ علم تي مجمل خواه مفصل سمجهاڻيون سنڌي زبان ۾ لکي بہ ويو آهي.
مرزا کان سواءِ سنڌ جي ٻئي ڪنهن بہ اهل قلم هن وقت تائين مٿين علمن بابت سنڌي زبان ۾ ڪجهه بہ نہ لکيو آهي. اهڙي عالم جي نثر نويسي تي نڪته چيني ڪندڙ کي شيخ سعدي جي هيٺئين گفتي ڌاران ٻيو ڪي بہ چوڻ مناسب نہ آهي:
بمير تا برهي اي حسود کاين رنجي است
که از مشقت او جز بمرگ نتوان رست
مرزا صاحب جا جيڪي ڪتاب (نظم خواه نثر ۾) ڇاپيل آهن تن جي ياداشت هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿئون. هت فقط سندس ٻن خاص نثر جي ڪتابن جو ذڪر ڪريون ٿا.
(ث) مرزا صاحب جا ڪي خاص نثر جا ڪتاب
مرزا جا نثر ۾ لکيل (خود ساختا خواه ترجمه ڪيل) ڪتاب سون جي تعداد ۾ آهن، جي مضمون جي نظر تي هڪ ٻئي کان ڪثر آهن. پر هت ٻن ڪتابن جو بيان نمونه خاطر ڏيڻ ڪافي آهي.

(1) زينت
مرزا جيڪي ڪتاب پنهنجي خيال مان ٺاهيا آهن، تن ۾ زينت هڪڙو بي نظير ڪتاب آهي، هي ناول مرزا سن 1890ع ۾ ٺاهيو آهي، جڏهن هو روهڙي ۾ مختارڪار هو.
هي ڪتاب هڪڙي باعزت ۽ با فضيلت ڪٽنب لاءِ بي بها هدايت آهي.
منهنجو هڪڙو جهونو دوست سفيد پوش اسڪول ماستر هو.
ان سان 1898ع ۾ جڏهن زينت مطالع ڪيو، تڏهن ان تي ايترو اثر ٿيو، جو پڪو ارادو ڪيائين ته آءٌ پنهنجو گهر ۽ ڪٽنب اهڙيءَ طرح سڌاريندس ۽ اهڙيءَ طرح حياتي گذاريندس. جهڙيءَ طرح مرزا زينت ۾ سمجهائي آهي. هن پنهنجي اڻ پڙهيل زال جو اڳيون نالو مٽائي زينت رکيو ۽ رات ڏينهن محنت ڪري مائيءَ کي اهڙي تعليم ڏنائين، جو هوءَ هڪڙي نامور ۽ نيڪدل ٽرينڊ ماسترياڻي بڻجي پئي ۽ پنهنجي مڙس کان بہ وڌيڪ پگهار کڻندي رهي.
ماءُ کي نياڻي توڙي پٽ جي شادي جي ڳڻتي سڱ ڏيڻ وٺڻ جو شريفانو دستور، باعزت زالن جي هڪ بئي وٽ اچڻ وڃڻ جي ريت، شادي ڪرڻ وقت ويچار جوڳيون ڳالهيون، زال ۽ مرد ٻنهي جي پڙهيل هجڻ جي ضرورت، پڙهيل زال ۽ مرد جو پاڻ ۾ اخلاق ۽ رسمن رواجن تي علمي ۽ عقلي بحث، زال ذات جي مسافريءَ جا خطرا، سختي ۽ نڌڻڪائيءَ جي حالت ۾ پنهنجي لڄ ۽ عزت بچائڻ لاءِ زال ذات جا حيلا، پرديس ۾ پڙهيل زال ۽ پڙهيل مرد لاءِ باعزت گذارڻ جا رستا، اولاد جي پرورش، وغيره گهرو، ڳالهين بابت ”زينت“ ۾ ذڪر آهي.
”زينت“ نہ رڳو مضمون جي لحاظ سان دلچسپ آهي، پر ان ۾ وڌيڪ دلچسپي اها آهي، جو منجهنس سليس، صاف ۽ فصاحت بلاغت ڀريل گهرو ٻولي ڪم آيل آهي، اسين نموني خاطر ”زينت“ مان ٻہ ٽڪر هيٺ ڏيون ٿا.
سڱ گهرندڙ گهوٽ ماءُ کي ڪنوار ماءُ ٿي چوي:
”وري جئي شل منهنجو حامد بہ ويٺو آهي. جوان اچي ٿيو آهي، تنهنجو بہ نيٺ بلو ڪرڻو اٿم، اڄ بہ مائٽ چون ٿا ته ”اٽي تي اٽو، کارو نہ کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو، ٻئي هٿ ۾ وٺو“. سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير تو سان ڀريان، ته مائٽن کان بہ مور ويندس ۽ منهنجو ڇوڪر بہ رهجي ويندو.“
پنهنجي مڙس سان پردي بابت بحث ڪندي زال ٿي چوي:
”دنيا ۾ اهڙيون حرص وڌائڻ ۽ گمراه ڪرڻ جون شيون پکڙيون پيون آهن، جو جڏهن مڙس بہ انهن تي ٺڳجي وڃن ٿا ۽ خطا کايو وڃن، تڏهن زالون ڇا آهن؟ انهن کان گوشي تي رهڻ ۽ انهن جي وڪڙ ۾ ته اچڻ بہ وڏي شي آهي. جي بديءَ سان وڙهي ان تي غالب پوڻ وڏي نيڪي آهي، ته بديءَ کي اصل ويجهو بہ نہ وڃڻ يا ان کان ڀڄي پاسو ڪرڻ ۾ بہ ننڍي نيڪي نہ آهي. چوڻي بہ آهي، ته ”جت پهچڻ ناهي جاءِ، تت ڀڄڻ ڪم وريام جو“ سو حقيقت ڪري زالون ڄاڻي واڻي پردي ۾ رهڻ ڪري وريامن جو ڪم ٿيون ڪن. اها بہ سندن هڪڙي بهادري آهي، اها بہ سندن هڪڙي تعريف آهي.“
آءٌ جيڪر چوان ته مرزا صاحب مرحوم جي سڀني نثر وارن ڪتابن لاءِ ”زينت“ حقيقي زينت آهي. مگر افسوس! جو اڄ ڪلهه جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون توڙي پڙهيل مرد ۽ زالون ”زينت“ مان ايترو فيض حاصل ئي نٿا ڪن، جيترو فيض ان مان هٿ ڪري سگهجي ٿو.

(3) مقالات الحڪمت
هي ڪتاب مرزا صاحب سنه 1877ع ۾ نامور انگريزي فلاسفر لارڊ بيڪن جي ”بيڪنس ايسيز“ تان ترجمو ڪيو هو، سو بہ تڏهن، جڏهن پاڻ اڃا بمبئي ۾ ”بي_اي“ پڙهندڙ هو.
هن ڪتاب جو مضمون آهي اخلاقي فلسفه اصل انگريزي ڪتاب جو مضمون اهڙو ڳوڙهو ۽ ٻولي اهڙي دقيق آهي، جو اڄ تائين سندس ڪيترن ٽڪرن جي درست معنائن جي شرح تي انگريزي پاڙهيندڙ پروفيسر متفق راءِ نہ آهن.
اهڙي ڳوڙهي مضمون ۽ دقيق ٻوليءَ واري ڪتاب جو مرزا صاحب اهڙي سهڻي ۽ بامحاوره سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو اڄ ڪلهه جا گريجوئيٽ توڙي ڊبل گريجوئيٽ سندس نثر نويسي جي قابليت اڳيان سر تسليم خم پيا ڪن.
جنهن زماني ۾ سنڌي بولي سيکارڻ وقت اسڪولن ۾ پهاڪا، اصطلاح ۽ تمثيلات، جي ٻوليءَ جو تمام ضروري ڀاڱو آهن تن تي ڌيان ئي ڏيڻ ۾ ڪونه ايندو هو، نڪو انهن بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو ڪتاب ئي شايع ٿيل هو تنهن زماني ۾ پهاڪن، اصطلاحن ۽ تمثيلات ڀريل يا فصاحت سان ڀريل سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو بينظير ڪتاب لکڻ ڏيکاري ٿو ته نثر نويسي خدائي ڏات طور ڪچيءَ کان ئي مرزا کي عطا ٿيل هئي.
هيتري ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي، ته پڇاڙيءَ ۾ مرزا جو تيز رفتار قلم نثر جا ڪتاب ائين رهڙيندو ويندو هو، جئن ڪنهن تجربيڪار سر بند جو ڪارب پنهنجي تيز رويءَ سببان سر بند کي سرن جي سر تان هٿڙي گهمائڻ جي مهلت ڏيڻ ڌاران ويندو آهي، سرن پٺيان سرون جڙيندو.
هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي، ته لارڊ بيڪن جو اصل ڪتاب بہ فصاحت ۽ بلاغات جو سرچشمو اهي، پر انهيءَ فصاحت ۽ بلاغت کي اهڙي لباس ۾ پيش ڪرڻ، جو سڀڪو صحيح ڪري نہ سگهي، ته ”مقالات الحڪمت“ انگريزي تان ترجمو ٿيل آهي، يا مرزا جو خود ساختو، سا قابليت مرزا کي ئي خدا بخشي هئي.
”مقالات الحڪمت“ ۾ اصل ڪتاب کان وڌيڪ مرزا هي ڪم بہ ڪيو آهي، جو ڪتاب جي منڍ ۾ سمجهايو اٿس ته فلسفه ڇا آهي؟ ۽ ان جون شاخون ڪهڙيون آهن؟ نموني خاطر مقالات الحڪمت مان ٻہ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
ڏک موت ڏانهن اڏامي وڃي ٿو، جو
”مرڻ مان دل ڏکوين کي بہ راحت ۽ شفا پهچي“ ڊپ موت کي آيو ٿو سمجهي، ۽ چوڻ ۾ بہ آهي، ته ”گيدي چکن موت، ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾“
رڳو رحم بہ ماڻهن کي موت ڏي مائل ڪري ٿو.
(2)
جي شڪ پاڻيهي ماڻهوءَ جي دل ۾ جاڳن ٿا، يا خيال ۾ اچيو گڏ ٿين ٿا، سي رڳو ڀون ڀون ڪن ٿا، ٻي گهڻي حرڪت ڪانه ٿا پهچائين. مگر جي شڪ لچائي ۽ اٽڪل ڪري ماڻهن جي مٿن ۾ وجهن ٿا، ۽ تجويزن سان ڪن ڳالهين ۽ قصن جي رستي ٻين جي معرفت ڪنهن ۾ پيدا ڪن ٿا، انهن کي ڏنگ آهن.
هڪڙي انگريز عالم جو چوڻ آهي ته ”بيڪن صاحب جو اهو ڪتاب اهڙو آهي، جنهن کي ٿورڙيئي وقت ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ويهه ڀيرا ڪتاب پڙهبو ته ڀيري سان نوان نوان خيال ۽ نڪتا منجها نئس هٿ ايندا.“
مقالات الحڪمت کي جيڪڏهن غور سان پڙهبو ته مٿيون چوڻ بلڪل سچو نظر ايندو.
1- مرزا مرحوم جي خاندان جون علمي خدمتون
مرزا مرحوم جي ستن ڀائرن مان چئن ڄڻن سنڌي ادب جي اها خدمت ڪئي آهي جو انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءُ نہ ٿيندو ته چارئي سنڌي ادب جا مکيه ارڪان هئا.
مرزا غلام رضا بيگ سنڌيءَ ۾ علم منطق تي ڪتاب لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌي زبان ايتري وسيع آهي جو ڪهڙو بہ سائنس جو ڪتاب منجهنس لکي سگهجي ٿو. مرزا صادق علي بيگ شرٽ صاحب سان گڏجي سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي لغتون تيار ڪيون. اهي ٻئي لغتون اڃا تائين معتبر ريفرنس Reference ڪتاب آهن. مرزا صادق علي بيگ علم معاشيات تي هڪ مفصل ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو آهي. اڃا تائين ٻئي ڪنهن بہ سنڌيءَ ۾ انهيءَ مضمون تي قلم فرسائي نہ ڪئي آهي.
وچٽ ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ سنڌي ادب ۾ هي قيمتي اضافو ڪيو آهي جو تڪليفون وٺي خرچ ڪري صوفين جي سرتاج سچل سائين جو سارو ڪلام ۽ سندس سوانح هٿ ڪري ٻن وڏن جلدن ۾ ڇاپائي پڌرا ڪيائين.

مولوي الهه بخش اٻوجهو

1- سنڌ جي قديم خواه جديد شاعرن ۾ پهريون پهريون شاعر مولوي الهه بخش صاحب ئي آهي، جنهن جو ڪلام نج قوميت جي رنگ ۾ بهاريل ۽ وطني حب جي سامان سان سينگاريل آهي.
مولوي صاحب وطني حب ۽ قومي اصطلاح کي اهڙي پيرايه ۾ بيان ڪيو آهي، جو لعل بہ لڌائين ۽ پريت بہ رهجي آيس. سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪنهن بہ غير مسلم فرد کي مولوي صاحب جي ڪلام ۾ ڪڙائي نظر ڪانه ايندي، ڇاڪاڻ جو سارو ڪلام نيڪ نيتي ۽ سچي خير خواهيءَ جي جذبات سان ڀرپور آهي ۽ منجهس ٻہ اکيائي ۽ تعصب جي بوءِ ئي ڪانهي. ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، جن کي شاعراڻي نازڪ خياليءَ ۽ جذبات جي ڪا بہ پروڙ ڪانهي، سي چوندا آهن، ته سنڌ جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڳوڙهن صوفيانه خيالن ۽ عاشقي ۽ معشوقي ڌاران ٻيو رکيو ڇا آهي؟ تن صاحبن لاءِ مولوي صاحب جو مسدس اٻوجهو هڪڙو لاثاني جواب آهي.
مولوي سنڌ جو هڪ مايه ناز فرزند هو. سنڌ جي ماڻهن خاص طرح مسلمانن جئن پنهنجن ٻين قومي ۽ مذهبي پيشوائن جي حالات کي غفلت جي دفتر ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، تئن هن مذهبي ۽ قومي اڳواڻ ۽ اهل قلم کي بہ وساري ڦٽو ڪيو آهي، ان ڪري معلوم نہ آهي ته مولوي ڪهڙي مبارڪ سال ۾ هن دنيا ۾ قدم رکيو. مگر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته مولوي صاحب خانبهادر حسن علي آفندي سنڌ مدرسه جي باني جو همعصر هو.
1899ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسه ڪراچي جو پرشن ٽيچر مرزا عبدالحسين پنهنجي ملازمت ڇڏي ويو، تڏهن ان جي جاءِ تي کين مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ هاءِ اسڪول جا پرشن ٽيچر ٿي رهيا هئا. 1889ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسه ۾ ملازمت ۾ ئي رهيا.
سنڌ مدرسه جي شروع ٿيڻ وقت مولوي ”معاون“ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي هئي جا سنڌ مدرسه جي پريس ۾ ڇاپبي هئي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ پهريون ماڻهو مولوي ئي هو جنهن مسدس حالي جي نقش قدم تي مسدس اٻوجهو تيار ڪيو.
2- مولوي صاحب جيتوڻيڪ ڪسر نفسيءَ ڪري پاڻ شاعر هئڻ جي دعوى نٿو ڪري ۽ پنهنجو تخلص بہ رکيو اٿس اٻوجهو (اڻ ڄاڻ)؛ پر حقيقت ڪري هو سچو قومي جذبات رکندڙ بي بها شاعر هو. مولوي جن جو زمانو اهو هو، جنهن ۾ مولوي حالي، اقبال ۽ شبلي جهڙن قومي شاعرن جا ڪلام هندستان جي مسلمانن جون سرد دليون گرم ڪري کين تعليم ۽ تهذيب جي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپائي رهيا هئا. ساڳئي وقت سنڌ ۾ خدا تعالى جي مهربانيءَ سان جهونن خواه نوجوان شاعرن جو سڪار هو: جهڙوڪ قاسم، حامد، فاضل، گدا، عاجز، سبزپوش، علوي، بلبل، سانگي، وغيره وغيره پر وطني حب ۽ قومي جذبات واري ڪلام جو سهرو فقط مولوي مرحوم جي سڳوري سر کي حاصل هو.
3- مولوي جن مسدس اٻوجهي جي شروع ۾ ڳچ جيترا پنهنجا ٺاهيل بند ڏيئي پوءِ مسدس حالي جا اهي شروعاتي بند ترجمو ڪيا اٿس. جن ۾ اسلام کان اڳ ۽ پوءِ عربستان ۽ آسپاس جي حالتن جو دلچسپ نقشو ڪڍيل آهي. مولوي اهو ترجمو بہ اهڙيءَ خوبيءَ سان ڪيو آهي، جو اصلوڪي اردو شعر جي هر هڪ مصرعه جي مراد ساڳي بحر ۽ ساڳئي وزن ۾صاف سنڌي مصرعه ۾ سمائيندو ويو آهي، جنهن جو مسدس حالي پڙهيل نہ هوندو، سو ڪڏهن بہ سمجهي نہ سگهندو ته اهو ڪو اردو شعر جو ترجمو آهي. دنيا جي اگهور جهالت تي اسلامي تعليم ۽ تهذيب جي روشني ۽ اثر جو بيان پورو ڪري پوءِ مسدس حالي کي ڇڏي ڏنو اٿس ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري لاءِ مشرقي تعليم سان گڏ مغربي تعليم ضروري آهي، انهي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ مولوي صاحب پنهنجي سر توڙي ساٿين سان گڏ جيڪي اٽڪاءَ ۽ مشڪلاتون پيش آيون اٿن، سي ۽ آخر ڪيئن سنڌ مدرسه ڪراچي جو بنياد وڌائون ۽ ڪيئن سوڀارا ٿيا، سو ذڪر نهايت مزيدار پيرايه ۾ ڏنل آهي. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي هندن مسلمانن کي بي تعصب ٿيڻ ۽ اچي دل سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي نصيحتون ڏنيون اٿس ۽ نماڻا ننگ وڌا اٿس سي پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. مثلاً:
صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو
انهيءَ ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو
نمي ننگي وطني اوهين جي نهاريو
انهيءَ ڳالهه کي غور سان جي وچاريو
ته ڪهڙو نہ سک ٿي پوي سڀڪنهين کي
ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهين کي!
جي گڏجي سڀئي سنڌ جا زور لائن
گڏه جا گتل گپ ڪنان سا ڇڏائن
گڏي زور سان زور پنهنجو وڌائن
هڻي مشڪلاتن کي ماري مڃائن
جو جيسين ڌرين جي ملي مٺ نہ ٿيندي
ڪڏهن من گهرولي هڏهن هٿ نہ ايندي
آنريبل ديوان ڏيارام ڄيٺمل کي مسلمانن سان تعليمي مسئله ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندي ڏسي مولوي صاحب کيس سڀاڳو ڪري سڏي ٿو ۽ سندس تعريف هن طرح ڪري ٿو:
سڀاڳو جو ٿو هومچاري سڀا جو
رکيل هو منجهس خلق خالق خدا جو
ڏنل هوس جو هر ذرو دل صفا جو
سو هو راست رو راست راهه هدا جو
نه دل ۾ رعونت نہ سر ۾ وڏائي
اهي ڳڻ هئس دان داد خدائي
برٽش سرڪار جي شڪر گذاري بہ مولوي صاحب نهايت سنجيدن لفظن ۾ ڪئي آهي.
وڏا بار احسان سرڪار جو ٿئون
۽ ٿورو حڪامن مددگار جو ٿئون
سندن زر عطيہ گران بار جو ٿئون
سڀن کان وڏو شڪر ڪرتار جو ٿئون
ڪري جيڪڏهن ها نہ سرڪار واهر
ڪڍي ها مٿو ڪين هي سوڀ ٻاهر
آنريبل خانبهادر حسن علي جو سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ تهذيب جي ترقي واري تحريڪ جو روح روان هو، تنهن کي مولوي صاحب سٻوجهو (داناءُ) سڏي ٿو ۽ سندس باب ۾ هيئن چئي ٿو:
سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا
انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا
وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا
وڏي عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺهايا
سڀئي مشڪلاتون وييون حل ٿينديون
۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون
پڇاڙيءَ ۾ مولوي صاحب سنڌ مدرسه جي شاگردن کي علم ۽ تهذيب حاصل ڪرڻ جي ترغيب سان نهايت گرمجوشي ۽ صدقدليءَ سان ڪتاب کي ختم ڪيو آهي.
هن ڳالهه ۾ ذرو بہ وڌاءُ ڪونهي ته، مضمون جي مدنظر تي ”مسدس اٻوجهو“ مسلمانن جي ماضي ۽ حال جي سچي تصوير، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت ۽ ترقي جي روشن تاريخ ۽ سنڌ جي رهاڪن خاص طرح مسلمانن لاءِ قيمتي نصيحت نامو آهي.
4- ”مسدس اٻوجهو“ سنڌي نظم جو اهو بي نظير نمونو آهي، جنهن ۾ سراسر نج، صحيح ۽ صاف سنڌي زبان ڪم آيل آهي، ۽ منجهس ڪو بہ تصنع يعني زور مس جو ٺاهه ڪتب ئي آيل ڪونهي. صاف ۽ سليس زبان هونءَ بہ قدرتا فصاحت بلاغت جو باغ بڻجي بيهڻي آهي، تنهنڪري جڏهانڪر علم عروض جي اصولن تي سنڌي نظم ٺهڻ لڳو آهي، تڏهانڪر سنڌي ٻوليءَ ۾ مسدس اٻوجهو فصاحت ۽ بلاغت بنسبت ٻيو نمبر نظم آهي. (پهريون نمبر ديوان گل آهي). اهو هن ڪري جو مسدس اٻوجهي ۾ بہ جيڪي اصطلاح، پهاڪا، تشبيهون ۽ استعارا ڪم آيل آهن، سي سڀ نج سنڌي آهن.

حافظ حاجي حامد (حامد) (1832ع – 1897ع)

حافظ حاجي حامد ڳوٺ ٽکڙ تعلقه گوني ضلع حيدرآباد ۾ هجري سنه 1248 مطابق 1832ع ۾ ڄائو هو. هو ميمڻ قوم مان هو. اڃا ٽن ورهين جو معصوم ٻار هو، ته ماتا جي بيماريءَ ڪري صفا نابين ٿي پيو هو. بيشڪ انهيءَ وهيءَ ۾ نابينائي نهايت دلسوز حالت چئبي. حافظ صاحب پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ حالت ڏانهن هن طرح اشارو ڪري ٿو:
”سسئي سرجئي نہ سک ماڻيو
پيس پيوند پينگهي ۾
نماڻي نينهن جا ننڍپڻ ۾
کائي سور ساماڻي.“
(ارمغان حامد صفح 38)
حافظ صاحب ڪچيءَ ۾ ئي پنهنجي ظاهري نابينائيءَ تي دل جي پريشاني ظاهر ڪري خدا تعالى کان باطني بينائي عطا ٿيڻ جو سوال ڪيو هو:
”ڪئي سدا صورت هڻي حيران دل
مون کي ڪر معني جو محرم يا خدا
ڪر سندو حامد سدا تون حفظ سين
دين دنيا ۾ چڱو دم يا خدا.“
(ارمغان صفحه 1)
حافظ صاحب پوءِ ملان ڪاتيار ڳوٺ ۾ مولوي ولي محمد وٽ بر زبان عربي تعليم شروع ڪئي. ”شرح ملا“ تائين اتي تعليم وٺڻ کان پوءِ ٽنڊه سائين داد واري مولوي قاضي ابو الحسن وٽ بر زبان عربي تعليم ورتائين ۽ پوءِ ڪجهه وقت مٽيارين ۾ بہ عربي تعليم جو اڀياس ڪيائين. خدا تعالى حافظ صاحب کي حافظو اهڙو اعلى درجي جو عطا ڪيو هو، جو خود سندس استاد بہ حيران ٿيو ويندا هئا. سندس حافظي جي تيزيءَ ۽ باطني سوجهري جون چشم ديد ڳالهيون ڪرامتن جهڙيون آهن.
ڪجهه وقت ڪپڙي جي واپار جو دڪان ڪاميابيءَ سان هلايائين. ڪپڙي جي جنس ۽ رنگ سڃاڻڻ ۾ اهڙو ماهر هوندو هو، جو جيڪڏهن نالي خاطر چشمو چاڙهي ويهي واپار ڪري ها ته ڪو بہ گراهڪ ڪڏهن بہ پروڙي نہ سگهي ها، ته حافظ صاحب ڪو نابينا آهي. هو بنا چشمي ڪپڙي جو واپار پيو ڪندو هو ۽ ڪڏهن بہ گراهڪ کيس ڌوکو ڏيئي نہ سگهيو.
آسپاس خواه پري پري جا علمي مذاق وارا خاندان حافظ کي سندس خدا داد علمي لياقت ۽ فضيلت توڙي شاعراڻي قابليت جي ڪري دعوتون ڏيو پاڻ وٽ گهرائيندا هئا ۽ کيس بہ سير و سياحت جو شوق گهڻو هوندو هو. جڏهن سندس فرزند لائق ٿيا، تڏهن ته دڪانداري ڇڏي گهڻو وقت سير و سياحت ۾ گذاريندو هو.
سير و سياحت ڪندي هن بزرگ شاعر پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ جوڌپور رياست جي ڄاريلي ڳوٺ ۾ هجري سنه 1315 مطابق عيسوي سنه 1897ع ۾ وفات ڪئي.

حافظ صاحب جو ڪلام
حافظ صاحب گويا ”سنڌ جو ملٽن“ هو. مس قلم جو محتاج شاعر نہ هو. جنهن وقت ڪو خيال حال موافق غزل، قصيدو، مخمس، مسدس وغيره سربستو چئي بنا اٽڪ وڃي پار پوندو هو. حافظ تمام گهڻو ڪلام چيو آهي، پر افسوس! جو سندس وفات کان پوءِ جيڪو بہ ڪلام هٿ ڪري شايع ڪيو ويو آهي، سو ٿورو آهي.
حافظ جا ”خطبا“ قصيدن، مخمسن، مسدسن ۽ ترجيع بندن جي صورت ۾ مولوي هدايت الله (مشتاق) متعلوي مرحوم آڳاٽا ڇاپائي پڌرا ڪيا هئا، سي سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ جي مسجدن ۾ جمع نماز جي موقع تي پڙهيا وڃن ٿا. سندس عربي، پارسي ۽ سنڌي غزل توڙي ٻيو ٿورو گهڻو متفرقو ڪلام گڏ ڪري سندس فرزند ميان محمد هاشم (مخلص) ”ارمغان حامد“ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي جو سنڌ ۾ علم دوستن جي مجلس جي دلچسپ ورونهن آهي.
حافط صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون
1- حافظ حامد جي ڪلام جي پهرئين پهرين خصوصيت آهي حضرت نبي ڪريم (عليه الصلواة والسلام) جو عشق ۽ اهلبيت ڪرام جي محبت، حافظ مرحوم پاڻ فرمائي ٿو:
”ٿا رکن مشتاق سڌ ديدار جي
مون سڪڻ تنهنجي مٿي ڪي اڪتفا
حب حامد هاشمي جو رک هوس
آهه جو محبوب حق جو مصطفيٰ“.
(ارمغان ص 2)
”سسئي ۽ پنهون“، ”سهڻي ۽ ميهار“، ”مومل ۽ مينڌرو“، ”هير ۽ رانجهو“، ”ليلى ۽ مجنون“، ”ليلان ۽ چنيسر“ جي ذڪر ڳائيندي بہ حامد پنهنجو معشوق نبي ڪريم (صلعم) کي ٺهرائيندو ويو آهي، هڪڙي هنڌ حافظ مرحوم فرمائي ٿو:

”گرچه بلبل بر گل آمد با مجاز،
در حقيقت محو بر بوءِ شما.“
(ارمغان ص 5)
هڪڙي هنڌ ته حافظ رواجي ”عشق مجازي“ کي ”هوائي حرص“ ڪري سڏيو آهي:
”رکج عشق عربيءَ سان پختو پرياڻ،
ٻيو حرص حامد هوائي نہ ڪر“.
(ارمغان ص 13)
2- حافظ حامد مرحوم جي ڪلام جي جيڪا ٻي خاص خصوصيت آهي، سا آهي فطرت نگاري، واقعه نگاري ۽ سيرت نگاري. سانگيءَ بہ سسئي جي جهاڳيل جبلن جو نقشو، سهڻيءَ جي تار ترڻ جي ڪيفيت، ”پائر“ ۽ ”کائر“ جي تصوير عمدگيءَ سان چٽي آهي، پر حافظ انهيءَ فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حيرت انگيز ڳالهه هيءَ آهي، جو حافظ ٽن ورهين جي عمر ۾ نابين ٿيل، تنهن قدرت جا نظارا ۽ انساني سيرتون بينا شاعرن کان بہ زياده عمديون ڪئن چٽيون!
1- مهراڻ جي مستي ۽ سهڻي جي سيرت:
”ڏسي مهراڻ جي مستي
نه ويرن کان ورڻ گهرجي
ميهر محبوب لئي موجن
۾ منڌ توکي مرڻ گهرجي
ابت ۽ آر اوڀارو
ڪپر ڪنڌئين ڪري ڪڙڪيا
اهو اوڙاهه آڌيءَ جو
طلب وارن ترڻ گهرجي.
سيارو سير سائر جي
سٽائي ڇا جهلي سڪ کي
نماڻن نينهن جي کي نيٺ
هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي
ڪري مر ڪانڌ پيو ڪاوڙ
سدا ساهڙ هجي سر تو
سندو ڏم ڏوم ڏوراپو
نه ڪنهن پر ڪن ڪرڻ گهرجي
چريو ڪيو جنهن چئاڪي چت
سدا سا سرڪ ساريان ٿي
رهي اوراڙ اونهي کان
نه تنهن کيران کرڻ گهرجي
ٻڏيئن تان ٻاجهه ڀانئج
جي رسين تان آهه سڀ رحمت
ڇڏي حيلا حبيبن ڏي
ڀلا ڪا وک ڀرڻ گهرجي
رکڻ ناتو نهارڻ ننگ
حامد ٿئي نہ هيڪاندو
محبت وارئين موران
نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي
3- حافظ حامد جي ڪلام ۾ ٽين خصوصيت آهي ”هجويه“ مضمون، حافظ کان اڳ وارن شاعرن يا سندس هم عصر شاعرن مان ڪنهن جي بہ ڪلام ۾ هجويه ڪلام جو نہ ايترو انداز آهي ۽ نہ دلچسپ انداز ۾ هجويه ڪلام ادا ڪيل آهي. سيد ثابت علي شاهه جو ٺاهيل ”چڻنگ“ ۽ ”لڪڙو“ سيد خير شاه جو ٺاهيل ”ناني نور خاتون“ ۽ فاضل شاه جو ٺاهيل ”سڳڙو“ بہ زبردست هجويه ڪلام آهن، پر اهي خاص مذهبي ڇيڙ ڇاڙ سان ڀرپور آهن، جن کي ڪو بہ صلح ڪل سڀاءَ وارو سخن سنج هرگز پسند نہ ڪندو، مگر حافط حامد جو هجويه ڪلام گهڻي قدر پوشيدن لفظن ۾ ۽ عام مجلس کي کلائڻ جهڙو آهي.
”ارمغان حامد“ جي صفحه 45 وارو غزل، صفحه 51 وارو بزم عشق (مثنوي) صفحه 67 وارو گواه نامو (قصيدو) ۽ صفحه 75 وارو غزل هجويه ڪلام آهن.
ويهارو کن ورهيه ٿيندو، جو هڪڙي سنڌي ڇاپيل چوپڙي ٽنڊو محمد خان ۾ ڏٺي وئي هئي، جنهن ۾ فقط حافظ حامد جو ٺاهيل هجويه ڪلام ڇاپيل هو. انهيءَ ڪلام ۾ مير صاحبن جي هڪڙي خاص نوڪرياڻي جي کل چڱيءَ طرح لاٿل هئي، جنهن شايد حافظ کي ڏکويو هو. ان سان گڏ انهيءَ نوڪرياڻي جي ڌڻين جي بہ چڱي ريارام ورتل هئي. مگر افسوس جو هن وقت اها چوپڙي گهڻي ڪوشش ڪندي بہ اسان کي هٿ اچي نہ سگهي.
مثال:
منافق مدعي من ۾
اسان ڀانيو ته ايماني
ڇڏي سادات جي سانڃاه
ٿيو مردود مرواني
گلا گانڊو وهو گس تي
ڪڄاڙي لئي ڪري ڪوفي
عدو ۾ ناهه ڪو اصلئون
ادب اخلاق انساني
قدر ڪاڻي جي پٽ کي
ڪهڙو پوندو پاڪ زادن جو
هچارو ٿيو حيا کان ٻهر
ڏس نر جي ناداني
چوي ڀلجي جو بيهودو
ٻين کي آل کان اڳرو
پيو منجهه پاپ پاراتا
ڇڏي منڪر مسلماني
اڀاڳو عالمن ڏي ٿو
رکي احمق عداوت سو
رهي ٿو ڪين رهزن رول
حرڪت کان هنوماني
4-حافظ حامد جي ڪلام ۾ ايجاد آهي ”خطبه سازي“ حافظ کان اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن بہ برزگ خطبا نہ ٺاهيا هئا. البته حافظ جي هم عصر مولوي محمد عثمان نوررگ زاده کورواهي سنڌي نظم ۾ خطبا پختائيءَ بہ نسبت حافظ جا خطبا بي بها آهن. حافظ جا خطبا ناصحانه ڪلام جو خزانو آهن. جن ۾ مذهبي خواه اخلاقي نصيحتون گويا املهه ماڻڪ آهن، هي خطبا ڇاپيل آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ ۾ مسجدن ۾ سڀڪنهن جمع جي ڏينهن پڙهيا وڃن ٿا.

مضمون
حافظ حامد جي ڪلام ۾ خاص مضمون هي آهن.
(1) عاشقانو مضمون (2) ناصحانو يا اخلاقي مضمون (3) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري (4) مدحيه مضمون (5) هجويه ۽ مذاقيه

(الف) عاشقانو ڪلام؛
حافظ جو عشق سنئون سنواٽو ”حقاني عشق“ هو. خدا تعاليٰ جي صفتن ۽ قدرتن ۾ پڪو ايمان. حضرت رسول ڪريم صلي الله تعاليٰ جو سچو عشق، اهل بيت اطهار، اصحاب سڳورن، اوليائن ۽ درويشن سان صاف محبت کانسواءِ ٻيو ڪو بہ مجازي عشق حافظ کي ڪو نہ هو. ”ارمغان حامد“ ۾ جيڪي مجازي عشق جي مضمون وارا ٻہ ٽي غزل آهن، سي حافظ صاحب جا فرمائشي ڪلام آهن. يعني حضرت گدا، يا مير سانگي جيڪڏهن ڪو عاشقانو ڪلام ٺاهي ان جي تبع تي ڪلام جي گهر ڪندا هئا، ته انهن ڏي موڪليندو هو. جيئن ته مير سانگي مجازي عشق جي مضمون وارو غزل (واسع الشفتين)، جنهنجي پڙهڻ سان چپ چپن سان نٿا گڏجن (ڏسو مير سانگي جي بيان ۾ انجون ايجادون) سو ٺاهي پڇاڙيءَ ۾ لکيو هئائين ته گدا حيدري ۽ شاعر ٽکڙ (حافظ حامد) کي ههڙي غزل ٺاهڻ لاءِ انتظار ڪڍڻو پوندو. اهو غزل جڏهن حافظ حامد کي پهتو تڏهن ان جي جواب ۾ هيٺيون غزل ساڳئي مضمون ۽ ساڳئي سينگار ۽ صنعت سان تيار ڪري سانگي ڏي موڪليائين؛
هوت هينئڙي هار دلجا ٺار گلرخ گلعذار،
جڳ اندر جاني نہ ٿيو ڪو جوڙ توسان جيءَ جيار.
جلهه سان جهونجهار جنگي عاشقن جي سر اچيو،
نازنين نت نيڻ تنهنجا ڪن قتال و ڪار زار،
ڇو هڻي هر هر هلان ڪيو تيغ اکڙين جا تکا،
گهور هڪڙي سان گهايل تو ڪيا هرجا هزار.
حضرت سانگي جو يڪتا شعر لاثاني سڄو،
هر غزل ان جو ته هڪ نوطرز تي آهي نگار.
ان جي نڪته کان نزاڪت ناسخ و ناصر سکي،
ان جي عزو جاه کان آهه شوڪت شهريار،
آهه سنجيدو سخن سيد گدا ان ساڻ گڏ،
ٿو ڪري اهڙي ئي غزالن جي غزلن جو شڪار،
چست ۽ چالاڪ آهي هوش جنهن جو هر طرح
ڪئن ڪڍي سو شاعر ٽکڙ ادا اڄ انتظار.
(ارمغان – ص 14-15)
”ارمغان حامد“ جا ٻيا ٻہ ٽي عاشقانه مضمون وارا غزل بہ انهيءَ طرح فرمائشي شعر آهن، جن ۾ حافظ صاحب پنهنجي حال حقيقت جو فقط ڪو هڪڙو ٻہ بيت شامل ڪندو ويو آهي.
خدا تعاليٰ جي توحيد ۽ قدرت ۾ ايمان
لزب الخلق حمد باالثناءِ هو الله الذي رفع السماءِ
الله قادر برصغير تبارڪ ربنا ذوالڪبرياءِ
هو الحي المدبر ڪل امير هو القيوم ابد باالبقاءِ
فلرحمان نشڪر شڪر نعم و للجبار نرضيٰ باالقضاءِ
ملڪ منا جوڙي خلق خالق
ڪي پڌري پانهنجي واحد وڌائي
صمد صانع ڌڻي داناءُ دائم
عدم کان سڀ اپت آگي اپائي.
اڀن ڀولين جو او معبود مالڪ
ٿي هرجا حق سندي خاوند خدائي
سگهي سيڪائي پاڻان پاڪ پرور
ڪري منجهه ڪم ڀيڙو ڪو نہ ڀائي

(ب) ناصحانو مضمون
شاعراني دستور موجب ”ارمغان حامد“ ۾ جا بجاءِ اخلاقي نصيحتون درج ٿيل آهن. پر حافظ جي خطبن مان هر هڪ خطبي ۾ مذهبي خواه اخلاقي نصيحتون علحدي علحدي ۽ عمدي نموني ۾ ڏنل آهن. مثال خاطر فقط هڪڙي خطبي مان ناصحانو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
الحمد الله الذي اظهر و آمن من حذر
اڪرم و انجح من شڪر، اخزى و ردى من ڪفر،
مؤمن ڪريو مردانگي دل مان ڪڍو ديوانگي
هي سڀ هوس حيرانگي آهن اڀاڳائي اثر.
پورا پڙهو واجب فرض قادر ڪيو جيڪي قرض
غفلت منجهان ڪهڙو غرض هردم هلو ٿي هوشور،
سمجهي سڌاريو سنتون تان ٿين رب جون رحمتون
بلڪل سڀ ڇڏيو بدعتون جنهنڪري سندا ڏاتار ڏمر.
(ت) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري
فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري جا مثال خصوصيات واري باب ۾ ڏنا ويا آهن.

مدحيه مضمون
حافظ جي ڪلام ۾ مدحيه مضمون بہ تمام گهڻو آهي.”خطبات حامد“ جي هر هڪ ”خطبئه ثاني“ ۾ حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات والسلام جي ساراهه، اصحابن سڳورن ۽ اهلبيت اطهار جي واکاڻ ڳايل آهي. ”ارمغان حامد“ ۾ حضرت پير جيلاني بادشاه (قدس الله سره العزيز) جي صفت ۽ ساراهه ۾ بہ سندس ڪلام چيل آهي.
سڀ خلق جو ڪيو صاحب مهندار محمد
قرآن ۾ ڪيڏي ٿي ڀلي ڪاڻ ڀلائي.
احمد جي اشاري سين ڦٽي چنڊ ٿيو ڦارون
سين معجزي مرسل جي اٿي ڳوهه ڳالهائي.
معراج جي منان ڪي تڪريم تنهين کي
صلوات مٿي سيد فائق فرمائي.
خلفاء سندس خاص ٿيا چارا ڀلارا
تعظيم سندين توڙ ڳنان رب رکائي.
بوبڪر ڀلي ڄام سندو صادق سهرو
سرمال جي سرورسين ڪي صديق سچائي.
فاروق ڏنا فيض سدا حق هميشہ
باطل جي بهادر ته وڍي بيخ وڃائي.
سر مهڙ سخاوت جو اجهو اڪمل عثمان
سختيءَ ۾ صحابن کي مدد مير ملائي.
سر صف جنهين سوره اسدالله آيو
ذري ۾ ذوالفقار سين سالار سمجهائي.
حسنين شهيدين اکين ٺار علي جا
سي کوهه پون خارج جن مڪر مٺائي.
سچ بضع ڀلي ڄام جي بيبي جا بتولہ
خاتونءَ ته خدا ساڻ سدا ورونہ وڌائي.
عمين سندا سيد عباس ۽ حمزه
رحمان ات رحمت هر ويل وسائي.
اصحاب اچا شاه جا انصار مهاجر
سي روهه رلن رافضي جن بغض برائي.

هجويه مضمون
حافظ جيڪي هجويه ڪلام چيا آهن، تن مان ”گواه نامه“ واري قصيدي جي ستٽيهين بيتن مان ٿورا بيت نمونه خاطر هيٺ ڏجن ٿا، جن مان هجو ۽ ظرافت يا مذاق جي مزيداري بہ روشن ٿيندي.
”دوست دل سين ٻڌو
مون کان مڙي هي ماجرا
ڪئن مسلمانن مڙي
آل نبيءَ مان ڪيو اذا
هن ته پنهنجو حق ڇڪيو
سرڪار ۾ سادات ٿي
ننهن ڏسي مومن مڙئي
شاهد لکايا شهر جا
زور لائي ظالمن
ڪاريو گواهن کان گناهه
سي ڪڏي هليا قسم
ڪوڙي تي ڪورٽ ۾ ڪتا
ٿيا مگر مؤمن منجهن ڪي
دل سچيءَ سان ديندار
جي نہ ڀو ڪنهنجي کان ڀليا
رب جي ڳوليئون رضا
نام ان جا ٿو ڪريان
نروار آءٌ هن نظم ۾
جي ٿيا مؤمن موافق
يا مخالف ٿيا مٺا
پهرين پيئڙو پاپ ۾
قاسم قسم کاڻو کڻي
سخت ڄاتي ڪين سنهن جي
تنهن جهريل جاهل جزا
پيٽ ۾ پيءُ ڏاڏي کان
ٺٽوي کي هو جنهجو نمڪ
ڪي وفا بدران ولي
نعمت سين تنهن جوڙي جفا
اؤ ٻهر نڪتو ته ٻيو
ڪورٽ وري ڪوڪاريو
لالچي لينڊو لبوسي
ڀوڪ اٿيو بي حيا
ايءُ نہ هو ارباب اصلي
هئي پڻس تي ڪانه پڳ
ڄم کڻي ڄاموٽ بڻيو
ڪالهه يارو سين قضا
حيف هوئي ٿئين حلالي
ڪين مالون مل مکي
هر طرح حقدار جو
کائي نمڪ ڪئي تو خطا
بنديون باسيئي نہ بلڪل
جي لکيو تو بي لحاظ
حق ٻوڙيي جئن هٿن سان
تئن ٻڏن تنهنجا ٻچا
ڪانه خوبن ڪي.....
جو اسان ڀانيو امين
ٻڌ ڇڏي ٻاتي جي پٽ
ٿيو حق چوندي تنهن جا حيا
تف هجئي ڙي....
ڪاڻ توکي ڪانه هئي
ڪئن ڪتا ڪوڙي قسم جي
بي سبب کاڌين بلا.

مولوي محمد عثمان نورنگ زاده (1918ع وفات)

سنڌ مدرسه اسلام ڪراچي جي معلمن ۽ مولوين سنڌي ادب جي اها خدمت ڪئي آهي جا وسارڻ جي نہ آهي. انهن سڀني جو رهبر ۽ اڳواڻ مولوي محمد عثمان نورنگ زاده هو. هو هڪ زبردست عالم، فقيہ، تاريخ نويس ۽ قرآن جو مفسر هو. سندس شعر نصيحت آميز، مٺو ۽ فصاحت ڀريو هو. نورنگ پوٽن متاخرين مان مولوي محمد عثمان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد حسن علي آفندي سان ٻانهن ٻيلي ٿي سنڌ مدرسه ۾ سنه 1850ع ۾ معلم الفقہ مقرر ٿيو. ان وقت جا پرنسپال خان بهادر ولي محمد ۽ مستر وائينس کيس نهايت عزت ڏيندا هئا. سندس شاگرد سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. علم کان سواءِ علم طب، علم رمل، علم نجوم ۽ جفر جو بہ زبردست مستند عالم هو. علم جفر تي اڪسيرالاحمر سندس ڪتاب ڇاپيل آهي. پاڻ مدرسه ۾ درس تدريس سان گڏ تفسير تنوير الايمان جي تصنيف ڪيائين. سنڌي زبان ۾ سڄو قرآن شريف ۽ تفسير اهو هڪ ئي آهي. پهريون پاره 1906ع ۾ تيار ٿيو، مولوي صاحب 1918ع ۾ وفات ڪئي ۽ انهي وقت 25 سيپاره تيار ڪري ڇڏيا هئائين ۽ 26 پاره جي ربع اولين لکجي پوري ٿي ته پاڻ داعي اجل کي لبيڪ چيائون. مرحوم نهايت سادي زندگي گذاريندو هو ۽ انهن بزرگن مان هو، جيڪي هميشہ لوڪ کان لڪا وتن. شب خيزي ۽ سحري استغفار سندن روزمره جو وظيفو هوندو هو. پاڻ جڏهن سنڌ مدرسه مان مستعفي ٿي پنهنجي وطن کورواهه ۾ آيو تڏهن ان وقت جي ڪمشنر کيس ڪجهه زمين انعام طور ڏني. مرحوم حياتيءَ جا پويان 5 سال پنهنجي وطن کورواهه ۾ گذاريا ۽ انهن آخرين سالن ۾ تفسر الايمان جي تصنيف ۾ سارو ڏينهن گذاريندو هو. ڪڙيه گهنور ۾ گهڻو ايندو ويندو هو.

تصنيف:
(1) فتوح الغيب سنڌي- هي هڪ عربي ڪتاب سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جي تصنيف جو ترجمو آهي.
(2) اڪسير الاحمر في اسرار الجفر – هي سنڌي ۾ هڪ لاثاني ڪتاب آهي جنهن ۾ علم جفر نقش ۽ علميات وغيره جو بيان ڏنل آهي.
(3) حالت غوث الاعظم- ڪتاب جو مضمون سيدنا عبدالقادر جيلاني رح جي سوانح بابت آهي، هن وقت هي ڪتاب ڪمياب آهي ۽ ڇاپائڻ جي لائق آهي. سيدنا عبدالقادر رح جي تبليغ جو اثر اهو آهي جو ميمڻن جي ساري قوم سندن اشاعت جي ذريعي مسلمان ٿي. سندن ئي برڪت سان ميمڻن جي قوم دين دنيا جي سرخروئي حاصل ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي تجارت جون واڳون سندن هٿن ۾ آهن.
(4) بينات القرآن- حيدرآباد جي هڪ هندو عامل اسلام تي حملو ڪيو هو ۽ هڪ چوپڙي ڇاپائي گمراهي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مولوي صاحب هن ڪتاب ۾ مدلل جواب ڏيئي، انهي شيطان جو ٻوٿ بند ڪيو ۽ آئنده هندن کي مجال نہ ٿي جو وري ڪو اهڙو گستاخانه حملو ڪري. ڪتاب جي پڙهڻ سان حيدرآباد جا هندو عامل سوين مسلمان ٿيا.
(5) خطبات سنڌي – مولوي صاحب جا خطبا اڄ تائين سنڌ جي مشهور مسجدن ۾ عام جام پڙهجن ٿا. خطبن ۾ سنڌي نثر ۽ نظم عام جام آهي. نظم نصيحت آميز ۽ درد وارو آهي.
(6) تفسير تنوير الايمان- پنهنجي زندگيءَ ۾ 25 سيپاره لکي ويو هو ۽ باقي 5 سيپاره سندس پوٽي مولوي محمد نورنگ زادي تيار ڪيا.
(7) تحفته الاسلام- سنڌي زبان ۾ فقه جا 5 جلد آهن جي سنڌ مدرسي جي نصاب ۾ داخل آهن.
مرحوم مولوي سنڌ مدرسي جي ماهوار ڪرانيڪل رسالي جو ايڊيٽر هو.

ڪوڙو مل چندن مل (1844ع – 1916ع)

ڪوڙي مل جي ادبي خدمت وسارڻ جهڙي نہ آهي. سندس تصنيفون گهڻيون نہ آهن ۽ رڳو ڳاڻ ڳاڻيٽيون آهن، ته بہ سندس سنڌي عبارت ڪٿي ڪٿي قليچ سان ڪلهو هڻي ٿي. هن جو تعليم کاتي سان گهاٽو لاڳاپو هو ۽ ڳچ سال ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو هو. تنهنڪري هن کي ڪي ڪتاب تيار ڪري کاتي کي موجود ڪري ڏيڻا هئا.
ڪوڙو مل اصل ڀرين جو ويٺل هو ۽ آڪٽوبر 1844ع ۾ ڄائو هو. اهو وقت انگريزن جي حڪومت جو آغاز هو، تنهنڪري سرڪاري سنڌي اسڪول ڪين هئا، آخوندن جا مڪتب ڳوٺ ڳوٺ ۾ هوندا هئا. جتي هندو ۽ مسلمان گڏ تعليم وٺندا هئا. ڀرين ۾ بہ هڪ اهڙو مڪتب هوندو هو. جنهن جو باني آخوند سليمان هو جنهن وٽ ڪوڙو مل پڙهيو ۽ بهار دانش سڪندر نامي تائين پارسي تعليم ورتائين ۽ ڪجهه سنڌي بہ سکيو. انهي وقت ڌاري ڪراچي ۾ هڪ نارمل اسڪول ماسترن جي تربيت لاءِ کليو. جنهن ۾ ڪوڙو مل داخل ٿيو جتي انگريزي بہ پاڙهبي هئي. اتي مسٽر ڪوڙي مل پنهنجي شوق سان چڱي انگريزي پرائي ۽ بمبئي ۾ مئٽرڪ امتحان لاءِ روانو ٿي ويو. پر ناپاس ٿي پيو. وري سنڌ ۾ موٽي اچي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. انهيءَ وقت هن کي سنڌي ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ تحرير اقليدس (جاميٽري) ۽ ٻيا سنڌي درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. جاميٽريءَ ۾ جيڪي سنڌي لفظ هن وقت موجود آهن سي ڪوڙي مل جا ايجاد ڪيل آهن. مستطيل، متبدل ڪنڊون وغيره. هن پارسي ڪتابن مان ڪڍي سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا جهڙيءَ طرح مرزا غلام رضا سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکي منطقي لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا يا خانصاحب مرزا صادق علي بيگ علم معاشرتي جو ڪتاب لکي پوليٽيڪل ايڪاناميءَ جا عربي لفظ سنڌي ڪتاب ۾ ڪم آندا تئن مسٽر ڪوڙي مل بہ ساڳي خدمت تحرير اقليدس جي لکڻ سان ادا ڪئي. جلد ئي کيس شڪارپور جي ائنگلو ورٽيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر ڪيائون. وري جڏهن سکر ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو تڏهن تعليم النسوان (ناري وديا) جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيائين ۽ هڪ ڪتاب ناري سکيا جي باري ۾ ”پڪو پهه“ لکيائين. جلد ئي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿي آيو ۽ سندس من گهريو مطلب بہ اتي سڏ ٿيو. يعني علم ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين ۽ سنڌي ستن ئي درجن لاءِ نوان ڪتاب لکيائين جن جو قدر اڄ بہ ڪجي ٿو.
هن صاحب جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا هئا هي آهن:
روهني
هري درشن
پهاڙي بابا
ڪوڙي مل جي سنڌي شروعات ۾ پارسي عربي آميز هئي، جنهن جو اثر اهو ٿيو جو سندس ڪتابن کي هندو مسلمان چاه سان پڙهندا هئا. انهن ڪتابن جي ٻوليءَ تي سڌو سنواٽو اثر آخوند سليمان جو هو، جنهن هن کي پارسي جي چڱي خاص تعليم ڏني هئي، پر جڏهن هن پنهنجي هندو قوم جي شيوا ڪرڻ گهري، ۽ انهن جي پنگتي حالت سڌارڻ لاءِ ڪتاب لکيائين تڏهن پنهنجي ٻولي ڦيرائي سنسڪرت ۽ هندي آميز ڪري ڇڏيائين.

سندس ڪتابن جي ياداشت:
1- ٻاراڻا گيت 2- ٻاراڻيون آکاڻيون 3- کيتي 4- ڦول مالا 5- ساميءَ جا سلوڪ 6- ڀڄن مالا 7- سنڌي ڳجهارتون 8- ميران ٻائي 9- ساوتري 10- درو ڀڳت 11- رتناولي 12- پهاڙي بابا 13- هري درشن 14- روهني.

ساميءَ جا سلوڪ
سامي جا سلوڪ گمنامي جي اوڙاه ۾ پيا هئا جن کي هن ئي گڏ ڪري شايع ڪيو. منجهن شاعراني خوبي ڪا ورلي لڀندي جنهن لاءِ ڪوڙي مل ايتري ڪوشش ورتي، پر هندڪي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ هن اها محنت ڪئي. هندن جو شعر انهي زماني ۾ هوئي ڪونه، تنهنڪري جيڪي ملي سگهيس سو ظاهر ڪيائين ۽ اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ داخل ڪرايائين. رتناولي سنڌي ۾ پهريون ناٽڪ آهي تنهن ڪري مسٽر ڪوڙو مل سنڌيءَ ۾ پهريون ناٽڪ نويس آهي، رتناولي هڪ سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو آهي جو هرس ديو لکيو هو. آکاڻي هڪ راجا ڪوسمبيءَ جي آهي، جنهن جي شادي اجين جي راجا جي ڌي سان ٿي هئي. گهڻي پٽاهڙ رڳي هندڪين رسمن جي بيان ۾ آهي ۽ ٻولي سنسڪرت لفظن سان ڀريل آهي. جا بہ عام فهم نہ آهي. ناٽڪ جي شروعات هيٺين ريت ڪئي اٿس. هر شوجي مٿي تي پشپ انجلي چڙهائڻ ڪاڻ پاروتي ڏڪندي ڏڪندي پيرن جي آڱرين تي کڙي ٿي بيٺي پر هنئين جي دڪ دڪ ڪري ائين بيهي ڪين سگهي. سو جي ٽنهين اکين سان اٻلا ڪري جو ڏانهس نهاريو سو ڏاڍي لڄي ٿي ۽ هٿ اچي ڏڪڻ لڳس، تنهنڪري پشپ انجيل اتيئي کڻي ڇڏيائين. اها پشپ شال توهان جي رکيا ڪري.
مٿي چيو ويو آهي ته هن جي سنڌي ٻولي شروعات واي سولي ۽ عام فهم هئي، تنهنجو مثال سندس ڪتاب ”کيتيءَ“ مان ڏجي ٿو.
نيباهو هڪڙو زميندار هو، تنهن کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو هو جيئندو. هو ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. هن جا مٽ مائٽ جيڪي پڙهيا هئا سي وڃي سرڪاري نوڪر ٿيا پر نيباهوءَ جومطلب هو ته ڪچيءَ کان هن ۾ کيتي جي ڪم جو چاه پيدا ٿئي، ته هو لکڻ پڙهڻ سکي هوشيار ٿي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڌنڌي کي لڳي وڃي. تڏهن انهي ڪري جڏهن ڪو وجهه لڳندو هوس، تڏهن سمجهائيندو هوس ته اتم کيتي، مديم واپار ۽ نيچ نوڪري جا چئي اٿن سان انهيءَ ڪري ته کيتي جو ڪم آبروءَ جو ڌنڌو آهي.
مٿئين مثال مان ڏسبو ته ڪوڙو مل سنڌي سولي ۽ با محاوري لکي سگهندو هو. پر جڏهن ڪو موقعو ملندو هوس، ته پنهنجي سنڌي رفتار ڇڏي وڃي هنديءَ جي منجهيل وڪڙ ۾ پوندو هو.

آخوند لطف الله (لطف) حيدرآبادي (1842ع – 1902ع)

آخوند لطف الله (لطف) حيدرآباد جي شيراڻي آخوندن مان هو. آخوند حاجي فقير محمد عاجز جنهن جو احوال مٿي اچي ويو آهي، تنهن جو سڳو سوٽ هو. آخوند لطف الله صاحب سنڌي اسڪول ماستر هو. سندس ٺاهيل تڪ بندي واري ڪتاب ”گل خندان“ ساري سنڌ ۾ مشهور آهي. پراڻي اخبار مان سندس ڇهه غزل هٿ آيا آهن، جن مان ٻہ ٽي هيٺ ڏجن ٿا:
1- ”ڪيو دور فلڪ جي يار کان
مون کي جدا امشب
لکيو تقدير ۾ حرف جدائيءَ
جو قضا امشب
سواد زلف دلبر جي
لکيو خط سياهي جو
ته صبح وصل جو آخر
ڪندو ظاهر ضيا امشب.
دل مجنون سان يارو
اچي منهنجي پئي ياري
ته وحشت کان بهر لحظه
ڪري ته التجا امشب.
پيو تسبيح ۾ ڪو عقد
شڪل بي جميعت جو
ته عارف ورد دوشينو
ڪيو ويٺو قضا امشب.
نه هو مشڪل مگر تسبيح
جو عقد لاينحل
طبع کي عارفن جي هئي
نه تلقين رضا امشب.
مگر منصور جو ناحق
ڏنائون سر مٿي سوري
نه پرجهيم هن حقيقت ڪاڻ
تعبير قضا امشب
به بندي هجر اين مهجور
تا ڪئي پسندي تو
بعز سا بهر درمان
دل محزون دوا امشب.
نه هو ڪو لطف کي هرگز
خيال وصل دلبر جو.
مگر دفع بلاڪارڻ،
گهري ٿي دل دعا امشب.“
(سنڌ سڌار سيپٽمبر 1880ع)

2- ”جئن گهورن سان دل کي گهائين،
تئن سڄڻ سهڻا ساه کي سهائين ٿو.
ڇاهي سورج ۽ چنڊ چوڏهين جو،
هڪ جلوي سان ڦٻئي جهپائين ٿو.
سؤ سؤ سرڪش تون سڄڻ سر ساعت،
ناز نيڻن جي سان نمائين ٿو.
راءِ رانجهن ويٺو رقيبن جي،
ڪئن نماڻن کان اڄ نٽائين ٿو.
ڏيئي دلاسا دليون کسي دلبر،
ميٺ محبت وري مٽائين ٿو.
رس رهاڻيون رکيو رقيبن سان،
عاشقن کي سڄڻ سڪائين ٿو.
پي پهرين وصل جو وعدا،
پوءِ گوشو ڪيو گسائين ٿو.
عاشقن کي عتاب جي منجهه آڳ،
جيءَ جڙيا جي جگر جلائين ٿو.
قرب جو عاشقن جي قلبن ۾،
راز ڪنهن رمز سان رلائين ٿو.
حلقه درگوش جگ ٿئي جاني،
هر طرح حڪم اڄ هلائين ٿو.
عيد ٿي اڄ عجيبن منهنجي اڱڻ،
پرت جا پير پر جو پائين ٿو.
سچ سخن ۾ ادا سخن پرور،
قاسما ڪيميا ڪمائين ٿو.
ٿي مشفق ۽ مهربان مٺا،
لئون جڏهن لطف ساڻ لائين ٿو.
(اخبار سنڌ سڌار سيپٽمبر 1880ع)
3- غزل (ذوقافيتن)
هر هر پڇان ٿي پنڌڙا منٺار يار ڪاڻ،
مشڪل ٿيم گذارڻ دلدار ڌار هاڻ.
ڇڏ ڪيم تون ڇپر ۾ ٿر ۾ نہ هي ٿڪي،
گولي نيو قطاري ڪيچي قطار ساڻ.
خوش هوس، هوس جڏهين کون عشق بي خبر،
آڻي وڌم ڏکن جي ڏولي ڏوار ساڻ.
هوءَ جا تري نہ ڄاني گمراهه منجهه گسن،
ڏيکاريو ڀليءَ کي ڀيلو ڀتار ڀاڻ.
جيڪر اچين ڀلائي منهنجي اڱڻ عجيب،
قربان نثار توتان قربان يار پاڻ.
هن بحر ۾ سخن کي ذوقافتين جوڙ،
در سخن سياڻا هئن آبدار پاڻ.
جا لطف رمز سهڻي هن شعر ۾ سئي،
ڪل کان ڪسرتنهن کي تون هوشيار ڄاڻ“.
(سنڌ سڌار ڊسمبر 1876ع)

ميان شمس الدين (بلبل)1857ع – 1919ع)

ميان شمس الدين (بلبل) ميهڙ شهر (ضلع لاڙڪاڻه) جو ويٺل زميندار هو. پارسي ۽ اردو ٻوليءَ جو چڱو مايو هوس. اوائل ۾ اردو اخبارن ۽ رسالن وارا شعر شوق سان مطالع ڪندو هو پاڻ بہ اردو ۽ پارسي شعر ٺاهيندو هو، ڦوه جوانيءَ جي وقت داڻي پاڻي جي قسمت ڪراچي جا وڻ ڏيکاريس. اتي خان بهادر حسن علي سنڌ مدرسه الاسلام جي هفته وار ”معاون“ جي ايڊيٽريءَ جو ڪم ميان شمس الدين جي حوالي ڪيو. ”معاون“ اخبار ۾ سنڌ جي جدا جدا شاعرن جا سنڌي غزل جام ڇپبا هئا. اهي ڏسي پوءِ شمس الدين صاحب کي بہ غزلن ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
ڪراچي ۾ بلبل صاحب کي مجازي عشق جي چپيت بہ لڳي ويئي. آخر پنهنجي معشوقه پارسياڻيءَ کي ڪراچي مان کڻي وڇي ميهڙ کان ڪڍيائين ۽ جيڪي قانوني تڪليفون پيش آيو؛ تن مان پار نڪري ان مائيءَ سان شادي ڪيائين ۽ ڪراچيءَ جي پچر ڦٽي ڪري پنهنجي وطن ۾ زمينداريءَ جي ڌنڌي ۾ مشغول رهيو.
1- بلبل صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ چوي ٿو؛
”جي نہ اچي ڪي بلبلان ڪين ٿئي اي گل گلان،
روز چمن ۾ چهچٽو تازه بتازه نو بنو.“
(ديوان بلبل غزل 91)
نوٽ: ان مائيءَ جو نالو گلان هو، نہ رڳو انهيءَ غزل ۾ پر ٻين بہ ڪيترن ئي غزلن ۾ بلبل صاحب پنهنجي معشوقه جو نالو ذومعنى طرح نروار ڪري ڇڏيو آهي.
بلبل صاحب ڪراچيءَ رهڻ واري زماني جو احوال ٻئي هڪڙي غزل ۾ هن طرح ڏنو آهي:
”عشق انسان لاءِ اگهاڙو آهه،
عقل جي وڻ ۾ ڄڻ ڪهاڙو آهه.
فوج حسينن جي دل ڦري ٿي جهٽ پٽ،
هي بہ هڪ دلبرن جو هڪ ڌاڙو آهه.
جاڏي دل جو سلام ٿئي تاڏي،
سرڪاري لشڪر لڱن جو لاڙو آهه.
خرچ ڪثرت سان ٿئي ڪراچيءَ ۾ آهه،
موت هر ڪنهن مڪان جو ڀاڙو آهه.
فائز ڪنهن جو آهه نيپئر روڊ،
واه ان ۾ امام واڙو آهه.
جو ڏسو هت جوان مڙس بلي،
سڀڪنهن کي هي سوز ساڙو آهه.
باغ فرقت ۾ گل ري بلبل کي،
رات ڏينهن روڄ راڙو آهه.
(ديوان بلبل رنج 93)

بلبل صاحب جي تصنيفات ۽ ڪلام
بلبل جهڙو عمدو شاعر هو، تهڙو قابل نثر نويس هو. ڪراچي ڇڏي پنهنجي وطن ۾ وڃي رهيو، تنهن کان پوءِ ڪجهه وقت اخبار ”آفتاب سنڌ“ (سکر) جي ايڊيٽري بہ ڳچ هلايائين ۽ نثر ۾ بہ ڪي ڪتاب لکيائين.
نظم ۾ سندس مشهور ڪتاب آهي ”ديوان بلبل“ (بمعہ) ڪريما نيچرل“

ديوان بلبل
صورتخطي ۽ ڇاپو:
”ديوان بلبل“ جنوري 1981ع ۾ ليٿو گراف ڇاپي ۾ ڇاپيل آهي. منجهس جيڪا صورتخطي ڪم آيل آهي، سا هاڻوڪي رواجي صورتخطيءَ سان موافق نہ آهي. گهڻن هنڌ ”نون غنه“ جي بدران منجهس ٻہ زيرون، يا بہ پيش ڪم آيل آهن. تنهن کان سواءِ ”جنهن“،”تنهن“.”ڪنهن“،”مينهن“، ”نينهن“ ۽ ٻيا اهڙي نموني جا لفظ جهوني نموني ۾ لکيل آهن. ڇاپي جون چڪون بہ تمام گهڻيون آهن: ڪٿي ڪٿي لفظن جا لفظ ڪاتب وساري ويو آهي، ته ڪٿي پنهنجي اوٽ تي زياده لفظ ملائي ويو آهي.

(2) ڪلام جي خصوصيت:
بلبل جي ڪلام جي جا خصوصيت آهي، سا آهي ”مذاق“ ۽ ”ظرافت“ پاڻ انگريزي پڙهيل ڪين هو ۽ ان وقت انگريزي پڙهيل مسلمانن جي سوٽ پتلون ۽ مغربي فئشن جي ڳالهه ۽ مذهب کان بيپرواهي عام طرح مسلمانن ۽ مولوين کي ناپسند هوندي هئي، تنهنڪري بلبل مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا مذاق ۽ ظرافت ڪم آندي آهي، سا خاص طرح مغربي فئشن پسند ڪندڙن انگريزي دان مسلمانن لاءِ ڪم آندي اٿس، ڪن ٿورڙن هنڌن اهڙن وڏيرن ۽ زميندارن تان بہ مذاقون ڪيون اٿس، جي بازاري عورتن جي عشق ۾ گهر ڦوڪي ڏياري ڪندا آهن. ”ديوان بلبل“ مان ٻہ ٽي مثال مذاقيه ڪلام جا هيٺ ڏجن ٿا:

مرد ٿيا مڪار چو ڪهڙي چيم،
ڪي رنون ٿيون خوار چو ڪهڙي چيم.
جاڪٽ ۽ پتلون پايو دوستو،
جي ٿيو. سرڪار چو ڪهڙي چيم.
جنهن مٽايو وضع پنهنجي کي ادا،
سو ٿيو ناڪار، چو ڪهڙي چيم.
فخر جي حاصل ڪيو سيني مٿان،
ٿيو ولايت ٿيان، چو ڪهڙي چيم.
جي اڃان صاحب سڏايو سنڌ ۾،
تان رهو هوشيار، چو ڪهڙي چيم.
چرٽ کي هر وقت بابو وات ۾،
سينڌ جو سئڪار چو ڪهڙي چيم.
ڪر مڇون مضبوط مرد وڌنديون وڃن،
ڪوڙڏاڙهيءَ وار، چو ڪهڙي چيم.
پي برانڊي خوب کائو پيا ڌڪا،
بر سر بازار، چو ڪهڙي چيم.
جي گهڻو سڏجو سياڻا تان ٿيو،
دين کون بيزار، چو ڪهڙي چيم.
هجر ۾ نالان رهي ٿو بي وطن،
بلبل بيمار چو ڪهڙي چيم.
(ديوان بلبل غزل 76)
”نيچري فن ۾ ڏيکارين،
ٿا نئون فن پنهنجو.
خوب فرڙاٽ ۽ برڙاٽ،
سان فئشن پنهنجو.
ڇا اسان کي اوهين سمجهو ٿا،
ته سنڌي آهيون.
خاص لنڊن سان آهي ناتو،
۽ نيشن پنهنجو.
مور ماني جو آهي زور،
ناهه ڪو فئشن ۾ مزو.
حسن ليڊين جو آهي روز،
۽ فئشن پنهنجو.“

”ڪريما نيچرل“ ته خاص طرح ”مذاقيه“ ڪلام آهي. شيخ سعدي جي تصنيف ڪيل ”ڪريما پارسي“ جي مصرعن اڳيان انگريزدان فئشنل جوانن تان مذاق ڪرڻ لاءِ بلبل صاحب پنهنجون مصرعون ڳنڍيندو ويو آهي. اهو سڄو ڪتاب ”مثنوي شعر“ جي صورت ۾ آهي. هت انهيءَ مثنوي مان ٿورا بيت نموني خاص ڏجن ٿا:
”پيارج ڪو اڄ ٽيرو وسڪيءَ جو يا
ڪريما ببخشاء بر حال ما
متان هي اسان کي منجهائن ملان
نگهدار مارا ز راهه خطا
سکيو جو نہ گڊ مارننگه ماءِ ڊيئر
بهشتي نباشد بحڪم خبر
ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور
نباشي ز گلزار فردوس دور.
نوٽ: ”ظرافت“ ۽ ”مذاقيه ڪلام“ جي ڪري بلبل پنهنجن هم عصر خواه پيشين شاعرن کان گوءِ کني چڪو آهي. سارو مذاقيه ڪلام اڻ سڌيءَ طرح ناصحانو ڪلام آهي.

ديوان ليلارام سنگ وطڻمل (خاڪي)

ديوان ليلارام سنگ حيدرآباد سنڌ جو لعلواڻي عامل حيدرآباد جي پارسي خواندن ديوانن مان هڪڙو هو. هو انگريزي، سنسڪرت، هندي، پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ ماهر ۽ جڊيشيل کاتي ۾ سول ڪورٽ جو جج هوندو هو. هو صوفيانه خيالن وارو ويدانتي ۽ نانڪ پنٿي هو. اول ديوان ليلارام نالو هوس ۽ پوءِ حيدرآباد شهر جي نانڪ پنٿين جو اڳواڻ ليکبو هو ۽ انهيءَ پنٿ جون قيمتي خدمتون ڪيائون.
ديوان ليلارام سنگ صاحب جي تصنيفات ۽ سندس ڪلام
ديوان ليلارام سنگ صاحب شاه ڀٽائي ۽ ان جي ڪلام بابت انگريزيءَ ۾ هڪڙو ڪتاب ”ديوان لطيف“ نالي تصنيف ڪيو هو ۽ اڃا سرڪاري لئبررين ۾ ان جون ڪاپيون موجود آهن. سنڌيءَ ۾ ”سورجن راڌا“ نالي هڪڙو عمدو ناٽڪ تصنيف ڪيو هئائين، جو ناٽڪ ”ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ وارن ڪيترا ڀيرا اسٽيج تي ڪري ڏيکاريو هو، ۽ عام خاص کي پسند آيو هو. اهو ناٽڪ جو ڪتاب بہ ڇاپيل صورت ۾ موجود آهي. ديوان صاحب ”علم عروض“ توڙي ”علم موسيقي“ جي اصولن تي شعر چوندڙ چڱو شاعر بہ هو. سندس ٺاهيل شعر جو هن وقت تائين شايع ٿيل آهي سو هڪڙو علم موسيقي جي اصولن تي ٺاهيل راڳ آهن، جي سندن ٺاهيل ناٽڪ ”سورجن راڌا“ ۾ موجود آهن ۽ ٻيو علم عروض جي اصولن تي ٺهيل ڪلام جو ”ديوان خاڪي“ جي نالي سان ڇاپيل آهي. اسين هت فقط ”ديوان خاڪي“ کي ادبي نظر سان جاچيون ٿا.
خاڪي صاحب جي ڪلام جي خصوصيت
خاڪي صاحب جي ڪلام ۾ هي خصوصيت آهي جو ٽن چئن غزلن کان سواءِ باقي هر هڪ غزل ۾ پارسي، اردو، هندي، پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ گڏ وچڙ ڪم آيل آهن: اضافتون پارسي ته فعل سنڌي، فعلي صورتون پارسي ته باقي لفظ هندي، پنجابي وغيره: فعلي صورتون هندي، پنجابي يا سرائڪي ته باقي لفظ سنڌي وغيره وغيره مثال:
”الله ڄاڻي جو ملڪان دي فتح ڪجهه ٻيا يارا،
فتح هي ملڪ دل دي وي سڪندر خود هوس دارا.
اسان وچ ويک تون درياء خضري نام آن ظلمات
سڪندر بنڪي اوپر آ اهي انفاس انڌارا.
اگر اندر ويهه تاريڪي تو اوپر خود سفيدي ڪيا ۽
اندر ڪالي سي بهتر جان آخر دوس منهن ڪارا.
الاهي ايڻ چه اسوارست انسان هر ڪو اپني ريت.
ڪوئي هي چاهيندا نيڪي بدي ڪون ڪو وڄا نعرا
الاجي ڄاڻندا هر ڪو ڪه صنعت گر همون ڪا ايڪ
همون هي خاڪ ڪا خاڪي بيهي صنعت بيا يارا.“
(غزل پهريون)

ڪيولرام سلامت راءِ (1809ع – 1890ع)

سنڌ جي اڳوڻن نثر نويسن مان هڪ مشهور نثر نويس مسٽر ڪيولرام سلامت راءِ هو. هن جي ٺيٺ ۽ نج سنڌي خاص امتياز واري آهي. جنهن جي عبارت ۾ هڪ انوکي ڪشش آهي. پارسي کان واقف هجڻ جي باوجود هن اهڙي مٺي ۽ سلوڻي سنڌي لکي آهي جو سڀڪو سنڌي شهر جو يا ڳوٺ جو سڀ ڪنهن وقت حظه حاصل ڪري سگهي ٿو. هن جون مشهور تصنيفون ”گل شڪر“ ۽ ”سوکڙي“ آهن. گل شڪر ۾ 5700 سنڌي پهاڪا آهن جن جي تشريح ڏاڍي دلچسپ نموني ۾ ڏنل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مسٽر ڪيولرام هئن لکي ٿو:
”ڌڻي جو آسرؤ“
ساراه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ کي سڀن ساه وارن ۾ وڏي مان وارو ڪيو آهي. ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿس، ۽ سندس کائڻ پيئن ۽ پهرڻ لاءِ طرحين طرحين جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي پڻ جڳائي جو پنهنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي ساراهه ڪري ۽ پڄنديءَ سارو سندس وڏائي چئي سڻائي. ان ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان جو مون کي پڻ انهن ماڻهن ۾ اپائي. ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس. تنهن اپائڻهار جي دڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راج جا ۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهاندار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا ايمان ۽ مان سان نوڪري ڪري تاريخ 16 فبروري 1864ع کان وٺي 100 روپين مهيني تي پينشن ۾ آيو آهيان. هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي تڏهن سو ٻہ سو پهاڪا لکائي پڇايامانس پر ويچار ڪيم جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصلاحي اکر آيا آهن جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نہ اچن جن جي ٻولي ماءُ پٺيان آهي تڏهن ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻي جي گهرج ڇو نہ ٿيندي، تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم.
اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن. پر اهي عمر جا جوان ۽ عقل جا تکا سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن: جهڙا وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتوبند جي ڪاٺ ۽ عاج تي اچا اچا ڪم ڪن يا جڙيا، جي سون ۾ جواهر جي جوت جوڙين يا نقاش جي چڱيون مورتون جوڙين، تن جي اڳيان آءُ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ ڏئي جهڙو سادي ڪم وارو آهيان. جنهن جو ڪم فقط اهو آهي جو سونارن جي هٽن جو ٻهر گڏ ڪري، ڌوئي منجهانئس مال ڪڍي. تن وانگي مون پڻ گهڻن جا چيل سادا پهاڪا گڏ ڪري پورهئي سان منجهانئن پنهنجو مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي مهرباني ۾ هي اميد ٿو رکان جو جيڪو منجهن ٻولو، رولو ڏسن تنهنجي ڏڏائي ڏي نہ نهارين ۽ پنهنجو لائق سڃاڻي ان ڀل چوڪ کي سنواري ڇڏين.
پهريائين ڀانيم جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار ڪري بابت لکان پر پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن ان طرح جيڪر گهڻا باب ٿي پون ها، سو ڪره تي ڪي پهاڪا اهڙا آهن جو جيڪر هڪڙي پهاڪي لاءِ ڌار باب ڪرڻو پوي ها، تنهن ڪري سنڌي الف ب جي تختيءَ تي نظر رکي هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.
2-3 پهاڪا سمجهاڻين سميت هيٺ ڏجن ٿا. جن مان معلوم ٿيندو ته اڳ ۾ هندن کي ڪيتري قدر پارسيءَ تي دسترس هوندي هئي.
”اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.“
هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو. جو جڏهن تاڃي اڳيان پکڙيل آهي ۽ پيٺي لاءِ نڙو هٿ ۾ اٿس. تڏهن ڪپڙو گهاٽو اڻي توڙي ڇڊو ته مرضي سنديس پر حقيقت جي واٽ ۾ مطلب هي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهه وارو آهي، نہ ڪنهن جي صلاح وهڻيو، نہ ڪنهن جو دلبو کائي نہ ڪنهن جو مٿس زور هلي نہ ڪنهن جي واهر گهري جيڪي وڻيس سو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
قادرا! قدرت تو داري هرچه خواهي ان کني
مرده را جاني بہ بخش زنده را بيجان کني
شاه راتاجي بہ ستاني آرزوئي نان ڪني
هر گدائي راکه خواهي آن زمان سلطان کني.
سنڌي – اي ڌڻي سگهارو آهين جيڪي وڻيئي سو ڪرين مئي کي جيارين جيئري کي مارين راجا کان ڇٿ کسي ان کي مانيءَ جو محتاج ڪرين – جنهن پينار کي وڻيئي، تنهن کي ان مهل راجا ڪرين.
نمبر 16- ”ڏاند چڙهي ته ڏک ڏسي.“
جنهن غريب ماڻهوءَ کي پنڌ ۾ چڙهڻ واسطي ڏاند ملي سو پنڌڙئي کان سکيو هلندو، پر جڏهين اهڙي حالت ۾ بي راضي ٿئي تڏهين ڄاڻبو جو ڌڻيءَ جي ڏني تي بي شڪري ڪيائين هن پهاڪي جو مخاطب آهي. مثال هڪڙو غريب ماڻهو ڪٿان لڏي جنڊ مٿي تي کڻي جوءِ ڏاند تي چاڙهي ڪاڏي هليو. واٽ تي زال کي هڪڙي ساهيڙي ملي تنهن کيڪاري پڇيس، تنهنجي اڳيان مڙس ڏي هٿ کڻي چيائين جو هو جنڊ کنيو جشن ڪندو هلي. آءٌ ڏاند چڙهي ڏک ڏسندي ٿي وڃان. تنهن تي ساهيڙي چيو جو مڙس توکي مهرباني ڪري ڏاند تي چاڙهيو آهي. ته بہ بدران سندس گلا ٿي ڪرين. سو مڙس توکان ڇا راضي ٿيندو. تنهن وانگر جو شخص ڌڻيءَ جي همت جو شڪر نہ ڪندو، تنهن سان ڌڻي راضي نہ رهندو. جهڙو فارسي واري چيو آهي.
خدا وند ز آن بنده خورسند نيست
که راضي بہ قسمت خدا وند نيست
سنڌي- اُن ٻانهي کان ڌني راضي نہ آهي
جو ڌڻيءَ جي ورهاڱي تي راضي نہ آهي.