سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پير تاج محمد قريشيءَ جو مشيگن کان ٽورنٽو تي لکيل سفرنامو ”پرديس ٿيو ديس پنھنجو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 
ھي ڪتاب 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي پير تاج محمد قريشي صاحٻ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.

حق ۽ واسطا

Amarta’s Book No.73

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
پرديس ٿيو ديس پنهنجو
] سفرنامو[
پير تاج محمد قريشي
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل ۽ گرافڪس: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: خادم حُسين جروار
ڇاپو پهريون: جنوري 2023ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 500.00 روپيا

Pardes Thi’o Des Panh’jo
[Travelogue]
Pir Taj Muhammmad Qureshi
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title & Graphics: Irfan Ali Memon
Composing: Khadim Hussain Jarwar
First Edition: January 2023
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation, Sindh
ISBN: 978-969-7954-36-0
Price: Rs.500.00

ارپنا

هي ڪتابُ،
پنهنجي والدين
جي نالي ڪريان ٿو،
جن جي محنت ۽ تربيت جي ڪري
ڪجهه لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل ٿيس.


- پير تاج محمد قريشي

اداري پاران: پرديسي ۽ پنهنجائپ

’امرتا پبليڪيشنز‘ پاران پنهنجي 2001ع کان شروع ڪيل پبليڪيشنس واري سفر ۾ هيل تائين 72 ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن، جن ۾ سفرنامن جا ڪتابَ به سُٺي انگَ ۾ شامل آهن، جهڙوڪ سائين الطاف شيخ جا ٽي ڪتابَ ’جهنگٻار زنجبار‘، ’نڪري ويا ناکُئا‘ ۽ ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ سميت سائين منظور جوکيو جو هڪ ڪتابُ ’هوا جي ديوار‘، احساس ميرل جو ’مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو‘، سائين عبدالله ناريجي جو ’مديني جو مسافر‘ ۽ سائين ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو جو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ پيش ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته هڪڙو ڪتاب آپا تنوير جوڻيجو جو ترتيب ڏنل ’ڊاڪٽر سنجيده مغل جي آتم ڪهاڻي‘ به آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ جو موضوع ته ’آتم ڪهاڻي‘ آهي، پر اهو آتم ڪهاڻيءَ سان گڏ ڄڻ ته سفرنامي جو به اُهڃاڻ آهي.
هيل تائين پيش ڪيل سمورن ڪتابن جا موضوع جدا جدا آهن، پر اسان جي محنت انهن سڀني تي دل جي حُضور سان ڪيل آهي، ائين جيئن ماڻهو پنهنجن ٻچن سان پيار ڪندو آهي، بلڪل ان ريت اسان پنهنجي پبليڪيشنس جي سمورن ڪتابن سان پيار ڪيو آهي ۽ هونئن به ڪتاب ته آهن ئي پيار جي لائق، جو ڪتاب ڪڏهن به نفرت نٿو سيکاري بلڪِ سدائين محبت جو درس ٿو ڏئي.
’امرتا پبليڪيشنس‘ جو هيءُ ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن منجهه آهي، سو اسان جي ٽنڊي الهيار جي ڀرواري مشهور ڳوٺڙي ’ڪامارو شريف‘ جي انتهائي احترام لائق معزز خانوادي جي سائين ’پير تاج محمد قريشي‘ صاحب جو لکيل سفرنامو آهي، جيڪو آمريڪا جي مختلف شهرن بابت آهي. پير صاحب، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا شفٽ ٿي ويو ۽ سالن کان اتي ئي پنهنجي فيمليءَ سميت رهائش پذير آهي ۽ هاڻ هُو آمريڪا کي ئي پنهنجو ديس سمجهي ٿو، ان ڪري هُن پنهنجي هن سفرنامي جو نالو ئي ’پرديس ٿيو ديس پنهنجو‘ رکيو آهي.
۽ عزيزانِ گرامي! ائين ٿيڻ به گهرجي، ’جنهن جو کائجي تنهنجو ڳائجي‘ واري ڳالهه ته سنڌ واسين وٽ سينه به سينه پراڻي روايتن آڌار هلندي اچي ٿي، سو اها ته اسان جي ورثي جي سُونهن آهي ته اسان کي جتي محبت ملي ٿي، ان محبت جو سنڌي ماڻهو قدر ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي من اندر پيڙهي در پيڙهي محبتن جي جيڪا سُتي پيل آهي، سا اهڙو ’وَکُر‘ آهي، جيڪو پئي پراڻو ٿي ئي نٿو سگهي.
هي ڪتاب، يقين ڄاڻو ته سادي ٻوليءَ ۾ نهايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيو ويو آهي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالهين جو مِٺاس به منجهس شامل آهي، جن جو چسڪو دل جي زبان کي وڻندڙ ذائقو ڏئي ٿو. ليکڪ، پنهنجي سادگيءَ کي ڄڻ ته کولي بيان ڪيو آهي. اظهار جو اهو پيرايو ’امرتا‘ کي بيحد پسند آيو ۽ پڪ اٿئون ته اسان جا پڙهندڙ به کيس جِيءَ ۾ جاءِ ڏيندا. آباد سلامت هجو.

فقير محمد ڍول
ڇنڇر 17 ڊسمبر 2022ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد

مُهاڳ: ڪامارو شريف کان ڪئليفورنيا ۽ مشيگن

هُو ڇا چوندا آهن انگريزيءَ ۾ ته This world is very small يعني هيءَ دنيا جيڪا هونءَ ته کڻي تمام وڏي آهي، جنهن ۾ انيڪ ملڪ آهن ۽ هر ملڪ تمام وڏو آهي پر ان متل ميلي ۾ ڪڏهن وڏو عرصو گم ٿي ويل ماڻهن سان ملاقات ٿيو وڃي يا ڪي اهڙيون ڳالهيون رونما ٿيو پون جو حيرت ٿئي ٿي.
مون کي 1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. جنهن پهرئين جهاز تي مون کي رکيو ويو، اهو ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪجهه بندرگاهن مان ٿي وري هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ موٽي آيو. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو بنگلاديش پاڪستان جو اوڀر وارو حصو هو ۽ اتي جو بندرگاهه چٽاگانگ ۽ مغربي پاڪستان جو بندرگاهه ڪراچي اسان جي جهاز لاءِ هوم پورٽ هئا. ڪنهن به پاسي ويندا هئاسين ته اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته واپسي تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوم پورٽ لاءِ ڪارگو (سامان) ملي، جيئن هوم پورٽ ۾ پهچڻ يا موڪلن تي وڃڻ وارا گهر وڃي سگهن. پهرين جهاز جي ننڍڙي ۽ ويجهن بندرگاهن واري سامونڊي سفرن بعد منهنجي جنهن جهاز تي بدلي ٿي، اهو يورپ روٽ تي هليو ٿَي يا آمريڪا ۽ ڪئناڊا واري روٽ تي.
گهر کان پري ٻاهرن ملڪن ۾ پنهنجي هم وطنن سان ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ويتر جي ڪو سنڌي ڳالهائڻ وارو ملي ويندو هو ته مون کي اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي، جو سڄي جهاز تي سنڌي ڳالهائڻ وارو آئون اڪيلو هوندو هوس. انگلينڊ جا ئي بندرگاهه هوندا هئا، جتي اردو ۽ پنجابي ڳالهائڻ وارن سان گڏ ڪو ڪو سنڌي ڳالهائڻ وارو به ملي ويندو هو. هي اهو زمانو هو جو عام طور اسان جي ملڪ جا سنڌي ته بنهه نظر نه ايندا هئا، البت پنجاب جا ماڻهو ۽ ڪجهه پٺاڻ پڻ، انگلينڊ کان علاوه يورپ جي ملڪن ۾ نظر ايندا هئا سي به ڏکڻ يورپ جي ملڪن: فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾.
اهڙي طرح آمريڪا جي بندرگاهن: نيواورلينس، بالٽيمور، فلڊلفيا، هيوسٽن، پورٽ آرٿر ۾ ڳولڻ سان ڪو سنڌي ته نه پر پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جو به ورلي ڪو نظر آيو ٿَي.
آمريڪا کنڊ جي اوڀر واري سڄي ڪناري تي هڪ نيويارڪ اهڙو بندرگاهه هو جتي اسان جا پاڪستاني مليا ٿَي ۽ ڪجهه سنڌي پڻ جن ۾ منهنجو پيٽارو جو دوست، ٽنڊو قيصر جو نُور احمد نظاماڻي پڻ هو جنهن جي معرفت ٻين سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي. نظاماڻيءَ وارا هڪ فلئٽ ۾ رهندا هئا. ساڻس گڏ جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر، وي سي نذير مغل جو ڀاءُ بشير مغل پڻ رهيا ٿَي. ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري به اتي ايندا هئا. مون کي نيويارڪ گهمڻ کان وڌيڪ پنهنجي هم زبان وارن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ ۾ مزو ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اڄ وانگر پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون نه هيون. ان ڪري جيترا ڏينهن اسان جو جهاز نيويارڪ يا ڀرواري بندرگاهه نيوارڪ (نيوجرسي) ۾ لنگر انداز هوندو هو ته سڀني يارن جي مانيءَ جو بندوبست اسان جي جهاز تي هوندو هو. اسان جي جهاز تي پاڪستاني بورچي هجڻ ڪري هر وقت پنهنجي ملڪ جا کاڌا ويندي چپاتيون ۽ نان به ٺهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آئون نور احمد نظاماڻي وارن جي فلئٽ ۾ رهي پوندو هوس ته نور احمد پاڻ يا اسان وارو مائٽ (منهنجي نانيءَ جو ڀائٽيو بشير مغل) ڪنهن يهوديءَ جي دوڪان تان گوشت وٺي ٻوڙ يا قيمون ٺاهيندو هو. انهن ڏينهن ۾ عرب، ايراني، اسان ۽ ٻيا مسلمان يهودين جي ذبح ڪيل ڍڳي، ٻڪري جي گوشت کي حلال سمجهندا هئاسين جيڪو ’ڪوشر‘ سڏجي ٿو. ان وقت جي مقامي مُلن توڙي مصر جي مولوين کان مليل فتوائن موجب يهودين جي دوڪانن تي ملندڙ ڪوشر گوشت حلال سمجهيو ويو ٿي پر پوءِ اختلاف راءِ ٿي پئي ۽ هاڻ ته مسلمانن جا دنيا جي هر شهر ۾ ايترا حلال گوشت جا دوڪان ٿي پيا آهن جو ’ڪوشر‘ جي ڪو ڳالهه نٿو ڪري.
اتي ئي نيويارڪ ۾ حيدرآباد جي عبدالرزاق شيخ جو ’شالامار‘ نالي دوڪان هو. شالامار دوڪان ڀرسان ڪولمبيا يونيورسٽي هئي ۽ هن دوڪان تان گهڻو ڪري يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين خريداري ڪئي ٿَي خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچي ڊريسون.
نُور احمد نظاماڻيءَ وارن جو فلئٽ نه فقط سهڻو هو پر نيويارڪ جي اوچي علائقي ۾ هو جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ڪيتريون ئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون مهمان طور اچي رهيون ٿي. پير جهنڊي جي پير فضل الحق راشدي، مخدوم امين فهيم ۽ ٻين ڪيترن سان منهنجيون اتي ملاقاتون ٿيون. مهمان نوازيءَ جا فرض گهڻو ڪري شالامار دوڪان جو مالڪ عبدالرزاق شيخ ادا ڪندو هو. هڪ شخص جنهن جي مون سڀني واتان تعريف ٻڌي پر ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، اهو ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي هو. بس اتفاق اهڙو ٿيو جو هن جي نيويارڪ ۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ڪئناڊا پاسي يا ويسٽ انڊيز هليو ويندو هو يا ته وري يورپ کان وڃي نڪرندو هو. نه فقط نور احمد نظاماڻي ۽ مير مبارڪ ٽالپر پر انهن کان به وڌيڪ عبدالرزاق شيخ پير عبدالحميد قرشي ۽ پير فضل الحق راشدي جي تعريف ڪندو هو. مون کي پير عبدالحميد صاحب سندن ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ جي ڪري اڄ به ياد رهندو اچي.
جيسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت ٺهي راس ٿئي، تيسين اسان شروع جي ٻن بئچن ميرپورخاص جي هڪ ڪاليج جي عمارت جي هڪ حصي ۾ تعليم حاص ڪئي. حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندي ٽنڊوالهيار بعد ڪامارو شريف ريلوي اسٽيشن اڄ به ياد آهي. ٽنڊوالهيار ۾ رهندڙ منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج جي دوستن محمد عالم هاليپوٽي ۽ عبداللطيف دائودپوٽي وارن سان ڪامارو شريف ۾ هنن پيرن جي درگاهه تي به گهمڻ لاءِ آيا هئاسين. هتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي پيرن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن پنهنجي اولاد پٽن توڙي ڌيئن کي تعليم ڏياري، جيئن مٽيارن جا ڄاموٽ آهن جن مان ڪيترا ته ڪئڊٽ ڪاليج مان به پڙهيا، بلڪ ’ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو‘ ۽ حسن ابدال نه ٺهيو هو ته ان کان اڳ هو لاهور جي ايچيسن ڪاليج مان پڙهيا. اهڙي طرح هي ڪامارو شريف جا پير آهن، جن اڄ جي دستور موجب اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جهڙي تهڙي بي اي سا به ٻين جي معرفت ڊگري حاصل نه ڪئي، پر علم خاطر صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي. ڪامارو شريف جي پيرن ۾ توهان کي ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته ملندا. اها اهڙي شئي آهي، جيڪا اسان جي ٻين پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن کي فالو ڪرڻ کپي.
ڪامارو شريف جي پيرن مان ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن جا نالا جيڪي هن وقت ڌيان ۾ اٿم، آهن: ڊاڪٽر پير محمد علي قريشي، ڊاڪٽر محمد غوث قريشي، ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي جيڪو اسرا يونيورسٽي ۾ هڏن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي، ڊاڪٽر پير اويس ۽ ڊاڪٽر پير معروف قريشي ايڊيوڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ پير محمد بشير، پوليس کاتي ۾ پير عبدالوحيد قريشي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ پير عبدالمجيد قريشي، ويندي عبدالرزاق شيخ جو دوست ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هن وٽ نيويارڪ ايندڙ پير عبدالحميد قريشي جنهن بعد ۾ پوليس مان ائڊيشنل آءِ جي ٿي رٽائرڊ ڪيو. هُو اڄ ڪلهه 87 کن ورهين جو ٿيندو ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهي ٿو. بهرحال جتي اسان جي ڪيترن ئي پيرن جا ٻار تعليم ۾ دلچسپي نٿا وٺن، اتي ڪامارو شريف جا پير انهن چند گادين مان آهن، جن وٽ تعليم کي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به تعليم يافته ۽ وڏين نوڪرين ۾ آهن. اسان جي ڳوٺ جو اديب و شاعر، سوشل ورڪر نظام ڪاڪا جي، جنهن جو مرحوم ڀاءُ لکمير ڪاڪا صاحب ٽنڊوالهيار ۾ 22 سال ٽيچر ٿي رهيو ۽ نظام ڪاڪا جو به تقريبن هر هفتي ٽنڊوالهيار وڃڻ ٿئي ٿو، ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڳالهائيندي چيو ته، ”هي اهي پير آهن، جيڪي سياست کان پري آهن. ڪامارو شريف جا پير شرافت جا مڪمل مجسما آهن. هنن کي هر وقت پنهنجي اوڙي پاڙي جي ماڻهن جو خيال رهي ٿو... هُو نيڪ ۽ پرهيزگار آهن.“
اهي ئي ڳالهيون مون 50 سال اڳ نيويارڪ ۾ سائين عبدالرزاق شيخ، جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر، ٽنڊو جان محمد جي ڏاهري ڀائرن ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻي جيڪي آمريڪا ۾ رهيل هئا، انهن کان ٻڌيون ۽ منهنجي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پڙهندڙن جي اتساهه ۽ ڄاڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڪجهه سٽون لکان. مٿي لکي آيو آهيان ته هيءَ دنيا مختصر آهي جتي ميلي ۾ گم ٿيل وري مليو وڃن. جتي هڪ عرصي بعد ڌيان ۾ آيل ڳالهيون وري اچيو وڃن. ذرا سوچيو ته مٿين ڳالهه مون اڌ صدي اڳ نيويارڪ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ جهاز هلائيندي سوچي هئي. وقت جي کٽراڳين ۽ مشغولين ۾ ان قسم جي ڳالهه وسري به وئي. ڪامارو شريف جي پير عبدالحميد قريشيءَ جي دوست پير جهنڊي جي پير فضل الحق شاهه راشدي تي ته ڪنهن ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم پر ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي ڌيان تان لهي ويو.
مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اڄ اڌ صديءَ بعد مون کي هڪ سفرنامو ’پيش لفظ‘ لکڻ لاءِ ٿو ملي، جنهن جو مصنف ٻيو ڪونه پر پير عبدالحميد قريشي صاحب جو ڀائٽيو ۽ ناٺي پير تاج محمد قريشي آهي. ڪتاب پڙهان ٿو ته ان جي پهرين ئي چئپٽر ۾ هن پنهنجي چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جو آمريڪا ۾ رهڻ ۽ 1963ع ۾ واپسيءَ تي اتان ڪار وٺي موٽڻ جو ذڪر لکيو آهي. سائينءَ جو نالو پڙهي مون کي حيرت ٿي، ان سان گڏ خوشي پڻ. مون يڪدم هن سفرنامي جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ کي فون ڪري سائين جو نيويارڪ ۾ رهڻ جي حوالي سان پڇيو. مون کي سائين بابت ائين ٻڌائڻ لڳو ڄڻ هو منهنجي سائينءَ سان پهريون دفعو واقفيت ڪرائي رهيو هجي. ليکڪ، پير تاج محمد قريشي جو ڄم جو سال 1966ع آهي. مون کيس کلندي چيو ته توهان ٻن سالن جا هئا ته مون توهان جي چاچي بابت ٻڌو ۽ دوستن کان ايڏي تعريف ٻڌي جو هن تي مون write up لکڻ چاهيو ٿي. ان وقت نيويارڪ جي دوستن جي ٽولي جا نالا ورتم ته هو وائڙو ٿي ويو. افسوس جو عبدالرزاق شيخ ٻه سال اڳ، نور احمد نظاماڻي ٽي سال اڳ ۽ انهن کان اڳ مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ۽ بابو ڏاهري، پير افضل الحق ويندي مخدوم امين فهيم هي جهان ڇڏي ويا آهن. نيويارڪ واري ٽولي مان هڪ پير صاحب حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو آئون ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيا آهيون. مون ۾ هاڻ لکڻ جي به اها همت نه رهي آهي پر خبر ناهي ڪيئن سائين تاج محمد جي پهرين فون جي پهرين جملي تي هائوڪار ڪري ويٺس ۽ سفرنامو پڙهي پراڻا ڏينهن ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهيان.
شروع جي ڏينهن ۾ ائين هوندو هو يعني گذريل صديءَ ۾ اسان ٻاهريَن ملڪن مان ٿي پوءِ اتي جو حال احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکندا هئاسين. ڪنهن ڏورانهين ملڪ ۾ ڪو هم وطن ڏسندا هئاسين ته حيرت مان هن بابت لکندا هئاسين. اسان جا هم زبان سنڌي ته بلڪل نه برابر ملندا هئا، جيڪي هئا سي سنڌي هندو واپاري نظر ايندا هئا، جن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته وڏا مهم جُو (adventurous) هئا جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ نه فقط خشڪي رستي بَصرَي، بَلخَ ۽ بُخارا کان وڃي نڪتا پر ڏورانهن ٻيٽن ۽ ملڪن برمودا، بهاما، برازيل ان وقت جي ڪمزور ٻيڙين ۾ پهچي ويا. ڪئناڊا، آئسلينڊ، ناروي ۽ چلي جهڙن قطبي ۽ ٿڌن ملڪن ۾ ته ڪو سنڌي ڇا پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جو به نظر نٿي آيو، جيتوڻيڪ پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو ۽ پٺاڻ انگريزن جي فوج ۽ پوليس ۾ هجڻ ڪري ملايا، هانگ ڪانگ، سري لنڪا، برما، ڪينيا، يوگنڊا جهڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ جام نظر آيا ٿي.
اڄ ڪئناڊا جهڙن ڏکين ملڪن ۾ به اسان جا ماڻهو نظر اچن ٿا. هاڻ اسان وٽان ٻاهر وڃي اتي جو سفرنامو لکڻ بدران اتي رهندڙ اسان جا سنڌي، اتي رهي اتي جو سفرنامو لکي رهيا آهن. جيڪي سنڌي اتي رهيل آهن تن جي لکيل سفرنامن ۽ هتان جي چند ڏينهن لاءِ ويندڙن جي سفرنامن ۾ اهو فرق ٿئي ٿو جو اتي جا رهاڪو وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، هو وڌيڪ تفصيل سان لکن ٿا. بهرحال هتي پاڻ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشي جي سفرنامي بابت ڳالهائينداسين، هو اٽڪل ستاويهه سالن کان ٻارن سان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
پير تاج محمد 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري ميرپورخاص ۾ پرئڪٽس ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جي وڏي پٽ پير غلام محمد قريشي زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان علاوه وڪالت به پڙهي ۽ هاڻ مائٽياڻيون زمينون سنڀالي ٿو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل جا ٽي ٻيا پٽ ڊاڪٽر آهن، جن مان هڪ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي آمريڪا جي رياست وسڪنسن ۾ نوڪري ڪري ٿو، جنهن ميڊيڪل جي فيلڊ Intensive Care ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر پير عبدالطيف قريشي اسرا يونيورسٽي ۾ هڏين جو اسپيشلسٽ آهي. پير عبدالجليل جو ننڍو پٽ ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ڪامارو شريف جي پيرن ۾ تعليم عام آهي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به اعليٰ تعليم يافته آهن. پير عبدالجليل جي نه فقط فرزندن يعني اسان جي ليکڪ پير تاج محمد جا نه فقط ڀائر پر ڀينرون به پڙهيل ڳڙهيل آهن جن مان ٻه ماشاء الله ڊاڪٽر آهن. هڪ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عهدي تي ريٽائر ٿي آهي ۽ ٻي يونيورسٽيءَ وومين اسٽڊيز جي شعبي جي ڊائريڪٽر آهي.
هن سفرنامي جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي پرائمري تائين پنهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف ۾ پڙهيو. هن ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس مان 1983ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1985ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان 1987 ۾ بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان M.A (ماسٽرس آف آرٽس ان ايڪنامڪس) ۽ MPA (ماسٽرس ان پبلڪ ايڊمنسٽريشن) ڪئي.
پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد پير تاج محمد قريشي هڪ ٻه سال سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ ريسرچ فيلو طور پڙهائڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ 1994ع ۾ پنهنجي خرچ تي بنا ڪنهن سرڪاري يا غيرسڪاري اسڪالرشپ وغيره جي آسري تي، آمريڪا هليو آيو ۽ ڪئليفورنيا رياست جي شهر برڪلي جي يونيورسٽيءَ مان MBA فائننس ۾ ڪئي. جنهن کان پوءِ بزنس ائيڊمنسٽريشن جي فيلڊ ’مارڪيٽنگ‘ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيو. ڪجهه سال مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 2004ع کان ’بزنس ٽئڪس ۽ اڪائونٽنگ‘ جي ڪنسلٽنگ جو پنهنجو ڪاروبار مشيگن ۾ ڪري رهيو ڪيو آھي ۽ اڄ تائين هو ٻارن سان هن رياست (Michigan) جي هڪ شهر وارن (Warren) ۾ رهي ٿو. ’وارن‘ ڪو وڏو شهر ناهي. ان جي آدمشماري ٻه لک مس آهي، پر بيحد خوبصورت آهي. هونئن به مِشيگن، وِسڪنسن، الينوئس وچ مغربي آمريڪن رياستن جي سونهن پنهنجي نموني جي آهي. هي رياستون اتر ۾ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهن، جنهن ڪري هتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي. ٿڌ کان ڀڄڻ وارا گهڻو ڪري ٽيڪساز جهڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهن ٿا، جتي جي موسم ملتان ۽ بهاولپور جهڙي آهي.
اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هي آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا بابت احوال وڌيڪ Enjoy ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ آمريڪا کنڊ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو. جيڪي ماڻهو آمريڪا ۾ رهن ٿا اهي ته ڀلي ڀت واقف آهن پر آمريڪا کان اڻ واقف ان بابت مونجهاري جو شڪار رهن ٿا. ان ڪري هتي آئون مختصر طور آمريڪا بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اسان آمريڪا جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ عام ماڻهو ان جو مطلب USA سمجهي ٿو، پر ائين ناهي! آمريڪا يڪَي کنڊ جو نالو آهي جنهن ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ اچي وڃن ٿا جيڪي وچ تي ڌرتيءَ جي هڪ سنهي پٽيءَ ذريعي ملن ٿا. اها زمين جي پٽي ’وچ آمريڪا‘ سڏجي ٿي. ان پٽيءَ ۾ به ڪيترائي ملڪ اچيو وڃن، جيئن ته ميڪسيڪو، گئاٽمالا، هونڊرس، نڪراگئا، ايلسَلواڊور، ڪاسٽاريڪا، بيليز ۽ پاناما. انهن سڀني ملڪن جي پکيڙ 5 لک 22 هزار چورس ڪلوميٽر آهي.
آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو يعني ڏکڻ آمريڪا 18 کن ملين چورس ڪلوميٽر آهي جنهن ۾ برازيل، ڪولمبيا، ارجنٽائنا، پيرو، وينزوئلا، چلي، اڪئڊار، بوليويا وغيره ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان وٽ جڏهن آمريڪا جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسان جو مطلب هميشه اتر آمريڪا سان رهي ٿو جنهن ۾ يو ايس اي ۽ ڪئناڊا ملڪ آهن. هونءَ ڪئناڊا ۽ USA اهڙا ملڪ آهن جن ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن ۽ انهن ملڪن جي رهاڪن جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ گهڻو آهي. ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيو ۽ نارٿ آمريڪا (يو ايس اي ۽ ڪئناڊا) ۾ انگريزيءَ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي اسپيني ۽ فرينچ به هلي ٿي.
پڙهندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته يو ايس اي جنهن ۾ 50 رياستون آهن ڪو ننڍو ملڪ ناهي. USA جي هر رياست سمجهو ته هڪ ملڪ آهي. بلڪ ڪي ڪي رياستون ته پاڪستان کان به وڏيون آهن. مثال طور پاڪستان جي ايراضي (پکيڙ) 882000 چورس ڪلوميٽر آهي پر يو ايس اي جون ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو جهڙيون رياستون اڌ پاڪستان جيڏيون آهن ۽ ٽيڪساز ته ذري گهٽ پاڪستان جيڏي آهي ۽ الاسڪا پاڪستان کان به ٻيڻ جيڏي رياست آهي. سڄي USA جي ايراضي 98 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئناڊا جي ايراضي ته ان کان به وڌيڪ 99 لک چورس ڪلوميٽر آهي، پر ڪئناڊا جي آدم شماري گهٽ آهي جو سندس اتراهون وڏو حصو اونهاري ۾ به برف ٿيو پيو آهي. بهرحال USA ۽ ڪئناڊا کي ملائجي ته اسان جهڙا 22 ملڪ ٿين.
آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ واري پاسي بنا شڪ جي ڪئليفورنيا رياست بيحد خوبصورت آهي جنهن جا لاس اينجلس، سئن ڊياگو، سئن جوز، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ، اوڪ لئنڊ، ساڪرا مينٽو جهڙا شهر ڏسڻ وٽان آهن. انهن انيڪ شهرن مان هڪ ننڍڙو ڳوٺ نما برڪلي شهر به آهي جتي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا آهي، جنهن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي 1994ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف کان پهتو ۽ پوءِ نوڪري روزگار خاطر آمريڪا ۾ ئي ٽِڪي پيو... سٺو ڪيائين.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ڳوٺ آهي. ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ان کان ڏکيو ڪم نوڪري ڪرڻ آهي. پير تاج محمد يا ان جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير حفيظ وسڪنسن رياست ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن... خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسان جي سرندي وارن وڏن ماڻهن پيرن، ميرن، سردارن کي کپي ته هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ ٻاهر موڪلين ۽ کين ٻاهر نوڪري ڪري انهن ملڪن جي شهريت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏين. هنن کي پير تاج محمد يا ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر جي نقش قدم تي هلڻ کپي جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي آرام جي زندگي گذارڻ بدران ٻاهر ولايت ۾ پورهيو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، در اصل Quality of Life ان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون پنهنجي وطن جي پئسي وارن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته ٻين ڳالهين ۽ اجاين شوبازين تي پئسو وڃائڻ بدران پنهنجن ٻارن کي پنهنجي خرچ تي ئي ولايت موڪليو جيئن هو به سڌري وڃن ته توهان جو به نالو ٿئي.
هتي پير تاج محمد قريشيءَ جي برڪلي شھر ۾ رھڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته ھتان جي تعليمي اداري ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ بابت ٻه ٽي سٽون لکندو هلان. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ پهرين ڪئليفورنيا رياست جي بندرگاهه اوڪ لئنڊ ۾ کولي وئي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن 1850ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪئليفورنيا ۾ سون لڌو ويو هو. هن علائقي ۾ سون ملڻ ڪري زمين جا اگهه چڙهي ويا هئا ۽ خوشحالي صاف نظر اچي رهي هئي. هوڏانهن چين ۾ پهرين ۽ ٻي آفيمي لڙائي ڪري ماڻهن جي معاشي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو روزگار خاطر چينين اوڪ لئنڊ جو رخ رکيو ۽ هتي ريل جي ڪم ۾ لڳي ويا. سو هن پاسي جيڪي چائنا ٽائون ڏسو ٿا انهن جا رهواسي چيني يعني انهن جا وڏا ان وقت جا آيل آهن.
اوڪلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا کلڻ بعد 5 سال رکي 1873ع ۾ اها برڪلي شفٽ ڪئي وئي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ جا ڏهه ڪئمپس آهن جن ۾ ٽوٽل 3 لک کن شاگرد پڙهن ٿا ۽ 25 هزار فئڪلٽي ميمبر ۽ ڏيڍ لک کن اسٽاف ميمبر آهن. توهان کي حيرت ٿيندي ته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسن جي فئڪلٽي ۽ ريسرچرن مان 71 ڄڻن کي نوبل پرائيز ملي چڪا آهن.
ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي هن رياست مان تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي ته پراڻا ماڻهو ياد اچي ويا. ٻه چار جيڪي هن وقت ذهن تي اچي رهيا آهن انهن ۾ SANA جا سينئر ميمبر مالڪ ڏنو ۽ سَني پنوهر. ان کان علاوه نثار مهر ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ نثار شاهه، نذير ڀرڳڙي ۽ اعجاز ميمڻ جن به ڪئليفورنيا رياست جي مختلف شهرن ۾ آهن. مهراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر شوڪت انصاري به منهنجي خيال ۾ ڪئليفورنيا ۾ آهي. ٻيا به انيڪ هوندا جن کان آئون اڻ واقف هجان جو مون کي ان پاسي وئي هاڻ وڏو عرصو ٿي ويو آهي. پير تاج محمد قريشي صاحب ٻڌايو ته ڪليفورنيا جي رهائش دوران اعجاز ميمڻ ۽ شوڪت انصاريءَ سان سندس ملاقت سندس مامي جي پٽ شاهه فاروق قريشي جي گهر ٿيندي رهي هئي. پير تاج محمد قريشي جي مطابق سندس ماروٽ شاه فاروق قريشي ڪليفورنيا جي شهر سينٽاڪالارا شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو پڻ 1971ع يا 1972ع ڌاري پاڪستان کان آمريڪا ايروناٽيڪل انجنئيرينگ جي شعبي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو. شاه فاروق قريشي صاحب ايروناٽيڪل جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي هڪ مشهور ايئر لائين ’يونائٽيڊ ايئر‘ ۾ ڪم ڪري ريٽائر ٿيو آهي.
پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جڏهن سندس لکيل سفرنامي جي ڊمي ڪاپي ڏني ته چيومانس:
”پير صاحب! برڪلي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري ۽ رهائش ڪئليفورنيا ۾ اختيار ڪئي هوندانوَ؟“
”نه سائين“ پير تاج محمد وراڻيو.
”سائين ڪمال ٿا ڪريو. ههڙي سهڻي رياست ڇڏي ڪيڏانهن ويائو؟“
جواب ڏنائين ته، ”سائين هن سفرنامي ۾ لکيو اٿم.“
”پر تڏهن به جيسين پڙهان تيسين تصور ڪري سگهان ته توهان ڪهڙي تر ۾ رهو ٿا؟“
دل ۾ مون سوچيو ته ڪئليفورنيا کان اڳتي ٻي ڪنهن علائقي ۾ رهڻ اُوڻٽيهين جي اونداهي آهي.
”سائين آئون وارن (Warren) شهر ۾ رهان ٿو.“
”وارن؟ يعني ڪهڙي رياست ۾؟“ مون پڇيو.
”مِشيگن رياست ۾ ڊيٽرائٽ شهر ڀرسان.“ پير تاج محمد جواب ڏنو.
مِشيگن رياست جو ٻڌي پاڻيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ جهازيءَ وانگر مون به واهه واهه ڪئي. ”پير صاحب واهه جو هنڌ چونڊيو اٿانوَ. اسان جا جهازران چوندا آهن ته مِشيگن هن ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي. جي توهان وارو شهر وارن (Warren) ڊيٽرائٽ (Detroit) ڀرسان آهي ته معنيٰ هڪ ئي وقت تي توهان آمريڪا ۾ به آهيو ته ڪئناڊا ۾ به. ناگرا آبشار ۽ دنيا جي خوب صورت ڍنڍن جا پاڙيسري آهيو.“
دل ۾ چيم ته پير صاحب رهڻ لاءِ سٺو هنڌ چونڊيو. اسان وارن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ اسان جي نيويارڪ وارن سنڌين کي ڪئليفورنيا جهڙي ڏورانهين رياست ته ڇا پر هن پاڙيسري رياست مشيگن ۾ به رهڻ جو نه خيال ٿي آيو نه همت!
”ڀلا توهان ئي اڪيلا سنڌي مشيگن ۾ آهيو يا ٻيا به ڪي؟“ مون پير صاحب کان پڇيو.
”نه سائين. آئون اڪيلو ته نه آهيان. ٻيا به ڪيترائي سنڌي مشيگن جي مختلف شهرن ۾ نظر اچن ٿا جيئن اعجاز ترڪ، پير مڪرم جيڪو پي پي واري منسٽر پير مظهر جو ڀاءُ آهي، نثار صديقي، ڊاڪٽر ستار شيخ، خالد ميمڻ ۽ جان محمد بلوچ وغيره به مشيگن ۾ رهن ٿا.“
پير تاج صاحب ٻڌايو ته ڪجه سنڌي جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو پڻ آهي جيڪي جيتوڻيڪ رهن ڪئناڊا جي شهر ونڊسر ۾ ٿا پر نوڪريءَ لاءِ هو روزانو مشيگن اچن ٿا، جيئن راولپنڊيءَ جا رهاڪو اسلام آباد ويندا آهن يا روهڙيءَ ۽ سکر جا خيرپور ايندا ويندا رهن ٿا.
بهرحال آمريڪا (USA) جي 50 رياستن ۾ مِشيگن جنهن ۾ اسان جو ڪامارو شريف جو ليکڪ، پير تاج محمد رهي ٿو هڪ نرالي رياست آهي، جنهن جي نقشي ۾ توهان کي گهڻي ڀاڱي پاڻي ئي نظر ايندو. مِشيگن رياست آمريڪا جي يارهون نمبر وڏي رياست آهي جنهن جي جملي پکيڙ ٻه لک 50 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. سڄي سنڌ جي 1 لک 41 هزار چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي ٻه لک 5 هزار 3 سئو 44 چورس ڪلوميٽر. آدمشماري سنڌ جي 5 ڪروڙ آهي ۽ پنجاب جي 11 ڪروڙ، پر مشيگن رياست جي فقط هڪ ڪروڙ. مشيگن جي گاديءَ جو شهر لانسنگ (Lansing) آهي.
مشيگن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) آهي ۽ ٻئي نمبر تي گرانڊ رئپڊس آهي، ٽئي نمبر تي پير تاج وارو شهر ’وارن‘ (Warren) آهي. اهو ڊيٽرائٽ شهر کان ائين آهي، جيئن موري کان نوشهر و فيروز.
ڊيٽرائٽ شهر گاڏين (آٽو موبائلن) جي ڪارخانن کان پڻ مشهور آهي ۽ آمريڪا جي ٽن وڏين ڪمپنين: جنرل موٽرس، فورڊ ۽ ڪرائسلر جو گهر آهي. ڊيٽرائٽ هن پاسي جو وڏو بندرگاهه پڻ آهي، جيڪو ڊيٽرائٽ نديءَ تي آهي. ڊيٽرائٽ نديءَ جي هڪ پاسي مشيگان رياست جو شهر ’ڊيٽرائٽ‘ آهي ته ٻئي طرف ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جو شهر ’ونڊسر‘ آهي. بس سمجهو ته ونڊسر ۽ ڊيٽرائٽ شهر ائين آهن جيئن مورو_ دادو، بلڪ ان کان به ويجها سکر - روهڙي، يا حيدرآباد- ڪوٽڙي.
آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته پير تاج محمد جو شهر ’وارن‘ ڊيٽرائٽ جي ويجهو هجڻ ڪري هن لاءِ ’آمريڪا ۽ ڪئناڊا‘ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. لاهور کان امرتسر پهچڻ ۾ به اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي، پر ڊيٽرائٽ کان ونڊسر پهچڻ ۾ ته ڏهه منٽ به نٿا لڳن. هو پنهنجن مهمانن کي نه فقط مشيگن رياست جون مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون گهمائيندو هوندو پر نياگرا آبشار به، سو به آمريڪا (USA) واري پاسي کان به ته ڪئناڊا واري پاسي کان به.
پير تاج محمد قريشي جنهن شهر ’وارن‘ ۾ رهي ٿو ان جي ڀٽ شاهه يا بائو ديري جيتري ڏيڍ لک آدمشماريءَ جو ٻڌي اسان ان کي کڻي ڳوٺ سمجهون پر اهو هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ مشيگان رياست جو ٽيون نمبر وڏو شهر چئي سگهون ٿا. ڌنڌي ڌاڙي جو مرڪز آهي، خاص ڪري ’جنرل موٽرس‘ جو ٽيڪنيڪل سينٽر آهي. ان کان علاوه بگ بئاءِ ريسٽورنٽن جو هيڊڪوارٽر آهي. هُونءَ به سڌريل ملڪن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت توڙي تعليم جون سهوليتون جام آهن. اڄ ڪلهه ته آمريڪا توڙي يورپ ۽ جپان ۾ نه فقط مسجدون ۽ حلال کاڌن جا دوڪان آهن پر اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامڪ سينٽر به آهن. هونءَ به اسان مسلمان اتي رهڻ کي ترجيح ڏيون ٿا جتي مسجد ۽ مسلم ڪميونٽي هجي.
مشيگن ۾ رهندڙ اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جي شادي 1993ع سندس چاچي پيرعبدالحميد قريشي جي نياڻيءَ سان ٿي. پير عبدالحميد صاحب جيڪو ڪامارو شريف جي درگاهه جو گادي نشين به آهي، سنڌ پوليس ۾ AIG جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. پير عبدالحميد صاحب نيويارڪ مان آٽو انجنيئرنگ ڪئي. هي 1960ع واري ڏهاڪي جا اهي سال آهن جڏهن عبدالرزاق شيخ، مبارڪ ٽالپر، ڏاهري ڀائر، بشير مغل ۽ اسان جو پيٽارين رئيس نور احمد نظاماڻي پڻ اتي رهيا ٿي جيڪي ڪامارو شريف جي هن پير جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته هي پير اسان جي روايتي پيرن کان بلڪل مختلف آهي. اڄ مٿيان يار حيات نه آهن نه ته هو مون کي پير صاحب بابت لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائين ها. پير عبدالحميد صاحب هن وقت 87 سالن جا ٿيندا ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهن ٿا.
اسان واري پير تاج محمد جو نالو سندس ڏاڏي تان رکيو ويو جنهن کي پٽن ۾ پير مرتضيٰ حسن ۽ پير غلام مصطفيٰ کان علاوه پير حميد قريشي AIG صاحب ۽ اسان واري پير تاج محمد جو والد پير عبدالجليل به هئا. ڏاڏي جي نالي هجڻ ڪري پير تاج محمد کي ’ڏاڏا سائين‘ به سڏين ٿا. پير تاج محمد قريشيءَ کي ست ڀاءُ آهن. وڏي ڀاءُ پير غلام محمد زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ وڪالت به پڙهي ۽ هاڻ زمينون سنڀالي ٿو. سندن ٻيو ڀاءُ پير منظور قادر زمينداري ڪري ٿو. ٽي نمبر تي پاڻ آهن ۽ چوٿون نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو مشيگن رياست جي ڀر واري رياست وسڪنسن ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو. سندس هڪ ڀاءُ پير عبداللطيف هڏين جو ماهر آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ حيدراباد جي اسرا يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ پروفيسرپڻ آهي. جنهن کان پوءِ سندن ڀاءُ پير عبدالسميع هو جيڪو نومبر 2020 ۾ ڪرونا جي وبا دوران وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ پير عبدالبديع قريشي ڀائرن سان گڏ زمينداري ۾ هٿ ونڊائي ٿو. پير عبدالبديع قريشي هڪ يار ويس، سادو سودو ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي. پير تاج محمد جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحي ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج سان وابسته آهي ۽ ان سان گڏ پنهجون زمينون پڻ سنڀالي ٿو.
هن سفرنامي جي مصنف پير تاج محمد ٻڌايو ته هن جي ڌيءَState Wayne يونيورسٽي مان ميڊيڪل جي برانچ پبلڪ هيلٿ ۾B.Sc. ڪري رهي آهي. اها يونيورسٽي مشيگن رياست جي هڪ اهم ۽ مشهور يونيورسٽي آهي، جنهن جو بنيادي طرح واسطو ميڊيڪل سان آهي. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ ٺهي ۽ ڊيٽرائٽ شهر جي وچ ۾ آهي. مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي جنهن ۾ 26 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي شاگرد اسان جي پاسي (ايشيا ۽ آفريڪا) جا به آهن. هن يونيورسٽي وين (Wayne State University) جا ٻه گرئجوئيٽ ٿا ياد اچن. هڪ عبدي محمد کوسو. هي کوسو صاحب اسان جي ٻروچن مان ناهي، پر صوماليا جو شيدي مسلمان آهي. هن 1998ع ۾ Wayne يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. کوسو (Kusow) صاحب اڄ ڪلهه آمريڪا جي آيووا (Iowa) رياست ۾ سوشالاجي جو پروفيسر آهي.
هنState Waynيونيورسٽي جي هڪ بنگلاديشي سائنسدان سلطانه نورن نهار به ڌيان ۾ اچي رهي آهي، جنهن ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مِشيگن رياست جي هن يونيورسٽي Wayne مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻ اوهايو يونيورسٽي جي ائسٽرانامي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. اميد آهي ته پير تاج محمد جي ڌيءَ به هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري بنگلاديش جي سلطانه وانگر نالو روشن ڪندي.
”هئيثم کي ته مون قرآن حفظ ڪرڻ تي لڳايو آهي.“ پير تاج محمد ٻڌايو.
”تمام سٺو“، مون جواب ڏنومانس، ”ان جهڙو ته ٻيو بهتر ڪم آهي ئي ڪونه.“
حيثم، پير تاج محمد جو ننڍو پٽ آهي. اسان سان گڏ هڪ ٻيو به دوست هو تنهن مون کان يڪدم پڇيو ته، ”آئون اها ڳالهه ڪهڙي خيال کان ٿو ڪريان؟ ڇا ثواب جي خيال کان؟“
”ثواب پنهنجي جاءِ تي. اهو ته ضرور آهي.“ مون هنن کي پنهنجو تجربو ٻڌايو ته، ”هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مون ڏٺو آهي ته اهي شاگرد جيڪي قرآن جا حافظ آهن، انهن جو يادگيرو وڌيڪ تيز رهي ٿو ۽ هو اڪيڊمڪس ۾ به نمبر کڻن ٿا.“ ڪراچيءَ جي جنهن علائقي ۾ آئون رهان ٿو، اتي گجراتي بزنيس مين رهن ٿا. هنن کي مون ڏٺو آهي ته پنهنجن ٻارن کي پهرين قرآن حفظ ڪرائين ٿا ان بعد اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا يا اسڪول سان گڏ قرآن به حفظ ڪرائين ٿا. پوءِ اهي ٻار ڏکئي کان ڏکيا امتحان پاس ڪريو وڃن ۽ هاڻ ته جڏهن کان اسان جي پاڙي ’فيز 4‘ ۾ ’بيت السلام مسجد‘ ٺهي آهي ۽ جتي قرآن حفظ ڪرڻ جو بندوبست رکيو ويو آهي ته تقريبن هر گهر جو ٻار قرآن حفظ ڪري ٿو. اسان جي گهر جي سامهون وارو حافظ ڇوڪرو محمد اڪبر زبيري، آغا خان مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيو پر آرٿو پيڊڪس ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ فقط ڪرنگهي جي سرجري ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ مان اسڪالر ملي اٿس.
هونءَ مشيگان رياست ۾ رهندڙ مسلمان خوش نصيب آهن جو اتي ’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ نالي ادارو آهي جيڪو ان شهر Warren ۾ آهي جتي ڪامارو شريف جو پير تاج محمد فئمليءَ سان رهي ٿو. وارن شهر جي هن اداري Michigan Islamic Institute ۾ هيٺيان پروگرام آهن:
• فل ٽائيم حفظ القرآن
• فل ٽائيم عالم ڪورس
• ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ضروري علم
• 5 کان 12 ڪلاس تائين تعليم.
هن اسلامي اداري ۾ سومر کان جمعي تائين صبح جو 8 کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪلاس ٿين ٿا. اهي ٻار جيڪي قرآن حفظ ڪن ٿا يا عالم مفتي ٿيڻ چاهين ٿا انهن جا ڪلاس 8 کان 12 تائين رهن ٿا. ٻارن کي چئن سالن جي عرصي ۾ قرآن حفظ ڪرايو وڃي ٿو. پهرين سال ۾ هنن کي ناظره ۽ تجويد ۽ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. ٻئي ۽ ٽئين سال ۾ قرآن جا 27 سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. آخري سال ۾ مڪمل قرآن شريف ۽ قرآن جو ٽي دفعا دور ڪرايو وڃي ٿو. ڪورس ختم ٿيڻ تي شاگردن کي اسلامڪ مشيگن انسٽيٽيوٽ طرفان ’حفظ القرآن‘ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. جنهن بعد هو ٻين کي قرآن پڙهائي سگهن ٿا ۽ امامت به ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي گروپ ۾ وهاريو وڃي ٿو جنهن لاءِ الڳ الڳ ٽيچر رکيو وڃي ٿو. اسلامي اداري کي هاسٽل به آهي. پير تاج محمد اهو ٻڌائي رهيو هو ته هن جو پٽ حيثم قريشي جيڪو قرآن حفظ ڪرڻ سان گڏ انگريزي تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ۽ يارهين گريڊ ۾ آهي، اتي هاسٽل ۾ رهي ٿو. حيثم قريشي قران حفظ ڪرڻ کانپوءِ اڳتي مڪينيڪل انجنئيرٿيڻ چاهي ٿو.
مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جي نالي سان هي ادارو مشيگن جي مسجد عثمان بن عفان سان لاڳاپيل آهي. ان کان علاوه يعني مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ کان علاوه ڪجهه ٻيا اسلامي ادارا پڻ مسجد عثمان بن عفان سان Affiliated آهن، جتي اسلامي تعليم سان گڏ قرآن پڻ حفظ ڪرايو وڃي ٿو، جيئن:
• مفتاح انسٽيٽيوٽ ۽
• منير اڪيڊمي
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مشيگن رياست ۾ فقط مٿين مسجد عثمان بن عفان ناهي. مشيگان جي رڳو ڊيٽرائٽ شهر م 33 کن مسجدون آهن. هڪ مسجد ڊيربورن ته 1937ع ۾ ٺهي هئي. جيڪا آمريڪا جي ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي. هيءَ مسجد لبنان کان لڏي آيل مسلمانن ٺهرائي هئي. مون کي ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ 1980ع ۾ هن مسجد جي پاڙي وارن ٻانگ جي آواز تي اعتراض ڪيو هو. پوءِ ڪيس هليو. جج مسلمانن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيوته ٻانگ ائين آهي، جيئن گرجا گهر جا گهنڊ. ان ڪري هتي جي ماڻهن کي اعتراض نه هئڻ کپي.
آمريڪا جي پهرين مسجد به هن رياست مشيگن جي شهر هائيلينڊ پارڪ ۾ آهي ۽ 1921ع ۾ ٺهي هئي. هيءَ مسجد دمشق کان آيل هڪ سخي عرب واپاريءَ ٺهرائي هئي. مِشيگن جي هڪ ٻي مشهور مسجد الاصلاح مسجد آهي جيڪا بنگلاديش کان لڏي آيل بنگالين 2000ع ۾ ٺهرائي.
بهرحال هن ڪتاب جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جنهن جي خاندان جو واسطو ڪامارو شريف جي پيرن سان آهي جيڪي وڏيرا، داداگير يا سياستدان نه پر مذهب جي ڄاڻ رکندڙ، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ ۽ تعليم جي حيثيت سمجهندڙ آهن، انهن لاءِ مون کي پڪ آهي ته آمريڪا جي هيءَ رياست مشيگن بيسٽ آهي. هن خاندان جي پيرن کي آئون سنڌ جي ڪيترن پيرن کان مختلف ۽ مثالي ٿو ڏسان. آئون به اڌ صديءَ کان جڏهن کان 1968ع ۽ 1969ع کان آمريڪا وڃڻ ٿيو آئون پنهنجن سنڌي آمريڪن دوستن کان ڪامارو جي پيرن بابت ٻڌندو اچان، خاص ڪري پير عبدالحميد قريشي بابت، جيڪو انهن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۾ هو. سندس ڀائٽي پير تاج محمد جي ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ جي بهاني مون کي هن فئملي بابت ڪجهه لکڻ جو موقعو ملي ويو آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اچي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ خانقاهن جو وجود عام و خاص ماڻهن جي ديني رهنمائيءَ جو وسيلو رهيو آهي. خانقاهن جي سرپرستن عوام الناس جي اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪيو آهي. درگاهه پير اشرف شاهه رح ڪامارو شريف جو سرپرست پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو به اهڙن عظيم روحاني رهنمائن مان هو، جنهن خدا جي عشق ۽ ماڻهن جي محبت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. پير صاحب ٽالپرن جي حڪومت ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي ٽنڊي باگي کان هجرت ڪري ڪاماري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندن خاندان ’شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني‘ جي نسب مان هو ۽ سنڌ ۾ هن خاندان جي اڳ ۾ ئي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي.
پير محمد اشرف جي ولادت 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي هئي. ڪاماري شريف ۾ سندس آمد آسپاس جي عام و خاص ماڻهن لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث ٿي ۽ هي ننڍڙو ڳوٺ شهرت ماڻڻ لڳو. هونءَ به هي ڳوٺ صديون اڳ آباد هو جيئن شاهه لطيف هن کي سر سارنگ ۾ ڄاڻايو آهي:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري
وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري
ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پسو ويس ڪيا
اها ئي سڪائتي ڇڪ هئي، جنهن پير محمد اشرف جهڙي عظيم شخصيت کي ڪاماري ڪهي اچڻ لاءِ مائل ڪيو. پاڻ به انهيءَ سڪ سان ۽ ساڳئي سر سارنگ ۾ ڪاماري جي سار سنڀال لهي رهيو آهي.
جمعي ڏينهن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينهن جا
قادر ڪاماري جا، اچي ٻنا ٻوڙ
صاحب سنڌو سائين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ
پکا پراڻ ڪنڌئين، آڻي کٿيرن جا کوڙ
پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيون اشرف چوي

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪر کڻي ڪاماري تي، ڪر وسڻ سان وس
جي ڏوگاهي ڏٻريون ڪيون، تن جو ڪر ترس

پير صاحب جي توڪل بابت ڪيئي روايتون ماڻهن ۾ مشهور آهن. پاڻ صاحب طب جي علم ۽ فن ۾ به صاحب ڪمال هو. ڪيئي لا علاج مريض وٽائنس شفاياب ٿيندا رهيا ٿي. پير محمد اشرف قريشي 1860ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبري جي ڪتبي تي هيٺيون فارسيءَ جو قطع ڪاشيءَ جي سرن تي نقش ٿيل آهي:
فغان از وفات ولي خدا،
که مثلث نبوده دارين شش جهات.
محمد علم اشرف اثر شد خطاب،
چو اسم و خطابش برابر صفات.
نبايد به تحرير و صفش اگر،
شود خانه اشجار و دريا دوات.
خلف ماند زو در جهان نام نيک،
که نيڪي ز نيڪان جود باقيات.
کلامش جود عاشقان را چو قوت،
بيانش جود طالبان را برات.
دلم گفت سال و صالش بحق،
محمد جود اشرف ڪائنات.
]1277هه[
پير تاج محمد جي سفرنامي تي پيش لفظ لکڻ بهاني مون کي سندس ڪتاب ۽ فئمليءَ تي لکڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ويو آهي ۽ ڪجهه وڏو مضمون ٿي ويو آهي جيتوڻيڪ اڃا ڪيتريون ڳالهيون لکڻ تي دل چوي پئي. هن فئملي، ڪاماري شريف جي پيرن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، طبيعت جي سادگي، ضرورتمند جي ڪم اچڻ، هر وقت ٻئي جي ڀلي جو سوچڻ، سندن وڏن کان هلندو اچي. هنن روايتي پيري مريدي ۽ پئسي ڏوڪڙ جي لالچ کان هٽي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هنن پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي مدد ڪئي ۽ هنن جي خوشحال زندگي بڻائي ۽ اهو ئي ميسيج هن ’پيش لفظ‘ ذريعي پنهنجي سرندي وارن سردارن، اميرن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن کي ڏيڻ ٿو چاهيان ته هو نه رڳو پنهنجي ٻارن تي سختي ڪن ته هو صحيح طرح تعليم حاصل ڪن، پر پنهنجي تر جي غريب ذهين ٻارن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪن ته هو ڪنهن منزل تي پهچي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ملڪ جي خذمت ڪن. جنهن جي مدد ڪندائو اهو ۽ ان جو اولاد توهان کي سڄي زندگي دعائون ڏيندو رهندو. ان جو فقط هڪ ننڍڙو مثال هتي ڏيان ٿو... ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ هو محسوس ڪري سگهي ته اصل خوشي ڇا ۾ آهي.
اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ ورجينيا آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجھ سنڌي دوستن مون کي چيو ته دوست چندو گڏ ڪري انهن غريب ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا جيڪي هوشيار هوندي پڙهي نٿيون سگهن. اسان مختلف شهرن جي استادن معرفت هر سال چار پنج لائق ڇوڪريون ڳولي انهن جي مالي مدد شروع ڪئي. مون کي حيرت ٿي ته اسان جي ڳوٺن ۾ سخت غربت جي باوجود ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهڙيون مليون جن بورڊ ۾ پهريون، ٻيو يا ٽيو نمبر کنيو ٿي. هو غربت ڪري هاڻ B. A به نٿي ڪري سگهيون. هنن کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ خرچ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اهو ڪو گهڻو پئسو نه هو. هنن جو في کان علاوه مانيءَ جو هڪ ويلو مس ٿي ٿيو. هنن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ هر سال سٺي پوزيشن سان پاس ٿينديون رهيون ۽ هي سلسلو هلندو رهيو. منهنجو ڪم انهن تائين پئسو موڪلڻ ۽ هنن جي پروفيسرن کان هنن جي تعليمي پروگريس جي معلومات حاصل ڪريUSA دوستن کي رپورٽ موڪلڻ هو جيئن پئسا ڏيڻ وارن کي خبر پوي ته هنن جو پئسو صحيح استعمال ٿي رهيو آهي. 5 سال اڳ تائين اها ڊيوٽي منهنجي حوالي هئي ۽ پوءِ طبيعت صحيح نه رهڻ ڪري مون معذرت ڪئي ۽ هاڻ اهو ڪم ’سهارو‘ وارا ڪري رهيا آهن. بهرحال منهنجي هوندي هڪ سئو کن ڇوڪريون ڊاڪٽرياڻيون ٿيون جيڪي هونءَ غربت ڪري پڙهائي قائم رکي نه سگهن ها، ساڳي وقت اسان جي آمريڪن سنڌي دوستن لاءِ اهو پئسو ڪو وڏي ڳالهه نه هو پر ڏسو هنن ڪيڏو وڏو خير جو ڪم ڪيو ۽ اڃان ڪندا اچن ۽ غريبن جا ٻار اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
ان ڏينهن هڪ ان قسم جي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي. مون کي SIUT ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ملي فوٽو ڪڍرائڻو هو. ان لاءِ مون کي پيٽارو جي شهيد دوست ڊاڪٽر سرفراز شاهه ’ENT جي ماهر‘ جو پٽ آرٿوپيڊڪ سرجن غضنفر شاهه وٺي آيو. ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڪير نه سڃاڻي. هو نه فقط پنهنجي فيلڊ جو ماهر ڊاڪٽر آهي پر سخي مرد پڻ. هن پنهنجي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ هن جي اداري جي ڪارڪردگي دنيا ۾ مشهور آهي. 83 ورهن جي ڄمار جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ جو چوڻ آهي ته هن جي مري وڃڻ بعد به هي ادارو اهڙو ئي بهتر رهندو، جو هن ڊاڪٽرن کي ان يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جي ڪم ۾ ماهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مان بهترين ڊاڪٽر هن سان گڏ ڪم ڪن ٿا.
اسان جي ملاقات وقت ڊاڪٽر اديب سان گڏ جيڪو نمبر ون يعني بهترين ۽ ماهر ترين ڊاڪٽر هو، ان سان هن ملائيندي چيو ته ڊاڪٽر مبارڪ سنڌ جي ٿر واري علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو آهي. ڪيترن ئي سالن کان هي مون سان ڪم ڪري رهيو آهي. سندس بهترين ڪم، ڄاڻ، محنت ۽ ايمانداريءَ ڪري آئون هن کي ڇڏي نٿو سگهان. آئون ۽ هڏن جو ماهر نوجوان ڊاڪٽر غضنفر ڪي لمحا ٿورائتن نظرن سان ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڏسندا رهياسين ته هي ڪيڏو عظيم انسان آهي جيڪو مذهب، ذات پات، زبان، فرقي، غريب امير جو فرق نه ڪندي انسان ذات جي خذمت ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر محمد مبارڪ نوهڙيءَ سان ملڻ جو مون کي به شوق هو. مون هن بابت ٻڌو هو پر ڏٺو نه هو. ڊاڪٽر غضنفر شاهه کي هن بابت ڪا خبر نه هئي. ڊاڪٽر مبارڪ سنڌيءَ ۾ اسان کي کيڪاريو ته مون کلي چيومانس ته ”سائين مون ته توهان کي آمريڪا جي رياستن مِشيگن ۽ وِسڪنسن ۾ پئي ڳولهيو.“ پاڻ سمجهي ويو ته آئون ڪنهن جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. يڪدم چيائين، ”آئون ڪاماري شريف جي پيرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ڪري آئون هن منزل تي آهيان نه ته اسان ٿر جي ڳوٺ جي غريب ڀائرن کي ڪٿي هئي ڄاڻ ڪٿي هو پئسو جو ڊاڪٽر ٿيون. آئون ۽ منهنجا ٻار ٻچا اهڙن پيرن لاءِ هر وقت دعائون گهرندا رهون ٿا. هو عظيم انسان آهن.“
مون ڏٺو ته مون سان گڏ ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر مبارڪ جون ڳالهيون حيرت سان ٻڌندو رهيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي جي ڳالهه مان هيءَ ڪامارو جي پيرن جي ڳالهه ڪيئن نڪتي ۽ مبارڪ جو مطلب ڇا آهي. غضنفر کي چيم ته، ”ٻاهر نڪري توکي سڄي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان.“
ڊاڪٽر اديب ۽ ڊاڪٽر مبارڪ نوهڙيءَ سان گڏ چانهه پي، ڪتاب لاءِ فوٽو ڪڍي موڪلايوسين. ٻاهر نڪري غضنفر کي چيم ته، مون سان به موجوده ڪامارو شريف جي پڳ واري سائين پير عبدالحميد قريشي جي فرزند پير عبدالمجيد ڊاڪٽر مبارڪ ۽ سندس ڀاءُ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد سالم جي ڳالهه ڪئي هئي. سائين پير عبدالحميد کان اڳ پير ابراهيم خليل ولد پير خان محمد گادي نشين هو. پير ابراهيم خليل 1922ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو هو. هو وڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. ممبئيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ 1947ع ۾ ممبئيءَ مان ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪيائين. ان بعد هن کي ڊاڪٽريءَ جو شوق ٿيو ۽ انٽر پري ميڊيڪل ۾ ڪري 1967ع ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهي. ان کان علاوه B.Sc. انگريزي سبجيڪٽ ۾ به ڪئي هئائين. هو واپس ڪامارو آيو. سروس نه ڪيائون. پنهنجي گاديءَ جو خيال رکيائين ۽ ماڻهن جو مفت علاج ڪندا رهيا. سندن والد جون زمينون مسڻ وڏيءَ ۾ جيڪي هيون انهن کي سندن ڀاءُ پير اسماعيل صادق سنڀالڻ لڳو. هتي هڪ دفعو وري ياد ڏياريندو هلان ته پير خليل ۽ پير اسماعيل اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جا ماما ٿيا. بهرحال ڳالهه ٿا ڪن ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ پير اسماعيل صادق جي ڪمدار جو پٽ به پڙهيو ٿي، جيڪو امتحان ۾ هر سال ٽيون نمبر آيو ٿي.
”ڇو ڀلا پهريون نمبر نٿو اچي؟“ پير صاحب ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ٻڌايو ته زمينن تي جيڪي ٿري هاري ڪم ڪن ٿا، انهن مان هڪ جا ٻه پٽ هر سال پهريون ۽ ٻيو نمبر کڻيو وڃن. پير صاحب کي حيرت به ٿي ته خوشي به. هن انهن ٻنهي ڀائرن کي گهرائي پڇيو ته، ”توهان وڌيڪ پڙهڻ چاهيو ٿا؟“ هنن جي هائوڪار تي پير صاحب سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خرچ جو حيدرآباد بندوبست ڪيو. هنن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي، ان بعد MBBS ڪري ڊاڪٽر ٿيا ۽ انگلنڊ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد سالم اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿيو ۽ وڏو ڊاڪٽر محمد مبارڪ جنهن سان پاڻ هاڻ ملياسين نه فقط بورڊ جي امتحان ۾ پهريون نمبر آيو پر ڊاڪٽريءَ جي امتحانن ۾ به. اڄ هُو ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ڪم ڪري ٿو ۽ يورولاجيءَ جو ماهر ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر مبارڪ تي ڪنهن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو. هتي هن لاءِ فقط ايترو لکندس ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي ڪانووڪيشن ۾ کيس اٺ گولڊ ميڊل ۽ يارنهن ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليا ۽ هُو ’بيسٽ گريجوئيٽ‘ مڃيو ويو. اهڙي طرح هن کي FCPS جي امتحان ۾ به ٽي گولڊ ميڊل مليا. ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ريسرچ سان شوق رهيو آهي ۽ سندس تقريبن 300 پيپر ڇپيل آهن.
بهرحال مٿيون ڳالهيون لکڻ مان منهنجو مقصد يا کڻي چئجي ته انهن ڳالهين جي باٽم لائين اها آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ هر قسم جو Talent تمام گهڻو آهي. هنن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي. توهان موقعو ڏئي ڏسو ته ڪيترائي بهترين ڳائڻا، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي پليئر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ جهاز هلائڻ وارا ملندا. ٻي ڳالهه اها ته توهان پنهنجي اوسي پاسي ۾ ڪو ذهين ۽ محنتي شاگرد ڏسو ٿا ته هن جي تعليم جو بندوبست ڪري خير جو ڪم ڪريو ۽ دعا کٽيو. آخري ڳالهه اها ته توهان جنهن به ضرورتمند جي مدد ڪندائو، هُو سڄي عمر توهان کي ياد رکندو. ڊاڪٽر مبارڪ ۽ هاڻ هن جو پٽ بلاول به، هيڏو وڏو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي پر ان هوندي به اهو ٻڌائيندي پنهنجي گھٽتائي نٿو محسوس ڪري ته هُو مسڪين هاريءَ جو ٻار هو. هُو ٻهراڙيءَ ۾ رهيو ٿي. اڄ هُو جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪامارو شريف جي پيرن ڪري آهي، جيڪي غريب شاگردن جي مدد ڪندا رهن ٿا... هُو پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته غريب غربي لاءِ به تعليم عام ڪرڻ پاڻ پتوڙين ٿا. توهان کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ ئي ڪامارو شريف جي پيرن جون ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد نظرايندا، جن محنت ڪري اعليٰ رتبا حاصل ڪيا آهن نه ته اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻهن جا ٻار B.A جي ڊگري به پاڻ پڙهي حاصل ڪرڻ بدران ٻين ذريعي حاصل ڪن ٿا.

الطاف شيخ
ڪراچي

ليکڪ پاران: ننڍڙي ڪاوش

پنهنجي پالڻهار جا لک ٿورا بجا آڻيندس جو هن ناچيز کي ان قابل بڻايائين جو اڄ آئون آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪينيڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو احوال پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان، اُميد ته هي ننڍڙي ڪاوش پڙهندڙن لاءِ هڪ دلچسپ مواد ٿيندو.
اوهان جي ڪنهن به نشاندهي يا ڪنهن به غلطي جي دل کولي آجيان ڪبي، جيئن اڳتي تي لاءِ بهتري اچي سگهي.
آئون سنڌ جي برک ليکڪ ۽ خاص طور سفرنامي لکڻ جي بادشاهه ليکڪ سائين الطاف شيخ صاحب جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن پنهنجي تمام مصروفيتن مان وقت ڪڍي منهنجي هن ڪتاب کي پڙهيو ۽ مُهاڳ به لکي ڏنو.
اُميد ته پڙهندڙن پاران سُٺي موٽ ملندي، اوهان جي راين جو اوسيئڙو رهندو.


فقط:
پير تاج محمد قريشي
ولد ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي

ڪامارو شريف، ٽنڊوالهيار، سنڌ
رابطي لاءِ واٽس ائپ نمبر: 001-248-3466441

حصو پهريون: ٽورانٽو ڏانهن رُخ

---

ابتدائي سفر

گذريل سال آڪٽوبر 2015ع ۾ ڪجهه مائٽ ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو جي ويجهو قائم پئيرسن بين الاقوامي ائيرپورٽ ذريعي سنڌ وڃي رهيا هئا، سو دل ۾ خيال ٿيو ته يا نصيب وري ڪڏهن ساڻن ملاقات ٿئي سو ڇو نه ساڻن ملي به اچجي ۽ کين ائيرپورٽ تي واپس ماڳ روانو ڪندي موڪلائي به اچجي. سو اهو ارادو ڪندي ڇنڇر آڪٽوبر سترنهن ٻه هزار پندرنهن تي صبح جو سوير مشيگن جي شهر ’وارن‘ مان ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ڏانهن روانو ٿيس. ساڻم منهنجا ٻئي پٽ محمد اڪسم ۽ حئيثم به سنڀري پيا.
منهنجي رهائش آمريڪا جي رياست مشيگن جي وڏي ۾ وڏي شهر ڊئيٽرائيٽ جي علائقي ’وارن‘ ۾ آهي. ائين کڻي چئجي ته حيدرآباد شهر جي علائقي قاسم آباد ۾ آهي. وارن جو شهر مشيگن جي ميڪامب ڪائونٽي (تعلقي) ۾ آهي. هتي هوئنن ته ڪيتريون ئي ڪاروباري ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون موجود آهن پر آمريڪا جي مقبول گاڏين ٺاهڻ جي ڪمپني جنرل موٽرس جو ٽيڪنيڪل سينٽر ۽ پلانٽ به هتي واقع آهي. چاچا سائين پير عبدالحميد قريشي صاحب 1962ع يا 1963ع ۾ آمريڪا جي رياست نيويارڪ ۾ پڙهائي لاءِ آيا هئا. پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان واپس ورڻ کان پهريائين چاچا سائين جن آمريڪا مان جنرل موٽرس جي ڪار شيورليٽ ورتي هئي. جنهن کي پاڻي واري جهاز جي ذريعي پهرين يورپ موڪليائون ۽ پوءِ يورپ کان ڊرائيوءِ ڪري پاڪستان ڪاهي آيا هئا. چاچا سائين جن مون کي ٻڌايو ته ان وقت اها ڪار خريد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۽ سندن دوست عبدالرزاق شيخ صاحب جن جو اصل تعلق شيخ ڀرڪيو سان آهي ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ رهائش اختيار ڪيائون، سي اها جنرل موٽرس جي ڪار وٺڻ لاءِ نيويارڪ کان بس جي ذريعي مشيگن جنرل موٽرس جي فئڪٽري آيا ۽ هتان اها ڪار ورتي هئائون. کين ياد ڪونهي ته پاڻ مشيگن جي ڪهڙي شهر آيا هئا، پر جيئن ته جنرل موٽرس جي برانڊ شيورليٽ ٺاهڻ جو پلانٽ اسان جي شهر ’وارن‘ ۾ آهي سو اندازو اٿم ته شايد پاڻ ’وارن‘ شهر مان اچي گاڏي ورتي هوندائون.
بهرحال ڳالهه پئي ڪيم ته صبح جو ياريهن ڌاري پنهنجي گهران ڪينيڊا وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. گاڏي ۾ پيٽرول وغيره وجهائي، هائي وي 696 تي اولهه طرف سفر ڪندي، هائيوي 94 تي آياسين. جتان تقريبن هڪ ڪلاڪ ۾ 50 ميل يا 80 ڪلوميٽر جو سفر ڪرڻ کان پوءِ ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي هڪ بارڊر جنهن کي پورٽ هيوران سارنيا جو بارڊر چيو ويندو آهي تي پهتاسين.

پورٽ هيوران واري بليُو واٽر پل

هتي آمريڪا واري پاسي کان پورٽ هيوران جو شهر ۽ ڪينيڊا واري پاسي کان سارنيا جو شهر آهي. هن جاءِ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سينٽ ڪلئير دريا وهي ٿو جيڪو هتان ٿي ڪري مشيگن ليڪ ڍنڍ سان وڃيو ملي. هن درياءِ تي ٻنهي ملڪن جي شهرن کي ملائڻ لاءِ بليو واٽر برج پل 10 آڪٽوبر 1938ع تي کولي وئي، جنهن جي تعمير آگسٽ 1936ع ۾ شروع ٿي. بليو واٽر واري هي پل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايمبيسيڊر برج کان پوءِ ٻيو نمبر پل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو هي ٻئي پلون 1930ع واري ڏهاڪي ۾ ٺهيون ۽ ٻئي پلون ٻن سالن جي مختصر وقت ۾ ٺهي مڪمل ٿيون.
اسان پورٽ هيوران جي شهر ۾ بيهي رستي ۾ سفر لاءِ چپس ڪولڊ ڊرنڪس وغيره وٺي ڪينيڊا جي حد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بليو واٽر پل تي چڙهياسين. پل تي چڙهندي ئي ٽول ٽئڪس جا بوٿ آهن جتي 3.00 ڊالر ڏئي اڳتي وڌياسين. هن پل تي چڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته هن پل تي بليُو واٽربرج (نيري پاڻي واري پل) نالو ڇو پيو. پل تان هيٺ پاڻي تي نظر وجهبي ته هر طرف دريا جو نيرو پاڻي نظر ايندو. انسان کي الله جي قدرت تي مڪمل يقين اچي ويندو آهي جڏهن پل جي هيٺيان وهندڙ پاڻي نيرو نظر ايندو آهي. يقين ڪريو هڪ انتهائي خوبصورت پاڻي جو درياءِ وهي رُهيو هوندو آهي ۽ توهانجي مٿان نيري آسمان جي ڇت هوندي آهي.
ٽول ٽئڪس ڏئي ڪري بليو واٽر برج جي ذريعي ڪري ڪينيڊا جي حدود ۾ داخل ٿي ڪينيڊا جي اميگريشن پوائينٽ تي پهتاسين.

زال جو اجازت نامو اٿئي؟

پاڻ وٽ پاڪستان، لنڊن ۽ ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ گاڏين ۾ ڊرائيور سائيڊ گاڏي جي ساڄي پاسي ۽ آمريڪا ۾ ڊرائيور سائيڊ گاڏي جي کاٻي پاسي هوندي آهي، تنهن ڪري اميگريشن پوائينٽس وٽ گاڏي اچي جڏهن بوٿ ۾ ويٺل آفيسر جي پاسي ۾ بيهاربي آهي ته آفيسر گاڏي جي کاٻي پاسي کان بوٿ ۾ ويٺل هوندو آهي ۽ سڌو ڊرائيور سان مخاطب ٿيندو آهي. جڏهن بوٿ جي پاسي ۾ آفيسر جي سامهون اچي گاڏي جهلبي آهي ته آفيسر سڀ کان پهرين گاڏي ۾ ويٺل هرهڪ مسافر جو پاسپورٽ وٺي پهريون سوال نيشنلٽي جي باري ۾ ڪندو آهي، جنهن کان پوءِ گاڏي ۾ ويٺل مسافرن جي نيشنلٽي کي مدِنظر ۾ رکندي باقي جا ٻيا سوال ڪندو يا ڪندي آهي جو اميگريشن آفيسرن ۾ خواتين به هونديون آهن.
اڄ خوشقسمتي سان موڪل جو ڏينهن هجڻ ڪريِ بارڊر تي گاڏين جي ڪا گهڻي رش نه هئي. تقريبن ٽي کان چار بوٿ کليل هئا جن مان هرهڪ ۾ هڪ آفيسر ويٺو هو. مون به وڃي هڪڙي بوٿ جي لائن ۾ گاڏي جهلي. مون کان پهرين ٽي کان چار گاڏيون هيون. هر گاڏي پنهنجي پنهنجي واري اچڻ تي اڳتي وڌندي وئي. جڏهن منهنجي اڳيان بيٺل گاڏي کي آفيسر پاسپورٽ واپس ڪندي روانو ڪيو ته مون به پنهنجي گاڏي ريڙهي اچي آفيسر جي پاسي ۾ جلهي. آفيسر مون کان اسان ٽنهي جا پاسپورٽ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي ڪڙڪيدار آواز ۾ آفيسر سوال ڪيو ته، ”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”ٽورنٽو ٿا وڃون.“ جواب ڏنومانس.
”ٽورانٽو ۾ ڇا آهي؟“ آفيسر ٻيو سوال ڪيو. سندس پڇڻ جو مطلب هو ته ٽورانٽو وڃڻ جو مقصد ڇا آهي. جواب ڏنومانس ته، اتي ڪجهه مائٽ ٿا رهن سو انهن سان ملڻ ٿا وڃون. انهن سوالن ۽ جوابن جي دوران آفيسر واري واري سان هرهڪ پاسپورٽ ڪمپيوٽر سان لڳل اسڪينر ۾ اسڪين ڪندو ويندو آهي جنهن سان مسافر جو مڪمل بايوڊيٽا سندس ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اچي ويندي آهي. مون محسوس ڪيو ته آفيسر منهنجي ڏنل جوابن مان مطمعن نه آهي. هو ڪڏهن پاسپورٽن کي ڏسي ۽ ڪڏهن منهنجي ٻارن جي منهن ۾. کيس شڪ پئي لڳو ته ٻارن سان ماءُ گڏ ڪانهي، ڪو پرايا ٻار اسمگل ته ڪونه ٿو ڪري وڃي. نيٺ سوال ڪيائين ته ”ٻارن سان گڏ سندن ماءُ ڇو ڪانهي؟“
جواب ڏنومانس ته، ”هُو گهر آهي.“
تنهن تي سوال ڪيائين ته، ”تو وٽ ماءُ جو ڏنل ڪو اجازت نامو آهي ٻارن کي ٻاهر ملڪ وٺي وڃڻ جو؟“
جواب ڏنومانس ته، ”نه، ڪو لکيل اجازت نامو ته نه آهي، پر جيڪڏهن تون چاهين ته کانئس فون تي ڪنفرم ڪري سگهين ٿو.“ منهنجي انهي جواب تي آفيسر پاسپورٽ مون کي واپس ڏيندي چيائين ته، ”نه، فون ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي پر ننڍن ٻارن سان انٽرنيشنل سفر ڪرڻ وقت جيڪڏنهن ٻئي والدين ٻار سان گڏ نه آهن تي اهو مائٽ جيڪو گڏ ڪونهي انجو اجازت نامون گڏ هجي ته بهتر آهي.“
آمريڪا وغيره ۾ ڪن وقتن ۾ اهو عام جام هو جو هتي ڪئين پاڪستاني، هندستاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا مرد حضرات گهمڻ يا پڙهڻ جي ويزا تي هتي آيا پر پوءِ ڪنهن پوڙهي گوري سان دل لڳائي شادي ڪري ويٺا ته جيئن هتي مستقل رهائش اختيار ڪري سگهن. ڪن وري گورين کي پئسا ڏئي ڪري ڪاغذي شادي به ڪئي. اڳتي هلي جڏهن اولاد ٿيڻ کان پوءِ جڏهن ٻار جي ماءُ، ٻار کي پنهنجي مرضي ۽ خاص طور پنهنجي مذهب تي هلائڻ شروع ڪندي هئي ته پوءِ ويچاري غير ملڪي اميگرينٽ پي جي مٿي تي هٿ اچي ويندا هئا. پوءِ جڏهن ڪا ٻي واٽ ڏسڻ ۾ نه آئي ته پوءِ مجبور پي ويچارا پهنجي ملڪ گهمائڻ جي بهاني ٻار کي پنهنجي ملڪ وٺي ويا ۽ پوءِ وري ڪڏنهن به واپس نه آيا. ڪئين موقعن تي آمريڪن ماءُ هتان جي حڪومت تي بار وڌو ته هتان جي حڪومت کين ٻار واپس هتي آمريڪا گهرائي ڏي. انهن سڀني مسئلن کي نظر ۾ رکندي هاڻ جڏهن ماءُ يا پي مان ڪو پنهنجي نابالغ ٻار سان گڏ غير ملڪي سفر ڪندو آهي ته ائيرپورٽ تي يا گاڏي وغيره ۾ ڪينيڊا يا ميڪسيڪو وڃڻ لاءِ آمريڪن بارڊر تي پهچندو آهي ته پوءِ کائنس سوال ڪيا ويندا آهن.
اميگريشن آفيسر پاسپورٽ واپس ڪندي ڪينيڊا ۾ اچڻ جي لاءِ ڀليڪار چيو ته پوءِ مون به گاڏي کي اڳيان وڌايو. ٻڌائيندو هلان ته آمريڪن ۽ ڪينيڊين شهريت رکندڙن کي انهي ٻنهي ملڪن ۾ اچڻ وچڻ لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت نه آهي. صرف پاسپورٽ جو هجڻ ضروري آهي. ڪنهن وقت ۾ 9/11 جي دهشتگرديءَ کان پهرين، پاسپورٽ جي به ضرورت نه هوندي هئي. هتان جا گورا يا ڪارا رڳو پهنجو ڊرائيور لائسنس ڏيڪاري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ڪري سگهندا هئا.
اميگريشن جي آفيس کان ڪجهه فرلانگن تي ڪينيڊا ڪرنسي مَٽائڻ جو مرڪز آهي جتي بيهي ڪري اسان آمريڪن ڊالر ڏئي ڪينيڊين ڪرنسي ورتي. اسان کي هڪ سوءُ آمريڪن ڊالر جا تقريبن هڪ سوءُ ٻارنهن ڪينيڊن ڊالر مليا. مون کي ياد آهي ته 2001 ڌاري هڪ سوءُ آمريڪن ڊالر جا ڏيڍ سوءُ ڪينيڊين ڊالر ملندا هئا. ان وقت آءُ ڪينيڊا ۾ رهندو هئس پر ڪم آمريڪا ۾ ڪندو هئس. روزانو ايمبيسيڊر برج يا ٽنل ذريعي صبح جو آمريڪا ايندو هوئس ۽ شام جو واپس ڪينيڊا ويندو هئس. ان وقت جڏهن آمريڪن ڪرنسي جو ڏيڍوڻو ڪينيڊن ڪرنسي ملندي هئي ته سچ ته بهاريون ٿي وينديون هيون. ۽ پوءِ 2006 ۾ آمريڪن ايڪانومي گهٽي ته پوءِ آمريڪن ڪرنسي جي ويليو به گهٽجي وئي. هڪ آمريڪن ڊالر جا رڳو 99 پئسا ڪينيڊين جا ملندا هئا، پر هاڻ آمريڪن ڪرنسي وري موچاري ٿي وئي آهي.
ڪرنسي مٽائڻ کان پوءِ وري پنهنجي منزل ڏانهن سفر شروع ڪيوسين. اسان هائي وي 94 تي اولهه طرف سفر ڪري آمريڪا کان هتي پهتا هئاسين ۽ هاڻ ڪينيڊين هائي وي 402 تي اولهه ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. ڪينيڊين بارڊر کان رڳو پنج منٽ جي مفاصلي تي ڪئينيڊا جو پهريون شهر سارنيا آيو. هي شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽيريو جي ڏکڻ اوڀر ۾ ليمبرٽن ڪاوئنٽي (تعلقي) ۾ هيوران ڍنڍ تي قائم آهي. سارنيا جو شهر هيوران ڍنڍ جي کاٻي ڪناري تي انهي جنڪشن تي واقع آهي جتي هيوران ڍنڍ وڃي سينٽڪليئر دريا سان ملي ٿي. انهي دريا جي ڪري انهي مقام تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ قدرتي سرحد قائم ٿي وئي آُهي، هتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا به حدبندي وغيره نه آهي.
سارنيا شهر جي آبهوا ڪا خاص صحتمند ڪانهي جنهن جو ڪارڻ هتي موجود آئل ريفائينري جو ڪارخانو آهي. هي ڪينيڊا جو هڪ تاريخي مقام آهي. ڪينيڊا جون قديم قومون جن کي ’فرسٽ نيشن‘ يعني ’پهرين قوم‘ چيو وڃي ٿو سي تقريبن ڏهه هزار سال اڳ هتي رهنديون هيون. هتي سندن شڪارگاهون، رهائش ۽ لنگَهه جا مقام هئا. اهي ماڻهو قديم قبيلن ’اوجيبوا‘، ’اوداوا‘ ۽ ’پوٽاواتمي‘ سان تعلق رکندا هئا ۽ اڄ اسان تقريبن ڏهه هزار سالن کان پوءِ انهن ساڳين پڊن تان لنگهي رهيا هئاسين. ڪٿي ڪاماري شريف جو رهاڪو ۽ ڪٿي وري اُنهن قديم قومن جا قديم پ.
اسان جيئن ئي سارنيا جي شهر کان ٿورو اڳڀرو ٿياسين ته قدرت جي قدرت ڏسڻ وٽان هئي. هڪ ته موسم جهڙالو مٿان وري خزان جي اثر هيٺ آيل رنگ برنگي پنن وارا وڻ، جن جو رنگ ڪٿي سائو ته ڪٿي پِيلو ته ڪٿي هلڪو ڳاڙهسرو هڪ عجيب وڻندڙ نظارو پيش ڪري رهيا هئا. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڊگهن ڊگهن وڻن جون نه کٽندڙ قطارون پنهنجن رنگبرنگي پنن سان پڻ خدا جي ساراهه ڪري رهيون هيون. ڊگهن وڻن جي مٿان وري نِيرو آسمان جنهن ۾ نه کُٽندڙ ڪڪر، جيڪي پڻ پاڻيءَ سان ڀريل هئا، الله سائين جي وڏائي بيان ڪري رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي ته وڻن جا پن خزان کان هار مڃي وڃي پَٽِ پيا هئا پر ڪي وري هوريان هوريان ڌرتيءَ تي ڪرِي رهيا هئا. ڪٿي وري ڪي وڻ اڃان تائين پنن سان ڍڪيل هئا پر سندن بدلجندڙ رنگ مان ظاهر هئو ته جلدي اهي به خزان جي ور چڙهي ويندا.

متان گاڏيءَ کي ريس ڏنو اٿَوَ!

پاڻ وٽ پاڪستان ۾ روڊ رستن يا هائي وي تي گاڏين جي ڪا به مقرر رفتار ڪانهي. بلاشڪ حڪومت جي ٺاهيل نون هائويز تي گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار مقرر ٿيل آهي باقي ٻين روڊ رستن تي مڙئي ٿيو خير. پر هتي آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ٽريفڪ جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڊرائيور مقرر اسپيڊ کان مٿي رفتار تي گاڏي هلائيندي ڏٺو ويندو آهي ته پوليس وارو ان کي بيهاري ڏنڊ هڻندو آهي. هتي مشيگن ۾ گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار ستر ميل في ڪلاڪ آهي، پر مار پويس ڪينيڊا جي صوبي اونٽيريو ۾ گاڏين جي مقرر رفتار آمريڪا ۾ مقرر رفتار کان به گهڻو گهٽ آُهي. اسان جڏهن آمريڪا جي بارڊر ڪراس ڪري ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندا آهيون ته هتان جي سست رفتار جي قانون تي عمل ته ڪندا آهيون پر گاڏي هلائيندي ڄڻ ته تپ چڙهي ويندو آهي. ظاهر آُهي ته ڪينيڊا جي پوليس کي به اها خبر آهي ته آمريڪا ۾ اسپيڊ جي حد ڪينيڊا کان وڌيڪ آُهي. بارڊر ڪراس ڪري، تازو تازو ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندڙ ڊرائيور گهڻو امڪان آهي ته هو ڪينڊا جي مقرر ٿيل اسپيڊ کان وڌيڪ اسپيڊ تي گاڏي هلائيندو سو پوليس وارا روڊ جي پاسن کان وڻن جي اوٽ وٺي لڪي بيهي پري کان ايندڙ گاڏي جي اسپيڊ نوٽ ڪري وٺندا آهن. ڪو مقرر اسپيڊ کان وڌيڪ اسپيڊ تي هوندو آهي ته ڏنڊ هڻندا آهن. پندرنهن سال کن اڳ جڏهن آءٌ آمريڪا ڇڏي وڃي ڪينيڊا جي شهر وينڊزر ۾ رهيو هوئس ته هڪ ڏينهن جڏهن صبح جو سوير نوڪريءَ تي وڃڻ لاءِ روانو ٿيس ته آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ واري عادت جي ڪري ڪار جي اسپيڊ ڪينيڊا جي مقرر اسپيڊ جي حد کان رڳو پنج يا ڏهه پوائنٽ مٿي ٿي وئي. مون کي دل ۾ خيال ٿيو ته اسپيڊ مٿي آهي ڪو پوليس وارو ٽڪيٽ نه ڏي. اڃان مون اهو سوچيو ئي مس ۽ ان کان پهرين جو گاڏي جي اسپيڊ جهڪي ڪريان ته پويان پوليس جي گاڏي اچي سائرن ڏنو. مار پويس ڪٿي لڪيو بيٺو هو جو جهٽ ڪري ورتائين. گهڻئي چيم ته هي پهريون دفعو آهي جو اسپيڊ وڌي وئي. تنهن تي اهو چئي ته ڪوشش ڪجان ته ٻيو ڀيرو نه ٿئي هڪ سئو ويهه ڊالر جو ڏنڊ هڻي روانو ڪيائين. هجي هئا بچي شل پاڻ وارو ملڪ ته مٽ مائٽ جو نالو وٺي يا قائدِ وارو سائو نوٽ ڏئي نڪري وڃجي هئا پر هي ٿيا پرايا پُٽ، قانون تي هلڻ وارا سو ڪٿان ٿا مڙن.
سو اڄ مون انهي پندرنهن سال اڳ ڏنل سوُ ويهه ڊالر ڏنڊ کي ياد ڪندي گاڏي مقرر اسپيڊ ۾ جهڪي هلائيندي، خوبصورت وڻن ۽ موسم جو مزو وٺڻ شروع ڪيو. اڄ موڪل جو ڏينهن هجڻ ڪري روڊ تي ٽريفڪ نه هجڻ جي برابر هئي. ورلي ڪنهن گاڏي اسان کي ڪراس ٿي ڪيو. سو گهٽ ٽريفڪ ۽ ڪينيڊا جي سست رفتار اسپيڊ جو فائدو وٺندي اسان هلندي گاڏي مان پنهنجي موبائل فون تي ڪافي فوٽا به ڪڍي ورتا. اسان لاءِ هي هڪ انمول موقعو هو. آڪٽوبر جي مهيني ڌاري جڏهن وڻن جا پن پنهجو رنگ مٽائيندا آُهن ته رنگ برنگي خوبصورت نظارو پيش ڪندا آهن. هتان جا رهواسي شهر کان ٻاهر ڊرائيو ڪري وڃي اهو خوبصورت نظارو ڏسندا آهن ۽ اسان اڄ اتفاق سان شهر کان پري انهي رستي تي هئاسين جتي رنگ برنگي خوبصورت وڻن جي نه کٽندڙ قطار هئي. سو اسان انهي موقعي مان فائدو وٺندي چڳا فوٽا ڪڍيا.
اسان ڪينيڊا جي شهر ’وارويڪ ٽائون‘ وٽان اچي لنگهياسين ته موسم ويتر انتهائي وڻندڙ ٿي پيو. آسمان تي موجود ڪڪر جيڪي قدرتي پاڻي سان ڀريل هئا جن ڄڻ ته هاڻ پاڻي جي وزن کان آجو ٿيڻ ٿي چاهيو سو انهن پنهنجو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. جيئن ته زمين ۽ آسمان تي ٿڌ هئي سو ڪڪرن جو اهو وسڪارو زمين تي پاڻي جي صورت ۾ نه پر هلڪي هلڪي ڪپهه جهڙي برف جي ڦوار جي صورت ۾ تيز تيز وسي رهيو هئو. ڪپهه وانگر برف جي اها ڦوار جڏهن تيزي سان گاڏي جي اسڪرين تي پوندي آهي ته پوءِ گاڏي هلائڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
جيتوڻيڪ قدرتي ڪپهه جي هي ڦوار تيزي سان زمين تي وسي رهي هئي پر اها وزن ۾ ايتري ته هلڪي هئي جو زمين تي ڪرڻ کان پوءِ پاڻي پاڻي ٿي ڳري ٿي وئي. پر ڏهاڪو ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ ڏٺو سين وڻ، ٻوٽا ۽ گاه سڀ برف جي اڇاڻ جي چادر سان ڍڪيل هئا. يقينن ته هتي اسانجي اچڻ کان پهرين يا وري گذريل رات ڪا چڱي خاصي برف باري ٿي هئي. پر خوشقسمتي سان هاڻ روڊ تي برف گڏ ٿيل نه هئي. هلڪي برف جي ڦوار جو وسڪارو جيڪو پويان رستي ۾ اسان کي مليو هو سو به هاڻ بند ٿي ويو هو. سو آرام سان گاڏي هلائيندي ڪينيڊا جي شهر لنڊن اچي پهتا هئاسين.

ڪينيڊا ۾ وري لنڊن

لنڊن جي شهر وٽ هائي وي 402 جنهن تي اسان سفر ڪري رهيا هئاسين، جيڪو وڃي هڪٻئي هائي وي 401 سان وڃي ملي ٿو. هي هائي وي 401 سڌو ٽورنٽو مان ٿيندو اڃان به اڳيان وڃي ٿو. ڪينيڊا جي شهر لنڊن تائين 117 ميل يعني ته 184 ڪلوميٽرن جو سفر ڪرڻ ۾ اسان کي تقريبن اڍائي ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. لنڊن جو هي شهر ڪينيڊا جي شهر سارنيا کان تقريبن 64 ميل يا 100 ڪلوميٽر کن پري آهي. ڪينيڊا جي شهر لنڊن تي هي نالو موجوده برطانيا جي شهر لنڊن جي پويان پيو. هي شهر آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ ۽ ڪينيڊا جي وڏي شهر ٽورانٽو جي وچ ۾ دريائي ٿيمس جي ڪناري تي ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن دريا تي به هي نالو برطانيا جي دريا ٿيمس جي نالي پويان پيو، جيڪو هتان جي گورنر جان گرويز سيموڪو 1773 ۾ رکيو. مطلب ته دنيا ۾ رڳو اسان ٻين ملڪن جي ڪاپي ڪونه ٿا ڪريون پر ٻيا گهڻا ملڪ به هڪٻئي جي ڪاپي ڪن ٿا ۽ هڪٻئي جا نالا وغيره به رکن ٿا.
بيٽل آف ٿيمس ’ٿيمس جي جنگ‘ پڻ هن دريا جي علائقي ۾ 1813ع ۾ آمريڪن جنرل وليم هينري ۽ برٽش جنرل هينري پروڪٽر جي فوجن جي وچ ۾ لڙي وئي. چيو وڃي ٿو ته پهريون ڀيرو يورپين آبادي هن علائقي ۾ 1801ع کان 1804ع جي وچ ۾ آئي. جنهن کان پوءِ هي ڳوٺ آباد ٿيو. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ماضي ۾ يورپين هميشه ٻين ملڪن ڏانهن قدم انهن ملڪن جو مال ۽ دولت ڦٻائڻ لاءِ کنيو، جيڪي پڻ برصغير ۾ سترهين صدي عيسوي ۾ آيا. انهي حساب سان برصغير دنيا جي هن خطي جي مقابلي ۾ گهڻو اڳ دولتمند هو. بهرحال يورپين جي هتي اچڻ کان پهرين، هن علائقي ۾ قديم انڊين قبيلن جهڙوڪ اوڊاوا وغيره جا ڳوٺ آباد هئا. آرڪيالاجي کاتي جي تحقيق مطابق قديم ايبوريجنيز ماڻهو هن علائقي ۾ ڏهن هزار سالن کان رهندا پئي آيا جن کي هتان يورپين تڙي ڪڍيو. 1832ع ۾ هتي جي يورپين نو آبادي ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي. وري 13 اپريل 1845ع تي هن شهر ۾ باهه لڳي جيڪا تقريبن ٽهين ايڪڙن ۾ پکڙجي وئي. جنهن ۾ ڏيڍ سو کن بلڊنگون تباهه ٿي ويون. هي باهه اونٽاريو صوبي جي پهرين ملين ڊالر جي باهه هئي. هن وقت تعليم، صحت، انشورنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي هن علائقي جي ترقي جا ڪارڻ آهن. لنڊن جو هي شهر ٻن هائيويز 401 ۽ 402 جي جنڪشن تي ڪينيڊا جي شهرن ٽورانٽو، سارنيا ۽ ونڊزر جي وچ تي قائم آهي. هن شهر ۾ سينٽ پال چرچ، يونيورسٽي آف ويسٽرن اونٽاريو، ويڪٽوريا پارڪ، آرٽ گيليري، ميوزيم، ٿيٽر، فينشوا پايونير پارڪ، مارڪيٽس، لنڊن فروٽ مارڪيٽ، رويل ڪينيڊين آرمي ميوزيم، بليڪ اسٽريٽ برج، جيٽ ائيرڪرافٽ ميوزيم ڏسڻ ۽ گهمڻ وٽان آهن.
لنڊن کان ٽورنٽو جو شهر اڃان به وڌيڪ 118 ميل يا 190 ڪلوميٽر پنڌ تي هو. جنهن لاءِ وڌيڪ ٻه اڍائي ڪلاڪ جو سفر ڪرڻو هو. پر جيئن ئي لنڊن شهر جي حدن کان ٿورو ٻاهر نڪتاسين ته اوچتو هائي وئي 401 تي ٽريفڪ بيهي رهي. پهرين ته منهنجو خيال هو ته ڪو منٽ ٻه جي لاءِ ٽريفڪ بيٺي آهي، پر جڏهن ٽريفڪ کي بيٺي ڏهه منٽ کان مٿي ٿي ويو ته پوءِ پريشاني شروع ٿي ته يقينن ٽريفڪ بيهڻ جو سبب ڪو عام رواجي نه آهي. جڏهن پريشاني وڌي ته گاڏي مان لهي ڏٺم ته حدِ نظر تائين گاڏين جي ڊگهي قطار روڊ جي پاسي کان بيٺل نظر آئي. يڪدم جِي پِي ايس تي چيڪ ڪيم ته خبر پئي ته ڪو ايڪسيڊينٽ ٿيو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ اڌ ڪلاڪ جو ڊِلَي آهي. ڪو دور هو جو سفر ڪندي جيڪڏهن روڊ رستي جي ٽريفڪ صورتحال جي باري ۾ معلوم ڪرڻو هوندو هو ته گاڏيءَ ۾ لڳل ريڊيو هلائي ڏسبو ته ڪا روڊ رستي جي باري ۾ ڪا خبر آهي يا نه. اڄ به ڪئي لوڪل ريڊيوچينلز باقائدي هر ڏهن منٽن کان پوءِ ٽريفڪ جو حال احوال ڏيندا آهن. پر اڄ ڪلهه موبائل فون ۾ لڳل جِي پِي ايس يا وري فيسبوڪ تان معلومات ملي ويندي آهي. گاڏيون آهستي آهستي ڪُميءَ جي رفتار سان هلي نه پر رڙهي رهيون هيون، پر هر گاڏي وارو پوءِ ڀلي کڻي ننڍي ڪار هجي يا ڪا بس يا وري ڏنهن ٽائرن واري ڊگهي ٽرڪ. هر ڊرائيور صبر سان گاڏيءَ ۾ ويٺو هو. مجال آهي جو ڪو هارن جي وٺو وٺ هجي يا وري ڪو ٻين کان پهرين نڪرڻ جي چڪر ۾ وڌيڪ ٽريفڪ کي بلاڪ ڪري رهيو هجي. بهرحال ڪُميءَ جي رفتار هلندي روڊ وڃي پنجيتاليهه منٽن کان پوءِ خدا خدا ڪندي رستو کليو ۽ ٽريفڪ اڳتي وڌي.
هاڻي بک به اچي ورايو. سو خيال ڪيم ته پاڻ به پيٽ پوڄا ڪريان ته ٻارڙن کي به ڪجهه کائڻ پيڻ لاءِ وٺي ڏيان. هائي وي ڇڏي شهر ۾ وڃڻ مطلب ته ٽريفڪ جي رش ۾ قابو ته وقت جو هيڪاندو زيان. جيئن چوندا آهن ته ’گدڙ کي کُٽي کڻندي آهي ته شهر جو رخ ڪندو آهي.“ سو انهي چوڻيءَ تي عمل ڪندي لنڊن شهر کان 27 ميل کن اڳتي سفر ڪندي تقريبن 45 منٽن کان پوءِ اچي ’وڊاسٽوڪ‘ شهر کان ٻاهر هائي وي جي پاسي کان قائم کاڌي جي سهولت مرڪز جن کي هتي ’اون رائُوٽ‘ يعني ’رستي تي‘ چيو ويندو آهي تي اچي بيٺس. هائي وي 401 تي ڊيٽرائيٽ ۽ ٽورانٽو جي شهرن جي درميان اهڙا ٽي چار اون رائوٽ مسافرن جي سهولت لاءِ ٺاهيا ويا آهن. جتي توهان کي مختلف قسم جي فاسٽ فوڊ جا ريسٽورنٽ ملندا. جهڙوڪر برگرڪنگ، ڪي ايف سي، پيزا وغيره کانسواءِ ٻيا به ڪئي کاڌي وغيره جا دوڪان ملندا. چانهه وغيره لاءِ ٽم هارٽن جو اسٽور به آهي جتي صاف سٺي چانهه به ملندي. جتي توهان کي وطن ۾ ملندڙ مکين واري چانهه ڏاڍي ياد ايندي. هتي مسافرن جي سهولت لاءِ مرد ۽ عورتن جي لاءِ ڌار ڌار بيت الاخلا ٺاهيا ويا آهن. هر اون رائوٽ کي ڪينيڊين ڪمپني ’هوسٽ ڪيلمر سروس‘ هلائي ٿي. جتي پيٽرول پمپ به آهن. هتان برگر ڪنگ جي اسٽور تان مڇيءَ جو برگر ’فِش برگر‘ وٺي بلڊنگ کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته ماشاءَالله هڪ باريش پاڪستاني کيسي ۾ ڏندڻ رکيل نظر آيو، جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪري موبائل فون تي فون ملائي رهيو هو. پاسي مان لنگهندي کيس سلام ڪيم ته خوشي ۽ حيراني ۾ ڪنڌ مٿي کڻي ’وعليڪم سلام‘ جو جواب ڏنائين ته مسڪرائي اڳيان وڌي ويس.
کاڌي پيتي جي سامان جو بندوبست ڪري رٿيل منزل ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان کي معمول کان مٿي وقت لڳي ويو هو سو اسان جي ميزبان جو فون به اچي ويو ته ڪٿي رهجي ويا آهيون. چيومان ته اڃان به ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ لڳندو. ٿورو وڌيڪ سفر ڪيوسين ته اوچتو گاڏيءَ جي ڊيش بورڊ تي نظر پئي، اسپيڊوميٽر واري جاءِ تي ڪا هڪ نه پر يڪيون ٽي خطري جون ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ شروع ٿي ويون هيون. جن مان هڪ انجڻ جي ۽ ٻه ٻيون بتيون خاموشيءَ سان اهو اطلاع ڏئي رهيون هيون ته گاڏيءَ ۾ هلندي ڪو نقص ٿي چڪو آهي. خطري جي انهن لائيٽن جي ٻري وڃڻ ڪري ڪافي پريشاني ٿي پر هن وقت هائي وي تي ڪجهه به ڪونه ٿي ڪري سگهيس. سو الله سائين تي توڪل ڪندي ۽ دعائون پڙهندي پنهنجو سفر جاري رکيوسين ۽ ڪلاڪ کن ۾ ٽورنٽو جي اولهه ۾ واقع شهر ايجيڪس ۾ پنهنجي ڀاڻيجي محمد سعيد جي گهر اچي پهتاسين. جتي مٽن مائٽن سان ملي ڪري خوشي ته ٿي پر گڏو گڏ گاڏيءَ جي باري ۾ پريشاني به هئي ته رستي ۾ بيهي نه رهي جو هڪ نه پر يڪيون ٽي الارم جي بتين جو ٻري وڃڻ ڪار ۾ ڪنهن نقص جي باري ۾ اڳواٽ اطلاع هئي.
اسان اڄ ڪينيڊا جي شهر ’ايجيڪس‘ آيا هئاسين، جيڪو ميٽروپوليٽن شهر ٽورانٽو جي حد ۾ آهي. ائين جيئن حيدرآباد شهر جو علائقو قاسم آباد. ٽورانٽو جو شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي گادي جو هنڌ آهي، جيڪو اونٽاريو ڍنڍ جي اترين اوڀر ڪناري تي قائم آهي. هن شهر جي آبادي تقريبن 26 لک آهي. هتي توهان کي توهان کي دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو ملندا. تنهنڪري هن شهر کي ڪينيڊا جو نيورياڪ به چيو ويندو آهي. 1995 ۾ پهريون ڀيرو جڏهن منهنجو هتي اچڻ ٿيو هو ته ان وقت مون کي هن شهر ۾ ايترا غير ملڪي ڏسڻ ۾ نه آيا جيترا توهان کي اڄ هتي ڏسڻ ۾ ايندا. توهان شهر جي مرڪز (صدر) جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي ۾ بيهي ايندڙ ويندڙن کي نظر مان ڪڍندا ته هر ٻيو ماڻهو ايشين يا آفريڪن نظر ايندو. ڪو ورلي هتان جو اصلوڪو گورو نظر ايندو. لڳي ٿو ته اهي هيڪاندن غيرملڪين کي ڏسي شهر ڇڏي وڃي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهيا آهن. ائين جيئن اسان پناهگيرن جي ڪري لطيف آباد ۽ ٻيا شهري علائقا ڇڏي وڃي قاسم آباد ۽ ڀرپاسي وارا علائقا وسايا.
شام جو تقريبن ساڍي ڇهين ڌاري ائييرپورٽ لاءِ روانا ٿياسين جوڪجهه مائٽ ترڪي جي ائرلائين جي ذريعي استنبول مان ٿيندي واپس ماڳ يعني ته سنڌ وڃي رهيا هئا ۽ منهنجي هتي اچڻ جو مقصد به اهو هو ته ساڻن ملي کين ائرپورٽ ڀيڙو ڪري اچجي. سو سندن سامان ٽن گاڏين وجهي گريٽر ٽورانٽو جي علائقي مسيساگا ۾ قائم پيرسن انٽرنيشنل ائيرپورٽ پهتاسين. سندن سامان فلائٽ لاءِ چيڪ ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهه دير لاءِ اتي بيهي ماڳ واپس ويندڙ پرديسين سان وقت گذاريو سين. بلاآّخرسندن فلائٽ جو ٽائم به ڀرجي آيو سو اسان کان موڪلائي پرديسي سيڪيورٽي گيٽ مان لنگهي ڪري جهاز ڏانهن روانا ٿيا ۽ اسان پنهنجي پنهنجي گاڏين ڏانهن.
مشيگن مان نڪرڻ وقت اسان جو اهو ارادو هو ته ائيرپورٽ تان واپس مشيگن رات جي پيٽ ۾ موٽي اينداسين جو ٻئي ڏينهن تي مون کي ڪو ضروري ڪم به هو پر جيئن چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي من ۾ ٻئي. سو گاڏي جي الارم واري بتين جي ٻرڻ جي ڪري ڪافي پريشاني ٿي پئي هئي. ماروٽ شاهه سليمان مرحوم جو نوجوان پٽ عبدلباسط جيڪو پڻ ائيرپورٽ تي آيل هو تنهن صلاح هئين ته ماما هاڻ رات جو ڪيڏانهن ويندا اسان وٽ هلي رهو. سو اهو خيال ڪندي ته رات به ڪافي پئجي وئي هئي ۽ سِيءُ به چڱو خاصو هو سو مون عبدالباسط جي گهر رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو. سو اسان ٻئي پنهنجون پنهنجون گاڏيون اڳيان پويان ڊوڙايندا سندس گهر بريمٽن جي شهر اچي پهتاسين.

سِکن جو شهر

بريمٽن جي شهر کي ’سِکن جو شهر‘ ڪري چئجي ته ذري برابر به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. بريمٽن جي نالي سان هي شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي ڏکڻ ۾ گريٽر ٽورانٽو جي حد ۾ واقع آهي. 2011 جي ڪينيڊين آدمشماريءَ مطابق هن شهر جي ٽوٽل آبادي پنج لک ٽيويهه هزار هئي. تنهنجو 38 سيڪڙو آبادي ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن تي مشتمل هئي. جن ۾ انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان ۽ ٻين ڏکڻ ايشين ملڪن جا ماڻهو شامل آهن. جن ۾ 19 سيڪڙو سک، 12 سيڪڙو هندو ۽ 7 سيڪڙو مسلمان آهن. هن علائقي مان چونڊيل چار صوبائي اسيمبلي ميمبرن مان ٻه ميمبر سک آهن. ٻولين ۾ هتي 52 سيڪڙو انگريزي، 18 سيڪڙو پنجابي ۽ 3 سيڪڙو اردو ڳالهائڻ وارا آهن. هتي توهان کي هر پاسي پنجابي ۽ اردو ٻُڌڻ ۾ ايندي ته توهان کي محسوس ٿيندو ته توهان پاڪستان يا هندستان ۾ پيا گهمو. جيتوڻيڪ هتي ڪئين پاڪستاني ۽ هندستاني آهن، پر ان جي باوجود به هتي روڊن رستن تي نه گند نه ڪچرو ۽ نه وري ڪا گاڏي يا موٽر سائيڪل ٽريفڪ لائيٽ جي خلاف ورزي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ساڳيا پاڪستاني يا هندستاني ماڻهو پنهنجي عادت جي برخلاف آمريڪا، ڪينيڊا يا ٻئي ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ قانون جي پابندي ته ڪن ٿا پر پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نٿا ڪن. اهو ان ڪري جو هنن ملڪن ۾ موچڙو سخت آهي. جيئن چوندا آهن ته موچڙو هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
مون پنهنجي ميزبان عبدالباسط کان حيران ٿي پڇيو ته ڪو گورو به هن شهر ۾ آهي يا ديسين کي ڏسي سڀني گورن هتان ڀڄي جان ڇڏائي. کلي چيائين ته نه ماما هي پاسي ۾ هڪ گورو رهي ٿو پر هي به اصل هتان جو نه آهي، بلڪِ يورپ جي ڪنهن ملڪ يا روس جي علائقي مان آيل نئون اميگرينٽ يعني مهاجر آهي. هن علائقي جي صوبائي اسيمبلي جي چئن ميمبرن مان ٻه سک آهن.
هتي گهرن جو حال به عجيب آهي. توهان جي سامهون هڪ وڏو گهر ڏسڻ ۾ ايندو، بظاهر لڳندو ته ڪو هن گهر ۾ ڪو هڪ خاندان رهندو هوندو پر اصل ۾ انهي گهر ۾ هڪ نه پر چار جدا جدا فيمليون رهن ٿيون، هر هڪ فيمليءَ جي اچڻ وڃڻ لاءِ جدا جدا چار دروازا، هر هڪ خاندان جي پنهنجي پنهنجي جدا ائڊريس. مطلب ته هڪ گهر ۾ هڪ چار ديواري ۽ هڪ ڇت هيٺ چار مختلف خاندان پيا رهن، پر مجال آهي جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو جهٽو يا گارگند جي نوبت اچي. جڏهن ڪينيڊا تقريبن ويهه سال کن اڳ دنيا جي مختلف ملڪن مان قابل ماڻهن کي گهرائي هن ملڪ ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيو ته گهرن جون قيمتون آسمان تائين وڃي پهتيون. سرنديءَ وارن گهر خريد ڪري نئين آيل آباديءَ کي مسواڙ تي ڏنا. مختلف ملڪن مان آيل پرديسي هنن گهرن ۾ شروع شروع ۾ مسواڙ تي رهن. ڪجهه عرصي کان پوءِ مالي حالتون بهتر ٿين ته پوءِ وڃو پنهنجو گهر وٺن.
گهر پهچڻ کان پوءِ عبدالباسط پنهنجي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري موٽر ميڪينڪ کي فون ڪري منهنجي گاڏيءَ ۾ ٻرندڙ ٽن خطري جي بتين جي باري ۾ ٻڌايو. ميڪينڪ صاحب چيو ته انجڻ جي ٽن بتين جو ٻرڻ ڪا سٺي نشاني نه آهي. صبح جو ساڍي اٺين ڌاري اچجو ته چيڪ ڪري وٺنداسين. سو هاڻ اطمينان ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو ته مڪينيڪ سڀاڻي آچر جي ڏهاڙي کُليل هوندو، جنهن کي گاڏي ڏيکاري وٺنداسين. آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن موڪل هوندي آهي، پر محنت ۾ ئي عظمت آهي، سو اسان پارا گهڻو ڪري موڪل جي ڏينهن به نوڪري ڪن يا پنهنجي ڪم کي ڏسن. آئون به ٻين ديسين وانگر سومر کان جمعو نوڪري ڪريان ۽ وري ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجي اڪائونٽنگ ۽ ٽيڪس جي ڪم کي ڏسان.
ڪينيڊا ايندي رستي ۾ مون فيسبڪ تي پنهنجي ڪينيڊا اچڻ جي باري ۾ اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيو ته فيسبڪ اپڊيٽ ڏسي هڪ پراڻي ڪلاس فيلو سهيل مغل جيڪو ڪنهن وقت ’سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام‘ ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو، تنهن مون کي مسيح ڪيو ته جيڪڏهن ٽورانٽو اچان پيو ته هن سان ضرور ملان. اتفاق سان سهيل منهنجي مائٽ عبدالباسط کي به ڪينيڊا ۾ سڃاڻي. سو هن عبدالباسط کي به فون ڪري وٽس اچڻ جي دعوت ڏني هئي. سو سهيل مغل سان ملڻ لاءِ ڪينيڊا جي شهر ’مسيساگا‘ روانا ٿياسين، جيڪو عبدالباسط جي شهر بريمٽن کان فقط ڏهه ميل کن پري هو. سهيل مغل، 1987ع - 1988ع ڌاري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ بي ايس سي زراعت ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو. هي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي. زرعي يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ وارن ڏينهن دوران سهيل، آئون، نديم ڪورائي، نديم ميمڻ (جيڪو هيرآباد ۾ حسن ليبارٽريءَ جي مالڪ ڊاڪٽر حسن ميمڻ صاحب جو پٽ آهي) گهڻو ڪري گڏ ٽنڊوڄام کان حيدراباد شهر ايندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سهيل لطيف آباد ۾ رهندو هو، پر هاڻ ڪينيڊا ۾ 2001ع کان رهائش پذير آهي. هن 1993ع ۾ ٽنڊوڄام مان بي ايس سي ۽ 1994ع ۾ ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت جي زرعي کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪينيڊا جي اميگريشن منظور ٿيڻ کان پوءِ نوڪريءَ تان استفعا ڏئي ڪينيڊا شفٽ ٿي ويو. ڪينيڊا ۾ هن کي زراعت کاتي ۾ ته نوڪري نه ملي پر ڪجهه سال مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ سال ٻه اڳ ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي (ايم آئي ايس) جي ٽريننگ وٺڻ شروع ڪيائين ۽ هاڻ آئي ٽي ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي. هُو پنهنجي نئين ڪيريئر مان مطمئن نظر اچي رهيو هو. سندس گهر واري، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪئي هئي، سا پڻ آئي ٽي جي فيلڊ ۾ نوڪري ڪري رهي آهي. سهيل مغل صاحب ڪينيڊا جي شهر ميسيساگا ۾ رهي ٿو.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو ڏهين وڳي ڌاري گاڏي کڻي يوسف ڀائي جي ورڪشاپ پهچي وياسين، جيڪو پڻ مسيساگا شهر ۾ هو. يوسف ڀائي به انهي وقت پهتو هو. اسان گاڏيءَ مان لهي ساڻس ملياسين. پاڻ گاڏي اندر ورڪشاپ ۾ آڻڻ لاءِ چيائين. مون گاڏي ۾ واپس ويهي جيئن گاڏي اسٽارٽ ڪئي ته اهي ئي لائٽون جيڪي ڪالهه ٻنپهرن کان ٻري رهيون هيون، سي مڪينڪ کي ڏسي بند ٿي ويون. يوسف ڀائي به حيران ٿيو. هن نيڪ مڙس ان جي باوجود به مشين تي گاڏيءَ کي چيڪ ڪري ٻڌايو ته هن وقت هن ۾ ڪابه خرابي نه آهي. آئون به ڪافي حيران ٿيس جو رات ڪينيڊا ۾ گذاريم ته ميڪينڪ کي گاڏي ڏيکاريندس ۽ هاڻ مستريءَ جي ڊپ وچان گاڏي يڪدم ائين ٺيڪ ٿي وئي، جيئن ڪو ٻار ڊاڪٽر جي سُئيءَ جي ڊپ وچان اُمالڪ ٺيڪ ٿي ڊوڙڻ لڳندو آهي.
عبدالباسط ٻڌايو ته مستري يوسف ڀائي پاڪستان آرمي ۾ هو ۽ ڪنهن وقت سرڪاري خرچ تي آمريڪا آيو هو. موقعو ڏسي سرڪار جي ٽولي مان کسڪي آمريڪا ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ وجهه وٺي يا ڪينيڊين امگريشن ڪرائي ڪينيڊا شفٽ ٿي ويو. هاڻ پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان آٽو ميڪينڪ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هاڻ هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي به گهرائي ورتو آهي.
يوسف ڀائي جو ورڪشاپ ڪينيڊا جي شهر مسيساگا ۾ آهي. جيڪو ڪينيڊا جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. مسيساگا جي شهر ۾ پڻ غير ملڪي جهڙوڪ هندستاني، پاڪستاني، افغاني، بنگالي ۽ چائنيز وغيره شامل آهن. هن علائقي مان چونڊيل ڇهن صوبائي اسيمبلي ميمبرن مان پنجن جو تعلق هندستان سان آهي. هتي توهان کي وِک وِک تي ديسي ڪاروبار نظر ايندو جن ۾ هلال ريسٽورنٽ، هلال گوشت، سودي سلف يعني ڀاڄين وغيره جا دوڪان ملندا. اڄ کان تقريبن ڏهه پندرنهن سال کن اڳ ديسي ڪاروبار ۽ کاڌي پيتي جا دوڪان ٽورنٽو جي هڪ مشهور اسٽريٽ تي واقع هئا، جنهن کي ’جرار اسٽريٽ‘ چيو ويندو آهي. جرار اسٽريٽ کي ننڍو ايشيا به چيو ويندو هو. هتي ديسي فروٽ جن ۾ سنڌ جو انب به ملندو آهي. اسان ان وقت جرار اسٽريٽ ويندا هئاسين ته جيئن سنڌ کان آيل سنڌڙي، لنگڙو، دسهڙي يا وري انور رٽول وٺي سگهون. جيئن ته آمريڪا ۾ عام رواجي طرح ڪو فروٽ وغيره آڻڻ جي اجازت ڪانهي. جيڪڏهن ڪار جي ڊگي ۾ انب رکي آڻڻ جي ڪوشش به ڪندا هئاسين ته آمريڪن بارڊر تي ڪسٽم وارن کي ڪا خوشبو ايندي هئي يا ڇا جو کين خبر پئجي ويندي هئي. ڪسٽم وارا انب ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هئا. تنهن ڪري اسان ٽورانٽو جي جرار اسٽريٽ تان سنڌ کان آيل انب خريد ڪري اتي ڪينيڊا ۾ کائي پوءِ واپس آمريڪا ايندا هئاسين.
جڏهن ميڪينڪ يوسف ڀائي اسان کي اوڪي چيو ته اسان واپس آمريڪا ڏانهن رخ رکيو. ڪلهه وانگر موسم به صاف ۽ سٺو هو، سو اسان آرام سان گاڏي ڊوڙائيندا چئن ڪلاڪن ۾ اچي آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر واري شهر ’پورٽ هيوران‘ پهتاسين. جتان ڪسٽم وغيره جو مرحلو طئه ڪري آمريڪا جي حد ۾ داخل ٿي ڪلاڪ ۾ گهر پهتاسين.

حصو ٻيون:نائيگرا فالز جو سفر

---

نائيگرا فالز جو سير

اڄ وري تقريبن ٻن سالن کان پوءِ ٻاوهين جولاءِ ٻه هزار سترهن تي ويٺي ويٺي اهو پروگرام ٿيو ته ڇو نه ٻارن جي گرمين جي موڪل جو فائدو وٺندي نائيگرا فالز جو چڪر ڏئي اچجي. اهو خيال ڪندي اسان سفر جي تياري شروع ڪري ڏني.
سڀ کان پهرين نائيگرا فالز شهر ۾ رهڻ لاءِ انٽرنيٽ تي هوٽلن جا اگهه وغيره معلوم ڪرڻ شروع ڪياسين. اسان جو ارادو هو ته هن دفعي ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ رهجي جتان نائيگرا فالز جي خوبصورت آبشارن جو نظارو پهنجي ڪمري مان ڪري سگهجي. سو سياحت جي مختلف ويب سائيٽس تي هوٽلن جا اگهه معلوم ڪرڻ کان پوءِ نائيگرا فالز تي واقع ايمبيسي هوٽل تي تارو ڪريو. هي هوٽل نائيگرا فالز جي آبشارن جي ڪناري تي بلڪل آبشارن جي پاسي ۾ قائم آهي جتان آبشارن جو نظارو ڪمري مان ويٺي ويٺي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪمري جي هڪ رات جو ڪرايو تقريبن ساڍا ٽي سئو هو. اسان خيال ڪيو ته سڀاڻي آچر جو ڏينهن هفتيوار موڪل جو آخري ڏينهن آهي. سو سياح واپس گهرن ڏانهن روانا ٿي، سومر واري ڏيهاڙي وڃي ڪم سان لڳندا، سو هوٽل سستا هوندا. سو ٻئي ڏينهن (آچر) صبح جو سوير جڏهن ساڳي هوٽل جو ڪرايو معلوم ڪيوسين ته اهو ويتر سئو ڊالر مهانگو هو. تنهن ڪري اتي سرزمين فيصلو ڪيوسين ته تي وڃي ڪا مناسب هوٽل ڳولهي انهيءَ ۾ ڪمرو وٺنداسين. هون به آءُ هميشه هوٽل موقعي تي وڃي وٺندو آهيان. مطلب ته اڻ ڏٺي سودي ۾ يقين ئي ڪونه ڪريان.
سو آچر جي ڏهاڙي تي صبح جو سوير گهران ڪينيڊا ڏانهن نڪري پياسين. سڀ کان پهريائين گاڏيءَ ۾ پيٽرول و غيره وجهائي رستي لاءِ چپس، ڪوڪ، پيپسي وغيره ورتيونسين. اسان وٽ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ پيٽرول کي گيس چيو ويندو آهي، سو اسان پيٽرول پمپ کي گيس اسٽيشن چوندا آهيون.
آمريڪا جي رياست مشيگن کان ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ رستا آهن. گذريل دفعي اسان ڪينيڊا ۾ آمريڪا جي پورٽ هيوران برج کان داخل ٿيا هئاسين سو هن دفعي اسان ڊيٽرائيٽ شهر وٽان ڪينيڊا وڃي رهيا هئاسين جتان ڊيٽرائيٽ ونڊزر بارڊر آهي. (ڊيٽرائيٽ) آمريڪا جو شهر آهي ۽ (ونڊزر) وري ڪينيڊا جو شهر آهي.
ڊيٽرائيٽ شهر منهنجي گهر کان رڳو ويهه منٽ کن پري آهي سو هن بارڊر جي زريعي اسان ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي انٽرنيشنل بارڊر ڪراس ڪندي، اميگريشن جو مرحلو طئه ڪرائي تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ داخل ٿي ويندا آهيون ۽ پوءِ اڳتي ٽورنٽو تائين پهچڻ ۾ تقريبن چار کان پنج ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. آمريڪا جي شهر ’ڊيٽرائيٽ‘ ۽ ڪينيڊا جي شهر ’ونڊزر‘ جي وچ ۾ رڳو پنجن ميلن (اٺ ڪلوميٽرن) جو مفاصلو آهي. هن جاءِ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا زميني حد نه پرهڪ دريا جنهن کي ڊيٽرائيٽ ريور (دريا) چيو ويندو آهي سو هڪ بين الاقوامي بارڊ جي طور تي وهي ٿو.
هتي انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڄ لاءِ هڪ برج (ايمبيسيڊر برج) قائم ڪئي وئي جنهن جي تعمير 16 اگسٽ 1927 تي شروع ٿي جيڪا تقريبن ٻن سالن جي اندر 6 نومبر 1929 مڪمل ڪئي وئي. 11 نومبر 1929 تي هن برج کي عام جام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو. هاڻ اندازو لڳايو ته هنن ٻنهي ملڪن جي ترقي جي رفتا 1920 واري ڏهاڪي ۾ به اسان جي ملڪ جي موجوده (2016) جي ترقي جي رفتار کان گهڻو اڳيان هئي جو اسان جي ملڪ ۾ اڄ به هڪ عام پل ٻن سالن ۾ نٿي ٺهي. حيدراباد واري واڌو واهه واري موري کي ٺاهڻ ۾ ٻن سالن کان مٿي وقت لڳيو وڃي. مطلب ته اسان جي اڄ جي سنڌ آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سامهون 1920ع واري دور کان به پوئتي آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ هي اهم برج هڪ انٽرنيشنل رستو آهي، جتان اندازن روزانو ڏهه هزار ٽرڪون ۽ چار هزار عام گاڏيون آمريڪا ۽ ڪينيڊا اينديون وينديون آهن.
ايمبيسيڊر برج کان علاوءَ آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ ۽ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڊيٽرائيٽ جي مرڪز (ڊائون ٽائون) وٽان ٻنهي شهرن جي وچ ۾ وهندڙ درياءَ جي وچ مان پنجاسي سال اڳ هڪ ٽنل 1930ع ۾ کولي وئي. اها ٽنل درياءَ جي ۾ ٺاهي وئي، جنهن لاءِ اسٽيل جون ٽيوبز استعمال ڪيون ويون هيون. پهرين انهن ٽيوبز کي پاڻي جي سطح تي ترڻ لاءِ ڇڏيو ويو. جنهن لاءِ انهن کي هڪٻئي پويان پاڻي جي تهه ۾ ٻوڙي هيٺ لاٿو ويو. دلچسپ ڳالهه اها آهي، جو انهي ٽنل جا ٽي تهه آهن. هيٺئين تهه مان تازي هوا پريشر سان ٽنل ۾ داخل ٿي وچين تهه تائين پهچي ٿي. اهو تهه گاڏين جي اچڻ وڃڻ لاءِ آهن. مٿئين تهه مان گاڏين جي دونهين کي پريشر سان ڌڪي ڪري ٽنل ۾ مان ٻاهرڪڍيو ويندو آهي. مون هن ٽنل مان ڪو هزار ڀيرن کان به مٿي سفر ڪيو هوندو، جو ڪجهه عرصو آئون ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ رهيو آهيان، ڪم آمريڪا ۾ ڪندو هوس سو اچڻ وڃڻ لاءِ ڪڏهن ٽنل ته ڪڏنهن ايمبيسيڊر برج تان ايندو ويندو هوس. جيئن ته هي ٽنل دريا جي پيٽ ۾ ٺاهي وئي آهي، تنهن ڪري گاڏين جي دونهين ڪري ڪڏهن ڪڏهن ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ سوڙهه محسوس ٿيندي آهي. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن ٽنل جي تعمير تي ان وقت 1930ع ۾ به تقريبن 25 ملين ڊالر خرچ آيو هو، جڏهن ته ان وقت سستائيءَ جو زمانو هو. هن ٽنل جو هڪ ڇيڙو ڪينيڊا ۾ ٿو کُلي ته ٻيو وري آمريڪا ۾. آمريڪا يا ڪينيڊا مان گاڏي داخل ٿيندي آهي ته رستو هيٺ لهيندو ويندو آهي ۽ بلاخر گاڏي وڃي درياءَ جي تهه ۾ پهچندي آهي. ٽنل جي اندرين ديوارن وٽ جتي تازي هوا جي اندر اچڻ جو سسٽم آهي، توهان کي دريا جو پاڻي ٽنل ۾ ٽمندي اندر ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ڪئين جاين تي توهان کي ٽنل جو ديوارون پاڻيءَ سان پسيل نظر اينديون پر مجال آهي جو ڪو پاڻي ٽنل ۾ بيهي يا گڏ ٿئي. هي ٽنل تقريبن پنج هزار فٽ يا پندرنهن سو ميٽر ڊگهي آهي يعني هڪ ميل کان ٿورو گهٽ هوندي. ٽنل ۾ تقريبن 75 فٽ يا 23 ميٽر جيتري مفاصلي ۾ گاڏي بلڪل درياءَ جي تهه ۾ سفر ڪري رهي هوندي آهي. ٽنل ۾ گاڏين جي اچڻ ۽ وڃڻ جون ٻه قطارون آهن. گاڏيون آرام سان هڪٻئي جي پٺيان لائين ۾ هلندي، پنهنجو سفر پورو ڪنديون آهن. مجال آهي جو ڪا گاڏي لائين ٽوڙي پاڻ کان پهرين گاڏيءَ کان اڳيان نڪري يا ڪو ڊرائيور گاڏيءَ جو هارن وڄائي ٻين لاءِ ڪو آزار پيدا ڪري. ٽنل مان ٻاهر نڪرندي ئي اميگريشن جي عملي جا بوٿ آهن. گاڏيون ٽنل مان ٻاهر نڪري بوٿن ڏانهن وڌي وينديون آهن، جنهن ۾ ويٺل اميگريشن جو آفيسر مسافر کان پاسپورٽ وٺي ضابطي جي ڪاروائي ڪندو آهي. 9/11 جي واقعي کان پهرين ته ڪافي نرمي هئي جو لوڪل ماڻهن کان رڳو ڊرائيور لائيسنس ورتو ويندو هو، پر هاڻ اهو قانون آهي ته هر اچڻ وڃڻ واري شخص وٽ سندس پاسپورٽ هجي.
بارڊر تي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين ٽول ٽئڪس واري وٽ اچي بيٺاسين. اڄ ڪلهه بارڊر تي ٽول ٽئڪس ڏهه ڊالر آهي. جتي مون آمريڪن ڪرنسيءَ جو سئو ڊالر جو نوٽ ڪڍي ڏنو ته جيئن مون کي آمريڪن ڪرنسي ۾ نوي ڊالر جا کليل پئسا ملن. هتي ٻنهي ملڪن جي ڪرنسي هلي ٿي، پر بارڊر تي اصول اهو آهي ته جيڪڏهن توهان آمريڪن ڪرنسي ڏني ته توهان کي باقي بچيل کليا پئسا به آمريڪن ڪرنسي ۾ واپس ڪيا ويندا. ساڳيءَ طرح ڪينيڊين ڪرنسي استعمال ڪندئو ته باقي بچيل پئسا به ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ ملندا، پر اهو رڳو بارڊر جو حال آهي. جيڪڏهن ڪينيڊا جي شهر ۾ آمريڪن ڪرنسي استعمال ڪئي ته پوءِ واپس بچيل پئسا رڳو ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ ڏيندا آهن. شهر ۾ ڪرنسي ايڪسچينج ريٽ به سٺو نه هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي وري رستي ۾ ڪينيڊين پيٽرول پمپ يا ٻيا دڪان وارا آمريڪن ڪرنسي وٺڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ٽول ٽئڪس وغيره ڏئي ڪري اڳتي وڌي ٽنل ۾ چڙهي ڏهن منٽن ۾ ڪينيڊا جي حدود ۾ داخل ٿياسين. ٽنل ۾ جنهن جاءِ تي ڪينيڊا جي حد شروع ٿئي ٿي ان جاءِ تي ڪينيڊا جو جهنڊو لڳل آهي. ٽنل مان گاڏين جي ٻاهر نڪرندي ئي ڪينيڊا جي اميگريشن جي آفيس ۽ اميگريشن بوٿ لڳل آهن. سو اسان به اچي بوٿن جي سامهون بيٺاسين. هر بوٿ جي لائين ۾ گاڏين جي ڊگهي قطار لڳل هئي. ان وقت انهيءَ مقام تي سوين گاڏيون بيٺل هيون. هر هڪ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر پنهنجي پنهنجي واري سان اڳيان وڌي رهيا هئا، پر مجال آهي جو ڪو گاڏيءَ وارو ٻي گاڏيءَ جي لائين ۾ اچي يا لائين ڪٽي اڳيان نڪري. مجال آهي جو ڪو گاڏين جي هارنن جي وٺو وٺ هجي، پر ان جي ابتڙ ان مقام تي ائين لڳندو آهي ته جيئن مسافرن کي ڪو نانگ سونگهي ويو هجي.
جنهن لائين ۾ اسان بيٺل هئاسين ان لائين جي بوٿ ۾ ويٺل آفيسر صفا ڪو سست هو يا وري مسافرن کان هيڪاندا سوال جواب پڇي رهيو هو. جو انهي لائين ۾ گاڏيون تمام سستي سان چري رهيون هيون. اسان جو وارو تقريبن اڌ ڪلاڪ کن جي انتظار کان پوءِ آيو. سان جي سامهون واري گاڏي کي جڏهن آفيسر روانو ڪيو ته اسان به اچي آفيسر جي بوٿ جي دري وٽ گاڏي جهلي کيس پنهجا پاسپورٽ ڏنا. آفيسر سڀ کان پهريون سوال اسان جي شهريت جي باري ۾ ڪري، اسان کان ڪينيڊا اچڻ جو پڇيو. سندس ٻيو سوال اهو ته اسان ڪيترو عرصو ڪينيڊا ۾ رهنداسين. اسان جي جوابن کان مطمئن ٿيڻ کان پوءِ اسان کي پاسپورٽ واپس ڏيندي اسان کي ڪينيڊا ۾ ويلڪم ڪيو. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هنن ٻنهي ملڪن جي شهرين لاءِ هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ گهٽ مدت لاءِ داخلا لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت نه آهي، پر جيڪڏهن نوڪري يا پڙهائي ڪرڻي هوندي آهي ته پوءِ ويزا وٺڻي پوندي آهي. اميگريشن کان فارغ ٿي ويجهو موجود ڪرنسي آفيس مان آمريڪن ڊالر ڏئي ڪينيڊين ڊالر ورتاسين. اسان کي هڪ سئو آمريڪن ڊالر جا هڪ سئو ٻاويهه ڪينيڊين ڊالر مليا ٿي، سو اسان ٻه سئو آمريڪن مَٽايا ته جيئن هتي ڪينيڊا ۾ ڪم آڻي سگهجن. ان کان علاوه اٺ سئو آمريڪن ڊالر ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ به استعمال لاءِ موجود هو. سو انشاءَالله سفر ۾ پئسن جي کوٽ نه ٿيندي. ڪرنسي مَٽائڻ کان پوءِ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ داخل ٿياسين.
ونڊزر جي شهر جي باري ۾ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته آئون هن شهر ۾ رهي چڪو آهيان. جيڪڏنهن توهان جي دل ۾ خيال ٿئي ته آءٌ هتي ڪڏهن ڪئين يا ڪيترو عرصو رهيس ته پوءِ توهان کي منهنجي لکيل سوانح حيات پڙهڻي پوندي.
ونڊزر کان نائيگرا فالز جو مفاصلو تقريبن ٻه سو ڇٽيهه ميل آهي. جنهن کي عام رواجي حالت ۾ چار کان پنجن ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. ونڊزر جو هي شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن جي شهر ڊيٽرائيٽ ۾ ڊيٽرائيٽ دريا جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. هي دريا هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ قدرتي بارڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيئن ته مشيگن ۾ آمريڪا جي گاڏين ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ هيڊڪوارٽر آهن تنهن ڪري هن شهر جي معشيت به مشيگن جي معشيت جي زيرِ اثر گاڏين جي انڊسٽري تي دارومدار رکي ٿي. ونڊزر جا گهڻا شهري روزانو نوڪري ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي رياست مشيگن ويندا آهن ۽ شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ يعني ته ونڊزر ورندا آهن. واقعي کان پهرين هن بارڊر تي ڪافي نرمي هوندي هئي. ڪئين دفعا اسان هتان آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ رڳو ماني کائڻ ويندا هئاسين. پر نائين اليون واري واقعي کان پوءِ حالتون صفا مٽجي ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه نائين ايليون کان پهرين ممڪن هو. هتي مسلمانن جون ٻه وڏيون مسجدون آهن جن مان ڊومينين روڊ واري مسجد پراڻي ۽ وڏي آهي. هتي هندن جا مندر ۽ سکن جا گُردوارا به آهن.
زمين جي هن ٽڪري تي يورپين جي اچڻ کان گهڻو پهرين هتي انڊينز جن کي پان وٽ ريڊانڊين (ڳاڙها انڊين) چوندا آهيون جون آباديون هيون. پهريون ڀيرو هتي فرانسيسي 1749ع ۾ آباد ٿيا جن جو تعلق زراعت سان هو. فرانسيسين هن علائقي کي (ننڊو ڪنارو) جو نالو ڏنو. 1794ع ۾ فرانسيسي انقلاب کان پوءِ هن شهر کي ونڊزر جو نالو ڏنو ويو. 2006ع جي آدمشماري مطابق هتان جي آبادي ٻه لک کان مٿي هئي جنهن جو تقريبن پنج سيڪڙو مسلمان آهن. هن شهري جي آبادي جو ويهه سيڪڙو غير ملڪي آهن. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ٻئي گهڻ قومي ملڪ آهن جتي ڪيئي قومون ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. جن ۾ يورپين، هندستاني، چائينيز، افريڪن، ميڪسيڪن ۽ ٻيا ڀانت ڀانت نسل ۽ ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا. هتي به توهان کي ڪيترين ئي نسلن جا ماڻهو ملندا. جن ۾ چائينيز جي گهڻائي آهي. هتي پاڪستان کان آيل پنجابي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا جام ملندا ۽ ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي فيمليون به ملنديون جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو ۽ ڪجه ڏيپلائي ميمڻ هن شهر ۾ رهن ٿا.
هن شهر جي مزيدار ڳالهه اها آهي ته هفتيوار ڇنڇر آچر جي موڪل واري شام توهان کي هتي اوڻيهن کان ايڪيهن سالن جا نوجوان آمريڪن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تمام گهڻي انداز ۾ ايندي ويندي ملندا. جنهن جو سبب اهو آهي جو آمريڪا جي صوبي مشيگن جنهن جو بارڊر ڪينيڊا جي شهر ونڊزر سان ملي ٿو ۾ شراب واپرائڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر ايڪيهه سال آهي. جڏهن ته هن شهر ونڊزر ڪينيڊا ۾ شراب پيئڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر اوڻيهه سال آهي. تنهن ڪري اهي آمريڪي ٻار جيڪي عمر ۾ اوڻيهن کان ايڪيهن سالن جي وچ ۾ آهن سي هن شهر جو رخ ڪندا آهن. نائين ايليون واري واقعي کان پهرين جڏهن هندستاني يا پاڪستاني آمريڪا جي وزٽ ويزا وٺي آمريڪا ايندا هئا ۽ آمريڪا ۾ ئي رهي پوندا هئا. انهن مان جيڪي ڊيٽرائيٽ ۾ رهندا هئا اهي ڊيٽرائيٽ دريا جي ٻئي پاسي کان بيهي ڪري ڪينيڊا جي هن شهر ونڊزر جون روشنيون ڏسندا هئا ۽ پوءِ جيئن ئي سندن گرين ڪارڊ هٿ ۾ ايندو هو ته سڀ کان پهرين ڀڄندا هئا ڪينيڊا جي شهر ونڊزر. اسان جو هڪ سنڌي دوست جيڪو اصل ۾ شڪارپور جي علائقي لکي غلام شاه کان آهي ۽ مشيگن ۾ رهندو هو. تنهنجو جڏهن گرين ڪارڊ منظور ٿيو ته سڀ کان پهرين دورو ڪيائين ونڊزر جو. واپس آمريڪا وڃڻ لاءِ ايمبيسيڊر برج تي چڙهيو. برج تي واضح لکيل آهي (روڊ ٽو يو ايس اي) پر همراه اميگريشن وارن کان ڪو اهڙو ته خوفائتو هو، جو برج تي چڙهڻ کان پوءِ بجاءِ آمريڪا جي واپس ڪينيڊا جي اميگريشن وارن جي بوٿ وڃي بيٺو. جڏهن ڪينيڊين اميگريشن آفيسر ٻڌايس ته سندس رخ آمريڪا ڏانهن نه پر واپس ڪينيڊا ڏانهن آهي ته همراهه پيشمان ٿيو.
هن شهر ۾ ’يونيورسٽي آف ونڊزر‘ 1963ع ۾ قائم ٿي جتي تقريبن سورنهن هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا جن ۾ پاڪستاني ۽ هندستاني شاگردن جو چڱو تعداد آهي. اسان هن شهر جي اوليئٽ اسٽريٽ جي ذريعي ڊوگل اوينيو کان ٿيندا هائي وي 401 تي اولهه جي طرف ٽورانٽو ڏانهن روانا ٿياسين.
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀريل هئو تنهن ڪري رستي تي گرمي جي ڪا گهڻي تپش ڪانه هئي. اسان ونڊزر شهر جي حدن مان نڪرڻ کان پوءِ نڪ جي سڌ ۾ هائي وي 401 تي اولهه طرف سفر جاري رکيو. هن رستي تي ننڍا ٽائون يا ڳوٺ ته جام آهن پر ايندڙ وڏو شهر لنڊن ڪينيڊا جو هو. هن شهر جي باري ۾ مڪمل تفصيل ٻئي هنڌ لکي چڪو آهيان. لنڊن جي شهر کان پوءِ ٻيو وڏو شهر وڊاسٽوڪ هو. جتان اسان هائي وي 401 ڇڏي هڪ ٻئي هائي وي 403 تي چڙهياسين. هتان نائيگرا فالز تقريبن اڃان به ڪلاڪ کن پري هو. رستي جي ٿڪاوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان هڪ ننڍي شهر وٽ بيهي چانهه جي هڪ دوڪان ٽم هارٽن تان چانهه خريد ڪئي.
ٽم هارٽن چانهه جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته هن اسٽور جي چانهه ۽ ڪافيءَ ۾ هڪ خاص ذائقو آهي. ٽم هارٽن جا اسٽور ته اسان وٽ آمريڪا جي رياست مشيگن ۾ به جام آهن، پر ڪينيڊين ٽم هارٽن جي چانهه جو ذائقو ڪو پنهنجو آهي. اسان مذاق مان چوندا آهيون ته ڪينيڊين ٽم هارٽن وارا چانهه ۽ ڪافيءَ ۾ آفيم وغيره جي ڏوڏي ملائين ٿا، جيڪا گراهڪ کي هن جي چانهه ۽ ڪافيءَ جو موالي بڻايو ڇڏي، جيتوڻيڪ اهو مذاق آهي انهي ۾ ڪا به سچائي نه آهي، پر اها حقيقت آهي ته هتان جي ٽم هارٽن چانهه جو ذائقو ئي ڪو پنهنجو آهي. اسان به جيئن ئي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندا آهيون ته گاڏي جهلي، هتان چانهه ۽ ڪافي ضرور وٺندا آهيون، جيڪا تقريبن ٻن ڊالرن ۾ ملي ويندي آهي. چانهه کان سواءِ هتان ڊونَٽس وغيره به آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. اڄ هن اسٽور تي چڱي خاصي رش هئي جو ٽم هارٽن جو هي اسٽور مين هائي وي جي پاسي تي آهي. ڪينيڊا جي هن علائقي ۾ گرمي ڪافي گهڻي هئي. سو عورتون جهڙوڪر پنهنجي ڪپڙن مان بيزار هيون، کين نالي ماتر لٽا پهريل هئا.
هتان روانا ٿي هائي وي ڪوئن ايليزبٿ هائي وي تان ٿيندا نائيگرا فالز شهر جي حد ۾ داخل ٿياسين. هن رستي تي ڍنڍ يا دريا جي مٿان ٺهيل هڪ بهترين پل به آهي. ڪوئن ايليزبٿ هائي وي کان شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هائي وي 405 ورتوسين. جيئن ته اسان اڳواٽ ڪابه هوٽل وغيره بڪ نه ڪرائي هئي. سو نائيگرا شهر کان ٻاهر موجود ٽريولرس انفارميشن سينٽر تي اچي بيٺاسين ته جيئن هتي موجود هوٽلن ۽ تفريحي مقامات جي باري ۾ معلومات وٺي سگهون. هي انفارميشن سينٽر نائگرا فالز شهر جي اسٽينلي روڊ تي اونٽاريو انفارميشن سينٽر جي نالي سان شهر گهمڻ وارن جي معلومات ۽ سهوليت لاءِ موجود آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي هر رياست جي انٽري پوائنٽ تي اهڙا مرڪز موجود آهن. جتان توهان انهي شهر يا رياست جي باري نقشا يا ٻي ڪا معلومات مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. ساڳيو نقشو ٻاهر دڪان تان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڊالرن ۾ ملندو. پاڻ وٽ جيڪڏهن ڪراچي جي شروعات ۾ ٽول پلازا يا سهراب ڳوٺ وٽ اهڙو ڪو مرڪز هجي ته واهه ڀلو. پر سوال اهو آهي ته اتي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڌاڙيلن ۽ ڀتا خورن کان ڪير بچائيندو. سو اسان به هن اونٽاريو انفارميشن سينٽر تان ڪجهه معلوماتي ڪتابڙا هٿ ڪيا. جن ۾ شهر جو نقشو ۽ رستن جي باري ۾ معلومات هئي. هن مرڪز ۾ هڪ هندستاني فيملي به نظر آئي. جيڪي نائيگرا فالز شهر ۾ هلندڙ ٽوئر بس جي باري ۾ معلومات وٺي رهيا هئا. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر جي رش جي ڪري اسان کي هتي پهچڻ تائين تقريبن پنج ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا. سو اسان جي ڪوشش اها هئي ته سڀ کان پهرين ڪا مناسب هوٽل هٿ ڪري ڪجهه دير آرام ڪريون ۽ جنهن کان پوءِ نائيگرا فالز جي آبشارن جو چڪر هڻون.
سو اسان مختلف هوٽلن تي بيهي ڪري سندن اگهه معلوم ڪرڻ شروع ڪيا. ياد رهي ته آءٌ پراڻي دور وانگر هوٽل تي بيهي ڪري سندن مسواڙ معلوم ڪري رهيو هوس جڏهن ته اڄڪلهه هر هڪ مسافر اڳواٽ انٽرنيٽ تي هوٽل بڪ ڪرائي رهائش جو بندوبست ڪندو آهي، پر آءٌ گهڻو ڪري اک سان هوٽل ڏسي ۽ ان جو مقام معلوم ڪري پوءِ هوٽل مسواڙ تي وٺندو آهيان. هاڻ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ گهڻو ڪري هوٽلن جي جاءِ تي موٽلز قائم ڪيون ويون آهن. جتي مسافر ڪمرو يا سوئٽ مسواڙ تي وٺي رهندا آهن. اڳ ڪنهن وقت ۾ هوٽلن ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست هوندو. جتي توهان بيري کي آرڊر ڪندا هئا ته بيرو توهان کي ڪمري ۾ ماني وغيره پهچائيندو هو، پر هاڻ موٽلز ۾ ڪنهن کاڌي پيتي جو بندوبست نه هوندو آهي. ڪجهه وڏين موٽلز ۾ صبح جو ڪونٽينيٽل ناشتو مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو آهي، پر انهيءَ لاءِ توهان کي ڪمرو ڇڏي هيٺ لنچ روم ۾ وڃڻو پوندو آهي.
سو اسان به لڳاسين هوٽل جي ڳولا ۾. اسان سڀ کان پهرين ايمبسي هوٽل اينڊ سوئٽس تي بيٺاسين جو هي هوٽل بلڪل نائيگرا فالز جي مٿان فالزويو روڊ تي قائم آهي. فالزويو روڊ تي موجود هن هوٽل ۽ ٻين هوٽلن جهڙوڪ ميريئٽ ۽ شيريٽن وغيره جي خاص ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي ڪمري جي دري يا بالڪونيءَ ۾ نائيگرا فالز جي آبشارن جو نظارو ڪري سگهو ٿا. جنهن جو رات جو نظارو چانڊوڪي رات ۾ ته بنهه خوبصورت هوندو آهي، پر جڏهن انهن هوٽلن جي رهائشي ڪمرن جي هڪ ڏينهن جو اگهه معلوم ڪيوسين ته پوءِ ڪياسين پوئتي پير. ايمبيسي هوٽل جي هڪ رات جي مسواڙ ٽئڪس وغيره ملائي ڪري تقريبن چار سئو ڊالر پئي ٿيو. وري ميريئٽ ۽ شيريٽن وغيره جي مسواڙ جي به ساڳئي پوزيشن هئي، پر اسان به همت نه هاري. هن دفعي پڪو ارادو هو ته ڀلي ڪجهه مٿي ڏوڪڙ ڏيڻا پون پر رهنداسين، ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ جيڪا نائيگرا فالز جي ويجهو هجي. جتان آبشارن جو نظارو ويجهي کان ڪري سگهون. مختلف هوٽلن جي ڪمرن جا اگهه معلوم ڪندي، تقريبن شام جا اچي ڇهه ٿيا هئا ۽ اسان آمريڪا مان گهران صبح جو ڏهين بجي نڪتا هئاسين. هاڻ ڪافي ٿڪجي چڪا هئاسين. مٿان وري بارش جو وسڪارو. سو بلاخر وڪٽوريا روڊ تي نائيگرافال شهر جي مرڪزي بازار ۾ قائم امپيريل هوٽل ۽ سوئيٽس ۾ ڪمرو ورتوسين. جنهن جي هڪ ڏينهن جي مسواڙ 190 ڪينيڊين ڊالر هو يعني ته 140 آمريڪن ڊالر هو. هي هڪ بهترين ٿري اسٽار هوٽل هئي. عام رواجي ڏينهن تي ان جي مسواڙ ٽي سئو ڊالر کان گهٽ نه هجي هئا، پر اسان جي قسمت ڪا چڱي هئي، جو هوٽل جي پهرين منزل تي ريسٽورنٽ لاءِ تعميراتي ڪم ٿي رهيو هو، سو تنهن ڪري مسافرن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ ڪرايو گهٽ ڪيل هئو. اسان جو ڪمرو ڏهين فلور تي هو. الله الله ڪري ڪمرو مليو. سامان گاڏيءَ مان کڻي جڏهن ڪمري ۾ منتقل ڪرڻ جو وارو آيو ته وري تيز مينهن اچي ورايو. ڪپڙا لٽا وغيره پُسي آلا ٿي ويا، پر اسان به سامان کڻي هوٽل ۾ پهچايو.
اسان جي هوٽل آبشارن کان تقريبن اڌ ميل کن پري هئي، پر اسان جي قسمت کان سٺي هئي. جو اسان جو ڪمرو ڏهين منزل تي آبشارن واري پاسي کان هو. ڪمري جي بالڪونيءَ مان آبشار بلڪل اسان جي سامهون نظر اچي رهيا هئا. اسان پنهنجي ڪمري مان ويٺي ويٺي آبشارن ۽ شهر جو نظارو ڪري پئي سگهياسين. هوٽل جي ڪمري ۾ سامان پهچائڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان چانهه ڪاڙهي چانهه جي ٻاڙ لاٿي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ سفر دوران اسان کي کاڌي وغيره جي ته ڪا خاص تڪليف نه ٿيندي آهي، جو ميڪڊونالڊ ۽ برگر ڪنگ وغيره تي فش ۽ ويجيٽيبل برگر وغيره ته آسانيءَ سان ملي ويندا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ پاڻ واري ديسي دُوڌ پتي چانهه جي ضرورت پوندي آهي. تنهن جو توڙ اسان اهو ڪيو آهي جو اسان هڪ بجليءَ تي هلڻ واري ڪٽلي وٺي ڇڏي آهي. پاڻ سان گڏ لپٽن واري چانهه جي پتي ۽ کير جا پيڪٽ کڻندا آهيون. جيئن هوٽل وغيره يا ڪنهن ريسٽ ايريا ۾ پهچندا آهيون ته سڀ کان پهرين چانهه پوءِ ٻي ڪا پچار.
هاڻ اسان اهو پروگرام ڪيو ته پهرين ڪٿي هلي پيٽ پوڄا ڪجي ۽ جنهن کان پوءِ آبشار ۽ شهر جو چڪر هڻجي. اهو ارادو ڪري هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ته بلڪل هوٽل جي سامهون روڊ جي پرئين پاسي ميڊل ايسٽرن عربي ريسٽورنٽ ’ڪاسابلانڪا‘ جي نالي سان نظر آيو. جتي حلال عربي مانيءَ سان گڏوگڏ حلال پيزا وغيره جو سائن بورڊ لڳل هو. سو بسم الله ڪري ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پياسين ته جلد کان جلد ماني وغيره کائي پيٽ پوڄا ڪري نائيگرافال جو چڪر لڳائي سگهون. ڪاسابلانڪا جو هي ننڍو ريسٽورنٽ وڪٽوريا روڊ تي نائيگرا فالز جي اتر ۾ ڏهن منٽن جي پنڌ تي واقع آهي. ريسٽورنٽ ۾ ڪافي چڱي خاصي رش هئي. پاڻ وٽ جيئن ڪڙهائيءَ جي هوٽلن جي ٻاهران ڪرسيون لڳل هونديون آهن. حيدرآباد ۽ لطيف آباد شهر جي ٿڌي هوائن ۾ ٻاهر ويهي ڪڙهائي کائبي آهي. اهڙيءَ طرح هن هوٽل جي ٻاهران لان ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون لڳل هيون. اسان به ٻاهر تازي هوا ۾ جاءِ والاري ويٺاسين. مينهن جيڪو تازو وسي بند ٿيو هو انهي جي ڪري موسم ۾ هلڪي ٿڌ ٿي پئي هئي. اسان ٻاهر ته اچي ويٺا هئاسين پر انديشو هو ته ماني کائيندي وري نه ڪو مينهن اچي. جو هلڪي هلڪي مينهن جي بوندا باري وقفي وقفي سان جاري هئي. هتان جي موسم تي ڪو ڀروسو ڪونهي. نائيگرا فالز جي بارش به فلمي بارش وانگر آهي. مختصر پر تيز وسڪارو ۽ پوءِ الله الله خير صلاح. ڪاسابلانڪا جي نالي سان هن ريسٽورنٽ ۾ عام رواجي مڊل ايسٽرن کاڌن جهڙوڪ چڪن ڪواب، چڪن ڪوفتا ۽ چڪن گلابا وغيره کان سواءِ هتي جي خاص ڊش حلال پيزا ۽ لذيذ ڊش تريل پٽاٽا به هئا. تريل پٽاٽن جي ڊش جو نالو ’بٽاٽا هارا‘ هو. جيڪڏهن توهان جو هتي اچڻ ٿئي ته هن ريسٽورنٽ جو ’حُقو‘ جنهن کي عربي ۾ ’شيشا‘ چيو ويندو آهي ضرور ڇڪجو. حُقو اهو آهي جيڪو پنهنجي سنڌ ۾ ڪنهن دور ۾ وڏا پوڙها پيئندا هئا، پر هاڻ هن موجوده دور ۾ حُقو پيئڻ عام رواجي فيشن ٿي پيو آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شيشا ريسٽورنٽ عام جام کُليل آهن. جتي نوجوان جوڙا ۽ زال مڙس آمهون سامهون وهي شيشو ’حُقو‘ پئيندا آهن. جن ۾ مختلف فليورز ذائقا هوندا آهن. افسوس اهو آهي ته هي حُقو هاڻ ڪراچي حيدرآباد جي پوش علائقن جهڙوڪ ڊفينس، ڪلفٽن وغيره ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جام پيا پيئن ۽ کين منع ڪرڻ واري ڪا پَهَرَ ڪانهي. اسان هتي ماني کائي فل ٿياسين. اسان پنجن ڄڻن جو بل ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ چوراسي ڊالر آيو. جيڪو آمريڪن ڪرنسي ۾ تقريبن سٺ ڊالر کن ٿئي ٿو. هن ريسٽورنٽ ۾ ماني کائيندي نوٽس ڪيم ته هتي ڪم ڪرڻ وارن ۾ گهڻو ڪري انڊين ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا يعني ته ملڪ گورن جو، ڪاروبار جو مالڪ عربي ۽ ڪم ڪرڻ وارا وري پاڻ وارا ديسي. آمريڪا جي مشيگن اسٽيٽ ۾ گهڻو ڪري پيٽرول اسٽيشن وغيره جا مالڪ عربي مسلمان آهن. جڏهن ته شراب ۽ لاٽري اسٽور جي ڪاروبار ۾ عيسائي عربي جيڪي اصل ۾ عراق کان هجرت ڪري آيا. سيون اليون جي ڪاروبار ۾ وري پاڪستاني جن ۾ سنڌين جي گهڻائي آهي. وري ميڊيڪل خاص طور فزيڪل ٿيراپي جي ڪاروبار ۾ وري پاڪستاني پنجابي، انڊين، فلپائنيز جام ملندا. جن مان گهڻا هاڻ ميڊيڪل انشورنس جي وائيٽ ڪالر فراڊن ۾ ملوث هئڻ ڪري يا ته جيلن ۾ آهن يا وري ڀڄي وڃي پنهنجي پنهنجي ملڪ پهتا آهن. ۽ باقي جيڪي بچيا آهن سي هاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ماني وغيره کائڻ کان پوءِ پيٽ ۾ ساهه پيو. هاڻ اسان جو پلان هو ته شام جي هن خوبصورت جهڙالي موسم ۾ نائيگرا فالز جي آبشارن جو نظارو ڪريون ۽ آبشارن تي پنڌ واڪ ڪريون. سو اسان گاڏي پنهنجي هوٽل جي پارڪنگ ۾ ڇڏي پنڌ آبشارن ڏانهن نڪري پياسين جو آبشارن جي حد ۾ گاڏي جي پارڪنگ ڳولهڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. اسان ريسٽورنٽ مان آبشارن تي وڃڻ لاءِ وڪٽوريا اسٽريٽ کان ٿيندا ڪلفٽن هل روڊ تي پهتاسين. وڪٽوريا اسٽريٽ، ڪلفٽن هل ۽ ٻيون ڪجهه اسٽريٽ نائيگرا فالز شهر جي مرڪز مان لنگهن ٿيون جن تي سوين دوڪان، ريسٽورنٽ، ٻارن وڏن جي دلچسپي لاءِ مختلف شيون ڏسڻ وٽان آهن. هن علائقي ۾ توهان کي واڪ ڪندي بوريت به ڪونه ٿيندي. مٿان وري جيڪڏهن گرميءَ جي مند آهي ته پوءِ سياحن کي ڏسي توهان جون اکيون پيون ٺرنديون.
اسان اڄ سڌا آبشارن ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. شهر گهمڻ جو ارادو سڀاڻي تي ڇڏيل هو. اسان شهر جي رونڪ جو نظارو ڪندي تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ اچي آبشارن تي پهتاسين. آبشارن تي ڪافي رش هئي. دنيا جي ڪئين ملڪن مان ڀانت ڀانت جا ماڻهو هتي پهتل هئا. ڪيئي اڇا يورپين، ڪيئي ڪارا آفريڪن ۽ سوين گندمي ايشين هتي موجود هئا. اسان کي آبشارن تي ڪيترائي پاڪستاني ۽ هندستاني گهمندي ۽ خوشيون ماڻيندي نظر آيا. اڄ موسم به ڏاڍو وڻندڙ هو. گرمي به ڪا گهڻي ڪونه هئي.
نائيگرا فالز جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي آبشارن جي پاڻي مان نڪرندڙ پاڻي جي ڦوار جي ڪري گهڻو ڪري آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر هوندا آهن، جيڪي وقفي وقفي سان ڪڏهن هلڪو ته ڪڏهن تيز مينهن جو وسڪارو ڪري گذري ويندا آهن. مطلب ته هتي اچڻ کان پوءِ گهڻو ممڪن آهي ته توهان جا ڪپڙا لٽا آلا ٿين. تنهن ڪري بهتر آهي ته پاڻ سان گڏ مينهن کان بچڻ لاءِ ڇٽي ساڻ کڻو. اسان کي هوٽل جي ڪائونٽر تان پلاسٽڪ جي ڪوٽ نمان پوشاڪ ملي. جيڪا اسان آبشارن تي پهچڻ کان پوءِ مٿان اوڍي مينهن جي وسڪاري کان پاڻ کي بچائي سگهياسين. نائگرافالز جي آبشارن وٽ سياحن جي واڪ ڪندي آبشارن جو نظارو ڪرڻ لاءِ هڪ ويڪرو فٽ پاٿ ٺهيل آهي. ڪو اتفاقن پاڻي ۾ نه ڪري پئي، تنهن لاءِ آبشارن تي چيلهه تائين اوچي ڀت ٺاهي وئي آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ پنهنجي مرضي سان خودڪشي وغيره جي ارادي هيٺ ٽپو ڏيو ته توهان جي مرضي باقي توهان واڪ ڪندي محفوظ آهيو. ويڪري فٽ پاٿ تي واڪ ڪندي، توهان جي هڪ پاسي آبشار ۽ ٻئي پاسي کان نائيگرا پارڪ وي جي نالي سان مصروف روڊ آهي، جن تي هر وقت گاڏين جي قطار لڳل هوندي آهي، جن ۾ ويٺل مسافر پڻ گاڏي ۾ ويٺي ويٺي آبشارن جو نظارو ڪري رهيا هوندا آهن. سياحن جي واڪ واري فٽ پاٿ نما رستي تي هڪ ئي وقت هزارين سياح گهمندي، موسم جو مزو وٺندي، آبشارن جو نظارو ڪندي نظر ايندا. سياح انهي روڊ نما فٽ پاٿ تي بيهي ڪري آبشارن جا يا پنهجا فوٽا ۽ سيلفيون ڪڍندا آهن. رات ۾ آبشارن جو نظارو ان وقت انتهائي خوبصورت لڳندو آهي، جڏهن نائيگرا شهر مان آبشارن تي رنگ برنگي روشني هنئي ويندي آهي، جيڪو آبشارن جي اتر ۾ ڪافي اوچائي تي آهي.
توهان به سوچيندا هوندا ته نائيگرا فالز آخر ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هر سال لکين سياح هتي اچن ٿا. آخر ’هارس شو‘ (گهوڙي جي نال) آبشار تي اهو نالو ڇو پيو؟ ضروري آهي ته توهان کي نائيگرا فالز جو مختصر تعارف ڪرايو وڃي.
نائيگرا فالز، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سرحدن تي موجود ٽن انتهائي خوبصورت آبشارن جو نالو آهي، جيڪي آمريڪا جي رياست نيورياڪ ۽ ڪينيڊا جي رياست اونٽوريو جي سرحدن تي موجود آهن. هن ٽن آبشارن مان سڀ کان وڏي آبشار کي ’هارس شو‘ چيو ويندو آهي، جو هي بلڪل گهوڙي جي نال وانگر آهي. نال جو هڪڙو پاسو ڪينيڊا ۾ ته ٻيو وري آمريڪا ۾. وچولي آبشار کي ’آمريڪن آبشار‘ ۽ ننڍي آبشار کي ’برائڊل ويل‘ چيو ويندو آهي. هي ٻئي آبشار آمريڪا جي حد ۾ آهن. تنهن ڪري هنن ٻنهي آبشارن جو نظارو ڪينيڊا جي پاسي کان نائگرا دريا جي پرئين پاسي کان بيهي ڏسڻ ۾ بهتر آهي. ائين جيئن سنڌو درياهه جي ڪپ تي بيهي پاڻ ڪوٽڙي کي حسين آباد جي ڪپ تان ڏسون.
نائگرافالز جا ٽيئي آبشار نائيگرا دريا تي آهن، جيڪو ايري ڍنڍ جي پاڻي کي کڻي اونٽاريو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي آبشار آمريڪا جي شهر بفلو کان اتر اوڀر ۾ سترنهن ميل ’ستاويهه ڪلوميٽر‘ ۽ ڪينيڊا جي شهر اونٽاريو جي ڏکڻ اولهه ۾ پنجهتر ميل يعني هڪ سئو ايڪيهه ڪلوميٽر تي موجود آهن. اسان به آبشارن جي هڪ ڪنڊ کان واڪ ڪندي ٻي ڪنڊ تي موجود هارس شو آبشار تائين پهتاسين. واڪ دوران اسان به ڪيترين ئي جاين تي بيهي آبشارن جا فوٽو ۽ پنهنجيون سيلفيون ڪڍيون. دنيا جي گولي تي موجود زمين جو هي ٽڪرو تمام پُرامن آهي. جتي ايندڙ هر سياح بنا ڪنهن تعصب وغيره ۽ بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءُ جي پنهنجي پنهنجي پسند سان گهمندي نظر ايندو. نوجوان مرد ۽ عورت جوڙا هٿ ۾ هٿ جهلي واڪ ڪندي ۽ پيار ڪندي نظر ايندا ته عمر ۾ وڏا جوڙا وري چهري تي مُرڪ سان نظر ايندا. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته زمين جي هن ٽُڪري تي خوشي رقص ڪندي نظر ايندي آهي. اسان هوٽل کان هارس شو تائين پنڌ ڪري آيا هئاسين، جنهن جو مفاصلو تقريبن ٻن ميلن کان گهٽ آهي، پر هن واڪ دوران اسان ڪيترين جاين تي بيٺاسين، سو ڪافي ٿڪجي پياهئاسين ۽ ٻيو ته وري نائيگرا جو شهر آبشارن جي هن مقام کان ڪافي اوچائي تي قائم آهي. اسان آبشار جي خوبصورتي ڏسڻ جي شوق ۾ هيٺ لهي ته آيا هئاسين پر هاڻ اسان ۾ همت ڪانه هئي ته ڪو واپس پنڌ ڪري اوچائيءَ تي موجود پنهنجي هوٽل تائين پهچون. سو لڳاسين ڪنهن بس يا ٽئڪسي جي تلاش ۾، روڊ جي ڪيترين ئي جاين تي سياحن جي سهوليت لاءِ بس اسٽاپ موجود آهن. هتان جي لوڪل بس سروس سڄو ڏينهن نائيگرا آبشارن کان نائيگرا شهر ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ سروس مهيا ڪري ٿي. توهان هڪ ڏينهن جو ٽڪيٽ وٺي نائيگرا آبشار ۽ نائيگرا شهر جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين مفت ۾ سفر ڪري سگهو ٿا. هي بس آبشارن کان نائيگرا شهر جي مرڪز ۾ موجود وڏين وڏين هوٽلن تائين وڃي ٿي.
رات پئجي وئي هئي ۽ اسان ڪافي ٿڪجي به پيا هئاسين ۽ اسان کي هاڻ هوٽل پهچي آرام ڪري وري صبح جو سوير اٿڻو به هو. تنهن ڪري بس جو پاس وٺڻ جو جو فائدو ڪونه هو. سو اسان لاءِ ٽئڪسي جي سواري بهتر هئي. اسان کي روڊ جي پاسي کان بيٺل ڏسي اوبر ٽئڪسي وارو اچي بيٺو، پر مسئلو اهو هو جو اسان پاڻ ۾ پنج ڄڻا هئاسين ۽ ٽئڪسي ۾ ڊرائيور کان علاوه رڳو چئن مسافرن جي گنجائش هئي. ٽئڪسي وارو پنهنجو ديسي هئو سو اسان کي ڪار ۾ سوار ته ڪيائين پر مون واري ننڍي پُٽ حيثم قريشي کي پٺئين سيٽ تي جُهڪي ٿي ويهڻو پيو. ٽئڪسي واري اسان کي ڏهن منٽن ۾ هوٽل تائين پهچائي ڇڏيو. ٽئڪسي جو ڪرايو پنج کن ڪينيڊين ڊالر لڳو، پر اسان آرام سان پنهنجي هوٽل پهچي وياسين.
هوٽل جي ڪمري جي دريءَ مان نائيگرا آبشارن جو نظارو به تمام خوبصورت هو. صبح جو اٿڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان چانهه سان هٿ ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان اڄ جي پلاننگ مطابق سڀ کان پهرين اسان کي ناشتي لاءِ وڃڻو هو، جنهن کان پوءِ وري ڏينهن جي روشني ۾ نائيگرا جو چڪر ۽ جنهن کان پوءِ اسڪائي لائين ٽاور ۽ آخر ۾ هتان جي ميرين ورلڊ جو چڪر.
هتي پرديس ۾ اسان کي حلال کاڌي کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش اينديون آهن. اسان جي گهڻي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن اهڙي جاءِ تي ماني کائجي جتي يا ته حلال گوشت هجي يا وري مڇي يا وري ڀاڄي وغيره. اڄ اسان صبح جي ناشتي لاءِ انٽرنيشنل هائوس آف پين ڪيڪس (آئي هاپ) وڃڻ جو ارادو ڪيو. اسان آئي هاپ جي چونڊ ان لاءِ به ڪئي، جو هتي چوويهه ڪلاڪ گرما گرم ناشتو ڪري سگهجي ٿو. اسان ويجيٽيبل آمليٽ ۽ ڪافي وغيره پيتي. ناشتو ته لذيذ هو پر جڏهن بل آيو ته مٿي تي هٿ اچي ويا. عام ناشتو وڃي سٺ ڪينيڊين ڊالرن ۾ پيو هو. ناشتي کان پوءِ نائيگرا آبشارن جو رخ ڪيوسين، جيڪو هتان رڳو ٽن منٽن جي ڊرائيو تي هو. ڪالهه اسان نائيگرا تي ڪافي پنڌ ڪيو هو سو اڄ اسان جو ارادو هو ته آبشارن جو نظارو گاڏيءَ مان ڪريون.
نائيگرا تي انتهائي خوبصورت منظر هو. هر طرف ڪڪر پکڙيل هئا. جيڪي ٿوري ٿوري وقفي سان هلڪي هلڪي ڦوار سان وسي رهيا هئا. صبح سان ئي سياح آبشارن جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا. روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳل هيون. سو اسان به جهڪي اسپيڊ ۾ گاڏي هلائيندي آبشارن جي سامهون کان لنگهندا، هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهتاسين. نائيگرا فالز جي هارس شو آبشار کي ڪراس ڪري اڳتي وڌبو ته سٽي جي طرفان قائم پارڪنگ لان ۾ گاڏي پارڪ ڪري واپس پنڌ ڪري آبشارن تي پهتاسين. هاڻ اسان جو پلان هو ته آبشارن جي جدت ۽ رب سائين جي قدرت کي محسوس ڪرڻ لاءِ آبشارن کي ويجهي کان ڏسون سو تنهن ڪري اسان نائيگرا فالز جي پاڻي ۾ هلڻ واري ڪروزشپ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. ڪروز جي سواري ڪرڻ لاءِ ڪروز آفيس پهتاسين. جتان ٽڪيٽ وغيره خريد ڪري مقرر وقت تي اچي لائين ۾ لڳاسين. جتان واري اچڻ تي نائيگرا بوٽ ۾ سوار ٿياسين. اسان نائيگرا فالز ڪيئي دفعا گهمي چڪا آهيون پر آبشارن کي ايترو ويجهڙي کان پهرين ڪڏهن به نه ڏٺو هو. نائيگرا فالز جو بوٽ ٽور اسان کي آبشارن جي بلڪل ويجهو وٺي ويو. آبشار جي پاڻيءَ جو تيز وهڪرو ۽ طاقت، پاڻيءَ جو زوردار آواز هڪ عجيب نوعيت جي حيرانگي پيدا ڪري ٿو ته ڪيئن صدين کان هي آبشار پنهنجي مقرر جاءِ تي قائم ۽ دائم آهي. هي بوٽ ٽور سياحن کي نائيگرا فالز جي ٽنهي آبشارن جي انتهائي ويجهو وٺي وڃي ٿو. ايترو ويجهو جو بوٽ ۾ سوار سياح آبشارن جي پاڻيءَ جي ڦوار سان پُسي ڀت ٿي ويندا آهن. انهيءَ ڪري بوٽ ڪمپنيءَ جي طرفان هر مسافر کي پلاسٽڪ جو جُبو ڏنو ويندو آهي. جنهن کي پائڻ کان پوءِ بوٽ جا مسافر گهڻي ڀاڱي پُسڻ کان بچي ويندا آهن. هن بوٽ جو ٽڪيٽ وڏن لاءِ پنجويهه ڪينيڊين ڊالر ۽ ٻارن لاءِ تقريبن سورنهن ڊالر آهي.
نائيگرا فالز جي بوٽ سواري کان پوءِ اسان پنهنجي گاڏي تي سڌا اسڪائيلان ٽاور پهتاسين، جيڪو نائيگرا شهر جي مرڪز ۾ روبينسن اسٽريٽ تي آهي. پاڻ جيئن سکر واري معصوم شاهه واري مناري تان سڄي سکر شهر جو نظارو ڪري سگهون ٿا، اهڙي طرح نائيگرا فالز جي اسڪائيلان ٽاور جي اوچائيءَ تان توهان آمريڪن ۽ ڪينيڊين آبشارن سان گڏوگڏ نائيگرا شهر جي خوبصورتيءَ جو نظارو به ڪري سگهو ٿا.
اسڪائيلان جو هي خوبصورت ٽاور جيڪو 1965ع ۾ ٺهي راس ٿيو. ان جي اوچائي تقريبن 775 فٽ يعني 236 ميٽر آهي. هن ٽاور جي اوچي طبقي تي پهچڻ لاءِ ٽن پِيلي رنگ جي لفٽن مان هڪ تي سوار ٿي سڀ کان پهرئين طبقي تي پهتاسين، جتي گولائيءَ ۾ گهمندڙ ريسٽورنٽ (ريوالونگ ڊائيننگ روم) آهي. انهي گول گهمندڙ ريسٽورنٽ ۾ هڪ ئي وقت تقريبن اڍائي سو کان به وڌيڪ مهمانن جي کائڻ ۽ پيڻ لاءِ ٽيبلون لڳل هيون يعني هي اوچائي تي گهمندڙ هڪ مڪمل ريسٽورنٽ هو. هتي توهان ماني جي ٽيبل تي ويهي لذيذ کاڌن مان لطف اندوز ٿيندي، لاٽون وانگر پر سست رفتاريءَ سان گول چرخي ۾ گهمندي آبشارن جو ۽ شهر جو نظارو ڪري سگهو ٿا. هي چرخي ۾ لاٽون وانگر گهمندڙ طبقو هڪ ڪلاڪ ۾ پنهنجو هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. هن اوچائيءَ تي گهمندڙ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ توهان کي اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. اسان کي صبح جو ناشتو ڪَئَي، اڃان ٽي چار ڪلاڪ کن مس ٿيا هئا ۽ ٻيو ته اسان اڳواٽ پنهنجي ٽيبل به بڪ نه ڪرائي هئي سو اسان هتي وڌيڪ فضول خرچي ڪرڻ مناسب نه سمجهي.
اسان واپس لفٽ ۾ سوار ٿي، ٽئي نمبر طبقي تي پهتاسين. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٻئي نمبر طبقي تي به هڪ مڪمل ريسٽورنٽ آهي، پر هي پنهنجي جاءِ تي ساڪت بيٺل آهي. اسان جنهن ٽئي طبقي تي پهتا هئاسين انهي کي آبزرويشن ڊيڪ يعني ’مشاهدو ڪرڻ وارو‘ طبقو چيو ويندو آهي. اوچائي تان آبشارن جو نظارو بهترين هو. ويتر اوچائيءَ تان نائيگرا شهر جو نظارو به تمام وڻندڙ هو. اسڪائي لائين جي انهي اوچي طبقي تي مختلف ملڪن کان آيل سياح آبشارن ۽ شهر جي نظاري ۾ مصروف هئا. اسان تقريبن هڪ ڪلاڪ کن اتي رهي خوبصورت ماحول مان لطف اندوز ٿياسين. ڪافي فوٽو به ڪڍياسين. جنهن کان پوءِ اسان لفٽ جي ذريعي اسڪائيلان جي گرائونڊ فلور تي پهتاسين. هن طبقي تي ڪيترائي ننڍا وڏا اسٽور ۽ ريسٽورنٽ آهن. اسان هتان ڪجهه اسنيڪس ۽ چپس وغيره خريد ڪيا.
اسڪائيلان ٽاور کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ نائگرا فالز جي آبشارن جي ڪڇ ۾ موجود ميرين لينڊ ڏانهن هو. جيڪو اسٽينلي اوينيو تي آهي. ميرين لينڊ گهمڻ مطلب ته شهر جا نظارا ڇڏي حيدرآباد واري ٿڌي سڙڪ تي موجود راڻي باغ گهمڻ هو. هتي پهچڻ لاءِ اسان نائگرا جي آبشارن کان ريور پارڪ وي جي ذريعي 8375 اسٽينلي پهتاسين. جتي هي ميرين لينڊ موجود آهي. اسان جو خيال هو ته هي ميرين لينڊ ڪنهن هڪ وڏي بلڊنگ ۾ هوندو، جتي آبي جانور ۽ مڇيون وغيره بند ٿيل هونديون پر مار اسين تڏهن حيران ٿياسين، جڏهن ڏٺوسين ته هي ميرين لينڊ ڪنهن هڪ بلڊنگ ۾ نه پر اصل ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل هو.
جتي هي ميرين لينڊ شهر کان چار پنج ميل ٻاهر قائم آهي. تنهن ڪري سياح هتي پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ اچن ٿا. تنهن ڪري گاڏين جي پارڪنگ ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل آهي. اسان ٻنپهرن تائين پهتا هئاسين. تنهن ڪري اسان کي ڪافي پري پارڪنگ ملي هئي. گاڏي پارڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪافي پنڌ ڪري اچي سامونڊي باغ جي گيٽ تي پهتاسين. اهڙن سياحتي جاين گهمڻ لاءِ بهتر هوندو آهي ته ماڻهو اتي سوير پهچي نه ته اسان وانگر هيڪاندو پنڌ به ڪرڻو پوندو ۽ مٿان وري ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ به بيهڻو پوندو. هتان جو ٽڪيٽ خاصو مهانگو هو پر هاڻي ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! ٽڪيٽ وڏن لاءِ ستيتاليهه ڪينيڊين ڊالر ۽ پنجن کان ڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چاليهه ڊالر جو هو.
هن ميرين لينڊ ۾ سياحن کي آبي دنيا جي ميمل جانورن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ جو موقعو ميسر اچي ٿو. هي ميرين لينڊ پاڻ واري حيدرآباد واري ٿڌي سڙڪ تي موجود راڻي باغ وانگر ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هتي اسان ڊالفن، وهيل مڇي ۽ خونخوار شارڪ مڇي کي تمام ويجهي کان ڏٺو. وهيل مڇي هڪ خونخوار مڇي آهي پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته هتي هن خونخوار مڇيءَ کي جنهن جاءِ تي رکيو ويو آهي ان جو نالو ’فرينڊشپ ڪو‘ يعني دوستي گهاٽ سڏيو وڃي ٿو. جنهن تلاءَ ۾ خونخوار وهيل مڇي کي رکيو ويو آهي، ان کي ويجهي کان ڏسڻ لاءِ هڪ غار نما رستو ٺاهيو ويو آهي. اسان هن غار نما سرنگ جي رستي مان اندر داخل ٿياسين ته هي رستو اونهائي ۾ هيٺ لهي رهيو هو. جيڪو اسان کي انهي تلاءَ جي بلڪل هيٺيان وٺي آيو، جتي وهيل مڇين کي رکيو ويو هو. انهيءَ تلاءَ ۽ هن غار جي وچ ۾ شيشي جي هڪ ڀت هئي. انهيءَ شيشي جي ڀت جي پويان اسان کي تلاءَ ۾ ترندڙ وهيل نظر اچي رهي هئي. توهان هتان خوني وهيل کي پاڻيءَ جي هيٺين سطح کان ڏسي ۽ جانچي سگهو ٿا. انهيءَ غار ۾ بهترين رستو ٺاهيو ويو آهي، جتان توهان مختلف وهيل مڇيون ڏسي لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.
هتي جنهن وهيل کي رکيو ويو آهي، ان کي ڪِلر وهيل يعني موتمار وهيل سڏيو وڃي ٿو، پر توهان جيڪڏهن تحقيق ڪندا ته معلوم ٿيندو ته اها وهيل بلڪل خطرناڪ نه آهي. اهڙو هڪ به واقعو رڪارڊ تي ناهي ته ڪنهن آزاد ڪِلر وهيل انسان تي حملو ڪيو هجي. ها پر اهڙا ڪجهه واقعا رڪارڊ تي موجود آهن ته انساني ڪنٽرول هيٺ رهندڙ هن قسم جي وهيل ماضيءَ ۾ سندس سنڀاليندڙ تي حملو ڪيو آهي. مطلب ته نالو ڪِلر يعني موتمار پر باقي سڀ خير. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ئي ڪري هن جاءِ کي فرينڊشپ ڪو جو نالو ڏنو ويو آهي.
هتان نڪرڻ کان پوءِ اسان دلچسپ آرڪٽڪ ڪو ۾ آياسين. هتي هڪ وڏي تلاءَ ۾ هڪ ٻئي قسم جي وهيل کي رکيو ويو آهي، جنهن کي ’بيلگاس‘ چيو ويندو آهي. هتي توهان ڪجهه ڏوڪڙ خرچ ڪري ڪجهه ننڍيون مڇيون خريد ڪري تلاءَ جي ڪناري کان بيهي بيلگاس کي کارائيندا آهيو. اڇي رنگ جون سهڻيون بيلگاس ڪافي دوستاڻيون هونديون آهن. سو توهان کين خوراڪ کارئڻ مهل ڇهي محسوس به ڪري سگهو ٿا. ان دوران پريان بيٺل پارڪ جو ملازم توهان جو فوٽو به ڪڍي ٻاهر ڪائونٽر تي ڏيندو آهي. جيڪڏهن توهان جي مرضي هجي ته ڏهه ڊالر کن خرچ ڪري پنهنجو اهو يادگار فوٽو خريد ڪري سگهو ٿا.
هن ميرين لينڊ ۾ انهن وهيل مڇين کان علاوه ٻيا به ڪيئي آبي جانور ۽ پکي توهان ڏسي سگهو ٿا. هتان جو فش اڪيوريم به ڏسڻ وٽان هو. جتي قسمين قسمين مڇيون بند هيون. آبي مخلوق کان علاوه هتي انساني مخلوق (سياحن) جي ٻارن جي تفريح لاءِ هڪ اميوزيم پارڪ به قائم ڪيو ويو آهي. جتي ڪيترن ئي قسمن جون دلچسپ سواريون ٻارن ۽ وڏن کي چڱي خاصي تفريح فراهم ڪن ٿيون. صفائي جي باري ۾ توهان يقين ڪريو ته هن سڄي ميرين ورلڊ ۾ اسان کي زمين تي ڪوبه ڪچرو يا گندگي وغيره ڏسڻ ۾ نه آئي ۽ نه ڪا بدبوءِ وغيره هئي. هر وقت ۽ هر جاءِ تي عملي جا ملازم موجود هئا.
هتي اڌ ڏينهن گذارڻ کان پوءِ اسان واپس نائيگرا شهر ڏانهن رخ رکيو. هي ميرين ورلڊ شهر کان رڳو چار پنج ميل کن پري هو، سو اسان پندرهن ويهن منٽن ۾ نائيگرا شهر پهچي وياسين. سڄو ڏينهن هِتي هُتي گذارڻ کان پوءِ ڪافي ٿڪل هئاسين ۽ بکايل به. سو سڀ کان پهرين برگر ڪنگ برگرز خريد ڪري واپس هوٽل آياسين. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته هتان جو برگر به آمريڪا جي برگر کان مهانگو هو.
اڄ رات جو نائيگرا فالز جي آبشارن تي روشنين جو فائر ورڪس ٿيڻو آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. سو اسان به هوٽل جي ڪمري ۾ ٿوري دير آرام ڪري، چانهه ڪافي وغيره کان پوءِ وري نائيگرا فالز جو رخ ڪيو. هوٽل جي ڪمري کان ٻاهر آياسين ته ڏٺوسين ته سڀني سياحن جو رخ آبشارن ڏانهن هو. ڪافي گَهِماگَهِمي هئي. اسان به ڪلفٽن هلز جي رستي کان ٿيندا نائيگرا جي پررونق علائقي مان گذري ڪري نائيگرا جي آبشارن تي پهتاسين. جتي سياحن جا جٿا لٿل هئا. هر هڪ پنهنجي پنهنجي طريقي سان موسم ۽ ناگرا جي آبشارن کي انجواءِ ڪري رهيو هو. هر هڪ کي فائر ورڪس جي شروعات ٿيڻ جو انتظار هو. آخرڪار تقريبن رات جو ڏهين وڳي ڌاري فائر ورڪس شروع ٿيو. جيڪو تقريبن اڌ ڪلاڪ کن جاري رهيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ پنهنجي پنهنجي رخ تي روانو ٿيو. اسان به واپس ڪهي اچي، پنهنجي هوٽل پهتاسين، جو سڀاڻي اسان جو ارادو نائگرا شهر جي مارڪيٽ، اميوزيم پارڪ ۽ ٻيون دلچسپ جايون گهمڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ آمريڪا ڏانهن ورڻو هو.
صبح جو خير سان اٿياسين ته چانهه جي سخت طلب پئي ٿي. اسان پاڻ سان چانهه ٺاهڻ واري بجليءَ واري ڪِٽلِي به آندي هئي، سو سڀ کان پهرين ته چانهه ٺاهي پيتيسين ۽ پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. اڄ اسان جو نائگرا شهر ۾ آخري ڏينهن هو. سو اسان واپسيءَ جي تياري ۾ لڳي وياسين. ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ هوٽل ڇڏڻ جو وقت گهڻو ڪري ڏينهن جي يارهين وڳي هوندو آهي. جيڪڏهن توهان مقرر وقت تي ڪمرو خالي نه ڪيو ته پوءِ توهان تي نئين ڏينهن جو ڪرايو شروع ٿي ويندو. سو اسان به جلدي جلدي پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪيو ته جيئن مقرر وقت تي ڪمرو واپس ڪري سگهون.
هوٽل ڇڏڻ کان پوءِ اسان جو پهريون ٽارگيٽ ڪٿي هلي پيٽ پوڄا ڪرڻ هو. برگر وغيره کائي کائي تنگ ٿي پيا هئاسين. سو هاڻ رخ رکيوسين، ڪنهن ديسي پاڪستاني يا انڊين ريسٽورنٽ ڏانهن.
1995ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو نائيگرا آيا هئاسين ته هتي ڪو ورلي هڪ يا ٻه ديسي ريسٽورنٽ هئا. مون کي ياد آهي اسان جو سئوٽ ادا شاهه فاروق جيڪو ان وقت اسان جي ٽوئر جو اڳواڻ هو، تنهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ هڪ انڊين ريسٽورنٽ هٿ ڪيو هو. جتي مس مس ڪا ديسي ماني کاڌي هئسين... پر هاڻ ته ڄڻ دور ئي ڪو ٻيو اچي ويو هجي. جو نائيگرا شهر جي هر مصروف رستي تي هڪ نه ٻيو هندستاني يا پاڪستاني ريسٽورنٽ ضرور موجود آهي. ريسٽورنٽس کان سواءِ ٻين گهڻن دوڪانن تي به انڊين ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا نوڪري ڪندي نظر آيا ٿي. نَوَي جي ڏهاڪي ۾ ڪينيڊا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي مستقل اميگريشن ڏني هئي. جنهن ۾ انڊيا ۽ پاڪستان مان به چڱا خاصا ماڻهو لڏي اچي ڪينيڊا ۾ آباد ٿيا. نه رڳو نوڪريون ڪندي، پر توهان کي نائيگرا جي علائقي ۾ ڪافي ديسي سياح به نظر ايندا جو نائيگرا فالز جو هي شهر ڪينيڊا جي ميٽروپوليٽن شهر ٽورنٽو کان رڳو سئو ميل کن پري آهي. سو اتان جا جوان ديسي پنهنجي گاڏي ۾ آرام سان هتي اچي پهچندا آهن. گاڏي ڪنهن ڪمرشل پارڪنگ لاٽ ۾ 10 کان 20 ڊالر ۾ سڄو ڏينهن لاءِ پارڪ ڪري هتي گهمندا ڦرندا آهن ۽ شام جو وري واپس پنهنجي شهر ٽورانٽو ڏانهن روانا ٿيندا آهن. جيئن پاڻ اڄ ڪلهه آرام سان ڪراچي يا حيدرآباد کان پنهنجي ڪار جيپ ۾ ڏينهن پهر ۾ ٿر جي شهر مٺي يا پڻ ننگر پارڪر جي ڪڇ ۾ موجود ڪارونجهر جبل پهچي ويندا آهيون ۽ فيس بوڪ تي پوسٽنگ به رکندا آهيون ۽ رات تائين واپس ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ پڻ ڪراچي واپس موٽي سگهندا آهيون. ڪو وقت هو جو اسان جي ابي ڏاڏي کي ٿر وڃڻ لاءِ هفتن جا هفتا تياري ڪرڻي پوندي هئي. مون کي پڻ چڱي طرح ياد آهي ته 1988ع ۾ جڏهن بابا مرحوم ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي اسان ڀائرن کي گهمائڻ لاءِ ڪارونجهر وٺي آيا ته اسان کي سفر جي تياريءَ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا تڏهن وڃي ڪو ٿر گهميوسين، پر هاڻ ته اهڙيون سهوليتون ٿي پيون آهن جو جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي ڏي ٿر.
سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انڊين ريسٽورنٽ ’ڪَرِي ڪُئين‘ وڃي پهتاسين. جتي لنچ ۾ بُفي سسٽم موجود هو. اسان به ٽن ڏينهن کان پوءِ پيٽ ڀري ديسي برياني ۽ ڪڙهائي کائي فل ٿياسين. هتي اسان پنجن ڄڻن جو بل تقريبن اسي کن ڪينيڊين ڊالر آيو. ماني کان پوءِ پنهنجي ڪار هڪ ڪمرشل پارڪنگ لاٽ ۾ پارڪ ڪئيسين ته جيئن پيرين پنڌ شهر جي مارڪيٽ گهمي سگهون. سڄي ڏينهن لاءِ ڪار پارڪنگ فيس ڏهه ڊالر هئي. گاڏيءَ مان جان ڇڏائي اسان روانا ٿياسين، نائيگرا مارڪيٽ جو سير ڪرڻ. نائيگرا شهر ۾ گرمين جي مند ۾ دنيا کان وڏي تعداد ۾ سياح گهمڻ لاءِ ايندا آهن. جن ۾ يورپين کان سواءِ عربي ملڪن کان آيل سياح به وڏي تعداد ۾ هوندا آهن. شهر ۾ گهمندي اسان کي ڪيتريون ئي عربي فيمليون برقن ۾ نظر آيون. سندن پوشاڪ ۽ لٽن مان واضح هو ته سندن تعلق ڪن امير ڪبير عربي ملڪن سان آهي.
نائيگرا شهر جو مرڪز (صدر) هڪ مصروف علائقو آهي. جتي هزارين ننڍا وڏا دوڪان، ريسٽورنٽس ۽ تفريحي مرڪز آهن. جتي هر وقت سياحن جي پِيهه لڳل هوندي آهي. شهر جي مرڪز جي هڪ وڏي گرائونڊ ۾ ريسٽورنٽس ۽ دوڪانن جي وچ ۾ هڪ اسڪائي ويل موجود آهي، جنهن کي پاڻ سولي زبان ۾ آسماني ڦيٿو چئي سگهون ٿا. هي آسماني ڦيٿو جنهن ۾ اسڪائي لفٽ وانگر ڪئيبين آهن. هي ڦيٿو توهان کي گولائيءَ ۾ ڦيٿي وانگر ڦيرائي ٿو. هن ڦيٿي ۾ سواريءَ سان آبشارن جو نظارو تقريبن 175 فٽ جي اوچائي تان ڪري سگهجي ٿو. هن ڦيٿي جي سواري سان نائيگرا آبشارن جو خوبصورت نظارو هڪ نه وسرندڙ تجربو آهي. هي آسماني ڦيٿو نائيگرا جي ڪلفٽن هل تي واقعي آهي. هن جو ٽڪيٽ في چڪر ڏهه ڊالر آهي، پر جيڪڏنهن هڪ ڏينهن جو پاس وٺو ته هن ڦيٿي جي سواري نه فقط هڪ کان وڌيڪ ڪري سگهو ٿا، پر ان سان گڏوگڏ ٻيون تفريحي شيون به انجواءِ ڪري سگهو ٿا.
هن آسماني ڦيٿي جي سواري کان پوءِ هاڻ اسان ڪلفٽن هل تي موجود ٻارن جي تفريحي مقام وڊيو گيمز جي مرڪز ۾ آياسين، جتي قسمين قسمين مشيني وڊيو گيمز ٻارن ۽ پڻ وڏن جي تفريح لاءِ موجود آهن. هن مرڪز جي پاسي ۾ وري مختلف ملڪن جي مشهور فلمي اداڪارن جا ميڻ مان ٺاهيل مجسما آهن. هتي آمريڪن ۽ يورپين اداڪارن جي مجسمن کان سواءِ ڪجهه هڪ ٻن انڊين اداڪارن جا مجسما ملن ٿا، پر هڪ به پاڪستاني اداڪار جو مجسمو لڳل ڪونهي. ان کان علاوه هن اسٽريٽ تي ڀوت بنگلو (هينٽيڊ هائوس)، گنيز ورلڊ رڪارڊ وغيره ۽ ٻيا ڪيتريون ئي تفريحي شيون آهن، جتي ننڍا وڏا تفريح ڪري سٺو وقت گذاري سگهن ٿا.
شهر جي هن تفريحي مرڪز مان نڪري نائيگرا جي اولهه طرف پنڌ شروع ڪيوسين، جتي شيريٽن هوٽل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. شيريٽن هوٽل جي ئي پاسي ۾ هڪ ٻي هوٽل ’فالز ويو ريسورٽ‘ جي نالي سان هڪ بهترين هوٽل آهي. هن فالز ويو ريسٽورنٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن هوٽل ۾ هڪ انڊور واٽر پارڪ به مهمانن جي تفريح لاءِ ٽن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. گرمي هجي يا ٻڙي کان به گهٽ ڊگريءَ جو سيءُ، توهان هن انڊور پارڪ ۾ سوئمنگ ڪري سگهو ٿا. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جا اهي علائقا جتي سيارو ڊگهو ٿئي ٿو يا سردي گهڻي ٿئي ٿي، اتي سياحن جي تفريح لاءِ اهڙا ڪيترائي چارديواري جي اندر واٽر پارڪ آهن. ڀلي کڻي ٻاهر ڪڙڪي جو سيءُ ۽ برف پوندي هجي پر انهن انڊور واٽر پارڪن ۾ 35 ڊگري جي گرمي هوندي آهي، جتي سياح سوئمنگ ڪري انجواءِ ڪندا آهن.
اسان هتان واڪ ڪندا نائيگرا فالز تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي بارڊرز کي ملائيندڙ رينبو برج وٽ اچي پهتاسين. رينبو برج آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي شهرن کي ملائيندڙ هڪ اهم پل آهي. هن برج جي ذريعي توهان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو گاڏي ۾ پر پنهنجي سائيڪل ۽ پنڌ به اچي وڃي سگهو ٿا. شرط اها آهي ته يا ته توهان وٽ آمريڪا يا ڪينيڊا جو پاسپورٽ هجي يا وري ويزا. جيڪڏهن توهان جي خواهش هجي ته آمريڪا ۾ پيرين پنڌ قانوني طريقي سان داخل ٿيو ته پوءِ توهان کي ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ قائم رينبو برج تان لگهڻو پوندو. هي رينبو برج آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي شهرن جن جا نالا به ساڳيا آهن (يعني نائيگرا شهر) جي وچ ۾ هڪ اهم پل آهي. اسان پنڌ ڪندا هن برج تائين پهتاسين. برج جي منهن تي هڪ ڪوٺي ٺهيل آهي، جيئن پاڻ واري ڪوٽڙي ۽ ڄامشور جي پلن جي ٻنهي پاسن کان پوليس جي سپاهين ۽ گارڊن لاءِ چوڪي نما ڪمرا ٺهيل آهن. هتي به بلڪل ائين ئي هو پر هتي بورڊ لڳل هو. آمريڪا ڏانهن پنڌ ٽريول ڪرڻ لاءِ شروعاتي پوائنٽ. اسان به وڃي انهي جي ٻاهران بيٺاسين. دل مَن هڻي رهيا هئاسين ته اسان به پنڌ ڪري ٻئي پاسي آمريڪا ۾ داخل ٿيون ۽ وري ڪينيڊا واپس اچون. اڃان اتي بيٺي دل مَن پئي هنيوسين ته هڪ نوجوان جوڙو اميگريشن واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو. مون وڌي وڃي پڇيو ته اميگريشن جي سختي آهي يا نرمي. کِلي چيائون ته پاسپورٽ لازمي هجي. اهي به آمريڪا واري پاسي نائيگرا شهر ۾ گهمڻ لاءِ ترسيل هئا ۽ هاڻ ڪينيڊا جي هن پاسي سکڻو ماني کائڻ لاءِ پنڌ ڪري آيا هئا ۽ ان کان پوءِ وري واپس آمريڪا ويندا. اسان ڪينيڊا کان آمريڪا پيرين پنڌ ته داخل نه ٿياسين پر گاڏي ذريعي وڃڻ لاءِ هتان واپس ٿياسين.
اسان ڪينيڊا جي شهر نائيگرا کان واپس ڳوٺ مشيگن (آمريڪا) وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. اسان هائي وي 401 تي اوڀر ۾ سفر ڪندي ڪينيڊا جي شهر لنڊن پهتاسين. جتان پوءِ اسان هائي وي 401 ڇڏي متبادل هائي وي 402 کنيوسين. جتان ميلي جي موٽ ڏکي جي مثال وانگر ڏکيا سکيا ڪينيڊا کان بليو واٽر برج جي ذريعي آمريڪا جي شهر پورٽ هيوران ۾ داخل ٿياسين. پورٽ هيوران ۽ بليو واٽر برج جو ذڪر پهرين ڪري چڪو آهيان. اميگريشن وغيره مان فارغ ٿي ڪلاڪ ٻن ۾ پنهنجي گهر پهتاسين.

حصو ٽيون: نارٿ مشيگن جو سفر

---

نارٿ مشيگن جو سفر

گذريل مهيني ڪينيڊا جي شهر نائيگرا فالز وڃڻ ۽ گهمڻ ٿيو هو، جيڪو هڪ دلچسپ ۽ نه وسرندڙ سفر هو. هاڻ وري 2016ع جي آگسٽ جي مهيني ۾ گرمي جو زور گهڻي ڀاڱي گهٽ ٿي ويو هو. موڪلن جا ڏهاڙا هئا ۽ مون کي پنهنجي ڪم کان ٿوري واندڪائي هئي. سو ارادو ڪيوسين ته ڇو نه موقعي جو فائدو وٺندي هفتي کن لاءِ ڪٿي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرجي... پر ڪيڏانهن وڃجي؟ اهو هڪ ڏکيو سوال هو. ٻه سال اڳ آمريڪا جي رياست فلوريڊا به وڃڻ ٿيو هو. جتي ٻارن ۽ وڏن جي تفريح لاءِ ڊزني ورلڊ ۽ ٻيا ڪيترائي تفريحي مقامات آهن. شڪاگو به ڪافي دفعا گهميل هو. نيويارڪ جي رش ۽ گاڏين جي پيهه پيهان ۾ اسان ڦاسڻ نٿي چاهيو. سو اهو ارادو ڪيوسين ته هن سال شهر ڇڏي مشيگن جي اوڀر ۽ اترين علائقن جو سفر ڪجي. جتي تمام خوبصورت قدرتي نظارا ڏسڻ وٽان آهن. اهو ارادو ڪندي اسان سامانِ سفر جي تياري شروع ڪري ڏني. اسان کي مشيگن جي اترين علائقن ڏانهن پنهنجي گاڏي ۾ وڃڻو هو، سو نه ته ڪا جهاز جي بڪنگ جي پريشاني ۽ نه وري ڪا ڪار رينٽ ڪرڻي هئي.

آمريڪا جو عربستان

جيڪڏهن توهان مشيگن جو نقشو ڏسندؤ ته توهان کي ان جي شبيهه بلڪل هٿ جي دستاني وانگر ڏسڻ ۾ ايندي. جنهن جي ٽن پاسن کان ڍنڍون ۽ پاڻي آهي. سو اسان پلان ڪيو ته اسان سڀ کان پهرين مشيگن جي شهر ڊيٽرائيٽ کان اوڀر طرف شڪاگو جي رخ تي ويندي مشيگن ڍنڍ وينداسين جتان شهر ۽ ڳوٺ ڏسندا پوءِ مشيگن جي اترين علائقن ڏانهن وينداسين. سو روانگي واري ڏينهن صبح جو سوير پنهنجي گاڏيءَ ۾ سفر جو سامان ۽ رستي لاءِ ڊراءِ فروٽ ۽ پيپسي ڪوڪ وغيره رکي پنهنجي سفر جي شروعات ڪئيسين. اسان جي پهرين منزل مشيگن جو شهر ڊيئربورن هو.
ڊيئربورن کي جيڪڏهن ننڍو عربستان چئجي ته بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو. هن شهري ۾ عربن جي اڪثريت آباد آهي. اسان جي هتي اچڻ جو مقصد ڪو هي شهر گهمڻ نه پر اسان هتي انهي ڪري اچي بيٺا هئاسين ته جيئن هتان حلال ناشتو وغيره ڪري پوءِ اڳيان روانا ٿيون. توهان ڊيٽرائيت شهر کان هائيوي 94 تي اوڀر طرف هلندي، جيئن ئي هن شهر جي مُک روڊ ’مشيگن اوينيو‘ يا ’فورڊ روڊ‘ تي ايندؤ ته توهان کي ائين لڳندو ته توهان ڄڻ ته آمريڪا ۾ نه پر عربي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ اچي ويا هجو.
هتي اسان سڀ کان پهرين شهر جي وچ ۾ موجود نيو ياسمين بيڪري پهتاسين. جتي مزيدار ناشتو ڪري سفر لاءِ ڊبل روٽيون ۽ بسڪٽ وغيره ورتاسين ته جيئن سفر ۾ جيڪڏهن ڪو حلال کاڌو نه ملي ته پوءِ بسڪٽ وغيره کائي پيٽ پوڄا ڪري سگهجي. هن شهر جي وچ ۾ مشيگن اوينيو تي هڪ عرب آمريڪن ميوزيم آهي، جيڪو هتي 2005 عيسوي ۾ قائم ڪيو ويو هو. هي ميوزيم ڏسڻ وٽان آهي، جو هن جي ذريعي عربن خاص طور مسلمانن جون طب، سائنس ۽ ٻين ميدانن ۾ ڪيل ڪاميابين جو ذڪر ۽ معلومات ملندي.
جيتوڻيڪ هن علائقي ۾ انسان جي آبادي هزارين سالن کان موجود رهي آهي پر هتي يورپي قومون 1786 عيسوي آمريڪي انقلابي جنگ ’آمريڪي ريوليشن جنگ‘ کان پوءِ باقاعده آباد ٿيون. 2010ع جي آدمشاري مطابق هن شهر جي ڪل آبادي 98000 هئي، جنهن ۾ عربن جو شمار 40000 کن هو ۽ باقي 58000 کن ٻيا گورا ۽ ڪارا آمريڪي ۽ ٻيا يورپي هئا. هن شهر ۾ هر طرف عربن جا دوڪان، ڪاروبار ۽ گهر وغيره نظر ايندا. جن ۾ گهڻائي لبنان جي عربي مسلمانن جي آهي. جن ۾ سني به آهن ته شيعا حضرات به. هتي شامي مسلمان به آباد آهن. ان کان سواءِ عراق کان آيل عيسائي به آهن، جيڪي پاڻ کي عربن کان جدا سمجهن ٿا. جن کي ’ڪيلدين‘ چيو ويندو آهي. ڪيلدين قوم جيڪا زبان ڳالهائين ٿا اها عام عربي زبان کان مختلف آهي. هن شهر ۾ اسان جو پسنديده ريسٽورنٽ سيڊرلينڊ ريسٽورنٽ جي نالي سان به آهي. جتي ٻيا عربي گراهڪ اچن يا نه اچن پر توهان هن ريسٽورنٽ ۾ جڏهن به ويندؤ ته توهان کي هڪ نه ٻيو پاڪستاني گراهڪ ضرور ملندو. آمريڪا ۾ جتي به پاڪستاني ريسٽورنٽس آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري رڳو ديسي يعني پاڪستاني گراهڪ ايندو آهي. پر هنن عربي ريسٽورنٽس تي گورا به اچن ته ڪارا به ته پاڪستاني به جام اچن. هنن عربي ريٽورينٽس جي ڪاميابي جو راز اهو به آهي ته کاڌو هميشه تازو ۽ ڪافي جهجي مقدار ۾ هوندو آهي. مطلب ته ڪاروبار ۾ ڏنڊي ڪونه هڻن. اهو آمريڪي گورن ۽ ڪارن کي وارو کائي. جو هتان جا گورا يا ڪارا اهو پسند ڪندا آهن ته هتي پيٽ ڀري کائڻ کان پوءِ به کاڌو بچيو وڃي، جيڪو پاڻ سان گڏ گهر کڻيو وڃن ته جيئن وري ٻئي ويلي تي استعمال ڪري سگهن مطلب هڪ خرچ ۾ ٻه ويلا ٽارين. ڏسجي ته اها عادت ڀلي آهي، جو کاڌو خوراڪ ضايع ٿيڻ کان به بچيو وڃي ۽ فضول خرچي به ڪونه ٿئي.
هتي موجود يونيورسٽي آف مشيگن گهمندؤ ته توهان کي گهڻائي مسلمان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملندي. هتي مسلمان شاگردياڻيون گهڻو ڪري مٿي تي اسڪارف پائي مٿو ڍڪين. هتي توهان کي گورا ڪارا اسٽاف ميمبر به ڪڏهن ڪڏهن سٺي موڊ ۾ عربي لفظ ڳالهائيندي نظر ايندا جيئن ’السلام عليڪم‘ وغيره. هن شهر جي اهم شئي هتان جو فورڊ آٽو پلانٽ جو صدر دفتر آهي. هن شهر ۾ 2016ع ۾ ’سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا‘ (سانا) جي سالياني گڏجاڻي به ٿي، جتي سنڌ، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ کان هزارين سنڌي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ سنڌ جو ميلو لڳو هو.

مشيگن جو ڄامشورو

عربن جي ماڳ ڊيئربورن شهر ۾ ناشتو ڪرڻ ۽ ضروري خريداري ڪرڻ کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ هائي وي 94 تي اوڀر طرف هو. اسان جي ايندڙ منزل مشيگن جو ڄامشورو يعني ’اين آربر‘ جو شهر هو. هن دفعي اسان جو اهو ارادو هو ته اسان رستي ۾ ايندڙ مشهور شهرن ۽ مقامن تي ٿورو گهڻو ضرور بيهون ۽ اتان جون اهم جايون ۽ مقام ضرور ڏسون. سو هاڻ اسان عربن جي شهر ڊيئربورن کان 36 ميل اوڀر ۾ هائي وي 94 تي سفر ڪري تقريبن ڪلاڪ کن ۾ اچي اين آربر جي نالي سان قائم هن يونيورسٽي شهر ۾ اچي پهتا هئاسين، جيڪو ڊيٽرائيٽ شهر کان چاليهه ميلن جي مفاصلي تي آهي.
اين آربر جي نالي سان قائم هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ’گهر جو پير چُلهه جو مارنگ‘ سو اسان مشيگن ۾ رهڻ وارا اين آربر جو قدر ڇا ڄاڻون؟ ڄامشوري ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي قائم ’المنظر‘ جو قدر ڪو ڄامشوري جي شاگردن کان پڇو يا ڪنهن ٻئي شهر کان آيل پرديسيءَ کان. حيدرآباد جا لوڪل ماڻهو ڇا ڄاڻن المنظر مان.
اين آربر جو شهر ائين آهي جيئن پاڻ وٽ ڄامشوري جو شهر جتي سنڌ، مهراڻ ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن. اهڙي طرح هي شهر به يونيورسٽي آف مشيگن جو گهر ۽ تحيقيق جو مرڪز آهي. اسان اڄ هتي بيٺا به انهي ڪري هئاسين ته جيئن يونيورسٽي آف مشيگن ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جو سير ڪري سگهون ۽ ڪجهه شهر به گهمي ڏسون. اسان هائيوي 94 کان اسٽيٽ اسٽريٽ جي ذريعي شهر ۾ داخل ٿياسين. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان بهترين هوٽلون ۽ روڊ جي کاٻي هٿ تي (برايروڊ) جي نالي سان مال ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اسان سڀ کان پهرين يونيورسٽي آف مشيگن پهتاسين. پاڻ وٽ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڪيمپس جي مخصوص علائقن تائين محدود آهن. سندن اڪيڊمڪ ۽ انتظامي هال مخصوص علائقن تائين محدود آهن، پر هتي يونيورسٽي آف مشيگن جي ڪيمپس جون تعليمي بلڊنگون هن شهر جي مختلف روڊن ۽ علائقن ۾ پکڙيل آهن. يونيورسٽي آف مشيگن 1817ع ۾ سڀ کان پهرين ڊيٽرائيٽ ۾ قائم ڪئي وئي هئي، پر ويهن سالن کان پوءِ يونيورسٽي کي ڊيٽرائيٽ کان اين آربر جي هن شهر ۾ منتقل ڪيو ويو هو. جيئن پاڻ وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄامشورو منتقل ڪيو ويو هو. 1837ع ۾ هيءَ يونيورسٽي چاليهن ايڪڙن تي پکڙيل هئي، پر هن وقت يونيورسٽيءَ جون 584 اهم بلڊنگون 780 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. هن يونيورسٽيءَ جا ٻه اهم ڪيمپس سينٽرل ۽ نارٿ ڪيمپس جي نالي سان هن شهر ۾ ئي آهن.
اين آربر جي نالي سان هي شهر آمريڪا جي ننڍن شهرن مان هجڻ جي باوجود به هڪ ميٽروپوليٽن شهر جي حيثيت رکي ٿو. هي شهر ڪاليج ٽائون هئڻ سان گڏوگڏ هڪ اهم تجارتي ڪمرشل پڻ آهي. پاڻ وٽ ڄامشورو ۾ يونيورسٽيون ته آهن پر ڪو خاص ڪاروباري مرڪز نه آهي. ها ڄامشورو ڦاٽڪ تي کاڌي پيتي جون هوٽلون ۽ ڪجهه دوڪان ته ضرور آهن. جتان ڄامشوري جا رهواسي ۽ يونيورسٽي جا شاگرد ضروري خريداري ڪندا آهن. اين آربر جو شهر تعليم سان گڏوگڏ تفريح ۽ راندين جو اهم مرڪز پڻ آهي. هتي جا پارڪ، ميوزيم، اسٽيڊيم، شاپنگ مالز، هوٽلون، دوڪان ۽ بيڪريون اهم آهن.
هيوران دريا اين آربر شهر مان لنگهي ٿو. جيئن پاڻ وٽ ڄامشورو وٽان درياءِ سنڌ لنگهي ٿو. اين آربر شهر نه رڳو تعليم جي لحاظ کان اهم آهي پر هتان جي ميڊيڪل اسپتال جيڪا يونيورسٽي آف مشيگن جي ٽيچنگ اسپتال آهي، سا پڻ آمريڪا جي ٽاپ اسپتالن مان هڪ آهي. جنهن جو ميڊيڪل ڪاليج به آمريڪا جي ڏهن ٽاپ ڪاليجن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هتي ارڙهين صديءَ جا پراڻا گهر به آهن ته ماڊرن طرز جا گهر ۽ اپارٽمنٽس پڻ آهن. هن شهر ۾ توهان کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مختلف نسلن جا ماڻهو ملندا. شهر جي يونيورسٽي ۽ مال ۾ ڪافي پاڪستاني ۽ هندستاني شاگرد مليا. جن مان گهڻا هتان جا آمريڪي شهري هئا، جو سندن والدين پاڪستان ۽ هندستان کان آمريڪا ۾ اچي رهيا هئا. هتي ڪجهه اهڙا هندستاني شاگرد به مليا، جيڪي هندستان مان خاص طور پڙهڻ لاءِ اسٽوڊنٽ ويزا (ايف ون ويزا) تي آيل هئا. کين چئن کان پنجن سالن جي فل اسڪالرشپ مليل هئي، جنهن ۾ سندن يونيورسٽي جي فيس، کاڌو پيتو ۽ رهائش جو خرچ پکو شامل هو. اهي گهڻو ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺڻ لاءِ هندستان مان آيل هئا، پر افسوس ڪو به اهڙو پاڪستاني شاگرد نه مليو، جيڪو پي ايچ ڊي لاءِ آيل هجي. عليڪ سليڪ دوران انهن هندستاني شاگردن ٻڌايو ته کين هن يونيورسٽيءَ جي اسڪالرشپ سندن حڪومت جي ڪوششن سان نه پر پنهنجي ڪوششن ۽ همت سان ملي آهي. اسان جا سنڌي شاگرد به ڪوشش ڪري فل اسڪالرشپ وٺي، هتان اچي پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺي سگهن ٿا. هتي پاڪستاني ۽ هندستاني شاگردن کان سواءِ چين ۽ جاپان جا شهري به گهڻا هئا، پر ڪارا جن کي افريڪن آمريڪن چيو ويندو آهي، تن جو انگ ڪو خاص نظر نه آيو.

جيئري جهنم جو ديدار

اسان اين آربر شهر جو چڪر هڻڻ کان پوءِ پنهنجي ايندڙ منزل ’جهنم‘ يعني هيل ڏانهن روانا ٿياسين. مشيگن جي رياست ۾ جنت به آهي ته جهنم به. مشيگن جي جنت ۽ جهنم شهرن جو ذڪر سنڌ جي سيلاني سائين محترم الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڪتاب ’بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور تائين‘ ۾ به ڪيو آهي. سو اسان به اهو پلان ڪيو ته سڀ کان پهرين جهنم گهمون ۽ پوءِ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته جنت به ڏسي وٺنداسين. سچ اهو آهي ته آئون آمريڪا جي رياست مشيگن ۾ 1999ع کان رهان ٿو، پر الطاف شيخ صاحب جو مٿيون ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پئي ته جهنم ۽ جنت ٻئي اسان جي مشيگن جا شهر آهن. مار! جهنم جو شهر منهنجي رهائش کان رڳو ٻن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي. سائين شيخ صاحب جي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته آئون ڪو جهنم جي تمام ويجهو رهائش رکندڙ آهيان. اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن ڳوٺ جو چڪر تڏهن لڳو جڏهن ڪجهه سال اڳ منهنجي سؤٽ جو پٽ عبدالباسط جيڪو ان وقت ڪينيڊا ۾ رهيل هو، سو مون وٽ گهمڻ لاءِ مشيگن آيو هو. مون چيومانس ته هلو ته پهرين توهان کي جهنم جو سير ڪرايان. همراهه لاحول ولا قوت پڙهڻ شروع ڪيو، جو پاڻ ’صوم و صلات‘ جو پابند باريش جوان آهي. سو جئيري جهنم جو ٻڌي همراهه جا ڇڪا ڇڏائجي ويا هئا. بهرحال کيس ان وقت جهنم جو سير ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي آيو هوس. هاڻ وري چئن پنج سالن کان پوءِ جنت کان پهرين جهنم جو رخ ڪيو هوسين.
هن ڳوٺ جو نظارو ڪرڻ لاءِ اين آربر جي شهر کان هائي وي 23 تي اتر طرف ڊرائيونگ شروع ڪئيسين. هيل جو شهر مشيگن ۾ اين آربر کان تقريبن 24 ڪلوميٽر جي مفاصلي اتر اوڀر ۾ آهي. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي آمريڪي موسميات کاتي جو لڳايل وڏو سائن بورڊ نظر آيو، جنهن تي وڏن اکرن ۾ ’هيل‘ يعني جهنم لکيل هو. اسان هاڻ باقاعده ’هيل‘ يعني ته جهنم پهچي چڪا هئاسين.
هي ڳوٺ مشيگن جي ليوينگسٽن تعلقي ۾ آهي. جهن جي ڪل آبادي تقريبن اڍائي سو کن ٿيندي مطلب مون واري ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ کان به گهٽ آبادي وارو هو هي ڳوٺ. هي ڳوٺ هڪ واڍي مسٽر جارج ريورس 1830ع ۾ قائم ڪيو هو. چون ٿا ته آڪٽوبر 1841ع ۾ ڪنهن مسٽر جارج کان هن ڳوٺ جو نالو پڇيو ته هن جواب ڏنو ته، ”آئي ڊونٽ ڪئير اِف يو ڪال اِٽ هيل“ جيڪو هن محاورتن چيو هو ته مون کي پرواهه نه آهي ته توهان هن کي هيل ٿا چئو يا ڇا. هتي ايندڙن لاءِ هيل اسٽور، هيل آئس ڪريم شاپ ۽ ٻيون تفريحي شيون آهن پر بنيادي طرح هي اڄ به هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن جي پنهنجي پوسٽ آفيس به آهي. هتي اسان کي موٽر سائيڪل گروپ هارلي ڊيوسن جي موٽر سائڪلن تي نظر آيو. اسان يادگيري لاءِ هتان ڪجهه شيون خريد ڪري اڳيان روانا ٿياسين.

مشيگن ۾ يونيورسٽين جو مرڪز

مشيگن جو شهر ’هيل‘ گهمڻ کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ مشيگن ايڊوينچر گهمڻ هو. جيڪو اسان جي موجوده مقام هيل شهر کان تقريبن ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيوينگ تي هو. جنهن لاءِ هاڻ اسان هائي وي 96 تي اوڀر طرف رخ رکيو. هن طرف ويندي هائي وي 96 تي اسان مشيگن جي گادي واري شهر لينسينگ مان اچي لنگهياسين.
لينسينگ مشيگن جي گادي وارو شهر آهي. جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان مشيگن جو پنجون وڏو شهر آهي. هي علائقو 1835ع ۾ قائم ٿيو، جنهن کي 1859ع ۾ باقائدي شهر جو درجو ڏنو ويو. تازو هي ٽريول لاگ لکڻ کان ڪجهه مهينا پهرين اپريل 2020ع ۾ جڏهن مشيگن جي گورنر جيڪا مائي آهي ڪرونا جي ڪري لاڪ ڊائون جو آرڊر ڏنو ته مشيگن جي ڪجهه گورن پنهنجي لائسنس وارن هٿيارن سان هتان جي ڪيپيٽل بلڊنگ ۾ گهڙي احتجاج ڪيو. جيئن ته قانوني طريقي سان لائسينس واري هٿيارن سان هن بلڊنگ ۾ اچڻ جي منع نه آهي، تنهن ڪري هتان جي پوليس ۽ قانون نافذ ڪرائڻ وارا ادارا ڪجهه به نه ڪري سگهيا هئا ۽ احتجاج ڪندڙ کُلي عام هٿيارن سان هن بلڊنگ ۾ هلندڙ اجلاس دوران بلڊنگ ۾ گهمندا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، پر هاڻ اهي ڳالهيون هلن پيون ته هن بلڊنگ ۾ هٿيار کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
لينسينگ جو شهر مشيگن جو تعليم، ڪلچر، گورنمينٽ، واپار ۽ انڊسٽريل مرڪز آهي. هن شهر جي ڀر (پاڙي) ۾ ايسٽ لينسينگ جي نالي سان قائم ٻئي شهر ۾ ’مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي‘ آهي. نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڊيٽرائيٽ شهر کان ايسٽ لينسينگ جو مفاصلو رڳو نوي ميل کن آهي. نوي ميلن جي هن مفاصلي تي:
1. وين اسٽيٽ يونيورسٽي (ڊيٽرائٽ شهر ۾)
2. يونيورسٽي آف مشيگن ڊيئربورن (ڊيئربورن جي شهر ۾)
3. ايسٽرن مشيگن يونيورسٽي (ايپسيلينٽي شهر ۾)
4. يونيورسٽي آف مشيگن اين آربر (اين آربر جي شهر ۾)
5. مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي (ايسٽ لينسينگ شهر ۾)
يعني هر ڪلاڪ ڏيڍ جي ڊرائيونگ تي هڪ يونيورسٽي موجود آهي. جنهن سان آمريڪا ۾ تعليم جي اهميت ۽ ترقيءَ جي سببن جو اندازو ٿئي ٿو.
مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جو ايسٽ لينسينگ ڪيمپس زميني پکيڙ جي حساب کان آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو ڪيمپس آهي، جتي شاگردن جو تعداد اڌ لک کان به مٿي ٿيندو. هتي پاڪستاني شاگردن جي تنظيم ’پاڪستاني اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن آف مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي‘ به آهي. جيڪا مڪمل طرح فلاحي ۽ ڪلچرل تنظيم آهي. هي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ آهن. نه ڪي پاڻ وارين يونيورسٽين ۾ قائم سياسي تنظيمون، جن مان گهڻن جو ڪم رڳو غنڊا گردي ڪرڻ ۽ ڪلف وارو اڇو وڳو پائي ميس مان مفت جي ماني کائي ويلو ٽارڻ هوندو آهي. پڙهندڙ دل ۾ نه ڪن جو ٿي سگهي ٿو ته هاڻ وقت مٽجي ويو هجي، باقي مون کي ماضي ۾ سنڌ جي ٻن يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جو تجربو آهي. هاڻ ڪا بهتري اچي وئي هجي ته ان جي مون کي خبر ڪونهي.
لينسينگ جي شهر ۾ ڪافي پاڪستاني ۽ هندستاني رهن ٿا. مون انٽرنيٽ تي لينسينگ جي شهر ۾ سنڌين جي سرچ ڪئي پر ڪنهن به سنڌيءَ جو نالو نظر نه آيو، پر هڪ فيميل ڊاڪٽر جو نالو ضرور آيو، جنهن پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري ڪراچي جي سنڌ ميديڪل يونيورسٽي مان ورتي هئي. هتي پاڪستاني ريسٽورنٽ ته نظر نه آيو پر انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سان انڊين ريسٽورنٽس سوغات انڊين، شاليمار، فوڊز آف انديا ۽ گرل آف انڊيا مليا. جنهن کان سواءِ ’سنڌو انڊين ڪوزين‘ جي نالي سان هڪ ريسٽورنٽ ضرور هو. جيڪو هن شهر جي اولهه ۾ آهي. لينسينگ ۾ شام جي ماني کائي اسان سڌو اوڀر طرف رخ رکيو. اسان جي ڪوشش هئي ته ٻن ڪلاڪن ۾ رات پوڻ کان پهرين مشيگن جي شهر مسڪيگن پهچي سگهون. سو خير سان پنهنجي پلان مطابق رات ڌاري مسڪيگن پهتاسين. هتي رات گذارڻ لاءِ اسان اڳواٽ انٽرنيٽ تي هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. جيڪو تقريبن سوا سئو ڊالر ۾ پيو. سڀاڻي صبح جو ارادو آهي ته ٻارن کي مشيگن ايڊوينچر گهمائبو.

مشيگن ايڊوينچر

صبح جو سوير اسان هوٽل مان ناشتو ڪري روانا ٿياسين. هتي هوٽلون پاڪستاني هوٽلن جي ابتڙ آهن جتي ڪو به بيرو وغيره آرڊر وٺڻ لاءِ نه هوندو آهي سواءِ ڪجهه وڏين ۽ مشهور هوٽلن ۾ روم سرورس جي طور کاڌو آرڊر ڪري سگهبو آهي. اهڙيون هوٽلون جن ۾ کاڌو پيتو آرڊر ته ڪري سگهبو، تن کي گهڻو ڪري موٽل چيو ويندو آهي. ڪجهه موٽلز ۾ صبح جو هلڪو ناشتو مفت ۾ آفر ڪيو ويندو، جنهن کي ڪانٽينينٽل بريڪ فاسٽ چيو ويندو آهي. هي ناشتو هڪ مقرر وقت ۾ مقرر ڪيل هال ۾ وڃي کائبو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري بيضا، ڊبل روٽي، ڪافي ۽ چانهه وغيره شامل هوندي آهي. جيترو کپي ويهي کائو.
هاڻ اسان جو رخ مشيگن ايڊوينچر ڏانهن هو، جيڪو مشيگن جي ٻن شهرن مسڪيگن ۽ لڊينگٽن جي وچ ۾ آهي. هوٽل مان نڪرڻ کان پوءِ وائيٽ هال روڊ جي ذريعي اسان تقريبن ڏهن پندرنهن منٽن ۾ مشيگن ايڊوينچر پارڪ پهچي وياسين. هي پارڪ 250 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جتي تقريبن 53 کن رولر ڪوسٽر رائيڊز ٻارن ۽ وڏن لاءِ آهن. هن پارڪ جي اهم ڳالهه اها آهي جو هتي رائيڊز سان گڏوگڏ واٽر پارڪ پڻ آهي. وڻي ته بجلي کان به تيز رولر ڪوسٽرز جي سواري ڪيو يا دل چوي ته سئمنگ جا ڪپڙا پائي واٽر پارڪ جي تلائن ۾ ٽٻيون ڏيون يعني ته هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا... جيڪو سدائين ٻڌو ته هوسين پر هاڻ ڏٺوسين به. آمريڪا جي هڪ ٻي رياست اوهايو ۾ قائم سيڊر پارڪ جي نالي سان ايڊوينچر تفريحي مقام آهي، جتي رولر ڪوسٽر ۽ واٽر پارڪ لاءِ ٻه جدا جدا ٽڪيٽ وٺڻا پوندا آهن. اسان هتي صبح جو ڏهين ڌاري پهچي وياسين پر ٽڪيٽ ڪائونٽرز تي سياحن جون قطارون لڳل هيون. اسان انٽرنيٽ جي ذريعي ٽڪيٽ نه ورتو هو، تنهن ڪري لائين ۾ گهڻو وقت لڳي ويو.
هتي ٽڪيٽ سڄي ڏينهن جي لاءِ هوندو. جتي توهان پنهنجي مرضي، عمر ۽ جسماني قد ڪاٺ جي مطابق مختلف رائيڊز جي سواري ڪندا آهيو. اسڪولن جي موڪلن جي ڏينهن ۾ هر رائيڊ جي سواري لاءِ ڊگهي قطار لڳل هوندي آهي. تنهن ڪري وقت به گهڻو برباد ٿيندو آهي ۽ ٽڪيٽ به رڳو هڪ ڏينهن لاءِ هوندو آهي سو گهڻو ڪري سياح کوڙ سارين تفريحي رائيڊز جي سواري کان رهجي ويندو آهي. تنهن ڪري گهڻا سياح 35 کان 50 ڊالر مٿي خرچ ڪري سپر پاس (تيزلائين) وٺندا آهن. اهڙي اضافي پاس لاءِ جدا تيز رفتار قطارون هونديون آهن. جن ۾ سياحن کي گهڻو وقت نه لڳندو آهي يعني پئسا ڦينڪ تماشا ديک. هتي به پاڪستان وانگر پئسو خرچ ڪري فائدو وٺي سگهبو آهي، پر هتي اهو هڪ قانوني پاس يا ٽڪيٽ هوندو آهي. ڪنهن به رشوت يا سفارش وغيره جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. هن پارڪ ۾ سياح آمريڪا جي مختلف رياستن (صوبن) مان ۽ ڪينيڊا مان به ايندا آهن. غير ملڪين ۾ اسان جهڙا آمريڪي شهري به جام هئا. هنن پارڪن جي سٺي ڳالهه اها آهي جو هڪ ڏينهن جو ٽڪيٽ وٺڻ کان پوءِ توهان سڄو ڏينهن پارڪ ۾ بنا ڪنهن وڌيڪ ٽڪيٽ ڀرڻ جي گذاري سگهو ٿا، پر اصل خرچ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان پارڪ جي اندر کاڌي پيتي جي ڪا شئي خريد ڪندا آهيو. اسان به جڏهن ٻنپهرن جي پيٽ پوڄا لاءِ پيزا خريد ڪيو ته عام رواجي پيزا جيڪو پارڪ کان ٻاهر ڪنهن پيزا شاپ تي تقريبن پنجن کان ڏهن ڊالرن ۾ ملندو آهي، سو هتي اسان کي وڃي پنجٽيهن ڊالرن ۾ پيو. پيپسي يا ڪوڪا ڪولا جو خرچ ان کان جدا آهي. جنهن لاءِ ڏوڪڙ وڌيڪ خرچ ڪرڻا پيا.
هتان اسان شام جو چئين وڳي کان پوءِ اڳيان روانا ٿياسين. اسان جي ايندڙ منزل مشيگن ڍنڍ جي ڪناري تي قائم شهر لڊينگٽن هو جيڪو هتان تقريبن 50 ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف آهي.

اڇڙو شهر ۽ اڇڙي ڍنڍ

مشيگن ايڊوينچر کان لڊينگٽن وڃڻ لاءِ اسان هائيوي 32 تي اتر طرف روانا ٿياسين. هائيوي 31 تي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گهاٽن وڻن جون نه کٽندڙ قطارون نظر آيون. اسان مشيگن ايڊوينچر کان هائي وي 31 تي ٿورو ئي اڳيان هلياسين ته اچي وائيٽ هال شهر مان لنگهياسين، جتي مشيگن وائيٽ ڍنڍ (وائيٽ ليڪ) پڻ آهي. آبادي به اڇي ته ڍنڍ جو نالو به اڇو. پاڻ وٽ اڇڙو ٿر آهي ته هتي اڇڙي ڍنڍ. هي هڪ خوبصورت ڍنڍ آهي جتي هر وقت سياح ۽ مقامي ماڻهو تفريح لاءِ، فشنگ يا بوٽنگ لاءِ موجود هوندا آهن. هي مشيگن ڍنڍ وڃي مشيگن ليڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اسان هن شهر ۾ ڏهه پندرنهن منٽ کن بيٺاسين. جتي گاڏي ۾ پيٽرول وغيره ڀرايوسين. هن شهر جي آبادي ٽن هزارن کان به گهٽ آهي پر هتي هڪ مڪمل شهر قائم آهي. جتي انساني ضرورت جون سڀ شيون ملن ٿيون. هن شهر جي پنهنجي پوليس، سٽي هال، اسڪول، اسپتال ۽ لائبريري به موجود آهن.
جيئن سنڌ جي سيلاني الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي خوبصورتي ڏسڻي آهي ته پوءِ شهر ۽ هائي وي ڇڏي ننڍو روڊ رستو وٺو. سو سائين شيخ صاحب جي چوڻ مطابق هي ننڍا ڳوٺڙا ۽ شهر واقعي خوبصورت ۽ دل کي موهيندڙ آهن. اڇڙي ڍنڍ جي ڪناري تي موجود هي وائيٽ هال جو شهر به ننڍو پر خوبصورت ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو 1859ع ۾ رڪارڊ ۾ آيو. اسان جي دل ته ڪافي ڪيو ته ڪو هتي وڌيڪ وقت گذاري سگهون، پر اسان جي منزل پري هئي ۽ اسان جا پيچرا اڃان پري تائين وڃڻا هئا. سو اسان وري هائي وي 31 تي سفر شروع ڪري ڏنوسين.
اسان وائيٽ هال جي ڳوٺ کان ٿورو ئي اڳيان هلياسين ته اچي ’هيوران مينيسٽي نيشنل فاريسٽ‘ جي جهنگ يا ٻيلي وٽان لنگهياسين. هتان جي گهاٽن جهنگهلات کي نيشل فاريسٽ جو نالو ڏئي، هڪ وفاقي حيثيت ڏني وي آهي. هاڻ ته خير آهي پر ڪنهن وقت ۾ پاڻ وارن قومي جهنگلات وٽان اچي لنگهبو هو ته اهو خطرو هوندو هو ته ڪو ڌاڙيلن جو ٽولو نه گڏجي، پر هتان جا نيشنل فاريسٽ سياحن لاءِ تفريح جو هڪ مڪمل موقعو فراهم ڪن ٿا. اسان هن وقت جنهن علائقي مان لنگهي رهيا هئاسين ان جي خوبصورتي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي. اسان جي ساڄي هٿ تي گهاٽو جهنگ ۽ کاٻي هٿ تي مشيگن ليڪ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون ڍنڍون هيون. هي نيشنل فاريسٽ مشيگن ليڪ ۽ هيوران ليڪ جي وچ ۾ آهي، جيڪو تقريبن ڏهه لک ايڪڙن تي مشتمل آهي. هتي تفريح لاءِ ڪيمپينگ، هائيڪينگ، بوٽ رائيڊينگ، سئيمينگ ۽ فشنگ جا گهڻا موقعا آهن.
اسان قدرت جي خلقيل خوبصورت نظارن کي ڏسندي ڪلاڪ ۾ اچي مشيگن جي شهر لڊينگٽن اچي پهتاسين.

لڊينگٽن جو شهر يا پَرين جو مرڪز

اسان جو لڊينگٽن جي شهر ۾ اچڻ جو سبب به دلچسپ هو. مون پنهنجي ننڍڙن ٻارن کي جڏهن ٻڌايو هو ته پاڻ مشيگن جا اتريان علائقا ٿا گمهڻ هلون ۽ توهان انٽرنيٽ تي ٿورڙي سرچ ڪريو ڇا ڏسجي ۽ ڪيڏانهن وڃجي ته کين انٽرنيٽ تي هن شهر ۾ موجود هڪ مشهور آئيس ڪريم شاپ جي ٻاهرين ڀت تي ٺهيل ’پري‘ جا ٻه وڏا ڦنگ ڏسڻ ۾ آيا هئا. انهن ڦنگن جي وچ ۾ بيهي ڀت تي ٽيڪ ڏئي فوٽو ڪڍائبو ته بلڪل ائين فوٽو ايندو ته ڄڻ فوٽو وارو شخص پاڻ هڪ پري آهي. سو مهنجا ٻارڙا به مون کي زور ڀري هتي وٺي آيا هئا، ته جيئن هو هتي فوٽو ڪڍائي ننڍپڻ جي يادگيرين کي محفوظ ڪري سگهن.
لڊينگٽن جو علائقو ڪو تفريحي مرڪز آهي ان جي خبر مون کي هتي اچڻ کان پوءِ پئي. پڙهڻ وارا به چوندا ته همراهه هليا آهن گهمڻ ۽ کين شهر جي باري ۾ به ڪا خبر نه آهي ته هتي ڇا آهي ۽ ڇا نه. توهان کي عرض ڪريان ته اسان جي منزل ۽ مقصد مشيگن جو شهر ميڪنا آئيلينڊ آهي جيڪو مشيگن ۽ ويجهين رياستن کان ايندڙ سياحن لاءِ تفريحي مرڪز آهي. هي لڊينگٽن جو شهر ۽ ٻيا قصبا ۽ ڳوٺ ته رڳو رستي ۾ اچڻ وارا خوبصورت علائقا آهن. جيئن پاڻ ننگر پارڪر يا ٿر وڃڻ لاءِ رستي ۾ ايندڙ مٺي، اسلام ڪوٽ وغيره ۾ ضرور بيهندا آهيون. ٻيو نه ته به ڊگهڙي جي بس اسٽاپ تي بيهي ٿاڌل پيئندا آهيون يا وري مٺيءَ جي ڀٽن تي چڙهندا آهيون. سو اسان به اهڙا ئي ڪي مسافر هئاسين، جيڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ نظارن جي تلاش ۾ هئا.
هن شهر جي خوبصورتي ۽ مشيگن ليڪ (ڍنڍ) جي نيري پاڻي کي ڏسي، اسان اڄ رات هن شهر ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سڀاڻي اسان شهر به گهمي سگهون ته هتان جي خوبصورت ليڪ ۽ پارڪ کي به انجواءِ ڪري سگهون. اسان لڳاسين فون تي هوٽل جي تلاش ۾، چڱو خاصو مٿو هڻڻ کان پوءِ آخرڪار اسان کي ’ڪنفرٽ اِن‘ هوٽل ۾ هڪ رات لاءِ ڪمرو 185 ڊالر ۾ ملي ويو. جيئن ته مشيگن ۽ آمريڪا جي ٻين رياستن ۾ گرمي جا هي ٻه مهينا سياحت ۽ گهمڻ ۽ ڦرڻ لاءِ بهترين هوندا آهن ۽ وري اسان هئاسين به مشيگن ليڪ جي ڪناري تي قائم خوبصورت شهر ۾ جتي آمريڪا جي ٻين شهرن ۽ رياستن کان ڪافي گهڻي تعداد ۾ سياح آيل هئا، سو بنا ڪنهن اڳواٽ بڪنگ جي سستي ۾ هوٽل ملڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن پڻ هو. سياحت جي هنن علائقن ۾ مشهور هوٽلن جهڙوڪ هاليڊي ان، ميريئٽ وغيره کان سواءِ پرائيوٽ گهر به سياحن جي سهوليت لاءِ مناسب مسواڙ ۽ اگهه تي آسانيءَ سان ملي ويندا آهن، پر ان لاءِ اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. هنن گهرن ۾ سياحن کي پنهنجي گهر وانگر آرائش ۽ رڌ پچاءُ جون سڀ سهوليتون، جن ۾ ٿانوَ ۽ ٻيا ٺڪر ۽ گلاس وغيره مهيا ڪيا ويندا آهن. مسواڙي مقرر وقت لاءِ اچي ائين رهندا آهن، ڄڻ ته پنهنجي ابي جو گهر هجي.
ٽرانسپورٽ انڊسٽريءَ ۾ اوبر، لفٽ، ڪريم وغيره اچي ويون آهن، سو اهڙي طرح سان سياحت جي دنيا ۾ رواجي هوٽلن سان گڏوگڏ هاڻ ويو ۽ ائير بي جي سروس جو رواج پئجي ويو آهي جتي مسواڙ تي رهڻ لاءِ سياحن کي سولائيءَ سان گهر ملي ويندا آهن. اسان گهر کان نيشنل ليول جي هوٽل ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو هو. اسان جي هوٽل ليڊينگٽن شهر کان تقريبن ٻن ميلن جي مفاصلي تي هائي وي 10 تي هئي.
اسان ضروري گهربل سامان کڻي ڪمري ۾ پهتاسين. جتي اسان سڀ کان پهرين گرم گرم چانهه ٺاهي پيتي ۽ ٿورو ٿڪ ڀڳو. اسان ڪلاڪ کن آرام ڪرڻ کان پوءِ وري ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته جيئن سج لهڻ ۽ رات پوڻ وقت مشيگن ليڪ جي ڪناري تي رهي خوبصورت لمحن مان لطف اندوز ٿي سگهون. لڊينگٽن جو شهر ليڪ جي ڪناري تي قائم هڪ خوبصورت شهر آهي، پر سڀ کان پهرين توهان کي مشيگن ليڪ (ڍنڍ) جو تعارف ڪرايان جو هاڻ اسان جو سمورو سير سپاٽو مشيگن ڍنڍ جا ڪنارا ۽ ڪنارن تي موجود شهر گهمڻ هوندو.

مشيگن ليڪ

مشيگن ليڪ جيڪا اتر آمريڪا (نارٿ آمريڪا) جنهن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو سوڌو ٽوٽل 23 ملڪ اچي وڃن ٿا، جتي پنجن وڏين ڍنڍن مان ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. هي نارٿ آمريڪا جي انهن پنجن وڏين ڍنڍن مان واحد ڍنڍ آهي، جيڪا آمريڪا ۾ آهي. جڏهن ته باقي چار وڏيون ڍنڍون نارٿ آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ آهن. آمريڪا ۾ موجود هي مشيگن ڍنڍ اوڀر کان اولهه ۾ پکڙيل آهي. هن ڍنڍ جا ڪنارا آمريڪا جي چار رياستن مشيگن، الينوائي، انڊيانا ۽ وسڪنسن سان لڳن ٿا. هن هڪڙي ڍنڍ تي آمريڪا جون پنج بندرگاهون قائم آهن. هي بندرگاهون هيٺين شهرن ۽ رياستن ۾ آهن.
1. مسڪيگن شهر جي بندرگاهه مشيگن رياست ۾ آهي.
2. شڪاگو شهر (الينوائي رياست) جي بندرگاهه.
3. ملواڪي شهر (ويسڪنسن رياست) جي بندرگاهه
4. گرين بي شهر (ويڪنسن رياست) جي بندرگاهه
5. گيري شهر (انڊيانا رياست) جي بندرگاهه
هاڻ توهان هن ڍنڍ جي پکيڙ جو ڪاٿو لڳايو ته ڍنڍ هڪڙي نه پر چار رياستن يا صوبن ۾ پکڙيل، جنهن تي هڪ نه پر پنج بندرگاهون آهن. ڪري ٿو ڪو دماغ ڪم! توهان هن ڍنڍ جي ڪنهن به ڪپر تي ويندا ته توهان کي ائين ئي لڳندو ته توهان ڪنهن ليڪ يا ڍنڍ جي ڪناري تي نه پر ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيو. آمريڪا جو مشهور شهر شڪاگو پڻ هن ڍنڍ جي ڪناري تي قائم آهي. شڪاگو شهر ۾ هن ڍنڍ جي ڪپ تي ليڪ شور ڊرائيو جي ذريعي سفر ڪري توهان شهر جي ڊيوان اسٽريٽ تي پهچي جيڪڏهن ’صابري نهاري‘ تان نهاري ۽ آئسڪريم فالودو نه کاڌو ته پوءِ توهان شڪاگو ڏسي ڇا ڪيو.
سو اسان به اڄ هن عظيم ڍنڍ جي خوبصورت شهر لڊينگٽن ۾ موجود هئاسين ته جيئن سج لٿي مهل سج لهڻ جو نظارو هن ڍنڍ جي ڪپ تي ڪري سگهون. هن ڍنڍ تي سج لهڻ جو خوبصورت نظارو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. خاص طور ان وقت جڏهن اونداهيءَ جا پاڇا ڍنڍ جي پاڻيءَ تي گهر ڪري رهيا هئا ۽ ڍنڍ جي ٻئي پاسي لهندڙ سج آسمان تي ڳاڙهاڻ پکيڙي رهيو هو. هتي جي خوبصورت بيچ تي ڪيترائي سياح سئيمنگ ڪرڻ کان پوءِ اگهاڙن پٺن ۽ اڌ اگهاڙين ٽنگن سان زالين مردين ۽ ڪيترا ئي ٻارن سان گڏ موجود هئا، جيڪي خاموشيءَ سان واريءَ تي ليٽيل هئا. ڪن جو منهن آسمان ڏانهن تي ڪي وري شطر مرغ وانگر ريتي ۾ منهن هڻي اونڌا پيا هئا. پري کان ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون ۽ بوٽس هيڏانهن هوڏانهن ترندي نظر اچي رهيون هيون.
لڊينگٽن شهر ۾ مشيگن ڍنڍ جي ڪپ تي ڪيتريون بِيچون آهن. اسان هن وقت اسٽرن پارڪ بيچ تي هئاسين. عام رواجي طور جيڪڏهن ڪنهن سمنڊ يا دريا جي ڪپر تي وڃبو آهي ته گهڻو ڪري واريءَ مان لنگهڻو پوندو آهي، پر مشيگن ليڪ جو هي ڪپر ان لحاظ کان به منفرد آهي ته جيڪڏهن توهان واري يا ريتي مان لنگهڻ نٿا چاهيو ته پوءِ توهان لاءِ هڪ ٻيو متبادل انتظام به آهي. اهو متبادل انتظام رڳو مون يا توهان لاءِ نه آهي، پر اهو انهن معذور پوڙهن يا پوڙهين لاءِ به آهي، جيڪي وهيل چئير وغيره تي هوندا آهن ۽ ريتي واري مان وهيل چئير هلائڻ ممڪن نه هوندو آهي. تنهن ڪري هتي ليڪ جي ڪپ تي وڃڻ لاءِ شهر مان ڪاٺي جي تختن سان ٺهيل هڪ هموار پيچرو ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ان تان هلي آرام سان واري ۽ ريتي کان بچندي ڍنڍ جي ڪپر يا ڪناري تي پهچي سگهجي. ڪيئي گورا ڪارا يا اسان پارا جن کي برائون چيو ويندو آهي، انهي ڪاٺين جي ٺهيل تختي واڪ (بورڊ واڪ) جي ذريعي ڍنڍ ڏانهن يا وري واپس پنهنجي پنهنجي گاڏين ڏانهن ويندي نظر آيا. پاڻ واري ملڪ ۾ ته پوڙهن يا معذورن کي ڌڪا ٿاٻا کائڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي، پر هتي انهن لاءِ بهترين قسم جا بندوبست ڪيل هوندا آهن.
سج لهڻ وقت ليڪ مشيگن جو هي ڪنارو هڪ بهترين ۽ نه وسرندڙ منظر پيش ڪري رهيو هو. پري کان ڍنڍ جي ڪناري تي قائم لائيٽ هائوس به خوبصورت لڳي رهيو هو. اهو لائيٽ هائوس هن جاءِ تي ڍنڍ جي ڪناري کان تقريبن اڌ ميل کن پري پاڻيءَ ۾ قائم آهي. جتي وڃڻ لاءِ ڪاٺي جي تختن سان قائم هڪ ننڍڙو پيچرو ٺاهيو ويو آهي.

پاڻيءَ جو ٻيڙو

پريان کان اسان کي هڪ ننڍو پاڻي وارو جهاز بيٺل نظر آيو، جنهن جو نالو ايس ايس بيجر ڪار فيري آهي، جيڪو اسان جي هن ڪپر تي اچڻ کان ڪافي پهرين هتي ڪناري تي پهچي لنگر انداز ٿيل هو. هن فيري کي پاڻ پنهنجي سولي سنڌي ۾ جيڪڏهن ننڍڙو پاڻيءَ جو جهاز چئون ته آسان ٿيندو.
هي ننڍڙو پاڻيءَ وارو جهاز روزانو لڊينگٽن پورٽ کان آمريڪا جي هڪ ٻي رياست ويسڪينسن جي پورٽ شهر مينيٽويڪ تائين ويندو آهي. جيئن پهرين ذڪر ڪيم ته هي سمنڊ نما ڍنڍ آمريڪا جي چئن مختلف رياستن ۾ پکڙيل آهي. جن مان ويسڪينسن رياست به هڪ آهي. هن ننڍڙي جهاز ۾ سفر جو مزو اهو به آهي ته هي جهاز نه رڳو توهان کي پر توهان جي گاڏي، ڪار، موٽر سائيڪل کي پڻ توهان سان گڏ کڻي هڪ رياست مشيگن کان ٻئي رياست ويسڪينسن پهچائيندو آهي. توهان لڊينگٽن شهر اچو. جهاز جو ٽڪيٽ وٺو، ڪار يا جيڪا به سواري ساڻ تنهن کي جهاز ۾ سوار ڪرائي پاڻ به جهاز ۾ سوار ٿيو. چئن ڪلاڪن ۾ هي جهاز توهان کي ۽ توهان جي گاڏي وغيره کي هتان کڻي ويسڪينسن رياست جي شهر مينيٽويڪ پهچائيندو.
هن سفر جي دوران توهان آرام سان جهاز ۾ آرام ڪريو يا پوءِ جهاز ۾ قائم ريسٽورنٽس ۾ ماني وغيره کائو يا چانهه /ڪافي يا ٻيو ڪو مشروب واپرايو. توهان سان گڏ جيڪڏهن ننڍڙا ٻار به آهن يا وري توهان جو دل به اڃان جوان آهي ته جهاز ۾ قائم وڊيو گيمز مشينن تي راند ڪري سگهو ٿا. هي ننڍو پاڻي وارو جهاز يا فيري روزانو مقرر وقت تي صبح جو مشيگن کان رواني ٿيندي آهي. گرمين جي مند ۾ هي فيري ٻه ڦيرا ڪندي آهي. جنهن دوران رات واري چڪر جي مسافرن جي سمهڻ لاءِ ڪمرا ۽ هنڌ بسترا به موجود آهن، پر ڪمري لاءِ اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. توهان ڪمري ۾ سمهي آرام ڪريو يا فيري جي ڇت تي وڃي ڍنڍ جي پاڻي ۽ ڪنارن تي موجود شهرن، ڳوٺن جي روشنين جو پري کان نظارو ڪريو. شام جي وقت وري لهندڙ سج جو مزو وٺو. ڪڏهن جي بارش پوي ته بارش کان پوءِ آسمان تي ٺهندڙ انڊلٺ جو نظارو ڍنڍ جي وچ پاڻي ۾ هڪ بهترين منظر پيش ڪندو آهي. توهان فيري ۾ آرام ڪريو يا ٽي وي تي مفت جون فلمون يا پنهنجو پسنديده پروگرام ويهي ڏسو. جيڪڏهن گُنديءَ ۾ ڪجهه ڏوڪڙ هيڪاندا هجن ته هن ننڍي جهاز تي موجود شاپنگ اسٽورن تان خريداري ڪريو، پر خيال ڪجو جو هتي شين جو اگهه عام رواجي مارڪيٽ کان وڌيڪ هوندو آهي.
هي ننڍڙو جهاز هڪ مهل 620 مسافر ۽ 180 گاڏين کي جن ۾ ننڍيون وڏيون ڪارون، ٽوئر بسون، ننڍيون ٽرڪون (جن کي پاڻ ٽرالا چوندا آهيون) کڻندو آهي. پريشان نه ٿيو توهان کي هن جهاز ۾ سفر جو ناڻو به ٻڌايان ٿو. ننڍا ٻار جيڪي پنجن کان پندرنهن سالن جا آهن، تن جا ڇويهه آمريڪي ڊالر، وڏڙن جا پنجهٺ ڊالر ۽ گاڏي سوار ڪرائيندا ته ان جا به پنجهٺ ڊالر، ان کان سواءِ هن دلچسپ سفر دوران کائڻ پيئڻ ۽ خريداري وغيره لاءِ گُنديءَ ۾ ڪجهه واڌُو ڏوڪڙ هجڻ به ضروري آهن نه ته بکئي پيٽ ڦِڪو منهن کڻيو ويٺا هوندا.
اسان اڄ هن فيري ۾ نه چڙهياسين پر اڳتي لاءِ اڳواٽ پروگرام ٺاهي اچبو ۽ هن ننڍي جهاز ۾ پنهنجي گاڏي سوڌو سوار ٿي ليڪ مشيگن جي اوڀرندي ڪپ تي موجود ويسڪنسن رياست وڃي پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالحفيظ وٽ ڀيرو ڀڃبو، جيڪو ويسڪنسن رياست جي شهر ملواڪي ۾ رهي ٿو ۽ اتي ڊاڪٽري ڪري ٿو. هن شهر ۾ ايندڙ جيڪي سياح هن جهاز ۾ سوار نٿا ٿين، سي ڪناري کان هن فيري يا ننڍي پاڻي واري جهاز جو پري کان لنگر انداز ٿيڻ يا روانگي جو نظارو ڪندا آهن. اسان به هن جهاز ۾ گاڏيون چاڙهڻ ۽ لاهڻ واري عمل کان لطف اندوز ٿيندي، واپس پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين جتي رات گذاري سڀاڻي صبح جو وري اڳتي روانا ٿينداسين.

مشيگن جا لائيٽ هائوس

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هوٽل جي ڪمري مان تيار ٿي نڪتاسين ته جيئن سڀ کان پهرين پيٽ پوڄا ڪجي. اسان مسلمانن وٽ سفر ۾ حلال ۽ حرام جي ڪري کاڌي پيتي جي چوائس بنهه گهٽ هوندي آهي. اسان پارن گهڻن جا عام زندگي ۾ ڪم ڀلي ڪهڙا به ڪوجها هجن، پر کاڌي ۾ حلال ڳوليندا آهيون. سو اسان لڳاسين انٽرنيٽ تي ڪو اهڙو ريسٽورنٽ ڳولهڻ جتي ڪو حلال کاڌو هجي پر جڏهن ڪو اهڙو ريسٽورنٽ نه مليو ته پوءِ اسان ’برگرڪنگ‘ ڏانهن رخ رکيو. جيڪو اڄڪلهه برگرڪنگ ۽ ميڪڊونالڊ وغيره ناشتي ۾ بيضن جو ٺهيل آمليٽ وغيره ملندو آهي. سو اسان به برگرڪنگ تان ناشتو ڪري اڳتي شهر ڏانهن رخ رکيو. هاڻ اسان جو ارادو هو ته اسٽرين پارڪ جي ويجهو جيڪو لائيٽ هائوس اسان ڪالهه بند هجڻ جي ڪري ڏسي نه سگهيا هئاسين سو اڄ گهمي وٺون.
پهرين ته توهان کي هتي آمريڪا ۾ موجود لائيٽ هائوسز جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته لائيٽ هائوس آهن ڇا ۽ انهن جو ڪهڙو ڪم ۽ مقصد آهي ۽ آمريڪا ۾ لائيٽ هائوس ڪڏهن وجود ۾ آيا؟ لائيٽ هائوس سمنڊ يا ٻئي ڪنهن پاڻي جهڙوڪ درياهه ۽ ڍنڍ وغيره ۾ سفر دوران زميني ۽ خشڪي وارا ساحل ۽ ڪنارا سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. لائيٽ هائوس هڪ اوچو ٽاور يا ٿنڀو هوندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ روشن بتي يا لائيٽ لڳل هوندي آهي. هي ٿنڀو يا ٽاور ڪنهن سمنڊ يا ڍنڍ جي ڪنهن خاص اوچي مقام تي لڳل هوندو آهي. جنهن سان جهازراني وارن لاءِ طرف معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هزارين سال اڳ انسان پاڻيءَ جي سفر لاءِ ٻيڙيون ۽ جهاز استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته انهن وقتن ۾ واپس خشڪيءَ تي پهچڻ لاءِ سوار پٿرن جي ڍڳ يا جبلن يا ننڍڙين ٽڪرين وغيره کي نشاني طور استعمال ڪندا هئا. اهي مددي شيون کين ڏينهن جو ته خشڪيءَ جو ڪناري تي پهچڻ ۾ آساني ڪنديون هنيون پر رات جو ڪيئن ڪن. اڄڪلهه ته جديد نيويگيشن سسٽم اچي ويا آهن پر ٿورو سوچيو انهن ڏينهن ۾ ڪيترا ته مسئلا هوندا هئا سفر ڪرڻ وقت، رات جو پاڻيءَ جي سفر دوران خشڪ زمين جو ڪپر معلوم ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو. همراهه رلي پني رات جو سمنڊ يا درياهههه جي سفر کان پوءِ گهر ڪيئن پهچن؟ سمنڊ، درياهه يا ويڪرين ڍنڍن مان خشڪيءَ جا ڪنارا سڀ هڪ جهڙا لڳندا آهن. سندن ساٿي جيڪي خشڪي تي هوندا هئا، سي خشڪيءَ جي ڪنهن اوچي مقام تي ڪاٺين جي باهه جو مچ ٻاري، پاڻيءَ رستي ايندڙ ساٿين کي خشڪيءَ تي پهچڻ لاءِ صحيح مقام جي خبر ڏيندا هئا. ڪڏهن وري خشڪيءَ جي ڪناري تي ڪاٺيءَ جو ٿُڙ وغيره کوڙي، انهيءَ ۾ لوهي بالٽي ٽنگي، تنهن ۾ باهه ٻاري ايندڙ مسافرن لاءِ هڪ قسم جو سگنل ڏيندا هئا ته جيئن هو خشڪيءَ تي پهچي سگهن. ڪاٺيءَ جي ٿڙ تان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اڄ به منهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف جيڪو ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ آهي اتي اڄ به ڪاٺ جو تمام اونچو ’انگاس‘ ڳوٺ جي مسجد جي پاسي ۾ اسان جي وڏڙن جي وقت کان لڳل آهي. اهو اندازو لڳايو ويندو آهي ته هي انگاس پراڻن وقتن ۾ ان جي چوٽيءَ تي چمني وغيره ٻاري پري کان ايندڙ مسافرن کي رستي جي راهه جو پتو ڏيڻ لاءِ لڳايو ويو هجي شايد. والله عالم.
قديم دور ۾ لائيٽ هائوس قدرت جي طرفان پهريون ڀيرو مهيا ڪيا ويا هئا. پاڻيءَ جو سفر ڪرڻ وارا ان وقت زمين يا خشڪيءَ جي نشاني لاءِ ٻرندڙ لاون (والڪينوز) کي استعمال ڪندا هئا. قديم دور ۾ انسان تجارت لاءِ ڪاٺين جا ٺهيل وڏا ٻيڙا يا جهاز استعمال ڪري پري پري جو سفر ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تيز هوائون انهن ڪاٺي وارن جهازن يا ٻيڙن کي آسانيءَ سان ڌڪي وڃي خشڪيءَ تي موجود جبل جي ٽڪرين سان هڻندا هئا جنهن سان ڪاٺيءَ جا ٺهيل اهي جهاز يا ٻيڙا ڀڄي ٽُٽي تباهه ٿي ويندا هئا. انهي ڪري لائيٽ هائوسن جي ضرورت پئي ته جيئن اڳواٽ وارننگ يا سگنل ملي سگهي.
قديم دور جي ستن عجائبات ۾ اليگزينڊر يا مصر جو مشهور لائٽ هائوس به شامل هو، جيڪو 280 قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو هو. جنهن جي اونچائي 450 فٽ (تقريبن 45 ماڙ بلڊنگ) هئي. ان قديم لائيٽ هائوس جي چوٽي باهه سان چمني ٻاري ويندي هئي. اهو قديم لائيٽ هائوس تقريبن پندرنهن سو سال قائم رهڻ کان پوءِ چوڏينهن صدي عيسوي ۾ هڪ زلزلي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
سو اسان سڀ کان پهرين لڊينگٽن جي اسٽيرن پارڪ جي ساحل تي موجود لائيٽ هائوس پهتاسين جنهن کي ’نارٿ بريڪ واٽرلائيٽ‘ چيو ويندو آهي. هي قديم لائيٽ هائوس 1871ع ۾ ٺاهيو ويو هو. جنهن جي روشني ويهن ميلن تائين مشيگن ليڪ جي پاڻي کي روشني پهچائيندي آهي. هن لائيٽ هائوس جي چوٽي تي سائرن لڳل آهي جيڪو مشيگن ليڪ ۾ موجود بوٽس، ٻيڙن، ۽ ننڍن جهازن کي خراب موسم کان آگاهه ڪندو آهي. هن لائيٽ هائوس جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ چاڙهيون موجود آهن. اڄ اسان کي به موقعو مليو سو لائيٽ هائوس جي چوٽي تائين پهچي هن قديم لائيٽ هائوس جو نظارو ڪيوسين.
اسان لائيٽ هائوس گهمڻ کان پوءِ هن شهر جي ويجهو قائم هڪ تاريخي ڳوٺ پهتاسين جنهن کي ’وائيٽ پائن وليج‘ چيو ويندو آهي. هي قديم ڳوٺ جيڪو 18هين صدي جي آخر ۾ قائم ٿيو هو، جيڪو آمريڪا جي قديم ڳوٺن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن قديم ڳوٺ ۾ تقريبن 30 کن عجائب گهر آهن. هن پراڻي ڳوٺ ۾ ڪجهه بلڊنگون جيڪي 18هين صدي ۾ ٺاهيون ويون هيون سي اڃان تائين موجود آهن. انهن قديم بلڊنگس مان هڪ بلڊنگ جيڪا 1849 عيسوي ۾ قائم ٿي جنهن کي ڪاونٽي ڪورٽ هائوس چيو ويندو آهي سا ڏسڻ وٽان آهي. هن ڳوٺ ۾ قائم قديم ميوزيم گهمڻ سان آمريڪا جي قديم زندگي جي معلومات جن ۾ سامونڊي زندگي، ڪاٺين جي ڪاروبار، لوڪل گورنمينٽ، ايگريڪلچر، تعليم ۽ صحت جي باري ۾ دلچسپ معلومات ملي ٿي.
اسان تقرين شام تائين وقت هن سهڻي شهر ۾ گذاري هتان جا پارڪ، ساحل، عجائب گهر گهمڻ کان پوءِ هتان پنهنجي اڳئين منزل ’ٽريورس سٽي‘ ڏانهن روانا ٿياسين. هتان روانو ٿيڻ کان پهرين گاڏي ۾ پيٽرول وغيره فل ڪرايوسين جو اڳيان سفر سمورو جهنگلات مان ڪرڻو هو ۽ رستي ۾ رات به پوڻي هئي.

ٽريورس سٽيءَ جو شهر يا جنگل ۾ منگل

ٽريورسٽي جي نالي سان قائم شهر هن لڊينگٽن شهر کان تقريبن 94 ميل يعني 151 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر طرف مشيگن ليڪ جي اولهه ڪپ تي واقع آهي.
اسان هتان هاءِ وي 10 تي اولهه طرف سفر شروع ڪيو. جتان هائي وي 37 تي پهتاسين، جيڪو اتر ۾ سڌو ٽريورس سٽي ڏانهن وڃي ٿو. ٽريورس سٽي ڏانهن ويندڙ هي رستو انتهائي سهڻي جهنگ مان گذري ٿو، پر اسان جي بدقسمتي يا خوش نصيبي جو جلد اوندهه پئجي وئي. سو اسان رستي ۾ موجود خوبصورت وڻن ۽ جهنگلات جو نظارو ڪرڻ کان رهجي وياسين. ٻيو ته هي هائي وي رڳو ٻن لائينن وارو رستو آهي، جنهن ۾ هڪ لائين اچڻ وارن لاءِ ۽ ٻئي لائين وڃڻ وارن لاءِ ۽ مٿان وري جهنگ جي اونداهه سو ڪافي ڌيان سان گاڏي هلائڻي پئي ته متان ڪو هرڻ يا ٻيو ڪو جانور گاڏيءَ جي سامهون نه اچي وڃي، جيڪو اهڙن رستن تي عام رواجي ڳالهه آهي پر مالي نقصان گهڻو ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، جو اهڙي ڪنهن حادثي کان پوءِ گاڏيءَ جو چڱو خاصو نقصان ٿيندو آهي. اهڙي ڪنهن حادثي جو ڪليم گهڻو ڪري انشورنس وارا به نٿا کڻن.
رستي ۾ جيڪو جهنگ يا فاريسٽ آهي، تنهن کي ’مينسٽي نيشنل فاريسٽ‘ چيو ويندو آهي. هن فاريسٽ ۾ ڪيترائي ڪيمپ گرائونڊ آهن، جتي گهڻو ڪري گورا ڪارا سياح موڪلن ۾ يا گرمين ۾ اچي ڪيمپنگ ڪندا آهن. هن رستي ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ٽائون ۽ ڳوٺ آيا. پر جيئن ته رات پئجي وئي هئي سو ڪٿي به نه بيٺاسين. اسان اندازن ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ اچي ٽريورس سٽي جي حد ۾ داخل ٿياسين.

ٽريورس سٽي ۾ هوٽل جي تلاش

اسان جنهن وقت ٽريورس سٽي ۾ داخل ٿياسين ته ان مهل ڪافي رات پئجي وئي هئي ۽ سڄي ڏينهن جي سفر کان پوءِ ٿڪي به ڏاڍا پيا هئاسين. اسان جي ڪوشش هئي ته سڀ کان پهرين ڪنهن مناسب هوٽل ۾ ڪمرو ملي ته آرام ڪري سگهون ته جيئن سڀاڻي صبح جو سوير وري گهمڻ جهڙا ٿي سگهون. اسان شهر جي جنهن حصي ۾ داخل ٿيا هئاسين، ان تي اسان کي ڪابه هوٽل وغيره نظر نه آئي هئي. شهر جي هن حصي ۾ بنهه خاموشي لڳي پئي هئي. ڪافي هيڏانهن هوڏانهن گاڏي ڊوڙائيسين پر ڪا به هوٽل ڏسڻ ۾ نه آئي. مٿان وري ڳوٺاڻو علائقو هجڻ ڪري اسان جي فون تي انٽرنيٽ جا سگنل به نه پئي آيا آخرڪار تنگ ٿي مون هڪ پيٽرول پمپ تي گاڏي روڪي پمپ واري کان پڇا ڪئي. هن ڏَسُ ڏنو ته شهر جي فلاڻي حصي ۾ هوٽل ملي ويندي. ٽريورس سٽي شهر مشيگن ليڪ جي ڪپ تي قائم آهي جتي سهڻا ساحل ۽ ڪنارا آهن. جتي سياح پري پري کان گهمڻ ايندا آهن پر اسان شهر جي جنهن حصي ۾ هئاسين اتي ٻُٽ اونداهه لڳي پئي هئي. جيئن پاڻ ڪراچي جي سمنڊ تي گهمڻ وڃون ۽ واپسي ۾ رستو صحيح نه وٺون ته ڪڏنهن به واپس ڪلفٽن جي روشنين ۾ نه پهچي سگهنداسين، پوءِ ڀلي ڪيترو به مٿو هڻو. تنهن ڪري ڏاها چوندا آهن ته مقصد واضح نه آهي ته زندگي ۾ منزل حاصل نه ٿيندي ۽ مٿان وري چورن، ڦورن يا وردي وارن هٿان لٽجڻ جو خطرو به وڌي وڃي ٿو.
بهرحال پيٽرول پمپ واري جي ٻڌايل رستي تي اسان گاڏي ڊوڙائي ٿوري دير ۾ شهر جي وچ مرڪز جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي پهچي وياسين. شهر جي هن حصي ۾ اسان کي هوٽلون ته نظر نه آيون پر ڪافي دوڪان ۽ ريسٽورنٽس نظر آيا، جيڪي رات جي هن پهر بند پيا هئا. رات جا تقريبن ٻه ٿي رهيا هئا سو شهر جي نائيٽ ڪلبن ۽ ڊسڪوز مان نڪتل نوجوان جوڙا رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ويندي نظر آيا. جن جي ڪري ڄڻ ته جهنگل ۾ منگل ٿي ويو هو. ياد رهي ته مشيگن ۾ رات جو 2 وڳي ڌاري سمورا نائيٽ ڪلب بند ٿي ويندا آهن. جنهن کان پوءِ اتان نڪتل نوجوان جوڙا ڪلاڪ اڌ ٻاهر روڊن تي هلاگلا ڪري واپس پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن.
اسان شهر جي مرڪز ’ڊائون ٽائون‘ مان نڪري مشيگن ليڪ جي ڪناري سان گڏوگڏ هلندڙ ليڪ ويو ڊرائيو تي پهتاسين. هن رستي تي سياحن لاءِ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون هوٽلون آهن. جن ۾ ميرئيٽ، هاليڊي ان، شيريٽن نالي واريون هوٽلون آهن. هوٽلون ڏسي اسان جي ساهه ۾ ساهه پيو. اسان هڪ کان ٻي، ٻي کان ٽي، ٽي کان چوٿين ۽ اڃان به اڳتي نمبر وڌندو پي ويو. ڪيترن ئي هوٽل وارن کان وڌي وڃي ڪمري لاءِ معلومات ڪئي سين پر ڪو به ڪمرو خالي نه مليو. سڀ هوٽلون فل هيون. رات به اچي گهري ٿي هئي ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ به هئي. ڪالهه صبح جو هوٽل مان نڪتا هئاسين ۽ هاڻ رات جا ٽي پي ٿيا. حالت خراب هئي. بس هاڻ ته ڪا به هوٽل ملي پوءِ ڀلي ڪيتري به مهانگي ملي، ڪمرو وٺي آرام ڪريون. پر لڳو ٿي ته اڄ قسمت ڪا بنهه خراب هئي. اسان مختلف هوٽلن کي فون به ڪيا پر ڪو به کڙ تڙ نه نڪتو. سو اهو فيصلو ڪيوسين ته شهر جي سياحت مرڪز مان ٻاهر نڪرون ته ڪا هوٽل ملي. سو اسان ليڪ ويو ڊرائيو تي ئي رهندي شهر کان ٻاهر رخ رکيو. آخرڪار شهر جي مرڪز کان ڏهه پندرنهن ميل پري ’سليپ ان‘ هوٽل ۾ ڪمرو مليو. هڪ رات جو ڪرايو 214 ڊالر هو. جيڪو هو ته مهنگو پر هاڻ ڪجهه ڪلاڪ ننڊ ڪرڻي هئي. اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن به نه بچيو هو. سو اسان بسم الله ڪري ڪمرو وٺي رات گذارڻ جهڙا ٿياسين. پر اڄ اسان سبق سکيو ته آئيندي هميشه لاءِ اڳواٽ ڪمرو بڪ ڪرائجي ۽ ٻيو سبق وري اهو به سکيو ته سفر هميشه ڏينهن جو ڪجي ڇو جو ڏينهن شينهن آهي.
پر مليل سبق تي عمل نه ڪندي 2018ع جي ڊسمبر ۾ جڏهن وري ٻيو دفعو فلوريڊا وڃڻ ٿيو هو. اسان فلوريڊا جي شهر ڊيٽونا بيچ ٽائون ۾ وڃي رهيا هئاسين. جتان اسان هوٽل ڇڏي چار ڪلاڪن جي ڊرائيو ڪري ميامي پهتا هئاسين. ميامي پهچڻ وقت رات پئجي وئي. يقين ڪريو يا نه سڄي شهر جي هرهڪ هوٽل کان ڪمري بابت معلومات ڪئسين پر هوٽل نه ملي سو نه ملي. بلاخر چار ڪلاڪ ڊرائيو ڪري اورلينڊو شهر ڏانهن واپس آياسين. ميامي شهر مان مايوس ٿي واپس نڪرڻ کان پوءِ ٻه سئو ميلن تائين جتي به هوٽل نظر آئي اتي بيهي معلومات ڪئيسين پر ڪو به کڙ تڙ نه نڪتو هو. واپس اورلينڊو ايندي ايترا ته ٿڪي پيا هئاسين جو روڊ جي پاسي ۾ ٺهيل ريسٽ ايريا ۾ گاڏي بيهاري گاڏيءَ ۾ ئي سيٽن تي ويٺي ويٺي سمهي آرام ڪيو هوسين ۽ صبح ٿيڻ سان اورلينڊو شهر ۾ داخل ٿي وڃي ڪمرو ورتو هئوسين، جتي وري ٻه ڏينهن رهي فلوريڊا جو اورلينڊو شهر گهميو هوسين. فلوريڊا جي انهي سفر جو احوال وري ڪڏهن تفصيل سان ڪبو.
سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته ٽريورس سٽي ۾ رات جو دير سان هوٽل ملڻ کان پوءِ وڃي آرامي ٿياسين. سُتا دير سان هئاسين پر صبح جو سوير اٿي کڙا ٿياسين ته جيئن هوٽل جي طرف کان مليل مفت ڪمپليمينٽري ناشتو ڪري سگهون، جنهن کي ’ڪانٽينيٽل بريڪفاسٽ‘ چيو ويندو آهي. سو اسان جلدي جلدي تيار ٿي هوٽل جي لابي ۾ آياسين جتي ناشتي واري مخصوص ايريا ۾ هوٽل جي مهمانن لاءِ ناشتو لڳل هو. جنهن ۾ بيضا، مکڻ، چِيز، ڊبل روٽيون، فروٽس ۽ فروٽ جوس، ڪافي ۽ چانهه جو بندوبست ٿيل هو. ناشتي واري ايريا ۾ مختلف مسافر پنهنجي پنهنجي ڪرسين ۽ ٽيبلن تي ناشتو انجواءِ ڪري رهيا هئا. هوٽل جي مهمانن مان هڪ جوڙو اتي موجود ويٽر (بيري) سان گفتگو به ڪري رهيو هو. جنهن کي مون ڌيان سان ٻڌو ته خبر پئي ته اهو ويٽر تاريخ (هسٽري) ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو هو. هُو هن شهر ۾ ڪنهن ٻي رياست مان هتي اچي رهيو هو. سندس هن شهر ۾ اچي رهڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هن سياحتي شهر ۾ رهي ڪري مشيگن جي تاريخ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. پنهنجو خرچ پکو ڪڍڻ لاءِ بيري جي نوڪري ڪري رهيو هو. پاڻ وٽ جڏهن ڪو ميٽرڪ يا انٽرميڊئيٽ ڪندو آهي ته پنهنجي مائٽاڻي ڪاروبار کان به پري ڀڄندو آهي. جو کيس بس سرڪاري نوڪري کپندي آهي. جيڪڏهن گريجيوئيشن ڪري وٺندو آهي ته پوءِ ويتر ٽوپي نراڙ تي اچي ويندي آهي، پوءِ سندس خواهش اها هوندي آهي ته ڪنهن اهڙي ڪنهن کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ملي، جتي پگهار سان گڏ مٿين اضافي آمدني پڻ ٿئي، پر پنج آڱريون برابر نه هونديون آهن. پاڻ وٽان اهڙا به نوجوان آهن جيڪي پنهنجي محنت ۽ ڪوششن جي بدولت پريڪٽيڪل زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻيائون. اسان هوٽل جي طرفان ڏنل ناشتو ڪري واپس پنهنجي ڪمري ۾ تيار ٿي هوٽل مان ٻاهر آياسين.

سليپنگ بيئر ڊيونز

اڄ اسان جي پهرين منزل مشيگن ليڪ جي اولهه ڪپ تي موجود مشهور واري ۽ مٽي جا دڙا ڏسڻ ۽ گهمڻ هو. جن کي سليپنگ بيئر ڊيونز يعني ’ستل رڇ وارا دڙا‘ چيو ويندو آهي. هي واريءَ جا دڙا ٽريورس سٽي جي اوڀر اتر ۾ تقريبن 26 ميل کن جي مفاصلي تي ايمپائر سٽي جي اتر ۾ آهن. واريءَ جي دڙن جو ٻڌي، توهان اهو سوچيندا ته واريءَ جا دڙا ته پنهنجي ٿر ۾ به جام آهن ته پوءِ ايترو پري وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟! ٿورو صبر ڪريو توهان کي سوال جو جواب ملي ويندو.
اسان ٽريورس سٽي کان گرينڊ ويو پارڪ هائي وي 72 تي اوڀر طرف تقريبن سفر ڪندي، اڌ مني ڪلاڪ ۾ ڊيونز جي ايريا ۾ اچي پهتاسين. سڀ کان پهرين اسان ڊيونز پارڪ جي ٻاهران قائم ’فلپ هارٽ وزيٽرز سينٽر‘ تي اچي بيٺاسين ته جيئن پارڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ به وٺي سگهون ته وري ڊيونز گهمڻ لاءِ ضروري معلومات به وٺي سگهون. اسان سينٽر ۾ داخل ٿياسين ته سامهون ڪائونٽر تي پارڪ جا ٻه ملازم ڏسڻ ۾ آيا جيڪي سياحن کي گهربل معلومات ڏئي رهيا هئا. اسان ڪائونٽر تان پارڪ ۾ داخلا لاءِ ٽڪٽ ورتو جيڪو في گاڏي ڏهه ڊالر هو. ان سان گڏ اسان کي پارڪ جو معلوماتي ڪتابڙو به مليو.
مشيگن رياست ۾ هي واريءَ جا دڙا، مشيگن ليڪ جي ڪپ تي تقريبن پنجاهه کن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. هتي نه رڳو واريءَ جا دڙا پر ان سان گڏوگڏ هتي موجود ڍنڍون، پاڻيءَ جون نهرون ۽ دُٻا، فاريسٽ، وڻ ۽ ٻوٽا، جانورن جي لاءِ چراگاهون ۽ خوبصورت سِينِڪ وِيُو ڏسڻ وٽان آهن. هتي سياح موسم جي مطابق هائيڪنگ ڪرڻ کان سواءِ هتي موجود ننڍين وڏين ڍنڍن ۾ بوٽ راني، برف جي مند ۾ آئيس اسڪيٽينگ، ڪيمپنگ، ڪار ٽوئرنگ کان علاوه هن علائقي جي پراڻي تاريخ جو مزو به ماڻيندا آهن.
اسان سليپنگ ڊيونز پارڪ جو ٽڪيٽ وٺي پارڪ جي حدن ۾ داخل ٿياسين. اسان ڊيونز کي ڏسڻ لاءِ وزيٽر سينٽر کان مليل نقشي جي مطابق مقرر ڪيل سِينڪ ويو واري روٽ تي گاڏي ۾ ئي گهمڻ جو فيصلو ڪيو. انهي روٽ کي ’پيرس اسٽوڪينگ ڊرائيو‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو تقريبن ساڍن ستن ميلن تي مشتمل آهي.
اسان ويزيٽر سينٽر مان نڪري هائي وي 22 تان ٿيندا، هن سينڪ رستي پهتاسين. هن رستي تي گاڏي هلائيندي بنا ڪنهن ٽوئر گائيڊ جي مدد کان سواءِ ڊيونز پارڪ گهمڻ سان گڏوگڏ ليڪ مشيگن جو به نظارو ڪري سگهياسين ٿي. هن خوبصورت رستي تي سڀ کان پهرين جنهن شاندار شئي اسان جو استقبال ڪيو، اها قديم ڇت واري پل هئي. هي پراڻي ڪاٺي جي ٺهيل پل، سرءُ جي موسم ۾ ان وقت انتهائي خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جڏهن پل جي چوڌاري لڳل وڻن جا پن پنهنجو رنگ مٽائيندا آهن. هي پُل ’مسٽر پيئرس‘ 1960ع ۾ ٺاهي. پر بعد ۾ 1986 ۾ هن جي مرمت ڪئي وئي هئي. پنهنجو ملڪ هجي ها ته ڪو پل جو لڳل ڪاٺ ۽ وڻ وڪڻي کاهي پئي وڃي هئا. پر ڇا ڪريون هي ٿيو ڪافرن جو ملڪ سو هر ڪا شئي پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. پل ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ٻيو خوبصورت نظارو ’گلين ليڪ‘ جو هو، جنهن جو نيرو پاڻي دل کي موهي ويو. هن ليڪ جو نيرو پاڻي ليڪ جي شهرت جو سبب آهي. هن جو اتريون ڪنارو هڪ واڳون جي شڪل پيش ڪري ٿو تنهن ڪري انهي کي ايليگيٽر هل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هتان کان پوءِ اسان پڪنڪ مائونٽين جي ايريا ۾ اچي بيٺاسين ۽ گاڏيءَ مان لهي ٽنگون سڌيون ڪيونسين. اسان پاڻ سان گڏ آندل ٿرماس مان گرم گرم چانهه ڪڍي پيتي. جنهن کان پوءِ اسان ٿورو پنڌ ڪري ان پوائنٽ تي پهتاسين، جتان پري کان ڊيونز يعني واري جي دڙن جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. هتي پهچي مون کي ٿوري مايوسي ٿي ته هي ته سکڻا واريءَ جا دڙا آهن. اجايو اڌ ڏينهن هتي وڃايوسين، پر جڏهن اڳيان وڌياسين ته جيڪو سائن بورڊ اسان کي مليو ان تي ’ليڪ مشيگن اوورلڪ‘ يعني ’ليڪ مشيگن جو مٿان کان نظارو‘ لکيل هو. اسان ليڪ مشيگن جو نظارو هن پوائنٽ تان ڪري سگهياسين ٿي. سو اسان اچي انهي پوائنٽ تي گاڏي بيهاري هيٺ لهي اڳيان وڌياسين. سبحان الله. رب جي صاحبي هئي.
مشيگن ليڪ اوورلڪ يعني ’ليڪ جو مٿان کان نظارو‘ پوائنٽ کان، مشيگن ليڪ جو نظارو 450 فٽ جي اوچائي کان ڪري سگهجي ٿو. هن پوائنٽ تان مشيگن ليڪ جو اهڙو ته خوبصورت نظارو هو جنهن جو لفظن ۾ ذڪر ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ئي ڪونهي. بس توهان اهو سوچيو ته 450 فٽ جي اوچائيءَ تي توهان بيٺل آهيو. هيٺ مشيگن ليڪ جو انتهائي خوبصورت پاڻي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ توهان کي واريءَ جي دڙي تان هيٺ لهڻو پوندو. مون ذڪر ڪيو هو ته واريءَ جا دڙا ته پاڻ وٽ ٿر ۾ به آهن جيڪي بيشڪ بارشن پوڻ کان پوءِ سرسبز ٿي خوبصورت ٿي پوندا آهن. پوءِ هتي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. توهان کي ٻڌايان ته هن پوائينٽ تي واري جا هي دڙا پنهنجي پياري ٿر جي ڀٽن ۽ دبئي جي دڙن کان بلڪل مختلف آهن جو هتي واري جي دڙن سان گڏ ليڪ مشيگن جو خوبصورت نيرو پاڻي به آهي. ٿورو سوچيو ته توهان ٿر ۾ هڪ اوچي ڀٽ تي بيٺا آهيو ۽ هيٺ 500 فٽ کن جي لاهي تي خوبصورت نيري پاڻيءَ واري ڍنڍ وهي رهي هجي ته پوءِ ڪيترو نه خوبصورت نظارو هوندو. اسان جنهن واريءَ جي ڀٽ تي بيٺا هئاسين، انهيءَ تي وڏو سارو بورڊ لڳل هو جنهن تي سياحن کي خبردار ڪيو ويو هو ته ’بهتر آهي ته خوبصورت منظر جو نظارو، هتان کان بيٺي ڪريو. اوچائي کان هيٺ لهڻ جي غلطي ڪري زخمي ٿيڻ جو چانس نه کڻو ۽ نه وري ريسڪيو ڪرڻ واري اداري جي ڳري فيس ڀريو. جيڪڏهن پنهنجي مڙسي ڪيَوَ ته پوءِ واپس مٿي اچڻ ۾ پورا ٻه ڪلاڪ لڳندا.‘
ڪيترائي نوجوان جوڙا سائن بورڊ جي وارننگ کي نظر انداز ڪري هيٺ لهي ويا هئا. مون ڏٺو ته واپس مٿي اوچائي تي اچڻ ۾ کين انتهائي مشڪل پيش اچي رهي هئي. انهن ۾ ڪي نوجوان انڊين به هئا. جيڪي پنهنجي پارٽنر تي رعب وجهڻ لاءِ هيٺ لهي ويا هئا، پر هاڻ واپسي ۾ ڪافي پريشان هئا. هن مقام جي اونچائي تي سياحن جي آساني لاءِ ڪاٺي سان ٺايل هڪ تختن جو ٿلهو به آهي جنهن تان بيهي ڪري آساني سان هيٺ ڏسي سگهجي ٿو. اسان ڪلاڪ ٻه هن ڀٽ ۽ مقام تي رهي الله سائين جي پيدا ڪيل خوبصورت منظرن مان لطف اندوز به ٿياسين ته گهڻا فوٽون به ڪڍيا سين. مون دل ۾ پنهنجي پاڻ سان وچن ڪيو ته آئيندي سال وري هتي اينداسين.
هيستائين اسان ڊيونز کي پري پري کان پي ڏٺو پر هاڻ وارو هو ان پوائنٽ تي وڃڻ جو جتان ڊيونز يا ڀٽ تي چڙهجي. هن پارڪ ۾ اچڻ واري هر سياح جي اها مرضي هوندي آهي ته ڀٽ تي چڙهي قدرتي ماحول کي انجواءِ ڪري ۽ اوچائي کان گلين ليڪ جو نظارو ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ڀٽ تي چڙهڻ هر ڪنهن جي وس وٽان نه آهي. اسان به اتي پهتاسين. اسان اتي پهچڻ کان پوءِ ڀٽ تي چڙهائي شروع ڪئي. آءُ به همت ڪري اڌ ڀٽ تي چڙهي ويس پر مون کي جلدي اندازو ٿي ويو ته مٿي چوٽي تائين وڃڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. سو مون ساٿين کي چيو ته توهان ڀلي مٿي وڃو آءُ واپس هيٺ وڃي توهان جي واپس ورڻ جو انتظار ٿو ڪريان. هيٺ بهترين پارڪ ٺهيل هو سو واپس اچي پارڪ ۾ اچي ويهي رهيس. پارڪ ۾ مسافرن لاءِ بهترين باٿ روم وغيره ٺهيل آهن. مطلب ته جهنگ ۾ به توهان کي جهنگ جو خيال ٿئي ته ڪا پريشاني ڪونه ٿيندي. ڀٽ تي چڙهڻ ۽ واپس هيٺ اچڻ ۾ تقريبن ٻن کان ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن. ڀٽ تي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر جيڪي مٿي تائين چڙهيو وڃن انهن لاءِ هڪ انمول فن آهي. پارڪ انتظاميه جي طرفان سياحن لاءِ هدايت آهي ته مٿي وڃڻ مهل پاڻ سان گڏ آيل ٻارن جو خيال رکن جو ٻارن جي گم ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. نه فقط ٻار پر وڏا به مقرر ٽريل تان ٿڙيو وڃن ته کين واپسي جو رستو ڪونه ٿو ملي. سو سياحن کي هدايت آهي ته نقشي جو استعمال ڪن. منهنجا ساٿي واپس ڀٽ تان لهي آيا ته اسان واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. رستي ۾ اسان هڪ ’ميري ٽائم ميوزيم‘ تي بيٺاسين جتي ليڪ مشيگن جي آبي زندگي، جهازن جي رواني ۽ جهازن جي باري ۾ دلچسپ معلومات ڏنل هئي. اتي انساني زندگي بچائڻ واري اداري ۽ سندن اوزارن جي باري ۾ به معلومات مليل هئي. جتي اڄڪلهه ميرين ميوزيم آهي اتي ڪنهن وقت ۾ زندگي بچائڻ واري اداري ’لائف سيوينگ ڊپارٽمينٽ‘ جي آفيس هئي، پر وقت سان گڏ جڏهن ڀٽ جي واريءَ ۾ آفيس دٻجڻ لڳي ته آفيس کي هتان منتقل ڪري هتي ميوزيم قائم ڪيو ويو.
اسان ڊيونز پارڪ مان واپس ورندي گلين آربر ڳوٺ وٽ اچي بيٺاسين. هن جاءِ تي ڪرسٽل ريور نالي درياهه وهي وڃي ليڪ مشيگن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اسان گلين آربر ڳوٺ مان ننڍي ٻيڙي رينٽ ڪئي جنهن کي ’ڪينوئي‘ چيو وڃي ٿو. ڪينوئي رينٽ ڪرڻ کان پوءِ اداري جي بس نما گاڏي اسانکي ۽ ٻين مسافرن کي ڪينوئين سوڌو ان مقام تي پهچايو، جتان اسان ڪينوئي ۾ چڙهي واپس گلين آربر وليج ڏانهن چپو هلائڻ شروع ڪيو. پاڻ وٽ گدو بندر وٽ درياهههه ۾ پاڻي اڄ ڪلهه گهٽ هوندو آهي ۽ مهاڻا ويچارا ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون هلائي، مڇي ماري، پنهنجي پيٽ پوڄا جو بندوبست ڪندا آهن. اهڙي طرح سان هن مقام تي ڪرسٽل ريور درياهههه جو پاڻي گهٽ هوندو آهي. سو اسان اسٽارٽنگ پوائنٽ کان واپس گلين آربر وليج ڏانهن آساني سان ڪينوئي هلائي ٻن ڪلاڪن ۾ پهتاسين. رستي ۾ جهنگلي گل ۽ ٻوٽا ۽ پاڻيءَ جا قسمين قسمين پکي ڏسڻ ۾ آيا.

وري ٽريورس سٽي ڏانهن رُخ

سليپنگ ڊيونز جون واري جون ڀٽون ۽ مشيگن ليڪ گهمڻ کان پوءِ اسان هائي وي 72 جي ذريعي واپس ٽريورس سٽي پهتاسين. سڄو ڏينهن واريءَ جي دڙن ۾ گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ اسان کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. سو اسان ٽريورس سٽي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين پيٽ پوڄا ڪئي. جنهن کان پوءِ اسان ٽريورس سٽي جو مرڪز جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي گهمڻ لاءِ نڪتاسين. هتان جو ڊائون ٽائون پنڌ هلڻ وارن لاءِ بهترين آهي.
شهر ۾ سياحن لاءِ دڪان، ريسٽورنٽس، بوتيڪس ۽ فيشن گيلريز آهن. جيڪڏهن هلي هلي ٿڪجي پيا ته پوءِ آرام ڪرڻ ۽ ريليڪس ڪرڻ لاءِ ڪيتررن ئي جايُن تي لوهي بينچون ۽ پارڪ آهن. هي شهر، شام يا رات دوستن سان يا سنگت سان وقت گذارڻ لاءِ بهترين آهي. جتي ڪيئي ميوزڪ سينٽرز، ڊسڪوز ۽ نائيٽ ڪلب آهن، پر مزي جي ڳالهه اها آهي جو هتي توهان کي آمريڪا جا لوڪل گورا يا ڪارا ماڻهو ته ضرور ملندا، پر پاڪستان کان آيل ڪو به اهڙو وڏيرو يا چوڌري يا خان نه ملندو جيڪو تازو تازو پنهنجي فصل کپائي هتي پهتو هجي يا سندس والد تازو جائيداد ڇڏي الله ڏانهن روانو ٿيو هجي. گهڻو ڪري جيڪي پاڪستاني يا انڊين آمريڪا گهمڻ لاءِ ايندا آهن انهن جو زور گهڻو ڪري وڏن شهرن جهڙوڪ سين فرانسڪو، لاس اينجلس، شڪاگو، لاس ويگس، نيويارڪ، بوسٽن، واشنگٽن ڊي سي يا فلوريڊا وغيره هوندو آهي. سال جا ٻارهن مهينا هتي هڪ نه ٻيو فنڪشن يا ميلو لڳل هوندو آهي. جن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ لڳندڙ ٽريورس سٽي فلم فيسٽيول اهم آهي. جتي لوڪل ۽ انٽرنيشنل فلمون يا ڊاڪيومينٽري شو پيش ڪيا ويندا آهن.
هي شهر پاڻي سان لڳاءُ رکندڙن لاءِ جنت آهي. هتي ليڪ مشيگن ۽ گرينڊ ٽريورس ليڪ جا ڪنارا 183 ميلن تائين پکڙيل آهن. جتي ڪيترائي ساحلي ڪنارا آهن. ڪهڙو بيچ يا ساحل سڀ کان بهترين آهي اهو ان تي منحصر آهي ته توهان جي پسند ڇا آهي ۽ توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو. سوئيمنگ ڪرڻ ٿا چاهيو يا بيچ جي ريتي تي اونڌي منهن ليٽي سج جو سيڪ ٿا وٺڻ چاهيو. يا فيملي سان گڏ آهيو ۽ اهڙي بيچ کپي جتي ٻارن لاءِ پلي گرائونڊ هجي يا پڪنڪ ٽيبلز جي تلاش آهي. هتي ريتي وارا اهڙا به ڪنارا آهن جتي توهان پورو ڪلاڪ به واڪ ڪندو ته توهانکي نه ٻيو ڪو بندو ٽڪرندو نه بندي جي ذات. هتي جي ’ڪلنچ پارڪ بيچ‘ بهترين بيچ آهي. جيڪا پندرنهن سو فٽن تي پکڙيل آهي. جتي پڪنڪ لاءِ ٽيبلون، سياحن جي حفاظت لاءِ لائف گارڊز، صاف سٿرا بيت الخلا ۽ ريسٽورنٽس آهن. مطلب ته شهر جي لوڪل انتظاميه جي طرفان مڪمل ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هتي سياح اچي پنهنجو سٺو وقت گذاري سگهن. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ به بهترين سمنڊ جا ڪنارا آهن، جيڪي دنيا جي ٻين بيچن کان گهٽ نه آهن، پر افسوس هڪ ته حڪومت جي طرفان سهوليتون نه هجڻ جي برابر آهن. مٿان وري زورآورن جي آواره اولاد جي غنڊه گرديءَ جي ڪري ڪو شريف ماڻهو اتي پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اچڻ کان ڪيٻائي ٿو.
ٽريورس سٽي آمريڪا جي رياست مشيگن جو شهر آهي. سڄي مشيگن ۾ نومبر کان مارچ تائين سخت سيءُ پوندو آهي. هن شهر ۾ گرميءَ جو درجو ٻڙي کان به هيٺ ڪريل هوندو آهي. هتي برفاني طوفان ايندا رهندا آهن، پر هن شهر ۾ ’گريٽ وولف لاج‘ جي نالي سان هڪ هوٽل آهي، جنهن ۾ اِنڊور واٽر پارڪ آهي. ٻاهر شهر ۾ ڀلي برف جو طوفان هجي پر ان واٽر پارڪ ۾ گرميءَ جو درجو 110 سينٽي گريڊ کان مٿي هوندو آهي. توهان آرام سان سوئمنگ سوٽ پائي واٽر پارڪ ۾ سوئمنگ ڪري سگهو ٿا.
هن شهر جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي ته پهريون ڀيرو فرينچ ۽ ريڊ انڊين هتي آيا هئا. 1839ع ۾ هتي ريڊ انڊينز جي ڪالوني قائم ڪئي وئي. 1870ع تائين هن علائقي ۾ اچڻ جو واحد ذريعو رڳو پاڻيءَ جي ذريعي هو يا وري قديمي ريڊ انڊين پيچرا آمدورفت جو ذريعو هئا. 1872ع کان پوءِ هتي ريل سروس شروع ڪئي وئي. 1885ع ۾ پهريون ڀيرو هتي ذهني مريضن لاءِ 130 ايڪڙن تي هيلٿ سينٽر قائم ڪيو ويو هو. هاڻ ان بلڊنگ ۾ ريسٽورنٽس، فليٽس ۽ ميوزيم قائم ڪيا ويا آهن.

ميڪنا شهر ڏانهن رُخ

ٽريورس سٽي جي شهر جو چڪر هڻڻ کان پوءِ اسان اڳتي ميڪنا سٽي ڏانهن سفر شروع ڪيو.
ٽريورس سٽي کان هائي وي 31 تي سفر شروع ڪيوسين. هتان اسان کي ميڪنا جي شهر تائين تقريبن ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳڻا هئا. منهنجي ڪوشش هئي ته اسان رات پوڻ کان پهرين ئي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ميڪنا پهچي وڃون. ڇو جو هي سڄو علائقو گهاٽي جهنگ تي مشتمل آهي يا وري پاڻيءَ جون ڍنڍون آهن. هائي وي 31 ليڪ مشيگن جي ڪناري سان گڏوگڏ هلي ٿو. رستي ۾ پيٽاسڪي ۽ هاربر اسپرنگ جا خوبصورت شهر به گهمڻ وٽان هئا، پر اسان انهن ٻنهي شهرن کي باءِ پاس ڪندي، ميڪنا ڏانهن سڌو سفر جاري رکيو. هائي وي 31 اڳيان اچي هائي وي 75 ۾ مليو.
هائي وي 75 اهي ساڳيو هائي وي آهي، جيڪو اتر ۾ وڃيو ڪينيڊا جي بارڊر سان لڳي ۽ ڏکڻ ۾ آمريڪا جي آخري ڏاکڻي اسٽيٽ فلوريڊا ۾ ختم ٿئي. آءٌ پنهنجي فلوريڊا جي سفرنامي ۾ هن دلچسپ هائي وي جي باري ۾ اڳئي لکي چڪو آهيان. ۽ اڄ وري هن ساڳئي رستي تي اتر طرف آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر ڏانهن رخ هو.
ميڪنا شهر کان جڏهن ڪلاڪ کن جو پنڌ بچيو ته مون اڳواٽ ميڪنا شهر ۾ موجود هوٽلن کي فون ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته جيئن ڪا هوٽل مناسب ڪرائي تي ملي وڃي. هڪ ڏينهن اڳ ٽريورس سٽي ۾ هوٽل ڏکي ۽ مهانگي ملڻ وارو تجربو ٿي چڪو هو سو هاڻ مون ڪو وري اڻ وڻندڙ تجربو نٿي ڪرڻ چاهيو. ڪجهه فون ڪرڻ کان پوءِ ڪليرين نالي هوٽل ۾ مناسب اگهه تي ڪمرو دستياب هو. سو هاڻ اطمينان هو ته ڪالهه وانگر وري ڪا خواري نه ٿيندي ڇو جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوٽل دستياب هئي ۽ وڌيڪ اتي پهچي چيڪ ڪبو.
اسان تقريبن رات جو اٺين وڳي ڌاري ميڪنا سٽي پهتاسين. اسان ڪليرين هوٽل ۾ ڪچي بڪنگ فون تي ڪرائي ورتي هئي. هن هوٽل ۾ اسان کي هڪ رات لاءِ ڪمرو تقريبن هڪ سو ڏهه ڊالر ۾ مليو. اسان ڪمرو وٺڻ کان پوءِ ٿوري دير آرام ڪرڻ کان پوءِ وري ٻاهر نڪتاسين ته جيئن شهر جو چڪر به هڻون ته ماني به کائي اچون. سو اهو ارادو ڪندي هوٽل مان پنڌ نڪري پياسين. رات پئجي رهي هئي سو شهر ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان ۽ ريسٽورنٽس کليل هئا سو اسان به گهمندي اچي هڪ پيزا شاپ تي پهتاسين.
هن پيزا شاپ ۾ ڪي ٿورا گراهڪ موجود هئا. اسان پنهنجي لاءِ پيزا وغيره آڊر ڪري هڪ خالي ٽيبل ولاري پنهنجي آرڊر جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. پيزا شاپ ۾ اسان کي هڪ عربي مسلمان فيملي پڻ ڏسڻ ۾ آئي. اتي هڪ ويٽر ميزون صاف ڪندي جڏهن اسان جي ويجهي آيو ته مون کيس هيلو هائي ڪري شهر جي باري ۾ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته خبر پئي ته هو پاڻ به هن شهر ۾ نئون آيل هو. سندس اصل تعلق ڪنهن سينٽرل يورپين ملڪ سان هو. کيس شهر جي باري ۾ ڪا خاص معلومات نه هئي. مون کي عجب لڳو ته هُو هڪ غير ملڪي مسافر هو ته پوءِ هن سياحتي شهر ۾ نوڪري ڪيئن ڪري رهيو آهي. سندس انگريزي به پوري پني هئي. نائين ايليون جي واقعي کان پهرين آمريڪا ۾ ڪنهن به غير ملڪي سياح لاءِ ڪا ننڍي وڏي نوڪري ملڻ عام رواجي ڳالهه هئي. هر نئون ايندڙ مسافر يا سياح پهرين کان آيل پنهنجي ساٿي جي مدد سان ڪنهن نه ڪنهن پيٽرول پمپ، ريسٽورنٽ يا ڪنهن ديسيءَ جي دوڪان تي آسانيءَ سان نوڪري ڪري سگهندو هو. گهڻو ڪري انهن سڀني ڪاروبارن جا مالڪ به اسان وانگر غير ملڪي اميگرينٽس ئي هئا، جيڪي ٻاهران آيلن کي آسانيءَ سان روزگار ڏيندا هئا، پر هن دور ۾ جڏهن سڄي آمريڪا جو وايو منڊل مٽجي ويو آهي. ان دور ۾ هڪ غير ملڪي لاءِ هن شهر ۾ هڪ خالص آمريڪن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ ڪا عام رواجي ڳالهه نه هئي. بهرحال اسان پيٽ پوڄا ڪري واپس پنهنجي ڪمري تي اچي آرامي ٿياسين ته جيئن صبح سوير ميڪنا ٻيٽ تي وڃي سگهون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير تيار ٿي، پنهنجي ڪمري تان نڪتاسين. اڄ اسان جي ميڪنا ٻيٽ تي چڙهائي هئي. ميڪنا ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ سڄو ڏينهن ميڪنا شهر مان فيريون (ننڍڙا پاڻي جا جهاز) مسافرن کي ٻيٽ تي ۽ واپس خشڪيءَ تي ميڪنا شهر آڻينديون آهن. اسان به ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ هڪ فيري ڪمپني (شيپليرز) جي چونڊ ڪيو، جنهن جو شهر کان ميڪنا ٻيٽ ۽ واپس شهر ڏانهن اچڻ لاءِ اوٽ موٽ ڪرايو. وڏڙن لاءِ ستر ڊالر ۽ ٻارنهن سالن جي عمر جي ٻار جو ڪرايو، چاليهه ڊالر کن تائين هو. جيڪڏهن توهان اڳواٽ ڪنهن ويب سائيٽ تي تلاش ڪندؤ ته توهان کي سستو به ملي ويندو. هتي آمريڪا ۾ گهمڻ وقت کاڌو پيتو ته سستو پوي ٿو، پر مختلف سياحتي هنڌن ۾ داخلا جا ٽڪيٽ مهانگا پون. اسان فيري ۾ سواري جا ٽڪيٽ هوٽل جو ڪمرو ڇڏڻ مهل هوٽل جي مرڪزي آفيس مان رعايتي اگهه تي پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي خريد ڪيا. مهيني کن کان پوءِ جڏهن ڪريڊٽ ڪارڊ جو بل آيو ته انهي بل ۾ هوٽل جي طرفان هڪ نه پر ٻه چارجز هئا. جن مان هڪڙو هوٽل جو 110 ڊالر ڪرايو ته ياد هو پر هوٽل جي طرفان ٻيو اضافي چارج ڇا جو هو اهو ياد ڪونه هو. مون کي شڪ ٿيو ته متان هوٽل وارن ڪو ڊبل چارج ڪيو آهي. مون يڪدم هوٽل وارن کي گهران ويٺي ويٺي ڪال ڪئي. ڪافي ريسرچ کان پوءِ هوٽل وارن ٻڌايو ته اضافي چارج فيريءَ جي ٽڪيٽ جا آهن. جنهن کان پوءِ وڃي ڪو پيٽ ۾ ساهه پيو.

ميڪنا آئيلينڊ ڏانهن روانگي

اسان ميڪنا ٻيٽ ڏانهن ويندڙ فيريءَ جو ٽڪيٽ وٺي نڪتاسين. فيريءَ ۾ سوار ٿيندڙ مسافرن جي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ مقرر ٿيل جاءِ تي گاڏي پارڪ ڪري، شٽل بس جي ذريعي فيري جي پورٽ تي پهچي، مسافرن جي لائين ۾ لڳاسين. پنهنجي واري اچڻ تي فيريءَ ۾ سوار ٿياسين. مقرر وقت تي فيري پنهنجو سفر ميڪنا سٽي کان ميڪنا ٻيٽ ڏانهن شروع ڪيو. خوشقسمتي سان اسان کي فيريءَ جي مٿئين حصي تي يعني ته ڊيڪ تي جاءِ ملي. ميڪنا شهر کان ميڪنا ٻيٽ تائين فيريءَ جو سفر به هڪ وڻندڙ احساس ڏياري رهيو هو. فيريءَ جي هن سفر ۾ ڀانت ڀانت نسل جا سياح موجود هئا، جن ۾ اها مسلمان عربي فيملي به هئي جيڪا رات اسان کي پيزا شاپ ۾ ماني کائيندي ملي هئي.
فيري پنهنجي فل اسپيڊ سان ليڪ مشيگن جي نيري پاڻيءَ تي سفر ڪندي تيزيءَ سان آئيلينڊ ڏانهن وڌي رهي هئي. فيريءَ تي موجود هڪ چاپُهين ڏاڙهيءَ واري هڪ اڌڙوٽ عمر جو گورو وڌي اچي اسان کي ۽ فيريءَ تي موجود ٻين مسلمان مسافرن کي هيلو هائي ڪيو ۽ دعا ڏني ته ’گاڊ بليس يو.‘ هو پوڙهو مسافر خاص طور هر هڪ مسلمان مسافر وٽ وڃي کين هيلو هائي ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته اسان سڀ انسان هڪ خدا کي مڃون ٿا ۽ سڀ انسان برابر آهيون. اڌ مني ڪلاڪ ۾ فيري اسان کي اچي ٻيٽ تائين پهچايو. فيري اسان کي خشڪي کان کڻي مشيگن ڍنڍ جي وچ ۾ موجود هڪ ٻيٽ تائين پهچايو هو. هي ميڪنا ٻيٽ آمريڪا جي حدن ۾ آهي، پر جيئن ته مشيگن ڍنڍ آمريڪا ۽ ڪينيڊا تي مشتمل آهي. اهو ممڪن آهي ته ڪو غير قانوني طريقي سان ڪينڊا جي پاڻيءَ مان تري اچي ٻيٽ تي اچي ۽ پوءِ اتان فيريءَ ذريعي آمريڪا جي خشڪي تي اچي. تنهنڪري مسافرن کي خاص هدايت ڪئي وئي هئي ته هو خشڪي تان آندل واپسي جو ٽڪيٽ احتياط سان پاڻ سان گڏ رکن. واپسي جي ٽڪيٽ کانسواءِ کين فيريءَ تي چڙهڻ نه ڏنو ويندو. ڏسو ڪيئن نه آمريڪا پنهنجي ملڪ جي حدن جي حفاظت ڪري ٿو. جڏهن ته اسان وٽ غير ملڪين کي نادرا وارا پاڪستاني شناختي ڪارڊ ڏين ٿا، خاص طور سنڌ ۾ کين ڊوميسائيل به آساني سان ملي وڃي ٿو.

’ميڪنا ٻيٽ‘ ڌرتيءَ جو هڪ ڪَٽيل ٽُڪرو

اسان فيري جي ذريعي اچي ميڪنا ٻيٽ پهتا هئاسين. اسان جي فيري ميڪنا ٻيٽ جي تاريخي ڪناري ’هلڊيمينڊ ڪنارو‘ تي پهتاسين، جنهن تي اهو نالو فوجي جنرل فريڊريڪ هلڊيمينڊ جي پويان پيو جيڪو 1780ع ۾ آمريڪن انقلاب جي دوران ڪينيڊا جو گورنر هو.
ميڪنا ٻيٽ دنيا جي گولي تي زمين جو اهو ٽڪرو آهي، جيڪو دنيا کان صفا ڪٽيل آهي. هتي هلڊيمينڊ ڪناري تي پاڻيءَ جي ٻيڙين جي آمد لاءِ بندرگاهه ٺاهي وئي آهي. هن بندرگاهه سان گڏ ئي ’مين اسٽريٽ‘ جي نالي سان هڪ مصروف روڊ آهي، جتي هن ٻيٽ جو اهم ڪاروباري مرڪز آهي. جتي هوٽلون، ريسٽورنٽس، مختلف دوڪان ۽ هتان جي مشهور ’کنڊ وارين کٽمٺن‘ جا دوڪان به آهن ته آئيلينڊ جو پوليس اسٽيشن، ميڪنا هيلٿ سينٽر ۽ پوسٽ آفيس به هن روڊ تي موجود آهي.
هتي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان وڌي اچي هتان جي ويزيٽر انفارميشن سينٽر تي آياسين ته هن ٻيٽ جي بابت معلومات حاصل ڪريون. هي انفارميشن سينٽر هن ٻيٽ تي موجود مارڪيٽ پارڪ جي سامهون آهي. هي انفارميشن سينٽر هن ٻيٽ گهمڻ جي شروعات ڪرڻ لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي. جتي توهان کي خوش آمديد ڪندڙ عملو موجود آهي، جيڪو توهانجي سوالن جو جواب ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ موجود آهي. هن معلوماتي مرڪز تي سياحن جي سهولت لاءِ بهترين صاف سٿرا ۽ هوادار بيت الخلا موجود آهن. اسان کي معلومات ته ڇا وٺڻي هئي پر اصل مقصد اهو هو ته انفارميشن سينٽر ۾ موجود بيت الخلا استعمال ڪري سگهجي، پر بدقسمتيءَ سان بيت الخلا ۾ اڳواٽ ٻيو ڪو سياح موجود هو. ياد رهي ته آمريڪا ۾ بيت الخلا کي ’ريسٽ روم‘ يعني آرام ڪرڻ جو ڪمرو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ريسٽ روم ۾ موجود سياح ڄڻ ته سچ ۾ آرام جي ڪمري ۾ آرامي هو. همراهه صفا ڊيگهه ڪري ويهي رهيو هو. ٻاهر نڪرڻ جو صفا نالو ئي نٿي ورتائين. هوڏانهن مون کي به جلدي هئي ته فارغ ٿي هي خوبصورت ٻيٽ گهمون. ڪافي دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ همراهه نڪتو ته پوءِ مان به خير سان وڌي وڃي آرام جي ڪمري ’ريسٽ روم‘ پهتس. ايترو ٻڌائيندو هلان ته هن ملڪ ۾ ڀلي ڪو بيت الخلا ۾ ڪيتري به دير لڳائي توهان کي اهو حق ڪونهي ته توهان ٻاهران بيت الخلا جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري ڪنهن ٻئي جي آرام ۾ خلل وجهو. ان جي ابتڙ توهان کي هڪ مزي جي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته 1993ع ۾ جڏهن خير سان حج تي وڃڻ ٿيو هو ته منيٰ ۾ رهڻ وقت اتي موجود بيت الخلا ۾ مس مس وارو آيو ته ٻاهر دروازي تي ٿوري ئي دير ۾ حاجين جي ٺڪ ٺڪ شروع ٿي وئي. ويتر هڪ حاجي بيت الخلا جو دروازو وڃائيندي نعرو هنيو ته، ”حاجي صاحب ڪيا ڪر رهي هو، جلدي نڪلو.“ مون به اتان ويٺي جواب ڏنو ته ”حاجي صاحب افسانا لک رها هون، پورا هو تو نڪلتا هون.“ هن ويزيٽر انفارميشن سينٽير تان توهان هن ٻيٽ تي موجود سياحتي مقامات لاءِ معلومات وٺڻ کان سواءِ هتان جو قلعو گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهو ٿا.
ميڪنا ٻيٽ تي بهترين روڊ ۽ رستا ٺهيل آهن. هن ٻيٽ تي هائي وي ’ايم 185‘ اٺ ميل ڊگهو آهي، پر ميڪنا ٻيٽ آمريڪا جو اهو حصو آهي، جنهن جي هائي وي ايم 185 تي ڪارن ۽ موٽرن جو هلڻ ممنوع آهي. ائين ڪونهي ته ڪو هن ٻيٽ تي ڪڏهن به ڪارون موٽرون نه هليون آهن، پر هن ٻيٽ تي پهريون ڀيرو ڪارن موٽرن جي هلڻ تي پابندي 1998ع ۾ لڳي. جنهن جي نتيجي ۾ دونهين کان پاڪ آبهوا، گاڏين موٽرن جو آواز ۽ هارنن جو نه هجڻ، ڳوٺن جا خاموش رستا، پيچرا ۽ خوبصورتيءَ سان سجيل گهوڙن جون بگيون هن ٻيٽ کي ويتر پُرڪشش ۽ تاريخي طور منفرد بڻايو ڇڏين. سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ هن ٻيٽ تي سياح ڪيئن ٿا سفر ڪن. توهان کي هر طرف سياح يا ته سائيڪلن تي يا وري گهوڙن جي بگين ۾ يا وري پنهنجي گوڏا گاڏي استعمال ڪندي يعني پيرين پنڌ هلندي نظر ايندا. هن ٻيٽ جا خاص تفريحي مقام جهڙوڪر ميڪنا قلعو، آرٽ ميوزيم، ڳوٺ جو ڪاروباري مرڪز، هتي موجود هوٽلون ۽ ڪاٽيجز، رهائشي گهر ۽ آرچ راڪ هتان جي ويزيٽر سينٽر کان رڳو ميل کن پري آهن. ٻيٽ تي ڪارن ۽ موٽرن تي ته پابندي آهي، پر معذور ماڻهن جي سهوليت لاءِ مشين لڳل جديد وهيل چيئرز جي هلڻ تي ڪابه پابندي نه آهي. اهڙا معذور سياح هن ٻيٽ تي موجود ٽيڪسي سروس تان اهڙيون مشيني ڪرسيون ’وهيل چيئرز‘ ڪرائي تي وٺي سگهن ٿا. مون ٽيڪسي سروس جو نالو ورتو. توهان به چوندا ته هڪ طرف لکي پيو ته هن ٻيٽ تي ڪارن موٽرن جي هلڻ تي پابندي آهي ته پوءِ ٽئڪسي سروس وري ڪٿان آئي. واضح ڪريان ته هتان ڪي ٽئڪسي سروس ۾ ڪي ڪارون موٽرون نه پر خاص طور تي ٺهيل گهوڙي واريون بگيون آهن جن ۾ به معذور مسافرن لاءِ وهيل چئير سوڌو چڙهڻ لاءِ سهوليت موجود آهي.
هي ٻيٽ سچ ته سائيڪل سوارن لاءِ جنت آهي. هائي وي ايم 185 تي سائيڪل سواري ڪندي توهان هتان جا خوبصورت مقام جهڙوڪر آرچ راڪ ۽ ٻيا ڪيترائي مقام ڏسي سگهو ٿا. سو اسان به سڀ کان پهرين سائيڪلون ڪرائي تي ورتيون ته جيئن هن ٻيٽ تي گهمي ڦري سگهون. ميڪنا جو ٻيٽ مشيگن ڍنڍ جي وچ ۾ سچ ته زميني دنيا کان ٻاهر هڪ ٻي دنيا آهي. اسان سمورو ٻيٽ ته سائيڪلن تي ته نه گهمي سگهياسين. ٿوري دير ۾ ٿڪي ساڻا ٿي پياسين. مٿان وري اڄ سج گرهڻ ٿيڻو هو. اسان ڏٺو ته گهڻا ڪارا سياح ڪارن ايڪسري وارا چشمن سوڌو انتظار ۾ هئا ته سج کي گرهڻ لڳي ته هو ان کي انجواءِ ڪري سگهن. اسان سج گرهڻ وقت هڪ پيزا شاپ ۾ هليا وياسين ته جيئن پيٽ جي باهه کي وسائي سگهون. اتفاق سان پيزا شاپ ۾ اسان کي اسان جي پراڻي پاڙيسري سيد فيملي به ملي، جيڪي اصل ۾ ڪراچي جا اردو اسپيڪنگ آهن. 1999 ۾ اسان جڏهن ڪليفورنيا کان مشيگن شفٽ ٿياسين ته اها سيد فيملي اسانجي سامهون واري فليٽ ۾ رهندي هئي. سيد سڳورو جيڪو اردو اسپيڪنگ هو ۽ ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي مان انجنئيرنگ پاس هو، تنهنجي ڳالهين مان ان وقت به صاف لڳندو هو ته ڪو ڪراچي باقي سنڌ جو حصو نه آهي ۽ ڪو سمورا سنڌي ڌاڙيل آهن. رب جي مار پوَي اهڙي سوچ رکڻ وارن تي.

گهوڙي گاڏي: ’بگيءَ‘ جي سواري

سج گرهڻ ڪجهه هلڪي ٿي ته اسان به پيٽ پوڄا کان پوءِ پيزا شاپ مان ٻاهر نڪتاسين. اسان سائيڪلن تي ته ميڪنا ٻيٽ جو شهر ڦري گهمي ڏٺو هو پر اڃان گهڻو ڪجهه ڏسڻ وٽان هو. جنهن لاءِ هاڻ اسان جو ارادو هن سهڻي ٻيٽ جي واحد سواري يعني گهوڙي گاڏي يعني ٽانگي جي سواري ڪرڻ هو. سو اسان ان لاءِ مقرر مقام تان ٽڪيٽ وٺي اچي پنهنجي سواري جي انتظار ۾ بيٺاسين. مقرر وقت تي اسان جي بگي گاڏي جنهن جي اڳيان ٻه متارا گهوڙا ٻڌل هئا اچي بيٺي. پنهنجي پنهنجي واري سان مسافر ان بگيءَ ۾ سوار ٿيا. هن بگي ۾ لائين سان مسافرن جي ويهڻ لاءِ آرامده سيٽن جون پنج قطارون هيون. هر قطار ۾ ٽن مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي يعني ته هڪئي وقت ٽوٽل پندرنهن سوار هن دلچسپ بگيءَ جي سواريءَ جو مزو وٺي ٿي سگهياسين. اسان کي وچ واري قطار ۾ جاءِ ملي. سو آرام سان اچي ويٺاسين. مقرر وقت تي بگيءَ سفر شروع ڪيو. پاڻ وٽ ته هوائي جهاز به مقرر وقت تي نٿا اڏامن، پر هتي اسان واري گهوڙي بگي يا ٽانگو پنهنجي مقرر وقت تي سوارين کي کڻي روانو ٿيو. سچ ته هن ملڪ جي ترقي جو راز ئي وقت جي پابندي ڪرڻ آهي. ٽانگي جي دلچسپ سواري ڪندي ڏٺوسين ته هن خوبصورت ٻيٽ تي هڪ نه پر ڪيترائي بهترين رستا ٺهيل هئا پر انهن تي گاڏيون يا ڪارون نه پر رڳو سائيڪلون يا گهوڙي گاڏيون هيڏانهن کان هوڏانهن وڃي رهيون هيون. اسان واري گهوڙي گاڏي به اسان کي ٻيٽ جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تي کڻي وڃي رهي هئي. اسان جي رستي ۾ ڪيتريون خوبصورت قدرتي شيون به ڏسڻ ۾ آيون ته انساني ٺاهيل شيون به ڏسڻ ۾ آيون. انساني ٺاهيل شين ۾ هن ٻيٽ تي قائم قديم قلعو ’فورٽ مئڪينڪ‘ ڏسڻ وٽان آهي. جيڪو فرينچ فوجن هتي 1715 ۾ ٺاهيو. جنهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. هن ٻيٽ تي موجود هڪ ٻيو قلعو ’فورٽ هولمز‘ به آهي. جيڪو هن ٻيٽ جي اوچي ڀٽ تي قائم آهي. هي قلعو برٽش فوجن 1814ع ۾ قائم ڪيو. برٽش فوجن هي قلعو 1812ع کان 1814ع واري برٽش آمريڪن جنگن جي دوران ٺاهيو ته جيئن پاڻ کي آمريڪن فوجن جي حملي کان بچائي سگهن.
ميڪنا ٻيٽ تي قائم هي قديم قلعا موجوده دور ۾ سياحن جي لاءِ گهمڻ وٽان آهن. جيڪڏهن توهان کي موقعو ملي ته هن ٻيٽ تي اچڻ جو ته پوءِ هي ٻئي قلعا ضرور گهمجو. جنهن لاءِ توهان کي صلاح آهي ته توهان هن ٻيٽ تي صبح جو سوير پهچي وڃجو ۽ ٿي سگهي ته رات هن ٻيٽ تي گذارجو، جنهن لاءِ هن ٻيٽ تي هڪ کان وڌيڪ هوٽلون موجود آهن. هنن هوٽلن جو ڪرايو ميڪنا سٽيءَ ۾ موجود ٻين هوٽلن کان ٽيڻ تي مهانگو آهي، پر سچ ته هنن هوٽلن جو مهانگو ڪرايو ڀري، هتي رات جو رهڻ کان پوءِ ئي توهان هن ٻيٽ کي ٻن ڏينهن ۾ گهمي ڦري مزو ماڻي سگهو ٿا.
اسان کي اسان واري بگيءَ هڪ پوائنٽ کان ٻيءَ پوائنٽ تي کڻي آئي هئي. بگي هڪ اسٽاپ تي اچي بيٺي هئي. جتي مسافرن بگيءَ مان لهي ٽنگون سڌيون ڪيون. مسافرن لاءِ هن جاءِ تي هڪ ننڍو ريسٽورنٽ ۽ ڪجهه ٻيا دوڪان ۽ شاپس هئا. جن تان مسافرن پنهنجي پنهنجي مرضي سان خريداري ڪئي. هن مقام تي بگي جا گهوڙا به مٽيا ته بگي جو ڊرائيور به مٽيو. ڊرائيور ته ٻيو هو پر مون نوٽ ڪيو ته ٻئي ڊرائيور وات جي ڄاڙي هڻڻ جا ماهر هئا. ٻنهي ڊرائيورن پنهنجي پنهنجي واري دوران بنا ڪنهن ساهي جي ڳالهايو ۽ مسافرن کي بلڪل بور ٿيڻ نه ڏنو. سچ ته انهي ننڍي ٽوئر دوران انهن نوجوان ڊرائيورن ميڪنا آئيلينڊ ۽ اتان جي رهواسين ۽ جنگن جي تاريخ ڪلاڪ ٻن ۾ ٻڌائي ڇڏي.

ميڪنا ٻيٽ جي دلچسپ تاريخ

اڄ جي جديد دور ۾ ميڪنا ٻيٽ ڇهه جي مستقل آبادي جيڪا سڄو سال هتي رهي ٿي ان جو تعداد تقريبن پنج کان ڇهه سئو کن آهي. جنهن لاءِ هن ٻيٽ تي 33 کن گهر موجود آهن. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن ٻيٽ تي سڀ کان پهرين اچڻ وارا قديم سياح ’آمريڪن ريڊ انڊينز‘ ئي هئا. جيڪي هن ٻيٽ تي گرمين جي مند ۾ هڪ هزار کان سورنهن سو قبل مسيح اڳ ڪاٺي جي ٺهيل تختن تي پاڻي مٿان ترندي هتي اچي مڇي جو شڪار ڪندا هئا. انهن قديم قومن هن ٻيٽ کي ’مڇيءَ جو گهر‘ جو نالو ڏنو. هن ٻيٽ تي يورپين جي اچڻ کان ست سو سال اڳ تائين ريڊانڊينز هن ٻيٽ تي ايندا رهيا.
سترهين صدي عيسوي (1612) ۾ فرينچ يوروپين هتي آيا. جن هن ٻيٽ کي هڪ مقدس مقام ڪري ورتو. يورپين هن ٻيٽ جي ڪپرن تي تجارتي مرڪز قائم ڪيو ۽ مذهبي پرچار شروع ڪئي. 1761ع ڌاري برٽش فوجن هن علائقي تي ستن سالن جي ڊگهي جنگ کان پوءِ قبضو ڪيو. برٽش فوجن 1779ع کان 1781ع وارين آمريڪي انقلاب دوران پنهنجي فوجن کي هن ٻيٽ تي منتقل ڪري ٻيٽ تي جانورن جي کلن جي ڪاروبار جو مرڪز ٺاهيو.
1812ع کان 1815ع ۾ آمريڪن فوجن ۽ برطانيا جي وچ ۾ جنگون لڳيون. 1812ع ۾ برطانوي فوجن هن ٻيٽ جي مٿاهين هنڌ تي فوجون پهچائي آمريڪي فوجن کي شڪست ڏني. 1814ع ۾ وري آمريڪي فوجن حملو ڪري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان ميڪنا ٻيٽ ۽ قلعي جو ڪنٽرول سنڀالي سگهون پر وري کين شڪست ملي. جنهن کان پوءِ ڊسمبر 1814ع ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي وچ ۾ جنگ جي پڄاڻي ٿي. هڪ معاهدي طور ميڪنا ٻيٽ ۽ ميڪنا قلعي جو قبضو آمريڪن فوجن کي مليو. ائين کڻي چئجي ته جيڪو ڪم آمريڪي فوجون جنگ جي ذريعي نه ڪري سگهيون اهو ساڳيو ڪم سندن مشيرن امن جي ٺاهه جي تحت ڪيو.
هن ٻيٽ جي قبضي ملڻ کان پوءِ آمريڪن هتي 1820ع ۾ جانورن جي کلن جي ڪاروبار جو مرڪز قائم ڪيو. آمريڪا جي رياستن مشيگن، ايلينوائي (شڪاگو)، ويسڪينسن ۽ مينيسوٽا مان کلون هتي آنديون وينديون هيون. جتان کين صاف ڪري يورپ ۽ ٻين علائقن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. وقت ڦيرو کاڌو ۽ 1830ع واري ڏهاڪي ۾ کلن مان ڪوٽ ٺاهڻ جو ڪم ختم ٿيو ۽ مڇيءَ جو ڪاروبار هن ٻيٽ تي مضبوط ٿيو.
1861ع کان 1865ع ۾ آمريڪا ۾ سول وار شروع ٿي جيڪا اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي وچ ۾ لڳي ته ٻيٽ تي موجود فوجون ميڪنا ٻيٽ خالي ڪري ڏکڻ رياستن ڏانهن روانو ٿيون ۽ ميڪنا ٻيٽ جي پوسٽ خالي ٿي. سول جنگ جي خاتمي تي آمريڪي فوجون هن قلعي ۾ واپس آيون. فوجن جي هتي واپس اچڻ کان پوءِ سندن پويان سياحن جا ٽولا هتي آيا ته جيئن هتي موجود قدرتي خوبصورتي ۽ خوبصورت منظرن مان لطف اندوز ٿين ۽ جنگ جي تباهڪار يادن کي وساري سگهن.
آمريڪي سول جنگن جي خاتمي کان پوءِ ريل روڊ مضبوط ٿيو. آمريڪي شهرن جو سلسلو ڏورانهن سياحتي مقامن سان ڳنڍجي پيو. گرمين جي مند ۾ هي ٻيٽ قدرتي سياحتي مقام ٿي پيو. هن ٻيٽ تي سياحن جي اچ وڄ کي ڏسندي 1875ع ۾ فيڊرل گورنمينٽ هن ٻيٽ کي ميڪنيڪ نيشنل پارڪ جو مقام ڏنو. جنهن کان پوءِ هن ٻيٽ تي رات جي قيام لاءِ هوٽل قائم ٿيا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪاروبار شروع ٿيا. 1895ع ۾ 115 سالن جي سروس کان پوءِ آمريڪي حڪومت هتان فوجن کي منتقل ڪري ميڪنا ٻيٽ ۽ قلعو خالي ڪري ان جو قبضو اسٽيٽ کي ڏنو. جنهن کان پوءِ هي ٻيٽ مڪمل طرح سياحتي مرڪز ٿي پيو. اڄ اسان انهي خوبصورت ٻيٽ جي خوبصورت منظرن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هتي موجود هئاسين.
اسان شام مهل ٻيٽ تان گهمي ڦري بوٽ ذريعي واپس ميڪنا شهر آياسين جتي اسان جي گاڏي پارڪ ٿيل هئي. ميڪنا سٽي پهچي اسان پنهنجي گاڏي کنئي، جنهن کان پوءِ پيٽ پوڄا ڪئي سين ۽ شهر مان ڪجهه خريداري ڪئسين. اسان کي پهرين ڏينهن به هن شهر ۾ ڪجهه غير ملڪي شاگرد ڪم ڪندي نظر آيا هئا. وري ٻيٽ تي به ڪجهه غيرملڪي شاگرد مليا جن جو تعلق ترڪيءَ سان هو. سندن انگريزي پُوري ساري هئي. ساڻن ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهي هتي ٻنهي ملڪن جي سهڪار سان اسڪالرشپ تي هڪڙي سال لاءِ پڙهڻ آيا هئا ۽ هاڻ گرمين جي مند ۾ قانوني طرح سان ڪم به ڪري رهيا هئا ته جيئن اڳتي لاءِ عملي تجربو به حاصل ڪري سگهن. ڪاش ڪي اسان جا سنڌي شاگرد به اهڙي طرح سان هتي اچن، علم حاصل ڪن. ها هڪ ٻن سنڌي شاگردن کي ضرور سڃاڻان جيڪي هتي آيا ۽ هڪ سال پڙهي واپس پاڪستان ويا. جن ۾ اسان جي واسطي واري هڪ هاليپوٽه فيمليءَ جي نياڻي به شامل آهي جنهن جو تعلق ٿرپارڪر جي ڪوٽ غلام محمد سان آهي. جيڪا آغا خان ميڊيڪل ڪاليج مان پڙهي ڊاڪٽر ٿي. سندس تفصيلي تعارف انشاالله ڪنهن ٻئي وقت ڏبو.

جاڏي پير تاڏي خير

اسان ميڪنا شهر ۾ ماني کائي واندا ٿياسين ته رات پئجي رهي هئي. سو ويچار ڪيوسين ته هن شهر ۾ ئي هوٽل ۾ ڪمرو وٺي رات جا ٽي پهر گذارجن يا وري اڳتي سفر شروع ڪجي. سو اڳتي جو سفر شروع ڪندي اسان ميڪنا برج ڪراس ڪري، برج جي اترئين ڇيڙي تي قائم ’سينٽ اگنس‘ شهر پهتاسين. ميڪنا سٽي جو شهر ’هيوران ليڪ‘ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي آهي ته سينٽ اگنس جو شهر وري ليڪ جي اترئين ڪپ تي آهي. هي شهر به هڪ تفريحي مقام آهي، پر ميڪنا سٽي ان کان زور آهي.
اسان ميڪنا سٽي کان سينٽ اگنس سٽي ۾ ميڪنا برج جي ذريعي اچي پهتا هئاسين. هي ميڪنا برج آمريڪا جي رياست مشيگن جي هيٺئين ۽ مٿئين ڇيڙن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. هي سسپينشن برج 1957ع ۾ کولي وئي. هن برج جي هيٺ هيوران ليڪ ۽ مشيگن ليڪ پاڻ ۾ اچي ملن ٿيون. انهي برج کان پهريائين مشيگن جي هنن ڇيڙن جي وچ ۾ ڏهاڪن تائين رڳو فيري يا بوٽ جي ذريعي سان ئي سفر ڪيو ويندو هو.
اسان ٿورو گهڻو سينٽ اگنس سٽي جو ڦيرو ڪري وري ايندڙ منزل مينيسٽڪ سٽي ڏانهن روانا ٿيا سين جتي اسان فون تي اڳواٽ ئي هوٽل بڪ ڪرائي ڇڏي هئي.
اسان سينٽ ايگنس سٽي کان ايندڙ منزل ’مينيسٽڪ سٽي‘ لاءِ هائي وي نمبر 2 تي اوڀر طرف سفر شروع ڪيو. هتان مفاصلو تقريبن 86 ميل يعني ته 138 ڪلوميٽر آهي، جيڪو عام رواجي سفر ۾ وڏي آرام سان تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کن ۾ ڪري سگهجي ٿو، پر اسان جيئن ته گهمڻ ۽ قدرت جا نظارا ڪرڻ جي موڊ ۾ هئاسين تنهن ڪري اسان کي ٿورو وڌيڪ وقت لڳڻو هو. مٿان وري هي ننڍو اسٽيٽ هائي وي جنهن کي هائي وي 2 جو نالو ڏنو ويو آهي سو آهي به مشيگن ڍنڍ جي اترئين ڪناري سان، سو ظاهر آهي خوبصورت نظارا اسان جي اسپيڊ ۾ رڪاوٽ بڻيا. هي جيڪو هائي وي 2 آهي تنهن جي ٽوٽل ڊيگهه 92 ميل يعني 148 ڪلوميٽر آهي. هي هائي وي مشيگن ۾ تازو ٺاهيو ويو آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته هي روڊ قديم آمريڪي قومن جن کي ’نيٽِوِ آمريڪن‘ قوم چيو ويندو آهي. تن جي قديم پيچرن تي ٺاهيو ويو آهي. پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته قديم قومن جي قديم نشانين کي بحال رکيو وڃي. شڪر آهي جو هتي ڪو’مَلڪ‘ يا ٻيو ڪو وڏو ’رئيس‘ نه رسيو آهي.
هن هائي وي تي سفر ڪندي توهان کي ڪيترائي وڻندڙ نظارا نظر ايندا جو هن رستي جي هڪ هٿ تي مشيگن ليڪ ۽ ٻئي هٿ تي گهاٽا ٻيلا، ننڍيون وڏيون ٽڪريون، ميدا ۽ ننڍيون وڏيون ڍنڍون، ٽائون ۽ ڳوٺ آهن. هن رستي تي وري جيڪڏهن سرءُ جي مند ۾ سفر ڪجي ته نظارو ئي ڪجهه ٻيو آهي، جو وڻن جا پن جيڪي ڪٿي پِيلا ته ڪٿي ڳاڙها، پنهنجي پر ۾ عجيب منظر پيش ڪري رهيا هوندا آهن. هن رستي تي ڪيترائي ڪيمپ گرائونڊ آهن، جتي شوقين حضرات اچي ڪيمپنگ ڪندا آهن.
اسان هن رستي تي سينٽ اگنس شهرکان اوڀر طرف سفر ڪندي ڪيترن ئي ننڍن ڳوٺن مان لنگهياسين. هن روڊ تي ڪٿي ڪٿي گاڏين وارن لاءِ قدرت جي نظارن کي ڏسڻ لاءِ روڊسائيڊ ’ويو ٽرن ارائونڊ‘ ٺهيل آهن جتي گاڏين وارا ڪجهه دير لاءِ گاڏي بيهاري قدرت جي نظارن کي انجوائي ڪري وري اڳتي سفر تي روانا ٿيندا آهن. اسان به اهڙين ڪجهه مقامن تي بيٺاسين پر جيئن ته رات پئجي رهي هئي ۽ مٿان وري اسان هئاسين به سڄي ڏينهن جا ٿڪايل سو ٿورو گهڻو هرجاءِ تي بيهندي اچي ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پنهنجي منزل مينيسٽڪ سٽي پهتاسين، جتي اسان اڳواٽ ئي فون تي ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. اسان هوٽل پهچي، هوٽل جي انتظاميه کان پنهنجي ڪمري جو چارج وٺي، گاڏي مان ضروري سامان لاهي اچي پنهنجي ڪمري ۾ آرامي ٿياسين.
صبح جو سڀ کان پهرين هوٽل جي طرفان ڏنل ڪامپليمينٽري ’مفت وارو‘ ناشتو ڪري جلدي جلدي تيار ٿي هوٽل مان نڪتاسين ته سوير سوير مشيگن ڍنڍ جي ڪناري تي پهچي قدرت مان لطف اندوز ٿيون. قدرت به اسان تي مهربان هئي جو اڄ موسم به ڏاڍو وڻندڙ هو جون نه گهڻي گرمي ۽ نه وري سردي، مٿان وري مشيگن ڍنڍ جو ڪنارو، ڇا لکي ڇا لکجي. اسان سڀ کان پهريان هن مشيگن ڍنڍ جي ڪناري تي موجود ليڪ سائيڊ پارڪ ۾ آياسين. جتي ڪجهه مرد ۽ مايون اڳئي آيل هئا ۽ پنهنجي پنهنجي طريقي سان موسم، ڍنڍ، ۽ پارڪ کي انجوئي ڪري رهيا هئا. ڪجهه افراد پارڪ ۾ ورزش ۾ مصروف هئا ته ڪي وري سائيڪلنگ وغيره ۾ مصروف هئا. اسان مشيگن ليڪ جي هن ڪناري تي ٿورو وقت گذاري، ليڪ جي ڪناري تي پريان ٺهيل هڪ ڪاٺي جي تختن تي ٺهيل بورڊ واڪ تي آياسين ته جيئن هتي ٺهيل لائيٽ هائوس ٽاور جو چڪر ڏئي سگهون.
توهان کي مشيگن ليڪ جي ڪنارن تي ٺهيل قديم لائيٽ هائوسن جي باري ۾ اڳ ئي معلومات ڏئي چڪو آهيان. اسان هن شهر جي ليڪ مشيگن جي ڪناري تي ڪجهه وقت گذارڻ کان پوءِ هن قديم شهر جنهن کي ڳوٺ چئجي ته غلط نه ٿيندو جو هن شهر جي آبادي ٽي هزار کن ٿيندي. مون واري ڳوٺ ڪاماروشريف جي آبادي ئي ست سو کن ۽ ڳوٺ ڪامارو شريف جي آس پاس جي آبادي ئي ٽي هزار کن ٿيندي. سو آبادي جي لحاظ کان هي شهر هڪ ٽائون کان وڌيڪ نه آهي.
اسان ٿورو وقت هن علائقي ۾ گذاري اڳيان پنهنجي منزل طرف روانا ٿيا سين جنهن کي ’پيڪچرڊ راڪ نيشنل ليڪ شورز‘ چيو ويندو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ شُبو نه آهي ته پنهنجي سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي به ڪجهه اهڙيون جبل جون ٽڪريون موجود آهن، جيڪي شايد منهوڙي جي علائقي ۾ آهن پر بدقسمتي سان اسان جي حڪومتن ان تي اهڙو ڪو ڌيان نه ڏنو، ڪو اهڙن مقامن کي هٿي وٺرائي، اتي سياحتي سهولتون ڏنيون وڃن. ويتر ڌارين اهڙن مقامن ۽ اسان جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي.
اسان مينيسٽيڪ سٽي کان مشيگن پيڪچرڊ راڪ نيشنل ليڪ شور ڏسڻ لاءِ نڪتاسين ته اسان جو رخ هائي وي 94 تي اتر طرف هو. ’پيڪچرڊ راڪ ليڪ شور‘ مينيسٽڪ سٽي کان تقريبن 50 ميل کن اتر ۾ ’ليڪ سُپيريَر‘ جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. اسان آرام سان گاڏي ڊوڙائيندي ڪلاڪ کن ۾ پيڪچرڊ راڪ ليڪ شور نيشنل پارڪ پهچي وياسين.
اسان پيڪچرڊ راڪ نيشنل پارڪ جو نظارو ڪري، اتي گهمي ڦري واپس پنهنجي شهر ڊيٽرائِٽ مشيگن لاءِ روانا ٿياسين. رستي ۾ ايندڙ ننڍا وڏا شهر ڳوٺ ۽ جهر جهاڳيندا، ڪجهه ڏينهن ۾ پنھنجي شھر وارن سٽي خير سان واپس پهتاسين. واپسيءَ ۾ جيڪي قديم شھر ۽ ڳوٺ ڏسڻ ۽ گھمڻ جو موقعو مليو ان جو تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو.