شخصيتون ۽ خاڪا

جيءَ جهروڪا

هن ڪتاب ۾ ڪل سورنھن شخصيتن سنڌ مان پير حسام الدين راشدي، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، ارجن شاد، امر جليل، الطاف عباسي، ثميرہ زرين، رشيدہ حجاب ۽ تاج بلوچ، جڏھن تہ ھند مان پروفيسر رام پنجواڻي، موھن ڪلپنا، ھري موٽواڻي، گوبند پنجابي، پوپٽي ھيراننداڻي ۽ ٽھلرام آزاد  تي مختلف عنوانن سان لکيل خاڪا شامل آھن . ماھتاب محبوب ھن مجموعي ۾ شامل ادبي ۽ علمي شخصيتن جي جھڙي انداز سان واقفيت ڪرائي ٿي، ان ۾ شروع کان پڇاڙيءَ تائين دلچسپي برقرار رکي ٿي. ماھتاب جي ٻوليءَ ۾ نج سنڌيت جو ھڳاءُ ملي ٿو.  

Title Cover of book جيءَ جهروڪا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ماھتاب محبوب پاران ھند سنڌ جي ليڪن تي لکيل خاڪن جو مجموعو ”جيءَ جهروڪا“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ ڪل سورنھن شخصيتن سنڌ مان پير حسام الدين راشدي، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، ارجن شاد، امر جليل، الطاف عباسي، ثميرہ زرين، رشيدہ حجاب ۽ تاج بلوچ، جڏھن تہ ھند مان پروفيسر رام پنجواڻي، موھن ڪلپنا، ھري موٽواڻي، گوبند پنجابي، پوپٽي ھيراننداڻي ۽ ٽھلرام آزاد  تي مختلف عنوانن سان لکيل خاڪا شامل آھن . ماھتاب محبوب ھن مجموعي ۾ شامل ادبي ۽ علمي شخصيتن جي جھڙي انداز سان واقفيت ڪرائي ٿي، ان ۾ شروع کان پڇاڙيءَ تائين دلچسپي برقرار رکي ٿي. ماھتاب جي ٻوليءَ ۾ نج سنڌيت جو ھڳاءُ ملي ٿو.  
ھي ڪتاب 1982ع  ۾ ارم پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي